القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ التَّحۡرِیۡمِ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 12


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ لِمَ تُحَرِّمُ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ تَبتَغى مَرضاتَ أَزوٰجِكَ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 1)

اي پيغمبر جنھن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آھي سا ڇو ٿو حرام ڪرين؟ پنھنجين زالن جو راضپو گھرين ٿو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي نبي! جنهن شيء کي الله تو لاءِ حلال ڪيو آهي، سا تون ڇو (قسم ذريعي پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ (۽ اهو به ان لاءِ ته) تون پنهنجي زالن جي رضامندي گهرين ٿو، ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (جو تو کي تنبيهه ڪري ان جي خرابيءَ کان توکي بچائڻ گهري ٿو).(علامه علي خان ابڙو)


اي نبي ڪريم توهان (پاڻ تي) اهي شيون ڇو ٿا حرام ڪريو جيڪي الله تعالى توهان لاءِ حلال ڪيون آهن، توهان پنهنجي گھر وارين جو رضامندو طلب ڪريو ٿا. ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي رسول! جنهن شيءَ کي خدا تنهنجي لاءِ حلال ڪيو آهي تنهن کان تون پنهنجي زالن جي رضامنديءَ لاءِ ڇو ڪنارو ڪرين ٿو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


اي نبي! ڇو ٿو حرام ڪرين اها شيءِ جو حلال ڪئي الله تنهنجي لاءِ طلب ڪرين ٿو خوشنودي پنهنجين زالن جي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي نبيﷺ! جنهن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آهي سا تون ڇو (پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ تون پنهنجن زالن جي رضامندي گهرين ٿو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


اي نبي تون ڇو ان شيءِ کي حرام ڪرين ٿو؟ جا الله تو لاءِ حلال ڪئي آهي، تون پنهنجي گهر واريُن جي مرضي چاهين ٿو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي نَبِي ! نِرمل ناءُ، ڪوه قَسم وِجِهين تِنهن ڳالھ کان، رَواڪئـِي جا رَحم سان، رَبَّ تعالىٰ تو لاءِ، رکڻ گُھرِين ٿوراءِ، پاڪن سَندِي پانهنجي. ۽ اَلله جَل جَلالہٗ آھِ، بَخِشيندڙ بَحال، ڀَلو ڪَندڙ ڀال، ٻَهون ٻاجِھيندڙ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد فَرَضَ اللَّهُ لَكُم تَحِلَّةَ أَيمٰنِكُم وَاللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 2)

بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آھي، ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ الله اوهان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آهي ۽ الله اوهان جو مالڪ آهي (جنهن پنهنجي قانون ۾ هن ڳالهه جي گنجائش رکي آهي ته سهو ۽ خطا جو تدارڪ ٿئي) ۽ اهوئي علم وارو حڪمت وارو آهي. (جو انسان جي طبعي ڪمزورين کي ڄاڻي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو)


تحقيق الله تعالى توهان لاءِ توهان جي کنيل قسمن جو ڪفارو مقرر ڪيو آهي، ۽ الله توهان جو مددگار آهي، ۽ اهو صاحبِ علم و حڪمت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا اوهان ماڻهن لاءِ قسمن کي ڀڃڻ جو ڪفارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله ئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


تحقيق مقرر ڪيو الله اوهان جي لاءِ کولڻ قسمن اوهان جي کي ۽ الله مددگار اوهان جو آهي ۽ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله اوهانجن قسمن جو کولڻ درست ڪيو آهي. ۽ الله اوهان جو مالڪ آهي ۽ اهوئي علم وارو حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله توهان جي لاءِ توهان جي قسمن جي پائبندي مان نڪرڻ جو طريقو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ الله اوهان جو ڪارساز آهي ۽ اهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


صَحِي اَهنجي سُونهن جو، هادِئَ ٺَهرايو حَل، ۽ حامِي اَهنجو هر حال ۾، اَلله عَزَّ وَجَل، ۽ اُهوئي آھ سو، جنهن کي ٿِي، ٿِيندي جي ڪَل، اُونهِئَ ساڻ اَٽڪل، هلائـِيندڙ هَر حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ أَسَرَّ النَّبِىُّ إِلىٰ بَعضِ أَزوٰجِهِ حَديثًا فَلَمّا نَبَّأَت بِهِ وَأَظهَرَهُ اللَّهُ عَلَيهِ عَرَّفَ بَعضَهُ وَأَعرَضَ عَن بَعضٍ فَلَمّا نَبَّأَها بِهِ قالَت مَن أَنبَأَكَ هٰذا قالَ نَبَّأَنِىَ العَليمُ الخَبيرُ (آيت : 3)

۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد ڪر ته) جڏهن نبي پنهنجي زالن مان ڪنهن زال کي ڪا ڳجهي ڳالهه چئي، پوءِ جڏهن ان (بي بيءَ) اها (ڳجهي ڳالهه ٻي بي بيءَ کي) ٻڌائي ۽ الله نبيءَ کي ان جي خبر ڏني ته پاڻ ڪجهه ڳالهه بيان ڪيائون ۽ ڪجهه ڳالهه بيان ڪرڻ کان منهن موڙيائون. پوءِ جڏهن (بي بيءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪرڻ) جي خبر ڏنائون ته ان چيو ته، توکي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي آهي؟ پاڻ چيائون ته مون کي پوري ڄاڻڻ واري ۽ پوري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت رسولِ عربي پنهنجي هڪ بيبي کي هڪ راز واري ڳالهه بيان ڪئي، پوءِ جڏهن ان بيبي اُها ڳالهه ٻي بيبي کي ٻڌائي ۽ الله اُها ڳالهه رسولِ عربي تي ظاهر ڪئي ته پاڻ ڪريمن ڪجھه ڳالهه بيان فرمائي ۽ ڪجھه تي خاموشي اختيار ڪئي، پوءِ جڏهن پاڻ ڪريمن اها ڳالهه پنهنجي بيبي کي چئي بيبي عرض ڪيو ته توهان کي اها ڳالهه ڪنهن ٻڌائي؟ رسولِ عربي فرمايو، مون کي اها ڳالهه الله تعالى ٻڌائي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن پيغمبر پنهنجي زالن (حفصه) کي ڪا ڳجهيءَ ڳالھ چئي پوءِ جڏهن ان (منع ڪرڻ هوندي به) ان ڳالھ جي (عائشه سان) خبر ڪئي ۽ خدا ان ڳالھ کي رسول تي ظاهر ڪيو ته رسول (عائشه) کي ڪجھ ڳالھ (ماريه جي) ٻڌائي ۽ ڪجھ ڳالھ (ماکيءَ جي) ٽاري ڇڏي. مطلب ته جڏهن رسول ان واقعي (حفصه جي ڳالھ کولڻ) جي ان (عائشه) کي خبر ڏني ته (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳي: اوهان کي ان ڳالھ (راز کولڻ) جي ڪنهن خبر ڪئي؟ رسول چيو مون کي سڀ ڄاڻڻ واري سڀ خبر رکڻ واري (خدا) ٻڌائي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن رازداريءَ سان ڪئي نبي هڪ سان پنهنجين گهروارين مان ڳالهه پوءِ جڏهن خبر ڪيائين ان جي ۽ اظهار ڪيو ان کي الله ان تي ته ٻڌايائين ان جو بعض ۽ منهن موڙيائين بعض کان پوءِ جڏهن خبر ڏنائين ان کي ان جي ته چيائين ڪنهن خبر ڏنائين توکي هيءَ چيائين خبر ڏنائين مون کي ڄاڻندڙ، خبر ڏيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ياد ڪر ته) جڏهن نبي پنهنجن زالن مان ڪنهن زال کي ڪا ڳجهي ڳالهه چئي پوءِ جڏهن ان (بيبيءَ) اها (ڳجهي ڳالهه ٻي بيبيءَ کي) ٻڌائي ۽ الله نبي کي ان جي خبر ڏني ته پاڻ ڪجهه ڳالهه بيان ڪيائون ۽ ڪجهه ڳالهه بيان ڪرڻ کان منهن موڙيائون پوءِ جڏهن ان (بيبيءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪرڻ) جي خبر ڏنائون ته ان چيو ته توکي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي آهي؟ پاڻ چيائون ته مون کي پوري ڄاڻڻ واري پوري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن نبي پنهنجي هڪ گهر وارِيءَ سان راز جي ڳالهه ڪئي، پوءِ جڏهن اُها ان جو ذڪر (ڪنهن ٻئي سان) ڪري ويٺي ۽ الله نبي تي اها (راز کُلڻَ جي) ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي ته نبي ڪجهه ڳالهه (ان گھرواريءَ سان) بيان ڪيائين ۽ ڪجهه ڳالهه ڪرڻ کان منهن موڙيائين پوءِ جڏهن ان (گهر واريءَ) کي ڳجهي ڳالهه جي (پڌري ڪري ويهڻ) جي خبر ڏنائين ته ان چيو ته تو کي هيءَ ڳالهه ڪنهن ٻڌائي؟ نبي فرمايو ته: ”مون کي علم واري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پيغمبر سَندسِ پاڪن مان، جڏهن ڳَرهِي ڪِنهن سان ڳالھ، جَڏهن خاتون اُن خبر کي، کوليو ڪِنهن به خيال، ۽ تڏهن ظاهِر ذُوالجلال، مَٿسِ سو مَذڪُور ڪيو. پوءِ ڪُجھ ڄاڻائـِين اُن مان، ۽ ڪُجھ کان موڙيو مُنهن مُرسل، پوءِ خبر تِنهن خاتون کي، پاڻ ڏِنائـِين جنهن پَل، چيائـِين ته توکي ڪِنهن ڏِنِي، ڪامِل! اِها ڪَل، جانِئَ چَيو جواب ۾، اَلله عَزَّوَجَلَّ، اُهو عالَم کون ازل، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن تَتوبا إِلَى اللَّهِ فَقَد صَغَت قُلوبُكُما وَإِن تَظٰهَرا عَلَيهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَولىٰهُ وَجِبريلُ وَصٰلِحُ المُؤمِنينَ وَالمَلٰئِكَةُ بَعدَ ذٰلِكَ ظَهيرٌ (آيت : 4)

(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر جون ٻئي بيبيون! جيڪي هن راز ۾ شريڪ آهيو) جيڪڏهن اوهين ٻئي الله وٽ توبهه ڪنديون (ته سٺي ڳالهه آهي) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪٻئي جي مدد ڪنديون (ته ياد رکو توهان ان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهنديون، ڇاڪاڻ) ته بيشڪ الله سندس ڪم ٺاهيندڙ آهي ۽ جبريل ۽ چڱا مسلمان ۽ ملائڪ هن کان پوءِ (سندس) مددگار آهن.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪڏهن توهان ٻئي الله ڏانهن رجوع ٿينديون، پوءِ بيشڪ توهان جون دليون مائل ٿينديون. ۽ جيڪڏهن (بالفرض) توهان ٻئي ان سان تعاون نه ٿيون ڪريو، پوءِ بيشڪ الله تعالى پنهنجي حبيب جو مددگار آهي ۽ جبريل امين ۽ صالح مؤمن ۽ ان کان پوءِ ملائڪ به ان جا مددگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ته اي حفصه ۽ عائشه) جيڪڏهن اوهين ٻئي (اهڙي حرڪت کان) توبه ڪريو ته (خير) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته (ڪجھ پرواھ نه آهي ڇو ته) خدا، جبرئيل ۽ سڀني ايماندارن مان نيڪ شخص ان جا مددگار آهن ۽ انهن کان سواءِ سڀ فرشتا (سندس) مددگار آهن.(سيد فرمان علي)


جيڪڏهن رجوع ڪيو اوهان ٻئي الله ڏانهن پوءِ تحقيق مائل ٿيون دليون اوهان ٻنهي جون ۽ جيڪڏهن ٻڌي ڪئي اوهان ان تي پوءِ بيشڪ الله اهو مددگار ان جو آهي ۽ جبريل ۽ مؤمنن مان صالح شخص ۽ ملائڪ ان کان پوءِ مددگار آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر جون ٻئي بيبيون !) جيڪڏهن اوهين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن (ته اوهان لاءِ چڱو آهي) ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڪم ٺاهيندڙ آهي ۽ جبريل ۽ چڱا مسلمان ۽ ملائڪ هن کان پوءِ مددگار آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪڏهن اوهان ٻئي الله اڳيان توبه ڪيو (ته بهتر آهي) ڇو جو توهان ٻنهين جون دليون (هڪ ئي ڳالهه ڏانهن) جهُڪي ويون آهن ۽ اگر اوهان ٻئي ان ڳالهه تي هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته پوءِ بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبريل ۽ صالح ايمان وارا به ۽ ان کان پوءِ ملائڪ به (سندس) مددگار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آرياڻيون! اَلله ڏي، ٻَئـِي وَرو هِن ويرا، اَهنجا مَن ميرا، سَچيون! سَچ پَچ ٿِي پِئا. اُتس اجايو زور ڪنديون، جي ٿِي هِڪ ٻئي جون هَمراه، پوءِ سَچ پَچ ساٿِي ان جو، آهي پاڻ اَلله، ۽ جِبرِيل ۽ جيڪِي نيڪ ٻِئا، جِن جو واحِد تي ويساھ، پڻ مِڙئـِي مَلڪ اَللهَ جا، دَرٻارِي درگاھ، واهِر آهِن واھ!، پُٺ ڀَرائو تِنهن پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عَسىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبدِلَهُ أَزوٰجًا خَيرًا مِنكُنَّ مُسلِمٰتٍ مُؤمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰئِبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰئِحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَأَبكارًا (آيت : 5)

جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اميد آهي ته پيغمبر جيڪڏهن (مودت ۽ سڪون نه ڀانئي) اوهان کي طلاق ڏيندو ته سندس پاليندڙ ان کي بدلي ۾ اهڙيون زالون ڏيندو جيڪي اوهان کان گهڻيون چڱيون، اسلام واريون، ايمان واريون، تابعدار، توبهه ڪرڻ واريون، عبادت ڪرڻ واريون، روزا رکڻ واريون، (ڪي) رنڙون ۽ (ڪي) ڪنواريون هونديون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اهو توهان کي طلاق ڏي پوءِ عنقريب ان کي سندس رب توهان جي عيوض توهان کان بهتر گھر واريون ڏيندو، جيڪي اطاعت ڪندڙ هونديون، مؤمن هونديون، فرمانبردار هونديون، تائب ٿيندڙ هونديون، عبادت ڪندڙ هونديون، روزا رکندڙ هونديون، شادي شده هونديون يا غير شادي شده هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪڏهن رسول اوهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلدي ئي سندس پروردگار اوهان جي بدلي کيس اوهان کان چڱيون زالون عطا ڪندو جيڪي فرمانبردار، ايماندار، (خدا ۽ رسول جون) تابعدار (گناهن کان) توبه ڪرڻ واريون عبادت گزار، روزي رکڻ واريون رنڙ ۽ ڪنواريون هوندوين.(سيد فرمان علي)


ويجهو آهي ان جو رب جيڪڏهن طلاق ڏئي اوهان کي ته مٽائي ڏئي ان کي زالون ڀليون اوهان کان مسلمان، مؤمنياڻيون فرمانبرداريون توبہ ڪندڙيون، عبادت ڪندڙيون، روزيداريون، اڳ شادي ڪيلون (رنڙون) ۽ ڪنواريون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اُميد آهي ته پيغمبرﷺ جيڪڏهن اوهان کي طلاق ڏيندو ته سندس پاليندڙ ان کي بدلي ۾ اهڙيون زالون ڏيندو جيڪي اوهان کان گهڻيون چٽيون، اسلام واريون، ايمان واريون، تابعدار، توبه ڪرڻ واريون، عبادت ڪرڻ واريون، روزا رکڻ واريون، رَنڙون ۽ ڪنواريون هونديون. (مولانا محمد مدني)


اگر اهو (نبي) توهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلد سندس پالڻهار کيس توهان کان بهتر گهرواريون بدلي ۾ عطا ڪندو (جي) فرمانبردار، ايمان واريون، تابعداري ڪرڻ واريون، توبه ڪرڻ واريون، عبادتگذار، روزن رکڻ واريون بيوه ۽ ڪنواريون هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اوڏو آهي اُن ڪم کي، سَندسِ رَبُّ سَتّار، جي توهان کي طلاق ڏِئي، ڀَليرو ڀَتار، آن کان ڀَليون بِيـبِـيون، ڏِئيسِ وَري ڏاتار، هَلندڙ حُڪمن مٿي، وِسهندڙ وِينجھار، نيڪ نِمازِي نڪڻٖي، توبہ لاءِ تيار، پُڄارِي پَروَر جون، راڻيون روزيدار، ڪي وِلهيون وَلهن ڌار، ڪي ڪامِل ڪام ڪُنواريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قوا أَنفُسَكُم وَأَهليكُم نارًا وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ عَلَيها مَلٰئِكَةٌ غِلاظٌ شِدادٌ لا يَعصونَ اللَّهَ ما أَمَرَهُم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 6)

اي ايمان وارؤ پاڻ کي پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا جنھن (باھ) تي سخت طبع زبردست ملائڪ (مُقرر) آھن جيڪي (الله) کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي سو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن. ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن جنهن جو کين الله حڪم ڪيو آهي، تنهن ۾ سندس نافرماني نٿا ڪن ۽ جنهن جو کين حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو ! توهان پنهنجي وجودن کي ۽ پنهنجي اهل کي ان باه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر (بت) هوندا. ان باه تي بيحد سخت ملائڪ مقرر هوندا جيڪي الله جي حڪم جي بي فرماني نٿا ڪن ۽ اهي حڪم مطابق ڪم ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن ان تي سخت طبيعت (۽) سخت مزاج ملائڪه (مقرر) آهن جنهن ڳالھ جو خدا کين حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن ۽ جو حڪم کين ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! بچايو پنهنجن سرن کي ۽ پنهنجن اهلن کي باهه کان جو ٻارڻ ان جو ماڻهو ۽ پٿر آهن ان تي ملائڪ آهن سخت شديد نه ٿا بي فرماني ڪن الله جي ان ۾ جو امر ڪيائين انهن کي ۽ ڪن ٿا اهو جو امر ڪيا وڃن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن، ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن جنهن جو کين الله حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجي گهرڀاتين کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، ان تي سخت طبيعت طاقتور ملائڪ (مقرر) آهن، جيڪي الله جي نا فرماني نه ٿا ڪن ان ۾ جيڪي به انهن کي امر ڪري ٿو ۽ ائين ئي ڪن ٿا جيئن کين حڪم ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي!، آهي جِن جو، واحِد ۾ ويساھ، سي پاڻ ۽ پَنهنجي ڀاتِين، بَچايو، کون باھ، ۽ ماڻهو، پَهڻ جنهن مَچ جو، ٻارڻ ٻارهو آھِ، قَهري مَلڪ ڪٺڻ گھڻو، اُتي تِنهن آڙاھ، اُبتڙ نه هَلَن اُن کان، جنهن جو اَمر ڪِيَن اَلله، ۽ اُن ڪَم تي ڪَن ڪاھ، جنهن جو حُڪم مِليَن حُضور، مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ كَفَروا لا تَعتَذِرُوا اليَومَ إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 7)

(ان ڏينھن چئبو ته) اي ڪافرؤ اڄ بھانو (پيش) نه ڪريو، جيڪي ڪندا ھئو رڳو تَنھنجي اوھان کي سزا ڏجي ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان ڏينهن ڪافرن کي چونداسون ته) اي ڪافرو! اڄ (عذاب کان بچڻ (لاءِ) بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا رڳو تن (عملن) جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


اي ڪافرو ! توهان اڄ ڏينهن عذر پيش نه ڪريو، توهان کي توهان جي عملن مطابق جزا ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(جڏهن ڪافر دوزخ جي سامهون ايندا ته کين چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين (ڪرتوت) ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


اي ڪافرو! نه بهانا بنايو اڄ اوهان بدلو ڏنا ويندؤ ان جو جيڪو ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن جو کين حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا (ان ڏينهن ڪافرن کي چونداسون ته) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪيو. توهان کي فقط ان جو ئي بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي جن ڪُفر ڪيو، ڦِريا، کون فرمان، اَڄ نه عُذر گُذاريو، مَنجھ مَحشر جي ميدان، جيڪِي ڪَندا هُئا ڪُفران!، اُهو ماڻِيندا مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا توبوا إِلَى اللَّهِ تَوبَةً نَصوحًا عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُكَفِّرَ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيُدخِلَكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يَومَ لا يُخزِى اللَّهُ النَّبِىَّ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ نورُهُم يَسعىٰ بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم يَقولونَ رَبَّنا أَتمِم لَنا نورَنا وَاغفِر لَنا إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 8)

اي ايمان وارؤ الله وٽ توبه ڪريو سچي توبه، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي ته اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جنھن ڏينھن جو الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي تن کي خوار نه ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو چوندا (ته) اي اسان جا پالڻھار اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، بيشڪ تون سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي ايمان وارؤ! (زندگيءَ جي ڪنهن مرحلي تي توهان جو قدم سهو سان غلط کڄي وڃي ته ان روش کان پاسو ڪيو ۽) اوهين الله وٽ سچي توبهه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان کان اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺيان واهه پيا وهن. (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله نبي(ﷺ) کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄي پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي پنهنجو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو ! توهان الله جي دربارِ اقدس ۾ سچي دل سان توبه تائب ٿيو، عنقريب توهان جو رب توهان تان توهان جا ڪيل گناه معاف فرمائيندو ۽ توهان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، ان ڏينهن الله تعالى رسولِ عربي ۽ انهن مؤمنن کي عزت ۽ وقار بخشيندو جيڪي ان سان گڏ هوندا، انهن جو نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي تيزيءَ سان هلندو، اهي چوندا اي اسان جا رب اسان لاءِ تون اسان جي نور کي مڪمل ڪر ۽ تون اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! اوهين خدا وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن. ان ڏينهن جڏهن خدا، رسول کي ۽ انهن کي جن ساڻس ايمان آندو آهي خوار نه ڪندو (بلڪ) انهن جو نور سندن اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي (روشني ڪندو) پيو ڊوڙندو هلندو ۽ اهي ماڻهو هيءَ پيا دعا گهرندا ته خداوندا! اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجھ ڪري سگهين ٿو.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! توبہ ڪيو الله ڏانهن توبہ سچي ويجهو آهي اوهان جو رب ته ميٽي ڇڏي اوهان کان برايون اوهان جون ۽ داخل ڪري اوهان کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون جنهن ڏينهن نه خوارڪندوالله نبي کي ۽ انهن کي جن ايمان آندو ان سان گڏ نور انهن جو ڊوڙندو انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄن پاسن کان چوندا اي اسان جا رب! پورو ڪر اسان جي لاءِ اسان جي نور کي ۽ بخش ڪر اسان کي بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! اوهين الله وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان کان اوها ن جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله نبيﷺ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي پنهنجو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! توهان الله ڏانهن توبه ڪيو سچي ۽ خالص توبه. پڪ آهي ته توهان جو پالڻهار توهان کان توهان جون خطائون ميٽي ڇڏيندو ۽ توهان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون جنهن ڏينهن الله نبي کي ۽ انهن ايمان وارن کي جيڪي ساڻس گڏ آهن تن کي شرمندهه نه ڪندو. سندن نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو ۽ اُهي عرض پيا ڪندا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان جي لاءِ اسان جي نور کي مڪمل ڪر ۽ اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي، آندو جِن، اَلله تي اِيمان!، سي موٽو، موٽڻ صاف سَچو، مالِڪ، ڏانهن منان، ۽ ميٽي اَوهان جا مِهر سان، مِڙِئي عيب عِصيان، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِينِيان مَاڳ مڪان، هيٺان جِن هَر آن، واهِيون ڪن ٿيون وَهڪرا. جڏهن آگو اِن نَبِئ کي، بلڪل نه ڪندو بيمان، پڻ سَندسِ تِن ساٿين کي، آندو جن اِيمان، ڊوڙي اڳيان اُنهن جي، سَندنِ نُور نِشان، پڻ چِمڪي مَنجھ چوگان، سَندنِ ساڄن سوجھرو. دُعا گُهرن ڌَڻِئَ کان، ته سانيَمِ!، رَبَّ، سَتار، ڪَر اَسان جي نُور کي، پُورو پالڻهار، پڻ عيب گُناھ اسان جا، بَخشِين بَخشڻهار، آهِيين تون اِظهار، هَلندِئَ وارو هَر شئ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 9)

اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان لڙائي ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن (جي خلاف جدوجهد جاري رک ۽ انهن) سان جنگ ڪر ۽ انهن تي (سندن لچاين جي ڪري) سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي بڇڙي جاءِ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي رسولِ عربي توهان ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪريو ۽ توهان انهن تي سختي ڪريو، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ تمام خراب آهي جاءِ موٽڻ جي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي رسول! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ واري جاءِ بڇڙي آهي.(سيد فرمان علي)


اي نبي! جهاد ڪر ڪافرن سان ۽ منافقن سان ۽ سختي ڪر انهن تي ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جنگ ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


اي نبي ! جهاد ڪر ڪافرن ۽ منافقن سان ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪُوڙن ڪافِرن سان، اي نَبِي! جوٽ جنگ، ٻِئو پڻ ٻِچاپڻن سان، جي روز رچائـِن رنگ، ڪامِل! مٿنِ ڪَٺور ٿِي، نَرمِي جو نه پَوَندُنِ ننگ، جَھَنَّمَ جاءِ اُنهن جِي، آڙاه ۾ اَڙٻَنڳ، تمام بڇڙو تنگ، ٿيو موٽڻ وارو ماڳ سو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ كَفَرُوا امرَأَتَ نوحٍ وَامرَأَتَ لوطٍ كانَتا تَحتَ عَبدَينِ مِن عِبادِنا صٰلِحَينِ فَخانَتاهُما فَلَم يُغنِيا عَنهُما مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَقيلَ ادخُلَا النّارَ مَعَ الدّٰخِلينَ (آيت : 10)

الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن صالحن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون پوءِ اُنھن زالن ٻنھي سان خيانت ڪئي ۽ پوءِ اُھي ٻئي (پنھنجين) زالن کان الله جو عذاب ڪجھ به ٽاري نه سگھيا (انھن کي) چئبو ته باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ (مڪافات جو قانون اٽل هئڻ جي سلسلي ۾) ڪافرن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان چڱن ٻانهن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي. (يعني ايمان ۾ انهن جو ساٿ نه ڏنو) پوءِ اهي ٻئي (پيغمبر) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ چيو ويو ته اوهين ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى ڪافرن جو مثال بيان ڪيو (پيغمبر) نوح جي گھر واري ۽ (پيغمبر) لوط جي گهر واريءَ جو، اهي ٻَئي اسان جي صالح ٻانهن مان ٻن ٻانهن جي نڪاح هيٺ هُيون، پوءِ انهن ٻنهي ڪفر ڪيو پوءِ اُهي ٻئي انهن ٻنهي عورتن تان الله جي دربار مان ڪا شيءِ دفع ڪري نه سگھيا ۽ حڪم ڪيو ويو ته توهان ٻئي عورتون جهنم ۾ داخل ٿيندڙن سان گڏ داخل ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ڪافرن لاءِ نوح جي زال (واعله) ۽ لوط جي زال (واهله) جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي عبدن مان ٻن چڱن عبدن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي ته اهي ٻئي (پيغمبر) خدا جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجھ به ڪم نه آيا ۽ (کين) چيو ويندو ته اوهين ٻئي زالون (دوزخ جي) باھ ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو.(سيد فرمان علي)


هنيو الله مثال انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو نوح جي گهر واري ۽ لوط جي گهر واريءَ جو هُيون هيٺان (نڪاح ۾) ٻن ٻانهن جي اسان جن ٻانهن مان صالح (ٻانها) پوءِ انهن سان خيانت ڪيائون پوءِ نه فائدو ڏنائون انهن ٻنهي کي الله وٽ ڪجهه به ۽ چيو ويو داخل ٿيو باهه ۾ داخل ٿيندڙن سان گڏ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله ڪافرن لاءِ نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسانجن ٻانهن مان ٻن چڳن ٻانهن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي پوءِ اهي ٻئي (پيغمبر سڳورا) الله جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ چيو ويو ته اهي ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو ۽ (مولانا محمد مدني)


الله مثال ڏنو آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو نوح جي زال ۽ لوط جي زال جو. اُهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان ٻن صالح ٻانهن جي گهرن ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهين انهن سان خيانت ڪئي، پوءِ اُهي الله جي (عذاب) اڳيان انهن جي ڪنهن ڪم نه آيا، ۽ انهن کي چيو ويو ته اوهان ٻئي زالون باهه ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏجي داخل ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِن ڪُفر ڪيو تِن جو، مالِڪ ڏِنو مِثال، بِيبِي نُوح نبئَ جي، ٻِي بِيبِي لُوط لال، اَسان جي بَندن مان، ٻِن ڀَلن هيٺ بَحال، نارِيون هُيون نِڪاح ۾، صُحت اَندر سال، پوءِ چَليون اُن چَڱن سان، چِيچَپائـِي جِي چال، پوءِ ڪُجھ نه ڇڏايونِ قادِر کان، جي ايڏا ڪاند ڪمال، پَروَر پاران اُنهن کي، وِيو فرمايو فِى الحال، گِھڙو گِھڙندڙن نال، ٻَئـِي ٻَرندڙ باھِ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذينَ ءامَنُوا امرَأَتَ فِرعَونَ إِذ قالَت رَبِّ ابنِ لى عِندَكَ بَيتًا فِى الجَنَّةِ وَنَجِّنى مِن فِرعَونَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 11)

۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر بناءِ! ۽ مون کي فرعون ۽ سندس غلط ڪمن کان بچاءِ! ۽ ظالم قوم کان به مون کي بچاءِ! (جنهن هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ) تي سندرو ٻڌو آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى مؤمنن جو مثال بيان ڪري ٿو، فرعون جي گھر واري جو، جڏهن ان چيو اي منهنجا رب تون منهنجي لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ گھر تيار ڪر ۽ تون مون کي فرعون ۽ ان جي عمل کان نجات ڏي ۽ تون مون کي ظالمن جي قوم مان نجات ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال (آسيه) جو مثال بيان ڪيو آهي ته جڏهن ان دعا گهري: پروردگار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ هڪ گهر بنائي! ۽ مون کي فرعون ۽ سندن ڪرتوتن کان پناھ ڏي ۽ مون کي ظالم ماڻهن (جي هٿن) کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.(سيد فرمان علي)


۽ هنيو الله مثال انهن جي لاءِ جن ايمان آندو فرعون جي گهر واريءَ جو جڏهن چيائين اي منهنجا رب! ٺاهه مون لاءِ پاڻ وٽ گهر بهشت ۾ ۽ ڇڏاءِ مون کي فرعون کان ۽ ان جي ڪم کان ۽ ڇڏاءِ مون کي قوم ظالم کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ گهر بناءِ! ۽ مون کي فرعون ۽ سندس ڪم کان بچاءِ! (مولانا محمد مدني)


۽ الله ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال جو مثال بيان ڪيو آهي. جڏهن ان چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار مون لاءِ پاڻ وٽ جنت ۾ هڪ جاءِ جوڙاءِ ۽ مون کي فرعون ۽ ان جي ڪردار کان بچاءِ ۽ مون کي ظالم قوم کان نجات عطا ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جِن مَڃيو، مِثال تِن لئ، پيش ڪيو پَروَر، بِيبِي ڀَلي فِرعون جي، دانهو ڏَڻِئ دَر، جَلد جَنت ۾ جوڙ تون، مولا! تنهنجو گَھر، فِرعون ۽ سَندسِ فِعلن، مون کي آگا! آجو ڪر، ۽ هِن ڏاڍان کان ڏاتر!، مُون نِماڻئَ نَجات ڏي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَريَمَ ابنَتَ عِمرٰنَ الَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيهِ مِن روحِنا وَصَدَّقَت بِكَلِمٰتِ رَبِّها وَكُتُبِهِ وَكانَت مِنَ القٰنِتينَ (آيت : 12)

۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو به (مثال بيان ڪيو آهي). جنهن پنهنجي عصمت کي (سڀني مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو (پيدا ڪيل خاص) روح ڦوڪيو، ۽ ان پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (جيڪي کيس ملائڪن جي ذريعي معلوم ٿينديون هيون) ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ پاڻ (خدا جي نهايت) تابعدارن مان هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (بيبي) مريم ڌيءَ (حضرت) عمران جي جيڪا پاڪدامن عورت هئي، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجي طرفان روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي رب جي احڪامن جي ۽ ڪتابن جي تصديق ڪئي ۽ پاڻ فرمانبردارن مان هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ٻيو مثال هي ته) عمران جي ڌيءَ مريم جنهن پنهنجي شرمگاھ کي (مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو ڪري مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي.(سيد فرمان علي)


۽ مريم عمران جي ڌيءَ جنهن سنڀالي رکيو پنهنجي پرهيزگاريءَ کي پوءِ ڦوڪيوسون ان ۾ روح پنهنجي طرفان ۽ تصديق ڪيائين پنهنجي رب جي فرمانن جي ۽ ان جي ڪتابن جي ۽ هئي فرمانبردارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ظالم قوم کان به مون کي بچاءِ! ۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو به (مثال بيان ڪيو آهي) جنهن پنهنجي اوگهڙ کي (سڀني مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان (جي رحم) ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو. ۽ ان پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي. (مولانا محمد مدني)


۽ عمران جي ڌيءَ مريم (جو به مثال بيان ڪيو آهي) جنهن پنهنجي ناموس جي حفاظت ڪئي، پوءِ اسان پنهنجي طرفان ان ۾ پنهنجو روح ڦُوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ ان جي ڪتابن جي تصديق ڪئي ۽ اها تابعدارن مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ مَريم ڌِي عِمران جِنهن ثابِت پَنهنجو سِيل رکيو، پوءِ پَنهنجي رُوح مان، جنهن ۾ ڦوڪيو سون جان، ۽ سَچا ڪيائـِين سائـِينءَ جا، فرمودا فرمان، پڻ سَچا ڪيا، سَڀئـِي صَحِيفا سُبحان، ۽ مَريم وَڏي مان، هُئـِي نيڪن نِمازِيَن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017