توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانونن تي هلي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي وڏين قوتن ۽ غلبي جو مالڪ (۽) حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي (سڀ) خدا جي تسبيح ڪري ٿي ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) پاڪائي بيان ڪيائين الله جي ان جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ ان جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) الله جي پاڪائي بيان ڪئي (هر ان شيءِ) جا به آسمانن ۾ آهي ۽ جا به زمين ۾ آهي، ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنٰهن سَڀنِ اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪِي عَجب اُڀن ۾، جيڪِي خوبيون اَندرخاڪ، اُهو اَپر عِزتناڪ، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
(الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.(علامه تاج محمود امروٽي) هو اهو (قوت ۽ غلبي جو مالڪ) آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان (خدائي نظام جي خلاف سرڪشي ڪري) ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو!) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته، اهي ڪي نڪرندا. ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ انهن کي الله (جي عذاب) کا بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان پنهنجا گهر ويران ڪرڻ لڳا ۽ (جن سرڪشي ڪئي ته) ايمان وارن جي هٿن سان (سندن گهر ويران ٿيڻ لڳا) تنهن ڪري اي اکين وارؤ! اوهين عبرت وٺو (ته حق جي مخالفت جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي آهي جنهن انهن ڪافرن (بني نضير قبيلي جي) يهودين کي سندن گھرن مان پهريون ڀيرو گڏ ڪري ڪڍيو، توهان کي ته انهن جي نڪرڻ جو گمان ئي نه هو ۽ خود انهن جو گمان هو ته بيشڪ اهي سندن قلعا کين الله جي عذاب کان بچائي سگھندا پوءِ انهن تي عذابِ الاهي اُتان اچي پهتو جتان کين خيال ئي نه هو، ۽ الله تعالى انهن جي دلين ۾ رُعب وڌو جو اهي پنهنجا گهر پنهنجي هٿن ۽ مسلمانن جي هٿن سان خراب ڪرڻ لڳا، پوءِ اي عقلمندو توهان (ان مان) عبرت وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو اهو آهي جنهن اهل ڪتاب ڪافرن (بني نضير) کي پهرئين حشر (جلا وطن) ۾ کين گهرن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (مسلمانو!) اوهان کي ته اهو وهم به نه هو ته اهي ڪي نڪرندا. ۽ اهي (ڪافر) هي خيال ڪندا هئا ته سندن قلعا کين خدا (جي عذاب) کان بچائيندا. پوءِ خدا (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان به نه هو ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي ته) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر اجاڙڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت حاصل ڪريو.(سيد فرمان علي) "اهو ئي آهي جنهن ڪڍيو ڪافرن کي اهل ڪتاب مان سندن گهرن مان پهرئين حشر جي لاءِ نه گمان ڪيو هو اوهان ته نڪري ويندا ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهي بچائيندڙ آهن انهن کي قلعا انهن جا الله کان پوءِ آيو انهن وٽ الله ""جو قهر"" ان جاءِ کان جو نه گمان ڪيو هيائون ۽ وڌائين دلين انهن جي ۾ ڊپ ويران ڪن پيا پنهنجا گهر پنهنجن هٿن سان ۽ مؤمنن جي هٿن سان پوءِ عبرت وٺو اي اکين وارؤ! ."(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هو اُهو آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهرن مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو !) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته اُهي ڪي نڪرندا ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ اُنهن کي الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اُتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر ڊاهڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت وٺو. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي آهي جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن (قبيله بَنُو نُضير) کي سندن گهرن مان ڪڍيو پهرئين ئي جلاوطني جي وقت. توهان کي اُهو گمان (به) نه هيو ته اُهي ڪو نڪرندا! ۽ انهن کي هي گمان هيو ته انهن جا (مضبوط) قلعا کين الله (جي پڪڙ) کان بچائيندا، پوءِ الله (جو عذاب) انهن تي اتان پهتو جتان انهن کي گمان به نه هيو، ۽ (الله) انهن جي دلين ۾ دهشت وڌي جو پنهنجي هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجي گهرن کي ويران ڪري رهيا هئا. پوءِ عبرت حاصل ڪيو اي ڏسڻ واري اک رکڻ وارؤ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جنهن ڪيو اُنهن، کي، سَندنِ ديسان ڌار، ڪتاب وارِئَ قوم مان، جِن ڪئـِي ڪُفر جِي ڪار، لڏي هليا لاچار، مُقابلي جي مُنڍ ۾. اوهان اِيئن ڀانيو ته، نه نِڪرندا نيڪار، ۽ هُنن به ڀُلجِي ڀانيو، ته سِندنِ گَڍ گِرنار، آهن آڏا اُنهن کي، قادِر کان قَهار، پوءِ آيَنِ اَلله اُتهين، جِنهن جِي، سُڌ نه پِيَن سار، ۽ سَٽئـِين سَندنِ سِينن ۾، ڏاڍو ڪو ڏهڪار، ڊاهيو ڊپ کان، ڍيرڪن، سَندنِ گھر گلزار، پَنهنجن ۽ مؤمنن جي، هٿن سان هيڪار، پوءِ عِبرت وَٺو اِظهار، اَکيارا! اکيون کوليو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن الله انهن جي لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي ئي!(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن الله تعالى (سندن تقدير ۾) سندن جلاوطني نه لکي ها ته يقيناً انهن کي دنيا ۾ عذاب ڪري ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باه جو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن مٿن ديس نيڪالي نه لکيل هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻيءَ طرح) سزا ملي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها جو لکي الله انهن تي جلاوطني ته البته عذاب ڪري ها انهن کي دنيا ۾ ۽ انهن لاءِ آخرت ۾باهه جو عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها. ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باه جو عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اللهُ انهن مٿان جلا وطني نه لکي ها ته انهن کي دنيا ۾ سخت سزا ڏئي ها. ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اَلله نه لِکي ها، اُنهن مَٿي، ڏيہ نيڪالِي ڏور، ته ڌڻِي دُنيا ۾ ڏينِ ها، سَزا سَخت ضرُور، پڻ آخرت ۾ آڳ جو، اُنهن لئي ساڙو سُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله (جي نظام جي) ۽ سندس رسول جي (جيڪو اهو نظام قائم ڪري رهيو هو) مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي (حق ۽ انصاف واري نظام جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن جي مخالفت ڪئي ۽ جنهن ماڻهو الله تعالى جي مخالفت ڪئي پوءِ بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو (عذاب) هن ڪري جو انهن خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو خدا جي مخالفت ڪندو ته (ياد رکو!) بيشڪ الله تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) اهو ان سببان جو بيشڪ انهن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو به مخالفت ڪري ٿو الله جي پوءِ بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو هن ڪري ٿيو جو انهن الله ۽ ان جي رسول سان مقابلو ڪيو ۽ جيڪو الله جو مقابلو ڪندو ته بيشڪ الله عذاب ڏيڻ ۾ سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيون اِنهن تي اِن ڪري، اِهي مُصيبتون مذڪُور، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُوْل کان، هليا مُخالف مُور، اُبتڙ اَلله پاڪ جي، وِيندو جو وَهلور، پوءِ پَروَر پاڪ حُضور، آھِ سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
(اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي) اوهان (محاصري وقت) جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا انکي پنهنجين پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي قانون مطابق آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي کجور جا وڻ توهان (انهن جا) وڍيا يا توهان انهن کي پنهنجي پاڙن تي بيهڻ ڏنو پوءِ اهو الله جي حڪم سان هو ۽ ان لاءِ ته فاسقن کي خوار ڪيو وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (مومنو) اوهان جيڪو کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي (ائين ئي) رهڻ ڏيو سو خدا جي حڪم سان (ئي) آهي ۽ مطلب هي هو ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.(سيد فرمان علي) جيڪو ڪٽيو اوهان کجيءَ جو وڻ يا ڇڏيو اوهان ان کي بيهندڙ پنهنجي پاڙن تي پوءِ الله جي اذن سان آهي ۽ تانته خوار ڪري فاسقن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي حڪم سان آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري. (مولانا محمد مدني) اوهان جيڪو به کجيءَ جو وڻ ڪٽيو يا ان کي پنهنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيو سو سڀ الله جي حڪم سان هيو ۽ هن لاءِ ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وَڍيان خاصيون کجيون، وَڻندڙ مَنجھ وڻڪار، يا ڇڏيان پاڙن تي پَنهنجي، بِيٺل برقرار، پوءِ اَمر سان اَلله جي، ۽ پڻ اُنهِئَ هارِ، ۽ ته ڪري خُوب خوار، ڏيہ ۾ ڏهارِيَن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي غنيمت ۾) ڏياريو سو (اي مسلمانو!) ان تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ) پر الله (پنهنجي مشيت واري قانون مطابق) پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو مالِ غنيمت انهن مان الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو، پوءِ توهان نه ان تي گھوڙا ڊوڙايا ۽ نه اُٺ هلايا پر الله تعالى پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غالب ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ته پوءِ) جيڪو مال خدا پنهنجي رسول کي انهن ماڻهن سان سواءِ وڙهڻ جي ڏياريو (تنهن مال ۾ اوهان جو حق نه آهي ڇو ته) اوهان ان لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي (۽) نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ. پر خدا پنهنجن پيغمبرن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي عالب ڪري ٿو. ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪي مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي پوءِ نه ڊوڙايا اوهان ان تي ڪي گهوڙا ۽ نه اُٺ پر الله غالب ڪري ٿو پنهنجن رسولن کي جنهن تي گهري ۽ الله هر شيءِ تي قادرآهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ کان سواءِ) غنيمت ۾ ڏياريو سو (اي مسلمانو !) اُن تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ پر الله پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ جو مال الله انهن جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي رسول ڏانهن موٽايو (يعني مال فئي جيڪو بنا جنگ جي غنيمت ۾ مليو) جو توهان نه ته ان جي (حاصل ڪرڻ) لاءِ گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ ۽ پر الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غلبو عطا فرمائي ٿو. ۽ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پيغمبر کي، ڏِنون، جو مالِڪ اُنهن جو مال، پوءِ اُٺ ۽ نه گھوڙا اُن مَٿي، ڪِي لايا اوهان لال!، پَر پَنهنجي پيغمبرن کي، اَلله جَلّ جَلال، وڻيسِ تنهن ويرِئَ مٿي، فتح ڏِئي فِى الحال، ۽ بارِي آھِ بَحال، سگھارو سَڀ شئ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهن ڳوٺن مان جيڪو مالِ غنيمت الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو پوءِ اهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جو آهي ۽ رسولِ عربيءَ جي رشتيدار ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، ان لاءِ ته اها توهان مان شاهوڪارن جي ملڪيت نه بنجي وڃي، جيڪو ڪجھه توهان کي رسولِ عربي عنايت ڪري پوءِ اهو توهان وٺو ۽ جنهن کان توهان کي منع فرمائي پوءِ ان کان روڪجو، ۽ توهان الله کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته جو مال خدا پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو خاص خدا ۽ رسول ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافن لاءِ آهي، ته اهو گمهي ڦري اوهان جي مالدارن ۾ نه رهي. ۽ (اي مسلمانو) جو ڪجھ اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ خدا سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) جيڪو فيء جو مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي ڳوٺن جي رهندڙن وٽان پوءِ الله جو ۽ رسول جو ۽ قرابت وارن جي لاءِ ۽ يتيمن جي لاءِ ۽ مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي تانته نه هجي گردش ڪندڙ شاهوڪارن جي وچ ۾ اوهان مان ۽ جيڪي ڏئي اوهان کي رسول پوءِ اهو وٺو ۽ جنهن کان روڪي اوهان کي پوءِ رڪجي وڃو ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. جو الله پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي. ۽ (اي مسلمانو !) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني) ڳوٺن وارن جو جيڪو (مال) الله (جنگ کان سواءِ) پنهنجي رسول ڏانهن پلٽايو سو الله لاءِ ۽ رسول جي لاءِ آهي ۽ (رسول جي) قرابت دارن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، (اِهو نظام ان لاءِ) ته مال توهان جي دولتمندن جي هٿن ۾ ئي گردش نه ڪندو رهي. ۽ جو ڪجهه رسول (ﷺ) توهان کي ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته رڪجي وڃو، ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واهِڻَن وارن جو، سَر تن ۽ سامان، پنهنجي پيغمبر پاڪ تي، جو موٽايو منّان، پوءِ آھِ گنج اَلله جو، پڻ نبي نور نشان، ۽ ويجھائـِي وارن لئي، گُھرجائو گُذران، ۽ ڇورن ڇِنن ٻارن لئي، پڻ ڏُکين بُکِيَن کي ڏان، پڻ واٽهڙن واسطي، ۽ جن ڇَڏيا ماڳ مڪان، تان اُٿل پاٿل اُهو نه ٿئي، تِن ڌُرين درميان، آهِن جي اِنسان، آسُودا اَوهان مَنجھان. پوءِ وَٺو، جو آن کي ڏِنو، مُرسل هِينئَڙي هار، ۽ جنهن کان روڪئـِين، پوءِ روڪجو ۽ ڪَنبو ڀَر قَهّار، پَٽئـِين پالڻهار، آھِ سَزا ڏِيَڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن ضرورت مند مهاجرن جو حق آهي جيڪي پنهنجي گھرن ۽ پنهنجي ملڪيتن مان ٻاهر ڪڍيا ويا، اُهي الله تعالى جو فضل ۽ رضامندو طلب ڪن ٿا ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مدد ڪن ٿا، اُهي ئي سچا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ان مال مان) انهن غريب مهاجرن جو (حصو) به آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) لڏايا ويا آهن (۽) اهي خدا جو فضل ۽ رضا مندي چاهين ٿا ۽ خدا ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا (ايمان دار) آهن.(سيد فرمان علي) فقيرن، هجرت ڪندڙن جي لاءِ جيڪي ڪڍيا ويا پنهنجن گهرن مان ۽ پنهنجن مالن مان طلب ڪن ٿا مهرباني الله کان ۽ رضامندو ۽ مدد ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهيئي سچا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (يعني) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن(۽) هو الله جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اُهي ئي سچا آهن. (مولانا محمد مدني) (فيء جو مال) ان هجرت ڪندڙ مسڪينن لاءِ (به) آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۽ مال کان ڪڍيا ويا آهن اُهي الله جو فضل ۽ ان جي رضا چاهن ٿا ۽ الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي مدد ڪن ٿا. اُهي ئي سچار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن مِسڪِين مُهَاجِرن لئي، جي ڪيا وِيا ٻَهار، پَنهنجي ماڳن، مال ڪنان، پڻ ڀيڻِيَن، باغ بهار، گُھرن رِزق رَبَّ ڪنان، پڻ مَرضِي ماڻڻ هارِ، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، ڪن ٻيليِپڻو ٻِيهار، اُهي ئـِي اِظهار، سَچاآهِن سِيل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان (جي مرڪز) ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جي هنن ڏي لڏي آيا آهن، انهن سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن شيء ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا (۽ ايثار کي پنهنجو مرڪ بنائيندا) سي ئي ڪامياب آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن ماڻهن جو به حق آهي جن مدينه منوره ۽ ايمان ۾ انهن کان اڳي پنهنجو گھر تيار ڪيو، اهي انهن اصحابن سان محبت رکن ٿا، جن انهن ڏانهن هجرت ڪئي، ۽ جيڪو ڪجھه انهن کي ملي ٿو ان تي ڪو رَشڪ نٿا ڪن ۽ اهي انهن کي پنهنجي وجودن تي برتري ڏين ٿا، جيتوڻيڪ اهي پاڻ سخت ضرورتمند آهن ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفسن جي لالچ کان بچو، پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ (انهن جو به حصو آهي) جي مهاجرن کان اڳ ۾ ئي (هجرت جي) جاءِ (مديني) ۾ رهيل آهن ۽ ايمان ۾ (پختا) رهيا ۽ جي ماڻهو هجرت ڪري وٽن آيا تن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن (پرديسين) کي مليو تنهن جي ڪري پنهنجي دلين ۾ غرض نه ٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن ڳالھ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا توڙي کين تنگدستي هجي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويا سي ئي ڪامياب آهن.(سيد فرمان علي) ۽ اهي ٻانها جن گهر بنايو هن شهر ۽ ايمان کي انهن کان اڳي محبت رکن ٿا ان سان جنهن هجرت ڪئي انهن ڏانهن ۽ نه ٿا لهن پنهنجن سينن ۾ ڪا حاجت ان مان جو ڏنا ويا ۽ ترجيح ڏين ٿا سرن پنهنجن تي جيتوڻيڪ آهي انهن کي سخت ضرورت ۽ جيڪو بچايو وڃي ٿو پنهنجي نفس جي حرص کان پوءِ اهيئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾ ) ۽ ايمان ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن جو هنن ڏي لڏي آيو آهي ان سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀڪنهن شيءِ ۾ ) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا سي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ (اُهو مال انهن انصارن لاءِ به آهي) جي مهاجرن جي اچڻ کان اڳ ايمان آڻي دار (الهجرت يعني مدينه ) ۾ رهيل آهن، اُهي ان سان محبت رکن ٿا جنهن انهن ڏانهن هجرت ڪئي ۽ مهاجرن کي جو ڪجهه ڏنو وڃي ان سان اُهي پنهنجي دلين ۾ ڪا تنگي نه ٿا رکن ۽ پنهنجو پاڻ تي انهن کي ترجيح ڏين ٿا توڙي جو خود انهن کي سخت ضرورت هجي. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس جي بخل کان بچايو ويو پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن لئي بِه اِنهيان اَ ڳي ڪيو آستان، مَدِيني مُنوّر ۾، پڻ آسڻ مَنجھ اِيمان، جو اَچي لَڏي اُنهن ڏي، ته ڏِينَسِ مُحبت مان، ۽ جو ملينِ، ته پَنهنجي مَن ۾، اُن جو نه رکن اَرمان، اُن کي ڀانئـِن اڳ ۾، ڪنان پَنهنجي جِگر جان، توڻِي هُجي تِن کي، گُھرج سَنِدي گُذران، ۽ پَنهنجي هِينِين کان، جنهن کي مِليو اَمن اَمان، پوءِ خوش دِل آهِن خان!، اُهي آجا هَر اَرمان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (انهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ آيا انهن جو به حق آهي. اهي چون ٿا اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر ۽ (تون اسان جي انهن) ڀائرن کي بخش ڪر جن اسان کان ايمان آڻڻ ۾ سبقت ڪئي (اڳرائي ڪئي) ، ۽ اسان جي دلين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪينو پيدا نه ڪر، جن ايمان آندو، اي اسان جا رب بيشڪ تون شفقت ڪندڙ ٻاجھارو آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (انهن لاءِ به حصو آهي) جي انهن (مهاجرن) کان پوءِ آيا (۽) دعا ڪن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن. ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ کوٽ نه وجھ. اي اسان جا پروردگار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اهي ٻانها جيڪي آيا انهن کان پوءِ چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي جيڪي اڳي گذريا اسان کان ايمان سان ۽ نه پيدا ڪر تون اسان جي دلين ۾ ڪينو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! بيشڪ تون ٻاجهارو، مهربان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (انهن لاءِ به آهي) جي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جن انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کان پوءِ آيا عرض ڪن ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي بخش ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به بخش جي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳتي وڌي ويا ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن لاءِ ڪا کوٽ نه وِجُهه، اي اسان جا پالڻهار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ وڏي باجهه وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي اُنهن پُڃاڻا آئـِيا، اُنهن کي بِه ڏبو ڏان، جي ڪَن ٿا رَبَّ ڪَرِيم کي، زاريون ساڻ زبان، ته بَخش اَسان کي بَديون، سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، پڻ بَخش اَسان جي ڀائـِرين، آگا! سِين اِحسان، اَسان ڪنان اَڳڀرو، آندو جِن اِيمان، ۽ مَدِي نه اَسان جي مَن ۾ ڏِئي مُؤمن، ڏي مَنَّان!، تون مُورهِين مِهربان، تَرس وارو توڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن (هم فڪر) ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو!) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي (اوهان سان ته ٺهيو پر انهن سان به اهڙي دوستيءَ جي دعويٰ ۾) ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو) (اي مخاطب) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن منافقي ڪئي اهي پنهنجي انهن ڀائرن کي چئي رهيا هئا جن ڪفر ڪيو، اهلِ ڪتاب وارن مان ته قسم سان جيڪڏهن توهان کي (مدينه منوره مان) ڪڍيو ويو ته اسين ضرور توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اسين ڪڏهن (توهان جي معاملي ۾) ڪنهنجو چوڻ نه ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن توهان سان لڙائي ٿي ته يقيناً اسين توهان جي مدد ڪنداسين ۽ الله تعالى شاهدي ڏي ٿو ته بيشڪ اهي يقيناً ڪوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا تون انهن منافقن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن اهل ڪتاب کي چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين (گهرن مان) لڏايا ويا ته پڪ ڄاڻو ته اسين به اوهان سان گڏ نڪري پونداسون ۽ اوهان جي باري ۾ ڪڏهين به ڪنهن جي تابعداري نه ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اوهان جي مدد ڪنداسون پر خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي) ڇا تو انهن ڏانهن نه ڏٺو جيڪي منافق ٿيا چون پيا پنهنجن انهن ڀائرن جي لاءِ جيڪي ڪافر ٿيا اهل ڪتاب مان ته البته جيڪڏهن اوهان ڪڍيا ويندؤ وطن مان ته البته ضرور اسين به نڪرنداسون اوهان سان گڏ ۽ نه تابعداري ڪنداسون اوهان جي باري ۾ ڪنهن هڪ جي هميشہ ۽ جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندؤ اوهان ته البته ضرور مدد ڪنداسون اسين اوهان جي ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو !) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا تو انهن منافقن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي انهن ڀائرن کي چون ٿا جن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪيو ته، ”اگر اوهان جلا وطن ڪيا ويا ته ضرور اسان اوهان سان گڏ نڪرنداسين، ۽ توهان جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي ڳالهه نه مڃنداسين ۽ اگر توهان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان ضرور توهان جي مدد ڪنداسين“. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اُهي يقيناً ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪُوڙ جِن جي قَلب ۾، تِن جو، هُوند نه ڏِٺئـِي حال؟ ڀُليا سَندنِ ڀائـِرن سان، ڪَن مَنجهو مَنجھ مَقال، جي ڪنان اَهل ڪتاب جي، ڪافِر ٿيا ڪُلال، جي توهان کي تَڙِيو وِيو، ڪَنان مِلڪيت مال، ته نِڪرنداسون، نڪڻٖي اَسِين بِه اَوهان نال، ۽ ڪِنهن هِڪ جِي، اَوهان جي حق ۾، مُور نه مَڃيون ڳالھ، ۽ جي اَوهان سان اِسلام جِي لڳي جنگ جِدال، ته آڌاريداسون اَوهان کي، بِلاشڪ بحال، ۽ سائـِين ڏئي ٿو ساک اِها، بيشڪ بي مِثال، ته مُنافِق مَتوال، ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.(علامه تاج محمود امروٽي) تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي (ڪنهن عار کان) انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا، وري سندن (به ڪٿي) مدد نه ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو) قسم سان جيڪڏهن اهي ڪڍيا ويا ته (اهي منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن (يهودين) سان لڙائي ٿي ته اهي سندن مدد ڪونه ڪندا، ۽ قسم سان جيڪڏهن اهي انهن جي مدد ڪن ته يقيناً اهي پُٺ ورائي ڀڄندا، ان کان پوءِ انهن جي مدد نه ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪڍايا به ويا ته اهي (منافق) انهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ٿي ته مدد به نه ڪندا. پر جيڪڏهن انهن جي مدد ڪندا به ته پٺ ڦيري ڀڄندا. وري کين ڪٿان به مدد نه ملندي.(سيد فرمان علي) البته جيڪڏهن وطن کان ڪڍيا ويندا ته نه نڪرندا انهن سان گڏ ۽ البته جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندا ته نه مدد ڪندا انهن جي ۽ البته جيڪڏهن مدد ڪندا انهن جي ته البته ضرور پٺيون ڦيرائي ويندا ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪئين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا. وري سندن(به) ڪٿي مدد نه ٿيندي. (مولانا محمد مدني) اگر اُهي (اهلِ ڪتاب ڪافر) جلا وطن ڪيا ويا ته اُهي (منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا اگر انهن سان جنگ ڪئي وئي ته هي انهن جي مدد ڪونه ڪندا، ۽ اگر انهن سندن مدد ڪئي به ته ضرور پٺي ڦيري ڀڄندا، پوءِ سندن مدد نه ٿيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي تِڙيا وِيا، ته تِن سان، نه نِڪرن گَڏ نيڪار، ۽ جي لَڳي لَڙائـِي اُنهن سان، ته وَرندنِ ڪِين وَهار، ۽ جي ڏَڪندي ڏِنائون کَڻِي ڪا، اُنهن کي آڌار، ته ڦيرِينِ پُئاڏون پَڪ سان، ڀَڄنِ ٿِي بيزار، تِهانپوءِ تڪرار، وَرندنِ وَاهرو ڪو نڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
(اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي مسلمانو!) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (سگهه جي ايمان وارن محرڪن جي) سمجهه نٿا رکن.(علامه علي خان ابڙو) (اي مسلمانو) بيشڪ انهن (منافقن) جي سينن ۾ توهان جو خوف الله کان وڌيڪ آهي، اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ اهي اها قوم آهي جيڪا نٿي سمجھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (مومنو!) اوهان جي دهشت سندن دلين ۾ خدا کان به وڌيڪ آهي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو سمجھ نه ٿا رکن.(سيد فرمان علي) البته اوهان سخت هيبت وارا آهيو انهن جي سينن ۾ الله کان اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم آهن جيڪي نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي مسلمانو !) بيشڪ اوهين سندن دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي سمجهه نٿا رکن. (مولانا محمد مدني) (اي مسلمانو!) بيشڪ انهن جي دلين ۾ الله کان وڌيڪ توهان جو ڊپ آهي. اُهو هن ڪري ته اُهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجهه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُود خُدا پاڪ ڪنان، مَنجھ هيبت ۽ حشمت، سَخت سَندنِ سِينن ۾، آهيو اوهين البت، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته صَحِي سا سنگت، آهِن مُوڙهل مَت، صفا سَمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
(سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) سڀ گڏجي اوهان سان کليل ميدان ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا، پر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي، پاڻ ۾ انهن جي اندروني ويڙهه سخت آهي (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن (منجهن وڏو اتحاد آهي) پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (۽ نٿا ڄاڻن ته اصل ۽ دلي اتحاد ايمان ۽ هڪ ئي عمدي نصب العين تي هجڻ سان پيدا ٿئي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) (اهي منافق) گڏجي به توهان (مسلمانن) سان نه وڙهندا، مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ديوارن جي آڙ ۾ اهي پاڻ ۾ سخت ويڙه ڪن ٿا. (اي مخاطب) تون انهن کي متفق ڀانئين ٿو حالانڪ انهن جون دليون جدا جدا آهن. اهو انهي سببان جو اهي اُها قوم آهن جيڪي عقل نٿا رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ ڪري نه سگهندا مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ ته انهن جي ڏاڍي ڌاڪ آهي جو تون خيال ڪندين ته سڀئي هڪ (جان) آهن. پر در اصل سندن دليون هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو بي عقل آهن.(سيد فرمان علي) نه جنگ ڪندا اوهان سان گڏجي مگر ڳوٺن قلعا ڦيرايلن ۾ يا ڀتين جي پويان ويڙهه انهن جي پاڻ ۾ سخت آهي سمجهين ٿو انهن کي گڏ ۽ دليون انهن جون جدا جدا آهن اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم بي عقل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا مگر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ انهن جي ويڙه سخت آهي. (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (مولانا محمد مدني) اهي ڪڏهن به گڏجي (کُلي ميدان ۾) اوهان جو مقابلو نه ڪندا، سواءِ قلعي بند شهر جي يا ديوارن جي آڙ ۾. انهن جي پاڻ ۾ به سخت ويڙهه آهي. تون کين گڏ سمجهين ٿو حالانڪه انهن جون دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري جو اُهي بي عقل قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙِئي نه اوهان سان مُورهِين، ڪَن مقابلو مگر، گَڍ وارن گامن ۾، يا جَھلي ڀتين جِي ڀر، جھيڙو پَنهنجو پاڻ ۾، آهينِ گھڻو اَپر، ڀيڙو ڀانئـِين کِينِ تون ۽ اَلڳ سَندنِ اَندر، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته آهِن اِهي اَبتر، جي پَروڙِينِ نه ڪِنهن پَر، هِي صَحِي آهِن، ساٿ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
(سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (هنن جو قصو) انهن (منڪرن) جي قصي جهڙو آهي، جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهن جو مثال انهن ماڻهن جهڙو آهي جيڪي ٿورو وقت اڳ ۾ گذريا جو انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪيل عملن جي سزا چکي، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سندن حال انهن وانگر آهي جي انهن کان ڪجھ اڳي پنهنجن ڪمن جي سزا جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) انهن وانگر جيڪي انهن کان اڳي ويجها هئا چکيائون سزا پنهنجي امر جي ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (هنن جو قصو) انهن جي قصي جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (مولانا محمد مدني) هي انهن ماڻهن وانگر آهن جيڪي انهن کان اڳ زمانهءِ قريب ۾ پنهنجي عملن جي شامت جو مزو چکي چڪا آهن، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُنهن مِثال، جِن اڳهرو اِنهن کان، سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکي چڱئَ چال، ۽ آهي اُنهن نال، سُورن وارو ساڙ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
(انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) (هنن منافقن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي، جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته، تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته، (منهنجو انهيءَ ۾ ڇا وڃي) آئون توکان بيزار آهيان، آئون جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو.(علامه علي خان ابڙو) انهن جو مثال شيطان جهڙو آهي، جنهن وقت ان انسان کي چيو ته تون ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن ان ڪفر ڪيو شيطان چيو بيشڪ آئون تو کان بَري آهيان، بيشڪ آئون الله کان خوف ڪريان ٿو جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (منافقن جو) مثال شيطان وانگر آهي جيڪو ماڻهوءَ کي چوندو رهيو ته ڪافر ٿيءُ! پوءِ جڏهن ڪافر ٿيو ته چوڻ لڳس ته آءُ تو کان بيزار آهيان. آءُ سموري جهان جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي) شيطان وانگر جڏهن چيائين انسان کي ته ڪفر ڪر پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چيائين بيشڪ مان بيزار آهيان توکان بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله کان جهانن جي رب کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (هنن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته آءُ توکان بيزار آهيان آءُ جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو. (مولانا محمد مدني) انهن جو مثال شيطان وانگر آهي جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن اُهو ڪفر ڪري ٿو ته چوي ٿو ته آءٌ تو کان بيزار آهيان بيشڪ آءٌ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي حال اُنهن جو، حال شَقِي شيطان، آکيو جنهن اِنسان کي، ته ڦِرڪَنان فَرمان، پوءِ جڏهن ڦِريو فرمان کان، ته بِيهِي ڪَئـِين بَيان، جو صاحِب سَڀ جھان، آئون ڏَران تِنهن ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هي آهي ته اهي باه ۾ پيا رهندا ۽ جيڪي به ماڻهو ظلم ۽ زيادتي ڪن ٿا، انهن جو اهوئي حشر آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي (هي آهي ته) بيشڪ اهي ٻئي هميشه باه ۾ آهن، ۽ اها ظالمن جي جزا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته ٻنهي جو نتيجو هي ٿيو جو هي ٻئي دوزخ ۾ (وڌا) ويندا ۽ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها ئي سڀني ظالمن جي سزا آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ ٿي پڇاڙي انهن ٻنهي جي ته بيشڪ اهي ٻئي باهه ۾ هوندا هميشہ هميشہ رهندڙ ان ۾ ۽ اهو ظالمن جو بدلو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هيءَ آهي ته اهي باه ۾ پيار رهندا ۽ اها ظالمن جي سزا آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن ٻنهين جو انجام هي ٿيندو جو اُهي ٻئي دوزخ ۾ هوندا هميشه ان ۾ رهندا. ۽ ظالمن جي اِها سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ عاقِبت اُنهن جِي، ٻَئـِي ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ اِها مُقرّر مار، آهي اَنڌاريلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته سڀڪو شخص سوچي ته سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ الله کان ڊڄندا رھو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي ايمان وارؤ! (توهان به) الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻ (مستقبل سنوارڻ) لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري وري) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو ! توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان مان (هر هڪ) انسان کي ڏسڻ گھرجي ته سُڀاڻي لاءِ ان ڪهڙو عمل موڪليو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! خدا (جي غضب) کان ڊڄو پڻ هر شخص کي غور ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي (قيامت) جي واسطي ان اڳ ۾ ئي ڇا موڪليو آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ جو ڪجھ اوهين ڪندا رهو ٿا خدا تنهن کان باخبر آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارا! ڊڄوالله کان ۽ جڳائي ته سوچي هرنفس اهو جو اڳي ڪري موڪليائين صبحاڻي جي لاءِ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻي لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري به) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهانجن عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص ڏسي ته ان سڀاڻي (يعني قيامت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ ۽ توهان الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله انهن ڪمن کان با خبر آهي جيڪي توهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جِن مَڃيو!، سي ڪَنبو ڀَر قهار، ۽ هرڪو پَنهنجي حال ڏي، ڪري نِرت نِهار، ته سَندسِ هَٿن سَنڀاهيو، جو سمر سُڀان هار، ۽ رکو ربَّ ڪريم کان، اَنديشو اِظهار، واقف آهي اُن ڪنان، پٽيـين پالڻهار، هَڙ حاصِل، توڻي هارِ، جيڪي ڪريو جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ انھن جھڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان سندن جيئن (جي سڌاري) کي وسارايو، اھي بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن (رڳو طبعي زندگيءَ جي پرورش کي مقصد بڻايو ۽) الله کي وساريو پوءِ (ائين ڪرڻ جي ڪري) الله انهن کان سندن جانيون به وسارائي ڇڏيون. (يعني پاڻ کان به غافل ٿي ويا) اهي ئي (صحيح رستي کان هٽي غلط رستي تي هلندڙ) بدڪار آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان اهڙن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله تعالى کي وساريو پوءِ الله تعالى انهن جي وجودن کي وساري ڇڏيو، اهي ئي فاسق (نافرمان) آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو ته خدا به اهو ڪيو جو پنهنجو پاڻ کي ڀلي ويا، اهي ئي ته بدڪار آهن.(سيد فرمان علي) ۽ نه هجو انهن وانگر جن وساريو الله کي پوءِ وسارايائين انهن کان سِــرَ انهن جا اهيئي فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انهن کان سندن جانيون به ڀلائي ڇڏيون. اهي ئي بدڪار آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ اوهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن الله کي وساري ڇڏيو پوءِ الله به انهن کي سندن وجودن کان غافل ڪري ڇڏيو. اُهي نافرمان ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن جِيئن نَه بنو بيهود!، واحِد جن وِساريو، پوءِ پَروَر ڏِنن پَنهنجا، وِساري وُجود، آهن اُهي مَردُود، هَلندڙ ٻاهر حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
دوزخي ۽ بھشتي برابر نه آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (پنهنجي تخليقي مقصدن کي وساريندڙ) باهه وارا ۽ (پنهنجي تخليقي مقصدن تي ڄمي بيٺل) جنت وارا (پنهنجي عملن جي نتيجي ۾) برابر نٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن.(علامه علي خان ابڙو) نٿا برابر ٿين جهنمي ۽ جنتي، جنتي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) دوزخي ۽ بهشت وارا ڪنهن طرح برابر ٿي نه ٿا سگهن بهشت وارا ئي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي) نه ٿا برابر ٿين جهنم وارا ۽ جنت وارا، جنت وارا اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) باهه وارا ۽ جنت وارا برابر نه ٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني) جهنمي ۽ جنتي پاڻ ۾ برابر ٿي نه ٿا سگهن، جنتي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساٿِي باغ ۽ باھِ جا، ٿِيَن بارو بار، ۽ بي شڪ اَهل بهشت جا، ساڪِن باغ بهار، آهِن اُهي اِظهار، مَن مُرادون ماڻڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته، تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي (عقل ۽ فڪر کان ڪم وٺن ۽) ڌيان ڪن (ته اهڙي عظمت واري قرآن جي خلاف ورزيءَ جا نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا).(علامه علي خان ابڙو) جيڪڏهن (بالفرض) اسين هيءُ قرآن ڪريم ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ته اي مخاطب تون ضرور ان کي الله جي خوف کان جُھڪندڙ ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيندڙ ڪَري ڏسين ها، ۽ اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي غور ۽ فڪر ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي خدا جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڌرين.(سيد فرمان علي) جيڪڏهن نازل ڪيون ها اسين هي قرآن جبل تي ته البته ڏسين ها ان کي جهڪندڙ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيندڙ الله جي خوف کان ۽ اهي مثال بيان ڪيون ٿا اهي ماڻهن جي لاءِ تانته اهي سوچين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر !) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڪن. (مولانا محمد مدني) جيڪڏهن اسان هي قرآن ڪنهن جبل تي نازل ڪيون ها ته تون ان کي ڏسين ها ته اُهو الله جي خوف کان جهُڪي پوي ها، ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي ها. ۽ اُهي مثال اسان ماڻهن لاءِ بيان ڪيون ٿا تان جو اُهي غور و فڪر ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر نازِل جبل تي، ڪيوسون هِي قُرآن، ته ڏِٺئـِيسِ ڀَنوارون، ڀورئون، رُعب ڪنان رَحمان، ۽ ماڻهن لئي مِثال اِهي، ڀَريو ڪريون بَيان، ته مَن ۾، اِهي مانِ!، ڪو ڦورو ڦيرِين فِڪر جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله (هن ڪتاب جو موڪليندڙ) اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. (سڄي ڪائنات تي سندس ڪارفرمائي آهي) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان (پنهنجي ٻانهن تي) نهايت ٻاجهارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي الله تعالى آهي جو ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، (اهو) غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي، اهو نهايت مهربان ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي. ڳجھ ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو، اهو ئي وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) اِهو الله اُهو آهي جو ناهي ڪو معبود بالحق ان کان سواءِ ڄاڻندڙ آهي غيب ۽ ظاهر اهوئي مهربان ٻاجهارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، اهو ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي، اُهو ئي وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله آهي سو، جنهن ڌاران، نه ڪا دربار، ڳُجِھي پَڌرِي ڳالھ کان، واقِف ويرو تار، اُهوئـِي ڏيہ ڏاتار، ٻَهون ٻاجھارو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. (سموري ڪائنات تي) سندس حڪمراني هلندڙ آهي، (ان جي ڪامل ۽) پاڪ ذات، سڀني عيبن کان سلامت، (ڪائنات جي ايذائيندڙ قوتن کان) امن ڏيڻ وارو، (ويچارن جي) نگهباني ڪرڻ وارو، (ظالمن کان بچائڻ وارو) زبردست، خودمختيار ۽ وڏائي جو سائين آهي. الله هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو ماڻهو ساڻس ڪنهن ٻئي (جي قوت ۽ اقتدار) کي شريڪ سمجهن.(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي الله تعالى آهي جو ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي (اهو) بادشاهه، بيحد پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، حفاظت ڪندڙ، غالب وڏي عظمت وارو مُتڪبر آهي، انهن جي شرڪ کان الله تعالى پاڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. (حقيقي) بادشاھ، پاڪ ذات، (سڀني عيبن کان سلامت) امن ڏيڻ وارو، نگهبان، زبردست، خود مختار، وڏائيءَ جو سائين آهي. جن کي ان (الله) جو شريڪ ٺهرائين ٿا ان کان پاڪ آهي.(سيد فرمان علي) اِهو ئي اُهو آهي جو ناهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ بادشاهه، پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، نگهبان، غالب، جبار، متڪبر، الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن کان سواءِڪوبه عبادت جي لائق نه آهي جو بادشاه پاڪ ذات سڀني عيبن کان سلامت امن ڏيڻ وارو نگهباني ڪرڻ وارو زبردست خودمختيار وڏائي جو سائين آهي. الله انهن جي شريڪ ڪرڻ کان پاڪ آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي، اهو بادشاهه آهي، هر عيب کان پاڪ آهي، هر نقص کان سلامت آهي، امن ڏيڻ وارو آهي، حفاظت فرمائڻ وارو آهي، عزت وارو آهي، خودمختار آهي، وڏائيءَ وارو آهي. الله هر ان شيءِ کان پاڪ آهي جنهن کي ان جو شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله، آھِ سو، جنهن ڌاران، نه ڪا درگاھ، سدا سلامت پاڪ سو، برحق بادشاھ، اَجھو ڏِيندڙ عاجزِين، مالِڪ مِهر نگاھ، زَبردست زور ڀريو، وڏائي وارو واھ!، جيڪِي به گڏِين گُمراھ، اَلله پاڪ اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اُھو الله خلقڻھار نئون بڻائيندڙ شڪليون ٺاھيندڙ آھي اُن جا (سڀ) چڱا نالا آھن، جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، (نقطه آغاز کان) نئون بنائڻ وارو ۽ صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا (۽ صفتون) آهن. (هي ته رڳو چند صفتون بيان ڪيل آهن) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سندس حڪم جي مطابق هلي ٿو ۽) سندس عظمت جي شهادت ڏئي ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي الله تعالى آهي (جيڪو) پيدا ڪندڙ، بنائيندڙ، صورت ڏيندڙ آهي، ان جا تمام سهڻا نالا آهن، جيڪا (مخلوق) آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي اها ان جي پاڪائي بيان ڪري ٿي، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، نئون بنائڻ وارو، صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا آهن جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس تسبيح ڪري ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) اهوالله پيدا ڪندڙ، وجود ڏيندڙ، صورت ٺاهيندڙ آهي ان جا ئي آهن نالا سهڻا تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهوئي الله پيدا ڪرڻ وارو نئون بنائڻ وارو صورت ٺاهڻ وارو آهي. اُن جا سڀ چڱا نالا آهن، جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي الله آهي جيڪو پيدا ڪرڻ وارو آهي، نئون بنائڻ وارو آهي، صورت ٺاهڻ وارو آهي، ان جا سڀ نالا سهڻا آهن. جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خالِق ساري خلق جو، آهي اُهوئـِي، جوڙون جوڙِيندڙ، مُنڍ کان نَموني نوئـِي، سِينگارِيندڙ سوئي، سَڀ رنگ واريون صُورتون. سُهڻا سَڀ اُنِهئَ جا، نالا نُور نِشان، پَڙهن پاڪائـِي اُن جِي، جُملي جڳ جھان، جيڪي زَمن زمين ۾، ۽ جي اَندر آسمان، اُهو غالِب بي گمان، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |