القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡجِنِّ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1)

(اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول!) تون چئو ته، مون ڏي هن ڳالهه جو وحي ڪيو ويو آهي ته، جنن مان هڪ جماعت (مون کان قرآن پڙهندي) ٻڌو. پوءِ (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون ته، بيشڪ اسان عجب طرح جو قرآن ٻڌو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان پنهنجي امت کي ٻڌايو ته مون ڏانهن وحي موڪلي وئي آهي ته بيشڪ جنن مان هڪ جماعت قرآن ڪريم ٻڌو پوءِ انهن چيو بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ڪريم ٻڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول ماڻهن کي) ٻڌائي ته مون وٽ وحي آيو آهي ته جنن جي هڪ جماعت (قرآن کي) ڪن ڏئي ٻڌو ته چوڻ لڳا: اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.(سيد فرمان علي)


چؤ ته وحي ڪيو ويو آهي مون ڏانهن ته بيشڪ ڪن ڏئي قرآن ٻڌو جماعت هڪ جنن مان پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ٻڌو قرآن عجيب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ !) تون چئو ته مون ڏي هن ڳالهه جو وحي ڪيو ويو آهي ته جنن مان هڪ جماعت (مون کان قرآن پڙهندي) ٻڌو. پوءِ (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون ته بيشڪ اسان عجب طرح جو قرآن ٻڌو آهي (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) چؤ ته: مون ڏي وحي ڪئي وئي آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي تلاوت کي) ٻڌو پوءِ (پنهنجي قوم کي) چيائون: ”بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مون وٽ، اَڄ ڪو آئيو، واحِد جو وَحِي، ته جماعت جِنن مان، ٻُڌِي حَقِيقت هِي، چي، ڪَنِين عَجب قرآن کي، سُيئو سون صَحِي، نِهٖي پِهٖي پَهِي، چاڙهي چڱئَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2)

جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جو سڌي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو، ان ڪري اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسين (هاڻي) پنهنجي پاليندڙ سان (سندس عبادت ۽ فرمانبرداريءَ ۾) ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو هدايت ڏانهن رستو ڏيکاري ٿو پوءِ اسان ان تي ايمان آندو، ۽ اسين هرگز پنهنجي رب سان ڪنهن هڪڙي کي شريڪ نٿا ڪريون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو ڀلائي جي راھ ڏيکاري ٿو ۽ اسان ان تي ايمان آندو ۽ هاڻي ته اسين ڪنهن کي پنهنجي پالڻهار جو شريڪ نه بڻائينداسون.(سيد فرمان علي)


رهنمائي ڪري پيو هدايت ڏانهن پوءِ ايمان آندوسون ان تي ۽ هرگز شريڪ نه بنائينداسون پنهنجي رب سان ڪنهن هڪ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو سڌي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو ان ڪري اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسين پنهنجي پاليندڙ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون. (مولانا محمد مدني)


جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو سو اسان ان تي ايمان آندو آهي. ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ ڪونه ڪنداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ قَلبًا تِنهن قُرآن تي، آندوسون اِيمان، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ سِين سُبحان، هرگز نه پاڙيون هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3)

۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هي به بيان ڪيائون ته) اسان جي پاليندڙ جو شان مٿي آهي، (۽ مخلوق مان) نه ڪنهن کي (پنهنجي زال ۽ نه ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنايو اٿس.( ۽ اسان جو اهڙي قسم جو عقيدو وهم پرستي هئي، جنهن کان اسان توبهه ڪيون ٿا.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان جي رب جو شان نهايت اعليٰ آهي، پاڻ (رب ڪريم) گھر واري ۽ اولاد کي پسند نه ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته اسان جي پالڻهار جو تمام وڏو شان آهي. ان نه ته ڪنهن کي زال بڻايو ۽ نه پٽ (يا ڌيءُ).(سيد فرمان علي)


۽ تحقيق شان هي آهي ته مٿاهون ٿيو شان اسان جي رب جو نه رکيائين زال ۽ نه اولاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (بيان ڪيائون ته) اسان جي پاليندڙ جو شان مٿي آهي (جو) نه ڪنهن کي (پنهنجي) زال ۽ نه ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنايو اٿس. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان جي پالڻهار جو شان بلند آهي نه ان ڪنهن کي (پنهنجي) زال بنايو آهي نه اولاد“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آھِ اَسان جي رَبَّ جو، بيشڪ شان بلند، نه ڌارئـِين سانئـِڻ ڌُرڪنان، نه فرضِي ڪو فَرزند،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4)

۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان مان (ڪن) بيوقوف شخصن الله تي (اهڙي قسم جي) حد کان لنگهيل ڳالهه (پنهنجي ذهن مان گهڙي) مڙهي ڇڏي هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان مان ڪم عقل، الله تعالى لاءِ غلط ڳالهيون منسوب ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽هي ته اسان مان بيوقوف، خدا جي باري ۾ حد کان وڌيڪ بيهوديون ڳالهيون بڪيندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ تحقيق شان هي آهي ته چوندا هئا بي وقوف اسان مان الله تي ناجائز ڳالهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان مان بيوقوف شخص الله تي حد کان لنگهيل ڳالهه مڙهيندو هو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان مان ڪو بيوقوف الله جي باري ۾ خلافِ حق ڳالهيون ڪندو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَصل اسان ۾ ڀُوڪ وَڏو، لانگوٽيو لُنگ بَند، سو کَرِيَل، سِر خاوَند، هو ڪندو باطل باتيون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5)

۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان (جي سادگي ڏسو جو پهريائين هي) گمان ڪيو هو ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ ڪڏهن به نه چوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسين ڀانئيندا هئاسين ته انسان ۽ جن هرگز الله تعالى تي ڪوڙ نه هڻندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته اسان جو خيال هو ته آدمي يا جن خدا جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ ڪري ئي نٿا سگهن.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ اسان گمان ڪيو هو ته هرگز نه چوندا انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان خيال ڪيو هو ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ ڪڏهن به نه چوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته ”اسان سمجهيو هيو ته ناممڪن آهي جو ڪو انسان ۽ ڪو جِنُ الله جي باري ۾ ڪوڙي ڳالهه چوي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان اَوَس اِيئن ڀانيو، ته ماڻهو، يا ڀُوت بَندو، ڪَڏهن نه ڪُوڙ ڪندو، قادِر، ربَّ، ڪريم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6)

۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ماڻهن مان ڪيترا مرد جنن جي مردن وٽ اچي ڏسندا هئا، پوءِ انهن (ماڻهن) هنن (جنن) جي هيڪاري (وهم پرستي، بد دماغي ۽) سرڪشي وڌائي ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ انسانن مان ڪجھه مَرد، جِنن جي ڪجھه مَردن کان پناه گھرندا هئا، پوءِ انهن جي تڪبر ۾ واڌارو ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ هي ته آدمين مان ڪجھ ماڻهو جنن مان ڪن (جنن) جي پناھ وٺندا آهن ته ان کان سندن سرڪشي اڃان به وڌي وئي.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ هئا مرد انسانن مان پناهه وٺن پيا مردن سان جنن سان پوءِ وڌايائون انهن ۾ غرور .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان ڪيترا مرد جنن جي مردن جي پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن (ماڻهن) هنن (جنن) جي هيڪاري سرڪشي وڌائي ڇڏي (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”انسانن مان ڪجهه ماڻهو جِنن مان ڪن فردن جي پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن ماڻهن انهن جنن جي سرڪشي وڌائي ڇڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَصل اِنسانن مان، مَرد مَدارِي ڪِي، ڀُوتن مان ڪِن ڀاتيَن جي، هُئا سِرِڻ پَونداسي، پوءِ آڀاري اُنهن کي، وَڌِيڪ وَڌائون وِرَس ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7)

۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (انهن ماڻهن ۾ هيءُ) گمان عام ڪيو هو (ته اسان کي عرب ۾ پيغمبر نه اچڻ جي ائين ئي پڪ آهي) جيئن اوهان (جنن) گمان ڪيو آهي ته الله (هتي) ڪنهن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ انهن گمان ڪيو جيئنڪ توهان (مڪه وارن) گمان ڪيو ٿي ته هرگز الله تعالى ڪو پيغمبر نه موڪليو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته جيئن اوهان (جنن) جو گمان آهي تئين (ماڻهن جو به) هو ته خدا ڪنهن کي به ٻيهر نه جياريندو.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ انهن گمان ڪيو جيئن گمان ڪيو اوهان ته هرگز نه موڪليندو الله ڪنهن هڪ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن (ماڻهن) خيال ڪيو هو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو (مولانا محمد مدني)


۽ (”اي جنو!) انهن (انسانن به) اهو خيال ڪيو هيو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي رسول بنائي نه موڪليندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بِلڪل اُنهن اِيئن ڀانيو، جِيئن ڀورا! ڀانيا پاڻ، ته صاحِب سُرت سُڄاڻ، هرگز نه اُٿاري هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8)

۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان (اڳ وانگر مٿان جون خبرون لهڻ واسطي) آسمان کي جاچيو، پوءِ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن (محافظ فرشتن) ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان آسمان کي هٿ لاٿو پوءِ اسان ان کي سخت پهري ۽ شُعلن سان ڀريل ڏٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان آسمان کي جاچيو ۽ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اسان جاچڻ گهريو آسمان کي پوءِ لڌوسون ان کي ڀريو ويو چوڪيءَ سخت سان ۽ اُمڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته : ”اسان آسمان کي ڇُهيو پوءِ اسان ان کي سخت پهريدارن ۽ سخت شعلن سان ڀريل لڌو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان ڇُوتو اُڀ کي، مَٿاڇرو مُور، پوءِ پاتوسون اُن ۾، ڪو پَهرو زور ضرور، پڻ ڀَريو وِيو ڀَرپُور، اُماڙن سان اگ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9)

۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اڳي اسان جو طريقو هو ته) اسين آسمان جي (گهڻن) رستن تي (ملائڪن جي ڳالهه ٻولهه) ٻڌڻ لاءِ ويندا هئاسون، پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسين انهيءَ ۾ خاص جاين تي (رازن ٻُڌڻ لاءِ) ويهندا هئاسين، پوءِ جيڪو جِنّ (هاڻي) ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو پنهنجي پويان ٻرندڙ شعلو لهي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن ئي) رستن تي (غيب) ٻڌڻ لاءِ وهندا هئاسون پر هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ اسين ويٺاسين ٿي ان مان جاين ۾ ٻڌڻ لاءِ پوءِ جيڪو ڪن ڏئي ٻڌندو هينئر ته لهندو پنهنجي لاءِ اُمڙ انتظار ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن) رستن تي ٻڌڻ لاءِ ويهندا هئاسون پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته : ”اڳي اسان (آسماني غيبي) خبرن ٻڌڻ لاءِ ڪن جاين تي وڃي ويهندا هئاسين مگر هاڻي جو به ڪَنُ لڳائي ٿو ته اهو هڪ شعلي کي پنهنجي تاڙ ۾ لهي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وِهنداهُئاسُون ويهڻيون جَھلي، سَنديون سُڻن اُت، پوءِ هَلٖي ٻُڌڻ ٻوليون، هاڻي جيڪو هُت، بيشڪ اَندر بُت، سو لوڙٖي لُونها آڳ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10)

۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسين نٿا ڄاڻون ته (هن نئين پيغمبرﷺ جي اچڻ سان) زمين وارن کي تڪليف ڏيڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پاليندڙ انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسين نٿا ڄاڻون ته ڇا زمين ۾ شر جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن رب هدايت جو ارادو فرمايو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته اسين نه ٿا سمجهون ته زمين وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اسين نه ٿا ڄاڻون ته ڇا برائي جو ارادو ڪيو ويو زمين وارن سان يا ارادو ڪيو انهن سان سندن رب هدايت جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين نه ٿا ڄاڻون ته زمين وارن سان بڇڙائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پاليندڙ انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان نه ٿا ڄاڻون ته (اسان کي روڪڻ سان) جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن تن سان ڪنهن برائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن سان ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَچ ته سَمِجھي نه سَگھون، اَسِين هِي اسرار، ته سُورن جو سِٽيو وِيو، ڀُون وارن تي بار، يا هِدايت حَقّ پار، سائـِينءَ سِٽِي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11)

۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان مان (پهريان به) ڪي نيڪ (ٿيندا آيا) آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا (به ٿيندا آيا) آهن، ڇو ته اسين مختلف طريقن تي آهيون. (ان ڪري ظاهر آهي ته نيڪن کي واٽ ملندي ۽ خطاڪارن کي تڪليف ملندي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ ڪي اسان مان صالح آهن ۽ ڪي اسان مان صالح ناهن، اسان جا مختلف مَسلڪ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته اسان مان ڪي چڱا (جن) آهن ته ڪي اسان مان ٻيءَ طرح جا آهن ڇو ته اسين (به) جدا جدا طريقن تي آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ اسان مان ڪي صالح آهن ۽اسان مان ڪجهه ان کان سواءِ آهن هئاسون رستا مختلف .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان مان ڪي چڱا آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسين مختلف طريقن تي آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسان مختلف طريقن تي آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، سَچ پَچ صالِح نيڪ، سَوِين ٻَئاتِن سوا، هَچارا هر هيڪ، آهيون قِسم اَنيڪ، ڌارو ڌار ڌَرمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12)

۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان هي (چڱيءَ طرح) سمجهي ورتو آهي ته، اسين الله (جي سگهاري ذات) کي زمين (جي ڪنهن به حصي) ۾ ڪڏهن بي شڪست ڏئي نه سگهنداسون ۽ نه ڪي (ڌرتيءَ مان) ڀڄي ڪڏهن ان کي ٿڪائي سگهنداسون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان کي يقين آهي ته اسين زمين ۾ الله تعالى جي ڪنٽرول کان ٻاهر ناهيون ۽ اسين ڀڄي سندس ڪنٽرول کان هرگز ٻاهر نٿا ٿيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي عاجز ڪري سگهنداسون.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ گمان ڪيو هو اسان هي ته هرگز عاجز نه ڪنداسون الله کي زمين ۾ ۽ هرگز عاجز نه ڪنداسون ان کي ڀڄڻ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نه ڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي ٿڪائي سگهنداسون. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان هي يقين ڪيو آهي ته اسان زمين ۾ (رهي ڪري) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي (زمين کان) ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وِيچاري وُجود ۾، ڪَئـِي سُون پُورِي پَڪ، ته مَهٽيون نه مالِڪ کي، ڀُون ۾ بَلاشڪ، نه ڪِي لَتاڙي لَڪ، ڀُڃون کيسِ ڀُڄڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13)

۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان جڏهن (هدايت جي) رستي تي هلڻ جي ڳالهه ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ تي (اسان وانگر) ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان (رسڻ) کان ۽ نه ڪنهن ظلم ۽ زيادتي کان ڊڄندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان جڏهن قرآن ڪريم ٻُڌو ته اسان ان تي ايمان آندو، پوءِ جيڪو پنهنجي رب تي ايمان آڻي ٿو پوءِ اهو نقصان ۽ زيادتي جو خوف نه ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان جڏهن سڌي راھ تي هلڻ جي ڳالھ ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ اسان جڏهن ٻڌو هدايت کي ته ايمان آندوسون ان تي پوءِ جيڪو ايمان آڻيندو پنهنجي رب تي پوءِ نه ڊپ ڪندو ڪنهن ڪميءَ جو ۽ نه زيادتيءَ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان جڏهن رستي تي هلڻ جي ڳالهه ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته: ”اسان جڏهن هدايت جي ڳالهه ٻڌي ته اسان ان تي ايمان آندو. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان خوفزده ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ حُڪم هِدايت جو، سُئو سُون صَحِي، وِيا لُڙ لَهِي، حَق ڄاتو سون هيڪڙو. پوءِ پَنهنجي پالڻهار تي، آڻي جو اِيمان، پوءِ سَندو ظُلم زِيان، سو ڀَئو ڀانئي ڪو نه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14)

۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن ڪري) اسان مان ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي فرمانبردار (ٿي چڪا) آهن ۽ ڪجهه (اهڙا آهن جيڪي بدستور) بي واٽا آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان مان ڪجھه مسلمان آهن ڪجھه اسان مان ظالم آهن، پوءِ جنهن اسلام آندو پوءِ انهن هدايت ڳولهي لڌي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته اسان مان ڪجھ فرمانبردار آهن ۽ ڪي اسان مان نافرمان آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو. (سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اسان مان ڪي مسلمان آهن ۽ اسان مان ڪي ظالم آهن پوءِ جنهن اسلام قبول ڪيو پوءِ انهن طلب ڪئي هدايت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان مان ڪجهه فرمانبردار آهن ۽ اسان مان ڪجهه بي انصاف آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته : ”اسان مان ڪي فرمانبردار آهن ته اسان مان ڪي ظالم آهن. پوءِ جيڪو فرمانبردار ٿيو انهن سڌو رستو ڳولي ورتو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، مُؤمن سَچا صاف، پڻ اَسان مان آهِينِ ڪِي، بلڪل بي اِنصاف، پوءِ آيو جو اِسلام تي، ڇَڏي خَلل خِلاف، پوءِ اِهڙا جِن اوصاف، تِن سُوچِيو سَنئينءَ واٽ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15)

۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (سرڪش ۽ ڪنڌ ڪڍائيندڙ) بي انصاف جهنم جو ٻارڻ بڻبا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پر ظالم پوءِ اهي جهنم جو ٻارڻ ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نافرمان دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا. (سيد فرمان علي)


۽ پر ظالم پوءِ بنجندا جهنم جو ٻارڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بي انصاف جهنم جون ڪاٺيون ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ظالم آهن سي جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڪي ڏاڍا ڏيھ ۾، اُهي ڪاٺيون هاوِي هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16)

۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي رسول!) جيڪڏهن (هي مڪي وارا) ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسين کين گهڻو سيراب ڪيون ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان فرمايو ته مون ڏانهن وحي موڪلي وئي ته جيڪڏهن اُهي دينِ اسلام تي قائم رهيا ته اسين انهن کي گھڻي مقدار ۾ پاڻي پيارينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! چوين) ته جيڪڏهن اهي ماڻهو سڌي راھ تي هلن ها ته اسين ضرور کين گهڻي پاڻيءَ سان سيراب ڪريون ها.(سيد فرمان علي)


۽ هي ته جيڪڏهن استقامت ڪن ها حق جي واٽ تي ته البته پياريون ها انهن کي پاڻي گهڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي رسولﷺ!) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسين کين گهڻو پاڻي پياريون ها (مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي چؤ مون تي وحي ڪئي وئي آهي ته) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسان انهن کي گهڻي پاڻي سان سيراب ڪيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪي وَهِين واٽ تي، بِيٺا بَرقرار، تِنِين کي تڪرار، اَسان پَلر پوڄ پِياريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17)

ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هن لاءِ) ته ان ۾ سندن امتحان ڪريون ۽ جيڪو به پنهنجي پاليندڙ جي (پالڻهاريءَ واري) يادگيريءَ کان منهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته اسين انهن کي انهيءَ ۾ آزمايون، ۽ جيڪو الله جي ذڪر کان پاسو ڪري ٿو الله ان کي سخت عذاب ۾ داخل ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جيئن ان سان سندن آزمائش ڪريون ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي ياد کان منهن موڙيندو ته کيس سخت عذاب ۾ ڌڪي ڇڏيندو.(سيد فرمان علي)


تانته آزمايون انهن کي ان ۾ ۽ جيڪو منهن موڙيندو پنهنجي رب جي ذڪر کان ته داخل ڪندو ان کي سخت عذاب ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هن لاءِ) ته ان ۾ سندن امتحان ڪريون ۽ جيڪو به پاليندڙ جي يادگيريءَ کان منهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته ان (نعمت) ۾ اسان انهن جو امتحان ڪيون. ۽ جيڪو به پنهنجي پالڻهار جي ذڪر کان مُنهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ مبتلا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان پرکيونِ اَسين پَر ۾، پَسونِ سَندنِ پير، ته سَندنِ سائـِين پاڪ کان، مُنهن موڙي ٿو ڪير؟، تِنهن وِلهي کي ڪنهن وير، ڪاهٖي هَڻندو ڪاھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18)

۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون سڀ جايون (اطاعت ۽ سجدا) الله جي (عبادت) لاءِ آهن، پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ مسجدون الله تعالى جون آهن پوءِ توهان (اي انسانو ۽ جِنو) الله سان گڏ ڪنهنجي عبادت نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته مسجدون خاص خدا جون ئي آهن پوءِ اوهين خدا سان ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪجو.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ مسجدون الله جون آهن پوءِ نه عبادت ڪيو الله سان گڏ ڪنهن هڪ جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون جايون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي ته بيشڪ مسجدون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ توهان الله سان گڏ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پاڪ مِڙوئـِي مسجدون، آهِن اَلله ڪاڻ، پوءِ سَڏ ۾ سائـِينءَ ساڻ، هرگز نه گَڏيو هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19)

۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمدﷺ ڳالهه لاءِ اٿي) بيٺو ته، الله کي سڏي (۽ ان جي دعوت ماڻهن کي ڏئي) ته اهي (ڪافر) مٿس انبوهه ڪري ڪرڻ تي هئا (جيئن چٻجي وڃي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ جڏهن رسولِ عربي (ان ۾) الله جي عبادت لاءِ بيٺا ته جِنّ ٽولا ٺاهي پاڻ ڪريمن جي قريب بيٺا (سندن عبادت کي ڏسڻ لاءِ)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ته جڏهن خدا جو عبد (محمد) سندس عبادت لاءِ بيهي ٿو ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪرن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ تحقيق شان هي آهي ته جڏهن بيٺو الله جو ٻانهو عبادت ڪري پيو ان جي ته ويجها ٿيا جو هجن ان تي ڳاٽ ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن الله جو ٻانهون بيٺو ته الله کي سڏي ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪِرڻ تي هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمد ڪريم ﷺ) ان جي عبادت ڪرڻ بيٺو پوءِ قريب هو جو اُهي (جن ۽ انسان) ان تي انبوهه ڪري مِڙي وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُٿيو جَڏهن اَلله جو، بَندو بي قُصور، ٻاڏائيسِ ٻاجھ لئي، حاضِر مَنجھ حُضور، ته مُوڙهل ميڙا مُور، هُوندا آهن اُن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20)

چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول!) چئو ته، آئون رڳو پنهنجي پاليندڙ کي سڏيان ٿو، (ماڻهن کي ان جي دعوت ڏيان ٿو) ۽ ڪنهن کي به ان (جي ذات ۽ قانونن) سان شريڪ نٿو ڪريان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ته پنهنجي رب جي عبادت ڪريان ٿو ۽ آئون ان سان ڪنهنکي شريڪ نٿو ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته آءُ ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ان جو ڪنهين کي شريڪ نه ٿو ڪريان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته آءُ رڳو عبادت ڪيان ٿو پنهنجي رب جي ۽ نه ٿو شريڪ ڪيان ان سان ڪنهن هڪ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ!) چئو ته آءُ رڳوپنهنجي پاليندڙ کي سڏيان ٿو ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ٿو ڪريان. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”آءٌ صرف پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيان ٿو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو آئون سَندمِ سائـِينءَ کي، ٿو پُڪاريان پاڻ، ۽ سَندمِ سائـِين ساڻ، هرگز نه پاڙيان هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21)

چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول!) چئو ته، آئون نه اوهان کي ڪنهن نقصان پهچائڻ (جو اختيار رکان ٿو) ۽ نه رستي تي آڻڻ (يا ڀلائي رسائڻ) جو اختيار رکان ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ آئون توهان لاءِ ڪنهن نقصان ۽ هدايت جو مالڪ ناهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هي به) چوين ته آءُ ته اوهان جي باري ۾ نه برائي جو اختيار رکان ٿو ۽ نه ڀلائيءَ جو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بلاشڪ مان نه ٿو مالڪ ٿيان اوهان جي لاءِ نقصان جو ۽ نه هدايت جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ!) چئو ته آءُ نه اوهان کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه رستي تي آڻڻ جو اختيار رکان ٿو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”آءٌ اوهان جي لاءِ نه ته نقصان جو مالڪ آهيان ۽ نه ڀلائي جو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مُون نه بَچائي مُورهِين، ڪو هاوِي ڪنان هِڪ، پڻ نه لَهندسِ لِڪ، اوڀَرِي ڪا، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22)

چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول!) چئو ته، (ٻين کي ڀلائي رسائڻ ته پنهنجي ماڳ، پر منهنجي پنهنجي حالت هيءَ آهي جو) بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو ۽ نه ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس. (ان ڪري خدا جي قانونن تي هلڻ کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ ڪوبه مون کي الله تعالى کان هرگز بچائي نٿو سگھي ۽ هرگز آئون ان کان سواءِ ڪا پناه نٿو لهان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هي به) چوين ته مون کي خدا (جي عذاب) کان ڪو به پناھ ڏئي نه ٿو سگهي ۽ نه آءُ ان کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ ڏسان ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ بلاشڪ مان هرگز نه بچائيندو مون کي الله کان ڪو هڪڙو ۽ هرگز نه لهندس مان ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ !) چئو ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو ۽ نه ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس،” (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”بيشڪ مون کي الله کان ڪوبه نه بچائي سگھندو ۽ نه آءٌ ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مُون نه بَچائي مُورهِين، ڪوهاوِي ڪنان هِڪ، پڻ نه لَهندسِ لِڪ، اورڀَرِي ڪا، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23)

مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر الله جي طرفان (مون کي خبر) پهچائڻي آهي ۽ سندس پيغام پهچائڻا آهن. (سو ڪيان پيو) ۽ جيڪي الله (جي نظام) ۽ سندس رسول (پاران ان نظام کي ڏنل شڪل) جي نافرماني ڪندا تن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باهه آهي. جنهن ۾ سدائين رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


مگر الله تعالى جي تبليغ ۽ رسالت جو ذمون مون تي آهي، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم جي باه آهي ان ۾ هميشه هميشه رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا جي طرفان (حڪمن جو) پهچائڻ ۽ سندس پيغامن کي ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪري نه ٿو سگهان ۽ جنهن خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪئي ته ان لاءِ يقينا دوزخ جي باھ آهي جنهن ۾ اهو سدائين پيو رهندو.(سيد فرمان علي)


مگر خبر ڏيڻ الله جي طرفان ۽ ان جا پيغام پهچائڻ ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي پوءِ بلاشڪ ان جي لاءِ جنهم جي باهه آهي هميشہ رهندڙ هوندا ان ۾ دائمي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر الله جي طرفان (مون کي خبر) پهچائڻي آهي ۽ سندس پيغام پهچائڻا آهن. ۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندا تن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باهه آهي، جنهن ۾ سدائين رهندا. (مولانا محمد مدني)


منهنجو ڪم ان کان سواءِ ڪجھه نه آهي الله جي ڳالهه ۽ ان جا احڪام پهچايان. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم جي باهه آهي ۽ اُهي ان ۾ سدائين رهندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر مالِڪ پاڪ جا، پُهچون ۽ پيغام، ۽ حُڪم رَبَّ ۽ رَسُول جا، ڀَڃن جي بَدنام، پوءِ اُن لئي آگ جَھَنّم جِي، مَنجھسِ پاڻ مُدام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24)

(ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول!) اهي غفلت ۾ آهن ته هنن جو تعداد به ٿورو آهي ۽ حمايت به ڪمزور اٿن) نيٺ جڏهن ان (تباهي ۽ عذاب) کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن سگهوئي ڄاڻندا ته ڪنهن جا مددگار زياده ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ايستائين جو جڏهن اهي ان کي ڏسندا جن جو کين وعدو ڏنو ويو، پوءِ اهي جلد معلوم ڪندا ته وڌيڪ ضعيف مددگار ڪنهنجا هوندا ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ مددگار ڪنهنجا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نيٺ جڏهن ان کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو تڏهن سگهو ئي ڄاڻندا ته مددگار جي حيثيت سان ڪير ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي.(سيد فرمان علي)


تانجو جڏهن ڏسندا اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا پوءِ جلد ڄاڻندا ته ڪير آهي وڌيڪ هيڻو مددگار جي لحاظ سان ۽ گهڻو ٿورو عدد جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ! اهي غفلت ۾ رهندا) نيٺ جڏهن ان کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو تڏهن سگهوئي ڄاڻندا ته ڪنهن جا مددگار زياده ڪمزور آهن ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي (مولانا محمد مدني)


(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن اُهو (عذابِ الاهي) ڏسندا جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو پيو وڃي پوءِ جلدي ڄاڻي وٺندا ڪنهن جا مددگار ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جي جماعت گهٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان جِنهن جو اَٿنِ اَنجام، اَکيَن ڏِسنِ اُن کي. پوءِ سِگھوئـِي سمجھندا، اُهو اَڀرو آهي ڪير؟، وِيئت واهِر وير، پڻ سُڃو سَمر ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25)

(کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي رسول! هي توکان پڇن ٿا ته اهو عذاب ايندو ڪڏهن؟) چئو ته، آئون نٿو ڄاڻان ته جنهن (تباهي ۽ عذاب) جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو ويجهو آهي يا منهنجو پاليندڙ ان لاءِ ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته آئون نٿو ڄاڻان ته قيامت قريب آهي يا ان کي منهنجو رب ڪجھه مهلت ڏيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته آءُ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن ڏينهن جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو (الائي) ويجهو آهي يا منهنجو پروردگار ان جي مدت وڌائي ڇڏي آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته مان نه ٿو ڄاڻان ته ڇا ويجهو آهي اهو جو وعدو ڏنا وڃو ٿا يا ڪندو ان جي لاءِ منهنجو رب مدت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسولﷺ!) چئو ته آءُ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو (الائي) ويجهو آهي يا منهنجو پاليندڙ ان لاءِ ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي اُها ويجهڙي آهي يا ان جي لاءِ منهنجي پالڻهار ڊگهو عرصو مقرر ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چؤ آئون نه ٻُجھان اِن ڳالھ مان، ته اوڏِي آھِ قِيام، ڏِنو وَڃي جِنهن ڏينهن جو، اوهان کي اَنجام، يا سانيـَمِ سُهڻي نام، ڪادير ڌَرِيندو اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26)

(اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي به واقف نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى غيب جون خبرون ڄاڻندڙ آهي پوءِ اهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نٿو ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهو) ڳجھ جو ڄاڻندڙ آهي جو پنهنجي ڳجھ کان ڪنهن هڪڙي کي (به) واقف نه ٿو ڪري.(سيد فرمان علي)


غيب جو ڄاڻندڙ پوءِ نه ٿو واقف ڪري پنهنجي غيب تي ڪنهن هڪ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي واقف نه ٿو ڪري (مولانا محمد مدني)


ڳجهه جو ڄاڻڻ وارو (الله) آهي پوءِ اُهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي عالِم غيب جو، عيان مَٿسِ اِسرار، پوءِ ڪري نَه پَنهنجي ڳُجھ کان، ڪِنهن هِڪڙي کي هوشيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27)

سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جنهن رسول کي چونڊيائين ته (پوءِ ان کي مستقبل جي متعلق بقدر ضرورت وحي جي ذريعي ٻڌائيندو آهي ۽) ان (جي وحي) جي اڳيان ۽ پويان (به) چوڪيدار (ملائڪ) هلائي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي، پوءِ بيشڪ ان جي اڳيان ۽ پويان (ملائڪن جو) سخت پَهرو مقرر ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جنهن رسول کي پسند ڪيائين ته ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (به) چوڪيدار (فرشتا) مقرر فرمائي ڇڏي ٿو.(سيد فرمان علي)


مگر جنهن رسول کان راضي ٿيو پوءِ بلاشڪ اهو ٿو مقرر ڪري اڳيان ان جي ۽ پويان ان جي نگهباني ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جنهن رسول کي پسند ڪيائين ته ان جي اڳيان ۽ ان جي پويان (به) چوڪيدار (ملائڪ) هلائي ٿو (مولانا محمد مدني)


سواءِ ان رسول جي جنهن کي ان (غيب جي علم ڏيڻ لاءِ) پسند ڪيو. پوءِ بيشڪ اهو ان (رسول) جي اڳيان ۽ پويان پهريدار مقرر ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر جِنهن مُرسل کان، ٿيو راضِي رَبُّ سَتار، پوءِ اَڳيان، پويان اُن جي، چوڏِس چوڪِيدار، بيشڪ ڀيڙا موڪلي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28)

(ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(رسولن کي به بقدر ضرورت ٻڌائي ٿو، هن لاءِ ته هو عملي طرح) ڄاڻن ته بيشڪ انهن (رسولن) پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا آهن. هوڏانهن جيڪي به وٽن آهي تنهن جي (حفاظت ۾ رهڻ جي) ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شيء جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. (علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته ظاهر ٿئي ته بيشڪ ان پيغمبر پنهنجي رب جا احڪام پهچايا ۽ ان جي علم ۾ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو انهن وٽ آهي ۽ ان کي هر شيءِ جو تعداد معلوم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هن لاءِ) ته ڄاڻي ته انهن پنهنجي پروردگار جا پيغام پهچايا آهن ۽ هونئن ته جيڪي وٽن آهن تنهن جي ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.(سيد فرمان علي)


تانته ڄاڻي ته تحقيق پهچايائون پنهنجي رب جي پيغامن کي ۽ گهيري ۾ رکيائين ان کي جيڪو وٽن آهي ۽ ڳڻي رکيائين هر شيءِ جي عدد کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هن لاءِ) ته ڄاڻي ته بيشڪ انهن (رسولن) پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا آهن هوڏانهن جيڪي وٽن آهي تنهن جي ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀڪنهن شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته اهو ڄاڻي جو انهن پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيا آهن ان جي علم ۾ آهي جو ڪجهه به انهن وٽ آهي ۽ ان هر شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان ڄاڻي ڄاڻڻهار، ته زير، زبر، پيش سان، نيئـِي پُهچايون پار، نياپا نِبار، پنهنجي پَروَر پاڪ جا. ۽ هادِي سَندنِ حال، پورِي رِيت پَرُوڙيو، ۽ سارِي سَڀ ڪا ڳالھ، ڪَيائـِين بَند بَياض ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017