القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الذّٰرِیٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 60


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1)

قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.(علامه تاج محمود امروٽي)


قسم آهي انهن هوائن جو جي (ٻجن ۽ ڪڪرن وغيره کي) اڏائي پکيڙينديون رهن ٿيون.(علامه علي خان ابڙو)


قسم آهي هوائن جو جيڪي مِٽي وغيره اڏائن ٿيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن (هوائن جو) قسم جي (ڪڪرن کي) هيڏي هوڏي ڪن ٿيون.(سيد فرمان علي)


قسم آهي اڏائيندڙن جو اڏائڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(مٽيءَ کي) اڏائڻ وارين (هوائن ۽ طاقتن) جو قسم آهي (مولانا محمد مدني)


ڌوڙ اڏاري پکيڙڻ وارين (هوائن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


واءُ اُڏارِيندڙ واريون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2)

پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري انهن هوائن جو قسم آهي جي (مينهن جو) بار کڻي وڃن ٿيون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ قسم آهي ڪڪرن جو جيڪي مينهن کڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري (پاڻي جو) بار کڻن ٿيون.(سيد فرمان علي)


پوءِ کڻندڙن جو بار کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ بار کي کڻڻ وارين (طاقتن) جو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ (پاڻي جو) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ بادل کڻندڙ بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3)

پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري قسم آهي انهن هوائن جو جي آساني ۽ آرام سان گهلن ٿيون (يعني اهي هيرون جيڪي سڙهن وارين ٻيڙين يا جهازن کي هلائين ٿيون يا خود جهاز، جيڪي پاڻيءَ تي آسانيءَ سان هلندا رهن ٿا)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ قسم آهي ٻيڙين جو جيڪي آهستي هلن ٿيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري آهستي آهستي هلن ٿيون.(سيد فرمان علي)


پوءِ هلندڙن جو آسانيءَ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ نرميءَ سان هلڻ وارين (طاقتن) جو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ نرمي سان هلڻ وارين (ٻيڙين) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَولا هلندڙ سِير ۾، ٻَهون ٻيرآ پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4)

پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري قسم آهي (هوائن يا جهازن) جو جي خدا جي حڪم مطابق مينهن، رزق، علم، عقل، هنر وحي جو پيغام وغيره) ورهائيندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ قسم آهي ملائڪن جو جيڪي بارش ۽ رزق وغيره تقسيم ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري هڪ ضروري شيءِ (مينهن) کي ورهائن ٿيون.(سيد فرمان علي)


پوءِ ورهائيندڙن جو امر سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ڪم کي ورهائڻ واين (طاقتن) جو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڪم کي ورهائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڦانڊي ڪندڙ ڪمن کي، درجن مُوجب ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5)

ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته يقيناً جنهن ڳالهه جو واعدو اوهان سان ڪيل آهي سو بلڪل سچو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان کي ڏنل وعدو يقيناً سچو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اوهان سان جيڪو انجام ڪيو وڃي ٿو ضرور بلڪل سچو آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهو جو وعدو ڏنا وڃو ٿا اوهان البته سچو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته جو اوهان سان (قيامت) جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سو سچ آهي. (مولانا محمد مدني)


ته جيڪو (قيامت جو) توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو سچو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته آهي سچ، اوهان کي ڏِجي ، وعدو جنهني وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6)

۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يقيناً عملن جو بدلو (هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾) ضرور واقع ٿيندو ۽ ظهور ۾ ايندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ انصاف يقيناً واقع ٿيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (عملن جي) جزا (۽ سزا) ضرور ٿيندي.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ بدلو البته واقع ٿيندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ انصاف ضرور ٿيڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ انصاف ضرور ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَدلو برقرار، مِلڻو آهي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7)

واٽن واري آسمان جو قسم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


قسم آهي آسمان جو جنهن ۾ (سيارن تارن وغيره جا) مقرر رستا آهن (۽ ساري ڪائنات جو نظام وحدت ڏيکاري ٿو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ قسم آهي آسمان جو جيڪو سينگاريل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ آسمان جو قسم جنهن ۾ رستا آهن.(سيد فرمان علي)


قسم آهي آسمان واٽن واري جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


رستن واري آسمان جو قسم آهي (مولانا محمد مدني)


رستن واري آسمان جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ساکي آهي سڀ طرح، هِي بُرجن ڀَريو اُڀ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8)

ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر افسوس) اوهان (انسان) مختلف قولن ۽ عقيدن ۾ پئجي ويا آهيو (۽ جهيڙا جهڳڙا ٿا ڪيو، جيڪڏهن قرآن تي محڪم رهو ته اوهان ۾ به وحدت قائم ٿي وڃي).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان (ڪفارِ مڪه) مختلف ڳالهين ۾ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي مڪي وارو!) اوهين بيشڪ اهڙي اختلافي ڳالھ ۾ (پيل) آهيو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اوهان البته قول مختلف ۾ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته بيشڪ اوهين تڪرار واري ڳالهه ۾ (پيل) آهيو، (مولانا محمد مدني)


ته بيشڪ توهان تڪرار واري ڳالهه ۾ پيل آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته آهيو اوهين سَڀ، وَڏي ٻول ٻِتاڙ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9)

قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ (وحدت واري حق) کان انهن کي هٽايو وڃي ٿو جيڪي (سندن ئي خود غرضي ۽ ڪوڙن ٺاهن سبب حق کان) محروم ڪيل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان اهو ڦِري ٿو جنهنکي ڦرڻو هجي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو ان کان اهو ڦيريو ويندو (گمراھ ٿيندو) جو خدا جي علم ۾ ڦيرايو ويو آهي.(سيد فرمان علي)


ڦيرايو وڃي ٿو ان کان اهو جيڪو ڦيرايو ويو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کان اهو ڦيريو ويندو جو (ڀلائيءَ کان) ڦيريو ويو آهي. (مولانا محمد مدني)


ان (قرآن)کان اهو ڦيريو وڃي ٿو جو (ڀلائي کان) ڦيريو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو ڦيرو وِيو، سو ڦيربو ڪنان اِن ڪلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10)

اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


مصيبت پوندي انهن تي جيڪي ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


هلاڪ ڪيا ويا وڏا ڪوڙ ڳالهائيندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪوڙين ڳالهين بنائڻ واري تي مار پوي.(سيد فرمان علي)


لعنت ڪيا ويا هٿ جون ٺاهيندڙ ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪوڙين ڳالهين بنائڻ وارن تي مار پوي، (مولانا محمد مدني)


ڪوڙين ڳالهين بنائڻ وارا ماريا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪُوڙا ٿيا قتلام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11)

جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي (پنهنجي) غفلت سببان مونجهاري جي بحر ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اُهي ماڻهو جيڪي نَشي ۾ غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي غفلت ۾ ڀليا پيا آهن.(سيد فرمان علي)


اهي جيڪي نشي ۾ وساريندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جي جاهل پڻي ۾ ڀليا پيا آهن، (مولانا محمد مدني)


جي جهالت ۾ (آخرت) کي وسارڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي آهن وِڦلڻ ۾ ويسلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12)

پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (منجهيل ماڻهو) پڇن ٿا ته، ڀلا بدلي جو يعني جزا ۽ سزا جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(رسولِ عربي کان) سوال ڪن ٿا ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڇن ٿا ته جزا جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.(سيد فرمان علي)


پڇن ٿا ته ڪٿي آهي بدلي ملڻ وارو ڏينهن؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پڇن ٿا ته انصاف جو ڏينهن ڪڏهن آهي (مولانا محمد مدني)


پڇن ٿا ته انصاف جو ڏينهن ڪڏهن آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پِيا پُڇن ته ڪَڏهن، آهي ڏِينهن اِنصاف جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13)

(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهن کي جواب ڏي ته) سندن (عذاب جو) ڏينهن اهو ٿيندو جنهن ڏينهن هنن کي (لڙائي، وبا يا ڪنهن آسماني آفت جي) باهه ۾ آزمائيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن ڏينهن انهن کي باه ۾ جلايو ۽ عذاب ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن هو باھ ۾ ساڙيا ويندا.(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن اهي باهه تي تپايا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن هو باهه ۾ ساڙيا ويندا. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن هو باهه ۾ ساڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَندر اُماڻي آڳ ۾، جانچبن جڏهن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14)

(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان وقت کين چيو ويندو ته، هاڻي) پنهنجي فتني جو مزو چکو. اهو اٿوَ اهو (عذاب) جنهن جي اچڻ لاءِ توهان تڪڙ لاتي هئي (ته جلد اچي).(علامه علي خان ابڙو)


توهان پنهنجي جلڻ جو مزو چکو، هي اُهو آهي جنهن جي لاءِ توهان تڪڙ ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ ان وقت چئبن ته) پنهنجي عذاب جو مزو چکيو. هي اهو آهي جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا هئو.(سيد فرمان علي)


چکو تپش پنهنجيءَ کي هي اهو آهي جو ان کي تڪڙو گهرندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ ان وقت چئبن ته) پنهنجي سڙڻ جو مزو چکو. هي اهو آهي جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا هيو. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو) ”پنهنجي سزا (جو مزو) چکو. هي اُهو آهي جنهن جي اوهان جلدي مچائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چکو پرکڻ پنهنجو، چئبن تُرت تڏهن، هي، سو آهي هَڏهن، جنهن لئي تمام تڪڙائـِيندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15)

بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً متقي ماڻهو (خدا جا پرهيزگار ٻانها) باغن ۾ ۽ وهندڙ چشمن جي وچ ۾ هوندا (يعني هن ئي دنيا ۾ باغن ۽ چشمن جا وارث ۽ مالڪ ٿيندا).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغستان ۽ چشمن ۾ (مزا وٺندا) هوندا،(سيد فرمان علي)


بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ چشمن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بي شڪ نيڪ بهشت ۾، منجھ گـٺين ۽ گلزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16)

جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي سندن پروردگار کين ڏيندو سو خوشيءَ سان وٺندا ۽ ماڻيندا (الله تعاليٰ هنن کي اهي نعمتون باغ وغيره ۽ ڪاميابي ڏيندو) ڇو ته هو ان کان اڳي (مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ به) نيڪ عمل ڪندڙ هئا (۽ ٻين سان ڀلائيون ڪندڙ هئا).(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو ثواب انهن کي سندن رب عطا ڪيو اهو وٺندڙ هوندا، بيشڪ اهي ان کان اڳ (دنيا ۾) نيڪوڪار هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي سندن پروردگار کين عطا ڪري ٿو. اهي (خوش ٿي) وٺي رهيا آهن. اهي ماڻهو هن کان اڳ (دنيا ۾) نيڪ هئا.(سيد فرمان علي)


وٺندڙ هوندا اهو جو ڏيندو انهن کي سندن رب بيشڪ اهي هئا اڳي ان کان نيڪو ڪار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي سندن پاليندڙ کين ڏنو آهي سو وٺڻ وارا هوندا. هن ڪري ته اُهي هن کان اڳ چڱائي ڪندڙ هئا. (مولانا محمد مدني)


انهن نعمتن کي وٺندڙ هوندا جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون. بيشڪ اُهي اڳ ئي نيڪوڪار هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَندنِ سائـِين کين ڏِنا، سي وڻندڙ وِئَ وَلهار، سَڀ انهئ جي آڌار، ته هئا موچارا مَهند ئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17)

رات جو ٿورو سمھندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان کان سواءِ) رات منجهان تورو حصو ننڊ ڪندا هئا، (باقي وقت خدائي حڪمن کي ياد ڪرڻ ۽ غور ۽ فڪر ڪرڻ، نيڪ ۽ ضروري ڪمن جي رٿن ٺاهڻ ۾ صرف ڪندا هئا.)(علامه علي خان ابڙو)


اھي رات جو ٿورو (وقت) سمهندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(عبادت جي ڪري) رات جو تمام ٿورو سمهندا هئا.(سيد فرمان علي)


هئا ٿورو وقت رات مان سمهندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


رات جو تمام ٿورو سمهندا هئا (مولانا محمد مدني)


رات جو تمام گهٽ سمهندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٿورو ڪُجھ سُمهندا هئا، راول مَنجھان رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18)

۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسر جي وقت (يعني پرڀات کان به ٿورو اڳي يا پرڀات وقت) خدا کان مغفرت گهرندا رهندا هئا (يعني تدبيري ڪوتاهين جي نتيجن کان پناهه گهرندا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ رات جي آخري حصي ۾ اهي استغفار ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پوئين پهر پنهنجي (گناهن کان) معافيءَ جي دعا گهرندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ رات جو پوئين حصي ۾ اهي مغفرت طلب ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پڇاڙي رات جو اهي معافي گهرندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ رات جي پوئين ڀاڱن ۾ اُهي بخشش گهرندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هئا ٻاڏئـِيندا ٻاجھ لئي، پِره ڦُٽِي پِر ڀات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19)

۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ سندن مال ملڪيت ۾ گهرندڙن توڙي نه گهرندڙن (مسڪينن ۽ گهرج وارن) جو حق هو (يعني اهي متقي محتاجن تي ٿورو ڪونه لائيندا هئا، پر سندن حق سمجهي کين ڳولي ڳولي هر طرح جي مدد ڪندا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن جي ملڪيت ۾ سوال ڪندڙن ۽ سوال نه ڪندڙن جو حق هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سندن مالن ۾ سوالي ۽ غير سواليءَ (ٻنهي جو) حصو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ سندن مالن ۾ حق آهي سائل جي لاءِ ۽ محروم جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سندن مالن ۾ سواليءَ ۽ غير سواليءَ جو حصو هو. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي مالن ۾ گُهرڻ وارن ۽ سوال کان بچڻ وارن جو حق ثابت هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هُئـِي سَندنِ ڏِني ۾ ڏات، آسائو، اَپهچ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20)

۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هن رڪوع ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون آهن) ۽ زمين ۾ به يقين رکندڙ لاءِ (يعني يقيني علم وارن لاءِ) وڏيون نشانيون رکيل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ زمين ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ زمين ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


زمين ۾ نشانيون آهن يقين ڪندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هِن ڀَري تَري ڀُون ۾، اولھ، اوڀر پار، وَڏيون وِسهندڙن لئي، نِشانيون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21)

۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ خود اوهان جي جانين ۾ به (وڏيون نشانيون موجود آهن) ڇا توهان اهي نٿا ڏسو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان جي وجود ۾ به، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خود اوهان ۾ به آهن ته ڇا اوهين ڏسو نه ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اوهان جي سرن ۾ ڇا پوءِ نٿا ڏسو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان جي جندن ۾ به. ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڏسو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ توهان جي نفسن ۾ به (نشانيون آهن). ڇا پوءِ به توهان نه ٿا ڏسو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ اَنهنجي جان جِسم ۾، ڪَئـِين عَجائـِب اِظهار، پوءِ ڪري نظر نِهار، ڇو نه پَسو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22)

۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ آسمان ۾ اوهان جو رزق آهي ۽ پڻ اهو به آهي جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ آسمان ۾ توهان جو رزق آهي ۽ توهان سان ڪيل وعدا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان جي روزي ۽ جنهن ڳالھ جو توهان سان انجام ٿو ڪيو وڃي سي به آسمان ۾ ئي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ آسمان ۾ رزق اوهان جو آهي ۽ جيڪو وعدو ڏنا وڃو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آسمان ۾ اوهان جي روزي آهي ۽ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سوبه. (مولانا محمد مدني)


۽ آسمان ۾ توهان جي روزي آهي ۽ اهو (سڀ ڪجهه به) جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي آسمان ۾، اَهنجِي توڻ طعام، ۽ آڻ کي ڏجي اَنجام، پڻ جنهن باغ بهشت جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23)

پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو قسم آهي آسمان ۽ زمين جي پروردگار جو ته يقيناً هي (قرآن يا عملن جي بدلي جو ملڻ) ضرور حق آهي ۽ اهڙوئي حق آهي جهڙي هيءَ حقيقت ته توهان هڪٻئي سان (سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واريون) ڳالهيون ڳالهائي سگهو ٿا (۽ لفظن جي وسيلي علم ۽ حيقتون سيکاري سگهو ٿا).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ قسم آهي آسمان ۽ زمين جي رب جو ته بيشڪ اهو (قرآن) يقيناً حق آهي، انهي زبان وانگر جيڪا توهان ڳالهايو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم! هي (قرآن) بلڪل حق سچ آهي جيئن اوهين ڳالهايو ٿا.(سيد فرمان علي)


پوءِ قسم آهي آسمان جي ۽ زمين جي رب جو ته بيشڪ اهو البته حق آهي مثل ان جي جو بلاشڪ اوهان ڳالهايو ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ آسمان ۽ زمين جي پاليندڙ جو قسم آهي ته بيشڪ اها ڳالهه سچ آهي جيئن اوهين ڳالهايو ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم ته بيشڪ اها ڳالهه سچي آهي جيئن توهان ڳالهايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آهي اُڀ زمين جو، سائـِين ساکِي پاڻ، ته آھِ صفا سچ اِهو، اهڙيئـِي اُهڃاڻ، جِيئن رَتِي مَنجھ رِهاڻ، پاڻ ڳالهايو پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24)

اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تو وٽ حضرت ابراهيم جي معزز مهمانن جو قصو پهتو آهي؟ (يعني توکي اهو قصو ٻڌايل آهي؟)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي ڇا توهان وٽ (حضرت) ابراهيم جي معزز مهمانن جي خبر نه پهتي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن (فرشتن) جي به خبر پهتي آهي؟(سيد فرمان علي)


ڇا آئي تو وٽ ڳالهه ابراهيم جي مهمانن عزت وارن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا ابراهيم جي عزت وارن مهمانن جي ڳالهه توکي پهتي آهي؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن جي ڳالهه پهتي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪا آيئـِي اِبراهِيم جي، مِهمانن جِي ڳالھ ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25)

جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن اهي (مهمان) حضرت ابراهيم وٽ لنگهي اندر آيا، تڏهن چيائون ته سلامتي هجي (توتي) حضرت ابراهيم به جواب ۾ ساڳي دعا ڪئي. ۽ (هنن جي غير معمولي شڪل ۽ نمونو ڏسي خيال ڪيائين ته) هي ته ڪي بلڪل غيرمعمولي ماڻهو آهن. (في الحقيقت هو فرشتا هئا ۽ الله تعاليٰ هنن کي انسانن جي صورت ۾ آڻي موڪليو هو).(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن اهي ان وٽ پهتا پوءِ السَّلام عليڪم چيائون، ابراهيم به وعليڪم السَّلام چيو (چيائين توهان) اڻ واقف قوم آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جڏهن اهي وٽس آيا ته چيائون سلام (عيلڪم) ته ابراهيم به (عيلڪم) سلام چيو، (دل ۾ چيائين ته) هي ته اڻ سڃاتل آهن.(سيد فرمان علي)


جڏهن آيا ان وٽ پوءِ چيائون سلام فرمايائين ته سلام قوم نه سڃاتل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن اهي وٽس اندر آيا پوءِ (مٿس) سلام ڪيائون. هن به سلام ڪيو (۽ دل ۾ چيائين ته) هي اڻ سڃاڻ ماڻهو آهن. (مولانا محمد مدني)


جڏهن اُهي (ملائڪ) ان وٽ آيا ته چيائون ”سلام“! ابراهيم به ”سلام“ چيو (۽ دل ۾ چيائين ته) هي اجنبي ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيا، سي آبائـِتا، جڏهن لنگھِي وَٽِس لال، اَلسَّلام عَلَيْڪُم، پوءِ چيائون چڱِئَ چال، پوءِ وَعَلَيْڪُم السَّلام، چيو نَبِئَ نيڪ نهال، هو نه سُڃاڻو ساٿ سو، نه ڪا حقيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26)

پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ حضرت ابراهيم پنهنجي گهر جي ماڻهن ڏي تڪڙو ويو ۽ (هڪدم) گيهه ۾ ڀڳل گابو کڻي آيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ پاڻ فوراً پنهنجي گھر وارن ڏانهن ويا پوءِ هڪ متارو گابو (تيار ڪرائي) کڻي آيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ پنهنجي گهر وڃي جهٽ پٽ سڻڀو گابو (ڀڃي) آندائين.(سيد فرمان علي)


پوءِ ويو پنهنجي گهر وارن ڏانهن پوءِ آندائين گابو ٿلهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ پنهنجي گهر وارن ڏي ويو. پوءِ ٿلهو گابو (پچائي) آندائين. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تڪڙو پنهنجي گهروارن ڏانهن ويو پوءِ متارو گابو (پچائي) آندائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اُنِهئَ دَم اُسريو، ڏونهن پَنهنجي آل عيال، وَهڙِي وَھ مَهوڙ جو، ڀُڳيل گوشت بحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27)

پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن جي اڳيان ويجهو ڪري رکيائين (ته مهمان کائين). کين چيائين ته ڇو نٿا کائو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين (جڏهن انهن اهو نه کاڌو) ابراهيم چيو توهان ڇو نٿا کائو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين (وري کين) چيائين ته ڇو نه ٿا کائو؟(سيد فرمان علي)


پوءِ ويجهو ڪيائين ان کي انهن ڏانهن فرمايائين ته ڇا نه ٿا کائو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين .چيائين ته ڇو نه ٿا کائو؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ اُهو انهن جي ويجھو ڪيائين چيائين: ”ڇا توهان نه ٿا کائو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ کڻِي اُنهن ڏي آئيو، ڀَري ٿُيٻو ٿال، فرمائـِين فِى الحال، ته واپِرايو ڇو نٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28)

پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر هنن کائڻ لاءِ هٿ ئي نه وڌايو) سو هنن بابت منجهس خوف پيدا ٿيو. هنن (سندس خوف ڏسي) چيو ته (اي حضرت ابراهيم) ڊڄ نه (اسان خدا وٽان توڏي موڪليل فرشتا آهيون) پوءِ هنن کيس خوشخبري ڏني ته توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو علم وارو هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ پاڻ انهن مان خوف محسوس ڪيائين، انهن (مهمانن ملائڪن سڳورن) چيو ته تون خوف نه ڪر ۽ انهن ابراهيم کي هڪ صاحبِ علم پٽ جي مبارڪ ڏني(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تڏهن به انهن نه کاڌو) ابراهيم دل ۾ انهن کان ڊنو. انهن چيس ته نه ڊڄ! ۽ کيس داشنمند پٽ (ٿيڻ) جي خوش خبري ڏنائون.(سيد فرمان علي)


پوءِ دل ۾ رکيائين انهن کان ڊپ چيائون ته ڊپ نه ڪر ۽ بشارت ڏنائون ان کي پٽ علم واري جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن کان دل ۾ ڊپ ٿيس. چيائونس ته نه ڊڄ ۽ ان کي علم واري ٻار (پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏنائون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن (جي نه کائڻ) کان گهٻراهٽ محسوس ڪيائين. چيائون نه گهٻراءِ. ۽ ان کي علم واري پٽ جي خوشخبري ڏنائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهن آندو ڌيڄو دِل ۾، اُنهن کان اَمِير، پوءِ تَن پاٻوهيو، نه کاءُ، ڪو خوف خبِر، ۽ خاص ڏِنائونسِ کِير، حاذِق پُٽ هوشيار جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29)

پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).(علامه تاج محمود امروٽي)


(حضرت ابراهيم جي بيبي سڳوري اها ڳالهه اندران ٻڌي ورتي) سو هوءَ ڏاڍيان ڳالهائيندي اڳتي وڌي آئي ۽ پنهنجي نرڙ ڏي ڌڪ هنيائين ۽ چيائين ته (مان ته بلڪل) ٺيٺ پوڙهي آهيان (مون کي پٽ وري ڪيئن ڄمندو؟)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ سندس گھر واري دانهن ڪري آئي، پوءِ اُن پنهنجي چهري تي (عجب کان) ڌڪ هڻي چيو پيرسن سَنڍ عورت (کي ٻار ٿيندو؟)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ابراهيم جي زال (ساره) دانهن ڪري سامهون آئي ۽ (حيرت مان) پنهنجي منهن تي هٿ هنيائين ۽ چوڻ لڳي ته (واھ! واھ!) هڪ ته (آءُ) ٻڍڙي (۽ وري) سنڍ آهيان (ته پوءِ پٽ ڪئين ٿيندو؟)(سيد فرمان علي)


پوءِ سامهون آئي ان جي گهر واري دانهن ڪندي پوءِ ڌڪ هنيائين منهن پنهنجي کي ۽ چيائين پوڙهي سنڍ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سندس زال دانهن ڪري سامهون آئي ۽ (حيرت مان) پنهنجي منهن تي هٿ هنيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ آهيان. (مولانا محمد مدني)


پوءِ سندس زال (ساره) حيرت وارو آواز ڪندي سامهون آئي پوءِ پنهنجي منهن تي هٿ هڻندي چيائين: ”ڇا ڪراڙي سنڍ“! (زال ٻار ڄڻندي؟)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ واڪِيندي تِنهن وير ۾، آئـِي اُن جِي زال، هَئين هَٿ مُنهسِ تي ۽ ڳالاهائـِين هِئَ ڳالھ، ڪِنهن ليکي مِلندو لال، مون صفا پوڙهِئُ سنڍ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30)

چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن (فرشتن) کيس چيو ته تنهنجي پروردگار ائين ئي فرمايو آهي. (سو ضرور ائين ٿيندو توڙي تون جُهور پوڙهي آهين). بيشڪ هو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي).(علامه علي خان ابڙو)


فرشتن چيو اهڙيءَ طرح تنهنجي رب فرمايو آهي، بيشڪ اهو ئي صاحبِ حڪمت، صاحبِ علم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


فرشتن چيس ته تنهنجي پروردگار اهڙي طرح ئي فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


چيائو ته اهڙي طرح فرمايو تنهنجي رب بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو، ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائونس ته اهڙي طرح ئي تنهنجي پاليندڙ فرمايو آهي. بيشڪ هو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


(ملائڪن) چيو: ”ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو، علم وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻوليائون ٻِيهار، ته آهي اِنهئ جي خاطرِي، فرمائيو فَضل سان، سَندئـِي رَبَّ، سَتار، هرگز سو هوشيار، پن سمجھندڙ سڀ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31)

(ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت ابراهيم چيو ته، اي خدا جا موڪليل (فرشتو! هاڻي ٻڌايو ته) توهان ڪهڙي ڪم لاءِ موڪليا ويا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) ابراهيم چيو اي فرشتا توهان ڪهڙي مُهم تي آيل آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تڏهن ابراهيم) چيو ته: اي (خدا جا) موڪليل فرشتو! آخر اوهان جو ڇا مطلب آهي؟(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته پوءِ ڪهڙو آهي غرض اوهان جو اي موڪليلؤ! .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ابراهيم چيو ته پوءِ اي قاصدئو! اوهان جو ڇا مقصد آهي؟ (مولانا محمد مدني)


(ابراهيم) چيو ته : ”پوءِ اي الله جا موڪليل (ملائڪو!) توهان جو ڇا مقصد آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تن کان، حقيقت حال جِي، پوءِ وَرِتي وِينجھار، اي موڪليل الله جا! اَنهنجو ڪو ڪم ڪار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32)

چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن جواب ۾ چيو ته، اسان هڪڙي سخت گهنگار قوم جي ماڻهن ڏي موڪليا ويا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


فرشتن عرض ڪيو بيشڪ اسان کي هڪ مجرم قوم ڏانهن موڪليو ويو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن چيس اسين هڪ ڏوهاري (لوط جي) قوم ڏي موڪليا ويا آهيون.(سيد فرمان علي)


چيائون ته بيشڪ اسين موڪليا ويا آهيون مجرم قوم ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائون ته بيشڪ اسين هڪ ڏوهاريءَ قوم ڏي موڪليا ويا آهيون، (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”بيشڪ اسان ڏوهاري قوم (يعني لوط جي قوم) ڏانهن موڪليا ويا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، اَسِين اُماڻيل آهيون، ڪنهن پاپِي ٽولِئَ پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33)

ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ لاءِ ته مٿن پڪل پٿر وسايون.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته اسين انهن تي مِٽيءَ مان ٺهيل ڪَنڪريون اُڇلايون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مٿن مٽيءَ جا (کرنڊن وارا) پٿر وسايون.(سيد فرمان علي)


تانته موڪليون انهن تي پٿر مٽيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته مٿن مٽيءَ جا پٿر وسايون، (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته انهن تي مٽيءَ جا پٿريلا کڙا وسايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته پَڪک مِٽِئَ جون پٿريون، ڪريون مَٿنِ وَسڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34)

جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جي (پٿر) تنهنجي پروردگار وٽان انهن ماڻهن لاءِ نشان ڪيل ۽ مقرر ڪيل آهن جيڪي گناهن ۾ ليڪو لنگهي بيٺا آهن. (يعني سدوم ۽ غموره جي ماڻهن تي پٿر وسائينداسين. جيڪي حضرت لوط کي نٿا مڃين. پوءِ هو هليا ويا).(علامه علي خان ابڙو)


جن تي توهان جي رب جي طرفان حد کان وڌندڙن جا نالا لکيل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي پروردگار وٽ نشان ڪيل آهن.(سيد فرمان علي)


نشان ڪيل رب وٽ اسراف ڪندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي پاليندڙ وٽ نشان ڪيل آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي تنهنجي پالڻهار پاران نشان ڪيل آهن جيڪي حد کان گذرندڙ قوم لاءِ آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


داڳيل تُنهنجي ڌَڻِيء وٽان، هرهڪ پَٿِري ڌار، نِشان ٿيل نِروار، نالي سان نالائـِقِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35)

پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (آخر اسان ڇا ڪيو جو ان سدوم جي شهر ۾) جيڪي مومن هيا تن کي (اڳ ئي شهر مان) ٻاهر اماڻي ڇڏيوسين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪي انهن ڳوٺن ۾ مؤمن هئا اسان انهن کي ٻاهر ڪڍيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪي ايمان وارن مان اتي هئا تنهن کي اسان ٻاهر ڪڍيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪڍيوسون انهن کي جيڪي هئا انهن ۾ مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جو ايمان وارن مان اتي هو تنهن کي اسان ٻاهر ڪڍيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان هر ان ماڻهو کي (بستي مان) ٻاهر ڪڍيو جيڪو به انهن ۾ ايمان وارن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مُؤمن تِنهن ماڳ مان، ڪياسون ڪڍي ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36)

پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر اسان ان شهر ۾ هڪڙي گهر کان سواءِ ڪٿي به مسلمان ڪونه ڏٺا. (اسان ٻيا سڀ گهر تباهه ڪيا ۽ خود حضرت لوط جي زل کي به تباهه ڪيوسين.)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ نه لڌو اسان انهن ۾ سواءِ هڪ گھر مسلمانن جي (اهو گھر حضرت لوط جو هو)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اتي ته اسان هڪ گهر کان سواءِ مسلمانن جو ڪو به گهر نه ڏٺو.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه لڌوسون انهن ۾ سواءِ هڪ گهر مسلمانن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ تابعدارن مان هڪ گهر کان سواءِ ٻيو اسان اتي نه ڏٺو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان (بستي) ۾ هڪ گھر کان سواءِ مسلمانن جو (ٻيو) ڪو به گهر نه لڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ تِنهن ۾ تابِعدار، نه پاتوسون، هِڪ پَهر ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37)

۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهڙيءَ طرح) اسان ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ (هيمشه جي) نشاني ڇڏي جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان ان ۾ هڪ نشاني انهن ماڻهن لاءِ رکي جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا تن لاءِ اتي (عبرت جي) نشاني ڇڏي.(سيد فرمان علي)


۽ ڇڏي اسان انهن ۾ هڪ نشاني انهن جي لاءِ جيڪي ڊڄن ٿا عذاب دردناڪ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان اتي انهن لاءِ هڪ نشاني ڇڏي جي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان اتي هڪ نشاني ڇڏي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توڙ ڇَڏِيسون تِنهن ۾، عِبرت ڪا اُنهن لاءِ، جي دل ۾ ڌارِين ڊاء، آزاريل عذاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ٻي عبرت جي نشاني) حضرت موسيٰ جي قصي ۾ آهي. ڏسو اسان هنکي فرعون ڏي چٽي سند ۽ روشن دليلن سان موڪليو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) موسيٰ (جي واقعي) ۾ (اسان جي) نشاني هئي جڏهن اسان ان کي روشن دليل سان فرعون ڏانهن موڪليو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ موسى جي (حال ۾) ۾ به (نشاني آهي) جڏهن ان کي اسان فرعون ڏي ظاهر معجزو عطا ڪري موڪليو.(سيد فرمان علي)


۽ موسى ۾ جڏهن موڪليوسون ان کي فرعون ڏانهن دليل روشن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ موسيٰ (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن اسان ان کي پڌرو دليل ڏئي فرعون ڏي موڪليو. (مولانا محمد مدني)


۽ موسى (جي قصي) ۾ (به نشانيون آهن) جڏهن اسان کيس پڌرو دليل ڏئي فرعون ڏانهن موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ مُوسٰى جي مَذڪور ۾، ساڳِي سبق سُڌير!، جڏهن ڦِريل فِرعون ڏي، مُڪو سون تِنهن مِير، ساڻ مُبارڪ مُعجزِين، پڻ آيتون اَڪسِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39)

پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر هن پنهنجي سردارن سميت (حق کان) منهن موڙيو ۽ چيائين ته هي ته (ڪوڙو) جادوگر يا ديوانو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان پنهنجي لشڪر سميت ايمان کان انڪار ڪيو ۽ فرعون چيو موسيٰ جادوگر يا مجنون آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر ان پنهنجي لشڪر جي ڪري منهن موڙي ۽ چوڻ لڳو ته (هي ته تمام سٺو) جادوگر يا سودائي آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ منهن موڙيائين پنهنجي لشڪر سميت ۽ چيائين جادوگر آهي يا چريو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان پنهنجي دٻدٻي جي ڪري منهن موڙيو ۽ چيائين ته جادوگر آهي يا چريو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ پنهنجي طاقت (لشڪر) جي زور تي (حق کان) منهن موڙي ڇڏيائين ۽ چيائين (هي) جادوگر آهي يا مجنون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڦِريو پَنهنجِي فوج سان، ۽ تڙيل ڪَئـِي تقرير، هِي ڪاري اََکر آھِ ڪو، ديوانُو دِلگِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40)

تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو اسان هن کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو ۽ کين سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو (۽ ٻوڙي ماريو) ۽ هو بيشڪ ڏوهي هو. (۽ انهيءَ سزا جو لائق هو).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ اسان انهن کي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ۽ اهو (پاڻ تي) ملامت ڪندڙ هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ته اسان به کيس ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيوسون ۽ اهو ته ملامت جهڙو ڪم ڪندو ئي هو.(سيد فرمان علي)


پوءِ پڪڙيوسون ان کي ۽ ان جي لشڪرن کي پوءِ اڇلايوسون انهن کي درياءَ ۾ اهو ملامت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي جهلي پوءِ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلايوسون (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ انهن کي سمنڊ ۾ اڇليوسين ۽ اهو (پنهنجو پاڻ تي) ملامت ڪندڙ بنجي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سوگھو ڪيوسُونِس ساٿ سان، پوءِ سَٽيون سونِ مَنجھ سير، ۽ جڏهن وَرِي مٿانِس وِير، هو سو ڇِينڀِيل ڇولِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41)

۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ عاد قوم جي ماڻهن (جي تباهيءَ) ۾ (به عبرت جي نشاني رکيل آهي) ڏسو اسان هنن جي مٿان ناس ڪندڙ طوفان موڪليو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ عاد (جي واقعي) ۾ (اسان جي نشاني هئي) جڏهن اسان انهن تي بي خير و برڪت هوا موڪلي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ عاد جي قوم (جي حال ۾ به نشاني) آهي جڏهن اسان مٿن بي برڪت انڌاري موڪلي.(سيد فرمان علي)


۽ عاد (جي قصي) ۾ به جڏهن موڪليو سون انهن تي واءُ سنڍ بنائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو ملامت جو ڪم ڪرڻ وارو هو. ۽ عاد (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن اسان مٿن بي برڪت واه موڪليو، (مولانا محمد مدني)


۽ عاد (جي قصي) ۾ (به نشاني آهي) جڏهن اسان انهن تي خير و برڪت کان خالي (زوردار) هوا موڪلي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ آهي عِبرت عاد ۾، جڏهن تَن سِر طوفان، اَڀاڳو عيان، موڪليوسون مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42)

جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن به شيء جي مٿان لنگهيو، تنهن کي خاڪ ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏيائين.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ هوا هر شيءِ کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جا جنهن شيءِ تي به لڳي ٿي ته ان کي ڳريل هڏيءَ وانگر ڪري ڇڏيائين ٿي.(سيد فرمان علي)


نه ٿو ڇڏي ڪا شيءِ جو آيو ان تي مگر ڪيائين ان کي سڙيل هڏي وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو جنهن شيءِ تي به آيو ٿي ته ان کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ئي ڪري ڇڏيائين ٿي (مولانا محمد مدني)


اها ڪنهن به شيءِ کي نه پئي ڇڏي جنهن تان به گذري پئي مگر ان کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ڪري ٿي ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيو جِھڙي ٽول تان، ذَرو ڇَڏي نه ضرور، مگر ڪيائـِينسِ مُور، چُور هَڏيَنِ جِيئن، حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43)

۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ثمود جي قوم جي ماڻهن (جي قصي) ۾ به (وڏي نشاني آهي) ڏسو! هنن کي چيو ويو ته ٿوري وقت لاءِ موجون ماڻي وٺو (پوءِ تباهه ٿيندؤ، جيڪڏهن حق جي راه تي نه ايندَؤ).(علامه علي خان ابڙو)


۽ ثمود (جي واقعي) ۾ (اسان جي نشاني هئي) جڏهن کين چيو ويو هڪ مقرر وقت تائين توهان نفعو وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ثمود جي حال ۾ به (قدرت جي نشاني) آهي جڏهن انهن کي چيو ويو ته هڪ خاص وقت تائين مزا ماڻي وٺو.(سيد فرمان علي)


۽ ثمود ۾ جڏهن چيو ويو انهن کي فائدو وٺو وقت مقرر تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ثمود (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن انهن کي چيو ويو ته هڪ وقت تائين مزا ماڻي وٺو. (مولانا محمد مدني)


۽ ثمود (جي قوم جي هلاڪت) ۾ به نشاني آهي جڏهن کين چيو ويو ته هڪ وقت تائين مزا ماڻي وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ساڳِي سَبق ثَمُود ۾، ثابِت آهي صَحِي، جَن ڳوٺاڻن کي ڳالھ اِها، ويئـِي ڪالھ ڪَهِي، ته ڪا مَهل مَزا ماڻيو، اَندر راڄ رَهِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44)

پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر هنن هٺ (۽) وڏائي سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪئي. سو هنن جي ڏسندي ڏسندي (زلزلي جي) ڏهڪاءَ هنن کي پڪڙي ورتو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪئي، پوءِ انهن کي مُهلڪ عذاب اچي پهتو ۽ اهي ڏسي رهيا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان هٺ ڪيائون ته مٿس بجليءَ جو ڪڙڪاٽ پئجي ويو ۽ اهي ڏسندا رهجي ويا.(سيد فرمان علي)


پوءِ سرڪشي ڪيائون پنهنجي رب جي امر کان پوءِ پڪڙيو انهن ڪڙڪي ۽ اهي ڏسن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم مڃڻ کان هٺ ڪيائون پوءِ انهن تي ڪڙڪاٽ پئجي ويو (مولانا محمد مدني)


پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان سرڪشي ڪيائون پوءِ انهن کي ڪڙڪيدار (عذاب) پڪڙيو ۽ اُهي ڏسندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَندنِ سائـِينءَ جي، اَمر کان وِيا ٻَهر وَهِي، پوءِ ڪَڙڪي قابُو پَڪڙيا، پيا ڊِينگ ڊَهِي، ۽ حال حقيقت هِي، پاڻ پَسندائـِي رَهيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45)

پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هو رڳو بيهي به نه سگهيا، نڪي پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهي نه بيهي سگھيا ٿي ۽ نه اهي اسان کان عيوض وٺي سگھيا ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ نه اهي اٿي سگهيا ۽ نه بدلو وٺي سگهيا.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه سگهيا بيهي ۽ نه هئا بدلو وٺي سگهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهي ڏسندا رهيا. پوءِ نه اٿي سگهيا ۽ نه بدلو ورتائون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ نه انهن ۾ اٿڻ جي سگھه رهي ۽ نه اُهي پنهنجو بچاءُ ڪري سگھيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَصل اُٿڻ جيترِي، پُھچ نه ساريؤن پوءِ، ۽ ڪُوڪن مَٿي ڪوءِ، وَريو نه وَاهرو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46)

۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهيءَ (واقعي) کان اڳي حضرت نوح جي قوم جي ماڻهن کي به (اسان سندن نافرمانيءَ جي ڪري تباهه ڪيو هو) ڇو ته يقيناً اهي ماڻهو نافرماني ۽ بدڪاريءَ ۾ حدن کان ٻاهر نڪري ويا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان کان اڳ قوم نوح (جي واقعي ۾ به اسان جي نشاني هئي) بيشڪ اها قوم فاسق هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان کان اڳ اسان نوح جي قوم کي (برباد ڪري ڇڏيو هو) بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا.(سيد فرمان علي)


۽ نوح جي قوم اڳ ۾ بيشڪ اهي هئا بي فرمان. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان اڳ نوح عه جي قوم کي (اسان برباد ڪيو) بيشڪ اهي نافرمان ماڻهو هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ ان کان اڳ نوح جي قوم (کي اسان تباهه ڪيو). بيشڪ اُهي نافرمان قوم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ نُوح نَبِئَ جي قوم ۾، عِبرت آھِ اََڳ، اُهو ويڳاڻو وَڳ، ڦِرندو هُئو فَرمان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47)

۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان آسمان کي وڏي قدرت ۽ ڪاريگريءَ سان بنايو آهي. بيشڪ اسان ڪائنات کي بي انت ڪشادگي ڏني آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان آسمان کي پنهنجي قوت سان بنايو ۽ بيشڪ اسين يقيناً وسيع ڪندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان آسمان کي پنهنجي طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان ۾ سڀ قدرت آهي.(سيد فرمان علي)


۽ آسمان ٺاهيوسون ان کي (قدرتي) هٿن سان ۽ بيشڪ اسين البته وسيع ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آسمان کي اسان طاقت سان بنايو آهي. ۽ بيشڪ اسين سگهه وارا آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ آسمان کي اسان طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان (ڪائنات ۾) ڪشادگي ڪندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان اُپايو اُڀ کي، هَٿِين حِڪمت ساڻ، اِنهيان وَڏن ڪَمن کي، پُهچندڙ آهيون پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48)

۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ زمين کي اسان پکيڙي ڇڏيو آهي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙا نه چڱا پکيڙيندڙ آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان زمين کي وڇايو پوءِ (اسين) ڪهڙا نه بهترين وڇائيندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ زمين کي اسان پڪڙيو آهي پوءِ اسين ڪهڙو نه چڱا پڪڙيندڙ آهيون.(سيد فرمان علي)


زمين پکيڙيوسون ان کي پوءِ ڀلا آهن فرش وڇائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي پوءِ ڪهڙا نه چڱا پکيڙيندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ زمين کي اسان پکيڙي وڇاڻو بنايو پوءِ اسان ڪهڙا نه چڱا وڇائيندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَئـِي سون ڀُون ڪوهن ۾، ڪو ويڪرو وِڇاڻ، پوءِ اَسِين اِن اُهڃاڻ، آهيون وِڇائيندڙ واھ جا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49)

۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان هرهڪ شيءِکي جوڙن ۾ خلقيو آهي، (يعني نر ۽ مادي يا واڌو بجلي ۽ ڪاٽو بجلي يا ڏينهن ۽ رات وغيره وغيره) انهيءَ لاءِ ته توهان (انهن ڳالهين جو علم حاصل ڪري، انهن تي غور ۽ فڪر ڪري) نصيحت وٺو (۽ انسانيت جي معراج تي پهچو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ (اسان) هر شيءِ جا ٻه ٻه جوڙا بنايا، ته من توهان نصيحت حاصل ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڀ ڪنهن شيءِ مان اسان ٻه ٻه قسم پيدا ڪيا آهن ته من اوهين نصيحت حاصل ڪريو.(سيد فرمان علي)


۽ هر شيءِ مان پيدا ڪياسون جوڙا تانته اوهان نصيحت حاصل ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀ ڪنهن شيءِ مان اسان جوڙو جوڙو پيدا ڪيو آهي ته من اوهين ڌيان ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ هر شيءِ مان اسان جوڙا خلقيا آهن هن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جوڙيونسون جوڙا ڪري، هر شئِ مانَ ڌارو ڌار، ته اَوهِين سي اَسرار، پَر کي مانَ پِرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50)

پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (ايڏي قدرت واري ۽ رحيم) الله ڏي تڪڙا ٿي ڀڄو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان الله تعالى ڏانهن متوجه ٿيو، بيشڪ آئون اُن جي طرفان توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته خدا ڏي ئي ڊوڙيو. آءُ اوهان کي پڪ ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڊوڙو الله ڏانهن بيشڪ مان اوهان لاءِ ان جي طرفان کليل ڍيڄاريندڙ آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر! انهن کي چئو ته) الله ڏي ڀڄو! بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان الله ڏانهن ڊوڙو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ لاهي وَهم وُجود مان، ڀَڄو پَروَر پار، آئون پاران اُن جي، اوهان کي اڳوار، ڪندڙ خبردار، چِٽو چَوندڙ آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51)

۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي معبود نه بنايو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ ٿي آيو آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان الله تعالى سان گڏ ٻيو معبود نه بنايو، بيشڪ آئون ان جي طرفان توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا سان ٻئي کي معبود نه بنايو. آءُ يقينا ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ نه ڪيو الله سان گڏ معبود ٻيو بيشڪ مان اوهان لاءِ ان وٽان کليل ڊيڄاريندڙ آهيان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله سان گڏ ٻيو عبادت جو حقدار نه ٺهرايو. بيشڪ آءُ (رڳو) اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ الله سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه بنايو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ مُقرر ڪريو نه مُورهين، ٻيو داتا، ڌڻئَ ساڻ، آئون اوهان جي ڪاڻ، اُن پاران پَڌرو خابرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52)

اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جهڙيءَ طرح توکي اي پيغمبر هي ماڻهو جادوگر يا مجنون ٿا سڏين،تهڙيءَ طرح) جڏهن جڏهن، هنن ماڻهن کان اڳي گذري ويل ماڻهن ڏي ڪوبه پيغمبر ٿي آيو، تڏهن تڏهن کيس جادوگر (يا ڪوڙو) يا مجنون (يعني ديوانو) سڏيندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ آيا، انهن وٽ نه آيو ڪو پيغمبر مگر انهن چيو (اهو) جادوگر يا مجنون آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهڙيءَ طرح جيڪي هنن کان اڳ هئا تن ڏي جو به پيغمبر آيو ته انهن ان کي جادوگر سڏيو يا چريو چيائون.(سيد فرمان علي)


اهڙي طرح نه آيو انهن وٽ جو انهن کان اڳي هئا ڪو رسول مگر چيائون ته جادوگر يا چريو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهڙيءَ طرح جيڪي انهن کان اڳ هئا تن وٽ ڪو رسول نه آيو پر چيائون (ته هو) جادوگر آهي يا چريو آهي. (مولانا محمد مدني)


ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جو انهن کان اڳين وٽ ڪو به رسول نه آيو جنهن کي انهن هيئن نه چيو ته هي جادوگر آهي يا چريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن پَر اِنهيان اڳـيَن کي، جي گُذرِيا وَڏا وَڳر، نه آيو نَبِي نيڪ ڪو، مَهندان چَيؤَن مگر، ته جِنسِي جادوگر، يا جِن اَٿسِ ڪو جان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53)

ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هو هڪٻئي کي (پوين لاءِ) اهائي وصيت ڪندا رهيا آهن؟ حقيقت هيءَ آهي ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي سرڪشيءَ ۾ حدن کان ٻاهر لنگهي چڪا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن (هڪ ٻئي کي نه مڃڻ جي) وصيت ڪئي آهي؟ بلڪ اها قوم سرڪش آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا ان ڳالھ جي هڪڙا ٻين کي وصيت ڪندا رهيا؟ (نه) پر اهي ماڻهو آهن ئي سرڪش.(سيد فرمان علي)


ڇا وصيت ڪيائون (هڪ ٻئي کي) ان جي بلڪ اهي قوم سرڪش آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا ان ڳالهه جي (مرڻ وقت) هڪ ٻئي کي وصيت ڪئي اٿن؟ پر اهي پنهنجي حد کان لنگهندڙ ماڻهو آهن. (مولانا محمد مدني)


ڇا ان ڳالهه جي هڪ ٻئي کي وصيت ڪيائون، بلڪه اهي حد کان لنگهندڙ قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، آڇ اِنهِئ ڳالھ جِي، ڪيائون توڙان توڙ؟ اُٽلو آھِ ساٿ اُهو، هميشه حَد ٽوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54)

تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر) تون هنن (ڪافرن) کان منهن موڙي ڇڏ، (ڇو ته انهيءَ حالت ۾) تون بي ميار آهين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ رسولِ عربي توهان انهن ڏانهن توجه نه ڪريو پوءِ توهان تي ڪجھه به ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) تون انهن کان منهن موڙ ڇو ته (انهن جي ڪفر جي) تو تي ميار نه آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ منهن ڦيراء انهن کان پوءِ ناهين تون ملامت ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر !) تون انهن کان منهن موڙ ڇو ته (انهن جي ڪفر جي) توتي ميار نه آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ پوءِ تو تي ڪا ملامت ڪانهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مُنهن تَنِين کان موڙ، تون مُور مَيارِي ناهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55)

۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر (تنهن هوندي به) نصيحت ڪندو رهه (۽ اسلام جي تبليغ ڪندو رهه) ڇو ته ايمان وارن کي نصيحت (۽ اسلام جي تعليم) وڏو فائدو ٿي پهچائي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان نصيحت فرمايو، پوءِ بيشڪ توهان جي نصيحت مؤمنن کي نفعو ڏئي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نصيحت ڪندو رھ! هن لاءِ ته نصيحت ايمان وارن کي فائدو ڏئي ٿي.(سيد فرمان علي)


۽ نصيحت فرماءِ پوءِ بيشڪ نصيحت نفعو ڏيندي مؤمنن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سمجهائيندو رهه ان لاءِ ته سمجهائڻ ايمان وارن کي فائدو ڏي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ نصيحت ڪر پوءِ بيشڪ نصيحت مؤمنن کي نفعو ڏئي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ وَعظ وَحدانِيـَت جو، تون وَرِي وَرِي ڪر، اَوس ڪندو اَثر، واعظ وِسهندڙن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56)

۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مون جنن توڙي انسانن کي فقط هن لاءِ خلقيو آهي ته هو منهنجي ٻانهپ ڪن (۽ ٻين جي غلاميءَ کان بچي انسانيت جي معراج تي پهچن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنن ۽ انسانن کي مون پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ پيدا ڪيا مون جن ۽ انسان مگر تانته عبادت ڪن منهنجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ مون جِنن ۽ انسانن کي صرف هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اهي منهنجي عبادت ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جوڙيمِ نه ماڻهو، جِن، مگر مَطلب ايترو، ته ڏيئـِي ٻِيَن کي ٻَن، مون کي مَڃِينِ هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57)

نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مان جو حڪم ٿو ڏيان ته منهنجي ٻانهپ ڪن سو ان ۾ منهنجو ڪو ذاتي غرض ڪونهي مان ته غني آهيان) مان ڪو هنن (جنن ۽ انسانن) کان مال رزق (وٺڻ) ڪونه ٿو چاهيان، نڪي مان چاهيان ٿو ته مون کي هو ماني کارائين.(علامه علي خان ابڙو)


آئون انهن کان ڪو رزق طلب نٿو ڪريان ۽ نه آئون چاهيان ٿو ته اهي مون کي کارائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آءُ انهن کان ڪا روزي (ته) نه ٿو گهران ۽ نه انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائين.(سيد فرمان علي)


نه ٿو ارادو ڪيان انهن مان ڪنهن رزق جو ۽ نه ٿو ارادو ڪيان مان هي ته کاڌو کارائن مونکي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آءٌ انهن کان ڪا روزي نه ٿو گهران ۽ نه انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائين. (مولانا محمد مدني)


آءٌ انهن کان ڪا روزي نه ٿو گهران ۽ نه آءٌ انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آئون نه گُھران ٿو اُنهن کان، ڪو پائـِي رزق، پگھار، ۽ نه مڱان ته مانِي ڏِينِ مون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58)

بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً الله ئي آهي جو (پاڻ ٻين کي) مال رزق ڏيندڙ آهي. وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ (دائما) محڪم ۽ مستقل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى ئي رزاق آهي جيڪو صاحبِ قوت ۽ پاڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ خدا روزي ڏيڻ وارو زورآور (۽) زبردست آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله اهو ئي رزق ڏيندڙ طاقت وارو، زبردست آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله روزي ڏيڻ وارو مضبوط طاقت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله خود ئي روزي ڏيڻ وارو آهي وڏي قوت وارو مضبوط آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ بي شڪ برقرار، ڏِيندڙ آهي ڏيہ کي، روزِي رَبُّ، سَتّار، قَرارو ڪَلتار، صاحِب وَڏِئَ سَگھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59)

پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو يقين ڄاڻو ته جن ماڻهن ظلم جي واٽ اختيار ڪئي آهي تن جي نصيب ۾ اهڙو ئي عذاب مقرر ٿيل آهي، جهڙو سندن (اڳوڻن ظالم) ساٿين لاءِ ظهور ۾ آيو هو، سو انهن کي گهرجي ته مون سان اها تڪڙ نه لائن (ته اسان تي جلد عذاب آڻ ته ڏسون ته سهي).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ بيشڪ ظالمن کي عذاب جو حصو ملندو جيئنڪ سندن (اڳين) دوستن کي حصو مليو پوءِ اهي مون کان عذاب جي تڪڙ نه ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (انهن) ظالمن لاءِ به عذاب جو ڪجھ حصو آهي جهڙي طرح سندن ساٿين جي لاءِ به حصو هو ته کين اسان سان جلدي نه ڪرڻ گهرجي.(سيد فرمان علي)


پوءِ بيشڪ انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو حصو (عذاب جو) انهن جي ساٿين جي حصي جهڙو آهي پوءِ نه تڪڙو گهرن مون کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جن ظلم ڪيو تن جو وارو آهي سندن دوستن جي واري جهڙو پوءِ (عذاب جي) مون کان جلد گهر نه ڪن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو انهن کي به انهن جي ساٿين جي حصي جي مثل حصو ملندو پوءِ (عذاب جي) مون کان جلد گهُرَ نه ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اُهي جَن اَنڌير ڪيا، اُنهن لئي آھِ عذاب، جِھڙِي سَندنِ ساٿِين کي، اَڳ سزا برصواب، پوءِ ڪري تڪڙ تاب، پاڻهِين نه گُھرن پاڻ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60)

پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ وڏي مصيبت ٿيندي، سندن (عذاب واري) ڏينهن جي جنهن جو ساڻن واعدو ڪيل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ڪافرن لاءِ ان ڏينهن ويل هوندو، جنهن ڏينهن (قيامت) جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن ڪري ته ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ (ڏاڍي) خرابي آهي جنهن جو انهن سان انجام ڪيو وڃي ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو سندن ان ڏينهن ۾ جنهن جو وعدو ڏنا ويا آهن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن ڪري ته ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ خرابي آهي جنهن جي کين ڌمڪي ڏني وڃي ٿي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ تباهي آهي جنهن کان انهن کي ڌمڪايو پيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وو وو! آهي اُنهن لئي، جي ڦِريا ڪنان فرمان، ڏاڍي سَندنِ ڏِينهن کان، مَحشر جي ميدان، جنهن جو مَنجھ ميدان، ڏجي اَنجام اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017