توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَطَلِّقوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحصُوا العِدَّةَ وَاتَّقُوا اللَّهَ رَبَّكُم لا تُخرِجوهُنَّ مِن بُيوتِهِنَّ وَلا يَخرُجنَ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ لا تَدرى لَعَلَّ اللَّهَ يُحدِثُ بَعدَ ذٰلِكَ أَمرًا (آيت : 1) |
اي پيغمبر (پنھنجي اُمت کي چؤ ته اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو تڏھن کين عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدَّت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدّت جي مُدّت ۾) پڌري بي حيائي جي ڪرڻ کانسواءِ نه ڪڍو ۽ (جڳائي ته) اُھي (پاڻ به) نه نڪرن، اھي الله جون (مُقرّر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو تنھن بيشڪ پنھنجي جيءُ تي ظلم ڪيو، ڪوبه نه ڄاڻندو آھي ته اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي) اي نبي (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت (جي مناسبت) تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو. انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾) پڌري بيحيائي جي ڪم سرزد ٿيڻ کان سواءِ، ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن ۽ اهي الله جون حدون (۽ قانون) آهن، ۽ جيڪو الله جي حدن کان لگهندو ته ان (سان اڳلي کي به نقصان پهچندو ۽ ان) پنهنجي نفس تي (به) ظلم ڪيو، (ڇو ته) اهو نٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کان پوءِ ڪا (ميلاپ جي) نئين ڳالهه پيدا ڪري.(علامه علي خان ابڙو) اي نبي ڪريم (توهان امت کي ٻُڌايو ته) جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيڻ جو ارادوڪريو، پوءِ توهان انهن کي انهن جي پاڪائيءَ ۾ طلاق ڏيو ۽ توهان عدت جو اندازو ڪريو، ۽ توهان پنهنجي خالق، الله کان ڊڄو، توهان انهن کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ نڪرن مگر جو اهي صاف بي حيائي آڻين، ۽ اهي الله جون حدون آهن، ۽ جيڪو ماڻهو الله جي حدن کان وڌي ٿو پوءِ بيشڪ ان پاڻ سان ظلم ڪيو، توهان نٿا ڄاڻو شايد الله تعالى انهيءَ کان پوءِ ڪو نئون حڪم موڪلي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي رسول (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين پنهنجين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن جي عدت (پاڪائي) جي وقت طلاق ڏيو ۽ عدت جو ڳاڻاٽو رکو ۽ پنهنجي پروردگار خدا کان ڊڄو ۽ (عدت اندر) انهن جي گهرن مان کين نه ڪڍو ۽ اهي پاڻ به گهر کان ٻاهر نه نڪرن پر جڏهن پڌري بيحيائيءَ جو ڪم ڪري وهن (ته پوءِ ڪڍڻ ۾ مذائقه نه آهي) ۽ اهي خدا جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جو خدا جي حدن کان لنگهي ويندو ته ان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو. تون نه ٿو ڄاڻين شايد خدا ان کان پوءِ ڪا ڳالھ پيدا ڪري (جنهن کان مڙس پڇتائي ۽ وري ملي وڃن).(سيد فرمان علي) اي نبي! جڏهن طلاق ڏيو عورتن کي پوءِ طلاق ڏيو انهن کي سندن عدت جي وقت کي لحاظ ۾ رکندي ۽ ڊڄو الله پنهنجي رب کان نه ڪڍو انهن کي سندن گهرن مان ۽ نه نڪرن پاڻ مگر هي جو آڻين برائي پڌري ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو تجاوز ٿو ڪري الله جي حدن کان پوءِ تحقيق ظلم ڪيائين پنهنجي نفس تي نه ٿو ڄاڻين تون ته (متان) الله پيدا ڪري ان کان پوءِ ڪو امر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي نبي ﷺ! (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدّت تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو. ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو، انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾ ) پڌري بي حيائي جي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن. ۽ اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو الله جي حدن کان لنگهندو ته ان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو (ڇو ته) اهو نه ٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ ڪا (ملاپ جي) جي نئين ڳالهه پيدا ڪري. (مولانا محمد مدني) اي نبي! (پنهنجي امت کي فرماءِ ته) ”جيڪڏهن توهان (پنهنجي) زالن کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته انهن کي سندن عدت (يعني پاڪائي وارن ڏينهن بنا صحبت جي) ۾ طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو، ۽ الله کان ڊڄو جيڪو توهان جو پالڻهار آهي، ۽ (عدت دوران) انهن کي سندن گهرن کان ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اُهي خود ٻاهر نڪرن سواءِ هن جي جو اُهي کُلي بي حيائي ڪري ويهن. ۽ هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله جون حدون اورانگهيندو ته بيشڪ ان پنهنجي جان سان ظلم ڪيو. (اي مخاطب!) تون نه ٿو ڄاڻين ته شايد الله ان جي (طلاق ڏيڻ) بعد (موافقت جي) ڪا نئين صورت پيدا ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي نَبِي نيڪ نظر!، جڏهن جوينِ کي ڇَڏيو، ته ڇَڏيو عِدت لئي اُنهن کي، جا مُدت مقرّر، پڻ سارِيو سَر بَسر، سَندا ڏُهاڳ ڏِينهڙا. ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، پَنهنجي پالڻهار کان، نه ڪَڍونِ سَندنِ گَھرن مان، ۽ نه نِڪرن پاڻ ٻَهار، تان اَڀرائـِي اِظهار، آڻِينِ ڪا عَمل ۾. ۽ آهِن اُهي اَلله جون، حَدون حِڪمت ساڻ، ۽ هادِي جي حَدن کان، جو اُڪرندو اَڄاڻ، پوءِ پَنهنجي جِئَ سان پاڻ، تنهِن ظاهِر ظُلم ضرور ڪيو. تون پروڙِين ڪِين ٿو، ته صاحب سُرت سُڄاڻ، پيدا ڪري پاڻ، ڪو نيڪ نَتِيجو تِنهن پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو فارِقوهُنَّ بِمَعروفٍ وَأَشهِدوا ذَوَى عَدلٍ مِنكُم وَأَقيمُوا الشَّهٰدَةَ لِلَّهِ ذٰلِكُم يوعَظُ بِهِ مَن كانَ يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مَخرَجًا (آيت : 2) |
پوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجي مُدّت کي پھچن تڏھن چڱي طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻه معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، انھيءَ (حُڪم) سان انھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي (عدت واري) مدي کي پهچن ته رواج (۽ قانون) موجب انهن کي (رجوع ڪرڻ سان يا نئين نڪاح سان) جهليو (۽ زال مڙس جي زندگي گهاريو) يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ (آخري فيصلي تي) پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي (ڪنهن جي روءِ رعايت ڪرڻ کان سواءِ) پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو، ۽ جيڪو الله (جي قانون جو لحاظ رکي ان) کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن انهن جي عدت پوري ٿيڻ جي قريب ٿئي، پوءِ انهن کي نيڪيءَ سان روڪيو يا نيڪيءَ سان انهن کي جدا ڪريو ۽ توهان پاڻ (مسلمانن مان) ٻه انصاف وارا شاهد مقرر ڪريو ۽ توهان خدا ڪارڻ شاهدي ڏيو، اها ان ماڻهو لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو، الله ان لاءِ نجات جو رستو پيدا ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن اهي پنهنجي عدت پوري ڪرڻ جي ويجهو پهچن ته يا ته کين سٺي نموني وهاري ڇڏيو يا چڱي نموني ۾ کين رخصت ڪري ڇڏيو ۽ (طلاق ڏيڻ وقت) پنهنجن ماڻهن مان ٻه عادل شاهد رکو ۽ (شاهدو!) اوهين خدا جي واسطي پوري پوري شاهدي ڏجو. انهن ڳالهين سان ان شخص کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي جو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان ٿو رکي ۽ جيڪو خدا کان ڊڄندو ته خدا (به) ان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي (ڪا نه ڪا) صورت ڪڍندو.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن پهچن مدي پنهنجي کي پوءِ روڪي رکو انهن کي ڀلائيءَ سان يا جدا ڪيو انهن کي ڀلائيءَ سان ۽ شاهد ڪيو ٻن عدل جي صاحبن کي پاڻ مان ۽ قائم ڪيو شاهدي الله جي لاءِ اهو نصيحت ڪيو وڃي ٿو ان سان اهو جو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جيڪو ڊڄي ٿو الله کان ته بنائي ٿو ان جي لاءِ نڪرڻ جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي مدي کي پهچن ته رواج موجب انهن کي جهليو يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن اُهي عورتون پنهنجي عدت (جي مُدت) جي خاتمي تي پهچن ته پوءِ انهن کي ڀلي طريقي سان (پنهنجي نڪاح ۾) روڪي رکو يا انهن کي ڀلي طريقي سان جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجن مان ٻه عادل مردن کي شاهد بنايو ۽ (اي شاهد بنجڻ وارئو)شاهدي الله جي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ادا ڪيو. هي ڳالهيون آهن جن سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي هر ان ماڻهو کي جيڪو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ته الله ان لاءِ (مشڪلاتن مان) نڪرڻ جو رستو پيدا فرمائي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندنِ مُدت عِدت کي، جڏهن پُهتيون پاڻ، پوءِ روڪيونِ رِيت ساڻ، يا ڇَڏيونِ چَڱِئَ چال سان. ۽ چڱا ٻه شاهد پاڻ مان، بِيهاريو بَرپاء، ۽ ڏِيو ڏاتر لاءِ، سَچِي سَنواٽِي شاهِدِي. اِهو اُن اِنسان کي، سَبق ڏئي سُبحان، آندو جِنهن اِيمان، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن تي. ۽ جيڪو ڊِڄي جَبّار، کان، تِنهن لئي پَٽي پاڻ ڳَرِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَرزُقهُ مِن حَيثُ لا يَحتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسبُهُ إِنَّ اللَّهَ بٰلِغُ أَمرِهِ قَد جَعَلَ اللَّهُ لِكُلِّ شَيءٍ قَدرًا (آيت : 3) |
۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان مسئلي ۾ مالي مشڪلاتون آيس ته) ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان (جي ساٿ ڏيڻ) لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي (پنهنجي قانون سان) پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀ ڪنهن شيء جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان کي اهو اتان رزق عطا ڪري ٿو جتان پاڻ گمان نٿو رکي ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي توڪل ڪري ٿو پوءِ اهو ان لاءِ (ٻنهي جهانن ۾) ڪافي آهي، بيشڪ الله تعالى پنهنجو حڪم جاري ڪندڙ آهي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کي اهڙيءَ جاءِ تان رزق ڏيندو جتان کيس گمان به نه هوندو ۽ جنهن خدا تي ڀروسو ڪيو ته اهو ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ خدا پنهنجي ڪم کي پورو ڪندو آهي. خدا هر ڳالھ جو هڪ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ رزق ڏئي ٿو ان کي ان جاءِ کان جو نه ٿو گمان ڪري ۽ جيڪو توڪل ڪري ٿو الله تي پوءِ اهو ڪافي آهي ان جي لاءِ بيشڪ الله پهچائيندڙ آهي پنهنجي امر کي تحقيق ڪيو الله هر شيءِ جي لاءِ هڪ اندازو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀڪنهن شيءِ جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ ان کي اهڙي جاءِ تان روزي ڏئي ٿو جتي ان جو گمان به نه ويندو هجي. ۽ جو ماڻهو الله تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ الله ان جي لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ الله هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَرسائـِيسِ وَرِي، جِنهن ڀِيڻيان ڀانئي ڪِين ڪِي. ۽ اُهو بَس اُن لئي، جِنهن رکيو رَبَّ تي بار، پهچندڙ آهي پَڪ سان، پَنهنجي ڪَمن کي ڪَلتار، مُقرّر مِقدار، ڪيو هادِئَ هَر ڪِنهن ٽول جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالّٰـٔى يَئِسنَ مِنَ المَحيضِ مِن نِسائِكُم إِنِ ارتَبتُم فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ أَشهُرٍ وَالّٰـٔى لَم يَحِضنَ وَأُولٰتُ الأَحمالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعنَ حَملَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يَجعَل لَهُ مِن أَمرِهِ يُسرًا (آيت : 4) |
۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو ته انھن جي عِدّت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آھن (تن جي به)، ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدّت اِھا آھي جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي اوهان جي زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ ( (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا شمار ڪريو) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله (جي قانونن تي هلي ان) جو لحاظ رکندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان جي عورتن مان جن کي حيض نٿو اچي، جيڪڏهن توهان کي انهن جي (عدت ڳڻڻ ۾) مشڪل پيش اچي پوءِ انهن جي عدت ٽي مهينا آهي، ۽ انهن عورتن جي لاءِ جن کي اڃان حيض نه آيو هجي، ۽ حمل وارين عورتن لاءِ عدت هي آهي جو اهي پنهنجا ٻار ڄڻن. ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جي زالون حيض کان نا اميد ٿي چڪيون جيڪڏهن تو کي (انهن جي باري ۾) شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي ۽ (اهڙي طرح) اهي زالون جن کي حيض ٿيو ئي نه آهي. ۽ پيٽ وارين عورتن جي عدت آهي ٻار ڄڻڻ تائين. ۽ جيڪو خدا کان ڊڄندو رهي ٿو خدا ان جي ڪم ۾ سهولت پيدا ڪندو.(سيد فرمان علي) ۽ اهي جيڪي مايوس ٿيون حيض کان اوهان جي عورتن مان جيڪڏهن شڪ ڪيو اوهان پوءِ انهن جي عدت ٽي مهينا آهي ۽ انهن جي جيڪي حيض واريون نه ٿيون ۽ حمل واريون عورتون مدو انهن جو هي آهي جو ڄڻين حمل پنهنجا ۽ جيڪو ڊڄي ٿو الله کان ته ڪندو ان جي لاءِ پنهنجي امر مان آساني .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي اوهان جن زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو. (مولانا محمد مدني) ۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي عورتون حيض کان مايوس ٿي چڪيون آهن (انهن جي عدت بابت) اگر توهان کي شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي. ۽ اُهي عورتون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ حمل وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نارِيون اَهنجون نِراس ٿيون، جي حَيض کان هيڪر، جي گَڏيا اَوهِين گُمان ۾، کُڻ جي نَه پوي خَبر، پوءِ آهي عِدّت اُنهن جِي، ٽي مَهِينامُقرّر، پڻ نَنڍِيون سي نِينگر، جي اَڃا نه گنديَنِ گَڏيون. ۽ اُميد واريون عورتون، عِدت اُنهن هارِ، تان ڄَڻِين ٻايون ٻار، ڪَن هَلڪا پير حَمل کان. ۽ جو ڌاري ڊَپ ڌڻي جو، ۽ ڏَري ڀَر ڏاتار، اُنهِئَ جا ڪَم ڪار،، صاحِب سَڀ سَولا ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذٰلِكَ أَمرُ اللَّهِ أَنزَلَهُ إِلَيكُم وَمَن يَتَّقِ اللَّهَ يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُعظِم لَهُ أَجرًا (آيت : 5) |
اھو الله جو حُڪم آھي جو اوھان ڏانھن ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئن ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان (ڪم ۾ پيش ايندڙ ڏکيائيون ۽ مدايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) اهو الله جو حڪم آهي جنهنکي توهان ڏانهن نازل ڪيو اٿس ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان سان سندس ڪيل گناه ميٽي ٿو ۽ ان لاءِ اجرِ عظيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو خدا جو حڪم آهي جيڪو ان اوهان تي نازل ڪيو آهي ۽ جو خدا کان ڊڄندو رهندو ته ان جا گناھ ان کان پري ڪندو ۽ کيس وڏو درجو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي) اهو الله جو امر آهي نازل ڪيائين ان کي اوهان ڏانهن ۽ جيڪو ڊڄي ٿو الله کان ته ميٽي ڇڏيندو ان کان برايون ان جون ۽ وڏو ڪندو ان جي لاءِ ثواب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان جون برايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو. (مولانا محمد مدني) اهو الله جو امر آهي جيڪو ان توهان جي طرف نازل ڪيو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو ۽ ثواب کي ان لاءِ وڌائي وڏو ڪري ڇڏي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اَلله پاڪ جو، اِهو ئـِي اِرشاد، اَوهان تي اِمداد، ڪري اُتارئـِين اُن کي. ۽ جو ڏاتر ڀَر ڏري، ميٽي مَدايون اُن جون، ۽ ڪرم ساڻ ڪري، اَجر وَڏو اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَسكِنوهُنَّ مِن حَيثُ سَكَنتُم مِن وُجدِكُم وَلا تُضارّوهُنَّ لِتُضَيِّقوا عَلَيهِنَّ وَإِن كُنَّ أُولٰتِ حَملٍ فَأَنفِقوا عَلَيهِنَّ حَتّىٰ يَضَعنَ حَملَهُنَّ فَإِن أَرضَعنَ لَكُم فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ وَأتَمِروا بَينَكُم بِمَعروفٍ وَإِن تَعاسَرتُم فَسَتُرضِعُ لَهُ أُخرىٰ (آيت : 6) |
جتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو تتي انھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نه ايذايو ته انھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن ته جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو ته اُن کي ٻي (ڪا) کير پياري.(علامه تاج محمود امروٽي) اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو، ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو، جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب (انهن معاملن تي) پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن (ان ڳالهه تي) اتفاق نه ٿئي ته پوءِ (ٻار کي) ڪا ٻي (عورت) کير پياريندي.(علامه علي خان ابڙو) توهان انهن عورتن کي انهن جاين (گهرن) تي رهايو جتي توهان پاڻ پنهنجي توفيق آهر رهو ٿا. ۽ توهان انهن کي تڪليف نه پهچايو جو انهن تي تنگي ٿئي، ۽ جيڪڏهن اهي عورتون حمل سان آهن پوءِ توهان انهن کي خرچ ڏيو (ماني ٽڪي وغيره) ايستائين جو اهي ٻار ڄڻين، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان جي ٻارن کي کير پيارين پوءِ توهان انهن کي سندن اجورو ڏيو، ۽ انهيءَ لاءِ توهان پاڻ ۾ نيڪيءَ سان صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن توهان جي پاڻ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿئي پوءِ فوراً ان ٻار کي ٻي عورت کير پياري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) طلاق ڏنل زالن کي (عدت پوري ٿيڻ تائين) پنهنجي حال مطابق اتي ئي رکو جتي اوهين پاڻ رهو ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ تڪليف نه پهچايو ۽ جي پيٽ سان آهن ته ويم تائين کين خرچ (پکو) ڏيندا رهو. ۽ (ويم کان پوءِ) جيڪڏهن اهي ٻار کي اوهان جي خاطر ٿڃ پيارين ته کين انهن جي (مناسب) اجرت ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ دستور وانگر ڳالهايو ٻولهايو جيڪڏهن اوهين صفا بيزار آهيو ته ٻار کي سندس (پيءُ) جي خاطر ڪا ٻي عورت ان کي ٿڃ ڏيندي.(سيد فرمان علي) رهايو انهن کي جتي پاڻ رهو پيا پنهنجي طاقت مان ۽ نه نقصان ڏيو انهن کي تانته تنگي ڪيو انهن تي ۽ جيڪڏهن هجن حمل واريون ته پوءِ خرچ ڪيو انهن تي تانجو ڄڻين حمل پنهنجا پوءِ جيڪڏهن کير پيارين (اولاد کي) اوهان جي لاءِ پوءِ ڏيو انهن کي اجورو انهن جو ۽ صلاح ڪيو پاڻ ۾چڱائيءَ سان ۽ جيڪڏهن هڪ ٻئي مان تنگ ٿي پئو پوءِ جلد کير ڏيندي ان جي لاءِ ٻي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو. ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو. ۽ جيڪڏهن اتفاق نه ٿئي ته پيءُ لاءِ (ٻار کي) ڪا ٻي کير پياريندي. (مولانا محمد مدني) اوهان انهن (طلاق يافته زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهو ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ تڪليف نه پهچايو. ۽ اگر اهي حمل سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو ايستائين جو پنهنجو ٻار ڄڻن، پوءِ جيڪڏهن اُهي توهان جي خاطر (ٻار کي) کير پيارن ته کين سندن معاوضو ڏيو، ۽ (معاوضي طئي ڪرڻ وقت) پاڻ ۾ مناسب طور تي مشورو ڪيو اگر توهان پاڻ ۾ اهنجائي محسوس ڪيو ته ان (ٻار کي) هاڻي ڪا ٻي عورت کير پياريندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُهچ پَٽاندر پانهنجي، جِتي رَهو، ته راهِيونِ، نَه سَتايو، نه ساهِيونِ، تان تنگ ڪريو تِن کي. ۽ جي هُجن حَمل واريون، ته کڻونِ خَرچ جو بار، تان ڄَڻِين ٻار، ڪن هَلڪا پير حمل کان. اوهان جي اولاد کي، جي ڏِين خُوشِئَ مان کِير، پوءِ اُن کي پورهيو پَنهنجو، سارِي ڏِيو سُڌير!، وَهِي وَٽ مُوجِب وِير!، هَلو هِڪ ٻئي جي حال تي. ۽ جي ڏُکياپَئو پاڻ کي، ته سانڍيسِ ٻي سُتت،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِيُنفِق ذو سَعَةٍ مِن سَعَتِهِ وَمَن قُدِرَ عَلَيهِ رِزقُهُ فَليُنفِق مِمّا ءاتىٰهُ اللَّهُ لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا ما ءاتىٰها سَيَجعَلُ اللَّهُ بَعدَ عُسرٍ يُسرًا (آيت : 7) |
جڳائي ته وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري، ۽ جنھن تي روزي تنگ ڪئي ويئي آھي تنھن کي جڳائي ته جيڪي الله کيس ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نه ڏيندو آھي پر (اوتري قدر) جيتري قدر کيس الله ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي ظاھر ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي) (مطلقه جو خرچ يا کير پيارڻ جي لاءِ) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري، ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جيڪو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نٿو ڏئي، پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. (جيڪڏهن ان عمل سان وقتي تنگي ٿي ته) الله تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو) امير ماڻهو پنهنجي حيثيت مطابق (ٻار تي) خرچ ڪري، ۽ غريب ماڻهو پنهنجي پهچ آهر ان تي خرچ ڪري انهيءَ مان جيڪي ڪجھه ان کي الله رزق ڏنو آهي، نٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن انسان کي مگر سندس ڏني مطابق عنقريب، الله تعالى تنگيءَ کان پوءِ فراخي پيدا ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگيءَ آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو خدا کيس ڏنو آهي. خدا ڪنهن شخص کي تڪليف نه ٿو ڏئي پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. خدا تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.(سيد فرمان علي) جڳائي ته خرچ ڪري وسعت وارو پنهنجي وسعت آهر ۽ اهو جو تنگ ڪيو ويو ان تي ان جو رزق پوءِ جڳائي ته خرچ ڪري ان مان جيڪو ڏنو ان کي الله نه ٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن نفس کي مگر اوترو جيڪو ڏنائين ان کي جلد ڪندو الله تنگيءَ کان پوءِ آساني .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگيءَ آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نه ٿو ڏي پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. الله تنگي کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو. (مولانا محمد مدني) ڪشادگي وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن تي ان جي رزق ۾ تنگي ڪئي وئي هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن ماڻهو کي تڪليف نه ٿو ڏئي مگر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنائين. جلد ئي الله تنگيءَ کان پوءِ آساني پيدا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن کي پُورِي آھ پُڄت، ڏِئي پُهچ پَٽاندر پانهنجي. ۽ توڙان ئـِي تنگ ٿِئـِي، سَندِي جِنهن سانجاڻ، پوءِ تِنهن مان پورهيو ڏِئي پاڻ ڏِنَسِ جيڪو ڏيہ ڌَڻِي. ڪِنهن کي ئـِي ڪَم نه چَوي، ڌَڻِي اِنهيان ڌار، ته هُجيسِ پَنهنجي پُهچ ۾، ڪرڻ وَٽان ڪار، جَلدِي ڪَندو جَبّار، ڏُکن پُٺيان سُکڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ عَتَت عَن أَمرِ رَبِّها وَرُسُلِهِ فَحاسَبنٰها حِسابًا شَديدًا وَعَذَّبنٰها عَذابًا نُكرًا (آيت : 8) |
۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھوا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي پوءِ سخت عذاب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ گهڻن ڳوٺن پنهنجي پاليندڙ ۽ سندس رسول جي (ٻڌايل اهڙن عائلي يا معاشرتي قانونن ۽) حڪم جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان سندن سخت حساب ورتو ۽ کين سخت عذاب ڏنوسون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا هئا جن پنهنجي رب ۽ پنهنجي رسولن جي حڪمن جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان انهن سان بيحد سخت حساب ڪيو، ۽ اسان انهن کي بيحد سخت عذاب ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ گهڻن ئي ڳوٺن (وارن) پنهنجي پروردگار ۽ سندس رسول جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان (به) انهن جو وڏي سختيءَ سان حساب ورتو ۽ انهن کي بڇڙي عذاب جي سزا ڏني.(سيد فرمان علي) ۽ ڪئين ڳوٺ بي فرمان ٿيا پنهنجي رب جي امر ۽ ان جي رسولن کان پوءِ حساب ڪيو اسان انهن سان حساب سخت ۽ عذاب ڪيوسون انهن کي عذاب برو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ گهڻن ڳوٺن پنهنجي پاليندڙ ۽ سندس رسولن جي حڪم جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان سندن سخت حساب ورتو ۽ کين سخت عذاب ڏنوسون، (مولانا محمد مدني) ۽ گهڻن ڳوٺن (وارن) پنهنجي پالڻهار ۽ سندس رسولن جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان به انهن سان سخت حساب ڪيو، ۽ انهن کي عذاب ڪيو اڻ ڏٺو (سخت) عذاب.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، وَڃي پِيا وَهلور، سَندنِ سائـِينءَ جي اَمر کان، پڻ سَندنِ نَبِيَّن نُور، پوءِ لاٿو ليکو اُنهن جو، ليڪو مُشڪل مُور، جي سُئل، نه ٻُڌل سُور، سي سَزا ڏِناسون اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذاقَت وَبالَ أَمرِها وَكانَ عٰقِبَةُ أَمرِها خُسرًا (آيت : 9) |
پوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهن پنهنجي (خدائي قانونن سان ٽڪراءُ ۾ هٿ ٺوڪين قانونن جي نتيجن ۽) ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ سندن ڪم جي پڇاڙي نقصان ئي نقصان هو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن پنهنجي ڪَيَلَ جو وبال چکيو ۽ ان ڪم جي پڇاڙي نقصان واري ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته انهن پنهنجن ڪرتوتن جي سزا جو مزو چکيو، ۽ انهن جي ڪردار جي پڇاڙي نقصان (ئي نقصان) هو.(سيد فرمان علي) پوءِ چکيائون پنهنجي امر جو وبال ۽ هئي پڇاڙي انهن جي امر جي نقصان واري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن پنهنجي ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ سندن ڪم جي پڇاڙي نقصان هو. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن پنهنجي ڪرتوتن جو مزو چکيو ۽ انهن جي ڪم جو انجام نقصان ئي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چکيؤن پَنهنجي ڪَم جي، وَبال سَندو ويھ، ۽ ڇِيهو ٿِيو ڇيہ، اُنهن جي اَعمالن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ الَّذينَ ءامَنوا قَد أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكُم ذِكرًا (آيت : 10) |
انھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ نصيحت موڪلي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. پوءِ اي عقل وارا مومنو! الله کان ڊڄو! (۽ ان جي قانونن جي پاسخاطري رکو) الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن چٽا حڪم ڏئي) نازل ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب (يعني قرآن) نازل ڪيو آھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. ته اي عقل وارو! جي ايمان آڻي چڪا آهيو خدا کان ڊڄندا رهو خدا (ته) اوهان ڏي (پنهنجي) ياد قرآن موڪلي ڇڏيو آهي.(سيد فرمان علي) تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ عذاب سخت پوءِ ڊڄو الله کان اي عقل وارا! جن ايمان آندو تحقيق نازل ڪيوالله اوهان ڏانهن ذڪر، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله انهن لاءِ (آخرت ۾ ) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. پوءِ اي عقل وارا مومنو! الله کان ڊڄو! الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي (مولانا محمد مدني) الله انهن جي لاءِ (آخرت ۾ به) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، پوءِ الله کان ڊڄندا رهو اي عقل وارؤ جن ايمان آندو آهي! بيشڪ الله اوهان ڏانهن هڪ نصيحت نازل ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندنِ لئي سَنباهيو، سائـينءَ سَخت عَذاب، ڏرو پوءِ ڏاتار کان، اي عقل جا اَرباب!، صِدق ساڻ صواب، جي وِسهيا واحِد پاڪ کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَسولًا يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِ اللَّهِ مُبَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا قَد أَحسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزقًا (آيت : 11) |
جو رسول آھي جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداھين کان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي ھميشه رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱي طرح ٺاھي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هڪڙو اهڙو رسول (موڪليو اٿس) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداهين مان سوجهري ڏي ڪڍي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو ته الله ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن انهن ۾ هميشه رهندا. بيشڪ الله ان جي روزي چڱي ڪئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) (۽) پيغمبر (بہ موڪليو اٿس) جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (گمراھيءَ جي) اونداھين کان (ھدايت جي) سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، اُتي ھميشہ رھندا، بيشڪ ان جي روزي چڱيءَ طرح ٺاھي آھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽) پنهنجو رسول (به) جيڪو اوهان جي اڳيان پڌريون آيتون پڙهي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ ڏي آڻي ۽ جن خدا تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته خدا تنهن کي (بهشت جي) انهن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي (وڻن) هيٺان نهريون جاري آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه هميشه رهندا خدا انهن کي چڱي خاصي روزي ڏني آهي.(سيد فرمان علي) رسول جيڪو تلاوت ٿو ڪري اوهان تي الله جون آيتون روشن تانته ڪڍي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ ڪري ٿوصالح عمل داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون رهندڙ هوندا انهن ۾ هميشہ تحقيق سهڻوڪيو الله ان جي لاءِ رزق .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هڪڙو اهڙو رسول (موڪليو اٿس) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداهين مان سوجهري ڏي ڪڍي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱو ڪم ڪندو ته الله ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن انهن ۾ هميشه رهندا. بيشڪ الله ان جي روزي چٽي ڪئي آهي. (مولانا محمد مدني) (يعني اهو) رسول (موڪليو آهي) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون تن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن آڻي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صالح عمل ڪري ٿو ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن، اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله انهن جي لاءِ سهڻو رزق (تيار ڪري) رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِينءِ سارڻ ڪاڻ، مُرسل آن تي موڪليو، رّبَّ جون روشن آيتون، ٿو پَڙهي آن تي پاڻ، تان ڪَڍي اُونداهِئَ مان آن کي، سُهائي ڏانهن سُڄاڻ!، جي مَڃين اَلله جِي آڻ، پڻ چَڱا ڪن ٿا ڪَمڙا. ڏِيندنِ باغ بهشت ۾، جايون رَبُّ، جَبّار، جِن هيٺان نِرمل ناليون، وَهن ويرو تار، ساڪِن اُن سکن ۾، سَرها سَڀ ڄَمار، تِنِين لئي تيار، صاحِب سُهڻو رِزق ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَمِنَ الأَرضِ مِثلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الأَمرُ بَينَهُنَّ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَد أَحاطَ بِكُلِّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 12) |
الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي ته ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي ۽ ته الله عِلم سان سڀڪنھن شيءِ کي وڪوڙيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جهڙي زمين به. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندا رهن ٿا (۽ اهي حڪم الله جي انهن مقرر ڪيل قانونن تي ئي ٻڌل رهن آهن. اهو اوهان کي ان لاءِ ٻڌايو ويو) ته ته اوهين ڄاڻو ته الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ الله جي علم سڀ ڪنهن شيء کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اهو آهي، جنهن سَتَ آسمان ۽ انهن جيتريون زمينون پيدا ڪيون آهن. انهن سڀني ۾ الله جو حڪم جاري آهي بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي، ۽ بيشڪ تحقيق الله تعالى هر شيءِ جي علم کي احاطو ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جي برابر زمين به انهن ۾ خدا جو حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي جيئن اوهين ڄاڻو ته خدا هر شيءَ تي قادر آهي، ۽ بيشڪ خدا پنهنجي علم سان هر شيءِ تي حاوي آهي.(سيد فرمان علي) الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيا ست آسمان ۽ زمين مان انهن جي مثل لهي ٿو امر انهن جي وچ ۾ تانته ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي ۽ بيشڪ الله تحقيق گهيراء ڪيائين هر شيءِ کي علم سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جهڙي زمين به. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو ته اوهين ڄاڻو ته الله سڀ شيءِ تي قدرت وارو آهي. ۽ الله جي علم سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني) الله ئي آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهيءَ جي برابر زمينون به بنايون. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي هن لاءِ ته توهان ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي ۽ هي ته الله هر شيءِ جو پنهنجي علم سان گهيرو ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُهوئـِي آھِ، جِنهن اُڀ اُپايا سَت، پڻ بَنائـِين ڀُون مَنجھان، ڀاڱا ساڳِئَ ڀَت، اُتري اُن ٻِن وِچ ۾، اَمر سَندس اَلبت، تان سَمجھو ته سَڀ ڪِنهن ڳالھ تي، آهي قادِر کي قُدرت، پڻ سَمجھ ساڻ سُڀت، سَڀ شئ کي صاحِب گھريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |