توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به مخلوق آهن، سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ هو هر شيء تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى جي تسبيح ڪن ٿيون اهي (مخلوقون) جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو ئي غالب، صاحبِ حڪمت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي سڀ شيءَون جيڪي (به) آسمان ۽ زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) تسبيح پڙهيائين الله جي لاءِ انهن جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهو غالب، حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله جي پاڪائي اهي سڀ شيون بيان ڪن ٿيون جي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهوئي زبردست(۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر عيب ڪنان اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪي عَجب اُڀن ۾، پڻ جيڪِي خُوبيون اَندر خَاڪ، ۽ اُهو اَپر عِزت ناڪ، قابِل ڪار ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، (اُھو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي، هوئي جيئاري ٿو ۽ هو ئي ماري ٿو ۽ هر شيء تي قادر آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو).(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي، اهو جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ان جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان جي ئي آهي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀون ۾، راڄ رُڳو اُن ڪاڻ، جياري جَڏن کي، پڻ مارِيو ڀَري مَساڻ، ۽ پهچندڙ آهي پاڻ، هادِي هر ڪِنهن ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هوئي اول ۽ آخر آهي (يعني اصل کان آهي ۽ هميشه هوندو) ۽ هوئي ظاهر به آهي ۽ باطن به. ۽ هو هرهڪ شيءِ جو علم رکي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي اول ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو ئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ (پنهنجي قدرتن سان) سڀ تي ظاهر ۽ (نگاهن کان) ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) اهو اول ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اهو هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهوئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي اول آهي ۽ آخر آهي ۽ پڌرو آهي ۽ ڳجهو آهي ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اول، آخِر آھِ سو، مالِڪ مِهربان، ظاهِر زَمن، زَمِين ۾، پڻ مخفِي هَر مَڪان، سَمجھندڙ سُبحان، حال هر ڪِنهن ٽول جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
(الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي متوجه ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي سو (سڀ) اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اھو اوھان سان گڏ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهوئي آهي جنهن ڇهن ايامن ۾ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو، پوءِ به پنهجي بادشاهيءَ جي تخت تي محڪم رهيو (يعني هوئي دنيا کي هلائيندو رهي ٿو) جيڪي به زمين ۾ داخل ٿو ٿئي ۽ جيڪي به ان مان ٻاهر ٿو نڪري سو سڀ هو ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي به آسمان مان هيٺ اچي ٿو ۽ جيڪي به ان ۾ چڙهي وڃي ٿو سو به سڀ ڄاڻي ٿو، ۽ توهان (انسان) جتي به هجو تتي توهان سان گڏ آهي، ۽ توهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي سڀ هو ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ڇَهَن ڏينهن ۾ پيدا فرمايو ان کان پوءِ (اُهو پنهنجي شان وٽان) عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو، اهو ڄاڻي ٿو (هر ان شيءِ کي) جيڪا زمين ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ جيڪا ان مان نڪري ٿي ۽ جيڪو ڪجھه آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪو ڪجھه ان ۾ چڙهي ٿو، ۽ اهو (پنهنجي ڪمالِ قدرت سان) توهان سان گڏ آهي (چاهي) توهان ڪٿي به هجو ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. وري عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. جو ڪجھ زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ ان کان پوءِ استوا فرمايائين عرش تي ڄاڻي ٿو جيڪو داخل ٿئي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو نڪري ٿو ان مان ۽ جيڪو لهي ٿو آسمان مان ۽ جيڪو چڙهي ٿو ان ۾ ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو ۽ الله جيڪو ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هو اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، وري عرش تي برابر ٿيو. جو ڪجهه زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش تي (پنهنجي شان مطابق) جلوه گر ٿيو. اُهو ڄاڻي ٿو جو ڪجهه زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو. ۽ اُهو اوهان سان گڏ آهي اوهان جتي به هجو. ۽ الله ڏسندڙ آهي انهن عملن کي جيڪي اوهان ڪري رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله آھِ سو، جَلَّ جلالہٗ، جَبَّار، جنهن جوڙيا ڇهن ڏِينهَن ۾، اُڀ، ڀُون عَجب اِسرار، تِهانپوءِ تڪرار، ٿِيو اُتاهون عرش تي. ڄاڻي ، جو گِھڙي زَمِين ۾، پڻ ٿئي مَنجھانسِ ٻَهار، ۽ جيڪي اُتري آسمان کان، پِڻ اُسري اُنهِئَ پار، ۽ اُهو اوهان سان، جِتي به هُجو، صاحِب رَبُّ، ستّار، ڪريو جي ڪَم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي، ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي ۽ سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا (يعني سڀ فيصلا آخر الله تعاليٰ ڪري ٿو).(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو مُلڪ آهي، ۽ الله تعالى ڏانهن سمورا ڪم موٽايا وڃن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. ۽ خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(سيد فرمان علي) ان جي آهي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽايا وڃن ٿا امر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي. ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (مولانا محمد مدني) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت سندس آهي. ۽ سڀ معاملات (فيصلي لاءِ) الله ڏانهن ئي موٽايا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ اِيندا پَروَر پارِ، ڦِري سَڀيئـِي فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هوئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ٿو ڪري ۽ هو دلين جا سڀ راز ۽ ڳجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ اهو سينن جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڏو ٿئي ٿو) ۽ ڏينهن کي (گهٽائي رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڏي ٿئي ٿي) ۽ اهو دلين جي راز کي (به) ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ اهو گهڻو ڄاڻندڙ آهي سينن واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هو رات کي ڏينهن ۾ آڻي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ آڻي ٿو. ۽ اهو سينن جي راز کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ اهو سينن جي (لڪل) رازن کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رات ڳَنڊي ڏِينهن ۾، ڏِينهن ڳنڊي مَنجھ رات، سوئـِي پاڪ صِفات، سَمجھندڙ سِينن وارِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (سو) الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان آڻيو، ۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو. پوءِ اوهان مان جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ (خدا جي راهه ۾) خرچ ٿا ڪن تن لاءِ وڏو اجر آهي (۽ کين دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيون نعمتون ملنديون.(علامه علي خان ابڙو) (اي انسانو) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسولِ عربي تي ايمان آڻيو ۽ جن ملڪيتن جو الله تعالى توهان کي ٻين جو جا نشين بنايو. انهيءَ ما ڪجھه خدا تعالى جي راه ۾ خرچ ڪريو، پوءِ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي.(سيد فرمان علي) ايمان آڻيو الله ۽ ان جي رسول تي ۽ خرچ ڪيو ان مان جو ڪيائين اوهان کي جانشين ان ۾ پوءِ اهي ٻانها جن ايمان آندو اوهان مان ۽ خرچ ڪيائون انهن جي لاءِ اجر وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهين الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس. پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي. (مولانا محمد مدني) ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان (مال) مان خرچ ڪيو جنهن ۾ ان توهان کي (اڳين جو) نائب بنايو آهي. پوءِ توهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيائون انهن لاءِ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، جي آڻيو اِعتبار، ته آن کي جِنهن اِملاڪ جو، ڪيو والِي وَرثيدار، تِنهن تَرڪي مان تڪرار، آڌاريو اَڀرن کي. پوءِ جَن آن مان، مَڃيو ۽ مال مان، لَڌئون سَقِيمن سار، آهِن آخِرڪار، وَڏا اُجُورا اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اوهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله ۾ ايمان نه آڻيو؟ ۽ هي رسول (حضرت محمدﷺ) اوهان کي هن ڳالهه ڏي سڏي رهيو آهي ته، توهان پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو (جو توهان جي پرورش ٿو ڪري ۽ توهان کي رزق ٿو ڏئي، مٿس ايمان رکي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ ته هو اوهان کي ڏهوڻيون نعمتون ڏيندو) ۽ (يا رکو ته) هن اوهان کان (اهڙو) عهد اقرار وٺي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن توهان (سچ پچ) ايمان وارا آهيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله تعالى تي ايمان نٿا آڻيو، حلانڪِ رسولِ عربي توهان کي انهيءَ لاءِ سڏين ٿا ته توهان پنهنجي رب تي ايمان آڻيو، ۽ بيشڪ ان توهان کان (پهريائين) پڪو وعدو ورتو آهي، جيڪڏهن توهان کي يقين آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسول اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان (خدا) پڪو وعدو وٺي (به) چڪو آهي جيڪڏهن اوهين باور ڪريو.(سيد فرمان علي) ۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا ايمان آڻيو الله تي ۽ رسول سڏي پيو اوهان کي تانته ايمان آڻيو پنهنجي رب تي ۽ ورتائين پڪو وعدو اوهان کان جيڪڏهن آهيو مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسولﷺ اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان پڪو وعدو وٺي چڪو آهي جيڪڏهن اوهين مڃڻ وارا آهيو. (مولانا محمد مدني) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪه رسول توهان کي سڏي رهيو آهي ته توهان پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ (الله) توهان کان پڪو عهد وٺي چڪو آهي، اگر اوهان مڃڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اوهان کي ڇا ٿيو؟ ته ڪِين مَڃيو ڪَلتار، ۽ جڏهن آن کي پُڪار ي پِيو، مُرسل مَڻياندار، ته مَڃو اَوهِين مُورهِين، پَنهنجو پالڻهار، ۽ جَڏهن اَوهان کان اَلَست ۾، ڪري سَڀ قِطار، وَرتا قول قرار، جي وِسهڻ وارا آهِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
(الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهوئي آهي جو پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) ڏي چٽيون آيتون ۽ حڪم موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي گهپ اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏي آڻي ۽ يقيناً الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي (جو توهان کي روشنيءَ ڏي آڻڻ ٿو چاهي).(علامه علي خان ابڙو) اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي پياري عبد (حبيب ڪريم) تي واضح آيتون نازل فرمائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته اهو توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشنائي ڏانهن آڻي، ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي بيحد شفيق ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو اهو آهي جو پنهنجي عبد تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته (جيئن) اوهان کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (نور جي ايمان) سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ خدا اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) اهو ئي آهي جو نازل ٿو فرمائي پنهنجي ٻانهي تي آيتون روشن تانته ڪڍي اوهان کي انڌيرن مان نور ڏانهن ۽ بيشڪ الله اوهان سان البته ٻاجهارو مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هو اُهو آهي جو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته اوهان کي اونداهين مان سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ الله اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) اُهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون نشانيون نازل ڪري ٿو هن لاءِ ته توهان کي اونداهين مان روشني طرف ڪڍي آڻي. ۽ بيشڪ الله توهان سان وڏي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله، سو، جو سَندسِ ٻانهي سِر، اُتاري ٿو آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ته ڪڍي اوهان کي ڪاراڻ مان، نُور نِسوري ڀَر، ۽ آھِ اوهان تي اَصل ڪنان، پاڪ ڌڻي پَروَر، سَٻاجھو سَٻر، پڻ تَرسَوَند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو تنھنجي برابر اوھان مان ڪوبه ڪونھي، اھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو! ۽ (نٿا ڄاڻو ڇا ته) آسمانن ۽ زمين جي ميراث سڀ فقط الله جي آهي (نه توهان جي، پوءِ ڇو نٿا الله جو ڏنل رزق الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو) اوهان مان جن (حديبيه جي) فتح کان اڳي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون تن سان برابر اُهي ناهن (جن پوءِ مال خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون) انهن جو وڏو درجو ۽ مرتبو آهي، انهن کان جن پوءِ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون. پر الله تعاليٰ سڀني کي (يعني جن اڳي اهي ڪم ڪيا ۽ جن پوءِ ڪيا) چڱي انعام جو واعدو ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله کي پوري پوري خبر آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي راه ۾ خرچ نٿا ڪريو حالانڪِ آسمانن ۽ زمينن جو وارث الله تعالى آهي، توهان مان برابر نٿا ٿين اهي ماڻهو جن فتحِ مڪه کان اڳ ۾ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو، انهن لاءِ تمام وڏو درجو آهي، انهن ماڻهن کان جن خرچ ڪيو فتح کان پوءِ ۽ جهاد ڪيو، ۽ سڀن سان الله تعالى سهڻو وعدو (بهشت جو) فرمايو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (پنهنجو مال) خدا جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ وارث الله ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو (۽ جن پوءِ خرچ ڪيو) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو. ۽ (هونئن ته) خدا نيڪي ۽ ثواب جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا خرچ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ الله جي لاءِ آهي ورثو آسمانن ۽ زمين جو نه ٿو برابر ٿئي اوهان مان جنهن خرچ ڪيو فتح کان اڳي ۽ جنگ ڪيائين اهي وڏي درجي وارا آهن انهن کان جن خرچ ڪيو بعد ۾ ۽ جنگ ڪيائيون ۽ سڀني سان وعدو ڪيو الله جنت جو ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪريو، هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو ورثو الله جو ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي (اهي ۽ ٻيا) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڏا آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي. ۽ سڀني سان الله چڱائي جو وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله پوري خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪيو؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي سڀ ملڪيت الله جي ئي آهي. اوهان مان ڪو به ان سان برابر ٿي نه ٿو سگھي جنهن فتح (مڪه) کان اڳ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي. اُهي انهن ماڻهن کان درجي ۾ تمام وڏا آهن جن (فتح مڪي کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪيائون. ۽ سڀني سان الله چڱائي (يعني جنت) جو وعدو ڪيو آهي. ۽ الله خبروار آهي تنهن کان جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آن کي آهي ڇا ٿيو؟ ته ڏِيو نه رَبَّ جي راھ، ۽ آهِن لئي اَلله، وَرثا اُڀَ، زَمِين جا. اَصل نه ٿِيَن اُن سان، مَٽو مَٽ مَنجھ مانَ، مَهند مَڪي جي فتح کان، جَن ڏِنان ڏُکين ڏان، ۽ وِڙهيا ويريَن سامهان، مانجِھي مَنجھ ميدان، اُهي وَڏا آهِن اُنهن ڪنان، دَرجن ۾ دگران، جَن پوءِ خُدا لڳ خير ڪيا، يا لڙيا جوڌ جُوان، ۽ ڏِنا اَنجام اِنعام جا، سَڀن کي سُبحان، ۽ جيڪِي ڪَريو مَنجھ جَھان، والِي واقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪير آهي (اهڙو سچو مؤمن) جو الله (تعاليٰ) کي سهڻو قرض ڏئي جو الله تعاليٰ وري ان کي ٻيڻو (بلڪ ڏهوڻو) ڪري موٽائي ڏئي، (ان کان علاوه) کيس وڏو شاندار اجر به ملي.(علامه علي خان ابڙو) ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سهڻو قرض ڏِئي ٿو (يعنى پنهنجو مال خدا ڪارڻ خرچ ڪري ٿو) پوءِ اهو ان لاءِ ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ ان لاءِ عزت وارو اجر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهڙو ڪير آهي جو خدا کي خالص نيت سان قرض الحسنه ڏئي ته خدا تنهن لاءِ (اجر کي) ڪيئي دفعا وڌائي ۽ ان لاءِ تمام عزت جو بدلو (جنت) ته آهي ئي.(سيد فرمان علي) ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي ٿو الله کي سهڻو پوءِ ٻيڻو ڪري ان کي ۽ ان جي لاءِ اجر ڀلو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙو ڪير آهي جو الله کي چڱو قرض ڏي پوءِ (الله) ان لاءِ اهو (قرض) ٻيڻو ڪندو، ۽ ان لاءِ (اڳي) چڱو اجر آهي. (مولانا محمد مدني) ڪير آهي؟ جيڪو الله کي قرضِ حسنه طور قرض ڏئي پوءِ (الله) ان جي لاءِ اهو (مال) ٻيڻو ڪندو ۽ ان جي لاءِ عزت وارو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آهي ڪير؟ ته ڏِئي سُهڻو قَرض ڪَرِيم کي، ته ٻِيڻو ڏيسِ ٻاجھ سان، فَرا بِنان ڦير، پڻ آهي آخِر وير، اَجر سڳورو اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين ته (اهڙن سچن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان نور ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اڄ اوهان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي (جو توهان جي لاءِ) اهڙا باغ (تيار رکيل آهن) جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، توهان انهن ۾ هميشه لاءِ رهندو. اها ئي آهي جا وڏي ڪاميابي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن توهان مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ڏسندا ته انهن جو نُور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي هلندو توهان کي اڄ ڏينهن باغن جي بشارت آهي، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، اها ئي عظيم ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوش خبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واھ پيا وهن انهن ۾ سدائي رهندو ۽ اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن ڏسندين مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ڊوڙندو نور انهن جو اڳيان انهن جي ۽ سڄن پاسن انهن جي کان بشارت آهي اوهان کي اڄ بهشتن جي جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ اها ئي ڪاميابي وڏي آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوشخبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واهه پيا وهن، انهن ۾ سدائين رهندو. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن تون ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته انهن جو نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو (چيو ويندو) ”اڄ اوهان کي خوشخبري آهي جنتن جي، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون (توهان) انهن ۾ هميشه رهندؤ. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمن ۽ مُؤمنياڻِين، ويکيندِين جِنهن وار سَندن سُهائو، ڊوڙندو، سامهون ۽ ساڄي پار، آن کي مبارڪ مؤمنو!، اَڄ بهشت باغ بهار، هَلن هيٺان جَن جي، واهِيون ويرو تار، سَداساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ، مَن مُراد جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڏينهن منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي چوندا ته، ڪجهه ترسو ته سهي ته اسان توهان جي نور مان ڪجهه نور وٺون. کين چيو ويندو ته، پٺتي هٽي وڃو ۽ اتي وڃي ڪنهن نور جي تلاش ڪيو (پر ملندو ڪونه) پوءِ انهن (ٻنهي جماعتن) جي وچ ۾ هڪ ديوار کڙي ڪئي ويندي، جنهن کي هڪڙو دروازو هوندو. (جنهن مان مؤمن لنگهي اندر ويندا) ان جي اندرئين پاسي ان ۾ رحمت هوندي ۽ ان جي ظاهر (ٻاهرئين) پاسي عذاب هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون مؤمنن کي چوندا ته توهان اسان ڏانهن هڪ نظر ڪريو ته اسين توهان جي نور مان ٿورو حصو حاصل ڪريون، انهن کي چيو ويندو ته توهان پويان (دنيا ۾) وڃو پوءِ توهان اُتي نور ڳولهيو، پوءِ مؤمنن ۽ منافقن جي وچ ۾ هڪ ديوار رکي ويندي، ان ۾ دروازو هوندو، ان جي اندرين پاسي ۾ رحمت (جنت) هوندي ۽ ان جي ٻاهرين پاسي سخت تڪليف (دوزخ) هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون (کين) چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) پٺ تي موٽي وڃو ۽ (اتي وڃي) ڪنهن ٻئي جي نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن (مومنن ۽ منافقن) جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ۽ ان ۾ دروازو هوندو. ان جي اندرين پاسي ته رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي کان عذاب هوندو.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن چوندا منافق مرد ۽ منافق عورتون انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اسان ڏانهن ڏسو ته روشني حاصل ڪيون اوهان جي نور مان چيو ويندو ته موٽو پوئين پير پنهنجي پوءِ طلب ڪيو نور پوءِ هنئي ويندي انهن جي وچ ۾ ڀت جنهن کي دروازو هوندو ان جي اندرئين حصي ۾ رحمت هوندي ۽ ان جي ظاهر واري طرف عذاب هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن دغاباز مرد ۽ دغاباز زالون ايمان وارن کي چونديون ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجهه حاصل ڪريون. (کين) چيو ويندو ته اوهين پٺ تي موٽي وڃو، پوءِ نور حاصل ڪريو. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ان ۾ دروازو (به) هوندو. ان جي اندرين پاسي واري جاءِ ۾ رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي دروازي جي طرف کان عذاب هوندو. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته: ”اسان ڏانهن نگاهِ (ڪرم) ڪيو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجهه (روشني) حاصل ڪيون“، چيو ويندو ته: ”توهان پوئتي موٽي وڃو (اتي وڃي) نور تلاش ڪيو“. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي جنهن ۾ هڪ دروازو هوندو. ان جي اندرئين پاسي واري جاءِ ۾ رحمت هوندي ۽ ٻاهرئين پاسي جي طرف کان عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن کوٽا، کوٽيون، جَن جي قَلبن ۾ ڪُفران، آزِيون ڪَندا اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ته نِهاريو ته اَهنجي نُور مان، ڪا چِڻنگ چُونڊيو مان!، چي، وَرِي وَرو پوءِ تي، پوءِ ڳَوليو نُور نِشان، هِڪدَم هَنيو وِيو اُنهن وِچان، ڪو قابُو ڪوٽ ڪَلان، آهي دَر اُن جو، تَنهن اندران، رَحمت رَبَّ، رحمان، باهِيون بي گمان، ٻَرندڙ، اُن جي ٻاهِران.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ٻاهريان (منافق) اندرين (مؤمنن) کي سڏ ڪري چونداته، (اسان کي ڇو هتي ڇڏي ويا آهيو؟) اسان توهان سان گڏ (توهان سان شامل) ڪين هوندا هئاسين؟ اهي (مؤمن) کين جواب ڏيندا ته، هائو (ظاهر طور ته برابر گڏ هئو) پر توهان پاڻ کي پاڻ فتني ۾ وڌو، ۽ (اسان جي حق ۾ مصيبت ۽ ناڪاميابيءَ جو) انتظار ڪيوَ، ۽ توهان (خدا جي فتح واري واعدي بابت) شڪ آندو ۽ توهان کي (ڪوڙين) اميدن ۽ خواهشن ڀلائي ڇڏيو، تان جو حڪم ۽ فيصلو اچي ويو. (هاڻي ڇا ٿيندو؟) توهان کي (آخر تائين) اهو دغاباز (شيطان) الله تعاليٰ بابت ڌوڪو ڏيندو رهيو.(علامه علي خان ابڙو) مؤمنن کي منافق پڪاريندا ته ڇا اسين توهان سان گڏ نه هئاسين؟ مؤمن چوندا ها، پر توهان پنهنجن نفسن کي فتني ۾ وڌو ۽ توهان مؤمنن لاءِ هلاڪت جو انتظار ڪندا هئا ۽ توهان (توحيد ۾) شڪ ڪندا هئا ۽ توهان کي لالچن مغرور ڪيو ايستائين جو الله تعالى جو حڪم پهتو ۽ غرور (شيطان) توهان کي الله تعالى کان مغرور ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته منافق، مومنن کي وڏي سڏ چوندا ته ڇا اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون؟ (اهي ايمان وارا) چوندا ته هاءُ برابر پر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ (اسان جي حق ۾ گردش جا) منتظر رهيا ۽ (دين ۾) شڪ ڪندا رهيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي پهتو ۽ اوهان کي ڌوڪي باز (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏنو. (سيد فرمان علي) سڏيندا انهن کي ته ڇا نه هئاسون اوهان سان گڏ چوندا هائو ۽ پر اوهان فتني ۾ وڌو پنهنجن سرن کي ۽ انتظار ڪيو اوهان ۽ شڪ ۾ رهيئو ۽ مغرور ڪيو اوهان کي سڌن تانجو آيو الله جو امر ۽ مغرور ڪيو اوهان کي الله سان شيطان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي (دغاباز) انهن (ايمان وارن) کي سڏي چوندا ته (دنيا ۾ ) اسين اوهان سان گڏ نه هئاسون ڇا؟ اهي (ايمان وارا) چوندا ته هائو برابر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ اوهين انتظار ڪري رهيا هئا ۽ شڪ ٿي ڪيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي ويو ۽ اوهان کي ڌوڪي ڏيڻ واري، الله جي حق ۾ ڌوڪو ڏنو. (مولانا محمد مدني) اُهي (منافق) انهن مؤمنن کي سڏي چوندا ته: ”ڇا اسان توهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسين“؟ اُهي چوندا: ”هائو برابر! پر توهان پنهنجو پاڻ کي (نفاق جي) فتني ۾ وڌو ۽ توهان (اسان جي نقصان جو) انتظار ٿي ڪيو ۽ اوهان شڪ پئي ڪيو ۽ خواهشن اوهان کي دوکو ڏنو ايستائين جو الله جو حڪمِ (موت) اچي ويو ۽ توهان کي الله جي باري ۾ دوکيباز (شيطان) دوکو ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَندا قلعي جي ٻاهِران، ساري اُنهن کي سَڏ، ڇا، هُت نه هُئاسون گڏ؟ اَسِين اوهان سان دِين ۾. چي، هائو، هُئا اَسا سان، ظاهِر ساڻ زبان، پر پاڻهِين اَوهان پَنهنجِي، جوکي وِڌِي جان، ۽ نِڌر نٽائـِيندا رهيا، ۽ ڪيان غلط گُمان، ۽ آن کي خالِي خواهِشَن، موهي ڪيو مَستان، تان اوهان کي آئـِيو، فائـِق جو فَرمان، ۽ ڪَنان رَبَّ، رَحمان، آن کي ٺڳ ٺڳي ڇَڏيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
تنھن ڪري (اي منافقؤ) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي، ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اڄ توهان کان فديو ڪونه ورتو ويندو (جو فديو ڏيئي عذاب کان ڇٽي وڃو) نڪي انهن کان فديو ورتو ويندو جن (کليو کلايو) ڪفر اختيار ڪيو، توهان جي جاءِ دوزخ جي باهه آهي. اهائي توهان جي رفيقياڻي ۽ سنگتياڻي آهي. اها ڪهڙي نه بري رهڻ جي جاءِ آهي!(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اڄ ڏينهن نه توهان کان فديو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان (فديو ورتو ويندو) توهان جي جاءِ جهنم آهي، اهو توهان جو ٺڪاڻو آهي ۽ اها تمام خراب جاءِ آهي موٽڻ جي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان اوهان جو ٺڪاڻو (دوزخ جي) باھ آهي اها ئي ته اوهان لاءِ سزاوار آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ اڄ نه ورتو ويندو اوهان کان فديو ۽ نه انهن کان جن ڪفر ڪيو اوهان جي جاءِ باهه آهي اها اوهان جي رفيق آهي ۽ بري جاءِ موٽڻ جي آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان، اوهان جو ٽڪاڻو باهه آهي. اها اوهان سان گڏ رهڻ واري آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني) سو (اي منافقو!) اڄ اوهان کان نه عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن ماڻهن کان جن ڪفر ڪيو. توهان (سڀني) جي جاءِ جهنم آهي. اها ئي توهان جي خبرگيري ڪندڙ آهي. ۽ ڏاڍي بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڄ نه اوهان کان وَٺبو، ڪو پَئـِسو پائـِي پار، پڻ نه عِوض ڪو اُنهن ڪنان، جَن ڪَئـِي ڪُفر جي ڪار، آهي گَھر اَوهان جو، دَوزخ دَهشت دار، وَڙ اَوهان جو آھِ سو، ڄيرو ڄِڀياندار، ۽ بُڇڙو ٿِيو بِسيار، موٽِي ماڳ رَهڻ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا مؤمنن لاءِ اهو وقت (ڪاميابي ۽ آسودگيءَ جو) اچي نه ويو آهي، جڏهن سندن دليون الله تعاليٰ جي يادگيري (۽ حڪمن جي پيروي) لاءِ ۽ جيڪو حق نازل ٿيو آهي تنهن لاءِ نماڻيون ٿي جهڪي وڃن ۽ مؤمن انهن (يهودين) وانگر نه ٿين جن تي اڳي ڪتاب نازل ٿيو هو (۽ هنن تي خدا جون وڏيون نعمتون به نازل ٿيون هيون) پر پوءِ جيئن ايام گذرندا ويا تيئن سندن دليون سخت ٿينديون ويون. سو هاڻي هنن مان گهڻا باغي بي فرمان فاسق آهن.(علامه علي خان ابڙو) ڇا اڃان مؤمنن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله تعالى جي ذڪر لاءِ جھُڪي پون ۽ انهيءَ قرآن ڪريم تي عمل ڪن جيڪو نازل ٿيو آهي ۽ اهي نه هجن انهن ماڻهن وانگر جن کي هن کان اڳ ۾ ڪتاب (تورات) ڏنو ويو پوءِ انهن تي ڊگھو زمانو گذريو، پوءِ انهن جون دليون ڪٽجي پيون، ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا! جو خدا جي ياد ۽ قرآن جي لاءِ جو (خدا جي طرفان) نازل ٿيو آهي انهن جون دليون نرم ٿين ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي انهن کان اڳي (توريت ۽ انجيل) ڪتاب ڏنو ويو هو، ته (جڏهن) مٿن ڊگهو زمانو گذريو ته سندن دليون سخت ٿي پيون ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.(سيد فرمان علي) ڇا نه وقت آيو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو ته نوڙت ڪن انهن جون دليون الله جي ذڪر لاءِ ۽ ان جي لاءِ جيڪو نازل ٿيو حق مان ۽ نه هجن انهن وانگر جيڪي ڏنا ويا ڪتاب ان کان اڳي پوءِ ڊگهي ٿي انهن جي مدت پوءِ ڪٽجي ويون انهن جون دليون ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا جو سندن دليون الله کي ياد ڪرڻ مهل ۽ جو حق نازل ٿيو آهي تنهن جي ياد ڪرڻ وقت عاجزي ڪن ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي اڳي ڪتاب ڏنو ويو هو، پوءِ مٿن ڊگهو وقت گذريو جنهن ڪري سندن دليون سخت ٿي ويون. ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا اڃا ايمان وارن لاءِ اُهو وقت نه آيو آهي؟ جو انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جُهڪي پون ۽ ان حق لاءِ (جُھڪن) جيڪو نازل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن وانگر نه بنجن جن کي اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو پوءِ انهن تي ڊگهو وقت گذري ويو سو سندن دليون سخت ٿي ويون. ۽ انهن مان گھڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اُنهن لئي وقت نه آئـِيو، آندو جَن اِيمان، ته ڪَونرا ٿِيَن قلب سَندنِ، سارڻ لئي سُبحان، پڻ اُن لئي، جو اُتاريو مالِڪ مِهربان، ۽ نَڪِي ٿِين نِڪما، اُنهن جِھڙا مَنجھ جھان، جن کي ڪتاب ڪرِيم جا، اڳي ٿِيا اِحسان، پوءِ اِنگھيُون عُمريون اُنهن جون، پوءِ ٿيا ڪَٺن قلن سَندان، فاسق بي فرمان، آهِن گھڻا اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
ڄاڻو ته الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن ته مانَ اوھين پرجھو.(علامه تاج محمود امروٽي) يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ زمين کي سندس موت بعد وري زنده ڪري ٿو ڇڏي (ڏسو) اسان اڳي ئي اوهان کي نشانيون ظاهر ڪري ڏيکاريون آهن، انهيءَ لاءِ ته من توهان عقل هلايو ۽ سمجهو.(علامه علي خان ابڙو) توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى زمين کي غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو بيشڪ اسان توهان لاءِ پنهنجيون نشانيون بيان ڪيون آهن ته من توهان سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين ڌيان ڌريو ته الله ئي زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد ٿيڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ پنهنجي (قدرت جون) ڳالهيون کولي کولي بيان ڪيون آهن ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. (سيد فرمان علي) ڄاڻو ته بيشڪ الله آباد ڪري ٿو زمين ان جي برباد ٿيڻ کان پوءِ تحقيق بيان ڪيون اسان اوهان جي لاءِ نشانيون تان ته اوهان سمجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي ايمان وارؤ !) اوهين ڄاڻو ته الله زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪري ڇڏيون آهن ته مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (مولانا محمد مدني) اوهان ڄاڻو ته الله زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ زنده ڪري ٿو. بيشڪ اسان توهان جي لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن تان ته توهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوچيو صِحِي سڄُاڻ! ته اَلله جَلَّ جلالہٰ، ٿو جِياري زمِين کي، سَندسِ سُڪن پُڄاڻ، کولياسون خُوب طرح، اَوهان لئي اُهڃاڻ، مانَ پُروڙيو پاڻ، ڪِي سَمجھ سَگھ سُبحان جِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙن کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً جيڪي مرد ۽ عورتون صدقا ڏيندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ کي سهڻو قرض ٿا ڏين تن کي ٻيڻو (ٽيڻو بلڪ ڏهوڻو) ملندو ۽ انهن کي ان کان سواءِ ٻيو به وڏو شاندار اجر ملندو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ تصديق ڪندڙ مرد ۽ تصديق ڪندڙ عورتون ۽ الله تعالى کي تمام سهڻو قرض ڏيندڙ (خيرات ڪندڙ) اهو قرض انهن لاءِ ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر (جنت) آهي،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ عورتون ۽ (جي ماڻهو) خدا کي نيڪ نيتي سان قرض ڏين ٿا تن کي ڪئين نفعا (ثواب) ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ تمام عزت ڀريو صلو (جنت) ته آهي ئي.(سيد فرمان علي) بيشڪ صدقو ڏيندڙ مرد ۽ صدقو ڏيندڙ عورتون ۽ قرض ڏنائون الله کي قرض سهڻو ٻيڻو ڪيو ويندو انهن جي لاءِ ۽ انهن جي لاءِ ڀلو اجر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ زالون ۽(جن) الله کي چڱو قرض ڏنو آهي، تن کي (جيڪي ڏنو اٿن) ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ چڱو اجر آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ صدقو ڏيندڙ مرد ۽ صدقو ڏيندڙ عورتون ۽ جن الله کي قرض حسنه جي طور قرض ڏنو تن کي ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَدقو ڏِيندڙ صِدق مان، سَچيون ۽ سَچار، ۽ ڏِنئون قَرض ڪرِيم کي، سُهڻو سهِڻ ڌار، اُهو ڏِبو اُنهن کي، ٻِيڻو ڪري ٻيهار، ۽ آهي اُنهِئ هارِ، اُجورو آبائـِتو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو آھي اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان رکن ٿا سي الله جي نظر ۾ (سچا ۽ خالص) صديق ۽ شهيد آهن. انهن کي سندن اجر ۽ سندن نور ملڻو آهي، پر جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو اٿن سي ئي جهنم جي باهه جا ساٿي آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي صديق (سچا) آهن، ۽ اهي ئي پنهنجي رب وٽ (ٻين تي) گواه آهن، انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو اهي ئي جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن خدا ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ صادقن ۽ شهيدن جي درجي ۾ هوندا تن لاءِ انهن ئي (صديقن ۽ شهيدن) جو اجر ۽ انهن جو نور هوندو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي دوزخي آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسولن تي اهي ئي سچا آهن ۽ شهيد آهن پنهنجي رب وٽ انهن جي لاءِ انهن جو اجر آهي ۽ انهن جو نور آهي ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي اهي جهنم وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پاليندڙ وٽ نهايت سچا ۽ (ماڻهن کي سندن)حالتن کان واقف ڪرڻ وارا آهن. انهن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نور آهي، ۽ جن نه مڃيو ۽ اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخ وارا آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ نهايت سچار ۽ ٻين تي شاهد آهن. انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي دوزخي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃيو جَن اَلله کي، پڻ اُن جا پيغمبر، اُهي سَچا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، پڻ مُقرر مُعتبر، اُنهن لئي اَجر اُنهن جو، پڻ اُنهن جو اَوجر، ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، پِئا ڪُفر ۾ ڪافِر، ڪُوڙيون ڪوٺيؤَن آيتون، اسان جون اَڪثر، آهِن اُهي اَبتر، بي شڪ ڀاتِي باھِ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڄاڻي ڇڏيو (۽ ياد رکو) ته هن دنيا جي (خودغرضي ۽ عياشيءَ واري) زندگي فقط (ٻاراڻو) کيل تماشو آهي ۽ ظاهري تجمل ۽ سونهن آهي ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي وٽ فخر ڪرڻو آهي، (پنهنجي طاقت ملڪيت وغيره بابت ٻٽاڪون هڻڻيون آهن) ۽ مال ملڪيت ۽ اولاد وڌائڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻي آهي. انهيءَ (زندگيءَ) جو مثال ائين آهي جيئن مينهن جي ڪري پيدا ٿيل پوک ڪڙمين کي وڏي خوشي ڏئي ٿي. پوءِ اها پوک زور وٺي ٿي، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته زرد ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ سڪي ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي. (اهڙن ماڻهن لاءِ) آخر سخت عذاب اچڻو آهي. پر (نيڪ ماڻهن لاءِ) الله جي مغفرت ۽ راضپو آهي. ۽ (ياد رکو ته) دنيا (۾ خودغرضي ۽ عياشيءَ) واري زندگي ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته فقط ڌوڪي جو سامان آهي.(علامه علي خان ابڙو) توهان يقين ڪريو (آخرت جي مقابلي ۾) دنيا جي حياتي راند ۽ غفلت ۽ زينت آهي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد جي ڪثرت جو هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ آهي. (انهن جو) مثال ان مِينهن جهڙو آهي جنهن سان اُڀريل ساوڪ پوکيندڙ کي وڻي ٿي ان کان پوءِ اها سُڪي ٿي پوءِ توهان ان کي هيڊو ڏسو ٿا ان کان پوءِ اها ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي، ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ (مؤمنن لاءِ) الله جي طرفان بخشش ۽ رضامندو آهي، ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر غرور جو سامان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ياد رکو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو۽ سينگارڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي خواهش آهي، (دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته) بارش وانگر آهي جنهن جي (ٽلندڙ) ساوڪ ڪڙمين کي خوش ڪري ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين وري اها ڀوسو ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (مومنن لاءِ) خدا جي طرفان معافي ۽ رضامندي آهي. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي.(سيد فرمان علي) ڄاڻو اوهان ته دنيوي حياتي راند ۽ اجائي ڳالهه ۽ سينگار ۽ فخر جو سبب آهي اوهان ۾ ۽ وڌڻ آهي مالن ۾ ۽ اولاد ۾ مثل مينهن وسندڙ جي جو وڻيا ڪافرن کي ان جا سلا ان کان پوءِ سُڪي ٿو پوءِ ڏسندين ان کي زرد رنگ وارو ان کان بعد هوندو ڪاٺيون ۽ آخرت ۾ عذاب سخت آهي ۽ مغفرت الله جي طرفان ۽ رضامندو ۽ ناهي دنيوي حياتي مگر ڌوڪي جو سامان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي ايمان وارؤ !) اوهين ڄاڻو ته دنياجي حياتي رڳو راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ آهي، مينهن وانگر جنهن جي ساوڪ ڪڙمين کي وڻي ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي، پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين، وري (اها) ڀُرندڙ ٿي پوندي ۽ آخرت ۾ سخت عذاب آهي ۽ الله جي طرفان معافي ۽ رضامندي (به) آهي ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي. (مولانا محمد مدني) اوهان ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته صرف راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ آهي. ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي طلب آهي. ان جو مثال ان مينهن وانگر آهي جنهن جي ساوڪ هارين کي وڻي ٿي پوءِ اها سُڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين پوءِ اها ذرا ذرا ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (نافرمانن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (فرمانبردارن لاءِ) الله جي پاران بخشش ۽ (سندس) رضامندو آهي ۽ دنيا جي زندگي رڳي دوکي جو سامان ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سيگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ انھي بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي وانگر آھي انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (سو اي مسلمانؤ!) پنهنجي پروردگار جي مغفرت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان اڳي نڪري وڃڻ جي ڪوشس ڪيو ۽ پڻ جنت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃو، جنهن جنت جي ويڪر ايڏي آهي جيڏو آسمان ۽ زمين. اها جنت انهن لاءِ تيار ڪيل آهي جيڪي الله ۾ ۽ سندس رسولن تي ايمان رکن ٿا (۽ سندن حڪمن تي عمل ڪن ٿا) اها (جنت) الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏيئي ٿو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ وڏي فضل وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) (عمل صالح سان) توهان تڪڙا هلو پنهنجي رب جي بخشش ۽ جنت ڏانهن، جنهنجي ويڪر آسمان ۽ زمين جي وسعت جيتري آهي (اِها) تيار ڪئي وئي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آڻن ٿا، اهو الله تعالى جو فضل آهي جنهنکي چاهي عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين پنهنجي پالڻهار جي معافي ۽ بهست ڏي جهپٽو جنهن (بهشت) جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو تن لاءِ تيار ڪيل آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.(سيد فرمان علي) اڳتي وڌو مغفرت ڏانهن پنهنجي رب جي طرفان ۽ جنت ڏانهن جو ان جي ڪشادگي آسمان ۽ زمين جي ڪشادگيءَ جيتري آهي تيار ڪئي ويئي انهن جي لاءِ جن ايمان آندو الله ۽ ان جي رسولن تي اهو الله جو فضل آهي ڏئي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهين پنهنجي پاليندڙ جي معافي ۽ جنت ڏي ڊوڙو جنهن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو تن لاءِ اها تيار ڪئي وئي آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي مهربانيءَ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن ۽ ان جنت ڏانهن جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين جي پکيڙ جيتري آهي جيڪا انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو. اِهو الله جو فضل آهي، اُهو جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سينگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
ڪابه مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي پر اُنھي کان اڳ اُن کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڪابه مصيبت زمين تي نٿي اچين، نڪي توهانجي جانين تي ٿي اچي، پر اها وجود ۾ آڻيون ٿا، تنهن کان اڳ ئي ڪتاب ۾ لکيل آهي. يعني اسان جي مقرر ڪيل قانونن موجب اها مصيبت ظهور ۾ اچي ٿي) يقيناً هيءَ ڳالهه الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل سولي آهي.(علامه علي خان ابڙو) زمين ۾ ڪا مصيبت نٿي پهچي ۽ نه توهان جي وجودن ۾ مگر اها ان جي پيدائش کان اڳي لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي، بيشڪ هي الله تعالى لاءِ آسان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيتريون مصيبتون سموري زمين تي ۽ خود ماڻهن تي نازل ٿين ٿيون (سي سڀ) اسان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ئي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهن بيشڪ اها (ڳالھ) خدا تي آسان آهي.(سيد فرمان علي) نه پهتي ڪا مصيبت زمين ۾ ۽ نه اوهان جي سرن ۾ مگر ڪتاب ۾ آهي ان کان اڳي جو ان کي پيدا ڪيون بيشڪ اهو الله لاءِ آسان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪا مصيبت به زمين ۾ ۽ اوهانجن جندن ۾ نٿي پهچي پر ان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله وٽ آسان آهي (مولانا محمد مدني) ڪابه مصيبت اهڙي نه آهي جا زمين ۾ پهچي ٿي ۽ نه توهان جي جانين کي پهچي ٿي مگر اسان ان کي پيدا ڪرڻ کان اڳ ئي هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکي رکيو) آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله وٽ آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ذِلت نه رَسي زَمِين ۾، ۽ نه اَهنجي جان اَندر، قُدرت جي ڪتاب ۾، موجود آهي، مگر، اِنهيان اَڳ ته ڪريونسِ اَسِين، پَڌرو ڪِنهِين پَر، آهي اِهو آسان گھڻو، سَچي صاحِب سِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
ھن ڪري (اھا خبر ڏني اٿون) ته جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو تنھن تي ارمان نه ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين تنھن تي خوشي نه ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ سڏائيندڙ کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهي مصيبتون هِن لاءِ به اچن ٿيون) ته جيڪي اڳ ئي گذري چڪو (يعني توهان اڳ ئي بدعمل ڪري چڪا آهيو) تن تي مايوس نه ٿيو (آئينده نيڪ عمل ڪيو ته خدا جي رحمت ويجهي آهي) ۽ هن لاءِ به (اچن ٿيون) ته جيڪي (نعمتون) توهان کي ڏنيون ويون آهن تن تي ڦونڊجي نه وڃو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪيءَ کي ناپسند ٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته توهان ان شيءِ لاءِ غمگين نه ٿيو جيڪا توهان کان وڃي ٿي ۽ نه خوش ٿيو جيڪا توهان کي ڏئي ٿو (مطلب ته رب جي رضا تي راضي رهو) ۽ الله تعالى محبت نٿو رکي هر تڪبر ڪندڙ ۽ فخر ڪندڙ سان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿئون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو آهي تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪا نعمت اوهان کي عطا ڪري تنهن تي وڏائي نه ڪريو. ۽ خدا ڪنهن به هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي دوست نه ٿو رکي.(سيد فرمان علي) تانته نه افسوس ڪيو ان تي جو نه مليو اوهان کي ۽ نه (بيجا) خوش ٿيو ان تي جو ڏنائين اوهان کي ۽ الله نه ٿو محبت رکي هر مغرور، فخرڪندڙ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس تنهن تي خوش نه ٿيو ۽ الله کي سڀڪو هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته توهان ڏک نه ڪيو ان تي جا شيءِ توهان جي هٿان هلي وڃي ۽ فخر نه ڪيو ان تي جيڪي توهان کي ڏنائين. ۽ الله هر هٺيلي پاڻُ پَڏَائيندڙَ کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي ڏِني ويئـِي اِن ڪري، اِها خاص خبر، ته ٿيو اوهان کان ٿوڪ جو، غفلت مَنجھ گُذر، ڪريو نه پَنهنجي قَلب ۾، تِنهن گُذرِئَ جو گُوندر، ۽ ته ڪِين مَرڪون اُن مٿي، ڏِنان جو ڏاتر، پِيار نه ڏئـِي پَروَر، ڪِنهن مَرڪندڙ مَغرور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
جيڪي پيچائي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به پيچائي ڏسيندا آھن، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله ئي بي پرواھ ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي (ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪي) بخل ۽ ڪنجوسائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آهن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه (خدا جي حڪمن کان) ڦري ٿو وڃي ته (ڪابه پرواهه ناهي هو رڳو پنهنجو نقصان ٿو ڪري) الله تعاليٰ ته يقيناً بي پرواهه آهي ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهي ماڻهو جيڪي بخيلي ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي بخيليءَ جو چون ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو (خرچ ڪرڻ کان) مُنهن موڙي ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي پاڻ به ڪنجوس آهن ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو (انهن ڳالهين کان) منهن موڙيندو ته خدا به بي پرواھ لائق حمد ۽ ثنا آهي.(سيد فرمان علي) جيڪي بخيلي ڪن ٿا ۽ امر ڪن ٿا ماڻهن کي بخيليءَ جو ۽ جيڪو منهن موڙيندو پوءِ بيشڪ الله اهوئي غني، حميد آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهي الله کي نٿا وڻن) جي پاڻ (به) نٿا ڏين ۽ ماڻهن کي (به) نه ڏيڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله ئي بي پرواه ساراهيل آهي. (مولانا محمد مدني) جيڪي ماڻهو (خود به) ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسي جو حڪم ڪن ٿا. ۽ جيڪو ماڻهو منهن موڙيندو ته پوءِ بيشڪ الله (به) بي پرواهه ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي مَرڪندڙ مال تي، جي بُخل ڪن بيڪار، مُوڙهل ڏَسِينِ ماڻهئـِين، ڪَنجوسِئَ جِي ڪار، ۽ جيڪي مُنهن موڙِيندو، ته پوءِ صاحب رَبُّ سَتار، آھِ تونگر تڪرار، پڻ ساراهيل سَڀِـين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هيءَ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي رسولن کي چٽين نشانين (۽ چٽن حڪمن) سان موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي سين انهيءَ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ الله تعاليٰ لوهه نازل ڪيو آهي (يعني عطا ڪيو آهي) جنهن سان سخت لڙائي ڪري ٿي سگهجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن لاءِ گهڻائي فائدا رکيل آهن ۽ (اهي ٽيئي شيون) هن لاءِ (عطا ڪيل آهن) ته الله تعاليٰ ڏسي وٺي ته ڪهڙا ماڻهو (انهن ٽن شين سان) کيس ۽ سندس رسولن کي اڻ ڏٺي مدد ڪن ٿا (۽ اهو خيال نٿا ڪن ته اسان جي حق جي راهه ۾ مدد ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا يا نه) يقيناً الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ زبردست غالب آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان پنهنجا رسول معجزن سان موڪليا ۽ اسان انهن سان گڏ ڪتاب ۽ ميزان نازل فرمايو ان لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن، ۽ اسان لوهه کي نازل ڪيو انهيءَ مان جنگي اوزار ٺهن ٿا ۽ ماڻهن لاءِ (ٻيا به گھڻا) نفعا آهن، ۽ ان لاءِ ته الله تعالى ڏسي ته پرپٺ سندس ۽ سندس رسولن جي مدد ڪير ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى زبردست قوت وارو غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرا معجزا عطا ڪري موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي نازل ڪئي هن لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن. ۽ اسان ئي لوھ کي نازل ڪيو، ان ۾ (جنگ لاءِ) سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن. هن لاءِ ته خدا ڏسي ته بنا ڏٺي الله ۽ سندس پيغمبرن جي مدد ڪير ٿو ڪري. بيشڪ خدا زور آور زبردست غالب آهي.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق موڪليوسون پنهنجن رسولن کي روشن دليلن سان ۽ لاٿوسون انهن سان گڏ ڪتاب ۽ ساهمي تانته ماڻهو عدل سان قائم رهن ۽ اسان لاٿو لوهه ان ۾ خوف سخت آهي ۽ نفعا آهن ماڻهن جي لاءِ ۽ تانته ڄاڻي الله ته ڪير مدد ڪري ٿو ان جي ۽ ان جي رسولن جي اڻ ڏٺي بيشڪ الله قوت وارو غالب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (حڪمت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن. ۽ اسان لوهه لا ٿو، ان ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پرپٺ مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله زورآ ور زبردست آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي چِٽين نشانين سان موڪليو ۽ اسان انهن سان گڏ ڪتاب ۽ (عدل جي) تارازي نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن ۽ اسان لوهه لاٿو جنهن ۾ وڏي طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ نفعا آهن، هن لاءِ ته الله ظاهر ڪري ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي اڻ ڏٺي مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله وڏي قوت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان مُقرّر موڪليا، پَنهنجا پيغمبر، پَڌرن پيغامن سان، ثابِت سراسر، ۽ لِکيا لاٿا سون، اُنهن سان، پڻ مِيزان مُقرر، تان آدمِي اِنصاف تي، بِيهن برابر، ۽ لوه لاٿاسون جنهن ۾، وَڏو خوف خطر، ٻِئا به مَطلب ماڻهن جا، هزارِين هُنر، ۽ پَرکي تان پاڻ ڌَڻِي، لَهي خُوب خبر، ته پَر پُٺ ڪِهڙو پِڙ ۾، وِير ڪري واهِر، اُن جِي، ڪِ جيڪِي اُن جا، نَبِي نيڪ نَظر، زور آوَر زَبر، پڻ ڏاڍو آهي، ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم کي پيغمبر ڪري موڪليو ۽ هنن جي اولاد ۾ نبوت ۽ وحي قائم رکندا رهياسين. سو هنن ۾ ڪي ته حق جي راهه تي قائم رهيا پر هنن مان گهڻا بي فرمان بدڪار ٿي ويا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ تحقيق اسان (حضرت) نوح ۽ ابراهيم کي پيغمبر ڪري موڪليو ۽ اسان انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکيا، پوءِ ڪي انهن مان هدايت وارا ٿيا ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اسان ئي نوح ۽ ابراهيم کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ۽ انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق موڪليوسون نوح ۽ ابراهيم کي ۽ ڪئي اسان انهن جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب پوءِ انهن مان ڪو هدايت وارو آهي ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ انهن جي اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب رکيوسون، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن. ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ اسان انهن ٻنهين جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر فرمايو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ انهن مان گهڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان مُقرّر موڪليا، نُوح، اِبراهِيم، ۽ رکي سون پاڪ پيغمبري، پڻ ڪِتاب ڪَرِيم، اُن ٻِنهِين جي اولاد ۾، اَمانت عَظِيم، آهِن پوءِ اُنهن مَنجھان، سُونهان، ڪي سَلِيم، پڻ ڀُڃندڙ حُڪم حَڪِيم، آهِن گھڻا اُنهن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي نقش قدم تي اسان ٻيا به پيغمبر موڪليا ۽ انهن جي پٺيان وري حضرت عيسيٰ ابن مريم کي موڪليوسين ۽ کيس انجيل موڪليوسين ۽ جن ماڻهن سندس پيروي ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ رحمدلي پيدا ڪئي سين، پر جيڪا رهبانيت هنن ايجاد ڪئي، (يعني بدعت طور يعني نئين سر اختيار ڪيائون) سا اسان هنن کي ڪتاب ۾ ڪانه سيکاري هئي. اسان ته هنن کي فقط هي سيکاريو هو ته خدا جي راضپي جي تلاش ڪندا رهن، پر هنن اها فرض ادائي نه نڀائي جهڙو انهن جو حق هو. (يعني جيئن الله تعاليٰ جي راضپي جي تلاش ڪجي تيئن ڪري نه سگهيا.) تنهن هوندي به انهن مان جن کي (حضرت عيسيٰ جي تعليم تي) ايمان (۽ عمل) هو تن کي اسان (چڱو) اجر ڏنو، پر هنن مان گهڻا بي فرمان ۽ بدڪار ٿي رهيا.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اسان انهن جي پويان پنهنجا پيغمبر موڪليا ۽ اسان انهن کان پوءِ عيسيٰ پٽ مريم جو موڪليو ۽ اسان ان کي انجيل عطا ڪيو، ۽ اسان ان جي تابعدارن جي دلين ۾ (ان لاءِ) محبت ۽ رحمت پيدا ڪئي، ۽ رهبانيت کي انهن پاڻ پيدا ڪيو، اسان انهن تي اها فرض نه ڪئي هئي پر (انهن) الله جي رضامندي طلب ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو پوءِ انهن رهبانيت جو صحيح حق ادا نه ڪيو (يعنى رسولِ عربي تي ايمان نه آندو) پوءِ انهن مان جن ماڻهن ايمان آندو اسان انهن کي سندن اجر ڏنو، ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن جي پٺيان پنهنجا سندن ئي قدم پنهنجا رسول موڪليا ۽ مريم جي وٽ عيسى کي انهن پيغمبرن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل عطا ڪيوسون ۽ جن سندن تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ مهرباني رکي ۽ گوشه نشيني (دنيوي لذتن کان پاسو ڪرڻ) پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر خدا جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان کي به جهڙو نڀائڻ گهرجي نه نڀايائون پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا (ته) انهن مان نافرمان آهن ئي.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ پويان موڪليا اسان سندن نشانن تي پنهنجا رسول ۽ پويان موڪليو اسان عيسى بن مريم کي ۽ ڏنو اسان ان کي انجيل ۽ پيدا ڪئي اسان دلين انهن جي ۾ جو تابع ٿيا ان جا نرمي ۽ رحمت ۽ راهب هجڻ پاڻ شروع ڪيائون ان کي نه مقرر ڪيو اسان ان کي انهن تي مگر الله جي رضا طلب ڪرڻ جي لاءِ پوءِ نه رعايت ڪيائون ان جي حق ان جي رعايت ڪرڻ جو پوءِ ڏنوسون انهن کي جن ايمان آندو انهن مان اجر انهن جو ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري اسان سندن نموني تي انهن جي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي کي (به) انهن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل ڏنوسون. ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ مهرباني رکي، ۽ گوشه نشيني پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر الله جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان جي سنڀال نه ڪيائون جيئن ان جي سنڀال ڪرڻ کپندي هئي پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان انهن جي پُٺيان لڳاتار انهيءَ طريقي تي ٻيا رسول موڪليا، ۽ انهن جي پٺيان عيسى پٽ مريم کي موڪليوسين ۽ ان کي انجيل ڏنوسين ۽ اسان انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن سندس پيروي ڪئي هئي نرمي ۽ ٻاجھه رکي. ۽ گوشه نشيني (جي بدعت) انهن پاڻ ايجاد ڪئي هئي اها اسان انهن تي فرض نه ڪئي هئي، (اها بدعت) رڳو الله جي رضامندي (حاصل ڪرڻ) لاءِ بنايائون پوءِ ان کي نڀائي نه سگهيا جيئن نڀائڻ جو حق هيو، پوءِ جن ماڻهن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي مُڪاسون تَن پُٺيان، پَنهنجا پيغمبر، ۽ عِيسٰى اِبن مَريم پوئتان، اُماڻيوسُون اَنور، ۽ اِنجيل ڏِنوسون اُن کي، ۽ پارِيَسِ جَنِين پَر، رَکِيسون اُنهن جي رُوح ۾، نَرمِي، ٻاجھ ٻيهر، ٽِي پڻ جُڙتو جو ڳـپـَڻِي، جا اَسان نه لِکِي اُنهن سِر، پاڻهِين ٺاهِيون پَروَر جي، خُوشنودِي خاطِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي (عيسائيو) اوهان مان جن کي (حضرت عيسيٰ تي) ايمان آهي، سي خدا کان ڊڄو (۽ خدائي دين جي نظام هيٺ اچو) ۽ سندس رسول (حضرت محمدﷺ) تي ايمان آڻيو (ڇو ته توهان حضرت عيسيٰ واري تعليم وساري ڇڏي آهي ۽ هي رسول حضرت محمدﷺ ساڳئي تعليم ٿو ڏئي) الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجي رحمت مان ٻه حصا ڏيندو. ۽ اوهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان گامزن ٿيندو (يعني انهيءَ روشنيءَ ۾ عملي طرح اڳتي وڌندا رهندؤ) ۽ اوهان جون (اڳيون) خاميون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بار بار معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (بشرطيڪه توهان غلطيون ڦٽي ڪري سڌيءَ واٽ تي هلو).(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان رسولِ عربي تي ايمان آڻيو اهو توهان کي ٻه حصا پنهنجي رحمت مان عطا ڪندو ۽ توهان لاءِ هڪ نور پيدا ڪندو جنهن سان توهان پنڌ ڪندا ۽ توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ سندس رسول (محمد) تي ايمان آڻيو ته خدا اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي اهڙو نور عطا ڪندو جنهن (جي روشني) ۾ اوهين هلندو ۽ اوهان کي معاف به ڪندو. ۽ خدا ته نهايت بخشڻهار تمام رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارا! ڊڄو الله کان ۽ ايمان آڻيو ان جي رسول تي ته ڏيندو اوهان کي ٻه ڀاڱا پنهنجي رحمت مان ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ نور جو هلندؤ اوهان ان سان ۽ بخش ڪندو اوهان کي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ته اوهان کي پنهنجي مهرباني مان ٻه حصا ڏئي ۽ اوهان لاءِ روشني رکي جنهن ۾ اوهين هلو (ترقي ڪريو) ۽ اوهان کي معاف ڪري ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ته اهو اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا ڪندو ۽ توهان لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان هلندؤ ۽ توهان جي بخشش ڪندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جَن مَڃيو!، ڪَنبو ڀر قهار، پڻ سَندسِ سَچي رَسُول تي، آڻيو اِعتبار، ته ٻِيڻو پَنهنجِي ٻاجھ سان، ڏِئي اوهان کي ڏاتار، پڻ اُن سان اوهان لئي ڪري، چانڊوڪي چوڌار، اُنهِئَ نُور نِبار تي، هَلو چَلو هَر پار، پڻ اگلايون اوهان کي، بَخشي بَخشڻهار، ۽ صاحِب رَبُّ سَتّار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ لاءِ (اسان توهان تي نعمتون ڪنداسين) ته اهل ڪتاب (جن رسولﷺ تي ايمان نه آندو آهي سي) سمجهي وٺن ته الله جي فضل مان ڪجهه به سندن هٿ ۾ ناهي، ۽ يقيناً فضل (۽ نعمتون) الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن جي جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ڏئي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته اهلِ ڪتاب وارا معلوم ڪن ته الله تعالى جي فضل تي انهن کي ڪو اختيار ناهي ۽ بيشڪ ڀَلائِي، الله تعالى جي دستِ قدرت ۾ آهي، جنهنکي چاهي پاڻ عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى عظيم ڀلائي ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو ان لاءِ چيو وڃي ٿو) ته جيئن اهل ڪتاب هئين نه سمجهن ته اهي مومن خدا جي فضل (۽ ڪرم) تي ڪجھ به قدرت نه ٿا رکن پڻ هي ته يقيني ڳالھ آهي ته مهرباني خدا جي قبضي ۽ (قدرت) ۾ آهي اهو جنهن کي گهري عطا فرمائي ۽ خدا ته وڏي فضل (۽ ڪرم) جو مالڪ آهي.(سيد فرمان علي) تانته ڄاڻين اهل ڪتاب ته نه ٿا قادر ٿين ڪنهن شيءِ تي الله جي فضل مان ۽ بيشڪ ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي ڏئي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (الله هيءَ خبر اوهان کي ڏي ٿو) ته اهل ڪتاب سمجهن ته اهي (پاڻ) الله جي مهرباني مان ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿا سگهن ۽ (سمجهن ته) مهرباني الله جي هٿ ۾ آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي مهربانيءَ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا سمجهن ته اُهي الله جي فضل تي ڪابه قدرت نه ٿا رکن ۽ بيشڪ فضل الله جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي چاهي عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن لئي ته اَهل ڪتاب جا، سَمجھن صاف بيان، ته ڀَلي جي ڪِنهن ڀال تي، اَٿن قُدرت ڪانه، ۽ آهي هَٿ اَلله جي، اَڙِيَن سان اِحسان، جِنهن کي گُھري جَھان مان، ڏِئي اُنِهئ کي ڏان، ۽ آهي رَبُّ، رَحمان، وَڏي وَڙ وارو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |