القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمَعَارِجِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 44


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1)

ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(نه مڃيندڙن مان ٽوڪ ڪندي) هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو. (ته ڪڏهن اهو عذاب ڪڙڪندو؟)(علامه علي خان ابڙو)


هڪ سائل عذاب گھريو جيڪو ڪافرن تي واقع ٿيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هڪ سوال ڪندڙ ، ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.(سيد فرمان علي)


گُــهرَ ڪئي گُـهرَ ڪندڙ عذاب واقع ٿيندڙ جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو، (مولانا محمد مدني)


هڪ گھرڻ واري گھريو آهي اهڙو عذاب جيڪو واقع ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِنهن سائـِل ڪَيو سُوال، اِيندڙ ڪِنهن عَذاب جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2)

جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چئو ته) ان کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي)


ڪافرن جي لاءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو ٽاريندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي (مولانا محمد مدني)


ڪافرن جي لاءِ آهي جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي اِنڪارِيَن تي، واقِع سو وَبال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3)

جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جو (ڌيرج جي) وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي مڪافات واري قانون هيٺ نيٺ ته ايندو.)(علامه علي خان ابڙو)


(اهو عذاب) الله جي طرفان هوندو جيڪو بلندين جو مالڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو وڏن مرتب واري خدا جي طرفان (هئڻ وارو) هو.(سيد فرمان علي)


الله بلندين جي مالڪ وٽان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي ايندو). (مولانا محمد مدني)


(اُهو) الله جي طرفان (ايندو) جيڪو (بلندين جي) ڏاڪڻين جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪونهي رَبَّ ڪَرِيم کان، ڪو جھالُو تِنهن جَنجال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4)

جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ملائڪ ۽ (ايمان وارن جا) روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي (دنيا جي) پنجاهه هزار ورهين (جي برابر) ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


ملائڪ ۽ جبريل امين ان جي دربارِ اقدس ڏانهن مٿي چڙهن ٿا، ان ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار پنجاه هزار (50،000) سال آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ملائڪ ۽ روح (القدس) ان ڏي چڙن ٿا (۽ اهي) هڪ ڏينهن ۾ (ايترو پنڌ ڪن ٿا) جنهن جو اندازو پنجاھ هزار سال جو هوندو.(سيد فرمان علي)


چڙهندا ملائڪ ۽ روح ان ڏانهن ان ڏينهن ۾ جو هوندو ان جو مقدار پنجاهه هزار سال جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ملائڪ ۽ روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي پنجاهه هزار ورهه ٿيندي. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏانهن ملائڪ ۽ روح چڙهندا اهڙي ڏينهن ۾، جنهن جو مقدار پنجاهه هزار سالن جو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو سائين سَوِين سِيڙهيَن، بي حد بُلند بحال، رُوح ۽ مَلائـِڪ رَبَّ جا، نُورِي نيڪ نِهال، ڏانهسِ چَڙهن جِنهن ڏِينهن ۾، عَرض کَڻِي اَحوال، پَنجاھ هَزارِين سال، آهي عَرصو اُنهِئَ ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5)

تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي پيغمبر! تون انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪر ۽) تون سهڻي نموني سان (ثابت قدم رهي) صبر ڪر.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان چڱيءَ طرح سهڻو صبر ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته تون چڱيءَ طرح (انهن تڪليفن کي) سهندو رھ!(سيد فرمان علي)


پوءِ صبر ڪر صبر سهڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پو ءِ(اي پيغمبر !) تون چڱو صبر ڪر. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون صبر ڪر زور سهڻو صبر (جيڪو هر شڪايت کان پاڪ هجي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سھ تون سَهڻ سُهڻو، رَک مَن ۾ هِي مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6)

ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهي ڪافر ان کي پري سمجھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها (قيامت) سندن نگاهن ۾ گهڻي پري آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي ڏسن ٿا ان کي پري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ان (ڏينهن) کي پري سمجھن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هٖي ڏِسن اُهو ڏِينهن ڏُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7)

۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين ان کي قريب ڏسون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان جي نگاھ ۾ ويجهي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اسين ڏسون ٿا ان کي ويجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا، (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسِين ڏِسون اوڏڙو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8)

جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ جنهن وقت اهو اچي ڪڙڪيو ته) ان ڏينهن آسمان رجايل ٽامي جهڙو ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


ان ڏينهن آسمان پِگِھرِيَلَ چانديءَ وانگر هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو.(سيد فرمان علي)


