توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالطّورِ (آيت : 1) |
(جبل) طُور جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) طور شاهد آهي.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي طور سينا جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (جبل) طور جو قسم(سيد فرمان علي) قسم آهي طور جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (جبل) طور. (مولانا محمد مدني) (جبل) طور جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک سڳوري طُور جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (خدائي) ڪتاب شاهد آهي جو لکيل آهي .(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي لِکيل ڪتاب (قرآن ڪريم) جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان ڪتاب (لوح محفوظ) جو (سيد فرمان علي) ۽ ڪتاب لکيل جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ کليل ڪاغذ ۾(مولانا محمد مدني) ۽ لکيل ڪتاب جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ قلم بَند ڪتاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ کليل اڻ ويڙهيل ڪاغذ تي آهي (جنهن ڪري هرڪو پڙهي ٿو سگهي).(علامه علي خان ابڙو) جيڪو کليل دفتر ۾ تحرير ٿيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو ڪشادن ورقن ۾ لکيل آهي(سيد فرمان علي) کليل دفتر ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) لکيل ڪتاب(مولانا محمد مدني) جو کليل صحيفي ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو لِکيل پکڙِيل پَنن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آباد گهر (الله جو) پڻ شاهد آهي.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي بيت المعمور جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيت المعمور جو (جيڪو ڪعبي جي بلڪل مٿان فرشتن جو قبلو آهي)(سيد فرمان علي) ۽ بيت معمور جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آباد گهر ۽ مٿاهين ڇت (مولانا محمد مدني) ۽ آباد گهر (يعني فرشتن جي ڪعبي) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ گَھر سدا سيراب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (آسمان جي بي انتها) اونچي ۽ بلند ڇت به شاهد آهي.(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي بلند آسمان جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ مٿاهين ڇت (آسمان) جو،(سيد فرمان علي) ۽ ڇت مٿي کنيل جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڀريل درياءَ جو قسم آهي (مولانا محمد مدني) ۽ مٿاهين ڇت جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇِت اُڀي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ لهرون هڻندڙ سمنڊ به شاهد آهي ته،(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي ڀريل سمنڊ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو قسم،(سيد فرمان علي) ۽ سمنڊ اڀاميل جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو (مولانا محمد مدني) ۽ ڀريل سمنڊ جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀامندڙ، گونا گون گِرداب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو عذاب يقيناً ضرور اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ توهان جي رب جو عذاب ضرور ايندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اوهان جي پروردگار جو عذاب ضرور ٿيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب البته واقع ٿيندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) عذاب ٿيڻ وارو آهي، (مولانا محمد مدني) بيشڪ تنهنجي پالڻهار جو عذاب ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته تُنهنجي پَروَر پاڪ جو، اَچڻو آھِ عذاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ان کي ڪو به ٽاري ڪونه سگهندو.(علامه علي خان ابڙو) انهي کي ڪوبه دفع ڪندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ان کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي) ناهي ان جو ڪو دفع ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڪو ان کي هٽائڻ وارو نه آهي. (مولانا محمد مدني) ان کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگزروز حِساب، جنهن کي جَھلِيندڙ ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڏينهن آسمان سخت ٿرٿلي ۾ اچي ويندو (وڏو انقلاب برپا ٿي ويندو).(علامه علي خان ابڙو) جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڦِرندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح چڪر ڪاٽڻ لڳندو.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن چرندو آسمان چرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڪنبندو ۽ (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن آسمان ٿر ٿر ڪنبدو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏينهن اُڀ ڇُلندو، ڪر لَهريون دَرياءَ لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ايتري قدر ٿرٿلو ٿيندو جو خود) جبل به هيڏي هوڏي ڀڄندا رهندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جبل چڱيءَ طرح سير ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جبل اڏڻ لڳا.(سيد فرمان علي) ۽ هلندا جبل هلڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جبل چڱيءَ طرح هَلندا، (مولانا محمد مدني) ۽ جبل تيزيءَ سان هلڻ لڳندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌاڍا ڏنگر ڏيہ جا، چَلن چڱِئَ چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (يقين ڄاڻو ته) انهيءَ ڏينهن (يعني انقلاب واري زماني ۾) حق کي نه مڃيندڙن لاءِ مصيبت مچي ويندي (۽ تباهيءَ کي اکين آڏو ڏسندا).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙن لاءِ ويل هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سيد فرمان علي) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙ لاءِ وڏي خرابي آهي، (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾، ڪاڙهو ڪُوڙن نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي بيهودين (عيش عشرتن) ۾ کيل تماشا ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) اُهي ماڻهو راند روند ۾ مشغول آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي ماڻهو باطل (ڪمن) ۾ پيل کيڏي رهيا آهن.(سيد فرمان علي) اهي جيڪي اجائي ڳالهه ۾ راند ڪندا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جي (اجائي) ڳالهائڻ ۾ رانديون ڪري رهيا آهن، (مولانا محمد مدني) جيڪي بيهودي ڳالهين ۾ پئجي کيڏي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مَنجِهين خام خيال، رهن ڪندا رانديون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڏينهن کين جهنم جي باهه ڏانهن سختيءَ سان ڌڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن جهنم جي باه ڏانهن ڌڪو ڏئي (انهن کي) ڌڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن دوزخ جي باھ ڏي ڌڪيو ويندن.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن ڌڪا ڏنا ويندا جهنم جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن باهه ڏي ڌڪا ڏنا ويندن. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن جهنم ڏانهن ڌڪا ڏئي هڪليا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏينهن ڌِڪي ڌِڪبا، دَڳ دوزخ جي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ کين چيو ويندو ته) هيءَ اٿوَ اها باهه جنهن کي توهان ڪوڙو ٺهرائيندا هئو (يعني توهان چوندا هئو ته، خالي دڙڪا آهن. اسان تي عذاب ڪونه ايندو. اسان زور وارا ماڻهو آهيون.)(علامه علي خان ابڙو) هي اُها باه آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (چئين) ته هيءَ باھ اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) هي باهه آهي جنهن کي اوهان ڪوڙو چيو ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (۽ چئبن ته) هيءَ باهه اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني) (چيو ويندو) ”هيءَ آهي اُها جهنم جي باهه جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِهائي آڳ هِي، جنهن کي ڏِنان ڪوڙ قرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟(علامه تاج محمود امروٽي) (کين هي به چيو ويندو ته) پوءِ ڇا هي سڀ ڪوڙو ٺاهه آهي؟ يا هيئن آهي ڇا ته توهان (انڌا آهيو ۽) ڏسي نٿا سگهو.(علامه علي خان ابڙو) ڇا هي سِحر آهي يا توهان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ جادو آهي هيءَ يا اوهان نٿا ڏسو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟ (مولانا محمد مدني) (ٻڌايو) ڇا پوءِ هي جادو آهي؟ يا توهان ڏسو نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي نظر بَندِي نِبار، يا اَوهِين اکين کان نه ڏِسو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي) (هاڻي) سڙو انهيءَ باهه ۾، هاڻي صبر ڪيو يا (روڄ راڙو ڪيو ۽) صبر وڃائي ويهو، اوهان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي (هاڻي نڪي صبر مان ڪجهه ورندو، نڪي روڄ راڙي مان ڪجهه ورندو) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪندا هئو، تنهن جو ئي بدلو اوهان کي ملي رهيو آهي (نه گهٽ نه وڌ. اوهان سان ڪجهه به بي انصافي ڪانه ڪئي ويئي آهي.)(علامه علي خان ابڙو) توهان جهنم ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان (ان ۾) صبر ڪريو يا نه صبر ڪريو ٻئي پاسا توهان لاءِ برابر آهي، توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالھ آهي. اوهان کي ته رڳو اهو ئي بدلو ملندو جيڪي ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) داخل ٿيو ان ۾ پوءِ صبر ڪيو يا نه صبر ڪيو برابر آهي اوهان تي ۽ بدلو ڏنا وڃو ٿا اوهان ان جو جيڪو ڪندا هيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪي اوهين ڪندا هئو رڳو ان جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني) ان ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان صبر ڪيو يا نه ڪيو اوهان لاءِ برابر آهي. توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو جهڙا اوهان ڪم ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙو اُن ۾ آھِ، پوءِ، سَرکو اوهان سِر، ته صَبر ڪريو اِن ساڙ تي، يا سَهو ڪِين صَبر، نه ماڻِيندا مگر، جيڪِي ڪيان جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً متقي (پرهيزگار) ماڻهو باغن ۾، وڏين نعمتن ۽ خوشين ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ نعمت ۾هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ (رهندا) (مولانا محمد مدني) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت رَکندڙ سِيل کي، مَنجھ باغن برقرار، ۽ سَڀ ڪنِهن طرح سُکن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، ماڻِيندا موج سان، ميوا مڃر ملهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي (نعمتون) سندن پروردگار کين عطا ڪندو سي وڏي خوشيءَ سان ماڻيندا. ۽ سندن پروردگار کين جهنم جي عذاب کان (يا انقلاب جي مصيبتن کان) بچائي وٺندو.(علامه علي خان ابڙو) اهي خوش آهن ان تي جيڪو کين سندن رب عطا ڪيو آهي، ۽ سندن رب کين جهنم جي عذاب کان بچايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي (نعمتون) سندن پالڻهار انهن کي ڏنيون آهن تن جا مزا ماڻي رهيا آهن. ۽ انهن جو پروردگار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.(سيد فرمان علي) خوش ٿيندڙ ان تي جيڪو ڏنو انهن کي سندن رب ۽ بچايائين انهن کي سندن رب دوزخ جي عذاب کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي سندن پاليندڙ انهن کي ڏنو آهي ۽ سندن پاليندڙ انهن کي باهه جي عذاب کان بچايو آهي (مولانا محمد مدني) مزا ماڻيندا انهن (نعمتن) مان جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون ۽ سندن پالڻهار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن مان، جي عَطا ڪَئـِين، پَنهنجي پالڻهار، پڻ دوزخ جي داڳ ڪنان، سَندنِ رَبَّ، ستار، اَمن ڏِنو اُنهن کي؛ اَمر ٿيو اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ کين چيو ويندو ته) پنهنجن نيڪ عملن جي بدلي ۾ (هاڻي) مزي سان (۽ امن امان ۾) کائو پيئو.(علامه علي خان ابڙو) توهان کائو ۽ پيئو بنا ڪنهن تڪليف جي انهيءَ سببان جو توهان عمل ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ جيئن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو، انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.(سيد فرمان علي) کائو ۽ پيئو مزو وٺندڙ ان سان جيڪي ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تنهن جي ڪري خوشيون ڪندا (۽ چئبن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. (مولانا محمد مدني) (چيو ويندو) ”کائو ۽ پيئو مزي سان انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته کائو پيو، خوشيون ڪريو، اِن عملن جي آڌار، ڪندا هئا ڪم ڪار، جيڪي هِن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) هو قطارن ۾ رکيل (شاندار) ڪوچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا ۽ اسان کين وڏين ۽ چمڪندڙ اکين وارن سنگتين سان ملائينداسين.(علامه علي خان ابڙو) هموار تختن تي ٽيڪ ڏيئي صفون ٻڌي ويهندڙ هوندا ۽ اسين انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان جوڙا بنائينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسون.(سيد فرمان علي) ٽيڪون ڏيندڙ تختن قطارون لڳايلن تي ۽ پرڻايوسون انهن کي حورن وڏين اکين وارين سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي. ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين گورين زالن سان شادي ڪرائينداسون. (مولانا محمد مدني) اُهي قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا ۽ اسان انهن کي دلڪش اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڪيو ڏِنل تختن مَٿي، جي صِف سان، صف قطار، پڻ پَرڻايو سون اُنهن کي، ڏيئـِي ڏاج اَپار، حورون حَيادار، وَڏِيُن اکيُن واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي سندن اهل اولاد جا ماڻهو ايمان بابت سندن نقش قدم تي هليا (يعني سندن روش اختيار ڪيائون) تن سڀني کي اسان هڪٻئي سان ملائينداسين، ۽ سندن عملن (جي بدلي ۾ مليل نعمتن) مان اسان ڪجهه به نه گهٽائينداسين، هرهڪ شخص پنهنجي ئي عملن جو پورو پورو نتيجو پائيندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن جي اولادن ايمان آڻڻ ۾ سندن تابعداري ڪئي، اسان انهن جو اولاد انهن سان ملايو ۽ اسين انهن جي عملن مان ڪابه شيءِ گھٽ نه ڪنداسين، هر ڪافر ۽ فاسق پنهنجي ڪيل عمل لاءِ ذميدار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد به ايمان ۾ سندن ساٿ ڏنو ته اسين انهن جي اولاد کي به سندن درجي تائين پهچائي ڇڏينداسون ۽ اسان سندن عملن مان ڪجھ به گهٽ نه ڪنداسون، سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ ۾ ڳھ ٿيل (گروي) آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جن ايمان آندو ۽ تابعداري ڪئي سندن انهن جي اولاد ايمان سان ملائينداسون انهن سان اولاد انهن جو ۽ گهٽائينداسون انهن کان عمل انهن جي مان ڪجهه به هر مرد ان ۾ جيڪي ڪمايائين گروي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان سان سندن پيروي ڪئي تن جي اولاد کي انهن تائين اسين پهچائي ڇڏينداسون ۽ سندن عملن (جي بدلي) مان کين ڪجهه به گهٽائي نه ڏينداسون. سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائي ۾ ڳهه ٿيل (ڦاٿل) آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن اولادَ ايمان ۾ سندن پيروي ڪئي ته اسان سندن اولاد کي (درجات ۾) انهن تائين پهچائينداسين ۽ اسان انهن (صالح آباء و اجداد) جي ثوابِ اعمال ۾ به ڪا ڪمي ڪونه ڪنداسين. (انهن کان سواءِ) هر ماڻهو پنهنجي عمل سبب گروي هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جَن اِيمان، پڻ اولاد اُنهن جو، پارِيؤَن سَندنِ پيروِي، ٿِي مُؤمن، مُسلمان، اُنهن سان سَندِن اولاد کي، ميڙيوسون ڏيئـِي مان، اوڇِي اُنهن جي عَملن مان، ڪَئـِي سون ڪوڏِي ڪانه ، هر شخص آهي اُن ۾، گِروِي بي گمان، جيڪِي مَنجھ جھان، ڪيا هُوندائـِين ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان هنن کي ميوا ۽ گوشت ڏيندا رهنداسين، اهڙا جهڙا هو چاهيندا ۽ پسند ڪندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان انهن (بهشتين) جي ميون ۽ پڪل گوشتن ۾ (وقتاً فوقتاً) اضافو ڪنداسين جيڪو پاڻ پسند ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا وڌائي ڏينداسون.(سيد فرمان علي) ۽ مدد ڪئي اسان انهن جي ميون ۽ گوشت سان ان مان جيڪي خواهش رکندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا ڏينداسون. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان کين ميوا ۽ گوشت ۽ جيڪو ڪجهه چاهيندا وڌ کان وڌ ڏيندا رهنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميوا ۽ ماس ڪيا، اَسان اُنهن تي اِمداد، مُوجِب مَن مُراد، جِهڙا گُھرن، جِنهن گھڙِئَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.