068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
ن قسم آهي قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرينٓ. قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا تنهن جو قسم آهي ته
— مولانا محمد مدنينون ــ قسم آهي قلم جو ۽ اِن شيءِ (يعني قرآن) جو جنهن کي لکڻ وارا (فرشتا) لکن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽومَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت جي ڪري مجنون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبرﷺ !) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل سان ڪو چريو نه آهين
— مولانا محمد مدنيتون پنھنجي پالڻھار جي مھربانيءَ سان ڪو ديوانو نه آهين.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ اجر اڻ کٽ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ تو لاءِ ته اڻ کٽ اجر آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ تنھنجي لاءِ ته اَڻ کُٽ اجر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ بيشڪ تون البته اخلاق وڏي تي آهين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ تون وڏي خُلق وارو آهين.
— مولانا محمد مدني۽ بيشڪ تون اخلاق جي (انتھائي) مٿانهين درجي تي آهين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
پوءِ جلد ڏسندين ۽ ڏسندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا
— مولانا محمد مدنيسو عنقريب تون به ڏسندين ۽ هِي (ديوانو چوڻ وارا) به ڏسندا.
— عبدالسلام ڀُٽوبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته اوهان مان ڪير چريو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته اوهان مان ڪير چريو آهي.
— مولانا محمد مدنيته توهان مان ڪير چريائپ ۾ ورتل آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
بلاشڪ تنهنجو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراهه ٿيو ان جي واٽ کان ۽ اهو هدايت وارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ تنهنجو پاليندڙ اُن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪو سندس رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙ کي به چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ تنھنجي پالڻھار کي وڌيڪ خبر آهي ته ڪير اُن جي راهه کان هٽي ويو آهي؟ ۽ جيڪي سڌي راهه تي آهن، اُنهن کي به هُو چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
پوءِ نه اطاعت ڪر ڪوڙو چوندڙن جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون ڪوڙي چوندڙن کي تابعداري نه ڪر.
— مولانا محمد مدنيپوءِ تون ڪوڙن ماڻهن جو چيو نه مڃجانءِ.
— عبدالسلام ڀُٽووَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
چاهين ٿا جيڪڏهن نرمي ڪرين ته پوءِ (اهي به) نرمي ڪن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهي خواهش ڪن ٿا ته تون نرم ٿئين پوءِ هو به نرم ٿين.
— مولانا محمد مدنيهي ته چاهين ٿا ته تون ( پنهنجي دعوت ۾) ٿورو هلڪو هٿ رک ته اهي به هلڪو هٿ رکن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ نه اطاعت ڪر هر وڏا قسم کڻندڙ ذليل .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر
— مولانا محمد مدنيتون (ڪڏهن به) اهڙي ماڻهوءَ جي پويان نه لڳجانءِ جيڪو ذليل ۽ گهڻا وڏا قسم کائيندو رهي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
گهڻا طعنا هڻندڙ، چغلخور .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجو گهڻا قسم کڻڻ وارو، خوار، طعنا هڻندڙ
— مولانا محمد مدنياهو ته طعنا تنڪا ڏيندڙ آهي ۽ چغل خوري به ڪندو رهي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽومَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
خيرکان روڪيندڙ تجاوز ڪندڙ گناھ ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريچغليون کڻي هلندڙ چٽي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ، گنهگار،
— مولانا محمد مدنيڀلائي (جي ڪمن) کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ ۽ وڏو پاپي (به) آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
سخت طبيعت جي ان کان پوءِ بد نسل .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کان پوءِ بداصل هجي
— مولانا محمد مدنيڪِني طبيعت وارو (۽ ان سان گڏوگڏ) بد اصل (يعني حرام نطفي جي پيداوار) آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
ان سببان جو مال ۽ پٽن وارو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهن ڪري ته هو مال ۽ اولاد وارو آهي.
— مولانا محمد مدني(هي ايڏي سخت مخالفت ان لاءِ ڪري ٿو) جو (کيس گهڻو) مال ۽ اولاد اٿس.
— عبدالسلام ڀُٽواِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان وٽ اسان جون آيتون ته چيائين پهرين جون آکاڻيون آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن کيس اسان جو ن آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.
— مولانا محمد مدنيجڏهن به کيس اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي پراڻي دور جون ڪھاڻيون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
جلد نشان ڪنداسون ان کي نڪ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسگهوئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون.
— مولانا محمد مدنيعنقريب اسان سندس سونڍ (يعني نڪ) کي ڏَنڀ ڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
بيشڪ اسان آزمايو انهن کي جيئن آزمايو سون باغ وارن کي جڏهن قسم کنيائون ته البته ضرور لڻندا ان کي صبح جو سوير .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبرﷺ!) اسان انهن (ڪافرن) کي اهڙي طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا.
— مولانا محمد مدنياسان انهن ڪافرن کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جيئن ان کان اڳ باغَ وارن (مالڪن) کي آزمائش ۾ وڌو هو. جن قسم کڻي چيو هو ته اسان (سڀاڻي) صبح جو سوير ضرور باغ جي پَٽائي ڪرڻ وينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ نه انشاءَ الله چون پيا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا.
— مولانا محمد مدنيميون کي نه پَٽي سگهڻ جو ته هُو ڪو امڪان ئي نه رکندا هئا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
پوءِ ڦيرو ڏئي ويو ان تي ڦيرو ڏيندڙ تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ننڊ ڪندڙ هئا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ ان باغ تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي سُتا رهيا.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هو (رات جو) اڃا ننڊ ۾ ئي ستل هئا ته تنھنجي پالڻھار جي طرفان اُن باغ تي هڪ بَلا اچي ڪڙڪي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
پوءِ ٿي ويو لڻي کنيل وانگر .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اهو لاباري پيل (زمين) جهڙو ٿي پيو.
— مولانا محمد مدنيپوءِ اِهو باغ ڀيلايل فصل وانگر ٿي ويو.
— عبدالسلام ڀُٽو