القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ نُوۡحٍ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1)

بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغام رسائيندڙ ڪري) موڪليو، ته تون پنهنجيءَ قوم کي (سندن غلط ڪارين جي نتيجي ۾) مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي (ان جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار!(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ ۾ جو انهن تي دردناڪ عذاب اچي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار!(سيد فرمان علي)


بيشڪ اسان موڪليو نوح کي ان جي قوم ڏانهن ته ڊيڄار پنهنجي قوم کي ان کان اڳي جو اچي انهن وٽ عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجيءَ قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان وڃي ڊيڄار! (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ جو انهن کي دردناڪ عذاب اچي پهچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نُوح سَندسِ نيات ڏي، پَڪ مُڪو سون پاڻ، ته ڪامِل! پَنهنجِي قوم کي، پُهچائي پرياڻ، اِنهيان اڳ اڳواڻ!، ته اَچينِ سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2)

چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


ان (کين) چيو ته، اي منهنجي قوم! (توهان جون غلط ڪاريون، توهان کي تباهيءَ جي طرف وٺي وڃي رهيون آهن) بيشڪ آئون اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) نوح فرمايو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (رسول) آهيان.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اي منهنجي قوم! بيشڪ مان اوهان لاءِ ڊيڄاريندڙ پڌرو آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان (مولانا محمد مدني)


(نوح) چيو: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (نبي) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَراڻيو وَريام، ته اي نِماڻِي نيات! مون، آئون اَوهان لئي آهيان، اِطلاع ڏِيندڙ عام، پَڌرا پَرئـِين پارجا، پُهچائـِيندڙ پيغام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3)

ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جيڪڏهن اوهان ان تباهيءَ کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ) الله جي عبادت ڪريو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪيو (۽ سندس فرمانبرداريءَ جا جيڪي قانون ۽ حڪم مان عمل ۾ آڻيان ٿو تنهن ۾) منهنجي اطاعت ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ توهان اُن کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي اطاعت ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ ان (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.(سيد فرمان علي)


ته عبادت ڪيو الله جي ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو، (مولانا محمد مدني)


ته توهان الله جي عبادت ڪيو، ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته پُوڄيو پَروَر پاڪ کي، پڻ تِنهن کان ڊِڄو تمام، پڻ ڪريو مُنهنجِي ڪَمن ۾، مُتابعت مُدام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4)

ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اوهان ائين ڪيو ته الله) اوهان جا (پويان) گناه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي (صحيح واٽ تي هلڻ جي) مقرر وقت تائين مهلت ڏئي (۽ تباهي کان محفوظ رکي) جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته پوءَ هلاڪت لاءِ) الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن (اوهان الله جي مڪافات واري نظام ۽ قانون کي) ڄاڻو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اهو توهان لاءِ توهان جا ڪجھه گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر مدي (موت) تائين مهلت ڏيندو، بيشڪ الله جو اجل (موت) جڏهن ايندو (ته ان کي) پوئتي نٿو ڪيو وڃي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته خدا جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا.(سيد فرمان علي)


ته بخش ڪندو اوهان کي اوهان جا گناهه ۽ مهلت ڏيندو اوهان کي مدي مقرر تائين بيشڪ الله جو مدو جڏهن ايندو ته نه پوئتي ڪيو ويندو جيڪڏهن ڄاڻو ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته اوهان جا گناهه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا. (مولانا محمد مدني)


ته اُهو توهان جا گناهه بخشي ڇڏيندو ۽ توهان کي مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏيندو. بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن اچي ٿو ته پوئتي نه ٿو ڪيو وڃي، هائو جي توهان ڄاڻو ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته کمٖي خطائون اَهنجو، آگو، رَبَّ عَلام، ۽ تان عمر جي اَنجام، مُهلت ڏِينيان مِهر سان. آيو اَللهَ پاڪ جو، وقت ٻَڌل جِنهن وير، دَم نه ٿئٖي پوءِ دير، جيڪي جاچيو ڳالھ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5)