جنهن ڏينهن هوندو آسمان پگهريل ٽامي وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو، (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿي پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُڀ تَپِي ٽامون ٿئي، وِگھارِيل جِنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9)

۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (مضبوط بيٺل) جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا (ڦلڙا) ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جبل رنڱيل اُنَ وانگر (هلڪا ٿي) اُڏامندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جبل رنگا رنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا.(سيد فرمان علي)


۽ هوندا جبل اُنَ وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جبل رنگا رنگي پچيل ان جهڙا ٿيندا، (مولانا محمد مدني)


۽ جبل (پِڃيَل) رنگين اُنَ جهڙا ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جاڏا جَبل جَھان جا، پَڻِي پِڃيَل جا پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10)

۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(نفسا نفسيءَ جي حالت هوندي) ۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (ان ڏينهن) ڪو دوست ڪنهن دوست کان نه پڇندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي پڇندو به نه.(سيد فرمان علي)


۽ نه پڇندو ڪو گهاٽو دوست ڪنهن گهاٽي دوست جو حال (احوال) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه (مولانا محمد مدني)


۽ ڪو جگري دوستُ ڪنهن جگري دوست کي نه پڇندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


گَھرو گَھري دوست جِي، پُڇي نه خَبر چار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11)

(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(توڙي جو) اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ ۾ به ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب (کان بچڻ خاطر) بدلي ۾ پنهنجا پٽ.(علامه علي خان ابڙو)


اهي (هڪ ٻئي کي) ڏسندا ۽ سڃاڻيندا، ڪافر سڌ ڪندو ڪاش جيڪڏهن اُن ڏينهن جي عذاب جي عيوض پنهنجا پُٽَ ڏِئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن عذاب جي بدران پنهنجا پٽ(سيد فرمان علي)


ڏيکاريا ويندا انهن کي خواهش ڪندو مجرم ته بدلي ۾ ڏئي ان ڏينهن جي عذاب کان پنهنجا پٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب جي بدران پنهنجا پٽ،(مولانا محمد مدني)


(جيتوڻيڪ) اُهي هڪ ٻئي کي ڏيکاريا به ويندا. ڏوهاري ماڻهو خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب کان (نجات) جي بدلي ۾ پنهنجا پُٽَ ڏئي ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏيکاربَنِ تِنهن ڏِينهن ۾، هلندي هاوِي پار، اُنهِئ ڏِينهن جي عَذاب کان، گُھرندو گُنہ گار، ته جيڪر گھوري جند تان، بيٽا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12)

۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پنهنجي گھر واري ڏِئي ۽ پنهنجو ڀاءُ ڏِئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ ۽ پنهنجو گهراڻو(سيد فرمان علي)


۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ (مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ (ڏئي ڇڏي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بِيوِي، ڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13)

۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنهنجو گهراڻو، جن سان هو رهندو هو. (فديي طور ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پنهنجو خاندان جيڪو ڏکئي وقت کيس پناه ڏِئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو(سيد فرمان علي)


۽ پنهنجو خاندان جيڪو پناهه ڏئي پيو ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجو گهراڻو، جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو (مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجو خاندان جو ان کي پناهه ڏيندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ ڪُڙم قَبِيلا پانهنجا، جي سوڙِهي لَهنسِ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14)

۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهي سو به بدلي ۾ ڏئي وري اهو (بدلو ڏيڻ) ان کي (ان عذاب مان) ڇڏائي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن، ان کان پوءِ اهو ان کي بچائي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن سي (عذاب جي) بدلي ۾ ڏئي ته ان کي ڇڏائي(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي زمين ۾ آهن سمورا ان کان پوءِ ان کي ڇڏائن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن،سي بدلي ۾ ڏئي. وري (اهو بدلو ڏيڻ) ان کي ڇڏائي. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيترا به ماڻهو زمين ۾ آهن سڀ جو سڀ (پنهنجي پاران بدلو ڏئي) پوءِ اهو ان کي (عذاب کان) بچائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ اُتر آڇي اُن مَٿان، ڀُونءَ ۾ جي ڀانڊار، ته پَروَر وَٺٖي پار، وَرِي آجو ڪري اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15)

ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


هرگز نه، بيشڪ اها ڀڙڪي کائيندڙ باه هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو بيشڪ ڀڙڪندڙ باھ آهي.(سيد فرمان علي)


هرگز نه! بيشڪ اها ڀڙڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي(مولانا محمد مدني)


ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بِلڪُل بَدلو ناھِ ڪو، سِرهٖي ٿِي سُجاڳ، بي شڪ آهي باھِ سا، ڀَڙ ڀَر ڪري ڀَڙاڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16)

مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪا کل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪا کل لاهيندڙ هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جا کلن کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ڇڪي لاهيندڙ کل کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


جيڪا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ساڙيو اُڇلي سيڪ سان، اوسا پاسا آڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17)

جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اها باهه آواز ڏئي) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن (دنيا ۾ خدا جي ربوبيت ۽ ورهاست واري نظام کان) پٺ ڦيري ۽ (ان جي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو.(علامه علي خان ابڙو)


اها ان کي پڪاريندي جنهن پُٺ ڏني ۽ مُنهن ڦيريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندا جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو(سيد فرمان علي)


سڏيندي ان کي جنهن پٺي ڏني ۽ منهن موڙيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو (مولانا محمد مدني)


اُها ان ماڻهو کي سڏيندي جنهن پُٺِ ڦيرِي ۽ مُنهن موڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تِنهن کي پُڪاري پوئـِتان، ته مُون ۾ تُنهنجو ماڳ، جو پاڻهِين وَريو پوئـِتي، ۽ وَرائـِين وِنگِئَ واڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18)

۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (مال) گڏ ڪيو، پوءِ (ٽجوڙيون ڀري يا ڪا ڪٿي جمع ڪري) سنڀالي رکيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ملڪيت گڏ ڪري پوءِ ان کي بند ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (مال) گڏ ڪيو ۽ سنڀالي رکيو(سيد فرمان علي)


۽ گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (مال) گڏ ڪيو پوءِ سنڀالي رکيو. (مولانا محمد مدني)


۽ مال گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ لِکين ميڙئـِين لاڳ، پوءِ ڪيائـِين ڪُنجي ڪُلف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19)

بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ انسان (وحي جي تعليمات کان سواءِ پنهنجي جوهر ۾) ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ انسان بيحد لالچي ۽ ٿورو صبر ڪندڙ ڪري پيدا ڪيو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ انسان وڏو لالچي پيدا ڪيل آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو حرص ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ انسان ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي (مولانا محمد مدني)


بيشڪ انسان وڏو ۽ لالچي پيدا ٿيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موراهِين ماڻهوءَ کي، وِيو بَنايو بيزورو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20)

جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(نتيجي ۾) جڏهن انکي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ۽ بزدل ٿيو پوي.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي(سيد فرمان علي)


جڏهن ان کي تڪليف پهچندي ته گهٻرائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي (مولانا محمد مدني)


جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته گھٻرائجي وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي دانهِيندڙ دَرد مان، ٿِئيسِ جي ٿورو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21)

۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن خوشحالي پهچيس ٿي ته (خير جي ڪمن کان) ڪنجوس ٿيو پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته منع ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پهچندي ان کي ڀلائي ته روڪيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته ڪنجوس ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ٿئي مَٿسِ ٿورو، ته قابو، ڪارخير کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22)

پر (اُھي) نمازي (نه).(علامه تاج محمود امروٽي)


پر نمازي (يعني فرمانبردار) ائين نه ڪندا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پر (اُھي) نمازي (نہ)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر نمازي نه!(سيد فرمان علي)


مگر نماز پڙهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر نمازي نه! (مولانا محمد مدني)


سواءِ نمازين جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر نمازِي نيڪ سي، آهِن اُن کان ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23)

جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي پنهنجي نماز (۽ پنهنجي فرمانبرداريءَ) تي هميشه پورا آهن،(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي پنھنجيءَ نماز تي ھميشگي ڪندا آھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشه پورا آهن(سيد فرمان علي)


اهي جيڪي پنهنجي نماز تي هميشگي ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي پنهنجي نماز تي هميشه پورا آهن، (مولانا محمد مدني)


جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشگي ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نِت نِت سَندنِ نماز تي، جي دائم دِلقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24)

۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهن جي فرمانبرداريءَ جي علامت اها آهي جو مال کي صرف پنهنجي انفرادي مفاد لاءِ نه سمجهندا آهن، بلڪ)(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن جي مالن ۾ معلوم حق آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن جي مالن ۾ هڪ مقرر ڪيل حق آهي(سيد فرمان علي)


۽ اهي جو سندن مالن ۾ حق معلوم آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن جي مالن ۾ (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي ماڻهو جن جي مالن ۾ حصو مقرر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پتيون سَندنِ پيدائش ۾، جِھڙِي جوڙي جوڙڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25)

سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم ماڻهن) لاءِ مقرر حق آهي. (جيڪو الله جي سونپيل امانت سمجهي انهن تائين رسائيندا آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


سوال ڪندڙ لاءِ ۽ نه سوال ڪندڙ لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سوالي ۽ بي سوالي (محتاجن) لاءِ(سيد فرمان علي)


سائل جي لاءِ ۽ محروم جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سوالي ۽ بي سوالي (محتاج) لاءِ مقرر حق آهي، (مولانا محمد مدني)


گهرڻ واري ۽ نه گهرڻ واري لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هر مڱتي، مُحتاج لئي، ٻَڌل ڏان ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26)

۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي ئي ماڻهو آهن) جيڪي حساب جي ڏينهن کي (پنهنجي عمل سان) سچو مڃين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي قيامت جي ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي تصديق ڪن ٿا قيامت جي ڏينهن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي ماڻهو جيڪي بدلي واري ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي جي عدل جي ڏِينهن ۾، آڻِينِ اِعتبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27)

۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي گرفت ۽ عذاب کان ڊڄندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي جيڪي پنهنجي پالڻهار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏرندڙ سَندنِ ڏاتار جي، سَزا کان سَهوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28)

بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇو ته (الله جي قانون جي خلاف ورزيءَ تي ٻي پناهه آهي ئي ڪونه، ان ڪري) سندن پاليندڙ جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي شئ نه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ انهن جي رب جي عذاب کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇو ته سندن پروردگار جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي ڳالھ نه آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ سندن رب جو عذاب ناهي بي خوف رهڻ جهڙو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇو ته سندن پاليندڙ جو عذاب ئي بي ڊپي ٿيڻ جي شيءِ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ انهن جي رب جو عذاب بي خوف ٿيڻ جي شيءِ نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته آهي سَندنِ اَلله جو، اَڻٽر سو آزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29)

۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(سندن خاصيت هيءَ به آهي ته) پنهنجين عصمتن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اهي مرد توڙي عورتون).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجين اگهاڙن جا محافظ (سيد فرمان علي)


۽ اهي جو اهي پنهنجين اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجن شرمگاهن کي (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اهي جي سَندن اگھاڙ تي، آهن پورا پهريدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30)

پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٻين کان) بچائيندڙ آهن. سواءِ پنهنجي زالن ۽ ملڪ ٿي ويل عورتن جي. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾) اهي ملامت ڪيل نه آهن.(علامه علي خان ابڙو)


مگر پنهنجي گھر وارين تي يا پنهنجي (شرعي) ٻانهين تي پوءِ بيشڪ انهن تي ڪا ملامت ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مگر پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن ته هرگز ملامت نه ڪيا ويندا.(سيد فرمان علي)


مگر پنهنجين زالن تي يا انهن تي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا پوءِ بيشڪ اهي ناهن ملامت ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾ ) اهي ملامت ڪيل نه آهن. (مولانا محمد مدني)


سواءِ پنهنجي گهروارين جي يا پنهنجي مِلڪ ۾ آيل ڪنيزن جي پوءِ بيشڪ اُهي (ان ۾) ملامت ڪيل نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَوا گَھر ۽ گولِيين، جِن جا، هَٿ ٿِيَن حَقدار، ڇُٽل سي ڇِينڀ ڪنان، بَچيَل کون ڀَلڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31)

پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪو انهن کان علاوه چاهي ٿو پوءِ اهي ئي حد کان وڌندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجھ ڪڌو ڪم ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لهندڙ آهن(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪي طلب ڪندا ان کان سواءِ پوءِ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا، سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جيڪو انهن کان سواءِ طلب ڪري ته پوءِ اُهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِن، تِن سوا ٻِي تانگھ ڪئـِي، بيشڪ سي بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32)

۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهن جي خاصيت هيءَ به آهي ته) اهي پنهنجي امانتن (جي حفاظت) ۽ پنهنجي انجام (کي پوري ڪرڻ) جو خيال رکندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي وعدن کي پورو ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام (اقرار) جو خيال رکندڙ آهن(سيد فرمان علي)


۽ اهي جو اهي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجن امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجن انجامن جي سنڀال ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي جي عَهد، اَمانتون، سَنڀالِين سَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33)

۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي (ڪنهن معاملي تي شاهدي ڏين ٿا ته) پنهنجي شاهدين تي پورا بيهندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو پنهنجي شاهدين تي قائم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن(سيد فرمان علي)


۽ اهي جو اهي پنهنجين شاهدين تي قائم رهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجن شاهدين تي پورا بيٺا آهن (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شاهديُن تي قائم رهندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سي جي سَندنِ ساکن تي، بيٺل بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34)

۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي رکن ٿا(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجي نماز تي نگهباني ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا، (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سي جي سَندنِ، نماز جي، واهيپَ ڪن هر وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35)

اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (ئي آهن جيڪي هميشه) باغن ۾ عزت وارا ٿي رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي جَنَتُن ۾ تعظيم ۽ تڪريم سان هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ئي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا.(سيد فرمان علي)


اهي بهشتن ۾ عزت ڪيل هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي باغن ۾ عزت وارا ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


اُهي ماڻهو جنتن ۾ عزت وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


عِزَّت ساڻ اَپار، اُهي آهِن باغ بهشت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36)

پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو (مٿي ڄاڻايل ڳالهين کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ) توڏي ڊوڙندا اچن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جيڪي توهان ڏانهن تيز نگاهن سان ڏسن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو تو ڏي ڊوڙيندا اچن ٿا(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇا ٿيو آهي انهن کي جن ڪفرڪيو تنهنجي طرف تيز نظر سان ڏسندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڊوڙندا اچن ٿا، (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڀڳا اچن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آهي، ڇا اُنهن کي، جِن اَنڌن ڪيو اِنڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37)

سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي،(علامه علي خان ابڙو)


ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان گروه گروه ٿي ڏسندا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٿي(سيد فرمان علي)


سڄي کان ۽ کٻي کان ٽولا ٽولا ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي. (مولانا محمد مدني)


ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تو وَٽِ تڪڙا ميڙ ڪن، سَڄي، کٻي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38)

منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ ساڳي وقت) انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع به رکي ٿو ته (ساڳين حالن تي رهندي) ڇو نه ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن مان هر هڪ جنت النعيم ۾ داخل ٿيڻ جي طمع رکي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن مان سڀ ڪو ماڻهو هي لالچ رکي ٿو ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي.(سيد فرمان علي)


ڇا طمع رکي ٿو هر مڙس انهن مان ته داخل ڪيو ويندو نعمتن واري جنت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع رکي ٿو ڇا ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن مان هر ماڻهو اها آس رکي ٿو ته ان کي نعمتن واري جنت ۾ داخل ڪيو وڃي! (بنا ايمان ۽ عمل جي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، هرڪو هِرکي تن مان، تَڪون ڪري تڪرار، ته گِھڙندو باغ بِهشت ۾، جِت سدابُوندبهار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39)

ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي جنهن (ڪرڀائتي مادي) مان پيدا ڪيو آهي، تنهن کي هو ڄاڻن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


هرگز نه، بيشڪ اسان انهن کي ان شيءِ مان خلقيو آهي جنهنکي اهي ڄاڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪڏهن نه اسان کين جنهن (گنديءَ) شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڄاڻن ٿا. (سيد فرمان علي)


هرگز نه بيشڪ اسان پيدا ڪيو انهن کي ان مان جيڪو ڄاڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي اُن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي جنهن کي ڄاڻن ٿا (مولانا محمد مدني)


هرگز نه! بيشڪ اسان انهن کي جنهن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي اُهي (به) ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِيئن آهي ڪو نه ڪو، هِنيون رَک هوشيار، اَسان اُپايا جِنهن مَنجھنان تنهِنجِي سَڀن سُڌ سَنڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40)

پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ قسم ٿو کڻان اڀرندن ۽ الهندن جي پالڻهار جو (ان جو پالڻهاريءَ وارو نظام شاهدي ڏيندو) ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي ته،(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ مون کي قسم آهي اوڀرن ۽ اولهن جي رب جو بيشڪ اسين يقيناً ان ڳالهه تي قادر آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته آءُ اڀرندن ۽ اولهندين جي پروردگار جو (پنهنجو پاڻ) قسم کڻان ٿو ته اسين بيشڪ اها قدرت رکون ٿا(سيد فرمان علي)


پوءِ قسم کڻان ٿو مشرقن ۽ مغربن جي رب جو بيشڪ اسين البته قادر آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اڀرندن ۽ الهندن جي پاليندڙ جو (پنهنجو) قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي.(مولانا محمد مدني)


پوءِ آءٌ اوڀرن ۽ اولهن جي مالڪ جو قسم کڻان ٿو ته يقيناً اسان سگھه رکڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ساک نه سائـِين جِي کڻان، جو مُندن مَٿي ڌار، بَنائـِيندڙ بُرجَن سان، اولھ، اوڀر پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41)

ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن (پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ رڪاوٽ بنجندڙ ماڻهن) جي بدلي ۾ (دنيا ۾ ئي) انهن کان بهتر (ماڻهو) آڻيون، ۽ اسين (ائين ڪرڻ ۾) ڪي عاجز نه آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


جو اسين انهن کي تبديل ڪري انهن کان بهتر آڻيون ۽ اهي اسان کان اڳرائي ڪندڙ ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو انهن جي بدران انهن کان بهتر ماڻهو آڻي (وسايون) ۽ اسين عاجز نه آهيون.(سيد فرمان علي)


هن تي جو مٽي آڻيون ڀلا انهن کان ۽ ناهيون اسين اڳرائي ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته انهن جي بدلي ۾ انهن کان چڱا آڻيون، ۽ اسين ڪي عاجز نه آهيون. (مولانا محمد مدني)


ان تي ته اسان انهن جي بدلي انهن کان چڱا ماڻهو آڻيون ۽ اسان عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته سَچ پچ اَسِين آهيون، وَڏِي سَگھ سَرڪار، ته مَٽي ميٽي اُنهن کي، ٻِئا جوڙيو نيڪ نبار، ۽ ڪٿي اَسين نه آهيون، هرگز کِيندڙ هار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42)

پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي پيغمبر!) کين ڇڏي ڏي ته، بڪ ڪندا وتن (بي مقصد ڪوشش جون ٻاراڻيون) رانديون ڪن، ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان (نتيجي واري) ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهن کي ڇڏيو ته ڀلي اهي اجايون ڳالهيون ۽ رانديون ڪن ايستائين جو اهي ان ڏينهن کي مِلن جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۾ پيا کيڏندا رهن ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان واعدو ڪيل آهي(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي اجاين ڪمن ۾ مشغول رهن ۽ راند ڪندا رهن تانجو ملاقي ٿين پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن جو وعدو ڏنا وڃن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) کين ڇڏي ڏي ته بيهودا ڪم ڪن ۽ رانديون ڪن ايتري تائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۽ راندين ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇَڏِيِين ته گُھنڊ گھڙينِ ڪي ۽ کيلِينِ کيل خوار، تان ڏِسنِ اُنهئ ڏِينهن کي، جنهن جا ساڻنِ قول قرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43)

جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


ان ڏينهن اهي قبرن مان تڪڙا ٿي محشر ڏانهن نڪرندا گوياڪ تحقيق اهي پنهنجي جھنڊي ڏانهن موٽن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙيندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا(سيد فرمان علي)


جنهن ڏينهن نڪرندا قبرن مان تڪڙا ڄڻ ته اهي نشانن ڏانهن ڊوڙن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کُتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن قبرن مان ائين ڊوڙندا نڪرندا ڄڻڪ اُهي ڪنهن کُتل نشان طرف ڊوڙندا ٿا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تائُو تُربتن مان، جڏهن نِڪرندا نِروار، ڪَر ڀَڄندا وَڃنِ بُتن تي، يا ميڙُو ميلي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44)

ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان وقت شرمساريءَ وچان) سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اهوئي اهو ڏينهن آهي جنهن جو کين (وري وري) واعدو ڏنو ويندو هو.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جون اکيون جھُڪيل هونديون انهن تي ذلت ڇانيل هوندي. اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهن وقت) سندن اکيون (شرم کان) هيٺ هوندين کين خواري وڪوڙيل هوندي . اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي.(سيد فرمان علي)


جهڪندڙ اکيون انهن جون ڇانئجي ويندي انهن تي ذلت اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان وقت) سندن اکيون هيٺ هونديون انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اِهوئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي. (مولانا محمد مدني)


انهن جون اکيون جهُڪيل هونديون انهن کي ذلت وڪوڙي ويندي. اِهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَکيون اُجھائل اُنهن جون، رَسَندن ذِلت زار، سا آهي اُهائـِي وار، جنهن جو ٻول ٻَڌو وِيو اُنهن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017