القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡوَاقِعَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 96


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذا وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 1)

جڏھن قيامت ايندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن اهو واقعو ٿيندو ۽ ظهور ۾ ايندو.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن قيامت ايندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن قيامت قائم ٿيندي،(سيد فرمان علي)


جڏهن واقع ٿيندي واقع ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ياد ڪر) جڏهن ٿيڻ واري (ڳالهه) ٿي پوندي (مولانا محمد مدني)


جڏهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقع ٿي پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن قيامت ڪڙڪِي، مَتو ڏِينهن مَحشر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيسَ لِوَقعَتِها كاذِبَةٌ (آيت : 2)

جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تڏهن ان جي ٿيڻ کي ڪوبه ڪوڙو ٺهرائي نه سگهندو، (يعني ان وقت ڪنهن کي به شڪ نه رهندو ۽ هرڪو چوندو ته، برابر هي اهو واقعو آهي جنهن بابت رسولﷺ اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو).(علامه علي خان ابڙو)


جو ان جي اچڻ ۾ (ڪوبه) ڪوڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) جنهن جي ٿيڻ ۾ ڪو به ڪوڙ نه آهي (تڏهن ماڻهن ۾ فرق ظاهر ٿيندو).(سيد فرمان علي)


ناهي ان جي واقع ٿيڻ جي لاءِ ڪو ڪوڙو چوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان ٿيڻ ۾ ڪوئي ڪوڙ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


ته ان جي واقع ٿي پوڻ کي ڪو ڪوڙو چوڻ وارو نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ناھِ اَچڻ جِي اُن جِي کوٽِي ڪا خَبر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خافِضَةٌ رافِعَةٌ (آيت : 3)

ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو واقعو ڪن کي (يعني بدڪارن کي) ذليل ڪري ڇڏيندو ۽ ڪن کي (يعني صالحين کي) بلند (۽ غالب) ڪري ڇڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


(اها خدا جي دشمنن کي) ذليل ڪندڙ (۽ الله جي پيارن کي) بلند ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ها ڪن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي.(سيد فرمان علي)


هيٺ ڪندڙ، مٿي ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اها ڪِن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪِن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي. (مولانا محمد مدني)


اها (ڪنهن کي) هيٺ ڪرڻ واري، (ته ڪنهن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِن کي هَڻندڙ هيٺ ڀَرو، ڪِن مَٿي ڪندڙ ڪَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذا رُجَّتِ الأَرضُ رَجًّا (آيت : 4)

جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن زمين کي وڏي زور وارو زلزلو ايندو.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن وقت زمين ۾ سخت زلزلو ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن زمين تمام زور سان ڌٻائي ويندي.(سيد فرمان علي)


جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت ڌوڏڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن وقت زمين ڌٻائي ويندي، (مولانا محمد مدني)


جڏهن زمين لرزائي ويندي سخت لرزڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌَرتِي جڏهن ڌوڏي ويئـِي، ڌوڏو ڌوڏي ڀَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبُسَّتِ الجِبالُ بَسًّا (آيت : 5)

۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جبل ذرا ذرا ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جبل ذرا ذرا ٿي ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جبل (ٽڪرائي) ذرا ذرا ڪيا ويندا.(سيد فرمان علي)


۽ ذرا ذرا ڪيا ويندا جبل ذرا ذرا ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن جَبل جھانيا، ڏَرِي پِيا ڏُونگر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكانَت هَباءً مُنبَثًّا (آيت : 6)

پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پکيڙيل اڏامندڙ رئي ٿي پوندا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهي پکڙيل ڪِرڻا ٿي پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي (اڏندا پيا)(سيد فرمان علي)


پوءِ هوندا غبار پکڙجندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اُهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي پوندا، (مولانا محمد مدني)


پوءِ اهي پوءِ سنهي پکڙيل ڌوڙ وانگر ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هوندا پوءِ هيڪر، وارِي اُٿندڙ واءَ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكُنتُم أَزوٰجًا ثَلٰثَةً (آيت : 7)

۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


تڏهن توهان ٽن ٽولن ۾ ورهائجي ويندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (ان وقت) توهان (انسان) ٽي قِسم هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو.(سيد فرمان علي)


۽ هوندو اوهان ٽي قسم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان (ان وقت) ٽي گروهه ٿي پوندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَوهِين اُنهِئَ ڏِينهن ۾، هُوندا ٽولا ٽي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَصحٰبُ المَيمَنَةِ ما أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 8)

پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هڪڙو ٽولو هوندو) ساڄي هٿ وارا سنگتي. (خبر اٿوَ ته) ساڄي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟ (وڏين نعمتن سان مالا مال هوندا).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ساڄي پاسي وارا، اهي ساڄي پاسي وارا ڪهڙا هوندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ سڄي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (واھ!) سڄي هٿ وارا (ڪهڙا نه آرام ۾ آهن)(سيد فرمان علي)


پوءِ سڄي هٿ وارا ڪهڙا آهن سڄي هٿ وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ساڄي پاسي وارا، ڪهڙا (نه چڱا) آهن ساڄي پاسي وارا، (مولانا محمد مدني)


پوءِ (پهريان) ساڄي پاسي وارا ڇا ته ساڄي پاسي وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سائـِين، سائي هٿ جا، صَحِي سونهارا ڪي، سائي وارا سي، آهن وَڏِئَ عِيد ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ ما أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 9)

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٻيو ٽولو هوندو) کاٻي هٿ وارا سنگتي (خبر اٿوَ ته) کاٻي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟ (سندن حالت ڏاڍي بري هوندي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ کاٻي پاسي وارا، اهي کاٻي پاسي وارا ڪهڙا هوندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ کٻي هٿ (۾ نامه اعمال وٺڻ وارا) افسوس! کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه (مصيبت ۾) آهن.(سيد فرمان علي)


۽ کٻي هٿ وارا ڪهڙا آهن کٻي هٿ وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ کاٻي پاسي وارا،ڪهڙا (نه بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا (مولانا محمد مدني)


۽ (ٻيا) کاٻي پاسي وارا ڪهڙا نه (بڇڙا هوندا) کاٻي پاسي وارا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏوهِي ڏائي هَٿ تي، هُوندا هَچارا، ڏائي هَٿ وارا، آهِن ڏاڍي ڏُک ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالسّٰبِقونَ السّٰبِقونَ (آيت : 10)

۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٽيون ٽولو ايمان ۽ نيڪ عملن ۾) سڀني کان اڳي ۽ سڀني کان گوءِ کڻڻ وارا (آخرت جي نعمتن ۽ مرتبي ۾ به) سڀني کان اول درجي ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اڳرائي ڪندڙ (نيڪيءَ جي ڪمن ۾) ته اڳرائي ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن،(سيد فرمان علي)


۽ اڳتي ٿيندڙ اڳتي هوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ (ٽيان) اڳتي وڌي وڃڻ وارا (اُهي ته) اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اََڳرا جي، ايمان ۾، اُهي اڳرا مَنجھ اَجر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ المُقَرَّبونَ (آيت : 11)

اھي (ئي) مقرب آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ئي (خدا کي) بلڪل ويجهو هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ئي مقرب بندا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ئي (خدا جا) مقرب آهن.(سيد فرمان علي)


اهي مقرب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي ئي ويجها آهن. (مولانا محمد مدني)


اُهي ماڻهو (الله جا) مقرب هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي حُضورِي حق پاڪ جا، دَرٻارِي داور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 12)

نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽) اهي نعمتن سان ڀريل باغن ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


(جيڪي) جنت النعيم ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نعمتن وارن باغن ۾ هوندا.(سيد فرمان علي)


نعمتن وارين جنتن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


نعمتن وارن باغن ۾ هوندا. (مولانا محمد مدني)


نعمتن وارن باغن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آرامِي اَنور، اِنعامِي باغن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

گھڻا پھرين مان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پهرين مان گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا).(علامه علي خان ابڙو)


اهڙا (نيڪوڪار) پَهِرِيَنِ مان گھڻا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي) ڪيترائي ته پهرين مان هوندا.(سيد فرمان علي)


هڪ جماعت پهرين مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهي) پهرين مان وڏي جماعت (مولانا محمد مدني)


(انهن مقربن ۾) وڏي جماعت اڳين ماڻهن مان هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَهندِيَن مان ميڙو وَڏو، جَنّت ۾ جُھونجھار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَليلٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 14)

۽ ٿورا پوين مان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پوين مان به ٿورا (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پوين مان ٿورڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر پوين مان ٿورا هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ ٿورا پوين مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پوين مان ٿورا هوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ پوين مان (انهن ۾) ٿورا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پويَنِ مان پڻ ٿورَڙا، داخِل دِلقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عَلىٰ سُرُرٍ مَوضونَةٍ (آيت : 15)

(سون سان) اُڻيل تخت تي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ ٽئين ٽولي وارا مقربون) جڙاودار تختن تي ويهندا.(علامه علي خان ابڙو)


(سون سان) واڻيل پلنگن تي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(سون جي تارن سان) واڻيل کٽن تي(سيد فرمان علي)


واڻيلن تختن تي هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(سون سان) واڻيل کٽن تي. (مولانا محمد مدني)


سون سان جَڙيل تختن تي هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سوني اوڄن سيجن تي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مُتَّكِـٔينَ عَلَيها مُتَقٰبِلينَ (آيت : 16)

ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن تي هڪٻئي جي سامهون ٽيڪ ڏيئي ويهندا.(علامه علي خان ابڙو)


ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ٽيڪ لڳائي هڪ ٻي جي سامهون (ويٺا هوندا).(سيد فرمان علي)


ٽيڪون ڏيندڙ انهن تي هڪ ٻئي کي سامهون وهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي سامهون (ويٺا هوندا). (مولانا محمد مدني)


انهن (تختن تي) ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تَڪيو ڏِنل تَڪرار، ويٺا وَهسن پاڻ ۾، مُنهان مُنهن مَهندار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ (آيت : 17)

ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


سندن چوڌاري دائمي جوانيءَ وارا ڇوڪرا (خدمت ڪندي) ڦرندا رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جي چوڌاري هميشه جوان رهندڙ ڇوڪرا (خدمتگار) هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هميشه (ننڍا) رهڻ وارا نينگر وٽن چڪر پيا لڳائيندا.(سيد فرمان علي)


ڦرندا رهندا انهن تي ننڍا نوان ڇوڪرا اتي هميشہ رهندڙ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن، (مولانا محمد مدني)


انهن جي چؤ طرف ڳڀرُو ڇوڪرا ڦرندڙ هوندا جي هميشه (هڪ حال ۾) رهڻ وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سدا ساڳِئَ عمر جا، نوڪر نَنڍِي ڄَمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بِأَكوابٍ وَأَباريقَ وَكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 18)

آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).(علامه تاج محمود امروٽي)


جڳن، ڪوپن ۽ صاف شربتن جي پيالن سان (سندن چوڌاري ڦرندا وتندا).(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي انهن کي پيالا ۽ مگا، ۽ هيشهه وهندڙ شراب جا جام پيش ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پيالن ۽ ڪوزن ۽ شفاف شراب جي پيالن سان.(سيد فرمان علي)


آبخورن ۽ ڪونرن ۽ پيالن سان وهندڙ شراب مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پيالن ۽ ڪوزن ۾ وهندڙ شراب جي پيالن سان پيا ايندا ويندا، (مولانا محمد مدني)


پيالن ۽ جڳن سان ۽ وهندڙ چشمي مان شراب جا ڀريل جام کڻي (بيٺل هوندا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَٿن ڪَرَن، ڪوپن سان، چَڪر هَڻنِ چوڌار، پڻ پَٽڙي پَلٽيندڙ جا، پِيالا پُرڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يُصَدَّعونَ عَنها وَلا يُنزِفونَ (آيت : 19)

(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي شربت اهڙا هوندا جو انهن جي پيئڻ سان) نڪي (پوءِ) هنن کي ڪو مٿي ۾ سور پوندو، نڪي کين ڪو نشو ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


(ان جي پيئڻ سان) نه کين مٿي ۾ سور پوندو ۽ نه سندن عقل گھٽ ٿيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن سان مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن.(سيد فرمان علي)


نه مٿي جو سور وڌا ويندا ان کان ۽ نه بيهوش ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن سان نه مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن (مولانا محمد مدني)


ان سان نه انهن جو مٿو چڪرائيندو ۽ نه ئي انهن جي عقل ۾ فتور ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جنهن کان نه سِر ۾ سُور ڪو، نه بدن مَٿي ڪو بار، پڻ نه ويڇو وار، پَوي سَندِن پَرُوڙ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفٰكِهَةٍ مِمّا يَتَخَيَّرونَ (آيت : 20)

۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهي ڇوڪرا) اهڙن ميون سان (ڦرندا رهندا) جن کي اهي (مقربون) پسند ڪندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (انهن کي اهي) ميوا ملندا جيڪي پاڻ پسند ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا.(سيد فرمان علي)


۽ ميوا ان مان جو پسند ڪندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا، (مولانا محمد مدني)


۽ ميوات (پيش ڪندا) جيڪي چاهن پسند ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مِٺا ميوا موڪ ٻِئا، جِھڙا وَڻندنِ جام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَحمِ طَيرٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 21)

۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهڙن پکين جي گوشت سان جي هو چاهيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پکين جو گوشت ملندو جيڪو کين وڻندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پکين جو گوشت جيڪو خواهش ڪندا (موجود هوندن)(سيد فرمان علي)


۽ پکين جو گوشت ان مان جو اشتها رکندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پکين جو گوشت جيڪو خواهش ڪندا (سو به ڇوڪرا پيا آڻيندا) (مولانا محمد مدني)


۽ پکين جو گوشت جنهن جي خواهش ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تازو پڻ طعام، جيڪِي گُھرن گوشت پَکِين جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَحورٌ عينٌ (آيت : 22)

۽ وڏين اکين وارون حورون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (بهشت ۾ هنن لاءِ) وڏين ڇلڪندڙ اکين واريون حورون هونديون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ وڏين اکين واريون حورون هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ وڏين وڏين اکين واريون حورون(سيد فرمان علي)


۽ حورون وڏين اکين واريون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ وڏين ڪارين اکين واريون گوريون زالون، (مولانا محمد مدني)


۽ خوبصورت ڪشادين اکين واريون حورون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَڏِين اکِين وارِيون، حُورُون حُسْندار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَأَمثٰلِ اللُّؤلُؤِ المَكنونِ (آيت : 23)

(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي محفوظ رکيل موتين جي مثال هونديون.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي (حفاظت ۾ رکيل) موتين جهڙيون هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڄڻ احتياط سان رکيل موتي آهن.(سيد فرمان علي)


موتين، ڍڪيلن وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جي (سپن جي اندر) ڍڪيل موتين جي نموني جهڙيون آهن (مولانا محمد مدني)


جيئن لڪائي رکيل موتي هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سُچا موتِي سِپ ۾، اُهي اُنهن جي آچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24)

جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي سڀ نعمتون) انهن نيڪ عملن جي بدلي ۾ کين ملنديون جي هنن اڳي ڪيا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


اها سندن نيڪ عملن جي جزا هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو بدلو آهي سندن (نيڪ) عملن جو.(سيد فرمان علي)


بدلو ٿي ان جو جيڪي ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(سي انهن لاءِ آهن) هي بدلو انهن ڪمن ڪرڻ جو آهي (مولانا محمد مدني)


(اهو) بدلو هوندو انهن (صالح) عملن جو جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪِي ڪَندا هُئا ڪم ڪار، اِهو اُجورو اُنهن سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا تَأثيمًا (آيت : 25)

اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ان (بهشت) ۾ نڪي هو ڪي واهيات ڳالهيون ٻڌندا، نڪي ڪي گناهه جون ڳالهيون سندن ڪنن تي پونديون.(علامه علي خان ابڙو)


(اِهي) بهشت ۾ اجايون ڳالهيون ۽ ڪوڙ نه ٻڌندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اتي نه بڪ ٻڌندا ۽ نه (گناھ) جي ڳالھ.(سيد فرمان علي)


نه ٻڌندا ان ۾ اجائي ڳالهه ۽ نه گناهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو پيا ڪن. (اتي نه بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن تي) تهمت لڳائڻ جي ڳالهه (مولانا محمد مدني)


اُهي ان ۾ نه بيهودي ڳالهه ٻڌندا نه ڪا گناهه جي ڳالهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَڪ نه اَجائـِي اُن ۾، ۽ نَه ٻُڌن ڪِنو ڪَلام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا قيلًا سَلٰمًا سَلٰمًا (آيت : 26)

پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


فقط (هن قسم جا الفاظ) چوندي ٻڌندا ته، سلام، سلام.(علامه علي خان ابڙو)


فقط (اُتي) سلام (۽) سلام چوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سندن ڪلام رڳو سلام ئي هوندو.(سيد فرمان علي)


مگر گفتگو سلام سلام .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


رڳو سلام سلام چوڻ جي ڳالهه (پيا ٻڌندا) (مولانا محمد مدني)


سواءِ هڪ ڳالهه جي سلام ئي سلام ٻڌندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر سَلام سَلام، چَئنِين طرفان چَوڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَصحٰبُ اليَمينِ ما أَصحٰبُ اليَمينِ (آيت : 27)

۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هاڻي بيان ڪيون ٿا) ساڄي هٿ وارن سنگتين (جي نعمتن) جو (خبر اٿوَ ته) ساڄي هٿ وارا سنگتي ڪهڙا هوندا؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ ساڄي طرف وارا (انسان) اُهي ساڄي طرف وارا ڪهڙا هوندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڄي هٿ وارا ڪهڙا (نه چڱا آهن) سڄي هٿ وارا.(سيد فرمان علي)


۽ سڄي وارا ڪهڙا آهن سڄي وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ساڄي پاسي وارا، ڪهڙا (نه چڱا) آهن ساڄي پاسي وارا. (مولانا محمد مدني)


۽ ساڄي پاسي وارا ڇا ته (شان وارا) هوندا ساڄي پاسي وارا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سائـِين، سائي پارجا، ڇا سائين سائي پار؟َ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى سِدرٍ مَخضودٍ (آيت : 28)

لاسڙين ٻيرين ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي اهڙن (هڪ قسم جي) ميويدار وڻن ۾ هوندا جن کي ڪنڊو ئي ڪونه هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


(اُهي بهشت جي) بنا ڪَنڊن وارن ٻيرن ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بنا ڪنڊن وارين ٻيرين،(سيد فرمان علي)


ڪنڊن کان سواءِ ٻيرين ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بنا ڪَنڊن وارين ٻيرين، (مولانا محمد مدني)


بنا ڪنڊن وارين ٻيرين ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻَهڪندڙ ٻيڙيَن ۾، جَن جا لاسڙ لامون، ڏار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَطَلحٍ مَنضودٍ (آيت : 29)

۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ طلح جي وڻن ۾ هوندا جن جا گل يا ميوا هڪ ٻئي مٿان تهن ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪيلن جي ڇُڳن ۾ (هوندا)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڦرسان ڀريل ڪيلي جي وڻن،(سيد فرمان علي)


۽ ڇڳا ٿيل ڪيلن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڦر سان ڀريل ڪيلي جي وڻن، (مولانا محمد مدني)


۽ تَهه به تَهه ڪيلن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڀَريل ڦر، ڦرهِيَن سان، ڪٖيوَڙا قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَظِلٍّ مَمدودٍ (آيت : 30)

۽ ڊگھن پاڇن ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهي ساڄي هٿ وارا سنگتي) ڊگهي ڊگهي ڇانوَ ۾ ويهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هميشه وارن ساين ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڊگهي ڊگهي ڇانو،(سيد فرمان علي)


۽ هميشہ واري پاڇي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڊگهيءَ ڇانو، (مولانا محمد مدني)


۽ ڊگهن ڊگهن پاڇولن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇِڪِي پَنڌ، ڇانين ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَماءٍ مَسكوبٍ (آيت : 31)

۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهڙي پاڻيءَ جي ڀرسان جو دائما وهندڙ هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هميشه وهندڙ پاڻي ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ وهندڙ پاڻي،(سيد فرمان علي)


۽ هميشہ وهايل پاڻيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پلٽندڙ پاڻي، (مولانا محمد مدني)


۽ پلٽندڙ پاڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مٿان بُوند بهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ (آيت : 32)

۽ گھڻن ميون ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو بي انداز ميون جي وچ ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ گھڻن ميون ۾ (هوندا)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ گهڻن ميون ۾ هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ گهڻن ميون ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ گهڻن ميون ۾ ، (مولانا محمد مدني)


۽ گهڻن ميون ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ گھڻا ۽ گھاٽا وَرِي، ميوا مزيدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا مَقطوعَةٍ وَلا مَمنوعَةٍ (آيت : 33)

نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن جي نڪي موسم کٽندي، نڪي انهن جي کائڻ کان ڪا منع هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي ختم نه ٿيندا ۽ نه ممنوع هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي نه کٽندا ۽ نه (انهن کان) روڪيا ويندا.(سيد فرمان علي)


نه ختم ڪيل (هوندا) ۽ نه روڪيل (هوندا) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جي نه کٽندا ۽ نه (انهن کان) روڪيا ويندا، (مولانا محمد مدني)


جي نه ختم ٿيندا ۽ نه روڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نَڪِي کاڌي کُٽڻا، نه هَڪل مَٿنِ هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفُرُشٍ مَرفوعَةٍ (آيت : 34)

۽ اُچا وڇاڻا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو (شاندار) مٿي رکيل تختن (يا ڪوچن) تي ويهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اعليٰ قسم جي وڇاڻن ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوچن (نرم) وڇاڻن ۾ (مزا ڪندا) هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ وڇاڻا مٿاهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مٿاهن وڇاڻن ۾ هوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ وِڇايل بستر هوندا اوچن پلنگن تي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اوسر ساڻ اَپار، پَلنگن مَٿان پَٿراڻيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا أَنشَأنٰهُنَّ إِنشاءً (آيت : 35)

بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان (هنن جي سنگتين حورن کي) هڪ خاص طريقي سان بنايو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان انهن عورتن کي نئين سر پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(کين اهي حورون ملنديون جن کي) اسان نت نئون پيدا ڪيو آهي،(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسان انهن کي نئون پيدا ڪيو پيدا ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان (سندن) انهن (زالن) کي هڪ نموني تي بنايو آهي، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان انهن (جي گھر واريُن حورن) کي خاص طرح سان بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان اُپايو اُنهن کي، هِڪدَم ٻالِڪ ٻار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَجَعَلنٰهُنَّ أَبكارًا (آيت : 36)

پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن کي پاڪ ڪنواريون بنايو اٿئون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو انهن کي اسان ڪنواريون،(سيد فرمان علي)


پوءِ بنايو اسان انهن کي ڪنواريون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو انهن کي اسان ڪنواريون، (مولانا محمد مدني)


جو اسان انهن کي ڪنواريون بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪيوسونِ ڪنواريون، ناريون نيڪ نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عُرُبًا أَترابًا (آيت : 37)

مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (۽ هنن کي) پيار ڀريون هڪ جيڏيون بنايو اٿئون. (ڪنهن جي لاءِ؟)(علامه علي خان ابڙو)


مڙسن کي وڻندڙيون ھڪ جيڏيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پياريون پياريون هڪ جيڏيون ڪيو آهي،(سيد فرمان علي)


پيارڪندڙيون هڪ عمر واريون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مردن کي پياريون هڪ جيڏيون ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


محبت ڪرڻ واريون هم عمر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هميشه هِڪ جيڏيون، وَر وَڻندڙ ويرو تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِأَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 38)

سڄي پاسي وارن لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


ساڄي هٿ جي سنگتين لاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


ساڄي پاسي وارن لاءِ هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهو سمورو بندوبست) سڄي هٿ (جي اعمال نامي) لاءِ آهي.(سيد فرمان علي)


سڄي وارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ساڄي پاسي وارن لاءِ (مولانا محمد مدني)


اهي (نعمتون) ساڄي پاسي وارن لاءِ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي حُورون حاصل تن کي، جي سائـِين سائي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 39)

گھڻي جماعت پھرين مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پهرين مان گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا).(علامه علي خان ابڙو)


پَهِرِيَنِ مان هڪ جماعت(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(انهن ۾) گهڻا ته پهرين مان.(سيد فرمان علي)


گهڻا پهرين مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهي) پهرين مان وڏي جماعت آهن، (مولانا محمد مدني)


(انهن ۾) وڏي جماعت اڳين ماڻهن مان هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَهندين مان مهندار، ججھا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَثُلَّةٌ مِنَ الءاخِرينَ (آيت : 40)

۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پونئين مان به گهڻائي (انهيءَ ٽولي ۾ هوندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پوين مان هڪ جماعت (هوندي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪيترائي ته پوين مان آهن.(سيد فرمان علي)


۽ گهڻا پوين مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پوين مان به وڏي جماعت آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ (انهن ۾) پوين ماڻهن مان به وڏي جماعت هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بِه جَجھا پوين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَصحٰبُ الشِّمالِ ما أَصحٰبُ الشِّمالِ (آيت : 41)

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هاڻي) کاٻي هٿ جي سنگتين جو (بيان ٿا ڪيون، خبر اٿوَ ته) کاٻي هٿ جا سنگتي ڪهڙي بريءَ حالت ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ کاٻي طرف وارا، کاٻي طرف وارا ڪهڙا هوندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ کٻي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (افسوس) کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه مصيبت ۾ آهن.(سيد فرمان علي)


۽ کٻي وارا ڪهڙا آهن کٻي وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ کاٻي پاسي وارا، ڪهڙا (نه بڇڙا) آهن (مولانا محمد مدني)


۽ کاٻي پاسي وارا ڪيڏا نه (بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏوهِي ڏائي پارِ جا، ڇا ڏوهي ڏائي پار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى سَمومٍ وَحَميمٍ (آيت : 42)

ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو ساڙيندڙ (زهري) هوا ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


(اهي دوزخ جي) گرم هوا ۽ ٽهڪيل پاڻيءَ ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي دوزخ جي) لڪ ۾ گرم پاڻي،(سيد فرمان علي)


ساڙيندڙ هوا ۽ گرم پاڻيءَ ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


کاٻي پاسي وارا. (اهي) لک ۽ گرم پاڻي، (مولانا محمد مدني)


جيڪي ساڙيندڙ جهولي ۽ ٽهڪندڙ پاڻي ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


لُـک ۽ پاڻِي گَرم ۾، وَرتل ويرو تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَظِلٍّ مِن يَحمومٍ (آيت : 43)

۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪاري دونهي جي پاڇي ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ٻرندڙ دُونهن جي پاڇن ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪاري دونهين جي ڇانو ۾ هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ ڪاري دونهين جي پاڇي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ دونهين جي ڇانوَ ۾ هوندا، (مولانا محمد مدني)


۽ ساڙيندڙ دونهين جي ڇانؤ ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


دونهِين سَندِئَ ڇانَو ۾، جو ڪارو ڪارُونڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا بارِدٍ وَلا كَريمٍ (آيت : 44)

جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.(علامه تاج محمود امروٽي)


جو نڪي ٿڌو هوندو، نڪي فرحت ڏيندڙ هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي نه ٿڌا هوندا ۽ نه فرحت بخشيندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جا نه ٿڌي ٿيندي ۽ نه وڻندڙ هوندي.(سيد فرمان علي)


نه ٿڌو هوندو ۽ نه عزت وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جا نه ٿڌي هوندي ۽ نه چٽي هوندي. (مولانا محمد مدني)


جو نه ٿڌو هوندو نه فرحت بخش.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه سَرد، نه سو سَرِير کي، ڏِيندڙ ڪو به قرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُترَفينَ (آيت : 45)

بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڇو ته اهي ظالم سرمائيدار) هن کان اڳي دولت ۽ عيش عشرت ۾ غلطان رهندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهي ان کان اڳ (دنيا ۾) فرحتن ۾ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اهي هن کان اڳ (دنيا ۾) ڏاڍا عيش ماڻي چڪا آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي هئا ان کان اڳي نعمت ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اهي هن کان اڳ (دنيا ۾ ) آسودا هئا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي هن کان اڳ (دنيا ۾) خوشحال هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن لئي ته اَڳي هِت هُئا، مُوذِي مالدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكانوا يُصِرّونَ عَلَى الحِنثِ العَظيمِ (آيت : 46)

۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ وڏي ظلم ۽ گنهگاريءَ ۾ ضد ڪري بيهندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي هميشه (دنيا ۾) ڪوڙا قسم کڻندا هئا (ته مُئل ماڻهو زندهه نه ٿيندا)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تمام وڏي گناھ (شرڪ) تي هميشه رهندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ضد ڪندا هئا گناهه وڏي تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ وڏي گناهه (شرڪ) تي هميشه رهندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي زور وڏي گناهه (شرڪ) تي هميشگي ڪندڙ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هُئا طبل ڪندا تڪرار، ڪنهن ڏاڍي وڏي ڏوه تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكانوا يَقولونَ أَئِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 47)

۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۾ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسين؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چوندا هئا ڇا ! اسين مرنداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسين، ڇا اسين يقيناً ٻِئي دفعي اُٿاريا وينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۾ هڏا ٿينداسون تڏهن (وري) اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟(سيد فرمان علي)


۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي ۽ هڏا ڇا بيشڪ اسين البته اٿاريل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون تڏهن اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


۽ چوندا هئا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين، ۽ اسان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چوندا هئا، ته ڇا، جڏهن مَرِي وِياسون مُور، خاڪ ٿياسون خاڪ ۾، ۽ هُونداسُون هَڏ چُور، اَسِين ۽ اَسان جا اڳيان، اَبا اوڏا، ڏُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 48)

يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڇا اسان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن کي به (جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟)(علامه علي خان ابڙو)


يا اسان جا پهريان اَبا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا) ڇا؟(سيد فرمان علي)


يا ابا، ڏاڏا اسان جا پهريان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان جا پهريان پيءُ ڏاڏا به (اٿياريا ويندا) ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا؟)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِيئن مَڃيون اِي مَذڪُور، ته اَسِين اُٿڻ وارا آهيون؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ الأَوَّلينَ وَالءاخِرينَ (آيت : 49)

(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون کين) چئو ته، هائو يقيناً اڳوڻن توڙي پوئين (سڀني) کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان (مڪه وارن کي) چئو بيشڪ پهريان ۽ پويان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته بيشڪ پهريان ۽ پويان (به)(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ پهريان ۽ پويان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ پهريان ۽ پويان، (مولانا محمد مدني)


چؤ بيشڪ اڳيان ۽ پويان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو ته، پهريان، پويان، ڪوڙِين، ڪِروڙِين ڪٖيڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَمَجموعونَ إِلىٰ ميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 50)

ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀ ماڻهو مقرر ڏينهن جي مقرر وقت تي گڏ ڪيا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


يقيناً قيامت جي وقت جمع ٿيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سڀئي هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي ضرور ڪٺا ڪيا ويندا.(سيد فرمان علي)


البته گڏ ڪيل آهن معلوم ڏينهن جي وقت تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا. (مولانا محمد مدني)


هڪ مقرر ڏينهن جي مقرر وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مِڙِئي ٿيندا ميڙ، مُقرّر ڏِينهن مَعلوم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنَّكُم أَيُّهَا الضّالّونَ المُكَذِّبونَ (آيت : 51)

وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اي گمراهه انسانو! حق کي ڪوڙو ٺهرائيندڙ انسانو!(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ بيشڪ توهان اي گمراه (۽) ڪوڙا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اوهان کي اي گمراهو. ڪوڙو ڪندڙو!(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بيشڪ اوهان اي گمراهؤ! ڪوڙو چوندڙؤ! .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اوهين اي گمراهه ڪوڙو ڪندڙو! (مولانا محمد مدني)


پوءِ بيشڪ توهان اي گمراهو! ڪوڙو چوڻ وارؤ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِي وِرسيل واٽ کان! اَوس اَوهِين آخِر، ڪُوڙو ڏِينهن قِيام کي، ڪوٺِيندڙ ڪافِر!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَءاكِلونَ مِن شَجَرٍ مِن زَقّومٍ (آيت : 52)

ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان يقيناً ضرور زقوم جي وڻ مان (پن پاڙون وغيره) کائيندو.(علامه علي خان ابڙو)


يقيناً ٿوهر جا وڻ کائيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ (دوزخ ۾) ٿوهر جي وڻ مان ضرور کائڻو پوندو.(سيد فرمان علي)


البته کائيندڙ آهيو ٿوهر جي وڻ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ٿوهر جي وڻ مان ضرور کائيندو، (مولانا محمد مدني)


توهان ضرور ڪنڊن واري ٿوهر جي وڻ مان کائيندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهِين آهيو وَڻ ٿوهر مان، کائڻ وارا کَر!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 53)

پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پوءَ انهن سان پنهنجا پيٽ ڀرندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان سان (پنهنجا) پيٽ ڀريندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ان مان پيٽ ڀريندو.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڀريندڙ آهيو ان مان پيٽن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان مان پيٽ ڀريندو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان مان پيٽ ڀرڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ تِنهن مان پيٽ کي، ڀَرِيندڙ بَدتر!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَشٰرِبونَ عَلَيهِ مِنَ الحَميمِ (آيت : 54)

پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پوءِ ان جي مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پيئندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان جي مٿان ٽهڪيل پاڻي پيئندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ مٿانس گرم پاڻي ڀريندو.(سيد فرمان علي)


پوءِ پيئندڙ آهيو ان جي مٿان ٽهڪندڙ گرم پاڻي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ مٿانس گرم پاڻي پيئندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان تي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ تَتل پاڻِي تِنهن مٿان، اوتِيندڙ اَبتر!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَشٰرِبونَ شُربَ الهيمِ (آيت : 55)

پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهڙيءَ طرح (گهڻو مقدار) پيئندو جهڙيءَ طرح سخت اڃايل اُٺ پيئندو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (ٽهڪيل پاڻي) ايئن پيئندا جيئنڪِ اڃايل اُٺ (پاڻي پيئندو آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اهو به) اڃ جي بيماري (آليءَ) ۾ ورتلن اٺن وانگر پيئندو.(سيد فرمان علي)


پوءِ پيئندڙ آهيو اڃايل اٺ جي پيئڻ وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اهو به) اڃ جي بيماريءَ ۾ ورتلن اٺن وانگر پيئندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان سخت اڃاري اٺ جي پيئڻ وانگر پيئڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پِيَندڙ آهيو پِيَڻِي اُٺ اُڃِيَل وانگر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا نُزُلُهُم يَومَ الدّينِ (آيت : 56)

قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بدلي ملڻ واري ڏينهن اها ٿيندي سندن مهماني.(علامه علي خان ابڙو)


هي قيامت جي ڏينهن سندن مهماني آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها قيامت جي ڏينهن سندن مهماني هوندي.(سيد فرمان علي)


هيءَ مهماني انهن جي آهي قيامت جي ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها قيامت جي ڏينهن سندن مهماني آهي. (مولانا محمد مدني)


اها انهن جي مهماني هوندي بدلي واري ڏينهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِها آهي اُنهن جِي، مِهمانِي مُقرّر، اِي آهَر، تَن آهِر، آهي ڏِينهن اِنصاف جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نَحنُ خَلَقنٰكُم فَلَولا تُصَدِّقونَ (آيت : 57)

اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي انسانو! ڇو نٿا سمجهو) اسان ئي ته اوهان کي خلقيو اهي. پوءِ توهان ڇو نٿا حق کي سمجهو؟(علامه علي خان ابڙو)


اسان توهان کي تخليق ڪيو، پوءِ توهان سچ ڇو نٿا مڃو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان ئي اوهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ (ٻئي ڀيري جو) ڇو ويساھ نه ٿا ڪريو.(سيد فرمان علي)


اسان پيدا ڪيو اوهان کي پوءِ ڇونه ٿا سچو چئو اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو ويساهه نٿا ڪريو. (مولانا محمد مدني)


اسان توهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ڇو نه ٿا يقين ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان اوهان کي جوڙيو، هَٿِين پيرِين هيڪر، جاچي پوءِ جيڪر، صدقي صَد آفرِين چَئو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَرَءَيتُم ما تُمنونَ (آيت : 58)

ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ڪو انهيءَ تي غور ڪيو ٿا جيڪي توهان منيءَ جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍو ٿا؟ (۽ جنهن مان اولاد پيدا ٿئي ٿو؟)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان ٻڌايو ٿا ته توهان سرمائيه حيات کي اڇلايو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا ٻڌايو ته جو نطفو اوهين (زالن جي) رحم ۾ ڪيرايو ٿا تنهن کي اوهان ڏنو آهي؟(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ ڏٺي اوهان اها مني جيڪا داخل ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا ٻڌايو ته جيڪا اوهين مني ٿا ڪيرايو، (مولانا محمد مدني)


ڇا اوهان غور ڪيو آهي ته جيڪا مني اوهان (رحم ۾) ڪيرايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سوچيان ڪِي صَحِي؟ ته جو مَجهِين هارِيو مَند، اَوهين جوڙيو اُن مَنجهان، ڦيري ڪو فرزند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءَأَنتُم تَخلُقونَهُ أَم نَحنُ الخٰلِقونَ (آيت : 59)

تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان ٿا انهيءَ منيءَ کي خلقيو يا اسان ان کي خلقيندڙ آهيون؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان مان انسان خلقيو ٿا يا اسين خالق آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن کي اوهين پيدا ڪيو آهي ڇا؟ يا اسين ئي پيدا ڪندڙ آهيون.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان ان کي پيدا ڪيو ٿا يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي اوهان پيدا ڪيو آهي ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


ته ڇا ان (مان ماڻهو) کي توهان ٿا پيدا ڪيو يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهين جوڙيو اُن مَنجهان، ڦيري ڪو فرزند، يا خَلقِيندڙ خاوند، اَسِين پاڻ آهيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نَحنُ قَدَّرنا بَينَكُمُ المَوتَ وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 60)

اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان توهان سڀني جي لاءِ موت ٺهرائي ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي (هن ڳالهه کان ته)،(علامه علي خان ابڙو)


اسان توهان جي وچ ۾ موت جو وقت مقرر ڪيو ۽ اسان کي ڪو عاجز ڪندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان اوهان ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسين ان کان عاجز نه آهيون.(سيد فرمان علي)


اسان مقرر ڪيو اوهان جي وچ ۾ موت ۽ ناهيون اسين اڳرائي ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون. اسان اوهان ۾ موت مقرر ڪيو آهي ۽ اسين هن ڳالهه کان عاجز نه ٿيا آهيون (مولانا محمد مدني)


اسان ئي توهان جي وچ ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسان ان کان عاجز نه ٿيا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان اوهان جي وِچ ۾، موت ڪيو مَقدُور، ۽ پيل نه آهيون پوئتي، منجِھين هِن مَذڪور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ أَمثٰلَكُم وَنُنشِئَكُم فى ما لا تَعلَمونَ (آيت : 61)

ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان توهان جون شڪليون (يا حالتون) بدلائي ڇڏيون ۽ اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ آڻيون جنهن جي توهان کي خبر ئي ڪانهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ تي ته توهان جهڙا ٻيا (انسان) تبديل ڪريون ۽ توهان کي اهڙين صورتن ۾ تبديل ڪريون جو توهان پاڻ به نه ڄاڻو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو اوهان جي بدلي پيا آڻيون ۽ اوهان کي اهڙي (صورت) ۾ پيدا ڪريون جنهن کي اوهين مطلق نه ٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


هن تي جو مٽائي آڻيون اوهان جهڙا ۽ نئون پيدا ڪيوسين اوهان کي ان ۾ جو نه ٿا ڄاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته اوهان جهڙا (ٻيا اوهان جي) بدلي ۾ آڻيون۽ اوهان کي اهڙي جهان ۾ وڃي ڪڍون جنهن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو. (مولانا محمد مدني)


جو توهان جي بدلي توهان جهڙا ٻيا پيدا ڪيون ۽ توهان کي نئين سِر اهڙي صورت ۾ پيدا ڪيون جنهن کي توهان ڄاڻو به نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته آن کي اوهان جِھڙن سان، مَٽي ڇَڏيون مُور، ۽ جِنهن جِي پَونيان نه پَروڙ، آن کي آڻيو اُن شڪل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد عَلِمتُمُ النَّشأَةَ الأولىٰ فَلَولا تَذَكَّرونَ (آيت : 62)

۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً توهان کي پهرئين حالت جي خبر آهي (ته اسان توهان کي ڇا مان ڇا بنايو)، پوءِ ڇو نه ٿا سوچيو ۽ سمجهو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق توهان کي پهريون دفعو زنده ٿيڻ معلوم آهي، پوءِ ڇو نٿا نصيحت حاصل ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اوهان پهرينءَ پيدائش کي ڄاتو (ته اسان ڪئي) پوءِ جو غور نه ٿا ڪريو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڄاتو اوهان پيدائش پهرينءَ کي پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اوهان پهرين پيدائش کي ڄاتو پوءِ ڇو ڌيان نه ٿا ڪريو. (مولانا محمد مدني)


توهان کي يقيني طرح پهرئين ڀيري جي پيدائش معلوم آهي پوءِ ڇو نه ٿا نصيحت پِرايو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَچ پَچ ته اوهان سَمجھيو، پهريون جوڙڻ پاڻ، پوءِ، سوئـِي سَبق سُڄاڻ! ڇو هِنيِـين ساڻ نه هنڊايو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَرَءَيتُم ما تَحرُثونَ (آيت : 63)

ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري توهان انهيءَ ٻج تي غور ڪيو آهي جو توهان پوکيندا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان ٻڌايو ٿا ته توهان جيڪي ٻج پوکيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا ٻڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا،(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ ڏٺي اوهان جيڪي پوک پوکيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا ٻڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا، (مولانا محمد مدني)


ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪي اوهين پوکيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَچ پَچ ڪِي سوچيان؟ ته اوهين پوکيو اَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءَأَنتُم تَزرَعونَهُ أَم نَحنُ الزّٰرِعونَ (آيت : 64)

سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اهو توهان ٿا ڄمايو ۽ وڌايو يا اسان ئي ان کي ڄمائيندڙ ۽ وڌائيندڙ آهيون؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان کي ڦُٽايو ٿا يا اسين ڦُٽائيندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اوهين ان کي پيدا ڪريو ٿا يا اسين اپائيندڙ آهيون.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان ٿا ڄمايو ان کي يا اسين ڄمائيندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي اوهين اڀاڙيو ٿا ڇا؟ يا اسين اڀاڙيندڙ آهيون؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا ان کي اوهان ٿا ڄمايو يا اسان ڄمائڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهِين اُڀارِيندڙ آهيو، تَوهن مَنجھان تَن؟ يا تِن کي تنها تَن، اَسِين اُڀارِيندڙ آهيون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَو نَشاءُ لَجَعَلنٰهُ حُطٰمًا فَظَلتُم تَفَكَّهونَ (آيت : 65)

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان (کيتيءَ کي چورو ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ توهان حيران ۽ پريشان ٿي وڃو (۽ چوڻ لڳو ته، هاءِ هاءِ!)(علامه علي خان ابڙو)


جيڪڏهن اسين گھرون ته ته ان کي سُڪائي چورو چورو ڪريون پوءِ توهان تعجب ۾ پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون ته پوءِ اوهين حيرت ۾ رهجي وڃو.(سيد فرمان علي)


جيڪڏهن اسين گهرون ته البته ڪيون اسين ان کي ڪاٺيون پوءِ اوهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو ته .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اسين گهرون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون پوءِ اوهين عجب ۾ رهجي وڃو (مولانا محمد مدني)


جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي اَسِين گُھرون ته اُن کي، لاشڪ ڪيوسون لاس، پوءِ ڦِرِي پِئا فِڪرات ۾، وَڏا ڪريو وَماس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا لَمُغرَمونَ (آيت : 66)

(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هاڻي ته اسان قرض ۾ پئجي وينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


(ته) بيشڪ اسان تي چٽي پئجي وئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ چوندو ته) اسان تي چٽي بڻجي ويئي آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اسين البته چٽيءَ ۾ پيل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ چوندو ته) اسان تي چٽي پئجي ويئي آهي، (مولانا محمد مدني)


(۽ چوڻ لڳو ته) اسان تي چَٽي پئجي وئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته هي هي! هارِيا آهيون، ناڻا داڻا ناس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 67)

بلڪ اسين بي نصيب آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


بلڪه بلڪل محروم (نادار ۽ سڃا) رهجي وينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪِ اسين محروم رهياسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر (اصلي) اسين بدنصيب آهيون.(سيد فرمان علي)


بلڪ اسين بي نصيب آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر (اصلي) اسين بي نصيب آهيون. (مولانا محمد مدني)


بلڪه اسان بي نصيب ٿي وياسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نا اُمِيد نِراس، اُٽلو اَسِين آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَرَءَيتُمُ الماءَ الَّذى تَشرَبونَ (آيت : 68)

ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري توهان انهيءَ پاڻيءَ تي غور ڪيو آهيو جو توهان پيئندا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان ٻڌائيندا ته جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪڏهن ڌيان ڌريو ته جو پاڻي اوهين (رات ڏينهن) پيو ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ ڏٺو اوهان پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا ٻڌايو ته جو پاڻي پيئو ٿا، (مولانا محمد مدني)


ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪو پاڻي توهان پيئو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سچ پچ ڪي سوچيان؟ ته جو پِيو پاڻِي پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءَأَنتُم أَنزَلتُموهُ مِنَ المُزنِ أَم نَحنُ المُنزِلونَ (آيت : 69)

اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان ٿا ان کي ڪڪرن مان هيٺ آڻيو يا اسان ئي ان کي هيٺ آڻيندڙ آهيون؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان کي ڪڪر مان نازل ڪريو ٿا؟ يا اسين نازل ڪندڙ آهيون !(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي يا اسين وسايون ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان لاٿو ان کي ڪڪر مان يا اسين لاهيندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي ڇا؟ يا اسين لاهيندڙ آهيون؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا ان کي ڪڪرن مان توهان لاٿو آهي يا اسان لاهڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پاڻ اُتاريان اُن کي، مَنجھان مِينهن مانڊاڻ؟ يا بِنا ڪِنهن جِي ڪاڻ، اَسِين اُتارِيندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَو نَشاءُ جَعَلنٰهُ أُجاجًا فَلَولا تَشكُرونَ (آيت : 70)

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن اسان چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون (۽ توهان مصيبت ۾ پئجي وڃو. اسان ته توهان کي مٺو پاڻي ٿا ڏيون) پوءِ ڇو نٿا خدائي نعمتن جو قدر ڪيو؟ (۽ سندس قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري پنهنجو ڀلو ڪيو؟)(علامه علي خان ابڙو)


جيڪڏهن اسين گھُرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون، پوءِ توهان ڇو نٿا شڪر ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو نه ٿا احسان مڃيو.(سيد فرمان علي)


جيڪڏهن گهرون اسين ته بنايون ان کي کارو پوءِ ڇو نه ٿا شڪر ڪيو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو احسان نه ٿا مڃيو؟ (مولانا محمد مدني)


جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ توهان ڇونه ٿا شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي اَسِين گُھرون ته اُن کي، کارو ڪريونسِ کَڻِي، پوءِ دُهرادان ڌَڻِئ، ڳهيلا! ڇو نه ڳائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَرَءَيتُمُ النّارَ الَّتى تورونَ (آيت : 71)

ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري توهان انهيءَ باهه تي غور ڪيو آهي جا توهان ٻاريندا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان ٻڌائيندا ته جيڪا باه توهان روشن ڪريو ٿا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا باھ تي به (ڪڏهن) غور ڪيو اٿو! جا اوهين ٻاريو ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ ڏٺو اوهان باهه کي جيڪا ٻاريو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا ٻڌايو ته باهه جا اوهين ٻاريو ٿا، (مولانا محمد مدني)


ڀلا هي ته ٻڌايو جيڪا باهه توهان ٻاريو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سوچيان ڪِي سڄاڻ! ته آگ اوهين جا ٻاريو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءَأَنتُم أَنشَأتُم شَجَرَتَها أَم نَحنُ المُنشِـٔونَ (آيت : 72)

تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان ان (باهه) جي (ٻارڻ وارن) وڻن کي ڄمائيندا آهيو يا اسان ئي ڄمائيندڙ آهيون؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان جو وڻ پيدا ڪريو ٿا يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان ان جو وڻ پيدا ڪيو آهي يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان پيدا ڪيو ان جي وڻ کي يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان ان جي وڻ کي پيدا ڪيو آهي (مولانا محمد مدني)


ڇا ان جي وڻ کي توهان پيدا ڪيو آهي يا اسان پيدا ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اوهان وڻ اُنهِئ جو، پِيدا ڪيو پاڻ؟ يا ڪامِل قُدرت ساڻ، اَسِين اُپائـِيندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نَحنُ جَعَلنٰها تَذكِرَةً وَمَتٰعًا لِلمُقوينَ (آيت : 73)

اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان ان کي عبرت وٺڻ جي نشاني بنايو آهي ۽ پڻ بيابانن ۾ رهندڙن لاءِ وڏي سهوليت واري شيءِ بنايو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اسان ان کي (جهنم جي باه جي) يادگيري بنايو ۽ مسافرن لاءِ فائديمند بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان ان باھ کي (دوزخ جي) ياد ڏيارڻ لاءِ ۽ مسافرن وغيره جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


اسان بنايو ان کي نصيحت ۽ سامان مسافرن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ اسان ان باهه کي (دوزخ جي باهه کي) ياد ڏيارڻ لاءِ جهنگل وارن جي فائدي لاءِ ٺاهيو آهي. (مولانا محمد مدني)


اسان ان باهه کي (جهنم جي باهه جي) ياد ڏيارڻ واري ۽ جهنگل جي مسافرن لاءِ فائدي جي شيءِ بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان ڪيو اُن کي، پيدا پُرجھڻ ڪاڻ، پڻ واٽهڙن جي وَاٽ لئي، سَنهج سَندو سانجاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 74)

تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر!) پنهنجي اعليٰ ۽ عظيم پروردگار جي نالي جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه (۽ سندس راهه ۾ ۽ دين قائم ڪرڻ ۾ بي انتها ڪوشش ڪندو رهه).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ رسولِ عربي توهان پنهنجي عظيم رب جي نالي سان تسبيح پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر!(سيد فرمان علي)


پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي وڏي رب جي نالي سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ تون پنهنجي وڏي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ جي، نِرمل نالي ساڻ، وَر وَر ڪر واکاڻ، جو وَڏِي وڏائـِئَ جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلا أُقسِمُ بِمَوٰقِعِ النُّجومِ (آيت : 75)

پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ان کان سواءِ مان تارن جي لهڻ جي شاهدي پيش ٿو ڪيان، (يا تارن جي منزلن جي شاهدي پيش ٿو ڪيان).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ مون کي قسم آهي انهن جاين جو جتي تارا غروب ٿين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ آءُ تارن جي منزلن جو قسم کڻان ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ قسم ٿو کڻان مان تارن جي واقع ٿيڻ وارين جاين جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ آءُ تارن جي ڪِرڻ جو قسم کڻان ٿو. (مولانا محمد مدني)


مون کي قسم آهي تارن جي لهڻ جي جاين جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇو نه شاهِد واريان، سي موقعا مُقرّر، سِج، چَنڊ تارا ڪتيون، ڪِرن جھِين ڪَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَو تَعلَمونَ عَظيمٌ (آيت : 76)

۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن توهان ڄاڻو ۽ سمجهو ته هيءَ يقيناً وڏي زبردست ثابتي ۽ شاهدي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اهو يقيناً عظيم قَسَمُ آهي، جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اهو وڏو قسم آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اهو البته قسم آهي جيڪڏهن اوهان ڄاڻو وڏو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اهو وڏو قسم آهي (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اهو وڏو زبردست قسم آهي اگر توهان ڄاڻو ته.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَچ پَچ وَڏِي اِئَ ثابتِي، جي اَٿان خُوب خبر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّهُ لَقُرءانٌ كَريمٌ (آيت : 77)

بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن ڳالهه جي ته يقيناً قرآن مجيد بيشڪ وڏي شان وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهو قرآن ڪريم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ هي (ڪتاب وڏي) مرتبي وارو قرآن آهي،(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهو البته قرآن ڪريم آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. بيشڪ هي (ڪتاب)خوبين وارو قرآن آهي، (مولانا محمد مدني)


جو بيشڪ هي قرآن وڏي عزت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته پَڪ آهي پاڪ اِهو، مَصحف مُنوّر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى كِتٰبٍ مَكنونٍ (آيت : 78)

لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جو هڪ محفوظ رکيل ڪتاب ۾ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو لوحِ محفوظ ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو ڪتاب (لوح) محفوظ ۾ (لکيل) آهي.(سيد فرمان علي)


محفوظ دفتر ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


حفاظت سان رکيل ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (مولانا محمد مدني)


جو هڪ محفوظ ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


لِکيَل لِڪيَل ڪتاب ۾، اکر زير زَبر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يَمَسُّهُ إِلَّا المُطَهَّرونَ (آيت : 79)

پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن کي پاڪ (فرشتن) کان سواءِ ڪوبه ڪونه ٿو ڇهي (يعني ڪوبه ان جي آيتن ۽ حڪمن ۾ ڦيرڦار ڪري نٿو سگهي.)(علامه علي خان ابڙو)


نٿا هٿ لائن ان کي مگر پاڪائي ڪندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان کي رڳو پاڪ ماڻهو ئي ڇهن ٿا.(سيد فرمان علي)


نه هٿ لڳائن ان کي مگر پاڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي رڳو پاڪ ئي هٿ لائين ٿا. (مولانا محمد مدني)


ان کي هٿ نه لائن سواءِ پاڪ ماڻهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هَٿ نه لائـِن اُن کي، مؤمن پاڪ مگر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 80)

جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو قرآن سڄي جهان جي پروردگار وٽان نازل ٿيل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


نازل ڪيل آهي رب العالمين جي طرفان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سموري جهانن جي پالڻهار جي طرفان (محمد تي) نازل ڪيل آهي.(سيد فرمان علي)


نازل ڪرڻ آهي جهانن جي رب جي طرفان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي. (مولانا محمد مدني)


جهانن جي پالڻهار پاران نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن آسمان کان، اوتارا اَطهر، پاران تِنهن پَروَر، جو صاحِب سَڀ جھان جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَبِهٰذَا الحَديثِ أَنتُم مُدهِنونَ (آيت : 81)

پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا توهان هن (عاليشان) پيغام کي تڇ ڪري ٿا سمجهو؟ (۽ ان جو قدر نٿا ڪيو؟ يعني فائدن حاصل ڪرڻ ۾ سستي ڪريو ٿا؟)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان قرآن ڪريم کي ڪوڙو ڪندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا پوءِ اوهين هن ڪلام جو انڪار ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ هن ڳالهه ۾ اوهان سستي ڪندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ اوهين هن ڪلام (مان فائدي وٺڻ) ۾ سستي ڪريو ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ توهان هن ڪلام ۾ سستي ڪندڙ آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇا، اَوهِين اِن ڳالھ ۾، مُنڪر آهيو مور؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَجعَلونَ رِزقَكُم أَنَّكُم تُكَذِّبونَ (آيت : 82)

۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان ان کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪرڻ کي پنهنجي گذران جو وسيلو بنايو آهي ڇا(؟)(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان پنهنجي لاءِ (قرآن ڪريم مان) اهو حصو رکو ٿا ته بيشڪ توهان ئي (ان کي) ڪوڙو سمجھو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ان مان) پنهنجو هي حصو (روزي حاصل) ڪريو ٿا جو اوهين ان کي ڪوڙو ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ بنايو ٿا پنهنجو حصو هيءُ ته اوهان ڪوڙو چئو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ان مان) پنهنجو هي حصو (حاصل) ڪريو ٿا جو اوهين (ان کي) ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان پنهنجو حصو اهو ڪيو ٿا جو توهان ان کي ڪوڙو چوندا رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪريو ڪُوڙ فُتور، تنهِن کي، قُوت ڪريو ٿا پانهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَولا إِذا بَلَغَتِ الحُلقومَ (آيت : 83)

پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جيڪڏهن توهان ڪافرن کي خدا جي مخالفت ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي ته) پوءِ ڇو نٿا (توهان پنهنجي طاقت ڏيکاريو) جڏهن (ڪنهن ماڻهوءَ جو روح مرڻ وقت) نڙيءَ تائين پهچي ٿو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهو ڪيئن ٿيندو جنهن وقت (ساهه) نڙي تائين پهتل هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جنهن مهل (ڪنهن جو ساھ) نڙگهٽ تائين پهچي،(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇو نه جڏهن پهتو نر گهٽ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جنهن مهل (ڪنهن جو ساهه) نڙگهٽ کي پهچي، (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڇو نه (ٿا موٽايو روح کي) جنهن وقت نرگهٽ تائين پهچي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پَساه جڏهن پُهتو هِڪِي ۾ هيڪر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنتُم حينَئِذٍ تَنظُرونَ (آيت : 84)

۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان انهيءَ وقت رڳو ويٺا ڏسندا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان ان وقت (ان قريب الموت کي) ڏسي رهيا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهين ان وقت (جي حالت) پيا ڏسو.(سيد فرمان علي)


۽ اوهان ان وقت ڏسي رهيا آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهين ان وقت پيا ڏسو، (مولانا محمد مدني)


۽توهان ان وقت ڏسندا رهو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَوِهين ڪَندا پيا، اُن ڏي، نِماڻو نظر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِنكُم وَلٰكِن لا تُبصِرونَ (آيت : 85)

۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان ته ان کي اوهان کان وڌيڪ ويجها آهيون، پر توهان ڪونه ٿا ڏسو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين ان کي توهان کان وڌيڪ ويجھا آهيون پر توهان نٿا ڏسي سگھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين ان (سڪرات واري) کي اوهان کان گهڻو ويجها آهيون پر اوهين نٿا ڏسو،(سيد فرمان علي)


۽ اسين وڌيڪ ويجها آهيون ان کي اوهان کان ۽ پر نه ٿا ڏسو اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين ان (شخص) کي اوهان کان گهڻو ويجها آهيون پر اوهين نه ٿا ڏسو، (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ان (مرڻ واري کي) توهان کان گهڻو ويجها آهيون پر توهان نه ٿا ڏسو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسِين اوهان کان اُن کي، اوڏا اوڏِيهر، پر اسان کي اُن حال ۾، پَسو نه اَوِهين ڪِنهن پَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَولا إِن كُنتُم غَيرَ مَدينينَ (آيت : 86)

پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن توهان (خدا جي) اختيار هيٺ نه آهيو (۽ ايندڙ حساب ڪتاب کان آزاد آهيو) ته پوءِ ڇو نٿا،(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهو ڪيئن ٿيندو جيڪڏهن توهان کان حساب ڪتاب ٿيندڙ نه هجي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي ڌٻاءُ ۾ نه آهيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇو نه جيڪڏهن آهيو نه بدلو ڏنل ته .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن اوهان کي جزا سزا ملڻ واري نه آهي، تڏهن ڇو ان (جي ساهه) کي نٿا موٽايو (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڇونه (ٿا ائين ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان ڪنهن جي زير فرمان نه آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جي هُجو، حُڪم ۾، ٻَڌلن کان ٻاهِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَرجِعونَها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 87)

ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ (روح) کي (جسم ڏانهن) موٽايو (۽ مرڻ کان بچايو) جيڪڏهن توهان (پنهنجي هن دعويٰ ۾) سچا آهيو (ته توهان تي ڪنهن جو به اختيار ڪونهي).(علامه علي خان ابڙو)


(ته پوءِ ڇو) ان روح کي بدن ۾ موٽايو ويو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهن ڇو ان (جي ساھ) کي نه ٿا موٽايو جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو.(سيد فرمان علي)


موٽايو ها ان کي جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


جو ان (جي ساهه) کي واپس موٽايو جي توهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته واريوسِ ٿِي واهر، جي سَچا سخن ۾ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 88)

پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن اهو (مرندڙ ماڻهو) (خدا کي) ويجهو ٿيلن (وڏن بزرگن) مان آهي،(علامه علي خان ابڙو)


پر پوءِ جيڪڏهن اهو (فوت ٿيل ماڻهو) مُقرب بندن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو خدا جي) ويجهن (ٻانهن) مان آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ پر جيڪڏهن هوندو مقربن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن اهو (ميّت الله جي) ويجهن (ٻانهن) مان آهي، (مولانا محمد مدني)


پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) مقربن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پر پوءِ اُهو پاڻ جي، هُوندو حُضورِيَن مَنجھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَرَوحٌ وَرَيحانٌ وَجَنَّتُ نَعيمٍ (آيت : 89)

ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته پوءِ (هن لاءِ) آرام، خوشيون ۽ نعمتن سان ڀريل باغ هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (ان لاءِ) راحت ۽ گل آهن ۽ جنت نعيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار گل ۽ نعمت جا باغ آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ راحت ۽ خوشبو ۽ نعمتن واري جنت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار ٻوٽا ۽ نعمت جو باغ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار ٻوٽا نعمتن واري جنت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوِ سَرهائـِي سُرهاڻ، پڻ باغ سُکن جا سُوکڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمّا إِن كانَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 90)

۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن ساڄي هٿ وارن سنگتين منجهان هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پر جيڪڏهن اهو ساڄي طرف وارن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اهو سڄي هٿ وارن مان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پر جيڪڏهن هوندو سڄي وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن ساڄي پاسي وارن مان آهي، (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اهو ساڄي پاسي وارن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ساڄي جي سانَينِ مان، جي هُوندو نيڪ نام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَلٰمٌ لَكَ مِن أَصحٰبِ اليَمينِ (آيت : 91)

ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته پوءِ ساڄي هٿ وارا سنگتي هن کي سلام ڪندا ۽ چوندا ته، توتي سلامتي هجي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ رسولِ عربي توهان تي ساڄي طرف وارن جي طرفان سلام آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (ان کي چيو ويندو ته) تو تي سڄي هٿ وارن جي طرفان سلام هجي.(سيد فرمان علي)


پوءِ تنهنجي لاءِ سلام آهي سڄي وارن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته پوءِ توتي سلامتي آهي ساڄي پاسي وارن کان. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (چيو ويندو) تو لاءِ سلام آهي اي ساڄي پاسي وارن مان هجڻ وارا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ توتي سَئو سلام،ساڄي جي سانيَن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمّا إِن كانَ مِنَ المُكَذِّبينَ الضّالّينَ (آيت : 92)

پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائيندڙ گمراهه ماڻهن منجهان آهي(علامه علي خان ابڙو)


۽ پر جيڪڏهن اهو ڪوڙن گمراهن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جيڪڏهن ڪوڙي ڪندڙن گمراهن مان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پر جيڪڏهن هوندو ڪوڙو چوندڙن گمراهن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن ڪوڙي ڪندڙ گمراهن مان آهي (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو) ڪوڙو چوڻ وارن گمراهن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي هُوندو ڪُوڙ ڪَندڙن، ۽ مُنجَھيَلن مان مُنڪر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَنُزُلٌ مِن حَميمٍ (آيت : 93)

ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته پوءِ (هن کي) ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي مهماني ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (سندس) مهماني گرم پاڻي سان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ان لاءِ گرم پاڻيءَ جي مهماني آهي.(سيد فرمان علي)


ته پوءِ مهماني آهي گرم ٽچڪندڙ پاڻيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته (ان لاءِ) گرم پاڻي جي مهماني آهي (مولانا محمد مدني)


ته (ان لاءِ) ٽهڪندڙ پاڻي جي مهماني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پاڻِي گَرم گند جِي، مِهمانِي مُقرّر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَصلِيَةُ جَحيمٍ (آيت : 94)

۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ دوزخ جي باهه ۾ سڙندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ دوزخ ۾ داخل ٿيڻ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ان کي) باھ ۾ داخل ڪرڻو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پهچائڻ جهنم جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ان کي) باهه ۾ داخل ڪرڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (ان کي) جهنم ۾ داخل ڪرڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَزا اِي بَرسِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ هٰذا لَهُوَ حَقُّ اليَقينِ (آيت : 95)

بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ هيءَ ڳالهه يقيناً حق آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ هيءُ ئي حق (۽) يقيني ڳالهه آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ هيءَ (خبر) يقينا سچي آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ هي البته اهو ئي حق اليقين آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ هي (خبر) پوري يقيني آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ هي خبر سراسر حق ۽ پوري يقيني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هرگز حق يَقين سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 96)

تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي منهنجا پيغمبر!) پنهنجي اعليٰ ۽ عظيم پروردگار جي نالي جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندو رهه (۽ سندس راهه ۾ ۽ سندس دين قائم ڪرڻ ۾ هر طرح ڪوشش ڪندو رهه).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان اي رسولِ عربي پنهنجي عظيم رب جي پاڪ نالي سان ان جي تسبيح پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پروردگار جي تسبيح ڪر!(سيد فرمان علي)


پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي وڏي رب جي نالي سان. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر !) تون پنهنجي وڏي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون پاڪائي بيان ڪر پنهنجي وڏي پالڻهار جي نالي جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پَنهنجي پَروَر پاڪ جي، نِرمل نالي ساڻ، وَر وَر ڪر واکاڻ، جو وَڏو وَڏائـِي جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017