توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحاقَّةُ (آيت : 1) |
قيامت.(علامه تاج محمود امروٽي) ثابت ٿيڻ واري (سزا ۽ تباهي اجهو ثابت ٿي).(علامه علي خان ابڙو) يقيناً ٿيندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سچ پچ هئڻ واري (قيامت).(سيد فرمان علي) حق هوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ثابت ٿيڻ واري (سزا) (مولانا محمد مدني) ثابت ٿيڻ واري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حقا حق موجود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
ڇا آھي (اھا) قيامت.(علامه تاج محمود امروٽي) اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ڪهڙي يقيني ٿيندڙ؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.(سيد فرمان علي) ڪهڙي آهي حق هوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا آهي ثابت ٿيڻ واري؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حق حَقيقت ڪِهڙي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (اسان کان وڌيڪ توکي بهتر سمجهائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته يقيني ٿيندڙ ڇا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ڇا آهي حق هوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ثابت ٿيڻ واري ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حق حَقِيقت آهي ڇا؟ ڪِنهن خبرڏِنئي خُوشنود!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ساڳي تباهي توکان اڳين قومن تي به آئي ۽) ثمود ۽ عاد (جي قومن بدعملين جي نتيجي ۾) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) ثمود ۽ عاد ان قيامت جو انڪار ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اها ئي) وڏي مصيبت واري جنهن کي عاد ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو ثمود ۽ عاد ٽڪرا ٽڪرا ڪندڙ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ثمود ۽ عاد (جي قومن) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) ثمود ۽ عاد (جي قومن) ان سخت صدمو ڏيندڙ (قيامت) کي ڪوڙو سمجھيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙو ڪَڙڪيدار کي، سَڏيو عاد، ثمود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو.(علامه علي خان ابڙو) پر ثمود پوءِ اهي بيحد زبردست دانهن سان هلاڪ ڪيا ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ثمود (جي قوم) کي سخت چيخ سان هلاڪ ڪيو ويو.(سيد فرمان علي) پوءِ پر ثمود پوءِ هلاڪ ڪيا ويا هڪ رڙ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو. (مولانا محمد مدني) پوءِ ثمود وارا بي حد خوفناڪ آواز جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ثمود صفا ناس ٿيا، هِڪ هَڪل سان بيهود، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پر عاد پوءِ اهي بيحد سخت طوفان سان هلاڪ ڪيا ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ عاد (جي قوم) کي تيز هوائن سان هلاڪ ڪيو ويو.(سيد فرمان علي) ۽ پر عاد پوءِ هلاڪ ڪيا ويا واءَ سخت ٿڌي، نهايت تيز سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز هوا سان هلاڪ ڪيو ويو، (مولانا محمد مدني) ۽ پر عاد وارا بيحد سخت تيز هوا جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ عاد تُند باد سان، مارِيا وِيا مَردُود، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن کي (الله)مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن.(علامه علي خان ابڙو) (الله تعالى انهيءَ طوفان کي) انهن تي مسلسل سَتَ راتيون ۽ اَٺَ ڏينهن مسلط ڪيو ويو، پوءِ توهان ان قوم کي انهيءَ زمين تي ڪِريل ڏسو ها، گوياڪ اهي کجيءَ جا ڪِريل ٿڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن کي خدا مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ هلايو ته تون ماڻهن کي اهڙي طرح ڊٺل (۽ مئل) ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن.(سيد فرمان علي) جو مطيع ڪيائين ان کي انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن پاڙن کان پٽيندڙ پوءِ ڏسندين قوم کي ان ۾ ڪريل ڄڻ ته اهي ٿڙ کجين ڪريلن جا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقررڪيو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون ڏسين ته) تون ان قوم کي ان (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن. (مولانا محمد مدني) ان (تيز هوا) کي الله انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقرر ڪيو، پوءِ تون انهن ماڻهن کي (ان دوران ڏسين ها ته) ائين مُئل پيو ڏسين ها، ڄڻڪ اُهي کجيءَ جا کوکلا ٿُـــڙَ ڪريل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَت راتيون، سانده اَٺ ڏينهن، واريسِ مَٿِن وُدود، پوءِ ڪِريل ڏِسِين قوم سَڄِي، ظاهِر مَنجھسِ زود، ڪر پَٽِيَل پاڙان کَجيون، ناڀن کان نابُود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ڇا توهان انهن مان ڪو باقي رهيل ڏسو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟(سيد فرمان علي) پوءِ ڇا ڏسين ٿو انهن مان ڪو باقي رهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (مولانا محمد مدني) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هاڻي تِنهن حُدود، ڪوپَسِين پاڇاندو اُنهن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا (تن جو به بڇڙو حشر ٿيو) ۽ (حضرت لوط جي قوم جو به) جن جون وستيون اونڌيون ڪري سٽيون ويون جو ڏوهه ڪيائون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آيو فرعون ۽ ان کان اڳيان ۽ اُبتا ڪيل ڳوٺن وارن گناه ڪيائون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ فرعون ۽ جي ماڻهون انهن کان اڳ هئا ۽ اهي ماڻهو (قوم لوط) جي اڇلايل ڳوٺن وارن (کي جي) سڀئي گنهگارن هئا.(سيد فرمان علي) ۽ آندو فرعون ۽ انهن جيڪي ان کان اڳي هئا ۽ اونڌو ڪيرايل ڳوٺن جي (رهاڪن) گناهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ اڇلايل شهرن وارن ڏوهه ڪيو. (مولانا محمد مدني) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ (قومِ لوط جي)اونڌي ڪيل ڳوٺن وارا (به اهڙا ئي) گناهه کڻي آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦيريالو فِرعون سو، پڻ جي مَهند تِنهان مُردار، ۽ اُڀي ڳاٽي، ڳوٺ سي؛ نِسنگ نِگو سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله (جي مڪافات واري قانون) کين تمام سخت پڪڙ ڪئي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن سندن رب جي رسولن جي نافرماني ڪئي پوءِ الله تعالى انهن کي بيحد سختي سان پڪڙيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي رسول جي نافرماني ڪئي ته خدا به مٿن سخت پڪڙ (نازل) ڪئي.(سيد فرمان علي) پوءِ بي فرماني ڪيائون پنهنجي رب جي رسول جي پوءِ پڪڙيائين انهن کي پڪڙ سخت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪيائون پوءِ الله کين تمام سخت پڪڙ ڪئي. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله انهن جي زور سخت پڪڙ ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِن مَڃـيو نه پَنهنجي مالڪ جو، مُرسل مَڻيادار، پوءِ وَرتو وَٺ اُنهن کي، چَڙهندڙ چوٽيان پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جو ساٿ ڏنو ۽ نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جڏهن پاڻي حد کان زياده ٿيو، اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪرايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن پاڻي حد کان مٿي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان جڏهن حد کان لنگهيو پاڻي ته کنيوسون اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي ماڻهو !) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) جڏهن (نوح واري طوفان ۾) پاڻي حد کان ٽپي ويو تڏهن اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته جڏهن جَر جوش ڪيو، ٿيو پاڻِي پُرهن تار، اَسان اُٺايو آن کي، مَنجھ ڪِشتي برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.(علامه تاج محمود امروٽي) هن لاءِ ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَن (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته ان کي توهان لاءِ يادگار بنايون ۽ ياد رکندڙ ڪَنَ (ان کي) محفوظ رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن لاءِ ته اسين ان کي اوهان جي لاءِ يادگار بڻايون ۽ ان کي ياد رکڻ وارا ڪن لائي (ٻڌي) ياد رکن.(سيد فرمان علي) تانته بنايون ان کي اوهان جي لاءِ يادگار ۽ محفوظ رکن ان کي ياد ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن لاءِ ته ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُ ياد رکي. (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته اسان ان (واقعي) کي توهان لاءِ نصيحت بنايون ۽ محفوظ رکڻ وارا ڪن ان کي ياد رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڪريون اَوهان لئي اُن کي، عِبرت جو اَذڪار، ۽ ٻُڌندڙ ڪَن ٻِيهار، جانڪي رَکيسِ جاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن (وري آخرت جي مڪافات وارو مرحلو ايندو ته ان وقت) صورت ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن هڪ دفعو صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ڦوڪ هڪڙي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڀيرو ڦوڪ ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڏنڊ ۾ ڦوڪبو، فقط ڦُوڪ هِڪڙِي ڦُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ان وقت) زمين ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري کڻي ذريون ذريون ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ اهي هڪ دفعو چڪنا چور ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ڀيري ريزه ريزه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ کنئي ويندي زمين ۽ جبل پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويندا هڪ دفعي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري ڪٽي سنئون ڪيو ويندو (مولانا محمد مدني) ۽ زمين ۽ جبلَ (پنهنجي جاءِ کان) مٿي کنيا ويندا ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ ذرا ذرا ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کَنيو وِيو خاڪ کي، پڻ جَبل، جيڪِي مَنجھ جُو، ٺوڪيا ٺوڪر هيڪڙِي، پوءِ ڌَڙ ڌَڙ ڌرتِي ڌُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.(علامه تاج محمود امروٽي) تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان ڏينهن ايندڙ (قيامت) واقع ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ان ڏينهن قيامت اچي ئي ويندي.(سيد فرمان علي) پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيندي واقع ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي، (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقعي ٿي پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن واڪِيندڙ واڪو ڪيو، ٿئـِي قِيامت قابُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اهو ان ڏينهن لاچار ٿيل هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آسمان چيربو پوءِ اهو ان ڏينهن نهايت ڪمزور هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن بروبر ٿي پيو هوندو.(سيد فرمان علي) ۽ ڦاٽي پوندو آسمان پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور هوندو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڳريو پيو هوندو، (مولانا محمد مدني) ۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور ڦاٽل هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦاٽو اُڀ اُن ڏِينهن ۾، پوءِ اُن هوندو اُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ملائڪ (جيڪي ان تي ڦهليل آهن سي) ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ (جي انوار ۽ تجلين) جو (مرڪز ۽) تخت ان ڏينهن (ميدان ۾ محشرت ۾ آڻي) اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ملائڪ ان جي ڪِنارن تي بيٺل هوندا، ۽ ان ڏينهن توهان جي رب جو عرش اَٺَ ملائڪ پاڻ تي کڻندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ فرشتا ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ تنهنجي پروردگار جي عرش کي ان ڏينهن اٺ فرشتا کڻندا.(سيد فرمان علي) ۽ ملائڪ ان جي پاسن تي هوندا ۽ کڻندا تنهنجي رب جو عرش پنهنجي مٿان ان ڏينهن اٺ (ملائڪ) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا، (مولانا محمد مدني) ۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار جي عرش کي اٺ ملائڪ پنهنجي مٿان کڻندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي پاسن کان پَهري مَٿي، هُوندا مَلڪ هر سُو، تُنهنجي آگي جي عرش کي، جِنهن جو دنگ هِي نه هُو، ۽ اُن ڏِينهن اُٺائـِين اَٺ ڄَڻا، برسِر ڏيئـِي بازُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو، اوهان جي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه هوندي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن توهان سڀئي پيش ٿيندا ڪوبه توهان مان مخفي نٿي سگھندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن اوهان سڀني کي (خدا جي سامهون) پيش ڪيو ويندو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالھ لڪي نه رهندي.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن پيش ڪيا ويندؤ اوهان نه لڪل رهندو اوهان مان ڪو لڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو. اوهانجي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه رهندي. (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن توهان (الله اڳيان) پيش ڪيا ويندا توهان جو ڪو راز ڳجهو نه رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آڻي ڪبا اُن ڏِينهن ۾، رَبَّ جي رُوبَرُو، پوءِ خالِق ڪَنان خُوْ، اَنهن جِي لِک لِڪِي نه رهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامون سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته، وٺو منهنجو عمل نامون پڙهو.(علامه علي خان ابڙو) پر جنهنکي پنهنجو عمل نامون ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو وٺو ۽ توهان منهنجو عمل نامون پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان ماڻهن کي) چوندو ته وٺو منهنجو اعمال نامو پڙهو.(سيد فرمان علي) پوءِ پر جيڪو ڏنو ويندو پنهنجو دفتر پنهنجي سڄي هٿ ۾ پوءِ چوندو وٺو پڙهو منهنجو دفتر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته وٺو منهنجو عملنامون پڙهو. (مولانا محمد مدني) پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اُهو (خوشيءَ ۾) چوندو: ”اچو منهنجو هي اعمال نامو پڙهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پوءِ مِلي جِنهن پاس، سَندسِ سائي هَٿ ۾، چَوندو چِٺِي مُنهنجِي پَڙهو، ته پُڄيمِ آس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.(علامه تاج محمود امروٽي) مون کي يقين هو ته، ضرور (دنيا ۾ ڪيل نيڪ عملين وارو) حساب مونکي ملندو. (سو مليو).(علامه علي خان ابڙو) مون کي يقين هو ته بيشڪ آئون پنهنجي حساب کي پهچندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مون کي پڪ هئي ته مون کي ضرور منهنجو حساب (ڪتاب) ملندو (سو مليو).(سيد فرمان علي) بيشڪ مون يقين ڪيو هو ته بيشڪ مان پنهنجي حساب کي ملندڙ آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مون کي يقين هو ته ضرور مون کي منهنجو حساب (عملنامون) ملندو (سو مليو) (مولانا محمد مدني) بيشڪ مون کي يقين هيو ته مون کي پنهنجو حساب ملڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز حَرف حِساب جو، مون کي اڳي هُئو اِحساس، ته ڏِسڻو اَٿمِ ڏِينهن هيڪڙي، توڙان توڙ تپاس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهو (پنهنجي لاءِ) وڻندڙ مزن ۾ هوندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهو پسنديده آرام ۾ هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اهو دل پسند عيش ۾ هوندو.(سيد فرمان علي) پوءِ اهو پسند ڪيل حياتيءَ ۾ هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اهو وڻندڙ گذران ۾ هوندو، (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهو هڪ دلپسند عيش (واري زندگي) ۾ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گھڻو خُوش گُذران ۾، اُو هوندا حَقّ شناس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
مٿاھين بھشت ۾.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهن مزن جي) اعليٰ بهشت ۾ هوندو.(علامه علي خان ابڙو) مٿاهين باغ ۾ هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وڏي عاليشان باغ ۾.(سيد فرمان علي) بلند جنت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مٿاهين باغ ۾ ، (مولانا محمد مدني) مٿاهين جنت ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلند باغ بهشت ۾، ويٺا وَٺنِ واس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن جا ميوا (ايترو ته) جهڪيل هوندا. (جو آسانيءَ سان پڪڙي سگهبا).(علامه علي خان ابڙو) جنهن جا ميوا قريب هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن جا ميوا ويجها هوندا.(سيد فرمان علي) ان جا ميوا ويجها هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن جا ميوا ويجها هوندا (مولانا محمد مدني) جنهن جا ميوا جهڪيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِھميل جُھڳٽ جِن جا، ميوا رَسِيَل راس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) (اتي کين چيو ويندو ته) انهن (نيڪو ڪارين) جي صلي ۾ جيڪي اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليون هيون، سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو.(علامه علي خان ابڙو) توهان مزي مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي ڪري جيڪي توهان گذريل ڏينهن ۾ ڪيا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اتي جيئن ئي) جي ڪم اوهان گذريل ڏينهن ۾ ڪري اڳي موڪليا هئا تنهن جي صله ۾ مزي سان کائو ۽ پيو.(سيد فرمان علي) کائو ۽ پيئو خوش ٿيندي ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو اوهان گذريلن ڏينهن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اتي چئبن ته) جو اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليو هوتنهن جي ڪري سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو. (مولانا محمد مدني) (کين چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو پنهنجي انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان گذريل (زندگي جي) ڏينهن ۾ اڳتي موڪليا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کائو پِيو خُوب طرح، سَر پَڪا هر پاس، جي عَمل اُماڻيان اَڳڀرو، چکو تِن جِي چاش، ڪيان جِن سان پاس، هُو جي ڏِينهن لنگھيا، هُن ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (نهايت حسرت ۽ ندامت وچان) چوندو ته جيڪر مونکي پنهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها!(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ماڻهو کي کاٻي هٿ ۾ عمل نامون ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو هاءَ. افسوس. مون کي منهنجو عمل نامون نه ڏنو وڃي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي کٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته افسوس! جيڪر مون کي منهنجو عملنامو نه ڏنو وڃي ها.(سيد فرمان علي) ۽ پر جيڪو ڏنو ويو پنهنجو دفتر پنهنجي کٻي هٿ ۾ پوءِ چوندو اي ڪاش! نه ڏنو وڃان ها مان پنهنجو دفتر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن کي سندس عملنامون سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته جيڪر مون کي پنهنجو عملنامون نه ڏنو وڃي ها. (مولانا محمد مدني) ۽ پر اُهو ماڻهو جنهن جو اعمال نامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهو چوندو: ”هائو جي مون کي منهنجو اعمال نامو نه ڏنو وڃي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڏِبو مَنجھ ڏاءِ، جِنهن کي ڪِتاب سَندسِ ڪَمن جو، چڱو ته چِٺِي نه مِلٖيمِ ها! پوءِ ڳهلو اِيئَن ڳالهاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نڪي مونکي خبر پوي ها ته منهنجو (هيڏانهن موڪليل عملن جو) حساب ڇا آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟(سيد فرمان علي) ۽ نه ڄاڻان ها مان ته منهنجو حساب ڪهڙو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوند سَندمِ حِساب مان، حرف نه ڄاتمِ هاءِ!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو (دائمي) خاتمو ڪندڙ هجي ها.(علامه علي خان ابڙو) هاءِ. افسوس. اهو موت فيصلو ڪندڙ هجي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هاءُ! ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪري ها.(سيد فرمان علي) اي ڪاش! ٿي وڃي ها پورو ڪندڙ (موت) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪندڙ هجي ها. (مولانا محمد مدني) ڪاش! جي اهو (موت منهنجو) ڪم ئي پورو ڪري ڇڏي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي مارِيندڙ مُورهِين، ويٺَسِ سَڀ وِڃاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.(علامه تاج محمود امروٽي) (افسوس جو) مونکي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (جنهن تي زندگيءَ ۾ آءٌ پڏندو هوس.(علامه علي خان ابڙو) منهنجي ملڪيت مون تان (عذاب) نه لاٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) افوسوس! مون کي منهنجو مال ڪجھ ڪم نه آيو.(سيد فرمان علي) نه فائدو ڏنو منهنجي طرفان منهنجي مال .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مون کي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (مولانا محمد مدني) منهنجي مال به مون کي ڪو نفعو نه ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويئـِي مون کان، واءِ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي) منهنجي معتبرائپ به مون کان هلي وئي.(علامه علي خان ابڙو) منهنجا سڀ دليل مون وٽان ختم ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هاءِ! هاءِ! منهنجي حڪومت چٽ ٿي ويئي.(سيد فرمان علي) هلاڪ ٿي وئي مون کان منهنجي بادشاهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مون کان منهنجي بادشاهي چٽ ٿي ويئي. (مولانا محمد مدني) مون کان منهنجي طاقت به چَٽُ ٿي وئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪا هُجت هار جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ ان ماڻهوءَ لاءِ ملائڪن کي چيو ويندو ته) ان کي جهليو ۽ ڳٽ وجهوس.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى فرمائيندو توهان ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي چؤکنبو ٻَڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پوءِ حڪم ٿيندو) هن کي گرفتار ڪريو ۽ طوق پهرايو.(سيد فرمان علي) پڪڙيو ان کي پوءِ (ڳچيءَ ۾) ڳٽ وجهو ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي جهليو پوءِ ڳٽ ٻڌوس، (مولانا محمد مدني) (حڪم ٿيندو) ”ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي ڳٽ وجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٺو وِهلو اُن کي، هَڻوسِ ڳِچِئَ ۾ ڳَٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
وري دوزخ ۾ وجھوس.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ دوزخ ۾ هڻوس.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ توهان ان کي جهنم ۾ وجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري دوزخ ۾ وجهوس،(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ دوزخ ۾ داخل ڪيو ان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري دوزخ ۾ وجهوس، (مولانا محمد مدني) پوءِ ان کي دوزخ ۾ ڦِٽي ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وِجهو تِنهن کي، جَهنّم ۾ جَهٽ پَٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اتي دوزخ ۾) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ ان کي سَتَر هٿ (ڊگھي) زنجير ۾ چڱيءَ طرح جڪڙيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري اهڙي زنجير ۾ جڪڙيوس! جنهن جي ڊيگھ ستر هٿ هجي.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ زنجير ۾ جو ماپ ان جي ستر گز آهي پوءِ ان کي ٻڌو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي، (مولانا محمد مدني) پوءِ هڪ زنجير ۾ جنهن جي ڊيگهه ستر گز آهي پوءِ ان ۾ کيس ٻڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَتَر نَريون ڊيگھ جِنهن، سو هَڻوسِ نِيّر نِپٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇو ته اهو عظمت واري الله تي (ان جي ربوبيت ۽ رزاقيءَ تي) ايمان نه آڻيندو هو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ان عظيم رب تي ايمان نه ٿي آندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇو ته اهو بزرگ خدا تي ايمان نه آڻيندو هو.(سيد فرمان علي) بيشڪ انهي نه ٿي ايمان آندو الله عظيم تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇو ته اهو وڏائي واري الله تي ايمان نه آڻيندو هو، (مولانا محمد مدني) بيشڪ اهو وڏي عظمت واري الله تي ايمان نه رکندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻندو نه هو ڄَٽ، ايڏي وَڏي اَلله کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان ڪري حالت اها هيس جو) مسڪين ماڻهن جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق نه ڏياريندو هو. (نه اهڙي ماحول جوڙڻ جو فڪر ڪندو هو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه مسڪينن کي کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو.(سيد فرمان علي) ۽ نه پيو رغبت ڏياري مسڪين کي کاڌي کارائڻ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو. (مولانا محمد مدني) ۽ نه محتاج کي ماني کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کارائـِڻ تي کُٽل جي، کَڙو نه ٿئي خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (دنيا ۾ هنن الله جي مسڪين ٻانهن کي دوست نه رکيو) اڄ ان جو هتي ڪوبه دوست نه آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اڄ هتي ان جو ڪو حمايتي دوست ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سو اڄ ان جو نڪو دوست آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ ناهي ان جي لاءِ اڄ هتي ڪو دوست .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو اڄ اُن جو هتي نڪو دوست آهي، (مولانا محمد مدني) پوءِ ان جي لاءِ اڄ ڏينهن هتي ڪوبه دلي دوست ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڄ نه هِت اُن جو، ڪو هرگز حامِي يار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نه (هن ٽچڪندڙعذاب ۾ ان لاءِ) ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه ان لاءِ ڪو طعام آهي مگر (دوزخين جي) پونءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ پيو ڪو کاڌو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه کاڌو مگر پونءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي، (مولانا محمد مدني) ۽ نه ان جي لاءِ ڪو کاڌو آهي سواءِ ڦَٽن جي پُونءِ جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کاڌو نه تِنهن خوار جو، روڳ رُڳي کان ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (خطا ڪارن جي اهائي غذا آهي).(علامه علي خان ابڙو) نٿا کائين ان کي مگر خطا ڪندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه کائيندو.(سيد فرمان علي) نه کائيندا ان کي مگر خطا ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (مولانا محمد مدني) جنهن کي گنهگارن کان سواءِ ڪوبه ڪونه کائيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو طعام تيار، نه چکنسِ چُوڪ وارن سوا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (اي ماڻهو!) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا، اهي به شاهد آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ آئون انهن شين جو قسم کڻان ٿو جيڪي توهان ڏسو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ مون کي انهن شين جو قسم آهي جن کي اوهين ڏسو ٿا.(سيد فرمان علي) پوءِ قسم کڻان ٿو مان ان جو جيڪو ڏسو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي ماڻهو !) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا (مولانا محمد مدني) سو مون کي قسم آهي انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُواھ ڇو نه گُذاريان؟ جي ڏِسو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ايندڙ دور جي) جن (منڪشف ٿيندڙ حقيقتن) کي نٿا ڏسو، اهي به شاهدي ڏينديون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪي توهان نٿا ڏسو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن کي نه ٿا ڏسو.(سيد فرمان علي) ۽ ان جو جيڪو نه ٿا ڏسو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن کي نه ٿا ڏسو، انهن جو قسم کڻان ٿو، (مولانا محمد مدني) ۽ انهن شين جو جن کي توهان نه ٿا ڏسو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ڏسو ڏُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ رسول جو ئي ڪلام آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهو قرآن ڪريم رسولِ عربي ڪريم سان (الله تعلى وٽان رسالت بابت) گفتگو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته بيشڪ هي (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي جو آندل پيغام آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهو البته رسول، ڪريم جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ (ملائڪ) جو ئي ڪلام آهي (مولانا محمد مدني) ته بيشڪ اهو (قرآن) ڪرم واري رسول جو قول آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته بي شڪ ڀَلي رَسُول جو، هِي موچارو مَذڪُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. (بلڪ خدا جو وحي آهي) اوهين (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو قول ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. اوهين بلڪل ٿورو ايمان آڻيو ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ ناهي اهو شاعر جو قول ٿورو ايمان آڻيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي. اوهين بالڪل ٿورو يقين ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ هي ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورڙو يقين ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪونهِي ڪو قول اِهو، ڪِنهن شاعر بي شُعور، وِسهو ٿا وَهلور!، وِڙلي اِن وحِئَ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ائين به ناهي ته هي ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي اوهين ( (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهو قول ڪنهن ڪاهن جو ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ڪاهن) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ نه ڀوپي جو قول ٿوري نصيحت وٺو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهو) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ نه هي ڪنهن اڳ ڪٿي ڪندڙ (ڀوپي) جو ڪلام آهي. اوهان تمام ٿورڙي نصيحت پرايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه جاڙُون جادوگر جون، ٿا ٿورو پِرايو پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (حقيقت هيءَ آهي ته) اهو جهانن جي پالڻهار پاران (فردن ۽ قومن لاءِ رهنما ڪري) نازل ڪيل آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو قرآن ڪريم رب العالمين جي طرفان نازل ڪيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل (ڪلام) آهي.(سيد فرمان علي) رب العالمين جي طرفان نازل ڪيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي. (مولانا محمد مدني) سڀ جهانن جي پالڻهار پاران نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اُتارا اُهڃاڻ، ڏيهَن جي ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن (بالفرض) ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ٺاهي اسان ڏانهن منسوب ڪري ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (رسول) جيڪڏهن ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن پاڻ ٺاهي ها اسان تي بعضي قول ته .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي، (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اهو (نبي ڪريم) ڪي ڳالهيون پاڻ گهڙي اسان تي هڻي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي ڪُوڙيون ڳالهيون اَسان تي، ٻولَيئـِن هُوند ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ته اسين (سگهه وارو) سڄو هٿ ان جو جهليون.(علامه علي خان ابڙو) ته ضرور اسين ان کي قوت سان پڪڙيون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اسين سڄو هٿ ان جو جهليون.(سيد فرمان علي) البته وٺون ها اسين ان کي سڄي هٿ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته اسين ساڄو هٿ ان جو جهليون، (مولانا محمد مدني) ته اسان ان کي پوري طاقت سان پڪڙيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پَڪ پَڪڙيو سُون اُن کي، سوگھو سَڄي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ سندس شهه رڳ وڍي ڇڏيون، (جو قصو اڳتي ئي نه وڌي).(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اسين ضرور ان جون ساهه واريون رڳون ڪٽيون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ البته ڪٽيون ها ان جي ساهه جي رڳ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان ضرور ان جي شهه رڳ ڪٽي ڇڏيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَپِي سُونسِ رَڳ قَلب جِي، تِهانپوءِ تَڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ائين ڪرڻ کان روڪڻ وارو نه هجي ها.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان مان ڪوبه ان کي بچائيندڙ نه هجي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان مان ڪو به (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ ناهي اوهان مان ڪو هڪڙو ان کان روڪيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان مان ڪوبه (اسان کي)ان کان روڪڻ وارو نه هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان مان ڪو هيڪڙو، ڪونهي بَرقرار، اُنِهئَ کان آزار، جَھلِيندڙ جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ اهو (قرآن زندگيءَ جي خسارن کان بچڻ واسطي) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو البته نصيحت آهي متقين جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي، (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي پَڪ پاڪن لئي، هِئَ نَصِيحت نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (زندگيءَ جي خسارن کان بي فلڪا ماڻهو) ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان کي معلوم آهي ته يقيناً توهان مان ڪي ڪوڙا به آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اسين البته ڄاڻون ٿا ته بيشڪ اوهان مان ڪوڙو چوندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته توهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو چوڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوهان مان ڪُل ڪُوڙن جِي، رَکون سار سَنڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڪو فرق نٿو پوي انهن جي انڪار جو) بيشڪ اهو (قرآن انهن نه مڃيندڙ) ڪافرن لاءِ (اڳتي هلي) پشيماني (جو ڪارڻ) آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم ڪافرن لاءِ حسرت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو البته حسرت هوندي ڪافرن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اَفسوس اِنڪاريَن تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ۽ ان جو ضابطن وارو سرشتو) ٺوس حقيقت آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهو يقيناً حق اليقين آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقينا برحق آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو حق اليقين آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) خالص يقين آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقيني حق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي سَچو اِعتبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (اي پيغمبر! نه مڃيندڙن کي ڊگهو رسو آهي ۽ تون) عظمت واري پنهنجي پاليندڙ (جي پيغام ۽ پروگرام جي سرگرميءَ ذريعي ان) جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اي رسولِ عربي توهان پنهنجي ربِ عظيم جي نالي سان سندس پاڪائي بيان ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (اي پيغمبر) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر!(سيد فرمان علي) پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي رب عظيم جي نالي سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبرﷺ !) وڏائي واري پنهنجي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! (مولانا محمد مدني) پوءِ پنهنجي عظمتن واري پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساراهِج صَد بار، سانيَئي صدر جي نام کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |