054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
ويجهي ٿي قيامت ۽ چيريو چنڊ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياها گهڙي ويجهي اچي وئي ۽ (رسول جي معجزي سان) چنڊ ڦاٽي پيو
— مولانا محمد مدنيقيامت جي گهڙي ويجهو اچي پھتي ۽ چنڊ ٻه اڌ ٿي ويو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جيڪڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته جادو قديمي آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهوڏانهن اهي جيڪڏهن ڪابه نشاني ڏسندا ته منهن ڦيريندا ۽ چوندا ته هي جادو آهي جو اصل کان هليو اچي.
— مولانا محمد مدني۽ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪابه نشاني ڏسندا آهن ته منھن ڦيريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو شروع کان وٺي هلندڙ جادو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ ڪوڙو چيائون ۽ تابع ٿيا پنهنجين سڌن جا ۽ هر امر قرار وٺندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنهنجن خواهشن تي هليا ۽ سڀ ڪو ڪم (پنهنجي وقت ۾ ) ٿيڻ وارو آهي
— مولانا محمد مدني۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنھنجي نفساني خواهشن جي پويان لڳا. (بھرحال) هر ڪم پنھنجي وقت تي پورو ٿيندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ خبرن مان اهو جو ان ۾ جهڻڪ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳوڻن قومن جي) خبرن مان اهو ڪجهه آيو آهي جنهن ۾ دڙڪو آهي. اهو (دڙڪو) پوري پوري ڏاهپ (به آهي)
— مولانا محمد مدنيبيشڪ انهن ماڻهن وٽ (گذريل قومن جا) احوال اچي چڪا آهن، جن ۾ (کين) چتاءُ ڏنل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
حڪمت بالغہ پوءِ نه فائدو ڏنو ڊيڄاريندڙن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ عبرت جون ڳالهيون فائدو نه ٿيون ڏين.
— مولانا محمد مدنيان ۾ وڏي حڪمت ۽ نصيحت به ڪيل آهي. پر اهي ڳالهيون انهن تي اثر ئي نٿيون ڪن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
پوءِ منهن موڙ انهن کان جنهن ڏينهن سڏيندو سڏيندڙ انڪار ڪيل شيءِ ڏانهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان ڪري (اي پيغمبرﷺ!) تون انهن کان منهن موڙ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻوڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو.
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) بس توهان انهن ماڻهن کي (ان ڏينھن تائين) ڇڏي ڏيو جنھن ڏينھن سڏڻ وارو (ملائڪ) کين اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانھن سڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽوخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
چمڪندڙ هونديون اکيون انهن جون نڪرندا قبرن مان ڄڻ ته اهي مڪڙ ٽڙيل آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان ڏينهن جهڪين اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻ ته اهي پکڙيل مڪڙ آهن.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هي ماڻهو پنھنجي ڪومايل اکين سان قبرن مان ايئن نڪرندا ڄڻ ته کنڊڙيل ماڪڙ هجي.
— عبدالسلام ڀُٽومُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
ڊوڙندڙ سڏيندڙ ڏانهن چوندا ڪافر ته هي ڏينهن ڏکيو آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) ته هي سخت ڏينهن آهي.
— مولانا محمد مدنيهو سڏڻ واري ڏي ڀڄندا ويندا. (ان وقت) ڪافر چوندا ته هي ته تمام ڏکيو ڏينھن آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
ڪوڙو ڀانيو انهن کان اڳي نوح جي قوم پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو چيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ جهڻڪيو ويو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ ان کي ڌمڪايو ويو.
— مولانا محمد مدنيانهن کان اڳ نوح ($) جي قوم به (ان ڳالهه کي) ڪوڙو سمجهيو ۽ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيو ۽ چيو ته هي ديوانو آهي ۽ (کيس) دڙڪا به ڏنا .
— عبدالسلام ڀُٽوفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ پنهنجي رب کي سڏيائين ته بيشڪ مان مغلوب آهيان پوءِ مدد ڪر .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته آءُ عاجز ٿي ويو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هُن پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ته بيشڪ مان بي وس ٿي ويو آهيان. بس! انهن ماڻهن کان تون ئي بدلو وٺ.
— عبدالسلام ڀُٽوفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ کولياسون دروازا آسمانن جا پاڻي زور سان وهندڙ سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.
— مولانا محمد مدنيپوءِ اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات لاءِ کولي ڇڏيا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ وهايوسون زمين کي چشما ڪري پوءِ مليو پاڻي ان مقدار تي جيڪو مقدر ڪيو ويو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. پوءِ پاڻي ان ڪم لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هو.
— مولانا محمد مدني۽ زمين مان چشما جاري ڪري ڇڏيا. پوءِ پاڻي (چوڌاري) گڏ ٿي ويو ان ڪم لاءِ جنھن جو فيصلو ڪيو ويو هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ کنيوسين ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو
— مولانا محمد مدنيپوءِ اسان (نوح $) کي تختن ۽ ڪلين واري ٻيڙي تي سوار ڪيو .
— عبدالسلام ڀُٽوتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
هلي ٿي اسان جي اکين آڏو بدلو ٿي ان لاءِ جو انڪار ڪيو ويو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجا اسان جي اکين اڳيان ٿي هلي ان شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي
— مولانا محمد مدنيجيڪو اسان جي حفاظت ۾ هلي رهيو هو. ( انهن ماڻهن) جنھن شخص جي بي قدري ڪئي هئي هي ان جو بدلو هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ البته تحقيق ڇڏيوسون ان کي نشاني ڪري پوءِ ڪونصيحت قبول ڪندڙ آهي؟ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي (عبرت لاءِ) هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيپوءِ اُن ٻيڙي کي هڪ نشاني ٺاهي ڇڏيو. پوءِ آهي ڪير نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو.
— مولانا محمد مدنيپوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟
— مولانا محمد مدني۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟
— عبدالسلام ڀُٽوكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
ڪوڙو چيو عاد پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريعاد جي قوم ڪوڙو ڪيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو.
— مولانا محمد مدنيعاد قوم به ڪوڙو ڪيو. پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
بيشڪ اسان موڪليو انهن تي واءُ تيز هڪ منحوس، هميشہ واري ڏينهن ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ اسان مٿن هميشه رهندڙ بدبختي جي ڏينهن ۾ سخت هوا کي موڪليو،
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اسان انهن جي مٿان هڪ نڀاڳ کنيل واري ڏينھن زبردست طوفاني هوا موڪلي.
— عبدالسلام ڀُٽوتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
پٽيائين ٿي ماڻهن کي گويا اهي ٿڙ آهن کجيءَ پاڙان پٽيل جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.
— مولانا محمد مدنيجيڪا ماڻهن کي ايئن پئي ڪيرائي ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجيءَ جا کوکلا ٿُڙ هُجن.
— عبدالسلام ڀُٽو