(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(نوح) چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ڏينهن (دين جي) دعوت ڏني(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(جڏهن ماڻهن نه مڃيو ته) عرض ڪيائين خداوندا! آءُ پنهنجي قوم کي (ايمان ڏي) رات ڏينهن سڏيندو رهيس.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ مون سڏيو پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(نوح) چيو ته اي منهجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو (مولانا محمد مدني)


(نوح ) چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، سَچ پَچ سَڏيَمِ نيات کي، ڏاتر! ڏِينهان، رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6)

پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زياده ڀڄڻ لڳا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ منهنجي سڏڻ تي اُهي فرار ٿيڻ لڳا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر منهنجي سڏڻ تي هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه وڌايائين انهن کي منهنجي سڏڻ مگر ٽهڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ منهنجي سڏڻ تي هيڪاري زيادهه ڀڄڻ لڳا. (مولانا محمد مدني)


پر منهنجي سڏڻ انهن جي لاءِ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪجهه نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ري ڀَڄڻ، مُنهنجِي بات، وار نه وڌايو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7)

۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته جيئن تون انهن کي (سندن ايمان ۽ عاجزيءَ تي) معاف ڪرين ته انهن (ٽرڙائپ ۽ سرڪشيءَ وچان) پهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون (تان ته حق جي ڳالهه ٻڌن ئي نه) ۽ (حقارت وچان منهن لڪائڻ ۽ نه ڏسڻ لاءِ) پنهنجي ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (پنهنجا انڪار تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ مون جڏهن به اُنهن کي سڏيو ان لاءِ ته تون اُنهن کي بخشين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪيا ۽ (اهي پنهنجي) ڪفر تي قائم رهيا ۽ انهن تمام گھڻي تڪبر ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ (مون کان لڪڻ لاءِ) پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهي ڇڏيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٿ ڪيائون.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ مون جڏهن به سڏيوانهن کي تانته انهن کي بخش ڪرين ته (داخل) ڪيائون پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ ۽ ويڙهيائون ڪپڙا پنهنجا ۽ ضد ڪيائون ۽ تڪبر ڪيائون گهڻو تڪبر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن جي بخشش ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پنهنجي مٿان ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) ضد ڪيائون ۽ زور وڏي وڏائي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سچ ته، سَڏيَمِ اُنهن کي، جَڏهن به، جھڙي وار، تان مَرهِينِ تون مِهر سان، اي ڏيهن جا ڏاتار!، ته ڪيائون ڪَنن ۾ آڱريون، تان ٻُڌن ڪِين ٻِيهار، ۽ ڍاريون پنهنجا پارچا، پڻ اُڀا مٿي اِنڪار، ۽ پيا خُودِي مَنجھ خُوار، لڳا پَڏائـِڻ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8)

وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري (بي) بيشڪ مون کين وڏي واڪي سڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي ظاهر بظهور سڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (به) مون کين ڏاڍيان سڏيو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بلاشڪ مون انهن کي سڏيو وڏي آواز سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري (به) بيشڪ مون کين ڏاڍيان سڏيو، (مولانا محمد مدني)


وري مون انهن کي بلند آواز ۾ دعوت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَڏي واڪي اُنهن کي، موٽِي چَيمِ مَذڪور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9)

وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري مون کين چٽو پڌرو به چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (مطلب ته نصيحت جو ڪو طريقو نه ڇڏيم.)(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي علي الاعلان سڏيو ۽ تمام مخفي انداز سان به مون انهن کي سڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري مون کين ظاهر ظهور چيو ۽ تمام گهجھيءَ طرح (به) کين چيو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بيشڪ مون کلي چيو مون انهن کي ۽ گهڻو ماٺ مٺ ۾ سمجهايو انهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري مون کين ظاهر ظهور چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (مولانا محمد مدني)


وري بيشڪ مون انهن کي ظاهر ظهور چيو ۽ انهن کي ڳجهي طرح رازدارانه انداز ۾ سمجهايم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي به اِعلان اُنهن کي، ظاهِر ڪَيَمِ ضرور، پڻ مون ڪِيَنِ، ڪي مُور، نرمئَ ساڻ نَصِيحتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10)

پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ کين چيم ته، (توهان جون غلط ڪاريون توهان لاءِ تباهي آڻينديون سو) پنهنجي پاليندڙ (جي قانونن تي هلي ان) کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ مون چيو توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ اهو هميشه گناه بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ مون انهن کي چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو بخشڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيو مون ته مغفرت گهرو پنهنجي رب کان بيشڪ اهو آهي بخشڻهار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ چيم ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي، (مولانا محمد مدني)


پوءِ مون کين چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو. بيشڪ اُهو معافي ڏيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ چَيمِ ته، پَنهنجي رَبّ کان، بَخشايو بَحال، سَچ ته سَدائـِين آھِ سو، ڀَلو ڪندڙ ڀَال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11)

ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته اوهان تي (راضي ٿي اهڙو برڪت ڀريو) جهجهو مينهن وسائي، (جو توهان جون بنجر زمينون آباد ٿي وڃن).(علامه علي خان ابڙو)


اهو الله توهان تي مسلسل (فائديمند) بارش موڪليندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اوهان تي آسمان مان گهڻو مينهن وسائي.(سيد فرمان علي)


موڪليندو آسمان کان اوهان تي برسات .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته اوهان تي گهڻو مينهن وسائي، (مولانا محمد مدني)


توهان تي وڏ ڦڙي زوردار بارش برسائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته مَٿان اوهان تي موڪلي، نارو نار نِهال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12)

۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي، اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ (انهن جي سيرابيءَ واسطي) اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (جڏهن معاشرو خدا جي قانونن تي هلندو ته، ان جي سهڻي انتظام سان هر قسم جون سهولتون ٿينديون.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان جي مدد ڪندو مالن ۽ پُٽن سان ۽ توهان لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ توهان لاءِ نهرون وهائيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان کي مال ۽ اولاد گهڻو ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ (بستان) بڻائي ۽ اوهان لاءِ نهرون جاري ڪري.(سيد فرمان علي)


۽ مدد ڪندو اوهان جي مالن سان ۽ پٽن سان ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ باغ ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ نهرون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ بنائي، ۽ اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (مولانا محمد مدني)


۽ مالن ۽ پُٽن جي ذريعي اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان لاءِ باغ بنائيندو ۽ اوهان لاءِ نهرون وهائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ ڏئـِي اوهان کي ڏيھ ڌڻي، مَدد پُٽ ۽ مال، پڻ آن لئي باغ بَهار، ڪَئـِين جوڙي جَلّ جَلال، پڻ جارِي ڪري جال، نال اوهان جي ناليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13)

اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مان حيران آهيان جو اوهان الله جي وجود کي به مڃيو ٿا، پر) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي عظمت ۽ بزرگيءَ جو ويساه نٿا رکو. (۽ ان جي قانونن تي نٿا هلو.)(علامه علي خان ابڙو)


توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله ۾ عِزَّتَ جي اميد نٿا رکو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا جي عظمت جو ذرو به ويساھ نه ٿا رکو.(سيد فرمان علي)


ڇا ٿيو آهي اوهان کي جو نه ٿا اميد رکو الله وٽ عزت جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي بزرگيءَ جو ويساهه نه ٿا رکو؟ (مولانا محمد مدني)


توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي عظمت جو ويساهه نه ٿا رکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اوهان سان اَڄاڻ! ڪُوڪٽ آهي ڪِهرو؟ ته رکو نَه عِزَّت جو آسرو، قادِر مُطلق ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14)

حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


هوڏانهن (ڏسو ته ڪيئن تخليق جا مختلف مرحلا طئه ڪندي) اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.(علامه علي خان ابڙو)


حالانڪ تحقيق ان توهان کي ڪيترن مرحلن ۾ تخليق فرمايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.(سيد فرمان علي)


حالانڪ تحقيق پيدا فرمايائين اوهان کي طرح طرح سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه ان توهان کي طرح بطرح پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ طرحِين ترتِيبن ساڻ، جنهن آن کي، جوڙي راس ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15)

نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اوهين نٿا ڏسو ته، الله ڪيئن (ستن سيارن وانگر) ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟ (۽ اهي سيارا به ان جي مقرر قانونن ۽ نظام تي ڪائنات لاءِ محڪم مثال بڻيل آهن).(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪهڙيءَ طرح سَتَ آسمان هڪ ٻِئي جي مٿان پيدا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته خدا ڪئين ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو اوهان ته ڪهڙي طرح پيدا ڪيا الله ست آسمان طبقا طبقا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (مولانا محمد مدني)


ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ست آسمانن کي طبق در طبق پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، اوهين نه اکِيين ڏِٺو؟ ته جوڙيا ڪِيئن جبار، ست اُڀ سارا سامهان، تَھ تي تھ تيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16)

۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن ۾ چنڊ کي (رات جو) روشن ڪيائين ۽ سج کي (ڏينهن جي لاءِ) ڏيئو ڪيائين. (۽ اوهان به جيڪڏهن ان جي مقرر ڪيل نظام تي هلو ته اوهان جا به ڏينهن ۽ راتيون روشن ٿي وڃن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن ۾ چنڊ روشن ڪيو ۽ سج کي ڏيئو بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن ۾ چنڊ کي نور ڪيو ۽ سج کي روشن چراغ ڪيو اٿس.(سيد فرمان علي)


۽ بنايائين چنڊ کي انهن ۾ روشني ۽ بنايائين سج کي ڏيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي ڏيئو ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي روشن (ٻرندڙ) ڏيئو بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تِن ۾ رَکيائـِين رَمز سان، چمڪندڙ چنڊ چوڌار، پڻ ڏِيو ڪيو ڏاتار، ڏيھ سَڄي لئي سِج کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17)

۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان (نباتات جي نظام تي) زمين مان پيدا ڪيو آهي. (جو نباتات جون غذا حاصل ڪندڙ پاڙون، وڻ ۽ ان جي پکڙيل هر پن ۽ ٽام لاءِ هڪجيترو مفيد آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله توهان کي سَلن وانگر زمين مان پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا ئي اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ الله ڄمايائين اوهان کي زمين مان ساون سلن وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان زمين مان پيدا ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز سان) ڄمايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله اُڀاريو آن کي، ڀُون مان بي گمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18)

وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽ اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. (۽ اوهان کان مفيد بڻجڻ ۽ نه بڻجڻ جو حساب وٺندو).(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ توهان کي ان زمين ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي ان مان دوباره ٻاهر ڪڍندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اوهان کي ان ۾ ٻيو ڀيرو نيندو ۽ (قيامت ۾ ان مان ئي) ڪڍي ٻاهر ڪندو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ ورائي آڻيندو اوهان کي ان ۾ ۽ اوهان کي پڪي طرح (ان مان ٻاهر) ڪڍندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان کي ان ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي (ان مان دوبارو) ٻاهر ڪڍندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏِيندو اوهان کي اُن ۾، موٽِي ماڳ مَڪان، پڻ سُڀاڻي سُبحان، ڪڍندو اوهان کي اُن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19)

۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله اوهان لاءِ زمين (جهڙي گول سياري) کي وڇاڻو بڻايو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا ئي زمين کي اوهان جي لاءِ وڇاڻو ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ الله بنايو اوهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو (مولانا محمد مدني)


۽ الله توهان لاءِ زمين کي پکڙيل وڇاڻو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڌَڻِئ ڌَرتِي آن لئي وَھ!، جو ڪَئين وِڇاڻ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20)

ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته ان جي ڪشادن رستن ۾ (ان جي مخلوق لاءِ ڪشادگيون کڻي) هلو.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ان جي ڪشادن رستن ۾ گهمو ڦرو.(سيد فرمان علي)


تانته هلو ان مان ڪشادن رستن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته ان جي ڪشادن رستن ۾ هلو (مولانا محمد مدني)


ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته پَهرو اُنهِئَ ۾ پاڻ، وَٺِي واٽون ويڪريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21)

نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ايتري سمجهائڻ کان پوءِ) نوح چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن (سردارن، وڏيرن ۽ دولتمندن، جي پٺيان لڳا، جن) جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن پنهنجي رئيسن جي تابعداري ڪئي جن کي سندن مال ۽ اولاد وڌيڪ خساري ۾ وڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(نيٺ) نوح چيو ته اي منهنجا پالڻهار! هنن منهنجو بلڪل چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌايو.(سيد فرمان علي)


چيو نوح اي منهنجا رب! بيشڪ انهن بي فرماني ڪئي منهنجي ۽ تابعداري ڪيائون ان جي جو نه وڌايو ان کي ان جي مال ۽ ان جي اولاد مگر نقصان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ايتري سمجهائڻ کانپوءِ) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو (مولانا محمد مدني)


۽ نوح عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن جي پيروي ڪندا رهيا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نُوح ڌَڻِي کي دانهيو، ته سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، هِنن حُڪم مُنهنجا ٽوڙيا، ٿيا تابع تِنهن تعبان، جنهن کي اِملاڪ اُن جِي، پڻ نِينگر نوجوان، ذروري زيان، ٻي اوڄ نه ڏِنِي اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22)

۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي جن جي ڪڍ لڳا سي فريبي ۽ سازشي هئا) ۽ انهن (حق جي دعوت خلاف) وڏو مڪر پکيڙيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن (نوح پيغمبر لاءِ) تمام وڏا فريب ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو.(سيد فرمان علي)


۽ مڪر ڪيائون مڪر وڏو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو، (مولانا محمد مدني)


۽ انهن فريب ڪيو تمام وڏو فريب!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَليا چالاڪيون وَڏيون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23)

۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پنهنجي پوئلڳن کي) چيائون ته، پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نه ڪي ود ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ڪڏهن ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ سردارن چيو توهان هرگز پنهنجي بتن کي نه ڇڏجو ۽ توهان هرگز (پنهنجي بتن) وَدُّ ۽ سُواع ۽ يَغُوثَ ۽ يَعُوقَ ۽ نَسر کي نه ڇڏجو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (پاڻ ۾) چيائون ته پنهنجن بتن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نڪي “ود” ۽ نڪي “سواع” ۽ نڪي “يغوث” ۽ “يعوق” ۽ “نسر” کي ڪڏهن به نه ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته هرگز نه ڇڏيو پنهنجن معبودن کي ۽ هرگز نه ڇڏيو وُد کي ۽ نه سواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ يعوق کي ۽ نسر کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چيائون ته پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ نه ڪي ودّ ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي ڪڏهن به ڇڏيو. (مولانا محمد مدني)


۽ چيائون ته پنهنجي معبودن کي اصل نه ڇڏيو ۽ نه ڪي وَد کي ڇڏجو ۽ نه سُواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ نه يعوق ۽ نَسر (نالي بتن) کي (ڇڏجو).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيائون اِهڙِي چال، ته هرگِز ڪِنهِين حال، پُوڄ نه پَنهنجا ڇَڏيو. ۽ ڇَڏيو نه وَد، سُوَاعَ کي نه يَغُوْثَ، يَعـُوْقَ، نَسْرَ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24)

۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ انهن (رئيسن ۽ سرمائيدارن مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي. ۽ (اي الله هاڻي تون انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ ۽ تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ انهن گھڻن کي گمراه ڪيو، ۽ نه زياده ڪيائون ظالمن لاءِ مگر گمراهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن گهڻن کي گمراھ ڪيو آهي. ۽ (اي خدا انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌائي.(سيد فرمان علي)


۽ تحقيق گمراهه ڪيائون گهڻن کي ۽ نه ٿو وڌائين تون ظالمن کي مگر گمراهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ انهن (مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي ۽ (اي الله انهن) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ (ته مٿن جلد عذاب اچي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ انهن گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو ۽ (پوءِ اي منهنجا مالڪ) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪنهن شيءِ ۾ ترقي نه ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تِن مَنجھايا مُورهِين، ڪي آدمِي اَڪثر، ۽ وِرس سوا ويتر، ذَرو نه ڏِئي ظالِمِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25)

انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ته مٿن جلد عذاب اچي. نيٺ) انهن کي سندن خطاڪارين جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين (جهنم جي) باهه ۾ وڌو ويو، پوءِ انهن ڏٺو الله کان سواءِ سندن لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار ڪونهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ٻوڙيا ويا پوءِ قبر جي عذاب ۾ داخل ڪيا ويا، پوءِ انهن الله تعالى کانسواءِ ڪو مددگار نه لڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(نيٺ) انهن کي سندن سرڪشيءَ ڪري ٻوڙيو ويو (۽) پوءِ کين دوزخ ۾ وڌو ويو. پوءِ خدا کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون.(سيد فرمان علي)


سببان گناهن پنهنجي غرق ڪيا ويا پوءِ داخل ڪيا ويا باهه ۾ پوءِ نه لڌائون پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


نيٺ انهن کي سندن گناهن جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين باهه ۾ وڌو ويو. پوءِ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون. (مولانا محمد مدني)


(نيٺانيٺ) اُهي پنهنجي گناهن سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باهه ۾ وِڌا ويا، پوءِ انهن پنهنجي لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار نه لڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَندِن قُصورن جي ڪري، ويئـِي واري تِن تان وِير، پوءِ دوزخ ۾ ڌوڪيا ويا، سِڌا مَنجھ سَعِير، ري ڌڻِئَ دَستگِير، پوءِ، نه لڌائون پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26)

۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ نوح چيو ته، اي منهجا پاليندڙ! (هنن منڪرن جي سرڪشي ۽ جرم ناسور بڻيل ۽ وچڙندڙ حد تي پهتل آهن. ان ڪري ٻين انسانن کي انهن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ هنن) ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب تون زمين تي ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ نه ڇڏ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نوح عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ.(سيد فرمان علي)


۽ چيو نوح اي منهنجا پالڻهار! نه ڇڏ زمين تي ڪافرن مان ڪو رهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ ، (مولانا محمد مدني)


۽ نوح چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار ڪافرن مان ڪوبه رهندڙُ زمين تي نه ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نُوح ڌڻِئَ کي دانهيو، ته مَنجھان قوم ڪُفّار، ڌڻيَمِ! ڌرتي تي نَه ڇَڏ، وَڙڪندڙ، مَنجھ وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27)

بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇو ته، تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته، اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽ ناسور واري) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪڏهن تو انهن کي ڇڏيو ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا، ۽ اهي نٿا ڄڻن مگر گنهگار، ناشڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇو ته جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراھ ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر اولاد ڄڻيندا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ تون جيڪڏهن ڇڏيندين انهن کي ته گمراهه ڪندا تنهنجن ٻانهن کي ۽ نه ڄڻيندا مگر فاجر، ڪافر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇو ته تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا. (مولانا محمد مدني)


بلاشڪ اگر تون انهن کي (جيئرو) ڇڏيندين ته اُهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تُنهنجي گولن کي گُمراھ ڪندا، جي وَڌڪ ڇَڏِيندينِ وار، ۽ ڪَڏهن ڪافِر ڌار، ٻِئو نه ڄَڻِيندا ٻار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28)

اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا پاليندڙ! مونکي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارن زالن کي معاف ڪر! ۽ سرڪش ظالمن لاءِ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به وڌاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا رب تون مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي بخش ڪر ۽ هر ان ماڻهوءَ کي بخش ڪر جيڪو ايمان سان منهنجي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ (قيامت تائين) مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن کي بخش ڪر ۽ نٿي زياده ٿئي ظالمن لاءِ مگر تباهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناھ وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن کي ۽ ايمان وارن عورتن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھ بن نه وڌائي!(سيد فرمان علي)


اي منهنجا رب! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ ان کي جيڪو داخل ٿيو منهنجي گهر ۾ مؤمن ٿي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ۽ نه وڌاءِ ظالمن کي مگر هلاڪت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ! (مولانا محمد مدني)


اي منهنجا پالڻهار! مون کي بخش ۽ منهنجي والدين کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو مؤمن بنجي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿيو ۽ (سڀ) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي (به بخش). ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُون ۽ مُنهنجي مائٽِين، بَخشِين بَخشڻهار، پڻ جيڪي مُنهنجِي جاءِ ۾، ٿِيا داخِل دِيندار، پن مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيون، وِيندي مَحشر وار، ۽ جَجھو ڏِج نَه جَبَّار! ري بِيدِي، بيدادن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017