050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق قسم آهي قرآن مجيد جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريق. وڏي شان واري قرآن جو قسم آهي (ته اي پيغمبر!
— مولانا محمد مدنيقاف ــ قسم آهي قرآن مجيد جو.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪ عجب ۾ پيا ته آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ انهن مان پوءِ چيو ڪافرن ته هيءَ شيءِ عجيب آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتون الله جو موڪليل آهين) پر هنن کي هي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي پوءِ ڪافرن چيو ته هي عجب جي ڳالهه آهي.
— مولانا محمد مدنيماڻهن کي (اِن ڳالهه تي) حيرت ٿئي ٿي ته وٽن انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي. ڪافرن چيو ته هي ته (صفا) عجيب معاملو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي اهو موٽڻ پرانهون آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (تڏهن جيئرا ٿينداسون ڇا؟) اهو موٽائڻ (عقل کان) پري آهي.
— مولانا محمد مدنيڇا اسان مري مِٽي ٿي وينداسين (پوءِ اسان کي ٻيھر جيئرو ڪيو ويندو) اها ڳالهه ته (اسان جي) سمجهه کان ٻاهر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
تحقيق ڄاتو اسان اهو جيڪو گهٽائي ٿي زمين انهن مان ۽ اسان وٽ ڪتاب ياد رکندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي زمين انهن مان گهٽائي ٿي سو اسان کي معلوم آهي. ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب حفاظت ڪندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجهه ( انهن مري ويلن مان) زمين گهٽائي ٿي (يعني جن جي جسمن کي مٽي ڪري ختم ڪري ڇڏي ٿي) اسان وٽ هڪ ڪتاب (يعني دفتر) آهي جنهن ۾ سڀ محفوظ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪ ڪوڙو چيائون حق کي جڏهن آيو انهن وٽ پوءِ اهي اڻ ثابت امر ۾ آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپر جڏهن سچي ڳالهه انهن وٽ آئي تڏهن ان کي ڪوڙو ڪري ڇڏيائون پوءِ اهي منجهيل ڳالهه ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيجڏهن (به) انهن وٽ حق آيو ته انهن اُن کي ڪوڙو ڪيو. تنھنڪري هو مونجهاري ۾ (پيل) آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا پوءِ نه ڏٺائون آسمان ڏانهن انهن جي مٿان ته ڪيئن ٺاهيو اسان ان کي ۽ سينگاريو اسان ان کي ناهي ان ۾ ڪو سوراخ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا پوءِ پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪيئن اسان ان کي بنايو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي ۽ ڪجهه به ان ۾ چير نه آهن.
— مولانا محمد مدنيڇا ڀلا انهن ماڻهن پنھنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو آهي ته اسان اُن کي ڪيئن ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ (ڪوبه) ڏار وغيره پيل نه آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين پکيڙيو اسان ان کي ۽ وڌا اسان ان ۾ وڏا وڏا جبل ۽ ڄمايو اسان ان ۾ هر قسم جي جنس مان تازا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان سڀ وڻندڙ نمونا ڄمايا آهن.
— مولانا محمد مدني۽ اسان زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ ان ئي زمين مان هر قسم جا خوبصورت سَلا ڪڍيا.
— عبدالسلام ڀُٽوتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
۽ سمجهاڻي ۽ نصيحت انهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڀ ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي جي سمجهائڻ ۽ ياد ڏيارڻ لاءِ.
— مولانا محمد مدنيهي سڀ (شيون) الله تعالى ڏي موٽ کائيندڙ ٻانهي جون اکيون کولڻ ۽ نصيحت وٺڻ لاءِ ئي آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ لاٿو اسان آسمان مان پاڻي برڪت وارو پوءِ ڄماياسون ان سان باغ ۽ داڻا پوک جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو آهي پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اڀريا آهن.
— مولانا محمد مدني۽ اسان آسمان مان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو. پوءِ ان جي ذريعي باغ ۽ اناج وارا فصل پيدا ڪيا.
— عبدالسلام ڀُٽووَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ کجيون ڊگهي قد واريون جو انهن جا ڦر ڳتيل آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تهه ٿيل آهن.
— مولانا محمد مدنيڊگها کجيءَ جا وڻ (به پيدا ڪيا) جن جا ڇُڳا هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيل هوندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽورِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
رزق ٻانهن جي لاءِ ۽ آباد ڪيوسون ان سان شهر برباد ٿيل اهڙي طرح نڪرڻ آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريٻانهن کي روزيءَ ڏيڻ لاءِ ۽ ان سان اسان ويران ملڪ کي آباد ڪيو آهي. اهڙي طرح ئي (قبرن مان) نڪرڻ آهي.
— مولانا محمد مدني(اِهي سڀ شيون) ٻانهن جي لاءِ رزق طور آهن ۽ اسان اُن پاڻي جي ذريعي غيرآباد علائقي کي به آباد ڪيو . تنهنڪري قبرن مان (مري ويلن جو به) اهڙي طرح نڪرڻ ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽوكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ رس وارن ۽ ثمود .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن کان اڳي نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو ۽
— مولانا محمد مدنيانهن کان اڳ نوح ($) جي قوم، کوهه وارن ۽ ثمود قوم به ڪوڙو ڪيو هو.
— عبدالسلام ڀُٽووَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپراڻي کوهه وارن ۽ ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن
— مولانا محمد مدني۽ عاد قوم، فرعون ۽ لوط ($) جي برادري (به ڪوڙو ڪيو)
— عبدالسلام ڀُٽووَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ ايڪہ وارن ۽ تبع جي قوم سڀني ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ ثابت ٿيو منهنجي عذاب وارو وعدو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ٻيلي وارن ۽ تُبّع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي ڌمڪي (مٿن) پئجي وئي.
— مولانا محمد مدني(اهڙي طرح) ايڪه وارن ۽ تبع قوم، انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ انهن جي مٿان عذاب نازل ٿيو.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا پوءِ اسين ٿڪجي پياسون پهرئين پيدا ڪرڻ سان بلڪ اهي شبهي ۾ آهن نئين پيدا ڪرڻ جي ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا پوءِ اسين پهرئين پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿي ويا آهيون؟ پر اهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيڇا اسان پھريون ڀيرو پيدا ڪرڻ کان بي وس هئاسين؟ (اصل ۾) هي ماڻهو نئين سر پيدا ڪرڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ البته تحقيق پيدا ڪيو اسان انسان کي ۽ ڄاڻون ٿا اهو جو وسوسو وجهي ٿو ان سان ان جو نفس ۽ اسين ويجها آهيون ان ڏانهن (ان جي) ساهه واري رڳ کان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساهه جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون.
— مولانا محمد مدنياسان ئي انسان کي پيدا ڪيو آهي (سو) سندس دل ۾ پيدا ٿيندڙ وسوسن کان اسان ئي واقف آهيون ۽ اسان ته ان جي ساهه واري رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جڏهن وٺن ٿا ٻه وٺندڙ سڄي ۽ کٻي کان وهندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن وقت ٻئي جهٽڻ وارا جهٽين ٿا سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن.
— مولانا محمد مدنيجڏهن ته ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل ٻه فرشتا (به) ان جي هر عمل کي لکي رهيا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽومَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
نه ٿو ڪڍي (زبان مان) ڪا ڳالهه مگر ان وٽ نگهبان تيار هوندو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڪا ڳالهه نه ٿو ڪڍي جو وٽس نگهبان تيار نه هجي.
— مولانا محمد مدنيوات مان لفظ ڪڍڻ کان اڳ ئي محفوظ ڪرڻ وارو (هڪ فرشتو) موجود هوندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ ايندي موت جي سڪرات حق سان اها آهي جو ان کان ڀڄندو هئين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ سچ پچ موت جي سختي اچي ويندي (کين چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون پاسو ڪندو هئين.
— مولانا محمد مدنيجڏهن مٿس موت جي بيهوشي ايندي آهي (ته اسان کيس چوندا آهيون ته) اِها اٿئي اُها شيءِ جنھن کان تون ٽهندو هئين.
— عبدالسلام ڀُٽووَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ اهو عذاب جي وعدي جو ڏينهن آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو. اهو ڏينهن ڌمڪيءَ جو آهي.
— مولانا محمد مدني۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ (کيس چيو ويندو ته) اهوئي انجام جو ڏينھن آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو