075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
قسم کڻان ٿو مان قيامت جي ڏينهن جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقيامت جي ڏينهن جو قسم کڻان ٿو.
— مولانا محمد مدنيمان قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ قسم کڻان ٿو مان لوامہ نفس جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (بڇڙي ڪم تي) ملامت ڪرڻ واري نفس جوقسم کڻان ٿو.
— مولانا محمد مدني۽ ملامت ڪندڙ نفس (يعني دل) جو به قسم کڻان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽواَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا خيال ڪري ٿو انسان ته هرگز نه گڏ ڪنداسون هڏا ان جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟
— مولانا محمد مدنيڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته مرڻ کان پوءِ اسان سندس هڏين کي هڪ هنڌ گڏ نه ڪري سگهنداسين؟
— عبدالسلام ڀُٽوبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
هائو قادر ٿيندڙ آهيون هن تي جو درست ڪيون ان جي آڱرين جي ڏوڏين کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن کي برابر ڪرڻ تي قدرت رکندڙ آهيون.
— مولانا محمد مدنيڇو نه! اسان ته ان جي آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ کي (ٻيھر) سڌو ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪ ارادو ڪري ٿوانسان تانته برائي ڪندو رهي پنهنجي ايندڙ وقت ۾ به .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپر انسان گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ بدڪاري پيو ڪري.
— مولانا محمد مدنيبلڪه انسان چاهي ٿو ته هو آئندهه به برا عمل ڪندو رهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
پڇي ٿو ته ڪڏهن آهي قيامت جو ڏينهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟
— مولانا محمد مدني۽ (ان جي باوجود هو) پڇي ٿو ته اهو قيامت جو ڏينھن ڪڏهن ايندو؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن ڦاٽنديون اکيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون
— مولانا محمد مدنيجڏهن (سڀني جون) اکيون چُنجهي ٿي وينديون.
— عبدالسلام ڀُٽووَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ وٺبو چنڊ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ چنڊ گرهبو
— مولانا محمد مدني۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ گڏ ڪيو ويندو سج ۽ چنڊ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدنيسج ۽ چنڊ کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
چوندو انسان ان ڏينهن تي ڪٿي آهي ڀڄڻ جي جاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
— مولانا محمد مدنيان ڏينھن انسان چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
هرگز نه، ناهي ڪا پناهه .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرينه نه! ڪا پناهه جي جاءِ نه آهي
— مولانا محمد مدنيهرگز نه! (اڄ) ڪابه ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
تنهنجي رب ڏانهن ان ڏينهن قرار وٺڻ جي جاءِ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي.
— مولانا محمد مدنياُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ئي وڃي بيهڻو پوندو.
— عبدالسلام ڀُٽويُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
خبر ڏنو ويندو انسان ان ڏينهن ان جي جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين.
— مولانا محمد مدنيپوءِ انسان کي سندس اڳيان ۽ پويان سڀ عمل ٻڌايا ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
بلڪ انسان پنهنجي نفس تي نگاهه رکندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپر انسان پاڻ تي پاڻ هڪ ثابتي آهي
— مولانا محمد مدنيحالانڪه انسان پنھنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
جيتوڻيڪ آڻي رکيائين عذر پنهنجا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيتوڻيڪ پنهنجا بهانا پيش پيو ڪري
— مولانا محمد مدنيتوڙي جو هو ڪيترائي بھانا پيش ڪري.
— عبدالسلام ڀُٽولَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
نه چور ان سان پنهنجي زبان تانته جلد (ياد) ڪرين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي رسولﷺ!) پنهنجيءَ زبان کي ان سان هن لاءِ نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ! وحي نازل ٿيڻ وقت توهان قرآن) جلدي ياد ڪرڻ خاطر پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
اهو بلاشڪ اسان جي ذمي تي آهي ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ اسان جي ئي ذمي آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ ان کي ياد ڪرائڻ ۽ (زبان سان) پڙهائڻ اسان جو ڪم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
پوءِ جڏهن ان کي پڙهون پوءِ ان جي پڙهڻ جي پويان لڳ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ کي ٻڌندو رهه
— مولانا محمد مدنيجڏهن اسان ان کي پڙهون ته توهان اُن پڙهڻ ڏي غور سان ڌيان ڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
ان کان پوءِ بلاشڪ اسان تي ان جو بيان آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوري ان جو مطلب سمجهائڻ (به) اسان جي ئي ذمي آهي.
— مولانا محمد مدنيان جي تشريح ڪرڻ به اسان جو ئي ڪم آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
هرگز نه بلڪ محبت رکو ٿا دنيا سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريائين نه آهي پر اوهين جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪريو ٿا
— مولانا محمد مدنيهرگز نه! (ڪافرن کي ٻڌاءِ ته) توهان رڳو دنيا جي شين سان محبت رکو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽو