القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1)

اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (الله) وڏي عظمت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ (ساري ڪائنات جي) بادشاهي آهي (جو ڪائنات جون سڀ شيون سندس قدرتي قانونن ۽ حڪمن مطابق هلن پيون) ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء تي وس وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بابرڪت آهي اهو الله جنهنجي هٿ قدرت ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن (خدا) جي قبضي ۾ (سموري جهان جي) بادشاهت آهي سو وڏي برڪت وارو آهي ۽ هر شيءِ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي)


برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن جي (قدرتي) هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (الله) وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي هٿ ۾ (ساري ملڪ جي) بادشاهي آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهارو آهي، (مولانا محمد مدني)


وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَڌيو واڌران ۾، جنهن هَٿ مُلڪ مُدام، ۽ قادِر ڪُل شئ مَٿي، اُهو آهي رَبُّ عَلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2)

(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته (پنهنجي قانونن مٿان عمل ذريعي) اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن. ۽ اهو (فرد توڻي قومن کي چڱن عملن جو صلو ڏيڻ ۾) زبردست (۽ انهن جي ننڍين لغزشن کي) بخشڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي آهي جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان وڌيڪ سهڻا عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ اهو ئي غالب بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن موت ۽ حيات کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪم ۾ سڀ کان چڱو ڪير آهي ۽ اهو غالب (۽) وڏو بخشڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


اهو جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگي تانته آزمائي اوهان کي ته ڪهڙو اوهان مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل ۾ ۽ اهو غالب، بخشڻهار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن ۽ اهو زبردست (۽) بخشڻ وارو آهي، (مولانا محمد مدني)


جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪيرُ عمل جي لحاظ کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو غالب آهي بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جنهن مَرڻ جِيئڻ کي جوڙيو، ته پرکي آن کي عام، ته ڪِهڙو آن مان ڪَم ۾، نيڪ ڪَڍائي نام، ۽ اُهو طاقت مَند تمام، مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3)

(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ! تون ان جي قدرت ۽ رحمت جي اهڙين خوبين تي غور ڪر) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. (ڏس ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار تي هلن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن نٿا) پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته، ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير يا ڏار ڏسين ٿو؟(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي آهي جنهن سَتَ آسمان طبقا ڪري پيدا ڪيا (اي ڏسندڙ) ڇا تون رحمان جي مخلوق ۾ ڪو تفاوت ڏسين ٿو، پوءِ تون (آسمان ڏانهن) اک کڻي ڏس، ڇا توکي ان ۾ ڪا سِير ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. ڀلا تو کي خدا جي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نظر اچي ٿي، ته پوءِ (آسمان ڏي) اک کڻي ڏس ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو.(سيد فرمان علي)


اهو جنهن پيدا ڪيا ست آسمان طبقا ڪري نه ڏسندين رحمٰن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪو نقص پوءِ وراءِ تون نگاهه ڇا ڏسين ٿو ڪو رخنو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ !) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو؟ (مولانا محمد مدني)


جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون رحمان جي تخليق ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين. پوءِ نظر کڻي نهار ته ڇا تو کي ڪو رُخنو نظر اچي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَت اُڀ تِنهن اَلله، تَھ تي تَھ تيار ڪيا، مَنجِھين جوڙ جَبَّار جي، لِک ڏِسِين ڪو لاھ؟ پوءِ پَسين ڪِٿـهِين پاچ ڪا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4)

پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري تون (خدا جي تخليق ڪيل انهيءَ ڪائنات ۾) نظر کي بار بار موٽاءِ ته (مٿي به توکي بي ترتيبي نظر نه ايندي ۽) توڏي (تنهنجي) نظر ساڻي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ تون ٻِئي دفعي اک کڻي ڏس ته تو ڏانهن تنهنجي نظر ناڪام ٿي موٽندي ۽ اها عيب ڏسڻ کان خالي هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري تون نظرن کي بار بار موٽائي ته تو ڏي نظر ناڪام ٿي موٽندي. ۽ اها ٿڪل هوندي.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ موٽاءِ نگاهه ٻه ٻه ڀيرا ته موٽندي تو ڏانهن نگاهه ناڪام ٿي ۽ اها حسرت واري آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري تون نظر کي بار بار موٽاءِ ته تو ڏي نظر جهڪي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون وري وري نگاهه ورائي نهار ته نظر تو ڏانهن ٿڪجي موٽندي ۽ اُها ناڪام هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪر نيڻن سان نِگاھ، ٻه ڦيرا وَرِي ڦير تون، اک کي اُنهئَ راھ، اَک اُٿلِي توڏي اچي، ٿِي کيري خوامَخواھ، گيرِي ۽ گُمراھ، اُها هُوندِي اُنهِئَ حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5)

۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ويجهي) آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (جيڪي انهن ستارن مان غيب جا حالات معلوم ڪرڻ جي ڪوشش يا دعويٰ ڪن ٿا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان هيٺئين آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن لاءِ باه جو شعلو بنايو ۽ اسان انهن لاءِ جهنم جو عذاب تيار ڪيو (آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان هيٺئين (پهرين) آسمان کي (تارن جي) چراغن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب تيار ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق سينگاريو اسان آسمان دنيا وارو تارن سان ۽ بنايو اسان انهن کي اُمڙ شيطانن جي لاءِ ۽ تيار ڪيو اسان انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه جو عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن) سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطانن کي چُٽي (ڀڄائڻ) جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بي شڪ بَرقرار، هِن اوڏي آسمان کي، ڏِنوسون ڏِيَن سان، صُورت جو سِينگار، ۽ اُماڙ ڪيوسون اُنهن کي، شر شيطانن هارِ، ۽ تِنِين لئي تيار، سَزا ڪَئـِي سون ساڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6)

۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن (خدائي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ (دنيا ۾ به تباهي ۽ بربادي آهي ۽ آخرت ۾) دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو (انهن لاءِ) جهنم جو عذاب آهي، ۽ اها تمام خراب موٽڻ جي جاءِ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب جو، جهنم جو عذاب آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن ماڻهن لاءِ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو دوزخ جو عذاب آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ کان، ڦِريا جي ڦيريال، آهي عذاب تن لئه، جَھَنّم سندو جال، ۽ بُڇڙو آهي بَحال، موٽِي ماڳ رَهڻ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7)

جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته انهن جون (ڪربناڪ رڙيون ۽) ۽ هينگون ٻڌڻ ۾ اينديون ۽ اهو (جهنم) پيو ٽهڪندو.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن وقت اهي جهنم ۾ اڇلايا ويندا ته اهي ان ۾ خراب آواز ٻڌندا ۽ اها (جهنم) ٽهڪندڙ هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي وڏي چيخ ٻڌندا ۽ اهو (دوزخ) پيو ٽهڪندو.(سيد فرمان علي)


جڏهن اڇلايا ويندا ان ۾ ته ٻڌندا ان جون هينگون ۽ اهو اڀامندو پيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جون (گڏهه جهڙيون) هينگون ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو، ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. (مولانا محمد مدني)


جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي راڙِ جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن اُڇليا ويا اُن م، گِيهَري سي گُمراھ، سامهون سُئائون اُن جُون، گوڙِيون ۽ گجگاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8)

جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(ائين پيو لڳندو) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا ته، اوهان وٽ (بدعملين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


گھڻي ڪاوڙ جي ڪري اها ڦاٽڻ جي قريب هوندي، جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته انهن کان جهنم جو داروغو (ڪاوڙ مان) پڇندو ته ڇا توهان وٽ ڪو پيغمبر نه آيو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽولي کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) نه آيو ڇا؟(سيد فرمان علي)


ويجهو آهي جو ڦاٽي پوي ڪاوڙ جي ڪري جڏهن به اڇلايو ويندوان ۾ هڪ ٽولوته پڇندا انهن کان داروغا ان جا ته ڇا نه آيو اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اُڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


سخت ڪاوڙ سبب ڄڻڪ اِجھو ڦاٽڻ تي آهي. جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته: ”ڇا اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڀَڙڪيو سا باھِ، ڪَر ڇِڄيو پَوي ٿِي ڇوه مان! جڏهن به اُڇلبِي اُن ۾، ڪا فوج بي فرمان، پُڇندَن پُوريون خَبرون، اُن دوزخ جا دَربان، ته ڇا، آن وَٽِ آيو ڪو،ڪو نه ڪو ريٻاڙو رَحمان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9)

چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي چوندا ته، ڇو نه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو (الله جو پيغام ڏيندڙ) آيو هو، پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو سون ته، الله ڪابه شئ نازل نه ڪئي آهي. (۽ جيڪي ماڻهو ان کي مڃن پيا تن کي الٽو ٽوڪيون پيا ته) اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چوندا هَا ! بيشڪ اسان وٽ پيغمبر آيا، پوءِ اسان انهن کي نه مڃو ۽ اسان چيو ته الله تعالى ڪا شيءِ نه نازل ڪئي آهي، نه هئا توهان (جهنمي) مگر وڏي گمراهيءَ ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو. پر اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته خدا ڪا به ڳالھ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.(سيد فرمان علي)


چوندا ته هائو تحقيق آيو اسان وٽ ڊيڄاريندڙ پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوته نه نازل ڪئي الله ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر گمراهيءَ وڏيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو، پوءِ اسان(انکي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته الله ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو. (مولانا محمد مدني)


چوندا: ”ڇونه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هيو، پوءِ اسان ان کي ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوسين ته الله ڪا شيءِ نازل ڪانه ڪئي آهي توهان ته رڳو وڏي گمراهي ۾ پيل آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي هائو، اَسان وَٽِ آئيو، ڪو خبرون ڏِيندڙ خان، پوءِ اَسان ڪُوڙو ڪوٺيو، ۽ آکيو سون به عيان، ته اَلله ڪُجھ نه اُتاريو، اُن باري مَنجھ بَيان، اوهين آهيو ڪا شئِ ڪانه، مگر مُنجھ وَڏِئَ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10)

۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ چوندا، (ته اسان عقل ۽ فڪر کان ڪم ئي نه ورتو رڳو ضد ۽ انڌي تقليد ۾ انهن جي مخالفت ڪئي) اسين (هيڪر انهن کي) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چوندا ڪاش ! جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجھون ها ته اسان (اڄ ڏينهن) جهنمين مان نه هجون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چوندا ته (افسوس) جيڪڏهن اسين سندن (ڳالهيون) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته (اڄ) دوزخين مان نه ٿيون ها.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون جيڪڏهن ٻڌون ها يا عقل رکون ها اسان ته نه هجون ها جهنم وارن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چوندا ته جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها. (مولانا محمد مدني)


۽ چوندا ته: ”هائو جي اسان ٻڌون ها يا سمجهون ها ته اسان دوزخين مان نه هجون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چيائون ته چڱي ڳالھ کي، جي ٻُڌون ها، ڪِ ٻُجھون، ته هرگز ڪِين هُجون، ساڙي واري ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11)

پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏسي) انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (وقت وڃائي آيا ۽ هاڻي رحمت کان) پري هجن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهي پنهنجا ڪيل گناه مڃيندا، پوءِ جهنمي، الله تعالى جي رحمت کان پري هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب ته اهي پنهنجي گناهن جو اقرار ڪندا ته دوزخين کي خدا جي رحمت کان محرومي آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ مـڃيندا پنهنجوگناهه پوءِ ڦٽڪار آهي جهنم وارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (رحمت کان) پري هجن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اُهي پنهنجو ڏوهه مڃندا پوءِ دوزخ وارن لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مَڃيائون مُنهن سان، سَندِن ڏوه صفا، پوءِ آھِ جاڙ جَفا، ڀاتِيَن ڪارڻ بِاھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12)

بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا (۽ غلط عملين جي نتيجن کان خبردار رهن ٿا) تن لاءِ (ننڍين لغزشن کان) معافي ۽ وڏو اجر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو اڻ ڏٺي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان بي ڏٺي ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ تمام وڏو اجر آهي. (سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان اڻ ڏٺو انهن جي لاءِ مغفرت ۽ ثواب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَرپُٺ پَنهنجي رَبَّ ڪنان، جي رکن خوف خيال، ته بَخشش آهي بَحال، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13)

۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي ماڻهو!) اوهين (خدا جي قانونن تي هلڻ متعلق) پنهنجي ڳالهه لڪائي ڪريو يا کليءَ طرح علي الاعلان ڪريو، اهو ته سينن جون ڳالهيون (۽ اتي اچڻ وارا خيال به) ڄاڻيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا وڏي سڏ چئو، بيشڪ اهو سينن جو راز ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهين ماڻهو پنهنجي ڳالھ ڳجھ ۾ ڪريو يا ڏاڍيان اهو ته سينن جون به ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ آهستي ڪيو پنهنجي ڳالهه يا بلند آواز ڪيو اها بيشڪ اهو (الله) ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي ماڻهو !) اوهين پنهنجي ڳالهه آهستي ڪريو يا ڏاڍيان، اهو ته سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا ان کي ڏاڍيان آواز ۾ چئو. بيشڪ اهو سينن جا راز به ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڳُجِھي پَنهنجِي ڳالھ رَکو، يا پَڌرِي ڪريوسِ پاڻ، سَچ پَچ سو سُڄاڻ، سَمجھي سِيني وارِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14)

جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي، سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهو (مخلوق جو احوال) نٿو ڄاڻي جنهن پيدا ڪيو ۽ اهو ئي لطف ڪندڙ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته باريڪ بين پوري (پوري) خبر رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ٿو ڄاڻي اهو جنهن پيدا ڪيو ۽ اهوئي سنهيون شيون ڄاڻندڙ خبردار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ٿو ڄاڻي ڇا؟ حالانڪه اُهو باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، اُهو ڄاڻي ئـِي ڪونه ٿو، جوڙيا اِهي جِنهن پاڻ؟ سو سِياڻو، سُڄاڻ، آهي هَر ڪِنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15)

(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ (رزق جي سرچشمي) زمين کي تابع ڪيو آهي، پوءِ ان جي رستن تي هلو ۽ الله جي رزق مان کائو ۽ (هي نه سمجهو ته ان رزق جي سرچشمن جا اوهان اڪيلا ۽ بي پڇا مالڪ آهيو، بلڪ اها اوهان وٽ امانت آهي، جنهن جي حساب لاءِ اوهان جو) ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي (خالق) آهي جنهن توهان جي (زراعت ۽ هلڻ وغيره) لاءِ زمين کي نرم بنايو پوءِ توهان ان جي رستن تي هلو ۽ (سندس ڏنل) رزق مان کائو ۽ انهيءَ ڏانهن اٿڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم، ۽ (سڌو) ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي هر طرف ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي (ڏنل) روزي کائو ۽ وري ان ڏي قبر مان اٿي وڃڻو آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ئي آهي جنهن بنائي اوهان جي لاءِ زمين مسخر پوءِ هلو ان جي رستن ۾ ۽ کائو ان جي رزق مان ۽ ان ڏانهن ئي اٿڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي تابع ڪيو آهي پوءِ ان جي پاسن ۾ هلو ۽ الله جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي. (مولانا محمد مدني)


اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم (۽ مطيع) ڪيو سو اوهان ان جي رستن ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏانهن ئي (جيئرو ٿي) اٿڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو سو، اوهان ڪاڻ، جِنهن نَرم ڪيو زَمِين کي، پوءِ وَٺِي واٽون اُن جون، هَلو ڦِرو هاڻ، ۽ سَدا سَندسِ رِزق مان، کائو، پِيو پاڻ، ۽ ڇَڏي مُقام، مَساڻ، آخِر اُن ڏي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16)

(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اوهان جو رزق جي معاملي ۾ پاڻ کي آزاد ۽ بي پڇا ٿا سمجهو) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي رزق جي ساڳئي سرچشمي) زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها ڌڏڻ لڳي؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان رب کان بي خوف آهيو جنهنجي بادشاهي آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏي پوءِ اها ان وقت ڏڪي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا جيڪو (خدا) آسمان ۾ (حڪومت ڪندڙ) آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ڳهائي ڇڏي ته پوءِ اها ڌڏڻ لڳي.(سيد فرمان علي)


ڇا بي خوف ٿيئو؟ ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته ڳهرائي اوهان کي زمين ۾ پوءِ ان وقت اها ڌُٻي پئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها اُن ئي وقت ڌڏڻ لڳي وڃي. (مولانا محمد مدني)


ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان اوهان کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي (ان طرح) جو اها اوچتو لرزڻ لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا،ويٺا اُن کان ويسلا؟ جنهن جو اُڀ تي اِختيار، ته ڳِهي آن کي اوچتو، نِئي ڌَرتي نِگو سار، اُها اُنهِئ وار، دَهشت مان ڌُٻندِي رَهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17)

(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


يا وري، جيڪو (الله) آسمان ۾ آهي تنهن کان اوهان کي اهو ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻ وسائڻ وارو واءُ موڪلي؟ (هن وقت اوهان هنن ڳالهين کي مذاق سمجهو ٿا) پر سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان بي خوف آهيو ان رب کان جنهنجي حڪومت آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان تي آسمان مان پٿر وسائي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته منهنجو عذاب ڪهڙيءَ طرح آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا اوهين هن ڳالھ کان بي خوف آهيو ته جيڪو آسمان ۾ (سلطنت ڪندڙ) آهي اوهان تي متان پٿرن ڀريل انڌاري موڪلي ته اوهان کي جلد ئي خبر پئجي وڃي ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي.(سيد فرمان علي)


يا امن وارا ٿيئو ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته موڪلي اوهان تي پٿر پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪيئن آهي منهنجو ڊيڄارڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪلي. پوءِ سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان توهان تي پٿر وسائڻ وارو واءُ موڪلي. پوءِ توهان جلد ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ويٺا اُن کان ويسلا؟ جو آهي اُڀ وارو، ته ڪَري اوهان تي ڪَڪَرِيَن جو، ڪو وِهلو وَسڪارو، پوءِ سَمجھو سَوارو، ته ڪِهڙو آهي قَهر مون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18)

۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به اهڙي طرح) ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن جي تاريخ ۾ جاچيو ته) منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (۽ سندن نتيجو ڪهڙي تباهي ۽ بربادي جي شڪل ۾ سامهون آيو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق انهن کان اڳين ماڻهن به انڪار ڪيو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح منهنجو انڪار ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو ته ڏسو ته منهنجي ڪاوڙ ڪئين هئي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڪوڙو چيو انهن جيڪي هئا انهن کان اڳي پوءِ ڪيئن هو منهنجو انڪار ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ انهن ماڻهن (به) ڪوڙو چيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ منهنجو انڪار ڪيئن (عبرتناڪ ثابت) ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي هُئا اُنهن کان اَڳڀرا، تِن ڪيا ڪُوڙ ضَرور، پييَنِ پوءِ پرُوڙ، مُون کان منهن موڙڻ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19)

پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙندڙ ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي؟ انهن کي وڏي مهربان (الله جي جوڙيل قانونن) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته (زندگيءَ جي لوازمات لاءِ) سڀ ڪنهن شئ کي ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اُهي انهن پکين کي نٿا ڏسن جيڪي انهن جي مٿان پَرَ کولي ۽ پَرَ بند ڪري اڏامن ٿا. نٿو سنڀالي انهن کي مگر رحمان. بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، خدا کان سواءِ انهن کي ڪو به روڪي رکي نه ٿو سگهي بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺائون پکين ڏانهن انهن جي مٿان پر کوليندڙ ۽ (پر) سميٽي رکن ٿا نه ٿو روڪي رکي انهن کي ڪو رحمٰن کان سواءِ بيشڪ اهو هر شيءِ ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پنهنجي مٿان پرن جي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، انهن کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته سڀڪنهن شيءِ کي ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن پنهنجي مٿان پکين کي نه ڏٺو آهي پرَ پکيڙيندي ۽ پرَ بند ڪندي؟ انهن کي (ڪِرڻ کان) ڪونه ٿو روڪي سواءِ رحمان جي. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، پَکِي ڏٺائون نه پان، تان اُڏامَندا اِظهار؟ کُلِيَل کنڀ کَنڀڙٽيون، وارِينِ ڪِنهين وار، نه جَھلينِ ڪير ڪِرڻ کان، ري ڏيہ ڌڻي ڏاتار، هَر شئ کي هَر پارِ، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20)

اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي (آفتن کان بچڻ لاءِ) وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏئي ٿو؟ ڪافر ته رڳو (سرڪشي ۽ خودفريبيءَ جي) ڌوڪي ۾ پيل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


يا توهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي جيڪو رحمان کانسواءِ توهان جي مدد ڪري. ناهن ڪافر مگر غرور ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا خدا کان سواءِ اهڙو ڪير آهي جو اوهان جي فوج بڻجي اوهان جي مدد ڪري، ڪافر ماڻهو ته ڌوڪي (ئي ڌوڪي) ۾آهن.(سيد فرمان علي)


يا ڪهڙو هي اهو آهي؟ جو اهو اوهان جو لشڪر آهي مدد ڪري ٿو اوهان جي رحمٰن کان سواءِ ناهن ڪافر مگر ڌوڪي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏي ٿو؟ ڪافر ته رڳو ڌوڪي ۾ پيل آهن. (مولانا محمد مدني)


(ٻڌايو)آخر اهو ڪهڙو لشڪر اوهان وٽ آهي جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو؟ ڪافر ته رُڳو دوکي ۾ ئي پِيَلَ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو، سو آهي ڪير، لَشڪر اَهنجو لاڏلو؟ ته آڌاري اَلله ري، آن کي اُهکِي وير، ڦِريَل بنا ڦير، آهِن رُڳو ريب فريب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21)

(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڀلا اهو ٻيو ڪير آهي، جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو، جيڪڏهن الله (زمين جي صلاحيت ختم ڪري) پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر (هي ڳالهيون کين سمجهه ۾ نٿيون اچن جو) اهي سرڪشي ۽ نفرت ۾ ورتا پيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


يا توهان جو اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏي جيڪڏهن رحمان توهان جو رزق بند ڪري، بلڪ اهي سرڪشي ۽ حق کان پري ٿيڻ تي ثابت قدم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا خدا جيڪڏهن پنهنجي (ڏنل) روزي روڪي ڇڏي ته ڪير اهڙو آهي جو اوهان کي رزق ڏئي پر اهي ڪافر ته وڏائي ۽ نفرت (جي ڪن) ۾ ڦاٿل آهي.(سيد فرمان علي)


يا ڪير آهي هي جيڪو رزق ڏيندو اوهان کي جيڪڏهن روڪي رزق اوهان جو بلڪ ڊگها ٿيا سرڪشيءَ ۽ نفرت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو جيڪڏهن الله پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر اهي سرڪشيءَ ۽ ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن. (مولانا محمد مدني)


ڀلا ڪو اهڙو آهي جيڪو توهان کي روزي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن اهو (الله) پنهنجو رزق روڪي ڇڏي، بلڪه اُهي سرڪشي ۽ (حق کان) ڀڄڻ تي اٽل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو، سو آهي ڪير؟ جو آن کي ڏئي ڏاتار ري، جي روڪي رِزق پَنهنجو، سو والِي ڪِنهِين وير، اُٽلو پاتـئون پير، آڪڙ ۽ اِنڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22)

ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا پوءِ جيڪو شخص پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مُنهن ڀر هلي ٿو، اهو وڌيڪ هدايت يافته آهي يا اُهو ماڻهو، جيڪو سڌي رستي تي سنئون سِڌو هلي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا جو شخص اونڌو ٿي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي راھ تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ جيڪو پنڌ ڪري ٿو اونڌو ٿي منهن پنهنجي تي وڌيڪ هدايت وارو آهي يا جيڪو پنڌ ڪري ٿو برابر ٿيندي سڌي واٽ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀَرِ اونڌو هلي رهيو آهي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اُهو جيڪو سڌي رستي تي سنئون سڌو هلي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو هَلي هٿراڌو واٽ تي، مُنهن ڀَر مُرڳوئـِي، سَواٽو سوئـِي، يا جو سَئون هَلي سَئـِينءَ واٽ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23)

چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بنايون. (جن سان اوهان ان جي آيتن کي ٻڌي ان جي تخليق کي ڏسي ۽ ان جي مثالن کي سمجهي سگهو پر) اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ جنهن توهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي (توهان مان) شڪر ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون چوين خدا ته اهو آهي جنهن اوهان کي نت نئون پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايون (پر) اوهين تمام گهٽ شڪر ادا ڪندا آهيو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو شڪر ڪيو ٿا اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته اُهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. توهان تمام ٿورو شڪر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، ته اُهوئـِي آھِ سو، آن کي جوڙيو جِنهن جَبَّار، ڪيائين اَهنجا ڪَن، اکيون، ۽ هِنيان پڻ هوشيار، پوءِ اَهنجا اِهي پار، ته ٿورا، ٿورا ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24)

چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو (پر اوهان جو اهو پکڙجڻ ضابطي کان ٻاهر نه هجي) ۽ اوهان ان ڏانهن ئي (پنهنجي ڪئي ڪيتي جو حساب ڏيڻ لاءِ) گڏ ڪيا ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


چوين ته اهو ئي ته (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پکيڙيو اوهان کي زمين ۾ ۽ ان ڏانهن ئي اٿاريا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهان ان ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ. (مولانا محمد مدني)


چؤ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته اُهوئي آھِ سو، بَرابَر بارِي، آن کي پکيڙي پَٽن ۾، جِنهن ڀَرِي ڀُون سارِي، ۽ وَرِي ڪِنهن وارِي، اَوهِين مِڙئـِي اُن ڏي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25)

۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پنهنجي ڪئي جو حساب ڏيڻ جي ڳالهه تي اهي منڪر مسلمانن کي) چون ٿا، ٻڌايو ته هيءَ (تباهي ۽ سزا وارو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي (ڪافر مؤمنن کي) چون ٿا ته هي وعدو (قيامت جو) ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) اهو انجام ڪڏهن (پورو) ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ڪافر مسلمانن کي) چون ٿا ته هيءُ انجام ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هيءُ وعدو (قيامت وارو) ڪڏهن پورو ٿيندو اگر اوهان سچا آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَون، ته اُهو اَنجام، آهي ڪڏهن اَچڻو؟ اَوهين سَچا، جي آهيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته، (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آئون ته رڳو (غلط ڪارين جي تباه ڪندڙ نتيجن کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو (اهو) علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون چوين ته (ان جو) علم ته رڳو خدا کي ئي آهي ۽ آءُ ته بلڪل صاف (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ مان ته صرف ڊيڄاريندڙ، کليل آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ !) چئو ته (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”ان (جي وقت) جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَهو ته ڪَڏهِن قِيام، هِي خَبر خاص خُدا کي، ڏي وَراڻِي وَريام!، ۽ پَڌرِي پَٽ پَيغام، آئون ڏِيندڙ آهيان ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27)

۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن (ڪارا) بڇڙا ٿي ويندا ۽ (ان وقت کين) چيو ويندو ته، هي اهو (عذاب) آهي جيڪو اوهين (سڏي سڏي) گهرندا هيئو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن اهي ان عذاب کي پاڻ وٽ قريب ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن خراب ۽ ڪارا ٿي ويندا، ۽ انهن کي چيو ويندو ته هيءُ اهو عذاب آهي جيڪو توهان گھُرندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن ان (عذاب کي) ويجهو ڏسندا ته (ڊپ کان) ڪافرن جا منهن ڦري ويندا ۽ کين چيو ويندو، هي اهو ئي (عذاب) آهي جنهن جي اوهين گهر ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن ڏسندا ان کي ويجهو ته بڇڙا ڪيا ويندا منهن انهن جا جن ڪفر ڪيو ۽ چيو ويندو هيءُ اهو آهي جنهن جي اوهان طلب ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن بڇڙا ٿي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو ته هي اهو (عذاب) آهي جنهن کي اوهين گهرندا هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن ڪاراٽجي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب) آهي جنهن جي توهان گهُر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڏِسن اُن اَنجام کي، ويجھو ويچارا، اُتي اِنڪارِيَن جا، ٿِيا مَٽجِي مُنهن ڪارا، ۽ آکيو وِيو اُنهن کي، ڏيئـِي اِشارا، ته هي، سي سانبارا، جي گَھر ويٺي گُھرندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته، جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي پڪڙ ۾ آڻي يا اسان تي رحم ڪري (اهو فڪر نه ڪريو، بلڪ اوهان فڪر رڳو هن ڳالهه جو ڪريو ته اوهان جي انڪار ۽ آڪڙ تي) ڪير آهي جو (اوهان) ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي اها ڳالهه ٻڌايو ته جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري، پوءِ ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) کين چوين ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن خدا مون کي ۽ منهنجن مائيٽن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم فرمائي ته ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هلاڪ ڪري مون کي الله (بفرض محال) ۽ انهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن يا رحم ڪري اسان تي پوءِ ڪير بچائيندو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ!) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مو ن سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري ته ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري ڇڏي يا اسان تي رحم فرمائي، پوءِ اُهو ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، سوچيان ڪاهِئ ڳالھ؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، مُون ۽ مُنهنجي ساٿِيَن کي، جي پان ڪري پائـِمال، يا اُٽلندو اَسان تي، ڀَلو ڪري ڀال، پوءِ ڪنان بَند بَد حال، ڪير بَچائي ڪافرِين ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته، اهو (الله) وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان (جي رحمت وارن اصولن) تي اسان ڀروسو ڪيو. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. (۽ ڪير صحيح رستي تي هلي رهيو آهي؟)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اهو رحمان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان ان تي توڪل ڪئي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته صاف گمراهي ۾ ڪير آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تون چوين ته اهو ئي (خدا) وڏو مهربان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو آهي ۽ اسان ته ان (ذات) تي ڀروسو رکيو آهي. ته جلد ئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ (پيل) آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اهو رحمٰن آهي اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي آهي پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير کليل گمراهيءَ ۾ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !س) چئو ته اهو (الله) وڏو مهربان آهي ان تي اسان ايمان آندو ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌريءَ گمراهي ۾ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ اُهو (الله) وڏو مهربان آهي اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسان ان تي ڀروسو ڪيو، پوءِ توهان سگهو ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير ماڻهو کُلي گمراهي ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، اُهو آهي هيڪڙو، سڀ ڏيهن جو ڏاتار، اَسان مَڃيون اُن کي، ۽ بَرسِر رکيوسونسِ بار، پوءِ سَڀ سِگھوئـِي سَمجھندا، حَقِيقت هيڪار، ته اُهو آهي ڪِهڙو پار، وَرتل وائکِي وِرس ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته، ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان (ان جي پالڻهاريءَ جي مقرر ڪيل طريقن کي نه مڃيندو ۽ اوهان) جو پاڻي سڪي وڃي (جنهن تي اوهان جي زندگيءَ جو دارومدا آهي) ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو توهان مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اهو توهان جو پاڻي نهايت هيٺ ڪري ڇڏي، پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي چشمي وارو پاڻي آڻي ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون چوين ته ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي زمين ۾ اندر هليو وڃي ته ڪير اهڙو آهي جيڪو اوهان لاءِ پاڻيءَ جو وهندڙ (چشمو) آڻي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته خبر ڏيو اوهان جيڪڏهن ٿي وڃي پاڻي اوهان جو سڪي ويل پوءِ ڪير آڻيندو اوهان وٽ پاڻي (مٺو) وهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) چئو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي سُڪي وڃي ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان جو پاڻي زمين ۾ تمام هيٺ هليو وڃي ته ڪير آهي جو اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو جاچيان ڪِيئن جواب؟ ته پاڻِي اَهنجو پِرھ سان، پيهِي وَڃي پاتار ۾، تَلي وَڃن تالاب، پوءِ اونَهيرو، سو آب، آن کي ڪير ڏئي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017