(علامه تاج محمود امروٽي) هو ان (بهشت) ۾ اهڙو پيالو (شربت جو) هڪٻئي ۾ ڦيرائيندا رهندا جنهن ۾ ڪابه بيهودگي (يعني نشو وغيره) ڪونه هوندو، نڪي ان ۾ ڪا گناهه جهڙي ڳالهه هوندي.(علامه علي خان ابڙو) اهي بهشت ۾ هڪ ٻئي سان (شراباً طهورا) جا پيالا وٺندا، نه ان ۾ اجائي بڪ هوندي ۽ نه ان ۾ ڪو گناه هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اتي (خوش خبريءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان شراب جو پيالو پيا ڇنندا جنهن ۾ نڪا بيهودگي آهي ۽ نه گناھ.(سيد فرمان علي) ڏيندا وٺندا ان ۾ پيالا ناهي اجائي ڳالهه انهن ۾ ۽ نه گناهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اتي (خوش طبعيءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان (شراب جو) پيالو پيا ڇننداجنهن ۾ نڪي بڪڻ ۽ نه (ڪنهن تي) ڏوهه رکڻ ٿيندو. (مولانا محمد مدني) اتي هڪ ٻئي کان (پاڪ شراب جا) پيالا پيا وٺندا ان (شرابِ طهور) ۾ نه ڪو بيهودو بَڪَڻُ هوندو ۽ نه گناهه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِڪ ٻِئي جي هَٿن مان، وَٽيون وِير ڇِڪِين، جِنهن ۾ وِڦلن وائـِي ڪِين، پڻ ذَرو زِيان ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هنن جي چوڌاري سندن (خدمت لاءِ سهڻا) ڇوڪرا ۽ نوجوان ڦرندا رهندا، جيڪي لڪايل موتين وانگر (چمڪندڙ، بي داغ معصوم) هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن جي چوڌاري (خدمت لاءِ) انهن جا غلام هوندا گوياڪِ اهي پوشيده موتي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ خدمت لاءِ) اهڙا (ڳڀرو) ڇوڪرا انهن جي چوگرد پيا گهمندا ڦرندا جي (سهڻائپ ۽ جمال ۾ ڄڻ ته احتياط سان رکيل موتي آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ڦرندا انهن تي غلمان انهن جا ڄڻ ته اهي موتي ڍڪيل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندن اڳيان (سندن خدمت لاءِ) اهڙا ڇوڪرا پيا ايندا ويندا جي ڄڻ ته (سپن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن جي چوڌاري نو عمر ڇوڪرا هلي گهمي رهيا هوندا جيڪي ڄڻ ته (سِپُن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نوڪر، نِينگر اُنهن جا، ڀيرا ڪن بَرسِر، صُورت سُهڻا ڪَر، سَچاموتِي سِپ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهي (جنتي ماڻهو خوشي ۽ محبت ۾) هڪٻئي ڏانهن وڌي ايندا ۽ هڪٻئي کان (عجيب عجيب) سوال پڇندا (۽)(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي (بهشت ۾) هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کان خبرچار پڇندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري (مزي جون) ڳالهيون ڪندا.(سيد فرمان علي) ۽ سامهون ٿيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن هڪ ٻئي کان پڇندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ لاءِ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿيندا. (مولانا محمد مدني) ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن متوجهه ٿي (دنيا ۾ گذريل احوال بابت) سوال ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هڪ ٻِئي ڏي مُنهن ڪري، پُڇن حَقِيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.(علامه تاج محمود امروٽي) چوندا ته، اسان اڳي پنهنجي ماڻهن (۽ اهل اولاد) بابت ڊڄندا هئاسين (ته مرڻ کان پوءِ خبر ناهي ته وري ملنداسين يا نه).(علامه علي خان ابڙو) اهي چوندا بيشڪ اسين هن کان اڳ ۾ پنهنجي گھر ۾ خوفزده هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن مان ڪي چوندا ته اسين پنهنجي گهر ۾ اڳي (خدا کان ڏاڍا) ڊڄندا هئاسون.(سيد فرمان علي) چوندا بيشڪ اسين هئاسون اڳ ۾ پنهنجي اهل ۾ ڊڄندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چوندا ته بيشڪ اسين هن کان اڳ پنهنجن گهرن ۾ ڊڄندا هئاسون. (مولانا محمد مدني) چوندا: ”بيشڪ اسان هن کان اڳ پنهنجي گهرن ۾ (الله جي ڏمر کان) ڊڄندا رهندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَريَن پاٻوهيو تڏهن، چيائون اِهڙِي چال، ته هُئاسون هِيان هو راڳ، مَنجھ پَنهنجي آل عيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.(علامه تاج محمود امروٽي) پر الله تعاليٰ اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي ۽ اسان کي (جهنم جي) ساڙيندڙ هوا جي عذاب کان بچائي ورتو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله تعالى اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته خدا اسان تي وڏو احسان ڪيو جو اسان کي (دوزخ جي) لوءِ جي عذاب کان بچايو.(سيد فرمان علي) پوءِ احسان ڪيو الله اسان تي ۽ بچايائين اسان کي عذاب باهه جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي لُوءِ جي عذاب کان بچايو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي گرم هوائن جي عذاب کان بچايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان تي اَلله ڪيا، ڪيڏا ڪَرم ڪمال، ۽ اسان کي، اِيئن عذاب کان، بَچائـِين بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سچ پچ اسان اڳي الله تعاليٰ کي (پنهنجي مغفرت لاءِ) پڪاريندا هئاسين، سچ پچ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اسان هن کان اڳ ۾ سندس عبادت ڪندا هئاسين، بيشڪ اهو احسان ڪندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (هن کان) اڳي اسين ان (جي بچڻ) کان دعائون گهرندا هئاسون بيشڪ اهو احسان ڪندڙ مهربان آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان هئاسون اڳ ۾ عبادت پيا ڪيون ان جي بيشڪ اهو ئي احسان ڪندڙ، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسين هن کان اڳ ان کي سڏيندا هئاسون. بيشڪ اهوئي ڀلائي ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان پوئين زندگي ۾ ان کان دعائون گھرندا هئاسين. بيشڪ اُهو ئي ڀلائي ڪندڙ ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اَڳيئـِي ٿي چَيو، ته آھِ اُهو هَر حال، ڀَلو ڪندڙ ڀال، تَرسوند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون نصيحت ڪندو رهه. ڇو ته خدا جي فضل سان تون نڪي منتري جوڳي آهين ۽ نڪي ديوانو آهين. (ڪافر توتي اهي ۽ ٻيا نالا ٿا رکن پر تون پرواهه نه ڪر).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو ڇو ته توهان پنهنجي رب جي نعمت سان نه ڪاهن آهيو ۽ نه مجنون آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون پنهنجي پروردگار جي فضل سان نه اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين.(سيد فرمان علي) پوءِ نصيحت فرماءِ پوءِ ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت سان ڀوپو ۽ نه چريو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبر) تون سمجهائيندو رهه ڇو ته تون پنهنجي پاليندڙ جي نعمت ڪري نه ته (جنن ۽ شيطانن جي واسطي سان) اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين. (مولانا محمد مدني) سو تون نصيحت ڪندو رهه پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت سان نه ته تون اڳڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه مجنون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَرِي وَرِي اُنهن ۾، پرين! ڪر پَچار، پوءِ پَنهنجي پالڻهار جِي، نِعمت ساڻ نِبار، تون نجومي نه آهِين، پڻ نه دِيوانو دِلدر!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) يا اهي (ڪافر تنهنجي بابت) هيئن ٿا چون، ڇا ته هو شاعر آهي، جنهن لاءِ اسان زماني جي ڪنهن آفت جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(علامه علي خان ابڙو) يا اهي (ڪافر) چون ٿا ته اهو (رسولِ عربي) شاعر آهي (۽) اسين ان لاءِ زماني جي انقلاب جو انتظار ڪريون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا (تو کي) اهي ماڻهو چون ٿا ته (هي) شاعر آهي (۽) اسين ته ان (ڳالھ) جي باري ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(سيد فرمان علي) ڇا چون ٿا ته شاعر آهي انتظار ڪيون ٿا اسين ان سان زماني جي حادثي جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته هو (هيئن) چون ٿا ڇا ته هي شاعر آهي، مٿس زماني جي گردش اچڻ جو انتظار ڪريون ٿا. (مولانا محمد مدني) ڇا (ڪافر) چون ٿا ته تون شاعر آهين! اسان هن تي زماني جي حادثن (يعني موت) جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، شاعِر چَون شو م سي؟ ته پياڪڍون اِنتظار، اِن تان اَچڻ هار، ڪِنهن واقِع وارِي وار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، ڀلي ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسڻ ۽ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. پاڻهي ڏسندو ته حق غالب پوندو).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان انتطار ڪريو، بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون چوين ته (چڱو) اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار سان رهيو آهيان.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته انتظار ڪيو پوءِ بيشڪ مان انتظار ڪندڙن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (تون) کين چئو ته انتظار ڪريو ڇو ته آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. (مولانا محمد مدني) چؤ توهان انتظار ڪيو پوءِ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ته اَڙي اڄاڻ!، ڀلي ڏِسو ڪِهن ڏِينهن کي، آهيان اَوهان ساڻ، آئون بِه، ڏِينهن ڏِسندڙ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يا هيئن آهي ڇا ته، سندن عقل ۽ سمجهه کين اهائي ڳالهه ٿي سيکاري؟ (نه نه! هو عقل ته هلائين ئي ڪونه ٿا) يا هيئن آهي ڇا ته هو اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (ضد ۽ خود غرضيءَ سببان ظلم جي راهه ۾) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهن؟ (حقيقت اها ئي آهي).(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن کي سندن عقل ايئن چون ٿا؟ يا اهي سرڪش ماڻهو آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالھ سيکارين ٿا يا ته اهي آهن ئي سرڪش ماڻهو.(سيد فرمان علي) ڇا امر ڪن ٿا انهن کي عقل انهن جا هن جو يا اهي قوم سرڪش آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته سندن عقل انهن کي اها ڳالهه سيکارين ٿا يا ته اهي شرارتي ماڻهو آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالهه چوڻ سيکارن ٿا يا اهي سرڪش ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اَمر ڪَننِ اِن ڳالھ جو، سَندنِ خواب خيال؟ آيا آهن اِهي اَصل ئـِي، ڪا ڍور قوم ڪُلال؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي) يا هئين ٿا چون ڇا ته هن (يعني حضرت محمدﷺ) پنهنجو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ (۽ خدا هن ڏي وحي ڪونه ٿو موڪلي) پر حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي ايمان يا يقين آهي ئي ڪونه، (هو رڳو گمانن ۽ وهمن ۾ ٿاڦوڙا پيا ٿا هڻن.)(علامه علي خان ابڙو) يا (اهي) چون ٿا ته رسولِ عربي قرآن ڪريم کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ بلڪ اهي ايمان نٿا آڻين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا! اهي ماڻهو چون ٿا ته هن قرآن کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ ڳالھ هئين آهي ته اهي ايمان ئي نه ٿا رکن.(سيد فرمان علي) يا چون ٿا ته ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ نه ٿا ايمان آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته هو (هيئن) چون ٿا ته هي (قرآن) پاڻ بڻايو اٿس (اها ڳالهه دل ۾ ته ڪانه اٿن) پر هو ايمان نه ٿا آڻين. (مولانا محمد مدني) ڇا اهي (هيئن) چون ٿا ته ان هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي (ائين ناهي) بلڪه اهي (خود) ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ چون ته چڱن پاڻهِين، هِي جوڙِي مُنهن مقال؟ بَلڪ حقيقت حال، ته حق نه مَڃِين مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي) (جيڪڏهن ائين ٿا سمجهن ته قرآن الله جو ڪلام ناهي ۽) جيڪڏهن پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهن ته ڀلا اهڙي قسم جو ڪلام ٺاهي آڻي ڏيکارين ته سهي. (اهڙو ڪلام اڄ تائين ڪوبه ٺاهي نه سگهيو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ڀلي ته اهڙي ڳالهه ٺاهن جيڪڏهن اهي سچا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اهي ماڻهو جيڪڏهن سچا آهن ته اهڙو ئي ڪلام بڻائي ته آڻين.(سيد فرمان علي) پوءِ ڀل ته آڻين ڳالهه ان جهڙي جيڪڏهن آهن سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام (بنائي) آڻين. (مولانا محمد مدني) (ڀلا! )ان جهڙو ڪو ڪلام آڻي ته ڏيکارن جي اهي سچا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي سَچو سَمجھن پاڻ کي، مَنجِھين خان خيال، پوءِ جوڙي جِھڙسِ ڳالھ، آڻي رَکن اڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي) يا هيئن آهي ڇا ته، هو عدم مان پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پيا آهن يا پاڻ ئي خالق آهن؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا اهي بنا خالق جي پيدا ڪيا ويا؟ يا اهي پاڻ خالق آهن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اهي ماڻهو ڪنهن جي (پيدا ڪرڻ) کان سواءِ ئي پيدا ٿي پيا آهن يا اهي ئي ماڻهو (مخلوقات کي) پيدا ڪرڻ وارا آهن؟(سيد فرمان علي) يا پيدا ڪيا ويا ڪنهن شيءِ کان سواءِ يا اهي پيدا ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته اهي پاڻ ئي پيدا ٿيا آهن يا ته اهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا اُهي ڪنهن پيدا ڪرڻ واري بغير پيدا ڪيا ويا آهن يا اُهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پيدا، ناپيد مان، وِيا ڪَيا قُدرت ساڻ، يا پَنهنجو آهِن پاڻ، پيداڪندڙ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي) يا هيئن آهي ڇا ته هنن پاڻ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي؟ نه نه! حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي (علم ۽) يقين (ئي) ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪيو؟ بلڪِ اهي يقين نٿا رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا انهن ئي سڀ آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا آهن (نه! بلڪل نه!) پر اهي يقين نه ٿا رکن.(سيد فرمان علي) يا پيدا ڪيائون آسمانن ۽ زمينن کي بلڪ نه ٿا يقين رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته آسمانن ۽ زمين کي پاڻ پيدا ڪيو اٿن پر اهي نٿا وسهن. (مولانا محمد مدني) ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن پاڻ پيدا ڪيو آهي (ائين ناهي)، بلڪه اُهي يقين نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پاڻئُون تَن پيدا ڪيا، جمله اُڀ، زمين، بَلڪ اِهي بي دِين، آڻِين يَقِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي) يا هئين آهي ڇا ته، تنهنجي پرورگار جا خزانا هنن وٽ آهن؟ يا (جهان جي ڪاروبار جا) داروغا يا مئنيجر پاڻ آهن؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن وٽ توهان جي رب جا خزانا آهن يا اهي پاڻ خود مختيار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا ته انهن وٽ تنهنجي پروردگار جا خزانا آهن يا ته اهي ئي حاڪم آهن.(سيد فرمان علي) يا انهن وٽ تنهنجي رب جا خزانا آهن يا اهي داروغا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته انهن وٽ تنهنجي پاليندڙ جا خزانا آهن يا ته اهي ئي داروغا آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن يا ته اُهي ئي داروغا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ياتُنهنجي پَروَرپاڪ جا، ڀانڊارا ڀَرپُور، مِڙِئـِـي وَٽن مُور، يا اُٽلو آهِن ايلچِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.(علامه تاج محمود امروٽي) يا وٽن ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا (جنهن تي چڙهي) هو (خدائي راز ۽ حقيقتون) ٻڌي ٿا اچن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته هنن مان ڪوبه ٻڌندڙ چٽي چٽي ثابتي ته پيش ڪري. (پر ائين هرگز ناهي.)(علامه علي خان ابڙو) يا انهن وٽ ڏاڪڻ آهي جو ان تي اهي غيب جون ڳالهيون (آسمان تان) ٻُڌن ٿا. پوءِ ڀلي ته انهن جو ٻڌندڙ ڪو واضح دليل پيش ڪري؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي (چڙهي آسمان مان) ٻڌي وٺن ٿا. جيڪو ٻڌي ايندو هجي سو ڪو صاف دليل (ته) کڻي اچي.(سيد فرمان علي) يا انهن جي لاءِ ڪا ڏاڪڻ آهي جو ٻڌن ٿا ان ۾ پوءِ ڀل آڻي ٻڌندڙ انهن جو دليل روشن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تان ٻڌي وٺن ٿا پوءِ انهن جو ٻڌڻ وارو ڪو صاف دليل کڻي اچي. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي ان ۾ (چڙهي آسماني ڳالهيون) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ جو انهن ۾ ٻڌڻ وارو آهي سو ڪو پڌرو دليل آڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُنهن وَٽِ چاڙِهي آهي ڪا، جنهن تي، ٻُڌن ٻول ڌڻي، پوءِ کُليو خَط کـڻِي، وَر آڻي ، ٻُڌندڙ اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) الله کي ته ڌيئر آهن (جن جو ڄمڻ پاڻ لاءِ پسند ڪونه ڪندا آهيو) باقي پنهنجي لاءِ پٽ (ٿا چاهيو)؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا ان کي (الله کي) نياڻيون آهن ۽ توهان کي پُٽَ آهن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا خدا لاءِ ته ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن.(سيد فرمان علي) يا ان جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان جي لاءِ پٽ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته ان لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا ان (الله) لاءِ نياڻيون آهن ۽ اوهان لاءِ پُٽ آهن!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا آهِن الله پاڪ لئي، ڌيون نِماڻو ڌَڻ، ۽ جو ڄاڻن عُمدو ڄَڻ، سي پُٽ سَمجھن پاڻ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (اي پيغمبر! هيئن آهي ڇا ته) تون کانئن اجورو گهرين ٿو (۽ وڏيون رقمون وٺين ٿو) جنهن جي ڪري هو قرضن جي بار هيٺ اچي ويا آهن؟(علامه علي خان ابڙو) يا توهان انهن کان (تبليغ جي عيوض) اجورو گُهرو ٿا، پوءِ اهي چَٽي ۾ زيرِ بار آهن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا ته انهن کان تون (رسالت جي تبليغ) بابت ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چٽيءِ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.(سيد فرمان علي) يا گهرو ٿا انهن کان ڪو اجورو پوءِ اهي چٽيءَ جي ڪري ڳرا ٿيل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته انهن کان تون ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چڱيءَ طرح کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا تون انهن کان ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ جو هو چَٽِيءَ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا تون گُھرين ٿو تن کان، ڪو پرمَل! پورهيو پار؟ پوءِ هِي، هيٺ ڳَري بار، آهِن تِنهن تاوان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن وٽ غيب (جي حقيقت اچي وئي) آهي جن کي هو لکندا ٿا وڃن؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن وٽ علمِ غيب آهي پوءِ اهي ان کي لکن ٿا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا ته انهن وٽ ڳجھ (جو علم) آهي جو هو (ان کي) پيا لکن.(سيد فرمان علي) يا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي لکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ياته انهن وٽ ڳجهه (جو علم) آهي جو هو (انکي) پيا لکن. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن وٽ ڳُجهه (جو علم) آهي جو اُهي لکي وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُنهن وَٽِ عِلم غيب جو، پوءِ اِهي لِکن اَسرار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن آهي ڇا ته) هو (تنهنجي خلاف) ڪو منصوبو ٺاهي رهيا آهن؟ پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪافر پاڻ (خدائي عذاب جي) تجويزن ۾ وڪوڙجي ويا آهن (۽ پاڻ تباهه ٿيندا).(علامه علي خان ابڙو) يا اهي ڪنهن سازش جو ارادو رکن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي پاڻ سازش ۾ گرفتار ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا ته اهي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا. ته جي ڪافر آهن اهي پاڻ دائو ۾ (ڦاٿل) آهن.(سيد فرمان علي) يا ارادو ڪن ٿا ڪنهن رٿ جو پوءِ جن ڪفر ڪيو اهي ئي رٿ ڪيل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته هو ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا پوءِ ڪافرن تي ئي بڇڙي رٿ رٿيل آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا هُو ڪا بري سازش سِٽِڻُ چاهن ٿا (اگر ائين آهي ته). پوءِ ڪافرن تي ئي سندن سازش الٽي پوندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تا اَٽڪڻ جو اَلله سان، ويٺا -ڪَن ويچار؟ پوءِ ڪُفر جَن جِي ڪار، آهي ئـِي سِٽيَل اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن جي لاءِ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪوبه ٻيو معبود آهي؟ (نه نه!) الله تعاليٰ پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي، اهڙين شرڪ جي ڳالهين کان جي هو ڪندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن جو الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان پاڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا خدا کان سواءِ سندن ڪو (ٻيو) معبود آهي؟ جن شيءَن کي اهي ماڻهو (خدا جو) شريڪ ڪن ٿا خدا ان کان پاڪ صاف آهي.(سيد فرمان علي) يا انهن جي لاءِ ڪو معبود آهي الله کان سواءِ الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو سندن حاڪم آهي. الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائين ٿا. (مولانا محمد مدني) ڇا الله کان سواءِ انهن جو ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ڌَڻِي ڌوڙِي آھِ ڪو، اُنهن جوري الله ؟ قدرت جي ڪم ڪار ۾، جي گڏِين ٿا گُمراھ، اُنهن سَڀن ڪنان آھِ، صفائـِي سُبحان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن هو آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته (ائين ڪونه سمجهندا ته اسان تي ڪا آسماني آفت اچي رهي آهي، پر) هو (هيئن پيا) چوندا ته اهو گهاٽو ڪڪر آهي (جو مينهن وسائيندو ۽ اسان جو ملڪ آباد ڪندو، جيئن عاد قوم جي ماڻهن سمجهيو هو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن اهي آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسن ته چوندا (اهو) گھاٽو (وسندڙ) ڪَڪَر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو (عذاب جو) ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي ته دلدار ڪڪر آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن ڏسندا ڪو ٽڪرو آسمان مان ڪرندي ته چوندا ڪڪر تهه تهه ٿيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اهي آسمانن مان ڪو ٽڪرو (پاڻ تي) ڪِرندي ڏسندا ته به چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڏِسن ڏَمرجو اُڀ ڪنان! ڪِرندڙ ٽڪرو ڪو، چون، ته واه! مَڪو!، ميگھ مَلهار، آئـِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر) تون کين ڇڏي ڏي تان جو هو اهو پنهنجو ڏينهن اکين سان ڏسن، جنهن ۾ بيهوش ٿي ويندا. (جيئن بجليءَ جو شاڪ بيهوش ڪري ڇڏيندو آهي.).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ايستائين جو اهي ان ڏينهن (قيامت) کي پهچن، جنهن ۾ اهي بيهوش ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) تون کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ايستائين جو اهو ڏينهن جنهن ۾ اهي بيهوش ٿي پون سندن اڳيان اچي.(سيد فرمان علي) پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي تانجو ملن پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن ۾ بيهوش ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبرﷺ) تون کين ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ مٿن وڄ ڪڙڪندي. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون کين ڇڏي ڏي جيستائين اهي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ اهي غَشُ کائي ڪِري پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇڏ تن ڇڳير!، تان ڏِسن اُنهِئَ ڏينهن کي، وَرندي جِنهن وير، هِڪدَم نِڪرن، هوش کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڏينهن سندن حيلا ۽ تجويزون کين ڪجهه به ڪم نه اينديون، نڪي هنن کي ڪا مدد ملندي.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن انهن جي رِٿ انهن تان ڪا شيءِ دفع ڪري نه سگھندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن نه سندن مڪاري ئي ڪجھ ڪم ايندن ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن نه فائدو ڏيندو انهن کي فريب انهن جو ڪجهه به ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن سندن بڇڙي رٿ انهن کان ڪجهه به نه ٽاريندي ۽ نه انهن کي ڪٿان مدد ملندي. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن انهن جي ڪا سازش انهن جي ڪنهن ڪم ڪونه ايندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندنِ سِٽائون اُنهن کي، جنهن، ڏِينهن نه ڏِيندن سُود ۽ نه مَهل سِر مُوجود، ڪو وَرِي وَاهرو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ يقيناً ظالمن کي هن (دنيائي عذاب) کان سواءِ ٻيو (آخرت وارو) عذاب به ڏنو ويندو، پر هنن مان گهڻا انهيءَ حقيقت کان بي خبر آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان پهرين به (دنيا ۾) عذاب آهي، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عذاب آهيپر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄانن.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو عذاب آهي پهريا ان کان ۽ پر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان اڳي به عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو اُن عذاب کان سواءِ به هڪ عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن ڪَئـِي جاڙ، اَوس آهي اُنهن لئي، ٻِيو به، سوا تِنهن ساڙ، پر گَھڻا پَرُوڙِين ڪِين ٿا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم لاءِ صبر ۽ ثابت قدميءَ سان ترس. يقيناً تون اسان جي اکين جي سامهون آهين، (اسان جي توتي شفقت جي نظر آهي، اسان توکي هنن دشمنن کان بچائينداسين ۽ ڪامياب ڪنداسين) ۽ تون جڏهن جڏهن (نماز لاءِ يا ڪنهن اهم ڪم لاءِ) اٿي کڙو ٿئين تڏهن تڏهن پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، پوءِ بيشڪ توهان اسان جي حفاظت ۾ آهيو ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد ڪريو جڏهن توهان اُٿو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم سان انتظار (ڪرڻ) ۾ صبر ڪندو رھ ڇو ته تون اسان جي نگهداشت ۾ آهين ته جڏهن تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندو ڪر.(سيد فرمان علي) ۽ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم سان پوءِ تون اسان جي نظر ۾ آهين ۽ تسبيح پڙهه پنهنجي رب جي حمد سان جنهن وقت اٿين ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ڇو ته تون اسان جي اکين جي سامهون آهين ۽ جنهن مهل تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر(مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي پالڻهار جي فيصلي اچڻ تائين صبر ڪر پوءِ بيشڪ تون اسان جي نگاهه ۾ آهين ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر جڏهن به تون اٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَہ تُنهنجي سائـِينءَ جي، حُڪم ساڻ حبيب!، آهِين تون عجيب، اَکيَنِ ڳيان اَسان جي. پوءِ رُڳو پنهنجي رَبَّ جا، ڳاءِ ڳُڻ نبِار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ رات جو ڪجهه حصو به الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪرڻ ۾ گذار ۽ تارن جي لهڻ کان پوءِ به (يعني فجر جي وقت به) پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رات ۾ ان جي تسبيح ڪريو ۽ تارن غائب ٿيڻ وقت به ان جي تسبيح پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڪجھ رات ۾ به ۽ تارن جي غائب هجڻ کان پوءِ تسبيح ڪندو رھ!.(سيد فرمان علي) ۽ رات جو پوءِ ان جي تسبيح پڙهه ۽ تارن جي پٺي ڏيڻ وقت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي پٺ ڦيرڻ مهل به. (مولانا محمد مدني) ۽ ڪجهه رات ۾ سندس ساراهه بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيري ٿيڻ مهل به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جاڳِين جڏهن، پڻ رات مان، ساراهِينسِ سَهوار، پڻ وَرِي پويِين پار، لَڙڻ پُڄاڻا لوڏيِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |