توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جيڪا پنهنجا مڙس جي معاملي ۾ توکي هر هر چوي پئي ۽ الله جي اڳيان (پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ وارو) پنهنجو ڏک بيان ڪري پئي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي پيو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ الله تعالى ان عورت جي ڳالهه ٻڌي جيڪا پنهنجي گھر واري جي معاملي ۾ توهان سان تيز ڳالهائي رهي هئي ۽ (پنهنجي) شڪايت الله تعالى سان ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى توهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو هو، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) جا عورت (خوله نالي) تو سان پنهنجي مڙس (اوس) جي معاملي ۾ جهڳڙو ڪري ٿي ۽ خدا سان گلا ڏک بيان ڪري ٿي خدا ان جي ڳالھ ٻڌي رهيو آهي ۽ خدا اوهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ خدا وڏو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي) تحقيق ٻڌو الله قول ان جو جيڪا تڪرار ڪري پئي توسان پنهنجي مڙس جي باري ۾ ۽ شڪايت ڪري پئي الله وٽ ۽ الله ٻڌي پيو اوهان جي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جا پنهنجي مڙس جي معاملي ۾ توسان جهڳڙو ڪري ٿي ۽ الله جي اڳيان پنهنجو ڏک بيان ڪري ٿي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ الله ان عورت جي ڳالهه ٻڌي جيڪا تو سان پنهنجي مڙس جي باري ۾ تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله اڳيان فرياد ڪري رهي هئي ۽ الله توهان ٻنهين جا هڪ ٻئي ۾ سوال وجواب ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله پاڪ اُن جِي، سُئـِي سَمورِي ڳالھ، سَندسِ وَرجي ويڙھ جو، ذڪر ڪيو جِنهن زال، اوري پَئـِي اَلله سِين، اَندر جو اَحوال، اَلله اَوهان جو پاڻ ۾، ٿو ٻُڌي ٻائيتال، سُڻندڙ سَڀ سُوال، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي اوهان مان (نادانيءَ جي ڪري غصي ۾) پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي بيهودي ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا (کين گهرجي ته ڪوڙ کان توبهه ڪن) ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي.(علامه علي خان ابڙو) توهان مان جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين سان ظِهَارُ ڪن ٿا، اهي (گھر واريون) سندن مائرون ناهن، انهن جون مائرون ته اهي آهن جن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ بيشڪ اهي مرد هڪ نامعقول ڳالهه ڳالهائن ٿا ۽ ڪوڙ ڳالهائن ٿا، ۽ بيشڪ الله تعالى يقيناً عفو ڪندڙ بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي اوهان مان پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا (پنهنجي ماءُ جي پٺ سان مشابهت ڏين ٿا) سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون سندس مائرون رڳيون اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي نه وڻندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي.(سيد فرمان علي) اهي ٻانها جيڪي ظهار ڪن ٿا اوهان مان پنهنجين زالن کان ناهن اهي مائرون انهن جون، ناهن مائرون انهن جون مگر جن ڄڻيو انهن کي ۽ بيشڪ اهي البته چون ٿا هڪ ناپسند ڪيل قول ۽ ڪوڙ ۽ بيشڪ الله البته معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي مسلمانو!) جيڪي اوهان مان پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا سو اُهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽اهي ناپسند ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) (اي مسلمانو!) اوهان مان جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظهار ڪن ٿا (يعني زالن کي چون ٿا ته تنهنجي پُـٺي مون لاءِ منهنجي ماءُ جي پُٺي مثل آهي). اُهي انهن جون مائرون نه ٿيون ٿي پون. سندن مائرون ته رُڳي اُهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي ۽ بيشڪ اُهي سخت ناپسنديده ڳالهه ۽ نهايت ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ الله ضرور معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان مان سَندنِ عورتين، جي سَڏِين ماء مثِال، مائون سي، جَن ڄائـِيا، مائون هي نه مَجال، اُهي ڪَوڙي ۽ ڪُوڙِي، ڳِهلا ڪَن ٿا ڳالھ، ۽ ڀَلو ڪندڙ ڀال، پڻ مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جيڪي پنھنجي زالن ئي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن سي وري جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا آھن ته ٻنھي (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، انھي (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي پنهنجين پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، وري جيڪا (بيهودي ڳالهه) چئي اٿن ان کان (پشيمان ٿي پوئتي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ سکو) ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين سان ظِهَارُ ڪن ٿا ان کان پوءِ پنهنجي ڳالهه تان موٽڻ جو ارادو ڪن ٿا پوءِ اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳ ۾ ٻانهون آزاد ڪن، اها توهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جي پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا پوءِ وري جيڪي چيو اٿن تنهن کي واپس وٺن ٿا (تن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي (ڪفاره ۾) هڪ غلام جو آزاد ڪرڻ (ضروري آهي) ان جي اوهان کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي. ۽ اوهين جيڪي ڪريو ٿا خدا تنهن کان با خبر آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اهي ٻانها جو ظهار ڪن ٿا پنهنجين زالن کان ان کان پوءِ موٽن ٿا ان جي لاءِ جو چيائون پوءِ آزاد ڪرڻ آهي ٻانهي جو ان کان اڳي جو هٿ لڳائن اهو نصيحت ڪيا وڃو ٿا ان سان ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جي پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا وري جيڪي چيو اٿن ان کانپوءِ (پوءِ تي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظِهار ڪري ويهن پوءِ جيڪي چيو اٿن ان ڳالهه کان موٽڻ چاهن ته پوءِ هڪ گردن (يعني ٻانهو يا ٻانهي) آزاد ڪرڻ لازم آهي ان کان اڳ جو اُهي هڪ ٻئي کي هٿ لائن. توهان کي هن ڳالهه جي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. ۽ الله خبروار آهي توهان جيڪي اوهين عمل ڪيو ٿا تن کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آکِين پَنهنجي عورتينِ، جي مادر، ماء مِثال، وَرِي وَرَن تِنهن ڪنان، جا چِڙ مان چَيائون ڳالھ، پوءِ آهي آجو ڪرڻو، باندِي هِڪ بَحال، اِنهيان اڳ ته ڇُهن ٻَئـِي، هڪ ٻئي کي هَٿ نالي، اِها اَوهان کي ٿِي ڪَجي، نصِحيت نِهال!، جي اوهِين ڪريو اَعمال، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جيڪو (ٻانھي کي) نه لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نه سگھي تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي ته (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو، ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جو شخص (ٻانهون غلاميءَ ۾ڦاٿل) نه لهي ته (ان تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳولڳ ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن (جيڪو الله جي حدن جو ئي مورئون انڪار ڪندو ته اهو ڪافر آهي) ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جنهن ماڻهو وٽ ٻانهو ناهي پوءِ (ان تي) هٿ لائڻ کان اڳ ۾ لڳاتار ٻه مهينا روزا رکڻا آهن. پوءِ جنهن ماڻهو کي اها طاقت ناهي پوءِ (ان تي) سَٺِ) مسڪينن کي طعام کارائڻو آهي، اهو ان لاءِ ته توهان (عملي طور) الله ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻيو، ۽ اهي الله تعالى جون حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر جنهن کي غلام نه ملي ته (هو) هڪ ٻي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳو لڳ ٻن مهينن جا روزا رکي. ۽ جنهن کي اها به طاقت نه هجي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (فرض آهي) . اهو (حڪم) هن ڪري آهي ته جيئن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي (پوري) تصديق ڪريو ۽ اهي خدا جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ جنهن نه لڌو پوءِ روزو رکڻ ٻن مهينن لاڳيتن جو آهي ان کان اڳي جو هٿ لڳائن پوءِ جيڪو نه ٿو ڪري سگهي پوءِ طعام کارائڻ آهي سٺ مسڪينن کي اهو تانته ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ ڪافرن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جو (شخص ٻانهون) نه لهي ته (ان تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳاتار ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن جو کاڌو کارائڻو آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ (ان جي ذمي) آهن ان کان اڳ جو هڪ ٻئي کي هٿ لائن، پوءِ جيڪو ان جي (به) سگهه نه رکي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (لازم) آهي. هي (حڪم) ان لاءِ آهي ته توهان الله ۽ ان جي رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي نه لَهي، ته لَڳ، ٻَه مَهِينا روزا رکڻا، اُنهِئَ ڪَنان اڳ، ته هَٿ لائـِن هيڪ ٻِئي کي. ٻَه مَهِينا روزا رکڻ جِي، جو سَگھ ساري ڪِين، کارائـِڻ خيرات پوءِ، سَٻرِي، سَٺ مِسڪِين، اِها آهي اِن ڪري، توهان کي تَلقِين، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، يَڪدِل رکو يَقِين، ۽ هِي حَدون هادِي پاڪ جون، مُقرّر مُبِين، ۽ ساڙو سَخت سَنگِين، آهي اِنڪارِيَن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندا آھن تن کي (ائين) خوار ڪيو ويو جيئن اُنھن کي خوار ڪيو ويو جيڪي کائن اڳ ھوا ۽ بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون سون، ۽ مُنڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي (حڪمن جي) مخالفت ڪن ٿا اهي (دنيا ۾ به ائين) خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا، جيڪي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ (انهن حڪمن جي مخالفت ڪرڻ وارن) ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ذليل ڪيا ويندا جيئنڪِ انهن کان اڳين کي ذليل ڪيو ويو ۽ بيشڪ اسان صاف صاف آيتون نازل ڪيون آهن ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا اهي (ائين) خوار ٿيندا جيئن انهن کان اڳيان خوار (۽ ذليل) ٿيا هئا ۽ اسان (ته بلڪل) پنهنجا پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن. ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهي ٻانها جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي ذليل ڪيا ويا جيئن ذليل ڪيا ويا اهي جيڪي انهن کان اڳي هئا ۽ تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون چٽيون ۽ ڪافرن جي لاءِ خوارڪندڙ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا اهي خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا جي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي (ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) (مولانا محمد مدني) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ائين ذليل ڪيا ويندا جيئن اُهي ماڻهو ذليل ڪيا ويا هئا جيڪي انهن کان اڳ هئا، ۽ بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جي، اُبتڙ هَلن اَبتر، سي اُونڌا ڪيا وِيا اِنهِئَ کان، مَهندِيَن جِيئن مُنهن ڀَر، ۽ اُتارِيون سون آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ۽ مِڙ مُنڪرن ماتر، جُٺ جِھڙو آهي جَنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (انھيءَ جي) سُڌ ڏيندو جيڪي ڪمايو ھوائون، الله اُن کي ڳڻي رکيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو، ۽ الله ھر شيءِ تي خبر رکڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن انهن سڀني کي الله تعالى ٻِئي دفعي زنده ڪندو، پوءِ اهو انهن کي سندن ڪيل ڪمن جي خبر ٻڌائيندو. الله تعالى انهن کي ڳڻيو آهي ۽ انهن الله کي وساريو آهي، ۽ الله تعالى کان ڪا شيءِ غائب ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو اٿاريندو ته کين سندن اعمالن کان آگاھ ڪندو. انهن (اگرچه) وساريو آهي پر خدا انهن کي ياد رکيو آهي ۽ خدا ته هر شيءِ جو شاهد آهي ئي.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن اٿاريندو انهن کي الله پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪي ڪيائون ڳڻي رکيو ان کي الله ۽ وساريائون ان کي ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ انهن کي خبر ڏيندو جيڪي انهن عمل ڪيا. الله انهن (جي عملن) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ هنن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله هر شيءِ مٿان گواهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٿارِيندو اُن سَڀين کي، جِهِين ڏِينهن ڏاتار، پوءِ سُڌ ڏِيندنِ، اُن سڀ جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هُن ته اُهي وِساريا، سارِيا خُوب سَتار، جَلِيل رَبَّ جَبار، حاضِر هَرڪِنهن چِيز تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ڪا ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اهو انهن ۾ چوٿون هوندو آهي ۽ پنجن ڄڻن جي ته اهو انهن ۾ ڇهون هوندو آهي ۽ توڻي ان کان گهٽ ۽ توڻي (ان کان) وڌيڪ (ماڻهو هجن) جتي به هجن (۽ جيترا به هجن) پر اهو انهن سان گڏ هوندو آهي، پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيء کي ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) (اي ٻڌندڙ) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى (سڀ ڪجھه) ڄاڻي ٿو جيڪو آسمانن ۾ ۽ جيڪو زمينن ۾ آهي، ايئن نٿو هجي ته ٽي ماڻهو پاڻ ۾ مخفي صلاح ڪن مگر اهو (الله) چوٿون نه هجي ۽ نه پنج ماڻهو (پاڻ ۾ صلاح ڪن ٿا) مگر اهو (الله) ڇهون نه هجي ۽ نه ان کان گھٽ ۽ نه ان کان وڌيڪ (صلاح ڪندڙ آهن) مگر اهو انهن سان گڏ آهي اُهي ڀلي ڪٿي به هجن، ان کان پوءِ اهو انهن کي سندن عملن بابت قيامت جي ڏينهن ٻُڌائيندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ کي)خدا ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالھ ٻولھ نه ٿيندي پر اهو (خدا) انهن ۾ چوٿون آهي ۽ نه پنجن ڄڻن جي (پاڻ ۾ صلاح) پر خدا انهن ۾ ڇهون هوندو ۽ نه ان کان گهٽ هجن يا وڌيڪ جتي به هجن پر اهو (خدا) انهن سان گڏ هوندو آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا قيامت جي ڏينهن کين ان کان آگاھ ڪندو. بيشڪ خدا هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي نه ٿي هجي ڪا صلاح ٽن جي مگر اهو انهن جو چوٿون آهي ۽ نه پنجن جي مگر اهو انهن جو ڇهون آهي ۽ نه گهٽ ان کان ۽ نه گهڻا مگر اهو انهن سان گڏ آهي جتي به هوندا ان کان پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪو ڪيائون قيامت جي ڏينهن بيشڪ الله هرشيءِ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسولﷺ!) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي پر اُهو انهن ۾ چوٿون هوندو ۽ نه پنجن ڄڻن جي پر اهو انهن ۾ ڇهون هوندو ۽نه ان کان گهٽ ۽ نه (ان کان) وڌ پر اُهو انهن سان گڏ هوندو جتي به هجن. پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڄاڻي ٿو (تن سڀ شين کي) جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه نه ٿي ٿئي مگر الله انهن جو چوٿون هوندو آهي ۽ نه پنجن جي مگر انهن جو ڇهون اُهو هوندو آهي ۽ نه ان کان گهٽ ۽ نه (ان کان) وڌ پر اُهو انهن سان گڏ هوندو آهي، اُهي جتي به هجن، پوءِ الله انهن کي قيامت واري ڏينهن انهن ڪمن جي خبر ڏيندو جيڪي انهن ڪيا. بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڏِٺائون نه؟ ته ڏاتار، سَڀ ڪُجھ آهي سَمجھندو، جيڪِي اُڀن ۾ اَسرار، ۽ جيڪِي زَمن زَمِين ۾. نَه هُوندِي ڪِنهِين به هَنڌن تي، ٽِن جِي رَمز رِهاڻ، مَگر چوٿون اُنهن سان، صِاحب سُرت، سُڄاڻ، نه پنج ڪِنهِين ماڳ، مگر ڇَهون پَنجن سان پاڻ، نه اِنهيان، گھٽ، نه گھڻا، مَگر اُهو اُنهن ساڻ، ڀيڙو هَر ڪِنهن ڀاڻ، جِتي به هُجي جھان ۾. موٽِي مَحشر ڏِينهن ۾، ڏِيندنِ ڪَل ڏاتار، ساري تَن سَڀن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائـِين سَمجھدار، هرگز هَر ڪِنهن چِيز کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن کي ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو وري جنھن کان جھليا ويا سوئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) توکي انھي (لفظ) سان سلام ڪندا آھن جنھن سان توکي الله سلام نه ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن ته جيڪي چوندا آھيون تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇونه ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ بس آھي، ان ۾ پوندا، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين (ذريعي سازشن) ڪرڻ کان روڪيو ويو، پوءِ اهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا وري به اهوئي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناهه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان سلام ڪن ٿا جيڪو سلام الله (مقرر) نه ڪيو آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان جي ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نٿو ڪري (ٿورڙو ترسن) انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي مخفي صلاحن ڪرڻ کان منع ڪيو ويو، ان کان پوءِ اهو ئي ڪندا رهيا جنهن کان اهي منع ڪيا ويا ۽ اُهي (يهودي ۽ منافق) پاڻ ۾ گناهه۽ (مسلمانن تي) زيادتي ۽ رسولِ عربيءَ جي نافرماني لاءِ مخفي صلاحون ڪن ٿا ۽ جڏهن اهي توهان وٽ اچن ٿا ته توهان کي انهن لفظن سان سلام ڪن ٿا جن سان الله تعالى توهان کي سلام نه ڪيو ۽ اهي پنهنجي دلين ۾ چون ٿا، اسان جي انهي چوڻ جي ڪري الله تعالى اسان تي فوراً عذاب ڇو نٿو ڪري، انهن لاءِ جهنم ڪافي آهي، ان ۾ اهي داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ لاءِ تمام خراب جاءِ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا تون انهن کي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ کان روڪيو ويو هو مطلب ته جنهن ڳالھ کان کين جهليو ويو هو تنهن کي وري ڪن ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) گناھ ۽ (بيجا) زيادتي ۽ رسول جي نافرمانيءَ ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون (سس پس) ڪن ٿا. ۽ جڏهن به تو وٽ اچن ٿا ته جن لفظن سان تو کي الله سلام نه ڪيو تن (ڪريل) لفظن سان سلام ڪن ٿا ۽ پنهنجي دل ۾ چون ٿا (جيڪڏهن هي سچو نبي آهي ته) جيڪي اسين چئون ٿا خدا ان جي سزا ڇو نه ٿو ڏئي! (اي رسول) کين دوزخ (جي سزا ئي) ڪافي آهي جنهن ۾ اهي داخل ڪيا ويندا. ته اها (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي روڪيا ويا لڪل وڏي صلاح ڪرڻ کان ان کان پوءِ ورن ٿا ان جي لاءِ جو روڪيا ويا ان کان ۽ وڏو مشورو ڪن ٿا گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرماني جو ۽ جڏهن آيا تو وٽ ته مرحبا ڪيائون تنهنجي انهن لفظن سان جو نه مرحبا ڪئي تنهنجي ان سان الله ۽ چون پيا پنهجين دلين ۾ ته ڇو نه ٿو عذاب ڪري اسان کي الله ان جي ڪري جو اسين چئون ٿا ڪافي آهي انهن جي لاءِ جهنم داخل ٿيندا ان ۾ پوءِ بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ کان روڪيو ويو پوءِ اُهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا ان کي موٽي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا. ۽جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان دعا ڪن ٿا جنهن سان توکي الله دعا نه ڪئي آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي، ان ۾ داخل ٿيندا پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڳُجهي طرح سرگوشي ڪرڻ کان روڪيو ويو هيو وري به اُهو ئي ڪن ٿا جنهن کان رويا ويا هئا، ۽ اهي پاڻ ۾ گناهه ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ حاضر ٿين ٿا ته تو کي انهن لفظن ۾ سلام ڪن ٿا جن لفظن ۾ الله توتي سلام نه ڪيو آهي، ۽ پنهنجي دلين ۾ چون ٿا ته: ”جيڪي اسان چئون ٿا ان ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري“؟ انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه ڏِٺئـِي؟ تَن کي، جَن مَنع ٿئـِي مُور، ڳِرهڻ بُڇِڙي ڳالھ کان، وَرِي پوءِ وَهلور، جِنهن کان جھليو کِين وِيو، سو موٽِي ڪَن مَذڪور، گُفتگُوءِ گَند جِي، پڻ ڀَڃڻ حُڪم حُضور، پڻ مُخفِي ڪن مَخمور، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ جنهن مَهل تو وَٽ، مُصطفى! اَچڻ اِهي اَظلام، ته توتي سَلام، سو نه چيون، جو صاحِب چَئي سَلام، ڪَهن سَندنِ قُلوب ۾، ته ڪَهون جو ڪلام، ڇو نه اَسان تي عَذاب ڪري، اِن تان رَبُّ عَلام، بس آهي باھِ اُنهن لئي، جَھنّم جنهن جو نام، ڪَندا ڪڙڪو اُن ۾، ناگہ سي ناڪام، اُهو ماڳ مَقام، بي حد ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرمانيءَ بابت (ڪابه) پاڻ ۾ صلاح نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته (منافقن وانگر) گناهه ۽ الله جي حدن کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين (خدائي قانونن جي نگهباني ۽ انساني فلاح جو سوچي) ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون (۽ رٿابنديون) ڪريو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي (حساب ڪتاب ڏيڻ واسطي) گڏ ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو ! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڪو مشورو ڪريو پوءِ گناه ۽ زيادتي ۽ رسولِ عربيءَ جي نافرماني لاءِ پاڻ ۾ مشورو نه ڪريو ۽ توهان نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ پاڻ ۾ مشورو ڪريو ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن توهان کي اُٿاريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالھ ٻولھ ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگهڻ ۾ رسول جي نافرمانيءَ جو ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪريو ۽ ان خدا (جي غضب) کان ڊڄو جنهن (جي بارگاھ) ۾ اوهان کي ڪٺو ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! جڏهن ڪو مشورو ڪيو ته پوءِ نه مشورو ڪيو گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرمانيءَ جو ۽ مشورو ڪيو نيڪيءَ جو ۽ پرهيزگاريءَ جو ۽ ڊڄو الله کان جو ان ڏانهن اوهان اٿاريا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته گناه ۽ حد کان لنگهڻ ۾ رسول جي نافرماني جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون ڪريو ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڳجهي طرح ڳالهه ڪيو ته پوءِگناهه ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني لاءِ ڳجهي طرح سرگوشي نه ڪيو، ۽ توهان نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ ڀلي سرگوشي ڪيو. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن جي حضور اوهان کي حشر ۾ پيش ٿيڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جَن مَڃيو!، جڏهن ڳرهيو ڳالھ، ته ڳرهيون نه ڳالهيون، پاپ جون، حَد لنگھڻ جُون لال!، ۽ چوريو نه ڪِنهن چال، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ ڳرهيؤ ڳالهيون پاڻ ۾، نيڪِئَ جون نبار، پڻ پوتي پاڪ، رکڻ جون، ۽ ڏرو ڀَر ڏاتار، تِنهِين ڏي تڪرار، اَوهِين مِرئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
بڇڙي صلاح ڪرڻ ته شيطان جو ڪم آھي ھن لاءِ ته مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ به نُقصان پُھچائڻ وارو نه آھي، ۽ جڳائي ته مؤمن الله تي ڀروسو ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) اها (منافقن) ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي، الله جي حڪمن کان سواءِ. ۽ الله تي ايمان وارا هر ڳالهه ۾ ڀروسو ڪن.(علامه علي خان ابڙو) (گناهه۽ زيادتي لاءِ) مخفي صلاح ته شيطان جي طرفان آهي، ان لاءِ ته مؤمنن کي غمگين ڪري حالانڪِ اهو انهن کي الله جي حڪم کانسواءِ ڪنهن شيءِ جو نقصان پهچائي نٿو سگھي، ۽ مؤمنن کي الله تعالى تي توڪل ڪرڻ گھرجي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (برين ڳالهين جي) ڳجهي ڳالھ ٻولھ ته شيطاني ڪم آهي (اهو هن لاءِ ڪن ٿا) ته ايمان وارن کي ان مان رنج پهچي. هوڏانهن خدائي مشيت کان سواءِ (سندن) ڳجهي ڳالھ ٻولھ انهن (مومنن) کي ڪو به نقصان پهچائي نه ٿي سگهي. ۽ مومنن کي ته خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سيد فرمان علي) اهو مشورو ته شيطان جي طرفان آهي تانته ڏک ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ناهي نقصان ڏيندڙ انهن کي ڪجهه به مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اها ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي. مگر الله جي حڪم سان ۽ الله تي ته ايمان وارا ڀروسو ڪن. (مولانا محمد مدني) ڳجهي طرح (بري ڳالهه جي) سرگوشي ڪرڻ ته صرف شيطان جي طرفان ئي هوندي آهي هن لاءِ ته ايمان وارن کي پريشان ڪري ۽ اُهو کين ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه ٿو سگهي سواءِ الله جي اذن جي. ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گوشي جيِ گُفتار، آهي شر شيطان جو، تان اُهي، جَن مَڃيو، تَن وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ اُهو ڏُک نَه ڏِيندڙ اُنهن کي، حُڪم ڌَڻِئَ جي ڌار، پوءِ بِهتر ته رکن بار، مُؤمِن مالِڪ پاڪ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان کي چئجي ته (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو ته الله به اوھان جي لاءِ ڪشادگي ڪري، ۽ جڏھن چئجي ته اُٿو تڏھن اُٿو ته اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته (هتان وارا حڪم ٻڌي عمل ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو. اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي (اهڙين جماعتي پابندين سان) الله تن جا درجا بلند ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو ! جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان (رسولِ عربيءَ جي) مجلس ۾ (خاص اصحابين لاءِ) جايون خالي ڪريو پوءِ توهان جايون خالي ڪريو الله تعالى توهان کي کليل جاءِ (جنت) عطا ڪندو، ۽ جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان اُٿو، پوءِ توهان اٿي وڃو، الله تعالى توهان مان مؤمنن ۽ (ديني) علم وارن جا درجا (جنت ۾ به) بلند فرمائيندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو ته ڪشادي ڪندا ڪريو الله اوهان کي ڪشادگي عطا ڪندو. جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو جي شخص اوهان مان ايماندار آهن ۽ جن کي علم عطا ڪيل آهي خدا تن جا درجا بلند ڪندو ۽ خدا اوهان جي سڀني ڪمن کان خوب واقف آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! جڏهن چيو وڃي اوهان کي ته ڪشادا ٿي ويهو مجلسن ۾ ته پوءِ ڪشادا ٿي ويهو ته ڪشادگي ڪندو الله اوهان جي لاءِ ۽ جڏهن چيو وڃي ته اٿي بيهو ته پوءِ اٿي بيهو بلند ڪندو الله انهن جا جن ايمان آندو اوهان مان ۽ انهن جا جيڪي ڏنا ويا علم درجا ۽ الله ان جي جيڪو ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪري. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو ته اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي تن جا الله درجا بلند ڪري. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي چيو وڃي ته مجلسن ۾ ڪشادگي ڪيو ته ڪشادگي ڪيو ته الله به اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو، ۽ جڏهن چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي کڙا ٿيو، الله انهن ماڻهن جا درجا بلند ڪري ٿو جن اوهان مان ايمان آندو ۽ جن کي علم ڏنو ويو. ۽ الله خبروار آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مَڃِي جَن آڻ!، جڏهن اَوهان کي، آکيو وَڃي، ته وِهو ٿِي ويڪرا، پاٿارِئَ ۾ پاڻ، پوءِ وِهو ٿِي ويڪرا، راهُو! مَنجھ رِهاڻ، ته آگو اَوهان ڪاڻ، سَڀ ڪُجھ سَولائـِي ڪري. جڏهن آن کي آکجي اُٿو، ته اٿو اَنهِئَ وار، ۽ مولا مٿاهون تن ڪري، جن آندو اِعتبار، ۽ جن کي عطا عِلم ٿيو، پڻ سُڃاڻپ ستار، درجن مٿي دِرجا، ڏِئي تَنِين ڏاتار، ۽ ڪَندا آهيو، جا ڪار، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين (گھرو ته) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو تڏھن پنھنجي ڳجھي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نه لھو ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي (عام مفاد لاءِ) خيرات يا عطيو ڏيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. (انهيءَ سان منافق جيڪو گهڙيءَ گهڙيءَ ڳجهي ڳالهه جو بهانو ڪري رسول ڪريم جو وقت وڃائين ٿا سو بند ٿي ويندو) پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (عطيو ڏيڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو ! جڏهن توهان رسولِ عربيءَ جي خدمت ۾ (ڪا ڳالهه) عرض ڪرڻ چاهيو پوءِ پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳ ۾ (ڪجھه) خيرات ڪريو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي ۽ (توهان جي گناهن کي) پاڪ ڪندڙ آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان وٽ ڪجھه ناهي پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالھ ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي پهرين صدقو ڏيو. اها اوهان لاءِ تمام چڱي ۽ پاڪيزه ڳالھ آهي. پر جيڪڏهن اوهان وٽ ڪجھ به نه هجي ته خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارا! جڏهن آهستي ڳالهائڻ گهرو رسول سان ته پوءِ اڳي ڏيو پنهنجي آهستي ڳالهائڻ کان پهريان صدقو اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ ۽ گهڻو پاڪ پوءِ جيڪڏهن نه لهو ته بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي پهرين خيرات ڪيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (خيرات ڪرڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان رسول (ﷺ) سان ڳُجهي طرح ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيو ته توهان پنهنجي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ڪجهه صدقو خيرات ڪيو. اِهو (عمل) توهان جي لاءِ بهتر ۽ پاڪيزه تر آهي. پوءِ جيڪڏهن (خيرات لاءِ) ڪجهه نه لهو ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل سان، اي مؤمنو! جڏهن ڳَرهيو ڳالھ، پوءِ اَهنجي ڳرهڻ کان اڳي، ڏِيو مالِڪ لڳ، ڪُجھ مال، اِهو ڀَلو ڪم بحال، آھِ اوهان لئي ۽ پاڪ گھڻو. پوءِ خُدا ڪارڻ خير لئي، جي لَهو مُور نه مال، پوءِ بَخشِيندڙ بحال، آھِ سائـِين سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
اوھين (انھي ڳالھ کان) ڊڄي ويؤ ڇا ته پنھنجي ڳالھ چوڻ کان اڳي خيرات ڏيو، پوءِ جڏھن اوھان نه ڪيو ۽ الله اوھان کان ٽارو ڪيو تڏھن نماز پڙھندا رھو ۽ زڪوٰة ڏيندا رھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيو، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي عطيو يا خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان (خيرات) نه ڪئي (جا تنظيم ڪاري جي ابتدائي معاملن ۾ ضروري هئي) ته الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن (فرمانبرداري جي واٽ تي هلي) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳ ۽ خيرات ڪرڻ کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ جيڪڏهن توهان ايئن ڪري نٿا سگھو ۽ الله تعالى توهان تي عنايت ڪئي پوءِ توهان نماز قائم ڪريو ۽ توهان زڪوات ادا ڪريو ۽ توهان الله تعالى ۽ اُن جي رسول جي اطاعت ڪريو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (مسلمانو!) ڇا اوهين (رسول سان) پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي خيراتن ڪرڻ کان ڊڄي ويا؟ ته جڏهن اوهان ماڻهون (ايترو ڪم به) نه ڪري سگهيا ۽ خدا توهان کي معاف ڪري ڇڏيو ته نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو پڻ خدا ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا باخبر آهي.(سيد فرمان علي) ڇا اوهان ڊڄو ٿا ته پهريان ڏيو پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳيان صدقا پوءِ جيڪڏهن نه ڪيو اوهان ۽ توبہ قبول ڪرڻ سان موٽيو الله اوهان تي پوءِ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي اوهان ڪيو پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان(خيرات) نه ڪئي ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو تڏهن نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا توهان پنهنجي سرگوشي ڪرڻ کان اڳ صدقو خيرات ڪرڻ کان گهٻرائجي ويا؟ پوءِ جڏهن اوهان ائين نه ڪيو ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو (يعني اُهو حڪم کڻائي ورتو) پوءِ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو. ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ الله خبروار آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اَوهين ڊِڄي وِيا اِن ڪان، ته اَهنجي عَرض ڪرڻ کان اڳ، ڪو صدقو سائـِينءَ لَـڳ، آڻي اَڀرن کي ڏِيو؟ پوءِ جي اوهان ڪُجھ نَه ڪيو، ۽ لاٿو بارِي آن تان بار، پوءِ رکو فرض نماز جو، قائـِم بَرقرار، ۽ ڏيو زڪوٰتون مال مان، مُقرر مِقدار، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جا، حُڪم مڃيو هيڪار، ۽ جي ڪريو ٿا ڪَم ڪار، واحِد وقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه (حقيقت ۾) اوهان مان آهن ۽ نه (کليو کلايو) انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان سان سچي هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان نه ڏٺو انهن ماڻهن (منافقن) کي جيڪي انهيءَ قوم (يهودين) سان دوستي رکن ٿا جن تي الله تعالى غضب نازل ڪيو، اهي نه توهان مان آهن ۽ نه انهن مان آهن ۽ معلومات جي باوجود ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا تون انهن (منافقن) جي رويه تي غور نه ڪيو آهي آهي جن اهڙن ماڻهن سان دوستي رکي جن تي خدا غضب نازل ڪيو آهي. اهي نه ته اوهان مان آهن ۽ نه انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا اهي ڄاڻن ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جن دوستي رکي اهڙي قوم سان جو ڪاوڙيو الله انهن تي ناهن اهي اوهان مان ۽ نه انهن مان ۽ قسم کڻن ٿا ڪوڙ تي ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه ته اوهان مان آهن ۽ نه اُنهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. (مولانا محمد مدني) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن اهڙي قوم سان دوستي رکي آهي جن تي الله ڏمريو آهي؟ اُهي (منافق) نه ته اوهان مان آهن نه وري انهن مان آهن، ۽ اُهي ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه جو قسم کڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا تو نه ڏِٺو؟ تَن ڏي ، جي پَر ۾ ڪَن پيار، اُنهئ ڪافِر قوم سان، جَن تي ڏَمرِيو ڏاتار، نه اَوهان مَنجھان، ۽ اُنهن مان، آهِن اِهي آوار، ۽ سَمجھي سُڻي، سُنهن کڻن، مٿي ڪُوڙ ڪُفّار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي، بيشڪ اهي خراب عمل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي بيشڪ اهي جو ڪجھ ڪن ٿا بلڪل بڇڙي ڳالھ آهي.(سيد فرمان علي) تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ عذاب سخت بيشڪ اهي برو آهي اهو جيڪو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. (مولانا محمد مدني) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. بيشڪ اُهو برو (ڪم) آهي جيڪو ڪري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله سَخت عذاب ڪيو، تَنِين لئي تَڪرار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اُهي بي حد ڪي بُڇڙا ٿيا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن (فريب ڪاريءَ سان) پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان ڍال جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا. سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهن پنهنجي قسمن کي (پنهنجي لاءِ) ڍال بنايو آهي پوءِ اهي الله جي راه کان روڪين ٿا، پوءِ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪين ٿا سو انهن لاءِ خوار ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي) بنايائون پنهنجن قسمن کي ڍال پوءِ روڪيائون الله جي واٽ کان پوءِ انهن جي لاءِ عذاب خوارڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي پوءِ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا سو انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان جي آڙ ۾ ماڻهن کي) الله جي رستي کان روڪن ٿا پوءِ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سندن قسم ڪيائون ڍال، پوءِ روڪيؤن ربّ جي راه کان، پوءِ آهي اُنهن نال، سِٺ وارو سَخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي) سندن مال ۽ سندن اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا.(علامه علي خان ابڙو) هرگز انهن جا مال ۽ اولاد انهن کي الله جي عذاب کان بچائي نه سگھندا، اهي جهنمي آهن، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سندن مال ۽ سندن اولاد خدا جي مقابلي ۾ کين ڪجھ به ڪم نه ايندا. اهي دوزخي آهن جي سدائين ان ۾ رهندا.(سيد فرمان علي) هرگز نه دفع ڪندا انهن کان انهن جا مال ۽ نه انهن جو اولاد الله کان ڪجهه به اهي دوزخي آهن اهي اُن ۾ هميشہ رهندڙ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني) سندن مال ۽ سندن اولاد انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪجهه به بچائي نه سگهندو. اُهي دوزخ وارا آهن. اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مال ۽ اولاد اُنهن جو، وَڳر وَڳ وَٿاڻ، قادر رَبَّ ڪرِيم کان، ڪُجھ نه ڇُڏائيندنِ ڪاڻ، صَحِي ساٿِي باھ جا، اُهيئـِي اَڄاڻ، سَدا سُورن ساڻ، گھارِيندڙ اُن گَھر ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو، تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اهي ئي (ماڻهو پهرين درجي جا) ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن الله تعالى انهن سڀني کي (زنده ڪري) اُٿاريندو. پوءِ اهي ان لاءِ قسم کڻندا، جيئنڪِ توهان لاءِ قسم کڻن ٿا ۽ ڀانئين ٿا ته بيشڪ اهي نفعي واري شيءِ تي آهن، خبردار ! بيشڪ اهي ئي ڪوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو (جياري) اٿاريندو ته اهي ماڻهو جيئن تنهنجي اڳيان (ڪوڙا) قسم کڻڻ ٿا تئين ان (خدا) جي اڳيان به قسم کڻندا ۽ اهو گمان اٿن ته اهي به ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ رهن. خبردار ٿيو! اهي ئي يقينا ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن کي الله مڙني کي پوءِ قسم کڻندا ان جي لاءِ جيئن قسم کڻن ٿا اوهان جي لاءِ ۽ سمجهن ٿا ته بيشڪ اهي ڪنهن شيءِ تي آهن خبردار بيشڪ اهيئي ڪوڙا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اُن ڳالهه کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو، پوءِ اُهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان قسم کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته اهي به ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اِهي ئي ڪوڙا آهن. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ اُهي ان جي اڳيان به ائين قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اُهي ڪنهن چڱي حالت ۾ آهن. خبردار بيشڪ اُهي ئي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٿارِيندو اُن مِڙن کي، جِھِين ڏِينهن جَبّار، پوءِ اُن کي ڏِيندا، ڏِينِ جِيئن آن کي اِعتبار، ۽ آهِن اُهي ڪِنهن ڳالھ تي،ڀانئـِن ٿا بيڪار، رَهو خَبردار، اُهي آهِن اَصل ڪُوڙ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مٿن (مفاد پرستين ۽ سرڪشين جو محرڪ) شيطان غالب ٿي ويو آهي، پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهن تي شيطان غلبو ڪيو، پوءِ انهن الله جي ذڪر کي وساري ڇڏيو. اهي شيطان جو گروه آهن. خبردار ! بيشڪ شيطان جو گروه ئي نقصان وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مٿن شيطان غالب ٿي ويو آهي جنهن انهن کان خدا جي ياد گيري ڀلائي ڇڏي آهي. اهي شيطان جي جماعت آهن.ياد رکو! شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي.(سيد فرمان علي) غلبو ڪيو انهن تي شيطان پوءِ وسارايائين انهن کان الله جو ذڪر اهيئي شيطان جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ شيطان جو لشڪر اهيئي نقصان وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مٿن شيطان غالب ٿي ويو آهي پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اِهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي. (مولانا محمد مدني) انهن مٿان شيطان غالب اچي ويو آهي پوءِ انهن کان الله جي ياد وساريائين، اُهي شيطان جو لشڪر آهن. خبردار! بيشڪ شيطان جي لشڪر وارا نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شامتِي شيطان ٿيو، سِر تي، تَن سُوار، پوءِ ڏِنئين وِسارِي اُنهن کي، رَبَّ جي تات تنوار، اُهي ئـِي اِبليس جِي، آهِن فوج فُجَّار، کُٽو ٽُٽو خُوار، آهي ساٿ اِبلِيس جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي وڏن ذليلن مان آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (ئي) تمام خوار (خراب) ماڻهن مان آهن.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهي شخص جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهي ذليلن ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ذليل ترين ماڻهن مان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، جي پُرن پُٺ ڏيئـِي، آهِن اُهيئـِي، هميشه هِيڻن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾) ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى (لوحِ محفوظ ۾) لکيو آهي ته ضرور آئون ۽ منهنجا رسول غالب ٿينداسين، بيشڪ الله تعالى وڏي قوت وارو غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا ناطق حڪم ڪري ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿينداسون. بيشڪ خدا زور آور زبردست آهي.(سيد فرمان علي) لکي ڇڏيو آهي الله ته البته ضرور غالب رهندس مان ۽ منهنجا رسول بيشڪ الله قوت وارو،غالب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله لکي ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله زورآور زبردست آهي. (مولانا محمد مدني) الله لکي ڇڏيو آهي ته آءٌ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿيندا. بيشڪ الله طاقتور غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قُدرت جي ڪتاب۾، اَلله لِکيو اَصل، ته مَهٽِيندسِ آئون مُورهِين، پڻ مُنجھائـِي مُرسل، مالِڪ بي مِثل، زَبردست زور ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
(اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي رسول!) اهڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن. توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ، سندن ڀائر يا مائٽ هجن. اهي ئي (ڀلارا ماڻهو آهن) جن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي وحي واري فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه پيا وهن. اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. پڪ ڄاڻو ته الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخري ڏينهن تي ايمان آڻن ٿا، توهان انهن کي نه ڏسندا ته اُهي اهڙن سان دوستي رکن ٿا جيڪي الله تعالى ۽ اُن جي رسول جا مخالف آهن، جيتوڻيڪ اُهي سندن پيءُ آهن يا سندن پُٽ آهن يا سندن ڀاءُ آهن يا سندن مائٽ آهن، اِهي اُهي آهن جن جي دلين ۾ الله تعالى ايمان چِٽي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي مدد سان مضبوط بنايو آهي ۽ انهن کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي اُن کان راضي ٿيا، اهي الله تعالى جي جماعت آهن، خبردار ! بيشڪ الله تعالى جي جماعت ئي ڪامياب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي خدا ۽ سندس رسول جي دشمن سان دوستي ڪندي نه ڏسندين توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ يا سندن ڀائر يا سندن خاندان مان هجن. اهي ئي اهي آهن جن جي دلين ۾ خدا ايمان کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي پڻ خاص پنهنجي نور سان سندن تائيد ڪئي آهي. ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن، اهي انهن ۾ پيا رهندا. خدا انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا. اهو ئي خدائي گروھ آهي. خبردار ٿيو الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي.(سيد فرمان علي) نه لهندين ڪا قوم جيڪي ايمان رکن ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ته دوستي رکن انهن سان جن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي جيتوڻيڪ هجن پيئر انهن جا يا پٽ انهن جا يا ڀائر انهن جا يا قبيلي وارا انهن جا اهي لکيائين دلين انهن جي ۾ ايمان ۽ تائيد ڪيائين انهن جي روح سان پنهنجي طرفان ۽ داخل ڪندو انهن کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي ان کان اهي الله جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ الله جو لشڪر اهيئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول !) اهڙي قوم جا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ ياسندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن. انهن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي ڳجهي فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. خبردار ٿيو الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي. (مولانا محمد مدني) اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي هرگز ائين نه لهندين جو اهي انهن ماڻهن سان دوستي رکن جن الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪئي آهي توڙي جو اُهي سندن ابا ڏاڏا هجن يا سندن پُٽ پوٽا هجن يا سندن ڀائر هجن يا انهن جا ڪٽنب وارا هجن. هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان چِٽي طرح لکي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي روح سان انهن جي تائيد ڪئي آهي. ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون اهي ان ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿي ويا. اهي الله جي جماعت آهن. خبردار بيشڪ الله جي جماعت وارا ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي آڻِينِ اِعتبار، ڪَڏهن نه ڏِسندِين تِنهن قوم کي، ته تِن سان ڪن پيار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول سان، جي ڪن طَبل تڪرار، توڻي پِئَ، پُٽ اُنهن جا، ڀائيچارِي يا ڀار، لکيا اکر ايمان جا، تن جي قلبن ۾ ڪلتار، پڻ ڏِنئـِين اُنهن آڌار، پنهنجي پاران رُوح ڪو. جوڙي ڏِيندنِ جايون، جَنَّت مَنجھ جَبّار، هَلن هيٺان جَن جي، ناليون نِير نِبار، سَرهَا سَڀ ڄَمار، ساڪِن اُن سُکن ۾. سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها، کان، سائـِين، خبردار! خبر رکو، اَندر ۾ آئـِين، ته آهِن لشڪر اَلله جو، اِهي مُؤمِن مُهائـِين، سَچ ته سَدائـِين، آهي آجو ساٿ اَلله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |