القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُنٰفِقُوۡنَ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذا جاءَكَ المُنٰفِقونَ قالوا نَشهَدُ إِنَّكَ لَرَسولُ اللَّهِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّكَ لَرَسولُهُ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّ المُنٰفِقينَ لَكٰذِبونَ (آيت : 1)

جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (ته) چوندا آھن ته شاھدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو پيغمبر آھين، ۽ الله ڄاڻندو آھي ته بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين، ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي ته بيشڪ (اُھي) منافق ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) جڏهن تو وٽ منافق اچي چون ٿا ته، اسين شاهدي ڏيون ٿا ته، بيشڪ تون الله جو موڪليل آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته (هي ماڻهو رڳو زبان سان اها ڳالهه چون ٿا ۽ دل سان توکي رسول نٿا مڃن) بيشڪ تون ته ان جو ئي موڪليل آهين ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق (زباني اظهار ۾) ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي جڏهن توهان وٽ منافق اچي چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ توهان يقيناً الله جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ توهان ان جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ منافق يقيناَ ڪوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) جڏهن تو وٽ منافق اچن ٿا ته چون ٿا اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ان جو رسول آهين ۽ بيشڪ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن (دل سان نه ٿا چون).(سيد فرمان علي)


جڏهن اچن ٿا تو وٽ منافق ته چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون البته الله جورسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون البته ان جو رسول آهين ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق البته ڪوڙا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر!) جڏهن تو وٽ منافق اچن ٿا چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو موڪليل آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ته ان جو موڪليل آهين ۽ الله شاهدي ڏي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) جڏهن منافق تو وٽ اچن ٿا چَوَن ٿا ته: ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين.“ ۽ (هائو) الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ضرور ان جو رسول آهين. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بلاشڪ منافق ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن مُنافق ٿا اَچن، اَوهان وٽ انور، چيائون چَپَن سان، ٿا ساک ڏِيون سَرور، ته آهين تون اَلله جو، ريٻارو، رَهبر، ۽ تون پَڪ پيغمبر اُن جو، ٿو پروڙي پرور، ۽ صاحب ڏِئي ٿو ساک اِها، ته مُنافِق مُنڪر، بِلڪُل سي بَدتر، ڪُوڙا آهن قلب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 2)

پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي واٽ کان جھلن ٿا، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن پنهنجن قسمن کي (پنهنجي جان ۽ مال بچائڻ لاءِ) ڍال ڪري ورتو آهي، پوءِ اهي (ٻين کي به) الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجهه پيا ڪن سو (سندن لاءِ ئي) ڪهڙو نه بڇڙو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن پنهنجي قَسمَن کي ڍال بنايو آهي پوءِ اهي الله تعالى جي راه کان روڪين ٿا، بيشڪ اهي تمام خراب عمل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن پنهنجن قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي پوءِ اهي الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجھ پيا ڪن سو بڇڙو آهي.(سيد فرمان علي)


بنايائون پنهنجن قسمن کي ڍال پوءِ الله جي واٽ کان روڪيائون بلاشڪ اهي برو آهي اهو جيڪو ڪيائون ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(دل سان نه ٿا چون) انهن پنهنجن قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي پوءِ اهي الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجهه پيا ڪن سو ڪهڙ نه بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بنائي ورتو آهي پوءِ اُهي (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪن ٿا. بيشڪ اهو نهايت بڇڙو (ڪم) آهي جيڪو اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَندنِ ڪُوڙن قسمن کي، ڦيري ڪيائون ڍال، پوءِ رَبَّ جِي راه کان، ڪيؤن بَند بَحال، جي ڪم ڪن، هي ڪُلال، سي بلڪل آهن بُڇڙا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّهُم ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا فَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 3)

اھو ھن ڪري آھي جو اُنھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي تنھنڪري اُھي نه سمجھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو هن ڪري ته انهن ايمان آندو، وري انڪار ڪيائون، پوءِ (ٻيائيءَ جي ريت تي هلڻ ڪري) انهن جي دلين تي مهر لڳي وئي، سو هاڻي انهن ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن زباني طور ايمان آندو ان کان پوءِ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن جي دلين تي مُهر هنئي وئي پوءِ اهي نٿا سوچين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو هن ڪري جو انهن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انهن جي دلين تي (ڄڻ ته) ٺپو هنيو ويو آهي جو هاڻي اهي ڄاڻن ئي نه ٿا.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان ته بيشڪ انهن ايمان آندو ان کان بعد ڪفر ڪيائون پوءِ مهر هنئي وئي انهن جي دلين تي پوءِ اهي نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو هن ڪري ته انهن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انهن جي دلين تي مُهر هنئي وئي سو (هاڻي) اهي نٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


اُهو هن ڪري ته انهن (زبان سان) ايمان آندو پوءِ (دل سان) ڪافر رهيا پوءِ انهن جي دلين تي مُهر لڳائي وئي سو اُهي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهو اِن آڌار، ته مَڃيؤن، ۽ موٽِي ڦِريا، پوءِ مُهر سَندنِ مَن تي، هنئـِي ويئـِي هيڪار، پوءِ اِهي هارِيا تِنهن هارِ، صَفا سَمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا رَأَيتَهُم تُعجِبُكَ أَجسامُهُم وَإِن يَقولوا تَسمَع لِقَولِهِم كَأَنَّهُم خُشُبٌ مُسَنَّدَةٌ يَحسَبونَ كُلَّ صَيحَةٍ عَلَيهِم هُمُ العَدُوُّ فَاحذَرهُم قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 4)

۽ (اي پيغمبر تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا توکي وڻندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن ته اُنھن جي ڳالھ ڪَن ڏئي ٻڌندو آھين، ڄڻڪ اُھي اُڀيون ڀِت سان ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن آواز کي پاڻ تي ڀو ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن تنھنڪري کائن حِذ رک، الله کين ھلاڪ ڪري، ڪيڏانھن ڦيرايا ٿا وڃن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون کين ڏسندين ته (ظاهري طرح) توکي سندن جثا معتبر لڳندا. ۽ جيڪڏهن ڳالهه ڪندا ته (اهڙا ميسڻا ٿي جو) تون سندن ڳالهه (همدرديءَ سان) ٻڌندين. (حقيقت ۾ اهي اندران اڏوهي کاڌل آهن) ڄڻ ته اهي ٽيڪ تي بيهاريل بنڊ آهن. (بزدل وري اهڙا آهن جو) هرهڪ هڪل کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن، سو انهن کان بچندو رهه. الله جي مٿن مار پوي جو ڪيئن ابتي روش ورتي اٿن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته انهن جا جسم توهان کي وڻندا، ۽ جيڪڏهن اهي ڳالهائن ته توهان انهن جو ڳالهائڻ ٻڌو ٿا، انهن جو مثال ان ڪاٺي وانگر آهي جيڪا ديوار تي ٽيڪ ڏئي بيهاريل هجي، اهي هر وڏي آواز کي پاڻ لاءِ (مصيبت) ڀانئين ٿا، اهي توهان مؤمنن جا پڪا دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو، الله تعالى انهن کي هلاڪ ڪيو، اهي اُبتا ڪيڏانهن موٽن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن تون انهن (منافقن کي ڏسندين ته ٺيڪ ۽ مناسب عضون جي ڪري) سندن قد بت ڏاڍو چڱو لڳندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪندا ته اهڙيون جيڪر خيال سان ٻڌن (پر صحيح عقل کان خالص) ڄڻ ته اهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بند آهن. هر هڪ دانهن کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي رسول) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن سو انهن کان بچندو رھ! خدا جي مٿن مار پوي ڪئين ابتا وڃن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ڏسندين انهن کي ته وڻندا توکي انهن جا جسم ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندا ته ٻڌندين انهن جو قول ڄڻ ته اهي ڪاٺيون ٽيڪ ڏنل آهن ڀانئن ٿا هر ڪڙڪيدار آواز کي پنهنجي مٿان اهيئي دشمن آهن پوءِ بچندو رهه انهن کان شال هلاڪ ڪري انهن کي الله ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) جڏهن تون کين ڏسندين ته توکي سندن جُسا وڻندا. ۽ جيڪڏهن ڳالهه ڪندا ته تون سندن ڳالهه ٻڌندين (حقيقت ۾) ڄڻ ته اهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بُنڊ آهن. هرهڪ دانهن کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي پيغمبر !) اهي ئي (تنهنجا) دشمن آهن سو انهن کان بچندو رهه. الله جي مٿن مار پوي. ڪيئن ابتا وڃن ٿا. ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ته الله جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن تون کين ڏسندين ته تو کي انهن جا جسم شاندار لڳندا. ۽ جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪندا ته تون انهن جي گفتگو ٻڌندين. (يعني گفتار جا مٺا هوندا پر حقيقت ۾) ڄڻڪ اُهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بُنڊَ آهن. هر اونچي آواز کي اهي پنهنجي خلاف سمجهن ٿا. اهي ئي (تنهنجا) دشمن آهن پوءِ انهن کان ڪنارو ڪر. الله جي انهن مٿان مار پوي ڪيئن اونڌا ڦيرايا وڃن ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ڏِسينِ ڏيل، ته توکي وَڻنِ پيا واه جو، ۽ جي ڪُڇن ته، ڪَن ڏيئـِي، ڪامل! ٻُڌِينِ قِيل، ڪرڪاٺيون اُڀيون اَٽڪ تي، آهِن اُهي عَلِيل، بِلڪُل ڀانئـِن پاڻ تي، هَر زحمت کي ذَلِيل، اُهي دُشمن آهن دِين جا، رک اُنهن جو خوف خلِيل، شل! جڙون ڪپٖـيـنِ جَلِيل، واريا وَڃن، ڪِنهن واٽ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا يَستَغفِر لَكُم رَسولُ اللَّهِ لَوَّوا رُءوسَهُم وَرَأَيتَهُم يَصُدّونَ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 5)

۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اچو ته الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ انھن کي ڏسندو آھين ته وڏائي ڪندڙ ٿي جھلجن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته، اچي (پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو اقرار ڪريو) ته الله جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا ۽ (اي پيغمبر!) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان اچو، رسولِ عربي توهان لاءِ الله تعالى کان معافي طلب ڪري ته اهي پنهنجا مُنهن ڦيرين ٿا ۽ توهان انهن کي ڏسندا ته اهي ( استغفار کان) مُنهن ڦيرائن ٿا ۽ اهي تڪبر ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ته خدا جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا. ۽ (اي رسول) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته اچو ته مغفرت طلب ڪري اوهان لاءِ الله جو رسول ته ڦيرايائون مٿن پنهنجن کي ۽ ڏسندين انهن کي ٿا رڪجن ۽ اهي هٺ ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا. نه ان جي لاءِ برابر آهي ته (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته: ”اچو ته الله جو رسول اوهان لاءِ بخشش گهري“ ته پنهنجا مٿا موڙن ٿا ۽ تون کين ڏسندين ته وڏائي ڪندي پاڻ کي روڪي ڇڏن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جَڏهن آڇيو وڃي اُنهن کي، ته اَچو ته، اوهان ڪاڻ، مَره مالِڪ کان گُھري، پاڪ پيغمبر پاڻ، تڏهن مٿا موڙيون، ۽ سوٺئـِي کِيَن سُڄاڻ!، پِئا پير جَھلِين پاڻ، ۽ اُهي آڪڙ ۾ ٿِي آڪَرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَواءٌ عَلَيهِم أَستَغفَرتَ لَهُم أَم لَم تَستَغفِر لَهُم لَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 6)

تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن جي لاءِ ٻئي ڳالهيون برابر آهن ته تون انهن لاءِ (تباهيءَ کان بچڻ جي دردمندي رکندي) معافي گهرين ٿا نه گهرين. الله کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. بيشڪ الله (سرڪشيءَ تي سندرو ٻڌل) بدڪار قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.(علامه علي خان ابڙو)


انهن لاءِ برابر آهي جو توهان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو يا بخشش طلب نه ڪريو. الله تعالى هرگز انهن کي نه بخشيندو، بيشڪ الله تعالى فاسقن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن جي لاءِ برابر آهي ته تون انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين خدا کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. خدا ته ڪڏهين به بدڪارن کي منززل مقصود تائين نٿو پهچائي.(سيد فرمان علي)


برابر آهي انهن تي مغفرت طلب ڪئي تو انهن جي لاءِ يا نه مغفرت طلب ڪئي تو انهن جي لاءِ هرگز نه بخش ڪندو الله انهن کي بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري فاسق قوم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تون انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين.الله کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. بيشڪ الله بدڪار قوم کي رستونه ٿو ڏيکاري. (مولانا محمد مدني)


انهن (منافقن) جي حق ۾ برابر آهي ته تون انهن جي لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين. الله انهن کي اصلي معاف نه ڪندو. بيشڪ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تون مَره مَڱِين، نه مڱين، آهي سَرکو تِن سِر، مَرهِيندن نه مُورهِين، پاڪ ڌَڻِي پَروَر، ڏوهِيَن کي ڏاتر، سَئـِين سُهائي ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُمُ الَّذينَ يَقولونَ لا تُنفِقوا عَلىٰ مَن عِندَ رَسولِ اللَّهِ حَتّىٰ يَنفَضّوا وَلِلَّهِ خَزائِنُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَفقَهونَ (آيت : 7)

اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي اهي آهن جو چون ٿا ته، جيڪي (ماڻهو) الله جي رسول وٽ آهن، تن تي خرچ نه ڪريو ته اهي (بک وچئون) ٽڙي پکڙي وڃن (۽ رسول جي مشن ناڪام ٿئي) ۽ (حقيت هيءَ آهي ته) آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن پر منافق (انهيءَ راز کي) نٿا سمجهن.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته توهان انهن ماڻهن تي خرچ نه ڪريو جيڪي رسول لله وٽ آهن ايستائين جو اهي جدا جدا ٿين، ۽ الله تعالى وٽ آسمانن ۽ زمينن جا خزانا آهن، پر منافق نٿا سوچين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي ماڻهو ته آهن (جي انصارن کي) چون ٿا ته جي (مهاجر) خدا جي رسول وٽ رهن ٿا تن تي خرچ نه ڪريو تان جو اهي پاڻ هيڏي هوڏي ٿي وڃن. هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جا خزانا ته خدا وٽ آهن پر منافق نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


اهيئي آهن جيڪي چون ٿا نه خرچ ڪيو انهن تي جيڪي رسول الله وٽ آهن تانجو ٽڙي پکڙجي وڃن ۽ الله جا آهن خزانا آسمانن جا ۽ زمين جا ۽ پر منافق نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي اُهي آهن جي چون ٿا ته جيڪي (ماڻهو)الله جي رسول وٽ آهن تن تي خرچ نه ڪريو ته اهي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ (حقيقت هي آهي ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا الله جا آهن پر منافق نه ٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته جيڪي (فقراء) الله جي رسول (ﷺ) وٽ آهن انهن تي خرچ نه ڪيو ته اُهي ٽڙي پکڙي وڃن. حالانڪه آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن ۽ پر منافق نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي ئـِي آهِين سي، جي بَڪِين بَڪ بيڪار، ته جي رَهن رَبَّ پاڪ جي، مُرسل وَٽ، مَهندار، لَهو نه سَندنِ سَنڀار، ته پاڻهِي وِيندا پَکڙِي. ۽ آهِن ڪُل اَلله جا، مال خزانا مُور، آهِن اُڀن، ڀُونيَن ۾، جي ڀانڊار ڀَرپُور، پر مُنافِق مَغرُور، صَفا سَمجھن ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَقولونَ لَئِن رَجَعنا إِلَى المَدينَةِ لَيُخرِجَنَّ الأَعَزُّ مِنهَا الأَذَلَّ وَلِلَّهِ العِزَّةُ وَلِرَسولِهِ وَلِلمُؤمِنينَ وَلٰكِنَّ المُنٰفِقينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 8)

چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


چون ٿا ته، ضرور جيڪڏهن اسين مديني ڏي موٽياسون ته (پوءِ ڏسجو) وڌيڪ عزت وارو (منافق ٽولو) وڏي بي عزت (مسلمان جماعت) کي اتان ڪڍي ڇڏيندو، هوڏانهن عزت ۽ غالبو الله، سندس رسول ۽ مومنن کي آهي پر منافق نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مدينه پهتاسين ته ضرور طاقتور، ڪمزور کي مدينه مان ٻاهر ڪڍندو، ۽ الله تعالى لاءِ عزت آهي ۽ ان جي رسول کي عزت آهي ۽ مؤمنن کي عزت آهي پر منافق نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مديني پهچون ته عزت وارا ماڻهو (پاڻ) وڏي بي عزت (رسول) کي اتان ڪڍي ڇڏيندا. هوڏانهن عزت ته خاص خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن لاءِ آهي پر منافق نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


چون ٿا ته البته جيڪڏهن موٽياسون مديني ڏانهن ته البته ضرور ڪڍندو وڏي عزت وارو ان مان نهايت ذليل کي ۽ الله جي لاءِ آهي عزت ۽ ان جي رسول جي لاءِ ۽ مؤمنن جي لاءِ ۽ پر منافق نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چون ٿا ته ضرور جيڪڏهن اسين مديني ڏي موٽياسون ته وڌيڪ عزت وارو وڏي بي عزت کي اتان ڪڍي ڇڏيندو. هوڏانهن عزت الله کي ۽ سندس رسول کي ۽ مومنن کي آهي پر منافق نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


چون ٿا ته اگر اسان مديني واپس ٿياسين ته (اسان) عزت وارا ماڻهو اتان کان ذليل ماڻهن (يعني مسلمانن) کي ضرور ڪڍي ٻاهر ڪنداسين. حالانڪه عزت الله لاءِ آهي ۽ ان جي رسول لاءِ ۽ ايمان وارن لاءِ آهي ۽ پر منافق نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَون ته آياسون اَسِين، جي موٽِي مَديني پارِ، ته ڪَڍندو مَنجھانسِ ڪَمزور کي، اَوس عِزَّتدار، ۽ عِزّت آهي اَلله کي، قائـِم بَرقرار، پڻ مُرسل مِير کي، پڻ مُؤمِنَن مُوچار، پَر مُنافِق مَڪار، صَفا سَمجھن ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُلهِكُم أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 9)

اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجي مال (وڌائڻ جي هٻڇ) ۽ ڪي اولاد (جي مستقبل حَسين بنائڻ جي اجائي بيقراري) الله جي ياد ڪرڻ ۽ فرمانبرداريءَ کان غافل ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو ! توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي الله جي ذڪر کان غافل نه ڪن، ۽ جيڪو ماڻهو ايئن ڪندو، پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجا مال ۽ نه پنهنجا اولاد خدا جي ياد کان غافل ڪن. ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پاڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا ! نه غافل بنائن اوهان کي مال اوهان جا ۽ نه اولاد اوهان جو الله جي ذڪر کان ۽ جيڪي ڪندا اهو پوءِ اهيئي نقصان وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! نه ڪي اوهان کي پنهنجا مال ۽ نه پنهنجا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي الله جي ياد کان غافل نه بنائن ۽ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو ته اُهي ماڻهو نقصان پائڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موهِينِ نه آن کي مُؤمِنو! سارڻ کان سَتَّار، ملڪِيت مال اوهان جو، پن اَهنجا ٻچا ٻار، جي ڪَندا اِها ڪار، اُهي آهِن، نِپَٽ نُـقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنفِقوا مِن ما رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ أَحَدَكُمُ المَوتُ فَيَقولَ رَبِّ لَولا أَخَّرتَنى إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 10)

۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جو اوهان کي اسان رزق ڏنو آهي سو هن کان اڳي خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي پوءِ (حسرت ڪري) چوي ته، اي منهنجا پاليندڙ! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏئين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ (انهن چڱن ماڻهن مان ٿيان ها! (جيڪي تنهنجي نظام ۽ مخلوق لاءِ خرچ ڪري، انسانيت کي سنوارين ۽ پنهنجي ذات کي سرخرو ڪن ٿا.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان اسان جي عطا ڪيل رزق مان خرچ ڪريو ان کان اڳ ۾ جو توهان مان هڪڙي کي موت اچي، پوءِ چوي اي منهنجا رب تو مون کي ٿورو وقت مهلت ڇو نٿي ڏني، پوءِ آئون خير خيرات ڪريان ها ۽ آئون صالحين مان هجان ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو رزق اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن مان هن کي اڳي (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي (۽) پوءِ چوي ته اي منهنجا پالڻهار! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ چڱن ماڻهن مان ٿيان ها.(سيد فرمان علي)


۽ خرچ ڪيو ان مان جو رزق ڏنو اسان اوهان کي ان کان اڳي جو اچي هڪڙي اوهان جي وٽ موت پوءِ چوي اي منهنجا رب! ڇو نه مهلت ڏنيئي مون کي مدت ويجهيءَ تائين پوءِ خيرات ڪيان ها مان ۽ هجا هان مان صالحن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جو اوهان کي اسان رزق ڏنو آهي ان مان هن کان اڳي خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي پوءِ چوي ته اي منهنجا پاليندڙ جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ چڱن ماڻهن مان ٿيان ها. (مولانا محمد مدني)


۽ خرچ ڪيو ان مان جيڪو اسان اوهان کي رزق ڏنو آهي، ان کان اڳ جو اوهان مان ڪنهن هڪ کي موت اچي وڃي پوءِ چوي ته: ”اي منهنجا پالڻهار تو مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڇونه ڏني جو آءٌ صدقو ڪيان ها ۽ صالح ماڻهن مان ٿيان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آن کي ڏِنوسون، اُن مَنجھان، ڏِيو ڏُکويَن کي ڏان، اِنهيان اَڳ ته اَوهان مان، ڪِنهن جو موت ٿئي مِهمان، آکي پوءِ اَرمان ۾، ته سانيَمِ! رَبَّ، سُبحان، ڪو ويجھو وَقت ڏِيـينمِ ها!، مُهلت مِهربان!، ته ڪريان ها ڪوڏ مان، ڪِن اَڀرن تي اِحسان، ۽ نيڪن مان نِڌان، پاڻ ٿيان ها پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَن يُؤَخِّرَ اللَّهُ نَفسًا إِذا جاءَ أَجَلُها وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 11)

۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هوڏانهن الله (پنهنجي مقرر قانون هيٺ) ڪڏهن به ڪنهن کي مهلت ڏيڻ وارو نه آهي، جڏهن سندس مقرر وقت اچي ويندو. (سو جيڪي ڪرڻو آهي ان ۾ دير نه ڪيو) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهنجي (نيت ۽ جذبن جي) الله خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انسان جو اجل (موت جو وقت) اچي ٿو ته الله هرگز ان کي پوئتي نٿو ڪري، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ڪنهن جو موت اچي ٿو ته خدا ان کي هرگز مهلت نه ٿو ڏئي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ هرگز نه مهلت ڏيندو الله ڪنهن نفس کي جڏهن ايندو ان جو موت ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن الله ڪڏهن به ڪنهن جيءَ کي مهلت ڏيڻ وارو نه آهي جڏهن سندس مقرر وقت اچي ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه الله هرگز ڪنهن شخص کي مهلت نه ٿو ڏئي جڏهن ان جي موت جو وقت اچي وڃي، ۽ الله خبروار آهي انهن ڪمن کان جيڪي توهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن آيو اَجل ڪِنهن جو، ته ڌَڻِي ڇَڏيَس نه دَم، ۽ جيڪِي ڪَريو ڪَم، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017