القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 20 سُوۡرَۃُ الۡاَنۡعَامِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 165


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1)

سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀ ڪامل ساراهه خاص الله جي لاءِ آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهيون ۽ روشني پڌري ڪئي، تنهن هوندي به (جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان) منڪر ٿي ويا آهن، سي (اونده ۽ روشني جي وچ ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ ٻين هستين کي) خدا جي برابر ٿا سمجهن(علامه علي خان ابڙو)


سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ تخليق ڪيائين اُوندَاهِيُنِ ۽ روشنين کي، انهي کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا سي پنهنجي رب سان بُتن کي شريڪ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سڀ ساراھ الله ئي کي جڳائي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ جدا جدا نمونن جون اونداهيون ۽ روشني بڻائي. پوءِ (تنهن هوندي به) ڪافر (ٻين کي) پنهنجي پروردگار جي برابر ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن پيدا ڪيو آسمان ۽ زمين کي ۽ پيدا ڪيائين اونداهين ۽ روشنيءَ کي ان کان پوءِ به جن ڪفر ڪيو پنهنجي پالڻهار سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا.(مولانا محمد مدني)


سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ جنهن اونداهيون ۽ روشني بنائي. پوءِ به ڪافر (ڪوڙن معبودن کي) پنهنجي پالڻهار جي برابر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حمد تنهن حنان، اُڀ ڀون جنهن اُپائيا، ۽ اُونداهيون ۽ سوجھرا، مقرر ڪيا مَنان، موٽِي، پنهنجي مالڪ سان، جي ڦِريا کان فرمان، مُوجب غلط گمان، ڀانئنِ ڀائيوار پِئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2)

اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي (خالق) آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان جي لاءِ (هن دنيا جي زندگيءَ جو) هڪ مدو ٺهرايو (عملن ڪرڻ لاءِ) ۽ هڪ ٻيو مدو به سندس علم ۾ مقرر ڪيل آهي (يعني قيامت جو وقت جڏهن دنيا ۾ ڪيل عملن جي نتيجن جو فيصلو ٿيندو)، تڏهن به توهان (حقيقتن تي غور نٿا ڪيو ۽ ان ۾) شڪ ٿا آڻيو.(علامه علي خان ابڙو)


اهو الله جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو پوءِ هڪ مُدت کي (توهان لاءِ) مقرر ڪيائين ۽ الله وٽ وقت (توهان جو) مقرر ٿيل آهي انهيءَ کان پوءِ توهان شڪ ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري (اوهان جي) مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ (توڙي جو توهان کي خيال نه آهي پر) هن وٽ (قيامت جو) هڪ وقت مقرر آهي. تڏهن (به) اوهين شڪ ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


اهو (الله) اهوئي آهي جنهن خلقيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ مقرر ڪيائين مدو ۽ مدو مقرر ڪيل آهي ان وٽ ان کان پوءِ اوهان شڪ ڪيو ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري موت جو وقت مقرر ڪيائين، ۽ هڪڙو (ٻيو) وقت ان وٽ مقرر ڪيل آهي. وري اوهين شڪ ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (هر هڪ جي موت جي) مدت مقرر ڪيائين. ۽ (قيامت جو) مقرر ٿيل وقت وٽس آهي پوءِ به اوهان شڪ ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو، سو اوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جِنهن جبار، موٽِي ڪيائين مدتون، مُقرر ڌارو ڌار، ۽ مُقرر وقت موت جو، اُن وٽ آخرڪار، شَڪن جو شِڪار، ورِي به، ٿيو ٿا ويسلا!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3)

۽ اھوئي الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو پڌرو ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سوبه ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي الله آهي آسمانن ۾ به ۽ زمين ۾ به، توهان جون سڀ ڪنهن قسم جون ڳالهيون لڪل توڙي ظاهر سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. توهان جيڪي به (چڱا يا برا ڪم) ڪيو ٿا سي به بخوبي ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو الله آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ ڄاڻي ٿو ڳُجھه توهان جي کي ۽ ظاهر توهان جي کي ۽ ڄاڻي ٿو عملن توهان جن کي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو ئي ته آسمانن ۾ (به) ۽ زمين ۾ (به) خدا آهي. اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل (ڳالهين) کان (به) خبردار آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا (سڀ ڪي) ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ اهو ئي معبود بالحق آهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڄاڻي ٿو ڳجھ اوهان جو ۽ ظاهر اوهان جو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي ڪندا آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهوئي الله آهي. اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو.(مولانا محمد مدني)


۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ئي الله آهي. (جيڪو) اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪا (نيڪي يا بدي ) اوهان ڪمائي رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اهوئـِي الله، آهي اڀ، زمين ۾، سَمجھي سِر اوهان جو، پڻ وات وَراڻيون واه!، پڻ اُنهئ کان آگاه، جي ڪندا آهيو ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4)

سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نه ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هنن جي پروردگار جي نشاني مان ڪا به نشاني ڪانهي جا هنن وٽ پهتي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نٿي اچي انهن وٽ ڪا آيت سندن رب جي طرفان مگر انهيءَ کان اهي مُنهن موڙيندڙ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (انهن ماڻهن جي عجيب حالت آهي جو) جڏهن به انهن وٽ خدا جي آيتن مان ڪا آيت آئي ته پوءِ اهي ضرور ان کان منهن ڦيرين ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿي اچي ان وٽ ڪابه آيت سندن رب جي آيتن مان مگر ھوندا آھن انھن کان منھن موڙيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سندن پاليندڙ جي آيتن مان ڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان منهن موڙيندڙ ئي ٿين ٿا.(مولانا محمد مدني)


۽ (منڪرن جو حال هي آهي جو) انهن جي پالڻهار جي آيتن مان جيڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان مُنهن موڙيندڙ ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نه اَچينِ ڪو اُهڃاڻ، سندنِ، آگي جي اُهڃڻ مان، مگر اِهي آڄاڻ، آهن اِنڪاري اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5)

پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھنجي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيئن ته جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جي دعوت کين ملي) تڏهن هنن ان کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو. سو جنهن ڳالهه تي هو ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، تنهن جي حقيقت هنن کي جلدئي معلوم ٿي ويندي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ بيشڪ انڪار ڪيائون قرآن ڪريم جو جڏهن رسولِ عربي انهن وٽ آندو، پوءِ جلدي ايندي انهن وٽ خبر انهيءَ جي جنهن سان مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيئن، جڏهن انهن وٽ (قرآن بر) حق آيو ته ان کي به هنن ڪوڙو ڪيو ته پوءِ اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا. تنهن جي حقيقت کين جلد ئي معلوم ٿي ويندي.(سيد فرمان علي)


پوءِ تحقيق ڪوڙو چيائون حق کي جڏھن آيو انھن وٽ پوءِ جلد اينديون انھن وٽ خبرون ان جون جو ان سان چٿر ڪندا ھئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ بيشڪ انهن سچ کي ڪوڙو ڪيو جڏهن وٽن آيو، پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ بيشڪ انهن حق کي ڪوڙو چيو جڏهن انهن وٽ آيو. پوءِ جلد انهن وٽ ان جون خبرون پهچنديون جنهن سان ٺٺول ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سچ کي ڪوٺيؤن ڪُوڙ، جڏهن اُنهن وٽ آئيو، جا هَلڪائـِي ڪن هُوڙ، تِنهنجِي پوندين، سُڌ سِگھڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6)

(ڪافر) نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي قدرت ڏني ھئي سون جو اوھان کي به نه ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندہ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ته کانئن اڳي قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو، اِهي اُهي قومون هيون جن کي اسان اهڙو طاقتور ڪري ملڪن ۾ مضبوط ڪيو هو جهڙو توهان کي ڪونه ڪيو اٿئون. اسان هنن لاءِ آسماني برسات اهڙيءَ طرح موڪلي هئي جو هڪٻئي پٺيان وسندي رهندي هئي ۽ سندن آبادين جي هيٺان نهرون وهائي ڇڏيون هيون، پر ته به اسان (پنهنجي قانون موجب) انهن گناهن سببان کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن جا دؤر آنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا نه ڏٺائون ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳ ۾ اُمتون جن کي اسان ٽِڪايو زمين ۾ نعمتن سان جن نعمتن سان اسان توهان کي نه ٽڪايو ۽ اسان مسلسل بارشون انهن تي وسايون ۽ اسان نهرن کي پيدا فرمايو جيڪي وهيون ٿي انهن جي هيٺان پوءِ سندن گناهن سببان اسان انهن کي هلاڪ ڪيو ۽ انهن کان پوءِ اسان پيدا ڪيا ٻيا ماڻهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن کي سجهي ڪين ٿو ته اسان هنن کان اڳ ڪيترائي گروهن (جا گروھ) تباھ ڪيا جن کي اسان روءِ زمين ۾ اها طاقت ۽ قدرت عطا ڪئي هئي جا اڃا تائين اوهان کي ڪانه ڏني. ۽ اسان مٿن آسمان تان ته گهڻو مينهن وسايو ۽ سندن (گهرن) هيٺان واھ جاري ڪيا. پر تڏهن به گناهن سبب کين فنا ڪري ڇڏيوسون ۽ انهن کان پوءِ وري ٻئي گروھ کي پيدا ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺائون ته ڪيتريون ھلاڪ ڪيون سين انھن کان اڳ ۾ قومون جو طاقت ڏني ھئي سون انھن کي زمين ۾ اوتري جو نه طاقت ڏني سون اوھان کي ۽ موڪلياسون آسمان کان انھن تي وسندڙ مينھن ۽ ڪيون سون نھرون جي وھن ٿيون سندن ھيٺان پوءِ ھلاڪ ڪيو سين انھن کي سببان گناھن انھن جي ۽ پيدا ڪيون سون پڄاڻان انھن جي قومون ٻيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا انهن نه ڏٺو ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون جماعتون ناس ڪيون جن کي زمين ۾ اسان اها طاقت ڏني هئي جا اوهان کي به نه ڏني سون ۽ اسان مٿن گهڻو مينهن وسايو ۽ واهن کي پيدا ڪيو هوسون جي سندن هيٺان وهندا هئا پوءِ کين سندن گناهن جي ڪري ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون.(مولانا محمد مدني)


ڇا نه ٿا ڏسن ته اسان انهن کان اڳ ڪيتريون قومون هلاڪ ڪيون؟ جن کي اسان زمين ۾ اهڙو اقتدار ڏنو جهڙو اوهان کي به نه ڏنو آهي ۽ اسان انهن تي آسمان کان مسلسل وسندڙ مينهن موڪليو ۽اسان نهرون بنايون جيڪي انهن جي (ماڙين جي) هيٺان وهنديون هيون پوءِ انهن کي سندن گناهن سبب هلاڪ ڪيوسين ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ورتئون نه ويچار؟ ته انهن کان اڳي جُڳ ڪيترا، نِپٽ ڇڏياسون ناس ڪري، چَٽ پَٽ چَٽ چوڌار، جن کي ڏناسون ڏيہ ڪي، وَڏا وِئ وَلهار، جن جِھڙِي، نه ڏني سون اوهان کي، طاقت ڪا تڪرار، اُتن اُتارياسون اُڀ کان، گھاٽا مينگھ ملهار، جن هيٺان نهرون، ناليون، وهن ويرو تار، پوءِ ڪيوسونِ، ڪَرتوتن ۾، سَندنِ گرفتار، ۽ ٻِئا جُڳ ٻِيهار، پيدا ڪياسون، تن پٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7)

۽ جيڪڏھن توتي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا ته جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسان توتي هڪ ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي ڏسن ها (ته سچ پچ ڪتاب آهي) ته به جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، سي چون ها ته هي کلي کلائي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي تي لکت نازل ڪريون ها پني تي پوءِ انهيءَ کي اهي هٿ لائن ها، ته به چون ها جن ماڻهن ڪفر ڪيو ٿي، ناهي هي (قرآن) مگر صاف جادو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين ڪاغذ تي (لکيل( ڪتاب (به کڻي) تو تي نازل ڪريون ۽ اهي ماڻهو پنهنجي هٿن سان (کيس) مس به ڪن ها تڏهن به ڪافر (ڪين مڃين ها ۽) چون ها ته هي ته ڏٺو وائٺو جادو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏھن لاھيون ھا اوھان تي ڪتاب (لکيل) ڪاغذن ۾ پوءِ لڳائين ھا ان کي ھٿ پنھنجا ته البته چون ھا جن ڪفر ڪيو ته ناھي ھيءُ مگر جادو پڌرو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اسين توتي ڪنهن ڪاغذ ۾ ڪو لکيل (ڪتاب) موڪليون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجن هٿن سان به ڇهن ها ته به ڪافر چون ها ته هي رڳو ظاهر جادو آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي) جيڪڏهن اسان تو تي ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به نازل ڪيون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجي هٿن سان ڇُهن ها ته به ڪافر ماڻهو چون ها ته هي کلئي جادو کان سواءِ ڪجهه نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هوند، اُتاريو سون تو اُتي، وَرقن منجھ وَهِي، پوءِ هٿن سندن سان، اُن کي، ڇوتائون صحِي، تڏهن به ڪفر، جن ڪيو، تن ڪِيرت اِي ڪهِي، ته حرف ڪار وهِي، چِٽو آهي، چِٽ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8)

۽ چون ٿا ته مٿس مَلڪ ڇونه لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين مَلڪ نازل ڪريون ھا ته ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني مري وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نه ڏجي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


هيئن به چيائون ته، (جيڪڏهن هي شخص پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي ته) هن وٽ فرشتو ڇو نٿو اچي (جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسون) پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي (ايمان آڻڻ يا نه آڻڻ لاءِ) مهلت ئي ڪانه ملي ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ملائڪ نازل ڪيو ويو (جيڪو سندن تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ موڪليون ها ته فيصلو ٿي وڃي ها انهي کان پوءِ مهلت نه ڏني وڃي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (هي به) چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو ڪين نازل ٿيو (جيڪو ساڻس گڏ رهي ها) پر جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته (سندن) ڪم تمام ٿي وڃي ها (۽) پوءِ کيس مهلت به نه ملي ها.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته ڇو نه لاٿو ويو ان تي ملائڪ ۽ جيڪڏھن لاھيون ھا ملائڪ ته فيصلو ڪيو وڃي ھا امر- ان کان پوءِ نه مھلت ڏنا وڃن ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافرن چيو ته هن تي ڪو مَلَڪُ ڇو نه لاٿو ويو، ۽ جيڪڏهن اسين ڪو ملڪ نازل ڪريون ها ته (سندن) ڪم پورو ڪيو وڃي ها (يعني نه مڃڻ ڪري ناس ٿي وڃن ها). وري کين (ان حالت ۾ ) مهلت نه ڏني وڃي ها(مولانا محمد مدني)


۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ان (نبي ڪريم ﷺ) تي فرشتو ڇو نه لاٿو ويو“؟ ۽ جي اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته (انهن جو) ڪم ئي پورو ٿي وڃي ها پوءِ کين مهلت به نه ڏني وڃي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، هوند لَٿو اُن تي، ڪو مَلڪ موچارو، ۽ جي مَلڪ لاٿوسون، ته لِک ۾، لَٿو ليکو سارو، واهر ڪرڻ وارو، موٽِي نه مِلندنِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9)

۽ جيڪڏھن کيس مَلڪ ڪريون ھا ته ضرور کيس مڙس (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبہ (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبہ مٿن قائم رکون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. (ڇو ته فرشتا پنهنجي ملڪوتي حقيقت ۾ انسانن کي ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا) پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ گرفتار ٿي وڃن ها (يعني هو چون ها ته هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي انسان آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته اُهو ضرور انساني شڪل ۾ موڪليون ها ۽ ضرور رسول بابت اهي شڪ ۾ پون ها جيئنڪ هينئر اهي شڪ ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جيڪڏهن اسين فرشتي کي نبي بنايون ها ته (آخر) تنهن کي به مرد جي صورت ڏيون (ها) جيڪي شڪ شبها ڪري رهيا آهن اهي ئي اسين خود مٿس (ان وقت به) ڍڪايون ها.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏھن بنايون ھا ان کي ملائڪ ته ڪيون ھا ان کي به مرد (شڪل ۽ صورة ۾) ۽ شبھي ۾ رکون ھا انھن کي جيڪي شبھو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اسين ان کي ملڪ ڪريون ها ته به کيس مرد (جي صورت ۾ ) ڪريون ها ۽ جو گمان (هاڻ) ڪن ٿا تنهن گمان ۾ (پوءِ به) کين وجهون ها.(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اسان ان (رسول) کي فرشتو بنايون ها ته ان کي به ماڻهو بنايون ها ۽ اسان انهن تي اهو ئي شڪ لاڳو رکون ها جيڪو شڪ (هاڻي) ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي مَلڪ ڪيوسون اُن کي، ته ماڻهون ڪيوسونسِ پڪ، ۽ وڌاسونِ شُبها شَڪ، جي ڳهلا اڳ، ڳنڊين پِيا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10)

۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (به) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) سچ آهي ته توکان اڳين رسولن تي به ٽوڪون ڪيون ويون هيون، (جيئن توتي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون) پوءِ جن ماڻهن ٽوڪون ڪيون هيون تن تي انهيءَ ڳالهه جي ٽوڪ اچي مٿئون پئي، جنهن ڳالهه جي ٽوڪ ڪندا هئا، (يعني هو هن ڳالهه تي ٽوڪون ڪندا هئا ته بدعملن جو نتيجو نيٺ بد آهي، سو نيٺ پنهنجي بدعملن جي سزا پاتائون.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ تحقيق توهان کان اڳين رسولن سان مذاق ڪئي وئي پوءِ (عذاب ۾ گرفتار ٿيا اهي ماڻهو جن پيغمبرن سان مذاق ڪئي انهي سببان جو مذاق ڪيائون ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تون دل تنگ نه ٿي) تو کان اڳ ۾ (به) پيغمبرن سان ٺٺوليون ٿيون آهن. پوءِ جيڪي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا تن کي تنهن عذاب، جنهن تان اهي ماڻهو کلندا هئا پڪڙيو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ چٿر ڪئي وئي رسولن سان اوھان کان اڳي پوءِ لٿو انھن تي جو مذاق ڪيائون انھن مان اھو جو ان سا چٿر ٿي ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻين) رسولن تي (به) مسخريون ڪيون ويون پوءِ جنهن ڳالهه بابت مسخريون ڪندا هئا سا انهن تي اچي ڪڙڪي جن، انهن مان مسخريون ڪيون.(مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ توکان اڳ به رسولن سان ٺٺول ڪئي وئي پوءِانهن مان جن ماڻهن به ٺٺول ڪئي انهن کي ان (عذاب)گھيري ورتو جنهن سان اهي ٺٺول ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توکان مَهند، مَسخريون، ٿيون مُرسلن تان موڪ، تن مان، ڪئـِي جن ٽوڪ، تنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ملڪ ۾ گھمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي گهمو ڦرو ۽ سير سفر ڪيو (اڳين قومن ۽ شهرن جا کنڊر ڏسو) ۽ معلوم ڪيو ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ وارن جي پڇاڙي نيٺ ڪهڙي ٿي چڪي.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو، سير ڪريو توهان زمين ۾ انهيءَ کان پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي آهي رسولن کي ڪُوڙو سمجھندڙن جي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول هنن کي) چئو ته ٿورو زمين تي گهمي ڦري سير ڪري ڏسو ته (نبين) کي ڪوڙي ڪندڙن جو ڪهڙو نه (بڇڙو) نتيجو ٿيو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته- سير ڪيو زمين ۾ ان کان پوءِ ڏسو ته ڪيئن ھئي پڇاڙي ڪوڙو ڪندڙن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسول کين) چئو ته گهمو زمين ۾ وري ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.(مولانا محمد مدني)


چؤ ته زمين ۾ گهمو ڦرو پوءِ ڏسو ته ڪُوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڀُون ۾ گُھمو ڀورڙا!، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِهڙا پَڇاڙِي پار، ڪوڙن ڪافرن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12)

(اي پيغمبر کانئن) پُڇا ڪر ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو ڪنھنجو آھي؟ چؤ ته الله جو آھي، جنھن (ٻانِھن تي) ٻاجھه (ڪرڻ) پاڻ تي لازم ڪئي آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ شڪ نه آھي ضرور اوھان کي گڏ ڪندو، جنھن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ڪڏھن ايمان نه آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ چئو ته الله جي لاءِ آهي. هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته رحمت ڪري. (خلقت ۾ ڏسو ته ظاهر ظهور سندس رحمت ڪم ڪري رهي آهي) هو يقيناً اوهان کي قيامت جي ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن، سي ايمان ڪونه آڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ڪنهن لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي؟ اي حبيب ! توهان فرمايو اهو سڀ ڪجھه الله لاءِ آهي، الله تعالى (امتِ محمديه لاءِ) رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، ۽ الله ضرور توهان کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن جو ناهي شڪ انهيءَ ۾، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي نٿا ايمان آڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) هنن کان پڇين ته (ڀلا اهو ته ٻڌايو ته) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏئي سگهندا تون خود) چوين ته خاص خدا جو ئي آهي. هن پنهنجي وجود تي رحمت واجب ڪري ڇڏي آهي. اهو اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ضرور ڪٺو ڪندو. (پر) جن ماڻهن پنهنجو نقصان ڪيو آهي (قيامت تي) ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪنھن جي لاءِ آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آھي فرماءِ- الله جي لاءِ- يقينًا گڏ ڪندو اوھان کي قيامت جي ڏينھن ناھي ڪو شڪ ان ۾ جن نقصان ۾ وڌو پنھنجن سرن کي پوءِ اھي نه ايمان آڻيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چؤ ته الله جو آهي. رحم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. قيامت جي ڏينهن جنهن (جي ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي، ضرور اوهان کي گڏ ڪندو. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، سي ايمان نه آڻيندا.(مولانا محمد مدني)


انهن کان پڇ ته جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چئو ته الله جو آهي. جنهن (ٻانهن تي) ٻاجهه ڪرڻ پاڻ تي لکي ڇڏي آهي. اهو ضرور اوهان کي قيامت واري ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وڌو آهي اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪِنهن لئي، جو اُڀ ، ڀون ۾؟ چئو آهي اَلله هار، جنهن لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ٻانهن سان ٻيهار، ڪندنِ ڏينهن قيام جي، آڻي گڏ اِظهار، شڪ، نه شُبهو جنهن ۾؛ جن هَڙ ۾ کاڌِي هارِ، اُهي پنهنجو پالڻهار، مُورک نه مَڃينِ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13)

۽ جيڪو رات ۽ ڏينھن ۾ رھندو آھي، سو ان جي مِلڪ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) ته جيڪي به رات (جي اونداهيءَ) ۾ ۽ ڏينهن (جي روشنيءَ) ۾ رهندڙ آهي، سو سڀ سندس (يعني الله جي) لاءِ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ سڀئي مخلوقات ۽ موجودات الله تعالى جي ملڪيت آهن، ۽ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن (اهو نٿا سمجهين ته) جيڪي رات جو ۽ ڏينهن جو (سموري زمين تي) رهي (سهي) ٿو (سڀ) خاص سندس ئي آهي ۽ اهو ئي سڀني جي) ٻڌي ۽(سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ ان جو ئي آھي جيڪو رھيو رات ۾ ۽ ڏينھن ۾ ۽ اھو ئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آھي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي شيون رات ۽ ڏينهن ۾ رهن ٿيون سي سندس آهن. ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (سڀ ڪجهه) ان جو آهي جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ سڪون وٺي ٿو. ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سڀ اُن جا، ڏينهن، رات ۾، جي ڪٿي به، ڪن قرار، ۽ سُڻندڙ سَمجھدار، سو الله جَلَّ جَلَالُهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي سنڀاليندڙ ڪري ڇو وٺان؟ ۽ اُھو (سڀني کي) روزي ڏيندو آھي ۽ کيس روزي ڪونه ڏيندو آھي، چؤ ته مون کي حُڪم ڏنو ويو ته پھريون مسلمان آءٌ ھجان ۽ (فرمايو ويو ته) تون مشرڪن مان مُور نه ھج.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغبر انهن ماڻهن کي) چئو ته ڇا، جو خدا آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي تنهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو نگهبان ۽ ڪارساز بنايان؟ اهوئي سڀني کي روزي رسائي ٿو، پر ڪوبه ڪونهي جو کيس روزي ڏيندڙ هجي (کيس ته روزي يا طعام جي ضرورت به ڪانهي) تون چئو ته، مونکي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته خدا جي اڳيان جهڪڻ وارن ۾ پهريون جهڪڻ وارو ٿي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته ائين نه ڪر جو مشرڪن مان هڪڙو ٿي پوين.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله کان سواءِ آئون عبادت ڪريان جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ اهو کارائي ٿو ۽ پاڻ نٿو کائي. اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي بيشڪ حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون پهريون فرمانبردار هجان ۽ هرگز تون گڏ نه هج مشرڪن سان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تون چوين ته ڇا! خدا کي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي آءُ پنهنجو سرپرست بنايان ۽ اهو ئي (سڀني کي) روزي ٿو ڏئي ۽ کيس ڪو به روزي نٿو ڏئي. (اي رسول!) چوين ته، مون کي حڪم ڏنل آهي ته سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آءُ ئي آهيان ۽ (هي به ته ياد رک!) مشرڪن مان نه ٿج!(سيد فرمان علي)


فرماءِ، ڇا الله کان سواءِ وٺان مان ٻيو وارث (الله ئي) پيدا ڪندڙ آھي آسمانن ۽ زمين جو ۽ اھو (ٻين کي) کارائي ٿو ۽ (پاڻ) نٿو کارايو وڃي فرماءِ ته بيشڪ مان امر ڪيو ويس ته ھجان پھريون اھو جو اسلام آندائين ۽ ھر گز نه ھج تون مشرڪن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته ڇا آءُ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي مددگار ڪري وٺان؟ ۽ اهو کارائي ٿو ۽ ان کي (ٻيو ڪو) نٿو کارائي. چؤ ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ (هن امت مان) پهريون فرمانبردار ٿيان ۽ (مون کي چيو ويو آهي ته الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان تون ڪڏهن به نه ٿيءُ. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته ڇا ان الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي ڪارساز بنايان جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو (سڀني کي) کارائي ٿو ۽ کيس کارايو نه ٿو وڃي. چؤ ته مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پهريون مسلمان ٿيان ۽ (هي به حڪم ڏنو ويو آهي ته) ”تون هرگز مشرڪن مان نه ٿجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون ڇا الله ري، پرور گُھران، ڪو پَر؟ جو آهي اُڀ، زمين جو، پيدا ڪندڙ پَروَر، ۽ اُوکارائي، ۽ نه کائـِي ڪِي؛ اَمر ٿيمِ اِن پر، ته اَول هُجان، اُنهن مان، جن جُھڪايو سِر، ۽ مُور نه ٿِي مُقرر، پَرجي، پُوڄاريَن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15)

چؤ ته جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نه مڃيان ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته مان ڪيئن خدا جي نافرماني ڪيان؟ مان ته انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جو تمام وڏو ڏينهن آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو قيامت جو جيڪڏهن (بالفرض) مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تون چوين ته جيڪڏهن آءُ نافرماني ڪريان ته ضرور هڪ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ بيشڪ مان ڊڄان ٿو جيڪڏھن بي فرماني ڪئي مون پنھجي رب جي عذاب وڏي ڏينھن جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊپ ٿئي ٿو جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪندس.(مولانا محمد مدني)


چؤ ته اگر آءٌ پنهنجي مالڪ جي بي فرماني ڪيان ته وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو ڏَران، ته سندمِ ڏاتار جو، جي حُڪم ڀڳمِ هيڪار، وڏي ڏينهن جي، ڏک کان، سَزا سخت اَپار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16)

اُن ڏينھن جنھن (ماڻھو) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ الله ٻاجھ ڪئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن جنهن جي سر تان عذاب ٽري ويو تنهن تي خدا وڏو ئي رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو انسان قيامت جي ڏينهن عذاب کان پري ڪيو ويو پوءِِ بيشڪ انهيءَ تي الله رحم ڪيو، ۽ اِها صاف ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ڏينهنن جنهن (جي سر) تان عذاب ٽري ويو ته (سمجھ ته) خدا مٿس (وڏو) رحم ڪيو. ۽ اها ئي ته کليل ڪاميابي آهي.(سيد فرمان علي)


اھو شخص جو ڦيرايو ويندو ان کان ان ڏينھن (عذاب) پوءِ تحقيق رحم ڪيائين ان تي ۽ اھا ئي ڪاميابي روشن آھي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان ڏينهن جنهن (ماڻهو) تان (عذاب) ٽاريو ويندو بيشڪ تنهن تي الله رحم ڪيو ۽ اها ظاهر ڪاميابي آهي.(مولانا محمد مدني)


ان ڏينهن جنهن کان اُهو (عذاب) ٽاريو ويو ته بيشڪ (الله) ان تي ٻاجهه ڪئي. ۽ اها ئي پڌري ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تِنهن ٽاڻي، جنهن تان، ٽاريو وِيو، اِهو وڏو آزار، ته ٿئـِي مٿسِ ٻاجھ ٻِيهار، ۽ سَڀنِيان وڏِي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17)

۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي انسان) جيڪڏهن خدا توتي مصيبت آڻي ته ان کي ٽارڻ وارو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس ذات جي ۽ جيڪڏهن هو توتي ڀلائي ڪري ته (کيس روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي) هو سڀڪنهن ڳالهه تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله توهان کي سختي پهچائي پوءِ ڪير به ان کي لاهي نٿو سگھي مگر الله تعالى پاڻ ۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڀلائي پهچائي ٿو پوءِ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن خدا توهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ڏئي ته انهي کان سواءِ تنهن جي ٽارڻ وارو ڪو به نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسائي تڏهن به (کيس ڪو به جهلي نٿو سگهي ڇو ته) اهو هر ڳالھ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏھن پھچائي توکي الله ڪو ڏک ته پوءِ ناھي ڪو لاھيندڙ ان جو ان کان سواءِ ۽ جيڪڏھن پھچائي توکي ڪا ڀلائي ته پوءِ اھو ھر شيءِ تي قادر آھي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته ان کانسواءِ ان (تڪليف) کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اگر الله تو کي ڪو نقصان پهچائي ته ان کان سواءِ ان جو لاهيندڙ ڪوبه نه آهي ۽ جيڪڏهن اهو تو کي ڪو خير (سک) پهچائي ته پوءِ اهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. (فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڏِنئـِي ڏک ڏيہ ڌڻي، ته ڪو نهي ٻئو اُن ڪاڻ، لاهيندڙ، ڪو لوڪ مان، سوا سائين پاڻ، جي ڏِينئـِي سُک سُڄاڻ، پوءِ اُوقادر هر ڪنهن ڪم مٿي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18)

۽ اُھو ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهو ئي آهي جو پنهنجي سڀني بندن تي غالب آهي ۽ اهو ئي آهي جو حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو هميشه حڪمت وارو خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اھو غالب آھي پنھنجن ٻانھن تي ۽ اھوئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ اهو حڪمت وارو خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بي شڪ سندنِ بندن تي، قرارو ڪلتار، ۽ حڪمتِي هوشيار، خدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19)

پُڇا ڪر ته شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چؤ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواہ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي ته اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھيءُ قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھيءَ ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا؟ ته الله ساڻ ٻيا (به) عبادت جا لائق آھن، چؤ ته آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نٿو ڏيان، (بلڪ سچي ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ) چؤ ته ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته، اها ڪهڙي شيء آهي جنهن جي شاهدي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ تون چئي ڏي ته (الله جي شاهدي وڏي آهي.) الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي، مون تي هي قرآن انهيءَ لاءِ وحي طور نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي مان اوهان کي ۽ انهن کي جن وٽ اهو پهچي خبردار ڪيان. (هاڻي توهان کي ڇا چوڻو آهي؟) ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا ته خدا سان ٻيا ديوتائون به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان ته اها شاهدي ڪونه ٿو ڏيان، ۽ چئو ته، فقط اهوئي اڪيلو معبود آهي (هن سان ڪوبه شريڪ ڪونهي ) ۽ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪيو ٿا تن کان مان بيزار آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو الله کان شاهدي ۾ ڪهڙي شيءِ وڏي آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو الله شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ۽ مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي هيءُ قرآن مجيد انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاريان ۽ جن ماڻهن تائين قرآن ڪريم پهچي. ڇا توهان (مڪي جا ماڻهو) شاهدي ڏيو ٿا ته بيشڪ الله تعالى سان گڏ ٻيا خدا آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون شاهدي نٿو ڏيان، توهان فرمايو اهو الله هڪ آهي ۽ بيشڪ آئون اوهان جي شرڪ کان قطعاً بيزار آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تون پڇين ته ڪهڙيءَ شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي. (تون پاڻ ئي) چئين ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ خدا شاهد آهي. ۽ مون ڏي هي قرآن وحي جي نموني سان ان ڪري نازل ڪيل آهي ته جيئن آءُ اوهان کي ۽ جنهن کي (هن جي) خبر پهچي، هن جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا اوهين پڪ سان اها شاهدي ڏئي سگهندو ته الله کانسواءِ ٻيا به معبود آهن؟ (اي رسول!) تون چئين ته آءُ ته اهڙي شاهدي ڪو نه ٿو ڏيان (اوهين چئپ ته چئو) تون هنن کي چئو ته بس هڪ ئي الله آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪھڙي شيءِ وڏي آھي شاھديءَ جي لحاظ سان؟ فرماءِ ته الله شاھد آھي منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ وحي ڪيو ويو مون ڏانھن ھيءُ قرآن تانته ڊيڄاريان اوھان کي ان سان ۽ ان کي جنھن کي پھتو، ڇا يقينًا اوھان البته شاھدي ڏيو ٿا ته تحقيق الله سان گڏ الـٰہ ٻيا به آھن فرماءِ ته مان شاھدي نه ٿو ڏيان فرماءِ ته پڪ اھو معبود ھڪ آھي ۽ پڪ مان بيزار آھيان ان کان جو شرڪ ٿا ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته ڪهڙي شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي چئو ته الله منهنجي وچ ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي. ۽ مون ڏي هيءَ قرآن نازل ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ۽ جنهن کي هيءَ (قرآن) پهچي تنهن کي ان سان ڊيڄاريان. ڇا اوهين شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ چئو ته آءُ (ان جي) شاهدي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو رڳو هڪڙوئي عبادت جي لائق آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. (مولانا محمد مدني)


انهن کان پڇ ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي؟ چؤ ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي ۽ مون ڏانهن هي قرآن ان لاءِ وحي ڪيو ويو آهي ته ان جي ذريعي اوهان کي ۽ جنهن تائين (قرآن) پهچي تن کي ڊيڄاريان. ڇا اوهان شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به عبادت جي لائق آهن؟ چؤ ته آءٌ شاهدي نه ٿو ڏيان. چؤ ته صرف اهو اڪيلو معبود آهي ۽ آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن) کان بيزار آهيان، جن کي اوهان شريڪ بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪهڙِي شئ، شاهدئَ ۾، آهي وڏِي اَپار؟ چئو، مون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي آهي، ستار، ۽ هِي قرآن ڪريم، ٿو وڃي، موڪليو مون اپار، ته اُن سان، اوهان ڊڄاريان، پڻ پُهتِي جنهن پَچار، ڇاسچ پچ اوهين ساک ڏِيو، ته ٻيا ڪي، منجھ ڪم ڪار؟ آهن، گڏ الله سان، ڀيڙا ڀائيوا؟ آئون نه ڏيندس، ساک سا، ورِي ٻول ٻيهار، چئو ناهي، مگر اُهو هِڪ، ڏينهَن جو ڏاتار، ۽ آئون اِنهيان بيزار، جن کي، ڀيڙا ڀانيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20)

جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن کي مون ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ اهي حقيقت کان بي خبر ناهن) سي سندس سچائي (يعني اسلام جي پيغمبر جي سچائي) اهڙيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙيءَ طرح پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪيو آهي سي ڪڏهن به ايمان آڻڻ وارا ناهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو رسولِ عربي کي سڃاڻن ٿا جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پُٽن کي، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي (يهودي نصارى) اهي ته جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن کي سڃاڻن ٿا تئين هن نبي (محمد مصطفي) کي به سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ نقصان ڪيو سي ته (ڪنهن طرح) ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


اھي جو ڏنو اسان انھن کي ڪتاب سڃاڻن ٿا ان کي جيئن سڃاڻن ٿا پنھنجي پٽن کي جن نقصان ۾ وڌو پنھنجن سرن کي پوءِ اھي نٿا ايمان آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان (ڳالهه جي حقيقت) کي (اهڙيءَ طرح) سڃاڻن جهڙيءَ طرح پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي هن (نبي ڪريم ﷺ) کي ائين سڃاڻن ٿا جيئن پنهنجي پُٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وڌو ته اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اڳي ڏِناسون جن کي، ڪتاب ڪَرم ساڻ، سي سُڃاڻنِس، سُڃاڻن جِيئن، پُٽ پنهنجاپاڻ، پوءِ اُهي نه مَڃيندا آڻ، جن جوکي وڌا جِئ پانهنجا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21)

ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) جنهن الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تنهن کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ يقين آهي ته ظلم ڪندڙ (يعني غلط راهه تي هلندڙ) ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ناهي ڪوبه هڪڙو وڌيڪ ظالم اُن شخص کان جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪُوڙ مڙهي ٿو يا الله جي آيتن جو انڪار ڪري ٿو، بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نٿا وٺن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن شخص خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تنهن کان مٿي (ڀلا ٻيو) ڪير ظالم ٿيندو. ۽ ظالمن کي ڪڏهن به نجات نه ملندي.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير آهي وڏو ظالم ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چيائين ان جي آيتن کي يقينًا نه ڪامياب ٿيندا ظالم.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيائين. بيشڪ ظالم ڪامياب نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جنهن الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌو يا ان جي آيتن کي ڪوڙو چيائين. بلاشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه لهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟ جنهن قادر، ربُّ ڪريم تي، ٻَڌا ڪوڙ ٻيهار، يا ڪوٺِئين ڪُوڙيون اُن جون، نِشانيون نِروار، هرگز هاڃيڪار، مَنهدان نه ڇٽن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22)

۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين ته اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهيءَ ڏينهن (جو اچڻ وارو آهي) اسان هنن سڀني کي اٿاري هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ جن ماڻهن خدا سان ٻين کي شريڪ ڪيو هوندو تن کي اسان (يعني خدا) چونداسين، ته ٻڌايو ته ڪٿي آهن، توهان جا اهي (هٿراڌو ٺهرايل ديوتائون) شريڪ، جن بابت توهان اهو باطل عقيدو رکندا هئو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين ان کان پوءِ اسين انهن ماڻهن کي چونداسين جيڪي شرڪ ڪندا هئا، ڪٿي توهان جا معبود آهن جن جو توهان گمان ڪندا هئا،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (تنهن ڏينهن کي ياد ڪريو جنهن ڏينهن انهن سڀني کي ڪٺو ڪنداسون پوءِ جن شرڪ ڪيو تن کان پڇنداسون ته جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ سمجهندا هئا، ڪٿي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ ان ڏينهن جو اٿارينداسون انهن مڙني کي ان کان پوءِ چونداسون انهن کي جن شرڪ ڪيو ته ڪٿي آهن اوهان جا شريڪ جيڪي گمان ڪندا هيؤ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسون، پوءِ (الله سان) شريڪ ڪندڙن کي چونداسون ته اوهان جا (الله سان) شريڪ ڪيل ڪٿي آهن جن جي (شريڪ ٿيڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ ان ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين. پوءِ جن شرڪ ڪيو انهن کي چونداسين ته توهان جا شريڪ ڪٿي آهن؟ جن کي توهان (معبود) خيال ڪندا هيئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن مَهل ميڙي، سي مِڙئي، ڪنداسون قطار، پوءِ جن پَتِيار ڪيا، تن پُڇنداسون پَچار، جن ڀانيا ڀائيوار، اُهي، هاڻي حِصيدار ڪِٿي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23)

وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ انهيءَ وقت هو ڪابه ٻي شرارت نه ڪري سگهندا سواءِ هن جي جو چوندا ته قسم آهي الله جو جيڪو اسان جو پروردگار آهي ته اسان مشرڪ (شرڪ ڪندڙ) ڪونه هئاسين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ نٿو هجي عُذر انهن جو مگر چوندا قسم آهي الله جو اي اسان جا رب اسين دنيا ۾ شرڪ ڪندڙ نه هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن جي ڪا به شرارت (باقي) نه رهندي، پاڻ اهي چوندا ته قسم آهي ان خدا جو جيڪو اسان جو پالڻهار آهي، اسان ته ڪنهن کي به سندس شريڪ ڪين بڻايو هو.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ نه هو عذر انهن جو مگر هي جو چيائون قسم آهي الله جو اسان جي رب جو ته نه هياسين مشرڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سندن عذر رڳو هيءُ ٿيندو جو اُهي چوندا ته اسان کي پنهنجي پاليندڙ الله جو قسم آهي ته اسين (ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙ نه هئاسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن جو ڪو حيلو بهانو ڪونه رهندو سواءِ هن جي جو چوندا ته: ”الله جو قسم جيڪو اسان جو پالڻهارآهي ته اسان مشرڪ نه هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آخر عُذر اُنهن جو، هُئو نه هِن کان ڌار، چي، سُنهُن سانيمِ، ربَّ ستار، مشرڪ، نه هئاسون مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24)

(اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڏس ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هڻڻ لڳا آهن ۽ جيڪي ٺاهه (هن دنيا ۾) ٺاهيا هئائون سي ڪيئن نه کانئن ڀڄي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان ڏسو ڪهڙيءَ طرح اُهي پاڻ تي ڪُوڙ ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي وسري ويون اُهي ڳالهيون جيڪي الله تي مڙهيندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! ڀلا) ڏس ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڪئين نه ڪوڙ هڻڻ لڳا ۽ اهي ماڻهو (دنيا ۾) جو ڪجھ افترا بازي ڪندا هئا سڀ غائب ٿي ويئي.(سيد فرمان علي)


ڏس ته ڪيئن ڪوڙ هنيائون پنهنجن سرن تي ۽ گم ٿيو انهن کان جيڪو ڪوڙ ٿي ٺاهيائون.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڏس ته ڪيئن پاڻ تي ڪوڙ چيائون؟ ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان ڀلجي ويندا. (مولانا محمد مدني)


ڏس ته ڪيئن پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هنيائون ۽ جو بهتان (دنيا ۾) گهڙيندا هئا سو انهن کان ڀُلجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏس ته ڪوڙو پاڻ کي، چيائون ڪهڙي چال، جي جوڙيؤن هٿ جا لال، سي ويا وٽائن وڃائجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25)

۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن (قرآن ٻڌڻ لاءِ) ڪَن ڏيندو آھي، ۽ سندين دلين تي ان جي سمجھڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي ڪئي اٿئون، ۽ جيڪڏھن سڀ مُعجزا ڏسندا ته (به) کين نه مڃيندا، تان جو جنھن مھل توسان جھڳڙو ڪندڙ ٿي تو وٽ ايندا (تنھن مھل) ڪافر چوندا ته ھيءُ اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ظاهري طرح، حق جي ڪلام) ٻڌڻ لاءِ تنهنجي طرف ڌيان ڏين ٿا، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان هنن جي دلين تي اهڙا پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو ان ڳالهه کي سمجهي نٿا سگهن ۽ هنن جي ڪنن ۾ اهڙو روڳ پيل آهي جو ٻڌي به نه ٿا سگهن، (ضد ۽ تعصب ڪرڻ وارن جو حال اهوئي ٿيندو آهي تنهن ڪري) اگرچه هو (سچائي جي) هرهڪ نشاني ڏسن تڏهن به هو ان ۾ ايمان آڻڻ وارا ناهن، ايتري قدر (ضدي آهن) جو جڏهن هو تو وٽ اچن ٿا تڏهن توسان جهڳڙا ۽ بحث ڪن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته هي ته اڳين ماڻهن جون (پراڻيون) آکاڻيون آهن (جي هميشه ٻڌندا آيا آهيون.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪجھه انهن مان اُهي آهن جيڪي توهان کان قرآن ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي سمجھڻ کان پردا رکرايا آهن ۽ انهن جي ڪنن تي ڳراڻ آهي، ۽ جيڪڏهن هر نشاني ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا انهيءَ تي، ايستائين جو جڏهن رسولِ عربي وٽ اچن ٿا (هر وقت) توهان سان ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ناهي هيءُ قرآن مگر اڳين جون ڪُوڙيون ڳالهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي تنهنجي (ڳالهين) ڏي ڌيان ڏيندا رهيا آهن. ۽ (انهن جو ضد ۽ ساڙ ان حد کي پهتو آهي ڄڻ ته) اسان پاڻ سندن دلين کي پردا وجهي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. ته ان (حق) کي سمجهي نه سگهن. ۽ جيڪڏهن اهي (خدائي) جا معجزا به ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا. ايستائين (سندن ضد ۽ ساڙ پهتو) جو جڏهن تو وٽ ڪاوڙجي اچن ٿا ته ڪافر (قرآن وٺي) چئي ٿا وهن (ته ڀلا هن ۾ رکيو ئي ڇا آهي) هي ته اڳين جي ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي.(سيد فرمان علي)


۽ انهن مان ڪو اهڙو آهي جو ڪن ڏئي ٻڌي ٿو اوهان ڏانهن ۽ ڪيا اسان قلبن سندن تي ڍڪ متان سمجهن ان کي ۽ ڪنن انهن جي ۾ گهٻرائي ۽ جيڪڏهن ڏسندا هر معجزو ته (به) نه ايمان آڻيندا ان تي تانجو جڏهن اچن ٿا اوهان وٽ ته جهڳڙو ڪن ٿا توسان چون ٿا اهي شخص جو ڪفر ڪيائون ناهي هي مگر آکاڻيون پهرين جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪي انهن مان ڪَنُ لڳائي تنهنجي ڳالهه ٻُڌن ٿا. ۽ اسان سندس دلين تي پردا وڌا آهن ته متان ان کي سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وڌي اٿئون) ۽ جيڪڏهن سڀ نشانيون ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا، تان جو جڏهن تو وٽ تو سان جهڳڙو ڪرڻ ايندا ته ڪافر چوندا ته هي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن. ۽ اهي ان کان روڪين ٿا (مولانا محمد مدني)


۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي تو ڏانهن (ڪن لائي) ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي پردا وڌا آهن جو ان (قرآن) کي سمجهن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ٻوڙائپ وِڌي آهي. ۽ جي سڀ نشانيون ڏسندا ته به ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته تو سان جهڳڙو ڪن ٿا ڪافر چون ٿا ته: ”هي (قرآن) اڳين ماڻهن جي ڪهاڻين کان سواءِ ڪجهه نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي تن مان، توڏي، ڪَن ڏيئـِي، سُڻنِ ڳالھ سُڄاڻ!، ۽ ڪياسون ڪُوپاقلبن تي، تان، نه پَروڙينَسِ پاڻ، ۽ آهي اُنهن جي ڪَنن ۾، ٻِي پڻ ڪا ٻوڙاڻ، ۽ نه وِسهن، وَرپَسن، اکيِن سَڀ اُهڃاڻ، جڏهن اوهان وٽ آئـِيا، پيا دڙينِ، اوهان ساڻ، آکِينِ ٿا اَڄاڻ، هِي آکاڻيون، آڳينِ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26)

۽ اُھي اُن (جي ٻڌڻ) کان (ٻـين کي) جھليندا آھن ۽ (پاڻ به) کانئن پري ڀڄندا آھن، ۽ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) ھلاڪ نه ٿا ڪن ۽ نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي ماڻهو قرآن مجيد (جي ٻڌڻ) کان ٻين کي به روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ هو (ائين ڪرڻ سان ٻين جو نقصان ڪونه ٿا ڪن پر) پاڻ کي ئي ٿا تباه ڪن، پر ڇا (ڳالهه آهي) جو (نڀاڳن کي) اها خبر ئي نه ٿي پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافر منع ٿا ڪن ماڻهن کي رسولِ عربي جي تابعداري کان ۽ پاڻ پري ٿين ٿا رسولِ عربي کان ۽ نٿا هلاڪ ڪن مگر پنهنجن نفسن کي ۽ نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ماڻهو (ٻين کي به هن جي ٻڌڻ) کان جهلين ٿا ۽ پاڻ ته پري رهندا ئي آيا آهن. پر انهن ڳالهين سان) پوءِ پاڻ ئي پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا ۽ افسوس جو سمجهن نٿا.(سيد فرمان علي)


اهي روڪين ٿا ان کان ۽ پري ٿين ٿا ان کان ۽ نه ٿا هلاڪ ڪن مگر پنهنجن سرن کي ۽ نه ٿا سمجهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان پري ڀڄن ٿا ۽ اهي رڳو پاڻ کي برباد ڪن ٿا ۽ اهي نٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي ان (قرآن) کان روڪن ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ اهي رُڳو پنهنجو پاڻ کي ئي هلاڪ ڪري رهيا آهن. ۽ (ان تباهي جو) شعور به نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ منع ڪن اُن کان، پڻ مُڙن اُن کان مور، پر نه پوينِ پَروڙ، ته نه مارِين، مگر پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27)

۽ جڏھن (اُھي) باہ تي بيھاربا تڏھن جيڪر کين ڏسين (ته عجب ڪرين) پوءِ چوندا اسان کي ارمان آھي (جيڪر دنيا ۾) موٽايا وڃون ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمنن مان ٿيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين ان وقت ڏسين جڏهن هو دوزخ جي باهه جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا ۽ پوءِ چوندا ته هاءِ هاءِ! شال ائين ٿئي جو وري دنيا ۾ اسان کي موٽايو وڃي ۽ اسان پنهنجي پروردگار جي آيتن کي رد نه ڪيون ۽ انهن مان ٿيون جي ايمان وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها جنهن وقت بيهندا اُهي باه تي پوءِ چوندا اي ڪاش اسين موٽايا وڃون ها ۽ اسين نه ڪُوڙو ڪريون ها الله جي آيتن کي ۽ اسين هجون ها مؤمنن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي ان وقت ڏسين (ته حيرت ٿيئي) جڏهن جهنم (جي ڪناري) تي آڻي بيهاريا ويندا ته (ان کي ڏسي) چوندا، افسوس! اسين (جيڪر دنيا ۾) وري (ٻيهر موٽايا وڃون ها ۽ پنهنجي پروردگار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ها ۽ اسين مومنن مان هجون ها.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڏسين جڏهن بيهاريا ويندا باھ تي پوءِ چوندا اي سڌ اسان موٽايا وڃون ۽ نه ڪوڙو چئون پنهنجي رب جي آيتن کي ۽ هجون مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين باهه جي ويجهو ڪيو ويندو، پوءِ چوندا ته جيڪر اسان کي (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ۽ اسين پنهنجي پاليندڙ جي نشانين کي ڪوڙو نه ڪيون ۽ ايمان وارن مان ٿيون.(مولانا محمد مدني)


۽ جي تون انهن کي (ان وقت) ڏسين جڏهن اُهي باهه تي بيهاريا ويندا ته چوندا: ”هائو جي اسان (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته پنهنجي پالڻهار جي آيتن جو انڪار نه ڪيون ۽ ايمان وارن مان ٿي پئون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هُوندو وِيکينِ، تنهن وار، جڏهن وِيابِيهاريا باه تي، چي، ووءِ ووءِ! جي وريا وڃون، واپس وطن وَلهار، ته ڪوڙيون، نه ڪوٺيون آيتون، سانيمِ جُون، ستار، ۽ هُوندهجون هَموار، مڃيندڙن مان مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28)

(نه!) بلڪ ھن کان اڳ جيڪي (ڪفر ۽ گناہ) لڪائيندا ھئا سي (اڄ) کين پڌرا نظر آيا، ۽ جيڪڏھن (دُنيا ڏانھن) موٽايا وڃن ته جنھن (ڪم) کان جھليا ويا سوئي وري ڪرڻ لڳندا ۽ بيشڪ اُھي ضرور ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهو سچي دل جو ارمان نه هوندو) بلڪ (هن ڪري هوندو جو) جيڪي هو اڳي لڪائيندا هئا، (يعني دل جو روڳ) تنهن جو بدلو هنن تي ظاهر ٿي پيو (۽ ان کان بچڻ لاءِ پشيماني ظاهر ڪرڻ لڳا) جيڪڏهن هنن کي وري دنيا ۾ موٽائي آندو وڃي ته وري به انهيءَ (ڪفر ۽ بدعملن) ۾ پئجي ويندا، جنهن کان هنن کي روڪيو ويندو هو ۽ هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته هو (پشيماني ظاهر ڪرڻ ۾) ڪوڙا هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪِ ظاهر ٿي پيو انهن لاءِ جيڪي ڪجھه لڪايائون ٿي دنيا ۾ (ماڻهن کان) ۽ جيڪڏهن اهي موٽايا وڃن ها ته (دنيا ۾) ضرور اهي ڪم ڪن ها جن کان منع ڪيا ويا ۽ بيشڪ اهي ڪُوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پر سندن مراد پوري نه ٿيندي) جا (بي ايماني) شروع کان لڪائيندا آيا هئا سا اڄ (اصل صورت ۾) مٿن کلي پئي ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو (وري دنيا ۾) موٽايا وڃن تڏهن به جنهن ڳالھ جي کين منع ڪئي وئي آهي سا ڪندا (۽ ضرور ڪندا) ۽ بيشڪ اهي ماڻهو ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي)


بلڪ ظاهر ٿيو انهن لاءِ جيڪي لڪايائون ٿي اڳ ۾ ۽ جيڪڏهن موٽايا وڃن ها ته البته ورن ها ان (ڪم) لاءِ جو روڪيا ويا ان کان ۽ بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ائين نه آهي) بلڪ هن کان اڳ جيڪي (گناهه) لڪائيندا هئا سي مٿن ظاهر ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن کين (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ته جنهن (ڪم) کان کين روڪيو ٿي ويو سو وري ڪندا۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (مولانا محمد مدني)


بلڪه انهن لاءِ پڌرو ٿي پوندو جيڪو اڳ لڪائيندا هئا. ۽ جي (دنيا طرف) موٽايا به وڃن ته اهو ئي دُهرائيندا جنهن کان روڪيا ويا هئا ۽ بلاشڪ اهي آهن ئي ڪوڙا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کُليوخوب اُنهن تي، جو اُٽلو لِڪائن اڳ، ۽ واپس واريا، هُوند وِيا، ته به جنهن کان، جَھليا منجھ جڳ، پاتئون تيڏانهن پَڳ، ۽ اُهي ڪوڙا آهن قول ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29)

۽ چون ٿا ته ھن دُنيا جي حياتي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه آھي ۽ اسين (مرڻ کانپوءِ وري) اُٿڻ وارا نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو چون ٿا ته، زندگي اهائي آهي جا هن دنيا جي زندگي آهي ۽ اسان (مرڻ بعد) وري اٿڻ وارا ناهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون ناهي هيءُ مگر حياتي دنيا جي ۽ اسين (مرڻ کان پوءِ) نه اٿاريا وينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ ڪافر اهو به چون ٿا ته اسان جي هن دنياوي زندگي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي ۽ (قيامت وغيره بهانو آهي) اسين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ئي ڪين وينداسون.(سيد فرمان علي)


۽ چوندا ناهي اها مگر حياتي اسان جي دنيوي ۽ ناهيون اسان (قبرن مان) اٿاريل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن چيو ته حياتي رڳو اسان جي دنيا جي ئي حياتي آهي ۽ اسان کي (جيئرو ڪري) اٿاريو نه ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اڄ) چون ٿا ته: ”هن اسان جي دنيا جي حياتي کان سواءِ (ٻيو ڪجهه به) نه آهي ۽ اسان (مرڻ بعد ٻيهر) ڪونه اٿاريا وينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ناھِ جين ان جو، هِن حياتِيء ڌار، ۽ اسين آخرڪار، اَصل نه اُٿڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30)

۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (ته عجب ڪرين،الله) چوندو ته ھي (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي (ته سچ آھي، الله) چوندو ته جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين انهيءَ حالت ۾ ڏسين جڏهن هو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي سامهون کڙا ڪيا ويندا. ان وقت خدا کانئن پڇندو ته، هي (مرڻ کان پوءِ وري اٿڻ) پر حق ناهي؟ هو چوندا ته، قسم آهي اسان کي پنهنجي پروردگار جو ته بيشڪ (وري اٿڻ) برحق آهي، تنهن تي الله تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو (دنيا ۾ قيامت متعلق) انڪار ڪندا رهيؤ، تنهن ڪري هاڻي ان جي بدلي ۾ عذاب جو مزو چکي وٺو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها ته جڏهن اهي رب جي اڳيان پيش ٿيندا. الله فرمائيندو ڇا ناهي هي حق، عرض ڪندا هائو قسم آهي رب اسان جي جو، الله حڪم فرمائيندو پوءِ توهان عذاب کي چکو انهيءَ سببان جو توهان ڪفر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) انهن کي ان وقت ڏسين ته (تعجب ڪندين) جڏهن اهي ماڻهو خدا جي سامهون بيهاريا ويندا ۽ خدا (هنن کان) پڇندو ته ڇا! هي (قيامت جو ڏينهن) اڃا به سچ نه آهي؟ اهي جواب ۾ چوندا ته تنهنجي پروردگار جو قسم، ها! بلڪل سچ آهي تڏهن خدا فرمائيندو ته اوهين جيئن ته (دنيا ۾ هن کان) انڪار ڪندا هئا، تنهن جي سزا عذاب جا مزا چکو.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڏسندين جڏهن بيهاريا ويندا پنهنجي رب جي آڏو فرمائيندو ته ڇا ناهي؟ هيءُ حق چوندا هائو قسم آهي اسان جي رب جو فرمائيندو ته چکو عذاب ان جي ڪري جو ڪفر ڪندا هيؤ. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين سندن پاليندڙ جي اڳيان بيهاريو ويندو. الله فرمائيندو ته ڇا هي (جيئرو ڪري اٿارڻ) سچ نه آهي؟ چوندا ته ڇونه اسان کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي. الله فرمائيندو ته پوءِ جيڪو اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي ڪري عذاب چکو. (مولانا محمد مدني)


۽ جي تون (انهن کي ان وقت) ڏسين جڏهن اُهي پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهاريا ويندا، ته الله پڇندو: ”ڇا هي حق نه آهي“؟ چوندا: ”هائو اسان جي پالڻهار جو قسم (هي حق آهي). الله فرمائيندو: ”پوءِ عذاب (جو مزو) چکو ان ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي ڏسينِ، بِيهاريا وِياجڏهن، سندنِ سائين وٽ، چِي،هِي ناهي حق ڇا؟ وَراڻيو ڇڏي وَٽ، چي، هائو سُنهُن سايمِ جو، هي آهي حق نِپٽ؛ چي پوءِ، چکو سزا چَٽ!، جِنهن مُوجب مڃيندائـِي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31)

جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، ايتري قدر جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا ته اسان اُن (قيامت) بابت جيڪا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اهي ماڻهو نقصان ۽ تباهيءَ ۾ پيا جن (مرڻ بعد) خدا وٽ پيش ٿيڻ کي ڪوڙ سمجهيو، تان جو جڏهن (موت جي) گهڙي اوچتو انهن تي اچي پوندي، تڏهن چوندا ته، افسوس! انهيءَ تي آهي جيڪو هن باري ۾ اسان جو قصور ٿيو، اهي انهيءَ وقت پنهنجي گناهن جو بار پٺين تي کڻي هلندا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي، جو هو (پنهنجي پٺين تي) وجهي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ نقصان ۾ پيا اهي ماڻهو جن قيامت کي ڪُوڙو سمجھو تان جو جڏهن اوچتي قيامت آئي چيائون اي حسرت اسان جي انهيءَ ڳالهه تي جو ڪوتاهي ڪئي اسان انهيءَ ۾ ۽ اهي کڻندا گناهن پنهنجن کي پنهنجن پٺن تي، خبردار ! خراب آهي اهو بار جيڪو کڻندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ماڻهن قيامت جي ڏينهن خدا جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو اهي وڏي نقصان ۾ آهن ايستائين جو جڏهن مٿن اوچتو قيامت ايندي ته چوڻ لڳندا، هاءِ افسوس! اسان ته هن ۾ ڏاڍي ڪوتاهي ڪئي (اهو چوندا ويندا) ۽ پنهنجي گناهن جون ڳنڍڙيون پنهنجن پنهنجن پٺين تي لڏيون ويندا. ڏسو ته (اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار اٿن جنهن کي اهي کنيون ڦري رهيا آهن.(سيد فرمان علي)


تحقيق نقصان ۾ پيا اهي شخص جن ڪوڙو چيو الله جي ملڻ کي تانجو جڏهن ايندي انهن وٽ قيامت اوچتو ته چوندا اي ارمان اسان کي ان تي جو ڪو تاهي ڪئي سون ان ۾ ۽ اهي کڻندا بار پنهنجا پٺين پنهنجن تي خبردار برو آهي جيڪي کڻندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن الله سان ملڻ کي ڪوڙو ڪيو تن جو بيشڪ نقصان ٿيو. تان جو جڏهن مٿن (قيامت جي) گهڙي اوچتو ايندي ته چوندا ته اسان ان بابت جيڪا ڪوتاهي ڪئي تنهن تي اسان کي افسوس آهي. ۽ اهي پنهنجا (گناهن جا) بار پنهنجين پٺين تي کڻندا. خبردار رهو! جيڪو بار اهي کڻندا سو بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو نقصان ۾ پئجي ويا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو چيو. تانجو جڏهن اوچتو انهن تي قيامت ايندي، چوندا: ”هاءِ افسوس اسان تي! جو اسان ان (قيامت کي مڃڻ) ۾ ڪوتاهي ڪئي“ ۽ اُهي پنهنجي پُٺين تي پنهنجا (گناهن جا) بار کڻندا. خبردار! اهو برو بار آهي جيڪو کڻندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇَڻِي پيا ڇِيهَن ۾، جن ڌڻي جو ديدار، وَر وَر ڪُوڙَو ڪوٺيو؛ تان آخر، اُهکِي وار آئـِي اُنهن تي اوچتِي، ٻَر ٻَر! چيون ٻيهار، ته هي هي! ڪئي سون هِن ۾، جاڪمِي، منجھ ڪم ڪار، ۽ اُهي پَنهنجا پاپ پُٺن تي، پِيا بار کڻن بدڪار؛ جو برسر ڍوئنِ بار، اُهو بلَڪل ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32)

۽ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ چرچو آھي، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن تن لاءِ آخرت جي جاءِ ڀلي آھي، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ دنيا جي زندگي ته ڪجهه به ناهي، پر (هڪ طرح جو) کيل ۽ تماشو آهي (ڇو ته ان ۾ مهلت ٿوري آهي) جيڪي ماڻهو پرهيزگار ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن تن جي لاءِ آخرت جو گهر بهتر آهي. (افسوس) توهان (ايتري ڳالهه به) نٿا سمجهو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر راند ۽ تماشو ۽ بهشت ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (هي) دنياوي زندگي ته کيل تماشيءَ کانسواءِ ڪجھ به نه آهي. ۽ هي ته ظاهر آهي ته آخرت جو گهر (بهشت) پرهيزگارن لاءِ آهي جو هن کان بهتر آهي. ته ڇا! توهين ايترو به نٿا سمجهو.(سيد فرمان علي)


۽ ناهي حياتي دنيوي مگر راند ۽ چرچو ۽ البته دار آخرت واري ڀلي آهي انهن جي لاءِ جو ڊڄن ٿا، ڇا پوءِ نه ٿا عقل کان ڪم وٺو..(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن لاءِ آخرت جو گهر گهڻو چڱو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ دنيا جي زندگي رڳو راند ۽ تماشي کان سواءِ ڪجهه ناهي. ۽ پڪ سان آخرت جو گهر ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا. پوءِ ڇو نه ٿا سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ناھِ ننڍِي ڄمار،مگر راند ۽ راڳ رُڳو، ۽ آخرت ڀليِ اُنهن لئي، جي تقوٰى رکن تڪرار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، نه سُوچينِ سچِئَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33)

بيشڪ ڄاڻون ٿا ته جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو توکي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نه (رڳو) توکي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر) اسان کي معلوم آهي ته توکي هن ڳالهه جو ڏاڍو غم ۽ ڏک آهي جو هو (انڪار ۽ دشمني جون) ڳالهيون چئي رهيا آهن، حقيقت هيءَ آهي ته هو توکي ڪوڙو نه ٺهرائي رهيا آهن، پر اهي ظالم (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


تحقيق اسان کي معلوم آهي ته اهي ماڻهو رسولِ عربيءَ کي ڏکوئن ٿا. پوءِ بيشڪ اهي توهان کي (اي رسولِ عربي) ڪُوڙو نٿا سمجھن پر ظالم الله جي آيتن (قرآن مجيد) جو انڪار ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جي بڪواس تو کي صدمو رسائي ٿي ته (توکي ڄاڻڻ گهرجي ته) اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو نٿا ڪن پر (اهي) ظالم (در اصل) خدا جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


تحقيق ڄاڻون ٿا ته تحقيق شان ھيءُ آھي ته البته ڏک ٿو پھچائي توکي جيڪو (ڪافر) چون ٿا پوءِ تحقيق اھي نٿا ڪوڙو چون توکي ۽ پر ظالم آيتن الله جي جو انڪار ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ عقل کان ڪم نٿا وٺو. بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪي اهي چون ٿا سو ضرور توکي غمگين ڪري ٿو. پوءِ (سمجهه ته) اُهي توکي ڪوڙو نه ٿا ڪن، پر (اُهي) ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) تحقيق اسان ڄاڻون ٿا ته بيشڪ تو کي ڏکارو ڪري ٿي (اها ڳالهه) جيڪي اهي چون ٿا پوءِ بيشڪ اُهي تو کي ڪوڙو نه ٿا چون ۽ پر (حقيقت ۾) ظالم ماڻهو الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بيشڪ ٻُجھون، ته ٻولِين جو، سو وِجھنَئـِي منجھ وِيچار، توکي نه ڪُوڙ ڪن سي، پر هرگز هاڃيڪار، ڪَن اَجايو اِنڪار، هادِيءَ جي حُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34)

۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبه) ڦيريندو نه آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هيءَ حقيقت آهي ته) توکان اڳي به رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ويو ۽ هنن کي جو ماڻهن ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون، تنهن تي هنن صبر ڪيو ۽ (پنهنجي ڪم ۾ ثابت قدم رهيا). تانجو اسان جي مدد کين پهچي وئي، ۽ (ياد رکو ته الله تعاليٰ جو هي قانون آهي ته) ڪوبه ڪونهي جو سندس (ٺهرايل) لفظن ۽ حڪمن کي بدلائڻ وارو هجي، ۽ توکي ته رسولن جي خبرن مان گهڻيون ئي ڳالهيون پهچي به چڪيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق ڪُوڙا سمجھيا ويا رسولَ جيڪي توهان کان اڳ ۾ آيا، پوءِ صبر ڪيائون انهي ڳالهه تي جنهن ۾ ڪُوڙا سمجھا ويا (نبوت ۾) ۽ ايذاء ڏنا ويا ايستائين جو آئي انهن وٽ مدد اسان جي، ۽ ناهي ڪير تبديل ڪندڙ الله جي حڪمن کي، ۽ بيشڪ تحقيق توهان وٽ آيون آهن خبرون اڳين پيغمبرن جون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (پڻ ڇڙو تون نه پر) تو کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن ته انهن (به) پنهنجي ڪوڙي ڪرڻ ۾ ايذا ۽ (تڪليفن) تي صبر ڪيو ايستائين جو اسان جي مدد انهن کي پهتي (۽ ڇو نه ايندي) خدا جي ڳالهين کي ڪو به بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ پيغمبرن جون ڳالهيون تو وٽ پهچي چڪيون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڪوڙا سمجھيا ويا ڪيترا رسول تو کان اڳ ۾ پوءِ صبر ڪيائون ان تي جو ڪوڙا سمجھيا ويا ۽ ايذايا ويا تانجو پھتي انھن کي مدد اسان جي ۽ ناھي (ڪير به) مٽائيندڙ ڪلمن الله جي کي ۽ البته تحقيق آئي تو وٽ خبر مرسلن جي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ توکان اڳ (گهڻن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو. پوءِ انهن کي جو ڪوڙو ڪيو ويو ۽ ايذاءُ ڏنو ويو تنهن تي انهن صبر ڪيو، تان جو انهن کي اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ بيشڪ تو وٽ رسولن جون ڪجهه خبرون پهچي چڪيون آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ البته تحقيق تو کان اڳ به رسولن کي ڪوڙو چيو ويو پوءِ انهن صبر ڪيو ان تي جو کين ڪوڙو چيو ويو ۽ کين ايذايو ويو تانجو انهن وٽ اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين (وعدن) کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي ۽ البته تحقيق تو وٽ رسولن جون خبرون اچي چڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪوڙا اڳ، ڪوٺيا ويا، مُرسل مڻياندار، پوءِ سَٺـئون ڪوڙي ڪوٺڻ کي، پڻ آينِ، جي آزار، آئـِي تان اَسان جِي، اُنهن کي آڌار، ۽ هادِئَ جي حڪمن ۾، نه ڪندڙ ڦيڙ ڦار، پڻ ملئـِي پَتا پار، مُرسلن جا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35)

۽ جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ توکي ڏکيو لڳي ٿو ته جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين يا وٽن ڪو معجزو آڻين ته آڻي انھن کي ڏيکار، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نه ھُج.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ (ايمان نه آڻڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي ته (جيڪي ڪري سگهين سو ڪر، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا) جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولي لهه (۽ ان ۾ گهـڙي وڃ) يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي لهه (۽ ان تي چڙهي وڃ) ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار (ته به هو ڪونه مڃيندا). جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي جمع ڪري ها (پر خدا جو قانون اهو ناهي) تنهن ڪري تون انهن منجهان نه ٿيءُ جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان جي مٿان انهن جو مُنهن موڙڻ جيتوڻيڪ وڏي پريشاني آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان کي توفيق آهي ته طلب ڪريو ڪا سرنگ زمين ۾ يا ڏاڪڻ آسمان ۾ پوءِ توهان انهن کي ڪا نشاني آڻي ڏيو، ۽ جيڪڏهن الله چاهي ته گڏ ڪري انهن کي هدايت تي پوءِ (اي مخاطب) هرگز نٿي تون جاهلن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن جو منهن موڙڻ تو کي ضرور ڳرو لڳو آهي (پر) جيڪڏهن تنهنجو وس هلي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولي ڪڍ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ. ۽ انهن کي ڪو معجزو آڻي ڏيکار (ته ائين به ڪري ڏس) جيڪڏهن خدا گهري ها ته کيس هدايت تي ڪٺو ڪري ها (پر خدا ته امتحان ٿو وٺي) پوءِ (متان) تون ڪڏهن به جاهلن ۾ (شامل) نه ٿج.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏھن ڳرو لڳو توتي منھن موڙڻ انھن جو پوءِ جيڪڏھن ڪري سگھين تون ھي جو ھڻين سرنگھه زمين ۾ يا (ٺاهين) ڏاڪڻ آسمان ۾ پوءِ آڻين انهن وٽ ڪو معجزو ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته البته گڏ ڪري ها انهن کي هدايت تي پوءِ هر گز نه هج جاهلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن انهن جو منهن موڙڻ توکي ڳرو لڳو آهي ته پوءِ جيڪڏهن تون زمين ۾ ڪا سرنگ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ ڳولي ڪڍي سگهين پوءِ انهن وٽ ڪا نشاني کڻي اچين (ته ڪري ڏيکار) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کين هدايت تي گڏ ڪري ها، پوءِ تون ڪڏهن به جاهلن مان نه ٿيءُ.(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن انهن جو مُنهن موڙڻ تو کي ڏکيو لڳي ٿو پوءِ اگر زمين ۾ (هيٺ لهڻ واري) سُرنگ ڪڍي سگهين يا آسمان ۾ (مٿي چڙهڻ واري) ڏاڪڻ ٺاهين پوءِ (انهن کي مڃائڻ لاءِ) ڪا نشاني آڻي سگهين. (ته آڻ، پر اهي ايمان ڪو نه آڻيندا) ۽ جي الله چاهي ها ته انهن سڀني کي هدايت تي گڏ ڪري ها پوءِ تون (انهن جي بدبختي کان) بي خبر نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڳَرِي لڳـئـِي ڳالهڙِي، اُنهن جو انڪار، پوءِ جي طاقت توکي، ته هڪدم گُھر هيڪار، ڀُون ۾ ڪوئي بونرو، يا چاڙهِي چُوٽِي پار، پوءِ اُنهن تي آڻ ڪا، نِشانِي نروار، ۽ سڀئـِي آڻي سَنوت تي، جي گُھريو هوند غفّار، پوءِ تون نه ٿِي تڪرار، مُورکن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36)

جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت) قبول ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن کڙو ڪندو وري ڏانھس موٽايا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهنجي سڏ جو جواب فقط اهي ڏيئي سگهندا جي (دل سان) ٻڌندا، پر جيڪي مئلن وانگر آهن (تن ۾ ٻڌڻ جي اميد نه رک) انهن کي ته الله تعاليٰ (قبرن مان) اٿاريندو ۽ اهي (نيٺ) الله تعاليٰ ڏانهن موٽايا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


اُهي (توهان جي دعوتِ اسلامي) قبول ڪندا جيڪي ٻڌن ٿا، ۽ ڪافرن کي الله قبرن مان اٿاريندو انهيءَ کان پوءِ الله ڏانهن موٽايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهنجو چوڻ ته) فقط اهي ئي انسان مڃن ٿا جي (دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. ۽ مئلن کي ته خدا قيامت ۾ ئي اٿاريندو، پوءِ ان ڏي موٽايا ويندا.(سيد فرمان علي)


تحقيق قبول ڪن ٿا جيڪي ٻڌن ٿا ۽ مئل اٿاريندو انهن کي الله ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي (دل سان) ٻڌن ٿا، سي ئي قبول ڪن ٿا. ۽ مئلن کي الله (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ ان ڏي ئي کين موٽايو ويندو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ (حق جو سڏ) صرف اُهي قبول ڪندا آهن جيڪي (دل سان) ٻڌندا آهن. ۽ مُردن کي ته الله (قيامت ڏينهن) اٿاريندو پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَڃيندا، سى مورهين، جي سُڻن هِنيِين ساڻ، ۽ مُئا مُقامن مان، پرور اُٿاريندو پاڻ، اُن ڏي اِن پُڄاڻ، موٽائـِبا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37)

۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر) کين چؤ ته الله نشاني جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو چون ٿا ته ڇو هن (رسولﷺ) تي سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (معجزو) نازل نه ٿيو آهي؟ (اي پيغمبر) تون کين چئو ته خدا کي بيشڪ اها قدرت آهي جو ڪا نشاني نازل ڪري، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ڪا نشاني نازل ڪئي وئي سندس رب جي طرفان، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آيت نازل ڪرڻ تي الله قادر آهي پر اڪثر انهن جا نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر چون ٿا ته (آخر) هن نبي تي سندس پروردگار جي طرفان ڪو معجزو ڇو نه ٿو نازل ٿئي ته تون (کين) چئو ته خدا معجزي جي نازل ڪرڻ تي ضرور قادر آهي پر هنن مان گهڻا ماڻهو(خدا جي مصلحتن کي) نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته ڇو نه لاٿي وئي ان تي ڪا نشاني سندس رب جي طرفان فرماءِ ته بيشڪ الله قادر آهي هن تي جو لاهي نشاني ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن چيو ته ان (رسول) تي سندس پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي آهي؟ (کين) چئو ته بيشڪ الله هن ڳالهه تي قدرت رکندڙ آهي ته ڪا نشاني لاهي پرانهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته: ”ان (رسول) تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي“؟چؤ ته بيشڪ الله ان تي قادر آهي جو نشاني لاهي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، هوند سندسِ سائينءَ کان، ڪو اُٿسِ لٿو اُهڃاڻ، چئو الله قادر اُن مٿي، ته ڪو پِرتو لاهي پاڻ، پر اڪثر هي اَڄاڻ، نه سمجھن، سچِئَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38)

۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي ٽوليون آھن، (سڀ) ڪا شيء ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نه ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيون وينديون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ زمين ۾ ڪوئي به چرندڙ جانور ۽ هوا ۾ پرن سان اڏامندڙ ڪوبه پکي اهڙو ڪونهي جو توهان وانگر جماعتون يا ٽوليون رکندڙ نه هجي، (يعني اهي به گڏجي رهن ٿا ۽ گڏجي گذران جو بندوبست ڪن ٿا) ڏسو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪابه شيء ڇڏي نه ڏني آهي ، (يعني هر مخلوق جي لاءِ جيڪي به هئڻ گهرجي سو سڀ اسان لکي ڇڏيو آهي، يعني ٺهرائي ڇڏيو آهي). پوءِ سڀني کي (آخر) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گڏ ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ناهي ڪو هلندڙ جانور زمين ۾ ۽ ناهي ڪو پکي جيڪو پنهنجن پرن تي اڏامي ٿو مگر سندن تقدير لکيل آهي، نه ڇڏي آهي اسان لوحِ محفوظ ۾ ڪا به شيءِ، انهي کان پوءِ اهي پنهنجي رب ڏانهن گڏ ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


زمين تي جي گهمڻ ڦرڻ وارا (جانور) يا پنهنجي پرن سان اڏڻ وارا پکي آهن انهن جون به اوهان وانگر جماعتون آهن. (۽ سڀئي لوح محفوظ ۾ موجود آهن) اسان ڪتاب (قرآن) ۾ڪا به ڳالھ ڇڏي نه آهي پوءِ سڀئي (چوپايه هجن يا پکي) پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ آندا ويندا.(سيد فرمان علي)


۽ ناهي ڪا به چرندڙ شيءِ زمين ۾ ۽ نه ڪو پکي جو اڏامي پنهنجن پرن سان مگر امتون آهن اوهان جي مثل نه ڇڏي سون ڪتاب ۾ ڪا شيءِ ان کان پوءِ پنهنجي رب ڏانهن اٿاريا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زمين ۾ ڪو به هلندڙ نه آهي ۽ نه ڪو اڏامندڙ جو پنهنجن ٻن پرن تي اڏامي ٿو پر اهي اوهان جهڙيون جماعتون (يعني مخلوق) آهن. ۽ اسان ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڪا شيءِ نه ڇڏي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ زمين ۾ ڪو چُرندڙ جانور ۽ (فضائن ۾ ) ڪو اڏامندڙ پکي جيڪو پنهنجي کنڀڙاٽين سان اڏامي ٿو اهڙو نه آهي مگر (اي انسانو!) اوهان جهڙيون ئي قومون آهن. اسان ڪابه شيءِ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکڻ کان سواءِ نه ڇڏي آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار ڏانهن گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نه کيڙ ائُو، ڪوکِه ۾، نه پکِي طُور طيور، اُڏٖي ٻن کنڀن سان، مگر آهن مُور، اوهان جِھڙيون، اُمتون ظاهر ۽ ظهور، لِک، نه ڪٿي ليک ۾، ڪيو سون قُصور، هَمہ منجھ حَضور، ڀيڙا ڪري بِيهاربا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39)

۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو سي (گويا) ٻوڙا گونگا اونداهين ۾ گم آهن، خدا جنهن به انسان متعلق چاهي تنهن کي (ڪاميابي جي) واٽ کان پري ڪري ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تنهن کي ڪاميابي جي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي. (الله تعاليٰ هن باري ۾ جو قانون ٺاهيو آهي ان کي ڪوبه بدلائي نٿو سگهي. اهو قانون هي آهي ته جيڪو پنهنجو عقل ۽ سمجهه نٿو هلائي ۽ تڪبر ۽ ضد کان حق جو ڪلمون ٻڌڻ کان انڪار ٿو ڪري سو ڪڏهن به سڌي واٽ تي نه ايندو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھن ٿا، اُهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن اونداهين ۾، جنهنکي رب چاهي گمراه ڪري ۽ جنهنکي رب چاهي انهيءَ کي سنئين رستي تي هلائي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي به (ڪفر جي اوڙاھ) اوندھ ۾ گونگا ٻوڙا (ٿيا پيا) آهن خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي راھ تي آڻي.(سيد فرمان علي)


۽ اهي شخص جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي ٻوڙا ۽ گونگا اونداهين ۾ آهن جنهن کي به گهري ٿو الله ته گمراھ ڪري ٿو ان کي ۽ جنهن کي گهري ٿو ته رکي ٿو ان کي واٽ سڌيءَ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان گڏ ڪيو ويندو. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ (پيا) آهن. الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي رستي تي ڪري ٿو.(مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي ٻوڙا ۽گونگا آهن، اونداهين ۾ (ڀٽڪندڙ) آهن. الله جنهن کي چاهي ان کي گمراهه ڪري. ۽ جنهن کي چاهي ته ان کي سڌي واٽ تي هلائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جن ڪوڙو ڪوٺيون، اسان جون، نِشانيون نِروار، ٻوڙا، گنگا آهن اُهي، منجھ اُونداهين آوار، رولي ڇڏي روه ۾، جنهن کي گُھري غفّار، جنهن کي گُھري جَبّار، واري ڪري سَنئينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي ته جيڪڏھن اوھان سچا آھيو ته الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان تي خدا جو عذاب اچي وڃي يا (موت جي) گهڙي مٿئون اچي بيهي، ته ان وقت به توهان خدا کان سواءِ ٻين کي (مدد لاءِ پڪاريندؤ؟ (جواب ڏيو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ڀلا توهان ٻڌايو جيڪڏهن اچي توهان تي الله جو عذاب يا اچي توهان تي قيامت ڇا الله کان سواءِ بتن کي پڪاريندا جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڇين ته ڇا! توهان هئين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن اوهان جي سامهون خدا جو عذاب اچي وڃي يا اوهان جي اڳيان قامت ٿي اچي ته اوهين (جيڪڏهن پنهنجي چوڻ ۾) سچا آهيو ته (ٻڌايو ته پوءِ مدد لاءِ) ڇا! خدا کي ڇڏي ٻئي کي سڏيندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: خبر ته ڏيو جيڪڏهن آيو اوهان وٽ عذاب الله جو يا آئي اوهان وٽ قيامت ڇا الله کان سواءِ ٻئي کي سڏيندؤ؟ جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا (قيامت جي) گهڙي اچي ته ڇا الله کانسواءِ ٻي ڪنهن کي سڏيندؤ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


چؤ غور ته ڪيو! جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا توهان تي قيامت اچي ته ڇا الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي سڏيندؤ ؟ (جواب ڏيو) جي اوهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو ڪِيئن ٿاڀانيو پاڻ کي، ته جي اچي اوهان سر، اِلاهِي عذاب ڪو، يا محشر ڏينهن مقرر، ته پوءِ ڇا؟ الله الله ڪري، صاحب ري، سَڌر، داهيندا ٻي در، جي صفا آهيو سچ تي؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41)

(نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


نه نه! توهان انهيءَ ئي الله کي پڪاريندؤ ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي مصيبت لاهي ڇڏيندو ۽ ان وقت انهن کي وساري ڇڏيندؤ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ خاص الله کي توهان پڪاريو ٿا پوءِ جيڪڏهن چاهي ته توهان جون تڪليفون لاهي ڇڏي جيڪي دعائون الله کان گھرو ٿا ۽ توهان بتن کي وساري ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ٻين کي ته ڇا) پر انهيءَ کي سڏيندو پوءِ جيڪڏهن هن گهريو ته جنهن (ڳالھ) لاءِ اوهان کيس سڏيو آهي تنهن کي پري ڪندو. ۽ (تنهن وقت) اوهين ٻين معبودن کي جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ ڄاڻندا هئا وساري ڇڏيندو.(سيد فرمان علي)


بلڪ خاص ان کي سڏيندا آهيو پوءِ دفع ڪري ٿو اها تڪليف جو سڏيو ٿا ان ڏانهن جيڪڏهن گهري ۽ وساريو ٿا جيڪي شريڪ ٿا بنايو. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بلڪ ان کي ئي سڏيندؤ. پوءِ اهو جيڪڏهن گهرندو ته ان (مصيبت) کي هٽائيندو جنهن لاءِ (کيس) سڏيندؤ ۽ جن شين کي (سندس) شريڪ ڪريو ٿا تن کي ڀلائي ڇڏيندؤ (مولانا محمد مدني)


بلڪه ان (الله)کي ئي سڏيندؤ پوءِ جيڪڏهن چاهي ته جنهن لاءِ کيس سڏيو ٿا اها (آفت) هٽائي ڇڏي ۽ جن کي الله سان شريڪ ڪيو ٿا (ان وقت)انهن (ڪوڙن معبودن) کي وساري ڇڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو ڪندا اُن هيڪ سان، حال هِيڻو هَڏ، پوءِ لاهيندان سو، جي گُهري، جنهن لئي، ساري ڪريو سَڏ، ۽ ٻِئا، جي ڀورا! ڀانيو گَڏ، سي وساريندا، تنهن ويل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42)

۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ (اُنھن جي بي فرمانيءَ سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مانَ اُھي زاري ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر هي حقيقت آهي ته) بيشڪ جيڪي امتون توکان اڳي ٿي گذريون آهن ته ڏي اسان (پنهنجا رسول) موڪليا ۽ انهن کي (پنهنجي ٺهرايل قانون موجب) سختي ۽ تڪليف ڏني، انهيءَ لاءِ ته (بدعملي ڦٽي ڪن ۽ خدا جي درگاهه ۾) عاجزي نياز ۽ زاري ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق توهان کان اڳ ۾ اسان گھڻين امتن ڏانهن پيغمبر موڪليا (پوءِ انهن نه مڃو) پوءِ اسان انهن کي مسڪيني ۽ مرضن ۾ گرفتار ڪيو ته من اهي توبه ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) جيڪي امتون تو کان اڳ ٿي گذريون آهن اسان انهن ڏي به ڪيترائي رسول موڪليا پوءِ (جڏهن انهن نافرماني ڪئي ته) اسان انهن کي سختي ۽ تڪليف ۾ گرفتار ڪيو ته جيئن اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزي ۽ زاري ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق رسول موڪلياسون امتن ڏانهن توکان اڳ ۾ پوءِ ورتوسون انهن کي سختيءَ سان ۽ تڪليف سان تانته اهي زاري ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (گهڻين) جماعتن ڏي (رسول) موڪليا، پوءِ اسان کين سختيءَ ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مَنَ اهي زاري ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان تو کان اڳين امتن ڏانهن رسول موڪليا پوءِ اسان انهن کي تنگدستي ۽ تڪليف جي ذريعي پڪڙيو ته جيئن اُهي (اسان اڳيان) زاري ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُماڻيا سون، توکان اڳي، اُمتن ۾ اڳواڻ، پوءِ تنگِين ۽ تڪلِيفن ۾، پڪڙيوسونِ پاڻ، اِهو اِنهيءَ ڪاڻ، ته ڪن ضروري زاريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43)

پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇونه ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندن دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (غور ڪيو ته) ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن اسان جي طرف کان هنن تي سختي آئي تڏهن توبهه زاري ڪن؟ هن ڪري جو هنن جون دليون سخت ٿي ويون هيون، ۽ جيڪي بدعمليون هو ڪندا هئا سي شيطان هنن جي نظر ۾ وڻندڙ ۽ سهڻيون ڪري ڏيڪاريندو هو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ڇو نه انهن توبه ڪئي جنهن وقت انهن وٽ اسان جو عذاب آيو، پر ڪٽيا قلب انهن جا ۽ سندن لاءِ شيطان سينگاريو جيڪو (ڪفر) ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جڏهن انهن (جي سرن) تي اسان جو عذاب آيو ته هنن ڇو ڪين عاجزي ۽ زاري ڪئي (ته اسان عذاب ٽاري ڇڏيون ها) پر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ سندن ڪرتوتن کي شيطان سينگاري ڏيکاريو هو (پوءِ هو ڇو ٻاڏائين.)(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇو نه ائين ڪيائون جڏهن آيو انهن وٽ عذاب اسان جو ته زاري ڪن ها ۽ پر ڪٽجي ويون دليون انهن جون ۽ سينگاريو انهن لاءِ شيطان جيڪي ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن مٿن اسان جو عذاب آيو تڏهن ڇو نه انهن زاري ڪئي؟ پر سندن دليون سخت ٿيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا هئا، سي شيطان کين چڱا ڪري ڏيکاريا! (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جو عذاب پهتو ته ڇو نه زاري ڪيائون؟ ۽ پر انهن جون دليون سخت ٿي ويون ۽ شيطان انهن لاءِ سينگاريا هئا (اُهي گناهه) جيڪي اهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آينِ ڏُ ک اَسان جو، جڏهن جُھلِي مَنجھ جھان، ته هوندپَڇتائي پاڻ ڪيون، زاريون ساڻ زبان، پر، ٿيا ڪَٺڻ قلب اُنهن جا؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪُفران، شامتِي شيطان، سو سندنِ لئي سنيگاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44)

پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتريقدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هيئن ٿيو جو جيڪا نصيحت هنن کي ڏني ويئي هئي تنهن کي وساري ڇڏيائون، تڏهن اسان (ظاهر ظهور) هنن لاءِ هر طرح (جي خوشحالين) جا دروازا کولي ڇڏيا. ايتري حد تائين جو اسان جي ڏنل نعمتن تي خوشيون ملهائڻ لڳا، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان هنن کي (سندن بدعملن سبب) پڪڙ ڪئي ۽ ڏسو هو نا اميدين ۾ رهجي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن جو وساريائون جنهن جي کين نصيحت ڪئي وئي پوءِ (بطور مهلت) اسان انهن تي نعمتن جا دروازا کوليا ايستائين جو خوش ٿيا انهي سببان جيڪي اسان انهن کي ڏنو، اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو، پوءِ اهي ان وقت نااميد آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪئي وئي آهي جڏهن ان کي وساري ڇڏيون ته اسان مٿن ( ڍر ڏيڻ لاءِ) هر قسم جي دنياوي نعمتن (۽ مزن جا) دروازا کولي ڇڏيا. ايستائين جو جيڪي نعمتون کين ڏنيون هيون جڏهن انهن کي حاصل ڪري (بلڪل) خوش ٿيا ته اسان کين اوچتو پڪڙيو. پوءِ اهي اتي جو اتي نااميد ٿيا.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن وساريائون اها ڳالهه جو نصيحت ڪيا ويا ان سان ته کولياسون انهن تي دروازا هر شيءِ جا تانجو جڏهن خوش ٿيا ان تي جو ڏنا ويا ته پڪڙيوسون انهن کي اوچتو ته پوءِ ان وقت اهي نا اميد ٿيندڙ آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪا انهن کي نصيحت ڪئي وئي تنهن کي جڏهن انهن ڀلائي ڇڏيو تڏهن اسان مٿن سڀ ڪنهن شيءِ جا دروازا کوليا. تان جو جيڪي کين ڏنو ويو تنهن سان جنهن وقت خوش ٿيا تڏهن اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو پوءِ اهي اُتي جو اُتي نااميد ٿيا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن ان نصيحت کي وساريائون جا کين ڪئي وئي هئي ته اسان انهن تي هر شيءِ جي (ڪشادگي) جا دروازا کوليا، تانجو جڏهن اهي مسرور ٿي ويا انهن (نعمتن تي) جيڪي کين ڏنيون ويون هيون، اسان کين اوچتو پڪڙيو پوءِ ان وقت اُهي مايوس ٿي پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو وِيَنِ ياد ڏِياريو، سو وساريون، جِنهن وار، ته کوليا سون خوب مَٿنِ، در سڀ ڪنهن سُک سُڪار، تان ڏاڍا خوش اُن تي ٿيا، ڏِنَنِ جو ڏاتار، پوءِ اوچتوئـِي اُنهن کي، ڪيوسون گِرفتار، پوءِ آهن اُنهئَ وار، بلڪل بي آسري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45)

پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراہ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڏسو ته جنهن قوم ظلم ڪيا تنهن جون اسان پاڙون ئي پٽي ڇڏيون، بيشڪ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ قوم ظالمن جي پاڙ پٽي وئي، ۽ سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪٽي وئي پاڙ قوم جي جن ظلم ڪيو ۽ سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جيڪو جهانن جو رب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ پاڙ پَٽي وئي ان قوم جي جن ظلم ڪيو ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پُٺ ڪَپِي، تنهن قوم جِي، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ هردم حمد حُضور، جو پالڻهار پرٿڻيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏسو ته جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي ته انھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھو ڏيندو؟ ڏس ته ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري به اُھي پاسو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جا ڪن ۽ اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي (يعني عقل ۽ سمجهه تي) مهر لڳائي ڇڏي ته پوءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو اوهان کي اهي موٽائي ڏئي سگهي؟ ڏسو ته ڪيئن اسان قسم قسم جي نمونن سان پنهنجون آيتون چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا. تڏهن به اهي ماڻهو منهن ڦيرائي ڇڏين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا توهان (مڪه جا رهندڙ) مون کي خبر ڏيندا جيڪڏهن الله توهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ختم ڪري ۽ توهان جي دلين تي مهر هڻي، ڪير آهي معبود، الله کان سواءِ جو اهي شيون توهان کي ڏي. اي حبيب ! توهان ڏسو ڪهڙي طرح اسين دليل بيان ڪريون ٿا انهيءَ کان پوءِ به اهي نٿا مڃن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) کين چئو ته، مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر ڪري ته خدا کانسواءِ ٻيو ڪير معبود آهي جو (وري) اوهان کي اهي نعمتون (موٽائي) ڏئي؟ (اي رسول!) ڏس ته اسين ڪئين ته پنهنجا دليل پيش ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: خبر ڏيو جيڪڏهن کسي وٺي الله ڪن اوهان جا ۽ اکيون اوهان جون ۽ مهر هڻي دلين اوهان جين تي ته ڪير معبود آهي (هڪ) الله کان سواءِ جو آڻي ڏئي اوهان کي اهي.س ته ڪيئن ٿا نموني نموني سان بيان ڪيون دليل پوءِ به اهي پاسو ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان جا ڪن ۽ اوهانجيون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪير اهڙو بادشاهه آهي جو اوهان کي اهي شيون آڻي ڏيندو؟ ڏس ته ڪيئن نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا پوءِ (به) اهي منهن موڙين ٿا. (مولانا محمد مدني)


چؤ هي ته ٻڌايو ته جي الله اوهان جو ٻڌڻ ۽ اوهان جون اکيون ڦُري وٺي ۽ اوهان جي دلين مٿان مُــــهر هڻي ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو اوهان کي اُهي واپس ڏئي سگهي. ڏس ته اسان ڪيئن ورجائي نشانيون بيان ڪيون ٿا پوءِ به اهي منهن موڙن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئوڪِ ڏِٺان؟ ته ڏاتار، جي نِينان ڪَن ۽ اکيون، ۽ هَڻنِيان مُهر هنِيين تي، پوءِ ڪهڙو اُهو آڌار؟ ٽٖيئـِي ٽَپڙ ڏيندان ورِي، پاڪ ڌڻِي کان ڌار، ڏِس، ته مَٿنِ، ڪِيئن کوليون، نِشانيون نِروار، تِنهان پوءِ تڪرار، پورِينِ ڪهڙي پار ڏي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين خبر ڏيو ته جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا پڌرو اوھان کي پُھچي ته ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين) چئو ته، توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو اچي ڪڙڪي يا (اطلاع بعد) ظاهر ٿي اچي ته پوءِ ظالم قوم کان سواءِ ٻي به ڪا قوم ٿي سگهي ٿي، ڇا جا تباهه ڪئي ويندي؟ (يعني فقط ظالم قوم کي تباهه ڪيو ويندو)(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي خبر ڏيو جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب اوچتو اچي يا ظاهر بظهور ته فقط ظالم قوم هلاڪ ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته مون کي ٻڌايو ته جي اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا گنهگارن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به هلاڪ ڪيا ويندا؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن اچي اوهان وٽ عذاب الله جو اوچتو يا ظاهر ته ڇا هلاڪ ڪيا ويندا سواءِ قوم ظالمن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا ظالم قوم کانسواءِ ٻي ڪنهن کي هلاڪ ڪيو ويندو؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو جي اوهان تي الله جو عذاب اوچتو اچي يا پڌرو اچي ته ڇا ظالم قوم کان سواءِ ڪو ٻيو هلاڪ ڪيو ويندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، وَرتان ڪو ويچار؟ ته قَهر ربَّ قهار جو، اچي اوهان تي اوچتو، يا پڌرو، هر ڪنهن پار، ظالِم ذات ڌار، مُور نه ٻئو، مايو وڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48)

۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون، پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان پنهنجي رسولن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعملي جي بد نتيجن کان) خبردار ڪن. پوءِ جنهن به ايمان ۽ يقين آندو ۽ پاڻ کي سڌاريائين تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن طرح جو انديشو هوندو، نڪي ڪنهن طرح جو غم هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نٿا موڪليون اسان رسولن کي مگر مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، پوءِ جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا پوءِ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين رسولن کي فقط هن مطلب لاءِ موڪليون ٿا ته (نيڪن کي جنت جي) خوش خبري ڏين ۽ (برن ماڻهن کي دوزخ جي عذاب کان) ڊيڄارين. پوءِ جنهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا ڪم ڪيا ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ (قيامت ۾) نڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿا موڪليون رسولن کي مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي پوءِ جنهن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين رسولن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا. پوءِ جن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريو تن تي ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.(مولانا محمد مدني)


۽ اسان رسولن کي نه ٿا موڪليون مگر خوشخبريون ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي. پوءِ جنهن ايمان آندو۽ پاڻُ سڌاريائين ته پوءِ نه انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُرسل نه مَڃيون مجال، مگر کيانتا ۽ خابرو، پوءِ مڃيو جنهن مذڪور کي، ۽ چڱِي رکيائين چال، تن کي نه ڀَو بحال، ۽ نه ڳَڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49)

۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تن کي سندن نافرماني ۽ بدعملن سببان عذاب وڪوڙي ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن ڪُوڙو سمجھو آيتن اسان جن کي، پهچي ٿو انهن کي عذاب انهي سببان جو گناه ڪندا هُئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته جيئن ته (اهي) نافرمان هئا (تنهنڪري اسان جو) عذاب کين وڪوڙي ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي پهچندو انهن کي عذاب ان سببان جو بي فرماني ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي عذاب پهچندو هن ڪري جو اهي نافرماني پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو انهن کي عذاب ڇُهندو ان ڪري جو اُهي نا فرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهي، اسان جون آيتون، ڪوٺيون، جن ڪُوڙ، حَدون ڀَڃن هُوڙ، اِيندنِ عذاب، اِن مَٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي) چئو ته، مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته، غيب جو علم رکندڙ آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو توهان کي چوان ته مان (انسان ناهيان پر) فرشتو آهيان، منهنجي حيثيت ته فقط هيءَ آهي ته مان انهيءَ ئي ڳالهه تي عمل ڪيان ٿو جا خدا مون کي وحي جي وسيلي ٻڌائي آهي. (۽ انهيءَ ئي طرف اوهان کي به سڏيان ٿو پوءِ) انهن کان پڇ ته، ڇا اهو جو انڌو آهي (حقيقت ۽ وحي کي نٿو سڃاڻي) ۽ اهو جو ڏسندڙ آهي (جو وحي جي روشنيءَ کي ڏسي ٿو) اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريو؟(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو آئون نٿو دعويٰ ڪريان توهان لاءِ ته مون وٽ (بذاتِ خود) الله جا خزانا آهن ۽ (بذاتِ خود) آئون غيب جو علم ڄاڻان ٿو ۽ آئون نٿو دعويٰ ڪريان ته بيشڪ آئون ملائڪ آهيان، آئون ته فقط وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو، اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا ڪافر ۽ م‍ؤمن پاڻ ۾ برابر آهن، (يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان فڪر نٿا ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته آءُ اهو ته نٿو چوان ته مون وٽ خدا جا خزانا آهن (ته ايمان آڻڻ تي ڏئي ڇڏيندس) ۽ نه (وري) آءُ غيب (جون سڀ ڳالهيون) ڄاڻان ٿو ۽ نه آءُ اوهان کي اهو چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. آءُ فقط جو (خدا جي طرف کان) مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جو پابند آهيان. (کين) چئو ته (ڀلا) انڌو ۽ اکين جو سڄو هڪجهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ته ڇا؟ توهين (ايترو به) نٿا سوچيو؟.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته نه چوان ٿو اوهان جي لاءِ ته مون وٽ خزانا آهن الله جا ۽ نه هيءُ ته ڄاڻان ٿو غيب ۽ نه چوان ٿو اوهان لاءِ ته بيشڪ مان ملائڪ آهيان نه ٿو تابعداري ڪيان مان، مگر ان جي جو وحي ڪيو ويو مون ڏانهن، فرماءِ ته ڇا برابر ٿئي ٿو انڌو ۽ ڏسندڙ ڇا پوءِ نه ٿا سوچيو اوهان؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته آءُ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءُ ڳجهه کي ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو ته آءُ ملائڪ آهيان. جيڪي مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن کانسواءِ ٻي شيءِ جي تابعداري نه ٿو ڪريان. چئو ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿيندا؟ ڇا پوءِ فڪر نه ٿا ڪريو؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”آءٌ اوهان کي ائين نه ٿو چوان ته ڪو مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ (از خود) غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه آءٌ اوهان کي چوان ٿو ته آءٌ ڪو فرشتو آهيان.آءٌ ته صرف ان (حڪم) جي ئي پيروي ڪيان ٿو جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو“. چؤ ته: ”ڇا انڌو ۽ سڄو پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟ ڇا پوءِ توهان (غور ۽) فڪر نه ٿا ڪيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون نه اوهان کي چوان، مون وٽ مالڪِ جا مال، ۽ نه ڪا دعوٰى ڌريان، ته ڄاڻان ڳُجھ جِي ڳالھ، ۽ نه چوڻ، ته مَلائـِڪ آهيان، نه چَلان مٿي، ڪنهن چال، مگر مٿي مَقال، جا مون ڏي، وحِي ڪئـِي وڃي. چئو، اَنڌو ۽ سَڄو، هِڪ ٻئي جا، ڇا مَٽ ٿيندا مُور؟ ڇو مَنجھ اِنهئَ مذڪور، فِڪر ڪرڻ نه فرمائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51)

۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر) تون (انهن منڪرن کي جيڪي مڃڻ وارا ناهن ڇڏي ڏي ۽) انهن ماڻهن کي خبردار ڪر جيڪي (آخرت جي زندگيءَ ۾ ايمان رکن ٿا ۽) ڊڄن ٿا ته سندن پروردگار جي حضور ۾ کين حاضر ڪيو ويندو (۽ ايمان ۽ عمل جي نه هئڻ جي حالت ۾ کين عذاب ڪيو ويندو) ۽ انهيءَ ڏينهن سواءِ الله جي هنن جو نه ڪوئي مددگار هوندو، نه سفارش ڪرڻ وارو. (اهڙن ئي ماڻهن کي واعظ نصيحت ڪر) عجب ناهي ته هو متقي (پرهيزگار ۽ نيڪ ڪردار) ٿي پون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي حبيب ! توهان قرآن سان ڊيڄاريو انهن ماڻهن کي جيڪي خوف ڪن ٿا جو اهي گڏ ڪيا ويندا سندن رب ڏانهن ناهي انهن لاءِ (حقيقت ۾) الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ سفارش ڪندڙ، مَن اُهي خوف ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هن قرآن جي ذريعي سان تون انهن ماڻهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالھ جو ڊپ نٿا رکن ته اهي (مرڻ کانپوءِ) پنهنجي خدا جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندا (۽ هي ڄاڻن ٿا ته) سندن خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به سرپرست ئي نه آهي ۽ نه وري ڪو به سفارش ڪرڻ وارو. ته جيئن اهي ماڻهو پرهيزگار ٿين.(سيد فرمان علي)


۽ ڊيڄار ان سان انهن کي جو ڊڄن ٿا هن کان ته اٿاريا ويندا پنهنجي رب ڏانهن ناهي انهن جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه سفارش ڪندڙ من اهي پرهيزگار ٿين.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان (قرآن) سان انهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان هن حال ۾ گڏ ڪيو ويندو جو انهن جو ان کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ هوندو ته مَنَ اهي پرهيزگاري ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ هن (قرآن) جي ذريعي انهن کي تنبيهه ڪر جيڪي ڊڄن ٿا ته اُهي پنهنجي پالڻهار وٽ (ان حال ۾) گڏ ڪيا ويندا جو اُنَ کان سواءِ نه انهن جو ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارشي هوندو من اُهي پرهيزگار ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُنهن کي، اِن ڳالھ سان، ڍوليا! تون ڊيڄار، ته ڪَنبنِ، ته ڪاهي، ڪَٺي ڪبا، سندنِ پرور پار، ته ڪونهي آڌار اُنهن جو، پن ڌاڙُو اِنهيان ڌار، اِن آسري آڌار، ته اِهي بَچنِ باھ کان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52)

۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي جي صبح شام خدا کي پڪارين ٿا ۽ کانئس دعا گهرن ٿا ۽ سندس راضپو چاهين ٿا تن کي پاڻ وٽان تڙي نه ڪڍ. انهن جي ڪمن جي جوابداري تنهنجي ذمي ناهي، نڪي تنهنجي جوابداري هنن جي ذمي آهي، جو (انهيءَ خيال کان) هنن کي تڙي ڪڍين. جيڪڏهن ائين ڪندين ته ظلم ڪندڙن منجهان ٿيندين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان پري نه ڪريو انهن ماڻهن کي جيڪي عبادت ڪن ٿا پنهنجي رب جي صبح ۽ شام، اهي ارادو ڪن ٿا الله جي ذات جو، توهان تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه توهان جي حساب مان انهن تي ڪا شيءِ آهي، پوءِ توهان انهن کي پري ڪريو ٿا پوءِ توهان انهن لاءِ ناانصافن مان ٿي پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پالڻهار کان سندس رضامنديءَ جي آرزو ۾ دعائون گهرندا رهندا آهن، تن کي نه تڙ! سندن (حساب ڪتاب) جي جوابداري تنهنجي ذمي نه آهي ۽ نه (وري تنهنجي حساب جو) ذمو سندن سر تي آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين.(سيد فرمان علي)


۽ نه ڪڍي ڇڏ انهن کي جي سڏين ٿا رب پنهنجي کي صبح ۽ شام ارادو ڪن ٿا سندس ذات پاڪ (جي راضي ڪرڻ) جو ناهي توتي سندن حساب مان ڪا شيءِ ۽ ناهي حساب تنهنجي مان انهن تي ڪا شيءِ پوءِ ڪڍي ڇڏين انهن کي پوءِ هجين نا انصافي ڪندڙن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام سندس رضامندي گهرندڙ ٿي سڏين ٿا، تن کي نه تڙ! توتي انهن جي حساب جو ڪجهه (بار) نه آهي ۽ نڪي تنهنجي حساب جو انهن تي ڪجهه (بار) آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن ماڻهن کي (پاڻان) پري نه ڪر جيڪي صبح سانجهي پنهنجي پالڻهار کي سڏن ٿا ان جي ئي رضا چاهين ٿا. تو تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه انهن تي تنهنجي حساب مان ڪا شيءِ آهي. پوءِ (به) جي تون انهن کي (پنهنجي قرب کان) پري ڪندين ته تون نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تن کي، تون مَ ڌِڪار، جي سندنِ صاحب پاڪ کي، سَڏينِ صبح ۽ شام ۾، پُڇنِ تِنهن جو پار، توتي، بار اُنهن جو، نه اُنهن تي، تُنهنجو بار، جي ڌِڪينِ، کان دربار، ته هوندين، هاڃيڪارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53)

۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هن طرح اسان (ماڻهن کي مختلف حالتن ۾ رکي) ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن متعلق آزمايون ٿا جو ڪي ماڻهو (شاهوڪار ۽ طاقت وارا غريبن کي ڏسي) چوڻ لڳا آهن ته ڇا هي (حقير) ماڻهو اهي آهن جن کي خدا پنهنجي انعامن ۽ نعمتن لاءِ اسان مان چونڊيو آهي؟ (اي تڪبر ڪندڙ شاهوڪارؤ!) ڇا خدا (توهان کان) بهتر ڄاڻندڙ ناهي؟ ته ڪهڙا ماڻهو (سندس نعمتن، خصوصاً هدايت جو) قدر ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙي طرح اسان آزمايو ڪن ماڻهن کي ڪن ماڻهن سان، نيٺ چوندا ڇا انهن تي الله احسان ڪيو، اسان جي وچان، ڇا الله تعالى شڪرگذار ٻانهن کي زياده ڄاڻندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ٿا اسان مان هنن تي ئي خدا احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله، شڪر ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟(سيد فرمان علي)


۽ان ئي نموني سان پرکيوسون بعض انهن جي کي بعض سان تانته چون ته ڇا هي آهن جو احسان ڪيو الله انهن تي اسان مان ڇا ناهي الله وڌيڪ ڄاڻندڙ شڪر گذارن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ته ڇا اسان مان هنن تي ئي الله احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر ڪندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟ (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين ذريعي پرکيو جيئن اهي چون ته ڇا اسان مان هي اُهي ماڻهو آهن جن تي الله احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر گذارن کي نه ٿو ڄاڻي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪِن کي، اُنهن مان، ڪِن سان، پرکيون ٿا اِن پر، تان آکِين، ته ڇا، اسان وچان ڪيا، ڀال ڀَلي هِنن سِر؟ ڇا، خدا کي، نه خبر، ڳُڻ ڳالِهين، ڳائيندڙن جِي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54)

۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تڏهن تون (مٿن مهربان ٿي ۽) چئو ته اوهان تي سلام هجي، توهان جي پروردگار پنهنجي مٿان رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان جيڪڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪا برائي ڪري وجهي ۽ پوءِ توبهه ڪري (يعني آئينده اها برائي نه ڪري) ۽ پاڻ کي سڌاري ته پوءِ (خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو) بيشڪ هو غفور ۽ رحيم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت توهان وٽ اهي ماڻهو اچن ٿا جيڪي اسان جن آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ توهان فرمايو الله جو سلام توهان تي آهي الله توهان لاءِ پاڻ تي رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، بيشڪ جنهن توهان مان غلطي مان گناه ڪيو پوءِ انهيءَ کان توبه تائب ٿيو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ بيشڪ آئون بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تو وٽ اچن ته تون (کين) ”السلام عليڪم“ (اوهان تي خدا جي سلامتي) چئو. اوهان جي پروردگار پاڻ تي رحمت لازم ڪئي آهي ته جنهن به توهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي پر ان کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن اچن تو وٽ اهي جو ايمان آڻين ٿا آيتن اسان جن تي پوءِ فرماءِ ته سلام آهي اوهان تي لکي رب اوهان جي، ذات پنهنجيءَ تي رحمت تحقيق جنهن ڪئي اوهان مان برائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تنهن کان پوءِ توبہ ڪيائين ان کان پوءِ ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ تحقيق اهو بخشڻهار مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا، سي جڏهن تو وٽ اچن ته تون (کين) چئو ته اوهان تي سلامتي آهي. اوهان جي پاليندڙ (اوهان تي) مهرباني ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪئي آهي ته جنهن به اوهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي وري ان کان پوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن تو وٽ اُهي ماڻهو اچن جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا پوءِ چؤ ته اوهان تي سلام هجي. توهان جي پالڻهار پنهنجو پاڻ تي ”ٻاجهه“ ڪرڻ لازم ڪئي آهي پوءِ اوهان مان ڪوبه ناداني ۾ ڪا خطا ڪري وجهي پوءِ ان کان بعد توبه ڪري ۽ اصلاحِ (احوال) ڪري ته پوءِ بيشڪ اُهو (الله) بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آيَئـِي، جڏهن اُهي، جن مڃَيا، اَسان جا اُهڃاڻ، چَئو، سَدا سلام اوهان تي؛ اَهنجي پرور پاڻ، لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ته جيڪو به، جھالت ساڻ، ڪندو ڪو جھو ڪَمڙو، اوهان مان اَڄاڻ، موٽِي موٽيو، ۽ ڪم چڱا، ڪيائين تِنهن پُڃاڻ، ته صحِي سو سُڄاڻ، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55)

۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح کولي کولي پنهنجون آيتون بيان ڪيون ٿا ۽ هن لاءِ (بيان ڪيون ٿا ته) گنهگار جي واٽ چٽي ظاهر ٿي پوي (۽ سچن جي راهه جهڙي ڏسڻ ۾ نه اچي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح بيان ڪريون ٿا اسان نشانين کي انهيءَ لاءِ ته اي حبيب ! توهان مجرمن جي واٽ ظاهر ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين (پنهنجون) آيتون اهڙيءَ طرح کولي ٻڌائيندا آهيون ته جيئن گنهگارن جي راھ (سڀني تي) ظاهر ٿئي (۽ اهي ان تي نه هلن).(سيد فرمان علي)


۽ ان ئي نموني ٿا کولي بيان ڪريون آيتون ۽ تانته ظاهر ٿئي واٽ مجرمن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسين ڳالهيون کولي بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته ڏوهارين جو رستو ظاهر ٿي پوي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا ته جيئن ڏوهارين جو رستو ظاهر ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِنپر کوليون آيتون، ڀَري ڀَري ڀَرپُور، تان ظاهر ٿئي ضرور، پاپِين سندو پيچرو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر حق جي منڪرن کي) چؤ ته، مون کي هن ڳالهه کان منع ڪيل آهي ته مان انهن (ديوتائن) جي بندگي ڪيان جن کي توهان خدا کي ڇڏي پڪاريو ٿا. (پڻ کين) چؤ ته مان ڪڏهن به اوهان جي نفساني خواهشن تي ڪونه هلندس. جيڪڏهن مان ائين ڪيان ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويس ۽ انهن ۾ نه رهيس جي سڌي واٽ تي هلڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون منع ڪيو ويو آهيان جو آئون عبادت ڪريان (انهن بتن جي) جن جي توهان الله کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان جي سڌن جي تابعداري نٿو ڪريان ايئن ٿيو ته انهي وقت ۾ آئون هدايت تي نه ٿيندس ۽ نه آهيان آئون هدايت وارن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته خدا کانسواءِ جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ٿي آهي. (۽ هي به) چئين ته آءُ اوهان جي (نفساني) خواهشن تي هلڻ وارو نه آهيان (نه ته) پوءِ آءُ گمراھ ٿي پوندس ۽ هدايت وارن مان نه ٿيندس.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته تحقيق مان روڪيو ويس هن کان ته عبادت ڪيان انهن جي جن کي اوهان پوڄيو ٿا سواءِ الله جي فرماءِ ته نه تابعداري ڪندس سَڌُن اوهان جن جي تحقيق گمراھ ٿيندس مان ان وقت ۽ نه رهندس مان هدايت وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته الله کانسواءِ جن کي اوهين سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي روڪيو ويو آهي. چئو ته آءُ اوهان جي خواهشن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) ان ئي وقت گمراهه ٿيندس ۽ رستي تي هلڻ وارن مان نه هوندس. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته مون کي روڪيو ويو آهي جو انهن (معبودانِ باطل) جي پوڄا ڪيان جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪيو ٿا. چؤ ته آءٌ اوهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس (جي ائين ڪيان) ته پڪ سان گمراهه ٿي ويندس ۽ ان وقت آءٌ هدايت يافته ماڻهن مان به نه رهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مون کي منع، ته پُوڄيان، جي پوڄيو پُوڄ، پِير، ڌڻي ڌاران، جن کي، دانهيو ٿا دِلگير!، چئو، آئون اوهان جي، سَڌنِ پُٺيان، ليڙا! نه لڳندس لِير، تڏهن، ته ٿِــئسِ تَغير، نه صحِي سَوا ٽن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57)

چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


چئو ته، بلاشڪ مان پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشني ۽ دليل تي آهيان، ۽ اوهان ان (حقيقت) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي. (هاڻي فيصلو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. توهان چئو ٿا ته فيصلو هڪدم ڇو نٿو ٿئي سو) جنهن فيصلي لاءِ توهان تڪڙ لڳائي ڏني آهي، سو منهنجي اختيار ۾ ناهي. حڪم فقط الله جو آهي. اهوئي حق جون ڳالهيون بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو بيشڪ آئون صاف دليلن تي آهيان پنهنجي رب جي طرفان ۽ الله کي اوهان ڪُوڙو سمجھو، جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا اهو مون وٽ ناهي، ناهي حڪم مگر الله تعالى جو اهو سچي ڳالهه ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀ کان بهتر حاڪم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(کين) چئو ته آءُ منهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ظاهر دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو ڪيو، (ته پوءِ) اوهين جنهن (عذاب لاءِ) جلدي ٿا ڪريو اهو ڪو منهنجي (اختيار ۾) نه آهي حڪومت ته فقط الله لاءِ ئي آهي. اهو ته حق (سچ) ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀني فيصلي ڪرڻ وارن کان چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ مان کليل دليل تي آهيان، پنهنجي رب جي طرفان ۽ ڪوڙو چيو اوهان ان کي ناهي مون وٽ جيڪو تڪڙو گهرو ٿا ان کي ناهي حڪم مگر الله جو بيان ڪري ٿو حق ۽ اهو ڀلو آهي فيصلي ڪندڙن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي تي آهيان ۽ اوهان انکي ڪوڙو ڪيو آهي. جنهن جي جلد اچڻ جي گهُر ڪريو ٿا سو مون وٽ نه آهي (اهڙو) حڪم الله جي اختيار ۾ ئي آهي. اهو حق کي بيان ڪري ٿو ۽ اهو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ (اي ڪافرو!) آءٌ پنهنجي پالڻهار جي پاران روشن دليل تي آهيان ۽ توهان ان کي ڪوڙو چئو ٿا. مون وٽ اهو (عذاب) نه آهي جنهن جي توهان جلدي مچايو ٿا. حڪم رڳو الله جو ئي آهي. اهو حق بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون صحِي سونهپ تي، سانيمِ، کان سَتار، ۽ جي ڪوڙ ڪوٺيان اُن کي، ته جو، تڪڙو گُھرو تڪرار، مون وٽ، نه سو مُورهين؛ سڀ آگي جو اختيار، سوئـِي سچ تي فيصلا، نِبيري نِبار، اُهو هر طرح هوشيار، نِياءَ نبيريندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58)

چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تون چئي ڏي ته جنهن ڳالهه جي توهان تڪڙ مچائي ڏني آهي سا منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي قانون مطابق سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت ٺهرايو آهي) ۽ الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن جي حالت چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (غافل ناهي پاڻهي جلد اوهان جو فيصلو ڪندو).(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪڏهن تحقيق جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا مون وٽ هجي ها ته يقيناً منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ الله ظالمن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(کين) چئو ته جنهن (عذاب) جي اوهين تڪڙ ڪريوٿا جيڪڏهن منهنجي (وس ۾) هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهين جو ٿي چڪي ها ۽ خدا ته ظالمن کان خوب واقف آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته جيڪڏهن تحقيق مون وٽ هجي ها اهو جو تڪڙو ٿا گهرو اهو ته فيصلو ڪيو وڃي ها ڪم منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪريو ٿا سو جيڪڏهن مون وٽ هجي ها ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته جي مون وٽ اهو (عذاب) هجي ها جنهن جي توهان جلدي مچايو ٿا ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ئي ٿي وڃي ها. ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو هئو، جي هوندو ٽم، جو تڪڙو گھرو تڪرار، ته مون ۽ اوهان وچ ۾، لهي ويو ڪم ڪار، سائين سمجھندار، هاڃيڪارن جي حال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59)

۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن (يعني غيب جي خزانن جو مالڪ آهي) ان کي خود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي. جيڪي خشڪيءَ تي آهي ۽ جيڪي سمنڊن ۾ آهي تنهن سڀ جو علم رکندڙ آهي، وڻن مان ڪو پن به نٿو ڪري ۽ زمين جي اندر گهپ اونداهين ۾ ڪو داڻو به نه ٿو ڦٽي جنهن کي هو نٿو ڄاڻي. ڪوئي آلو تازو يا سڪل ميوو نٿو ڪري جو سندس ڪتاب ۾ چٽو لکيل ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى وٽ غيب جون چاٻيون آهن نٿو ڄاڻي (حقيقت ۾) انهن کي مگر الله تعالى ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪو زمين ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ نٿو ڪِري ڪو وڻ جو پَن مگر الله انهي کي ڄاڻي ٿو ۽ ناهي ڪو ٻج زمين جي اونداهي ۾ ۽ نه تازي شيءِ ۽ نه سڪل شيءِ مگر سڀئي لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان وٽ غيب جون چاٻيون آهن. جن کي ان کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ آهي تنهن کي (به) اهو ئي ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پن نٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نڪا آلي ۽ نڪي سڪي شيءَ آهي پر اها به نوراني ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ان وٽ آهن ڪنجيون يا خزانا غيب جا نه ٿو ڄاڻي انهن کي مگر اهو ۽ ڄاڻي ٿو جو پٽ ۾ آهي ۽ سمنڊ ۾ آهي ۽ نه ٿو ڪِري ڪو پن مگر ڄاڻي ٿو ان کي ۽ نه ڪو داڻو اونداهين زمين جي ۾ ۽ نه آلي شيءِ ۽ نه سڪي شيءِ مگر ڪتاب روشن ۾ (لکيل) آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان وٽ ئي ڳجهه جون ڪنجيون آهن جن کي ان کانسواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي ۽ جيڪي خشڪيءَ ۽ درياءَ ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪوبه پَنُ نه ٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نه ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سڪي شيءِ آهي پر اها به ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ان (الله) وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن جن کي ان کان سواءِ (از خود) ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي به سُڪي ۽ سمنڊ ۾ آهي (سڀ کي) اهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پَنُ نه ٿو ڪِري مگر ان کي اُهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ناهي ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سُڪي شيءِ آهي مگر پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وَٽسِ ڪُنجون ڳجھ جون، نه ٻُجهي، ٻِئون اُن ڌار، ۽ جيڪي بر ۽ بحر ۾، سڀ ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ پن، نه ڪري پٽ تي، مگر سمجھي کيس ستار، ۽ نه داڻو، ڌرتئَ جي، منجھ اُونداهين اَنڌڪار، ۽ نه سائو، نه سُڪو سَر ۾، مگر هر مِقدار، آهي لِکيل اِظهار، قدرت جي ڪتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60)

۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اهوئي خدا آهي جو رات جي وقت اوهان کي (ننڊ جو) موت ڏئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي خيال اوهان ڏينهن جي وقت پچايا سي به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ (صبح جو) ڏينهن ٿيڻ تي اوهان کي اٿاري کڙو ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته (زندگيءَ جو) ٺهرايل مدو پورو ٿئي، پوءِ (نيٺ) توهان سڀ خدا طرف موٽايا ويندؤ، جيڪي جيڪي (عمل) توهان ڪيا آهن انهن جي حقيقت هو اوهان کي ٻڌائيندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله اهو آهي جيڪو رات جو توهان کي سمهاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو عمل توهان ڏينهن ۾ ڪريو ٿا انهي کان پوءِ ڏينهن جو توهان کي سجاڳ ڪري ٿو انهي لاءِ ته (انسان) پنهنجي زندگي پوري ڪري انهي کان پوءِ الله ڏانهن توهان کي موٽڻو آهي پوءِ اُهو توهان کي خبر ڏيندو انهيءَ جي جيڪو توهان عمل ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته ننڊ ۾) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو ڪيو اٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته (حياتيءَ جي) اها مدت به (سندس علم ۾) مقرر ڪيل آهي پوري ڪجي. وري (ته نيٺ) اوهان سڀني کي ان ڏي موٽڻو ئي آهي پوءِ اوهين جيڪي (دنيا ۾ برو ڀلو ڪم) ڪريو ٿا (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو.(سيد فرمان علي)


۽ اھو (الله) ئي آھي جو وفات ڪرائي ٿو اوھان کي رات جو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو ڪيو ٿا ڏينھن جو ان کان پوءِ اٿاري ٿو اوھان کي ان ۾ تانته پورو ڪيو وڃي مدو مقرر ڪيل ان کان پوءِ ان ڏانھن موٽڻ اوھان جو آھي.ن کان پوءِ خبر ڏيندو اوھان کي ان جي جو ڪيُوَ ٿي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو اوهان ڪمائي چڪا آهيو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته مقرر ڪيل مدت کي پورو ڪيو وڃي. پوءِ ان ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي. پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو ئي آهي جيڪو رات جو اوهان جو روح قبض ڪري ٿو (يعني ننڊ ڏئي ٿو) ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان ڏينهن جي وقت ڪم ڪيو ٿا، پوءِ توهان کي ڏينهن ۾اٿاري ٿو جيئن (توهان جي عمر جو) مقرر مُدو پورو ڪيو وڃي. پوءِ توهان جو موٽڻ ان ڏانهن آهي. پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ صحِي، سو ستار، جو ماري اوهان، رات ۾، پڻ ڄاڻي، جيڪي ڏينهن ۾، ڪيان پورهيا پار، وري اوهان کي، اُن مان، جاڳائي جبّار، تان پورِي ڪري، پاڻ ڌڻي، پويون پهر ڄمار، پوءِ موٽڻ اوهان مِڙن جو، آخر اُنهيء پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تِنهنجون، کولي ڏيندان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61)

۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ هو اوهان تي حفاظت ڪندڙ (قوتون) موڪلي ٿو. تانجو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو تڏهن سندس موڪليل (فرشتا) هن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ هو (اسان جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ان ۾) ڪنهن به طرح جو قصور نٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى غالب آهي پنهنجن ٻانهن تي ۽ توهان تي حفاظت ڪندڙ ملائڪ (ڪراماً ڪاتبين) مقرر ڪيا اٿس ايستائين جو جنهن وقت توهان مان هڪڙي تي موت اچي ٿو. اسان جا موڪليل فرشتا روح قبض ڪن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. اهو توهان تي نگهبان (فرشتا مقرر ڪري) موڪلي ٿو. ايستائين جو اوهان مان جنهن کي موت اچي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) کيس (دنيا مان) کڻي وٺن ٿا ۽ اهي (اسان جي حڪم جي تعميل ۾ ذرو به) ڪوتاهي نٿا ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ اھو غالب آھي مٿان ٻانھن پنھنجي ۽ موڪلي ٿو اوھان تي نھگباني ڪندڙ تانجو جڏھن اچي ٿو ھڪڙي اوھان جي وٽ موت ته وفات ٿا ڪرائن ان کي قاصد اسان جا ۽ اھي نه ٿا ڪوتاھي ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهوئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اوهان تي نگهبان موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي ٿو ته اسان جا موڪليل (ملائڪ) ان جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نه ٿا ڪن.(مولانا محمد مدني)


۽ اُهو پنهنجي ٻانهن مٿان غالب آهي ۽ توهان تي (ملائڪ) نگهبان موڪلي ٿو. تانجو توهان مان جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت اچي ٿو ته اسان جا قاصد ان (جو روح) قبض ڪن ٿا ۽ اُهي ڪابه ڪوتاهي ڪونه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بيشڪ سندسِ بندن تي، اُهو آهي قبضيدار، ۽ مُقرر اوهان تي موڪلي، پاڻان پَهريدار، تان موت اوهان مان، ڪِنهن تي، وارد ٿيو، جنهن وار، پورو، اسان جا پيڙا، تنهن کي، ڪن تڪرار، ۽ اُهي اُنهيءَ وار، وَڌاء نه ڪن، هڪ وار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62)

وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ سڀ بندا خدا جي طرف موٽايا ويندا جو سندن حقيقي مالڪ آهي. ياد رکو ته حڪم سندس ئي آهي ۽ حساب وٺندڙن ۾ ڪوبه کانئس تڪڙو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان پوءِ موٽايا ويندا طرف الله جي جيڪو سندن سچو مالڪ آهي، خبردار ! (قيامت ۾) الله جو حڪم هلندو ۽ الله نهايت تيز حساب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اهي پنهنجي سچي مالڪ خدا وٽ موٽايا ويا خبردار رهو! سندس ئي حڪومت آهي. ۽ اهو سڀ کان وڌيڪ حساب وٺندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ موٽايا وڃن ٿا الله ڏانھن، مولا انھن جو سچو، خبردار ان جو ئي حڪم (جاري) آھي ۽ اھو گھڻو تڪڙو آھي، حساب ڪندڙن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري کين الله ڏي موٽايو ويندو جو سندن سچو مالڪ آهي. خبردار رهو! ان جوئي حڪم آهي، ۽ اهو سڀني حساب وٺندڙن مان جلد حساب وٺندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ سڀ الله ڏانهن موٽايا ويندا جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي. خبردار ان جو ئي حڪم آهي ۽ اهو جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي اُٿلائبو اُنهن کي، آخر الله پار، جو سچو سائين اُنهن جو، ڪُل اُن جو اِختيار، ۽ تڪڙو، سو تڪرار، ليکي لاهِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63)

(اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ ( ۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر انهن ماڻهن کان) پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي بيابانن ۽ سمنڊن جي اونداهين مان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو ۽ جنهن جي درگاهه ۾ آهي ۽ زاري ڪيو ٿا ۽ دل جو دل ۾ مخفي طرح دعائون گهرو ٿا. (۽ چئو ٿا ته) جيڪڏهن خدا اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏئي ته پوءِ اسان (ڪڏهن به خدا کي نه وسارينداسين) ضرور شڪر گذار بندا ٿي رهنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ڪير نجات ڏئي ٿو توهان کي زمين ۽ سمنڊ جي مصيبتن مان، الله کي توهان پڪاريو ٿا دل سان ۽ زبان سان، قَسَم سان جيڪڏهن الله تعالى اسان کي هن مصيبت مان نجات ڏني ته ضرور اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته ڪير اوهان کي خشڪي ۽ دريا جي اونداهين کان بچائي ٿو؟ جنهن کي اوهين زاري ۽ ڳجُ (عاجزي) سان سڏيو ٿا. ته جيڪڏهن خدا (اڄوڪي) هن (بلا) کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذار (بندا ٿي) هلنداسون.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪير ٿو ڇڏائي اوھان کي انڌيرن پٽ ۽ سمنڊ جي کان سڏيو ٿا ان کي زاريءَ سان ۽ لڪ ۾ البته جيڪڏھن ڇڏايائين اسان کي ھن کان ته البته ضرور ٿينداسون شڪر ڪندڙن مان، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته ڪير اوهان کي خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين کان بچائي ٿو. (جنهن وقت) کيس زاريءَ ۽ ڳجهيءَ (عاجزيءَ) سان سڏيو ٿا (چئو ٿا ته) جيڪڏهن الله اسان کي هن (بلا) کان بچايو ته اسين ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.(مولانا محمد مدني)


چؤ ته خشڪين ۽ دريائن جي اونداهين کان توهان کي ڪير نجات ڏئي ٿو؟ جڏهن کيس عاجزي ۽ ڳجهيءَ طرح سڏيو ٿا ته جيڪڏهن اسان کي هن کان ڇوٽڪارو ڏنائين ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪير بَچائـِنِيان بر ۽ بحر جي، اُونداهيان اَنڌڪار؟ ڪريوسِ مخفِي ڪُرنشون، زاريون زارو زار، جي ڪَڍنِيون ڪارُونڀار مان، ڪري ڪَنڌيءَ ڪِنار، ته هونداسون هَموار، مِهرون مُوکيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي آهي جو اوهان کي انهيءَ بلا کان ۽ هر طرح جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، پر توهان تنهن هوندي به ساڻس (ٻين کي) شريڪ ڪيو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو الله نجات ڏي ٿو توهان کي انهي مصيبت مان ۽ هر غم مان انهيءَ کان پوءِ به توهان شرڪ ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


چئين ته انهن بلائن ۽ (مصيبتن) کان خدا توهان کي بچائي ٿو (پر افسوس) تنهن هوندي به اوهين شرڪ ڪندا ئي رهو ٿا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته الله ڇڏائي ٿو، اوھان کي ان کان ۽ ھر تڪليف کان ان کان پوءِ به اوھان شرڪ ٿا ڪريو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته الله اوهان کي ان (بلا) کان ۽ (ٻئي) سڀ ڪنهن رنج کان بچائي ٿو. وري (به) اوهين (ٻين کي ان سان) شريڪ ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته الله اوهان کي ان (مصيبت) مان ۽ هر تڪليف مان نجات ڏئي ٿو پوءِ به اوهان (ان سان) شرڪ ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اُنهي، ۽ هَر اُهکِي مان، هِڪ پرور ڪَندان پار، ٻِئا پوءِ ٻِيهار، ڀيڙا ڪندئو ڀورڙا!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته، هن کي اها قدرت آهي جو اوهان تي مٿان (آسمان مان) ڪو عذاب پيدا ڪري يا هيئن ڪري جو توهان پارٽيون بنجي هڪٻئي سان وڙهي پئو ۽ هڪڙي پارٽي ٻئي پارٽيءَ جي ڏاڍائي ۽ ظلم جو مزو چکي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان پنهنجون آيتون بيان ٿا ڪيون ته من هو سمجهن.(علامه علي خان ابڙو)


اي رسولِ عربي توهان فرمايو الله قادر آهي جو موڪلي توهان جي مٿان عذاب کي توهان جي مٿان يا توهان جي هيٺان يا توهان کي گروه ڪري ۽ توهان پاڻ ۾ جنگ ڪريو. اي رسولِ عربي توهان نگاهه ڪريو ڪهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا آيتن کي ته من اهي سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته اهو ئي هن (ڳالھ) جي وس وارو آهي ته (جيڪڏهن گهري ته) توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا تووهان جي پيرن جي هيٺان (عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري پکيڙي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جو مزو چکائي. ڪجھ ته سوچو، اسين ڪئين ته پنهنجن آيتن کي ڦيري گيري بيان ڪريون ٿا ته جيئن من سمجهن.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اھو قادر آھي ھن ڳالھ تي جو موڪلي اوھان تي عذاب مٿان اوھان جي يا ھيٺان پيرن اوھان جي يا وچڙائي اوھان کي ٽولا ٽولا ڪري ۽ چکائي بعض اوھان جي کي سختي بعض جي ڏس ته ڪيئن ٿا نموني نموني سان بيان ڪيون دليلن کي تانته اھي حقيقت کي سمجھن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چو ته ان کي ئي هن ڳالهه تي قدرت آهي ته اوهان تي اوهان جي مٿان يا اوهان جي پيرن جي هيٺان عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري وچڙائي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جومزو چکائي. ڏس ته ڪيئن اسين نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا ته مَنَ اهي سمجهن. (مولانا محمد مدني)


چؤ اُهو سگهه وارو آهي جو اوهان تي عذاب موڪلي اوهان جي مٿان کان يا اوهان جي پيرن هيٺان کان يا توهان کي ٽولين ۾ ورهائي ۽ توهان مان هڪڙن کي ٻين جي لڙائي جو مزو چکائي. ڏس ته اسان ڪيئن آيتون ورجائي بيان ڪري رهيا آهيون ته جيئن اُهي سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اُهو قادر اُن مٿي، ته اوهان تي آزار، مٿاهون ڪو موڪلي، يا هيٺان پـيرن پار، يا ڪري اوهان کي، پاڻ ۾، ٽوڙي، ٽولا ڌار، ۽ تان مَزو هِڪ، ٻئي جي هٿان، چکائـِينيان چِڪار، ڏِس، ته مَٿِن ڪيئن کوليون، نِشانيون نِروار، اِهو اِن آڌار، ته سَمجھن، سچِيءَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66)

۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي قوم ان (قرآن مجيد) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي، حالانڪ اهو بلڪل حق آهي. (پوءِ کين) چئو ته، (ڀلي رد ڪيو، نقصان توهان جو آهي) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان جي قوم (قريش) قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھو حالانڪ اهو سچو آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان تي وڪيل ناهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهيءَ (قرآن کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي، هوڏانهن اهو بر حق آهي. تون چئين ته اوهان تي ڪو نگهبان ته ڪين آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ ڪوڙو چيو ان کي قوم تنھنجي حالانڪ اھو سچ آھي فرماءِ ته ناھيان مان اوھان جو ذميدار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان (قرآن) کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي هوڏانهن اهو بلڪل سچ آهي. چئو ته آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ تنهنجي قوم ان (قرآن) کي ڪوڙو چيو حالانڪه اُهو حق آهي. چؤ ته آءٌ اوهان مٿان ذميوار نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪُوڙو ڪوٺيو اُن کي، تنُهنجِي نات گــِنَات، هو ڏانهن آهي حق اِهو، منجھسِ، نه شَڪ شُبهات؛ آئون نه واهِي اوهان تي، چئو، نبي! صِفات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67)

( ۽ ) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀ ڪنهن خبر جي واسطي هڪ ٺهرايل وقت آهي (۽ ان وقت ان جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي) توهان کي به جلد ئي معلوم ٿي ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


هر هڪ خبر لاءِ وقت مقرر ٿيل آهي ۽ توهان جلدي معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هر خبر (جي پوري هجڻ) جو هڪ خاص وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي تون سمجهندين،(سيد فرمان علي)


ھر خبر جي (ظھور جو) وقت مقرر ڪيل آھي ۽ جلدي ڄاڻندؤ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سڀ ڪنهن خبر لاءِ هڪ مقرر وقت آهي ۽ اوهان کي معلوم ٿي ويندو.(مولانا محمد مدني)


هر خبر جي (رونما ٿيڻ) لاءِ هڪ وقت مقرر آهي ۽ اوهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي حد، هَر ڪِنهن بات، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68)

۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت (شرارت ڪري) بيهودي بڪواس ڪن ٿا تڏهن توهان انهن کان پاسو ڪري هليا وڃو، جيستائين هو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي غور ۽ خوض ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي وٽن ويهو ۽ بحث ۾ شامل ٿيو) ۽ جيڪڏهن شيطان اوهان کان هيءَ (ڳالهه) وسارائي ڇڏي ته يادگيري اچڻ بعد اهڙي قوم (جي مجلس) ۾ نه ويهو جا ظلم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت توهان ڏسو انهن ماڻهن کي جيڪي قرآن سان مذاق ڪن ٿا پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ايستائين جو ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿين، ۽ اي مخاطب جيڪڏهن شيطان توکي ڀُلائي يادگيري کان پوءِ به، ته پوءِ تون ظالم قوم سان گڏ نه ويهه(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ڏسين ته اهي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪري رهيا آهن ته انهن کان پاسو ڪري وڃ. ايستائين جو اهي ماڻهو ان ڳالھ کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالھ ۾ بحث ڪرڻ لڳن. پر جيڪڏهن (اسان جو هي حڪم) تو کان شيطان وساري ڇڏي ته (حڪم) ياد اچڻ تي ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھ.(سيد فرمان علي)


۽ جڏھن ڏسين انھن کي جو اجايو بحث ٿا ڪن اسان جي آيتن ۾ پوءِ منھن موڙ انھن کان تانجو بحث ڪن ڪنھن (ٻيءَ) ڳالھه ۾ ان کان سواءِ ۽ جڪڏھن وسارائي توکان شيطان پوءِ نه ويھه ياد ڪرڻ کان پوءِ گڏ قوم ظالمن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ بحث ڪن ٿا تن کي جڏهن تون ڏسين ته انهن کان منهن موڙ، تان جو ان کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ بحث ڪن. ۽ جيڪڏهن شيطان توکان (اها ڳالهه) ڀلائي ته ياد اچڻ کان پوءِ ظالم قوم سان گڏ نه ويهه. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن تون انهن ماڻهن کي ڏسين جيڪي اسان جي آيتن ۾ (اجايو) بحث ڪن ٿا ته پوءِ تون انهن کان منهن موڙ جيستائين اُهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ بحث ڪن. اگر شيطان تو کان (اُها ڳالهه) وسارائي ته پوءِ ياد اچڻ بعد ظالمن جي قوم سان گڏجي نه ويهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ڏِٺئـِي جَڏن کي، جي بَڪون ڪن بيڪار، اسان جي آيتن ۾، مَٽ تن کان، مُنهن مَهندار!، تان چڱِي چورِين ڳالهڙِي، ٻـي ڪا اِنهيان ڌار، ۽ پوءِ شاھ! توکي، شيطان، جي ويسر ڏي، وينجھار!، پوءِ ياد پُٺيان، نه وِه هڪ وار ڀيڙو بيدادن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69)

۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن تي اهڙن ماڻهن جي ڪمن جي ڪابه ذميواري ڪانهي، جيڪي انهن جي ذمي آهي سو هي آهي ته پاڻ نصيحت وٺن، انهيءَ لاءِ ته (براين کان) بچن. (يا انهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندا رهن ته من اهي پرهيزگار ٿين.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ پرهيزگارن تي انهن (ڪافرن) جي حساب جو ڪو ذمون ناهي، پر (مسلمانن تي) نصيحت ڪرڻ آهي من اُهي خوف ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙن ماڻهن (جي حساب ڪتاب) جي جوابداري ڪا پرهيزگارن تي نه آهي پر (فقط نصيحت طور) ياد ڏيارڻ (گهرجي) ته جيئن اهي ماڻهو به پرهيزگار ٿين.(سيد فرمان علي)


۽ ناھي انھن تي جو پرھيزگاري ڪندا حساب انھن جي مان ڪا شيءِ ۽ پر (اھا) نصيحت ڪرڻ آھي تانته اھي پرھيزگار ٿين.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن تي انهن (ظالمن) جي حساب مان ڪجهه به نه آهي پر (مٿن ظالمن کي) نصيحت ڪرڻ لازم آهي ته مَنَ اهي (ظالم) ڊڄن. (مولانا محمد مدني)


۽ پرهيزگار ٻانهن تي انهن (ڪافرن) جي حساب مان ڪا شيءِ نه آهي ۽ پر نصيحت (ڪرڻ) آهي من اُهي ڊڄن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪجھ نه سندنِ ڪم ڪار جو، ڀَلن مٿي بار، پر ڪرڻ پَرچار، مانَ پَلِينِ، سي پاڻ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70)

۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل تماشو کڻي بنايو آهي ۽ دنيا جي زندگي کين ٺڳي ڇڏيو آهي، تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ قرآن مجيد جي وسيلي واعظ نصيحت ڪندو رهه. ائين نه ٿئي جو ڪوئي انسان پنهنجي بدعملي سببان تباهيءَ ۾ ڇڏيو وڃي. (ڇو ته جيڪڏهن بدعملن سببان تباهيءَ ۾ پوندو ته) پوءِ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو سندس مددگار ٿئي،يا سندس سفارش ڪري هن کي بچائي وٺي جيترو به عيوضو ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڏئي ته به ان کان نه ورتو ويندو، (ڇو ته فديو يا عيوضو بدعملي جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي) هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي بدعملين سببان تباهيءَ ۾ وڌا ويا آهن، هنن کي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ ڪفر ڪرڻ جي سزا ۾ کين دردناڪ عذاب ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پاسو ڪريو انهن ماڻهن کان جن دين پنهنجي کي راند ۽ تماشو ڪري ورتو ۽ مغرور ڪيائين انهن کي حياتي دنيا جي ۽ توهان نصيحت ڪريو قرآن سان، ان لاءِ ته ڪو ماڻهو پنهنجي بداعمالي جي ڪري هلاڪ نه ٿئي، نه هجي انهيءَ لاءِ الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي، ۽ جيڪڏهن اهو ماڻهو وڏو فِديو ادا ڪري (تڏهن به) نه ورتو ويندو انهيءَ کان. اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي بداعماليءَ جي ڪري هلاڪ ڪيا ويا، انهن جي پيئڻ لاءِ گرم پاڻي هوندو ۽ عذاب دردناڪ انهيءَ سببان جو (دنيا ۾) اُهي ڪُفر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو بنائي ڇڏيو آهي پڻ دنيا جي حياتي کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ۽ (موقعو ڏسي) قرآن جي ذريعي کين وعظ ۽ نصيحت ڪندا رهو، (ائين نه ٿئي) جو ڪو شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ڪري مصيبت ۾ وڃي پوي(ڇو ته ان وقت ته) خدا کانسواءِ هن جو نه ڪوئي سرپرست هوندو نه سفارشي.۽ جيڪڏهن اهو (پنهنجي گناهن جي بدلي) ساري جهان جو بدلو به ڏئي ته به ان مان هڪ به نه ورتو ويندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪئي ڪري مصييبت ۾ آهن تن کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندو ۽ انهن تي دردناڪ عذاب ٿيندو ڇو ته اهي ڪفر ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ڇڏ انھن کي جو ورتائون دين پنھنجي کي راند ۽ تماشو ڪري ۽ ڌوڪي ۾ وڌائين انھن کي حياتيءَ دنيا واريءَ ۽ نصيحت ڪر ان (قرآن) سان تانته ھلاڪ نه ڪيو وڃي ڪو نفس ان سان جو ڪيائين ناھي ان جي لاءِ الله کان سواءِ ڪو حمايت ڪندڙ ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ ۽ جيڪڏھن بدلي ۾ ڏيندو ھر بدلو ته نه ورتو ويندو ان کان ھي اھيئي ماڻھو آھن جو ھلاڪ ڪيا ويا سببان ان جي جو ڪيائون انھن جي پيئڻ جي لاءِ گرم پاڻي ۽ عذاب دردناڪ آھي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ انهن کي دنيا جي حياتي ڌوڪو ڏنو آهي تن کي ڇڏي ڏي. ۽ قرآن سان نصيحت ڪر ته متان ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمائي جي ڪري گرفتار نه ڪيو وڃي (حقيقت ۾ ) ان گرفتار ٿيندڙ جو الله کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ آهي. ۽ جيڪڏهن (جان آزاد ڪرائڻ لاءِ) سڀ شيون بدلي ۾ ڏيندؤ ته به (اهو بدلو) ان کان قبول نه ڪيو ويندو. اهي اُهي آهن جن کي سندن ڪمائي جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن لاءِ پيئڻ جي شيءِ گرم پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو اُهي ڪفر پيا ڪن.(مولانا محمد مدني)


۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ دنياوي زندگي انهن کي دوکي ۾ وڌو آهي ۽ تون (قرآن) جي ذريعي نصيحت ڪندو رهه ته متان ڪو نفس پنهنجي ڪيل گناهه سبب (عذاب ۾) پوي. الله کان سواءِ ان جو نه ڪو مددگار هوندو نه سفارشي ۽ جي (پنهنجي گناهن عيوض) هر شيءِ ڏيندو ته ان کان اها نه ورتي ويندي. اِهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪئي سبب هلاڪت ۾ پيا. انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي جو پيتو آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي ان ڪري جو ڪفر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪر تَرڪ تن تڪرار، جِن سندنِ، ڌرم ڌاريو، راند، راڳ رَباب کي ۽ موهيا ننڍِي ڄَمار، ۽ اُنهن کي، هِن قرآن سان، سَمجھاءِ سَچار!، ته جَھلجي، اُن ۾ جِندڙو، جي ڪيائين ڪم ڪار، نه وَسِيلو، نه واهُرو، اُن جو ڌڻِيءَ ڌار، ۽ بَدلي ۾ سَڀ بارڏي، نه وَٺبسِ پائـِي پار، اُهي، جو ڪيائون، اُن م، ڦاسِي پئا فُجار، پِيَڻِي پاڻِي گرم جي، آهي، تن اوتار، ۽ اَهکو ٻئو آزار، اُجُورو سندنِ اِنڪار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ ( ۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا اسان خدا کي ڇڏي انهن (ديوتائن يا بتن) کي پڪاريون جي (پاڻ بيوس آهن ۽) نڪي اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا، نڪي نقصان؟ ۽ توڙي خدا اسان کي (حق پرستيءَ جي) سڌي واٽ ڏيکاري آهي تڏهن به (گمراهيءَ جي طرف) پٺئين پير ڦري هليا وڃون؟ ۽ اسان جو مثال انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي پوي جنهن کي شيطان بيابان ۾ واٽ ڀلائي ڇڏي هجي ۽ حيران پريشان ٿي (هيڏي هوڏي ڀٽڪي) رهيو هجي ۽ سندس سنگتي هن کي واٽ جي طرف سڏيندا رهن (۽ چوندا هجن ته ڪاڏي گم ٿي ويو آهين) هيڏي اسان ڏي اچ؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، فقط خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀني جهانن جي پروردگار جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايون.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى کان سواءِ انهن (بتن) جي عبادت ڪريان جيڪي اسان کي نفعو ۽ نقصان نٿا ڏين ۽ اسين موٽايا وڃون پنهنجن کُڙين تي انهيءَ کان پوءِ جڏهن الله اسان کي هدايت ڏني، مثال انهيءَ ماڻهو جي جنهنکي شيطانن بيابان ۾ گمراه ڪيو انهي حال ۾ حيران آهي، انهيءَ جا رفيق آهن جيڪي انهي کي سنئين رستي ڏانهن سڏي رهيا آهن، ته تون هيڏانهن اچ، توهان فرمايو بيشڪ هدايت فقط اسلام آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اسان رب العالمين سان مخلص ٿيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) انهن کان پڇو ته ڇا، اسين خدا کي ڇڏي انهن (بتن) کي ٻاڏايون جيڪي نه ته اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه اسان کي نقصان ئي رسائي سگهن ٿا. ۽ جڏهن خدا اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ (به) ڦري ڪفر ڏي ان شخص وانگر ٿيون جنهن کي شيطانن (گهاٽي) جهنگ ۾ گمراھ ڪيو هجي ۽ حيران (پريشان هجي ته ڇا ڪري ۽ ڪيڏانهن وڃي) ۽ سندس ڪي ساٿي هجن جيڪي کيس سڌي گس ڏي اچڻ لاءِ سڏيندا رهن ته (هيڏي) اسان ڏي اچ! ۽ (اهو نڀاڳو هڪ به نٿو ٻڌي) تون ٻڌائين ته هدايت ته فقط خدا جي ئي آهي پڻ اسان کي ته اهو حڪم آهي ته اسين ساري جهان جي پالڻهار خدا جا فرمانبردار بندا رهون. (سيد فرمان علي)


فرماءِ ڇا عبادت ڪيون الله کان سواءِ ان جي جو نه ٿو نفعو ڏئي اسان کي ۽ نه ٿو نقصان ڏئي اسان کي ۽ موٽايا وڃون کڙين پنھنجين تي ان کان پوءِ جو ھدايت ڏني اسان کي الله ان وانگر جو ڀلايو ان کي شيطانن زمين ۾ حيران ٿيندڙ ان جي لاءِ ساٿي آھن جو سڏين ٿا ان کي ھدايت ڏانھن ته اچ اسان ڏانھن فرماءِ ته بيشڪ ھدايت الله جي اھا ئي ھدايت آھي ۽ امر ڪيا وياسون تانته حڪم مڃيون جھانن جي رب جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته ڇا الله کانسواءِ اهڙي شيءِ کي سڏيون جا نه اسان کي فائدو پهچائي ٿي ۽ نه اسان کي نقصان پهچائي ٿي ۽ هن کانپوءِ به جو الله اسان کي رستو ڏيکاريو اسين پنهنجين کڙين ڀر ڦري وڃون ان شخص وانگر جنهن کي حيرانيءَ جي حالت ۾ شيطانن زمين ۾ گمراهه ڪري ڇڏيو هجي، ان جا دوست ان کي رستي ڏي سڏين ٿا ته تون اسان ڏي اچ. چئو ته الله جي رهنمائي ئي (حقيقي) رهنمائي آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جي فرمانبرداري ڪريون. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته ڇا الله کان سواءِ اهڙين شين جي عبادت ڪيون جيڪي نه اسان کي نفعو ڏئي سگهن ۽ نه نقصان ڏئي سگهن؟۽ اسان پنهنجي کُڙين تي الٽي پير ڦرون! ان کان پوءِ جو الله اسان کي هدايت ڏني، ان ماڻهو وانگر جنهن کي زمين ۾ شيطانن واٽ ڀُلائي حيران ڪري ڇڏيو هجي جنهن جا ساٿي ان کي سڌي واٽ ڏانهن سڏن ٿا ته اسان ڏي اچ. چؤ ته بيشڪ الله جي هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي. ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ جهانن جي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اسين ڇا، سَڏيون اُنهن کي، ڌاران ڌڻيءَ دَيان؟ جي نَڪو نفعو ڏِينيون ۽ نه ڏِينينون، ڪو نقصان، کِسڪُون پَنهنجِي کُڙين تي، پانهُون پريشان، جنهن پُڃاڻان پارسَئون، سَهايو سون سُبحان، اُن جيئن، ته شيطانن سُڃ ۾، هَڻِي ڪيسِ حيران، هُونسِ ساٿِي، سَڏ ڪنِس، گس ڏي، بي گمان، ته اورٖي آءُ اسان ڏي؛ ۽ چئو چِٽو سان زبان، حق هدايت آھِ سا، جا هدايت حَنان، ۽ مليو اسان کي مورهين، اي فائـِق جو فرمان، جو صاحب سڀ جھان؛ جُھڪون، تِنهن جَبار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72)

۽ (ھيءُ به حڪم ڏنو ويو آھي) ته نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان کي هي پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ته نماز قائم ڪيو ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ آخر انهيءَ ئي جي طرف توهان کي جمع ڪري موٽايو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان کي حڪم آهي ته نماز پنج وقت پڙهون ۽ الله کان خوف ڪريون، ۽ الله تعالى اهو آهي جو انهي ڏانهن سڀئي گڏ ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي (به حڪم مليل آهي) ته پابنديءَ سان نماز پڙهندا ڪيو ۽ ان کان ئي ڊڄندا رهو ۽ هو، اهو (خدا) آهي جنهن جي حضور ۾ اوهان سڀئي حاضر ڪيا ويندو. (سيد فرمان علي)


۽ ھيءُ ته قائم ڪيو نماز ۽ ڊڄو ان کان ۽ اھوئي آھي جنھن ڏانھن اٿاريا ويندؤ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هي (حڪم به) ته نماز قائم ڪريو ۽ ان کان ڊڄو. ۽ هو اهو آهي جنهن جي اڳيان اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ هي (فرمان به آهي) ته نماز قائم رکو ۽ ان کان ڊڄندا رهو ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نماز پڙهو، ۽ اُن کان ڊِڄو، سوئـِي صحِي سرڪار، ۽ ڪري ڪُل قطار، جنهن ڏي مِڙئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73)

۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي علم ۽ حقيقت سان پيدا ڪيو (يعني مصلحت ۽ حڪمت سان بنايو) ۽ (سندس قدرت ته ڏسو جو) جنهن ڏينهن هو چئي ڏيئي ته ٿي پؤ ته (سندس مرضي موجب) ائين ئي ٿي پوي ٿو. سندس قول حق آهي (يعني علم، حقيقت ۽ حڪمت وارو آهي) ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (۽ قيامت جو اعلان ٿيندو) تنهن ڏينهن (ڪُليءَ طرح) سندس ئي بادشاهي هوندي (يعني انهيءَ ڏينهن انسان يا شيطان ڪجهه به ڪري نه سگهندو) هو ئي ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ هوئي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى اهو آهي جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي حق سان ۽ قيامت جي ڏينهن الله حڪم ڪندو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوندو، الله تعالى جو حڪم سچو آهي، ۽ سمورو مُلڪ الله جو آهي انهيءَ ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي، الله هر غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي ۽ الله حڪمت وارو خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو ۽ جنهن (به) ڏينهن (ڪنهن شيءَ کي) چئي ٿو ته ٿيءُ ته (يڪدم) ٿئي ٿي سندس قول سچو آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن) خاص سندس ئي حڪومت هوندي. (اهو ئي) غائب ۽ حاضر (سڀ) جي ڄاڻڻ وارو آهي. اهو ئي دانا واقفڪار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اھو ئي (الله) آھي جنھن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين تدبير سان ۽ جنھن ڏينھن چوندو ٿي پؤ ته پوءِ ٿي پوندو، فرمان ان جو سچو آھي ۽ ان جي ئي بادشاھي آھي جنھن ڏينھن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ڄاڻندڙ آھي ڳجھه ۽ ظاھر جو ۽ اھو ئي حڪمت وارو، خبردار آھي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. ۽ جنهن (به) ڏينهن چوندو ته ٿيءُ ته اها (پاڻهين) ٿي پوندي. سندس ڳالهه سچي آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو تنهن ڏينهن بادشاهي سندس ئي آهي (اهو) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو خبردار آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو ۽ جنهن ڏينهن چوندو ٿي پؤ ته پوءِ (قيامت) ٿي پوندي. سندس فرمان حق آهي ۽ سندس بادشاهي هوندي جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي. اهو ڳُجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻڻ وارو آهي ۽ اُهو حڪمت وارو خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهو، سو، جنهن اُڀ جوڙيا، پڻ ڀُويون بيگمان، ثابت، سڀ اکين اڳيان ۽ جڏهن چوي جَل شان، “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پوي، سَچو سندسِ فرمان، ۽ هوندو، اُنهيءَ هيڪ جو، جُملي جڳ جھان، جنهن ڏينهن ڏنڊ ۾، ڦوڪبو؛ پَڌرو ۽ پِنهان، سَمجھندڙ سبحان ۽ اُهو واقف ڪار، ويڄ وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74)

۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته بُتن کي خدا ڪري ڇوٿا وٺو؟ بيشڪ آءٌ توکي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) حضرت ابراهيم پنهنجي پيءِ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن ابراهيم پنهنجي چاچي آزر کي چيو ڇا آئون بتن کي معبود ڪري وٺان، بيشڪ آئون ڏسان ٿو توکي ۽ قوم تنهنجي کي صاف گمراهي ۾،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!)تنهن وقت کي ياد ڪر!) جڏهن ابراهيم پنهنجي (پالنا ڪندڙ) پيءُ آزر کي چيو ته بتن کي خدا ڪري. مڃين ٿو؟ آءُ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کليل گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جڏھن چيو ابراھيم پنھجي پيءُ آذر کي ڇا بنائين ٿو بتن کي معبود بيشڪ مان ڏسان ٿو توکي ۽ قوم تنھنجيءَ کي گمراھيءَ کليل ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا تون بتن کي خدا ڪري مڃين ٿو. بيشڪ آءُ توکي ۽ تنهنجيءَ قوم کي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته: ”ڇا تون بتن کي معبود بنائين ٿو؟ بيشڪ آءٌ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کُلي گمراهي ۾ ڏسان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آزر، بابسِ کي اُتو، جڏهن ابراهيم اَتور، ڇا داتا، ڪَرتا ڌاريِين، بُتخاناڀِتر ڀور؟ تون ۽ تُنهنجِي قوم ڪَٺور، پَسان پَڌرِي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75)

۽ اھڙي طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھِن لاءِ) ته (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿيئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح اسان ڏيکاري ابراهيم کي پنهنجي قدرت ۽ حڪمت آسمانن ۽ زمينن ۾ ۽ انهي لاءِ ته پڪو يقين ڪندڙن مان ٿئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (جهڙي طرح اسان ابرهيم کي ڏيکاريو هو ته “بت” پوڄا جي لائق نه آهن) تهڙي طرح اسان ابراهيم کي سڀئي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو انتظام ڏيکاريو ته جيئن اهو (اسان جي وحدانيت جي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي.(سيد فرمان علي)


۽ اھڙي نموني ڏيکاريوسون ابراھيم کي ملڪوت آسمانن ۽ زمين جا ۽ تانته ھجي يقين ڪندڙن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري هن لاءِ ته يقين ڪندڙن مان ٿئي.(مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ڏيکاري ۽ هن لاءِ ته اهو (اکين ڏٺي) يقين ڪندڙن مان ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اسين اِبراهيم، اُنهي ڏانء ڏيکاريون، اُڀ، ڀُون مُلڪ عَظِيم، تان ٿِئي پاڪ، پَڪن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76)

پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونداهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهرو آسمان ۾ چمڪندو) ڏٺو. هن چيو ته، هي منهنجو پروردگار آهي، (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي ٿيون وڃن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن رات جي اونداهي کيس ڍڪيو ڏٺائين تاري کي، چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن تارو غائب ٿيو، ابراهيم چيو آئون غائب ٿيندڙن سان محبت نٿو رکان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جڏهن مٿس رات جي اونداهي ڇائجي ويئي ته هڪ ستارو ڏسي يڪدم چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين آءُ لهندڙن کي (خدا بنائڻ) پسند نٿو ڪريان.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏھن ڇائنجي وئي ان تي رات ته ڏٺائين تاري کي چيائين ته (ڇا) ھي رب منھنجو آهي؟ پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين نه ٿو محبت رکان مان لھي ويندڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن رات مٿس اونداهي ڪئي ته هڪ تارو ڏٺائين. ابراهيم چيو ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين ته آءُ لهندڙن کي پسند نه ٿو ڪريان. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن مٿس رات انڌيرو ڪيو ته هڪ تارو ڏٺائين. چيائين ”(ڇا) هي منهنجو پالڻهار آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين: ”آءُ لهي وڃڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن ڪارِيءَ رات، ڪيو اُن تي اَنڌارو، اُوڀريو ڏِٺائين اُڀ ۾، سانجِھيء جو تارو، چي، مَتان آهي مُنهنجو، هِي سائين سُنهارو، پوءِ جڏهن لَٿو، ته چوڻ لڳو مُرسل موچارو، آئون، ته لَئون لائـِڻ وارو، لحظي، نه لَهندڙن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77)

پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجي پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجي پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن چنڊ کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن چنڊ غائب ٿيو، چيائين جيڪڏهن منهنجي رب مون کي هدايت نه ڏني ته ضرور آئون گمراه قوم مان ٿيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن منهنجو پالڻهار منهنجي هدايت نه ڪري ها ته آءُ ضرور گمراھ ماڻهن مان ٿيان ها.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏھن ڏٺائين چنڊ کي چمڪندڙ ته چيائين (ڇا) ھي رب منھنجو آهي؟ پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين البته جيڪڏھن نه ھدايت ڪندو مون کي رب منھنجو ته البته ٿي پوندس مان قوم گمراھن جي مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن چنڊ کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته جيڪڏهن مون کي منهنجو پاليندڙ رستو نه ڏيکاريندو ته ضرور آءُ گمراهه قوم مان ٿيندس. (مولانا محمد مدني)


پوءِ چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ”(ڇا) هي منهنجو پالڻهار آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته (قوم کي) چيائين: ”جيڪڏهن منهنجو پالڻهار مون کي هدايت نه ڏئي ها ته آءُ به ضرور گمراهن جي قوم مان ٿي پوان هان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن ڏِٺائين چنڊ کي، اُڀريو اکين ساڻ، چي، مالڪ مُنهنجو هِي متان، پوءِ جڏهن هيٺ لَٿو هاڻ، چي، سَنئين نه سُهائيندمِ جيڪڏهن، سانيمِ، سُرت سڄاڻ، ته پَڪ ٿيندسِ پاڻ، مُوڙهلن جي، ميڙ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78)

پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن جو سج کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ هيءُ ته تمام وڏو آهي، پوءِ جڏهن سج لهي ويو چيائين اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان جن معبودن کان بيزار آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري جڏهن سج کي روشن ٿيل ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) خدا آهي؟ هي ته سڀني کان وڏو (به) آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو اي منهنجي قوم! جن جن کي اوهين ماڻهو (خدا جو) شريڪ بنايو انهن کان آءُ بيزار آهيان. اهي ڪڏهين به خدا ٿي نٿا سگهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏھن ڏٺائين سج کي چمڪندڙ ته چيائين (ڇا) ھيءُ رب منھنجو آھي؟ ھيءُ وڏو آھي پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين اي قوم منھنجي! بيشڪ مان بيزار آھيان انھن کان جو شريڪ بنايو ٿا (الله سان).(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن سج کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. هيءَ سڀني کان وڏو آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته اي منهنجي قوم! جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.(مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن سج کي (آب تاب سان) چمڪندي ڏٺائين، چيائين: ”(ڇا) هي منهنجو پروردگار آهي هي وڏو آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين: ”اي منهنجي قوم! آءُ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهان (الله جو) شريڪ بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، جڏهن سُوٺائين، سِج کي، اُڀرندڙ اظهار، چي، مُنهنجو مالڪ هِي مَتان، هِي ٻَـهون وڏو ٻِيهار، پوءِ جڏهن لٿو،ته لَلڪاريئـِين، ته اي ناٿ! سندمِ نيڪار، جن ڀانيو ڀائيوار، آئون بِلڪل ڀَڳل اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79)

مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجي رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي (۽ جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهرائين.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ آئون پنهنجي چهري کي عبادت لاءِ الله ڏانهن متوجه ڪريان ٿو، اهو الله جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي آئون حق جو تابعدار آهيان ۽ نه آهيان آئون مشرڪن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مون ته باطل کان منهن موڙي ان ڏي پنهنجو منهن ڪيو آهي جنهن ڪيئي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا ۽ پڻ آءُ (هرگز) مشرڪن مان نه آهيان.(سيد فرمان علي)


بيشڪ مون متوجـﮧ ڪيو منھن پنھنجي کي ان جي لاءِ جنھن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي انجوئي رھندڙ ۽ ناھيان مان مشرڪن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مون (باطل مذهبن کان) هڪ طرفو ٿي پنهنجو منهن ان ڏي ڪيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آءُ (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان نه آهيان. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ مون پنهنجو منهن هڪ طرفو ٿي ان (الله) ڏانهن ڦيرايو جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو آهي، ۽ آءٌ مُشرڪن مان نه آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مون موڙيو مُنهن پَنهنجو، اُن ذات لئي ضرو، جنهن ڀُويون، اُڀ بنايا؛ ڦِريل، کون فُتور، ۽ آئون، نه آهيان مور، ڌاريان، ڌارِيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80)

۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين ته اوھين الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇوٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀڪا شيء منھنجي پالڻھار جي عِلم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇونه نصيحت مڃيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پوءِ) حضرت ابراهيم سان سندس قوم بحث مباحثو ڪيو. حضرت ابراهيم فرمايو ته، ڇا توهان مون سان الله جي باري ۾ رد ڪد ٿا ڏيو. هن ته پاڻ مون کي حق جي واٽ ڏيکاري آهي. (توهان مون کي باطل ديوتائن جو ڊپ ٿا ڏياريو پر ياد رکو) ته جن کي توهان خدا جو شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بلڪل ڪونه ٿو ڊڄان. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو پروردگار جيستائين مون کي نقصان پهچائڻ نه چاهي تيستائين مون کي ڪوبه نقصان پهچائي نٿو سگهي. منهنجي پروردگار پنهنجي علم سان سڀني شين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. پوءِ ڇا (ايتري چٽائي هوندي به) نصيحت نٿا وٺو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) ابراهيم سان سندس قوم جھڳڙو ڪيو، ابراهيم چيو ڇا توهان مون سان الله جي وحدانيت تي جھڳڙو ڪريو ٿا حالانڪ تحقيق الله مون کي هدايت ڏني، ۽ آئون خوف نٿو ڪريان توهان جن معبودن کان مگر جيڪو منهنجي رب منهنجي لاءِ تڪليف مقرر ڪئي، منهنجي رب جو علم هر شيءِ کان زياده آهي، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سندس قوم جا ماڻهو هن سان حجت ڪرڻ لڳا. ته ابراهيم کين چيو هو ته ڇا! توهين مون سان خدا جي باري ۾ حجت ڪريو ٿا. هوڏانهن هن منهنجي يقينا هدايت ڪئي آهي. ۽ جن بتن کي اوهين سندس شريڪ مڃيو ٿا آءُ انهن کان ڊڄان نٿو (اهي مون کي ڇا ڪندا) پر هاءُ منهنجو خدا خود (ڪرڻ) گهري ته علم جي روءِ سان (به) سڀ تي حاوي آهي. ڇا پوءِ به اوهين ڌيان نٿا ڏيو؟(سيد فرمان علي)


۽ بحث ڪيائين ان سان قوم ان جي فرمايائين ڇا بحث ڪيو ٿا مون سان الله جي باري ۾ ۽ تحقيق ھدايت ڪيائين مون کي ۽ نه ڊڄان ٿو انھن کان جن کي شريڪ ٿا بنايو ان سان مگر ھي جو گھري رب منھنجو ڪجھه به، گھيري ۾ ورتو رب منھنجي ھر شيءِ کي علم سان ڇا پوءِ نصيحت قبول نه ٿا ڪيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان سان سندس قوم جهڳڙو ڪيو. (کين) چيائين ته ڇا اوهين مون سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا هوڏانهن ان مون کي رستو ڏيکاريو آهي ۽ جن کي اوهين سندس شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ نه ٿو ڊڄان پرهن کان (ڊڄان ٿو)ته متان منهنجو پاليندڙ ڪا تڪليف پهچائڻ گهري. منهنجي پاليندڙ جي علم ۾ سڀ ڪا شيءِ سمائي آهي. ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ ان سان سندس قوم تڪرار ڪيو. چيائين: ”ڇا اوهان مون سان الله جي باري ۾ تڪرار ڪيو ٿا؟ حالانڪه ان مون کي هدايت بخشي آهي ۽ آءٌ انهن کان نه ٿو ڊڄان جن کي ساڻس شريڪ ڪيو ٿا سواءِ ان جي جا شيءِ منهنجو پالڻهار چاهي. منهنجي پالڻهار هرشيءِ کي (پنهنجي) علم سان گهيري رکيو آهي. پوءِ توهان ڇو نه ٿا نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُن سان، قوم اُن جِي،، جوٽِي جنگ جِدال، چي، خُود خُدا ۾ مون سان، ڇا بحث ڪريو؟ بطال!، ۽ جنهن بعد جَلَّ جلالہٗ، ڏَسِينمِ واٽ وِصال، ۽ جي ڀيڙا ڀانيو، تن جو، نه مون کي، خوف خيال، مگر گُھري مون ڌڻي، جيڪِي جَلّ‌ جلال، سَمجھيو، سڀ ڪنهن ٽول جو، مُنهنجي هادِئَ، حال، پوءِ ڇونه، ڳَهلا! ڳالھ، پُرجهِي، ڪجُھ پِرايو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81)

۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نه ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حُجّت لاٿل نه آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (ته ٻڌايو ته) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) مان انهن کان ڪيئن ڊڄندس جن کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي. جڏهن ته توهان هن ڳالهه کان نٿا ڊڄو جو خدا سان ٻين کي شريڪ ٿا ڪيو جنهن لاءِ توهان تي ڪابه سند يا دليل نازل نه ٿيو آهي. (ٻڌايو ته) اسان ٻنهي فريقن (جماعتن) مان ڪنهن جي واٽ امن امان واري واٽ آهي. (ٻڌايو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به علم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪهڙيءَ طرح آئون خوف ڪريان توهان جن معبودن جوحالانڪ توهان نٿا خوف ڪريو بيشڪ توهان الله تعالى سان شرڪ ڪريو ٿا جنهن الله تعالى نازل نه ڪيو توهان جي مٿان ڪوبه دليل. پوءِ ٻنهي گروهن مان ڪهڙو وڌيڪ امن جو حقدار آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن کي اوهين خدا جو شريڪ بنايو ٿا آءُ انهن کان ڇو ڊڄان؟ جڏهن اوهين ان ڳالھ کان نٿا ڊڄو جو اوهان خدا جو شريڪ اهڙين شين کي بنايو آهي جن جي خدا توهان تي ڪا به سند نازل ڪين ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته (ٻڌايو ته سهي) اسان ٻنهين ڌرين مان امن قائم رکڻ جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڪيئن ڊڄان مان انھن کان جو شريڪ بنايا اوھان ۽ نه ٿا ڊڄو اوھان ته تحقيق اوھان شريڪ بنايو الله سان ان کي جو نه نازل ڪيائين ان جو اوھان تي ڪو دليل پوءِ ڪير ٻنھي ٽولن مان وڌيڪ حقدار آھي، امن جو جيڪڏھن آھيو جو ڄاڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن شيءِ کي اوهان (الله جو) شريڪ ڪيو آهي تنهن کان آءُ ڪيئن ڊڄان ۽ اوهين هن ڳالهه کان نه ٿا ڊڄو جو اوهان الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو آهي جنهن جي اوهان تي ڪا ثابتي نه لاٿي اٿس. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا (ته ٻڌايو ته) ٻنهين جماعتن مان ڪهڙي (جماعت) امن جي زياده حقدار آهي؟ (مولانا محمد مدني)


۽ آءٌ ڪيئن ٿو ڊڄي سگهان انهن (ڪوڙن معبودن) کان جن کي توهان (الله سان) شريڪ ڪيو ٿا! حالانڪه اوهان نه ٿا ڊڄو جو اوهان الله سان (بتن کي) شريڪ ڪيو آهي جنهن لاءِ (الله) ڪو توهان تي دليل نه لاٿو آهي. پوءِ ٻنهين ڌرين مان ڪير وڌيڪ امن جو حقدار آهي (جواب ڏيو) جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آئون ڪيئن ڊِڄان اُنهن کان، جن ڀانتا ڀائيوار، ۽ جڏهن اوهين نه ڊِڄو، ته الله سان، گَـڏيان غير غُبار، الله نه اُتاريو جن لئي، دليل، مان دربار، پوءِ آهي ڪير اَمن جو، ٻِن ٽولين مان حَقدار؟ طرف ٻَئـِي تڪرار، جي صحِي سَمجھندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82)

جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نه وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن (خدا تي) ايمان آندو، ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان بگاڙي نه ڇڏيو تن جي لاءِ ئي امن امان آهي ۽ اهي ئي صحيح راهه تي آهن.(علامه علي خان ابڙو)


جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظُلم سان (شرڪ سان ) نه گڏيائون انهن لاءِ امن آهي ۽ اُهي ئي هدايت وارا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان نه ملايائون انهن ماڻهن لاءِ ئي امن (۽ دلجاءِ) آهي ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن.(سيد فرمان علي)


اھي شخص جو ايمان آندائون ۽ نه ملايائون ايمان پنھنجو ظلم سان اھي ئي آھن جن لاءِ امن آھي ۽ اھي ئي ھدايت وارا آھن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايو تن لاءِ امن آهي ۽ اهي ئي رستي تي هلندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي (شرڪ جي) ظلم سان رل وچڙ نه ڪيائون ته اُهي ئي آهن جن لاءِ (عذاب کان) امن آهي ۽ اُهي هدايت يافته آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن مڃيو ۽ سندنِ مڃڻ تان، پَردونه وِڌائون پاڻ، ظُلم، زيادتِي سان، ته اَمن اُنهن ڪاڻ، ۽ صَحِي، سي سُڄاڻ، پورا آهن، پير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83)

۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هيءَ اسان جي حجت (دليل) آهي جا اسان حضرت ابراهيم کي سندس قوم لاءِ ڏني هئي. اسان جنهن جو درجو ۽ مان بلند ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن کي (علم ۽ دليل جي معرفت سان) بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ يقيناً تنهنجو پروردگار حڪمت ڏيڻ وارو ۽ علم عطا ڪرڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي اسان جي وحدانيت جا دليل آهن جيڪي اسان (حضرت) ابراهيم کي ڏنا سندس قوم لاءِ اسين بلند درجا ڪريون ٿا جنهن جا اسين چاهيون، بيشڪ تنهنجو رب حڪمت وارو هميشه ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي اسان جا (سيکاريل سمجهايل) دليل آهن جيڪي اسان ابراهيم کي پنهنجي قوم تي (غالب اچڻ لاءِ) عطا ڪيا هئا. اسين جنهن جا درجا چاهيندا آهيون، بلند ڪندا آهيون. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو باخبر آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اھي دليل اسان جا آھن جو ڏناسون اھي ابراھيم کي سندس قوم تي مٿي ڪيون ٿا درجن جي لحاظ سان جنھن کي گھرون اسان بيشڪ رب تنھنجو حڪمت وارو، علم وارو آھي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اها اسان جي ثابتي آهي جا اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏني. جنهن کي اسين گهرون ٿا تنهن کي درجن ۾ بلند ڪريون ٿا. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ حڪمت وارو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهو اسان جو (مضبوط) دليل هيو جيڪو اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏنو. اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪيون ٿا. بيشڪ تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِي اسان جا اُهڃاڻ، عطا ابراهيم کي، ڪياسون، سندس قوم تي؛ جنهن کي گُھرون پاڻ، تمام مَٿاهان مَرتبا، ٿا ڪريون، اُنهئَ ڪاڻ، وَڏو ويـڄ، سُڄاڻ، سَچو سائين تنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84)

۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ اُن کان اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان داؤد کي ۽ سُلَيمان ۽ اَيُّوب ۽ يُوسف ۽ مُوسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب ڏنا. اسان انهن سڀني کي سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ابراهيم جي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به (اسان اهائي سڌي واٽ ڏيکاري) اسان اهڙيءَ طرح سان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيون ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان عطا ڪيو ابراهيم کي اسحاق (پُٽ) ۽ يعقوب (پوٽو)، سڀني کي اسان هدايت ڏني ۽ انهيءَ کان اڳ اسان نوح کي هدايت ڏني سين ۽ انهيءَ جي اولاد مان داؤد ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي هدايت ڏني سين، ۽ اهڙيءَ طرح اسين نيڪوڪارن کي بلند درجا ڏيون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو پٽ ۽ پوٽو) عطا ڪيو. اسان سڀ جي هدايت ڪئي ۽ ان کان اڳ نوح جي (به) اسان ئي هدايت ڪئي ۽ سندس ئي (ابراهيم) جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون (سڀني جي اسان هدايت ڪئي) ۽ نيڪو ڪارن کي اسين اهڙو ئي عوض عطا ڪريون ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ بخشي ڏناسون ان کي اسحاق ۽ يعقوب سڀني کي ھدايت ڏني سون ۽ نوح کي ھدايت ڪئي سون اڳ ۾ ۽ اولاد ان جي مان داؤد ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسـى ۽ ھارون کي ۽ ان ئي نموني بدلو ڏينداسون نيڪي ڪندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشي ڏنا. ۽ هر هڪ کي اسان رستو ڏيکاريو ۽ ان کان اڳ نوح کي رستو ڏيکاريوسون ۽ ابراهيم جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي (به رستو ڏيکاريو سون) ۽ اهڙيءَ طرح ڀلائي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ان (ابراهيم) کي اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) ڏنوسين. اسان انهن سڀني کي هدايت ڏني ۽ اسان ان کان اڳ نوح کي هدايت ڏني ۽ ان جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون کي (هدايت ڏني سين) ۽ اهڙي طرح اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اسحاق، يعقوب اُن کي، بخشياسون ڀَلير، سَنئين سُهائيسون سڀن کي، سَئون سواٽو سير، اُن کان اڳي نوح کي، پڻ ڪيڙ سندسِ مان ڪير؟ دائود، سليمان، ايوب ۽ يوسف شاه شير، ۽ مُوسٰى ۽ هارُون ٻئـِي، پُورا مٿي پير، ۽ بخشيون اِهڙٖي ڀير، ڀَلايون ڀَلن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85)

۽ ذڪريّا ۽ يَحۡيىٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي به، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (به اسان سڌي واٽ ڏيکاري) جو اهي سڀ صالح انسانن منجهان هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) زڪريا ۽ يحييٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس، سڀئي (ڪامل) صالحن مان هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ زڪريا ۽ يحيى ۽ عيسى ۽ الياس (سڀني جي هدايت ڪئي) ۽ اهي سڀ (خدا جي) نيڪ بندن مان آهن.(سيد فرمان علي)


۽ زڪريا ۽ يحيـى ۽ عيسـى ۽ الياس کي سڀئي صالحن مان آھن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس کي (به رستو ڏيکاريوسون). (اهي) سڀئي چڱن ماڻهن مان هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ زڪريا ۽ يحى ۽ عيسى ۽ الياس کي به (هدايت ڏني سين) اُهي سڀئي نيڪوڪارن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ زڪريا ۽ يحيىٰ، عيسىٰ ۽ الياس، سڀ اَملھ ۽ الَماس، صالحن جي ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86)

۽ اسماعيل ۽ يَسَعَ ۽ يُونس ۽ لُوط کي به، ۽ سڀني کي جڳ (جي رھندڙن) کان ڀلائي ڏني سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ اسماعيل، اليَسَعَ، يونس ۽ لوط کي، جو اسان انهن سڀني کي دنيا وارن تي بهتري ۽ فضيلت ڏني.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط، ۽ سڀني کي اسان فضيلت ڏني سين (نبوت سان) انهيءَ جهان وارن تي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (وارن جي هدايت ڪئي سين) ۽ سڀني کي ساري جهانن تي فضيلت عطا ڪئي.(سيد فرمان علي)


۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط کي (ھدايت ڏني سون) ۽ سڀني کي ڀلو ڪيوسون جھانن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط کي (به رستو ڏيکاريوسون). ۽ هر هڪ کي (پنهنجي پنهنجي زماني جي) سڀني قومن تي فضيلت ڏني سون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسماعيل ۽اليسع ۽ يونس ۽ لوط کي به ( هدايت ڏني سين) ۽ سڀني کي جهانن وارن تي فضيلت ڏني سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اسماعيل ۽ اَلْيَسَع، يُونس ۽ لُوط لال، ڪُل اَفضل عالمن ۾، ڪياسون نيڪ نِهال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87)

۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به، ۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ سندن ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به ڪيترن ئي کي (اسان انهيءَ ئي راهه تي هلايو) انهن سڀني کي اسان شرف لاءِ چونڊيو هو ۽ (فلاح ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي انهن کي لڳايو هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن جي والدين مان ۽ انهن جي اولاد مان ۽ انهن جي ڀائرن مان (ڪِن کي درجو ڏنوسين) ۽ اسان انهن کي فضيلت ڏني ۽ سنئين رستي تي اسان انهن کي هلايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (نه فقط انهن کي پر) سندن پيءُ ڏاڏن ۽ انهن جي اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به (ڪيترن ئي کي ۽ انهن کي چونڊيوسون ۽ کين سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون.(سيد فرمان علي)


۽ پيئرن انھن جي مان ۽ اولاد انھن جي مان ۽ ڀائرن انھن جي مان ۽ برگزيدو ڪيوسون انھن کي ۽ هدايت ڪئي سون انهن کي واٽ سڌيءَ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي اولادن ۽ انهن جي ڀائرن مان به ڪن کي (رستو ڏيکاريوسون) ۽ انهن کي پسند ڪيوسون ۽ انهن (سڀني) کي سڌو رستو ڏيکاريوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي ابن ڏاڏن مان ۽ انهن جي اولاد ۽ ڀائرن مان به (فضيلت وارا بناياسين) ۽ اسان انهن کي چونڊيو ۽ اسان کين سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پِيء ۽ پُٽ اُنهن جا، پڻ سندنِ ڀاء بحال، چُونڊيوسونِ چڱِي چال ۽ سُهائـِي سونِ سنئين واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88)

اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها الله جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن کي ان جي وسيلي روشني ڏيکاري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هي ماڻهو (توحيد جي راهه ڦٽي ڪري) شرڪ ڪن ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ضايع ٿي وڃي ها.(علامه علي خان ابڙو)


اها هدايت الله تعالى جي آهي جنهنکي چاهي هدايت فرمائي ٿو انهيءَ سان ٻانهن پنهنجن کي، ۽ جيڪڏهن شرڪ ڪن ها ته يقيناً سندن عمل باطن ٿين ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ڏسو) اها خدا جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ان سبب ڪري رستي تي آڻي پر جيڪڏهن انهن ماڻهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ڪيو (ڪرتيو) سڀ بيڪار ٿي وڃي ها.(سيد فرمان علي)


اها هدايت الله جي آهي هدايت ڪري ٿو ان سان جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان جيڪڏهن شرڪ ڪن ها ته البته ضايع ٿي وڃن ها انهن کان اهي (عمل) جو ڪيائون ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها الله جي هدايت آهي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي ان سان رستو ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن اهي (الله سان ڪنهن) کي شريڪ ڪن ها ته جيڪي ڪندا هئا سو انهن کان برباد ٿي وڃي ها. (مولانا محمد مدني)


اها الله جي هدايت آهي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ان ذريعي هدايت ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اهي شرڪ ڪن ها ته انهن جا سڀ عمل ڦُرجي وڃن ها جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اهو ڏَس ڏاتار، وڻيسِ ڏَسي، سو تِنهن کي، سندسِ سپاهين مان؛ ۽ جي ڀانتون ڀائيوار، ته جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، سي ڪانٽي مان، ڪيريا وِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89)

اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي، پوءِ جيڪڏهن هي (عرب جا مشرڪ) انهيءَ نعمت کان انڪار ٿا ڪن (ته ڀلي ڪن، سندن انڪار مان ڪجهه ڪين بگڙندو) اسان ان جي (پيروي ۽ حفاظت) اهڙي جماعت جي حوالي ڪئي آهي جا سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ واري ناهي، (يعني مهاجر ۽ انصار).(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ڏنا ۽ حڪمت ۽ نبوت (عطا ڪئي) پوءِ جيڪڏهن انهن ٽنهي ڳالهين جو انڪار ڪن ٿا (مڪي جا رهندڙ) پوءِ بيشڪ اسين مقرر ڪنداسين انهن لاءِ اُها قوم جيڪي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ نه هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي (پيغمبر) اهي (انسان) هئا جن کي اسان (آسماني) ڪتاب ۽ ڪامل عقل ۽ نبوت عطا فرمائي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو ان (ڳالھ) کي به نه مڃين ته (ڪا پرواھ نه آهي) اسان ته مٿن اهڙن (انسانن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي انڪار ڪرڻ وارا (ئي) نه آهن.(سيد فرمان علي)


اهي اهي ئي آهن جو ڏنوسين انهن کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري پوءِ جيڪڏهن ڪفر ڪندا ان جو هي ماڻهو پوءِ تحقيق مقرر ڪئي سون ان جي لاءِ اهڙي قوم جو ناهن ان جو ڪفر ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اِهي اُهي آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري ڏني. پوءِ جيڪڏهن هي (موجوده زماني جا ڪافر) انهن ڳالهين جو انڪار ڪن ته انهن ڳالهين لاءِ اسان اهڙيءَ قوم کي مقرر ڪيو آهي جي انهن جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


اُهي آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت ڏني. پوءِ جيڪڏهن اهي (ڪافر) ان ڳالهه جو انڪار ڪندا ته بيشڪ اسان انهن (ڳالهين) کي (مڃڻ لاءِ) اهڙي قوم کي مقرر ڪيو آهي جيڪي ان جو انڪار ڪرڻ وارا ناهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪتاب ڏِناسون اُنهن کي، پڻ سَمجھ ۽ نبوت نُور، پوءِ هِئ، جي ڦرندا هِن کان، ته مقرر ڪنداسون مُور، ٻي ڪا ذات ضرور، جي مُنڪر نه هوندسِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90)

اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن کي خدا حق جي واٽ ڏيکاري ڇڏي، پوءِ تون به انهن جي راهه جي پيروي ڪر، تون چئي ڏي ته مان هن (رهنمائي) لاءِ ڪوئي بدلو ۽ فائدو ڪونه ٿو گهران. اها (رهنمائي) سواءِ هن جي ڪجهه ناهي ته سڄي دنيا جي لاءِ نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني پوءِ توهان اُنهن جي هدايت جي تابعداري ڪريو، اي رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان قرآن جو اجر نٿو گھران، ناهي هيءُ قرآن ڪريم مگر نصيحت سڀني جهانن لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي اڳيان پيغمبر) اهي انسان هئا. جن جي خدا هدايت ڪئي پوءِ تون به سندن هدايت جي پيروي ڪري. (اي رسول!) کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (رسالت) جو اجورو ڪجھ نٿو گهران. هي ته ساري جهان جي لاءِ سمجهاڻي آهي.(سيد فرمان علي)


اهي اهيئي آهن جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله پوءِ انهن واريءَ هدايت تي هل فرماءِ ته نه ٿو گهران اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اِهي اُهي آهن جن کي الله رستو ڏيکاريو. پوءِ تون به سندن طريقي تي هل! چئو ته آءُ اوهان کان ان (قرآن پهچائڻ) تي ڪا اُجرت نه ٿو گهران. اها خاص جهانن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني)


اِهي (انبياءِ ڪرام) اُهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي آهي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر. چؤ ته آءٌ اوهان کان ان (قرآن سيکارڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. ناهي اهو (قرآن) مگر جهانن وارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي سَنئين اُنهن کي، سُهائـِي ستار، پوءِ رَه سندنِ راه جو، تهدِل تابعدار، چئو آئون نه اوهان کان، اُن تي، ڪو گُهران پورهيو پار، هِي، نه آهي، نصيحت ڌار، جُملي جھانن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91)

۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن انهن ماڻهن چيو ته خدا ڪنهن به انسان تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي، تڏهن هنن خدا جي خدائيءَ جو اهو قدر نه ڪيو جو ڪرڻ گهرجي. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، ڀلا ڪنهن اهو ڪتاب نازل ڪيو جو حضرت موسيٰ کڻي آيو ۽ جو ڍڳ بنائي ماڻهن کي ڏيکاريندا آهيو ۽ (انهيءَ جي حڪمن مان) گهڻيون ئي ڳالهيون لڪائيندا آهيو ۽ پڻ (جنهن ڪتاب جي وسيلي) توهان کي اهي ڳالهيون سيکاريون ويون جي توهان اڳي نه ڄاڻندا هئو نه توهان جا ابا ڏاڏا، تون کين چئو ته الله (نازل ڪيو) ۽ پوءِ انهن کي سندن باطل خيالن ۾ ڇڏي ڏي ته ڀلي (پنهنجي اجاين ڳالهين ۾) کيل تماشو ڪندا رهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نه سڃاتو (يهودين) الله کي حق سان سڃاڻڻ، جنهن وقت انهن چيائون نه نازل ڪيائين الله تعالى ڪنهن بشر تي ڪا شيءِ، رسولِ عربي توهان فرمايو اهو ڪتاب (تورات) ڪنهن نازل ڪيو جيڪو (حضرت) موسيٰ کڻي آيو روشني ۽ هدايت ڏيندڙ هو ماڻهن کي توهان تورات کي پنو پنو ڪري ڇڏيو انهي مان ڪجھه حصو ظاهر ڪريو ٿا ۽ رسولِ عربي جي تعريف لڪايو ٿا ۽ توهان کي معلوم ڪرايو ويو جيڪو توهان کي ۽ توهان جن پيءُ ڏاڏن کي معلوم نه هو، توهان فرمايو الله نازل فرمايو، پوءِ ڇڏيو انهن کي سندن ڪُوڙن عقيدن ۾، اهي راند ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن (يهودين) خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو، نه ڪيو ان ڪري جو انهن ماڻهن (بيهودگي سان) هي چيو ته خدا ڪنهن انسان تي ڪجھ به ڪين نازل ڪيو آهي. (اي رسول!) تون هنن کان پڇ ته (ڀلا) جيڪو ڪتاب موسى آندو هو، ڪنهن نازل ڪيو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ (سموري) هدايت ئي (هدايت) هئي، جنهن کي اوهان ماڻهن جدا جدا ڪري ڪاغذ ورق بنائي ڇڏيو ۽ ان مان ڪجھ حصو (جو توهان جي مطلب جو آهي اهو) ظاهر ڪريو ٿا ۽ ڪيترو ئي (حصو جو اوهان جي خلاف آهي) لڪايو ٿا، هوڏانهن (ان ڪتاب جي وسيلي سان) اوهان کي اهي (اهي) ڳالهيون سيکاريون ويون جن کي نه اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا بابا ڏاڏا. (اي رسول!) پڪ اهي چوندا ته. نه!) تون ئي چئين ته خدا (نازل فرمايو) پوءِ کين ڇڏي ڏيو (ڀلي جهڪ پيا مارين) ۽ پنهنجي تون تون، مان مان ۾ کيڏندا ڦرن.(سيد فرمان علي)


۽ نه قدر ڪيائون الله جو (جيئن) قدر ڪرڻ جو حق آهي جڏهن چيائون ته نه نازل ڪئي الله ڪنهن بشر تي ڪا شيءِ فرماءِ ته ڪنهن نازل ڪيو ڪتاب جو آندو ان کي موسى نور ۽ هدايت ٿي ماڻهن جي لاءِ ڪيو ٿا ان کي ڪاغذ جا ٽڪرا ظاهر ڪيو ٿا انهن کي ۽ لڪايو ٿا گهڻن کي ۽ سيکاريا ويئو اهو جو نه ڄاتو اوهان ۽ نه پيئرن اوهان جي فرماءِ ته الله ان کان پوءِ ڇڏ انهن کي اجائي بحث پنهنجي ۾ پيا کيڏن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن (يهودين) الله جو قدر سندس شان موافق نه ڪيو جڏهن چيائون ته الله ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪجهه به نه لاٿو آهي. چئو ته اهو ڪتاب ڪنهن لاٿو جنهن کي موسيٰ کڻي آيو جو ماڻهن لاءِ نور ۽ هدايت هو، جنهن کي اوهين ورق ورق ڪري (ماڻهن جي اڳيان) ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻين (ڳالهين) کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي (قرآن ۾ ) اهي ڳالهيون سيکاريون ويون آهن جي نه اوهان ۽ نه اوهان جي ابن ڏاڏن کي معلوم هيون. چئوته الله (ان ڪتاب کي لاٿو آهي) پوءِ تون انهن کي سندن بحثن ۾ رانديون ڪندي ڇڏي ڏي. (مولانا محمد مدني)


۽ (يهودين) الله جو اهڙو قدر ڪونه ڪيو جهڙو ان جي قدر ڪرڻ جو حق هيو جڏهن انهن چيو ته: ”الله ڪنهن انسان تي ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي“. چؤ ته: اُهو ڪتاب ڪنهن لاٿو هيو؟ جيڪو موسى کڻي آيو جيڪو ماڻهن لاءِ روشني ۽ هدايت هيو. توهان ان جا جدا جدا ورق ڪيا آهن توهان ان مان (ڪجهه) ظاهر ڪيو ٿا ۽ گهڻن کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي اهو سيکاريو ويو جيڪو نه اوهان ڄاڻندا هئا نه اوهان جا ابا ڏاڏا ڄاڻندا هئا. چؤ ”الله“ (ئي نازل ڪيو) پوءِ انهن کي ڇڏي ڏي پنهنجي اجائِي بحث بازي ۾ کيڏندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نه سُڃاتئون سائينءَ کي، سندو سڃاڻڻ شان، جڏهن آکيون، ته ڪُجھ نه اُتاريو، آگي، سِر انسان، چَئو، لاٿو ڪِنهن ڪتاب سو، ته موسٰى مِهربان، آندوسُونهپ سوجھرو اِنسانن تي، اِحسان، پَٽِيء تان پنن ۾، اُتاريوسِ عيان، کوليو کيس، ۽ لِڪايو گھڻو بي گمان، ۽ اوهان ۽ اوهان جي، اَبن کي، جنهن جِي، ڪَرهُئـِي ڪا نه، سَٻاجھي سُبحان، سَمجھايا صفا ڪري. چئو، تون هِڪ الله، وري ڍيل، تن کي ڍول!، تان رانديون ڪن رول، سندنِ خام خيال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92)

۽ ھي ڪتاب آھي جو ان کي برڪت وارو جيڪي اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ لاٿوسون ھن لاءِ ته (تون) مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هي ڪتاب (قرآن) آهي، جنهن کي اسان (تورات وانگر) نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ٿيو آهي) تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ اهو (قرآن) هن لاءِ اسان نازل ڪيو ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوگرد آباد آهن، خبردار ڪرين، سو جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين رکن ٿا سي ان تي ايمان به آڻين ٿا ۽ پنهنجون نمازون به قائم ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هي (قرآن ڪريم) ڪتاب آهي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي وڏي برڪت وارو آهي تصديق ڪندڙ آهي اڳين مقدس ڪتابن جي ۽ انهي لاءِ ته توهان ڊيڄاريو مڪه جي ماڻهن کي ۽ سمورن ماڻهن کي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان رکن ٿا (اُهي) قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا، ۽ اهي پنهنجن نمازن تي هميشگي ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي قرآن به اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان برڪت وارو نازل ڪيو آهي ۽ (ان ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جو ان کان اڳ (۾ ئي) موجود آهي پڻ ان لاءِ نازل ڪيل آهي ته جيئن تون (ان جي ذريعي سان) مڪي وارن ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي (خدا جي خوف کان) ڊيچارين. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اهي ته هن تي (بنا دير جي) ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين پنهنجين نمازن جي پابندي ڪندا آهن.(سيد فرمان علي)


۽ هي ڪتاب آهي جو ڪيوسون ان کي، برڪت وارو، تصديق ڪندڙ آهي ان جي جيڪو ان کان اڳ ۾ هو ۽ تانته ڊيڄارين تون مڪي (وارن کي) ۽ انهن کي جو چؤ طرف ان جي آهن ۽ اهي شخص جو ايمان آڻين ٿا آخرت تي ۽ ايمان آڻين ٿا ان تي ۽ اهي نماز پنهنجيءَ جي حفاظت ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي، جيڪي ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ هن لاءِ ته ان سان مڪي وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن تن کي تون ڊيڄارين. ۽ جيڪي آخرت تي ايمان آڻين ٿا، سي ان (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. ۽ اهي پنهنجيءَ نماز جو (هميشه) خيال رکن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ (اهڙي طرح) هي به هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي برڪتن وارو آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪي ان کان اڳ (ڪتاب) آيا ۽ (ان لاءِ لاٿوسين ته) تون سڀ شهرن جي مرڪز (مڪي وارن) ۽ ان جي آس پاس (ساري دنيا وارن) کي ڊيڄار. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اُهي هِن (قرآن) تي به ايمان رکن ٿا ۽ اُهي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيو سون ڀَلو قرآن هِيْ، نازِل نُورنبار، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو تُهان اڳ تڪرار، تان گامن مان، مُک گام کي، اِن سان ڍول! ڊيڄار، ۽ اوسا پاسا اُن جا؛ ۽ جي آڻينِ اعتبار، آخرت تي، پُڻ اُن کي، وِسهن جي وِينجھار، ۽ ڪن حِفاظت هَر وار، ۽ نظر سندنِ نماز تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93)

۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، ( ۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ هڻي هٿراڌو ڳالهه ٺاهي يا چوي ته مون تي وحي آيو آهي ۽ حقيقت ۾ هن تي ڪوبه وحي نه آيو آهي. ۽ پڻ انهيءَ کان (وڌيڪ ظالم ڪير آهي) جو (وحي جي مخالفت ڪري) چوي ته، مان به اهڙي ڳالهه نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي خدا نازل ڪئي آهي ۽ (اي پيغمبر!) تون جيڪر عجب کائين جيڪڏهن ظالمن کي انهيءَ حالت ۾ ڏِسين جڏهن هو موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (هنن جو ساه ڪڍڻ لاءِ) هٿ ڊگها ڪندا (۽ چوندا ته) پنهنجا روح (پنهنجي جسم مان) ٻاهر ڪيو. اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جو جيڪي تهمتون توهان خدا تي ڌريندا هئو ۽ سندس آيتن کي تڪبر سببان رد ڪندا هئو، تنهن جي عيوض ۾ توهان کي خوار خراب ڪندڙ عذاب ڏنو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم انهي کان جيڪو الله تي ڪُوڙ مڙهي ٿو يا چيائين مون ڏانهن وحي رباني ڪئي وئي آهي حالانڪ ان ڏانهن وحي نه موڪلي وئي ۽ جنهن ماڻهو چيو جلدي مون ڏانهن نازل ڪيو ويندو مثل انهيءَ جي جيڪو الله نازل ڪيو، ۽ جيڪڏهن توهان اهو وقت ڏسو ها جڏهن اهي ظالم موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (سندن ساهه ڪڍڻ لاءِ) هٿ وڌائيندا، چوندا توهان پنهنجن ساهن کي ڪڍو، اڄ ڏينهن توهان کي خواري واري عذاب سان سزا ڏني ويندي، ڇو ته توهان الله تي ناحق ڳالهيون مڙهيندا هئا ۽ توهان الله تعالى جي آيتن کان تڪبر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جو خدا تي ڪوڙ بدوڙ (زٽ) هڻي چئي ته اسان ڏي وحي آيو آهي، هوڏانهن هن ڏي “وحي” وغيره ڪجھ به نه آيو، يا اهو چوي ته جهڙو قرآن خدا نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به (هاڻي جو هاڻي) جلد نازل ڪري ٿو ڏيان. ۽ (اي رسول!) جيڪر تون ڏسين ته اهي ظالم موت جي سخم پيا آهن ۽ فرشتا هنن ڏي (ساھ ڪڍڻ لاءِ) ڪئين هٿ ڊگهيري رهيا آهن (۽ چوندا وڃن ٿا) ته پنهنجا ساھ ڪڍو. اڄ ئي اوهان کي خواريءَ جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ڇو ته توهين خدا تي اجايو (بيجا) ڪوڙ ٻڌندا هئا. پڻ سندس آيتون (ٻڌي انهن کان آڪڙيا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ يا چيائين ته وحي موڪليو ويو مون ڏانهن حالانڪه نه وحي موڪليو ويو ان ڏانهن ڪجھ به ۽ ان کان (وڌيڪ به ڪير ظالم آهي) جو چيائين ته جلد نازل ڪندس مان مثال ان جو، جو نازل ڪيو الله ۽ جيڪڏهن ڏسين تون جنهن وقت ظالم سڪراتن موت جي ۾ (هوندا آهن) ۽ ملائڪ ڊگهو ڪندڙ (هوندا آهن) هٿن پنهنجن کي ته ڪڍو ساھ پنهنجا اڄ سزا ڏنا ويندؤ عذاب خواري (واري) جي ان سببان جو چوندا هيئو الله تي ناحق ۽ آيتن ان جي کان تڪبر ڪيُوَ ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو. يا چيائين ته مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي هوڏانهن ان ڏي ڪجهه به وحي نه ڪيو ويو آهي ۽ جنهن چيو ته جهڙو (ڪتاب) الله نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به نازل ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ڏسين (ته توکي عجب ٿئي) جنهن وقت (اهي) ظالم موت جي سختين ۾ هوندا ۽ ملائڪ پنهنجن هٿن کي ڊگهو ڪري رهيا هوندا (انهن کي چوندا) ته پنهنجن ساهن کي ٻاهر ڪڍو. اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا ڏني ويندي، هن ڪري جو اوهين الله تي ناحق چوندا هئا ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا هئا (مولانا محمد مدني)


۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌي؟يا چوي ته مون ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي حالانڪه ان ڏانهن ڪا شيءِ به وحي نه ڪئي وئي هجي ۽ جيڪو چوي ته جيئن الله نازل ڪيو تيئن آءٌ به نازل ڪري سگهندس. ۽ جيڪڏهن تون (اهو منظر) ڏسين ته جڏهن ظالم موت جي سختين ۾ هوندا ۽ ملائڪ پنهنجا هٿ ڊگها ڪري (چوندا ته) توهان پنهنجون جانيون جسم مان ڪڍو. اڄ توهان کي خواري واري عذاب جي سزا ڏني ويندي انڪري جو توهان الله تي ناحق ڳالهيون چوندا هيا ۽ توهان ان جي آيتن کان وڏائي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟، جنهن ٻَڌا ڪوڙ ڪريم تي، ۽ ٻوليائـِين ٻِيهار، ته مون ڏي وَحِي ڪيو ويو، ۽ نه آيو وَحِي تِنهن پار، ۽ اُتو، ته اُتاريندس سِگھو، پَنهنجا حڪم هيڪار، جِھڙِي طرح جَبّار، اُتاريو اِي آيتون. جيڪر جَفاڪار، ڏِسين مَرينِ ۾، موت جي، ۽ مَلڪ ڪندڙ موڪرا، پَنهنجا هٿ هيڪار، ڪڍو پساه پَنهنجا؛ اڄ لوڙيندو لاچار، خرابِي، خوارِئَ جو، اَهکو ڪو آزار، جيئن بنائينداهُئا باتيون، هادِئَ تي، حق ڌار، ۽ ڪندا هئاڪُفار!، هَٺ، اُن جي حڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94)

۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پوءِ خدا فرمائيندو ته) ڏسو آخر توهان مون وٽ اڪيلا اچي ويؤ، جهڙيءَ طرح توهان پهريائين اڪيلا پيدا ڪيا ويا هئو، ۽ جيڪي جيڪي (رزق) توهان کي (دنيا ۾) ڏنو هوم اهو سڀ پٺيان ڦٽي ڪري آيا آهيو. (اڄ) اسان توهان وٽ اهي هستيون نٿا ڏسون جن کي توهان شفاعت جو وسيلو سمجهيو هو ۽ جن متعلق اوهان جو خيال هو ته اوهان جي ڪمن ۾ هو خدا جا شريڪ آهن. اوهان جا سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جيڪي جيڪي خيال توهان رکندا هئو سي سڀ اوهان کان پري ڀڄي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تحقيق توهان اسان وٽ اڪيلا ايندا جيئنڪ اسان توهان کي پيدا فرمايو پهرين دفعي ۽ توهان دنيا ۾ ڇڏيندا جيڪي اسان توهان کي ڏنو، ۽ نه ڏينداسين اسان توهان سان گڏ توهان جن بتن کي جن لاءِ توهان جو گمان هو ته بيشڪ اهي بت عبادت ۾ رب تعالى جا شريڪ آهن، بيشڪ تحقيق اڄ (قيامت ۾) توهان جي ۽ توهان جي بتن جي وچ ۾ جدائي ٿي وئي ۽ توهان کان ضايع ٿيا اُهي جن جو توهان گمان ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نيٺ اوهين اسان ڏي اڪيلا آيو (نه؟) جهڙي طرح اسان اوهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪو (مال ۽ اولاد) اسان اوهان کي ڏنو هو. سو سڀ پنهنجي پويان ڇڏي آيو! ۽ اوهان سان گڏ اوهان جي سفارش ڪرڻ وارن کي نٿا ڏسو! جن کي اوهين اسان سان گڏ (پرورش وغيره) ۽ ساٿي سمجهندا هئا. هاڻي ته توهان جا هڪ ٻئي ۾ تعلقات ٽٽي ويا ۽ جيڪي اوهين گمان ڪندا هوءُ سي سڀ اوهان کان گم ٿي ويا.(سيد فرمان علي)


۽ يقينًا اسان وٽ هڪ هڪ ٿي آيئو جيئن پيدا ڪيوسون اوهان کي پهرئين ڀيري ۽ ڇڏيو اوهان جيڪو ڏنوسون اوهان کي پويان پٺين پنهنجي ۽ نه ٿا ڏسون گڏ اوهان سان سفارشي اوهان جا جن کي گمان ڪيو هيُوَ ته پڪ اهي اوهان (جي گمان) ۾ شريڪ آهن البته تحقيق ڇنو (ڳانڍاپو) اوهان ۾ ۽ گم ٿيا اوهان کان اهي جن جو گمان ٿي ڪيُوَ. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اوهين اسان وٽ اڪيلا آيا آهيو جيئن اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي اسان اوهان کي ڏنو هو سو اوهان پنهنجي پٺين پويان ڇڏي آيو ۽ اسين اوهان جا سفارش ڪندڙ اوهان سان نه ٿا ڏسون جن جي اوهين دعويٰ ڪندا هئا ته اهي اوهان (جي پالڻ) ۾ (الله جا) شريڪ آهن. بيشڪ اوهان جو لاڳاپو ڪپجي چڪو آهي ۽ جن جي (شريڪ هئڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئاسي اوهان کان گم ٿي ويا آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اوهان (اڄ محشر۾) اسان وٽ اڪيلا ٿي آيا آهيو جيئن اسان اوهان کي پهرئين ڀيري (اڪيلو) پيدا ڪيو هيو ۽ جيڪي (سامان ِ دنيا) اوهان کي ڏنوسين اهو پنهنجي پٺيءَ پويان ڇڏي آيا آهيو ۽ اسان اوهان سان گڏ اوهان جي سفارشين کي به ڪونه ٿا ڏسون جن بابت اوهان گمان ڪندا هئا ته اُهي اوهان (جي ڪمن ٺاهڻ) ۾ (الله جا) شريڪ آهن. بيشڪ اوهان جا پاڻ ۾ تعلق ٽٽي ويا ۽ اُهي سڀ دعوائون اوهان کان گم ٿي ويون جيڪي توهان ڪندا هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَوس اسان وٽ آئـِيا، هڪ، هڪ ٿِي هيڪار، اُپايوسون اوهان کي، پهرِين جھڙي پار، ۽ عطا ڪياسون اوهان کي، جيڪي خزانا خرار، سي سڀ پُٺيان پانهنجي، ترڪ ڪيان تڪرار، ۽ ڀيڙا نه ڏِسون اوهان سان، اُو وَسِيلا وَهار، جن کي، اوهان جي جوڙ ۾، ڀانتان ڀائيوار، لَـڳ لاڳاپا پاڻ ۾، وَڍجِي وِيان، هِن وار، ۽ وِيا ڪِنهن نِگو سار، جن کي، ڀانيان ڀائيوارٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95)

الله ٻج ۽ ڪڪڙيءَ کي ڦٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اُھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) هي الله ئي (جي ڪارسازي) آهي، جو هو (ٻج جي) داڻي ۽ کارڪ جي ککڙيءَ کي (جا زمين ۾ پوي ٿي) ڦوڙي وجهي ٿو (۽ هڪ خشڪ داڻي يا ککڙيءَ مان جيئرو ۽ ڦل ڏيندڙ وڻ پيدا ٿي پوي ٿو) هو زنده کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهوئي آهي جو مئل کي زنده مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي (پروردگار ۽ حڪيم) خدا آهي پوءِ (افسوس اوهان جي عقل تي) توهان ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى داڻن ۽ کجور جي ککڙي کي ڦُٽائيندڙ آهي، زندهه کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي زندهه مان ڪڍندڙ آهي، اهو آهي توهان جو رب پوءِ ڪهڙي طرح ابتا وڃو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ئي ته ککڙين ۽ داڻن کي ڦٽائي (وڻ ۽ سلا) ڪري ٿو. اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهو ئي مئل جيئري مان ڪڍي ٿو اهو ئي اوهان (ماڻهن) جو خدا آهي پوءِ ڪئين اوهين ابتا وڃو ٿا؟(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله چيريندڙ آهي داڻي ۽ ککڙيءَ جو ڪڍي ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍندڙ آهي مئل کي جيئري مان اهوئي الله آهي.وءِ ڪيڏانهن ٿا ڀلايا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله داڻن ۽ ککڙين کي ڦٽائڻ وارو آهي. جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي الله آهي پوءِ ڪيئن اوهين ابتا وڃو ٿا؟ پرهه کي ڦٽائيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله ٻج ۽ ککڙي کي ڦُٽائڻ وارو آهي. اُهو جيئري کي مُردي مان ڪڍي (پيدا ڪري) ٿو۽ زنده مان مرده کي ڪڍڻ وارو آهي. اُهو توهان جو الله آهي پوءِ توهان ڪيڏانهن ڀٽڪندا رهو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌڻِي ڦوڙِيندڙ داڻي کي، ۽ ککئَ مان، کجور، جِيَرو ڪري مُئي مان، ۽ جيَري مان، مُئو مور، الله، اوهان جو آهي، سو ظاهر ۽ ظُهور، پوءِ ڪهڙي مُنهن مغرور!، ڪوڙن سان، ڪاهيا وڃو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96)

پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اھو اندازو (الله) غالب ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(رات جي پردي کي ڦاڙي چاڪ ڪري) صبح کي ظاهر ڪندڙ (اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ بدلائيندڙ، اهوئي پروردگار آهي) جنهن رات کي (اوهان جي لاءِ) آرام ۽ فرحت جو سامان بنايو، ۽ سج ۽ چنڊ (جي اڀرڻ لهڻ ۽ گردش مان وقت، ڏينهن، مهينا ۽ سالن جو) حساب جو معيار بنجي ويا. (ممڪن ناهي جو هڪ منٽ يا سيڪنڊ جي به گهٽتائي يا وڌائي ٿئي) هي انهيءَ ئي جو ٺهرايل اندازو آهي، جو سڀني تي غالب آهي ۽ سڀ علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اونداهي کي ختم ڪري صبح ڪندڙ آهي، ۽ پيدا ڪيائين رات کي آرام لاءِ ۽ پيدا ڪيائين سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ، اهو اندازو آهي غالب ڄاڻندڙ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي پرھ کي ڦٽائيندڙ ۽ انهيءَ آرام لاءِ رات کي ۽ حساب لاءِ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا. اهي زبردست خدا ۽ دانا جا مقرر ڪيل (اصول) آهن.(سيد فرمان علي)


چيري ڪڍندڙ آهي صبح کي ۽ ڪيائين رات کي سڪون جي لاءِ ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب جو ذريعو اهو اندازو ٺاهڻ آهي غالب ڄاڻندڙ (الله جي طرفان) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ رات کي آرام لاءِ ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ پيدا ڪيو اٿس. اهو زبردست (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. (مولانا محمد مدني)


اهو پِرهه ڦُٽائيندڙ آهي ۽ ان رات کي آرام لاءِ بنايو ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ ڪيائين. اُهو غالب علم واري (الله) جو مقرر اندازو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


صاحب ڦوڙيندڙ صبحن جو، ۽ ڪيائين رات، قرار، ۽ ليکي پورا، لوڪ ۾، سج، چنڊ چَلن چوڌار، اِهو انداز اِظهار، آهي، سٻر، سٻوجھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97)

۽ اُھو (الله) آھي جنھن تارن کي اوھان لاءِ ھن ڪري (پيدا) ڪيو ته پٽن ۽ دريائن جي اونداھين ۾ واٽون لھو، بيشڪ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان جي لاءِ تارا بنايا ته بيابانن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ انهن جي نشانين سان واٽ لهو، بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي علم رکندڙ آهن پنهنجي (ربوبيت ۽ رحمت جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو رب آهي جنهن توهان لاء پيدا ڪيائين تارن کي انهي لاءِ ته معلوم ڪريو توهان واٽ انهن سان اونداهِين ميدان ۽ سمنڊ ۾، بيشڪ اسان بيان ڪريون ٿا نشانيون انهي قوم لاءِ جيڪي علم رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو خدا آهي جنهن توهان جي (فائدي لاءِ ستارا بنايا ته جيئن اوهين جهنگلن ۽ دريائن جي اونداهين ۾ رستو لهو، جيڪي ماڻهو ڄاڻ وارا آهن، تن لاءِ اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون خوب کولي بيان ڪيون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ اهوئي (الله) آهي جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ تارن کي تانته رستا وٺو انهن سان انڌيرن پٽ ۽ سمنڊ جي ۾ تحقيق کولي بيان ڪيوسون آيتن کي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن تارن کي اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته انهن سان خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين ۾ رستو لهو. بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي ڄاڻن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) آهي جنهن اوهان لاءِ تارن کي بنايو هن لاءِ ته انهن جي ذريعي خشڪي ۽ سمنڊن جي اونداهين ۾ واٽ لهو. بيشڪ اسان علم وارن لاءِ کولي کولي آيتون بيان ڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تارا ڪيائين توهان لئي، ته ساڻنِ، سُونهوپار، برن ۽ بحرن جي، مَنجھ اُونداهِي اَنڌڪار، کوليون سون خوب طرح، نِشانِيون ِنروار، جي سَمجھن ڳالھ سَچار، ڪارڻ تِنهين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98)

۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جِيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (وري ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان کي هڪ نفس (جان) مان پيدا ڪيو (۽ وڌايو) پوءِ توهان جي لاءِ قرار (يڪجا بيهڻ) جي جاءِ آهي (يعني ماءِ جو پيٽ) ۽ حوالي ڪرڻ جي جاءِ آهي (يعني مرڻ واري جاءِ) بيشڪ جي ماڻهو سمجهه رکن ٿا تن جي لاءِ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو رب آهي جنهن پيدا فرمايو توهان کي هڪ انسان (آدم) مان پوءِ ڪٿي توهان کي هميشه رهڻو آهي ۽ ڪٿي توهان کي عارضي رهڻو آهي. بيشڪ الله آيتون بيان ڪيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي سمجھه رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو خدا آهي جنهن اوهان ماڻهن کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو پوءِ (هر شخص کي) قرار جي جاءِ (پيءُ جو پٺ) ۽ امانت رکڻ جي جڳھ (ماءُ جو پيٽ) مقرر ڪيل آهي. اسان سمجھ وارن لاءِ (پنهنجي قدرت جون) نشانيون نهايت تفصيل سان بيان ڪيون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ اهو (الله) ئي آهي جو پيدا ڪيائين اوهان کي هڪ وجود مان پوءِ قرار جي جاءِ آهي ۽ امانت جي جاءِ تحقيق تفصيل سان بيان ڪيوسون آيتون ان قوم جي لاءِ جو سمجھن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو. پوءِ (اوهان لاءِ) ٽڪڻ جي جاءِ (به آهي) ۽ (اوهان کي) امانت رکڻ جي جاءِ (به آهي). بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي سمجهن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ (اوهان لاءِ مقرر) رهڻ جو هنڌ ۽ (عارضي) رهڻ جي جاءِ ڪيائين. بيشڪ اسان سمجهڻ وارن لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن جِئ هڪ مان، جوڙيان، جوڙڻ پٺيان جوڙ، ڏيہ ۾ سُکِي ڪي ڏينهڙا، ۽ تڙ اَمانِي توڙ، کوليون سون ڳالهيون کوڙ، جي سمجھن، تنهين ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99)

۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شي جا اوڀڙ ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجيءَ جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن ته سندن ڦر ۽ ان جي پچڻ ڏانھن نھاريو، ڇوته اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي جو آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ۽ پوءِ ان سان هر طرح جا گاهه ٻوٽا پيدا ڪري ٿو. پوءِ انهن ٻوٽن مان سايون سايون ٽاريون نڪري اچن ٿيون ۽ ٽارين مان داڻا ظاهر ٿين ٿا. هڪ داڻي سان ٻيو داڻو مليو پيو آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) انگورن، زيتونن ۽ ڏاڙهن جا باغ پيدا ڪيائين، شڪل ۾ هڪجهڙا به ۽ هڪٻئي کان مختلف ۽ الڳ الڳ به. انهن جي ميون کي ڏسو ته جڏهن وڻ ميوو ڪري ٿو (تڏهن ڪيئن نه ٽارين مان ۽ ٻور مان عجب نمونن سان نڪري ٿو ۽ مقرر انتظار سان درجي بدرجي وڌي ٿو ۽ پچي ٿو) ۽ وري انهن جي پچڻ کي ڏسو (ته ڪيئن شڪل، رنگ، خوشبو ۽ ذائقي ۾ عجيب عجيب قسم جا اختلاف پيدا ٿين ٿا) بيشڪ جيڪي ماڻهو يقين رکندڙ آهن، انهن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (ربوبيت جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهو رب آهي جنهن نازل فرمايو آسمان مان مِينهن کي، پوءِ اسان پيدا ڪيا انهي پاڻيءَ مان سَلا هر شيءِ جا پوءِ اسان انهيءَ مان ساوڪ پيدا ڪئي جنهن مان اسين داڻا (ٻج) پيدا ڪريون ٿا، هڪ ٻئي سان مليل، ۽ (پيدا ڪيا اسان) کجور جي گوشي مان ڇڳا جيڪي زمين کي ويجھا ٿيندڙ آهن (۽ اسان پيدا ڪيا) باغ انگورن جا ۽ زيتونن جا ۽ ڏاڙهن جا، زيتون ۽ ڏاڙهون جا وڻ هڪ جهڙا ۽ ميوا سندن جدا جدا آهن، توهان ڏسو انهن ميون ۾ جڏهن ميوو ڏين ٿا ۽ ميون جي پچڻ کي ڏسو، بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو (قدر ۽ يگانو) آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوپڙ ڪڍيا پوءِ اسان ئي سايون ٽاريون ڪڍيون جنهن مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (سنگ) ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڇپڙين مان لڙڪيل گوشا (پيدا ڪياسين) پڻ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ (شڪل ۽ مزي ۾) جدا جدا آهن. جڏهن اهي ڦٽن ۽ پچن ته سندس ڦر ڏي، چتائي ڏسو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ايماندار انسانن جي لاءِ (خدا جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


.۽ اهو ئي (الله) آهي جو لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ ڪڍياسون ان مان سلا هر شيءِ جا پوءِ ڪڍي سون ان مان سر سبز شيءِ جو ڪڍون ٿا ان مان داڻا هڪ ٻئي تي (سنگن ۾) چڙهندڙ ۽ کجين مان ان جي ڦرهن مان گوشا ويجها ٿيل ۽ باغ انگورن جا ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ ۽ نه ملندڙ جلندڙ ڏسو ان جي ميوي ڏانهن جڏهن ميوو جهلي ۽ ان جي پڇڻ ڏانهن بيشڪ انهن سڀني ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان ٿا آڻين.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اسان ان سان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوڀڙ ڪڍيا. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان ساوڪ ڪڍي سون جنهن (ساوڪ) مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (يعني سنگ) ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي چپڙين مان لڙڪيل گوشا آهن ۽ انگور جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ ڌار ڌار شڪل جا آهن (ان پاڻيءَ سان ڪڍياسون) هر هڪ (اوڀڙ) جي ميوي ڏي جڏهن ميوو ڪري ٿو ۽ ان جي پچڻ ڏي ڏسو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان (مينهن) سان هر قسم جا سلا ڄمايا. پوءِ اسان ان جي ذريعي ساوڪ ڄمائي ان مان هڪ ٻئي مٿان تهه به تهه داڻا ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي ڳڀ مان لڙڪندڙ ڇُڳن جا ڇڳا ۽ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن جا باغ (ڄمايون ٿا. جن جا ميوا) هڪ ٻئي جهڙا به آهن ته (ذائقي ۽ تاثير ۾) جدا آهن. انهن جي ڦَرجڻ ۽ پچڻ ڏانهن نهاريو. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهو جِنهن اُتاريو، اُڀ کان مينگھ ملار، پوءِ اُڀاڙياسون، اُن سان، اوڀڙ رنگ اَپار، پوءِ ساوا، سَلا اُن سان، ڪياسون ٻَهون ٻهار، پوءِ ڪَڍون اُن مان، ڪيترا ڪڻان مَنجھ قطار، پڻ ڇُڳا ڇُهارن جا، منجهان کَجِين ٽار، پڻ ڊاکن، زيتونن، ۽ ڏاڙهن جا، چمن کُليا چوڌار، ڪي هڪ جِھڙا جنس ۾، ڪن جا، جدا جنسار، مُنهن واريو، اُن جي ميون ڏي، مٿِن وَريا، جِھڙي وار، پڻ پَچڻ پار، اُنهن جي؛ اُنهن ۾ اِظهار، جي آڻينِ اعتبار، ثابِتيون، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100)

۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته تنهن هوندي به) هنن ماڻهن خدا سان جنن کي (طاقت ۽ تصرف ۾) شريڪ ٺهرايو آهي، اگرچه (هو مڃن ٿا ته سڄي مخلوقات وانگر) هنن کي به خدا تعاليٰ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هنن ماڻهن علم جي روشني نه هئڻ سببان خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون به ٺهرايون آهن. پاڪائي هجي خدا جي! سندس ذات ته انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي ڳالهيون سندس متعلق بيان ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله جو شريڪ بنايائون جِنن کي حالانڪ الله انهن کي پيدا فرمايو ۽ الله لاءِ بنايائون پُٽن ۽ ڌيين کي بغير علم جي، الله پاڪ ۽ بلند آهي ان کان جيڪي اهي چون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن (ڪم بخت ماڻهن) جنن کي خدا جو شريڪ بنايو. هوڏانهن جنن کي به (ته) خدائي پيدا ڪيو، تنهن هوندي به هنن ماڻهن سواءِ سوچ سمجھ جي خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون گهڙيون اٿن. جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (سندس شان ۾) ٻڌائين ٿا تن کان اهو پاڪ صاف ۽ اعلى آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڪيائون الله جي لاءِ شريڪ جنن کي حالانڪ پيدا ڪيائين انهن کي ۽ ٺاهيائون ان جي لاءِ پٽ ۽ نياڻيون سواءِ علم جي، پاڪائي آهي ان جي لاءِ ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو بيان ڪن ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنن کي الله جو شريڪ ڪيو اٿن هوڏانهن انهن کي ان پيد اڪيو آهي ۽ ان لاءِ بي علميءَ سان پٽ ۽ ڌيئرون بنايون اٿن. اهو پاڪ آهي ۽ جيڪي (ڳالهيون) بيان ڪن ٿا تن کان بلند آهي. آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ (ڪافرن) جِنن کي الله جو شريڪ بنايو حالانڪه انهن کي ان (الله) پيدا ڪيو آهي ۽ انهن الله لاءِ بغير علم (سمجهه) جي پُٽ ۽ ڌيئون ٺاهيون. اُهو پاڪ ۽ مٿاهون آهي ان کان جيڪي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جِنن کي، جبار لئي، جوريون جوڙِي وال، ۽ هوڏانهن، ته پاڻ اُنهن کي، جوڙيو جَلّ جلال، ۽ عِلم ڌاران، ڌِيون، پُٽ بنايونِس بَحال، ۽ چونِ جِھڙِي چال، تنهن کان، پَڪ مٿاهون، پاڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101)

آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، انھيءَ کي اولاد جو احتياج ڪئن ٿيندو؟ ۽ اُن کي زال (جو احتياج) نه آھي، ۽ سڀڪا شي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو (الله) آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي (يعني بنا ڪنهن اڳوڻي مثال جي ۽ بنا ڪنهن به شيء جي موجود هئڻ جي پنهنجي خالص علم۽ قدرت سان زمين ۽ آسمان پيدا ڪيائين) هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هن کي ڪوئي پٽ هجي، جڏهن ته هن کي ڪا زال ئي ڪانهي. هن ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ هو هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، ڪهڙي طرح ان مقدس ذات کي اولاد آهي حالانڪ ناهي انهي کي گھر واري، ۽ الله تعالىٰهر شيءِ کي پيدا فرمايو، ۽ الله هر شيءِ کي هميشه ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، کيس اولاد ڪئين ٿيندو جڏهن ته ان کي زال ئي نه آهي. ۽ هن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. ۽ اهو ئي هر ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


نئين نموني پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو ڪيئن هوندو ان جي لاءِ اولاد حالانڪ ناهي ان جي لاءِ گهر واري ۽ پيدا ڪيائين هر شيءِ ۽ اهو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي اولاد ڪيئن ٿيندو هوڏانهن ان کي ڪا زال نه آهي. ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. اهو آهي الله اوهانجو پاليندڙ ان کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي. (مولانا محمد مدني)


آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي. ڀلا ان جو اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ حالانڪه ان جي ڪا زال (ئي) نه آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ اُهو هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُپائندڙ اُڀ ۽ ڀُون کي، ري مَهندِين ڪِنهن مثال، ڪُونڌر ڪٿِان اُن جو،جِنهن ڌُران، نه ڌارِي زال، ۽ سڀ شئَ کي، صاحب جوڙيو، قُدرت سان ڪَمال؛ ۽ هَرڪِنهن شئَ جو حال، سَمجھندڙ سُبحانهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102)

اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي الله اوهان جو پروردگار آهي، ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، پر هو پاڻ سڀني شين جو پيدا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري فقط، انهيءَ جي بندگي ڪيو ۽ هر شيء سندس حوالي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو الله توهان جو رب آهي، ناهي ڪو معبود مگر الله، هر شيءِ جو خالق آهي پوءِ خاص الله جي عبادت ڪريو ۽ اهو هر شيءِ تي ڪارساز آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(انسانو!) اهوئي الله اوهان جو پالڻهار آهي، جنهن کانسواءِ بيو ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي. اهو هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ته (پوءِ) ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو ئي هرشيءِ جو نگهبان آهي.(سيد فرمان علي)


اهو الله رب اوهان جو آهي ناهي ڪو به عبادت جو لائق سواءِ ان جي پيدا ڪندڙ آهي هر شيءِ جو پوءِ عبادت ڪيو ان جي ۽ اهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سڀ ڪنهن شيءِ کي (پاڻ) پيدا ڪيو اٿس. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي پوءِ اوهين ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي سنڀاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي الله اوهان جو پروردگار آهي. ناهي ڪو ئي معبود سواءِ ان جي. اهو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي. پوءِ ان جي عبادت ڪيو ۽ اُهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو الله اوهان جو، پرور پالڻهار، جنهن ڌاران، ڌڻي ناهِ ڪو، ڪُل شى جو، سو ڪَلتار، پوءِ، سڀ سيوا ڪريو اُن جِي، ۽ اُوسڀ جو سَنڀاليدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103)

(دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن کي نگاهون نظرون نه ٿيون ڏسي يا لهي سگهن، پر هو سڀني نگاهن کي ڏسي رهيو آهي، هو تمام باريڪ شيون به ڏسي سگهي ٿو ۽ ڪامل طرح باخبر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


نه ٿيون لهي سگھن الله کي اکيون (انسان جون دنيا ۾) ۽ الله پروڙي ٿو اکين کي، ۽ الله باريڪ ڏسندڙ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان کي اکيون ڏسي نٿيون سگهن. (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ اهو (اوهان جي) اکين کي چڱي طرح ڏسي ٿو. ۽ اهو وڏو باريڪ بين ۽ خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


نه ٿيون گهيرو ڪري سگهن ان کي اکيون ۽ اهو ٿو گهيري ۾ رکي اکين کي ۽ اهو ئي سنهيون شيون ڏسندڙ خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي اکيون نٿيون ڏسن ۽ اهو اکين کي ڏسي ٿو. ۽ اهوئي لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


نگاهون ان کي پهچي نه ٿيون سگهن ۽ اُهو سڀ نگاهن کي پهچي ٿو ۽ اُهو باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَ کيون پُهچن، نه اُن کي، اُوپُهچي اَ کينِ پار، اُهو عالمِ هر اِسرار، پڻ خبردار خَلق کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104)

بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) توهان جي پروردگار وٽان توهان وٽ علم ۽ دليل جون روشنيون اچي ويون آهن، (جهل اڻ ڄاڻائي جو ڪوبه عذر هاڻي باقي نه رهيو) پوءِ جيڪو ڏسندو ۽ سمجهندو ته (ان جو فائدو) خود انهيءَ لاءِ ئي آهي، ۽ جيڪو (اکين هوندي) انڌو ٿي ويندو ته ان جو وبال انهيءَ جي سر تي پوندو. ۽ (اي پيغمبر تون چئي ڏي ته) مان توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان جون اکيون کوليان).(علامه علي خان ابڙو)


تحقيق توهان وٽ آيون حجتون توهان جي رب جي طرفان، پوءِ جنهن انهن حجتن کي ڏٺو ان پنهنجي لاءِ ڏٺو ۽ جنهن نه ڏٺو پوءِ اُن جو بار اُن تي آهي، ۽ ناهيان آئون توهان تي نگهبان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان وٽ ته سمجهائڻ واريون شيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جيڪو ڏسي (سمجهي ته) پاڻ لاءِ ۽ جيڪو (ڏسي وائسي) انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ ۽ (اي رسول کين چئو ته) مان اوهان تي نگهبان نه آهيان.(سيد فرمان علي)


تحقيق آيا اوهان وٽ اکيون کوليندڙ دليل رب اوهان جي وٽان پوءِ جنهن اکين سان ڏٺو پوءِ پنهنجي سر جي لاءِ ۽ جيڪو انڌو رهيو پوءِ ان جي مٿان آهي ۽ ناهيان مان اوهان تي نگهبان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) نشانيون اچي ويون آهن پوءِ جيڪو ڏسندو ته پاڻ لاءِ ۽ جيڪو انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ. ۽ آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ توهان وٽ توهان جي پالڻهار وٽان (هدايت جون) روشن نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جنهن اکيون کولي ڏٺو ته پوءِ ان جي پنهنجي (نفعي لاءِ) آهي ۽ جيڪو انڌو رهيو ان جو نقصان ان تي آهي. ۽ آءٌ اوهان مٿان نگران نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيان، پنهنجي آگي کان، چِٽايون چوڌار، پوءِ جِنهن اکيون کوليون، ته نفعو سندسِ نِروار، ۽ جو اَنڌو ٿيو اکينِ کان، ته برسَرمٿسِ بار، ۽ واهِي ويروتار، آئون، نه اوهان تي، آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105)

۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان آيتون بيان ڪيون ٿا (انهيءَ لاءِ ته حجت ۽ دليل پورو ٿئي) ۽ هن لاءِ ته توکي هو چئي ڏين ته تو (حق جي بيان ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي سڀ ڪجهه) پڙهي ٻڌايو ۽ پڻ هن لاءِ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ (حق جا دليل) روشن ڪري ورتا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح اسان بيان ڪريون ٿا نشانين کي ۽ ڀلي ته ڪافر چون ته توهان گذريل ڪتاب پڙهيا آهن ۽ ضرور بيان ڪريون ٿا قرآن کي انهي قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙي طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا، هن لاءِ ته (حجت تمام ٿئي) پڻ هن لاءِ ته اهي ماڻهو زباني به اقرار ڪن ته تو قرآن (سندن سامهون پڙهيو ۽ هن لاءِ ته جي ماڻهو ڄاڻندڙ آهن انهن لاءِ (قرآن کي) چڱي طرح کولي بيان ڪريون.(سيد فرمان علي)


۽ اهڙي طرح کولي بيان ڪيون ٿا آيتون ۽ تانته چون ته پڙهي ٻڌايو تو ۽ تانته بيان ڪيون ان کي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته (متان) چون ته تو (ڪنهن وٽ) پڙهيو آهي ۽ هن لاءِ ته ان کي ان قوم لاءِ بيان ڪريون جيڪي ڄاڻن ٿا.(مولانا محمد مدني)


۽ اسان اهڙي طرح نشانيون وري وري بيان ڪيون ٿا ۽ ان لاءِ اُهي (ڪافر) چون ته تون پڙهيو آهين ۽ هن لاءِ ته جيئن ان کي پڌرو ڪيون ان قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِنپر کوليون آيتون، ۽ هِن لئي، ته چونِ هِن چال، ڪِنهن کان پڙهين پاڻ تون؟، ۽ کوليونسِ ٿا خُوشحال، سوچينِ سچِي ڳالھ، ڪارڻ تنهين، قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106)

(اي پيغمبر) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھنجي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تنهنجي پرودگار جي طرف کان جيڪو وحي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن جي پيروي ڪر، ڇو ته کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (تنهن ڪري فقط سندس ئي حڪمن جي تعميل ڪر ۽ سندس حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃ) ۽ مشرڪن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان تابعداري ڪريو انهي قرآن جي جيڪو توهان جي رب جي طرفان آهي. ناهي ڪو معبود مگر الله تعالىٰ، ۽ توهان مشرڪن کان مُنهن موڙيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي تنهنجي پالڻهار طرفان تو ڏي وحي ڪئي وڃي بس! انهيءَ تي هل! خدا کانسواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ ڪر!(سيد فرمان علي)


تابعداري ڪر ان جي جو وحي ڪيو ويو تو ڏانهن رب تنهنجي جي طرفان ناهي ڪو به عبادت جو لائق ان کان سواءِ منهن موڙ مشرڪن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي تنهن جي تون تابعداري ڪر. ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. ۽ (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کان منهن موڙ. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) تابعداري ڪر ان جي جيڪو تو تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي ۽ مشرڪن کان مُنهن موڙ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تابع ٿِي تَنهنجو، جو اَچئـِي اِلهام، پاران پرور تُنهنجي، آگي، ربَّ عَلام، دِگر درگاه، ناھِ ڪا، مگر اُو مدام، ۽ جي ڀيڙا ڪن بَدنام، مُنهن تن کان، موڙ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107)

۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (بيشڪ کيس هيءَ قدرت هئي ۽ آهي ته سڀني انسانن کي اهڙي طرح خلقي ها جو سڀ هڪ ئي راه تي هلڻ وارا هجن ها ۽) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها (پر الله جي مرضي هيءَ هئي ته سڀ ڪو پنهنجي سمجهه هلائي ۽ پنهنجي سمجهه موجب عمل ڪري تنهن ڪري تنهنجو ڪم آهي فقط نصيحت ڏيڻ ۽ راهه ڏيکارڻ تون زور سان کين راهه تي هلائي نٿو سگهين) اسان نڪي توکي هنن تي نگهبان ڪري رکيو آهي. نڪي هنن جي ذميواري تنهنجي حوالي آهي (جو هنن جي نه مڃڻ ۽ عملن نه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهين).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته شرڪ نه ڪن ها، ۽ نه مقرر ڪيو اسان توهان کي انهن جي مٿان نگهبان، ۽ ناهيو توهان انهن جي مٿان ڪارساز(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي ڪين ٿا. ۽ اسان تو کي انهن ماڻهن جو نگهبان ته ڪين ڪيو آهي ۽ نه تون هنن جو ذمه دار ئي آهين.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه شرڪ ڪن ها ۽ نه بنايوسون توکي انهن تي نگهبان ۽ ناهين تون انهن جو ذميوار.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهي (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪن ها. ۽ اسان توکي مٿن نگهبان نه ڪيو آهي. ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ نه آهين.(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته شرڪ نه ڪن ها. ۽ اسان تو کي انهن تي نگهبان نه بنايو آهي ۽ نه ئي تون انهن مٿان ذمه دار آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڌڻِي هوند وڻِي، ته نه ڀانيؤن ڀائيوار، ۽ مُقرر نه ڪيو سون ئي مُورهين، ڪو تن تي تَلهِيدار، ۽ نه هرگز حوالدار، تون ڪو اُنهن جو آهيِـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108)

(اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي مسلمانو) جيڪي ماڻهو خدا کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي ديوتائن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان خدا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان گاريون نه ڏيو انهن جي بتن کي جن جي اهي الله تعالى کان سواءِ عبادت ڪن ٿا پوءِ اهي ٿا بي ادبي ڪن الله جي دشمني ۽ علم نه هئڻ سببان، اهڙيءَ طرح اسان هر اُمت لاءِ سندن عمل سينگاريا آهن، انهيءَ کان پوءِ کين پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ جزا ڏي ٿو انهن کي سندن بداعمالي سببان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا. (۽ ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن سبب) اهڙي طرح (پابند ٿيا جو ڄڻ ته) کيس اسان هر ٽولي کي(سندن) عمل (سينگاري) سنواري سٺا ڪري ڏيکاريا آهن. پوءِ کين (نيٺ ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن جو ڪجھ دنيا ۾ ڪندا هئا کيس ٻڌائيندو.(سيد فرمان علي)


۽ نه گار ڏيو انهن کي (جن کي) پوڄين ٿا الله کان سواءِ پوءِ اهي بي ادبي ڪندا الله جي حد کان لنگهڻ سان علم کان سواءِ اهڙي طرح سينگاريوسون هر امت جي لاءِ عمل انهن جو ان کان پوءِ سندن رب ڏانهن موٽڻ انهن جو آهي، پوءِ خبر ڪندو انهن کي ان جي جيڪو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن کي (ڪافر) الله کانسواءِ سڏين ٿا تن کي گاريون نه ڏيو نه ته اهي بي علميءَ سان بي ادبي ڪري الله کي گاريون ڏيندا. اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن جماعت کي سندن ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. وري سندن پاليندڙ ڏي ئي انهن کي موٽڻو آهي پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن جي اُهو انهن کي خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي مسلمانو) اوهان انهن کي گاريون نه ڏيو جن جي اُهي الله کان سواءِ پوڄا ڪن ٿا پوءِ اُهي دشمني ۽ جهالت جي سبب الله جي (شان ۾) ناشائسته لفظ ڳالهائيندا. اهڙي طرح اسان هر جماعت لاءِ سندن عمل سينگاريو آهي پوءِ سندن پالڻهار ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ اهو کين خبر ڏيندو جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ دانهينِ ڌڻئ ري، جن کي، مَٺومَ چئو تن مور، ري سمجھ، سائينءَ، ساڙ کان، پوءِ ويڻ ڏينِ وَهلور، اِنپر هر اُمت لئي، سندنِ، فِعل فُجور، سِينگارئين سندنِ لئي، ظاهر مَنجھ ضرور، موٽِي سندنِ مالِڪ ڏي، هَلڻو مَنجھ حُضور، پوءِ ڪن، جي ڪم، قُصور، تَنهنجون، کولي ڏيندنِ خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109)

۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي (حق جا منڪر) خد جا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (يا معجزو) کين ڏيکاريو وڃي ته پوءِ هو ضرور ان تي ايمان آڻيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته نشانيون ته فقط الله وٽ آهن (ڪنهن به بندي جي اختيار ۾ ناهن) ۽ (اي مسلمانو) توهان کي (انهن ماڻهن جي حال جي) ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين نشانيون به ڏيکاريون وڃن ته به هو هرگز ايمان ڪين آڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي الله تعالى جا قسم کڻي پنهنجن قسمن کي نهايت پڪو ڪن ٿا (اهي چون ٿا) جيڪڏهن آئي انهن وٽ نشاني ته انهي تي ضرور ايمان آڻيندا. رسولِ عربي توهان فرمايو نشانيون ته فقط الله تعالى وٽ آهن ۽ توهان کي ڪهڙي خبر، بيشڪ اهي نشانيون جڏهن اينديون تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن ماڻهن خدا جا ڏاڍا سخت قسم کنيا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو معجزو اچي ته اهي ضرور ان تي ايمان آڻيندا (اي رسول!) کين چئو ته معجزا ته فقط الله وٽ ئي آهن پر اوهان کي ڪهڙي خبر! اها پڪ آهي ته جيڪڏهن معجزو به ايندو تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته البته جيڪڏهن ايندي انهن کي ڪا نشاني ته البته ضرور ايمان آڻيندا ان تي فرماءِ ته يقين ڪيو ته نشانيون الله وٽ آهن ۽ ڪير ٿو ڄاڻائي اوهان کي ته تحقيق اهي جڏهن اينديون ته نه ايمان آڻيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن پنهنجا (پڪن کان) پڪا قسم الله جا کنيا ته جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني ايندي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندا. چئو ته نشانيون رڳو الله جي اختيار ۾ آهن ۽ اوهان کي (اي مسلمانو !) هن ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي. ته جڏهن اهي (نشانيون) اينديون ته به اهي ايمان نه آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ الله جا وڏا زوردار قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪا نشاني آئي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندا. چؤ ته نشانيون ته صرف الله وٽ آهن ۽ (اي مسلمانو!) توهان کي ڪهڙي خبر ته جڏهن اُها نشاني اچي ويندي (پوءِ به) ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ کَيؤن قَسم ڪريم جا، قسمن جِي، ڪوشش ساڻ، ته مَڃِيندسِ مورهين، جي آينِ ڪو اُهڃاڻ، چئو، اَهنج ته سڀ الله وٽ، ۽ ڪنهن پَرُوڙيان پاڻ؟ ته پُهتان جڏهن پَرياڻ، ته مَڃيندسِ، نه مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110)

۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان هنن جي دلين ۽ اکين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ٿا ڇڏيون (ڇو ته سمجهه نه هلائڻ وارن لاءِ اسان جو اهوئي قانون آهي) جو هنن اول کان ئي (هٺ ۽ دشمنيءَ سبب) قرآن (جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ) کان انڪار ڪيو ۽ اسان هنن کي ڇڏي ٿا ڏيون ته ڀلي پنهنجي سرڪشين ۾ ڀٽڪندا رهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيرايون ٿا (حق سچ کان) ڇو ته انهن نه ايمان آندو (معجزن تي) پهرين دفعي ۽ اسان انهن کي سندن گمراهي ۾ ڇڏيون ٿا جو حيران رهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين سندن دليون ۽ انهن جون اکيون ڦيرائي ڇڏينداسون جيئن انهن ماڻهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ جي حالت ۾عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون ته ڀٽڪندا رهن.(سيد فرمان علي)


۽ ڦيرايون ٿا دليون انهن جون ۽ اکيون انهن جون جيئن نه ايمان آندائون ان تي پهرئين ڀيري ۽ ڇڏيون ٿا انهن کي سرڪشيءَ انهن جي ۾ ڀٽڪندا ٿا وتن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين سندن دلين ۽ سندن اکين کي ڦيرينداسون جيئن انهن قرآن تي پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون.(مولانا محمد مدني)


۽ اسان اهڙي طرح انهن جي دلين ۽ انهن جي نگاهن کي ڦيريون ٿا جهڙي طرح انهن پهرئين ڀيري ان (قرآن) کي نه مڃيو هيو ۽ اسان انهن کي ڇڏيون ٿا ته پنهنجي سرڪشي ۾ ئي ڀٽڪندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُبتايون دِليون اُنهن جون، پڻ نيڻ، سندنِ نور، اَوّل ڀيري اُن کي، نه وِسهيا، جِيئن وَهلور، ۽ ڇَڏيونِ، ته مَرمَجبور، پِيا مُنجھنِ، سندنِ مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111)

۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (يقين ڄاڻو ته) جيڪڏهن اسان هنن (ڪافرن) ڏي فرشتا موڪليون ۽ (قبرن مان) مردا (اٿي) ساڻن ڳالهائين ۽ جيتريون به شيون (دنيا ۾) آهن، اهي سڀ سندن اڳيان کڙيون ڪيون تڏهن به هو اهڙا ناهن جو ايمان آڻين، سواءِ هن جي جو خود خدا جو اهڙو حڪم يا مرضي هجي، پر هنن مان گهڻا جاهل آهن جي (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن تحقيق اسان نازل فرمايون ها انهن ڏانهن ملائڪ ۽ مئل ماڻهو انهن سان ڳالهائن ها ۽ اسين گڏ ڪريون ها انهن جي روبرو هر شيءِ ته به اهي ايمان نه آڻن ها مگر جنهنکي الله چاهي ها ۽ پر اڪثر انهن جا جهالت ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! سچي ڳالھ ته هيءَ آهي جو) اسين جيڪڏهن انهن تي فرشتا به نازل ڪريون ها ۽ سڀ (لڪل) شيون (جيئن جنت دوزخ ۽ ٻيون) ٽولا ٽولا سندن اڳيان بيهاريون تڏهن به اهي ايمان نه آڻين ها پر جڏهن خدا گهري، هنن مان گهڻا نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن تحقيق اسان لاهيون ها انهن ڏانهن ملائڪ ۽ ڳالهائين ها انهن سان مئل ۽ اٿاريون ها انهن جي اڳيان هر شيءِ سامهون ته نه هئا جو ايمان آڻين مگر هي جو گهري الله ۽ پر گهڻا انهن مان جهالت ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اسين انهن ڏي ملائڪ لاهيون ۽ مُئل انهن سان ڳالهائين، ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي انهن جي سامهون گڏ ڪريون ته به اهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن مگر جنهن وقت الله گهري پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اسان انهن ڏانهن ملائڪ به لاهيون ها ۽ انهن سان مُردا به ڪلام ڪن ها ۽ اسان انهن وٽ هر شيءِ انهن جي سامهون اٿاريون ها ته به اُهي ايمان نه آڻن ها سواءِ ان جي جو الله چاهي ۽ پر انهن مان گهڻا جهالت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هوندمَلَڪَ مٿنِ موڪليون، ۽ مُئا ڳالهائـِينِ مور، ۽ سامهون سڀ شيون ڪريون، ته مَڃِيندا نه مذڪور، مگر مالِڪ پاڪ گهُري؛ پر مُرڳوئـِي مَغرور، ڪَن باتيون بي شُعور، جَجھا اُن مان، جَھل جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيٰطينَ الإِنسِ وَالجِنِّ يوحى بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ زُخرُفَ القَولِ غُرورًا وَلَو شاءَ رَبُّكَ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 112)

۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح اسان هرهڪ نبيءَ جي لاءِ (جڏهن هن ماڻهن کي حق جي دعوت ڪئي) انسانن ۽ جنن مان جيڪي شيطان هئا تن کي (انهيءَ نبي جو) دشمن ڪيو. جي شيطان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خالي ڏيکاء جون سهڻيون ڳالهيون سيکاريندا هئا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي ٺڳي گمراه ڪن ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته (ائين ڪري سگهي ها جو) هو دشمني نه ڪن ها (پر الله جي حڪمت جو فيصلو ئي اهو آهي ته هتي دنيا ۾ روشنيءَ سان گڏ اونداهي ۽ حق سان گڏ باطل به هجي) پوءِ (اي پيغمبر هنن جي مخالفت کان دل شڪستو نه ٿيءُ ۽) کين سندن ڪوڙن ٺاهڻ جي مشغولين ۾ ڇڏي ڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح پيدا ڪيا اسان هر هڪ پيغمبر لاءِ دشمن شيطان، انسانن مان ۽ جِنن مان وسوسو وجھن ٿا هڪ ٻئي کي سينگاريل ڳالهه تڪبر ڪرڻ سان، ۽ جيڪڏهن توهان جو رب چاهي ته ايئن نه ڪن ها پوءِ انهن کي ڇڏي ڏيو ۽ جيڪي ڪجھه مڙهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! جيئن اهي ڪافر تنهنجا دشمن آهن) تئين (ڄڻ ته) اسان (پاڻ آزمائڻ لاءِ) شرير ماڻهن ۽ جنن کي هر نبي جو دشمن بنايو آهي ماڻهو هڪ ٻئي کي فريب ڏيڻ جي ارادي سان ڳالهيون ٺاهي جوڙي سس پس ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ته اهي ماڻهو اهڙي حرڪت نه ڪري سگهن (پوءِ) کين ۽ سندن زٽن کي ڇڏي ڏي.(سيد فرمان علي)


۽ اهڙي طرح ڪياسون هر نبي جي لاءِ دشمن شيطان انسانن مان ۽ جنن مان جو اشاري سان ڪن ٿا هڪڙا ٻين ڏانهن سون وانگر چمڪندڙ ڳالهه ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ۽ جيڪڏهن گهري ها رب تنهنجو ته نه ڪن ها اها پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي ۽ جيڪو بهتان هڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان انسانن ۽ جنن مان شيطانن کي سڀ ڪنهن نبي جو دشمن ڪيو جي هڪ ٻئي کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ سينگاريل ڳالهيون سيکارين ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پاليندڙ گهري ها ته اهو ڪم نه ڪن ها، پوءِ انهن کي سندن گهڙيل ڪوڙ سان گڏ ڇڏي ڏي، (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان شيطان انسانن ۽ شيطان جِنن کي هر نبيءَ جو دشمن بنايو جيڪي هڪ ٻئي کي دوکي ڏيڻ لاءِ چمڪيليُن ڳالهين سان وسوسو وجهندا رهيا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار چاهي ها ته ائين ڪو نه ڪن ها. پوءِ انهن کي ۽ جيڪو اهي بهتان ٻڌن ٿا تن کي ڇڏي ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ عَدو ڪياسون اِن طرح، هر پاڪ پيغمبر لاءِ، شيطان جِنن ۽ ماڻهن مان، هِڪ ٻئي کي ڏِينِ لاءِ، سَندو وائـِي واءِ، ٺَلهو ٺاھ ٺڳِي لئي. ۽ تُنهنجي پرور پاڪ گُھريو، ته اِي ڪم ڪيائون ڪِين، پوءِ ڇَڏ اُنهن کي، اَمِين!، پڻ جيڪي ٺڳيون ٺاهِينِ پِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِتَصغىٰ إِلَيهِ أَفـِٔدَةُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَلِيَرضَوهُ وَلِيَقتَرِفوا ما هُم مُقتَرِفونَ (آيت : 113)

۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهي دشمن اهڙيون ڳالهيون هن لاءِ سيکارين ٿا) ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين نٿا رکن تن جون دليون (ٺڳيندڙ ڳالهيون ٻڌي) انهن جي طرف جهڪي پون ۽ انهن جون ڳالهيون پسند ڪن ۽ جهڙا بدعمل اهي (شيطان) پاڻ ڪن ٿا تهڙا هوبه ڪرڻ لڳن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڀلي ته ان طرف جھُڪن انهن ماڻهن جون دليون جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ ڀلي ته پاڻ کي خوش ڪن ۽ ڀلي ته ٺاهن ڪُوڙن کي جيڪي ڪُوڙ ٺاهيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهي سس پس ان ڪري هيون) ته جيئن جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جي دل سندن (شرارت) ڏي مائل ٿي وڃي ۽ انهن (ڳالهين) کي پسند ڪن ته جيئن جي جي ڪوڙ اهي خود ڪن ٿا سي اهي به ڪرڻ لڳن.(سيد فرمان علي)


۽ تانته لاڙو ڪن ان ڏانهن دليون انهن جون جو نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي ۽ تانته پسند ڪن ان کي ۽ تانته ڪمائين اهو جو اهي ڪمائيندڙ آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هن لاءِ (اهي سينگاريل ڳالهيون سيکارين ٿا) ته جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين تن جون دليون اُن (ڳالهه) ڏي مائل ٿين ۽ هن لاءِ ته ان کي پسند ڪن ۽ هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم اهي ڪندڙ آهن سي ڪندا رهن .()(مولانا محمد مدني)


۽ (اها مُهلت) هن لاءِ ته انهن ماڻهن جون دليون جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن ان (دوکي) ڏانهن مائل ٿين ۽ ان تي راضي ٿي وڃن ۽ هن لاءِ به ته اُهي (گناهه) ڪمائيندا رهن جيڪي ڪمائي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَر ته مَن اُنهن جا، ترسن تِنهين پار، جيڪي ٻي جھان تي، نه آڻينِ اِعتبار، ۽ ڀَل ته ڀَلو اُن کي، ڀائينِ، سي بدڪار، ۽ وَٿون ويرو تار، ميڙينِ، جي اهي ميڙڻان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَغَيرَ اللَّهِ أَبتَغى حَكَمًا وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ إِلَيكُمُ الكِتٰبَ مُفَصَّلًا وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعلَمونَ أَنَّهُ مُنَزَّلٌ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 114)

(اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان پڇ ته) ڇا (توهان هي ٿا چاهيو ته) مان (اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾) فيصلو ڪرڻ لاءِ خدا کان سواءِ ٻيو جج ڳوليان؟ حالانڪ اهوئي آهي جنهن اوهان تي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جو کولي کولي (ڳالهيون) ٻڌائڻ وارو آهي، ۽ (ڏسو) جن ماڻهن کي (توهان کان اڳي) اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته قرآن اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائيءَ سان نازل ٿيو آهي. پوءِ انهن ماڻهن مان نه ٿيو جي (خدا جي فيصلي بابت) شڪ آڻيندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ الله تعالى کان سواءِ آئون فيصلي ڪندڙ کي طلب ڪريان ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن نازل فرمايو توهان ڏانهن قران مجيد تفصيل سان ۽ اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو آهي (اُهي) ڄاڻن ٿا ته بيشڪ قرآن مجيد الله جي طرفان حق سان نازل ڪيل آهي پوءِ تون (اي ٻڌندڙ) هرگز شڪ ڪندڙن مان نٿيءُ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا (اوهين اهو چاهيو ٿا ته) آءُ خدا کي ڇڏي ڪنهن ٻي ٽياڪڙ کي ڳوليان هوڏانهن اهو خدا جنهن اوهان ڏي کولي بيان ڪيل ڪتاب نازل ڪيو. ۽ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي اهي خاطري سان سمجهن ٿا. هي (قرآن به) تنهنجي پروردگار جي طرف کان برحق نازل ڪيو ويو آهي ته (متان) تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ الله کان سواءِ طلب ڪيان ٻيو ڪو فيصلو ڪندڙ حالانڪ اهو (الله) ئي آهي جنهن نازل ڪيو اوهان ڏانهن ڪتاب کولي کولي ۽ اهي جو ڏنوسون انهن کي ڪتاب (چڱيءَ طرح) ڄاڻن ٿا ته پڪ اهو نازل ڪيل آهي تنهنجي رب جي طرفان ۽ هرگز نه هج شڪ ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي فيصلو ڪندڙ بنايان هوڏانهن هو اهو آهي جنهن اوهان ڏي ڪتاب، کولي بيان ڪيل لاٿو. ۽ جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي ڄاڻن ٿا ته اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ سان لاٿل آهي. پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان ڪڏهن به نه ٿيءُ (مولانا محمد مدني)


(چؤ ته) ڇا آءٌ الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي فيصلو ڪندڙ تلاش ڪيان؟ حالانڪه اُهو (الله) ئي آهي جنهن توهان ڏانهن کولي بيان ڪيل ڪتاب لاٿو آهي. ۽ جَن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي ڄاڻن ٿا ته اُهو تنهنجي پالڻهار وٽان حق سان لاٿل آهي پوءِ تون هرگز شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آئون، ڇا؟ بِنان الله، ٻئو حاڪم ڳوليان ڳوٺ ۾، ۽ اُن لاٿو ليک اوهان ڏي، کُليو کُلايو واه!، ۽ جن کي اڳ ڪتاب مِليا، سي سَمجھنِ خاطر خواه، ته سَچ پَچ پَنهنجي سائينءَ کان، اِهو اُتاريل آھِ، پوءِ شَڪَينِ مَنجھان شاه!، مُرسل! نه ٿِي مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدقًا وَعَدلًا لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 115)

۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) توهان جي پروردگار جو قول سچائي ۽ عدل سان پورو ٿيندو. سندس قول (يا قانون) کي بدلائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي جي رب جا احڪام سچائي ۽ انصاف سان پورا ٿيا، الله جي حڪمن ۽ وعدن کي ڪو مَٽائيندڙ ڪونهي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سچائي ۽ انصاف ۾ ته تنهنجي پروردگار جي ڳالھ پوري ٿي وئي. ڪو به سندس ڳالهين کي بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پورو ٿيو فرمان رب تنهنجي جو سچائيءَ ۽ انصاف سان ناهي ڪو بدلائيندڙ واسطي فرمانن ان جي ۽ اهو ئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڳالهه سچائي ۽ انصاف ۾ پوري آهي. ان جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ تنهنجي پالڻهار جو قول سچائي ۽ انصاف جي لحاظ سان پورو آهي. ان جي لفظن کي ڪو مَٽائڻ وارو نه آهي ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تُنهنجي پرور پاڪ جو، ڪَلمو برقرار، صفا سچ ۽ اِنصاف تي، تَـمَّتَ ٿِيو تڪرار، هرگز سندسِ حُڪمن ۾، نه ڪندڙ ڦيڙ ڦاڙ، ۽ سُڻندڙ، سَمجھدار، صَحِي، سو سُبحانَہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن تُطِع أَكثَرَ مَن فِى الأَرضِ يُضِلّوكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 116)

۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن جو چوڻ مڃين جي اڄ روءِ زمين تي سڀني کان گهڻا آهن ته اهي توکي خدا جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا (ڇو ته اهي سڀ گمراه ٿيل آهن.) اهي فقط گمان جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ فقط شڪ ۽ گمان ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ۽ خيال ٺاهي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن (اي ٻڌندڙ) تون تابعداري ڪندين ڪافرن جي ته اهي توکي الله جي واٽ کان گمراه ڪندا، (اهي) نٿا تابعداري ڪن مگر گمان جي ۽ ناهن اهي (ڪافر) مگر اندازو ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) دنيا ۾ ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جو جيڪڏهن تون سندن چوڻ تي هلين ته تو کي خدائي راھ کان ٿيڙي ڇڏين. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل سٽڪل ڳالهيون ڪندا رهندا آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندين گهڻن انهن ماڻهن جي جيڪي زمين ۾ آهن ته گمراھ ڪندا توکي الله جي واٽ کان نه ٿا تابعداري ڪن مگر گمان جي ۽ ناهن اهي مگر ٿا اٽڪل ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن زمين وارن (ماڻهن) مان گهڻن جو چيو مڃيندين ته اهي توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندا، اهي رڳو گمان تي هلن ٿا ۽ اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اگر تون زمين وارن مان گهڻن جو چيو مڃيندين ته تو کي الله جي راهه کان هٽائي ڇڏيندا. اُهي رُڳو وهم (۽ گمان) جي پيروي ڪن ٿا ۽ رڳو اٽڪل بازي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڀَلا! ڀُون مان. گھڻن پُٺيان، جي پَوندين پاڻ پنڌ، پوءِ مُنجھائـِنئـِي مُورهين، ڪنان ربَّ جي رَند، هُو نه وٺنِ واٽ ڪا، بِنان گمان، گند، ۽ بِنان فِريب، فَند، ٻِيو نه هُو، ٻولِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 117)

بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ تنهنجو پررودگار ئي هي ڳالهه بهتر ڄاڻندڙ آهي، ته ڪير سندس راهه کان هٽي گمراه ٿي ويو آهي ۽ ڪير آهن جن حق جي واٽ لڌي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو سندس واٽ کان گمراه ٿئي ٿو، ۽ اُهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تون ڇا ڄاڻين!) جي ماڻهو سندس راھ کان ڦريل آهن تن کي (ته) خدا ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اهو هدايت يافته ماڻهن کان وڌيڪ واقف آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ رب تنهنجو اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته ڪير گمراھ ٿو ٿئي ان جي واٽ کان ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿئي ٿو ۽ اهو رستي تي هلندڙن کي به خوب ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ تنهنجو پالڻهارئي ان کي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪو (سنئين) واٽ کان هٽيو ۽ اهو ئي هدايت وارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَچ پَچ سائين تُنهنجو، واقف آهي واه!، اُن کان، ته ڪير اُن جي، ٿِيو گَس ڪنان گمراه؟ ۽ آھِ اِهو آگاه، صَحِي سَواٽن کان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كُنتُم بِـٔايٰتِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 118)

پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (گمراهن جي وهمن ۽ گمانن جي پيروي نه ڪيو ۽ جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو بيشڪ کائو جيڪڏهن توهان خدا جي آيتن تي ايمان رکو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهيءَ جانور مان کائو جنهنجي ڪُهڻ وقت اُن تي الله جو نالو ورتو ويو جيڪڏهن توهان الله جي آيتن کي مڃيندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته پوءِ جيڪڏهن اوهين سندس آيتن تي ايمان رکوٿا ته جنهن ڪٺل تي (ڪهڻ وقت) خدا جو نالو ورتو ويو هجي ان کي ئي کائو.(سيد فرمان علي)


پوءِ کائو ان مان جو ذڪر ڪيو ويو نالو الله جو ان تي جيڪڏهن آهيو ان جي آيتن تي ايمان آڻيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اوهين الله جي حڪمن تي ايمان آڻيندڙ آهيو ته پوءِ جنهن (جانور) تي (ڪُهڻ وقت) الله جو نالو پڙهيو ويو آهي تنهن مان کائو.(مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان ان (ذبيحي ) مان کائو جنهن تي الله جو نالو ورتو ويو آهي جي اوهان ان جي آيتن تي ايمان رکڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، کائو مَنجھانسِ، جِنهن مٿي، ويو ساريو سائين نام، اُنهيءَ جا اَحڪام، جي آهيو، مَڃيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما لَكُم أَلّا تَأكُلوا مِمّا ذُكِرَ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَقَد فَصَّلَ لَكُم ما حَرَّمَ عَلَيكُم إِلّا مَا اضطُرِرتُم إِلَيهِ وَإِنَّ كَثيرًا لَيُضِلّونَ بِأَهوائِهِم بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِالمُعتَدينَ (آيت : 119)

۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان کي ڪهڙي ڳالهه روڪي ٿي ته جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو نه کائو (۽ مشرڪن جي وهمن جي اثر هيٺ اچو)؟ حالانڪ جيڪي اوهان لاءِ حرام ڪيو ويو آهي سو خدا کولي کولي بيان ڪري ڇڏيو آهي، پر مجبوريءَ جي حالت توهان کي ڪجهه (حرام) کائڻ تي مجبور ڪري ته پوءِ توهان تي گناه ڪونهي، ۽ گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن جي علم کان سواءِ فقط پنهنجي نفساني خواهشن کان ماڻهن کي ڀلائين ٿا. (تون اي پيغمبر ڄاڻ ته) تنهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جي (حدن کان ٻاهر لنگهي) زيادتي ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان کي ڇا ٿو ٿئي جو نٿا کائو ان مان جنهن جي ڪُهڻ وقت ان تي الله جو نالو ورتو ويو ۽ تحقيق بيان ڪيا الله توهان لاءِ اهي جانور جيڪي توهان تي حرام ڪيائين مگر جڏهن توهان مجبور ڪيا وڃو، ۽ بيشڪ گھڻا ماڻهو پنهنجن سڌن سان بغير معلومات جي گمراه ٿين ٿا، بيشڪ رسولِ عربي جو رب اُهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي حد کان وڌندڙن کي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جنهن تي خدا جو نالو ورتي ويو هجي تنهن مان نٿا کائو؟ هوڏانهن جيڪي شيون اوهان تي هن حرام ڪيون آهن اهي اوهان سان کولي بيان ڪيل آهن. پر (هاءُ) جڏهن اوهين لاچار هجو ته (حرام به کائي سگهو ٿا) ۽ ڪيترائي (اجايو) پنهنجي نفساني خواهشن سان، سواءِ سمجهڻ جي (ماڻهن کي) ڦيرائي ڇڏين ٿا. ۽ تنهنجو پروردگار ته حق کان ڦري وڃڻ وارن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا کائو ان مان جو ذڪر ڪيو ويو نالو الله جو ان تي حالانڪ تحقيق تفصيل سان بيان ڪيائين اوهان جي لاءِ اهي شيون جو حرام ڪيائين اوهان تي سواءِ ان جي جو مجبور ڪيا وڃو ان ڏانهن ۽ بيشڪ گهڻا البته گمراھ ڪن ٿا سَڌُن پنهنجين سان علم کان سواءِ بيشڪ رب تنهنجو اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي حد کان لنگهندڙن کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو جنهن (جانور) تي الله جو نالو پڙهيو ويو آهي تنهن مان نه ٿا کائو، هوڏانهن جيڪي (شيون) اوهان تي حرام ڪيون اٿس سي اوهان لاءِ کولي بيان ڪيون اٿس پر جنهن (حرام ڪيل شيءِ جي کائڻ) تي مجبور ٿيو (ته ڀلي کائو) ۽ بيشڪ گهڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنهنجين خواهشن سببان (ٻين کي) گمراهه ڪندا رهن ٿا. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي حد کان لنگهندڙن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو ان (شيءِ) مان نه ٿا کائو! جنهن تي الله جو نالو ورتو ويو آهي. حالانڪه ان توهان لاءِ انهن شين کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي جيڪي اوهان تي حرام ڪيائين سواءِ ان جي جو توهان (سر بچائڻ لاءِ) ان ڏانهن مجبور ٿي پئو. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو بنا علم جي پنهنجي خواهشن سان (ٻين کي) گمراهه ڪن ٿا. بيشڪ تنهنجو پالڻهار حدون ٽپي وڃڻ وارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇو، نه کائو تِنهن مان، جنهن تي، وِيو ساريو سائين نام؟ ۽ کولِيين اوهان تي خُوب طرح، جِنهن کان، منع ڪيائين مُدام، مگر اوهين مَجبور ٿيا، طرف جِنهن تمام، سُڌري، سندنِ سَڌن سان، کارينِ گھڻا خام، اُ کتلنِ کان عام، آگاه، آگو تُنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَذَروا ظٰهِرَ الإِثمِ وَباطِنَهُ إِنَّ الَّذينَ يَكسِبونَ الإِثمَ سَيُجزَونَ بِما كانوا يَقتَرِفونَ (آيت : 120)

۽ ظاھري گناہ ۽ باطني گناہ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناہ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) ظاهري گناه هجي توڙي لڪل گناه هجي، هر حال ۾ گناه جون ڳالهيون ۽ عمل ترڪ ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو گناه ڪمائين ٿا سي (ماڻهن کان کڻي ڪيترو به لڪائين پر) جيڪي به ڪن ٿا تنهن جو بدلو ضرور کين ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان (اي مؤمنو) ظاهري ۽ باطني گناه ڇڏي ڏيو، بيشڪ جيڪي ماڻهو گناه ڪن ٿا اهي جلدي جزا ڏنا ويندا سندن بداعمالي سببان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي انسانو!) ظاهري ۽ ڳجهن گناهن (ٻنهين) کي بلڪل ڇڏي ڏيو جيڪي ماڻهو گناھ ڪن ٿا تن کي سندن ڪرتوتن جو جلد بدلو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ ڇڏي ڏيو ظاهري گناھ کي ۽ لڪل ان جي کي بيشڪ اهي شخص جو ڪمائن ٿا گناھ جلدي سزا ڏنا ويندا ان جي جو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ظاهر گناهه ۽ لڪل گناهه (سڀ) ڇڏي ڏيو. بيشڪ جيڪي (ماڻهو) گناهه ڪمائين ٿا سي جيڪي گناهه پيا ڪن، تن جو بدلو کين ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڇڏي ڏيو پڌرا ۽ ڳجها گناهه. بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي گناهه ڪمائن ٿا جلد انهن کي سزا ڏني ويندي ان سبب جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پَڌرا، ڳُجھا پاپ ڇَڏيو، جي ڪن بَديون بي شعور، بَدلو ڏِبن ڀَرپُور، تِنهن مُوجب، جو ميڙِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَأكُلوا مِمّا لَم يُذكَرِ اسمُ اللَّهِ عَلَيهِ وَإِنَّهُ لَفِسقٌ وَإِنَّ الشَّيٰطينَ لَيوحونَ إِلىٰ أَولِيائِهِم لِيُجٰدِلوكُم وَإِن أَطَعتُموهُم إِنَّكُم لَمُشرِكونَ (آيت : 121)

۽ جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد نه ڪجي تنھن مان نه کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناہ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن ته اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ ته اوھين (به) ضرور مشرڪ ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن جانور تي خدا جو نالو نه ورتو ويو آهي، تنهن جو گوشت نه کائو. ان مان کائڻ بيشڪ نافرماني آهي. ۽ (ڏسو) شيطان ته پنهنجي ساٿين جي دلين ۾ وسوسا وجهندا رهن ٿا، انهيءَ لاءِ ته توهان سان ڪج بحثي ڪن (يعني ڏنگا ڦڏا دليل ڏين) جيڪڏهن توهان انهن جو چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهو ته توهان شرڪ ڪرڻ وارن سان ٿي پيؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان نه کائو (اُن جانور کي) جنهنجي ڪُهڻ وقت غيرالله جو نالو ورتو ويو ۽ بيشڪ اهو گناه آهي، ۽ بيشڪ شيطان پنهنجن ساٿين کي وسوسا وجھن ٿا، انهي لاءِ ته توهان سان اختلاف ڪن، ۽ جيڪڏهن توهان (اي ٻڌندڙ) انهن جي تابعداري ڪئي (بالفرض) ته بيشڪ توهان مشرڪ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن (ڪٺل جانور) تي خدا جو نالو نه ورتو ويو هجي ان مان نه کائو (ڇو ته) بيشڪ شيطان پنهنجن دوستن جي دلين ۾ (هن لاءِ) غلط خيال وجهن ٿا ته اهي اوهان سان جهڳڙو ڪن ۽ جيڪڏهن توهين سندن چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته) اوهين به بيشڪ مشرڪ آهيو.(سيد فرمان علي)


۽ نه کائو ان مان جو نه ورتو ويو نالو الله جو ان تي ۽ تحقيق اهو البته بي فرماني آهي ۽ بيشڪ شيطان البته خيال وجهن ٿا دوستن پنهنجن ۾ تانته جهيڙو ڪن اوهان سان ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪئي اوهان انهن جي ته بيشڪ اوهان البته مشرڪ آهيو. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن (جانور) تي الله جو نالو نه پڙهيو ويو آهي تنهن مان نه کائو. ۽ بيشڪ اهو (کائڻ) نافرماني آهي. ۽ بيشڪ شيطان پنهنجن دوستن جي دلين ۾ هن لاءِ (غلط خيال) وجهن ٿا ته اهي اوهان سان جهڳڙو ڪن. ۽ جيڪڏهن اوهين انهن جو چيو مڃيندو ته اوهين (کين الله سان) شريڪ ڪندڙ ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان ان (ذبيحي) مان نه کائو جنهن تي (ذبح مهل) الله جو نالو نه ورتو ويو آهي ۽ بيشڪ اهو گناهه آهي. ۽ بلاشڪ شيطانَ پنهنجي دوستن کي وسوسو وجهن ٿا ته توهان سان جهڳڙو ڪن ۽ اگر اوهان انهن جو چيو مڃيو ته بيشڪ توهان مشرڪ ٿي پوندئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نه کائو تنهن مان، جنهن تي، نه ساريو سائينءَ نام، ۽ تحقيق اِي طعام، بلڪل آهي، بُڇڙو. شيطان سندنِ ساٿِيـين، وجھن وَهم وَڏا، ته اَجايو اوهان سين، جَڳهڙو ڪن جَڏا، ۽ سَندن فَند ڦَڏا، مَڃيان، ته مُشرڪ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَمَن كانَ مَيتًا فَأَحيَينٰهُ وَجَعَلنا لَهُ نورًا يَمشى بِهِ فِى النّاسِ كَمَن مَثَلُهُ فِى الظُّلُمٰتِ لَيسَ بِخارِجٍ مِنها كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلكٰفِرينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 122)

جيڪو مئل ھو تنھن کي جياريوسون ۽ اُن لاءِ سوجھرو ڪيوسون جنھن سان ماڻھن ۾ گھُمي ٿو اُھو اُن جي مثال جھڙو آھي ڇا جيڪو اونداھين ۾ آھي منجھانئس نڪرڻ وارو نه آھي، اھڙي طرح ڪافر جيڪي ڪندا آھن سو انھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا اهو ماڻهو جو مئل هو ۽ اسان هن کي جيئرو ڪيو ۽ اسان هن جي لاءِ نور ٺهرايو جنهن جي روشنيءَ سان ماڻهن ۾ (بي ڊپائيءَ سان) گهمي ڦري، سو انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو اونداهين ۾ غلطان آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي واهه ئي ڪانهيس؟ (هرگز هڪ جهڙو ٿي نٿو سگهي. سو ڏسو ته جهڙيءَ طرح هڪ شخص اونداهين ۾ غلطان هوندي پنهنجي حالت تي راضي رهي ٿو) تهڙيءَ طرح ڪافرن جي نظر ۾ اهي ئي ڳالهيون سهڻيون ۽ چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هو ڪندا رهن ٿا (دلين تي مهر ۽ ڪنن تي پردو ائين ٿو چڙهي).(علامه علي خان ابڙو)


ڇا جيڪو ماڻهو ڪفر تي هو پوءِ اسان ان کي هدايت ڏني ۽ اسان ان لاءِ روشني پيدا ڪئي جنهن سان اهو ٻين ماڻهن ۾ هلي ٿو (ڇا) اهو ان ماڻهو جهڙو آهي جيڪو اونداهين ۾ آهي ۽ انهي کان نڪري به نٿو سگھي، اهڙي طرح ڪافرن لاءِ سندن بداعمالي سينگاري وئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا جو شخص اڳ ۾ مئل هو پوءِ اسان کيس جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ گهمي ڦري ٿو، ان شخص جهڙو ٿي سگهي ٿو! جنهن جي اها حالت هجي (جيڪو چوڌاري) اونداهين ۾ ڦاٿل هجي جو ان مان ڪنهن طرح نڪري نٿو سگهي (جيئن مومنن لاءِ ايمان سينگاريل آهي) تئين ڪافرن جي لاءِ سندن (ڪڌا) ڪرتوت سينگاريا ويا آهن. (جيڪي کين ڏاڍا سٺا نظر اچن ٿا).(سيد فرمان علي)


ڇا جيڪو (پهريان) مئل هو پوءِ جيئرو ڪيوسون ان کي ۽ ڪيوسون ان جي لاءِ نور هلي ٿو ان سان ماڻهن ۾ ان جي مثال جهڙو آهي جيڪو اونداهين ۾ آهي ناهي نڪرندڙ انهن مان ائين ئي سينگاريا ويا ڪافرن جي لاءِ اهي عمل جو ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو سو ان جهڙو آهي ڇا جنهن جو حال هي آهي جو هو اونداهين ۾ (پيو) آهي، انهن مان نڪرڻ وارو نه آهي. اهڙيءَ طرح ڪافر جيڪي ڪم پيا ڪن سي کين چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. (مولانا محمد مدني)


ڇا جيڪو مرده هيو پوءِ اسان ان کي جياريو اسان ان لاءِ روشني ڪئي جنهن سان ماڻهن ۾ هلي ٿو ان ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو (گمراهي جي) اونداهين ۾ آهي ان مان نڪرڻ وارو ناهي. اهڙي طرح ڪافرن لاءِ سينگاريا ويا آهن جيڪي اهي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا؟جو مئل هو مُورهين، پوءِ جِياريوسُونسِ ضرور، ۽ ڪيو سون سندسِ، لئي سوجھرو، جنهن سان هلي، ماڻهن ۾ مور، آهِ اُن جِيئن، جو اُونداهين ۾ وَرتل هجي وَهلور، نَڪِي ناهي نِڪرڻو، مَنجھان جن مَجبور؟ اِنپر انڪارين لئي، جي ڪندا هئا ڪَلور، ظاهر مَنجھ ضرور، سِينگارياسون، سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ جَعَلنا فى كُلِّ قَريَةٍ أَكٰبِرَ مُجرِميها لِيَمكُروا فيها وَما يَمكُرونَ إِلّا بِأَنفُسِهِم وَما يَشعُرونَ (آيت : 123)

۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون ته اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نه ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو جهڙيءَ طرح مڪي جا سردار حق جي دعوت جي مخالفت ڪن ٿا) تهڙيءَ طرح هرهڪ ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جي بدڪار ماڻهن جا سردار بنايا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته اتي اهي مڪر ۽ فريب جو ڄار پکيڙين. (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق سوسائٽي يعني گڏجي رهندڙ ماڻهن جي حالت ئي ائين آهي) ۽ حقيقت ۾ اهي سردار پاڻ سان ئي مڪر ۽ فريب ٿا ڪن پر کين اها خبر ڪانه ٿي پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙي طرح پيدا ڪيا اسان هر ڳوٺ ۾ وڏا ماڻهو جيڪي گناه ڪندڙ آهن. انهيءَ ڳوٺ ۾ انهي لاءِ ته اهي ڳوٺ ۾ (ڀلي) فريب ڪن، ۽ نٿا فريب ڪن مگر پنهنجن نفسن سان ۽ اهي نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (جيئن مڪي ۾ آهي، تئين اسان هر ڳوٺ ۾ اتي جي ڏوهاري کي اتي جا سردار ڪيا، هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون) رڳو اهي پنهنجي حق ۾ ڪن ٿا پر نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي)


۽ ائين ئي ڪيوسون هر ڳوٺ ۾ وڏن ماڻهن کي مجرم انهن جا تانته ڌوڪو ڏين ان ۾ ۽ نه ٿا ڌوڪو ڏين مگر سرن پنهنجن کي ۽ نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (اتي جي) سردارن کي اتي جا ڏوهاري ڪيو هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون ڪن ۽ حقيقت ۾ بڇڙيون تدبيرون رڳو پاڻ سان ڪن ٿا ۽ نه ٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان هر ڳوٺ ۾ اتان جي ڏوهارين کي وڏيرو بنايوسين تان جو ان (ڳوٺ) ۾ مڪاريون ڪن. ۽ (حقيقت ۾) پنهنجي جانين کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان مڪاري نه ٿا ڪن ۽ اُهي (پنهنجي انجام جو) شعور نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪياسون وَڏا، هر واهڻ ۾، پاپِي سندن اِن پر، منجھسِ ڪن مڪر ۽ ٺڳيون، ۽ نه مَڪر ڪن مگر، مڪر سندنِ سِر، پر نه پَروڙِينِ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا جاءَتهُم ءايَةٌ قالوا لَن نُؤمِنَ حَتّىٰ نُؤتىٰ مِثلَ ما أوتِىَ رُسُلُ اللَّهِ اللَّهُ أَعلَمُ حَيثُ يَجعَلُ رِسالَتَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ أَجرَموا صَغارٌ عِندَ اللَّهِ وَعَذابٌ شَديدٌ بِما كانوا يَمكُرونَ (آيت : 124)

۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (ته) چوندا آھن ته جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نه) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نه مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبري کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوہ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن وٽ (سچائي جي) ڪا نشاني اچي ٿي تڏهن چون ٿا ته اسان هرگز تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين اسان کي اهڙي ئي ڳالهه (معجزو) نه ملي جهڙي الله جي رسولن کي ملي هئي. (حالانڪ) الله ئي بهتر ڄاڻندڙ آهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجا پيغمبر موڪلي ۽ ڪهڙيءَ طرح اهي رسالت جا فرض ادا ڪن. جي ماڻهو (حقيقت کان منهن موڙڻ جو) گناه ڪن ٿا تن کي جلد خدا جي حضور ۾ خواري ۽ ڌڪار نصيب ٿيندي ۽ جيڪي مڪاريون هو ڪندا رهيا آهن تن جي عيوض ۾ کين سخت عذاب ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت انهن وٽ ڪا نشاني اچي ٿا، چون ٿا اسين هرگز ايمان نه آڻينداسين ايستائين جو اسان کي اها شيءِ نه ملي جيڪا الله جي رسولن کي ڏني وئي آهي، الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهيءَ کي جيڪو نبوت جي صلاحيت رکي ٿو، جلدي پهچندي ذلت مجرمن کي الله جي طرفان ۽ سخت عذاب انهيءَ سببان جو فريب ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن وٽ ڪا نشاني (نبي جي شاهدي لاءِ) اچي ٿي ته چون ٿا ته اسين تيستائين ڪڏهين به نه مڃينداسون جيستائين خدا جي رسولن کي جيڪي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو اسان کي نه ڏنو وڃي ۽ خدا جتي (جنهن دل ۾) پنهنجي پيغمبري قرار ڏئي ٿو (تنهنجي قابليت ۽ صلاحيت) کي چڱو ڄاڻي ٿو. جيڪي ماڻهو (ان ڏوھ جا) ڏوهاري آهن انهن کي جلد ئي سندن مڪاري جي سزا ۾ خدا وٽان وڏي خواري ۽ سخت عذاب ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن آئي انهن وٽ ڪا نشاني (معجزو) ته چيائون هرگز نه ايمان آڻينداسون تانجو ڏنا وڃون ان جهڙو جو ڏنا ويا الله جا رسول، الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اُها جاءِ جو رکي ٿو (اتي) رسالت پنهنجي جلدي پهچندي انهن کي جو گناھ ڪيائون ذلت الله وٽ ۽ عذاب سخت ان جي ڪري ڌوڪو ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن وٽن ڪا نشاني اچي ٿي ۽ چون ٿا ته اسين تيستائين ڪڏهن به نه مڃينداسون جيستائين الله جي رسولن کي جيڪي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو اسان کي نه ڏنو وڃي. جتي الله پنهنجو پيغام لاهي ٿو (يعني جنهن کي رسول بنائي ٿو) تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. جن ڏوهه ڪيو آهي، تن کي جيڪي بڇڙيون تدبيرون پيا ڪن تن جي ڪري الله وٽ خواري ۽ سخت عذاب پهچندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن وٽ ڪا نشاني اچي ٿي ته چون ٿا: ”اسان تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين خود اسان کي به اهڙي (نشاني) ڏني وڃي جهڙي الله جي رسولن کي ڏني وئي آهي“. الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته پنهنجي پيغمبري ڪٿي رکي. جن ڏوهه ڪيا جلد انهن کي الله وٽ ذلت ملندي ۽ سخت عذاب (به ملندو)، ان ڪري جو اُهي مڪاري ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آينِ جڏهن اهُڃاڻ ڪو، چي نه آڻيو اِعتبار، تان مِلِنئون، جيئن مُرسلن، ڏاج ڏنِا ڏاتار؛ سَمجھندڙ سَتار، جتي، رَکي رسالت پَنهنجي. جلدِي جن جُرم ڪيا، مَنجھ هادِيء جي حُضور، رَسندِي رُسوائـِي تن کي، سَزا سِٽاڻِي سُور، ۽ بَدلو تِنهن ڀَرپُور، چَلن، جي چالاڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن يُرِدِ اللَّهُ أَن يَهدِيَهُ يَشرَح صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ وَمَن يُرِد أَن يُضِلَّهُ يَجعَل صَدرَهُ ضَيِّقًا حَرَجًا كَأَنَّما يَصَّعَّدُ فِى السَّماءِ كَذٰلِكَ يَجعَلُ اللَّهُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 125)

پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي ته ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نه مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جنهن جي لاءِ خدا چاهي ٿو ته کيس (سعادت ۽ ڪامراني جي) راه تي لڳائي تنهن جو سينو اسلام جي لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن لاءِ (سچائيءَ جي) واٽ گم ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن جي سيني کي اهڙيءَ طرح تنگ ۽ بند ڪري ٿو ڇڏي جو ڄڻ ته اڀ ڪپري مٿاهينءَ ڏي چڙهي رهيو آهي (۽ دم گهٽجي رهيو اٿس) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي عذاب ڪري ٿو جي (خد جي سچائيءَ تي) ايمان نٿا رکن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جنهن ماڻهو کي الله هدايت ڏيڻ چاهي ٿو انهيءَ جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو فرمائي ٿو، ۽ جنهن ماڻهو کي گمراه ڪرڻ چاهي ٿو انهيءَ جي سيني کي تنگ ۽ گھُٽيل ڪري ٿو گوياڪ اهو زبردستي آسمان تي چڙهي رهيو آهي، اهڙي طرح الله تعالى عذاب مقرر فرمائي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي ايمان نٿا آڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جنهن شخص کي خدا سڌو رستو ڏيکارڻ چاهي ٿو تنهن جي سيني کي اسلام جي (دولت) جي لاءِ (صاف ۽) ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي گمراهيءَ جي حالت ۾ ڇڏڻ چاهي ٿو ته ان جي سيني کي ٽيڙهو ڪري ڇڏي ٿو. (پوءِ ڄڻ ته اسلام قبول ڪرڻ) هن لاءِ آسمانن تي چڙهڻ آهي. جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين خدا مٿن بڇڙائي کي مسلط ڪري ڇڏي ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ اهو شخص جو ارادو ٿو ڪري الله هي ته هدايت ڪري ان کي ته کولي ٿو سينو ان جو اسلام جي لاءِ ۽ اهو شخص جو ارادو ٿو ڪري هي ته گمراھ ڪري ان کي ته ڪري ٿو سيني ان جي کي تنگ گهڻو تنگ گويا ٿو زوريءَ چڙهي آسمان ۾ ائين ئي ڪري ٿو الله پليدي انهن تي جو نه ٿا ايمان آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جنهن کي الله رستو ڏيکارڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪري ٿو. ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي بلڪل تنگ ڪري ٿو، ڄڻ ته هو آسمان تي چڙهڻ جو (مشڪل) ڪم پيو ڪري. اهڙيءَ طرح الله انهن (ماڻهن) تي پليتي وجهي ٿو جيڪي ايمان نه ٿا آڻين. (مولانا محمد مدني)


پوءِ الله جنهن کي هدايت عطا ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته ان جي سيني کي اسلام لاءِ کولي ڇڏيندو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته ان جي سيني کي سخت سوڙهو گهُٽيل ڪندو آهي، ڄڻڪ اهو مشڪل سان آسمان تي چڙهي رهيو آهي. اهڙي طرح الله انهن ماڻهن تي ذلت وجهي ٿو جيڪي ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَنئـِين سُهائڻ جو، جنهن کي، ڪري الله اِرادو، ته ڪري ڪشُادو، اُن جو مَنِ اِسلام لئي. ۽ جنهن لئي، اِرادو اُهو ڪري، ته ڀُلائيسِ ڀاڻُو، ته سوڙهو ڪريسِ، سيني کي، کُٽل ۽ کاڻو، ڪَرنِڌر نِماڻو، اُسري آسمان ڏي. مَرض مُقرّر تن تي، اِنپر ڪري ڪَلتار، جن نه آڻينِ اعتبار، ۽ هِي تُنهنجي، رب جِي، راه سَنئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهٰذا صِرٰطُ رَبِّكَ مُستَقيمًا قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 126)

۽ تنھنجي پالڻھار جي اِھا سِڌي واٽ آھي، بيشڪ اسان نشانيون انھيءَ قوم لاءِ کولي بيان ڪيون آھن جي نصيحت مڃيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي (اسلام جي راهه) توهان جي پروردگار جي (ڏيکاريل) سڌي راهه آهي. بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي نصيحت تي ڌيان ڏيڻ وارا آهن (حق جي راهه جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هيءُ رستو، رسولِ عربيءَ جي رب جو سڌو آهي، تحقيق اسان پنهنجي آيتن کي کولي کولي بيان ڪيو آهي انهي قوم لاءِ جيڪي نصيحت قبول ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) هي (اسلام) تنهنجي پرودگار جو (بنايل) سڌو رستو آهي. سبق حاصل ڪرڻ وارن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ هيءَ واٽ رب تنهنجي جي آهي سڌي تحقيق کولي بيان ڪيون آهن اسان آيتون ان قوم جي لاءِ جو نصيحت قبول ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هيءَ (اسلام) آهي تنهنجي پاليندڙ جو رستو سڌو آيل. بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي ڌيان ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ هي تنهنجي رب جو سڌو رستو آهي. بيشڪ اسان نصيحت پرائڻ وارن لاءِ پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کوليون ويون خوب طرح، نِشانيون نِروار، نِصحيت نِبار، قبولينِ، تِنهن قوم لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُم دارُ السَّلٰمِ عِندَ رَبِّهِم وَهُوَ وَلِيُّهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 127)

اُنھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھي ۽ اُھو سندن سنڀاليندڙ آھي (ھيءُ سڀ) انھيءَ ڪري (آھي) جو (چڱا) ڪم ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن ئي ماڻهن جي لاءِ (جن خدا جي ڏيکاريل سڌي واٽ تي قدم کنيو) سندن پروردگار وٽ سلامتي ۽ عافيت جو گهر آهي، ۽ جيڪي (نيڪ) عمل هو ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا تن سببان هو (الله تعاليٰ) هنن جو مددگار ۽ رفيق آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن لاءِ بهشت آهي سندن رب وٽ ۽ رب تعالى سندن دوست آهي انهيءَ سببان جو اھي نيڪوڪار هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ امن ۽ آرام جو گهر (بهشت) آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪم انهن ڪيا تن جي بدلي خدا سندن سرپرست ٿيندو.(سيد فرمان علي)


انهن جي لاءِ گهر سلامتيءَ وارو آهي انهن جي رب وٽ ۽ اهو دوست انهن جو آهي سببان انهن (چڱن ڪمن) جي جو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سلامتيءَ جو گهر آهي (يعني بهشت) ۽ اهو سندن مددگار آهي انهن (چڱن) ڪمن جي ڪري جيڪي هو پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سلامتي جو گهر آهي ۽ اهو سندن دوست آهي ان ڪري جو (نيڪ) عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن لئي، سندنِ سائينءَ وٽ، سندو سلامِتي گَھر، ۽ الله ٻيلي اُنهن جو، سدا سربسر، بَدلو اِي بِهتر، جو آهن، ڪندا اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا يٰمَعشَرَ الجِنِّ قَدِ استَكثَرتُم مِنَ الإِنسِ وَقالَ أَولِياؤُهُم مِنَ الإِنسِ رَبَّنَا استَمتَعَ بَعضُنا بِبَعضٍ وَبَلَغنا أَجَلَنَا الَّذى أَجَّلتَ لَنا قالَ النّارُ مَثوىٰكُم خٰلِدينَ فيها إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 128)

۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) جنهن ڏينهن خدا هنن سڀني کي (پاڻ وٽ) گڏ ڪندو (تڏهن فرمائيندو ته) اي جنن (يعني شيطانن) جي ٽولي توهان ته انسان مان وڏو تعداد (پنهنجي وسوسن وجهڻ سان پاڻ سان شامل ڪري ورتو، ۽ انسانن مان جيڪي ماڻهو سندن ساٿي ٿيا ۽ شامل ٿي رهيا سي (انهيءَ ڏينهن حقيقت ڏسي مجبور ٿي) چوندا ته اي پروردگار (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي کان (گمراهي ۽ شرارت جي ڪمن ۾) فائدو وٺندا رهياسين. (يعني گمراهه انسانن شيطانن جو هٿ ورتو ۽ شيطانن انسانن جو هٿ ورتو) ۽ (آخر) ميعاد (اجل) جي انهيءَ منزل تائين پهچي وياسين جا تو اسان جي لاءِ مقرر ڪئي هئي (هاڻي فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي) خدا تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو ٽڪاڻو دوزخ جي باهه آهي، انهيءَ ۾ هميشه رهندؤ، سواءِ ان جي جيڪي الله تعاليٰ چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت ۾ الله انهن سڀني کي گڏ ڪندو، (الله فرمائيندو) اي جِنن جي جماعت تحقيق توهان گھڻن انسانن کي گھيري ۾ آندو، ۽ چوندا سنگتي جنن جا، انسانن مان، اي اسان جا رب اسان هڪ ٻئي کان فائدو ورتو (گناهن ۾) ۽ اسان کي پهتو مقرر وقت (موت جو) جيڪو تو اسان لاءِ مقرر فرمايو، الله فرمائيندو دوزخ توهان جي رهڻ جي جاءِ آهي هميشه انهي ۾ رهندا مگر جيڪو الله چاهي، بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! کين اهو ڏينهن ياد ڏيار) جنهن ڏينهن خدا سڀني کي گڏ ڪندو (۽ شيطانن کي فرمائيندو) اي جنات جي جماعت! توهان ته ڪيترن ئي آدمين کي ٿيڙهي برغلائي پنهنجو وڏو ٽولو بنايو ۽ ماڻهن مان جي شخص (انهن شيطانن جا دنيا ۾) دوست هئا چوندا اي اسان جا پالڻهار! (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي مان فائدو حاصل ڪيو ۽ پنهنجن ڪرتوتن جي سزا لاءِ) جو وقت تو اسان جي لاءِ مقرر ڪيو هو هاڻي اسان هن وقت (قيامت ۾) پهتاسين، خدا (سندن جواب ۾) فرمائيندو. توهان سڀني جي جاءِ جهنم آهي ۽ ان ۾ هميشه رهندو! پر جنهن کي خدا گهري (ته نجات ڏئي) بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت وارو واقفڪار آهي. (سيد فرمان علي)


۽ ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن مڙني کي اي جماعت جنن جي تحقيق گهڻا (تابعدار) بنايا اوهان انسانن مان ۽ چوندا دوست انهن جا انسانن مان ته اي اسان جا پالڻهار! فائدو ورتو هڪڙن اسان مان ٻين سان ۽ پهتاسون مدي پنهنجي کي جيڪو مقرر ڪري ڏنو تو اسان کي – فرمايو (الله) ته باھ جاءِ اوهان جي آهي هميشہ رهندڙ هوندئو ان ۾ مگر جيڪو گهريو الله بيشڪ رب تنهنجو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن انهن سڀني کي گڏ ڪندو (تنهن ڏينهن چوندو) ته اي جنن جي جماعت اوهان ماڻهن مان گهڻا پنهنجا تابعدار ڪيا آهن ۽ ماڻهن مان انهن جا دوست چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان مان هڪڙن ٻين کان فائدو ورتو ۽ اسين پنهنجي ان ٺهرايل مدت کي پهتاسون جا تو اسان لاءِ ٺهرائي هئي. الله فرمائيندو ته باهه اوهان جو ٺڪاڻو آهي ان ۾ پيا رهندو مگر جيڪي الله گهريو. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ حڪمت وارو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن سڀني کي گڏ ڪندو. (فرمائيندو): ”اي جِنن (شيطانن) جي جماعت! بيشڪ اوهان انسانن مان گهڻن کي (گمراهه) ڪيو“ ۽ انسانن مان انهن جا دوست چوندا: ”اي اسان جا مالڪ اسان مان هڪڙن ٻين کان (ناجائز) فائدو ورتو ۽ (گناهن ۾) پنهنجي مقرر وقت کي پهتاسين جيڪو تو اسان لاءِ مقرر ڪيو هيو“. الله فرمائيندو: ”اوهان جو ٽڪاڻو جهنم آهي. هميشه ان ۾ رهندؤ سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو علم وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن ڏينهن، ڪٺي ڪُل ڪندو، واري مَنجھ وٿاڻ، اي جماعتون جِنن جون!، اوهان ٿِي اڳواڻ، ماڻهون گھڻا مُنجهايان؛ ته آکڻ لڳا اَڄاڻ، ساٿِي سندنِ ماڻهن مان، ته سانيم! ربُّ سُڄاڻ، ته ورتيون سون وَٽون، هِڪ ٻِئي ڪنان، ٽوڻن، ڦِيڻن ساڻ، تان پُهتاسون پَنهنجي پَهر کي، جو ڪئـِي اسان ڪاڻ، چي، دوزخ ديرو اَهنجو، مَنجھسِ هميشه هاڻ، مگر مالِڪ، جو گُھري، ته بَدلائي ٻِيو ڀاڻ، تُنهنجو پرور پاڻ، سَمجھدار، سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ نُوَلّى بَعضَ الظّٰلِمينَ بَعضًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 129)

۽ اھڙي طرح ظالمن مان ڪن کي ڪن مان جيڪي ڪندا آھن تنھن جي (شامت) سببان پاڻ ۾ گڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان ڪن ظالمن (گنهگارن) کي ٻين ظالمن تي غالب (۽ ظلم ڪندڙ) ڪيون ٿا ڇو ته هو (پنهنجي بدعملين سان) بدي ڪمائيندا رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙي طرح اسين ڪِن ظالمن کي ڪِن ظالمن جو دوست بنايون ٿا انهيءَ سببان جو گناه ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙي طرح اسان ڪن ظالمن کي ڪن جو سندن ڪرتوتن سبب سرپرست بنائينداسون.(سيد فرمان علي)


۽ ائين ئي مسلط ڪندا آهيون بعضي ظالمن کي بعض تي سببان انهن (عملن) جي جو ڪيائون ٿي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسين ظالمن مان هڪڙن کي ٻين تي حڪومت ڏيون ٿا، انهن (گناهن) جي ڪري جيڪي اهي پيا ڪمائين. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن ظالمن تي ٻيا ظالم مسلط ڪيون ٿا انهن (برن) عملن سبب جيڪي ڪندا رهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِنپر ڪريون ڪي ڪن جا، ظالم دوست ضرور، جيڪِي ڪن ڪَلور، ڪارڻ تِنهن ڪم ڪار جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا شَهِدنا عَلىٰ أَنفُسِنا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 130)

( ۽ ) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(قيامت جي ڏينهن اسان پڇنداسين ته) اي جنن ۽ انسانن جي جماعت! (توهان جو پنهنجون گمراهيون اڄ قبول ڪري رهيا آهيو سو) ڇا توهان وٽ توهان ئي منجهان اسان جا پيغمبر ڪونه آيا هئا؟ هنن توهان کي اسان جون آيتون ڪونه ٻڌايون هيون؟ ۽ اڄ جو ڏينهن، جو توهان جي پيش آيو آهي، تنهن کان ڪونه ڊيڄاريو ۽ خبردار ڪيو هو؟ ”هو عرض ڪندا ته اي خدا اسان پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا (ته برابر رسول آيا هئا ۽ اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هئائون پر اسان سندن چوڻ نه مڃيو. حقيقت هيءَ آهي ته) دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ هنن کي فريب ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هاڻي هو پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته بيشڪ اسان سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ وارا هئاسين.(علامه علي خان ابڙو)


اي جماعت جنن ۽ انسانن جي ڇا نه آيا توهان وٽ پيغمبر توهان مان، جن بيان ٿي ڪيائون توهان تي منهن جون آيتون ۽ توهان کي قيامت جي ڏينهن اچڻ کان ڊيڄاريائون ٿي، چوندا (هائو) اسين پنهنجن نفسن تي شاهدي ڏيون ٿا ۽ حياتي دنيا جي کين مغرور ڪيو ۽ پنهنجن نفسن تي شاهدي ڏنائون ته بيشڪ اهي ڪافرن مان هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پوءِ اسين پڇنداسين) ته اي جن ۽ انسانو! توهان وٽ، توهان مان پيغمبر نه آيا هئا، ڇا! جيڪي اوهان کي منهنجيون آيتون ٻڌائين ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان ڊيڄارين. اهي سڀ عرض ڪندا ته (بيشڪ آيا هئا)، اسان پنهنجو پاڻ تي پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا، (سچ ته) دنيا جي (فاني) حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ رکيو. ۽ هنن پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏني ته اهي سڀئي ڪافر هئا.(سيد فرمان علي)


اي جماعت جنن ۽ انسانن جي ڇا نه آيا اوهان وٽ رسول اوهان مان جو پڙهيائون ٿي اوهان تي آيتون منهنجون ۽ ڊيڄاريائون ٿي اوهان کي هن ڏينهن جي ملڻ کان چوندا ته شاهدي ڏيون ٿا پنهنجن سرن جي مٿان ۽ ڌوڪو ڏنائين انهن کي حياتيءَ دنيويءَ ۽ شاهدي ڏيندا پنهنجن سرن تي بيشڪ اهي هئا ڪافر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي جنن ۽ انسانن جي جماعت ! ڇا اوهان وٽ اوهان مان رسول نه آيا؟ جي اوهان کي منهنجا حڪم ٻڌائيندا هئا ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان ڊيڄاريندا هئا؟ چوندا ته اسان پنهنجو گناهه قبول ڪيو. ۽ انهن کي دنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو هو. ۽ پاڻ تي هن ڳالهه جي شاهدي ڏنائون ته اهي (پاڻ) ڪافرهئا. (مولانا محمد مدني)


(الله پڇندو): ”اي جنن ۽ انسانن جي جماعت! ڇا توهان وٽ خود توهان مان اهڙا رسول نه آيا هئا؟ جيڪي توهان تي منهنجون آيتون پڙهندا هئا ۽ توهان کي هن ڏينهن جي حاضري کان ڊيڄاريندا هئا“. چوندا: ”اسان پنهنجي پاڻ تي شاهدي ڏني“ ۽ (اڄ) انهن کي دنيا جي زندگي دوکو ڏنو ۽ (ان ڏينهن) پنهنجو پاڻ تي شاهدي ڏيندا ته بلاشڪ اُهي ڪافر هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي جنن ۽ ماڻهن جون، ٽوليون ٽِيلهيدار!، ڇا؟ اوهان مان، نه آيان مُرسل مَڻياندار، جي پڙهن اوهان تي پَڌرا، منهنجا حڪم هيڪار، ۽ هِن ڏينهن جي ڏِسڻ جِي، ڏِينِيان کولي خبر چار، چي، ڏِنو پنهنجو پاڻ تي، اسان هِي اِظهار، ۽ دُنيا ڌتاري ڇڏيا، هِن نِپٽ ننڍِئ ڄمار، ۽ پاڻهين بِيٺان پاڻ تي، گواه گنھ گار، ته ڪنان ربَّ، قَهار، مُنڪر هئا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ أَن لَم يَكُن رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها غٰفِلونَ (آيت : 131)

اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي ته تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نه آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) هيءُ (پيغمبرن جو ظهور ۽ حق جي دعوت جو اعلان) هن ڪري ٿيو جو تنهنجي پروردگار جو هي دستور ناهي ته هو بي انصافيءَ سان ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏي، جڏهن اتي جا رهندڙ (حق جي راهه کان) بي خبر هجن.(علامه علي خان ابڙو)


اهو انهيءَ ڪري جو ناهي هلاڪ ڪندڙ تنهنجو رب، ظلم سببان ڪنهن ڳوٺ کي ۽ رهواسي ان ڳوٺ جا بي خبر هجن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (هي پيغمبرن جو موڪلڻ فقط) هن لاءِ آهي ته تنهنجو پروردگار ڪڏهن به ڳوٺن کي ظلم زبردستي سان اتاهون جي رهندڙن کي غفلت جي حالت ۾ هلاڪ نٿو ڪري.(سيد فرمان علي)


اهو ان جي ڪري جو نه آهي رب تنهنجو هلاڪ ڪندڙ ڳوٺن جو ظلم سان ان حال ۾ جو رهاڪو ان جا بي خبر آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (رسولن جو موڪلڻ) هن ڪري آهي جو تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي (سندن) ظلم جي ڪري هن حالت ۾ برباد ڪرڻ وارو نه آهي جو اتي جا رهاڪو بي خبر هجن. (مولانا محمد مدني)


اهو هن ڪري جو تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي ظلم سان برباد ڪرڻ وارو نه آهي ان حال ۾ جو ڳوٺن وارا (حق کان) بي خبر هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو اِن آڌار ته، تُنهنجو پَرور پاتشاھ، ڪندڙ ناھِ ڪَلور سان، ڪو نَنگر نِگو سار، ۽ هونِ جِھڙي وار، واسِي اُن جا ويسلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 132)

۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (الله جي قانون مطابق) سڀني جا درجا سندن ڪمن مطابق (الڳ الڳ) آهن (۽ انهن درجن موجب هنن کي نتيجا ملن ٿا) ۽ جيڪي جيڪي عمل انسان ڪن ٿا تن کان تنهنجو پروردگار غافل ناهي (ماڻهن جي سڀني عملن جي خبر کيس پوي ٿي ۽ انهن موجب جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر هڪ لاءِ درجا آهن اُن مطابق جو عمل ڪيائون، ۽ تنهنجو رب انهن جي عملن کان بي خبر ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن جهڙو به (ڀلو برو ڪم) ڪيو آهي انهيءَ مطابق هر هڪ جا درجا آهن. ۽ جيڪي ڪجھ اهي ڪن ٿا تنهنجو پروردگار ان کان بي خبر نه آهي.(سيد فرمان علي)


۽ هر هڪ جي لاءِ درجا آهن ان مان جو ڪيائون ۽ ناهي رب تنهنجو بي خبر ان کان جو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هر هڪ لاءِ سندن عملن جي ڪري درجا آهن ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ بي خبر نه آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هر هڪ لاءِ درجا ان جي عمل جي لحاظ کان آهن ۽ تنهنجو پالڻهار انهن ڪمن کان بي خبر نه آهي جيڪي اهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ثابت سڀڪنهن واسطي، درجا، درجا ڌار، جنهن مُوجب، ڪن جھان ۾، عمل اختيار، ۽ تُنهنجو والِي، نه تِنهن کان ويسلو، جيڪِي ڪن ڪم ڪار، ۽ تُنهجو صاحب شاهوڪار، ٻَهون ڌڻِي ٻاجھ جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَرَبُّكَ الغَنِىُّ ذُو الرَّحمَةِ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَستَخلِف مِن بَعدِكُم ما يَشاءُ كَما أَنشَأَكُم مِن ذُرِّيَّةِ قَومٍ ءاخَرينَ (آيت : 133)

۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواہ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان جو پروردگار بي نياز (ڪنهن جو به محتاج نه آهي) ۽ رحمت وارو آهي. (سندس رحمت جي تقاضا آهي ته ظلم ۽ فساد قائم نه رهي) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان (ظالمن ڪافرن) کي هٽائي ڇڏي ۽ اوهان جي پٺيان جنهن (جماعت) کي چاهي تنهن کي اوهان جو جانشين بنائي، جهڙيءَ طرح هن اوهان کي هڪ ٻيءَ قوم جي نسل مان اٿاري کڙو ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تنهنجو رب بي نياز وڏي رحمت وارو آهي، جيڪڏهن چاهي، توهان کي گھرائي وٺي ۽ توهان کان پوءِ جن ماڻهن کي چاهي توهان جو جاءِ نشين ڪري، جيئنڪ توهان کي اڳين قومن جو جاءِ نشين ڪري پيدا فرمايائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تنهنجو پروردگار بي پرواھ رحم وارو آهي. جيڪڏهن گهري ته توهان سڀني کي (دنيا مان اڏائي) کڻي وڃي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن کي گهري ته توهان جي جاءِ تي مقرر ڪري جيئن نيٺ، اوهان کي ٻين ماڻهن جي اولاد مان پيدا ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


۽ رب تنهنجو غني رحمت وارو آهي جيڪڏهن گهري ته وٺي وڃي اوهان کي (هلاڪ ڪري) ۽ نائب ڪري آڻي اوهان کان پوءِ جنهن کي گهري جيئن پيدا ڪيائين اوهان کي اولاد قوم ٻيءَ جي مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ تنهنجو پاليندڙ (ئي) بي پرواهه، رحم ڪرڻ وارو آهي. جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري ڪري ڇڏي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن (قوم) کي گهري تنهن کي اوهان جي جاءِ تي آڻي، جيئن اوهان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


۽ تنهنجو پالڻهار بي نياز (۽) رحمت وارو آهي. اگر چاهي ته توهان کي ختم ڪري ڇڏي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن کي چاهي اوهان جو جانشين بنائي. جيئن ان اوهان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي گُھري، ته هِن جھان مان، نِينِيان پاڙو پاڙ، ۽ جي گُھري ته آڻي، اوهان پُٺيان، ٻيا پاڙا پاڙو جھاڙ، جِيئن آن کي، ناڙوناڙ، ڪيائين ٻَچاٻِئَ قوم جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ ما توعَدونَ لَءاتٍ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 134)

بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ڳالهه جو توهان کي واعدو ڪيو وڃي ٿو اها ڳالهه يقيناً اچڻ واري آهي ۽ توهان جي وس ۾ ناهي جو (خدا کي) مجبور ڪيو (۽ ان ڳالهه کي روڪي ڇڏيو).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان کي جيڪو وعدو ڏنو ويو آهي اُهو ضرور پورو ڪيو ويندو ۽ توهان عاجز ڪندڙ ناهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڳالھ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو ضرور (هڪ نه هڪ ڏينهن) اچڻ وارو آهي ۽ اوهين ان جي آڻڻ ۾ خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جيڪو وعدو ڪيا ويا آهيو البته ايندڙ آهي ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو اچڻ وارو آهي ۽ اوهين (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جنهن (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا اچڻ واري آهي ۽ اوهان (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوس آهي اَچڻِي، وَعدو ڏِجنِيان، جنهن وار، ۽ اوهين نه آهيو آوار!، وارو وٺندڙ، ڪِنهن وار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عامِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 135)

(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته آخرت ۾ ڪنھن جي عاقبت چڱي ھوندي، سچ آھي ته ظالم نه ڇٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، اي منهنجي قوم! (جيڪڏهن توهان جهل ۽ انڪار کان باز نٿا اچو ته منهنجو ۽ اوهان جو فيصلو خدا جي هٿ ۾ آهي) توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو ۽ مان به (پنهنجي جاءِ تي) ڪم ڪندو رهان ٿو. جلدئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته آخرڪار ڪهن جي پڇاڙي چڱي آهي. يقيناً ظلم ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا (هيءَ پيشنگوئي جلد ئي پوري ٿي هئي.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو، بيشڪ آئون پنهنجو ڪم ڪندڙ آهيان، پوءِ توهان جلدي معلوم ڪندا ته ڪنهن لاءِ بهشت آهي، بيشڪ ظالم نجات حاصل نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تون کين چئو ته اي منهنجي قوم اوهين پاڻ جو چاهيو سو ڪريو آءُ (به پاڻ) عمل ڪري رهيو آهيان. پوءِ (جلد ئي اوهان کي) معلوم ٿي ويندو ته آخرت جو گهر (بهشت) ڪنهن جي لاءِ آهي؟ (اوهان لاءِ يا اسان لاءِ) ۽ ظالم ماڻهو ته ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ – اي منهنجي قوم! عمل ڪندا رهو جاءِ پنهنجيءَ تي بيشڪ مان به عمل ڪندڙ آهيان پوءِ جلدي ڄاڻندؤ ته ڪير آهي؟ جو آهي ان جي لاءِ پڇاڙي (دنيا واري) گهر جي بيشڪ نه ڪامياب ٿيندا ظلم ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چو ته اي منهنجي قوم ! اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو آءُ به ڪم ڪندڙ آهيان. نيٺ ڄاڻندو ته (هن) جهان ۾ ڪنهن جي عاقبت چڱي ٿيندي. هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اي منهنجي قوم! اوهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪندا رهو بيشڪ آءٌ به عمل ڪندڙ آهيان. پوءِ سگھوئي ڄاڻندئو ته آخرت جو گهر (جنت) ڪنهن جي لاءِ آهي؟ بيشڪ ظالم ماڻهو ڪاميابي نه ماڻيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڀَلين مُنهنجا ڀار!، پَنهنجي ڏٺِي پورهيو ڪريو، آئون پڻ عامل آهيان، پوءِ پوندان پَتو پار، ته آخر هَنڌ ڪِنهن هار، هاڻون نه ڇُٽندا هَڏئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلوا لِلَّهِ مِمّا ذَرَأَ مِنَ الحَرثِ وَالأَنعٰمِ نَصيبًا فَقالوا هٰذا لِلَّهِ بِزَعمِهِم وَهٰذا لِشُرَكائِنا فَما كانَ لِشُرَكائِهِم فَلا يَصِلُ إِلَى اللَّهِ وَما كانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلىٰ شُرَكائِهِم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 136)

۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) جيڪي به خدا پوکن ۽ جانورن مان پيدا ڪيو آهي، تنهن مان هڪ حصو هي (مشرڪ) پنهنجي غلط خيال موجب خدا جي واسطي ٺهرائين ٿا ۽ چون ٿا ته، هيءُ حصو الله جي لاءِ آهي ۽ (هڪ حصو بتن جي لاءِ ٺهرائي چون ٿا ته) هي حصو انهن لاءِ آهي جن کي اسان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي، پوءِ جيڪي سندن ٺهرايل شريڪن جي لاءِ آهي، سو خدا جي طرف نٿو پهچي (يعني ان مان خدا جي لاءِ خرچ نٿا ڪري سگهن) پر جيڪو حصو خدا جي لاءِ آهي سو انهن جي (ٺهرايل) شريڪن جي طرف پهچي وڃي ٿو. (يعني خدا جي ٺهرايل حصي ۾ بتن جي لاءِ خرچ ٿئي ته ڪجهه به فڪر ڪونهي) اهو فيصلو جو اهي ماڻهو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه برو آهي!(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن ڪجھه حصو مقرر ڪيو الله لاءِ سندن پوکيل پوک ۽ چؤپاين مان پوءِ پنهنجي باطل عقيدي موجب چيائون، هيءُ الله لاءِ آهي ۽ هيءُ اسان جي بتن لاءِ آهي، پوءِ جيڪو حصو انهي جي بتن لاءِ آهي، پوءِ اهو الله جي طرف نٿو پهچي سگهي، ۽ جيڪو حصو الله لاءِ آهي اهو انهن جي بتن طرف پهچي سگھي ٿو، اهو فيصلو تمام خراب آهي (عقل جي خلاف آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪا کيتي ۽ چوپايو مال الله پيدا ڪيو آهي تنهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا هي الله جو آهي ۽ هي اسان جي شريڪن جو (يعني جن کي اسان خدا جو شريڪ بنايو آهي) پوءِ جيڪو خاص سندن شريڪن جو آهي، اهو ته خدا تائين پهچڻ جو نه آهي ۽ جيڪو حصو خدا جو آهي اهو سندن شريڪن تائين پهچي ويندو. اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه بڇڙو آهي!(سيد فرمان علي)


۽ ڪيائون الله جي لاءِ ان مان جو پيدا ڪيائين پوک مان ۽ چوپاين مان مقرر حصو پوءِ چيائون هيءُ الله جي لاءِ آهي ۽ هيءُ واسطي شريڪن اسان جي آهي پوءِ اهو حصو جو آهي شريڪن سندن جي لاءِ پورو نه ٿو پهچي الله ڏانهن ۽ اهو جو آهي الله جي لاءِ پوءِ اهو پهچي ٿو شريڪن سندن ڏانهن نهايت برو آهي اهو جو فيصلو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪا کيتي ۽ چوپايو مال الله پيدا ڪيو آهي تنهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا ته هيءَ الله جو آهي ۽ هيءَ اسان جي (ٺهرايل) شريڪن جو آهي. پوءِ جو (حصو) سندن (ٺهرايل) شريڪن جو آهي سو الله تائين نه ٿو پهچي، ۽ جو الله لاءِ آهي سو سندن (ٺهرايل) شريڪن تائين پهچي ٿو، اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪا پوک ۽ چوپايا جانور خود الله پيدا ڪيا آهن انهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي گمان ۾ چون ٿا ته: ”هي (حصو) الله لاءِ آهي ۽ هي (حصو) اسان جي شريڪ معبودن لاءِ آهي“. پوءِ جيڪو انهن جي شريڪن لاءِ آهي سو الله وٽ نه ٿو پهچي ۽ جيڪو الله لاءِ آهي سو سندن شريڪن کي پهچي ٿو. (ڏس ته سهي) ڪهڙو نه برو فيصلو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جيڪي ڌَڻ، ڪَڻ، تن ۾، پَتيون ٻَڌائون پاڻ، چي، هِي سِيڪڙ سندنِ گُمان ۾، آهي الله ڪاڻ، ۽ هِي پَتِي سندنِ پيرن جِي، پوءِ جو ڏيونِ سندنِ جو ڏاڻ، اُهو نه رَسي الله ڏي، ۽ جو صاحب لئي سُڄاڻ، سو سَندنِ جُڙتو سائيَنِ جي، گَڏ جي سيڪڙ ساڻ، جو حُڪم هلائنِ هاڻ، اُهو بلڪل آهي بُڇڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ زَيَّنَ لِكَثيرٍ مِنَ المُشرِكينَ قَتلَ أَولٰدِهِم شُرَكاؤُهُم لِيُردوهُم وَلِيَلبِسوا عَلَيهِم دينَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ ما فَعَلوهُ فَذَرهُم وَما يَفتَرونَ (آيت : 137)

۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) پنھنجي اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي ته کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رلائي ملائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا ته اُھو نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح گهڻا ئي مشرڪ آهن جن جي (ٺهرايل) شريڪن، هنن مشرڪن جي نظر ۾ اولاد جي قتل (جهڙو وحشي ڪم به) سهڻو ۽ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. انهيءَ لاءِ ته کين (يعني مشرڪن کي) تباهيءَ ۾ وجهن ۽ سندن دين جي واٽ مونجهاري واري ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته هو اهي ڪم نه ڪن ها. (يعني هنن جي طاقت کسي وٺي ها، پر سندس حڪمت جو فيصلو اهوئي آهي ته هر طرح جون واٽون ۽ عمل هجن) تنهن ڪري تون کين ۽ سندن ڪوڙن ٺاهڻ کي سندن حال تي ڇڏي ڏي (هو تنهنجي چوڻ سان ايمان ڪونه آڻيندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙي طرح ڪيترن بتن (گويا) مشرڪن جي نظر ۾ پنهنجي نياڻين کي قتل ڪرڻ سٺو ٿي ڏيکاريو انهيءَ لاءِ ته انهن (مشرڪن کي) هلاڪت ۾ وجھن ۽ سندن دين مٿن مشڪوڪ ڪن، ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته ايئن نه ڪن ها پوءِ توهان انهن کي ۽ سندن ڪُوڙ مڙهڻ کي ڇڏي ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙي طرح گهڻن ئي مشرڪن کي سندن (ٺهرايل) شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي هن لاءِ ته اهي (ٺهرايل) شريڪ مشرڪن کي برباد ڪن ۽ انهن تي سندن سچي دين کي رلائي ملائي ڇڏين ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو (اهڙو ڪڌو ڪم) نه ڪن ها، ته (اي رسول!) تون کين ۽ انهن جي ڪوڙ بدوڙ کي خدا تي ڇڏي ڏي.(سيد فرمان علي)


۽ ائين ئي سينگاريائين گهڻن جي لاءِ مشرڪن مان قتل ڪرڻ اولاد انهن جي کي شريڪن انهن جي تانته هلاڪ ڪن انهن کي ۽ تانته منجهائين انهن تي دين انهن جي کي ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه ڪن ها اهو پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي ۽ ان کي جو بهتان ٺاهين ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح گهڻن مشرڪن کي سندن (ٺهرايل) شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. هن لاءِ ته اهي (ٺهرايل) شريڪ مشرڪن کي برباد ڪن ۽ انهن تي انهن جي (صحيح) دين کي رلائي ملائي ڇڏين. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهو (ڪم) نه ڪن ها. پوءِ کين سندن گهڙيل ڪوڙ سان گڏ ڇڏي ڏي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح گهڻن مشرڪن لاءِ انهن جي شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ (انهن جي نظرن ۾) سهڻو ڪري ڏيکاريو آهي هن لاءِ ته کين هلاڪت ۾ وجھن ۽ انهن جي دين کي انهن تي رل وچڙ ڪن. ۽ اگر الله چاهي ها ته اُهي ائين نه ڪن ها پوءِ انهن کي ۽ اهي جيڪا بهتان بازي ڪن ٿا تنهن کي ڇڏي ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِن مشرڪن مان، هرگز گھڻن هارِ، سائيَنْ سندنِ سِيگاريو، ڪُهڻ پنهن جا ٻار، ته اُٿلائي هَڻن اَهڏ۾ اُونڌي ڪنڌ ڪَپار، ۽ مٿنِ سندنِ دين ۾، گَڏِينِ غير غُبار، ۽ ڪڏهن نه ڪيائون ڪم اُهو، گھريو هوند غفار، پوءِ ڇَڏ اِنهن جِي پَچار، پن جي ٺڳيون ٺاهين پِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا هٰذِهِ أَنعٰمٌ وَحَرثٌ حِجرٌ لا يَطعَمُها إِلّا مَن نَشاءُ بِزَعمِهِم وَأَنعٰمٌ حُرِّمَت ظُهورُها وَأَنعٰمٌ لا يَذكُرونَ اسمَ اللَّهِ عَلَيهَا افتِراءً عَلَيهِ سَيَجزيهِم بِما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 138)

۽ پنھنجي خيال سان ھي (به) چوندا آھن ته ھيءُ ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ ان کي ڪوئي نه کائي ۽ (چوندا آھن) ته ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نه ڪندا آھن (اھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاہ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو چون ٿا ته هي جانور ۽ هي پوک منع ڪيل آهن. انهن ڪوبه کائي (ڪم آڻي) نٿو سگهي، سواءِ انهيءَ ماڻهو جي جنهن کي اسان پنهنجي خيال مطابق کارائڻ چاهيون. (يعني جن بتن جو نذر ڪري ڇڏيون تن جا مجاور کائي سگهن ٿا. ٻين لاءِ جائز ناهن) ۽ (اهڙيءَ طرح) ڪي جانور آهن جن جي پٺي (تي سوار ٿيڻ يا بار کڻڻ سندن خيال موجب) حرام آهي، ۽ ڪي جانور اهڙا آهن جن تي الله جو نالو نٿا وٺن، ڇو ته خدا تي ڪوڙ ٺاهي هنن اهو طريقو ڪڍيو آهي. سو جيڪي افترا پردازيون (ڪوڙ ٺاهڻ) هو ڪن ٿا تن لاءِ خدا کين جلد ئي سزا ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مشرڪن پنهنجي عقيدي موجب چيو هي چؤپايا ۽ پوکون حرام آهن، نه کائن انهن کي مگر جنهنکي اسين چاهيون ۽ چيائون ڪِن جانورن جي سواري حرام ڪئي وئي آهي ۽ ڪِن جانورن جي ڪُهڻ وقت الله اڪبر نه چئجي (اهي سڀ ڳالهيون) الله جي مٿان مڙهين ٿا الله انهن کي جلدي جزا ڏيندو انهيءَ سببان جو ڪُوڙ مڙهين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هنن پنهنجي خيال موافق چيو ته هي چوپايو مال ۽ پوک ممنوع آهن. انهن کي ڪو به نه کائيندو ان کان سواءِ جنهن کي اسين گهرون ۽ (هي ٻيو) چوپايو مال آهي جنهن جي پٺيءَ (تي سواري ڪرڻ) حرام ڪئي وئي آهي ۽ (ٽيو) چوپايو مال آهي جنهن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نٿا پڙهن (۽ وري اهي ڪوڙ خدا تي ٿا هڻن) اهو سڀ خدا تي ڪوڙ بدوڙ آهي. خدا کين زٽن هڻن جلد ئي سزا ڏيندو.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته هي چوپايا جانور ۽ پوک روڪيل آهن نه کائيندو انهن کي مگر جنهن کي اسين گهرون گمان پنهنجي ۾ ۽ چوپايا جانور جو حرام ڪيون ويون پٺيون انهن جون ۽ چوپايا جانور جو نه ٿا ذڪر ڪن نالو الله جو انهن تي سببان بهتان هڻڻ جي ان تي سگهو ئي سزا ڏيندو انهن کي سببان ان جي جو بهتان هنيائون ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن پنهنجي خيال موافق چيو ته هي چوپايو مال ۽ پوک حرام آهن، انهن کي ڪوبه نه کائيندو ان کانسواءِ جنهن کي اسين گهرون. ۽ (هيءَ ٻيو) چوپايو مال آهي جنهن جي پٺيءَ (تي سواري ڪرڻ) حرام ڪئي وئي آهي ۽ (ٽيون) چوپايو مال آهي جنهن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نه ٿا پڙهن. الله تي ڪوڙ ٻڌي (اهي ڳالهيون چيون اٿن) اِهي جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن جو الله کين بدلو ڏيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي (باطل) خيال سان چون ٿا ته هي جانور ۽ پوک رَک ڪيل آهن انهن کي ڪير به نه کائيندو سواءِ ان جي جنهن کي اسان چاهيون ۽ هي جانور آهن جن جي پُٺي (سوار ٿيڻ کان) حرام ڪئي وئي آهي ۽ ڪن جانورن تي (ذبح مهل) الله جو نالو نه ٿا وٺن (اهو سڀ) الله تي بهتان ٻڌڻ آهي. الله انهن کي سگھوئي سزا ڏيندو جيڪو بهتان ٻڌندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، ڍَگا ۽ ڍَورهِي، هِي پوک، ۽ پُورِي، نه ڪريسِ قَندورِي، مگر گُھرونسِ، سندنِ گمان۾. ڪي اُٺ، پُٺيون اُنهن جون، منع ٿِيون مُور، ۽ ڪي وَهٽ، نه وٺنِ، اُنهن تي، نالو ربَّ، غفور، ڪارڻ ڪُوڙن اُن تي، پوءِ ڏِيندن زُود ضرور، بَدلو ڪو ڀَرپُور، جي ٺاهِينِ ٺڳيون، اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا ما فى بُطونِ هٰذِهِ الأَنعٰمِ خالِصَةٌ لِذُكورِنا وَمُحَرَّمٌ عَلىٰ أَزوٰجِنا وَإِن يَكُن مَيتَةً فَهُم فيهِ شُرَكاءُ سَيَجزيهِم وَصفَهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 139)

۽ چوندا آھن ته جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خلاصو اسان جي مڙسن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو ته اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، بيشڪ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (مشرڪ) چون تا ته هنن ڍورن جي پيٽ مان جيڪو جيئرو ڦر ڄمندو سو اسان جي مردن لاءِ حلال آهي، پر اسان جي عورتن لاءِ حلال ناهي ۽ جيڪڏهن مئل هوندو ته پوءِ (ان جي کائڻ ۾ مرد ۽ عورتون) سڀ شريڪ آهن. (ڪهڙي نه بي وقوفيءَ جي ڳالهه آهي جا هو چون ٿا). اهو وقت ويجهو آهي جڏهن خدا کين سندن هنن (بي اصول) ورهاڱن جي سزا ڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مشرڪن چيو جيڪي ڪجھه انهن (حلال) جانورن جي پيٽن ۾ آهي اُهو اسان مردن لاءِ حلال آهي ۽ اسان جي زالن لاءِ حرام آهي، ۽ جيڪڏهن مُئل آهي ته پوءِ اهي سڀيئي ان ۾ شريڪ آهن الله جلدي انهن کي سندن ڳالهين جو بدلو ڏيندو، بيشڪ الله تعالى حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر هي به چون ٿا ته جو ڦر (ڪنهن وقت) هنن جانورن جي پيٽ ۾ آهي (جن کي) اسان بتن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي (پوءِ جيترو پيدا ٿيو ته) فقط اسان جي مرد ماڻهن لاءِ حلال آهي پر عورتن تي حرام آهي. ۽ جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته سڀ ان ۾ شريڪ آهيون. خدا کين جلد ئي سندن ان ڳالھ ٺاهڻ جي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو وڏو واقف ڪار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته جو ڪجهه به هنن چوپاين جي پيٽن ۾ آهي نجو آهي واسطي مردن اسان جي ۽ حرام ڪيل آهي زالن اسان جن تي ۽ جيڪڏهن آهي مئل پوءِ اهي ان ۾ ڀائيوار آهن سگهو ئي بدلو ڏيندو انهن کي بيان انهن جي جو بيشڪ اهو حڪمت وارو، ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن چيو ته جيڪي هنن جانورن جي پيٽن ۾ آهي سو اسان جي مڙسن لاءِ خاص آهي ۽ اسان جي زالن تي (ان جو کائڻ) حرام آهي ۽ جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته پوءِ اهي (سڀيئي) ان ۾ شريڪ آهن. الله کين سندن اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته جيڪو (ڦر) هنن جانورن جي پيٽ ۾ آهي سو خالص اسان جي مَردن لاءِ آهي ۽ اسان جي زالن تي (انهن جو گوشت) حرام آهي ۽ جي (اهو ڦر) مُئل هوندو ته اُهي سڀ (مرد ۽ عورتون) ان (جي کائڻ) ۾ شريڪ آهن. سِگهو ئي الله انهن کي سزا ڏيندو انهن جي (من گهڙت) ڳالهه جي. بيشڪ اُهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، هِن اُٺين جي، پيٽ ۾، جيڪو ڦُلو ڦَر، سو مُباح اسان مَردن لئي، بَند بِيوَين سِر، ۽ جي مُرڳو، سو مُئل ڄائو، ته ڀيڙا، اُن اَندر، جَلدِي جزا اُن جِي، جاپاڻهِين ٺاهِن پَر، ڏيندنِ ربّ رهبر، سو سَٻوجھو، سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد خَسِرَ الَّذينَ قَتَلوا أَولٰدَهُم سَفَهًا بِغَيرِ عِلمٍ وَحَرَّموا ما رَزَقَهُمُ اللَّهُ افتِراءً عَلَى اللَّهِ قَد ضَلّوا وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 140)

جن پنھنجي اولاد کي بي سمجھائي ڪري ڄاڻپ کانسواءِ ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڪيو سو الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اهي ماڻهو تباه ۽ برباد ٿيا جن جهالت سببان پنهنجو اولاد (پنهنجي هٿن سان) قتل ڪيو، ۽ جيڪو رزق خدا هنن جي لاءِ پيدا ڪيو آهي تنهن کي خدا تي ڪوڙ ٺاهي حرام ٺهرايو، بيشڪ هو گمراه ٿي پيا ۽ سڌي واٽ تي هلڻ وارا نه هئا.(علامه علي خان ابڙو)


تحقيق نقصان ۾ پيا اهي ماڻهو جن بي وقوفي ۽ جهالت سببان پنهنجي اولاد کي قتل ڪيو ۽ حرام سمجھائون انهن شين کي جيڪي الله رزق ڪري انهن کي ڏنيون، اھي الله تعالى تي ڪُوڙ مڙهين ٿا، تحقيق اهي گمراه ٿيا ۽ هدايت واري نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي اولاد کي بنا سوچ سمجھ جي بيوقوفي سان ماري ڇڏيو ۽ جا روزي خدا کين ڏني هئي تنهن مان بهتان ٻڌي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيائون اهي سخت نقصان ۾ آهن. اهي يقينن حق جي راھ کان ٿڙي ويا، هونئن به اهي هدايت پائڻ وارا به نه هئا.(سيد فرمان علي)


تحقيق نقصان ۾ پيا اهي شخص جو ڪٺائون اولاد پنهنجو بي وقوفيءَ جي ڪري علم کان سواءِ حرام ڪيائون جيڪي رزق ڏنو انهن کي الله بهتان هڻي الله تي تحقيق گمراھ ٿيا ۽ نه هئا هدايت وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن پنهنجي اولاد کي بيوقوفيءَ جي ڪري بي علميءَ سان قتل ڪيو، ۽ جا روزي الله کين ڏني آهي سا الله تي ڪوڙ گهڙي حرام ڪيائون، سي نقصان وارا ٿيا. اهي بيشڪ گمراهه ٿيا ۽ رستي تي هلڻ وارا نه ٿيا. (مولانا محمد مدني)


بلاشڪ اُهي ماڻهو برباد ٿي ويا جن پنهنجي اولاد کي بي وقوفي بي علمي ۾ قتل ڪيو ۽ جيڪي الله انهن کي رزق ڏنو هيو ان کي حرام ڪيائون الله مٿان (ڪوڙو) ٺاهه ٺاهيندي. بيشڪ اهي گمراهه ٿي ويا ۽ اُهي هدايت وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کُٽا، سي خوار، جن ڪُٺا ڪَلها پانهنجا، نِسورِي نادانِيءَ سان، سوا سُڌ سَنڀار، ۽ روڪيؤن، تِنهن روز کي، ڏِننِ جو ڏاتار، ڪارا ڪُوڙ ڪرِيم تي، ٻَڌڻ ساڻ ٻِيهار، ڀُليا، سي بدڪار، ۽ نه آهِن، پُورا پير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ جَنّٰتٍ مَعروشٰتٍ وَغَيرَ مَعروشٰتٍ وَالنَّخلَ وَالزَّرعَ مُختَلِفًا أُكُلُهُ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُتَشٰبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ كُلوا مِن ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَءاتوا حَقَّهُ يَومَ حَصادِهِ وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 141)

۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇَٽئي وارا ۽ ريء ڇَٽئي وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦر جھلين تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) اهو خدا ئي آهي جنهن (طرحين طرحين وڻن جا) باغ پيدا ڪيا، ڪي منهن تي چڙهايل (جيئن ڊاک جون وليون) ۽ ڪي بنا مَنَهنِ جي (جيئن عام وڻ آهن) ۽ پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ پوکون پيدا ڪيائين جن جا ميوا جدا جدا قسمن جا ٿين ٿا، پڻ زيتون ۽ ڏاڙهن جا وڻ پيدا ڪيائين جن مان ڪي صورت شڪل ۾ هڪ جهڙا ته ڪي وري مخلتف، سو (خدا جا پيدا ڪيل) ميوا شوق سان کائو، جڏهن اهي وڻن ۾ پيدا ٿين ۽ پچن، ۽ اوهان کي گهرجي ته جڏهن فصل کڻو تڏهن هن جو (يعني خدا جو) حق به ڏيندا ڪريو، (يعني خدا جي راهه ۾ صدقو ۽ زڪوات ڪڍندا ڪريو) ۽ اسراف نه ڪيو، خدا انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي اسراف ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى اهو آهي جنهن پيدا فرمايا باغ، (اُنهن مان) ڪجھه وَلُن ۽ وڻن جا آهن ۽ (پيدا ڪيائين) کجور ۽ پوکون جن جا ذائقا جُدا جُدا آهن ۽ (پيدا ڪيائين) زيتون ۽ ڏاڙهون سندن وڻ هڪ جهڙا ۽ ميوا جُدا جُدا آهن، توهان انهن ميون مان کائو جڏهن ميوو ڏِيَنِ ۽ فصل تيار ٿيڻ وقت عُشر (ڏهون حصو) مسڪينن کي ڏيو، ۽ اجايو خرچ نه ڪريو، بيشڪ الله اجائي خرچ ڪندڙ سان محبت نٿو رکي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو ته اهو خدا آهي جنهن ڪيئي باغ پيدا ڪيا جن ۾ جدا قسمن جا وڻ آهن ڪي انگور وانگر (ڇنن تي) چڙهيل ۽ ڪي نه چڙاهڻ وارو پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ کيتي واڙي جنهن جا ڦر (ذائقه ۾) الڳ الڳ قسمن جا آهن پڻ زيتون ۽ ڏاڙهون ڪي ته صورت، رنگ ۽ (مزي ۾) پاڻ ۾ ملندڙ ۽ (ڪي) جدا (قسمن جا) (پوءِ) جڏهن اهي ڦر پچي تيار ٿين ته انهن جا ميوا کائو ۽ سندن پٽڻ جي ڏينهن خدا جو حق (زڪوات) ڏيو پر ياد رکو! فضول خرچي نه ڪريو ڇو ته اهو (يعني خدا) اجايو خرچ ڪرڻ وارن سان ڪڏهين به الفت نٿو رکي.(سيد فرمان علي)


۽ اهو (الله) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا باغ ڇپرن تي چڙهيل ۽ نه چڙهيل ۽ کجيون ۽ پوک مٽ سٽ آهن کاڌا ان جا ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون (شڪل ۾) ملندڙ جلندڙ ۽ نه ملندڙ جلندڙ کائو ان جي ميوي مان جڏهن ميوو جهلي ۽ ڏيو حق ان جو منجهه ڏينهن لاباري ڪرڻ ان جي ۽ نه فضول خرچي ڪيو بيشڪ اهو نه ٿو محبت رکي فضول خرچ ڪندڙن کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اُهو آهي جنهن مَنَهَن تي چڙهندڙ ۽ اڻ چڙهندڙ باغ پيدا ڪيا ۽ کجيءَ جي وڻن ۽ پوک کي جن جو ميوو (هڪ ٻئي کان) جدا جدا آهي ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن کي جي (شڪل ۾ ) هڪ ٻئي جهڙا ۽ (مزي ۾ ) ڌار ڌار آهن (اهي) جڏهن ميوو ڪن تڏهن انهن جي ميوي کي کائو ۽ ان جي لاباري وقت ان جي زڪوات ڏيو. ۽ اجايو خرچ نه ڪريو. بيشڪ الله اجائي خرچ ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ڇپرن تي وڇايل (وَلِيُن وارا) باغ ۽ اَڻَ وڇايل (وڻن وارا) باغ بنايا ۽ کجي (جا وڻ) ۽ پوک جنهن جا ميوا مختلف ذائقي وارا آهن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون (جي شڪل ۾) هڪ ٻئي سان ملندڙ ۽ (ذائقي ۾) جدا آهن (به پيدا ڪيا) جڏهن ميوو جهلن ته انهن جي ميوي مان کائو ۽ ان جي ڪٽائي واري ڏينهن ان جو حق (زڪواة ۽ عُشر) به ادا ڪيو ۽ اجايو خرچ نه ڪيو. ڇو ته بيشڪ اُهو (الله) اجائي خرچ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جوڙيا، جِنهن جبار، ڇَٽـئـِي، نه ڇَٽـئي سان، باغ ڪَيئن، ۽ کَجِيون ۽ پوکُون، کاڄ جن، طرحِين، طرحِين تيار، ۽ ڏاڙهون، زيتون، ذوق ۾، ڪي هِڪ جھڙا، ڪي ڌار، کائو سندسِ کاڄ مان، مَٿنِ وريا، جِنهن وار، ۽ لوئيٖ ڏينهنسِ، لاڳ تِنهن، ڪَڍو برقرار، ۽ وِڃايو نَه وار، نه وڻيس وَڃائيندڙن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ الأَنعٰمِ حَمولَةً وَفَرشًا كُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 142)

۽ ڍورن مان بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل (ننڍا پيدا ڪيائين)، الله جيڪا اوھان جي روزي ڪئي آھي تنھن مان کائو ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) انهيءَ ئي خدا (اوهان جي لاءِ) ڍورن مان ڪي بار کڻڻ لاءِ پيدا ڪيا، (جيئن گڏهه، خچر ۽ اٺ) ۽ ڪي زمين سان لڳل (يعني ننڍي قد وارا جي سواري ۽ بار کڻڻ جي ڪم نٿا اچي سگهن جهڙوڪ رڍون ۽ ٻڪريون) سو جيڪي جيڪي خدا توهان جي روزيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي سو (بي ڌڙڪ) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جانورن مان ڪي وڏا جانور بار لاءِ ۽ ڪي ننڍا جانور پيدا فرمايائين، توهان کائو جيڪي الله توهان کي رزق ڏنو آهي ۽ شيطان جي نقشِ قدم تي نه هَلو، بيشڪ اهو توهان جو صاف دشمن آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چوپاين مان ڪي ته بار ڍوئڻ وارا (قداور) ۽ ڪي زمين سان لڳل (ننڍي قد، بت وارا) پيدا ڪيا. خدا جيڪا روزي اوهان کي ڏني آهي ان مان کائو پر شيطان جي پيروي نه ڪريو. (ڇو ته) اهو ته پڪ اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چوپاين مان بار کڻندڙن ۽ زمين سان لڳندڙ کائو ان مان جو رزق ڪري ڏنو اوهان کي الله ۽ نه پيروي ڪيو شيطان جي وکن جي بيشڪ اهو اوهان جو دشمن کليل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جانورن مان بار کڻندڙ جانور ۽ ننڍي قد وارا جانور (پيدا ڪيا اٿس) الله جيڪو رزق اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان کائو ۽ شيطان جي نقش قدم تي نه هلو. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ جانورن ۾ بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل جانور (پيدا ڪيائين).کائو ان مان جيڪي الله اوهان کي رزق ڪري ڏنو آهي ۽ شيطان جي وکن جي پيروي نه ڪيو. بلاشڪ اُهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي ليڙن مان، لاڏام، ڪي سوارِي، سير لئي، پوءِ جيڪا روزِي ربَّ ڏِنان، تنهن مان کائو طعام، ۽ شامتِي شيطان جون، نه وِکون وٺو وَريام!، بَدخواه، سو بَدنام، آھِ اوهان جو پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ مِنَ الضَّأنِ اثنَينِ وَمِنَ المَعزِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ نَبِّـٔونى بِعِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 143)

(ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته الله ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته مون کي دليل سان خبر ڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڍورن مان (جن جو گوشت کائجي ٿو) اٺ قسم پيدا ڪيائين، رڍن مان ٻه قسم (يعني نر ۽ مادي) ۽ ٻڪرين مان به ٻه قسم (عيني نر ۽ مادي) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته (توهان جو پنهنجي وهم ۽ خيال منجهان حلال ۽ حرام جا قاعدا ٺاهيا آهن سو ٻڌايو ته) خدا انهن مان ڪهڙو جانور حرام ڪيو آهي؟ ٻنهي قسمن جي نرن کي يا مادين کي؟ يا وري انهيءَ ڦر کي (حرام ڪيو آهي) جنهن کي ٻنهي قسمن جي ماديءَ پنهنجي پيٽ ۾ سانڍيو آهي. جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مون کي علم سان جواب ڏيو (يعني ان لاءِ ڪو اصل يا سند پيش ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو)


اَٺَ (8) قِسم (چؤپاين جا حلال) آهن، هڪ جوڙي دُنبن مان ۽ هڪ جوڙي ٻڪرين مان، توهان فرمايو ڇا الله ٻَئِي نَر حرام ڪيا يا ٻَئِي ماديون يا اهو جنهنکي ٻنهي مادين پيٽ ۾ رکيو آهي؟ توهان مون کي علم سان ٻڌايو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(خدا نر مادي کي ملائي) اٺ (قسم) جوڙا پيدا ڪيا آهن. رڍن مان (نر ۽ مادي) ٻه. ۽ ٻڪري مان (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول! انهن ڪافرن کان) پڇو ته خدا انهن ٻنهين (رڍ ۽ ٻڪري جي) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين کي يا (وري) ان ڦرن کي جيڪي انهن ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته ٿورو سوچي مون کي ٻڌايو.(سيد فرمان علي)


اَٺَ .وڙا رڍن مان ٻه (نر ۽ مادي) ۽ ٻڪرين مان ٻه فرماءِ ته ڇا ٻه نر حرام ڪيا اٿس يا ٻه ماديون يا اهي جو مشتمل ٿيون ان تي ڳڀيرڻيون ٻنهي (قسمن جي) مادين جون ٻڌايو مون کي سند جيڪڏهن آهيو توهان سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اَٺ نر ۽ ماديون (پيدا ڪيون اٿس). رڍن مان ٻه (قسم) ۽ ٻڪرين مان ٻه (پيدا ڪيا اٿس). چئو ته ڇا (انهن) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو اٿس يا ٻنهين مادين کي يا اُن (ٻچي) کي جنهن کي ٻنهين مادين جي ڳڀيرڻين سانڍيو آهي؟ جيڪڏهن سچا آهيو ته مون کي ثابتيءَ سان ٻڌايو. (مولانا محمد مدني)


اَٺَ جوڙا (پيدا ڪيائين) رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (جوڙا بنايائين). (اي نبي انهن کان پڇ ته) ڇا الله ٻئي نر حرام ڪيا آهن يا ٻئي ماديون؟ يا اُهو (ٻچو) جيڪو ٻنهين مادين جي رِحمن ۾ آهي؟ (سو حرام ڪيائين) مون کي علم سان ٻڌايو جي اوهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَٺ جوڙا، ٻه رِڍن مان، گھيٽِي، گھيٽو نَر، ٻه آهن ٻڪرين مان، ٻڪرِي ۽ ٻَڪر، چئو ڇا نر، يا ماديون، روڪيا ربَّ رهبر؟ يا جنهن سان ڳريون ٿيون ڳِـهڻيون، ٻِن مادين معتبر؟ ڏِيو مِ خُوب خبر، جي صفا سَچا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ الإِبِلِ اثنَينِ وَمِنَ البَقَرِ اثنَينِ قُل ءالذَّكَرَينِ حَرَّمَ أَمِ الأُنثَيَينِ أَمَّا اشتَمَلَت عَلَيهِ أَرحامُ الأُنثَيَينِ أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ وَصّىٰكُمُ اللَّهُ بِهٰذا فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا لِيُضِلَّ النّاسَ بِغَيرِ عِلمٍ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 144)

۽ اُٺن مان ٻه قسم ۽ ڳونئين مان ٻه قسم، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته نرن کي الله حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي، يا جنھن مھل الله اوھان کي اھا وصيت ڪئي ته (اُوھين) اُن وقت حاضر ھيؤ؟ پوءِ جيڪو الله ڪوڙو ٺاہ ھن لاءِ ٺاھي ته ڄاڻپ کانسواءِ ماڻھن کي ڀُلائي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته ساڳيءَ طرح) اٺ جا به ٻه قسم آهن ۽ ڳائي مال جا به ٻه قسم آهن، (يعني نر ۽ مادي) تون هنن کان پڇ ته ڇا انهن مان نر کي (خدا) حرام ڪري ڇڏيو آهي يا ماديءَ کي يا ان ڦر کي جو انهن ٻنهي جي مادين جي پيٽ ۾ آهي؟ پوءِ توهان (جو علم کان سواءِ خدا جي حلال ڪيل شين کي حرام ٺهرائي رهيا آهيو سو) ڇا توهان انهيءَ وقت خدا وٽ حاضر هيؤ، جڏهن هن اوهان کي هن باري ۾ حڪم ڏنو هو؟ پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير آهي جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ خدا تي الزام تراشي ڪري (ڪوڙ ٺاهي ٻڌائي) ۽ وٽس (ان باري ۾) ڪو علم به نه هجي، بيشڪ خدا انهن ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راه نٿو کولي جيڪي ظلم ڪندڙ آهن (۽ خدا تي ڪوڙ ٺاهيندڙ آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ هڪ جوڙي اُٺَن مان ۽ هڪ جوڙي ڍڳن مان، توهان فرمايو ڇا الله ٻَئِي نَر حرام ڪيا يا ٻَئِي ماديون يا اهو جنهنکي ٻنهي مادين پيٽ ۾ رکيو آهي؟ ڇا توهان موجود هئا جڏهن الله توهان کي (انهن حلال جانورن جي حرام هجڻ جو) حڪم ڏنو هو، پوءِ اهو ڪير آهي وڌيڪ ظالم انهيءَ کان جنهن الله تي ڪُوڙ مڙهيو انهي لاءِ ته ماڻهن کي گمراه ڪري علم کان سواءِ، بيشڪ الله تعالى نٿو هدايت ڏئي ظالمن جي قوم کي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ اٺ جا (نر ۽ مادي) ٻه ۽ ڍڳيءَ جا (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول) کين چئو ته خدا انهن ٻنهين (اٺ ۽ ڍڳيءَ) جي نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن. ڇا! جڏهن خدا اهڙو حڪم ڏنو هو، اوهين ان وقت موجود هئا؟ پوءِ جيڪو خدا تي ڪوڙ ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ ته جيئن ماڻهن کي سواءِ سمجهڻ جي گمراھ ڪري. خدا هرگز ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.(سيد فرمان علي)


۽ پيدا ڪيائين جوڙا اٺن مان ٻه ۽ جوڙا ڳئن مان ٻه، ڇا ٻه نر حرام ڪيا اٿس يا ٻه ماديون يا اهو جو مشتمل ٿيو ان تي ڳڀيرڻيون ٻنهي (قسمن جي) مادين جون ڇا هيئو موجود جڏهن حڪم ڏنو اوهان کي الله هن جو پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي؟ ان کان جو بهتان هنيائين الله تي ڪوڙ تانته گمراھ ڪري ماڻهن کي علم کان سواءِ بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اُٺن مان ٻه (نر ۽ مادي) ۽ ڳائي مال مان ٻه (نر ۽ مادي پيدا ڪيا اٿس). چئو ته ڇا (انهن) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو اٿس يا ٻنهين مادين کي يا ان (ٻچي) کي جنهن کي ٻنهين مادين جي ڳڀيرڻين سانڍيو آهي؟ ڀلا اوهين حاضر هئا ڇا جنهن وقت الله اوهان کي اهو حڪم ڪيو. پوءِ ان کان زياده ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪو ڙ گهڙيو، هن لاءِ ته ماڻهن کي بي علميءَ سان گمراهه ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (مولانا محمد مدني)


۽ اٺن مان ٻه (نر ۽ مادي) ۽ ڳائي مال مان ٻه (نر ۽ مادي پيدا ڪيائين)، چؤ ته ڇا ٻنهين نرن کي حرام ڪيائين يا ٻنهين مادين کي؟ يا انهن (ٻچن) کي جيڪي ٻنهين مادين جي رِحم ۾ موجود آهن؟ ڇا توهان ان وقت حاضر هئا جڏهن الله اوهان کي اهو حڪم ڪيو هيو؟ سو ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله تي ڪوڙو بُهتان ٻڌو هن لاءِ ته بغير علم جي ماڻهن کي گمراهه ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ٻه اُٺين مان، ٻه ڍڳين مان، مقرر مادِي، نر، چئو ڇا ٻه نر، يا ٻه ماديون، روڪيا ربَّ رهبر؟ يا ٻن مادين جي، مُقرّر، ڳِهڻن، جو ڳرويڙهيو. ڇا؟ ويٺل هُئا تِنهن وار، جڏهن هادِي حُڪم اِي ڪيان؟ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفا ڪار؟ جِنهن ٻَڌا ڪوڙ ڪريم تي، سوا سُڌسَنڀار، تان مُنجھائي ماڻهن کي؛ صاحب ربَّ، ستار، سَهائي نه سَنئون پار، ذَرو ظالم ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لا أَجِدُ فى ما أوحِىَ إِلَىَّ مُحَرَّمًا عَلىٰ طاعِمٍ يَطعَمُهُ إِلّا أَن يَكونَ مَيتَةً أَو دَمًا مَسفوحًا أَو لَحمَ خِنزيرٍ فَإِنَّهُ رِجسٌ أَو فِسقًا أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ رَبَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 145)

(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي حُڪم مُون ڏانھن نازل ٿيا آھن تن ۾ ڪا چيز جنھن کي کائيندڙ کائي حرام نٿو لھان ھن کانسواءِ ته (اُھو) مُئل ھجي يا وھندڙ رَتُ يا سُوئر جو گوشت جو اھي (سڀ) حرام آھن يا گناہ طرح جنھن (شيء) کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي، پوءِ جيڪو لاچاري حالت ۾ نڪي بي فرمان ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿيء ( ۽ کائي) ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته جيڪو وحي مون ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن ۾ مان ڪائي شيء حرام نٿو ڏسان جنهن جو کائڻ کائيندڙن لاءِ حرام هجي، سواءِ ان جي جو مردار (ڍونڍ) هجي يا وهندڙ رت هجي يا سوئر جو گوشت هجي، ڇو ته بيشڪ اهي شيون غليظ ۽ گنديون آهن. اها شيء به حرام آهي جا گناه ۽ نافرمانيءَ جو سبب بڻجي ٿي جو مٿس خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (حلال شيء نه ملڻ سبب) مجبور هجي، نافرمانيءَ جي نيت نه هجيس ۽ ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃي (۽ هو جان بچائڻ لاءِ انهن حرام شين مان ڪجهه کائي) ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون وحي رباني موجب انهن (حلال جانورن) جو کائڻ حرام نٿو سمجھان مگر اهي جانور جيڪي انهن مان مردار ڪيا ويا يا سِير وارو رَتُ يا سُوئر جو گوشت پوءِ بيشڪ اهو پليد (۽ حرام) آهي يا گناه واري شيءِ جنهن تي ڪُهڻ وقت غيرالله جو نالو ورتو ويو، پوءِ جيڪو ماڻهو (حرام کائڻ لاءِ) مجبور ڪيو ويو ۽ دل سان گھڻو نه کاڌائين پوءِ بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب بخشيندڙ ٻاجهارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته آءُ ته جو (قرآن) مون وٽ بطور وحي جي آيو آهي ان ۾ ڪا به شيءِ ڪنهين کائڻ واري تي جو ان کي کائي تنهن تي) حرام ڪيل نه ٿو لهان پر اهو مردو يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت هجي ته بيشڪ اهي شيون ناپاڪ (۽ حرام) آهن. يا (اهو جانور) نافرمانيءَ (جو سبب) هجي جو (ڪهڻ وقت) خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جيڪو شخص (هرطرح) بيوس هجي (۽ اهڙي حالت ۾ کائي) ته پوءِ اوهان جو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته نٿو لهان ان ۾ جو وحي ڪيو ويو مون ڏانهن ڪنهن به حرام ڪيل کي ڪنهن کائيندڙ تي جو کائي ٿو ان کي مگر هي جو هجي مردار يا رت (سير جي وقت) وهيل يا گوشت سوئر جو پوءِ بيشڪ اهو پليد آهي يا ناجائز جو ڪهڻ وقت ان تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو ويو پوءِ جيڪو مجبور ڪيو ويو نه طلب ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگھندڙ پوءِ بيشڪ رب تنهنجو بخشيندڙ، مهربان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته جيڪي مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ڪنهن به کائيندڙ تي ڪابه حرام ڪيل شيءِ نه ٿو ڏسان جنهن کي هو کائي سواءِ هن جي ته اهو مردار يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت هجي ڇو ته اهو ناپاڪ آهي يا گناهه سان ڪٺل جانور جنهن تي (ڪُهڻ وقت) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جيڪو مجبور ٿئي پر نه بي فرماني ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي(مولانا محمد مدني)


چؤ ته مون ڏانهن جا وحي ڪئي وئي آهي ان ۾ آءُ ڪنهن کائڻ واري تي جا شيءِ اهو کائي ٿو حرام نه ٿو لهان سواءِ هن جي جو مُردار هجي يا وهندڙ رت هجي يا سوئر جو گوشت هجي ڇو ته اهو ناپاڪ آهي يا نافرماني طور ڪُٺل جانور جنهن تي (ڪُهڻ مهل) الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جو مجبور ٿئي ته نه بي فرماني ڪندڙ هجي ۽ نه حد کان لنگهندڙ هجي ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون نَه لَهان اُن ۾، اَچيمِ، جو اِلهام، کاڌو ڪِنهن کِيندر مَٿي، هرگز بَند حرام، مگر مُئل، رت سِير جو، يا مِرون ماس مدام، اِي گند يا گُناھ، جو آگي ري، علام، ڪُٺو، يا ڪوٺيو ويو، نِياز ٻيءَ جي نام، مگر جو مجبور ٿيو، نه باغِي ۽ نه خارِج خام، پوءِ تُنهنجو ڌڻِي دَوام، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا كُلَّ ذى ظُفُرٍ وَمِنَ البَقَرِ وَالغَنَمِ حَرَّمنا عَلَيهِم شُحومَهُما إِلّا ما حَمَلَت ظُهورُهُما أَوِ الحَوايا أَو مَا اختَلَطَ بِعَظمٍ ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِبَغيِهِم وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 146)

يَھُودين تي سڀئي نَھن وارا جانور حرام ڪيا ھواسون، ۽ (پڻ) ڳئن ۽ ٻڪرين مان انھن جي پنيءَ واري لڳل وَہ يا آنڊي واري يا ھڏن سان گڏيل وھ کانسواءِ (ٻي سڀ وھ) مٿن حرام ڪئي ھئي سون، اِھا سندن بي فرمانيءَ سببان کين سزا ڏني سون، ۽ اسين ته ضرور سچ چوڻ وارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يهودين لاءِ اسان نَنهن (سُنبن) وارا جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڳئيون ۽ ٻڪريءَ جي چرٻي به حرام ڪئي هئي، پر اها چرٻي نه، جا انهن جي پٺيءَ تي لڳل هجي يا آنڊن ۾ يا هڏين سان مليل هجي. اها اسان هنن جي سرڪشيءَ جي سزا ڏني هئي. (اهي شيون درخود حرام نه هيون) ۽ بيشڪ اسان (بيان ڪرڻ ۾) سچا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان حرام ڪيو يهودين تي هر ناخن دار جانور، ۽ اسان حرام ڪيو ڍڳين ۽ ٻڪرين مان انهن يهودين تي انهن جانورن جي چرٻي مگر جيڪا چرٻي لڳل هجي انهن جي پٺين تي يا آنڊا يا جيڪا مِکُ انهن جي هڏن ۾ آهي، يهودين جي بغاوت سببان اها انهن جي جزا آهي، ۽ بيشڪ اسان سچا آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان يهودين تي ننهن وارا سڀ جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا، پڻ ڍڳي ۽ ٻڪري ٻنهين جون چرٻيون مٿن حرام ڪري ڇڏيون هيون پر جا چربي انهن ٻنهين جي سندن پٺن يا آنڊن تي لڳل هئي يا هڏن سان مليل هجي (اها حلال هئي) اها اسان کين سرڪشيءَ جي سزا ڏني هئي ۽ ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اسين بلڪل سچا آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ انهن تي جو يهودي ٿيا حرام ڪئي سون هر شيءِ نهن واري ۽ ڳائي مال مان ۽ ٻاڪري مان حرام ڪئي سون انهن تي چرٻي انهن جي مگر جيڪو کنيو پٺين انهن جي يا آنڊن يا جيڪو لاڳو رهيو هڏي سان اهي بدلو ڏنوسون انهن کي سببان سرڪشي انهن جي ۽ بيشڪ اسان البته سچا آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ يهودين تي اسان هر هڪ نهن وارو جانور حرام ڪيو ۽ ڳائي مال ۽ ٻاڪري (۽ ريڍي) مال مان اسان مٿن ٻنهين جي چرٻي حرام ڪئي سواءِ ان (چرٻي) جي جا انهن جي پٺيءَ يا آنڊن تي لڳل هجي يا هڏيءَ سان لڳل هجي. اهو سندن نافرمانيءَ جي ڪري اسان کين بدلو ڏنو ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ يهودين مٿان اسان هر ننهن وارو (جانور) حرام ڪيو هيو ۽ ڳئون ۽ ٻڪري مان اسان انهن تي ٻنهين جي چرٻي حرام ڪئي سواءِ ان (چرٻي) جي جا انهن جي پٺي يا اوجهري سان لڳل هجي يا هڏي سان مليل هجي. اها انهن جي سرڪشي سبب اسان کين سزا ڏني ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيوسون، ڪُل يهودين تي، نارَوا نُهيار، ۽ وَه ڍَڳين ۽ ٻڪرين مان، مگر اُن مِڃ ڌار، پُٺيُن، آنڊن، ۽ هڏن تي، چَڙهِي، جا چوڌار، ڏِنوسون سَندنِ ڏِنگ جو، اِي بَدلو برقرار، ۽ آهيون اسين اِظهار،سَچا سڀ ڪنهن ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن كَذَّبوكَ فَقُل رَبُّكُم ذو رَحمَةٍ وٰسِعَةٍ وَلا يُرَدُّ بَأسُهُ عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 147)

پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ته چؤ ته اوھان جو پالڻھار گھڻي رحمت وارو آھي، ۽ ڏوھارڻ قوم کان سندس عذاب نه ٽاربو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو سمجهي تنهنجي ڳالهه نه مڃين، ته تون کين چئي ڏي ته اوهان جو پروردگار وڏي وسيع (ڪشادي) رحمت رکندڙ آهي (تنهن ڪري ئي مهلتون ڏئي ٿو) پر گناه ڪندڙن کان سندس عذاب هرگز ٽري ڪونه ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪُوڙو سمجھن پوءِ توهان فرمايو توهان جو رب گھڻي رحمت وارو آهي، الله جو عذاب نٿو ڦيرايو وڃي مجرمن جي قوم تان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) پوءِ اهي جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون (جواب ۾) چئين ته (توڙي جو) توهان جو پروردگار وڏي رحمت وارو آهي پر سندس عذاب گنهگارن تان ٽرندو به نه آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن ڪوڙو چون توکي ته پوءِ فرماءِ ته رب اوهان جو رحمت ڪشادي وارو آهي ۽ نه موٽايو ويندو عذاب اسان جو قوم مجرم کان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته چئو ته اوهان جو پاليندڙ ڪشاديءَ رحمت وارو آهي. ۽ سندس سزا کي ڏوهاريءَ قوم کان نه ٽاريو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو چون ته چؤ: ” توهان جو پالڻهار ڪشادي رحمت وارو آهي ۽ ان جو عذاب ڏوهارين جي قوم تان هرگز نه ٿو ٽاريو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪوڙو ڪوٺيون توکي، ته چئو اِهڙي چال، ته آگو آھِ، اوهان جو، وَڏي ڀال بحال، ۽ موٽائجي نه مجال، اُن جو قهر، ڪانهيارِي قوم تان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَيَقولُ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكنا وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم حَتّىٰ ذاقوا بَأسَنا قُل هَل عِندَكُم مِن عِلمٍ فَتُخرِجوهُ لَنا إِن تَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن أَنتُم إِلّا تَخرُصونَ (آيت : 148)

مشرڪ سگھو چوندا ته جي الله گھري ھا ته نڪي اسين شرڪ ڪريون ھا ۽ نڪي اسان جا اَبا ڏاڏا (شرڪ ڪن ھا) ۽ نڪي اسين ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح کانئن جيڪي اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو ايتري قدر جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان وٽ ڪو دليل آھي ته اُھو اسان لاءِ ڪڍي آڻين، (اوھين) رڳو گمان تي ھلندا آھيو ۽ اوھين رڳو اٽڪل ھڻندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن شرڪ جي واٽ ورتي آهي سي چوندا ته جيڪڏهن الله چاهي ها ته اسان جا ابا ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها، نڪي ڪنهن شيء کي (پنهنجي راءِ سان) حرام ٺهرائين ها. سو (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن به (سچائيءَ کي) ٺڪرايو هو جي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تان جو (آخر) کين اسان جي عذاب جو مزو چکڻو پيو. (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، ڇا توهان وٽ (هن باري ۾) ڪا علم جي روشنائي آهي جا اسان جي اڳيان پيش ڪري سگهو؟ (جيڪڏهن آهي ته پيش ڪيو) حقيقت هيءَ آهي ته، توهان فقط وهمن ۽ اٽڪلن جي پيروي ڪري رهيا آهيو ۽ توهان (پنهنجي ڳالهين ۾) سواءِ هن جي ڪجهه ناهيو ته بنا سمجهڻ جي ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهڻ وارا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


جلدي چوندا مشرڪ جيڪڏهن الله چاهي ها ته اسين ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها ۽ اسين پاڻ ڪا شيءِ حرام نه ڪريون ها، اهڙي طرح ڪُوڙو سمجھائون (نبين کي) انهن ماڻهن جيڪي انهن کان اڳ ۾ هئا ايستائين جو اسان جو عذاب چکيائون، توهان فرمايو ڇا توهان وٽ ڪو علم آهي پوءِ ان کي اسان لاءِ ظاهر ڪريو؟ توهان تابعداري ڪريو ٿا پنهنجي گمان جي ۽ توهان ته فقط اندازو ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جلد ئي مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه اسين ماڻهو شرڪ ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه ڪا به شيءِ (پاڻ تي) حرام ڪيون ها. اهڙي طرح (مشرڪ ڳالهيون ٺاهي ٺاهي) جيڪي ماڻهو هنن کان اڳ ٿي گذريا آهن (نبين کي) ڪوڙو ڪندا رهيا، تان جو اسان جي سزا جو مزو چکيائون. (اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهان وٽ ڪو دليل آهي (جيڪڏهن آهي) ته اسان جي ڏيکارڻ لاءِ ان کي ڪڍو. (دليل ڇا پيش ڪندو) اوهين ماڻهو ته رڳو (پنهنجي) گمان تي هلو ٿا ۽ اوهين فقط اٽڪل تي چئو ٿا.(سيد فرمان علي)


جلدي چوندا اهي شخص جو شرڪ ڪيائون ته جيڪڏهن گھري ها الله ته نه اسين شرڪ ڪيون ها ۽ نه پيئر اسان جا ۽ نه حرام ڪيون ها ڪا شيءِ ائين ئي ڪوڙو ڪيو انهن جو اڳي انهن کان هئا تان جو چکيائون عذاب اسان جو فرماءِ ته ڇا اوهان وٽ ڪو علم آهي پوءِ ڪڍو اهو اڳيان اسان جي نه ٿا پيروي ڪيو مگر گمان جي ۽ ناهيو اوهان مگر جو ٿا اٽڪل ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه اسين ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا (ان سان ڪنهن کي) شريڪ ڪريون ها ۽ نه اسين ڪا شيءِ حرام ڪريون ها ! اهڙيءَ طرح انهن کان اڳين به ڪوڙو ڪيو تان جو اسان جي سزا جو مزو چکيائون. چئو ته اوهان وٽ ڪا ثابتي آهي ته ان کي اسان جي اڳيان ظاهر ڪريو. اوهين رڳو (پنهنجي) گمان تي هلو ٿا ۽ اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا. (مولانا محمد مدني)


جلد ئي مشرڪ چوندا ته: ”جي الله چاهي ها ته اسان شرڪ نه ڪيون ها ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا (شرڪ ڪن ها) ۽ نه اسان ڪنهن شيءِ کي حرام ڪيون ها“. اهڙي طرح انهن کان اڳين به ڪوڙ گهڙيو هيو تانجو اسان جو عذاب چکيائون. چؤ ته: ”اوهان وٽ ڪا ڄاڻ آهي ته اسان جي اڳيان ڪڍو (ظاهر ڪيو). توهان ته صرف گمان تي هلو ٿا ۽ توهان صرف اٽڪل بازي ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن ڀائيوار بَنايا، سي چوندا اِهڙِي چال، ۽ نه اسان، نه ابن اَسان جي، جوڙِيا جوڙِيوال، جي ڌڻي گھريو، ۽ نه ڪنهن شيء کي، ڪيوسون بند بحال، ڪيا ڪُوڙ اُنهن کان، مَهندينِ اِن مثال، تان چَکيؤن چڱِي چال، اَسان جي عذاب کي. چئو، اوهان وٽ آھِ، ڪجھ؟ ته اسان وٽ آڻيو، ٺلهو وَهم گُمان پُٺيان، تَندو ٿا تاڻِيو، ۽ واتان نه وَراڻيو، مگر ٻُوليو پاڻ ٻَڌيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل فَلِلَّهِ الحُجَّةُ البٰلِغَةُ فَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 149)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي حُجّت مُحڪم آھي، جيڪڏھن گھري ھا ته ضرور اوھان مڙني کي سڌو رستو ڏيکاري ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته پڪو دليل جو (ماڻهن جي دلين کي) پهچندڙ هجي سو فقط الله جو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته سڀني کي (سچيءَ) راهه تي لڳائي ڇڏي ها (ڇو ته سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي، پر هن ائين نه چاهيو ۽ اهوئي سندس حڪمت جو فيصلو آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته الله تعالى وٽ سڀئي دليل آهن، پوءِ الله جيڪڏهن چاهي ته توهان سڀني کي هدايت فرمائي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته (هاڻي اوهان وٽ ڪو به دليل نه آهي) خدا تائين پهچائڻ وارو دليل فقط خدا لاءِ ئي خاص آهي پوءِ جيڪڏهن اهو (الله) گهري ها ته اوهان سڀني جي هدايت ڪري ها.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته پوءِ الله جي لاءِ آهي حجت پوري پوءِ جيڪڏهن گھري ها ته البته هدايت ڪري ها اوهان سڀني کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته مضبوط دليل الله جو ئي آهي. پوءِ جيڪڏهن الله گهري ها ته اوهان سڀني کي رستو ڏيکاري ها. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”پوءِ مضبوط دليل ته الله جو آهي پوءِ جي چاهي ها ته اوهان سڀني کي هدايت ڪري ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آهي سچِي ثابِتي، ڌُران وَٽ ڌڻِي، ڌڻِي هوند وَڻِي، ته سَنئـِين سُهائي سڀن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هَلُمَّ شُهَداءَكُمُ الَّذينَ يَشهَدونَ أَنَّ اللَّهَ حَرَّمَ هٰذا فَإِن شَهِدوا فَلا تَشهَد مَعَهُم وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَهُم بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 150)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجن شاھدن کي سڏيو جيڪي شاھدي ڏين ته (تون) انھن سان شاھدي نه ڏي، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي چوڻ تي نه ھل ۽ اُھي پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) کين چؤ ته، (جيڪڏهن توهان پنهنجي گهڙيل قاعدن سان انهن جانورن کي حرام ٺهرايو ٿا ته) پنهنجي شاهدن کي (يعني حڪم ڏيڻ وارن کي) وٺي اچو ته انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ته خدا (سچ پچ) اها شيء حرام ڪري ڇڏي آهي. پوءِ جيڪڏهن سندن (ڪوڙا شاهد) اهڙي شاهدي به ڏين ته به تون انهن سان شامل ٿي اهڙي شاهدي نه ڏجانءِ (ڇو ته اها حقيقت جي بلڪل خلاف آهي) تون انهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي ۽ جي آخرت تي يقين نٿا رکن ۽ ٻين هستين کي پنهنجي پروردگار جي برابر ٺهرائين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آڻيو پنهنجا شاهد جيڪي شاهدي ڏين ته بيشڪ الله انهن شين کي حرام ڪيو آهي، پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين (بالفرض) پوءِ توهان انهن سان گڏ شاهدي نه ڏيو، ۽ توهان انهن جي سَڌُن جي تابعداري نه ڪريو، جن ماڻهن ڪُوڙو سمجھو اسان جي آيتن کي ۽ اهي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي ماڻهو پنهنجي رب سان برابري ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته (چڱو) پنهنجي شاهدن کي پيش ڪريو جيڪي هيءَ شاهدي ڏين ته (اهي شيون جن کي اوهان حرام ڪيو ٿا) خدا ئي حرام ڪيون آهن پوءِ جيڪڏهن (بالفرض) اهي شاهدي ڏين به ته تون (اي رسول!) ڪڏهن به انهن سان شاهدي نه ڏجانءِ ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ ٻين کي پنهنجي پروردگار جو همسر بنائين ٿا هنن جي نفساني خواهشن تي نه هلجانءِ.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته آڻيو شاهد پنهنجا جيڪي شاهدي ڏين ته بيشڪ الله حرام ڪيو هن کي پوءِ جيڪڏهن (اهي ڪوڙي) شاهدي ڏين ته پوءِ تون شاهدي نه ڏي انهن سان گڏ ۽ نه تابع ٿي سڌن انهن جي جو جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي ۽ اهي جو نه ايمان آڻين ٿا آخرت تي ۽ اهي (ٻين کي) رب پنهنجي سان برابر ڪن ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته اوهين پنهنجن انهن شاهدن (عالمن) کي آڻيو جيڪي شاهدي ڏين ته (جنهن کي اوهان حرام چئو ٿا) الله ان کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين ته تون انهن جي شاهدي جو اعتبار نه ڪر. ۽ تون انهن جي خواهشن تي نه هل جن اسان جي حڪمن کي ڪوڙو ڪيو ۽ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”پنهنجا شاهد آڻيو جيڪي شاهدي ڏين ته الله هي (شيءِ) حرام ڪئي آهي“. پوءِ جي (ڪوڙي) شاهدي ڏين ته تون انهن جي شاهدي قبول نه ڪجانءِ ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃن ۽ اُهي پنهنجي پالڻهار سان ٻين کي برابر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَر نَه ! تون وارڻ، ته اَهنجا شاهِد آڻيو، جي شاهدِي ڏينِ، ته هِي شيون روڪيون ربَّ سُڄاڻ، پوءِ جي ساک ڏِين، ته ساک نه ڏي، اُنهن گڏ اڳواڻ!، ۽ تن جي، خواهش خام پُٺيان، نه پير پائـِج پاڻ، جنين ڪوڙا ڪوٺيا، اَسان جا اُهڃاڻ، ۽ اِيمان آخرت تي، نه آڻين، جي اَڄاڻ، ۽ سندنِ سائين ساڻ، برابر ڀائـِين ٻِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل تَعالَوا أَتلُ ما حَرَّمَ رَبُّكُم عَلَيكُم أَلّا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم مِن إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُكُم وَإِيّاهُم وَلا تَقرَبُوا الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 151)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو ته آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي ته) اوھين ڪنھن شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُھو، اسين اوھانکي (به) ۽ خاص انھن کي (به) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نه وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو ھجي، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو الله اوھان کي ڏنو آھي ته اوھين سمجھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) انهن کي چؤ ته، اچو ته مان اوهان کي (الله جو ڪلام) پڙهي ٻڌايان، ته توهان جي پروردگار توهان جي لاءِ ڇا ڇا حرام ڪري ڇڏيو آهي. خدا سان ڪنهن به شيء کي شريڪ نه ٺهرايو. پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱي هلت وٺو ۽ چڱايون ڪيو. پنهنجي اولاد کي سڃائي جي خوف کان قتل نه ڪيو، اسان ئي توهان کي روزي ڏيون ٿا ۽ انهن (يعني اوهان جي اولاد) کي به روزي اسان ڏينداسين ۽ بي شرمي جي ڳالهين ۽ ڪمن کي رڳو ويجهي به نه وڃو. اهي (بي شرميءَ جا ڪم ۽ ڳالهيون) کليل هجن توڙي لڪل هجن (ڪنهن به حالت ۾ انهن جي ويجهو نه وڃو) ۽ ڪنهن به جان (انسان) کي قتل نه ڪيو، جنهنجي (قتل) کي خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو هجي، سواءِ هن جي جو ڪنهن حق جي بنا تي هن کي قتل ڪرڻو پوي (مثلاً قصاص ۾ يا جج جي فيصلي موجب) اهي آهن اهي ڳالهيون جن جي خدا توهان کي وصيت ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺو.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو توهان اچو آئون توهان کي پڙهي ٻڌايان جيڪي توهان جي رب توهان تي حرام ڪيو آهي ته الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو ۽ پيءُ ۽ ماءُ سان نيڪي ڪريو، ۽ نه قتل ڪريو توهان پنهنجي اولاد کي غربت سببان، اسين توهان کي ۽ انهن کي رزق ڏينداسين، ۽ نه ويجھا وڃو بي حيائي کي جيڪا ظاهر ۾ آهي يا باطن ۾ آهي، ۽ جنهن شخص جي قتل ڪرڻ کي الله حرام ڪيو آهي اُن کي قتل نه ڪريو مگر شريعت موجب، انهن ڪمن لاءِ الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو ته مَن توهان سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته (بس هاڻي) اچو ته جيڪي ڳالهيون خدا توهان تي حرام ڪيون آهن اهي آءُ اوهان کي پڙهي ٻڌايان؛ (اهي) هي ته ڪنهن شيءِ کي خدا جو شريڪ نه بنايو ۽ پيءُ ماءُ سان نيڪ سلوڪ ڪريو، پڻ مفلسي جي خوف کان پنهنجي اولاد کي نه ماري ڇڏيو (ڇو ته) انهن کي ۽ اوهان کي رزق ڏيڻ وارا ته اسين آهيون. ۽ برن ڪمن جي ويجهو به نه وڃو، خواھ اهي ظاهر هجن يا لڪل ۽ ڪنهن ساهواري کي جنهن کي قتل ڪرڻ خدا حرام ڪيو آهي نه مارجو پر (ڪنهن) حق جي بدلي. هي اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهين ماڻهو سمجهو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اچو ته پڙهان جيڪو حرام ڪيو رب اوهان جي اوهان تي نه شريڪ بنايو ان سان ڪا شيءِ ۽ پيءُ ماءُ سان احسان (ڪيو) ۽ نه ڪهو اولاد پنهنجي کي سڃي ٿيڻ جو ڊپ کان اسين رزق ڏيون ٿا اوهان کي ۽ انهن کي ۽ نه ويجھا وڃو بيحيائي کي جيڪو ظاهر ٿيو ان مان ۽ جيڪو لڪل ٿيو ۽ نه ڪهو نفس کي جيڪو حرام ڪيو آهي الله مگر حق سان اهو امر ڪيائين اوهان کي ان جو تانته اوهان عقل کان ڪم وٺو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته اچو ته جيڪي اوهان جي پاليندڙ اوهان تي حرام ڪيو آهي سو اوهان کي پڙهي ٻڌايان. الله سان ڪنهن شيءِ کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو. ۽ پنهنجي اولاد کي تنگ دستيءَ جي ڪري ماري نه ڇڏيو. اسين اوهان کي ۽ انهن کي روزي ڏيون ٿا. ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کي جيڪي انهن مان ظاهر آهن ۽ جيڪي لڪل آهن (تن سڀني کي) ويجها نه ٿيو ۽ اهڙي شخص کي خون نه ڪريو جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي مگر حق سان، اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (مولانا محمد مدني)


چؤ اچو ته آءٌ اُهي شيون پڙهي ٻڌايان، جيڪي توهان جي پالڻهار توهان تي حرام ڪيون آهن (اُهي) هي آهن ته الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو ۽ ماءُ پيءُ سان احسان ڪيو ۽ پنهنجي اولاد کي سُڃائي جي سبب قتل نه ڪيو. اسان ئي اوهان کي رزق ڏيون ٿا ۽ انهن کي به. ۽ بي حيائي جي ڪمن جي ويجهو نه وڃو (توڙي) ظاهر هجن ۽ (توڙي) ڳجها ۽ ان جان کي قتل نه ڪيو جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي سواءِ (شرعي) حق جي. هي اهي (احڪام) آهن جن جو ان اوهان کي تاڪيدي حڪم ڏنو آهي من توهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اَچو ته پڙهان اوهان تي، جي هادِيءَ ڪيا حرام، نه گَڏيو، غَير اُن سان ۽ ماءُ، پِي سان مِهر مُدام، ۽ نه ڪُهو ڪَلها پَنهنجا، خوف بُک جي کان خام! اَسين رِزق رَساڻيون، آن کي، به اُنهن کي عام، ۽ ڳُجهين، پَڌرين اَ گلاين کي، ويجھا نه وڃو وَريَام!، ۽ نه ڪُهو جِيءُ ڪو، جنهن کان روڪيو ربَّ علام، مگر حق حساب سان، ۽ مالڪ مِٺي نام، ۽ آڇيان، اِهي اَحڪام، ته ڌاريو مانَ ڌِيان ڪو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ بِالقِسطِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَإِذا قُلتُم فَاعدِلوا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَبِعَهدِ اللَّهِ أَوفوا ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 152)

۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي ھجي تنھن کانسواءِ ٻيءَ طرح سان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽي وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏنو اٿس ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهڙيءَ طرح) يتيمن جي مال ملڪيت کي به ويجهو نه وڃو. (يعني ان تي قبضو ڪرڻ يا ان مان ڪجهه هضم ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) سواءِ هن جي جو چڱي طريقي (۽ نيت) سان (ان جو انتظام رکو) (يعني يتيمن جي فائدي ۽ سنڀال لاءِ سندن مال ملڪيت جي نگهباني ڪرڻ چاهيو) سو به تيستائين جيستائين اهي يتيم پنهنجي (سمجهه ۽ طاقت جي) عمر کي پهچي وڃن، ۽ (هي ڳالهه به ياد رکو ته) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان تور ۽ ماپ پوري ڪريو. اسان ڪنهن به جان (انسان) تي سندس طاقت کان ٻاهر بار نٿا رکون (پنهنجي طاقت آهر انصاف ۽ ايمانداريءَ جي ڪوشش ڪريو) ۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چؤ ته حق ۽ انصاف جي چئو، اگرچه معاملو پنهنجي مائٽن سان تعلق رکندڙ هجي )۽ فيصلو سندس خلاف وڃي) ۽ الله سان جيڪو عهد اقرار ڪيو اٿو سو پورو ڪيو ۽ چڱيءَ طرح پاڙيو. اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺو (۽ صالح عمل ڪيو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان ويجھا نه وڃو يتيم جي ملڪيت کي مگر ان جي سهڻي نموني سان حفاظت ڪريو، ايستائين جو اهو پهچي پنهنجي جواني کي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو، نٿا تڪليف ڏيون اسان انسان کي مگر سندس طاقت آهر، ۽ جنهن وقت ڳالهايو توهان (فيصلي ۾) پوءِ انصاف ڪريو جيتوڻيڪ توهان جا مائٽ هجن، ۽ شريعت جا احڪام پورا ڪريو، اِنهن ڪمن جو الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو، من توهان نصيحت وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃو پر اهڙي طريقي تي جو (سندس حق ۾) چڱو هجي ايستائين جو اهو پنهنجي جوانيءَ جي حد تائين پهچي وڃي. ۽ انصاف سان ماپ تور پوري ڪندا ڪريو. اسين ڪنهين کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿا ڏيون. ۽ (ڪجھ به هجي پر) جڏهين به ڳالھ چئو ته انصاف سان توڙي جو ان (جنهن جي توهان خلاف چئو) اوهان جو عزيز ئي (ڇو نه) هجي ۽ خدا سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن اوهان سبق حاصل ڪريو. (سيد فرمان علي)


۽ نه ويجھا وڃو مال يتيم جي کي مگر ان (طريقي) سان جو اهو سهڻو آهي تانجو پهچي جواني پنهنجي کي ۽ پورو ڪيو ماپ ۽ تور کي عدل سان نه ٿا تڪليف ڏيون ڪنهن سر کي مگر ان جي طاقت آهر ۽ جڏهن ڳالھ ٻولھ ڪيو ته پوءِ انصاف ڪيو جيتوڻيڪ هجي مائٽ ۽ ڪيل وعدو الله سان پورو ڪيو هي آهن (اهي ڳالهيون) جو امر ڪيو اٿس اوهان کي انهن جو تانته اوهان نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ يتيم جي مال کي اهڙي طريقي کانسواءِ جو چڱو آهي ويجها نه وڃو ايتري تائين جو هُو پنهنجي طاقت کي پهچي. ۽ ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو. اسين ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون. ۽ جڏهن ڳالهه ڪريو ته انصاف جي ڪريو جيتوڻيڪ (جنهن جي ڳالهه اچي سو اوهان جو) قرابتدار هجي ۽ الله جي انجام کي پورو ڪريو، اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين ڌيان ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ يتيم جي مال جي ويجهو نه وڃو سواءِ ان طريقي جي جو سهڻو آهي جيستائين اُهو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي وڃي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪيو. اسان ڪنهن به نفس کي ان جي وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏهن توهان (ڪنهن جي باري ۾) ڳالهه ڪيو ته انصاف واري ڪيو توڙي جو ويجهو رشتيدار هجي ۽ الله جو معاهدو پورو ڪيو. اهي (ڳالهيون) آهن جن جو ان توهان کي تاڪيدي حڪم ڏنو آهي تان ته توهان نصيحت پِرايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڇورن ڇِنن ٻارن جي، ويجھانه وڃو، مال، مگر موچارو گھڻو، تِنهن نموني نال، تان پُهچنِ پَنهنجي زور کي، بالغ ٿِين بَحال، ۽ پُورو ڀَرئو، ۽ توريو، سُپت صفائـِي نال، ڪِنهن تي، نه رکون ڪم، مگر مُوجب هُن جي حال، ۽ ڪُڇو، ته ڪُڇو واجبي، توڻِي اوڏا آل عيال، ۽ واحد سَندو واعِدو، پاريو چڱِي چال، ۽ ڪيئـِي وِيان اِن ڪمن جِي، نصحيت نِهال، ته ڳَهيلا! سَڀڪا ڳالھ، پرهِي مانَ پرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّ هٰذا صِرٰطى مُستَقيمًا فَاتَّبِعوهُ وَلا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُم عَن سَبيلِهِ ذٰلِكُم وَصّىٰكُم بِهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 153)

۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (الله تعاليٰ ٻڏايو ته خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ جي) اهائي واٽ منهنجي (ٺهرايل) سڌي واٽ آهي، سو انهيءَ ئي (واٽ) تي هلو. (ٻين) واٽن تي نه هلو، متان اهي واٽون اوهان کي خدا جي سڌيءَ واٽ کان جدا ڪري ڇڙوڇڙ ۽ گمراه ڪري ڇڏين. اها ڳالهه آهي جهن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان پرهيزگار ٿي پئو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ هيءُ منهنجي واٽ سڌي آهي پوءِ توهان سڌي واٽ تي هلو، ۽ غلط رستي تي نه هلو ورنه توهان الله جي راه کان پري ٿيندا، انهن ڪمن جو الله توهان کي حڪم فرمائي ٿو ته من توهان الله تعالى جي عذاب کان ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي (به سمجهو) ته منهنجو سڌو رستو آهي. ان تي هلو ۽ ٻين رستن تي نه هلو جو اهي اوهان کي خدا جي رستي کان (ٿيڙي) الڳ الڳ ڪري ڇڏيندا. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته من پرهيزگار ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ هي رستو منهنجو سڌو آ پوءِ ان جي پيروي ڪيو ۽ نه پيروي ڪيو (ٻين) رستن جي پوءِ جدا ڪندا اوهان کي رستي ان جي کان هي ڳالهيون اٿوَ جن جو امر ڪيو اٿس اوهان کي تانته اوهان پرهيزگار ٿيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (هيءَ خبر ڏني اٿس) ته هيءُ منهنجو رستو آهي سڌو، پوءِ ان تي هلو !۽ (ٻين) رستن تي نه هلو جو (اهي) اوهان کي الله جي رستي کان جدا ڪري ڇڏيندا. اهو آهي جنهن جو الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ هي منهنجو سڌو رستو آهي پوءِ اوهان ان جي پيروي ڪيو، ۽ (ٻين) رستن تي نه هلو اُهي اوهان کي ان (الله) جي راهه کان جدا ڪري ڇڏيندا. اها ڳالهه آهي جنهن جو ان توهان کي تاڪيدي حڪم ڏنو آهي تان ته توهان پرهيزگار ٿي پئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَنئون سَواٽو، آهي اِي، مارڳ مُنهنجو مُور، وَٺوسو، ۽ نه وَٺو ٻيون، واٽون وِنگيون وَهلور، پوءِ سَندسِ وَهِين واٽ کان، ڇِنِي ڇڏِينيان ڏور، ۽ مولي اِي مذڪور، آڇيان، ته اَڇا مانَ رهو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ تَمامًا عَلَى الَّذى أَحسَنَ وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم بِلِقاءِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 154)

وري مُوسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شيء جي چٽائيءَ لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون ته مانَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ديدار کي مڃين.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري (ڏسو ته) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، انهيءَ لاءِ ته جيڪو نيڪ عمل ڪندڙ ٿئي تنهن تي پنهنجي نعمت پوري ڪيون، ۽ هرهڪ ڳالهه کي کولي کولي بيان ڪيون ۽ ماڻهن جي لاءِ (اهو ڪتاب) هدايت ۽ رحمت ٿئي ته من پنهنجي پروردگار جي ملاقات (يعني قيامت جي ڏينهن خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ) تي ايمان آڻين.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان پوءِ اسان موسيٰ کي تورات نعمت ڪري عطا ڪيو اُنهيءَ ماڻهو لاءِ جيڪو نيڪوڪار آهي ۽ تفصيل هر شيءِ جو ۽ هدايت ۽ رحمت ته من اِهي (بني اسرائيل) پنهنجي رب جي ملاقات تي ايمان آڻين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪو نيڪي ڪري، اسان ان تي پنهنجي نعمت پوري ڪرڻ لاءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان هر شيءِ جو تفصيل (کولي بيان ڪيو هو) ۽ ماڻهن لاءِ سر کان پيرن تائين (هدايت ۽ رحمت آهي ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جو يقين ڪن.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ ڏنو سون موسى کي ڪتاب واسطي پوري ڪرڻ نعمت جي ان تي جو نيڪ ڪم ڪيائين ۽ تفصيل ڪري هر شيءِ جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت تانته اهي پنهنجي رب سان ملڻ کي مڃين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري (چئون ٿا ته) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ته ان ماڻهوءَ تي (اسان جي) نعمت پوري ٿئي جيڪو نيڪي ڪري ٿو ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ ۽ رستي ڏيکارڻ ۽ مهربانيءَ ڪرڻ لاءِ، مَنَ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ جو يقين ڪن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو ته ان ماڻهو تي اسان جي نعمت پوري ٿئي جنهن نيڪي جو ڪم ڪيو ۽ اهو (ڪتاب) هرشيءِ جو تفصيل هيو ۽ هدايت ۽ رحمت هئي، تان ته اُهي پنهنجي رب سان ملڻ تي ايمان آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِنوسون موسٰى مِير کي، توريت تِنهن پُڃاڻ، نيڪِي، جنهن نيڪ ڪئـِي، پُورو تنهن لئي پاڻ، ۽ سڀ شئ جِي صفائـِي، سُونهپ ۽ ڪرم تِنين ڪاڻ، سندنِ سائين ساڻ، جي مَڃينِ ملاقات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعوهُ وَاتَّقوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 155)

ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهڙيءَ طرح) هي ڪتاب (قرآن مجيد) آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي جو برڪت وارو آهي (يعني جيڪي ان جي پيروي ڪندا تن لاءِ برڪت واري راهه کولي ڇڏيندڙ آهي). پوءِ توهان کي گهرجي ته ان (قرآن مجيد) جي پيروي ڪيو ۽ پرهيزگاريءَ جو ڍنگ اختيار ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هي قرآن وڏي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهنکي اسان نازل فرمايو آهي پوءِ توهان ان جي تابعداري ڪريو ۽ خوف ڪريو ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي ڪتاب (قرآن) جنهن کي اسان (هاڻي) نازل ڪيو آهي برڪت وارو ڪتاب آهي ته اوهين ان جي پيروي ڪريو ۽ (خدا کان) ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سيد فرمان علي)


۽ هي ڪتاب آهي جو لاٿو سون ان کي برڪت وارو آهي پوءِ تابعداري ڪيو ان جي ۽ ڊڄندا رهو (الله کان) تانته اوهان رحمت ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هيءُ (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيوجو خير برڪت وارو آهي، پوءِ ان تي هلو ۽ پرهيزگار ٿيو مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(مولانا محمد مدني)


۽ هي ڪتاب برڪتن وارو آهي جنهن کي اسان لاٿو سو اوهان ان جي پيروي ڪيو ۽ ڊڄو تان ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ لاٿون سون هِي ليک ڀَلو، پوءِ پُٺيانسِ پير ڀَريو، ۽ ڪِري پڻ ڪريو، ته مَرهيا وَڃو مورهين!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَن تَقولوا إِنَّما أُنزِلَ الكِتٰبُ عَلىٰ طائِفَتَينِ مِن قَبلِنا وَإِن كُنّا عَن دِراسَتِهِم لَغٰفِلينَ (آيت : 156)

(ھن لاءِ لاٿوسون ته اي ڪافرؤ) متان چوڻ لڳو ته اسان کان اڳ وارين ٻن ٽولين کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) تي ڪتاب نه لاٿو ويو آھي، ۽ اسين سندس پڙھي پڙھائي کان بيخبر ھئاسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي اهل عرب! اسان هي قرآن مجيد هن لاءِ نازل ڪيو ته) توهان ائين نه چئي سگهو ته خدا فقط ٻن جماعتن (يهودين ۽ عيسائين) تي ڪتاب نازل ڪيو جي اسان کان اڳي ٿي گذريا ۽ اسان کي هنن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي خبر ڪانه هئي.(علامه علي خان ابڙو)


متان توهان چئو ته فقط ڪتاب نازل ڪيا ويا ٻن گروهن (يهودين ۽ عيسائن) تي اسان کان اڳ ۾، ۽ بيشڪ اسان انهن ڪتابن جي پڙهڻ کان بي خبر هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي مشرڪو! هي نه چئي ويهو) ته اسان کان اڳ خدا جا ڪتاب ته بس فقط ٻن ئي جماعتن (يهودي ۽ نصارن) تي نازل ٿيل هئا، توڙي جو اسين انهن جي پڙهڻ (پڙهائڻ) کان بي خبر هئاسون.(سيد فرمان علي)


متان چئو ته تحقيق نازل ڪيو ويو ڪتاب ٻن جماعتن تي اڳ ۾ اسان کان جيتوڻيڪ هياسون پڙهڻ، پڙهائڻ انهن جي کان بالڪل بي خبر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اسان ان کي نازل ڪيو) ته متان اوهين چئو ته ڪتاب رڳو اسان کان اڳين ٻن جماعتن تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ اسين انهن جي پڙهڻ پڙهائڻ کان بي خبر هئاسون. (مولانا محمد مدني)


متان چئو ته اسان کان پهريائين فقط ٻن جماعتن (يهودين ۽ نصارن) تي ڪتاب لاٿو ويو ۽ اسان ان جي پڙهڻ پڙهائڻ کان بي خبر هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِيئن چَئو، ته اڳي ٻِن ٽولين تي، ويا اُتاريا اُهڃاڻ، ۽ جن جي پڙهايان پاڻ، مُورک هُئاسون مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَو تَقولوا لَو أَنّا أُنزِلَ عَلَينَا الكِتٰبُ لَكُنّا أَهدىٰ مِنهُم فَقَد جاءَكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَّبَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَصَدَفَ عَنها سَنَجزِى الَّذينَ يَصدِفونَ عَن ءايٰتِنا سوءَ العَذابِ بِما كانوا يَصدِفونَ (آيت : 157)

يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا چئو ته، جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسان انهن جماعتن کان (جن تي ڪتاب نازل ٿيو) زياده هدايت وارا ٿيون ها، سو (ڏسو) تحقيق توهان ڏي به توهان جي پروردگار وٽان هڪ چٽو دليل ۽ رحمت اچي وئي آهي، پوءٌ (ٻڌايو ته) انهيءَ کان وڌيڪ ظالم انسان ڪري آهي جو خدا جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي ۽ انهن کان منهن موڙي. (ياد رکو ته) جي ماڻهو اسان جي نشانين کان منهن موڙين ٿا تن کي اسان ان جي بدلي ۾ جلد سخت عذاب ڏينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


يا هينئن چئو ته، جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ڪيو وڃي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت تي هجون ها، پوءِ بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان بيان آيو ۽ هدايت ۽ رحمت، پوءِ اُن کان زياده ظالم ڪير آهي جيڪو رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھي ۽ قرآن کان مُنهن موڙي، جلدي اسين جزا ڏينداسين انهن ماڻهن کي جيڪي روڪين ٿا اسان جي آيتن کان، اسين انهن کي سخت عذاب ڏينداسين سندن روڪڻ سببان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا هئين چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان تي (خدا جو) ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسين انهن ماڻهن کان به وڌيڪ سڌي راھ تي هجون ها. ته (ڏسو) هاڻي ته پڪ اوهان جي پالڻهار طرفان اوهان وٽ هڪ روشن دليل (خدا جو ڪتاب) ۽ هدايت ۽ رحمت اچي چڪي. ته پوءِ جو شخص خدا جي آيتن کي ڪوڙ سمجهي ۽ ان کان منهن ڦيري ان کان مٿي ظالم ڪير هوندو. جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کان منهن موڙين ٿا اسين سندن ان منهن موڙڻ جي عوض ۾ جلد ئي بڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون. (سيد فرمان علي)


يا چئو ها ته جيڪڏهن تحقيق اسين نازل ڪيو وڃي ها اسان تي ڪتاب ته البته هجون ها وڌيڪ هدايت وارا انهن کان پوءِ تحقيق آيو اوهان وٽ چٽو دليل رب اوهان جي کان ۽ هدايت ۽ رحمت پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو ڪوڙو چيائين آيتن الله جي کي ۽ منهن موڙيائين انهن کان جلدي سزا ڏينداسون انهن کي جو منهن موڙين ٿا آيتن اسان جن کان بري عذاب سان سببان ان جي جو منهن موڙيائون ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان تي ڪتاب لاٿو وڃي ته اسين انهن کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيون ها ! پوءِ بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي ۽ رهنمائي ۽ مهرباني اچي چڪي آهي. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان منهن موڙيو. (مولانا محمد مدني)


يا هيئن چئو ته جي اسان تي ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت وارا بنجون ها. پوءِ بيشڪ توهان وٽ توهان جي پالڻهار وٽان چٽو دليل ۽ هدايت ۽ رحمت آئي آهي. پوءِ ان کان وڌيڪ زور ظالم ڪير آهي جيڪو الله جي آيتن کي ڪوڙو چوي ۽ ان کان مُنهن موڙي. جلد اسان انهن ماڻهن کي بري عذاب جي سزا ڏينداسين جيڪي اسان جي آيتن کان مُنهن موڙن ٿا انڪري جو مُنهن موڙيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا چئو ته، هوند ڪتاب ڪو، اُتريو اَسان پار، ته صِحي سَنواٽا اُنهن کان، هواسون هموار، پوءِ اَهنجي آگي کان آئـِيان، نِشانِيون نِروار، ۽ سُونهپ سَنئين پار، ۽ رحمت ربَّ ڪريم جِي. ڪير ڪَراڙو اُن ڪنان، ظالم آهي ضرور؟ جِنهن اَسان جو آيتون، ڪوٺيون ڪوڙ فتور، ۽ مُنهن موڙئين اُن ڪنان؛ ڏينداسون ڏاڍا سُور، جي اسان جي آيتن کان، موڙِين مُنهن مَغرور، ڪارڻ تِنهن قُصور، جِيئن مُنهن موڙينِ، اِن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ رَبُّكَ أَو يَأتِىَ بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ يَومَ يَأتى بَعضُ ءايٰتِ رَبِّكَ لا يَنفَعُ نَفسًا إيمٰنُها لَم تَكُن ءامَنَت مِن قَبلُ أَو كَسَبَت فى إيمٰنِها خَيرًا قُلِ انتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 158)

ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھو کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو جنھن اڳ ايمان نه آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نه ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اهي ماڻهو (جيڪي سچائي جي نشانين ڏسڻ بعد به سرڪشيءَ کان باز نٿا اچن) ڪهڙيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ ترسيا ويٺا آهن؟ هن ڳالهه جي انتظار ۾ ته (آسمان مان) فرشتا هنن وٽ هلي اچن يا خود تنهنجو پروردگار انهن جي سامهون اچي بيهي يا وري تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون (معجزا) ظهور ۾ اچن (يا قيامت جا آثار ظاهر ٿين؟) پوءِ (جيڪڏهن اهي ماڻهن انهيءَ ڳالهه جي واٽ تڪي رهيا آهن ته کين معلوم ڪرڻ گهرجي يه) جنهن ڏينهن تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون ظهور ۾ اينديون تنهن ڏينهن ڪنهن به انسان کي جنهن اڳ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ نيڪي نه ڪمائي هوندي تنهن جو (پوءِ) ايمان آڻڻ کيس فائديمند ڪونه ٿيندو. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (جيڪڏهن توهان کي انتظار ئي ڪرڻو آهي ته ڀلي) انتظار ڪندا رهو. اسان به (حق ۽ باطل جي فيصلي جو) انتظار ٿا ڪيون.(علامه علي خان ابڙو)


نه انتظار ڪن مگر جو اچن انهن وٽ ملائڪ (ساهه ڪڍڻ لاءِ) يا اچي انهن وٽ عذاب رب تنهنجي جو يا اچن ڪي نشانيون رب تنهنجي جون، انهيءَ ڏينهن جو اچن ڪجھه نشانيون تنهنجي رب جون، نٿو نفعو ڏئي انهن ماڻهو کي (ان وقت) سندس ايمان آڻڻ، يا نيڪ عمل جيڪي اڳ ۾ ڪيا هوندائين، رسولِ عربي توهان فرمايو توهان انتظار ڪريو بيشڪ آئون انتظار ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) ڇا اهي ماڻهو فقط ان ڳالھ جي انتظار ۾ آهن ته انهن وٽ فرشتا اچن يا اوهان جي پالڻهار جون ڪجھ نشانيون اچن (آخر ڪئين سمجهايو وڃي) حالانڪه جنهن ڏينهن اوهان جي پروردگار جون ڪي نشانيون اچي وينديون ته جنهن شخص شروع ۾ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پاڻ مومن هجڻ جي حالت ۾ ڪو به نيڪ ڪم نه ڪيو هوندائين ته هاڻي سندس ايمان آڻڻ کيس ڪجھ به فائدو نه ڏيندو (اي رسول!) کين چئو ته (چڱو!، ائين ئي سهي) اوهين به انتظار ڪريو اسان به پڪ انتظار ڪريون ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا انتظار ڪن ٿا (ڪنهن شيءِ جو) سواءِ هن جي جو اچن انهن وٽ ملائڪ يا (انهن وٽ) اچي رب تنهنجو يا اچن بعضي آيتون رب تنهنجي جون جنهن ڏينهن اينديون بعضي آيتون رب تنهنجي جون ته نه نفعو ڏيندو ڪنهن به شخص کي ايمان آڻڻ ان جو جنهن نه ايمان آندو هوندو اڳ ۾ يا نه ڪئي هوندائين منجھ ايمان پنهنجي ڪا چڱائي فرماءِ ته انتظار ڪيو بيشڪ اسان انتظار ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي اسان جي آيتن کان منهن موڙين ٿا تن کي اسين بڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون هن ڪري جو اهي منهن پيا موڙين. اهي رڳو هن ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته وٽن ملائڪ اچن يا تنهنجو پاليندڙ اچي يا تنهنجي پاليندڙ جون ڪي نشانيون اچن جنهن ڏينهن تنهنجي پاليندڙ جون ڪي نشانيون اينديون تنهن ڏينهن اهڙي ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس ايمان فائدو نه ڏيندو جنهن هن کان اڳ ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ ڪا نيڪي نه ڪئي هوندائين. چئو ته انتظار ڪريو بيشڪ اسين به انتظار ڪندڙ آهيون.(مولانا محمد مدني)


اُهي رڳو ان ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته انهن وٽ ملائڪ اچن، يا تنهنجو پالڻهار خود اچي يا تنهنجي پالڻهار جون (ڪي خاص) نشانيون اچن. جنهن ڏينهن تنهنجي پالڻهار جون (خاص) نشانيون اينديون ته ان وقت ان ماڻهو کي سندس ايمان نفعو نه ڏيندو جنهن اڳ ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ ڪا نيڪي نه ڪمائي هوندائين. چؤ ته اوهان به انتظار ڪيو اسان به انتظار ڪندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڪڍڻِ انتظار، مگر اچن مَلائڪ اُنهن مٿي؛ يا اچي آگو تُنهنجو؛ يا ڪڙڪي سِرڪَپار، ڪا نِشانِي نِروار، تُنهنجي پرور پاڪ کان. جڏهن اِينديَنِ تُنهنجي آگي کان، ڪا نشانِي نِروار، ته ڪِنهن ماڻهؤَ کي، مڃڻ اُن جو، نه ڏيئي وَٽابو وار، جنهن اڳ نه مڃيو؛ يا مڃڻ ۾، نه ڪئـِي ڪا چڱي ڪار، چئو ويٺا ڏِسو ڪا وار؛ اَسين به ڏِسندڙ، ڏينهن ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا لَستَ مِنهُم فى شَيءٍ إِنَّما أَمرُهُم إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 159)

جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو (يعني اختلاف ڪري جدا جدا فرقا ۽ مذهب بنايا) ۽ جدا جدا ٽوليون ٺاهيائين تن سان تنهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، (تنهنجي راهه حقيقي دين جي راهه آهي جا سڀني کي ڳنڍڻ ۽ هڪ ڪرڻ واري آهي تنهنجي واٽ اها ناهي جا ماڻهن جي ٺاهيل ٽولين بنائڻ واري آهي) انهن جو معاملو الله جي حوالي آهي، پوءِ اهوئي ٻڌائيندو ته جيڪي هو ڪندا رهيا آهن، تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو ۽ ٿي پيا گروه توهان جو انهن سان ڪو تعلق ناهي، انهن جو معاملو الله وٽ آهي، پوءِ الله انهن کي سندن بداعمالي جي جزا ڏيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ ڦوٽ وڌي ۽ ڪيئي فرقا بنجي ويا تنهن جو انهن سان ڪو به واسطو نه آهي. انهن جو معاملو ته فقط خدا جي حوالي آهي، پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾ نيڪ يا بد) ڪندا هئا اهو (سڀ) کين ٻڌايو ويندو. (سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جو ٽڪرا ٽڪرا ڪيائون دين پنهنجي کي ۽ ٿي پيا ڪيئن ٽولا ناهين تون انهن مان ڪنهن به شيءِ ۾ يقينًا امر انهن جو الله جي حوالي آهي تنهن کان پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جو ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن پنهنجي دين کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو ۽ جماعتون جماعتون ٿي ويا تن سان تنهنجو ڪو واسطو نه آهي، انهن جو معاملو الله جي ئي حوالي آهي، وري جيڪي پيا ڪن تنهن جي اهو کين خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ٽولن ۾ ورهائجي ويا تون انهن جي ڪنهن شيءِ ۾ (ذميدار) نه آهين. انهن جو معاملو صرف الله جي حوالي آهي پوءِ اهو کين انهن ڪمن کان آگاهه ڪندو جيڪي اهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن هِڪڙو پَنهنجو دين، ٽوڙيو، ۽ ٽُوليون ٿيا، تون قيامًا، ان قومن مان، ڪامل! آهين ڪِين، اُنهن جو ڪم الله ڏي، آهي نيٺ اَمين! پوءِ جي ڪَمڙا ڪن ڪَمين، تن جون کولي ڏِيندنِ خَبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ عَشرُ أَمثالِها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 160)

جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ياد رکو ته) جيڪو به (الله جي حضور ۾) نيڪي (صالح عمل) آڻيندو تنهن کي سندس نيڪ عملن کان ڏهوڻو ثواب ملند، ۽ جيڪو برائي آڻيندو سو ان برائيءَ جي بدلي ۾ اوتري ئي سزا کائيندو جيتري برائي ڪئي هوندائين (يعني نيڪيءَ جي اجر ۾ واڌارو ڪيو وڃي ٿو پر برائي جي سزا ۾ واڌارو ڪونهي) ۽ ائين ڪونه ٿيندو جو (عملن جي بدلي ۾) ماڻهن سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن ماڻهوءَ نيڪي ڪئي پوءِ اُن لاءِ ڏَهَه (10) درجا نيڪيءَ جا آهن، ۽ جنهن ماڻهو برائي ڪئي پوءِ کيس سندس برائي جهڙي سزا ڏني ويندا ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سندس رحمت ته (ڏسو) جيڪو شخص نيڪي ڪندو ته ان کي ان جو ڏهوڻو ثواب عطا ٿيندو. ۽ جيڪو ماڻهو برائي ڪندو ته کيس سزا فقط اوتري ئي ڏني ويندي ۽ اهي (ڪنهن طرح) آزاريا نه ويندا.(سيد فرمان علي)


اهو شخص جو آڻيندو (هڪ) نيڪي پوءِ ان جي لاءِ ڏھ آهن ان جهڙيون ۽ جنهن آندي (هڪ) برائي پوءِ نه بدلو ڏنو ويندو مگر مثل ان جي ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو نيڪي ڪندو تنهن لاءِ (الله وٽ) ان جهڙيون ڏهه (نيڪيون) آهن ۽ جيڪو برائي ڪندو تنهن کي ان جهڙوئي بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


جيڪو (الله جي حضور ۾) هڪ نيڪي آڻيندو ته ان لاءِ ان جي ڏهوڻ (اجر) آهي ۽ جيڪو هڪ گناهه آڻيندو ته ان کي ان جهڙي هڪ (گناهه) کان سواءِ سزا نه ڏني ويندي ۽ اُهي ظلم ڪونه ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪئـِي جنهن جھان ۾، نيڪِي هِڪ نِپٽ، اِن جِھڙيون ڏھ اُن لئي، سندسِ سائينءَ وٽ، جنهن بَدِي ڪئـِي، ته بَدلو نه ملندسِ، مگر اُن مَٽ، ۽ وار نه ڪبو وَڌ گھٽ، اُنهن جي اَعمالن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّنى هَدىٰنى رَبّى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ دينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 161)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته منھنجي پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي آھي، جو مُحڪم دين ابراھيم حنيف (خُدا ڏانھن ھڪ طرفي) جو طريقو آھي، ۽ (ابراھيم) مُشرڪن مان نه ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئي ڏي ته، منهنجي پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. اهوئي درست ۽ صحيح دين آهي. (اهو آهي) حضرت ابراهيم جو طريقو ته فقط خدا جي لاءِ ٿي وڃو (ٻيو ڪوبه مقصد يا مطلب نه رکو) ۽ حضرت ابراهيم مشرڪين مان هرگز نه هو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ مون کي منهنجي رب سنئين رستي جي هدايت ڏني آهي، (يعنى) دينِ ابراهيمي جيڪو حق ڏانهن لڙندڙ آهي ۽ (حضرت ابراهيم) مشرڪن مان نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! تون کين چئو ته مون کي ته منهنجي پروردگار سڌي راھ (هڪ مضبوط دين ابراهيم جي مذهب جي هدايت فرمائي آهي جيڪو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ مان هدايت ڪئي مون کي رب منهنجي واٽ سڌيءَ ڏانهن دين مضبوط ملت ابراهيم جي حق ڏانهن لڙندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ نه هو مشرڪن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته بيشڪ مون کي منهنجي پاليندڙ سڌو رستو ڏيکاريو آهي، جو صحيح دين آهي، ابراهيم جو دين جو هڪ طرفو (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو. ۽ (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان نه هو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته بيشڪ مون کي منهنجي رب سڌي رستي جي هدايت ڪئي آهي (اهو) مضبوط دين (۽) ابراهيم جو طريقو آهي جو الله ڏانهن يڪسو هر باطل کان پري هيو ۽ اُهو مشرڪن مان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، سانيم! سَهائينمِ ، راه سَنئين، هلندڙ ڏانهن حُضور، اَٽل اِبراهيم جو، مَذهب مون منظور، ۽ مشرڪن مان مور، ڪڏهين ڪامِل ڪِين هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ صَلاتى وَنُسُكى وَمَحياىَ وَمَماتى لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 162)

(اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


چؤ ته، منهنجي نماز، منهنجو حج (قرباني) منهنجو جيئڻ ۽ منهنجي مرڻ سڀ ڪجهه فقط الله جي لاءِ آهي، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجي زندگي ۽ وِصال سڀ الله لاءِ آهي جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تون (انهن ماڻهن کي چئو ته منهنجي نماز منهنجي عبادت منهنجو جئيڻ منهنجو مرڻ سڀ خدا جي واسطي ئي آهي، جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ نماز منهنجي ۽ قرباني منهنجي ۽ حياتي منهنجي ۽ دنيا تان انتقال منهنجو، سڀ الله جي لاءِ آهي جيڪو رب آهي جهانن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ جهانن جي پاليندڙ الله لاءِ آهي.(مولانا محمد مدني)


چؤ ته بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجي زندگي ۽ منهنجو موت سڀ الله لاءِ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، نِماز ۽ نِياز مُنهنجو، مُنهنجو جِيڻ ۽ مَرڻ مُور، هِڪ ڏيهَنِ جي ڏاتار لئي، مُقرر مَنظور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا شَريكَ لَهُ وَبِذٰلِكَ أُمِرتُ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُسلِمينَ (آيت : 163)

کيس ڪو شريڪ نه آھي، ۽ مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن جو ڪوئي شريڪ ڪونهي، مون کي انهيءَ ئي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان مسلمانن ۾ (يعني خدا جي فرمانبردارن ۾) پهريون فرمانبردار آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


الله جو ڪوبه شريڪ ناهي، ۽ مون کي اهو حڪم ڪيو ويو ۽ آئون پهريون فرمانبردار آهيان (هن اُمت مان)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سندس ڪو به شريڪ نه آهي ۽ مون کي اهو ئي حڪم مليل آهي ۽ آءُ سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


ناهي ڪو به شريڪ ان جو ۽ ان جو امر ڪيو ويو آهيان ۽ مان مسلمانن ۾ پهريون آهيان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان جو ڪو شريڪ نه آهي ۽ ان (توحيد) جو ئي مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ آءُ فرمانبردارن مان پهريون فرمانبردار آهيان. (مولانا محمد مدني)


ان جو ڪو شريڪ نه آهي ۽ ان جو مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ آءٌ سڀ کان پهريون مسلمان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀيڙو نه ڀائـِي اُن سان، ۽ هِي مِليمِ حُڪم حُضور، ته آئون هُجان پِهرين پُور، مَڃيندڙن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَبغى رَبًّا وَهُوَ رَبُّ كُلِّ شَيءٍ وَلا تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ إِلّا عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 164)

چؤ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ ۽ اُھو ھر شيء جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


تون (هنن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا (توهان هي چاهيو ٿا ته) مان خدا کان سواءِ ڪو ٻيو پروردگار ڳوليان؟ حالانڪ فقط اهوئي هر شيء جي پرورش ڪندڙ آهي؟ ۽ (ڏسو) هرهڪ ماڻهو پنهنجي عملن سان جيڪي ڪمائي ٿو سو انهيءَ جي ذمي ٿئي ٿو، (چڱا عمل مندو ته پاڻ کي ئي فائدو پوندس ۽ بدعمل ڪندو ته پاڻ کي ئي نقصان رسندس) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي، پوءِ (آخر) اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي ۽ (جڏهن وٽس حاضر ٿيندو تڏهن هو) ٻڌائيندو ته جن ڳالهين ۾ اوهان اختلاف ڪندا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا آئون الله کان سواءِ رب طلب ڪريان حالانڪ اهو رب آهي هر شيءِ جو ۽ نٿو گناه ڪري انسان مگر اُن جي جزا ان تي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو بار نٿو کڻي، انهي کان پوءِ توهان کي الله ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ اهو توهان کي خبر ڏيندو جنهن ۾ اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) پڇين ته ڇا آءُ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پالڻهار ڳوليان؟ هوڏانهن اهو سڀني شين جو مالڪ آهي، ۽ جيڪو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري ٿو، تنهن جو بار سندس سر تي آهي. ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي جي گناھ جو بار نه کڻندو. پوءِ اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽي وڃڻو آهي. تڏهن توهان ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهندا هئا اهي (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: ڇا الله کان سواءِ طلب ڪيان مان پالڻهار ۽ اهو پالڻهار هر شيءِ جو آهي ۽ نه ٿو ڪمائي هر نفس مگر (ان جو ذمو) ان تي آهي ۽ نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو تنهن کان پوءِ طرف رب اوهان جي موٽڻ اوهان جو آهي پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جو ان ۾ اختلاف ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته ڇا آءُ الله کانسواءِ (ٻيو ڪو) پاليندڙ ڳوليان ! هوڏانهن هو سڀ ڪنهن شيءِ جو پاليندڙ آهي. ۽ سڀ ڪو ماڻهو جيڪو به گناهه ڪري ٿو تنهن جو بار ان تي ئي آهي. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه ٿو کڻي. وري پنهنجي پاليندڙ ڏي ئي اوهان جو موٽڻ آهي، پوءِ جنهن ڳالهه ۾ اوهين (پاڻ ۾ ) اختلاف پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو.(مولانا محمد مدني)


چؤ ڇا آءٌ الله کان سواءِ ڪو ٻيو پالڻهار تلاش ڪيان؟ حالانڪه اُهو هرشيءِ جو پالڻهارآهي. ۽ هر شخص جيڪي به ڪمائي ٿو ان جو بار فقط ان تي آهي ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو. پوءِ پنهنجي پروردگار ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي. پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جن (معاملن) ۾ اوهان اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ٻِيو ٻيلِي ڪِيئن گُھران، هيڪ ڌڻيءَ ڌار، آهي اِهوئـِي هيڪڙو، سڀ جو سَنڀاليندار، ۽ سَڀ جِيء تي، جوکو اُن جو، ڪري جي ڪم ڪار، ۽ کڻندو، نه کـڻندڙ، هيڪڙو، ٻِئي جو، بوجوبار، موٽِي، اَوهان کي موٽڻو، پنهنجي پرور پار، پوءِ ساري ڏِيندان سار، جنهن تان، جَھڳڙو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ الأَرضِ وَرَفَعَ بَعضَكُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم إِنَّ رَبَّكَ سَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 165)

۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاہ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين ته جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇوته تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (به) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي (هڪ ٻئي جو) زمين ۾ جانشين بنايو ۽ توهان مان ڪن کي ڪن مٿان (عملن جي لحاظ کان) مرتبا ڏنا، انهيءَ لاءِ ته جيڪو (اختيار) اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ توهان کي آزمائي (۽ طلب ۽ ڪوشش جو موقعو ڏئي. اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پروردگار جلد (بدعملين جي) سزا ڏيڻ وارو آهي، ۽ بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ جاءِ نشين بنايو ۽ ڪِن ماڻهن کي ڪِن ماڻهن تي درجا ڏنا انهي لاءِ ته توهان کي آزمائي جيڪي توهان کي ڏنو اٿس، بيشڪ تنهنجو رب جلدي سزا ڏيندڙ آهي، ۽ بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو ته اهو ئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين مٿان درجا وڌايا ته جيئن جيڪي (نعمت) اوهان کي ڏنل آهي ان ۾ اوهان کي آزمائي هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي ۽ هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهو وڏو بخشڻ وارو مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اهو (الله) ئي آهي جو ڪيائين اوهان کي خليفا زمين ۾ ۽ بلند ڪيائين بعض اوهان جي کي مٿان بعض جي درجن ۾ تانته آزمائي اوهان کي ان ۾ جو ڏنائين اوهان کي بيشڪ رب تنهنجو تڪڙو عذاب ڏيڻ جو آهي ۽ بيشڪ اهو البته بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي ۽ اوهان مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا اٿس ته جيڪي (حڪم) اوهان کي ڏنا اٿس تن ۾ اوهان کي آزمائي. بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان جلد سزا ملڻ واري آهي. ۽ بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو (به) آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو ئي آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ نائب بنايو ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين تي درجن ۾ بلند ڪيائين هن لاءِ ته اوهان کي انهن شين ۾ آزمائي جيڪي اوهان کي عطا ڪيائين. بيشڪ تنهنجو پالڻهار تڪڙو عذاب ڪرڻ وارو آهي ۽ بيشڪ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيان جِنهن ڪلتار، ڀُون تي بالم، هڪ ٻئي پُٺيان، ۽ ڪي درجَن ۾، ڪن کان، چاڙهيائـِين چوڌار، تان آزمائـِينِيان اُن ۾، ڏِنان جو ڏاتار؛ سائين سزا ڏِيَڻ ۾، تڪرو آهي تڪرار، ۽ سو بي شڪ بَخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017