توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.(علامه تاج محمود امروٽي) اي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا.(علامه علي خان ابڙو) اي نبوت جي چادر ڍڪيندڙ حبيب(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي (منهنجا) ڪپڙي ويڙهڻ وارا (رسول)(سيد فرمان علي) اي چادر ڍڪيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي (نبوت جي لباس ۾ ) ويڙهجڻ وارا،(مولانا محمد مدني) اي چادر ويڙهڻ وارا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اوڍِيندڙ اوڍڻِي!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.(علامه تاج محمود امروٽي) اٿي! پوءِ (خدا کان ڀليل ماڻهن کي زندگيءَ جي غلط طريقي تي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار.(علامه علي خان ابڙو) توهان اُٿو پوءِ توهان (پنهنجي قوم کي) ڊيـڄاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اٿو ۽ ماڻهن کي عذاب کان ڊيڄاريو.(سيد فرمان علي) اُٿ پوءِ (ماڻهن کي) ڊيڄار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) کڙو ٿي! پوءِ ڊيڄار(مولانا محمد مدني) اٿي پوءِ (ماڻهن کي) ڊيڄار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پيرن ڀَر ٿِي پاڻ، ڪَر خَبردار خَلق کي، ڪَرِينِ ڄيري سندو ڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام) جي عظمت (۽ ضرورت) بيان ڪر.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان پنهنجي رب جي وڏائي بيان ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پنهنجي پروردگار جي وڏائي بيان ڪر،(سيد فرمان علي) ۽ پنهنجي رب جي پوءِ وڏائي بيان ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي وڏائي بيان ڪر،(مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي پالڻهار جي وڏائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جِي، پوءِ وَڏائـِي واکاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ظاهري ۽ باطني يعني اخلاقن واري) پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان پنهنجا ڪپڙا پاڪ رکو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک،(سيد فرمان علي) ۽ پنهنجن ڪپڙن کي پوءِ پاڪ رک .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک، (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي ڪپڙن کي پاڪ رک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَپڙا پَنهنجا پاڪ رَک،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ پليتي کان پري رھ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ گند (۽ گندي بيڪار ماڻهن) کان پري رهه.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بُتن کان پري رهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ گندگي کان پري رھ.(سيد فرمان علي) ۽ بتن کان پوءِ پري رهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ گندگيءَ کان پري رهه (مولانا محمد مدني) ۽ بتن کان پري ئي رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَر مِڙوئـِي ڇاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (ان جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ زياده حاصل ڪرڻ لاءِ (ڪنهن تي) ٿورو نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهڙي طرح احسان نه ڪر جو وڌيڪ وٺڻ جا خواهشمند ٿيو.(سيد فرمان علي) ۽ نه احسان ڪري گهڻو طلب ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته توکي گهڻو ملي. (مولانا محمد مدني) ۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته تو کي گهڻو ملي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِن نِيَّتَ نيڪِي ڪِيَم ڪر، ته ڀَرِين پَنهنجا ڀاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي ثابت قدم رهڻ) لاءِ صبر ڪر.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پنهنجي رب لاءِ توهان صبر ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پنهنجي پروردگار جي رضامنديءَ لاءِ صبر ڪر.(سيد فرمان علي) ۽ پنهنجي رب جي لاءِ پوءِ صبر ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي پاليندڙ (جي رضامنديءَ) لاءِ (مصيبتن تي) صبر ڪر. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي پالڻهار لاءِ صبر ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي پَروَر ڪاڻ، سَب ڪُجھ سَھ سَرِير تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن (حساب ڪتاب جي لاءِ ڪٺي ٿيڻ واسطي) ناقور وڄايو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن صُور ڦوڪي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن ناقور (صور) ڦوڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) پوءِ جنهن وقت ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن ناقور وڄايو ويندو،(مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن وِيندو ڏَنڊ کي، ڦوڪيو سِين فرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) تڏهن اهو (بدڪارن لاءِ) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهو ڏينهن، ڏکيو ڏينهن آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اهو ڏينهن سخت (مصيبت جو) هوندو،(سيد فرمان علي) پوءِ اهو ان ڏينهن ڏکيو ڏينهن آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تڏهن اهو (وقت) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهو ڏينهن ڏاڍو ڏکيو ڏينهن هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏِينهن اُهو، ڏِينهن آھِ سو جَبَرو مَنجھ جَھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان ڏينهن) ڪافرن تي (ذري برابر به) آساني نه هوندي.(علامه علي خان ابڙو) (اهو) ڪافرن تي آسان ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڪافرن تي آسان نه هوندو.(سيد فرمان علي) ڪافرن تي ناهي آسان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪافرن تي آسان نه هوندو(مولانا محمد مدني) ڪافرن تي آسان نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَٺڻ سِر ڪُفران، اُهکو، نَه سَهکو آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي رسول! تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه ۽) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي (ماءُ جي پيٽان ئي دولت ڏئي پيدا نه ڪيو اٿم، پوءِ به ان تي سرڪشي ٿو ڪري بلڪ) اڪيلو پيدا ڪيو اٿم.(علامه علي خان ابڙو) توهان مون کي ان ماڻهو سان گڏ ڇڏيو جيڪو مون اڪيلو پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم.(سيد فرمان علي) ڇڏ مون کي ۽ ان کي جنهن کي پيدا ڪيو مون اڪيلو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسولﷺ!) مو نکي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم(مولانا محمد مدني) مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڏ مُون ۽ اُن کي، جنهن کي، جوڙِيَم تَنْها تَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان کي (بعد ۾ آزمائش خاطر) ڪثرت سان مال ڏنو اٿم.(علامه علي خان ابڙو) ۽ مون ان لاءِ گھڻو مال پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم.(سيد فرمان علي) ۽ ڏنو مون ان کي مال گهڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم (مولانا محمد مدني) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيَمِ ڪُشادو ڪاڻ تِنهن، دُنيا دولت، ڌَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پُٽ (به جيڪي انساني ڪم ڪرڻ بجاءِ سندس سرڪشي وڌائڻ لاءِ) وٽس ويٺل آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ وٽس پُٽ موجود آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي) ۽ پٽ حاضر ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن (مولانا محمد مدني) ۽ پٽ حاضري ۾ رهڻ وارا (ڏنم)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حاضِر پُٽ هَڪَيا تَّڪيا، اَکيَن اڳيان پَسجن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ان کي پوري طرح وڌايم.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شئ) سندس چوڌاري پکيڙي ڇڏي اٿم.(علامه علي خان ابڙو) ۽ مون ان لاءِ (جاه و جلال) جو سامان مهيا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم.(سيد فرمان علي) ۽ تياري ڪئي مون ان لاءِ چڱي طرح تياري ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم (مولانا محمد مدني) ۽ مون ان کي گهڻي ڪشادگي ڪري ڏني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيڏٖي، سِين ڪَرمن، پُٺ پَکيڙِيَمِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.(علامه تاج محمود امروٽي) وري به (سندس هوس پوري نٿي ٿئي ۽) هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ (طاقت ۽ دولت) ڏيان.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اهو طمع ڪري ٿو ته انهن ۾ زيادتي ٿئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تڏهن به هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ ڏيان.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ اميد رکي ٿو ته ان کي وڌايان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري به هو طمع ڪري ٿو ته (اُن کي) وڌيڪ ڏيان. (مولانا محمد مدني) وري اهو طمع رکي ٿو ته (کيس اڃا) وڌيڪ ڏيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي ڀانئي مَن ۾، اَڃا به ڪريانسِ ڪَسر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي (قانون بڻائي موڪليل) آيتن جو مخالف آهي.(علامه علي خان ابڙو) هرگز ايئن نه ٿيندو، بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو سخت مخالف آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ائين نه ٿيندو، ته هو اسان جي آيتن جو دشمن آهي.(سيد فرمان علي) هرگز نه تحقيق اهو هو اسان جي آيتن جي لاءِ عناد رکندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي آيتن جو مخالف آهي. (مولانا محمد مدني) ائين نه ٿيندو. بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو شديد مخالف آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهون؛ اَسان جون آيتون، سَگھون سَربَسر، مَڃڻ ڪَنان مُنهن ۾، هُو سَرڪش وِجھندڙ سَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.(علامه تاج محمود امروٽي) سگهوئي آئون ان کي (پنهنجي گرفت ۾ آڻي) سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس.(علامه علي خان ابڙو) اسين جلد ان کي باه جي جبل تي چاڙهينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سگهو ئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس،(سيد فرمان علي) جلد چاڙهيندس مان ان کي باهه جي جبل تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سگهوئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس (مولانا محمد مدني) جلد ان کي آءٌ سخت چاڙهي چڙهائيندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن سَخِتي واري سَر، وِهلو واهِيندسِ اُن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇو ته هو (چڱائي ۽ مدائي ڄاڻي پيو ۽ ان تي غور) فڪر ڪيائين ۽ هڪ ڳالهه (دنيا جي لالچ ۽ فائدي واري پنهنجي لاءِ) تجويز ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اُن (قرآن ڪريم تي اعتراض ڪرڻ لاءِ) فڪر ڪيو ۽ اندازو ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇو ته ان فڪر ڪري ڪري هڪ ڳالھ تجويز ڪئي.(سيد فرمان علي) تحقيق ان فڪر ڪيو ۽ دل ۾ ٺهراءُ رٿيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇو ته ان فڪر ڪيو ۽ هڪ ڳالهه تجويز ڪيائين (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان سوچ ويچار ڪيو ۽ هڪ ڳالهه طئي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَر وَر تِنهن وِيچاريو ۽ تَڪئـِين تورئـِين ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ مار پويس ڪيئن (فاني حياتيءَ جي ٿورڙي فائدي جو مطلب پنهنجي اولاد لاءِ) تجويز ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين.(سيد فرمان علي) پوءِ لعنت ڪيو ويو ڪهڙيءَ طرح ٺهراءُ رٿيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين. (مولانا محمد مدني) پوءِ مار پويس ان ڪهڙي بري ڳالهه طئي ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌُران وِيو ڌِڪارجِي، پَهتو ڪِيئن پيمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ مار پويس (پنهنجي لاءِ اهڙي ڳالهه) ڪيئن تجويز ڪيائين. (جنهن جو نتيجو آخر ۾ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.)(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ لعنت ڪيو ويو ڪهڙي طرح ٺهراءُ رٿيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين. (مولانا محمد مدني) وري مار پويس ان ڪهڙي بري ڳالهه طئي ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي بِه تَڙيو توڙ ڪنان، ڪِيئن، ڪِئـِين خام خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وري (غور ڪري) ڏٺائين.(علامه تاج محمود امروٽي) وري ان (ڪنهن موقعي تي غور ڪري) ڏٺو.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ ڏٺائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري ان (غور ڪري) ڏٺو.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ ڏٺائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري ان (غور ڪري) ڏٺو(مولانا محمد مدني) پوءِ نظر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي نوڪ نِهاريو، ڪاوڙ ساڻ ڪُلال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (به سندس اندر جي لچائي اڀري آئي ۽) منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ ٻوٿ بڇڙو ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ مُنهن خراب ڪيائين ۽ مُنهن سخت خراب ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري منهن ۾ گهمنڊ وڌائين ۽ منهن بچڙو ڪيائين.(سيد فرمان علي) ان کان بعد گهنڊ وڌائين ۽ منهن بگيڙيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن بڇڙو ڪيائين (مولانا محمد مدني) پوءِ مُنهن ۾ گهُنڊ وڌائين ۽ ٻُـــوٿُ بڇڙو ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي کوٽٖي مُنهن کٽو ڪيو، گُھنڊ هَنيو گھنٽال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (خدا جي قانون کان) پٺ ڦيرايائين ۽ وڏائي ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ پُٺي ڏنائين ۽ تڪبر ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.(سيد فرمان علي) ان کان بعد پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين (مولانا محمد مدني) پوءِ پٺي ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي پانهون وَريو پوئتي، ۽ ڪيائين تڪبر تال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ چوڻ لڳو ته، هي (قرآن) رڳو جادو (۽ پراڻي زماني جون پُرڪشش ڳالهيون) آهن جو (صدين کان ائين ئي) هلندو اچي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ چيائين ناهي هيءُ (قرآن) مگر سحر جيڪو اڳين کان نقل ڪيو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (اکين کان) هليو ٿو اچي.(سيد فرمان علي) پوءِ چيائين ناهي هي مگر جادو جيڪو نقل ڪيو وڃي پيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (جادوگرن کان) هليو اچي. (مولانا محمد مدني) پوءِ چيائين ته: ”هي (قرآن) رڳو جادو آهي جيڪو (اڳين جادوگرن کان) هلندو اچي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪافِر ڪَڍِي مُنهن ڪئي، هِن پَر بات بَطال، هِي مَذڪُور ناھِ مگر، جادو هلندڙ جال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو (پنهنجو جوڙيل) ڪلام آهي.(علامه علي خان ابڙو) ناهي هيءُ مگر قول بشر جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي. (خدا جو نه)(سيد فرمان علي) ناهي هيءُ مگر انسان جو قول .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي (مولانا محمد مدني) هي (قرآن) رڳو انسان جو ڪلام آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي مَذڪُور ناھِ مگر، ماڻهوءَ جِي مَقال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.(علامه تاج محمود امروٽي) سگهوئي آئون ان کي (سندس اهڙي سرڪشيءَ ۽ نافرماني تي کيس) دوزخ ۾ وجهندس.(علامه علي خان ابڙو) اسين جلد ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سگهو ئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس(سيد فرمان علي) جلد پهچائيندس مان ان کي دوزخ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سگهوئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس. (مولانا محمد مدني) جلد آءٌ ان کي دوزخ ۾ ڦٽو ڪندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سگهو کِيَسِ سَقر ۾، هَڻنداسون هر حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي رسول!) توکي خبر آهي ته دوزخ (جي ٽچڪندڙ ۽ رجائيندڙ باهه) ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته سَقر ڇا آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ ڪهڙي شيءِ ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي دوزخ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي رسولﷺ!) توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سَقر آهي ڇا؟ ڪِنهن ڪَل ڏِنئـِي اَڄ ڪالھ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) اها نه (ڪجهه بدن جو هڏو ۽ ٻوٽي) رهائي ٿي ۽ نه (ڪنهن شئ کي) ڇڏي ٿي.(علامه علي خان ابڙو) (اها) نه گوشت ڇڏيندي ۽ نه هڏا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو نه ڪجھ رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو.(سيد فرمان علي) نه ٿو باقي رهائي ۽ نه ڇڏي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو نه (ڪجهه) رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو. (مولانا محمد مدني) اها (ڀڙڪندڙ باهه آهي جا) نه باقي رکي ٿي ۽ نه ڇڏي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇُو تو ڇَڏي ڪو نه ڪو، بَچائي نَه بحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو (ٺاٺو) ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) انسان جي کل لاهيندڙ هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بدن کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ساڙي کل لاهيندڙ آهي انسان جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آهي، (مولانا محمد مدني) اها کَل کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چارِي چَڱِئ چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ان تي اڻويهه (داروغا) مقرر آهن.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ (جهنم) تي اُڻويهَه ملائڪ مسلط هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان تي اوڻيھ (فرشتا) مقرر آهن.(سيد فرمان علي) ان تي اوڻويهه (ملائڪ) آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان تي اوڻيهه (داروغا) مقرر آهن (مولانا محمد مدني) ان تي اڻويهه (ملائڪ داروغا) مقرر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُوڻِيہ اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ (انهن جي اڳين ڪتابن ۾ ڄاڻايل تعداد مطابق) امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون، ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن (اڻويهن واري انگ جيترن ملائڪن) مان الله جو مطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي (آزمائش ۾ وجهي) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ (هونئن ته ان جو لشڪر اڻ کٽ آهي) تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن (واري تعداد) کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نٿو ڄاڻي، ۽ هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه مقرر ڪيا اسان جهنم جا انچارج مگر ملائڪ ۽ نه مقرر ڪيو اسان انهن جو تعداد مگر اهو ڪافرن لاءِ آزمائش آهي، ان لاءِ ته اهي ماڻهو يقين ڪن جيڪي اهلِ ڪتاب آهن ۽ مؤمنن جو ايمان زياده ٿئي ۽ نٿا شڪ ڪن اهلِ ڪتاب ۽ مؤمن ۽ ڀلي ته چون اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ مرض آهي ۽ ڀلي ڪافر چون ته الله هن مثال مان ڪهڙو ارادو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جنهنکي چاهي الله تعالى گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت ڏئي ٿو، ۽ ان کانسواءِ ملائڪن جو تعداد ڪوبه نٿو ڄاڻي، هيءُ قرآن ڪريم انسان لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان جهنم جا نگهبان ته رڳو ملائڪ ڪيا آهن ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مومن شڪ ۾ نه پون، پڻ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ٿا ته هن مثال مان خدا جو مطلب ڇا آهي؟ (اي رسول) اهڙي طرح خدا جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهي (۾ ڇڏي) ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئون گس ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ هي رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه بنايا اسان باهه جا داروغا مگر ملائڪ ۽ نه ڪيو اسان ڳاڻاٽو انهن جو مگر آزمائش انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو تانته يقين ڪن اهي جو ڏنا ويا ڪتاب ۽ وڌن اهي جن ايمان آندو ۽ نه شڪ ڪن اهي جي ڏنا ويا ڪتاب ۽ مؤمن ۽ تانته چون اهي جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي ۽ ڪافر ته ڪهڙو ارادو ڪيو آهي الله هن مثال سان اهڙي طرح گمراهه ٿو ڪري الله جنهن کي گهري ۽ هدايت ڪري ٿو جنهن کي گهري ۽ نه ٿو ڄاڻي تنهنجي رب جي لشڪر کي مگر اهو ۽ ناهي اهو مگر نصيحت انسان جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون. ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن مثال مان الله جومطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر !) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪونه ٿو ڄاڻي. ۽ هيءُ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ائين نه ٿيندو (جيئن هو خيال ڪري ٿو). (مولانا محمد مدني) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) صرف ملائڪ مقرر ڪيا آهن ۽ اسان انهن جي ڳاڻيٽي کي صرف ڪافرن لاءِ آزمائش بنايو آهي هن لاءِ ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ هن لاءِ ته جن جي دلين ۾ (نفاق) جي بيماري آهي ۽ ڪافر چون ته هن مثال مان الله جي ڇا مراد آهي؟ اهڙي طرح الله جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت عطا ڪري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪونه ٿو ڄاڻي. هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَلڪن ري، مَڱَر تي، نه ڌارياسون دَربان، ۽ توڙان تيارِي تِن جِي، ڪنهن ٻئي لئي، ڪَئـِي سون ڪانه، مگر مار مُنڪرِين، جي ڦِريا، کون فرمان، تان پَڪ ڪن، ڪتاب جِن کي، اڳي ٿيا اِحسان، ۽ وَڌن اُهي اِيمان ۾، آندو جِن اِيمان، ۽ ڪِتابي قُلُوب ۾، نه گَڏِينِ ڪو به گُمان، پڻ مُؤمن مُسلمان، جي جي نه رکن، جان ۾. ۽ تان مرض جِن جي مَن ۾، يا ڪافِر ذات، ڪُلال، سي سَمجھي ڪُوڙ قِيام کي، ڳالهائـِنِ هِئَ ڳالھ، ته اَلله اِرادو ڇا ڪيو، منجھان هِن مِثال، گُھري تِنهن کي، گَس ڪنان، ڦيري ڇَڏي فى الحال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، وَڻيسِ، تِنهن کي واٽ ڪري. ۽ تُنهنجي سائـِينءَ جي، سِپاھ کي، ٻِئو نه ٻُجھي اُن ڌار،۽ مگر ماڻهنِ هارِ، هِي ري نَصِحيت، ناھِ ٻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين نه ٿيندو (ته ان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ئي ڇڏيو وڃي جيئن هو گمان ڪري ٿو.) چنڊ جو قسم آهي (چنڊ ان جو شاهد آهي جيڪو مقرر قانون تي هلي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! قسم آهي چنڊ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ٻڌي ڇڏيو، (اسان کي) چنڊ جو قسم(سيد فرمان علي) ها ها قسم آهي چنڊ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چنڊ جو قسم آهي (مولانا محمد مدني) هرگز نه، قسم آهي چنڊ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ ساک چَنڊ جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ رات جو (مٽجڻ به شاهد آهي) جڏهن اها پٺ ڦيري ٿي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها موٽي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي ٿي،(سيد فرمان علي) ۽ رات جو جڏهن پٺي ڏئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ رات جو (به) جڏهن پٺ ڦيري ٿي (مولانا محمد مدني) ۽ رات جو قسم جڏهن پٺي ڦيري ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ جَڏهن رَمِي پوءِ، رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ صبح جو (ٿيڻ به انهن قانونن تي شاهد آهي) جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ قسم آهي صبح جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي ٿو،(سيد فرمان علي) ۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي (ته) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ صبح جو (قسم آهي) جڏهن روشن ٿئي ٿو (مولانا محمد مدني) ۽ صبح جو قسم جڏهن روشن ٿئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏ پِرھ ڦُٽي پِرڀات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اهي (تبديليون قدرتي قانونن جي) وڏن واقعن مان هڪ (مثال) آهن.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اها (جهنم) وڏين مصيبتن مان هڪ مصيبت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اهو (جهنم) به هڪ وڏي (آفت) آهي،(سيد فرمان علي) بيشڪ اهو دوزخ وڏين شين مان هڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو(محمدﷺ جو ڊيڄارڻ) وڏن واقعن مان هڪ (واقعو) آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ هي (دوزخ) وڏين شين مان هڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڏِي آھِ، وَڏِيَن مان، بيشڪ اِها بات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ماڻهن کي (هي مثال مڪافات ۽ حساب ڪتاب جي ٿيڻ واسطي) ڊيڄاريندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) (توهان ان کان) ماڻهن کي ڊيڄاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پڻ) ماڻهن کي ڊيڃارڻ وارو آهي،(سيد فرمان علي) ڊڄاريندڙ انسان جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ آهي (مولانا محمد مدني) ماڻهوءَ کي ڊيڄارڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِڱ ڪانڊارِيندڙ لات، آھِ آدم ذات لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي اوهان مان (اهڙن مثالن مان سبق وٺي) اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن، (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾ پنهنجي لاءِ فيصلو اوهان کي ئي ڪرڻو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) توهان مان جيڪو چاهي اهو (خير ڏانهن) اڳتي وڌي ۽ جيڪو چاهي (خير کان) پوئتي ٿئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (سڀ جي لاءِ نه پر) اوهان مان جو شخص (نيڪي ڏي) وک وڌائي ۽ (برائي کان) پٺتي هٽڻ گهري.(سيد فرمان علي) ان جي لاءِ جنهن گهريو اوهان مان ته اڳتي ٿئي يا پوئتي ٿئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي اوهان مان اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن. (مولانا محمد مدني) (يعني) ان ماڻهو لاءِ جيڪو توهان مان اڳتي وڌڻ چاهي يا پوئتي هٽڻ چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ اوهان مان اُنهن لئي، هِئَ نَصِحيت نِبار، گُھري ته، اُسري اڳڀرو، يا پُرٖي پويِين پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خدا جي پاران ڪنهن سان به زيادتي نٿي ٿئي) سڀڪو نفس پنهجي ڪمائي جي ڪري سوگهو ٿئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) هر انسان پنهنجي ڪيل عملن ۾ ضامن آهي (38) مگر (اُهي مؤمن) جيڪي باغن ۾ ساڄي پاسي هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سڀ ڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري (گروي) پيل آهي.(سيد فرمان علي) هر نفس ان ۾ جيڪو ڪيائين ڳهه رکيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سڀڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري ڳهه پيل آهي (مولانا محمد مدني) هر شخص پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي گروي پيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪِنهن جانَ، جَھان ۾، ڪيا جي ڪم ڪار، گِروِي، گِرفتار، اَوس آهي اُن م.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).(علامه تاج محمود امروٽي) ساڄي پاسي وارن (نيڪوڪارن) کان سواءِ.(علامه علي خان ابڙو) پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر سڄي هٿ ۾ (نامه اعمال) وٺڻ وارن کان سواءِ.(سيد فرمان علي) مگر سڄي هٿ وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ساڄي پاسي وارن کان سواءِ(مولانا محمد مدني) سواءِ ساڄي پاسي وارن جي ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُن کان ڌار، سائـِين سائي هَٿ جا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا، هڪٻئي کان (حال احوال) پڇندا.(علامه علي خان ابڙو) (بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (بهشت جي) باغن ۾ هڪ ٻئي کي پڇي رهيا هوندا،(سيد فرمان علي) بهشتن ۾ پڇندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا (مولانا محمد مدني) (اِهي) باغن ۾ هوندا .. اهي پڇندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بالمِ باغ بهشت ۾، پُڇن (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوھارين کان.(علامه تاج محمود امروٽي) ڏوهارين بابت (ته انهن مٿان ڇا ڇا گذريو هوندو).(علامه علي خان ابڙو) ڏوھارين کان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڏوهارين جي باري ۾(سيد فرمان علي) مجرمن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هڪ ٻئي کان ڏوهارين جو (حال) پڇندا (مولانا محمد مدني) ڏوهارين کان(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاپين کان پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ جڏهن انهن ڏوهارين کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه (تباهين جي هن) دوزخ ۾ وڌو آهي؟(علامه علي خان ابڙو) تہ اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙيءَ ڳالھ وڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آخر اوهان کي ڪهڙي ڳالھ دوزخ ۾ وڌو آهي؟(سيد فرمان علي) ته ڪنهن داخل ڪيو اوهان کي جهنم ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (پوءِ جڏهن انهن کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه دوزخ ۾ وڌو آهي؟(مولانا محمد مدني) ”توهان کي ڪهڙي ڳالهه دوزخ ۾ وٺي وئي آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن هاڃي ۾ هيڪار، آن کي، ڪاهي ڪِنهن هَنيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي چوندا ته (اسان جو ڏوهه هي هو ته) اسين نڪي نمازين (عبادت ۽ اطاعت ڪندڙن) مان هئاسون.(علامه علي خان ابڙو) دوزخي چوندا اسين (دنيا ۾) نماز نه پڙهندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون.(سيد فرمان علي) چيائون ته نه هئاسون نماز پڙهندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون (مولانا محمد مدني) اُهي چوندا: ”اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَي هَي ! هُئاسُون ڪِين ڪِي، پَڙهندڙ نِمازون نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسين مسڪينن کي طعام نه کارائيندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نڪي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون.(سيد فرمان علي) ۽ نه کاڌو کارائيندا هئاسون مسڪينن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نڪي مسڪين کي کارائيندا هئاسون (مولانا محمد مدني) ۽ اسان مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِيندا نه هُئاسون ڏُٻرن کي، مانِي ڌانِي مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسين حق ۽ حق وارن خلاف ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسين اجاين ڳالهين ڪرڻ وارن سان گڏ اجايون ڳالهيون ڪندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهل باطل وارن سان گڏجي اسين به بري ڪم ۾ گهڙي پوندا هئاسون.(سيد فرمان علي) ۽ اجايون ڳالهيون ڪندا هئاسون اجايون ڳالهيون ڪندڙن سان گڏ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسين ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون. (مولانا محمد مدني) ۽ بيهودن ڪمن وارن سان گڏجي اسان به بيهودا ڪم ڪندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ضِديَن سان ضَرُور، هُئاسُون ڀيڙا بَحث ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ حساب جي ڏينهن کي (۽ ان جي عذاب کي) ڪوڙو ڪندا هئاسون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان قيامت جي ڏينهن جي تڪذيب ڪندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڏينهن قيامت کي ڪوڙو ڪندا هئاسون.(سيد فرمان علي) ۽ قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو چوندا هئاسون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪندا هئاسون. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان حساب واري ڏينهن کي ڪوڙو سمجھندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُئاسون روز حساب کي، ڪُوڙو ڪوٺِيندا ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان جو اسان کي موت پھتو.(علامه تاج محمود امروٽي) تان جو (ان حالت ۾) اسان وٽ موت اچي پهتو.(علامه علي خان ابڙو) ايستائين جو اسان وٽ موت آيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ اسان ائين ئي گذاريو) تان جو اسان وٽ موت پهتو،(سيد فرمان علي) تانجو آيو اسان وٽ موت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تان جو اسان وٽ موت پهتو. (مولانا محمد مدني) تانجو اسان وٽ موت پهتو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان اَجل اَسان تي آئيو، پَڌر پَئـِي سَڀ ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي (۽ هميشه انهيءَ ۾ رهندا).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن (ڪافرن) کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پوءِ ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي.(سيد فرمان علي) پوءِ نفعو نه ڏيندي انهن کي شفاعت شفاعت ڪندڙن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش نفعو نه ڏيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بَچائينِ نَه بَحال، واهِر، مِڙِني واهِرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (هاڻي جڏهن هي سڀ چٽيون حقيقتون انهن جي سامهون پيش ٿيون آهن ته پوءِ به) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو (قرآن واري) نصيحت کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي نصيحت کان مُنهن موڙيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت کان منهن موڙ ڪئي اٿن.(سيد فرمان علي) پوءِ ڇا آهي انهن کي جو نصيحت کان منهن موڙيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (هاڻي) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت (قرآن) کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن؟(مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت (قرآن) کان منهن موڙيندڙ آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي ڇا، اُنهن کي، ته ڪَنان مُوچارِئَ مَت، آڏي ڪَنڌ آهِين سي، سَندنِ اِي صفت، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (جيڪي ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ ائين ٽاهه ٿا کائن) ڄڻ ته اهي (جهنگلي) ٽهندڙ گڏهه آهن.(علامه علي خان ابڙو) ڄڻ تہ اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڄڻ ته اهي جنگلي گڏھ آهن،(سيد فرمان علي) ڄڻ ته اهي گڏهه ٽهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڄڻ ته اهي ٽهندڙ گڏهه آهن (مولانا محمد مدني) ڄڻڪ اُهي ٽهندڙ گڏهه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گوهيون ڏِيندڙ گوڙ کان، گَڏھ جِھڙي گَت،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جي شينھن کان ڀڳا ھجن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن.(علامه علي خان ابڙو) جي شينھن کان ڀڳا ھجن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو شينهن کان (دم دٻائي) ڀڄن ٿا.(سيد فرمان علي) ڀڄن پيا شينهن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن (مولانا محمد مدني) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀڳا سي ڪِنهن ڀَٿ، هَنگامي ۽ هُل ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.(علامه تاج محمود امروٽي) پر انهن مان هرهڪ مڙس گهري ٿو ته ان کي (ڪنهن اجتماعي نظام بجاءِ انفرادي مفادن واسطي) چٽا ڪتاب (قانون) ڏنا وڃن.(علامه علي خان ابڙو) بلڪ انهن مان هر هڪ انسان چاهي ٿو ته ان کي کليل صحيفو (ڪتاب) ڏنو وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اصل ۾ هيءَ (ڳالھ) آهي ته انهن مان هر شخص جي هيءَ تمنا آهي ته کيس کليل (آسماني ڪتاب) عطا ڪيا وڃن.(سيد فرمان علي) بلڪ ارادو ڪري ٿو هر مرد انهن مان هي ته ڏنو وڃي دفتر کليل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر انهن مان هرهڪ مرد گهري ٿو ته ان کي کليل ڪتاب ڏنا وڃن. (مولانا محمد مدني) بلڪه انهن مان هر ماڻهو چاهي ٿو ته ان کي کليل (آسماني) صحيفا ڏنا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو گُھري، اُنهن مَنجھان، هَر مرد اِها مُراد، ته اُن کي، ٿيئٖي اِمداد، ڪو خط خُلاصو خير جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين ته هرگز نه ٿيندو اهو ان ڪري آهي جو هو (عارضي مفاد تي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ هميشه رهڻ واري) آخرت کان نٿا ڊڄن.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بلڪِ اهي آخرت جو خوف نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ائين ته هرگز نه ٿيندو. پر اهي ته آخرت کان ئي نه ٿا ڊڄن.(سيد فرمان علي) هرگز نه بلڪ نه ٿا ڊڄن آخرت کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ائين نه ٿيندو. پر اهي آخرت کان نه ٿا ڊڄن (ان ڪري قرآن نه ٿا ٻڌن) (مولانا محمد مدني) ائين نه ٿيندو. بلڪه اُهي آخرت کان نه ٿا ڊڄن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهو، آخِرت کان، بَلڪ نه ڊِڄن بيداد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پڪ ڄاڻو ته بيشڪ هي قرآن هڪ کليل نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ها! ها! بيشڪ هي (قرآن سراسر) نصيحت آهي.(سيد فرمان علي) هرگز نه بيشڪ اها نصيحت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) خبردار رهو بيشڪ قرآن هڪ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني) خبردار! بيشڪ اِهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ياداشت، يَقِين سان، جو گُھري، ته رکيس ياد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪو (هن زندگي ۽ آخرت ۾ چڱايون) گهري سو ان مان نصيحت وٺي (ان جي مطابق زندگي گذاري).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪو چاهي ان کان نصيحت وٺي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته جيڪو گهري سو ياد رکي.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪو گهري ته نصيحت حاصل ڪري ان کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جيڪو چاهي سو ان کي ياد رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ياد نه ڪَن اِرشاد، مَگر گُھري مُون ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهي تڏهن ئي نصيحت حاصل ڪري سگهندا جڏهن الله گهري (۽ الله گهرندو تڏهن جڏهن هو الله جي رضا ۽ مشيت گهرندا هجن) اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي (پاڻ کان ڊڄڻ وارن ۽ سندس قانون تي هلڻ وارن جون ڪوتاهيون) معاف ڪرڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نٿا نصيحت حاصل ڪن مگر الله تعالى جي گھُر سان اُن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ ان کي بخشش سونهي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ خدا جي ارادي کان سواءِ ته اهي ياد رکي نه ٿا سگهن. اهو ئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهو ئي) معاف ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه نصيحت وٺندا مگر هي ته گهري الله اهوئي ڊڄڻ جو اهل آهي ۽ مغفرت جو اهل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهي تڏهن ئي ياد رکندا جڏهن الله گهري. اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهوئي) معاف ڪرڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهي ياد نه رکندا مگر جڏهن الله گهري. اُهو ئي حقدار آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو ئي بخشش جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهوئـِي آهي سو، جِنهن کان ڪَنبڻ آهي ڪار، ۽ بيشڪ بَخشڻهار، مَرهڻ وارو مِهر سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |