توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
ٻاجھاري (الله).(علامه تاج محمود امروٽي) رحمان خدا (نهايت ئي ڪريم آهي).(علامه علي خان ابڙو) رحمٰن (جلَّ جلالہٗ)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وڏي مهربان (خدا)(سيد فرمان علي) رحمٰن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) رحمان، (مولانا محمد مدني) (اهو) بي انتها مهربان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاتار ڏيهن کي، ڏيندڙ ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
قرآن سيکاريو.(علامه تاج محمود امروٽي) (جنهن اسان کي) قرآن سيکاريو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پنهنجي حبيب ڪريم کي قرآن ڪريم سيکاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ئي قرآن جي تعليم ڏني.(سيد فرمان علي) سيکاريو قرآن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) قرآن سيکاريو، (مولانا محمد مدني) (جنهن) قرآن سيکاريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قادِر سيکاريو قرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
ماڻھو کي پيدا ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) (جنهن) انسان کي پيدا ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) انسانيت جي جان محمد ڪريم کي پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ئي انسان کي پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي) پيدا ڪيائين انسان کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انسان کي پيدا ڪيائين، (مولانا محمد مدني) انسان کي پيدا ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عجب اُپايو تِنهن اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽) کيس ڳالهائڻ سيکاريو آهي (۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي طاقت ۽ عقل عطا ڪيو آهي).(علامه علي خان ابڙو) (۽) اُن کي سڀئي علم عطا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ئي ان کي (پنهنجو مطلب) بيان ڪرڻ سيکاريو.(سيد فرمان علي) سيکاريائين ان کي بيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. (مولانا محمد مدني) ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُوب سيکارِينسِ باب بيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (سندس پيدا ڪيل) سج ۽ چنڊ مقرر حساب (۽ قانون) سان گردش ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) سج ۽ چنڊ پنهنجي حساب سان هلن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سج ۽ چنڊ هڪ مقرر (ڪيل) حساب سان (هلي) رهيا آهن.(سيد فرمان علي) سج ۽ چنڊ حساب سان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سج ۽ چنڊ (مقرر)حساب سان هلن ٿا. (مولانا محمد مدني) سج ۽ چنڊ (مقرر) حساب سان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِج، چنڊ بِه، حساب سان هَر آن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ٻوٽا (گاهه، ڀاڄيون، وليون وغيره) ۽ وڻ ٽڻ سندس اڳيان سجدو ڪري رهيا آهن (يعني سندس قانونن تي هلي رهيا آهن).(علامه علي خان ابڙو) ۽ وَلون ۽ وَڻ سجدا ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وليون ۽ وڻ ٻئي هن کي سجدو ڪندا رهن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ ول ۽ وڻ سجدو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وليو ن۽ وڻ ٻئي سجدو ڪندا رهن ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ زمين تي پکڙيل وَلِيون ۽ وڻ سڀئي (کيس) سجدو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَليون، اوڀر عالِيشان، سَڀَئـِي سَجدو ڪن سُبحان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى آسمان کي بلند فرمايو ۽ ميزان کي مقرر ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (انصاف) جي ترازي قائم ڪئي اٿس.(سيد فرمان علي) ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ان کي ۽ رکيائين ساهمي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (اتي) ترازي رکي اٿس، (مولانا محمد مدني) ۽ ان آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان (عدل لاءِ) تارازي رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ايڏو سارو آسمان، ڪَيُسِ مَٿاهون مِهربان، ۽ رکيو ساهِمِئَ کي، سُلطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو.(علامه علي خان ابڙو) توهان ميزان ۾ گھاٽي واڌي نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن لاءِ ته اوهين (به) ترازي (تورڻ) ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.(سيد فرمان علي) ته نه حد کان لنگهو ساهميءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته ترازي ۾ حد کان لنگهي نه وڃو. (مولانا محمد مدني) جو توهان تورڻ ۾ بي اعتدالي نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان مُور نه مُنجھو مَنجھ مِيزان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي انسانو! هڪٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انصاف سان وزن ڪريو ۽ توهان تور کي نه گھٽايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.(سيد فرمان علي) ۽ قائم ڪيو وزن عدل سان ۽ نه گهٽايو وزن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. (مولانا محمد مدني) ۽ انصاف سان تور برابر ڪيو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توريو عدل ساڻ عيان، ۽ ڪَمِي ڪانٽي ۾ ڪريو ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ زمين کي انهيءَ ئي (الله تعاليٰ) مخلوق (ماڻهن، مرن، پکين وغيره) لاءِ وڇائي ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى زمين کي پنهنجي مخلوق لاءِ رکيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ماڻهن (جي فائدي) لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس.(سيد فرمان علي) ۽ زمين رکيائين ان کي مخلوق جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس. (مولانا محمد مدني) ۽ ان زمين کي وڇايو مخلوق جي لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀون پکيڙِينسِ بي گُمان، ۽ عالم ساري تي اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ان (زمين) ۾ (قسمين قسين) ميوا آهن ۽ کجين جا وڻ آهن، جن جي خوشن (يعني کارڪن جي ڇڳن) تي غلاف چڙهيل آهن.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ ۾ ميوا آهن ۽ غلاف واريون کجيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ۾ ميوا ۽ چپڙڀن واريون کجيون.(سيد فرمان علي) ان ۾ ميوا آهن ۽ کجيون غلاف واريون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ۾ ميوا ۽ چپڙين واريون کجيون (مولانا محمد مدني) ان ۾ ميوا آهن ۽ ڇُڳن وارين کجورن جا وڻ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ۾ ميون جا ميدان، ۽ کَجيون ڇَپرين سان چَسپان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (پڻ) اناج جون پوکون پنن ۽ ڪانن سميت آهن ۽ (پڻ) خوشبودار ٻوٽا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بُوسي سان گڏ اناج آهن ۽ خوشبودار گل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تهن وارو ان ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن.(سيد فرمان علي) ۽ داڻو بُهه وارو ۽ نازبو جو گل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تُهن وارو اُن ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ تُهن وارو اَنُ آهي ۽ خوشبوئدار ٻوٽا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُہ ۽ بُہ ۾، اَن اَرزان، ۽ سُهڻا، سُرها گَل ريحان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪري سگهندَؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا؟(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو !) اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِي پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو. اي جن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) هن انسان کي آواز ڪندڙ مٽيءَ مان ڪنڀر وانگر ٺاهيو.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى انسان کي اهڙي مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جيڪا ٺڪري وانگر وڄي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ئي انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايو.(سيد فرمان علي) پيدا ڪيائين انسان کي پڪي مٽيءَ مان ٺڪر جهڙي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايائين، (مولانا محمد مدني) ان انسان کي وڄندڙ مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جا ٺڪريءَ وانگر هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَجَب اُپائـِين، هِي اِنسان، مِٽِي پَڪل مان، مِهربان، ٺَڙ ٺَڙ واري، ٺِڪر مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنن کي بنا دونهي واري باهه مان پيدا ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى جِنن کي خالص باه مان پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان جنن کي باھ جي ڄڀيءَ مان بنايو.(سيد فرمان علي) ۽ پيدا ڪيائين جن کي شعلي باهه جي مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنّ باهه جي ڄڀيءَ مان بنايائين. (مولانا محمد مدني) ۽ جِنن کي باهه جي شعلي مان پيدا ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ باھِ ڄِڀئـِي مان، بي گُمان، جوڙئـِين جِن ۽ شَر شيطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان (جن ۽ انسان) ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان ؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هو ٻن مشرقن ۽ ٻن مغربن جو پرودگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) اُهو ٻن اوڀرن ۽ ٻن اولهن جو مالڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو ئي (سردي گرميءَ جي) ٻنهي مشرقن جو مالڪ آهي ۽ ٻنهي مغربن جو (به) مالڪ آهي.(سيد فرمان علي) رب ٻن اوڀرن جو ۽ رب ٻن اولهن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهو) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ ۽ ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي (مولانا محمد مدني) اُهو مالڪ آهي ٻنهين اوڀرن جو ۽ مالڪ آهي ٻنهين اولهن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَحِي سَنڀالِيندڙ سُبحان، اوڀر جا ٻَئـِي آستان، ٻِن اولهن جو آگيوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي مالڪ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟، جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.(علامه تاج محمود امروٽي) هن ٻن (کاري ۽ مٺي) پاڻين کي اهڙيءَ طرح رکيو آهي جو پاڻ ۾ ملن به ٿا (۽)(علامه علي خان ابڙو) اهو ٻن سمنڊن کي وَهائي ٿو جيڪي بظاهر پاڻ ۾ مليل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ئي ٻئي سمنڊ جاري ڪيا جي پاڻ ۾ گڏجن ٿا.(سيد فرمان علي) ٻه سمنڊ وهايائين ملن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ٻن سمنڊن کي ڇڏيو اٿس ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن. (مولانا محمد مدني) ان ٻن سمنڊن کي وهايو جيڪي پاڻ ۾ ملن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَه بَحر برابر بي پايان، جارِي ڪيائـِين مَنجھ جھان، مِلن وَڃيو ٻَئـِي ڪِنهن به مڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) سندن وچ ۾ ديوار (يا حد به) رکيل آهي، جنهن کان ٻاهر لنگهي نٿا سگهن.(علامه علي خان ابڙو) پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو اُهي هڪ ٻئي کان تجاوز نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي) انهن جي وچ ۾ برزخ آهي نه ٿا تجاوز ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن، (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين جي وچ ۾ پردو آهي جو هڪ ٻئي ۾ رَل وچڙ نه ٿا ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن وِچ، پَردو ڪو پنهان، هڪ ٻئي تي، ڪن هلان سي ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن (پاڻين) مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) انهن ٻنهي سمنڊن مان، موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(سيد فرمان علي) نڪرن ٿا انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي مان موتي ۽مرجان نڪرن ٿا. (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن مان حِڪمت ساڻ حَنّان، نِڪرن موتِي ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سمنڊ ۾ سولائيءَ سان هلندڙ جهاز، جيڪي جبلن وانگر کڙا ٿيل آهن سي به سندس ئي آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اُن جون اُهي ٻيڙيون آهن جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر نمايان آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان جا ئي سمنڊ ۾ سڙھ کنيل جبلن جهڙا اوچا جهاز آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جون آهن بلند ٻيڙيون سمنڊ ۾ جهنڊن وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان جائي سمنڊ ۾ سڙ کنيل جبلن جهڙا جهاز آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ ان الله جا آهن سمنڊ ۾ سڙهه کنيل جهاز جيڪي جبلن جهڙا (اوچا) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن سَگھ، سَندِي سُبْحان، هَلندڙ ٻيڙا، هَر زمان، مَنجھ سَمنڊ، سَٿيل سامان، جِھڙا جاڏا جَبل جَھان، پَريان نِڪرن ٿِي نِشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئ پنهنجي جا ڪهڙا دان؟جُوٺ چئو، اي جن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو) جيڪو زمين تي آهي فنا ٿيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) جيڪو به ان تي آهي فنا آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي (مولانا محمد مدني) هرڪو ئي جيڪو به ان (ڌرتيءَ) تي آهي فنا ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن تي وَسندڙ،سڀ ويران، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ فقط تنهنجي پروردگار جي هستي قائم رهندي جو وڏي شوڪت ۽ جلال وارو ۽ وڏي سخا ۽ شان وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان جي رب جي ذات اقدس باقي آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تنهنجي پالڻهار جي ذات جا عظمت ۽ ڪرامت واري آهي باقي رهندي.(سيد فرمان علي) ۽ باقي آهي ذات تنهنجي رب جي جيڪو عزت ۽ احسان ڪرڻ وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تنهنجي پاليندڙ جو منهن باقي رهندو جو وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ باقي رهندي تنهنجي پالڻهار جي ذات جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ذات تُنهنجي ڌَڻِئَ دَيَّان، باقِي رَهندِي بيگمان، جو صاحب عزّت ۽ اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو اي، جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ پنهنجن گهرجن لاءِ سندس محتاج آهن. هر روز (هر گهڙيءَ) هو (پنهنجو نئون نئون) شان ڏيکاري رهيو آهي (يعني نيون نيون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) جيڪي (مخلوق) آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي (اُهي سڀ) اُنهيءَ جا سوالي آهن. اُن کي هر روز مصروفيت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن (سڀ) ان کان گهرن ٿا. سڀ ڪنهن ڏينهن (هر وقت) مخلوق جي هڪ نه هڪ ڪم ۾ آهي.(سيد فرمان علي) گهرن ٿا ان کان اهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن هر ڏينهن اهو ڪنهن (نئي تجلي سان) شان ۾ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ان کان گهرن ٿا.سڀڪنهن ڏينهن اهو (جدا جدا) شان ۾ آهي. (مولانا محمد مدني) سڀ (پنهنجون حاجتون) ان کان گهرن ٿا جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن. هر ڏينهن اهو هڪ شان سان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي اَندر آسمان، جيڪِي مَنجھ زَمِين زمان، گُھرن اُنهِئَ کان سَڀ گُذران، نِت نِئين حِڪمت ۾ حَنان، نئين نئين جوڙي جوڙ جھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ ڇئو، اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) اي جنو ۽ انسانو، اسان جلد ئي توهان جو فيصلو ڪنداسين.(علامه علي خان ابڙو) اي انسان ۽ جن اسين جلد توهان جي (حساب) لاءِ فارغ ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ٻئي وڏيون قومون اسين جلد ئي اوهان ڏانهن رخ رکنداسون.(سيد فرمان علي) جلد واندا ٿينداسون اوهان جي لاءِ اي جن ۽ انسان! .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ٻئي ڳريو ن قومون! (جنو ۽ انسانو !) اسين جلد اوهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ واندا ٿينداسون. (مولانا محمد مدني) اي ٻئي ڳريون جماعتون (انسانو ۽ جنو!) جلد اسان توهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ متوجهه ٿينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جلد اوهان لئي، جِن، انسان!، ڏينداسون، داد مَٿي ڌِيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙي ڪهڙي ڪمالات جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) اي جنن ۽ انسانن جا ٽولا! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن کان ڀڄي نڪرڻ جي سگهه آهي ته ڀڄي ته ڏيکاريو، توهان (الله جي پرمٽ يا پاسن) حڪم ۽ اجازت کان سواء هرگز ڪونه ٻاهر نڪري سگهندؤ.(علامه علي خان ابڙو) اي جن ۽ انسان جا گروه، جيڪڏهن توهان کي طاقت آهي ته توهان آسمانن ۽ زمينن جي ڪِنارن کان ٻاهر نڪرو پوءِ توهان ٻاهر نڪرو، نٿا نڪري سگھو توهان مگر (روحاني يا سائنسي) قوت سان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهان کي طاقت آهي ته آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن مان (ٿيندا ڪنهن پاسي) نڪري (موت يا عذاب کان بچي سگهو ته نڪري وڃو (پر) اوهين ته سواءِ طاقت ۽ غلبي جي نڪري نٿا سگهو (ڇا ڪاڻ ته توهان ۾ نه قوت آهي نه غلبو)(سيد فرمان علي) اي جنن جي جماعت ۽ انسانن جي جيڪڏهن طاقت رکو ٿا ته اوهان ته نڪري وڃو آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان پوءِ نڪري وڃو نه نڪري سگهندؤ مگر سلطنت سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهين آسمانن ۽ زمين جي پاسن مان نڪري سگهو ٿا ته نڪرو. اوهين طاقت کان سواءِ نڪري ڪين سگهندو. (مولانا محمد مدني) اي جِنَن ۽ انسانن جي جماعت جيڪڏهن توهان آسمانن ۽ زمين جي سرحدن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا ته پوءِ نڪري وڃو. نه ٿا نڪرو (ڪنهن جاءِ تي) مگر ان جي سلطنت ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جماعتون! جِن، اِنسان، ساريو جُرئت، ڪا مَنجھ جان، ته ڪٿان به، ڪَنڌيَن مان آسمان، ڀَر پاسي ڀُون مان، بي گمان، ڀَڄِي نِڪرو اي نادان!، نِڪري نه سَگھندا نيٺ نِڌان!، مقابِلي ري مَنجھ ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) توهان جي مٿان باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو، پوءِ توهان (ان کان) ڪوبه بچاءُ ڪونه ڪري سگهندؤ.(علامه علي خان ابڙو) توهان تي بِنا دونهين جي باه موڪلي ويندي ۽ (اُن جو رنگ) ٽامي جهڙو هوندو، پوءِ توهان کي مدد نه ملندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (گنهگار جنو ۽ انسانو! دوزخ ۾) اوهان ٻنهي تي باھ جي سائي (رنگ) جي ڄڀي ۽ ڪارو دونهو موڪليو ويندو ته اوهين ٻئي (ڪنهن طرح روڪي سگهندو.(سيد فرمان علي) موڪليو ويندو اوهان تي شعلو باهه جو ۽ دونهون پوءِ نه بدلو وٺندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان ٻنهي تي باهه جي ڄڀي ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ اوهين ٻئي بدلو نه وٺي سگهندو. (مولانا محمد مدني) (ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندئو ته) توهان ٻنهين تي خالص باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ توهان بچاءُ ڪري نه سگهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان مٿي، اي جِن، اِنسان! وَسندا، بَرسِر بيگمان، ٽامون، اُلون آگ عيان، پوئوارِي پوءِ، ٿِينديان ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙوڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين انعامن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو تڏهن چم وانگر (يا مَلههَ وانگر) ڳاڙهو ٿي ويندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جنهن وقت آسمان چيريو ويندو پوءِ گلاب جهڙو ڳاڙهو (۽) تيل وانگر پگھريل هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي (قيامت ۾ تتل) تيل وانگر ڳاڙهو ٿي پوندو.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن ڦاٽندو آسمان پوءِ ٿي پوندو گلاب جي رنگ، اڌوڙ وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽندو ته ڳاڙهي چم وانگر (رنگ جو) ڳاڙهو ٿي پوندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته پوءِ گلابي ٿي پوندو جيئن ڳاڙهو چَمُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اوچتو هِي آسمان، جڏهن ڦاٽو، سِين فرمان، پوءِ هُوندو، اَرتو، ارغوان، ڪُل آڌوڙ جا اَرڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن ٿورن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ جن کان سندس گناهن بابت پڇيو ئي ڪونه ويندو، (ڇو ته سندن گناهه ظاهر هوندا).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ قيامت جي ڏينهن انسانن ۽ جنن کان سندن گناهن بابت پڇا نه ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهين انسان کان سندس گناھ بابت پڇيو ويندو ۽ نه ڪنهن جن کان.(سيد فرمان علي) پوءِ ان ڏينهن نه پڇا ڪيا ويندا پنهنجي گناهه جي انسان ۽ نه جنَّ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان ڏينهن نه ماڻهوءَ کان ۽ نه جن کان سندس گناهه بابت پڇيو ويندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهن انسان کان سندس گناهه پڇڻ (جي ثابتي)جي ضرورت هوندي ۽ نه ڪنهن جِنَ کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُن ڏِينهن، ڪنان ڪِنهن جِن اِنسان، بابت سَندسِ بَديَن بيان، مور نه پُڇبو، مَنجھ ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ (ڏٺو ويندو ته) توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.(علامه تاج محمود امروٽي) گنهگار ماڻهو سندن ظاهر نشانن مان سڃاتا ويندا ۽ پوءِ هنن کي پيشانيءَ جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) مجرم سندن شڪلن مان سڃاتا ويندا، پوءِ انهن کي پيشاني ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو (۽ جهنم رسيد ڪيا ويندا)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا. پوءِ پيشانين ۽ پيرن کان پڪڙي کين دوزخ ۾ ڌوڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) سڃاتا ويندا مجرم پنهنجن چهرن سان پوءِ ورتا ويندا مٿن ۽ پيرن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا پوءِ پيشانين ۽ پيرن مان جهليو ويندن. (مولانا محمد مدني) ڏوهاري ماڻهو پنهنجي نشانين (يعني چهرن جي ڪاراڻ) سان سڃاتا ويندا پوءِ انهن کي پيشاني جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙي (گِــــهِليو) ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَدا سُڃاپَن مَنجھ ميدان، سَندنِ نِراڙن جي نِيشان، پوءِ پير، پيشانيان، پَڪڙبان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جَن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو اٿو، اهو جهنم جنهن کي گنهگار ڪونه مڃيندا هئا (۽ چوندا هئا ته، اسان تي عذاب ايندو ئي ڪونه، نڪو اچڻو آهي).(علامه علي خان ابڙو) هيءُ اها جهنم آهي جنهنکي مجرم نه مڃيندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پوءِ کين چيو ويندو ته) هي اهو دوزخ آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڄاتو.(سيد فرمان علي) هي جهنم آهي جو ان کي مجرم ڪوڙو چوندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هي اهو جهنم آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڪيو. (مولانا محمد مدني) (چيو ويندو) هيءُ آهي دوزخ جنهن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي جَھَنَّم، مَنجھ جولان، جنهن کي ڪُوڙو ڪوٺِينِ ٿا ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي) اُهي (گنهگار) جهنم جي (باهه جي) ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ چڪر ڏيندا رهندا.(علامه علي خان ابڙو) اُهي جهنم ۽ سخت گرم پاڻي جي درميان چڪر لڳائيندا رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان (باھ) جي وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ (بيقراري ۾ ڊوڙندا) پيا چڪر ڪاٽيندا).(سيد فرمان علي) ڦرندا ان ۽ گرم، ٽچڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان جي وچ ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ جي وچ ۾ پيا ايندا ويندا. (مولانا محمد مدني) اُهي ان (جهنم) ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۾ چڪر هڻندا رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن وِچ ۽ جَر جَلائـِيندڙ جان، ڦِرندا گِھرندا بي فرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ بابت ڊڄندا رهن ٿا جنهن گهڙيءَ پنهنجي پروردگار جي اڳيان کڙا ڪيا ويندا (۽ انهيءَ ڊڄڻ جي ڪري گناهن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا) تن جي لاءِ ٻه باغ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو مؤمن پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو (اُن لاءِ) ٻه باغ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄندو رهيو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي لاءِ جنهن خوف رکيو پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ جو ٻه باغ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪو پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ٻه باغ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڊِنو بِيهڻ کان بيگمان، اڳيان پَنهنجي رَبَّ، رَحمان، تِنهن لئي، ٻه باغ ڀَلا بُستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين چَڱَائِــيُن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا، ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
ٻئي باغ گھاٽا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ٻنهي باغن ۾ گهڻن ئي قسمن جون نعمتون هونديون.(علامه علي خان ابڙو) انهن باغن ۾ قسمين قسمين ميوا ۽ گل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ٻئي باغ گهاٽا (ميوي دار) آهن.(سيد فرمان علي) گهڻن ڏارن وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي ٻئي (باغ) گهاٽا آهن. (مولانا محمد مدني) اُهي ٻئي (جنتون) گهڻين ٽارين ۽ شاخن واريون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاخن وارا عالِى شان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين ڀلائِـــيــُن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئ پنهنجي جاڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ٻن ٻاغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) انهن ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما به آهن جي پيا وهندا.(سيد فرمان علي) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن وهن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جي پيا وهن. (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻه تَلاءِ تَن ۾، روز روان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان (اي جنو اي انسانو!) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن باغن ۾ هر قسم جا ميوا جوڙين جوڙين ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) انهن ٻنهي ۾ هر هڪ ميوو ٻن ٻن قسمن جو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهي باغن ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم هوندا.(سيد فرمان علي) انهن ٻنهي ۾ هر ميوي جا ٻه ٻه قسم آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي (باغن) ۾ سڀڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم آهن. (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين (باغن) ۾ هر ميوو ٻن ٻن قسمن جو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِن باغن ۾ بي گُمان، هر ميوي جا، مَنجھ هر مڪان، ٻه جوڙا جِنس عَجِيب عيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) اُهي (جنتي) اهڙن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا جن جا استر قيمتي مخمل جا هوندا، ۽ انهن باغن جا ميوا جهڪيل ۽ ويجها هوندا (انهيءَ لاءِ ته انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿئي).(علامه علي خان ابڙو) (اُهي بهشت ۾) اهڙن وِڇاڻن تي ٽيڪ لڳائيندا جن جو اَستر ٿلهي ريشمي ڪپڙي جو هوندو، ۽ انهن ٻنهي باغن جا ميوا تمام ويجھا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهڙن (طول) وهاڻن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جن جا استر (ڇوون) ٿلهي اطلس (ريشم) جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جا ميوا (ايترو ته) ويجها هوندا (جو جيڪڏهن چاهين ته لڳل ئي کائن).(سيد فرمان علي) ٽيڪون ڏيندڙ بسترن تي جن جو استر استبرق (پَٽَ) مان هوندو ۽ ميوا ٻنهي باغن جا ويجها هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙن وڇاڻن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا) جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ ميوو انهن ٻنهي باغن جو ويجهو هوندو. (مولانا محمد مدني) جنتي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا. ۽ ٻنهين باغن جا ميوا (سندن) ويجهو جهڪيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺل خاص هنڌن تي خان، جَن اَستر اَطلس عالِى شان، ۽ ٻن باغن جا بي گمان، ميوا ويجھا مُنهن مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن (باغن) ۾ ڪنواريون پاڪ ڇوڪريون هونديون جن جون (شرميليون) اکيون هيٺ جهڪيل هونديون، جن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي نه هوندو.(علامه علي خان ابڙو) انهن وِڇاڻن تي اهي عورتون هونديون جن جو نگاهون هيٺ هونديون، انهيءَ کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لڳايو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ۾ (پاڪدامن) ڌاري ڏي اک کڻي نه ڏسڻ واريون زالون هونديون جن کي هن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.(سيد فرمان علي) انهن ۾ اکيون هيٺ ڪندڙ هونديون نه هٿ لڳايو هوندو انهن کي انسان انهن کان اڳي ۽ نه جن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ۾ هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون زالون هونديون جن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاتو هوندو. (مولانا محمد مدني) انهن (باغن) ۾ جهُڪيل (شرميلي) نگاهن واريون حورون هونديون جن کي انهن کان اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو نه ڪنهن جِنَ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هيٺ نگاهن، نوجوان، هَٿ نه لاتو، جَن جي جان، اِن کان اڳ، ڪِنهن جِن، اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (ڪنواريون) اهڙيون هونديون جهڙا (چمڪندڙ) ياقوت ۽ مرجان (جا مڻيا).(علامه علي خان ابڙو) اُهي (خوبصورتي ۾) ياقوت ۽ مرجان جهڙيون هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهڙيون سهڻيون جو) ڄڻ ته اهي (مجسم) ياقوت يا مرجان آهن.(سيد فرمان علي) ڄڻ ته اهي ياقوت ۽ مرجان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڄڻ ته اهي ياقوت ۽ مرجان آهن. (مولانا محمد مدني) اُهي (حورون) اهڙيون خوبصورت هونديون ڄڻڪ ياقوت ۽ مرجان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي ڪَر ياقُوت ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) نيڪيءَ جي بدلي ۾ چڱائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ملندو ڇا؟ (هرگز نه، چڱائيءَ جو نتيجو نيٺ چڱوئي ملندو).(علامه علي خان ابڙو) احسان (نيڪيءَ) جو بدلو احسان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا نيڪي جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو به آهي ڇا؟(سيد فرمان علي) ڇا احسان جو بدلو احسان کان سواءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلائي جو بدلو رڳي ڀلائي آهي. (مولانا محمد مدني) نيڪي جو بدلو صرف نيڪي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي بَدلو بيگمان، اِحسان جو، ري اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين سُهڻين صفتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻيا به ٻه باغ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن کان علاوه ٻه ٻيا باغ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه باغ ٻيا (به) آهن.(سيد فرمان علي) ۽ انهن ٻنهي کان سواءِ ٻه جنتون آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن ٻن (باغن) کان سواءِ (ٻيا) ٻه باغ آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ (انهن لاءِ) انهن ٻن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ (به) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن باغن ري بي گمان، ٻِيا ٻَه باغ، ڀَلا بستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (ٻئي باغ) روز ساوا هوندا.(علامه علي خان ابڙو) (اُهي باغ گھڻي ڀلاڻ جي ڪري) ٻئي ڪارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي (ٻئي) ڏاڍا گهاٽا سرسبز آهن.(سيد فرمان علي) ٻئي چهچ ساوا هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهي ٻئي) ڏاڍا ساوا آهن. (مولانا محمد مدني) اُهي ٻئي گهڻي ساوڪ سبب سياهي جي جهلڪ ڏئي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي حد ساوا بي گُمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ۾ ٻه چشما گهڻي پاڻيءَ وارا اڇلون ڏيئي وهندڙ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جيڪي ڦوهارن وانگر آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ چشما آهن.(سيد فرمان علي) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما ڦوهارا هڻندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي ۾ ٻه ٻه ڦوهارا هلندڙ ٻه چشما آهن. (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين ۾ ٻه (جوش سبب) ڇُلڪندڙ چشما آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَه تلاء تن ۾، بي گمان، مِثل ڦُوهارن، فرحت جان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي (اي جِنو! اي انسانو) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ٻن (باغن) ۾ قسمين قسمين ميوا هوندا ۽ کجين (جا ڏوڪا) ۽ ڏاڙهون به هوندا.(علامه علي خان ابڙو) انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ٻنهين ۾ ميوا ۽ خرما ۽ ڏاڙهيون آهن.(سيد فرمان علي) انهن ٻنهي ۾ ميوا آهن ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن. (مولانا محمد مدني) انهن ٻنهين ۾ ميوات ۽ کجور ۽ ڏاڙهون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِن ۾ ميون جا ميدان، خاصيون کجيون، ڏاڙهون ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ۾ نيڪ، پاڪ ۽ سهڻا ساٿي ملندا).(علامه علي خان ابڙو) انهن ۾ نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت عورتون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن باغن ۾ خوش خلق ۽ سهڻيون زالون هونديون.(سيد فرمان علي) انهن ۾ ڀليون، سهڻيون هونديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن (باغن) ۾ ڏاڍيون چٽيون سهڻيون زالون هونديون. (مولانا محمد مدني) انهن ۾ خوبصورت ۽ نيڪ سيرت زالون (حورون) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ۾ نارِيون نور نِشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي اهڙيون حورون عاليشان تنبن ۾ هونديون جن جون نظرون (شرم ۽ حياء جي ڪري) هيٺ کتل هونديون.(علامه علي خان ابڙو) پرده نشين حورون خيمن ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ڪارين اکين واريون حورون تنبن ۾ لڪل ويٺيون هونديون.(سيد فرمان علي) حورون پردي واريون تنبن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هي ڪارين اکين واريون گوريون زالون تنبن ۾ وهاريل هونديون. (مولانا محمد مدني) اهڙيون حورون جيڪي خيمن ۾ پرده نشين آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڻ ڪٽورا، نوجوان، حورون پَردن ۾ پنهان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو؟(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي ڪونه هوندو.(علامه علي خان ابڙو) ان کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاٿو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.(سيد فرمان علي) نه هٿ لڳايو هوندو انهن کي ڪنهن انسان انهن کان اڳي ۽ نه ڪنهن جن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن کي نه ڪنهن انسان۽ نه ڪنهن جِن انهن کان اڳي هٿ لاتو هوندو. (مولانا محمد مدني) انهن کي اڳ ۾ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو آهي ۽ نه ڪنهن جِنَ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَٿ نه لايو، جَن جي، جان، اِن کان اڳ ڪِنهن جِن، اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (جنتي) سبز ڪوچن تي ۽ سهڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا.(علامه علي خان ابڙو) اهي سَاون وِڇاڻن ۽ چِٽ ٿيل خوبصورت سفيد چادرن تي ٽيڪ هڻي ويهندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ساون غاليچن ۽ نفيس مسندن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا) هوندا.(سيد فرمان علي) ٽيڪون ڏيندڙ وهاڻن ساون تي ۽ پٿراڻين سهڻين تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ساون وهاڻن ۽ سٺين چاندنين تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا). (مولانا محمد مدني) (جنتي) سائي رنگ جي مَسندن ۽ خوبصورت چِٽِيَلَ چادرن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِر وِهاڻن ويٺل خان، جي سائـِرا، ۽ سَبز نِشان، سُهڻين سيجن تي سُلطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو نالو وڏين برڪتن وارو آهي. هو اعليٰ شوڪت وارو، وڏي شان ۽ سخا جو صاحب آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان جي رب جو نالو بابرڪت آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تنهنجو پروردگار جو جلال ۽ ڪرامت وارو آهي تنهن جو نالو وڏي برڪت وارو آهي.(سيد فرمان علي) برڪت وارو آهي نالو تنهنجي رب جو جلال وارو ۽احسان ڪرڻ وارو. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ واري تنهنجي پاليندڙ جو نالو وڏيءَ برڪت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) تنهنجي پالڻهار جو نالو وڏي برڪت وارو آهي جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) برڪت ڀريو بي گمان، نالو تُنهنجي، ربَّ، رحمان، جو صاحِب عِزَّت ۽ اِحسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |