توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شئ نه هو جنهن جي ڳالهه ڳڻي وڃي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انسان تي هڪ اهو وقت گذريو جو (ان دوران) سندس نالو ئي مذڪور نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو، جنهن جي ڳالھ ڪئي وڃي.(سيد فرمان علي) تحقيق آيو انسان تي ڪو وقت زماني مان جو نه هو شيءِ ذڪر ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو جنهن جي ڳالهه ڪئي وڃي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت گذريو آهي جو اهو ڪابه قابلِ ذڪر شيءِ نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئـِي هِن اِنسان تي، وَقت مَنجھان، ڪا وار، ڄَڻڪ، سو ڄَڻ ڪِين هُئو، ڪاشئ، مَنجھ شُمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (۽ ماءُ جي پيٽ ۾ اهڙيءَ طرح صلاحيتن سان ان کي ٺاهيو) جو (اڳتي هلي) ان کي آزمائش ۾ آڻيون. پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان انسان کي هڪ گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (ان لاءِ ته) اسين ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي سَمِيع (ٻڌندڙ ۽) بَصِير (ڏسندڙ) ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان انسان کي گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون ۽ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان پيدا ڪيو انسان کي منيءَ جي ڦڙي گڏيل مان آزمايون پيا ان کي پوءِ ڪيو اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان انسان کي (ڪيترن شين مان) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون، پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) مِليل مَنيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ بنايو. (ته جيئن آزمائش جي قابل هجي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان ئـِي اِنسان کي، اُپايو اسرار، مَلايَل مَنِئ جي، نُطفي مان نِروار، پِئي پَرکيون سون اُن کي، پُرزو، پُرزو ڌار، پوءِ ڪيو سُونسِ تيار، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان (ان سوچ ۽ سمجهه جي قابل) انسان کي (وحي وارو) هدايت جو رستو ڏيکاريو، پوءِ هو شڪر ڪندڙ بڻجي يا انڪار ڪندڙ.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان ان کي واٽ ڏيکاري يا اهو شاڪر (مؤمن) ٿيو يا اهو ناشڪر (ڪافر) ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان کيس سڌي راھ به ڏيکاري (هاڻي اهو) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪرو بڻجي.(سيد فرمان علي) تحقيق ڏيکاري اسان ان کي واٽ يا شڪر ڪندڙ هجي ۽ يا بي شڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان انسان کي شڪر ڪندڙ هجي يا بي شڪر، رستو ڏيکاريو آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان ان کي رستو ٻڌايو (هاڻي) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪر بنجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏَس ڏِنوسُون واٽ جو، تِنهِين کي تڪرار، يا شاڪِر، شُڪر گُذار، يا بِلڪُل باغِي، بي ڳُئون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان انڪار ڪندڙن لاءِ زنجير، ڳچيءَ جو ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجيرون، ڳرٽ ۽ ٻرندڙ باه تيار ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ طوق ۽ ٻرندڙ باھ تيار رکي آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان تيار ڪيو ڪافرن جي لاءِ زنجير ۽ ڳـچيءَ وارا ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳَٽَ ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان ئـِي اِنڪاريَن لئي، ڪَيا بَندوبست پَڪا، نِيرَ، نوڙيَڪا، پڻ باهِيون ڀَنڀٽ واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ نيڪ ٻانهان هڪ پيالو پيئندا جنهن جو ذائقو ڪافور جو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ نيڪ بخت انسان شراب جا اهي ساغر پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي هوندي.(سيد فرمان علي) بلاشڪ نيڪو ڪار پيئندا پيالي مان هوندو ملاوت ان ۾ ڪافور .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (شراب جي) پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوت ڪافور جي ٿيندي (مولانا محمد مدني) بيشڪ نيڪوڪار (پاڪ شراب جا) اُهي پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور مليل هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڪ، پيالي پاڪ مان، پِيَن آب اَوس، ڪايا جِنهن، ڪافُور جِي، جو چِشمو ڏِيندڙ چَس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.(علامه علي خان ابڙو) (بهشت ۾) ڪافور جو هڪ چشمون هوندو جو ان مان الله تعالى جا مقرب بندا پيئندا، پنهنجي محلن ۾ جتي چاهيندا اُتي اُن جو پاڻي وهائي پهچائيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو هڪ چشمو آهي جنهن مان خدا جا (خاص) بندا پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.(سيد فرمان علي) چشمو جو پيئندا ان مان الله جا ٻانها وهائي هلندا ان کي وهائڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. (مولانا محمد مدني) (ڪافور) جنت جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا جتي چاهيندا ان کي ننڍين نهرن جي شڪل ۾ وهائي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مان پُوڄارِي پَروَر جا، ڪَشَيو لاهينِ ڪَس، وَڻينِ تِئين واهِين تنهن، رَنگ راهِينِ رَس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي.(علامه علي خان ابڙو) اهي پنهنجا نذر پورا ڪن ٿا ۽ اهي ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جو شر گھڻو پکڙيل هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هي اهي آهن جيڪي نذر پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي هر طرف پکڙيل هوندي.(سيد فرمان علي) وفا ڪن ٿا نذر جي ۽ ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو هوندي برائي ان جي پکڙيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي (الله جي) باس پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. (مولانا محمد مدني) جيڪي (دنيا) باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي پکڙيل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پارِين نَذَر نِياز جا، وعدا مُوجب وَس، تِنهن ڏِينهن کان لَرزَن لَس، جِنهنجو ڪارهو ڪَئـِين ڪوهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي پنهنجي محبت سان طعام کارائن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ کارائن ٿا کاڌو ان جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس محبت تي مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائين ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندسِ سِڪ سَچئَ ۾، ڏِين قُوت ڪَنگال، پڻ ڇِنٖي ڇوري ٻار کي، پڻ باندِئَ کي، بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا.(علامه علي خان ابڙو) (اهي چون ٿا) اسين توهان کي خدا ڪارڻ کارايون ٿا، اسين توهان کان ان جي جزا ۽ شڪرگذاري نٿا چاهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو خدا جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪا شڪرگذاري چاهيون ٿا.(سيد فرمان علي) اسين ته اوهان کي کاڌو کارايون ٿا صرف الله جي لاءِ نه ٿا ارادو ڪيون اوهان مان بدلي جو ۽ نه شڪريه ادا ڪرڻ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ( ۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو الله جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪي شڪر گذاري گهرون ٿا. (مولانا محمد مدني) (۽ چون ٿا ته) ”اسان صرف الله جي رضا لاءِ اوهان کي کاڌو کارايون ٿا نه اوهان کان بدلو گهرون ٿا ۽ نه ڪا شڪر گذاري چاهيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين اوهان کي ڪِين ڏِيون، کاڌو ٻئي خيال، مگر مُحابي رَبَّ جي، ته رَهي رَاضِي شال، مُلھ نه گُھرون، ڪو مال، ۽ نَه سار لَهون، ساراھ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسين پنهنجي رب کان اُن ڏينهن جو خوف ڪريون ٿا جيڪو سخت (۽) بيحد سخت هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (جنهن ۾ منهنجي رنگت بدلجي ويندي)(سيد فرمان علي) بيشڪ اسين خوف رکون ٿا پنهنجي رب کان ڏينهن، کٽو منهن ڪندڙ نهايت سخت جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (مولانا محمد مدني) اسان کي پنهنجي پالڻهار کان ان ڏينهن جو خوف رهندو آهي جيڪو سخت اداسي جو ڊگھو ڏينهن هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ کان، ڏَرون اُن ڏِينهن ڀَر، جو اهَکو آھِ اَپر، پڻ کوٽن لاءِ، کَٽو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (ان عمل جي نتيجي ۾) الله انهن کي ان (ڏينهن) جي بڇڙائيءَ (۽ هلاڪت) کان بچايو، ۽ انهن کي تازگيء ۽ خوشي پهچايائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينهن جي شر کان بچايو ۽ انهن کي تازگي ۽ سُرور عطا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ خدا انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچائيندو، ۽ کين تازگي ۽ خوشيءَ عطا فرمائيندو.(سيد فرمان علي) پوءِ بچايو انهن کي الله ان ڏينهن جي شر کان ۽ ڏنائين انهن کي تازگي ۽ خوشي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچايو، ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچايائين. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي سختي کان بچائيندو ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهِئ ڏينهن جي ڏُک کان، رَکينِ رکن هار، پڻ ڏيکارين ڏاتار، سَهسِين سُک ۽ ساوڪون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندن ثابت قدميءَ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ کين سندن صبر جي ڪري جنت ۽ ريشمي لباس مليو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري (بهشت جا) باغ ۽ ريشم (جي پوشاڪ) عطا فرمائي.(سيد فرمان علي) ۽ بدلو ڏنائين انهن کي ان جي ڪري جو صبر ڪيائون بهشت ۽ ريشم سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن کي سندن صبر جي بدلي بهشت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَنت ڏِنائـِين جاءِ پڻ پهرڻ پَٽ پَٽورِيون، اِي سَڀ اِنهِئَ لاءِ، جو سَڀ ڪُجھ سَٺائون سِيل تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويهندا. نه ان ۾ (سج جي گرمائيندڙ) اس ۽ نه سخت (ڏڪائيندڙ) سردي ڏسندا.(علامه علي خان ابڙو) اهي بهشت ۾ تختن کي ٽيڪون ڏيئي ويهندڙ هوندا، ان ۾ سخت گرمي ۽ سخت سردي کي نه ڏسندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا.(سيد فرمان علي) ٽيڪ ڏيندڙ انهن ۾ تختن تي هوندا نه ڏسندا ان ۾ سج جي گرمي ۽ نه گهڻي ٿڌڪار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا. (مولانا محمد مدني) اُهي ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا، نه اتي اُسَ جي گرمي ڏسندا ۽ نه سردي جي شدت.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَڪيا ڏِيندڙ طُولن کي، سِيجن سِر سُڄاڻ، اُتي نه پَسن پاڻ، ڪوسِي ٿڌِي ڪَڏهن(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان باغ جون ڇانئون (شاخون) مٿن ويجهيون (جهڪيل) هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا. (مطلب ته راحت جي ڪابه شئ سندن گرفت کان ٻاهر نه هوندي).(علامه علي خان ابڙو) انهن کي بهشتي وڻن جا سايا قريب هوندا ۽ انهن جا ميوا بيحد آساني سان حاصل ڪري سگھندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن باغن جون گهاٽيون ڇانيون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ميون جا ڇڳا تمام ويجها هر طرح انهن جي اختيار ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) ۽ ويجهيون ٿيندڙ هونديون انهن تي ڇانئون انهن جون ۽ ويجها ڪيا ويندا انهن جا ميوا ويجهو ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان باغ جون ڇانئون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا(مولانا محمد مدني) ۽ ان باغ جون ڇائون انهن مٿان جھُڪندڙ هونديون ۽ ان جي ميون جا ڇُڳا پوري طرح انهن جي وس ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوڏِيون ڇانئون اُنهن مَٿان، لَڙِيَل لامون ڏار، قطارو قطار، اُن جا جُھڳٽ جِھمايا وِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون اهڙن پيالن سان (خادمن جي) اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن جي خدمت ۾ چانديءَ جا ٿانو ۽ مگ پيش ڪيا ويندا جيڪي شيشي جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن جي اڳيان چاندي جا ساغر ۽ شيشي جا تمام صاف گلاس جا دور هلي رهيا هوندا.(سيد فرمان علي) ۽ ڦيرايا ويندا انهن تي ٿانوَ چانديءَ جا ۽ پيالا هوندا شيشي جا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون ۽ اهڙن پيالن سان اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا (مولانا محمد مدني) ۽ انهن تي چاندي جي ٿانوَن ۽ انهن پيالن جا دور هلايا ويندا جيڪي شيشي جا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَڄ رُپي جي ٿانَو سان، تِن جو، ڪَجي طَواف، ڪوپ، پِيالا قِيمتِي، اِهڙا جِن اوصاف، شِيشو، شِيشو ڪهڙو؟ شِيشو صاف شِفاف، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (پر اهو) شيشو چانديءَ جهڙو (چمڪندڙ) هوندو. جن کي (پورو) اندازو ڪري بنايو ويو هوندو.(علامه علي خان ابڙو) اُهي هوندا چانديءَ جا پر شيشي وانگر شفاف هوندا. انهن کي پوري اندازي سان پيش ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ شيشا به (ڪانچ جا نه پر) چاندي جا جيڪي بلڪل اندازي سان بڻايل آهن.(سيد فرمان علي) چانديءَ جا جو اندازو لڳايو هوندائون ان جو پورو پورو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (پر اُهو) شيشو چانديءَ مان (بنايل) هوندو. جن کي اندازو ڪري بنايو هوندائون. (مولانا محمد مدني) شيشا به اهي جيڪي چانديءَ جي قسم مان هوندا، جن کي انهن (پيارڻ وارن) ٺيڪ ٺيڪ انداز سان ڀريو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چُوڙيون چاندِئ چِنڊ مان، صَلاح سان صراف، پِيالا پيارِبَن، ڀَريل بي خِلاف،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پيارو ويندو جنهن ۾ ملاوت سنڍ (چشمي) جي هوندي.(علامه علي خان ابڙو) بهشت ۾ اهو جام پياريندا جو ان جو ذائقو ادرڪ جهڙو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان ۾ کين اهڙو شراب پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوٽ سنڍ جي هوندي.(سيد فرمان علي) ۽ پياريا ويندا ان ۾ پيالا جو هوندي ملاوت انهن جي سنڍ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوت سُنڍ (چشمي) جي هوندي(مولانا محمد مدني) ۽ انهن کي اتي اُهي پيالا پياريا ويندا جن ۾ زنجبيل (يعني سُنڍ) ملايل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ۾ سُنڊ سُرهِي صاف ، مِلت مَزٖي مَزِيد لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ان ۾ هڪ چشمون ادرڪ جو آهي جنهنجو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو بهشت ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل آهي.(سيد فرمان علي) چشمہ ان ۾ جو نالو رکيو ويو آهي سلسبيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني) ان (جنت) ۾ (زنجبيل) هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عُمدو آب اُن ۾، سَڏجي سَلسَبـيل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا (خادم سندن خدمت لاءِ) وٽن پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين.(علامه علي خان ابڙو) انهن جي خدمت لاءِ ڇوڪرا هوندا جن کي فنا نه هوندو، جنهن وقت توهان انهن کي ڏسندا ته توهان انهن کي پکڙيل موتي ڀانئيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ انهن جي اڳيان سدائين هڪ حالت تي رهڻ وارا گڀرو ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ۽ ويندا. جو جڏهن انهن کي ڏسو ته سمجهو ته (ڄڻ) پکڙيل موتي آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ڦرندا انهن تي ڇوڪرا، هميشہ رهايل جڏهن ڏسندين انهن کي ته ڀائيندين انهن کي موتي کنڊڙيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن جي چوڌاري اُهي نوعمر ڇوڪرا گهمندڙ هوندا جيڪي هميشه ان حال ۾ رهڻ وارا هوندا، جڏهن تون انهن کي ڏسندين ته انهن کي پکڙيل سچا موتي سمجهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نوڪر، ڇوڪر عمر ۾، جَنم جوت جَمِيل ، کڻيو کِير خَلِيل، ڀِرن ڀَليرا اُنهن مَٿان. جڏهن اکيَن ڏِسندِين اُنهن کي، ته ڀائـِيندينِ بَحال، ڪراَڻپُوتل آهِينِ سي، ماڻڪ، موتِي لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن اتي ڏسندين (۽ جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسندين) ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بهشت ۾ تون (اي مخاطب) ان وقت چوڌاري گھڻيون نعمتون ۽ شاهي مُلڪ ڏسندين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن تون اتي نگاھ ڪندين ته هر طرح جي نعمت ۽ (تمام) وڏي بادشاهي ڏسندين.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن ڏسندين اتي ته ڏسندين نعمتون ۽ بادشاهي وڏي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن اتي ڏسندين ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن ۽ جيڏانهن به تون نهاريندين ته سراسر نعمتون ۽ عظيم الشان بادشاهي ڏسندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن ڏِسندين، ته ڏِسندِين ڏيھ اُهو، مِڙئـِي مالا مال، مَزا موڪ، مُلڪ وَڏو، ڪُشادو ڪَمال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.(علامه تاج محمود امروٽي) مٿن سنهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي (اميري شان سان) چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا، ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ پيئڻ جون شيون پياريندو.(علامه علي خان ابڙو) انهن جي بدنن تي (موسم مطابق) باري ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا، ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا. ۽ انهن کي سندن رب شراباً طهورا پياريندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ اطلس جي پوشاڪ (پهريل) هوندي ۽ کين چانديءَ جا ڪنڱڻ پارايا ويندا ۽ کين سندن رب تمام پاڪ شراب پياريندو.(سيد فرمان علي) انهن جي مٿان ڪپڙا ريشم جا ساوا ۽ ٿلهي ريشم جا ۽ پارايا ويندا ڪنگڻ چانديءَ جا ۽ پياريندو انهن کي انهن جو رب پاڻي پاڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ شراب پياريندو. (مولانا محمد مدني) انهن جي جسمن تي سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿُلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ زيور طور پارايا ويندا ۽ سندن پالڻهار کين پاڪيزه شراب پياريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿنِ ڪَپڙا قِيمَتِي، چِلڪَن چَڱِئَ چال، سَنهي، ٿلهي پَٽ سَندا، سائـِي رنگ شال، ۽ چاندِئَ جي چُوڙِين سان، وِيا جِنجھايا جال، ۽ سَندنِ سائـِين اُنهن کي، ڪري ڀَلايون ڀَال، جو هر طرح حَلال، سو پاڻِي پاڪ پِياريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (کين چيو ويندو ته) بيشڪ اهو اوهان (جي پنهنجي نيڪ عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش (ڏسو ته ڪيئن نه) قبول ڪيل آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ هي توهان لاءِ بهترين جزا آهي ۽ توهان جو سعيو قبول پيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش شڪرگذاري جي لائق آهي.(سيد فرمان علي) بلاشڪ هي آهي اوهان جو بدلو ۽ آهي محنت اوهان جي قدر ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش قبول ڪيل آهي. (مولانا محمد مدني) (چيو ويندو) ”بيشڪ هي توهان جو صلو آهي ۽ توهان جي محنت قبول ٿي چُڪي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي انهن جي عَملن جو، آهي اُجورو، ۽ سَعيو سَمُورو، اَهنجو آفرِين جِھو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (ته جيئن ان تي گڏوگڏ عمل به ٿيندو رهي).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ تحقيق اسان توهان تي قرآن ڪريم ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي.(سيد فرمان علي) بلاشڪ اسان لاٿو توتي قرآن درجي به درجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اُتاريو تو مَٿي، پَڪ هِي پاڪ قُرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، ۽ توهان انهن مان ڪنهن گنهگار ۽ ناشڪر ڏانهن ڌيان نه ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته تون پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪندو رھ! ۽ انهن ماڻهن مان گنهگار ۽ ناشڪري جي پيروي نه ڪج!(سيد فرمان علي) پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم لاءِ ۽ نه تابعداري ڪر انهن مان گنهگار يا بي شڪر جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ۽ انهن مان ڪنهن به بدمعاش يا ڪافر جو چيو نه مڃ (مولانا محمد مدني) پوءِ تون صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي خاطر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا ڪافر جو چيو نه مڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي پالڻهار جي، هَل حُڪم تي هَر آن، ۽ مَڃ مَ مِهربان!، تِن مان ڪِنهن ڪُفران کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ان کان بچڻ جو طريقو هي آهي ته تون) پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ صبح شام پنهنجي پروردگار جو نالو ڳنهندو رھ!(سيد فرمان علي) ۽ ياد ڪر پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. (مولانا محمد مدني) پنهنجي پالڻهار جي نالي کي صبح ۽ شام ياد ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نام سَندئـِي سائـِينءَ جو، سار صبح ۽ شام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رات ۾ ان کي سجدو ڪريو ۽ ڊگھي رات تائين توهان ان جي تسبيح پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڪجھ رات وڃڻ کان پوءِ ان کي سجدو ڪر! ۽ گهڻي رات سندس تسبيح ڪندو رھ!(سيد فرمان علي) ۽ رات جو پوءِ ان لاءِ سجدو ڪر ۽ تسبيح پڙهه ان جي گهڻي رات .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي چوندو رهه. (مولانا محمد مدني) ۽ رات جو ڪجهه وقت ان جي سامهون سجدا ڪر، ۽ رات جي ڊگهي حصي ۾ ان جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَمِي نَبِي ! ڪُجِھ رات مان، سَندسِ ڪر سَلام، ۽ واکاڻِينسِ وَريام! وَروَر وَڏِي رات ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (جيڪي ماڻهو تنهنجا مخالف آهن) بيشڪ اهي جلد ملڻ واري (مفاد واري) شئ کي پسند ڪن ٿا ۽ بيحد ڳوري (حساب ڪتاب واري) ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهي (ڪافر) دنيا سان محبت رکن ٿا ۽ ان ڳري ڏينهن (قيامت) کي ڇڏين ٿا جيڪو پويان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اهي ماڻهو دنيا کي پسند ڪن ٿا ۽ ڳري ڏينهن (قيامت) کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) بيشڪ هي محبت رکن ٿا دنيا سان ۽ ڇڏي ڏين ٿا پنهنجي پويان ڏينهن ڳرو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهي جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪن ٿا. ۽ ڳري ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اهي جلدي ملڻ واري (دنيا) کي چاهن ٿا ۽ پنهنجي پويان هڪ وڏي ڳري ڏينهن کي ڇڏي ڏين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِهلو وَڃڻِي وَٿ سان، هِي رکن نِڀاڳانِيهن، ۽ ڇَڏينِ ڏاڍو ڏِينهن، جو صَحِي آهي سامهون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهي پنهنجي طاقت تي آڪڙجن ٿا حالانڪ) اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سنڌ مضبوط ڪيا آهن ۽ (اهي اسان جي قانونن جي مخالفت ۾ حد ٽپي ويا ته پوءِ) جڏهن اسين گهرنداسون ته (کين برباد ڪري) انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسين.(علامه علي خان ابڙو) اسان انهن کي پيدا ڪيو ۽ اسان انهن جا سَنڌ مضبوط بنايا، ۽ جنهن وقت اسين چاهينداسين ته انهن جهڙا ٻيا تبديل ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن عضوا مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا ماڻهو بدلي ۾ آڻينداسون.(سيد فرمان علي) اسان پيدا ڪيو انهن کي ۽ مضبوط ڪياسون سنڌ انهن جا ۽ جڏهن گهرنداسون ته مٽائي آڻينداسون انهن جهڙا مٽائي آڻڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سَنڌَ مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن اسين گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسون. (مولانا محمد مدني) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي سَنڌ سَنڌ کي مضبوط ڪيو آهي، ۽ اسان جڏهن به گهرنداسين ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان بَنايو اُنهن کي، پڻ سوگھا ٻَڌاسونِ سَنڌ، ۽ اُنهن جِھڙا، اُنهن جي هَنڌ، وَڻي تڏهن وَسائـِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ هيءَ (هڪ چٽي حقيقت ۽) نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته (ان مان عبرت حاصل ڪري) پنهنجي پاليندڙ ڏي ويندڙ رستو وٺي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ هيءُ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن صحيح راه اختيار ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ هي قرآن هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته پنهنجي پروردگار جي راھ وٺي.(سيد فرمان علي) تحقيق هيءَ نصيحت آهي پوءِ جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن رستو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪوگهري ته پنهنجي پاليندڙ ڏي رستو وٺي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار طرف رستو اختيار ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي سَبق ساڃاءِ جو، هِي نَصِحيت بِنار، پَنهنجي پَروَر پار، پوءِ وَڻي، سو واٽ وَٺي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (ان ڏي ويندڙ رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو، ڇو ته الله (اوهان جي دلين جي سچائي متعلق سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان نٿا چاهيو مگر جيڪو الله چاهي ٿو، بيشڪ الله تعالى علم و حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهين ڪجھ چاهيو ئي نه ٿا پر اهو ئي جيڪي الله چاهي ٿو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿا گهرون اوهان مگر هي جو گهري الله بلاشڪ الله آهي ڄاڻندڙ حڪمت وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نه ٿا سگهو، ڇو ته الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھه نه ٿو ٿئي سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. بيشڪ الله ڄاڻڻ وارو حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوهِين نه گُھرندا آهيو، مگر گُھري اَلله، صَحِي سُرت سُڄاڻ سو، ويڄ وَڏو وَھ واھ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن کي وڻيس (ته سندس دل جو حضور قبول ڪري) ان کي پنهجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ (جيڪو الله جي قانونن مڃڻ ۾ اٽڪل بازيءَ جي زيادتي ڪري ٿو ته اهڙن) لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو) اهو جنهنکي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ الله تعالى، ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ۽ ظالمن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سيد فرمان علي) داخل ڪري ٿو جنهن کي گهري پنهنجي رحمت ۾ ۽ ظالم تيار ڪيائين انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ .ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. (مولانا محمد مدني) اُهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻيسِ وَسائي تِنهن کي، مَنجھ پَنهنجي ٻاجھ پَناھ، ۽ جيڪي ڏاڍا ڏيہ ۾، راجا راڄ وَڻاھ، سَنباهِين صُباح، اُهکِي سَزا اُنهن لئي .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |