توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نه ٿيو، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنو! پنهنجا معاهدا پورا ڪيو (پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيو). توهان جي لاءِ ڍڳن ڍورن (جو گوشت کائڻ) حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن جي جن بابت (اڳي بيان ڪيل آهي ۽ اڳتي) حڪم ٻڌايو ويندو، پر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو تڏهن شڪار ڪرڻ حلال ناهي، بيشڪ الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو تنهن جو حڪم ڏئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو توهان پنهنجن ڪيل وعدن کي پورو ڪريو، توهان لاءِ چؤپايا جانور حلال ڪيا ويا مگر اُهي جانور جيڪي توهان تي قرآن ڪريم ۾ حرام ڪيا ويا ۽ احرام جي صورت ۾ شڪار حلال نه سمجهو، بيشڪ الله تعالى جيڪو چاهي حڪم ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! (پنهنجن) انجامن کي پاڙيو. (ڏسو) توهان لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ ان کان جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايو ويندو پر جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ خدا جيڪي گهري ٿو سو حڪم ڪري ٿو. (سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! پورا ڪيو عهد، حلال ڪيا ويا اوهان لاءِ چوپايا جانور مگر جيڪو پڙهيو ٿو وڃي اوهان تي نه حلال سمجھندڙ شڪار جا حالانڪ اوهان احرام سان آهيو بيشڪ الله حڪم ڪري ٿو جيڪو گھري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! (پنهنجن) انجامن کي پاڙيو. اوهان لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايو ويندو پر احرام جي حالت ۾ اوهين شڪار کي حلال سمجهندڙ نه هجو. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو سو حڪم ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! بندشن جي پائبندي ڪيو. توهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن سواءِ انهن جي جيڪي توهان کي (اڳتي) ٻڌايا ويندا، مگر جڏهن توهان احرام ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ الله جو چاهي حڪم فرمائي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي وِسهيا، جي وريام! پنهنجون ٻوليون پاريو، ڍور اوهان تي، وَهٽن مان، جائز ڪيا ويا جام، مگر اوهان تي مصحف ۾، پڙهجن، جي پيغام، نه ڪندڙ شوق شڪار جو، جڏهن آهيو، منجھ احرام، آگو ربُّ علام، حڪم هلائي، جيئن گُھري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنو! خدا جي شعائرن جي (يعني خدا پرستي جي مقرر ڪيل نشانين ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو، نڪي انهن مهينن جي (بي حرمتي ڪريو) جي حرمت جا مهينا آهن (ذي قعد،ذي الحج، محرم ۽ رجب مهينن ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي ڇو ته انهن مهينن ۾ حاجين جي آمدرفت رهندي هئي) نڪي (حَج جي) قرباني جي (بيحرمتي ڪريو) ۽ نه انهن جانورن جي جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) ڪنڍيون پاتل آهن ۽ پڻ انهن ماڻهن جي (بي حرمتي نه ڪيو، نڪي کين روڪيو نڪي نقصان پهچايو) جي بيت الحرام جو قصد ڪن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو تڏهن شڪار ڀلي ڪيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو هڪ قوم جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي آماده ڪري جو توهان به زيادتي ڪرڻ لڳو. ڇو ته هنن اوهان کي ڪعبت الله کان روڪي ڇڏيو هو. (توهان جو دستور ته هي هئڻ گهرجي ته) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريو، مگر گناه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو، ۽ (خبردار) الله کان ڊڄندا رهو، جو يقيناً (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! توهان حج جي احڪامن ۾ رڪاوٽ نه وجهو ۽ حج جي مهينن ۾ جنگ کي حلال نه سمجهو ۽ قربانيءَ جي جانورن کي نه روڪيو (خصوصا) نشان ڪيل قرباني ۽ نه انهن حاجين کي روڪيو جيڪي بيت الله (جي حاضري ) لاءِ اچن ٿا، اهي الله جي فضل ۽ رضامندي جا طلبگار آهن، ۽ جڏهن احرام لاهيو پوءِ ڀلي شڪار ڪريو ۽ توهان کي قوم جي دشمني نه اُڀاري جو توهان انهن کي بيت الله (جي زيارت) کان روڪي حد کان وڌو، ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪريو، ۽ گناه ۽ زيادتي تي هڪ ٻئي سان تعاون نه ڪريو، ۽ الله تعالى جو خوف ڪريو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! (ڏسو) خدا جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو نه عزت واري مهيني جي ۽ نه قربانيءَ جي ۽ نه ڳچي ۾ پٽي ٻڌل جانورن جي (جن کي خدا جي نظر لاءِ نشان ڪري منى ۾ وٺي ويندا آهن) ۽ نه ڪعبي (جي طواف ۽ زيارت جو قصد ڪرڻ وارن جي، جيڪي پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي ۽ فضل (۽ ڪرم) جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ جڏهن اوهين احرام کوليو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني هن ڪري جو انهن اوهان کي عزت واري مسجد کان روڪيو، اوهان کان ائين هرگز نه ڪرائي جو حد کان لنگهي وڃو. (اوهان جو فرض ته هي آهي جو) ڀلائي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو. ۽ گناھ ۽ ظلم ۾ پاڻ ۾ ڪنهين جي به مدد نه ڪريو، ۽ خدا کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) بيشڪ الله جو عذاب تمام سخت آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه حلال سمجھو نشانين الله جي کي ۽ نه عزت واري مهيني کي ۽ نه قربانيءَ جي جانور کي ۽ نه ارادو ڪندڙ گھرعزت واري جي کي طلب ٿا ڪن مهرباني پنهنجي رب کان ۽ رضامندو ۽ جڏهن احرام کوليو ته پوءِ شڪار ڪيو، ۽ نه اڀاري اوهانکي دشمني ڪنهن قوم جي هن ڪري جو روڪيائون اوهان کي مسجد عزت واريءَ کان ته زيادتي ڪيو ۽ مدد ڪيو نيڪيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ۽ نه مدد ڪيو گناھ ۽ سرڪشيءَ جي ڪم ۾ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله جي (عبادت جي) نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو ۽ نه عزت واري مهيني جي ۽ نه قربانيءَ واري جانور جي ۽ نه، (ان قربانيءَ لاءِ) ڳچيءَ ۾ پٽو ٻڌل جانور جي ۽ نه عزت واري گهر (بيت الله ) ڏي ايندڙن جي جيڪي پنهنجي پاليندڙ جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا. ۽ جڏهن احرام کوليو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني هن ڪري جو انهن اوهان کي عزت واريءَ مسجد کان روڪيو اوهان کان ائين هرگز نه ڪرائي جو حد کان لنگهي وڃو. ۽ ڀلائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ۽ گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪيو ۽ نه عزت وارن مهينن (يعني رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم) جي ۽ نه (حرمِ ڪعبه ڏانهن موڪليل) قرباني جي جانورن جي ۽ نه ڳچين ۾ (قرباني جي ) نشاني طور پَٽو ٻڌل جانورن جي ۽ نه عزت واري گهر (مسجد الحرام) ڏانهن ارادو ڪري ايندڙ ماڻهن (جي عزت مال ۽ جان) جي (بي حرمتي ڪجو جيڪي) پنهنجي پالڻهار جي فضل ۽ رضا جا طالب آهن. ۽ جڏهن احرام کولي ڇڏيو ته پوءِ شڪار ڪري سگهو ٿا. ۽ توهان کي ڪنهن قوم جي (اها) دشمني جو انهن اوهان کي مسجد الحرام کان روڪيو هيو هن ڳالهه تي نه اُڀاري جو توهان (انهن سان) زيادتي ڪيو. ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي سان مدد ڪيو ۽ گناهه ۽ زيادتي ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪيو ۽ الله کان ڊڄو. بلاشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مالڪ جا، نه ٽوڙيو يادگار، نه مهينو پاڪ، نه مهديون ۽ نه گانا ڳچين هار، نه مِهت مُهت دارجا، پانڌوڙِي ڪنهن پار، جي گُھرن ڀال ڀلي جا، پڻ رضا ربَّ، ستار، ڪريو، پوءِ شڪار، جڏهن ڇِلو ڇوڙيو. ۽ ڪري نه ڪنهن قوم تي، کَڙو آن کي کار، ته آن کي، مسجد پاڪ کان، جَھليائون جُونجھار!، حڪم اِهو هيڪار، ته ليڪي کان نه لنگھيو. ۽ چاڙهيء چڱيء ۾ ڏيو ، تقوٰى تي تڪرار، نه مدد مَدِئ ۾ ڪريو، ڪنهن ڪُڌي منجھ ڪم ڪار، ڪَنبو ڀر قهار، سائين سزا ۾، سخت گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
اوھان تي حرام ڪيو ويو آھي مُئل جانور ۽ (وھندڙ) رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ جنھن شيءِ کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪيو ويو آھي) ۽ جيڪو (جانور) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو به) پر جنھنکي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نه آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪيو ويو آھي) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (به)، اِھي (مڙئي) گناہ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پوءِ جيڪو گناہ ڏانھن نه لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿيون حرام شيون کائي ته روا آھي)، پوءِ تحقيق الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (مسلمانو) توهان تي (هي شيون) حرام ڪيون ويون آهن، مردار جانور، رت، سوئر جو گوشت، اهو جانور جنهن تي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو وٺجي، گردن گهٽي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، ڪنهن جانورن جي سڱن سان مريل، جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور چيري، ڦاڙي کاڌو هجي، پر اهي (حرام ناهن) جن کي توهان (انهن جي مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري وٺو. اهو جانور به حرام آهي جو ڪنهن غير الله جي پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو وڃي، ۽ جيڪي (گوشت يا ٻيون شيون ڪڻن جي نموني يا جوا طور) تيرن سان پاڻ ۾ ورهايو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هئا سو به حرام آهي). اها گناه جي ڳالهه آهي. (مسلمانو!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي اهي هاڻي اوهان جي دين بابت نااميد ٿي ويا آهن (يعني ڏسن ٿا ته اسلام پڪي پايي تي قائم ٿي ويو آهي ۽ مسلمان زور وٺي ويا آهن) پوءِ توهان هنن کان بلڪل نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪيو) اڄوڪي ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک کان لاچار هجي، ائين نه ته (ڄاڻي ٻجهي) گناه جو ڪم ڪرڻ چاهي (۽ لاچاري حالت ۾ ڪا حرام شيء کائي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحمت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) توهان جي مٿان حرام ڪيو ويو مردار (جانور) ۽ سِير وارو رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن جانور جي ڪُهڻ وقت غير الله جو نالو ورتو ويو ۽ گهٽو ڏنل جانور ۽ مڏي اوزار سان مئل جانور ۽ ڪِري مئل جانور ۽ سنڱ سان مئل جانور ۽ جنهن جانور کي ٻئي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو ، مگر جيڪڏهن توهان انهن جانورن کي حلال ڪري ورتو. ۽ جيڪو جانور بت جي نالي ڪيو ويو اهو به حرام آهي ۽ تيرن سان قسمت آزمائي ڪرڻ حرام آهي، اهي ڪم سرڪشيءَ جا آهن، اڄ ڏينهن ڪافر توهان جي دين کان نا اميد ٿي ويا پوءِ توهان ڪافرن کان نه ڊڄو ۽ خالص الله کان ڊڄو، اڄ ڏينهن الله تعالى مدد فرمائي توهان لاءِ توهان جي ديني احڪامن کي مڪمل ڪيو ۽ توهان تي الله پنهنجون نعمتون پوريون ڪيون ۽ توهان لاءِ دينِ اسلام پسند فرمايو، پوءِ جيڪو ماڻهو مجبور ٿي حرام کائي ٿو بک جي صورت ۾ نه لاڙو ڪندڙ گناه جي طرف، پوءِ بيشڪ الله غفور رحيم آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (انسانو!) اوهان کي مئل جانور ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن (جانور) تي (سير وجهڻ وقت) خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي ۽ گهٽو کائي مئل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل جانور ۽ جو (کوھ وغيره ۾) ڪري مري ويل جانور ۽ سڱ سان مارجي ويل جانور ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو هجي، سواءِ ان جي جنهن کي اوهان (مرڻ کان اڳي) ذبح ڪيو هجي. ۽ جنهن (جانور) کي بتن (جي ٽڪاڻي) تي (نذر ڪري) ڪٺو ويو هجي. ۽ هي به (حرام ڪيل آهي) ته جوا جي تيرن سان پنهنجا حصا معلوم ڪريو. (مطلب ته اهي سڀ ڳاليهون اوهان تي حرام ڪيون ويون آهن) اها نافرماني آهي. (مسلمانو!) هاڻي ته ڪافر، اوهان جي دين (کان ڦري وڃڻ ڪري) نااميد ٿيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو (فقط مون کان ڊڄو) اڄ مون اوهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان جي (هن) دين اسلام کي پسند ڪيو. پوءِ جو شخص بک ۾ لاچار ٿئي (۽) گناھ ڏي مائل به هجي (۽ ڪا شيءِ کائي) ته خدا بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) حرام ڪيو ويو اوهان تي مردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جو ڪهڻ وقت پڪاريو ويو الله کان سواءِ ان تي ۽ گُهٽو ڏنل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل ۽ ڪرڻ سان مرندڙ ۽ سڱ سان ماريل ۽ جيڪو کائي ڇڏيو ڦاڙيندڙ جانور مگر جيڪو ڪُٺُوَ- ۽ جيڪو ڪٺو ويو بتن جي ٽڪاڻن تي ۽ هي جو ورهايو (جوا جي) تيرن سان اهو گناھ آهي، اڄ نا اميد ٿيا ڪافر اوهان جي دين کان پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان اڄ ڪامل ڪيم اوهان لاءِ اوهانجو دين ۽ پوري ڪيم اوهان تي پنهنجي نعمت ۽ پسند ڪيم اوهان لاءِ اسلام کي دين بنائي پوءِ جيڪو مجبور ڪيو وڃي بک ۾ نه لاڙو رکندڙ گناھ جي لاءِ پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان تي حرام ڪيو ويو آهي مئل جانور ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي ۽ گهٽو کائي مئل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل جانور ۽ مٿان ڪري مئل جانور ۽ سٽ۾ سان ماريل جانور ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانورکاڌو هجي سواءِ ان جي جنهن کي اوهان (مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري ورتو هجي ۽ جنهن کي (غير الله جي) پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو ويو هجي ۽ هيءَ به ته جُوا جي تيرن سان پنهنجا حصا معلوم ڪريو. اها نافرماني (بي ديني جو ڪم) آهي. اڄ ڪافراوهان جي دين (تي غالب ٿيڻ) کان نااميد ٿيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. اڄ اوهان جو دين اوهان لاءِ ڪامل ڪيو اٿم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي اٿم ۽ اوهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو اٿم. پوءِ جيڪو بک ۾ لاچار ٿئي پر گناهه ڏي جهڪندڙ نه هجي ته (کائي) پوءِ بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) توهان تي مردار جانور حرام ڪيو ويو آهي ۽ (سِيرَ جو) رَت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جيڪو جانور (ذبح جي وقت) غير الله جو نالو وٺي ڪُٺو ويو هجي ۽ گهُٽي سان مُئل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ (ڪنهن جانور جي ) سِڱ هڻي ماريل ۽ جنهن جانور کي ڦاڙيندڙ جانور کائي ويو سواءِ ان جي جنهن کي اوهان ذبح ڪري ورتو (اهو حلال آهي) ۽ (اهو جانور به حرام آهي) جيڪو ڪنهن (بت جي) آستاني تي ذبح ڪيو ويو ۽ جو توهان تيرن سان تقسيم ڪيو. اهي سڀ ڪم گناهه آهن. اڄ ڪافر اوهان جي دين کان مايوس ٿي ويا پوءِ انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ڇڏي ۽ اوهان لاءِ اسلام کي (بطور) دين پسند ڪيم. پوءِ جيڪو بک ۽ اڃ جي شدت ۾ مجبور هجي (هن شرط سان ته) گناهه ڏانهن لاڙو ڪندڙ نه هجي (۽ بيان ڪيل حرام شين مان ڪجھه کائي) ته پوءِ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) منع اوهان کي مردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا پُڪارِي ويئـِي، پاڪ پرور کان ڌار، گوگھاٽيل، مَڻڪي ڀڳل ۽ ڪِريل، ڀرڪنار، پڻ مُئل مورهين، اُ کل جي آڌار، ۽ مِرونءَ کاڌِي جا، مگر حلال ڪيان هيڪار، ڪُٺِي پَٿر، ڪِ پير تي، يا ڪَريو ڪا ڍاڻي ڪار، آهي اوهان هار، ڏِٺو وائـِٺو ڏوه اِهو. جي ڦريا اوهان جي دين کان، اَڄ ٿيا آسرپَل، پوءِ، اُنهن کان، نه ڊِڄو اصل، ڊِڄو مون کان، مورهين. اوهان لئي، اوهان جي دين کي، اَڄ ڪيم تَم تمام، ۽ پورو ڪَيم پَنهنجو، اوهان تي اِنعام، ۽ ڌئو ڀلارو دين مون، اوهان لئي اِسلام، پوءِ، جو بُک ۾ بيزار ٿيو، نه لَڙندڙ خطا ڏي خام، ته آگو ربُّ علام، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
(اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بِسۡمِ اللهِ اَللهُ اَڪۡبرُ) چئو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت حساب وٺندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کين حلال آهن؟ تون چئو ته، جيڪي به چڱيون شيون آهن، سي سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانور جن کي توهان شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيئن خدا توها کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي ڏنل عقل ۽ ذهن سان توهان ڳولي ڪڍيو آهي) انهن شڪاري جانورن کي سيکاريو ته پوءِ جيڪو شڪار هو پڪڙين ۽ توهان جي لاءِ رکن ته اهو توهان بيشڪ کائو، پر گهرجي ته (شڪاري جانور کي شڪار تي ڇڏڻ وقت) خدا جو نالو وٺو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله کان ڊڄندا رهو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ (عملن جو) حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان کان سوال ڪن ٿا ڪهڙيون شيون انهن لاءِ حلال ڪيون ويون، توهان فرمايو پاڪ شيون توهان لاءِ حلال ڪيو ويون، ۽ جن جانورن کي توهان شڪار سيکاريو ٿا (انهن جو ڪيل شڪار به حلال آهي) توهان انهن کي سيکاريو ٿا جيئن توهان کي الله سيکاريو آهي، پوءِ توهان کائو جيڪو انهن جانورن پڪڙيو ۽ الله جو نالو انهيءَ تي وٺو، ۽ الله کان خوف ڪريو، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي (کين) چئو ته اوهان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن مان جن کي اوهان (شڪار ڪرڻ) سيکاريو هجي ۽ (اوهين) هجو به شڪار سيکارڻ وارا) جو ڪجھ خدا توهان کي سيکاريو آهي تنهن مان ڪجھ انهن کي سيکاريو ٿا، سي جو ڪجھ اوهان لاءِ جهلن تنهن مان کائو ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار ڇڏڻ وقت) الله جو نالو پڙهندا ڪيو ۽ الله (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) پڇن ٿا توکان ته ڪهڙي شيءِ حلال ڪئي وئي انهن لاءِ فرماءِ ته حلال ڪيون ويون اوهان لاءِ پاڪ شيون اهو جو سيکاريُوَ ڦٽيندڙ جانورن کي شڪار کي وٺندڙ سيکاريو ٿا انهن کي ان مان جو سيکاريو اوهان کي الله پوءِ کائو ان مان جو جھلي بيهن اوهان جي ڪري ۽ ذڪر ڪيو نالو الله جو ان تي ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله تڪڙو آهي حساب ڪرڻ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) توکان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي. (کين) چئو ته اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن مان جن کي اوهان (شڪار ڪرڻ) سيکاريو هجي ۽ هجو به شڪار سيکارڻ وارا، جو ڪجهه الله اوهان کي سيکاريو آهي تنهن مان ڪجهه انهن کي سيکاريو ٿا، سي جو ڪجهه اوهان لاءِ جهلين تنهن مان کائو ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار تي ڇڏڻ وقت) الله جو نالو پڙهندا ڪريو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) توکان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڪهڙيون شيون حلال ڪيون ويون آهن؟چؤ ته اوهان لاءِ سڀ پاڪيزه شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن جو شڪار جن کي اوهان سِکيا ڏني آهي شڪار تي ڊوڙائيندي اوهان انهن کي ائين سيکاريو ٿا جيئن اوهان کي الله علم ڏنو آهي، پوءِ ان (شڪار) مان کائو جيڪو (شڪاري جانور) توهان لاءِ پڪڙي رکن ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار لاءِ ڇڏيندي) الله جو نالو وٺو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله حساب ۾ جلدي ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنئـِي، ته پرور ڇا ڪيو، حلال اُنهن هار، چئو، چڱيون چوکيون اوهان لئي، جائز ڪيون جبار، پڻ جيڪي پاڻ پاليان، ڪُتا ڪاڻ شِڪار، سيکاريونِ، جو سيکاريان صاحب ربَّ، ستار، جو جَھليؤن اوهان لئي، تنهن منجھان، کائو خُوش گوار، ۽ ساريو سائينءَ پاڪ جو، نالو مَٿنِ نِروار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، هادِي تِکو حساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ اوھان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (به) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام انھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪدامن مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪدامن (عورتون) جڏھن پرڻو ڪندڙ نه زنا ڪندڙ ۽ نه ڳجھي آشنائي رکندڙ ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (ته حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھنجو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اڄ سڀ چڱيون شيون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن (اهل ڪتاب) جو تيار ڪيل طعام توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام هنن لاءِ حلال آهي. پڻ اوهان جي لاءِ مسلمان بيبيون ۽ اهل ڪتاب جون بيبيون حلال آهن، بشرطيڪ انهن جو مهر انهن کي ڏيو ۽ مقصود نڪاح ۾ آڻڻ جو هجي، نڪي نفس پرستيءَ لاءِ بدڪاري ڪئي وڃي، نڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪئي وڃي، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان کان منڪر ٿيو تنهنجا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرت ۾ هو انهن منجهان هوندو جي تباه حال هوندا.(علامه علي خان ابڙو) اڄ ڏينهن توهان لاءِ پاڪ لذيذ شيون حلال ڪيو ويون ۽ اهلِ ڪتاب جي ڪُٺِي (بِسم الله، الله اڪبر سان ڪُهن ته) توهان لاءِ حلال آهي ۽ توهان جا طعام انهن لاءِ حلال آهن، ۽ پاڪ دامن عورتون مؤمنن مان يا اهلِ ڪتاب مان توهان مسلمانن لاءِ حلال آهن، جڏهن توهان انهن جا مهر ادا ڪريو نيڪوڪار هجن نه بدڪار نه پوشيده دوستي رکندڙ، ۽ جيڪو ماڻهو شريعت اسلاميءَ جو انڪار ڪري ٿو پوءِ ان جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا ۽ آخرت ۾ اهو نقصان وارن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اڄ اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ اهل ڪتاب واريون (خشڪ شيون اناج وغيره) اوهان لاءِ (حلال آهن ۽ اوهان جو کاڌو انهن لاءِ حلال آهي ۽ پاڪ دامن مسلمان زالون ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان پاڪ دامن زالون (به اوهان لاءِ حلال آهن) جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو پاڪدامنيءَ جا ڳولائو ٿي، شهوتراني جو خيال ڇڏي، ۽ نه لڪي ڇپي آشنائي ڪندڙ به نه هجو. ۽ جنهن شخص ايمان کان انڪار ڪيو تنهن جي نعمت برباد ٿي. ۽ اهو آخر ۾ نقصان وارن مان آهي.(سيد فرمان علي) اڄ حلال ڪيون ويون اوهان جي لاءِ پاڪ شيون ۽ طعام انهن جو جي ڏنا ويا ڪتاب حلال آهي اوهان جي لاءِ ۽ طعام اوهان جو حلال آهي انهن لاءِ ۽ پاڪدامن عورتون ايمان وارين مان ۽ پاڪدامن عورتون انهن مان جو ڏنا ويا ڪتاب اوهان کي اڳي جڏهن ڏنَوَ انهن کي مهر انهن جا نڪاح ڪندڙ نه شهوت هلائيندڙ ۽ نه ڳجھي ياري رکندڙ ۽ جيڪو انڪار ڪندو ايمان جو پوءِ تحقيق چٽ ٿيو ان جو عمل ۽ اهو آخرت ۾ نقصان وارن مان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اڄ اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ ڪتاب وارن جو کاڌو اوهان لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو کاڌو انهن لاءِ حلال آهي ۽ پاڪ دامن مسلمان زالون ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان پاڪ دامن زالون (به اوهان لاءِ حلال آهن) جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو، پاڪدامنيءَ جا ڳولائو ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي ۽ (ڳجهيون) ساهيڙيون بنائيندڙ به نه هجو. ۽ جيڪو اسلام (يعني قرآن جي هن حڪم) جو انڪار ڪندو تنهن جي محنت برباد ٿي. ۽ اهو آخرت ۾ نقصان وارن مان آهي. (مولانا محمد مدني) اڄ اوهان لاءِ سڀ پاڪيزه شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ انهن ماڻهن جو کاڌو (يعني ذبيحو) اوهان لاءِ حلال آهي جن کي ڪتاب ڏنو ويو ۽اوهان جو کاڌو (ذبيحو) به انهن لاءِ حلال آهي، ۽ پاڪدامن مؤمنياڻيون (به اوهان لاءِ حلال آهن) ۽ پاڪدامن عورتون انهن مان جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو (حلال آهن) جڏهن اوهان انهن جا مهر ادا ڪيو نڪاح ڪندڙ هجو نه ظاهر بدڪاري ڪندڙ ۽ نه ئي ڳجهي آشنائي رکندڙ هجو. ۽ جيڪو ايمان (جي رستي تي هلڻ) جو انڪار ڪندو ته بيشڪ ان جو سارو عمل برباد ٿي ويو ۽ اهو آخرت ۾ به نقصان وارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چڱا چيز اوهان تي، اڄ جائز ڪيا ويا جام، پڻ آن تي، اهل ڪتاب جو، روا طعام تمام، پڻ روا آهي، اوهان جو، تن ڪاڻ طعام، پڻ وَنِيون وِسهندڙن مان، پڻ ناريون نيڪ نام، اُنهن مان، ڪتاب جن کي، ٿيا آن کان اڳ اِنعام، جڏهن ڏِنان ڏان اُنهن کي، موجب عهد انجام، پرڻِيندڙ، نه پر ۾، ڪندڙ خطائون خام، نه وَٺندڙ تن وريام!، سَنگـتياڻيون ۽ ساهيڙيون. ۽ ڦِرندو جو ايمان کان، تِنهنجا ڪريا سڀ ڪم ڪار، ۽ هارِينِ مان هَچار، اُهو آهي آخرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنبي (يعني مٿي ميرا) ھجو ته پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانه مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نه گھرندو آھي پر گھُرندو آھي ته اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! جڏهن نماز جي لاءِ تياري ڪيو تڏهن پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي تي (پاڻي سان آلو ڪيل) هٿ گهمايو ۽ پنهنجا ٻئي پير مرن تائين ڌوئي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن تڙ جي ضرورت هجي ته وهنجي صاف ۽ پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو ۽ (پاڻيءَ جو استعمال نقصانڪار هجي) يا سفر ۾ هجو (۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ تڪليف هجي) يا توهان مان ڪو پائخاني مان ٿي آيو هجي يا عورت کي هٿ لاتو هجيس (همبستر ٿيو هجي) ۽ پاڻي نه ملي ته پوءِ (وضو ۽ غسل لاءِ پاڻيءَ بدران) پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو. (تيمم جو طريقو هي آهي ته) پاڪ مٽيءَ تي هٿ لڳائي هٿن کي منهن ۽ ٻانهن تي (ٺونٺين تائين) گهمايو. الله تعاليٰ نٿو چاهي ته توهان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪ هو چاهي ٿو ته توهان کي (اهڙن عملن جي وسيلي) صاف ۽ پاڪ رکي ۽ پڻ چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ته توهان شڪرگذار رهو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪريو).(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو ! توهان نماز پڙهڻ جو ارادو ڪريو پوءِ توهان پنهنجن مُنهن کي ڌؤ ۽ ٻانهُن کي ٺوٺين سميت ڌؤ ۽ پنهنجي مٿن جي مکُ ڪريو ۽ پنهنجن پيرن کي ٽِڻِي سميت ڌؤ، ۽ جيڪڏهن توهان غسل جي حالت ۾ آهيو پوءِ سموري بدن کي پاڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان مريض آهيو يا توهان مسافر آهيو يا توهان مان ڪو قضا حاجت ڪري آيو هجي يا توهان گهر وارين سان همبستري ڪئي هجي پوءِ توهان کي پاڻي نه ملي پوءِ پاڪ مٽيءَ سان توهان تيمم ڪريو پوءِ پنهنجن مُنهن ۽ ٻانهُن جي انهيءَ مٽيءَ سان مکُ ڪريو، الله تعالى توهان جي تنگي نٿو چاهي ۽ پر الله تعالى چاهي ٿو ته توهان کي پاڪ ڪري ۽ توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون فرمائي تان جو توهان شڪر گذار ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن نماز لاءِ اٿو ته ڌوئو پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺوٺن تائين ۽ پنهنجي مٿن جو ۽ ڀيڏين تائين پيرن جو مسح ڪندا ڪيو ۽ جيڪڏهن تڙ پيو هجي ته غسل ڪريو. پر جيڪڏهن بيمار هجو يا مسافريءَ تي هجو يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي يا زالن سان همبستري ڪئي هجيو ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪيو. يعني (ٻنهي هٿن کي مٽي تي هڻي ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿن جو مسح ڪيو. (ڏسو ته خدا ڪهڙي نه آساني ڪري ڇڏي آهي) خدا جي ته اها (ڪڏهن به) مرضي نه آهي ته اوهان تي ڪنهن قسم جي سختي ڪري پر هو چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ پاڪيزه ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! جڏهن اٿو نماز ڏانهن پوءِ ڌوئندا ڪيو پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺونٺين تائين ۽ مَکَ ڪيو مٿن پنهنجن جي ۽ (ڌوئندا ڪيو) پيرن پنهنجن کي ڀيڏين تائين ۽ جيڪڏهن آهيو تڙ وارا ته پوءِ پاڪ ٿيو، جيڪڏهن آهيو بيمار يا مسافريءَ تي يا آيو آهي هڪڙو اوهان مان ضرورت واري جاءِ مان يا صحبت ڪيو عورتن سان پوءِ نه لهو پاڻي ته پوءِ ارادو ڪيو صاف پاڪ مٽيءَ جو، پوءِ مک ڪيو پنهنجن منهن ۽ پنهنجن هٿن جي ان مان نه ٿو ارادو ڪري الله تانته ڪري اوهان تي تنگي ۽ پر ارادو ٿو ڪري ته پاڪ ڪري اوهان کي ۽ تانته پوري ڪري پنهنجي نعمت اوهان تي تانته اوهان شڪر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جڏهن نماز لاءِ اٿو ته پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺونٺين تائين ڌوئو، ۽ پنهنجن مٿن تي مسح ڪريو ۽ پنهنجا پير به ڀيڏين تائين (ڌوئو). ۽ جيڪڏهن تڙ پيو هجيو ته غسل ڪريو ۽ جيڪڏهن بيمار هجو يا مسافريءَ تي هجو يا اوهان مان ڪو پائخاني مان اچي يا زالن کي هٿ لايو، پوءِ پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽي ڏسو پوءِ ان سان پنهنجن منهن ۽ پنهنجن هٿن کي مسح ڪريو. الله اوهان تي ڪا تنگي ڪرڻ نه ٿو گهري پر اوهان کي پاڪ ڪرڻ ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪرڻ گهري ٿو. مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان نماز لاءِ اٿو (۽ اوهان بي وضو هجو) ته پوءِ (وضو لاءِ) پنهنجي چهرن کي ڌوئو ۽ پنهنجن هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنهنجي مٿن جي مک ڪيو ۽ پنهنجي پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو.) ۽ جيڪڏهن توهان تڙ وارا هجو ته (وهنجي) سهڻي نموني پاڪ ٿيو ۽ جي توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو قضاء حاجت کان آيو هجي ته يا توهان عورتن سان جماع ڪيو هجي پوءِ جي پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪيو. پوءِ (تيمم هي آهي جو) ان (پاڪ مٽي) سان پنهنجي چهرن ۽ پنهنجي (ٺوٺين تائين) هٿن جي مک ڪيو. الله نه ٿو چاهي جو اوهان مٿان سختي ڪري ۽ پر چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري من اوهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، مڃيو جن!، جڏهن اُٿيا نيڪ، نماز تي، پوءِ ڌُئو مُنهن، ۽ هٿ پنهنجا، اِرڪيَنِ تائين تِن، پڻ مَکيو پنهنجي مَٿن، ۽ پَنهنجا پير ڳِرين سين. ۽ جي تَڙ آهي اوهان کي، ته وِهنجو پوءِ وِينجھار!، پوءِ جي اَ گھا آهيو، يا سفر منجھ سوار، يا آيو ڪو اوهان مان، ٻَڙو ڦرِي ٻَهار، يا لايان هٿ لاڏلِيين، پوءِ پاڻي نه لڌان ڪنهن پار، پوءِ کڻو خاڪ پاڪ کي؛ تَنهين سان تڪرار، مکيو مُنهن پَنهنجا، پڻ پنهنجا هٿ هيڪار، هرگز حرج اوهان جو، گُھري ڪين غفار، پر گھري ته اوهان کي، پاڪ ڪري ۽ ڏات سندس ڏاتار، پورِي ڪري پاڪ ڌڻِي، اوهان تي، آخرڪار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڪِي ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو اَنجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (به ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو ته ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ جا نعمت اوهان تي ڪئي آهي، سا ياد رکو ۽ سندس عهد اقرار نه وساريو جو مضبوطيءَ سان اوهان کان وٺي ڇڏيو اٿس، جڏهن توهان (اسلام قبول ڪندي) چيو هو ته، اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي (۽ ڪندا رهنداسين) ۽ (جڏهن ته اهڙو عهد اقرار ڪري چڪا آهيو، تڏهن هر حال ۾) خد (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو، جيڪي جيڪي (اوهان جي) دلين ۾ لڪل آهي سو يقيناً الله تعاليٰ کي معلوم آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان پنهنجي مٿان الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ الله سان ڪيل پڪي وعدي کي به ياد ڪريو جيڪو توهان کان پڪي طرح ورتو ويو، جڏهن توهان چيو اسان حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانداري ڪنداسين ۽ الله کان ڊڄو بيشڪ الله سيني جي اندر رازن کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ سندس انجام به جو اوهان سان ٻڌو اٿس، جڏهن اوهان چيو هو ته اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ خدا کان ڊڄو. بيشڪ خدا دلين جي ڳالھ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ياد ڪيو نعمت الله جي جيڪا اوهان جي مٿان آهي ۽ پڪو واعدو انجو جيڪو پڪو ڪيائين اوهانکي ان سان جڏهن چيُوَ ته ٻڌوسون ۽ تابعداري ڪئي سون ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سينن واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ سندس انجام به جو اوهان سان ٻڌو اٿس، جڏهن اوهان چيو هو ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله دلين جي ڳالهه چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي مٿان الله جي نعمت کي ياد ڪيو ۽ سندس معاهدو (به ياد ڪيو) جيڪو توهان کان پڪي طرح ورتو هئائين، جڏهن اوهان چيو هيو ته: ”ٻڌو سين ۽ مڃيو سين“ ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ساريو پاڻ تي، ڏات سَندِي ڏاتار، پڻ ورتين اوهان کان واعدو سو ساريو قول ڪرار، سُئو سون ۽ مَڃيوسون، وَراڻيان جنهن وار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، دانا دِلين جو ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿي الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ھُجو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي جو سبب نه بڻي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! خدا (جي سچائيءَ) جي لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ انصاف جي لاءِ (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو ڪن ماڻهن جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه لاءِ اڀاري ته توهان (ساڻن) انصاف نه ڪيو. (هر حال ۾) انصاف ڪيو. ڇو ته ائين ڪرڻ تقويٰ کي ويجهو آهي ۽ الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! الله جي احڪامن تي پورا رهو انصاف سان شاهدي ڏيو ۽ توهان کي دشمن قوم جي دشمني نه اُڀاري جو توهان انصاف نه ڪريو، توهان انصاف ڪريو، انصاف ڪرڻ پرهيزگاريءَ کي ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! خدا جي خوشنودي جي لاءِ انصاف سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين ناانصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي. ۽ خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. ڇو ته اوهين جو ڪجھ ڪيو ٿا (چڱو يا برو ڪم) خدا تنهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! هجو مضبوطيءَ سان بيهندڙ الله جي لاءِ شاهدي ڏيندڙ عدل سان ۽ نه اڀاري اوهان کي دشمني ڪنهن قوم جي هن ڳالهه تي ته نه عدل ڪيو، عدل ڪيو اهو وڌيڪ ويجھو آهي پرهيزگاريءَ کي ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪيو ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله جا فرمانبردار ٿي بيهندڙ، انصاف سان شاهدي ڏيندڙ ٿيو ۽ ڪنهن قو م جي دشمني اوهان کي عدل ڇڏڻ تي هرگز نه اڀاري. انصاف ڪريو. انصاف پرهيزگاريءَ کي گهڻو ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄو. ڇوته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله جي حڪم تي قائم رهندي انصاف سان شاهدي ڏيندڙ هجو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي نه اڀاري جو (ان سان) انصاف نه ڪيو (بلڪه دشمن سان به) انصاف ڪيو. اهو پرهيزگاري جي وڌيڪ ويجهو آهي. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله خبروار آهي توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن آندو اعتبار!، عدل ۽ انصاف سان، هُجو شاهد حق جا، صاحب لڳ، ستار، ۽ نه ڪري ڪنهن قوم جو، کڙو اوهان کي کار، ته عدل نه ڪريو؛ عدل ڪريو؛ تقوٰى کي تڪرار، آهي اِهو اوڏڙو؛ ڪَنبو ڀر قهار، ڪريو جي ڪم ڪار، آگو آگاه اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي ته اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن سان الله تعاليٰ جو واعدو آهي، ته انهن جي لاءِ مغفرت ٿيندي ۽ کين وڏو اجر ملندو.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى نيڪوڪار مؤمنن سان بخشش ۽ اجرِ عظيم جو وعدو فرمايو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا (سٺا) ڪم (به) ڪيا، خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته انهن لاءِ (آخرت ۾) ڇوٽڪارو ۽ تمام وڏو ثواب آهي.(سيد فرمان علي) وعدو ڏنو الله انهن کي جو ايمان آندائون ۽ ڪيائون صالح عمل ته انهن جي لاءِ بخشش ۽ ثواب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله (هيءَ) وعده ڪيو آهي ته انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (مولانا محمد مدني) الله انهن ماڻهن سان وعدو ڪيو آهي جن ايمان آڻي پوءِ صالح عمل ڪيا ته انهن لاءِ بخشش آهي ۽ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ واحد وعدو تن ڏِنو، مڃيو جن مذڪور، پڻ ڪيون نيڪ ڪمايون، اُنهن لاءِ ضرور، مره آهي مُور، پُڻ آھِ اُجورو وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو سي دوزخي آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جن آيتن کي نه مڃيو اِهي جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي دوزخي آهن. (سيد فرمان علي) جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي اهي جھنمي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون، سي ئي دوزخي آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون اُهي دوزخي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦريا، ۽ اسان جون آيتون، ڪوٺيؤن ڪُوڙ، فتور، اُهي بي شڪ بي شعور، ڀاتي آهن باه جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندس ھٿ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله تي ڀلي ته مؤمن ڀروسو ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! پاڻ تي الله جي اها نعمت ياد ڪيو جو جڏهن هڪ قوم پڪو ارادو ڪري ورتو هو ته توهان تي (جنگ ۽ تباهي جو) هٿ وڌائي. تڏهن خدا (پنهنجي ڪرم ۽ فضل سان) هنن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيا (۽ توهان بنا وڏي نقصان جي غالب رهيؤ) ۽ الله کان ڊڄندا رهو، مومنن کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکن.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! الله جي نعمت کي ياد ڪريو (جيڪا توهان کي عطا ٿي) جڏهن هڪ قوم ارادو ڪيو ته توهان کي تباه ڪن، الله تعالى توهان کان انهن جا هٿ روڪيا، ۽ الله کان توهان ڊڄو ۽ الله تي پوءِ ڀلي ته مؤمن توڪل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن انهن کي ياد ڪريو (خاص ڪري اهي) جڏهن هڪ قبيلي اوهان سان ڏاڍ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ته خدا انهن جي هٿن کي اوهان (تائين پهچڻ) کان جهلي ڇڏيو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. ۽ مومنن کي (ته) خدا تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! ياد ڪيو نعمت الله جي پنهنجي مٿان جڏهن ارادو ڪيو هو هڪ قوم ته وڌائين اوهان ڏانهن هٿ پنهنجا پوءِ روڪيائين هٿ انهن جا اوهان کان ۽ ڊڄو الله کان ۽ الله تي پوءِ گھرجي ته ڀروسو ڪن مؤمن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو، جڏهن هڪ قوم پنهنجن هٿن کي اوهان ڏي ڊگهي ڪرڻ (وڙهڻ) جو ارادو ڪيو هو، پوءِ انهن جي هٿن کي اوهان کان روڪيائين. ۽ الله کان ڊڄو. ۽ پوءِ ايمان وارا الله تي ئي ڀروسو ڪن. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جي اُها نعمت ياد ڪيو جڏهن (ڪافر) قوم پڪو پهه ڪيو ته (اوهان کي مارڻ لاءِ) اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگها ڪن ته پوءِ انهن جا هٿ اوهان کان روڪيائين. الله کان ڊڄندا رهو. ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي پاڻ سان، ساريو سُک ستار، جڏهن قوم قصد ڪيو، ته پکيڙينِ اوهان پار، پنهنجا هٿ هٿيارن سان؛ جَھليا پوءِ جبار، اُنهن جا هٿ اوهان کان؛ ۽ ڪَنبو ڀر قهار، پوءِ بارِي مٿي بار، مومن رکن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو ته تحقيق آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيو ۽ زڪٰوة ڏنوَ ۽ مُنھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ ته البت اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ البت اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان بيشڪ ڀُلو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ بني اسرائيلن کان (فرمانبرداريءَ جو) عهد ورتو هو ۽ هنن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيا هئا ۽ الله تعاليٰ (کين) فرمايو هو ته مان توهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد اوهان سان آهي) جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي، زڪوات ڏيندا رهيؤ، منهنجي سڀني رسولن تي ايمان آندوَ ۽ انهن جي مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهيؤ (يعني حق جي راه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا رهيؤ) ته پوءِ مان ضرور توهان مان توهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندس ۽ توهان کي ضرور (نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهنديون، پوءِ توهان مان جنهن هن کان پوءِ به ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي، تنهن يقيناً (ڪاميابيءَ واري واٽ) سڌي راه گم ڪري ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ الله تعالى بني اسرائيل کان وعدو ورتو، ۽ اسان انهن مان ٻارهن اڳواڻ مقرر ڪيا، ۽ الله تعالى فرمايو بيشڪ آئون توهان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن توهان نماز پڙهي ۽ زڪوات ادا ڪئي ۽ منهنجن رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن جي تعظيم ڪئي ۽ (جيڪڏهن) توهان الله جي راه ۾ خرچ ڪريو ٿا ته ضرور آئون توهان جا گناه معاف ڪندس ۽ ضرور آئون توهان کي بهشت ۾ داخل ڪندس جنهنجي هيٺان نهرون وهن ٿيون پوءِ جنهن ماڻهو اُن بعد توهان مان رسولن جو انڪار ڪيو، پوءِ بيشڪ اهو سڌي رستي تان گمراه ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي جو خدا بني اسرائيلين کان (به ايمان جو) عهد ۽ انجام وٺي ڇڏيو هو ۽ اسان انهن ۾ ٻارنهن سردار (مٿن) مقرر ڪيا. ۽ خدا بني اسرائل کي فرمايو هو ته آءُ ته پڪ سان اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهان به پابندي سان نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندو ۽ اسان جي پيغمبرن تي ايمان آڻيندو ۽ انهن جي مدد ڪندا رهو ۽ خدا (جي خوشنوديءَ لاءِ ماڻهن کي قرض حسنه ڏيندا رهو ته آءُ به اوهان جا گناھ اوهان کان ضرور پري ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان کي بهشت جي انهن (ساون) باغن ۾ پهچائي ڏيندس جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. پوءِ ان هوندي به اوهان مان جو شخص انڪار ڪري ته بيشڪ اهو سڌي سنئين گس کان ٿڙي ويو.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق ورتو الله وعدو بني اسرائيل کان ۽ مقرر ڪياسون انهن مان ٻارنهن سردار (امير) ۽ فرمايو الله ته بيشڪ مان اوهان سان گڏ آهيان البته جيڪڏهن قائم ڪيوَ نماز ۽ ڏنيوَ زڪواة ۽ ايمان آندوَ منهنجي رسولن تي ۽ مدد ڪيوَ انهن جي ۽ قرض ڏنوَ الله کي قرض سهڻو ته البته ضرور ميٽيندس اوهان کان اوهان جون برايون ۽ البته ضرور داخل ڪندس اوهان کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون پوءِ جنهن انڪار ڪيو ان کان پوءِ اوهان مان پوءِ تحقيق گمراھ ٿيو سڌيءَ واٽ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ الله بني اسرائيلن کان انجام ورتو. ۽ انهن مان اسان ٻارنهن سردار مقرر ڪيا. ۽ الله فرمايو ته بيشڪ آءُ اوهان سان آهيان جيڪڏهن اوهين نماز قائم ڪندؤ ۽ زڪوات ڏيندؤ ۽ منهنجن رسولن تي ايمان آڻيندؤ ۽ انهن کي طاقتور ڪندؤ ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندؤ ته اوهان جا گناهه اوهان کان ضرور پري ڪندس ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺيان واهه وهن ٿا، وري ان کان پوءِ اوهان مان جيڪو ڪفر ڪندو سو بيشڪ سڌو رستو وڃائيندو، (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ الله بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو هيو ۽ اسان انهن مان ٻارهن سردار مقرر ڪيا. ۽ الله فرمايو ته آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. جي اوهان نماز قائم رکندؤ ۽ زڪواة ڏيندا رهندؤ ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيندؤ ۽ انهن جي مدد ڪندا رهندؤ . (راهِ دين ۾ مال خرچ ڪري) الله کي سٺو قرض ڏيندؤ ته آءٌ اوهان کان ضرور اوهان جا گناهه ميٽيندس ۽ اوهان کي ضرور اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. پوءِ هن کان پوءِ به اوهان مان جنهن به (معاهدي جو) انڪار ڪيو ته بيشڪ اهو سڌي راهه کان هٽي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بيشڪ بني اسرائيل کان، قول، ورتو ڪلتار، ۽ ٻارهن ڪياسون، اُنهن منجھان، مقرر مَهندار، ۽ الله اُتو، ته اوهان سان، آئون ڀيڙو برقرار، جي پڙهيان نمازون پوريون ۽ لڌان سقيمن سار، ۽ مُنهنجي مُرسلن ۾، جي آندان اعتبار، ۽ آڌار ڏِنيان اُنهن کي، ۽ الله کي اوڌار، اوڌار صفا سُهڻي؛ ته اَهنجا بديون بار، ميٽيندو سان مِهر سان، پڻ توهان کي تڪرار، ڏيندس جاءِ جنت ۾، جِت ناليون وَهن نِبار، اِنهيان پوءِ، اوهان مان، ڪيو جنهن اِنڪار، تنهن پُوريو ٻي ڪنهن پار، وِيو لهِي وِچ واٽ تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ سببان مٿن لعنت ڪئي سون ۽ سندين دلين کي سخت ڪيوسون، (اُھي توريت ۾) ڪن لفظن کي پنھنجن جاين کان بدلائين ٿا ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وئي تنھن مان حصو وساريائون، ۽ منجھائن ٿورڙن کانسواءِ انھن (سڀني) جي (ھڪ نه ٻي) خيانت تي ھميشہ واقف ٿيندو رھندين تنھنڪري کين معاف ڪر ۽ مُڙي وڃ، بيشڪ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ هنن ماڻهن فرمانبرداري جو عهد ٽوڙيو، تنهن سبب اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ سندن دليون سخت ڪيونسين. (ڇو ته خدا جو قانون آهي ته جيڪو حق ۽ اطاعت کان ڦري ٿو وڃي تنهن جي دل ۽ دماغ سمجهه ۽ هدايت جي لائق نٿا رهن) جيئن ته هو (خدا جي) لفظن کي سندن اصلي جاءِ تان ڦيرائي ٿا ڇڏين (۽ پنهنجي دنيائي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون معنائون ٿا ٺاهين) تنهن ڪري جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪو فائدو وٺڻ، هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا، ۽ توهان (مسلمان هاڻي به) هنن جي (اهڙي) ڪنهن نه ڪنهن خيانت جو اطلاع حاصل ڪندا رهو ٿا (يعني ڏسو ٿا ته هو پنهنجي خدائي ڪتابن جا لفظ مٽائي ٻڌائين ٿا) اهي تمام ٿورا آهن جي ائين نٿا ڪن پوءِ (اي پيغمبر) تون هنن جي (خيانتن کان) درگذر ڪر ۽ هنن کي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جي نيڪ عمل ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ وعدي خلافي سببان اسان انهن کي پنهنجي رحمت کان پري ڪيو ۽ اسان انهن جون دليون سخت ڪيون، رسولِ عربي جي تعريف تورات مان لڪائن ٿا، ۽ گھڻو حصو نصيحت جو وساري ڇڏيو ۽ هميشه رسولِ عربي، انهن جي خيانتن تي واقف آهن، مگر ٿورا يهودين مان ايمان آڻين ٿا، پوءِ توهان انهن کي معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اسان سندن واعدي خلافي ڪري انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جي دلين کي (ڄڻ ته) اسان خود سخت ڪيو جو (اسان جي) ڪلمات کي انهن جي اصلي مطلب کان ڦيري ٻين معنائن ۾ استعمال ڪن ٿا. ۽ جن جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪيل هئي انهن مان وڏو حصو ويساري ويٺا. ۽ (اي رسول!) هاڻي هت تون انهن مان ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ هڪ نه هڪ جي خيانت تي برابر خبردار ٿيندو رهين ٿو، ته تون هنن (جي غلطين) کي معاف ڪري ڇڏ ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن کي ضرور دوست رکي ٿو.(سيد فرمان علي) پوءِ سببان ڀڃڻ انهن جي عهد پنهنجي کي لعنت ڪئي سون انهن کي ۽ بنايوسون دلين سندن کي ڪٽيل ڦيرائن ٿا ڪلمن کي جاين سندن کان ۽ وساريائون حصو ان مان جو نصيحت ڪيا ويا ان سان ۽ هميشہ آگاھ رهندين تون خيانت ڪندڙن تي انهن مان، مگر ٿورا انهن مان پوءِ معاف ڪر انهن کي ۽ درگذر ڪر بيشڪ الله محبت ٿو رکي احسان ڪندڙن سان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ سندن انجام ڀڃڻ جي ڪري اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ انهن جي دلين کي سخت ڪيوسون. جو اُهي (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ کين جيڪا نصيحت ڪئي وئي هئي تنهن مان هڪ حصي کي ڀلائي ڇڏيائون ۽ انهن ۾ ٿورن کانسواءِ تون انهن (سڀني) جي ڪنهن نه ڪنهن خيانت تي هميشه واقف ٿيندو رهندين، پوءِ تون انهن کي معاف ڪر ۽ مڙي وڃ. بيشڪ الله چڱائي ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) پوءِ سندن عهد ٽوڙڻ سببان اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ اسان سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيو. (ان سخت دلي سبب آسماني ڪتابن جا) الفاظ انهن جي جاين کان مٽائن ٿا ۽ جا کين نصيحت ڪئي وئي هئي ان جو وڏو حصو وساري ڇڏيائون ۽ هميشه تون انهن جي ڪنهن نه ڪنهن خيانت تي واقف ٿيندو رهندين سواءِ انهن مان ڪن ٿورن ماڻهن جي سو تون انهن کي معاف ڪري ڇڏ ۽ درگذر ڪر. بيشڪ الله احسان ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪارڻ ٽوڙڻ قول سندن، ڌڪاريوسونِ ڪنان در، ۽ ڪياسونِ قلب اُنهن جا، ڪارا ۽ ڪٽر، موڳا پنهنجي ماڳ تان، پِئا اڳ پوءِ ڪن اکر، ۽ وِساريون وانٽو، تِنهن منجھان، جو وعظ ٿئـِن وَر وَر، ۽ خان ! اُنهن جي، خيانت تي، سدا سربسر، واقف ٿيندين پِيو، وير! تون، مگر مختصر، پوءِ معاف ڪرينِ مورهين، ۽ ڪر مَٿِن مِهر نظر، پيار ڏي پرور، ڀَلو ڀلائيندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کان (به) سندن انجام ورتوسون ۽ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي تنھن مان ڀاڱو وساريائون، انھيءَ ڪري سندن وچ ۾ ساڙ ۽ دُشمني قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي ماڻهو پاڻ کي نصاريٰ (عيسائي) سڏائين ٿا، تن کان به اسان (ايمان ۽ عمل جو) عهد ورتو هو (پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪوبه فائدو وٺڻ هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا. (هو فرقا ٺاهي جدا جدا ٿي ويا) پوءِ اسان هنن جي (مختلف فرقن جي) وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ بغض جي باه ڀڙڪائي ڇڏي. (فرقا ٺاهڻ جو اهو قدرتي نتيجو آهي.) اهو وقت پري ناهي جڏهن الله تعاليٰ سندن ڪرتوتن جي حقيقت کين ٻڌائيندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪي ماڻهو اُهي آهن جيڪي چون ٿا ته تحقيق اسان عيسائي آهيون اسان انهن کان رسولِ عربي تي ايمان آڻڻ جو وعدو ورتو، پوءِ اها نصيحت وساري ڇڏيائون، پوءِ قيامت تائين اسان انهن جي پاڻ ۾ دشمني ۽ حسد لازم ڪري ڇڏيو، ۽ الله تعالى جلدي انهن کي ٻڌائيندو جيڪي ڪجھه ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين نصارى آهيون انهن کان (به) اسان (ايمان جا) انجام اقرار ورتا هئا پر جن جي ڳالهين جي کين سمجهاڻي ڏني وئي هئي انهن مان (به) هڪ وڏي حصي (محمد جي نبوت کي) وساري ڇڏيو ته اسان به (انهن جي سزا ۾) قيامت تائين انهن ۾ عداوت ۽ دشمنيءَ جو بنياد وجهي ڇڏيو ۽ خدا کين جلد ئي (قيامت جي ڏينهن) ٻڌائيندو ته ڇا ڇا ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ انهن مان جو چيائون ته اسين نصارى آهيون، ورتوسون عهد انهن کان پوءِ وساريائون حصو ان مان جو نصيحت ڪيا ويا ان سان پوءِ وڌي اسان انهن ۾ دشمني ۽ بغض قيامت جي ڏينهن تائين ۽ جلدي خبر ڏيندو انهن کي الله ان جي جو ٿي ڪيائون.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن چيو ته اسين نصاريٰ آهيون تن کان به اسان سندن انجام ورتو. پوءِ کين جيڪا نصيحت ڪئي وئي هئي تنهن مان هڪ حصي کي انهن ڀلائي ڇڏيو. پوءِ قيامت جي ڏينهن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ ڪيني کي لڳائي ڇڏيوسون. ۽ جيڪي اهي پيا ڪن تنهن جي الله کين خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني) ۽ (اهڙي طرح) انهن ماڻهن مان جن چيو ته اسان نصارا آهيون اسان انهن کان به عهد ورتو هيو پوءِ جا کين نصيحت ڪئي وئي هئي ان جو وڏو حصو وساري ڇڏيائون. پوءِ (ان بدعملي جي سزا طور) اسان انهن جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض قيامت تائين وجهي ڇڏيو. ۽ جلد الله انهن کي خبر ڏيندو جيڪي بنائيندا رهندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن پاٻوهيو اِن پر، ته اسين نصارا آهيون، ورتوسون، تن کان واعدو، مورهين مقرر، پوءِ وِساريؤن وانٽو، تنهن منجھان، جنهن جو وعظ ٿينِ وَر وَر، پوءِ وير، وُروڌتن ۾، هَياسون تا حشر، ۽ جلدِي جل جلالـهٗ، ڏيندنِ خُوب خبر، ڪوجھا ڪم، ڪمتر، جيڪِي ڪن جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اسان جو پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان گھڻيون ڳالھيون لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي اهل ڪتاب! هيءَ حقيقت آهي ته اسان جو رسول اوهان ڏي اچي چڪو آهي خدائي ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل) جون گهڻيون ئي ڳالهيون جن کي توهان (نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ) لڪائيندا رهيا آهيو، سي هو اوهان کي چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو ۽ گهڻيون ئي ڳالهين کان درگذر ڪري ٿو (جن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت نٿو ڏسي). الله جي طرف کان اوهان وٽ (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي اهلِ ڪتاب جا بيشڪ توهان وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، پاڻ ڪريم بيان ڪن ٿا توهان لاءِ گھڻيون شيون جيڪي توهان ڪتاب (تورات ۽ انجيل) مان لڪايو ٿا ۽ گھڻيون ڳالهيون توهان کي معاف فرمائن ٿا، بيشڪ توهان وٽ آيا الله جي طرفان رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي اهل ڪتاب! توهان وٽ اسان جو رسول (محمد) اچي چڪو آهي جيڪو (خدا جي) ڪتاب مان انهن جي ڳالهين کي، جن کي توهين لڪائيندا هئا ڪيترين کي ته کولي ٻڌائيندو ۽ ڪيترين کي (ڄاڻي واڻي) درگذر ڪندو. اوهان وٽ ته خدا جي طرف کان هڪ (چمڪندڙ) نور ۽ کليل بيان ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن به) اچي چڪو آهي.(سيد فرمان علي) اي اهل ڪتاب! تحقيق آيو اوهان وٽ اسان جو رسول بيان ڪري ٿو اوهان لاءِ گھڻيون ڳالهيون ان مان جو لڪايون ٿي اوهان ڪتاب مان ۽ معاف ڪري ٿو گھڻيون تحقيق آيو اوهان وٽ الله وٽان نور ۽ ڪتاب روشن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اسان جو رسول اوهان وٽ آيو آهي جو جيڪي اوهين ڪتاب مان لڪائيندا هئا، تن مان گهڻن ڳالهين کي اوهان تي ظاهر ڪري ٿو ۽ گهڻن ڳالهين کان درگذر ڪري ٿو.اوهان وٽ الله جي طرفان روشني ۽ ظاهر ڪتاب آيو آهي (يعني قرآن)، (مولانا محمد مدني) اي ڪتاب وارؤ! بلاشڪ اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جو اوهان لاءِ گهڻيون اُهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٿو جيڪي اوهان ڪتاب مان لڪائيندا هئا ۽ گهڻين ڳالهين کان درگذر به ڪري ٿو. بيشڪ اوهان وٽ الله وٽان نور ۽ روشن ڪتاب (قرآن) آيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيان اهل ڪتاب جا! اسان جو مُرسل مَڻياندار، گھڻيو تنهن مان گم ڪيان، جي آيتون اطهار، ڪري، سي ڪتاب مان، اوهان تي اِظهار، سُونهارو سردار، گھڻن کان گُذر ڪري. آيان ليک الله کان ۽ چِٽائـِي چوڌار، سَهائـٖي، سلامتي جو، پورو تنهن سان پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
انھيءَ جي سببان الله انھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) خدا ان (ڪتاب) جي وسيلي انهن ماڻهن لاءِ جي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو (۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي) ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني پنهنجي مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى رسولِ عربي جي معرفت هدايت فرمائي ٿو انهي ماڻهو کي جنهن رسولِ عربي تي ايمان آندو ۽ شريعت پاڪ تي هليو ۽ الله تعالى انهن ماڻهن کي اونداهي مان ڪڍي روشني ڏانهن پنهنجي حڪم سان آڻي ٿو ۽ انهن ماڻهن کي سنئين رستي تي هلڻ جي توفيق فرمائي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي ماڻهو خدا جي خوشنوديءَ جا پابند آهن انهن کي ته ان جي وسيلي سان نجات جي هدايت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهي مان ڪڍي (ايمان جي) سوجهري ۾ آڻي ٿو ۽ کين سڌي رستي تي پهچائي ڇڏي ٿو.(سيد فرمان علي) هدايت ٿو ڪري ان سان الله ان کي جو تابع ٿيو ان جي راضي ڪرڻ جي لاءِ سلامتيءَ جي واٽن جي ۽ ڪڍي ٿو انهن کي اونداهين مان روشنيءَ ڏانهن پنهنجي حڪم سان ۽ هدايت ٿو ڪري انهن کي سڌي واٽ ڏانهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن سان الله انهن کي سلامتيءَ جا رستا ڏيکاري ٿو جيڪي سندس رضامنديءَ جي پٺيان پيا آهن ۽ انهن کي پنهنجي حڪم سان اونداهين مان روشنيءَ ڏي ڪڍي ٿو،۽ کين سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني) الله ان جي ذريعي انهن کي جيڪي سندس رضا جا طالب آهن سلامتي جي واٽن جي هدايت ڏئي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي حڪم سان (گمراهي جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشني طرف وٺي وڃي ٿو ۽ انهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن رکي رضا ربَّ جِي، ٿيو تهدِل تابعدار، ته اونداهِيان سندس اَمر سان، نينِ نُورپار، ۽ ڏَسي تن ڏاتار، مارڳ سُوڌو، ماڳ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته الله آهي مسيح بن مريم. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (هي ڪهڙي نه بي عقليءَ جي ڳالهه ٿا ڪيو؟) جيڪڏهن خدا مسيح پٽ مريم کي ۽ سندس ماءُ کي بلڪ روءِ زمين تي جيترا به انسان آهن تن سڀني کي فنا ڪرڻ چاهي ته ڪير آهي جو هن جي بادشاهيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي جرئت ڪري سگهي. آسمان ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله کي آهي. هو جيڪي به چاهي ٿو سو خلقي ٿو ۽ هو هر شيء تي قدرت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) تحقيق ڪافرن چيو بيشڪ الله تعالى ئي، عيسيٰ پٽ مريم جو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو پوءِ الله کان ڪير بچائي سگھي ٿو جيڪڏهن ارادو فرمائي الله تعالى، عيسيٰ پٽ مريم ۽ سندس والده کي هلاڪ ڪرڻ جو ۽ جيڪي شيون زمين ۾ آهن، ۽ الله تعالى لاءِ ملڪيت آهي آسمانن ۽ زمينن جي ۽ جيڪي ڪجھه انهن جي وچ ۾ آهي. اُهو الله جيڪو چاهي پيدا فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي ماڻهو هن (ڳالھ) جا قائل آهن ته مريم جو پٽ مسيح خدا آهي، اهي پڪ ڪافر ٿي ويا (اي رسول!) انهن کان پڇو ته ڀلا جيڪڏهن خدا مريم جي پٽ مسيح ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن سڀني کي مارڻ چاهي ته ڪير اهڙو آهي جو خدا سان ڪنهين جو زور هلندو؟ (۽ جهلي سگهي؟) ۽ آسمان ۽ زمينن ۽ جو ڪجھ به انهن جي وچ ۾ آهي خدا جي حڪومت آهي. جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو. ۽ خدا ته سڀ شيءِ تي وس وارو آهي.(سيد فرمان علي) البته تحقيق ڪفر ڪيو انهن جو چيائون ته بيشڪ الله اهو مسيح پٽ مريم جو آهي فرماءِ! ته پوءِ ڪير ٿو مالڪ ٿئي الله کان (بچائڻ لاءِ) ڪجھه جيڪڏهن ارادو ڪري ته هلاڪ ڪري مسيح پٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سڀني کي ۽ الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي پيدا ٿو ڪري جيڪو گهري ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته بيشڪ الله ته مريم جو پٽ مسيح ئي آهي، چئو ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو الله جي مقابلي ۾ ڪجهه به ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن اهو مريم جي پٽ مسيح ۽ ان جي ماءُ ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن سڀني کي برباد ڪرڻ گهري. ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جي بادشاهي الله جي آهي. جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) البته بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته: ”بيشڪ الله اهو مسيح پٽ مريم ئي آهي“. چؤ ته: ” ته ڪير آهي جو الله کان انهن کي بچائي سگهندو؟جيڪڏهن الله چاهي ته عيسى پٽ مريم ۽ سندس ماءُ ۽ جيڪي به زمين ۾ آهن انهن سڀني کي هلاڪ ڪري ڇڏي. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي. اهو جيڪي چاهي پيدا ڪري ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلڪل ۽ بيشڪ، ڪافر ٿيا، جن ڪَهيو، ته الله آهي پڪ، عيسٰى پٽ مريم جو. چئو، ڪهڙو آهي، ڪير؟ پوءِ، جو جَھلي کان جبار، جي گُھري، ته عيسٰى پٽ مريم کي، ڪري ناس نبار، پڻ ماڻِس کي، ۽ ٻئا مِڙِئي، جي ڀُون ۾ بيشمار، ۽ اُڀ، ڀون سڀ الله جا، پڻ جيڪي مَنجھن جنسار، جيڪي گُھري جل شانہٗ، جوڙي جوڙڻ هار، ۽ صاحب ربَّ، ستار، قادر هر ڪم ڪار تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن ته اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته پوءِ سندوَ گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين به انھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھنکي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھنکي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته اسان خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون (اسان ڪجهه به ڪيون ته به اسان لاءِ نجات آهي) تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خدا توهان جي بدعملين سبب اوهان کي (وقت به وقت) ڇو عذاب ڏيندو رهيو؟ (اها ڳالهه توهان پاڻ به قبول ڪيو ٿا ۽ توهان جا ڪتاب خدا جي ملامتن ۽ عذابن جي واقعن سان ڀريا پيا آهن) بلڪ حقيقت هي آهي ته سندن پيدا ڪيل انسانن مان توهان به انسان آهيو. (نجات الله جي هٿ ۾ آهي) هي جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي عذاب ڏئي. آسمانن جي، زمين جي ۽ انهن سڀني جي جيڪي انهن ۾ آهن مالڪي ۽ سلطاني فقط هن جي لاءِ آهي ۽ سڀني کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ يهودين ۽ نصارن چيو اسين الله جا پٽ ۽ پسنديده آهيون، اي حبيب ! توهان فرمايو پوءِ ڪهڙي سببان الله تعالى توهان کي گناهن جي ڪري عذاب ٿي ڪيو، بلڪه توهان الله جا پيدا ڪيل انسان آهيو جنهنکي چاهي بخش ڪري ۽ جنهنکي چاهي عذاب ڪري ٿو، ۽ الله تعالى لاءِ ملڪيت آهي آسمانن ۽ زمينن جي ۽ جيڪي ڪجھه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ يهودي ۽ نصراني چون ٿا ته اسان ئي خدا جا پٽ ۽ سندس گهڻ گهريا آهيون (اي رسول!) تون چئين ته (جيڪڏهن ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن جي سزا ڇو ٿو ڏي؟ (توهان جو اهو خيال بيهودو آهي) پر اوهين به سندس مخلوق مان هڪ بشر آهيو. خدا جنهن کي گهرندو ته بخشيندو ۽ جنهن کي گهرندو (ته) سزا ڏيندو. آسمان هجن يا زمين يا جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ خدا جو ئي ملڪ آهي (سڀ کي) ان ڏي موٽي هلڻو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ چيو يهودين ۽ نصارن ته اسين الله جا پٽ ۽ ان جا پيارا آهيون فرماءِ ته پوءِ ڇوٿو عذاب ڪري اوهان کي اوهان جي گناهن جي ڪري بلڪ اوهان انسان آهيو، ان مان جو پيدا ڪيائين بخشي ٿو جنهن کي گھري ۽ عذاب ٿو ڪري جنهن کي گھري، ۽ الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ يهودين ۽ نصارن چيو ته اسين الله جا پٽ ۽ ان جا پيارا آهيون، چئو ته پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ڪري ڇو عذاب ڪري ٿو؟ بلڪ اوهين به ان جي مخلوق مان (ٻين جهڙا) ماڻهو آهيو. جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي عذاب ڪري ٿو ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جي بادشاهي الله جي آهي ۽ ان ڏي ئي (انهن کي) موٽي اچڻو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ يهودين ۽ نصارن چيو ته: ”اسان الله جا پُٽ ۽ ان جا محبوب آهيون“. انهن کان پڇ (جي ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن سزا ڇو ٿو ڏئي؟ بلڪه (حقيقت هي آهي ته) اوهان به (خلقيل) ماڻهو آهيو ان جي پيدا ڪيل مخلوقات مان. اهو جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يهودين ۽ نصارن، ڪڍيو ٻول ٻَهار، ته اسين پُٽ الله جا پڻ دادلا درٻار، چئو، اَهنجي ڏوهن ۾، پوءِ ڇو ڏِينِيان ڏُک ڏاتار، اَوهين، ته ماڻهون تن منجهان، جوڙيا، جي جبار، وڻيسِ تنهن سان وَڙ ڪري ۽ وڻيسِ ڏي آزار، ۽ اُڀ، ڀون مُلڪ الله جو، پڻ جيڪِي منجھن جنسار، ۽ اُن ڏي آخرڪار، هرگز آھِ هلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي اهل ڪتاب! اهڙيءَ حالت ۾ جو رسولن جو ظهور ڪيتريءَ ئي مدت کان وٺي بند هو، اسان جو رسول (پيغمبر اسلام) اوهان وٽ آيو. هو اوهان جي لاءِ (منهنجا حڪم) چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان ائين نه چئي سگهو ته، اسان ڏي ڪو بشير (هدايت جي خوشخبري ڏيندڙ) ۽ نذير (گمراهيءَ کان خبردار ڪندڙ) ڪونه آيو (هاڻي ڏسو ته) توهان وٽ بشير ۽ نذير اچي ويو آهي. (يعني هاڻي توهان جي لاءِ ڪوبه عذر باقي ڪونه رهيو آهي) الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي. اي اهلِ ڪتاب جا تحقيق توهان وٽ آيو رسولِ عربي خاتم النبيين ٿي جيڪو توهان لاءِ بيان ڪري ٿو، متان توهان چئو نه آيو اسان وٽ ڪو پيغمبر، پوءِ بيشڪ توهان وٽ بشير ۽ نذير تشريف فرما ٿيو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي اهل ڪتاب! جڏهن پيغمبرن جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي تڏهن اسان جو رسول اوهان ڏي آيو جيڪو خدا جي احڪام کي کولي ٻڌائي ٿو ته جيئن اوهين ائين نه چئو ته اسان ڏي نڪي ڪو به خوشخبري ڏيڻ وارو (پيغمبر) آيو نه (وري خدا ئي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آيو. هاڻي ته (ائين چئي نٿا سگهو ڇو ته) پڪ توهان وٽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) اچي ويو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي) اي اهل ڪتاب! تحقيق آيو اوهان وٽ رسول اسانجو بيان ٿو ڪري اوهان لاءِ احڪام (وقت) بند ٿيڻ رسولن جي متان چئو ته نه آيو اسان وٽ ڪو بشارت ڏيندڙ ۽ نه ڪو ڊيڄاريندڙ پوءِ تحقيق آيو اوهان وٽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اوهان و ٽ اسان جو رسول آيو آهي جو اوهان کي (اوهان جي سڌرڻ جو طريقو) کولي ٻڌائي ٿو اهڙي وقت جو رسولن جو اچڻ بند ٿي چڪو آهي، متان اوهين چئو ته اسان وٽ نه ڪو خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ نه ڪو ڊيڄاريندڙ آيو. پوءِ بيشڪ اوهان وٽ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(مولانا محمد مدني) اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جيڪو اوهان لاءِ (اسان جا احڪام) پڌرا ڪري ٿو(سندس آمد) رسولن جي آمد جي (سلسلي جي هڪ مدت کان) منقطع ٿيڻ بعد ٿي آهي اهو هن لاءِ ته متان اوهان چئو ته اسان وٽ نه ڪو خوشخبري ڏيندڙ آيو. ۽ نه ڪو ڊيڄاريندڙ آيو پوءِ بيشڪ اوهان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اچي ويو آهي. ۽ الله سڀني شين تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيان اهل ڪتاب جا!، اَسان جو مرسل مڻيادار، کولي اوهان تي خبرون، منجھ دَور، بنيان ڌار، هن لئي، ته اڳتي آکيو، ته نه آيو اسان پار، کيانتو، نه خابُرو، پوءِ آيان آخرڪار، کيانتو، ۽ خابرو، اڳتي جو آزار، صاحب ربُّ، ستار، قادر هر ڪم ڪارتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اهو واقعو ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! الله جو پاڻ تي احسان ياد ڪيو، (جو هن اوهان تي وڏيون مهربانيون ۽ نعمتون ڪيون ۽) هن اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي آزاد ۽ حاڪم قوم بنايائين ۽ توهان کي اها (نعمت) عطا ڪيائين جا (اڳي) دنيا ۾ ڪنهن کي به نه عطا ڪيائين (يعني نبوت ۽ بادشاهي ٻئي گڏ اڳي ڪنهن به قوم کي نه مليا هئا).(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو اي منهنجي قوم توهان الله جون نعمتون ياد ڪريو جو توهان مان پيغمبر پيدا ڪيائين ۽ توهان مان بادشاهه پيدا ڪيائين ۽ اهي نعمتون توهان کي ڏنائين جو ان دور ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول کين اهو وقت ياد ڏيارو ته) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! جيڪي نعمتون خدا توهان کي ڏنيون جن مان ساري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به نه ڏنيون.(سيد فرمان علي) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم! ياد ڪيو الله جي نعمت کي پاڻ تي جڏهن ڪيائين اوهان ۾ نبي ۽ بنايائين اوهان کي بادشاھ ۽ ڏنائين اوهان کي اهو جو نه ڏنائين ڪنهن هڪ کي جھانن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏهن اوهان ۾ نبي پيدا ڪيائين ۽ اوهان کي بادشاهه ڪيائين ۽ اوهان کي اهو ڪجهه ڏنائين جو جهان وارن مان ڪنهن کي به نه ڏنائين. (مولانا محمد مدني) ۽ (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن ان اوهان ۾ نبيءَ پيدا ڪيا ۽ اوهان کي بادشاهه بنايائين ۽ اوهان کي اها (نعمت) ڏنائين جيڪا جهانن ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن موسٰى، ڪَهيو قوم کي، ته اي برادر ڀار! ساريو، اوهان تي سائينءَ جون، نِعمتون نبار، جڏهن ڪيائين اوهان ۾ ڪرم سان، مُرسل مڻيادار، پڻ اوهان ۾ اَمير ڪَئين، ڪامل ڪلنگيدار، پڻ ڏِنان، سو ڏاتار، جو ڪنهن کي، نه ڏيهَن مان ڏِنو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) اي منهنجي قوم! (هاڻي) پاڪ زمين (فلسطين) ۾ داخل ٿيو جا زمين خدا توهان جي لاءِ لکي ڇڏي آهي. (يعني جنهن بابت اوهان کي واعدو ڏنل آهي ته اهو اباڻو ملڪ وري اوهان کي ملندو). متان (ڊپ ۾) پٺئين پير پٺي ڏئي هٽي وڃو ۽ (فتح ڪرڻ بدران) نقصان ۽ تباهي هيٺ اچي وڃو.(علامه علي خان ابڙو) (موسيٰ فرمايو) اي منهنجي قوم توهان بيت المقدس ۾ داخل ٿيو، الله تعالى توهان لاءِ (بيت المقدس ۾ رهڻ) فرض ڪيو آهي ۽ نه موٽو توهان پُٺي ڀر پوءِ توهان موٽندا نقصان واري حالت ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي منهنجي قوم (شام جي) ان مقدس زمين ۾ وڃو جتي اوهان جي تقدير ۾ (حڪومت) لکي ڇڏي آهي ۽ (دشمن جي مقابلي ۾) پٺي نه ڪريو (ڇو ته) ان ۾ ته اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو.(سيد فرمان علي) اي منهنجي قوم! داخل ٿيو زمين پاڪ ۾ جيڪا لکي آهي الله اوهان جي لاءِ ۽ نه پوئتي موٽو پٺين پنهنجين تي پوءِ ٿي پئو نقصان وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي منهنجي قوم! ان پاڪ زمين ۾ داخل ٿيو جا الله اوهان لاءِ مقرر ڪئي آهي ۽ پنهنجن پٺين ڏانهن (پوئتي) نه موٽو نه ته اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندؤ. (مولانا محمد مدني) اي منهنجي قوم (شام ملڪ جي) مقدس سرزمين ۾ داخل ٿيو جيڪا الله اوهان لاءِ لکي ڇڏي آهي ۽ پُٺي ڏئي پوئتي نه موٽجو نه ته توهان خساري وارن مان ٿي موٽندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي برادر ڀار!، گِھڙو پاڪ زمين ۾، جا الله لِکي اوهان لئي ۽ پَنهنجي پوئان ڏن پار، نه هَٽو پوءِ هيڪار، مور وڃائيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
چيائون ته اي مُوسىٰ بيشڪ اتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نه) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن ته اسين گھِڙڻ وارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن تي) هنن جواب ڏنو ته اي موسيٰ! ان ملڪ ۾ وڏي طاقت وارا زبردست ماڻهو رهن ٿا (اسان کي هنن سان وڙهڻ جي طاقت ڪانهي). سو جيستائين اهي ماڻهو ان ملڪ مان پاڻهي نڪري نه وڃن تيستائين اسان ان ملڪ ۾ پير به نه پائينداسين. پر جيڪڏهن هو اتان نڪري ويندا ته پوءِ اسان ضرور داخل ٿي وينداسين.(علامه علي خان ابڙو) عرض ڪيائون اي موسيٰ بيشڪ انهي شهر ۾ طاقت واري قوم رهندڙ آهي، ۽ بيشڪ اسين هرگز داخل نه ٿينداسين جيستائين اهي انهي شهر مان نه نڪرن، پوءِ جيڪڏهن اِهي اِتان نڪتا پوءِ بيشڪ اسين داخل ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هنن چيس ته اي موسى ان ملڪ ۾ ته وڏا زبردست (پهلوان) ماڻهو ٿا رهن! ۽ اسين ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسون جيستائين اهي ان مان نڪري (نه) وڃن، ها! جيڪڏهن اهي ماڻهو اتان نڪرن ته پوءِ اسين بيشڪ داخل ٿينداسون.(سيد فرمان علي) چيائون ته اي موسى! تحقيق ان ۾ ماڻهو زبردست آهن ۽ بيشڪ اسين اصل داخل نه ٿينداسون ان ۾ تانجو نڪرن اهي ان مان پوءِ جيڪڏهن نڪرندا ان مان ته پوءِ بيشڪ اسين داخل ٿيندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته اي موسيٰ! بيشڪ ان ۾ هڪ زبردست قوم آهي ۽ اسين ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسون جيستائين اهي اُن مان نڪر ي(نه) وڃن. پوءِ جيڪڏهن اهي ان مان نڪرندا ته پوءِ بيشڪ اسين داخل ٿيڻ وارا آهيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اي موسى بلاشڪ ان ۾ ته ڏاڍي طاقتور قوم (رهندڙ) آهي ۽ اسان ان ۾ تيستائين داخل نه ٿينداسين جيستائين اُهي ان مان نه نڪرندا پوءِ جي اُهي ان مان نڪرندا ته اسان داخل ٿيڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، موسىٰ آهي اُن ۾، ڪاڏاڍِي ذات زَبر، ۽ جاسِين نه نِڪرن اِن منجھان، نه گھڙون اُن اَندر، پوءِ جڏهن ٻِيا ٿـِئـِن ٻَهڙ، ته اسين گِھڙڻا اُن گام ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
جيڪي خدا کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻه ڄڻا جن تي الله نعمت ڪئي ھئي سي چوڻ لڳا ته در کان مٿن گھڙو، پوءِ جڏھن در کان لنگھيؤ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله تي ڀروسو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن تي ٻن ماڻهن جيڪي فقط خدا کان ڊڄڻ وارا هئا ۽ جن کي الله تعاليٰ (ايمان جي) نعمت عطا فرمائي هئي، تن انهن ماڻهن کي چيو ته، (اهڙا ڊڄڻا ڇو ٿيا آهيو همت ڪري انهن ماڻهن جي مٿان ڪاهي پئو ۽) دروازي کان داخل ٿي وڃو.جيڪڏهن توهان داخل ٿيندؤ ته يقيناً توهان غالب پوندؤ ۽ (فتح حاصل ڪندؤ) ۽ جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو ته خدا تي ڀروسو رکو.(علامه علي خان ابڙو) انهن مان ٻن ماڻهن چيو جن الله کان خوف ڪيو ٿي (۽) الله انهن تي نعمت ڪئي، (انهن چيائون) توهان شهر جي دروازي ۾ داخل ٿيو، پوءِ جنهن وقت توهان داخل ٿيا پوءِ بيشڪ توهان غالب آهيو، ۽ الله تي توڪل ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پر) ٻه شخص (يوشع ۽ ڪالب) جيڪي (خدا جو) خوف رکندا هئا (۽) جن تي الله پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪيو هو، اهي بي دڙڪ چوڻ لڳا ته (اڙي) انهن تي حملو ڪري (بيت المقدس) جي ڦاٽڪ ۾ گهڙي پئو. پوءِ (ڏسو ته اهي اهڙا ڊڄڻا آهن جو) هيڏانهن اوهين در مان لنگهيا ته (اهي سڀ پيرن تي زور ڏئي ڪئين ٿا ڀڄن ۽) اوهان جي فتح ٿي ويندي. ۽ جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته پوءِ خدا تي ڀروسو رکو.(سيد فرمان علي) چيو ٻن مڙسن انهن مان جو ڊڄن پيا (الله کان) نعمت ڪئي هئي الله انهن ٻنهي تي ته داخل ٿيو انهن تي دروازي کان پوءِ جڏهن داخل ٿيو ان ۾ پوءِ بيشڪ اوهان غالب آهيو ۽ الله تي ڀروسو ڪيو جيڪڏهن آهيو ايمان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (الله کان) ڊڄندڙن مان ٻن مڙسن جن تي الله نعمت ڪئي هئي تن چيو ته اوهين دروازي کان مٿن داخل ٿيو (يعني حملو ڪريو) پوءِ جڏهن اتان داخل ٿيندؤ ته پوءِ بيشڪ اوهين غالب آهيو، ۽پوءِ الله تي ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (مولانا محمد مدني) انهن (الله کان) ڊڄڻ وارن مان ٻه ڄڻا اهڙا به هئا جن کي الله نعمت سان نوازيو هيو تن چيو ته: ”انهن (قومِ جبارين) تي دروازي مان داخل ٿيو. پوءِ جڏهن توهان داخل ٿي ويندؤ ته پوءِ پڪ سان اوهان غالب آهيو ۽ الله مٿان ئي ڀروسو رکو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻن مردن چيو، تن منجھان، جي ڪَنبن قادر ڀر، الله ڪيون اُنهن تي، اِنعامون اَپر، ته گِھڙو اِنهن تي گھوٽيا!، ڌوڪي مَنجھان در، جي ڌوڪي گِھڙيا درمنجھان، ته آهيو زور زَبر، ۽ جي مُومن معتبر، آهيو، ته رکو الله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
چيائون ته اي موسىٰ بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو پالڻھار وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن تي هنن (ڊڄڻن) چيو ته، اي موسيٰ جيستائين هو (زبردست) ماڻهو اتي موجود آهن تيستائين اسان ڪڏهن به داخل ٿيڻ وارا ناهيون. (۽ جيڪڏهن تون اوڏاهين وڃڻ لاءِ اهڙو شائق آهين ته) تون پاڻ هليو وڃ ۽ تنهنجو خدا به توسان وڃي. اوهان ٻئي وڃي وڙهو. اسان ته هتي ئي ويهي ٿا رهون.(علامه علي خان ابڙو) عرض ڪيائون اي موسيٰ اسين هرگز نه داخل ٿينداسين هميشه جيستائين اهي طاقتور انهي شهر ۾ هوندا پوءِ تون ۽ تنهنجو رب وڃي انهن کي قتل ڪريو بيشڪ اسين هتي ويهندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي چوڻ لڳا، اي موسى! (چاهي ڪجھ به هجي) جيستائين اهي ماڻهو اتي آهن. اسين ته اوڏانهن ڪڏهن پير به نه رکنداسون، ها! تون ۽ تنهنجو خدا (وڃو) ۽ اوهان ٻئي وڃي وڙهو، اسين ته هتي ئي کتا ويٺا آهيون.(سيد فرمان علي) چيائون ته اي موسى! بيشڪ اسين هرگز نه داخل ٿينداسون ان ۾ جيستائين اهي هوندا ان ۾ پوءِ وڃ تون ۽ تنهنجو رب پوءِ وڙهو ۽ بيشڪ اسين هتي ويٺا آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته اي موسيٰ! اسين ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسون جيستائين اهي ان ۾ آهن سو تون ۽ تنهنجو پاليندڙ وڃو. پوءِ (انهن سان) جنگ ڪريو. بيشڪ اسين هتي ويٺا آهيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اي موسى! جيستائين اُهي اتي آهن اسان هرگز اتي داخل نه ٿينداسين پوءِ تون ۽ تنهنجو رب وڃي جنگ ڪيو اسان ته هتي ويٺا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، موسٰى اسين اُن ۾، نه گِھڙون سدائين، جيسين، هو هوندا هُنْ ۾، پوءِ تون ۽ تُنهنجو سائين، لَڙو وڃِي آئين، اِسين اِتئـِين ويٺا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (به) اختيار نٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) (هيءَ حالت ڏسي حضرت) موسيٰ چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي پنهنجي جان ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي به اختيار ڪونهي. تنهن ڪري تون اسان ۽ هنن بي فرمان ماڻهن جي وچ ۾ (پنهنجي حڪم سان) فيصلو ڪري ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ آئون نٿو مالڪ ٿيان مگر پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جو پوءِ اسان کي ۽ اسان جي گنهگار قوم کي جدا ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (تڏهن موسى عرض ڪيو، خداوندا! تون سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو ته منهنجي سر ۽ منهنجي ڀاءُ کانسواءِ ڪنهين تي اختيار نه آهي. پوءِ اسان جي هنن نافرمان ماڻهن جي وچ ۾ جدائي وجھ. (ڇو ته اسان ۽ هنن ۾ ساٿ ٿي نه سگهندو)(سيد فرمان علي) چيائين ته اي منهنجا رب! بيشڪ مان نه ٿو مالڪ ٿيان مگر پنهنجي سر ۽ پنهنجي ڀاءُ جو جدائي ڪر اسان جي وچ ۾ ۽ قوم فاسقن جي وچ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي رڳو پنهنجي جان ۽ پنهنجي ڀاءُ جو اختيار آهي پوءِ تون اسان جي وچ ۾ ۽ نافرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر! (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! آءُ پنهنجي سر ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ڪنهن جو به مالڪ نه آهيان سو تون اسان جي ۽ نافرمان قوم جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيم! مون ۽ مُنهنجي ڀاءُ سوا، ٻيو وس نه منهنجي وار، پوءِ ڌڻيم! دُوري ڌار، مون ۽ ڪانئر قوم وِچان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
(الله) چيو ته اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيه مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني بر) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي دين قوم تي ڏک نه ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) الله جو حڪم ٿيو ته (جنهن صورت ۾ هي ماڻهو اهڙا ڊڄڻا ۽ بي فرمان ٿيا آهن تنهن صورت ۾) هاڻي هنن تي اهو پاڪ ملڪ چالهين سالن تائين حرام ڪيو ٿو وڃي. (يعني چاليهن سالن تائين اهو ملڪ کين نه ملندو). هو هن ئي بيابان ۾ رلندا ڦرندا وتندا. تنهن ڪري (اي موسيٰ) تون هنن بي فرمان ماڻهن جي حالت تي غمگين نه ٿيءُ.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى فرمايو پوءِ بيشڪ اسان انهن تي چاليهه سال بيت المقدس ۾ داخل ٿيڻ حرام ڪيو، پريشان ڦرندڙ (تيهه جي) زمين ۾، پوءِ توهان ڏک نه ڪريو گنهگار قوم تي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا فرمايو (چڱو) ته هنن جي سزا هيءَ آهي ته کين چاليھ سال تائين حڪومت نصيب نه ٿيندي. ۽ (ايتري عرصي تائين) اهي ماڻهو (مصر جي) جهنگل ۾ حيران پريشان ڦرندا رهندا ته پوءِ انهن ماڻهن تي افسوس نه ڪج.(سيد فرمان علي) فرمايائين پوءِ بيشڪ اها حرام ڪيل آهي انهن تي چاليهه سال حيران رهندا زمين ۾ پوءِ افسوس نه ڪر قوم فاسقن جي تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله فرمايوته پوءِ اها (پاڪ زمين) چاليهه ورهيه مٿن حرام ڪيل آهي. زمين ۾ حيران پريشان ڦرندا. پوءِ نافرمان قوم تي افسوس نه ڪر. (مولانا محمد مدني) (الله) فرمايو: ”پوءِ اُها (زمين) چاليهه سال مٿن حرام ڪئي وئي آهي ڌرتيءَ ۾ (خانه بدوش) ڀٽڪندا رهندا پوءِ (اي موسى!) تون بي فرمان قوم تي افسوس نه ڪجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، چاليھ سال اُنهن تي، آهي اِهو حرام، رُلندا رهن روه ۾، بِنا گھر ۽ گام، پوءِ، نه وِجھل وَريام! اِنهيءَ ڪانهيارِي قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
(اي پيغمبر) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچي طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي، (قابيل) چيو ته ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو ته الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن جو حال سچائيءَ سان ٻڌائي ڇڏ، جڏهن هنن (خدا جي قبوليت لاءِ) قرباني پيش ڪئي، تڏهن انهن مان هڪڙي (يعني هابيل) جي قبول پئي ۽ ٻئي جي قبول نه پئي (يعني قابيل جي قبول نه پئي، تنهن تي قابيل حسد ۽ ساڙ ۾ سڙي) چيو ته، مان توکي ضرور قتل ڪندس، (هابيل) چيو الله تعاليٰ فقط متقي ماڻهن جي قرباني قبول ٿو ڪري. (جيڪڏهن خدا تنهنجي قرباني قبول نه ڪئي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور)!(علامه علي خان ابڙو) ۽ اي حبيب ! توهان يهودين کي(حضرت) آدم جي ٻن پٽن جي خبر پڙهي ٻڌايو، جڏهن انهن مان هر هڪ قرباني پيش ڪئي پوءِ هابيل جي قرباني قبول ٿي ۽ قابيل جي قبول نٿي، قابيل چيو قسم سان آئون توکي ضرور قتل ڪندس هابيل چيو الله فقط پرهيزگارن کان قرباني قبول ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تون انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. ته جڏهن انهن ٻنهين خدا جي نالي تي نياز ڪيو، ته هنن مان هڪ (هابيل) جو (نذر ته) قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي (قابيل) جو قبول نه ڪيو ويو. (ته ساڙ کان هابيل کي چوڻ لڳو ته آءُ تو کي ضرور ماري ڇڏيندس. هن چيس ته (ادا، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي) خدا ته فقط پرهيزگارن جو نذر قبول ڪندو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ پڙهه انهن جي اڳيان ٻن پٽن آدم جي خبر سچائيءَ سان جڏهن ڏنائون قرباني پوءِ قبول ڪئي وئي هڪڙي جي انهن ٻنهي مان ۽ نه قبول ڪئي وئي ٻئي جي طرفان چيائين جنهن جي قبول نه ٿي ته البته ضرور ڪهندس توکي چيائين تحقيق قبول ڪري ٿو الله پرهيزگارن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تون انهن کي آدم جي ٻن پُٽن (هابيل ۽ قابيل) جو سچو قصو پڙهي ٻڌاءِ. جڏهن انهن ٻنهين (الله جي نالي تي) نياز ڏنو. پوءِ انهن ٻنهين مان هڪ (هابيل) جو قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي (قابيل) جو قبول نه ڪيو ويو. (قابيل) چيو ته آءُ ضرور توکي قتل ڪندس. (هابيل) چيو ته الله رڳو پرهيزگارن جو (نياز) قبول ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ (اي نبي!) انهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جي خبر پڙهي ٻڌاءِ جا بلڪل سچي آهي. جڏهن ٻنهين (الله اڳيان) قرباني پيش ڪئي پوءِ انهن مان هڪ (هابيل) جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي (قابيل) جي قبول نه ڪئي وئي ته (قابيل ساڙ ۾) چيو ته: ”آءُ تو کي ضرور قتل ڪندس“. (هابيل) چيو ته: ”بيشڪ الله پرهيزگارن کان ئي قبول ڪري ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڙھ مَٿنِ، ٻن پٽن جو، آدم جي احوال، ڪيائون، جڏهن قُربانيون، پوءِ هڪ جِي ٿِي بحال، ۽ ٻئي جو خير خيال، منطور نه ٿيو مورهين. چي ماريندوسين مُورهين، تڏهين چيائين اِهڙي چال، ته ڀلن جو بحال، ٿو خاوند خير قبول ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
البت جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين ته آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن به ڊگھو نه ڪندس ته توکي ماريان، بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ کڻندين ته (کڻ) پر مان توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به هٿ نه کڻندس. مان الله کان ڊڄان ٿو جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) جيڪڏهن تو پنهنجي هٿ کي منهنجي طرف قتل ڪرڻ لاءِ وڌايو ته آئون تو ڏانهن هٿ نه وڌائيندس انهي لاءِ جو توکي قتل ڪريان، بيشڪ آئون الله رب العالمين کان خوف ڪريان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪڏهن تون منهنجي قتل ڪرڻ جي ارادي سان مون تي وار ڪندين (ته خير هٿ وڌاءِ پر) تنهنجي مارڻ جي ارادي سان تو ڏانهن هٿ ڊگهو نه ڪندس. (ڇو ته) آءُ ان خدا کان جيڪو ساري جهان جو پاليندڙ آهي بلڪل ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي) البته جيڪڏهن وڌايئي مون ڏانهن هٿ پنهنجو تانته ڪهين مون کي ته ناهيان مان وڌائيندڙ هٿ پنهنجو تو ڏانهن تانته ڪهان توکي بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله رب جهانن جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ پنهنجو هٿ مون ڏي ڊگهو ڪندين ته به آءُ توکي قتل ڪرڻ لاءِ پنهنجو هٿ توڏي ڊگهو ڪرڻ وارو نه آهيان. آءٌ الله کان ڊڄان ٿو جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) (هابيل) چيو جيڪڏهن تون پنهنجو هٿ مون کي مارڻ لاءِ مون ڏانهن وڌائيندين (ته به) آءُ پنهنجو هٿ تو کي قتل ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن نه وڌائيندس، بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پَکيڙيو، تو پَنهنجو، مون ڏي هٿ اِن هار، ته قتل ڪرين مون کي، ته پَنهنجو هٿ تو پار، آئون نه کوليندڙ آهيان، ته ڪُهان تو ڪُهيار!، آئون ڏَران ڀر ڏاتار، جو پالڻهار پِر ٿڻين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
مُنھنجو ارادو آھي ته مُنھنجو گُناھ ۽ پنھنجو گُناھ تون کڻين ته دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مان ته چاهيان ٿو ته (زيادتي تنهنجي طرف کان ٿئي ته ٿئي، پر منهنجي طرف کان نه ٿئي، ۽) تون منهنجا گناه ۽ پنهنجا گناه پنهنجي سر تي کڻين ۽ دوزخين منجهان ٿئين جو ظلم ڪرڻ وارن کي اهوئي بدلو ملڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون ارادو ڪريان ٿو ته تون منهنجي قتل جي گناه ۾ ۽ بي فرماني ۽ حسد سببان گرفتار ٿين پوءِ تون جهنمين مان ٿيندين ۽ اها جزا آهي ظالمن جي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ ته يقينا اهو گهران ٿو ته منهنجا گناھ ۽ تنهنجا گناھ سڀ تنهنجي سر تي ٿين ته (تون چڱي طرح) دوزخي ٿئين ۽ ظالم جي سزا به اها ئي آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ مان ارادو ڪيان ٿو ته کڻين تون گناھ منهنجو ۽ گناھ پنهنجو ۽ پوءِ هجين جهنم وارن مان ۽ اهو بدلو آهي ظالمن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ گهران ٿو ته تون منهنجو گناهه ۽ پنهنجو گناهه کڻين ته باهه وارن مان ٿئين. ۽ اها ظالمن جي سزا آهي. (مولانا محمد مدني) بلاشڪ منهنجو ارادو آهي ته منهنجي گناهه کي ۽ پنهنجي گناهه کي تون ئي پنهنجي مٿان کڻين پوءِ تون جهنمين مان ٿي پوين ۽ اِها ئي ظالمن جي سزا آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون گُھران، ته گِرفتار، ٿِئـِين مُنهنجي ۽ پنهنجي پاپ ۾، پوءِ ڀاتينِ مان باھِ جي، هُجين تون هموار، اِهو آخرڪار، بَدلو بيدا دين جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
پوءِ سندس نفس کيس ڀاءُ جي مارڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ ڇيئي وارن مان ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ڇا ٿيو جو) قابيل جي نفس کيس پنهنجي ڀاءِ جي قتل لاءِ تيار ڪيو. هن هابيل کي قتل ڪري وڌو. نتيجو هي نڪتو جو هو انهن منجهان ٿيو جي نقصان ۽ تباهي ۾ پيل آهن.(علامه علي خان ابڙو) نيٺ قابيل کي پنهنجي ڀاءُ هابيل جي قتل تي سندس نفس اڀاريو پوءِ ان کي قتل ڪيائين پوءِ پاڻ ڦري ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ سندس نفس کيس سندس ڀاءُ جي قتل ڪرڻ تي ڀڙڪايو آخر هن (بدبخت) کيس ماري ڇڏيو ته نقصان وارن مان ٿيو.(سيد فرمان علي) پوءِ آسان ڪيائين ان لاءِ سندن نفس ڪهڻ ڀاءُ پنهنجي جو پوءِ ڪٺائين ان کي پوءِ ٿي پيو نقصان وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ سندس نفس کيس سندس ڀاءُ جي خون ڪرڻ تي ڀڙڪايو، پوءِ ان کي قتل ڪيائين ۽ نقصان وارن مان ٿيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان (قابيل) جي نفس ان لاءِ سندس ڀاءُ (هابيل) کي قتل ڪرڻ آسان بنايو سو ان کي ماري وڌائين پوءِ نقصان وارن مان ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نفس سندسِ سينگاريو، ڀاء جو قتل تنهن ڪاڻ، پوءِ پِره سان پاڻ، ٿيو هَڙ موڙِي هارِيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي ته کيس ڏيکاري ته پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين ته مون لاءِ ارمان آھي ڇا آءٌ ھن ڳالھ کان (به) عاجز ٿيس جو ھن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا ته پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا، پوءِ پشيمانن مان ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ الله تعاليٰ هڪڙي ڪانو کي موڪليو ۽ هو زمين کوٽڻ لڳو، انهيءَ لاءِ ته کيس (يعني قابيل کي) ڏيکاري ته ڪيئن پنهنجي ڀاءِ جو لاشو (زمين ۾) لڪائي ڇڏي. (اهو ڏسي قابيل) چيو ته افسوس! منهنجي حال تي جو مون کان ايترو به ٿي نه سگهيو جو ڪانو وانگر (زمين کوٽي) پنهنجي ڀاءِ جو لاش لڪائي ڇڏيان. مطلب ته هو ڏاڍو پشيمان ٿيو.(علامه علي خان ابڙو) نقصان وارن مان، پوءِ الله تعالى هڪ ڪانگ کي موڪليو (زمين تي) ان ڪانگ زمين کي کوٽيو ان لاءِ ته قابيل ڏسي ته پنهنجي ڀاءُ جو لاش ڪيئن دفن ڪجي، قابيل چيو افسوس ڪاش آئون هن ڪانگ جهڙو هجان ها، پوءِ آئون به پنهنجي ڀاءُ جو لاش پوريان ها، پوءِ (ڀاءُ جي قتل سببان) ڦري پشيمان ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (تڏهن کيس ڳڻتي ٿي ته هاڻي لاش کي ڪيڏانهن ڪريان) ته خدا هڪ ڪانءَ کي موڪليو جنهن زمين ۾ کڏ کوٽي هن لاءِ ته کيس ڏيکاري ته هو ڪئين پنهنجي ڀاءُ جي لاش لڪائي (اهو ڏسي) چوڻ لڳو ته مون کي پاڻ تي افسوس آهي. ڇا مون کان ايترو به نه ٿيو جو هن ڪانءَ جهڙو ٿيان. پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪايائين مطلب ته پوءِ (هن پنهنجي حرڪت تي) ڏاڍو پڇتايو.(سيد فرمان علي) پوءِ موڪليو الله ڪانءَ کي جو کوٽي پيو زمين تانته ڏيکاري ان کي ته ڪيئن پوري لاش ڀاءُ پنهنجي جو چيائين ته اي افسوس ڇا عاجز ٿيس مان هن کان جو هجان هن ڪانءَ جهڙو پوءِ پوريان لاش ڀاءُ پنهنجي جو پوءِ ٿي پيو پشيمانن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله هڪ ڪانءُ کي موڪليو جنهن زمين ۾ کڏ ٿي کوٽي هن لاءِ ته کيس ڏيکاري ته هو ڪيئن پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪائي. (ڪانءُ کي ڏسي) چوڻ لڳو ته مون کي پاڻ تي افسوس آهي ڇا مون کان ايترو به نه ٿيو جو هن ڪانءُ جهڙو ٿيان پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪايان. پوءِ پڇتائيندڙن مان ٿيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله هڪ ڪانؤُ موڪليو جيڪو زمين کوٽڻ لڳو هن لاءِ ته جيئن کيس ڏيکاري ته پنهنجي ڀاءُ جو لاش ڪيئن لڪائي؟ (اهو ڏسي) چيائين ته: ”هاءِ افسوس! ڇا آءُ عاجز ٿي پيس جو هن ڪانؤ جهڙو ٿيان جو پنهنجي ڀاءُ جو لاش لڪايان“. پوءِ پشيمانن مان ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ قادر مُڪو ڪانء، پيو کوٽي کَڏ خاڪ ۾، ته لَٽي لاش ڀاڻسِ جو، ڏيکاريسِ سو ڏانء، چي، افسوس وِيس عقل ۾، آئون هِن ڪانگ ڪنان!، پوءِ پنهنجي ڀاءُ جو، لَوڙھ لَٽيان مان، پوءِ پِرھ سان، پَڇتائيندڙن مان، پاڻ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انھيءَ ڪري بني اسرائيلن تي لازم ڪيوسون ته جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ البت بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري بيشڪ اُن کانپوءِ منجھائن گھڻا مُلڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ حالت جي مدنظر، اسان بني اسرائيلن جي لاءِ حڪم لکي ڇڏيو ته، جنهن به ماڻهوءَ سواءِ ان حالت جي جڏهن قصاص وٺڻو هجي يا ملڪ ۾ ڦرمار ۽ خونريزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ڪنهن ٻئي ماڻهو کي قتل ڪري وڌو، تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جو خون ڪيو، ۽ جنهن به ٻئي ڪنهن جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي حياتي ڏني، ۽ پوءِ هنن ڏي اسان جا رسول (هڪ ٻئي پٺيان) روشن دليلن سان ايندا رهيا (۽ ظلم ۽ خونريزيءَ کان) کين منع ڪندا رهيا) تنهن هوندي به انهن مان گهڻا اهڙا هئا جي ملڪ ۾ زيادتيون ڪندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) انهي سببان اسان بني اسرائيل تي لکي ڇڏيو ته جنهن ماڻهو (ارادي سان) ٻئي ماڻهو کي قتل ڪيو بغير قصاص جي يا زمين ۾ فساد جي، پوءِ گوياڪه انهي سڀئي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا، ۽ جنهن شخص هڪ ماڻهو جي جان بچائي ان گوياڪه سڀني ماڻهن کي بچايو ۽ بيشڪ آيا انهن وٽ پيغمبر اسان جا چٽن دليلن سان پوءِ بيشڪ انهن مان گھڻا ماڻهو پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ به زمين ۾ يقيناً حد کان وڌندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان لاءِ ته اسين بني اسرائيلين تي فرض ڪيو هو ته جو شخص ڪنهن کي نه جان جي بدلي ۾ نه ملڪ ۾ فساد پيدا ڪرڻ جي سزا ۾ (بلڪه ناحق) قتل ڪندو ته ڄڻ هن سڀني ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. ۽ جنهن هڪ ماڻهو کي جياريو (بچايو) ... ۽ انهن (بني اسرائيلين) ڏي ته اسان جا رسول (ڪهڙا ڪهڙا نه) ظاهر معجزا کڻي آيا. (پر) ان هوندي به يقينن هنن مان ڪيترائي زمين ۾ زيادتيون ڪندا رهيا.(سيد فرمان علي) انهيءَ سبب جي ڪري لازم ڪيوسون بني اسرائيل تي ته بيشڪ جنهن ڪٺو ڪنهن نفس کي بغير (بدلي) قصاص جي يا بغير فساد ڪرڻ جي زمين ۾ پوءِ ڄڻ ته ڪٺائين ماڻهن مڙني کي ۽ جنهن بچايو ان کي پوءِ ڄڻ ته بچايائين ماڻهن مڙني کي ۽ البته تحقيق آيا انهن وٽ رسول اسان جا چٽن دليلن سان تنهن کان پوءِ بيشڪ گهڻا انهن مان ان کان پوءِ زمين ۾ البته حد کان لگهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان ڪري اسان بني اسرائيلن تي هي حڪم ڪيو ته جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻي جان جي عوض کانسواءِ يا ملڪ ۾ فساد ڪرڻ (جي سبب) بنا قتل ڪندو ته ڄڻ ته ان سڀني ماڻهن کي قتل ڪيو. ۽ جيڪو ان کي جياريندو (بچائيندو) ته ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي جياريائين (بچايائين) ۽ بيشڪ انهن وٽ اسان جا رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا. وري به انهن مان گهڻا ان کان پوءِ زمين ۾ حد کان لنگهندڙ آهن. (مولانا محمد مدني) ..ان جي ڪري.. اسان بني اسرائيلن تي (تورات ۾) لکي ڇڏيو ته: ”جنهن ماڻهو ڪنهن کي بنا قصاص (يعني خون جي بدلي خون) يا زمين ۾ فساد (پکيڙڻ جي سزا) جي قتل ڪيو ته ان ڄڻڪ سڀ انسانذات کي قتل ڪيو. ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڪ جي زندگي بچائِـــي ته ان ڄڻڪ ساري انسانذات جي زندگي بچائي. ۽ بيشڪ انهن وٽ اسان جا رسول چِٽن دليلن سان آيا پوءِ ان کان بعد به بلاشڪ انهن مان گهڻا زمين ۾ زيادتيون ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موجب اِن مذڪور، لکيو سون بَنِي اسرائيل تي. ته جنهن حق حساب ري، يا ڀُون ۾ ڦوٽ فَتُور، ماريو ماڻهو هيڪڙو، ڪر مِڙئـِي مارئـِين مُور، جنهن جِياريو ضرور، هِڪ جِيءَ، ته سڀ جياريا. ۽ آينِ نبي اسان جا، کڻِي کُليا اُهڃان، بلڪل گھڻا ڀُون ۾، اُنهن مان اَڄاڻ، آهن اِن پڄاڻ، اَجايو اِسراف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر سان وڙھندا ۽ ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) لاءِ ڪوشش ڪندا تن جي سزا ھن کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي ته ڪُھجينِ يا سُوريءَ چاڙھجينِ يا سندن ھٿ ۽ سندن پير اُبتڙ سبتڙ وڍجن يا ديس نيڪالي ڏجينِ، دُنيا ۾ اُنھن لاءِ اِھا خواري آھي ۽ آخرت ۾ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ ملڪ ۾ فساد مچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪن ٿا، (يعني رهزن ۽ ڌاڙيل آهن تن جي) سزا هيءَ آهي ته هنن کي قتل ڪيو وڃي يا ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا هنن جا هٿ پير مخالف طرفن کان وڍيا وڃن يا هنن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي (جيئن هر حالت ۾ مناسب ڏسڻ ۾ اچي). اها سزا هن لاءِ دنيا ۾ خوار خراب ڪندڙ آهي ۽ آخرت ۾ به هنن جي لاءِ وڏو عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) هي سزا انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي الله تعالى ۽ رسولِ عربي جي دوستن سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا ڦاسي ڏني وڃي يا انهن جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيو وڃي يا انهن کي شهر نيڪالي ڏني وڃي، اهو (عذاب) انهن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي شخص خدا ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ حڪمن کي نٿا مڃين ۽ فساد ڦهلائڻ جي ارادي سان هيڏانهنن (هوڏانهن) ملڪن ۾ ڊوڙندا وتن ٿا، انهن جي سزا ته بس اها ئي آهي جو (کين ڳولي ڳولي) يا ته ماري ڇڏجي يا هنن کي سوريءَ چاڙهيو وڃي. يا سندن هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيا وڃن، يا (وري) کين (پنهنجي وطن جي) سرزمين مان نيڪالي ڏني وڃي، اها سندن خواري ته (فقط) دنيا ۾ ٿي ۽ وري آخرت ۾ ته انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ بدلو انهن جو جيڪي جنگ ڪن ٿا الله ۽ ان جي رسول سان ۽ ڪوشش ڪن ٿا زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي هيءُ آهي ته قتل ڪيا وڃن يا ڦاسي ڏنا وڃن يا ڪٽيا وڃن سندن هٿ ۽ پير سندن ابتڙ يا تڙيا وڃن زمين مان اها انهن لاءِ خواري آهي دنيا ۾ ۽ انهن جي لاءِ آخرت ۾ عذاب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي الله ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا تن جي سزا هيءَ آهي ته کين قتل ڪيو وڃي، يا سوريءَ چاڙهيو وڃي، يا سندن هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻي طرف جا پير وڍيا وڃن يا انهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي. اها انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي. ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي، (مولانا محمد مدني) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد (پکيڙڻ) جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي سزا اهائي آهي جو اُهي قتل ڪيا وڃن يا ڦاهي چاڙهيا وڃن يا انهن جا هٿ ۽ انهن جا پير مخالف طرفن ۾ ڪاٽيا وڃن (يعني هڪ طرف جو هٿ ۽ ٻئي طرف جو پير) يا ڌرتي کان ڌار ڪيا وڃن. (يعني کين ملڪ نيڪالي ڏني وڃي) اِها انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ ۽ سندس رسول سان، جي تَڙيل ڪن تڪرار، يا بِگڙين ڀُون کي، تن جِي سزا تڪرار، ته قتل ڪِجينِ، يا ڪِجين سُوري تي سوار، يا هٿ، پير اُنهن جا، ڪاٽِجن اُبتڙ، ڌاروڌار، يا ڏِجينِ نيڪالِي ڏيہ مان، اِهو اِن آڌار، ته خُوب خوارِي اُنهن لئي، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، ۽ آهي وڏو آزار، منجھ آخرت اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
پر جن اوھان جي قابو پوڻ کان اڳ توبه ڪئي، پوءِ ڄاڻو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سواءِ انهن جي جيڪي توهان جي هٿ چڙهي وڃن ۽ توهان هنن کي گرفتار ڪريو تنهن کان اڳ ئي هو پشيمان ٿي (ظلم ۽ فساد کان) باز اچن. (اهڙن سان نرميءَ جي هلت ڪيو ۽ الله تعاليٰ به کين بخشيندو يقين ڪريو ته الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا گرفتار ٿيڻ کان اڳ ۾. پوءِ توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر هاءُ! جن اوهان جي قابوءَ ۾ اچڻ کان اڳ توبه ڪئي ته (هنن جا گناھ معاف ڪيا ويندا ڇو جو) ڄاڻو ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي) مگر جن توبہ ڪئي ان کان اڳي جو قادر ٿيو اوهان انهن تي پوءِ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله بخشندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر جن اوهان جي قابوءَ ۾ اچڻ کان اڳ توبة ڪئي ته پوءِ ڄاڻو ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) سواءِ انهن ماڻهن جي جن اوهان جي قابو ۾ اچڻ کان اڳ توبه ڪئي. پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جي موٽيا، اَ ڳي اِنهيان وار، ته اوهين ٿيو اُنهن تي، قادر سِرڪپار، سَمجھو ته ربَّ، ستار، مرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳوليو (يعني نيڪ عملن جي وسيلي سان الله تعالىٰ ڏي ويجھا ٿيو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪريو مانَ اوھين ڇٽو.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! الله (جي نافرمانين جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ وٽس پهچڻ لاءِ حيلا وسيلا ڳوليندا رهو ۽ سندس راه ۾ ڪوشش ۽ جهاد ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪاميابي حاصل ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! الله تعالى کان ڊڄو ۽ الله جي دربار ۾ پنهنجي لاءِ وسيلو طلب ڪريو ۽ الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ۽ سندس (قرب حاصل ڪرڻ لاءِ) وسيلي (ذريعي) جي ڳولا ۾ رهو ۽ سندس راھ ۾ جهاد ڪيو ته جيئن اوهين ڪامياب ٿيو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! ڊڄو الله کان ۽ طلب ڪيو ان ڏانهن وسيلو ۽ جهاد ڪيو ان جي واٽ ۾ تانته اوهان ڪامياب ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان تائين (پهچڻ لاءِ) ذريعو ڳوليو، ۽ سندس رستي ۾ جنگ ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان ڏانهن (ويجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ) وسيلو وٺو ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪيو من توهان ڪامياب ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، ڪَنبو ربَّ ڪريم کان، ۽ وٺو وسِيلو اُن جو، پڻ راه ۾ رحمان، ۽ لَڙو مَنجھ ميدان، ته من مُرادون ماڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن ھجي ۽ اُن جيترو ٻيو به گڏ (ھجين) اُھو قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان (بچاءَ) لاءِ عوض ڏين ته کانئن قبول نه ڪبو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، تن جي قبضي ۾ جيڪڏهن روءِ زمين جو سڀ (مال متاع) موجود هجي ۽ اوترو ٻيو به کين ملي وڃي ۽ پوءِ اهو (سڀ مال متاع) قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوضي طور ڏيئي ڇڏين تڏهن به اهو فديو قبول نه ڪيو ويندو، انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (بالفرض) جيڪڏهن اهي زمين ۾ جيڪي شيون آهن اهي سڀئي ۽ انهي جيتريون ٻيون شيون الله جي عذاب کان جيڪو قيامت جي ڏينهن ڪيو ويندو فديو ڏين ته به انهن کان قبول نه ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ جن ڪفر (احڪام خدا جو انڪار) ڪيو، تن وٽ جيڪڏهن اهو سڀ، جيڪي زمين ۾ (مال خزانو) آهي، سو ۽ ان سان گڏ ٻيو به اوترو (مال) ساڻ هجين ته اهي پاڻ کي قيامت جي ڏينهن عذاب کان بچائڻ لاءِ اهو عوض ڏين ته به اهو هنن کان قبول نه ڪيو ويندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ جن ڪفر ڪيو جيڪڏهن بيشڪ هجي ها انهن لاءِ جيڪي ڪجھ زمين ۾ آهي سمورو ۽ ان جيترو ان سان گڏ تانته فديو ڏين ان سان عذاب ڏينهن قيامت جي کان ته نه قبول ڪيو وڃي ها انهن کان ۽ انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن وٽ جيڪڏهن اهو سڀ جيڪي زمين ۾ آهي سو ۽ ان سان گڏ ٻيو به اوترو (هن لاءِ تيار) هجي ته اهي پاڻ کي قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچائڻ لاءِ اهو عوض ڏين ته به اهو انهن کان قبول نه ڪيو ويندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ته جيڪڏهن ساري دنيا جي دولت انهن جي قبضي ۾ هجي ۽ ان جيتري ٻي به گڏ هجي ته اهي قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان (بچڻ لاءِ اها سڀ) بدلي ۾ ڏين ته به انهن کان قبول ڪونه ڪئي ويندي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريا جي فرمان کان، هوند، هُجن تن نال!، جيڪِي ڌن زمين ۾، ۽ ٻيا مَٿان، اُن مثال، ڏُ ک کان ڏينهن قِيام جي، بَدلو ڏينِ بحال، مُلھ نه وَٺبنِ، سي مال، ۽ ساڙ سندنِ لئي، سخت ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
باہ مان نڪرڻ گُھرندا ۽ (حقيقت ڪري) منجھانئس اُھي نڪرڻ وارا نه آھن، ۽ اُنھن لاءِ سدائين جو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هو چاهيندا ته دوزخ جي باه مان ٻاهر نڪري اچن، پر هو ڪڏهن به ٻاهر نڪري نه سگهندا، هنن جي لاءِ قائم رهڻ وارو عذاب هوندو.(علامه علي خان ابڙو) جهنم جي باه کان نڪرڻ جو ارادو ڪندا حالانڪه اهي جهنم مان نڪرندڙ ناهن ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ماڻهو چاهيندا آهن ته ڪنهن طرح دوزخ جي باھ مان نڪري ڀڄي وڃون. پر اتان اهي ڪٿي ٿا نڪري سگهن ۽ انهن لاءِ ته دائمي (هميشه هلندڙ) عذاب آهي.(سيد فرمان علي) ارادو ڪندا ته نڪرن باھ مان ۽ ناهن اهي نڪري سگھندڙ ان مان ۽ انهن لاءِ عذاب هميشہ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) باهه مان نڪرڻ گهرندا ۽ (حقيقت ڪري) اهي ان مان نڪرڻ وارا نه آهن ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) چاهيندا ته اهي جهنم مان ٻاهر نڪرن ۽ اُهي ان مان نڪرڻ وارا ناهن ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانئنِ، ته نِڪرن باه مان، ۽ مُنجھانسِ نه نڪرڻا مُور، ۽ سندنِ خاطر سُور، بلڪل بقادار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
چورُ (مڙس) ۽ چورِ (زال) انھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي چور هجن مرد خواه عورتون تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪِيئي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعاليٰ (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) چوري ڪندڙ مرد هجي يا عورت، پوءِ توهان انهن جا هٿ ڪٽيو اها جزا سندن عملن جي آهي (۽) الله جي طرفان عذاب آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ چور چاهي مرد هجي يا عورت اوهين سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ هنن جو (سڄو) هٿ وڍي ڇڏيو. اها (انهن جي سزا) خدا جي طرف کان آهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ چوري ڪندڙ مرد ۽ چوري ڪندڙ عورت پوءِ وڍيو هٿ انهن جا بدلي ان جي جو ڪيائون عبرت ناڪ سزا (اٿن) الله وٽان الله غالب حڪمت وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ چوري ڪندڙ مڙس ۽ چوري ڪندڙ زال جا هٿ وڍي ڇڏيو، سندن ڪيل ڪم جي سزا لاءِ جا الله جي طرفان عبرت آهي. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ چوري ڪندڙ مرد ۽ چوري ڪندڙ عورت پوءِ ٻنهين جا هٿ وڍيو ان (ڏوهه) جي سزا ۾ جيڪو ڪيائون اها الله پاران عبرت ناڪ سزا آهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چور مرد ۽ زال، ڪاٽِيو هَٿ اُنهن جا، جو ڪيون، تنهن جو، قادر کان، بدلو اِي بحال، ۽ بارِي بي مثال، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جنهن اهڙي ظلم (يعني چوري) ڪرڻ بعد توبهه ڪئي (يعني چوري ڪرڻ کان هميشه لاءِ باز رهيو) ۽ پاڻ کي سڌاريائين، تنهن ڏانهن الله تعاليٰ به (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو، بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪو شخص توبه تائب ٿيو ظلم ڪرڻ کان پوءِ نيڪي ڪئي پوءِ بيشڪ الله تعالى انهي تي مهربان ٿئي ٿو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ها! جيڪو پنهنجي گناھ کان پوءِ توبھ ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ته بيشڪ خدا به سندس توبھ قبول ٿو ڪري. ڇو ته خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ جنهن توبہ ڪئي پنهنجي ظلم ڪرڻ کان پوءِ ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ بيشڪ الله توبہ قبول ڪري ٿو ان جي بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جنهن پنهنجي ظلم ڪرڻ کان پوءِ توبة ڪئي ۽ (پنهنجي ڪم کي)سڌاريو ته پوءِ بيشڪ الله مٿس مهرباني ڪندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جنهن ماڻهو پنهنجي ڪيل ظلم بعد توبه ڪئي ۽ اصلاح ڪيائين ته پوءِ بلاشڪ الله ان جي توبه قبول ڪندو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جو وَريو پنهنجي ظُلم پُٺيان، ۽ چڱِي ڌارئين چال، ته واحد ورندو تنهن مٿي، بخشِيندسِ بحال، بارِي بي مِثال، مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر) نه معلوم اٿئي ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي انسان تون خدا جي بخشش ۽ رحمت تي عجب نه کاءُ) ڇا توکي خبر ناهي ته آسمان ۽ زمين جي سڄي بادشاهي فقط الله جي آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ هو هر شيء تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان معلوم نه ڪيو ته بيشڪ الله تعالى لاءِ مُلڪ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، جنهنکي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهنکي چاهي بخش فرمائي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي شخص) ڇا تو نه ڄاتو؟ ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي الله جي آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي ته معاف ڪري ۽ خدا ته هر ڳالھ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي) ڇا نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي عذاب ڪري ٿو جنهن کي گھري ۽ بخشي ٿو جنهن کي گھري ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا تو نه ڄاتو؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي معاف ڪري ٿو ۽ الله سڀڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. اهو جنهن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي. ۽ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ نه ڀانيئـِي ڀَڙ! ته اُڀ، ڀون مُلڪ الله جو، وڻيسِ وٺي تِنهن کي ۽ وڻيس ڪري وَڙ، ۽ هر ڪم ۾ آهي ڪَڙ، اَلله جل جلالہ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي پيغمبر! انهيءَ ٽوليءَ مان جن زبان سان ته چيو ته، اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون ايمان کان خالي هيون ۽ پڻ انهيءَ ٽولي مان جي يهودي آهن، جيڪي به ڪفر جي واٽ تي تڪڙا ڊوڙيا تن جي حالت توکي غمگين نه ڪري. اهي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن ڏيئي ٻڌڻ وارا آهن (۽ هن لاءِ) ڪن ڏئي ٻڌندڙ آهن ته انهن ٻين ماڻهن کي (تنهنجون) ڳالهيون وڃي ٻڌائين جيڪي تو وٽ نه آيا آهن. اهي ماڻهو (تورات) جي لفظن کي باوجود انهن جو صحيح مطلب موقعن سان مناسب ثابت ٿيو هجي پنهنجي صحيح معنيٰ کان ڦيرائي ڇڏين ٿا. هو (ماڻهن کي) چون ٿا ته (جيڪو حڪم تورات) جو اسان توهان کي ٻڌايو اهڙوئي حڪم (حضرت ﷺ وٽان اوهان کي) ڏنو وڃي ته قبول ڪيو، نه ڏنو وڃي ته پاسو ڪيو. (اي پيغمبر! اهڙن فاسق ماڻهن جي حالت تي غم نه ڪر) جنهن به شخص لاءِ الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آزمائش ۾ پوي (۽ سندس کوٽ ظاهر ٿي پوي) تنهن لاءِ تون خدا کان ڪجهه به (هدايت) حاصل ڪري نٿو سگهين. (يقين ڪر ته) اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي دلين کي الله تعاليٰ پاڪ ڪرڻ نٿو چاهي. (ڇو ته سندس قانون آهي ته جيڪو گندگي پسند ٿو ڪري تنهن جي لاءِ پاڪائي جي واٽ بند ٿي وڃي ٿي) انهن جي لاءِ دنيا ۾ به خواري خرابي آهي ۽ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي رسولِ عربي توهان کي ڏک نه ٿئي انهن ماڻهن جو جيڪي ڪفر ۾ تڪڙ ڪن ٿا انهن ماڻهن مان جيڪي پنهنجي زبانن سان چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ نٿا ايمان آڻن قلب انهن جا ۽ انهن ماڻهن مان جيڪي يهودي ٿيا، اهي چڱي طرح (پادرين جي) ڪوڙن کي ٻڌن ٿا ۽ ٻين ماڻهن جا ڪوڙ چڱي طرح قبول ڪن ٿا، ۽ رسولِ عربي وٽ نٿا اچن، الله تعالى جي حڪمن کي تبديل ڪن ٿا پنهنجي جاءِ تان. يهودي چون ٿا جيڪڏهن (زنا متعلق) ڪَوڙن هڻڻ جو حڪم رسولِ عربي ڏي ته قبول ڪجو ۽ جيڪڏهن سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏي ته قبول نه ڪجو، ۽ جنهنکي الله گمراه ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ توهان هرگز الله جي ڪنهن شيءِ جا انهن لاءِ مالڪ نٿا ٿيو. اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ الله تعالى نٿو چاهي جو انهن جون دليون صاف ڪري، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي رسول جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ ڪاهي پون ٿا. تن جو غم نه ڪر. انهن مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جيڪي وات سان (سولائي) چون ٿا ته اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون بي ايمان آهن ۽ ڪي يهودي اهڙا (به) آهن جيڪي (جاسوسي جي سنت سان) ڪوڙيون ڳالهيون ڏاڍو (مزو سان) ٻڌندا آهن ته جيئن ڪافرن جي ٻي جماعت کي جيڪي (اڃا تائين) اوهان وٽ نه آيا آهن ٻڌائن. اهي ماڻهو (توريت جي) لفظن کي چڱي طرح معنى (سمجهڻ کان) پوءِ به بدلائين ٿا. ۽ (وري ماڻهن کي) چون ٿا ته (اهو توريت جو حڪم آهي) جيڪڏهن (محمد جي طرف کان به) اوهان کي اهڙو حڪم ملي ان کي ته مڃجو پر جيڪڏهن اهو حڪم اوهان کي نه ڏنو وڃي ته ان کان الڳ رهجو. ۽ (اي رسول) جنهن کي خدا عذاب ڏيڻ ٿو گهري ته ان لاءِ خدا وٽ تنهنجو زور هلي نٿو سگهي. هي ماڻهو ته اهي آهن جن جي دلين کي خدا (گناهن کان) پاڪ ڪرڻ جو ارادو ئي نه ڪيو (بلڪه) هنن لاءِ ته دنيا ۾ به خواري آهي ۽ آخرت ۾ به انهن لاءِ تمام (ڳئورو) عذاب ٿيندو.(سيد فرمان علي) اي رسول! نه ڏک ۾ وجھن توکي اهي جو جلدي ٿا ڪن ڪفر ۾ انهن مان جو چيائون ته ايمان آندوسون اهو (چون ٿا) پنهنجن واتن سان ۽ نه ايمان آندو دلين انهن جي ۽ انهن مان جيڪي يهودي ٿيا ٻڌندڙ آهن ڪوڙ جي لاءِ، جاسوسي ڪندڙ آهن قوم ٻيءَ جي لاءِ جيڪي نه آيا تو وٽ مٽائين ٿا ڪلمن کي انهن جي جاين کان چون ٿا جيڪڏهن ڏنا ويندؤ هن کي ته پوءِ وٺو ان کي ۽ جيڪڏهن نه ڏنا ويندؤ ان کي ته پوءِ ڊڄو ۽ جنهن کي ارادو ڪري ٿو الله آزمائش ۾ وجھڻ جو پوءِ هرگز نه مالڪ ٿيندين ان جي لاءِ الله کان ڪجھ به، اهي ئي آهن جو نه ارادو ڪيو الله ته پاڪ ڪري دليون انهن جون، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن جي لاءِ آخرت ۾ عذاب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي رسول! جيڪي ڪفر ۾ ڪاهي پون ٿا سي توکي غمگين نه ڪن (اهي ماڻهو) جن پنهنجن واتن سان چيو ته اسان ايمان آندو هوڏانهن سندن دلين ايمان نه آندو آهي. ۽ (اهي به) جيڪي يهودي آهن (اهي) ڪوڙ گهڻو ٻڌندڙ آهن. ٻيا ماڻهو جيڪي تو وٽ نه آيا آهن، تن جا (اهي) جاسوس آهن. ڳالهين کي پنهنجن صحيح جاين تي هئڻ کان پوءِ ڦيرين ٿا. چون ٿا ته جيڪڏهن اوهان کي هيءَ (تحريف ڪيل حڪم) ڏنو وڃي ته ان کي قبول ڪجو ۽ جيڪڏهن اهو (حڪم) اوهان کي نه ڏنو وڃي ته ان کان بچو. ۽ الله جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن لاءِ الله جي مقابلي ۾ تون ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين. اِهي اُهي آهن جن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گهريو. دنيا ۾ انهن لاءِ خواري آهي. ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) اي پيغمبر! تو کي اُهي ماڻهو غمزده نه ڪن جيڪي ڪفر ۾ تيزي سان ڪوشان آهن (توڙي) انهن (منافق) ماڻهن مان هجن جيڪي واتن سان ته چون ٿا ته ”اسان ايمان آندو“، حالانڪه انهن جي دلين ايمان نه آندو آهي ۽ (توڙي انهن) يهودين مان هجن جيڪي ڪوڙ گھڙڻ لاءِ گهڻو ٻڌندڙ آهن اهي ٻي قوم جي لاءِ گھڻو ٻڌندڙ آهن جيڪي تو وٽ (اڃا) آيا ناهن. اهي (الله جي) الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا، چون ٿا ته: ”جي اوهان کي هي (حڪم) ڏنو وڃي ته پوءِ ان کي قبول ڪجو، ۽ جي اهو (حڪم) نه ڏنو وڃي ته ان کان ڪنارو ڪجو. ۽ الله جنهن کي فتني ۾ وجهڻ جو ارادو ڪري ته تون ان جي لاءِ الله (جي ارادي کان بچڻ لاءِ) ڪنهن شيءِ جي مالڪي نه لهندين. اِهي ئي آهن جو الله انهن جي دلين کي پاڪ ڪرڻ نه ٿو چاهي. دنيا ۾ انهن لاءِ خواري آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي نبي! نه وِجھن توکي، اُنهن مان، منجھ ارمان، جي ڪوشش ڪن ڪُفر ۾؛ چيائون ساڻ زبان، ته آندوسون ايمان، ۽ اُنهن جي مَن، نه مڃيو مورهين. جي يهودِي ٿيا، تن مان ڪَن ڏيندڙ، ڪُوڙا ڪي، جُوڻتِ ٻِي جاتِيءَ جا؛ تو وٽ نه آيا سي، ته مَٽِين پنهنجي ماڳن تان، هاريا حرفن کي، چي پوري طرح پَڪڙيو، جي حڪم آيان هي، ۽ اِهي نه آيان جي، ته گوشي تي گُذاريو. ۽ الله گُھري جنهن لئي، ته پرک وٺيسِ پاڻ، ته صاحب کان سڄاڻ!، ڪير سنڀالي تنهن کي. اُهي آهن، سي صحِي، ته گُھريو ئـِي نه غفار، ته سندنِ قلب پاڪ ڪري، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، خُوارِي خوب طرح، آهي اُنهن هار، ۽ آهي وڏو آزار، آخرت ۾ اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
ڪوڙين ڳالھين جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن ته سندن (تڪرار جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين ته توکي ڪجھ نقصان رسائي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، بيشڪ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) هي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن لڳائڻ وارا ۽ بڇڙن طريقن سان (پرائو) مال کائڻ وارا آهن، پوءِ جيڪڏهن اهي تو وٽ اچن (۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪن) ته (توکي اختيار آهي ته) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا هنن کان پاسو ڪرين. جيڪڏهن پاسو ڪندين ته هو توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندا، پر جيڪڏهن فيصلو ڪرين ته پوءِ هنن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪر (اهو خيال نه ڪر ته هو شرير يا ڪافر آهن) بيشڪ الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) (اهي) گھڻو ڪوڙ ٻڌندڙ وڏا حرام کائيندڙ آهن، پوءِ (بالفرض) جيڪڏهن اهي توهان وٽ اچن پوءِ توهان انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمايو يا انهن کي جواب ڏيو ۽ جيڪڏهن توهان انهن کي جواب ڏنو ته توهان کي ڪنهن شيءِ جو نقصان نه ڏئي سگھندا ۽ جيڪڏهن توهان فيصلو ڪريو ته پوءِ انصاف موجب انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي (بدبخت) ڪوڙين ڳالهين کي وڏي (شوق سان) ٻڌڻ وارا ۽ وڏا حرام خور آهن. ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو تو وٽ (ڪو به معاملو کڻي) اچن ته (تو کي اختيار آهي ته) چاهي انهن ۾ فيصلو ڪريو يا انهن کان الڳ رهو ۽ جيڪڏهن تون هنن کان پاسو ڪندين ته (ڪجھ خيال نه ڪر) اهي ماڻهو اوهان جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نٿا سگهن. پر جيڪڏهن انهن ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان ڪريو، ڇو ته خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو. (سيد فرمان علي) ٻڌندڙ آهن ڪوڙ جي لاءِ کائيندڙ آهن حرام پوءِ جيڪڏهن اچن تو وٽ پوءِ فيصلو ڪر انهن ۾ يا منهن موڙ انهن کان ۽ جيڪڏهن منهن موڙيندين انهن کان ته پوءِ اصل نقصان نه ڏئي سگھندا توکي ڪجھ به ۽ جيڪڏهن فيصلو ڪرين پوءِ فيصلو ڪر انهن ۾ عدل سان بيشڪ الله محبت ٿو رکي عدل ڪندڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهي) ڪوڙ گهڻو ٻڌندڙ (۽) حرام گهڻو کائيندڙ آهن. پوءِ جيڪڏهن تو وٽ (فيصلي ڪرائڻ لاءِ) اچن ته تون سندن وچ ۾ فيصلو ڪر يا انهن کان منهن موڙ. ۽ جيڪڏهن تون انهن کان منهن موڙيندين ته اهي توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندا. ۽ جيڪڏهن فيصلو ڪرين ته پوءِ انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو (مولانا محمد مدني) اهي گهڻو ٻڌندڙ آهن ڪوڙ گهڙڻ لاءِ گهڻو حرام کائيندڙ آهن. پوءِ جي اهي تو وٽ (فيصلي لاءِ) اچن ته (تو کي اختيار آهي) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا انهن کان مُنهن موڙين، ۽ جي تون انهن کان مُنهن موڙيندين ته توکي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جي تون فيصلو ڪرين ته انهن جي وچ ۾ عدل سان فيصلو ڪر. بيشڪ الله عدل وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙا ڏيندڙ ڪَن سرا، کِيندڙ ڍُوندن ڍير، تو وٽ آيا، ته اُنهن جو، نبي! نِياءُ نِبير، يا مُنهن تِنين کان موڙ تون، جي موڙينِ مُنهن مٿير!، ته توکي تنهن وير، ڪَس نه ڪسِيرو ڏِينِ ڪو. ۽ جي نِبيرِئي، ته نبير تون، اُنهن وچ عدل ساڻ، پِرت ڏي ٿو پاڻ، آگو اِنصافين کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ ڪئن توکان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هي ماڻهو ڪيئن ٿا توکان فيصلا ڪرائين جڏهن ته تورات هنن وٽ موجود آهي ۽ خدا جو حڪم ان ۾ موجود آهي. (ان جي مطابق پاڻ ڇو نه ٿا فيصلا ڪن؟) هو تورات هوندي به پنهنجو منهن (ان کان) موڙين ٿا ۽ حقيقت هي آهي ته (ان تي) ايمان ئي ڪونهين (ظاهري ته ايمان هون، پر اسان مسلمانن وانگر عمل ڪونه ڪندا هئا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪيئن توهان کان فيصلو ڪرائن ٿا، حالانڪ انهن وٽ تورات موجود آهي انهيءَ ۾ الله جا حڪم آهن، اُهي احڪامن پهچڻ کان پوءِ به مُنهن موڙين ٿا، ۽ اهي مؤمن ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن خود انهن وٽ توريت آهي ۽ ان ۾ خدا جو حڪم (موجود) آهي ته پوءِ تو وٽ فيصلي ڪرائڻ لاءِ ڇو ٿا اچن ۽ (مزي جي ڳالھ ته) تنهن کان پوءِ وري (تنهنجي حڪم کان) ڦري وڃن ٿا ۽ (سچي ڳالھ ته) اهي ماڻهو ايماندار ئي نه آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ڪيئن حاڪم بنائيندا توکي حالانڪ انهن وٽ توراة آهي ان ۾ حڪم آهي الله جو ان کان پوءِ منهن ٿا موڙين ان کان بعد ۽ ناهن اهي ايمان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪيئن توکان فيصلو ڪرائين ٿا، هوڏانهن انهن وٽ تورات آهي جنهن ۾ الله جو حڪم آهي. وري ان کانپوءِ منهن موڙين ٿا. ۽ اهي ايمان وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ اهي تو کي حاڪم ڪيئن مڃندا؟ حالانڪه انهن وٽ تورات موجود آهي، جنهن ۾ الله جو حڪم (لکيل) آهي پوءِ اهي ان کان پوءِ به ڦري وڃن ٿا. ۽ اهي ايمان رکڻ وارا ئي نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکي امين ڪيئن ڪن، ۽ جڏهن توريت منجھنِ مور، اُن ۾ حڪم الله جا، تنهن بعدبي شعور، کائن ڦير فُتور، ۽ اُهي نه مڃيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
تحقيق اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردارن پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ عالمن اُن سان يھودين لاءِ حُڪم ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿن شاھد ھوا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھوته) ماڻھن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو. ان ۾ هدايت ۽ روشني آهي، خدا جا نبي جيڪي (خدا جي حڪمن جا) فرمانبردار هئا، انهيءَ (تورات) جي مطابق يهودين کي حڪم ڏيندا هئا ۽ پڻ رِبي ۽ احبار (يعني يهودين جا علماء ۽ مشائخ) انهيءَ (تورات) تي عمل ڪندا هئا. ڇو ته هو انهيءَ الله جي ڪتاب جا محافظ ٺهرايا ويا هئا ۽ ان (جي حڪمن ۽ هدايتن) تي شاهد هئا، پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان تورات نازل فرمايو جنهن ۾ هدايت ۽ احڪامات آهن، فيصلو ڪيائون ٿي انهيءَ سان فرمانبردار پيغمبرن، عبادت گذار ماڻهن، ۽ ڄاڻو ماڻهن، يهودين لاءِ، انهيءَ ڪري يهودين کان تورات جي حفاظت طلب ڪئي وئي ۽ اهي انهيءَ ڳالهه تي شاهد هئا، پوءِ توهان (اي يهوديو) ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ خاص مون کان ڊڄو ۽ منهنجن آيتن جي عيوض ٿورڙو ملهه نه وٺو، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي ڪافر آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اسان توريت نازل ڪيو جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ) هدايت ۽ نور (ايمان) آهي انهيءَ وانگر خدا جا فرمانبردار بندا (بني اسرائيل جا) نبي يهودين کي حڪم ڏيندا رهيا ۽ خدا وارا ۽ (يهودين جا) عالم به خدا جي ڪتاب مان (حڪم ڏيندا رهيا) جنهن جا اهي محافظ بڻايا ويا ۽ اهي ان جا عالم به هئا. پوءِ (اي مسلمانو!) اوهين ماڻهن کان (ذرو به) نه ڊڄو (پر) مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن جي عوض (دنيا جو مال ۽ ذر در اصل تمام ٿوري قيمت آهي) نه وٺو ۽ (ياد رکو ته) جو شخص خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) وانگر حڪم نه ڏئي ته اهڙا ماڻهو ڪافر آهن.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان نازل ڪيو توراة ان ۾ هدايت ۽ نور آهي فيصلو ڏيندا هئا ان موجب نبي، جيڪي فرمانبردار ٿيا انهن جي لاءِ جو يهودي ٿيا ۽ درويش ۽ وڏا عالم سببان ان جي جو حفاظت ڪندڙ بنايا ويا الله جي ڪتاب جا ۽ هئا ان تي شاهد پوءِ نه ڊڄو ماڻهن کان ۽ ڊڄو مون کان ۽ نه خريد ڪيو عوض آيتن منهجي ملھ ٿورو جيڪو فيصلو نه ڪندو ان موجب جو لاٿو الله پوءِ اهيئي ڪافر آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو آهي جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي. ان موجب (الله جا) فرمانبردار نبي يهودين لاءِ فيصلو ڪندا هئا. ۽ درويش ۽ عالم (به فيصلو ڪندا هئا) جو کين الله جي ڪتاب جي نگهباني ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو هو ۽ اهي ان تي شاهد هئا. پوءِ اوهين ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ ٿورو ملهه نه وٺو. ۽ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي حڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آهن. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي، ان مطابق نبيءَ (سڳورا) جيڪي الله جا فرمانبردار هئا يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ الله وارا ۽ عالم به (ان مطابق فيصلا ڪندا هئا) ان ڪري جو اُهي الله جي ڪتاب جا محافظ بنايا ويا هئا ۽ اهي ان تي شاهد هئا. پوءِ اوهان ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي ٿورڙي مُلهه تي نه وڪڻو. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ڪافر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسان توريت اُتاريو، منجھسِ نِسورو نور، صحي سُونهپ واٽ جِي، جنهن ساب يهودين لئي ضرور، نبين نِياءَ نِبيريا، جن مڃيا حڪم حضور، الله لوڪ ۽ عالم، موجب تنهن مذڪور، جو ڪيون ياد ضرور، قادر جي ڪتاب مان. ۽ هُئا شاهد اُن مٿي، برابر بحال، پوءِ ماڻهنِ کان نه ڊڄو، ۽ منهنجو رکو خوف خيال، ۽ نه وٺو منهنجي حڪمن تان، مُلھ ٿورو ڪو مال، ۽ نِياءُ، جنهن نه نبيريو، جو الله لاٿو اُن نال، پوءِ ڪافر، سي ڪُلال، مُنڪر آهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ انھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون ته ماڻھوءَ جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نڪ جو عوض نڪ ۽ ڪنّ جو عوض ڪنّ ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفّارو آھي، ۽ جيڪو الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ظالم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان (يهودين جي لاءِ تورات ۾) هي حڪم ڏنو هو ته جان جي عيوض ۾ جان، اک جي عيوض ۾ اک، نڪ جي عيوض ۾ نڪ، ڪن جي عيوض ۾ ڪن، ڏند جي عيوض ۾ ڏند ۽ زخمن جي عيوض ۾ اهڙائي زخم. پوءِ جيڪو بدلو وٺڻ معاف ڪري ڇڏي تنهن لاءِ اها اها (معافي سندس گناهن جو) ڪفارو ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان تورات ۾ يهودين تي فرض مقرر ڪيو ته بيشڪ ماڻهو جي عيوض ماڻهو (قتل ڪيو ويندو) اک جي عيوض اک ۽ نَڪَ جي عيوض نَڪُ ۽ ڪَنَ جي عيوض ڪَنُ ۽ ڏَندَ جي عيوض ڏَندُ ۽ زخمن ۾ به قصاص آهي، پوءِ جيڪو ماڻهو خوشيءَ سان معاف ڪري ٿو پوءِ الله تعالى معاف ڪندڙ جا گناه معاف فرمائي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي ظالم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان (توريت) ۾ انهن (يهودين) تي هي (حڪم) فرض ڪري ڇڏيو هو ته ماڻهوءَ جو بدلو ماڻهو ۽ اک جو بدلو اک ۽ نڪ جو بدلو نڪ ۽ ڪن جو بدلو ڪن ۽ ڏند جو بدلو ڏند ۽ زخمن ۾ هڪجهڙائيءَ جو خيال رکڻو آهي، پوءِ جيڪو (مظلوم، ظالم جي) خطا معاف ڪري ته اهو سندس گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو. ۽ جيڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڪري ته اهڙا ماڻهو ظالم آهن.(سيد فرمان علي) ۽ لکيوسون انهن تي ان ۾ ته تحقيق سر عوض سر جي ۽ اک عوض اک جي ۽ نڪ عوض نڪ جي ۽ ڪن عوض ڪن جي ۽ ڏند عوض ڏند جي ۽ ڦٽ بدلو آهي پوءِ جنهن بخشيش ڪئي ان سان پوءِ اهو ڪفارو آهي ان لاءِ ۽ جيڪو نه فيصلو ڪندو ان موجب جو لاٿو الله ته پوءِ اهيئي ظالم آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان انهن تي تورات ۾ هيءَ ڳالهه لکي ته ماڻهوءَ جو بدلو ماڻهو ۽ اک جو بدلو اک ۽ نڪ جو بدلو نڪ ۽ ڪن جو بدلو ڪن ۽ ڏند جو بدلو ڏند ۽ زخمن ۾ هڪجهڙائيءَ جو خيال رکڻو آهي. پوءِ جنهن اهو (بدلو) معاف ڪيو ته اهو ان لاءِ ڪفارو آهي. ۽ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي حڪم نه ڪندا، سي ئي ظالم آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان انهن تي ان (تورات) ۾ هي حڪم لکي ڇڏيو هيو ته جان جي عيوض جان ۽ اک جي عيوض اک ۽ نڪ جي بدلي نڪ ۽ ڪن جي بدلي ۾ ڪن ۽ ڏند جي عيوض ڏند ۽ زخمن جو (به) بدلو آهي. پوءِ جيڪو هن (قصاص) کي صدقو ڪري (يعني معاف ڪري) ته اهو ان جي (گناهن) لاءِ ڪفارو آهي. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن ۾، اهو فيصلو، لکيو سون مٿنِ لاشڪ، ته جِيء، جِيء سان، اک ، اک سان، ۽ نڪ جو بدلو نڪ، ۽ ڌڪ، جيترو ڌڪ، ۽ ڏند، بدلو ڏند جو. پوءِ، جنهن خُوشيان خير ڪيو، ته ڪَفارو انهيء ڪاڻ، ۽ جنهن اُن سان، نه نياءُ نبيريو، جو پرور لاٿو پاڻ، ته اُهي اناڙي اَڄاڻ، منڪر آهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ اُنھن (پيغمبرن) جي طريقي تي عيسىٰ پٽ مريم جي کي پوئتان موڪليوسون جو جيڪو کانئس اڳ (توريت) ھو، تنھنجو سچو ڪندڙ ھو، ۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پوءِ (انهن نبين جي پٺيان) انهن ئي جي نقش قدم تي اسان عيسيٰ ابن مريم کي پيغمبر ڪري موڪليو، ۽ تورات جو سندس سامهون موجود هو، تنهن جي تصديق ڪندڙ ڪري کيس موڪليوسين. ۽ اسان کيس انجيل ڏنو، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي ۽ تورات جيڪو اڳيئي موجود هو تنهن جي تصديق آهي، ۽ پڻ متقي ماڻهن لاءِ (سعادت جي) راه کولي ڏيکارڻ وارو ۽ (اعليٰ نصيحتن سان ڀريل آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن پيغمبرن کان پوءِ اسان عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو جنهن پاڻ کان اڳ ۾ آيل تورات جي تصديق ڪئي، ۽ اسان عيسيٰ کي انجيل عطا فرمايو انهي ۾ هدايت ۽ نور آهي ۽ انجيل تصديق ڪندڙ آهي پاڻ کان اڳ ۾ آيل تورات جي ۽ پرهيزگارن لاءِ انجيل ۾ هدايت ۽ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان انهن (فرمانبردار نبين) جي نموني تي (انهن جي پٺيان مريم جي پٽ عيسى کي موڪيلو جو تورات کي جو سندس اڳيان هو، سچو چوندڙ هو ۽ ان کي انجيل (به) عطا ڪيوسون جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ هر قسم جي) هدايت ڪئي ۽ نور (ايمان ۽ اهو هن ڪتاب توريت جو جيڪو انجيل جي نازل ٿيڻ کان (اڳ ۾ ئي) موجود هو، تصديق ڪرڻ وارو ۽ پرهيزگارن جي هدايت ۾ نصيحت هو.(سيد فرمان علي) ۽ پويان موڪليوسون سندن طريقي تي مريم جي پٽ عيسى کي تصديق ڪندڙ کانئس اڳ ۾ لاٿل توراة جي ۽ ڏنوسون ان کي انجيل جو ان ۾ هدايت ۽ نور آهي ۽ تصديق ڪندڙ کانئس اڳ ۾ لاٿل توراة جي هدايت ۽ نصيحت پرهيزگارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان انهن (فرمانبردار نبين) جي نموني تي (انهن جي) پٺيان مريم جي پٽ عيسيٰ کي موڪليو جو تورات کي جو سندس اڳيان هو سچو چوندڙ هو ۽ ان کي انجيل ڏنو سون جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي ۽ تورات کي جو ان جي اڳيان آهي، سچو چوندڙ آهي. ۽ پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان انهن (نبين) جي طريقي تي پُٺيان مريم جي پٽ عيسى کي موڪليو جيڪو تورات مان جو ڪجھه سندس اڳيان (موجود) هيو ان جي تصديق ڪندڙ هيو، ۽ اسان کيس انجيل عطا ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي ۽ اهو (به) سندس اڳيان واري (ڪتاب) تورات مان جو ڪجھه (موجود) هيو ان جي جي تصديق ڪندڙ هيو ۽ سراسر هدايت ۽ نصيحت ڪندڙ هيو پرهيزگارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لايوسون عيسٰى اُنهن پٺيان، مريم جو ٻچو، صحِي ڪندڙ سچو، اِنهيان اڳ تورات کي. ۽ ڏنوسون اِنجيل ان کي، جنهن ۾ هدايت، نور، اِنهيان اڳ تورات جي، وٺندڙ پرک پرور، ۽ موچارن لئي مور، آهي نصيحت نورسو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ انجيل وارن کي جڳائي ته جيڪي الله منجھس لاٿو تنھن سان نبيرو ڪن، ۽ جيڪي الله لاٿو تنھن موجب جيڪي نبيرو نه ڪندا سي ئي بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انجيل وارن (عيسائين) کي گهرجي ته جيڪي انجيل ۾ الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن موجب حڪم ڏين، ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته پوءِ اهڙائي ماڻهو آهن جي فاسق آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڀَلي فيصلو ڪن ها (انهيءَ زماني ۾) انجيل وارا انهن حڪمن سان جيڪي الله انجيل ۾ نازل فرمايا هئا ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي الله ان ۾ نازل ڪيو آهي تنهن موجب انجيل وارن کي حڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي ماڻهو حڪم نه ڪندا، سي ئي بدڪار آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جڳائي ٿو ته فيصلو ڪن انجيل وارا ان موافق جو نازل ڪيو الله ان ۾ ۽ جنهن فيصلو نه ڪيو ان موافق جونازل ڪيو الله پوءِ اهيئي فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي الله ان ۾ نازل ڪيو آهي تنهن موجب انجيل وارن کي حڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪي الله نازل ڪيو تنهن موجب جيڪي حڪم نه ڪندا، سي ئي نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ (اسان جو حڪم هيو ته) انجيل وارا به ان قانون مطابق فيصلو ڪن جيڪو الله ان ۾ نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عالم اهل انجيل جا، دائم تِنهن دستور، قضا ڪندا هئا، تنهن مٿي، جي لاٿا حڪم حُضور، ۽ جو قضا نه ڪري اُن مٿي، جو مُڪو مالڪ مُور، ته اُهي ظاهر ۽ ظهور، ليڪو اُ کـتل لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ (اي پيغمبر) توڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري الله جيڪي لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نه ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر اهڙيءَ طرح) اسان توڏي سچائيءَ سان ڀريل ڪتاب موڪليو جو انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ ئي موجود آهن ۽ انهن تي نگهبان آهي، تنهن ڪري تون خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر، ۽ جيڪا سچائي تو وٽ اچي چڪي آهي، تنهن کي ڇڏي ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ. اوهان مان هرهڪ قوم لاءِ اسان هڪ ’’شرع‘‘ ۽ ’’منهاج‘‘ ٺهرايو (يعني مذهبي زندگيءَ جو طريقو مقرر ڪيو( جيڪڏهن خدا چاهي ها ته اوهان سڀني کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ قومون هڪ حالت ۾ هجن ها ۽ مختلف طريقن جي ضرورت نه پوي ها) پر (الله تعاليٰ هن ڪري ائين نه ڪيو) ته جيڪي (توهان جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق وقت به وقت) اوهان کي ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ توهان کي آزمائي. (۽ توهان جي لاءِ ترقيءَ جون واٽون پيدا ٿين). پوءِ توهان نيڪيءَ جي راهه ۾ هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو (جو سڀني شريعتن جو اصل مقصد اهوئي آهي) توهان سڀني کي آخر الله ئي ڏي موٽڻو آهي، پوءِ هو اوهان کي ٻڌائيندا ته جن ڳالهين ۾ توهان هڪ ٻئي سان اختلاف ڪند رهيا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان نازل فرمايو رسولِ عربي ڏانهن قرآن ڪريم حق سان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي اڳين ڪتابن جِي ۽ شاهد آهي انهن تي پوءِ رسولِ عربي توهان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو قرآن موجب ۽ توهان انهن جي سَڌُن جي تابعداري حق اچڻ کان پوءِ نه ڪريو، ۽ اسان توهان سڀني لاءِ (مختلف) شريعتون ۽ (جدا جدا) رستا مقرر ڪيا ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته توهان کي هڪ شريعت تي ڪري ها پر توهان کي آزمائي ٿو انهن حڪمن ۾ جيڪي توهان کي ڏنا اٿس پوءِ چڱن ڪمن ۾ اڳرائي حاصل ڪريو الله تعالى ڏانهن توهان سڀني جو موٽڻ آهي پوءِ ضرور توهان کي خبر ڏيندو جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول!) اسان تو ڏي به برحق ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان کان اڳ (نازل ٿيو) آهي تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان (به) آهي. پوءِ جيڪي الله تو تي نازل ڪيو ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي تنهن کي ڇڏي سندن خواهش تي نه هل. ۽ اسان اوهان (نبين) مان هر هڪ لاءِ (وقت وقت جي لحاظ مطابق) هڪ هڪ شريعت ۽ خاص (خاص) طريقا مقرر ڪيا. پر جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي هڪ ئي (شريعت جي) امت بڻائي ها. مگر (جدا جدا شريعتن ڪرڻ مان) خدا جي مرضي هي هئي ته جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ اوهان کي آزمائي. پوءِ چڱاين ڏي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) توهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. پوءِ جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تن جي اوهان کي خبر ڏيندو.(سيد فرمان علي) لاٿوسون تو ڏانهن ڪتاب سچ سان تصديق ڪندڙ آهي ان ڪتاب جي جيڪو اڳ ۾ هو ان کان ۽ نگھباني ڪندڙ ان تي پوءِ فيصلو ڪر انهن ۾ ان موجب جو لاٿو الله ۽ نه پيروي ڪر سندن سڌن جي ان کان (منهن موڙي) جو آيو تو وٽ حق مان سڀني جي لاءِ ڪئي سون اوهان مان شريعت ۽ عمل جي واٽ ۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته بڻائي ها اوهان کي امت هڪڙي ۽ پر تانته آزمائي اوهان کي ان ۾ جو ڏنائين اوهان کي پوءِ اڳرائي ڪيو چڱن ڪمن ۾ الله ڏانهن آهي موٽڻ اوهان مڙني جو پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جو ان ۾ اختلاف ٿي ڪيوَ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان توڏي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو سچو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان آهي. پوءِ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب سندن وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي تنهن کي ڇڏي سندن خواهشن تي نه هل. اوهان مان هر هڪ (جماعت) لاءِ (خاص) شريعت ۽ (خاص) رستو مقرر ڪيوسون . ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اوهان کي هڪ جماعت ڪري ها پر (ائين نه ڪيائين) هن لاءِ ته جيڪي (حڪم) اوهان کي ڏنا اٿس تن ۾ اوهان کي آزمائي پوءِ چڱاين ڏي هڪ ٻئي کان اڳي وڌو اوهان سڀني کي الله ڏي ئي موٽڻو آهي پوءِ جنهن ڳالهه ۾ اوهين (پاڻ ۾ ) اختلاف پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني) ۽ (اي نبي) اسان تو ڏانهن حق سان ڪتاب نازل ڪيو آهي جيڪو پاڻ کان اڳين ڪتاب مان جو ڪجھه سندس اڳيان (موجود) آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي محافظ آهي سو تون انهن جي وچ ۾ ان قانون مطابق فيصلو ڪر جيڪو الله لاٿو آهي ۽ انهن جي سَڌُن جي پيروي نه ڪر ان حق کي ڇڏي جيڪو تو وٽ آيو آهي. اسان اوهان مان هرهڪ لاءِ هڪ دستور ۽ هڪ راهِ عمل بنائي آهي. ۽ اگر الله چاهي ها ته اوهان کي هڪ ئي امت بنائي ها ۽ پر جيڪي اوهان کي ڏنائين ان ۾ اوهان کي آزمائي ٿو پوءِ نيڪين ۾ جلدي ڪيو. اوهان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن آهي پوءِ اوهان کي آگاهه ڪندو جن (ڳالهين) ۾ اوهان پاڻ ۾ اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان اتاريو تو مٿي، ڪامل! حق ڪتاب، ڪندڙ اڳين ڪتابن کي، صحي برصواب، ۽ بيشڪ هر ڪنهن باب، تائيد ڪندڙ تن جو. پوءِ تن وچ نبي! نِبير، اَلله جيئن اُتاريو، ۽ سندنِ سَڌن پٺيان، پٽِئَ نه پائج پير، تو وٽ جنهن وير، حق حقاني آئيو. هر اُمت لئي، اسان ڪيا، ڌرم ڪرم ڌار، ڪيو سُونِيان اُمت هيڪڙي، جي گھريو هوند غفار، پر، تان پرکِينيان، اُن ۾، ڏِنان جو ڏاتار، پوءِ چلو چڱاين ڏي، تڪڙ ڪريو تڪرار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، هڪ ئـِي پرور پار، پوءِ پورا ڏِيندان پار، جنهن ۾ جھيڙا ٿا ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ (وري به توکي حُڪم ٿو ڪجي) ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ سندين سڌن جي تابعداري نه ڪر ۽ اُنھن کان خوف رک جيڪي الله توڏانھن لاٿو آھي تنھن جي ڪنھن (حُڪم) کان متان توکي ٿيڙين، پوءِ جيڪڏھن ڦِرن ته ڄاڻ ته الله سندن ڪن گناھن سببان کين عذاب پُھچائڻ گھُرندو آھي، ۽ ماڻھن مان گھڻا بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر) اسان توکي حڪم ڏنو ته جيڪي الله تعاليٰ تو تي نازل ڪيو آهي تنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر ۽ هنن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ پڻ هنن بنسبت خبردار رهه، جو ائين نه ٿئي ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي، تنهن جي ڪنهن به حڪم (جي تعميل) ۾ تنهنجا قدم هو هٽائي ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن موڙين (۽ الله جا حڪم نه مڃن) ته پوءِ يقين ڪر ته خدا کي اهائي ڳالهه منظور آهي ته هنن جي ڪن گناهن سببان مٿن مصيبت پوي، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته گهڻائي انسان (حق جي حڪمن جا) نافرمان آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان يهودين جي وچ ۾ الله جي حڪم موجب فيصلو ڪريو ۽ انهن جي سَڌن جا تابع نه ٿيو ۽ انهن کان خوف ڪريو متان توهان کي الله جي ڪن حڪمن کان ڦيرائي وجھن، پوءِ جيڪڏهن توهان کان مُنهن موڙين پوءِ توهان يقين ڪريو الله تعالى ارادو فرمائي ٿو ته انهن جي ڪجھه گناهن جي عيوض انهن تي عذاب ڪري، ۽ بيشڪ يهودين مان گھڻا ماڻهو گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول! اسين وري چئون ٿا ته) جيڪي حڪم خدا نازل ڪيا آهن تون انهن موجب فيصلا ڪر. ۽ سندن اجائي نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪر بلڪه ان (ڳالھ) کان پاسو ڪر (ائين نه ٿئي جو) جيڪو حڪم خدا تو تي نازل ڪيو آهي ان کان اهي ماڻهو تو کي ڦيرائي نه ڇڏين. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تنهنجي حڪم کان منهن موڙين ته ياد رک (ڄڻ) ته خدا جي اها ئي مرضي آهي ته سندن ڪن گناهن سبب کين مصيبت ۾ وجهڻ گهري ٿو. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي جو ڪيترائي ماڻهو بد چال آهن. (سيد فرمان علي) ۽ هيءُ ته فيصلو ڪر انهن ۾ ان موجب جو لاٿو الله ۽ نه تابعداري ڪر سندن خواهشن جي ۽ بچ انهن کان متان فتني ۾ وجھن توکي بعض ان جي کان جو لاٿو الله تو ڏانهن پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين پوءِ ڄاڻ ته تحقيق ارادو ٿو ڪري الله ته پهچائي انهن کي (سزا) سندن بعضي گناهن جي ۽ تحقيق گھڻا ماڻهن مان البته فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب سندن وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ سندن خواهشن تي نه هل ۽ انهن کان بچندو رهه ته جيڪي الله توڏي نازل ڪيو آهي تنهن مان ڪنهن (حڪم) کان متان اهي توکي روڪين. پوءِ جيڪڏهن ڦري وڃن ته پوءِ ڄاڻ ته الله انهن کي سندن ڪن گناهن جي ڪري سزا پهچائڻ گهري ٿو. ۽ بيشڪ ماڻهن مان گهڻا نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر ان قانون مطابق جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ انهن جي سَڌن جي پيروي نه ڪر ۽ انهن کان هوشيار رهه متان اُهي تو کي ان (حڪم) کان هيڏي هوڏي نه ڪن جيڪو الله تو ڏانهن لاٿو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙن ته پڪ ڄاڻ ته الله انهن کي انهن جي ڪن گناهن سبب سزا ڏيڻ چاهي ٿو. ۽ بلاشڪ ماڻهن مان گهڻا نا فرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تن وچ نبي! نياءَ، نير، الله جيئن اُتاريو، ۽ سندن سڌن پٺيان، پٽِيءَ نه پائج پير، ۽ ڊڄ، متان ڪجھ، اُن ڪنان ڀلائنِئ ڀلير!، مٿي تو مَٿير!، الله جو اُتاريو. پوءِ جي ڏنائون پُٺ، پوءِ سمجھ ته سائين ٿو گُهري، ته ڏي ڪنهن ڏوھ سندن کان، مٿن مصيبت کي مُٺ، ۽ اڪثر ماڻهون اُٺ، لِيڪو اُ کـتل لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
اڃا جاھليت وارو حُڪم گھُرندا آھن ڇا؟ ۽ (ڪتاب الٰھي تي) يقين ڪندڙ قوم لاءِ حُڪم ڪرڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (جيڪي ماڻهو الله جا حڪم نٿا پسند ڪن سي ڇا ٿا چاهين؟) اهي جاهليت واري زماني جا حڪم ٿا چاهين ڇا؟ (جڏهن ماڻهو علم ۽ بصيرت کان محروم هئا ۽ پنهنجي وهمن ۽ بيوقوفين تي عمل ڪندا هئا) پر انهن ماڻهن جي لاءِ جي يقين رکندڙ آهن الله کان بهتر حڪم ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان کان جاهليت جا فيصلا طلب ڪن ٿا، ۽ الله تعالى جي فيصلي کان وڌيڪ سهڻو فيصلو ڪير ڪري ٿو، انهيءَ قوم لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا، هي ماڻهو جاهليت جي زماني واري حڪم جي (تو کان به) تمنا رکن ٿا؟حالانڪه يقين ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ حڪم ۾ خدا کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪير هوندو.(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ فيصلو جاهليت جو ٿا گھرن ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي الله کان فيصلي ۾ واسطي ان قوم جي جو يقين ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اڃان ڪفر جي زماني جو حڪم گهرن ٿا؟ ۽ يقين ڪرڻ واريءَ قوم لاءِ الله (جي حڪم) کان ڪنهن جو حڪم زياده چڱو آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا جاهليت ( جي دور) جو قانون چاهين ٿا؟ حالانڪه يقين رکندڙ قوم لاءِ الله کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا نِياءَ نادانيءَ جا، گُھرن ٿا گھمراه ؟ ۽ ڪهڙِي ڪسر نياءَ ۾، آهي ڪنان الله، جي پڪو رکن ويساه، ڪارڻ تنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي مؤمنؤ يھودين ۽ نصارن کي دوست ڪري نه وٺو، انھن مان ھڪڙا ٻـين جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ منجھانئن آھي، بيشڪ الله ظالم ٽوليءَ کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! يهودين ۽ عيسائين کي (جيڪي توهان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن) پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو، هو (اوهان جي مخالفت ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ (هاڻي) توهان مان جيڪو هنن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنائيندو سو انهن مان سمجهيو ويندو. الله تعاليٰ انهيءَ قوم کي (ڪاميابي ۽ سعادت) جي واٽ نٿو ڏيکاري جيڪا ظلم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! توهان يهودين ۽ عيسائن سان دوستي نه رکو، اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ جيڪو ماڻهو توهان مؤمنن مان انهن سان دوستي رکي ٿو پوءِ بيشڪ اهو انهن مان آهي، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو فرمائي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو (ڇو ته) اهي ماڻهو اوهان جا مخالف آهن پر پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن. ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جنهن به انهن کي سرپرست بڻايو ته پوءِ اهو به انهن مان ئي ليکبو. بيشڪ خدا ظالمن کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه بڻايو يهودين ۽ نصارن کي دوست بعضي انهن مان دوست آهن بعض جا ۽ جيڪو دوستي رکندو انهن سان اوهان مان پوءِ بيشڪ اهو انهن مان آهي بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظلم ڪندڙ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! يهودين ۽ نصارن کي دوست نه بنايو! اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن. ۽ اوهان مان جيڪو انهن سان دوستي ڪندو سو بيشڪ انهن مان آهي. ڇوته الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه بنائي وٺو. اُهي هڪ ٻئي جا يار آهن. ۽ اوهان مان جيڪو انهن سان دوستي رکندو ته بلاشڪ اُهو (به) انهن منجهان آهي. بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! دوست نه ڌاريو، يهود، نصارا، آهن هيڪ ٻين جا، سڄڻ سي سارا، ۽ جو آن مان ڌاري دوست تن، اُهو اُنهن منجھارا، جي اصل ئي اَسارا، سائين نه سُهائي تن سنئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
پوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي تن کي ڏسين ٿو اُنھن (يھودين ۽ نصارن جي دوستيءَ) ۾ ڊوڙندا ويندا آھن چوندا آھن ته پاڻ تي زماني جي ڦيري پُھچڻ کان ڊڄون ٿا، پوءِ ستت ئي الله فتح يا ٻيو حُڪم پاڻ وٽان موڪليندو پوءِ پنھنجي دلين ۾ جيڪي لڪائيندا آھن تنھن تي پشيمان ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) مرض آهي سي انهن (يهودين ۽ نصاريٰ) ڏي ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان ڊڄون ٿا ته متان (انهن ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري) ڪنهن مصيبت جي گهيري ۾ نه اچي وڃون. (يقين رک ته) جلد الله تعاليٰ (اوهان کي) فتح ڏيندو يا سندس طرف کان (ڪاميابي ۽ غلبي جي) ڪا ٻي ڳالهه ظهور ۾ ايندي ۽ پوءِ اهي (منافق) ماڻهو ان ڳالهه تي شرمندا ٿيندا جيڪا پنهنجي دلين ۾ لڪائي هئائون.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ رسولِ عربي ڏسي ٿو انهن کي جن جي دلين ۾ مرض آهي، اهي (يهودين ۽ عيسائن) سان دوستي رکڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا، چون ٿا اسان کي خوف آهي متان اسان کي زماني جي گردش پهچي پوءِ ويجھو آهي جو الله مسلمانن کي فتح عطا فرمائي يا يهودين جي پاڙ پٽي پوءِ ڦري پشيمان ٿيندا، انهن ڳالهين کان جيڪي دل ۾ لڪائيندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول!) جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي تون هنن کي ڏسندين ته اهي ڊوڙي وڃي انهن ۾ ملن ٿا (۽ تو کي وري انهي جو سبب هي) ٻڌائن ٿا ته اسين ڊڄون ٿا ته (متان ائين نه ٿئي جو انهن سان نه ملڻ ڪري) زماني جي گردش ۾ نه اچي وڃن. ته جلد ئي خدا (مسلمانن جي) فتح يا ٻي ڪا ڳالھ پنهنجي طرفان ظاهر ڪندو، ڪڏهن اهي ماڻهو ان بدگماني تي جا پنهنجي دلين ۾ لڪائن ٿا پشيمان ٿيندا.(سيد فرمان علي) پوءِ ڏسندين انهن کي جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي جلدي ٿا ڪن انهن ۾ چون ٿا ته ڊڄون ٿا متان پهچي اسان کي ڪا گردش پوءِ ويجھو آهي الله جو آڻي فتح يا ڪو امر پاڻ وٽان پوءِ ٿي پون ان تي جو لڪايائون پنهنجي اندر ۾ پشيمان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي تن کي تون ڏسين ٿو ته اهي ڊوڙي انهن ۾ وڃي ملن ٿا، چون ٿا ته اسين ڊڄون ٿا ته اسان تي زماني جو ڪو ڦيرو نه اچي وڃي. پوءِ اميد آهي ته الله فتح يا ٻي ڪا ڳالهه پاڻ وٽان؛ آڻي ته جيڪي پنهنجي دلين ۾ لڪايو اٿن تنهن تي پشيمان ٿين. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي ته اُهي ڊوڙي انهن سان ملن ٿا چون ٿا ته: ”اسان ڊڄون ٿا ته اسان تي (زماني جي) ڪا گردش نه اچي وڃي“. پوءِ پڪ آهي جو الله فتح آڻي يا پاڻ وٽان ڪو حڪم آڻي ته پوءِ انهن پنهنجي دلين ۾ جيڪو (نفاق) لڪايو آهي ان تي پشيمان ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اکيين ڏسين اُنهن کي، مرض جن جي مَن، اُهي مَنجھون منجھ، اُن لئي پئا ڪوشش ڪن، چي، ڊِڄون، ته متان اسان تي، ڀِرِي اچي ڪو ڀَن، سائين سَگھي سوڀ ڏِيو، تڪڙِي مٿي تن، يا آڻي اَمر ٻيو ڪو، پاڻ وٽان مَنجھ پَن، پوءِ جا طمع رکيائون تَن، تنهن تي پريشان پِره ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ (قيامت ۾) مؤمن چوندا ته ھي اُھي آھن ڇا جي (دنيا ۾) الله جا وڏا وڏا قسم کڻندا ھئا ته اسين اوھان سان آھيون، (اڄ منافقيءَ سببان) سندن (سڀ) ڪئي ڪمائي ناس ٿي پوءِ اُھي ڇيئي وارا ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته، ڇا هي اهي ئي ماڻهو آهن جي زوردار نمونن سان الله جا قسم کڻي چوندا هئا ته اسان توهان سان شامل آهيون. (حالانڪه اهي منافق دشمن عيسائين ۽ يهودين سان شامل هئا) پوءِ(ڏسو ته) هنن جا سڀ عمل (انهيءَ نفاق سببان) ضايع ٿي ويا ۽ آخر تباه ۽ نامراد رهجي ويا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ مؤمن (فتح جي ڏينهن عجب سان) چوندا ڇا اِهي اُهي آهن جن الله تعالى جا پڪا قسم کنيا ته اسين توهان مؤمنن سان گڏ آهيون، چَٽُ ٿيا عمل انهن جا، پوءِ ڦِري ٿيا نقصان وارن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اهي آهن جن پنهنجا پڪي ۾ پڪا قسم کنيا هئا ته اسين اوهان سان آهيون. (اڄ ان منافقي جي ڪري) سندن عمل برباد ٿيا ۽ سخت گهاٽي ۾ اچي ويا.(سيد فرمان علي) ۽ چون ٿا ايمان وارا، ڇا هي آهن؟ جو قسم کنيو هيائون الله جو پڪو قسم پنهنجن قسمن مان: ته بيشڪ اهي البته گڏ آهن اوهان سان چٽ ٿيا عمل انهن جا پوءِ ٿي پيا نقصان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اُهي آهن جن پنهنجا پڪي ۾ پڪا الله جا قسم کنيا هئا ته اسين اوهان سان آهيون. (اڄ ان منافقي جي ڪري) سندن عمل برباد ٿيا. پوءِ اهي نقصان وارا ٿيا. (مولانا محمد مدني) ۽ (ان وقت) ايمان وارا هيئن چوندا ته: ”ڇا هي اُهي ماڻهو آهن جن پڪا پختا الله جا قسم کنيا هئا ته بيشڪ اُهي اوهان سان گڏ آهن“ (پر) انهن جا سڀ عمل برباد ٿي ويا پوءِ اُهي نقصان وارا ٿيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ هي سي، جن زور ڪري، ٿي کنيا قسم الله، ته اسين اوهان سان آهيون، همہ تن همراه، ٿيا تن جا، ڪم تباه، پوءِ سُڃا سويرا ٿِي رهيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي مؤمنؤ اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو ته سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ ( ۽ ) ڪافرن تي سخت ھوندا، الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! اوهان مان جيڪو به پنهنجي دين کان ڦري ويندو سو (ائين نه سمجهي ته سندس ڦري وڃڻ جي ڪري دين کي ڪو نقصان پهچندو) ممڪن آهي ته پوءِ الله تعاليٰ هڪ اهڙي قوم (سچن مؤمنن جي) پيدا ڪندو جن کي خدا حب ڪندو ۽ جيڪي خدا سان حب رکندا ۽ اهي مومنن سان نهايت نرم ۽ نماڻا هوندا، پر دشمنن جي مقابلي ۾ نهايت سخت هوندا. هو الله جي راه ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏئي. ۽ الله تعاليٰ (فضل ڏيڻ ۾) وڏي وسعت رکندڙ ُ (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو جيڪو توهان مان پنهنجي دين کان مرتد ٿيو پوءِ جلدي الله تعالى آڻيندو ٻِي قوم کي جنهن سان الله پيار ڪندو ۽ اُهي الله سان محبت رکندا، مؤمنن تي مهربان هوندا ۽ ڪافرن تي سخت هوندا، الله جي راه ۾ جهاد ڪندا، ۽ ملامت ڪندڙن جي ملامت جو ڪو خوف نه ڪندا، اهي (وصفون) الله جا احسان آهن جنهنکي چاهي عطا فرمائي ٿو، ۽ الله گھڻون احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! توهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو ته (ڪا پرواھ نه آهي ڀلي ڦري) جلدي ئي خدا اهڙن ماڻهن کي ظاهر ڪندو جن کي خدا دوست رکندو هوندو ۽ اهي ان کي دوست رکندا هوندا. ايمان وارن اڳيان نرم دل ۽ ڪافرن تي سخت، خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو خدا جو فضل ۽ ڪرم آهي اهو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ الله (ڏيڻ ۾) ڪشادو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! جيڪو ڦرندو اوهان مان پنهنجي دين کان پوءِ جلد آڻيندو الله اهڙي قوم جو محبت رکندو (الله) انهن سان ۽ محبت رکندا اهي ان (الله) سان- نرمي ڪندڙ هوندا مؤمنن تي سختي ڪندڙ هوندا ڪافرن تي جھاد ڪندا الله جي واٽ ۾ نه ڊڄندا ملامت ڪندڙ جي ملامت کان اها ڀلائي الله جي آهي ڏئي ٿو اها جنهن کي گھري ۽ الله ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو ته الله اهڙيءَ قوم کي آڻيندو جن کي پاڻ دوست رکي ٿو ۽ اهي کيس دوست رکن ٿا، ايمان وارن جي اڳيان نرم دل ۽ ڪافرن تي سخت آهن، الله جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا ۽ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ٿا ڊڄن. اهو الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله (ڏيڻ ۾ ) ڪشادو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري ٿو ته (ڀلي ڦري) جلد الله اهڙي قوم آڻيندو جن سان اهو (الله خود) محبت رکندو ۽ اُهي (به) ان سان محبت ڪندا. اهي مؤمنن مٿان نرم هوندا ڪافرن مٿان سخت هوندا. الله جي راهه ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندوجن ايمان!، جو اواهان مان، اُٿلي دين کان، ته سِگھو آڻيندو ساٿ ٻئو، سَٻاجھو سُبحان، هونديسِ حُب تن سان، پڻ هونديَنْ حب حنان، مهربان مؤمنن تي ، ڪرارا سر ڪفران، لڙندا ربَّ جي راه ۾ مانجھي منجھ ميدان، ۽ خوف نه رکن خان، ڪنهن ڇينڀيندڙ جي ڇينب جو. اهو ڀال ڀلي جو وڻيس ڪري، تنهن نال، ۽ بي شڪ وڏي ڀال، دانا آهي، پاڪ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
(اي مؤمنؤ) الله ۽ سندس پيغمبر ۽ اُنھن مؤمنن کان سواءِ اوھانجو ڪو دوست نه آھي جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي رڪوع ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (مسلمانو!) اوهان جو مددگار ڪو آهي ته الله آهي، سندس رسول آهي ۽ پڻ اهي اوهان جا مددگار آهن، جيڪي ايمان وارا آهن. (جن جون خصلتون هي آهن) جو هو نماز قائم رکن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ (هر حال ۾) الله جي اڳيان جهڪيل رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) توهان مؤمنن جو مددگار الله تعالى ۽ الله جو رسول ۽ مؤمن آهن. اهي مؤمن نماز پڙهن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي رڪوع ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي ايمان وارو! اوهان جا مالڪ سرپرست بس اهي ئي آهن، خدا ۽ سندس رسول ۽ مومن جيڪي پابندي سان نماز ادا ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪوات ڏين ٿا.(سيد فرمان علي) حقيقي دوست اوهان جو الله ۽ ان جو رسول ۽ اهي آهن جو ايمان آندائون جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي عاجزي ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان جو دوست فقط الله ۽ سندس رسول ۽ اهي ايمان وارا آهن جيڪي نماز قائم ڪن ٿا (مولانا محمد مدني) بلاشڪ اوهان جو دوست ته صرف الله ۽ ان جو رسول آهي ۽ اُهي ايمان وارا جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏيندا رهن ٿا ۽ اُهي رڪوع ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَهنجو مددگار، ربُّ، ۽ رسول ان جو، ٻانهن ٻيلي سي ٻيا، جن آندو اعتبار، پڙهن نمازون پوريون ۽ قائم برقرار، ۽ لهن سقيمن سار، ۽ اُهي جھڪندڙهونِ جبار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمنن کي دوست ڪري وٺندو (سو الله جي ٽولي مان ٿيندو) ڇوته الله جي ٽولي ئي غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله کي، سندس رسول کي ۽ ايمان وارن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو، سو (الله جي جماعت ۾ داخل ٿيو ۽) بيشڪ الله جي جماعت غالب رهڻ واري جماعت ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ رسول ڪريم ۽ مؤمنن کي دوست بنائي ٿو پوءِ بيشڪ (اها) الله جي جماعت ئي غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول ۽ (انهن) ايمان وارن کي پنهنجو سرپرست بنايو ته (خدا جي لشڪر ۾ اچي ويو ۽) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا جو لشڪر ئي غالب آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪو دوستي رکي ٿو الله سان ۽ ان جي رسول (ﷺ) سان ۽ ايمان وارن سان پوءِ بيشڪ لشڪر الله جو اهيئي غالب آهن .ع (مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي رڪوع ڪندڙ آهن. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارن سان دوستي رکندو ته پوءِ بيشڪ الله جي جماعت ئي غالب آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول ۽ ايمان وارن کي دوست بنائيندو ته بلاشڪ الله جي جماعت وارا ئي غالب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ربَّ ۽ سندس رسول کي، پڻ آندو جن ايمان، دِليؤَن ڌاري دوست ٿو، ڏي مدد منجھ ميدان، پوءِ غالب بي گمان، لشڪر لاشريڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي ايمان وارؤ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن اوھان جي دين کي چٿر ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نه بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! جن کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودين ۽ نصارن) ۽ (مڪي جي) ڪافرن مان جيڪي اوهان جي دين تي ٽوڪون مسخريون ڪري رهيا آهن، تن کي توهان پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! انهن ماڻهن سان دوستي نه رکو جيڪي توهان جي دين سان مذاق ۽ راند ڪن ٿا. چاهي اُهي توهان کان اڳيان اهلِ ڪتاب مان هجن يا ڪافر هجن. ۽ الله کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جن ماڻهن (يهودي ۽ نصارن) کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنا ويا آهن تن مان جن ماڻهن اوهان جي دين کي مسخري ۽ راند بڻايو تن کي ۽ ٻين ڪافرن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان سچا ايماندار آهيو ته بس خدا کان ئي ڊڄندا رهو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه وٺو انهن کي جو بنايائون دين اوهان جي کي چٿر ۽ راند انهن مان جو ڏنا ويا ڪتاب اوهان کان اڳ ۾ ۽ ڪافرن کي دوست ۽ ڊڄو الله کان جيڪڏهن آهيو ايمان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان جن اوهان جي دين کي مسخري ۽ راند بنايو، تن کي ۽ (ٻين) ڪافرن کي دوست نه بنايو! ۽ الله کان ڊڄو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن کي دوست بنائي نه وٺو جن اوهان جي دين کي ڀوڳ ۽ راند (تماشو) ڪري ورتو آهي (اُهي) انهن مان آهن جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو ۽ (ٻيا) ڪافر آهن (انهن کي به دوست نه بنايو). ۽ الله کان ڊڄندا رهو جي اوهان مؤمن آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان، دوست نه تن کي ڌاريو، جن اوهان جي دين کي، کِل ۽ کيل بنايو خان!، اُنهن مان، جن اڳي، مليا ڪتاب، ۽ ڪفران، ۽ ڌاريو ڊپ دَيان، جي مومن آهيو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏھن (اوھين) نماز لاءِ بانگ ڏيندا آھيو (تڏھن اُھي) اُن کي چٿر ۽ راند ڀائيندا آھن، اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي بي سمجھه قوم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن توهان نماز جي لاءِ سڏيو ٿا (يعني آذان ڏيو ٿا) تڏهن اهي ماڻهو ان کي کيل تماشو بنائن ٿا ۽ ان تي کل مسخري ڪن ٿا، اهو هن ڪري ٿا ڪن جو هو هڪ اهڙي جماعت آهي جا بلڪل بي سمجهه آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت انهن کي (منافقن کي) نماز لاءِ پڪارجي ٿو ته نماز کي مذاق ۽ راند سمجھن ٿا، اهو انهي سببان آهي جو بيشڪ اِها قوم بي سمجھه آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (هن جي شرارت ايستائين پهتي آهي جو) جڏهن اوهان (آذان ڏئي) نماز لاءِ (ماڻهن کي) سڏيو ٿا ته اهي نماز کي کيل بڻائين ٿا. اهو ان لاءِ ته (اهي ماڻهو بلڪل بي عقل آهن ۽) ڪجھ نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن سڏيو ٿا نماز ڏانهن ته وٺن ٿا ان کي چٿر ۽ راند اهو ان جي ڪري جو بيشڪ اهي اهڙي قوم آهن جو عقل نه ٿا رکن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن نماز لاءِ سڏيو ٿا ته اهي ان کي مسخري ۽ راند ڪري وٺن ٿا. اهو هن ڪري جو اهي بي عقل قوم آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن اوهان نماز لاءِ (بصورت اذان) سڏيو ٿا ته اهي ان کي ڀوڳ ۽ راند (تماشو) بنائي وٺن ٿا. اهو هن ڪري جو اُهي (بنهه ) بي عقل قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن سَڏيانِ، نماز پار، ته کِل ۽ کيل بنايؤن اُن کي، اِهو اِن آڌار، ته هِي ساٿ ئـِي، سوچي ڪين ٿو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھن کانسواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ ته الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! تون انهن يهودين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب! اسان کان فقط هن ڳالهه لاءِ وير ٿا وٺو ڇا جو اسان الله تي ايمان ٿا رکون ۽ ان ڪتاب تي ايمان ٿا رکون جو اسان تي ناز ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان رکون ٿا جي اڳي نازل ٿيا هئا؟ ۽ پڻ هن ڪري (وير ٿا وٺو ڇا جو اسان چئون ٿا) ته توهان مان گهڻا (تورات جي حڪمن جا) نافرمان ٿي ويا آهن؟(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا ڇا توهان اسان کي عيب لڳايو ٿا جو اسان ايمان آندو آهي الله تعالى ۽ قرآن ڪريم ۽ اڳين مقدس ڪتابن تي، ۽ بيشڪ توهان مان گھڻا گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول! اهل ڪتاب کي) چئو ته آخر اوهين اسان ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪهڙو عيب لائي سگهو ٿا ته اسان خدا تي ۽ جو (ڪتاب) اسان ڏي موڪليو ويو آهي ۽ جيڪي اسان کان اڳ موڪليو ويو ايمان آندو آهي. ۽ اوهان مان گهڻا نافرمان آهن.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته اي اهلِ ڪتاب! نه ٿا وير وٺو اسان کان مگر هن ڳالھ جو جو ايمان آندو اسان الله تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو اسان ڏانهن ۽ جيڪو نازل ڪيو ويو اڳ ۾ ۽ بيشڪ گھڻا اوھان مان فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) چئو ته اي ڪتاب وارؤ! اوهين اسان مان هن کانسواءِ ڪو (ٻيو) عيب نه ٿا ڪڍي سگهو ته اسان الله تي ۽ جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳي لاٿو ويو تنهن تي ايمان آندو آهي ۽ اوهان مان گهڻا نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) چؤ: ”اي ڪتاب وارؤ! توهان کي اسان جي ڪهڙي ڳالهه ڏُکي لڳي آهي! سواءِ هن جي جو اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان تي جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي ۽ جيڪو اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ بلاشڪ اوهان مان گھڻا نافرمان آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اي اهل ڪتاب!، ٻئو وير نه اسان کان واريو، مگر، ته مڃيوسون ربَّ کي، ۽ ٻيا سَنِيهابرصواب، جي اسان ڏي، ڪِ اڳي اُتريا، پاران پاڪ جناب، ۽ خارج ۽ خراب، آهن، اوهان مان گھڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله وٽ ھن کان وڌيڪ بُڇڙي عاقبت واري جي اوھان کي خبر ڏيان؟ (بڇڙي عاقبت وارا) اُھي آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي ۽ مٿن ڏمر ڪيو آھي ۽ منجھانئن ڪي ڀولڙا ۽ سوئر ڪيائين جنھن شيطان جي پوڄا ڪئي، اِھي بڇڙي ھنڌ رھڻ وارا آھن ۽ سڌي واٽ کان بلڪل ڀُلا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر تون کين) چؤ ته، مان توهان کي ٻڌايان ته الله وٽ جزا ۽ سزا جي لحاظ کان ڪير وڌيڪ بڇڙا ٿيا؟ اهي ماڻهو (وڌيڪ بڇڙا ٿيا) جن تي خدا لعنت ڪئي ۽ پنهنجو غضب نازل ڪيو ۽ انهن مان ڪيترن ئي کي باندرن ۽ سوئرن جهڙو ڪري ڇڏيو ۽ هي جي شيطاني طاقتن کي پوڄڻ لڳا، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سڀني کان بدتر درجي ۾ آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ، سڌي واٽ کان پري نڪري گمراه ٿي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان ارشاد فرمايو ڇا آئون توهان کي انهيءَ کان زياده خراب ڳالهه جي خبر ڏيان جيڪا الله وٽ آهي، اُهي جن تي الله لعنت موڪلي ۽ انهن تي ناراض ٿيو ۽ انهن مان باندر ۽ سوئر ۽ شيطان جا فرمانبردار پيدا ڪيائين، (اِها) انهن جي جاءِ تمام خراب آهي ۽ اهي سنئين راه کان تمام گھڻا گمراه ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تون چئين ته آءُ اوهان کي خدا وٽ سزا ۾ ان کان بڇڙو عيب ٻڌايان؟ (چڱو ته ٻڌو) جنهن تي خدا لعنت ڪئي هجي ۽ مٿس ڪاوڙيو هجي ۽ انهن مان ڪن کي (مسخ ڪري) ڀولڙا ۽ (ڪن کي) سوئر ڪيو هجي ۽ هن (خدا کي ڇڏي) شيطان جي پوڄا پرستش ڪئي هجي. پوءِ اهي ماڻهو درجي ۾ گهڻو بدتر ۽ سڌي راھ کان ٽڙي سڀ کان وڌيڪ پري وڃي ڪريا آهن.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته ڇا خبر ڏيان اوهان کي وڌيڪ بڇڙي جي ان کان؟ جزا جي لحاظ سان الله وٽ اهو آهي جو لعنت ڪئي ان تي الله ۽ ڪاوڙيو ان تي ۽ ڪيائين انهن مان ڀولا (باندر) ۽ سوئر ۽ عبادت ڪيائين شيطان جي اهيئي آهن وڌيڪ بُڇڙا درجي ۾ ۽ وڌيڪ گمراهه سڌيءَ واٽ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چئو ته جنهن (جماعت) جو بدلو الله وٽ ان (عيبدار جماعت) کان به بڇڙو آهي (جنهن جو اوهان بيان ڪيو) تنهن جي اوهان کي خبر ڏيان ڇا؟ اِها اُها آهي جنهن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ مٿس ڪاوڙيو آهي ۽ انهن مان ڀولڙا ۽ سوئر ڪيا اٿس ۽ ان (جماعت جنهن) شيطان کي به پوڄيو آهي، انهن جي جاءِ گهڻو بڇڙي آهي ۽ اهي سڌي رستي کان گهڻو پري آهن. (مولانا محمد مدني) چؤ ته: ”ڇا اوهان کي خبر ڏيان ته الله وٽ انهن (فاسقن) کان به بري انجام ڪرڻ وارو ڪير آهي؟اهو شخص جنهن تي الله لعنت ڪئي ۽ ان تي ڏمريو ۽ انهن مان ڪيترن کي باندر ۽ سوئر بنايائين ۽ اهو جنهن شيطان جي پوڄا ڪئي. اهي ئي بري ٽڪاڻي وارا آهن ۽ سنئين راهه کان گهڻو ڀٽڪيل آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڪِ اوهان کي، آئون ڏيان کولي خبر چار؟ مالڪ وٽ موٽڻ ۾، وڌيڪ خراب خوار، جنهن کي ڌڻيءَ ڌِڪاريو، ۽ ڏَمريو مٿسِ ڏاتار، ۽ ڀُولُو بنائين اُنهن منجھان، ۽ ڪي ڪارا مِرون ڪَنڌار، ۽ گھڻُو، گمراهن جا، پوڄارِي پينار، اُهي، آسڻ اُنهن جا، بلڪل بَدبُودار، ۽ ڀُليل اِهي بدڪار، وِرسيل وِچولِيءَ واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن ته ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ڏسو ته) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا تڏهن چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي، حالانڪ هو ڪفر کڻي توهان وٽ آيا هئا ۽ ڪفر کڻي واپس ويا، ۽ جيڪي هو پنهنجي دلين ۾ لڪائين ٿا، تنهن کي خدا بهتر ڄاڻڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي وٽ جڏهن يهودي اچن ٿا چون ٿا اسان ايمان آندو حالانڪ تحقيق داخل ٿيا ڪفر ۾ ۽ مجلس مان نڪتا ته به ڪافر هئا ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪجھ لڪائن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (مسلمانو!) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا. چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي حالانڪه انهن پاڻ سان ڪفر کي ئي ساڻ ڪري آيا هئا ۽ وري نڪتا به ته ساڻ هون. ۽ جا (منافقي) لڪايل هين خدا ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن اچن ٿا اوهان وٽ ته چون ٿا ايمان آندوسون ۽ تحقيق داخل ٿيا ڪُفر سان ۽ اُهي تحقيق نڪتا ان سان ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي لڪايائون ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن اهي اوهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ڪفر سان آيا ۽ ان سان ٻاهر نڪتا. ۽ جيڪي اهي (دلين ۾ ) پيا لڪائين تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن اهي اوهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي. حالانڪه اُهي (اوهان وٽ) ڪفر سان داخل ٿيا ۽ اُهي ان (ڪفر) سان ئي نڪتا. ۽ جيڪي اُهي لڪائن ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اوهان وٽ آئـِيا، چي آندوسون ايمان، ۽ ڪاهي پِيا ڪُفر ۾ ۽ ان سان نِڪتا نادان، ۽ سمجھندڙ سبحان، جيڪي لِڪائين لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
۽ (اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته گناہ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پنھنجي حرامخوريءَ ۾ تڪڙ ڪندا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان (مسلمان) انهن مان گهڻن کي ڏسندؤ ته گناه، ظلم ۽ حرام جي مال کائڻ ۾ تڪڙا آهن. (افسوس هنن جي ايمان جي دعويٰ تي) ڪهڙا بڇڙا ڪم آهن جي (رات ڏينهن) هو ڪندا رهن ٿا!(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انهن مان گھڻن کي ڏسندا ته گناه ۽ زيادتيءَ جي ڪمن ۾ تڪڙ ڪندا ۽ حرام کائيندڙ هوندا، سندن عمل تمام گھڻا خراب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تون انهن مان ڪيترن کي ئي ڏسندين ته گناھ ۽ سرڪشيءَ ۽ حرام خوري ڏي ڪاهي پون ٿا. جيڪي ڪم هي ڪن ٿا سو ڏاڍو بڇڙو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڏسندين گھڻن کي انهن مان جلدي ٿا ڪن گناھ ۾ ۽ ظلم ۾ ۽ کائڻ ۾ انهن جي حرام کي البته تمام بچڙو آهي جيڪو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي رسول !) تون انهن مان گهڻن کي ڏسندين جي گناهه ڪرڻ ۽ حد کان لنگهڻ ۽ پنهنجي حرام کائڻ ۾ ڪاهي پون ٿا. جيڪي اهي پيا ڪن سو بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ تون انهن مان گهڻا اهڙا ڏسندين جيڪي گناهه ۽ ظلم ۽ حرامخوري ۾ جلدي ڪن ٿا. البته ڏاڍو خراب آهي جيڪي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِسندِين گھڻا اُنهن مان، ته تڪڙ ڪن تڪرار، بَدِي ۽ بِيدِيءَ ۾، پڻ مال کِيڻ مُردار، جيڪي ڪن ڪم ڪار، اُهي بلڪل آهن بُڇڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
الله وارا ۽ عالم کين سندن ڪُوڙ ڳالھائڻ ۽ سندن حرامخوريءَ کان ڇونه جھليندا آھن؟ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن جي عالمن ۽ بزرگن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هنن کي ڪوڙن ۽ گناه جي لفظن چوڻ کان ۽ حرام جي مال کائڻ کان نٿا روڪين؟ ڪهڙا ته اهي برا ڪرتوت آهن، جيڪي هو ڪري رهيا آهن!(علامه علي خان ابڙو) ڇو نه منع ڪيائون يهودين کي سندن درويشن ۽ پادرين ڪُوڙ ڳالهائڻ کان ۽ حرام کائڻ کان (اهي) يقيناً تمام خراب ڪم ڪري رهيا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الله وارا ۽ عالم انهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ حرام خوريءَ کان ڇو ڪين ٿا روڪين. جو (درگذر) اهي ماڻهو ڪندا رهيا اهو تمام برو آهي.(سيد فرمان علي) ڇو نه ٿا روڪين انهن کي درويش ۽ عالم گناھ جي ڳالهائڻ ۽ حرام کائڻ کان البته تمام بچڙو آهي جيڪي ڪندا ھئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (يهودين مان) الله وارا ۽ (سندن) عالم انهن کي سندن گناهه جي ڳالهه چوڻ ۽ سندن حرام کائڻ کان ڇو نه ٿا روڪين. جيڪي اُهي پيا ڪن سو بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني) انهن کي ڇو نه ٿا روڪن الله وارا ۽ عالم! سندن گناهه جي ڳالهين کان ۽ سندن حرام کائڻ کان. البته ڏاڍو برو آهي جيڪو تيار ڪري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر جھلين، اُنهن کي، عالم ۽ الله لوڪ، گناه جي گُفتار کان، پڻ مُردارکائڻ موڪ، ٿُو کَـٽاسي ٿوڪ!، جيڪي ڪن جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جئن وڻندو اٿس تئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرمانيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ يهودين چيو ته، الله جو هٿ (بخشش کان) ٻڌو پيو آهي. (حقيقت هيءَ آهي ته) سندن ئي هٿ ٻڌا پيا آهن ۽ جيڪي جيڪي هنن چيو تنهن سببان هنن تي لعنت پئجي ويئي آهي. خدا جا ته ٻئي هٿ کليل آهن. جيئن هو چاهي ٿو تيئن (پنهنجو فضل ۽ ڪرم) خرچ ڪري ٿو ۽ (توهان ڏسندؤ ته) خدا جي طرف کان جيڪي اوهان تي نازل ٿيو آهي سو هنن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ اڃا به وڌيڪ وڌائيندو. ۽ (انهيءَ ئي سرڪشيءَ جي ڪري) اسان منجهن دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي جو قيامت تائين ميٽجڻ وارو ناهي. جڏهن به هو لڙائي لاءِ باه دکائين ٿا تڏهن الله تعاليٰ ان کي وسائي ٿو ڇڏي. اهي ماڻهو ملڪ ۾ خرابي ۽ فساد پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، پر الله تعاليٰ فساد ۽ خرابي پيدا ڪندڙن کي بلڪل پسند نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ۽ يهودين چيو الله تعالى جو دستِ قدرت بند آهي (في الحقيقت) يهودين جا هٿ بند ڪيا ويا ايئن چوڻ جي ڪري، بلڪه الله تعالى جا دستِ قدرت کليل آهن جيئن چاهي خرچ فرمائي ٿو، اي حبيب ! توهان جي مٿان رب جي طرفان قرآن نازل ٿيڻ جي ڪري يهودين جي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور زيادتي ٿيندي ۽ اسان انهن جي وچ ۾ دشمني ۽ بُغض قيامت جي ڏينهن تائين وجھرائي ڇڏيو. جڏهن به انهن باه جنگ لاءِ ٻاري، الله تعالى ان کي وِسائي ڇڏيو ۽ زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ الله تعالى نٿو محبت رکي فساد ڪندڙن سان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ يهودي چون ٿا ته الله جو هٿ ٻڌل (بخيل) آهي انهن جا هٿ ٻڌل هجن ۽ سندن (ان) چوڻ تي خدا جي لعنت ڀلا خدا جو هٿ ڇو ٻڌجڻ لڳو) پر سندس ٻئي هٿ کليل (ڪشادا) آهن، جيئن گهري ٿو تئين خرچ ڪري ٿو. ۽ جو (ڪتاب) تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد ڪري) انهن (يهودين) مان گهڻن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ضرور وڌائيندو. ۽ (ڄڻ ته) اسان پاڻ انهن ۾ قيامت جي ڏينهن تائين دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. اهي جڏهن به جنگ لاءِ باھ ٻارين ٿا ته الله ان کي اجهائي ٿو ۽ ملڪ ۾ فساد لاءِ ڊوڙندا وتن ٿا. ۽ خدا فساد ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(سيد فرمان علي) ۽ چيو يهودين ته هٿ الله جو بند ٿيل آهي شال بند رهن هٿ انهن جا ۽ لعنت ڪيا ويا ان جي ڪري جو چيائون بلڪ ان جا هٿ کليل آهن.رچ ٿو ڪري جيئن گھري ۽ البته ضرور وڌائيندو گھڻن کي انهن مان جيڪو (پيغام) لاٿو ويو تو ڏانهن تنهن جي رب وٽان سرڪشي ۽ ڪفر ۽ وڌي سون انهن ۾ دشمني ۽ ڪينو قيامت جي ڏينهن تائين جڏهن به ٻاريائون باھ جنگ جي لاءِ ته وسايو ان کي الله ۽ ڪوشش ٿا ڪن زمين ۾ فساد ڪرڻ جي ۽ الله نه ٿو محبت رکي فساد ڪندڙن سان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ يهودين چيو ته الله جو هٿ ٻڌل (بخيل) آهي. جيڪي چيائون تنهن جي ڪري سندن هٿ ٻڌل ٿين! ۽ مٿن لعنت پوي! (ائين نه آهي) بلڪ سندس ٻئي هٿ ڪشادا (سخي) آهن جيئن وڻيس ٿو تيئن خرچ ڪري ٿو. ۽ جيڪي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان توڏي لاٿو ويو آهي سو انهن (يهودين) مان گهڻن جي سرڪشي ۽ ڪفر کي ضرور وڌائيندو. ۽ اسان سندن وچ ۾ قيامت جي ڏينهن تائين دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن به جنگ لاءِ باهه ٻارين ٿا ته الله ان کي اُجهائي ٿو. ۽ ملڪ ۾ فساد لاءِ ڪوشش ڪن ٿا. ۽ الله فساد ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني) ۽ يهودين چيو ته الله جو هٿ ٻَڌَلُ آهي (يعني بخيل آهي) ٻڌا ويا انهن جا هٿ! ۽ جيڪي چيائون انڪري مٿن لعنت ڪئي وئي. بلڪه الله جا ٻئي هٿ (عطائن ۾) کُليل آهن اهو جيئن چاهي ٿو خرچ ڪري ٿو. ۽ (اي نبي!) تو ڏانهن جيڪو تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو. ۽ اسان انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن تائين بغض ۽ دشمني وجهي ڇڏي. جڏهن به اُهي جنگ جي باهه ڀڙڪائن ٿا ته الله ان کي اجهائي ڇڏي ٿو ۽ اُهي زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ يهودين بيهودن چيو، لُولهو هٿ الله، اُٽلو لُولها اُنهن جا، هَٿـڙا هميشاه، ۽ جو آکيؤن، تِنهن آکيل تان ڌِڪيا، کان درگاه، اُٽلو هٿ الله جا، ٻئـِي خوب کُليل واه!، بارِي بادشاه، وڻيسِ، تيئن ڏي وَٺي. ۽ جو توڏي لَٿو، تنُهنجي سائينءَ ڪنان سچ، سو ڪفر ۽ مونجھارو، تن منجھان، ڳچ جو ڪندو ڳچ، ۽ وير وِڌو سون تن وِچ، ۽ ڪُلفت ڏينهن قيام سينِ. جڏهن جڏهن جنگ لئى، ٻاريؤن ڀنڀٽ باھ، ته الله اُجھايو اُن کي، ۽ ٿا گوڙ وِجھن گمراھ، ۽ ڀُون ۾ بي گناه، وِڻاه نه وَڻن ربَّ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا ته سندن گناہ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور هنن تان هنن جون خطائون (يعني خطائن جو اثر محو ڪري) ميساري ڇڏيون ها. ۽ ضرور کين نعمتن جي باغن ۾ داخل ڪيون ها. (پر هو نافرمان ٿيا ۽ نعمتن کان محروم ٿي ويا.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي يهودي، رسولِ عربي تي ايمان آڻن ها ۽ الله کان ڊڄن ها ته ضرور اسين انهن جا گناه ميٽي ڇڏيون ها ۽ ضرور انهن کي بهشت ۾ داخل ڪريون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور سندن گناهن کان درگذر ڪريون ها ۽ کين نعمت ۽ آرام (بهشت) جي باغن ۾ پهچايون ها.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهلِ ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ تقوى ڪن ها ته البته ميٽيون ها انهن کان بُڇڙايون انهن جون ۽ البته داخل ڪيون ها انهن کي بهشتن نعمتن جي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته انهن جا گناهه انهن کان ضرور پري ڪريون ها. ۽ انهن کي نعمت جي باغن ۾ داخل ڪريون ها. (مولانا محمد مدني) ۽ اگر ڪتاب وارا (سرڪشي جي بجاءِ) ايمان آڻن ها ۽ تقوى اختيار ڪن ها ته اسان انهن کان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏيون ها ۽ انهن کي ضرور نعمت وارين جنتن ۾ داخل ڪيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪر، اهل ڪتاب مڃيو، ۽ ڪنبيا ڀر قهار، ته ميٽياسُون سندنِ مداين، بلڪل بديون بار، ۽ داخل دِل قرار، ڪيوسونِ باغ بهشت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏھن اُھي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي سندن پالڻھار وٽان اُنھن ڏانھن لاٿو ويو (تن جي حڪمن کي) پورو بيھارين ھا ته پنھنجي مٿان ۽ پنھنجي پيرن ھيٺان ضرور (روزي) کائين ھا، منجھانئن ھڪ ٽولي سئين رستي آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل کي ۽ جيڪي مٿن سندن پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي تنهن کي (سچائيءَ سان) قائم رکن ها ته ضرور هن کي مٿان (يعني آسمان مان) ۽ هيٺان (يعني زمين مان) نعمتون ملن ها. (پر هنن تورات جي تعليم ۽ حڪمن تي عمل نه ڪيو). (ايترو سو آهي ته) هنن ۾ هڪ جماعت بيشڪ وچون رستو (يعني چڱو رستو) وٺندڙ آهي پر گهڻا هنن ۾ اهڙا آهن جي جيڪي ڪن ٿا سو سراسر بڇڙائي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي تورات ۽ انجيل جا حڪم مڃن ها ۽ جيڪي ڪجھه الله تعالى انهن ڏانهن موڪليو ته يقيناً انهن کي آسمان ۽ زمين مان رزق ملي ها، انهن مان ڪجھه ماڻهو انصاف پسند آهن ۽ انهن مان گھڻن جا عمل خراب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل ۽ جي (صحيفا) انهن ڏي سندن پروردگار جي طرفان نازل ڪيل هوا. (انهن جي حڪمن تي) قائم رهن ها ته ضرور (سندن) مٿان ۽ پيرن جي هيٺيان (روزي ڏاڍي مزي سان) کائن ها. انهن مان ڪجھ ماڻهو ته سڌي رستي تي هلندڙ آهن (پر) هنن مان گهڻا جو ڪجھ به ڪن ٿا برو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي قائم رکن ها.وراة ۽ انجيل ۽ جيڪو لاٿو ويو انهن ڏانهن سندن رب وٽان ته البته کائن ها مٿان پنهنجي ۽ هيٺان پيرن پنهنجي، انهن مان هڪ جماعت وچٿري آهي ۽ گھڻا انهن مان برو آهي جيڪو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن اهي تورات ۽ انجيل ۽ جيڪي انهن ڏي سندن پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي. تن (جي حڪمن) کي قائم ڪن ها ته پنهنجي مٿان ۽ پنهنجي پيرن جي هيٺان ضرور (روزي) کائين ها. انهن مان هڪ جماعت سڌي رستي تي هلندڙ آهي. ۽ انهن مان گهڻا جيڪي ڪن ٿا سو بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اُهي تورات ۽ انجيل کي ۽ انهن (احڪامن) کي جيڪي انهن ڏانهن سندن پالڻهار پاران نازل ڪيا ويا هئا قائم رکن ها ته پنهنجي مٿان کان ۽ پنهنجي پيرن جي هيٺان کان (رزق) کائن ها. انهن مان هڪ جماعت وچٿري آهي. ۽ انهن مان گھڻا جو ڪجھه ڪري رهيا آهن سو نهايت برو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توريت ۽ انجيل کي، هوندپُورو بِهاريون پاڻ، پڻ سائين سندنِ کان، اُنهن ڏي، اُتريا جي اُهڃاڻ، ته کاڌئون مٿان پنهنجي، ميوا مزي ساڻ، ۽ سُجهندي سِج سانجاڻ، پيرن هيٺان پنهن جي. آهي امت اُنهن مان، ڪا موچارِي مَلوڪ، ۽ بلڪل بدسُلوڪ، اڪثر هلن انهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي پيغمبر جيڪو (قرآن) توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (ايئن) نه ڪيئي ته سندس پيغام نه پھچايئي، ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اي پيغمبر! تنهنجي پروردگار جي طرف کان جيڪي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن کي (خدا جي بندن تائين) پهچاءِ (۽ دشمنن جي پرواه نه ڪر) جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پوءِ تو خدا جو پيغام نه پهچايو (يعني رسالت جي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي) ۽ الله توکي ماڻهن (جي شرارتن) کان بچائيندو هو انهيءَ ٽولي تي (ڪاميابي جي) واٽ نٿو کولي، جنهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي رسولِ عربي توهان پهچايو (ماڻهن تائين) جيڪي ڪجھه توهان تي نازل فرمايو ويو توهان جي رب طرفان، ۽ (بالفرض) جيڪڏهن توهان ايئن نه ڪيو ته توهان تبليغ جو حق ادا نه ڪيو، ۽ الله تعالى توهان کي (اي حبيب) ماڻهن کان حفاظت ۾ رکندو. بيشڪ الله ڪافر قوم کي هدايت نٿو ڏئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي رسول! جو حڪم پنهنجي پروردگار جي طرفان تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪيو ته (سمجھ ته) تو سندس ڪو به پيغام ئي نه پهچايو. ۽ (تون نه ڊڄ) خدا تو کي ماڻهن جي شرارت کان بچائيندو. خدا ڪڏهن به ڪافر قوم کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.(سيد فرمان علي) اي رسول! پهچاءِ جيڪي نازل ڪيو ويو تو ڏانهن تنهنجي رب وٽان ۽ جيڪڏهن نه ڪيو تو ته پوءِ نه پهچايو تو پيغام ان جو ۽ الله بچائيندو توکي ماڻهن کان بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ڪافرن جي کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي رسول! جيڪي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان توڏي لاٿو ويو آهي سو پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪيو. ته (ڄڻ) تو سندس پيغام نه پهچايو. ۽ الله توکي ماڻهن کان بچائيندو. بيشڪ الله ڪافر قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. (مولانا محمد مدني) اي پيغمبر! جو ڪجهه تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار طرفان نازل ٿيو آهي سو پهچاءِ. ۽ جي تو ائين نه ڪيو ته تو (ڄڻڪ) ان جو پيغام پهچايو ئي ڪونه. ۽ الله تو کي ماڻهن کان بچائڻ وارو آهي. بيشڪ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مرسل مڻياندار!، پُهچاءِ پيغام سي، جي توڏي، پنهنجي ربَّ کان، نازل ٿيا نِبار، ۽ نه ڪئـِي، ته پيغام اُن جا، نه پُهچايئـِي، پوءِ پار، بَچائيندئـِي ماڻهن کان، مالڪ، ربُّ مُختيار، قادر قوم ڪُفارَ، سَنئين سُنهائي ڪا نه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ اوھين ايستائين ڪنھن واٽ تي نه آھيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي پالڻھار کان اوھان ڏانھن لاٿو ويو تنھن (جي حڪمن) تي بيھڪ نه ڪريو، ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) جي بي فرمَانيءَ ۽ ڪُفر کي وڌائيندو، تنھنڪري ڪافرن جي قوم تي ارمان نه ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي اهل ڪتاب! توهان وٽ ڪابه شيءِ ڪانهي (جنهن تي بيهي سگهو) جستائين ڪه تورات ۽ انجيل تي ۽ ان تي جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي، قائم رهو. ۽ (اي پيغمبر! تون ڏسندين ته) جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي سو (هنن کي هدايت ۽ نصيحت جو سبب ٿيڻ بدران) هنن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وڌائيندو (ڇو ته، کين توسان حسد ۽ ساڙ آهي). پوءِ تون انهيءَ انڪار ڪندڙ قوم جي حالت تي افسوس نه ڪر.(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب توهان جي دين تي اعتبار ناهي ايستائين جو تورات ۽ انجيل جي حڪم موجب مون تي ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻيو، ۽ قرآن ڪريم نازل ٿيڻ جي ڪري ضرور زياده ٿيندي گھڻن يهودين کي سرڪشي ۽ ڪفر، پوءِ (تبليغ دوران) توهان ڪافر قوم تي ڏک نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تون چوين ته اي ڪتاب وارو! (جيستائين اوهان توريت ۽ انجيل ۾ جيڪي (صحيفا) اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿيا آهن انهن (جي حڪمن) تي نه هلندو تيستائين اوهان جو مذهب ڪجھ به نه آهي ۽ (اي رسول!) جيڪو (ڪتاب) تو ڏي توهان جي پروردگار جي طرفان موڪليو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد کان) انهن مان گهڻن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر کي اڃا به وڌائيندو. پوءِ تون ڪافرن جي گروھ تي افسوس نه ڪج.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته اي اهلِ ڪتاب! ناهيو ڪنهن به شيءِ تي تانجو قائم ڪيو توراة کي ۽ انجيل کي ۽ جيڪو لاٿو ويو اوهان ڏانهن اوهان جي رب وٽان ۽ البته ضرور وڌائيندوگھڻن کي انهن مان جيڪو لاٿو ويو تو ڏانهن تنهنجي رب وٽان، سرڪشي ۽ ڪفر کي پوءِ نه ڪر غم قوم ڪافرن جي تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! اوهين ڪنهن به رستي تي نه آهيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي اوهان ڏي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي تن (جي حڪمن) کي قائم نه ڪريو (مولانا محمد مدني) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! توهان (دين ۽ حق مان) ڪنهن شيءِ تي نه آهيو جيستائين توهان تورات ۽ انجيل ۽ جيڪي ڪجهه اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار پاران نازل ڪيو ويو آهي ان کي قائم (۽ نافذ) نه ڪندؤ ۽ (اي نبي!) تو ڏانهن جيڪو تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو. پوءِ تون ڪافرن جي قوم تي افسوس نه ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، نه آهيو اهل ڪتاب جا!، مٿي ڪنهن ڪم ڪار، تان توريت ۽ اِنْجِيلَ کي، ۽ جو اُتريو اوهان جي پار، پاران پالڻهار، برجاءِ، سَڀ بِيهاريو. جو توڏي لَٿو، تُنهجي، سائينءَ ڪنان سَچ، سو گھڻو تن مان گھڻن ۾، ڪندو ڪُفر ڪچ، پوءِ ڳَڻتِي، نه کائـِج ڳچ، ڪا انهيء ڪافر قوم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
(جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ! جن ماڻهن (قرآن مجيد تي) ايمان آندو آهي يا اهي ماڻهو جيڪي يهودي ۽ صابي ۽ عيسائي آهن، ڪير به هجن پر انهن مان جيڪو به الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ويساه رکندو ۽ صالح عمل ڪندو تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو هوندو، نڪا غمگيني هوندي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جيڪي ماڻهو زباني ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي يهودي هئا ۽ ستارن کي پوڄيندڙ ۽ عيسائي هئا انهن مان جن به سچي دل سان ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ سٺا ڪم ڪيائون پوءِ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ مسلمان هجن يا يهودي، حڪمانه خيال جا پابند لامذهب توڙي نصارى هجن (مطلب ته ڪجھ به هجن) جيڪو خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، تن تي نه ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.(سيد فرمان علي) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي بڻيا ۽ صابئي (مذهب وارا) ۽ نصارى جنهن به ايمان آندو الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ ڪيائين سٺا عمل پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غم ڪندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي توڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي (يعني قرآن) سو انهن مان گهڻن جي سرڪشي ۽ ڪفر ضرور وڌائيندو. پوءِ تون ڪافر قوم تي افسوس نه ڪر! بيشڪ مسلمان ۽ يهودي ۽ صابي ۽ عيسائي جن به (انهن مان) الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱو عمل ڪيو تن تي ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا . (مولانا محمد مدني) بلاشڪ جن ماڻهن ايمان آندو (يعني مسلمان) ۽ جي يهودي ٿيا ۽ صابي (ستارن کي پوڄڻ وارا) ۽ نصارى (انهن مان) جن به الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا ته نه انهن مٿان ڪو خوف آهي نه اُهي غمگين ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مومن مسلمان ٿيا، يا يهودي ذات، ۽ عِيسائـِي ۽ اَثِيرِي، جن کي تارن سندي تات، جنهن الله ۽ آخر ڏينهن مڃيو، ڪيا خير خيرات، تن کي، نه ڀو ڪنهن بات، نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
بيشڪ بني اسرائيلن کان انجام ورتوسون ۽ اُنھن ڏانھن (گھڻا) پيغمبر موڪلياسون، جڏھن ڪڏھن وٽن ڪنھن پيغمبر جيڪي سندن دلين نه ٿي گھريو سو حُڪم ٿي آندو تڏھن ھڪ ٽوليءَ کي ڪُوڙو ٿي ڀانيائون ۽ ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺائون ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي) هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيل کان (ايمان عمل ۽ فرمانبرداريءَ جو) عهد اقرار ورتو ۽ (ان تي کين قائم رکڻ لاءِ) رسول موڪليا، پر جڏهن به ڪو رسول هنن وٽ اهڙو حڪم کڻي آيو جو سندن نفساني خواهشن جي خلاف هو تڏهن هنن ڪن رسولن کي ڪوڙو ڪوٺيو ۽ ڪن کي قتل ڪري ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو) تحقيق اسان بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو ۽ انهن ڏانهن رسول موڪلياسين، جڏهن ڪڏهن به انهن جي خواهش جي خلاف رسول تشريف فرما ٿيا هڪ ٽولي رسولن کي ڪُوڙو ڪيو ۽ هڪ ٽولي رسولن کي شهيد ڪيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان بني اسرائيلين کان انجام اقرار ورتو هو ۽ هنن ڏي ڪيترائي رسول به موڪليا هئا (تنهن هوندي به) جڏهن به ڪنهن رسول سندن خواهشن جي خلاف حڪم آندو ته هنن (ڪم بخت) ماڻهن ڪنهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيائون.(سيد فرمان علي) البته تحقيق ورتوسون عهد بني اسرائيل کان ۽ موڪليوسون انهن ڏانهن رسولن کي جڏهن به آيو انهن وٽ رسول ان (حڪم) سان جو نه ٿا خواهش رکن نفس انهن جا ته هڪ ٽولي کي ڪوڙو چيائون ۽ هڪ ٽولي کي شهيد ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان بني اسرائيلن کان انجام ورتو ۽ انهن ڏي ڪيترا رسول موڪلياسون. جڏهن به ڪنهن رسول انهن وٽ اهو ڪجهه آندو جنهن کي سندن نفسن پسند نه ٿي ڪيو ته (رسولن جي) هڪ جماعت کي ڪوڙو ڪيائون ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيائون. (مولانا محمد مدني) البته تحقيق اسان بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو ۽ انهن ڏانهن (گهڻا) رسول موڪلياسين. (پر) جڏهن به انهن وٽ ڪو رسول اهڙو حڪم کڻي آيو جنهن کي سندن دلين پسند نه ٿي ڪيو ته (نبين جي) هڪ جماعت کي ڪوڙو چيائون ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ بني اسرئيل کان، ورتاسون قول قرار، تن ڏي مُڪاسون، مورهين مُرسل مڻيادار، پوءِ جڏهن به آندِي، اُنهن ڏي، پيغمبر پچار، جنهن کي، نه گُھرن جِيء اُنهن جا، ته ڪنهن ٻاريءَ کي ٻِيهار، ڪوڙو ڪَهن ڪُفار، ۽ ڪن کي ڪُهن پئا، قصور ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ ڀانيائون ٿي ته ڪا خرابي ٿيڻي نه آھي پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا وري (به) الله مٿن ٻاجھ سان موٽيو (جو پيغمبر موڪليائين) وري منجھانئن گھڻا (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن سمجهيو ته ڪا آزمائش (عذاب) ڪونه ايندو، تنهن ڪري (جِهل، هٺ ۽ ساڙ ۾) انڌا ٿي پيا. پوءِ خدا تعاليٰ (رحم ڪري) سندن توبهه قبول ڪئي، پر وري به انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا ۽ (هاڻي به) الله تعاليٰ سندن عمل چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ يقين ڪيائون ته انهي ڪري انهن تي عذاب نه ٿيندو ان کان پوءِ ٻوڙا ۽ گونگا ٿيا پوءِ (توبه تائب ٿيا) الله انهن جي توبه قبول ڪئي وري گھڻا انهن مان ٻوڙا ۽ گونگا ٿيا ۽ الله انهن جي عملن (هيرا ڦيري) کي ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڄاتئون ته(ان ۾ اسان جي لاءِ) خرابي ڪانهي. پوءِ (ڄڻ ته) اهي ماڻهو (حق جي ڳالھ کان) انڌا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا (تنهن هوندي به جڏهن انهن توبھ ڪئي) ته وري خدا سندن توبھ قبول ڪئي. (پر) وري (تڏهن به) انهن مان ڪيترائي انڌا ۽ ٻوڙا بنجي پيا. ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا (تنهن کي) خدا ڏسي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ سمجھيائون ته نه هوندو ڪو فتنو پوءِ انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا ان کان پوءَ توبہ قبول ڪئي الله انهن جي ان کان پوءِ انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا گھڻا انهن مان ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ خيال ڪيائون ته ڪا سزا ملڻ واري نه آهي. پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا. پوءِ الله مٿن مهرباني ڪئي وري انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿيا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ سمجهيائون ته (انهن بدعملين سبب) ڪا سزا نه ايندي پوءِ (حق کان) انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا پوءِ (وري به) الله انهن جي توبه قبول ڪئي پوءِ (به) انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا . ۽ جيڪي عمل ڪن ٿا الله ان کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀانيئون، ته بدلو ناھِ ڪو، پوءِ ڪور ٿيا ۽ ڪَر، ورِي تن سان وَڙڪيو، ڪيو واحد مٿن وَر، ورِي به اَنڌا ۽ ٻوڙا ٿيا، اُنهن مان اڪثر، ۽ جيڪي عمل ڪن اَبتر، سي ڏسندڙ آهي، ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
بيشڪ جن چيو ته عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو ته اي بني اسرائيلؤ الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي ته) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس ھنڌ باھ آھي، ۽ ظالمن جو ھو مددگار نہ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً اهي به (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ته اهوئي مسيح مريم جو پٽ آهي ۽ (پاڻ حضرت عيسيٰ ته ائين بلڪل ڪونه سيکاريو) هن ته چيو ته، اي بني اسرائيلو! خدا جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو (يعني سڀني جو) پروردگار آهي. يقيناً جنهن به خدا سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيو تنهن تي الله تعاليٰ بهشت حرام ڪري ڇڏيو، انهيءَ جو مڪان دوزخ جي باه آهي ۽ ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو.(علامه علي خان ابڙو) تحقيق ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو بيشڪ الله ته عيسيٰ پٽ مريم آهي، ۽ عيسيٰ فرمايو اي بني اسرائيل توهان الله جي عبادت ڪريو جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي، بيشڪ جنهن الله تعالى سان شرڪ ڪيو پوءِ تحقيق الله تعالى ان تي بهشت حرام ڪيو ۽ اُن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته مريم جو پٽ عيسى مسيح، بيشڪ خدا آهي. هوڏانهن مسيح پاڻ چيو هو ته اي بني اسرائيلو! فقط ان خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي. ڇو ته (ياد رکو!) جنهن به خدا جو شريڪ بنايو ان تي خدا بهشت کي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي.(سيد فرمان علي) البته تحقيق ڪفر ڪيو انهن جو چيائون ته بيشڪ الله اهو مسيح پٽ مريم جو آهي ۽ چيو مسيح ته اي بني اسرائيلو! عبادت ڪيو الله جي يعني، منهنجي رب ۽ پنهنجي رب جي بيشڪ جيڪو شريڪ ٿو بنائي الله سان پوءِ تحقيق حرام ڪيو الله ان تي بهشت ۽ جاءِ ان جي جهنم آهي ۽ ناهن ظالمن جي لاءِ ڪي مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته بيشڪ الله مريم جو پٽ مسيح ئي آهي هوڏانهن مسيح چيو ته اي بني اسرائيليؤ! الله جي عبادت ڪريو جو منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو تنهن تي الله جنت کي حرام ڪيو آهي ۽ سندس ٺڪاڻو باهه آهي. ۽ ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن. (مولانا محمد مدني) البته تحقيق انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته بيشڪ ”الله“ ته مريم جو پٽ مسيح ئي آهي ۽ مسيح چيو ته: ”اي بني اسرائيل! الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي“. بيشڪ ڳالهه هي آهي ته جيڪو الله سان شرڪ ڪندو ته بلاشڪ ان مٿان الله جنت حرام ڪئي آهي ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪٽا ڪافر اُو ٿيا، جن ٻوليو ٻول ٻِيهار، ته الله، عيسٰى آهي اِهو، مريم پٽ مَهندار، ۽ عيسىٰ، ته چيو اُنهن کي، ته اي بني اسرئيل ڀار!، ته ٿيو هڪ الله جا، پوڄارِي پينار، مون ۽ اوهان جو، آھِ، سو پڌرو پالڻهار، ڌاريان ڌڻي پاڪ سان، جن ڀانيا ڀائيوار، هرگز مٿِن حرام ڪيو، جنت کي جبار، ۽ آگ اُنهن جو ماڳ ٿئـِي ۽ هاڃيڪارن هار، نه يار، نه مددگار، نه ڪِي وسيلا، واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
جن چيو ته الله ٽن مان ھڪڙو آھي سي بيشڪ ڪافرٿيا، حالانڪ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نه جھليندا ته منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً اهي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ٽن خدائن مان ٽيون آهي (يعني هڪ خدا، ٻيو خدا جو پٽ عيسيٰ ۽ ٽيون روح القدس آهي، ٽيئي خدائون آهن) حالانڪ هڪ معبود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ (ڏسجو) جيڪي ڪجهه هي چون ٿا تنهن کان جيڪڏهن هو باز نه ايندا ته پوءِ انهن مان جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو تن کي سخت دردناڪ عذاب پيش ايندو.(علامه علي خان ابڙو) تحقيق انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو الله تعالى ٽِن خدائن مان هڪ خدا آهي، ۽ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي مگر هڪ الله تعالى ، ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي عقيدي کان باز نه آيا ته ضرور جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن مان دردناڪ عذاب چکندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي ماڻهو چون ٿا ته خدا ٽن مان هڪ آهي، سي بيشڪ ڪافر ٿي ويا (ياد رکو ته) خدا واحد کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽ (خدا جي باري ۾) اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا جيڪڏهن باز نه آيا ته (سمجهي ڇڏين ته) جيڪي انهن مان ڪافر رهجي ويا انهن تي ضرور تمام سخت عذاب نازل ٿيندو.(سيد فرمان علي) البته تحقيق ڪفر ڪيو انهن جو چيائون ته بيشڪ الله ٽيون آهي ٽن ۾ ۽ ناهي ڪو به عبادت جو لائق هڪ الله کان سواءِ ۽ جيڪڏهن نه رڪجندا ان کان جو چون ٿا ته البته ضرور پهچندو انهن کي جو ڪفر ڪيائون انهن مان، عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته الله ٽن مان هڪڙو آهي. هوڏانهن هڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ۽ جيڪي اهي چون ٿا تنهن کان جيڪڏهن اهي باز نه ايندا ته انهن مان ڪافرن کي ضرور دردناڪ عذاب پهچندو. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهي ماڻهو ڪافر ٿي ويا جن چيو ته: ”الله ٽن (معبودن) مان ٽيون آهي“. حالانڪه ڪو به معبود نه آهي سواءِ هڪ معبود جي. ۽ جيڪڏهن انهن (ناشائسته ڳالهين) کان نه رُڪيا جيڪي چون ٿا ته انهن مان جن جن ڪفر ڪيو انهن کي ضرور دردناڪ سزا ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪٽا ڪافر اُو ٿيا، جن هي حرف چيا هيڪار، ته الله ٽِن مان ٽِيو، مُٿاهون مُختار، ۽ ڌڻي ڌوڙِي ناھِ ڪو، هيڪ ڌڻِي کان ڌار، ۽ جي توبه نه ڪيائون، تنهن ڪنان، جا تڙيل ڪن تنوار، ته لاشڪ لڳندو تن کي، جن اِنهن مان، ڪيو اِنڪار، آزاريل آزار، سورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
پوءِ الله ڏانھن ڇونه موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇونه گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن کي ڇا ٿي ويو آهي جو الله تعاليٰ ڏي نٿا موٽن ۽ کانئس بخشش نٿا گهرن؟ حالانڪه هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا پوءِ الله تعالى ڏانهن توبه تائب نٿا ٿين ۽ الله تعالى کان بخشش طلب نٿا ڪن حالانڪ الله تعالى بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هي ماڻهو خدا جي بارگاھ ۾ توبه ڇو نه ٿا ڪن ۽ ڇو نه پنهنجي (خطائن لاءِ) معافي گهرن ٿا هوڏانهن خدا ته (گهڻو) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ نه ٿا موٽن الله ڏانهن ۽ نه ٿا مغفرت گھرن ان کان ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇاپوءِ اهي الله ڏي نه ٿا موٽن ۽ ان کان معافي نه ٿا گهرن؟ هوڏانهن الله (گهڻو) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا پوءِ اهي الله ڏي نه ٿا موٽن! ۽ ان کان بخشش (نه ٿا) گهرن؟ حالانڪه الله بخشڻهار وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُٿلن، ڇو نه الله ڏي ۽ معافي گهرنسِ مور، ۽ ذات پاڪ ضرور، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
عيسىٰ پٽ مريم جو رڳو پيغمبر آھي، بيشڪ کانئس اڳ (گھڻا) پيغنبر گذري ويا، ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) ھئي، اُھي کاڄ کائيندا ھئا، (اي پيغمبر) ڏس ته ڪئن انھن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا موٽي ڏس ته اُھي ڪاڏي اُلٽا ڪيا ويندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) مريم جو پٽ مسيح هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ته هو الله جو هڪ رسول آهي. هن کان اڳي به ڪيترائي رسول ٿي گذريا ۽ سندس والده صديقه هئي. (يعني تمام سچي هئي) اهي ٻئي (سڀني انسانن وانگر) کائيندا پيئندا هئا، (تنهن ڪري ظاهر آهي ته هو انسان هئا نه خدا) ڏسو ته ڪيئن نه اسان انهن ماڻهن (عيسائين) لاءِ دليل چٽا ڪري ٿا ڇڏيون ۽ وري ڏسو ته اهي ماڻهو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦيرا کائي رهيا آهن، (جو اهڙي چٽي ڳالهه به نٿا سمجهن).(علامه علي خان ابڙو) ناهي عيسيٰ پٽ مريم جو مگر رسول، تحقيق ان کان اڳ رسول ٿي گذريا، عيسيٰ جي والده نهايت سچي آهي، عيسيٰ ۽ مريم طعام کائيندا هئا، توهان ڏسو ڪهڙي طرح اسين انهن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا تنهن کان پوءِ ڏسو ڪيئن ڦري وڃن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مريم جو پٽ مسيح ته فقط هڪ رسول آهي ۽ ان کان اڳ ۾ (ٻيا به) ڪيترائي رسول آيا. ۽ سندن ماءُ به (خدا جي سچي) فرمانبردار هئي ۽ اهي ٻئي (ٻين ماڻهن وانگر) کاڌو کائيندا هئا. (اي رسول!) ڏس ته اسان جا پنهنجا احڪام ڪئين نه کولي ڪري ٻڌايون ٿا وري ڏس ته (تنهن هوندي به) اهي ڪئين ابتا وڃن ٿا.(سيد فرمان علي) ناهي مسيح پُٽ مريم جو مگر (هڪ) رسول جو تحقيق گذريا اڳي ان کان رسول ۽ ماءُ ان جي صديقہ هئي کائيندا هئا کاڌو ڏس ته ڪيئن ٿا بيان ڪيون انهن جي لاءِ آيتون ان کان پوءِ ڏس ته ڪيڏانهن ٿا اونڌا ڪيا وڃن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مريم جو پٽ مسيح، رڳو رسول آهي. ان کان اڳ (گهڻا) رسول گذري ويا. ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) هئي. اهي ٻئي (ٻين ماڻهن وانگر) کاڌو کائيندا هئا. (اي پيغمبر!) ڏس ته ڪيئن انهن لاءِ دليل بيان ڪريون ٿا پوءِ ڏس ته ڪيئن اُبتا وڃن ٿا. (مولانا محمد مدني) مسيح پٽ مريم رسول ئي آهي (يعني نه الله نه الله جو پُٽ نه الله جو شريڪ آهي) پڪ سان ان کان اڳ به گھڻا رسول گذري چڪا آهن. ۽ ان جي ماءُ هڪ سچار (عورت) هئي. اهي ٻئي کاڌو کائيندا هئا. ڏس ڪيئن نه اسان انهن لاءِ کولي کولي آيتون بيان ڪيون ٿا وري ڏس ته اهي ڪيئن (حق کان) ڦريا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عيسٰى پٽ مريم جو، مٿي ناھِ مور، مگر مُرسل؛ جِھا، مرسل ڪَئين مشهور، وَڄائي وارا وِيا، ان کان اڳي اَهڳور، ۽ ماڻسِ سڳورِي سچِي؛ هُئا کيندا کاڄ ضرور، ڏِس ڪِيئن کوليون خوب طرح، مٿنِ اسين مذڪور، ورِي ڏس، ته سي وَهلور، ڪيڏانهن وڃن پئا ڪاهيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اُنھن جي عبادت ڇو ڪندا آھيو؟ جي اوھان لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جا مالڪ آھن، ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چيو ته، توهان خدا کي ڇڏي اهڙين هستين جي بندگي ڪيو ٿا ڇا، جي نڪي توهان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، نڪو ڪو فائدو ڏئي ٿا سگهن؟ ۽ فقط الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي. (علامه علي خان ابڙو) توهان فرمايو ڇا غيرالله (بتن وغيره) جي عبادت ڪريو ٿا،جيڪي توهان کي نفعو يا نقصان نٿا پهچائي سگھن، ۽ الله تعالى هميشه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) چوين ته ڇا اوهين الله کانسواءِ اهڙي شيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جا اوهان کي ڪنهن نفعي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نٿي رکي. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته ڇا عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ان جي جو نه ٿو مالڪ ٿئي اوهان لاءِ نقصان جو ۽ نه نفعي جو ۽ الله اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول!) چئو ته ڇا اوهين الله کانسواءِ اهڙيءَ شيءِ جي عبادت ڪريو ٿا جا اوهان کي ڪنهن نقصان ۽ نفعي پهچائڻ جو اختيار نه ٿي رکي. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) چؤ: ”ڇا الله کي ڇڏي ان جي عبادت ڪيو ٿا جيڪو توهان لاءِ نه ڪنهن نقصان جو مالڪ آهي نه نفعي جو. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئوڪِ پانڌيا!، پوڄيو اُنهن کي، الله ڌار؟ جيڪي جوکو نه ڏِينِيان، ۽ نه منجھن وَٽابو وار، ۽ سُڻندڙ اُهو ستار، پڻ سمجھندڙ سُبحانہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ انھيءَ قوم جي سڌن جي پٺيان نه لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ به) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (به) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ حقيقت جي خلاف حد کان ٻاهر نه وڃو ۽ انهيءَ ٽوليءَ جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو، جيڪي توهان کان اڳي گمراه ٿي چڪا آهن ۽ گهڻن ئي کي گمراه ڪري ڇڏيو اٿن ۽ حق جي سڌيءَ واٽ کان پري هٽي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو) توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا توهان ناحق پنهنجي دين ۾، حد کان نه وڌو ۽ نه تابعداري ڪريو ان قوم جي جيڪي گمراه ٿيا اڳ ۾ ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراه ڪيائون ۽ رسولِ عربيءَ جي آمد کان پوءِ به اسلام نه آندائون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تون چوين ته ڪتاب وارو! ناحق پنهنجي دين (جي ڳالھ) ۾ وڌاءُ نه ڪريو ۽ نه وري انهن (پنهنجن وڏن) جي نفساني خواهشن تي هلو جيڪي اڳي گمراھ ٿي چڪا ۽ (ٻين) گهڻن کي (به) گمراھ ڪري ويا ۽ سڌي رستي کان پري وڃي پيا.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته اي اهلِ ڪتاب! نه وڌاءُ ڪيو دين پنهنجي ۾ سواءِ حق جي ۽ نه تابع ٿيو سڌن اهڙيءَ قوم جي جا جو تحقيق گمراهه ٿيا اڳ ۾ ۽ گمراهه ڪيائون گھڻن کي ۽ گمراهه ٿيا سڌي واٽ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي نبيﷺ) چئو ته اي ڪتاب وارؤ! ناحق پنهنجي دين (جي ڳالهه) ۾ وڌاءُ نه ڪريو. ۽ اهڙيءَ قوم جي خواهشن جي تابعداري نه ڪريو جيڪي اڳي گمراهه ٿي چڪا ۽ (ٻين) گهڻن کي (به) گمراهه ڪري ويا ۽ سڌي رستي کان پري وڃي پيا. (مولانا محمد مدني) چؤ : ”اي ڪتاب وارؤ! اوهان پنهنجي دين ۾ ناحق وڌاءُ نه ڪيو ۽ اهڙي قوم جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو جيڪي پهريان پاڻ گمراهه ٿيا ۽ (پوءِ) ٻين گهڻن کي به گمراهه ڪيائون ۽ اهي سنئين واٽ کان ڀٽڪي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو اي اهل ڪتاب جا!، نه وَڌايو وَهلور، بنا دليل دين ۾، ذرو ڪو ضرور، ۽ نه لڳو ڪُوڙن تي، قوم جي، جي مُوڙها اَڳ مَغرور، ۽ گھڻن منجھايون مور، ۽ وِرسيا وِچٿرا واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي داؤد ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا.(علامه تاج محمود امروٽي) (جيئن ڏسو ته) بني اسرائيلن مان جيڪي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا هئا تن تي (پهريائين) حضرت دائود ۽ (پوءِ) حضرت عيسيٰ بن مريم پنهنجي زبان سان لعنت ڪئي هئي، ڇو ته هو (خدا جي) نافرماني ڪندا هئا ۽ حدن کان ٻاهر نڪري ويندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) لعنت ڪيا ويا بني اسرائيل مان، اُهي جن ڪفر ڪيو (حضرت) داؤد ۽ (حضرت) عيسيٰ بن مريم جي زبان سان اهو بدلو آهي سندن بي فرماني ۽ حد کان وڌڻ جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بني اسرائيلين مان جيڪي ماڻهو ڪافر هئا تن تي دائود ۽ مريم جي پٽ عيسى جي زبان سان لعنت ڪئي وئي آهي. اهو هن ڪري جو (هڪ ته) انهن نافرماني ڪئي ۽ (وري هر ڳالھ ۾) حد کان وڌي ويندا هئا.(سيد فرمان علي) لعنت ڪيا ويا ڪافر بني اسرائيلن مان داؤد جي زبان تي ۽ عيسى پٽ مريم جي (زبان تي) اهو هن جي ڪري جو بي فرمان ٿيا ۽ حد کان لنگھندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي دائود ۽ مريم جي پٽ عيسيٰ جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آهي. اهو هن ڪري جو انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد کان لنگهندا هئا. (مولانا محمد مدني) بني اسرائيل مان جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن تي دائود ۽ عيسى پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي وئي. اهو هن لاءِ جو انهن بي فرماني ڪئي ۽ اهي حدون اورانگهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسرائيل جي اولاد مان، ڪيو جن ڪُفران، دائود جي زبان تي؛ تن لڳِي لعنت لعان، پڻ عيسٰى پٽ مريم مُنهان؛ جو فائق جا فرمان، ڀڳــئون بي گمان، هلن ٻاهرحُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
جيڪي بد ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نه جھليندا ھوا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هو (هڪ ڀيرو) براين ۾ پئجي ويندا هئا ته وري باز نه ايندا هئا (ضدي هئا). بيشڪ اها وڏي خرابي هئي جا هو ڪندا هئا.(علامه علي خان ابڙو) خراب ڪم کان هڪ ٻئي کي نه روڪيندا هئا، تمام خراب ٿيو جيڪو عمل ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر بڇڙي ڪم کان جو به انهن ماڻهن ڪيو ته (وري) مڙندا ئي ڪو نه هئا (بلڪه نصيحت ڪرڻ هوندي به نه مڙندا هئا) جو ڪم اهي ڪندا هئا ڪهڙو نه بڇڙو هو.(سيد فرمان علي) نه روڪيندا هئا هڪ ٻئي کي ان بُرائي کان البته بُرو آهي اهو جو ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن به بڇڙي ڪم کي انهن ڪيو تنهن کان هڪ ٻئي کي نه روڪيندا هئا. جيڪي اهي ڪندا هئا سو ضرور بڇڙو آهي. (مولانا محمد مدني) اهي هڪ ٻئي کي ان بد ڪمن کان نه روڪيندا هئا جيڪي ڪم ڪيا هئائون. اُهي جيڪي ڪندا هئا سو نهايت برو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو بُرو ڪيائون، ڪم ڪو، تنهن کان، منع نه ڪنداهئا مور، جي ڪن ٿا فِعل فُجور، اُهي بلڪل آهن بُڇڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
(اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر) تون ڏسندين ته انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي ڪافرن (مشرڪ عربن) سان دوستي ۽ مددگاريءَ جو رستو رکن ٿا. ڪهڙي نه وڏي برائي هنن پنهنجي آئنده لاءِ تيار ڪئي جو مٿن خدا جو عذاب آيو ۽ هميشه ان عذاب ۾ رهڻ وارا آهن!(علامه علي خان ابڙو) توهان انهن مان گھڻا ڏسندا جيڪي ڪافرن سان دوستي رکن ٿا، يقيناً اهو بڇڙو ٿيو عمل جيڪو اڳتي پنهنجي لاءِ موڪليائون جو الله جو غضب انهن تي ٿيو ۽ عذاب ۾ اُهي هميشه هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تون انهن (يهودين) مان گهڻن ئي کي ڏسندين ته ڪافرن سان دوستي اٿن. جيڪي سندن نفسن پاڻ لاءِ اڳ ئي درست ڪيو آهي بيشڪ بڇڙو ڪم آهي، اهو هي ته (دنيا ۾ به) خدا هنن تي ڪاوڙيو ۽ (آخرت ۾ به) هميشه عذاب ۾ ئي رهندا.(سيد فرمان علي) ڏسندين گھڻن کي انهن مان دوستي رکن ٿا انهن سان جو ڪفر ڪيائون البته بُڇڙو آهي جيڪو اڳي ڪيو انهن لاءِ نفسن سندن هيءُ ته ناراض ٿيو الله انهن تي ۽ عذاب ۾ اهي هميشہ رهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسولﷺ!) تون انهن مان گهڻن کي ڏسين ٿو جي ڪافرن سان دوستي رکن ٿا. جيڪي سندن نفسن پاڻ لاءِ اڳي موڪليو سو بيشڪ بڇڙو آهي، اهو هيءُ ته الله مٿن ڪاوڙيو ۽ اهي عذاب ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني) تون انهن مان گهڻن کي ڏسندين ته ڪافرن سان دوستي رکن ٿا. ڪيڏو برو آهي جيڪو انهن پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليو جو الله انهن مٿان ڏمريو ۽ اُهي عذاب ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏسين جَجھاتن منجھان، ته جي ڦريا کون فرمان، سڄڻ سارينِ تن کي، جو سنباهِيو سامان، تِن جي تَنْ، تنِ لئي، سو بڇڙو بي گمان، هِي ته ڏاڍو ڏَمريو، مٿنِ ربُّ، رحمان، ۽ هميشه حيران، ساڪن سخت عذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا ته انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نه وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن هو الله تي ۽ (پنهنجي) نبي (موسيٰ) تي ۽ جيڪي مٿس نازل ٿيو (يعني تورات)تي ايمان رکندڙ هجن ها ته هو ڪڏهن به (مسلمانن جي خلاف) مشرڪن جا دوست ۽ مددگار نه بنجن ها. پر هنن مان گهڻا اهڙا آهن جي سچائيءَ جي حدن کان گهڻو پري نڪري ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن اهلِ ڪتاب الله تعالى ۽ رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ها ته مشرڪن کي دوست نه بنائن ها ۽ پر گھڻا انهن مان گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو الله ۽ رسول تي ۽ جيڪو مٿس نازل ڪيو ويو آهي ايمان رکن ها ته جيڪر (ڪافرن کي) دوست نه بڻائين ها. پر هنن مان گهڻا بدڪار آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن ايمان آڻين ها الله تي ۽ نبي تي ۽ ان تي جو لاٿو ويو ان ڏانهن ته نه بنائين ها انهن کي دوست ۽ پر گھڻا انهن مان بي فرمان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن اهي الله ۽ نبي ۽ جيڪي ان ڏي لاٿو ويو آهي تنهن تي ايمان رکن ها ته انهن (مشرڪن)کي دوست ڪري نه وٺن ها، پر گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جي ايمان آڻن ها الله تي ۽ نبي (محمد ﷺ) تي ۽ جيڪو (ڪتاب) ان تي نازل ڪيو ويو آهي (ان تي) ته انهن (ڪافرن) کي دوست نه بنائن ها ۽ پر انهن مان گهڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مڃين ربَّ رسول کي، پڻ جو اُتريو اُنهن پار، ته پڪ نه پڪڙيو اُنهن کي، ڪري يار، مددگار، پر بُڇڙا ۽ بدڪار، اڪثر آهن، اُنهن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
(اي پيغمبر) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تون مسلمانن سان دشمني ڪرڻ ۾ يهودين کي وڌيڪ سخت ڏسندين ۽ پڻ (عرب جي) مشرڪن کي ۽ مسلمانن سان دوستي رکڻ ۾ سڀني کان ويجهو انهن ماڻهن کي ڏسندين جي چون ٿا ته اسان عيسائي آهيون، هن ڪري جو هنن ۾ ڪي پادري آهن (جيڪي علم ۾ مشغول آهن) ۽ ڪي راهب (درويش) آهن (جي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول آهن) ۽ هن ڪري جو هنن ۾ هٺ وڏائي ڪانهي.(علامه علي خان ابڙو) ضرور توهان لهندا مسلمانن جا سخت دشمن يهودي ۽ مشرڪ ۽ ضرور توهان لهندا مسلمانن جي دوستي ۾ تمام ويجھا انهن ماڻهن کي جيڪي چون ٿا اسين نصاريٰ آهيون، اها دوستي انهي سببان آهي جو ڪي انهن ۾ ڄاڻو ۽ درويش آهن ۽ بيشڪ اهي تڪبر نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) تون ايمان وارن جو دشمن سڀني کان وڌيڪ يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين ۽ ايمان وارن جو دوست هجڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجهو ضرور انهن ماڻهن کي لهندين جيڪي پاڻ کي نصارى چون ٿا، ڇو ته تن (نصارن) مان بيشڪ ڪيترائي عالم ۽ عابد آهن ۽ هن ڪري ته اهي وڏائي نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي) البته ضرور لهندين وڌيڪ سخت ماڻهن مان دشمنيءَ جي لحاظ سان ايمان وارن جي لاءِ يهودين کي ۽ انهن کي جو مشرڪ ٿيا البته ضرور لهندين وڌيڪ ويجھو انهن جي دوستي ۾ انهن لاءِ جو ايمان آندائون انهن کي جو چيائون ته بيشڪ اسين نصارى آهيون اهو ان جي ڪري جو بيشڪ انهن مان عالم آهن ۽ راهب آهن ۽ بيشڪ اهي نه ٿا تڪبر ڪن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول !) يهودين ۽ مشرڪن کي ايمان وارن سان دشمني ڪرڻ ۾ ٻين ماڻهن کان ضرور زياده سخت ڏسندين. ۽ ايمان وارن سان محبت ڪرڻ ۾ ٻين (ماڻهن) کان انهن کي ضرور زياده ويجهو ڏسندين،جن چيو ته اسين نصاريٰ آهيون. اهو هن ڪري جو انهن مان عالم ۽ درويش آهن ۽ هن ڪري ته اهي وڏائي نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني) ضرور تون مؤمنن جو سڀني کان وڌيڪ سخت دشمنُ يهودين کي لهندين ۽ انهن کي جن شرڪ ڪيو (يعني يهودي ۽ مُشرڪ مسلمانن جا سخت دشمن رهندا) ۽ ضرور تون مؤمنن جي دوستي ۾ سڀني کان وڌيڪ ويجهو انهن کي لهندين جن چيو اسان نصارى آهيون. اهو هن ڪري جو انهن ۾ عالم ۽ الله لوڪ آهن ۽ بلاشڪ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهن منجھان، تن لئى، مڃيو جن مذڪور، ڏاڍا ڏِسندين وير ۾، يهودِي ضرور، ۽ ٻِئا، سي بي شعور، جن پرورسين پتيار ڪيا. ۽ جن مڃيو، اوڏا انهن کي، لَئون ۾ لهندين پاڻ، جن اُتو، ته نصارا آهيون، اِهوئي انهيء ڪاڻ، ته ڪي عابد، زاهد اُنهن ۾، ڪي سالڪ سُرت سُڄاڻ، ۽ ربَّ سان روح رِهاڻ، پڻ نه پَڏائـِن پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار ايمان آندوسين تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن اهي (عيسائي) اهو ڪلام ٻڌن ٿا جو الله جي رسول تي نازل ٿيو آهي، تڏهن توهان ڏسو ٿا ته هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا، ڇو ته هنن (هن ڪلام جي) سچائي سڃاتي آهي ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏين ٿا ته، اي خدا! اسان (هن ڪلام تي) ايمان آندو آهي. تنهن ڪري اسان جا نالا به انهن ماڻهن سان گڏ لکي ڇڏ. جي (تنهنجي سچائيءَ جي) شاهدي ڏيڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جڏهن اهي قرآن ڪريم ٻُڌن ٿا ته انهن جي اکين کي توهان ڏسندا ته لُڙڪن سان ڀرجي اچن ٿيون انهي سببان جو انهن قرآن ڪريم کي سڃاتو، چون ٿا اي اسان جا رب اسان ايمان آندو رسولِ عربي تي پوءِ تون اسان کي رسولِ عربي جي اُمت مان پاڻ وٽ لِک(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون ڏسين ٿو ته جڏهن اهي ماڻهو (قرآن) کي ٻڌن ٿا جو اسان جي رسول تي نازل ڪيو ويو آهي ته سندن اکين مان يڪدم ڳوڙها وهڻ لڳن ٿا ڇو ته هنن حق کي سڃاتو آهي (۽) عرض ڪن ٿا ته اي اسان جا خدا اسان ته ايمان آندو آهي سو تون (رسول) جي تصديق ڪرڻ وارن مان اسان کي به لکي ڇڏ.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن ٻڌن ٿا اهو جو نازل ڪيو ويو رسول ڏانهن ته ڏسندين اکين انهن جي کي پلٽجي وهن ٿيون هنجن سان هن ڪري جو سڃاتائون حق چون ٿا ته اي اسان جا رب! ايمان آندوسون پوءِ لک اسان کي شاهدي ڏيندڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي رسول ڏي لاٿو ويو آهي تنهن کي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن جيڪو حق سڃاتو اٿن تنهن جي ڪري تون سندن اکين کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسين ٿو. چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان ايمان آندو آهي سو تون اسان کي شاهد رهندڙن سان گڏ لک. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن اهي ان ڪلام (قرآن) کي ٻڌن ٿا جيڪو رسول (عربي ﷺ) ڏانهن لاٿو ويو آهي ته تون انهن جي اکين کي ڏسندين ڳوڙها ڳاڙن ٿيون هن ڪري جو انهن حق کي سڃاتو. چون ٿا ته: ”اي اسان جا مالڪ! اسان ايمان آندو پوءِ اسان کي (حق جي) شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻُڌائون مذڪور، جو نازل ٿيو نبيء تي، اکيون ٽِمن تن، آب سان، پئو ظاهر ڏِسين ضرور، جنهن سبب سُڃاتـئون سچ کي، چي مڃيون سون مور، پوءِ شاهدن منجھ شَڪور!، آگاه لک اسان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي به نه مڃيون جو اُميد ٿا رکون ته اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) گھيريندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (هو چون ٿا ته) اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان الله تي ۽ انهيءَ ڪلام تي جو سچائيءَ سان اسان وٽ آيو آهي، ايمان نه آڻيون ۽ پنهنجي پروردگار ۾ اها اميد نه رکون ته هو اسان کي صالح ماڻهن جماعت ۾ داخل ڪري ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان کي ڇا هي جو اسين الله تعالى ۽ قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيون ۽ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو رب اسان کي چڱن ماڻهن سان بهشت ۾ داخل فرمائيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسين، خدا ۽ جا حق سچ جي ڳالھ اسان ڏي اچي چڪي آهي ان تي ته ايمان نه آڻيون ۽ (وري) خدا کان اها اميد رکون ته اهو اسان کي نيڪ بندن سان گڏ (بهشت) ۾ موڪليندو.(سيد فرمان علي) ۽ ڇا هي اسان کي جو نه ايمان آڻيون الله تي ۽ (ان تي) جيڪو آيو اسان وٽ حق ۽ اميد رکون ٿا ته داخل ڪري اسان کي رب اسان جو صالحن جو قوم سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسين الله ۽ جيڪو حق (قرآن) اسان کي پهتو آهي تنهن تي ايمان نه آڻيون ۽ هيءَ اميد نه ڪريون ته اسان کي اسان جو پاليندڙ صالحن جي قوم سان گڏ (بهشت ۾ ) داخل ڪري. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان کي ڇا آهي؟ جو اسان الله تي ۽ جيڪو حق اسان وٽ پهتو آهي ان تي ايمان نه آڻيون. حالانڪه اسان اها اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان کي نيڪ ماڻهن ۾ داخل فرمائي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇا کـئون، نه اسين الله تي، آڻيون اعتبار، پڻ تِنهن صفاسچ تي، جو آيو اسان پار، ۽ اسين رکون ٿا آسرو، ته ڪري شل ڪلتار، داخِل دِل قرار، صالحن سندي ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ الله تعاليٰ هنن کي ائين چوڻ ۽ مڃڻ جي اجر ۾ (دائمي نعمتن جا) باغ عطا فرمايا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن جنتن ۾ رهندا اهوئي بدلو آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ مقرر ڪيل آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله تعالى سندن انهي چوڻ جي ڪري کين باغ عطا ڪيا جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي هميشه انهيءَ ۾ هوندا، ۽ اهو نيڪوڪارن جو بدلو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته خدا به سندن سچي دل سان عرض ڪرڻ ڪري کين اهي (ته سرسبز) باغ عطا ڪيا جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ (سچيءَ دل سان) نيڪي ڪرڻ وارن جو اهڙو ئي عيوض آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ بدلي ۾ ڏنا انهن کي الله ان جي ڪري جو چيائون بهشت، جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ ۽ اهو بدلو آهي نيڪن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪي چيائون تنهن جي ڪري الله کين بدلي ۾ اهڙا باغ ڏنا، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله انهن کي سندن ان ڳالهه سبب ثواب ۾ اهڙا باغَ ڏنا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اهو ئي نيڪوڪارن جو بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جيڪي چيؤن، ان جو، الله ڏننِ اجر، بَنگلا، باغ بهشت جا، جن هيٺان وَهن جر، ساڪِن اُن سُکن ۾، سدا سربسر، ۽ بَدلو اِهو بِهتر، سندو ڀال ڀلائيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جن ماڻهن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي (تڪبر ۽ حسد سببان) ڪوڙو ٺهرايو سي دوزخي آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله تعالى جي آيتن کي ڪُوڙو سمجھو اهي جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي ماڻهو دوزخي آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون آيتن اسان جن کي اهي جھنمي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سي دوزخي آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون ته اهي (ئي) جهنمي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦِريا ۽ اسان جو آيتون، ڪوٺيؤن ڪري ڪوڙ، هرگز اُهي هُوڙ، ڀاتِي آهن، باھ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي ايمان وارؤ جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نه بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، بيشڪ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! الله تعاليٰ جيڪي چڱيون شيون اوهان جي لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ (پاڻ کي روڪڻ ۾) حد کان ٻاهر نه وڃو. الله تعاليٰ انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! پاڪ شين کي حرام نه سمجھو اهي شيون جيڪي توهان لاءِ الله تعالى حلال فرمايون آهن ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى حد کان وڌندڙن سان محبت نٿو رکي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون الله اوهان تي حلال ڪيون آهن تن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ حد کان نه وڌو. ڇو ته حد کان وڌي وڃڻ وارن کي خدا ڪڏهن به دوست نٿو رکي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه حرام ڪيو پاڪ شيون جيڪي حلال ڪيون الله اوهان لاءِ ۽ نه حد کان لنگھو بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي حد کان لنگھدڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! اهي سٺيون شيون جيڪي الله اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن سي حرام نه ڪريو ۽ نڪي حد کان لنگهو. بيشڪ الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! (انهن) پاڪيزه شين کي حرام نه ڪيو جيڪي الله اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن ۽ حد نه اورانگهيو. بيشڪ الله حد اورانگهيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي وسهيا، جي وريام! چڱا چوکا چيزڪي، هادي جي حلال ڪيان، هرگز نه ڪريو حرام، ۽ لنگھيو ڪين لام کان؛ جيڪي لنگھيا لام، ته آگو ربُّ علام، دوست نه ڌاري تن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي مڃيندڙ آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان چڱيون ۽ حلال شيون بيشڪ کائو ۽ انهيءَ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کائو حلال پاڪ شيون جيڪي الله تعالى توهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ انهي الله تعالى کان ڊڄو جنهن تي توهان کي ايمان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي تنهن مان کائو ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي (ان جي نافرمانيءَ) کان پاسو ڪندا رهو.(سيد فرمان علي) ۽ کائو ان مان جو رزق ڏنو اوهان کي الله حلال پاڪ ۽ ڊڄو الله کان جنهن تي اوهان ايمان آڻيندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي تنهن مان کائو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو. (مولانا محمد مدني) ۽ کائو ان مان جيڪي حلال ۽ پاڪيزه شيون الله اوهان کي رزق بنائي ڏنيون آهن. ۽ الله کان ڊڄندا رهو جنهن مٿان اوهان ايمان رکو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کائو پاڪ، حلال سو، ڏِنان جو ڏتار، ۽ ڪنبو ڀر قهار، جنهن کي، مڃيندڙ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو ( ۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ اوهان کان انهن قسمن بابت پڇاڻو يا سختي نه ڪندو جي خالي بڪواس ۽ بي معنيٰ آهن، پر انهن بابت باز پرس ڪندو جي ڄاڻي ٻجهي کنيا اٿو، پوءِ (جيڪڏهن اهڙو قسم ٽوڙڻو پوي ته) ان جو ڪفارو (عيوضو) آهي ڏهن مسڪينن کي ماني کارائڻ درمياني ماني جهڙي پنهنجي ٻارن ٻچن کي کارايو ٿا، يا (ڏهن مسڪينن کي) ڪپڙا پهرائڻ يا هڪڙو غلام آزاد ڪرڻ ۽ جيڪڏهن (انهن ٽن مان) ڪابه حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ لاڳيتا ٽي ڏينهن روزا رکجن. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، جي توهان (ڄاڻي ٻجهي) کنيا آهن. پر توهان کي گهرجي ته پنهنجي قسمن جي پوري نگهباني ڪيو (جيئن ٽوڙڻا نه پون) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون اوهان جي لاءِ چٽيون ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته شڪرگذار رهو (۽ سندس هدايتن جو قدر ڪري انهن تي عمل ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو) توهان جي اجاين قَسمن کڻڻ جي ڪري الله توهان تي پڪڙ نٿو فرمائي ۽ پر پڪڙ فرمائي ٿو انهن قَسمن تي جيڪي توهان سوچي سمجھي کنيان آهن پوءِ اهڙي قَسم جي عيوض ڏهن مسڪينن کي درميانه قِسم جو طعام کارايو جيڪو توهان پنهنجي گھر وارن کي کارايو ٿا يا انهن کي ٽي ڪپڙا ڍڪايو يا ٻانهون آزاد ڪريو، پوءِ جيڪو مذڪوره شين کي نه لهي ته پوءِ ٽي ڏينهن روزا رکي، اهو عيوض توهان جن قَسمن جو آهي جڏهن پورا نٿا ڪريو، ۽ پنهنجن قَسمن جي حفاظت ڪريو، اهڙي طرح بيان فرمائي ٿو الله تعالى توهان لاءِ شريعت جا احڪام، ته من توهان شڪرگذار ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الله اوهان جي اجاين قسمن کڻڻ تي اوهان کي (خير) نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوهان پڪي نيت سان کنيا (۽ انهن کي نه پارڻ سبب) ته ضرور اوهان جي خبر وٺندو. (چڱو ٻڌو) ان جو جرمانو (هي آهي ته) اوهين جيڪو کاڌو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارائيندا هجو ان جو وچ ٿرو کاڌو ڏهن مسڪينن کي کارائڻ يا انهن کي ڪپڙا پهرائڻ يا هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي پوءِ جنهن کان اهي سڀ نه ٿي سگهن ته ٽن ڏينهن جا روزا رکن، جڏهن اوهين قسم کڻو (۽ ڀڃو ته پوءِ) اهو اوهان جي قسمن جو ڪفارو آهي. ۽ پنهنجن قسمن (جي پارڻ) جو خيال رکو. خدا پنهنجا حڪم اوهان لاءِ اهڙي طرح کولي بيان ڪري ٿو ته من اوهين شڪر ڪريو.(سيد فرمان علي) نه وٺندواوهان کي الله اجائي سان قسمن اوهان جن ۾ ۽ وٺندو اوهان کي ان سان جو پڪو ڪَيُوَ قسمن کي پوءِ ڪفارت ان جي کاڌو کارائڻ آهي ڏهن مسڪينن جو وچٿري کاڌي مان جيڪو کارايو ٿا پنهنجي اهل کي يا وڳا ڍڪائڻ انهن کي يا آزاد ڪرڻ ٻانهي جو پوءِ جنهن نه لڌو پوءِ روزو آهي ٽن ڏينهن جو اها ڪفارت آهي قسمن اوهان جن جي جڏهن قسم کنيُوَ ۽ حفاظت ڪيو قسمن پنهنجن جي اهڙي نموني بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ آيتون پنهنجون تانته اوهان شڪر ڪندا رهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اوهان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوهان کي نه ٿو پڪڙي پر جيڪي قسم اوهان پڪي نيت سان کنيا تن جي ڪري اوهان کي پڪڙيندو پوءِ ان جو ڪفارو ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي ان وچٿري کاڌي مان جيڪو اوهين پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارايو ٿا، يا انهن کي ڪپڙا ڍڪائڻا آهن يا هڪ ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي پوءِ جيڪو (اهي ٽيئي شيون) نه لهي ته (ان کي) ٽن ڏينهن جو روزو رکڻو آهي. جڏهن اوهين قسم کڻو (۽ ڀڃو ته پوءِ) اهو اوهان جي قسمن جو ڪفارو آهي. ۽ پنهنجن قسمن جي نگهباني ڪريو. اهڙيءَ طرح الله پنهنجون آيتون اوهان لاءِ بيان ڪري ٿو مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (مولانا محمد مدني) الله اوهان جي اجاين قَسمن ۾ اوهان جي پڪڙ نه ڪندو ۽ پر اوهان کي (انهن تي) پڪڙيندو جيڪي پڪي نيت سان اوهان قسم کنيا. (اگر قسم ڀڃي ڇڏيو ته) پوءِ ان جو ڪفارو ڏهه مسڪينن کي کارائڻ آهي اهڙو وچولو (کاڌو) جيڪو پنهنجي گهروارن کي کارايو ٿا. يا انهن (مسڪينن) کي ڪپڙا ڍڪائڻا آهن. يا هڪ ڪنڌُ (يعني غلامُ) آزادُ ڪرڻ آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو اهي (ٽئي شيون) نه لهي ته پوءِ ٽي ڏينهن جا روزا رکڻ آهي. اهو توهان جي قَسمن جو ڪفارو آهي جڏهن توهان قسم کڻي (وري ڀڃي) ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي قَسمن جي حفاظت ڪيو. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان شڪر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يااُنهن جِي اوڍڻِي، يا صحي ڇڏائن سِر، پوءِ جو نه پهتو اُن کي، ته روزا ٽي مُقرر، اِي ڪَفارت ان جِي، جڏهن کَنيان قسم قادر، پوءِ سُونهن اوهان جا سارِيو، بي سود سونهَنْ ۾، قادر وٺندان ڪين، پر پڪ پَڪڙِيندان اُن ۾، جي ٻَڌان ٻول يقين، پوءِ ڪَفارت تِنهن، قُوت ڏهن، مُقرر مِسڪين، پَنهنجي اَهل ۾ اَمين!، جو واپرايو وِچٿرو. آگو اوهان سر، پاڪ پروانا پنهنجا، پرور اِنهيء پر، کولي اُن خاطر، ته ڳايو، ڪي ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي ايمان وارؤ شراب ۽ جؤا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته مانَ ڇٽو.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! بيشڪ شراب، جوا، باطل ديوتائن جا نشان (مثلاً پٿر) ۽ تيرن سان فال وجهڻ يا قسمت آزمائي ڪرڻ اهي سڀ شيطاني عملن جي گندگي آهن، تنهن ڪري انهن کان پري ڀڄو انهيءَ لاءِ ته ڪامياب ٿيو.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! شراب ۽ جُوئا ۽ بُت ۽ ڍارا پليد شيطاني ڪم آهن پوءِ توهان انهن ڪمن کان پرهيز ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! شراب ۽ جوا ۽ بت ۽ ڍارا (ناپاڪ) بڇڙا شيطاني ڪم آهن. ۽ انهن کان پاسو ڪندا رهو ته جيئن ڪامياب ٿيو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! تحقيق شراب جُوا ۽ بت ۽ ڍارا پليد آهن ڪم شيطان جا، پوءِ بچندا رهو انهن کان تانته اوهان ڪامياب رهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا ۽ پوڄا جا آستانا ۽ ڍارا بڇڙا آهن، شيطان جي ڪمن مان، پوءِ انهن کان بچو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا۽ (پوڄا لاءِ) کڙا ڪيل بت ۽ ڍارا (قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ فال جا تير) ته صرف بڇڙا شيطاني ڪم آهن پوءِ انهن کان بچو ته جيئن اوهان ڪاميابي ماڻيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! ڄاڻو مورهين، ته نَشا، جوا ۽ ٿان، ۽ سوڻ ڳنڍڻ سڀ گندگِي، منجھان شر شيطان، تنهن کان ڀَڄو بي گمان، ته صحِي سوڀارا ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) شيطان ته اهوئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جوا جي وسيلي اوهان ۾ دشمني ۽ بغض پيدا ڪري ۽ اوهان کي خدا جي يادگيري ۽ نماز کان روڪي ڇڏي. پوءِ (ٻڌايو ته اهڙين بڇڙائين کان) باز ايندؤ يا نه؟(علامه علي خان ابڙو) شيطان چاهي ٿو ته توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي شراب پيئڻ جي ڪري ۽ جُوا رهڻ جي ڪري ۽ توهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي، ڇا پوءِ توهان (ان جي چوڻ تي) روڪبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) شيطان جي ته بس اها ئي مرضي آهي ته اوهان جي وچ ۾ شراب ۽ جوا سان ٻيائي ۽ دشمني وجهائي پڻ خدا جي ياد ڪرڻ ۽ نماز کان روڪي ته ڇا اوهين باز اچڻ وارا آهيو؟(سيد فرمان علي) تحقيق ارادو ٿو ڪري شيطان ته وجھي اوهان ۾ دشمني ۽ بغض شراب ۽ جُوا جي ڪري ۽ روڪي اوهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان پوءِ ڇا اوهان رڪجندڙ آهيو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) شيطان رڳو شراب ۽ جوا سان اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجهڻ گهري ٿو. ۽ اوهان کي الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز کان روڪي ٿو، ڇا پوءِ اوهين جهلجڻ وارا آهيو؟ ۽ الله جي تابعداري ڪريو (مولانا محمد مدني) شيطان ته صرف اهو ئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جُوا جي سبب اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجهي ۽ اوهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي. ڇا پوءِ اوهان (انهن ڪمن کان) رڪجڻ وارا آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شيطان گُھري، ته شراب سان، پڻ جُو اسان ضرور، وير وُروڌ اوهان ۾، وجھي، سو وَهلور، ۽ روڪِينِيان ربَّ جي ذِڪر کان، پڻ نماز مقرر کان مور، پوءِ ڪِيئن آهيو اهل شعور!، ان پَليدِي کان پَلجڻان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو، پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته (پڪ) ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو) الله جي فرمانبرداري (ضرور) ڪيو ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري به ڪيو ۽ بڇڙاين کان بچندا رهو، پوءِ جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) هٽي ويندؤ ته يقين ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر جو ڪم ته اهي فقط پيغام پهچائڻ (عمل ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي. جهڙا عمل ڪندؤ تهڙا نتيجا ڏسندؤ).(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪريو ۽ هوشيار ٿيو، پوءِ جيڪڏهن توهان ڦريا پوءِ توهان يقين ڪريو اسان جن پيغمبرن تي فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جو حڪم مڃو ۽ (نافرمانيءَ) کان ڊڄو. تنهن هوندي به جيڪڏهن اوهان (خدا جي حڪم کان) منهن ڦيريو ته پوءِ ياد رکو ته اسان جي رسول تي بس کولي پيغام ڏيڻ فرض آهي. (سيد فرمان علي) ۽ فرمانبرداري ڪيو الله جي ۽ فرمانبرداري ڪيو رسول جي ۽ ڊڄندا رهو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرايُوَ پوءِ يقين ڄاڻو ته رسول اسان جي تي صرف پهچائڻ چٽوآهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (الله جي) رسول جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو. پوءِ جيڪڏهن ڦرندو ته پوءِ ڄاڻو ته اسان جي رسول تي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (بي فرمانين کان) بچو، پوءِ جي توهان منهن موڙيو ته پڪ ڄاڻو اسان جي رسول مٿان صرف روشن پيغام پهچائڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، ۽ رکو خوف خيال، پوءِ، جي پُٺيرا ٿيا، ته سمجھو صفا ڳالھ، ته اصل ناھِ اسان جي، نبي سِرِ نِهال، ٻئو ڪو بار بحال، ري پُهچائڻ پَڌري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناہ نه آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن (حرام ٿيڻ جي حڪم کان اڳي) جيڪي (حرام شيون) کاڌيون تن بنسبت مٿن گناه ڪونهي، جڏهن ته هو (آئنده جي لاءِ) پرهيزگار ٿيا، ايمان آندائون ۽ صالح عمل ڪيائيون ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه کان کين روڪيو ويو ته روڪجي پيا ۽ (الله جي حڪم تي) ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون، پوءِ به پرهيز ڪندا رهيا ۽ چڱايون ڪيائون (پوءِ بيشڪ هو صالح عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ چڱايون ڪندڙن کي حب ٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) انهن ماڻهن تي گناه ناهي جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جيڪي انهن (شڪار مان) کاڌو جنهن وقت انهن خوف ڪيو ۽ ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ان کان پوءِ خوف ڪيائون ۽ ايمان آندائون ان کان پوءِ خوف ڪيائون ۽ نيڪي ڪيائون، ۽ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي کائي چڪا تنهن جو گناھ نه آهي، جڏهن (آينده لاءِ) ڊنا ۽ ايمان آندائون چڱا ڪم ڪيائون وري ڊڄندا رهيا ۽ يقين ڪيائون وري پرهيزگاري ڪيائون ۽ ڀلائي ڪيائون ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.(سيد فرمان علي) ناهي انهن تي جو ايمان آندائون ۽ ڪيائون سٺا ڪم گناھ ان ۾ جو کاڌائون جڏهن پرهيزگار ٿيا ۽ ايمان آندائون ۽ ڪيائون سٺا ڪم ان کان پوءِ پرهيزگار ٿيا ۽ ايمان آندائون تنهن کان پوءِ پرهيزگار ٿيا ۽ نيڪي ڪيائون ۽ الله محبت ٿو رکي نيڪن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي کائي چڪا تنهن جو گناهه نه آهي جڏهن (آئنده لاءِ) ڊنا ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائين وري ڊڄندا رهيا ۽ يقين ڪيائون، وري پرهيزگاري ڪيائون ۽ ڀلائي ڪيائون ۽ الله ڀلائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. (مولانا محمد مدني) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن تي ان جو ڪو گناهه ناهي جيڪو (حڪم نازل ٿيڻ کان اڳ) کائي چڪا جڏهن جو پرهيزگار ٿيا ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري ڊڄندا رهيا ۽ ايمان آندائون پوءِ وري به پرهيزگار ٿيا ۽ احسان ڪيائون. ۽ الله احسان ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن تي نه ڪو اِلزام جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تِنهن ۾ جو، طعام ملين، جڏهن تقوٰى ڪيون تمام، ۽ مڃيؤن ۽ چڱا ڪم ڪيؤن، موٽِي پڻ مدام، سِيل سلامت رکيؤن پڻ وِسهيا وريام، وري به سلامت سِيل رکيؤن ۽ احسان ڪيائون عام، ۽ آگو ربُّ علام، ڀانئي ڀَلو ڀَلائيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو ته الله نکيڙي ته ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! شڪار بابت جنهن (جانور) تائين توهان جا هٿ ۽ نيزا (هٿيار) پهچن، خدا ضرور اوهان جي (فرمانبرداريءَ جي) هڪ حد تائين آزمائش وٺندو، انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿئي ته ڪير الله تعاليٰ کان غائبانه ڊڄي ٿو (۽ جهنگلن ۽ ميدانن ۾ جتي ڪوبه انسان کيس ڪونه ٿو ڏسي ته به پنهنجو هٿ روڪي ٿو ۽ ڪير هٿ نٿو روڪي) پوءِ جيڪو به هن (حڪم ملڻ) کان پوءِ به حد کان ٻاهر ويندو تنهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو! ضرور توهان کي الله تعالى آزمائيندو اُن شڪار سان جنهنکي توهان جا هٿ ۽ نيزا پهچن ٿا. انهيءَ لاءِ ته پر پُٺ خوف ڪندڙ کي چٽو فرمائي پوءِ جيڪو ماڻهو حڪم اچڻ کان پوءِ حد کان وڌي پوءِ انهيءَ لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! الله اوهان کي شڪار جي هڪ ڳھ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا ته جيئن خدا ڏسي ته انکان ڏسڻ وائسڻ کانسواءِ ڪير ٿو ڊڄي پوءِ جيڪو ان کانپوءِ به زيادتي ڪندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! البته ضرور آزمائيندو اوهان کي الله ڪجھ قدر شڪار سان جو پهچندا ان کي هٿ اوهان جا ۽ نيزا اوهان جا تانته ڄاڻي الله ته ڪير ٿو ڊڄي ان کان اڻ ڏٺو پوءِ جيڪو زيادتي ڪندو ان کان پوءِ ته ان لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! الله اوهان کي شڪار جي هڪ ڳالهه سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين اوهان جا هٿ ۽ اوهان جا نيزا پهچن ٿا.هن لاءِ ته الله ان کي جدا ڪري جيڪو کانئس پر پٺ ڊڄي ٿو. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ حد کان لنگهندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! الله اوهان کي شڪار جي ڪنهن شيءِ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا هن لاءِ ته الله ان ماڻهو جي سُڃاڻ ڪرائي جيڪو ان کان پرپُٺ ڊڄي ٿو. پوءِ ان کان پوءِ جيڪو حد اورانگھيندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالڪ پَرکيندان مومنو!، ڪِي ڪُجھ منجھ شڪار، جنهن کي وٺنِ، هٿ اوهان جا، پڻ اوهان جا اوزار، تان جو پَرپُٺ ڊِڄي اُن کان، سَمجھي تِنهن ستار، تِنهن پُڄاڻا پوءِ ورِي، جو وِيو وِک ٻَهار، ته آهي اُنهيء هار، سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي ايمان وارؤ اوھين احرام (جي حالت) ۾ شڪار نه ڪريو، ۽ اوھان مان جنھن ڄاڻي واڻي ان کي ماريو پوءِ جيڪي ماريو اٿس تنھن جھڙو جانور جنھن لاءِ اوھان مان ٻه معتبر حُڪم ڪن سزا لازم آھي اھا قرباني ڪعبي وٽ پھچڻي آھي يا (سزا) مسڪينن جو کاڌو ڪفارت آھي يا ان جي برابر روزا رکي ھن لاءِ ته پنھنجي ڪم جي سزا چکي، جيڪي اڳي گذريو سو اَلله معاف ڪيو، ۽ جنھن موٽي ڪيو تنھن کان الله بدلو وٺندو، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! جڏهن توهان احرام جي حالت ۾ آهيو تڏهن شڪار جي جانور کي نه ماريو، ۽ جيڪو توهان مان ڄاڻي ٻجهي ماري وجهي تنهن کي گهرجي ته ان جو عيوضو ڏئي. (۽ اهو عيوضو هي آهي ته) جهڙو جانور ماريو اٿس ان جهڙو گهرو جانور (ٻڪري، ڍڳو ۽ اٺ وغيره) ڪعبي ۾ پهچائي قرباني ڪري ۽ ٻه انصاف ڪندڙ امين فيصلو ڪن ته ڪهڙو جانور قربان ڪيو وڃي، يا ڪفارو ڏئي (۽ اهو هي آهي ته) مسڪينن کي (اوتري قيمت وارو) طغام کارائي يا وري انهن مسڪينن جي عدد جيترا روزا رکي، انهيءِ لاءِ ته پنهنجي ڪئي جي جزا چکي. هن (حڪم) کان اڳي جيڪي ٿي چڪو سو الله تعاليٰ معاف ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪو (آئنده) وري ائين ڪندو تنهن کان الله تعاليٰ (سندس نافرمانيءَ جو) بدلو وٺندو ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي ڪمن ۾) قادر ۽ (هر عمل جو) بدلو وٺندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو نه ماريو توهان شڪار کي حالانڪ توهان احرام ۾ آهيو، ۽ جنهن ماڻهو توهان مان (احرام ۾) ڄاڻي واڻي شڪار ڪيو پوءِ اُن جي عيوض اُهڙو چؤپايو ڏئي توهان مان ٻه عادل ماڻهو اُن جو فيصلو ڪن اها قرباني حرم ۾ ذبح ڪئي وڃي يا اُن جي عيوض مسڪينن کي طعام کارائي يا ان جي برابر روزا رکي انهيءَ لاءِ ته بي فرمانيءَ جي سختي چکي، الله تعالى معاف فرمايو جيڪو ٿي گذريو، ۽ جيڪو احرام ۾ شڪار ڪري ٿو پوءِ الله ان کان بدلو وٺندو ۽ الله غالب انتقام وٺندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي نه ماريو ۽ جيڪو اوهان مان ان کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنهن تي ان ماريل جانور جهڙو بدلو چوپائي مال مان آهي جنهن جو اوهان مان ٻه انصاف وارو فيصلو ڪندا. ان کي نياز طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو يا (ان جي قيمت جو) ڪفارو ڪجھ مسڪينن جو کاڌو يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن هن لاءِ ته پنهنجي ڪيي جي سزا چکي جيڪي ٿي چڪو تنهن کي ته خدا درگذر ڪيو ۽ وري جيڪو اهڙي حرڪت ڪندو ته کيس خدا ان جي سزا ڏيندو. خدا تمام سخت بدلو وٺڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه ڪهو شڪار کي حالانڪ اوهان احرام وارا آهيو ۽ جيڪو ڪهندو ان کي اوهان مان ڄاڻي واڻي پوءِ (ان تي) بدلو آهي ان جھڙو جو ڪٺائين چوپاين مان فيصلو ڪندا ان جو ٻه عدل وارا اوهان مان قرباني جيڪا پهچندڙ آهي ڪعبہ ۾ يا ڪفارت آهي کاڌو مسڪينن جو يا برابر ان جي روزا تانته چکي سزا ڪم پنهنجي جي معاف ڪيو الله اهو جو اڳ ۾ ٿيو ۽ جيڪو ورائي ڪندو پوءِ بدلو وٺندو الله ان کان ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! اوهين احرام جي حالت ۾ شڪار کي نه ماريو (يعني شڪار نه ڪريو) ۽ جيڪو اوهان مان ان کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنهن تي ان ماريل جانور جهڙو بدلو چوپائي مال مان آهي جنهن جو اوهان مان ٻه انصاف وارا فيصلو ڪندا، ان کي نياز طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو يا (ان تي) ڪفارو ڪجهه مسڪينن جو کاڌو يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن، هن لاءِ ته پنهنجي ڪم جي سزا چکي. جو ڪجهه گذري چڪو سو الله معاف ڪيو ۽ جيڪو موٽي ڪندو تنهن کان الله بدلو وٺندو(مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! (وحشي) شڪار کي قتل نه ڪيو جڏهن اوهان احرام جي حالت ۾ هجو. ۽ اوهان مان جنهن به ان کي ڄاڻي واڻي ماريو ته ان جو بدلو جانورن مان ان (جانور) جي برابر آهي جنهن کي ماريائين جنهنجو فيصلو اوهان مان ٻه انصاف وارا ڪن ان کي هديه طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو. يا ان جو ڪفارو ڪجهه مسڪينن جو کاڌو آهي. يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن تان جو اُهو پنهنجي ڪئي جي سزا چکي. جو ڪجهه گذري چڪو الله اهو معاف ڪيو. ۽ جيڪو دوبارو ائين ڪندو ته پوءِ الله ان کان بدلو وٺندو. ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن آندو اعتبار!، ڪُهو ڪين شڪار کي، آهيو جڏهن اِحرام ۾؛ پوءِ ڪُٺو جنهن شڪار، ڄاڻي ٻُجھي اوهان مان، ته بدلو مٿسِ بار، اُن جھڙو جانورن مان؛ ڪندا اِهو آچار، ٻه ايماندار اوهان مان؛ قُربانيءَ ڪعبي پار، پُهچندڙ؛ يا بي پُهچ جو؛ قُوت ڪفارت سار، يا روزو عيوض اُن جو؛ اِهو اِن آڌار، ته چَکي سندسِ چُوڪ جو، بدلو برقرار، بخشيسِ بَخشڻهار، جيڪِي وَهيو واپريو. جو موٽيو، ته مالڪ اُن سان، پوءِ پاڙِيندو پار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ پاڙو جَھاڙ پارڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) اوهان جي لاءِ درياهه ۽ سمنڊ جو شڪار ۽ کائڻ جون شيون (جي بنا شڪار جي هٿ اچن مثلاً مڇي، جا پاڻيءَ مان نڪري آيل هجي احرام جي حالت ۾ به) حلال آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان کي به فائدو پهچي ۽ قافلو به فائدو وٺي. پر خشڪيءَ جو شڪار تيستائين توهان جي لاءِ حرام آهي جيستائين احرام جي حالت ۾ آهيو. پوءِ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ڇو ته (آخر) انهيءَ ڏانهن اوهان کي جمع ڪري آندو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) توهان لاءِ حلال ڪيو ويو سمنڊ جو شڪار (فقط مڇي) ۽ انهيءَ جو کائڻ توهان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ، ۽ حرام ڪيو ويو توهان تي خشڪي جو شڪار جيستائين توهان احرام ۾ آهيو، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو انهي ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) دريا جو شڪار ۽ ان جو کاڌو اوهان ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن پر خشڪي جو شڪار احرام جي حالت ۾ اوهان تي حرام ڪيو ويو آهي. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو جنهن ڏي اوهين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ويندو.(سيد فرمان علي) حلال ڪيو ويو اوهان جي لاءِ شڪار سمنڊ جو ۽ کاڌو ان جو اوهان جي فائدي لاءِ ۽ سير ڪندڙن جي لاءِ ۽ حرام ڪيو ويو اوهان تي شڪار پٽ وارو جيستائين آهيو احرام وارا ۽ ڊڄو الله کان جو ان ڏانهن اٿاريا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي. درياءَ جو شڪار ۽ ان جو کاڌو اوهان ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن. ۽ جيستائين اوهين احرام ۾ رهو تيستائين اوهان تي خشڪيءَ جو شڪار حرام ڪيو ويو آهي. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏي اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) توهان لاءِ درياء جو شڪار ۽ ان جو کائڻ حلال ڪيو ويو آهي ۽ اهو اوهان (رهائشِيُن) ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ آهي، ۽ خشڪي جو شڪار اوهان لاءِ حرام ڪيو ويو آهي جيستائين اوهان احرام جي حالت ۾ آهيو. ۽ الله کان ڊڄندا رهو جنهن ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حلال اوهان نال ٿيو، درياءَ جو شڪار، پڻ طعام تيار اُن جو، نفعو اِهو نروار، آهي اوهان هار، پڻ قافلي قطار لئي.۽ اوهان تي اِحرام ۾، بَر جو شڪار بند، ۽ رکو خوف خداوند، جنهن ڏي، مِڙئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله تعظيم واري گھر ڪعبه تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قرباني ۽ قلائد کي ماڻھن لاءِ بيھڪ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) ته اوھين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ ڪعبي کي جو حرمت جو گهر آهي ماڻهن جي لاءِ (امن امان ۽ گڏ ٿيڻ کي) قائم رکڻ جو وسيلو ٺهرايو آهي، پڻ حرمت جي مهينن کي ۽ (حج جي) قرباني کي ۽ (قربانيءَ جي) انهن جانورن کي جن جي ڳچين ۾ (نشاني طور) ڪنڍيون وجهندا آهن (سو ڪعبي جي حرمت قائم رکو ۽ ڪعبي متعلق سڀني رسمن ۽ آدابن جي به حرمت قائم رکو) هي (سڀ) انهيءَ لاءِ آهي ته توهان کي معلوم ٿئي ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ جو حال الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ هر هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى ڪعبه شريف کي ماڻهن لاءِ، دين ۽ دنيا جي بهتريءَ جو ذريعو ڪيو آهي ۽ حج وارن مهينن کي ۽ قرباني کي ۽ نشان ڏنل قرباني جي جانورن کي، اهو انهي لاءِ ته توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله ڄاڻي ٿوجيڪو ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي ۽ بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا جي ڪعبي کي جو سندس عزت وارو گهر آهي ۽ عزت وارن مهينن ۽ قرباني کي ۽ ان جانور کي جنهن جي ڳچي ۾ قرباني لاءِ پٽو ٻڌل هجو. ماڻهن جي امن قائم رکڻ جو سبب ڪيو، اهو هن ڪري ته اوهان کي معلوم ٿئي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ هي به (سمجهو ته) بيشڪ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي.(سيد فرمان علي) بڻايو الله ڪعبي کي گھر عزت وارو، قائم رهڻ جو سبب ماڻهن جي لاءِ ۽ مهينو عزت وارو ۽ قرباني ۽ پٽي ٻڌل جانور اهو ان لاءِ تانته ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو جو آسمانن ۾ آهي ۽ جو زمين ۾ آهي ۽ بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله ڪعبي کي جو عزت وارو گهر آهي، ماڻهن جي انتظام جو سبب ڪيو آهي ۽ عزت وارن مهينن ۽ (ڪعبي جي) قرباني واري جانور ۽ ڳچيءَ ۾ پٽي ٻڌل جانورن کي به (ماڻهن جي انتظام جو سبب ڪيو آهي.) اهو هن لاءِ ته اوهين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ هي به (ڄاڻو) ته الله سڀڪنهن شيءِکي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) عزت واري گهر ڪعبي کي الله ماڻهن جي قيام جو ذريعو بنايو آهي ۽ عزت واري مهيني کي ۽ ڪعبي جي قرباني کي ۽ ڳچيءَ ۾ نشاني طور پٽي ٻڌل جانورن کي به (عزت وارو بنايو آهي) اهو هن لاءِ ته اوهان ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪعبي کي ڪلتار، بلڪل ڀلو گَھر ڪيو، اِنسانن جي انتظام لئي، ٻَڌي لئي ٻيهار، ۽ پاڪ مهينو، مَهديون، ۽ ڳانا ڳچِيء هار، اِن لئي، ته اوهان کي پوي، سڀڪا سماچار، ته جيڪي اڀن، زمين ۾، سمجھي سڀ ستار، ۽ سائين سَمجهدار، حال هر ڪنهن ٽول جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھيءبه ته) الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (يقين سان) ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي، ۽ (ان سان گڏ) بخشيندڙ ۽ رحمت وارو به آهي.(علامه علي خان ابڙو) توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ ۽ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي ۽ هي (به) ته خدا گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي ۽ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ڄاڻي وٺو ته بلاشڪ الله سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي ۽ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سمجھ ته ربُّ ستار، آهي سزا ڏيڻ ۾ سخت گھڻو، بارِي بخشڻهار، پڻ مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
پيغمبر تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو (سو سڀ) الله ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خدا جي رسول جي ذمي فقط هيءَ ڳالهه آهي ته هو (سندس) پيغام (ماڻهن کي) پهچائي. (عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي) ۽ جيڪي توهان کليو کلايو ڪيو ٿا يا لڪي لڪي ڪيو ٿا سو سڀ خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربيءَ جي ذميداري فقط پيغام پهچائڻ آهي. ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اسان جي) رسول تي پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ (فرض) نه آهي ۽ اوهين جو ڪجھ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا يا جيڪي لڪ ڇپ ۾ ڪيو ٿا خدا سڀ ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) ناهي رسول تي مگر پيغام پهچائڻ ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر ٿا ڪيو ۽ جيڪي لڪايو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) رسول تي رڳو پيغام پهچائڻ آهي. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني) پيغمبر تي ته رڳو پيغام پهچائڻ آهي. ۽ الله سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ري پهچائڻ، پيغمبر تي، بلڪل نه ٻيو بار، ۽ سمجھي ربُّ، ستار، جو کوليو، ڪِ لِڪايو لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
(اي پيغمبر) چؤ ته پليت ۽ پاڪ برابر نه آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي توکي زيادہ وڻي، پوءِ اي ڌيان وارؤ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، پاڪ شيون ۽ گنديون شيون هڪٻئي جي برابر ٿي نه ٿيون سگهن اگرچه اوهان کي گندي شيء جو گهڻو هئڻ پسند اچي. پوءِ اي سمجهه وارؤ! الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ ته (نقصان ۽ تباهيءَ جي بدران) ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) اي حبيب ! توهان فرمايو برابر نٿا ٿين پليد ۽ پاڪ ۽ جيتوڻيڪ توهان کي حيرت ۾ وجھي پليد جي گھڻائي، پوءِ الله تعالى کان خوف ڪريو اي عقلمندو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول!) چوين ته ناپاڪ (حرام) ۽ پاڪ (حلال) برابر نٿا ٿي سگهن. جيتوڻيڪ پليت جي گهڻائي اوهان کي سٺي ڇو نه لڳي. اي عقل وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهين ڪامياب ٿيو.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته نه ٿو برابر ٿئي پليد ۽ پاڪ جيتوڻيڪ پسند اچي توکي گھڻائي پليد جي پوءِ ڊڄو الله کان اي سمجھدارؤ! تانته اوهان ڪامياب ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول) چئو ته پليت ۽ پاڪ برابر نه آهن جيتوڻيڪ پليت جي گهڻائي توکي وڻي. پوءِ اي عقل وارؤ! الله کان ڊڄو. مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (مولانا محمد مدني) چؤ ته : ناپاڪ ۽ پاڪ (پاڻ ۾) برابر ناهن. توڙي جو توکي ناپاڪن جي گهڻائي سُٺي لڳي. پوءِ الله جي بي فرماني کان بچندا رهو اي عقل وارؤ تان ته توهان ڪامياب ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو پليد، پاڪ پاڻ ۾، مَٽ نه ٿينِ مور، ۽ توڻي واڌ پليد جِي، هر کايئـِي حُضور!، ڊِڄو اهل شُعور، ربَّ کان، ته راحت ماڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي ايمان وارؤ انھن شين بابت سوال نه ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي ته اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو ته اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مؤمنو! (اجايا ۽ اونها خيال پچائي) انهن شين بابت سوال نه پڇو جي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائجن ته توهان کي تڪليف ٿئي، جيڪڏهن انهن شين بابت سوال پڇو جن بابت جڏهن قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته پوءِ توهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ويندو (پر توهان جي لاءِ چڱو نه ٿيندو هاڻي ته) الله تعاليٰ (اهو قصور) معاف ڪيو آهي (پر آئنده خيال رکو) ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ بردبار آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو رسولِ عربي کان انهن شين بابت سوال نه پڇو جو جيڪڏهن توهان لاءِ ظاهر ڪيون وڃن ها ته توهان کي ڏکيون لڳن ها ۽ جيڪڏهن توهان سوال ڪريو ٿا انهن شين بابت جڏهن قرآن ڪريم نازل ٿئي ٿو ته ظاهر ڪيون وينديون توهان لاءِ، الله تعالى توهان جا سوال ڪرڻ معاف فرمايا ۽ الله تعالى بخشيندڙ بردبار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! اهڙين شين جي متعلق (رسول کان) نه پڇو جن کي جيڪڏهن اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيو وڃي ته اوهان کي بڇڙيون لڳن. ۽ انهن بابت جڏهن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت پڇندو ته اهي اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيون وينديون. (پر توهان کي نه وڻندو جيڪي سوال اوهان ڪيا آهن) خدا انهن کان درگذر ڪيو ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ بردبار آهي.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! نه پڇا ڪندا ڪيو اهڙين شين جي باري ۾ جو جيڪڏهن ظاهر ڪيون وڃن اوهان جي لاءِ ته بريون لڳن اوهان کي ۽ جيڪڏهن سوال ڪندؤ انهن جي باري ۾ ان وقت جو نازل ڪيو وڃي ٿو قرآن ته ظاهر ڪيون وينديون اوهان جي لاءِ معاف ڪيو الله ان کان ۽ الله بخشيندڙ، بردبار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! اهڙيون ڳالهيون نه پڇو جن کي جيڪڏهن اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيو وڃي ته اوهان کي بڇڙيون لڳن. ۽ انهن بابت جيڪڏهن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت پڇندؤ ته اهي اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيون وينديون. الله (اوهان کي) اهو گناهه معاف ڪيو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ بردبار آهي. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! اهڙين شين جي باري ۾ نه پڇو جيڪي اگر اوهان لاءِ ظاهر ٿين ته اوهان کي خراب لڳن، ۽ جي انهن جي باري ۾ ان وقت پڇندؤ جنهن وقت قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته (اُهي) اوهان لاءِ ظاهر ڪيون وينديون. الله ان کان (جي سوال ٿي چڪا) معاف ڪيو آهي ۽ الله بخشڻهار بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، سي پُڇوم، تن ٽولن جو، ته ڌاڍو لڳـنيان ڏُ کيو، جي کُلن اوهان تي خان!، ۽ جي پُڇندا اوهين اُنهن جو، جڏهن لهي پيو قُرآن، ته کُلنديون اوهان تي، خوب سي؛ پوءِ مَرهيان ربُّ منان، ۽ مالڪ مِهربان، پڻ خاوند کانڌِيرو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر) سمجھائڻ تي وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي) اوهان کان اڳي هڪڙي قوم (بني اسرائيل) اهڙا سوال پڇيا هئا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو هو (خدا جي حڪمن جا ئي) منڪر ٿي پيا.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهڙين شين بابت اڳين قومن به سوال پڇيا انهي کان پوءِ اهي سوالن سببان ڦِري ٿيا ڪافرن مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تو کان اڳ ۾ به ماڻهن اهڙيون ڳالهيون (پنهنجي پنهنجي زماني جي پيغمبرن کان) پڇيون هيون پوءِ (جڏهن تحمل ڪري نه سگهيا ته وري) ان جا انڪاري ٿي ويا.(سيد فرمان علي) تحقيق پڇيو هو ان جي لاءِ هڪ قوم اوهان کان اڳي تنهن کان پوءِ ٿي پيا انهن جا انڪار ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان کان اڳي هڪ قوم اهڙيون ڳالهيون پڇيون، وري اهي انهن کان منڪر ٿي ويا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اوهان کان اڳ هڪ قوم اهڙين ڳالهين بابت پڇيو هيو (جڏهن بيان ٿيون ته) پوءِ ان جا انڪاري ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کان اڳي، قوم ڪنهن، ساڳي ڪيو سوال، پوءِ پره سان پيمال، ٿيا اِنڪارِي، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله نڪي بحيرہ ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مُقرّر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن.(علامه تاج محمود امروٽي) بحيره ۽ سائبه ۽ وصيله ۽ حام مان ڪابه ڳالهه خدا ڪا نه ٺهرائي آهي، پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي تن الله تي ڪوڙ هڻي ٺهرايون آهن. ۽ انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي بلڪل بي سمجهه آهن.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى قطعاً حرام نه ڪئي ڪَن چيريل ڏاچي ۽ نه ميدان ۾ کليل ڏاچي ۽ نه ٻه ڦر ڏيندڙ رڍ ۽ نه سانهه اٺ کي. پر اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو اهي الله تعالى تي ڪُوڙ مڙهين ٿا، (انهن حلال جانورن کي حرام سمجھن ٿا) ۽ انهن مان گھڻا نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا نڪي بحيرا (ڪن ڦاٽل ڏاچي) مقرر ڪئي آهي نڪي سائبه (سان) نڪي وصيله (جڙوان ٻچا) نڪي ”هام“ (پوڙهو سان) پر ڪافر خدا تي اجايو بيجا ڪوڙ بهتان ٿا ٻڌن، انهن مان گهڻا نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي) نه ڪئي آهي الله ڪا بحيره ۽ نه ڪا سائبہ ۽ نه ڪا وصيلہ ۽ نه ڪو حام ۽ پر اهي جو ڪفر ڪيائون ٺاهي ٿا هڻن الله تي ڪوڙ ۽ اڪثر انهن مان نه ٿا سمجھ رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله نڪي بحيرة ۽ نيڪي سائبة ۽ نڪي وصيله ۽ نڪي حام (ٺهرائڻ) جو حڪم ڪيو آهي پر ڪافر الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا، ۽ انهن مان گهڻن کي عقل نه آهي. (مولانا محمد مدني) الله نه بحيره (يعني ڏهه دفعا ڦَــرُ ڏيڻ واري ڏاچِي) نه سائبه (يعني پنج دفعا ڦَرُ ڏيڻ واري ڏاچي) ۽ نه وصيلة (يعني هڪ ئي دفعي نر ۾ مادي سان ڦرجڻ واري ٻڪري) ۽ نه حام (يعني اهو نَــرُ اُٺُ جنهن ڏهن ڏاچين کي ڦريو هجي انهن جانورن ) کي (شرعي طور حُرمت وارو) مقرر ڪيو آهي (جيئن جاهل پنهنجي وهمن ۾ سمجھن ٿا) ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻَـــڌن ٿا. ۽ انهن مان گهڻا عقل نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالڪ مقرر ڪين ڪيون، ڪن چِيريل ۽ مِهريون مور، نه وارا اُٺ وهڻ جا، ۽ نه جاڙا جوڙا تُور، پر ٻَڌن ڪوڙ ڪريم تي، وِرسيا جي وهلور، ۽ پوري رِيت پروڙ، اڪثر نه رکن، انهن منجھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن ته جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان کي بس آھي، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ نه ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ڳالهه تي اچو جا خدا نازل ڪئي آهي ۽ پڻ الله جي رسول طرف رجوع ڪيو تڏهن هو چون ٿا ته اسان جي لاءِ ته اهو طريقو ڪافي آهي، جنهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا علم کان محروم هئا ۽ سڌيءَ واٽ تي هلندڙ نه هئا (تڏهن به اوهان انهن جي انڌي تقليد ڪندا رهندا ڇا؟)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو توهان اچو الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي حڪمن طرف، چون ٿا اسان لاءِ اهو دين ڪافي آهي جنهن تي اسان جا پيءُ ڏاڏا هئا، ڇا جيتوڻيڪ انهن جا پيءُ ڏاڏا نٿا ڄاڻن ته هي هدايت وارا نه ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ۽ اهو جيڪي چوي سو ٻڌو ۽ مڃو. چون ٿا ته اسان جنهن (رنگ) ۾ پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي ڏٺو اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي.ڇا (اهي ماڻهو لڪير جا فقير ٿي رهندا؟) جيتوڻيڪ سندن پي ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هئا ۽ نڪي هدايت حاصل ڪيل هين.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته اچو ان ڏانهن جو نازل ڪيو الله، ۽ رسول ڏانهن ته چيائون ڪافي آهي اسان جي لاءِ اهو جو لڌوسون ان تي پيئرن پنهنجن کي توڙي جو هجن پيئر انهن جا نه ڄاڻندا ڪجھ به ۽ نه ٿا هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو آهي تنهن ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته چون ٿا ته جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو سو اسان لاءِ ڪافي آهي. ڇا (انهن جي پٺيان هلندا) جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هئا (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته: ”اچو ان (قرآن) ڏانهن جيڪو الله لاٿو آهي ۽ رسول (ﷺ) ڏانهن“! ته چون ٿا ته: ”اسان لاءِ اهو (طريقو) ڪافي آهي جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. ڇا جيتوڻيڪ انهن جا ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن ۽ نه هدايت تي هجن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چئجي انهن کي، ته اچو اُنهيء پار، الله، جو اُتاريو، ۽ مُرسل ڏي، مختيار، چي، جنهن پَرتي، لڌاسون، پنهنجا، پِيء، وڏا وِينجھار، اُهو بس اسان لئي؛ توڻي پِڻنِ سُڌ، نه سار، ۽ نه واريان وَرِن ڪنهن وار، سِڌِي سنواٽِي واٽ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي مؤمنؤ اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي ضرر نه رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن اوھان مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! (ياد رکو) توهان تي فقط پنهنجي جان جي ذميواري آهي. (نڪي توهان ٻين جي ڪمن جا ذميوار آهيو نڪي ٻيا اوهان جي ڪمن جا) جيڪڏهن اوهان پاڻ سڌي رستي تي قائم رهندؤ ته ڪنهن ٻئي جو گمراه هجڻ اوهان کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندو (۽ آخر) اوهان سڀني کي الله ئي جي طرف موٽڻو آهي ۽ (انهيءَ ڏينهن) هو اوهان کي ٻڌائيندو ته اوهان ڪهڙ ڪهڙا ڪم (هن دنيا ۾) ڪيا.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو توهان جي مٿان پنهنجين جانين جو اصلاح ڪرڻو آهي، نٿو نقصان ڏئي توهان کي ڪنهنجو گمراه ٿيڻ جڏهن توهان هدايت وارا آهيو، الله تعالى ڏانهن توهان سڀني جو موٽڻ آهي پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي ضرور خبر ڏيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! توهين پنهنجي خبر وٺو جڏهن اوهين سڌي واٽ تي آهيو ته ڪير به گمراھ ٿي اوهان کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿو سگهي. اوهان سڀني کي الله ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن (اتي نيڪ بد) جيڪي (دنيا ۾) ڪندا هئا اوهان کي خبر ڏيندو.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ لازم ڪري وٺو پنھنجن جانين جي (فڪر) کي ۽ نه نقصان ڏي اوھان کي اھو جو گمراھ ٿيو جڏھن ھدايت وارا ٿيئو- الله ڏانھن آھي موٽڻ اوھان مڙني جو پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا ھيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نڪي رستي تي هئا. اي ايمان واؤ! اوهين پنهنجي نفس جي ڪريو، جيڪڏهن اوهين رستي تي ايندؤ ته جيڪو گمراهه ٿيو سو اوهان کي (ڪجهه به) نقصان نه پهچائيندو. اوهان سڀني کي الله ڏي ئي موٽڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! اوهان تي پنهنجي سرن جو سانگو ڪرڻ لازم آهي، جيڪو گمراهه ٿي ويو اهو توهان کي ڪو نقصان نه ڏيندو جيڪڏهن اوهان هدايت وارا ٿي ويا. توهان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن آهي پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو توهان جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جن مڃيو! اوهان تي، اوهان جو بار، جو ويو وڃڻ کي، واٽ کان، سو وِنگو نه ڪندان وار، هوندا پورا پاڻ اوهين، واٽ مٿي، جنهن وار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، آهي، پرور پار، پوءِ ڪريو، جي ڪم ڪار، تِنهنجون، کولي ڏِيندان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان مان ڪنھن کي موت ويجھو ٿئي ته وصيّت ڪرڻ مھل ٻه معتبر وصّي ڪريو جي اوھان (مسلمانن) مان ھجن يا اوھان کانسواءِ ٻيا (يعني غيرقوم جا) ھجن (ھي تڏھن) جيڪڏھن اوھين مُلڪ ۾ مسافر ھجو پوءِ اوھان کي موت جو واقعو پُھچي، جيڪڏھن (اوھين سندن گواھي ڏيڻ ۾ ڪو) شڪ رکو ٿا ته (وچينءَ) نماز کانپوءِ اوھين ٻنھي کي جھليو پوءِ اُھي (ٻئي) الله جو قسم کڻي چون ته توڻيڪ مائٽ ھوندا ته به اسين قسم جي عوض ڪا بھا نه وٺنداسون ۽ نڪي الله جي (حڪم واري) شاھدي لڪائينداسون (جي لڪائي سون) ته اُتي جو اُتي ضرور گنھگارن مان ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) مومنؤ! جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت جي گهڙي اچي وڃي (۽ وصيت ڪرڻ چاهي) ته وصيت جي وقت شاهديءَ لاءِ اوهان مان ٻه معتبر عادل ماڻهو شاهد ٿيڻ گهرجن، پر جيڪڏهن اوهان سفر ۾ هجو ۽ موت جي گهڙي پيش اچي وڃي (۽ مسلمان شاهد نه ملي سگهن) ته (مسلمان شاهدن جي بدران) غيرمسلم شاهد به ٿي سگهن ٿا. (پوءِ جيڪڏهن انهن شاهدن جي سچائيءَ ۾ ڪنهن طرح جو شڪ پئجي وڃي ته) انهن کي نماز بعد (مسجد ۾) روڪيو. هو الله جو قسم کڻي چون ته، اسان پنهنجو قسم ڪنهن به عيوضي لاءِ ڪونه وڪيو آهي. اگرچه (فائدو وٺندڙ) اسان جو ويجهو مائٽ هجي (ته به اسان ڪوڙ ڳالهائي قسم ڪونه ڀڃنداسين) اسان خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڪڏهن به نه لڪائينداسين، جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته گناه اسان تي آهي.(علامه علي خان ابڙو) اي مؤمنو توهان جي پاڻ ۾ شاهدي آهي جڏهن توهان مان ڪنهنکي موت اچي وصيت ڪرڻ وقت توهان مان ٻه ماڻهو انصاف وارا هجن يا ٻيا ماڻهو شاهد هجن جيڪڏهن توهان مسافر آهيو پوءِ توهان کي موت جو حادثو پيش اچي، (ٻن شاهدن کان قَسم کڻايو) ٽيپهري نماز کان پوءِ اهي ٻئي شاهد الله جو قَسم کڻن جيڪڏهن شڪ هجي ته، اُهي چون، نٿا وٺون اسان ڪُوڙي قسم جي عيوض ڪنهن مُلهه کي جيتوڻيڪ اسان جا مائٽ هجن ۽ الله جي شاهدي اسان ڳجھي نٿا ڪريون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي ايمان وارو! جڏهن اوهان مان ڪنهن (جي سر) تي موت اچي بيهي ته وصيت وقت اوهان (مومنن) مان ٻن عادل شاهدن جو هجڻ ضروري آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين اوچتو ڪنهن طرف سفر ڪيو ۽ (سفر ۾ ئي) اوهان کي موت جي مصيبت رسي ته (به) ٻه شاهد غير (مومن) ئي سهي (۽) جيڪڏهن اوهان کي شڪ ٿئي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ روڪي ڇڏيو پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻن ته اسين هن (شاهديءَ) جو عوض ڪجھ به نه وٺنداسين (جيتوڻيڪ جنهن جي اسين شاهدي ڏيون ٿا اسان جو) عزيز (ڇو نه) هجي ۽ اسين خدا ڪاڻ شاهدي نه لڪائينداسون. جيڪڏهن ائين ڪريون ته اسين بيشڪ گنهگار آهيون.(سيد فرمان علي) اي ايمان وارؤ! شاھدي اوھان جي وچ ۾ جڏھن حاضر ٿئي ھڪڙي اوھان جي وٽ موت وقت وصيت ڪرڻ جي ٻن انصاف وارن جي آھي اوھان مان يا ٻه ٻيا ھجن غير اوھان جي مان جيڪڏھن اوھان سفر ڪيو زمين ۾ پوءِ پھتي اوھان کي مصيبت موت جي روڪيو انھن ٻنھي کي نماز کان پوءِ قسم کڻن الله جو جيڪڏھن شڪ ڪيو ته نه وٺنداسون ان جي عوض ڪو ملھ، توڙي ھجي مائٽيءَ وارو ۽ نه لڪائينداسون شاھدي الله واري بيشڪ اسين ان وقت البته گنھگارن مان آھيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي ايمان وارؤ! جنهن وقت اوهان مان ڪنهن کي موت پهچي تنهن وقت وصيت ڪرڻ مهل اوهان (مسلمانن) مان اعتبار وارا ٻه شخص اوهان جي وچ ۾ شاهد ٿين يا جيڪڏهن اوهين زمين ۾ مسافريءَ تي هجو پوءِ اوهان کي موت جي مصيبت پهچي ته (ان حالت ۾ ) اوهان کانسواءِ ٻين مان ٻه ڄڻا (شاهد ٿين) جيڪڏهن اوهان کي (انهن جي شاهديءَ ۾ ) شڪ پوي ته اوهين انهن ٻنهين کي (وچينءَ جي) نماز کان پوءِ روڪيو. پوءِ اهي ٻئي الله جو قسم کڻي چون ته جيتوڻيڪ اهو (جنهن جي فائدي ۾ شاهدي ڏيون ٿا اسان جو) مائٽ هجي تڏهن به ان (قسم) جي بدلي ۾ نه ڪجهه به ملهه ٿا وٺون ۽ نه اسين الله جي شاهدي ٿا لڪايون. (جيڪڏهن اسان لڪائي آهي ته) بيشڪ اسين تڏهن گنهگارن مان آهيون. (مولانا محمد مدني) اي ايمان وارؤ! اوهان جي وچ ۾ شاهدي (جو نصاب) هي آهي جو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت (جي مَهَلَ) اچي وڃي (۽ اهو وصيت ڪري رهيو هجي) ته وصيت ڪرڻ وقت اوهان (جي جماعت) مان ٻه عدل وارا ماڻهو هجن. يا جيڪڏهن اوهان زمين ۾ سفر ڪري رهيا آهيو (ان حال ۾) اوهان تي موت جي مصيبت اچي پهچي ته توهان جي غيرن مان ٻه شخص شاهد ڪيا وڃن اگر اوهان کي انهن ۾ شڪ پوي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ (شاهديءَ لاءِ) روڪيو ۽ اهي ٻئي الله جو قسم کڻن ته : ”اسان ان (شاهدي) جي عيوض ڪا قيمت نه وٺنداسين توڙي ويجهو قرابت دار هجي ۽ نه اسان شاهدي لڪائينداسين (اگر لڪايون ته) اسان ان وقت گنهگارن مان ٿينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن آندواعتبار!، ساک اوهان جي، وِچ ۾، موت اوهان، مان ڪنهن مٿي، جڏهن حاضر ٿيو هيڪار، وقت وصيت، اوهان مان، ٻه شاهد ايماندار، يا بيا ڪير، ٻه ڄڻا، جڏهن وياٻِي وَلهار، پوءِ آئـِي اوهان تي اوچتِي، سندِي موت مار، بنديونِ بعد نماز جي، پوءِ کڻنِ قسم ڪلتار، جي هِنيون هَيان؛ ته هِن تان نه وٺون مُلھ مِقدار، ۽ مَرهجن مِٽ، نه لِڪايون، سچِي ساک ستار، آهيون اُنهيءَ وار، اسين ڏاڍن ڏُهارِين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي ته اُھي ٻئي گنھگار ٿيا ته جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻه ڄڻا انھن جي بجاءِ کڙا ٿين پوءِ الله جو قسم کڻي چون ته ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي ڏاڍي سچي آھي ۽ حد کان نه لنگھنداسون، نه ته اتي جو اتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته انهن ٻنهي شاهدن گناه جو ڪم ڪيو آهي (۽ ڪوڙ ڳالهايو اٿن) ته پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻيا ٻه شاهد انهن ماڻهن مان اٿي ڪڙا ٿين جن جو حق (پهرين) شاهدن مان هرهڪ دٻائڻ چاهيو هو، ۽ اهي (ٻيا) شاهد انهن مان هجن جي (مظلوم ڌر سان) ويجهڙائي رکندڙ هجن، پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻي چون ته اسان جي شاهدي پهرين شاهدن جي شاهديءَ کان وڌيڪ سچي آهي. اسان شاهدي ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن زيادتي ڪيون ته ظلم جو گناه اسان جي گردن تي آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان شاهدي لڪائڻ وقت گنهگارن مان ٿينداسين پوءِ جيڪڏهن اطلاع ملي ته اِهي شاهد حق وڃائيندا ته پوءِ ٻه ٻيا شاهد (عادل) انهن شاهدن جي عيوض مقرر ڪيا وڃن (جيڪي ميت کي ويجھا هجن)، پوءِ ٻئي شاهد قسم کڻن ته اسان ٻنهيءَ جي شاهدي پَهرين جي شاهدي کان وڌيڪ صحيح آهي ۽ اسان حق کان تجاوز نه ڪيو آهي (اگر اسان ايئن ڪيو ته) بيشڪ اسان ان وقت ظالمن مان ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اهي ٻئي (ڪوڙي قسم ڪري) گناھ جا مستحق ٿيا آهن ته ٻيا ٻه آدمي انهن ماڻهن مان جنهن جو حق دبايو ويو آهي ۽ (ميت جا) ويجها عزيز هجن (انهن کي ڪوڙ ڪرڻ لاءِ) انهن جي جاءِ تي بيهن پوءِ ٻه نوان شاهد خدا جو قسم کڻن ته اڳين ٻن شاهدن کان اسان جي شاهدي زياده سچي آهي ۽ اسان (حق کان تر به) وڌيڪ نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيوسين اسين بيشڪ ظالم آهيون.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪڏھن خبر ڏني وئي ان ڳالھ جي ته تحقيق اھي ٻئي حقدار ٿيا گناھ جا ته پوءِ ٻيا بيھندا انھن جي جاءِ تي انھن مان جو حقدار ٿيا انھن تي ٻه پھريان پوءِ قسم کڻندا الله جو ته البته شاھدي اسان جي وڌيڪ حق آھي انھن ٻنھي جي شاھدي کان ۽ نه تجاوز ڪيوسون پڪ اسين ان وقت ظالمن مان آھيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته اهي ٻئي گناهه جا حقدار ٿيا آهن ته جن جو گناهه ٿيو آهي تن مان ٻيا ٻه ڄڻا (ميت جا) زياده ويجها مائٽ انهن ٻنهين (شاهدن) جي جاءِ تي بيهن. پوءِ الله جو قسم کڻي چون ته اسان جي شاهدي انهن ٻنهين جي شاهديءَ کان زياده سچي آهي ۽ اسين حد کان نه لنگهيا آهيون (پر جي اسين ڪوڙا هجون ته) بيشڪ اسين تڏهن ظالمن مان آهيون. (مولانا محمد مدني) پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اُهي ٻئي (شاهدي لڪائڻ سبب) گنهگار ٿي چڪا آهن ته پوءِ ٻه ڄڻا ٻيا (ميت جا ويجھا مائٽ) انهن جي جاءِ تي بيهاريا وڃن جن جو حق پهرين ٻن (شاهدن) لڪايو آهي پوءِ الله جو قسم کڻن ته: ”اسان جي شاهدي انهن ٻنهين جي شاهدي کان وڌيڪ سچي آهي ۽ جي اسان حد ٽپياسين ته ان وقت اسان ظالمن مان ٿينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي ڀانتا وِيا بدڪار، ته تن بدران بيهنِ، ٻِئاٻه ڄڻا، اُنهن مان، ٻه اوڏا اُنهن کي، جن حق ڇڪيو هيڪار، پوءِ کڻن قسم ڪريم جو، ته اُنهن جو اِظهار، ٻن اڳين جي اظهارکان، سَچو سچ نِبار، ۽ نه وَڌايون سون هڪ وار، نه ته هونداسون هَڙ ٻوڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هن طرح جي قسم مان وڌيڪ اميد رکي سگهجي ٿي ته شاهد سچي شاهدي ڏيندا يا (گهٽ ۾ گهٽ) هنن کي هن ڳالهه جو انديشو ٿيندو ته متان اسان جي قسمن کي ٻي ڌر جي قسمن بعد رد نه ڪيو وڃي. (بهرحال) الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ سندس حڪم ٻڌو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ نافرمانن لاءِ هدايت واري واٽ نٿو کولي.(علامه علي خان ابڙو) اهي مذڪوره احڪام انهيءَ لاءِ آهن جو شاهدي صحيح نموني سان ادا ڪن يا انهن کي خوف هجي ته اسان جا قَسم ٻين جي قَسمن جي ڪري رد ڪيا ويندا ۽ الله تعالى کان ڊڄو (خيانت ڪرڻ ۽ ڪُوڙن قسمن کڻڻ ۾) ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو فرمائي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو وڌيڪ سٺو آهي ته اهڙي طرح (آخرت جي خوف کان) بلڪل سچي شاهدي ڏين يا (وري دنيا جي خواريءَ جو) خوف ٿئي ته متان اسان جا قسم ٻي ڌر جي قسمن کان پوءِ رد نه ڪيا وڃن. (مسلمانو!)خدا کان ڊڄو ۽ (خيال سان) ٻڌو، خدا بدچال ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.(سيد فرمان علي) اھو وڌيڪ ويجھو آھي ته ڏين شاھدي صحيح نموني سان يا ڊڄندا ته جيڪڏھن رد ڪيا ويندا سندن قسم انھن جي قسمن کان پوءِ ڊڄو الله کان ۽ ٻڌو ۽ الله نه ٿو ھدايت ڪري قوم فاسق کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو (حڪم) هن ڳالهه جي زياده ويجهو آهي ته اهي (شاهد) پوري شاهدي ڏين. يا پنهنجن قسمن کان پوءِ (انهن) قسمن جي رد ٿيڻ کان ڊڄن. ۽ الله کان ڊڄو ۽ (هيءَ حڪم) ٻڌو. ۽ الله نافرمان قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (مولانا محمد مدني) اهو (طريقو) ان لاءِ ويجهو آهي ته (ماڻهو) صحيح طرح شاهدي ڏين يا اُهي ڊڄن ته متان سندن قَسَمَ ٻين جي قَسَمَن کان پوءِ رد نه ٿين. ۽ الله کان ڊڄو ۽ (ان جا حڪم) ٻڌو ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن کي اوڏي اِي، ته صحِي ساک ڏينِ سي، ياڪَنبن، ته قسم، قسمن مان، پٺيان ٿيندن رَدرِئـِي، پوءِ سُڻو، ۽ صاحب کان، ڀانيو ڀوء ڀَئـِي، ۽ سائين سَنئين صحِي، نه ڏَسي ڏُهاري قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن ڏينهن الله تعاليٰ سڀني رسولن کي جمع ڪندو ۽ پڇندو ته، توهان کي (توهان جي قومن وٽان حق جي دعوت متعلق) ڪهڙو جواب مليو (يعني هنن ڪيتري قدر ان تي عمل ڪيو؟) تنهن ڏينهن هو چوندا ته اسان کي ته ڪجهه به خبر ناهي، فقط تون ئي آهين جو غيب جون خبرون چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) قيامت جي ڏينهن الله تعالى سڀني رسولن کي گڏ ڪري سوال پڇندو توهان کي پيغام پهچائڻ وقت ڪهڙو جواب مليو، چوندا اسان کي ڪو علم ناهي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ان وقت کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا (پنهنجي) پيغمبرن کي گڏ ڪري پڇندو ته اوهان کي (اوهان جي امت وٽان اسلام جي تبليغ جو (ڪهڙو جواب ڏنو ويو؟ عرض ڪندا ته اسين ته (ڪن ظاهري ڳالهين کانسواءِ) ڪجھ نٿا ڄاڻون ته تون خود وڏو غيبدان آهين.(سيد فرمان علي) ان ڏينھن جو گڏ ڪندو الله رسولن کي پوءِ فرمائيندو ته ڪھڙو جواب ڏنا ويئو ۽ چوندا ته ناھي ڪو علم اسان کي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ آھين ڳجھن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن الله سڀني رسولن کي گڏ ڪندو، پوءِ چوندو ته اوهان کي ڇا جواب ڏنو ويو؟ چوندا ته اسان کي ڪا خبر نه آهي ڇو ته تون ڳجهن جو وڏو ڄاڻندڙ آهين. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن الله سڀ رسولن کي گڏ ڪندو ۽ فرمائيندو ته: ”توهان کي (امتن پاران) ڪهڙو جواب ڏنو ويو هيو“؟ چوندا ته: ”اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تون ڳجهين ڳالهين جو خوب ڄاڻڻ وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن قادر ڪَٺي ڪندو، مُرسل مڻياندار، چوندو، ته ڇا چيو وِيان؟ چي اسان سُڌ نه سار، تون واحد وقفڪار، ڳُجھ جي، سڀ ڳالهين جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن (انهيءَ ڏينهن) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ بن مريم! مون توتي ۽ تنهنجي ماءُ تي جيڪي نعمتون ڪيون سي ياد ڪر، ڏس مون روح القدس (پاڪ روح يا پاڪ فرشتي) جي وسيلي توکي قوت ڏني. تون ماڻهن سان ننڍي عمر ۾ پينگهي ۾ به ڳالهائيندو هئين ۽ وڏي عمر ۾ به (ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪندو هئين) مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت (عقل) ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو هو، تون منهنجي حڪم سان مٽي کڻي پکيءَ جي شڪل جهڙي شيء ٺاهيندو هئين ۽ ان ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين ۽ اها منهنجي حڪم سان پکي ٿي پوندي هئي. تون منهنجي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪندو هئين، منهنجي ئي حڪم سان تون مئلن کي موت جي حالت مان ٻاهر آڻيندو هئين، مون بني اسرائيلن جون شرارتون جي تنهنجي خلاف ڪندا هئا توکان روڪي ڇڏيون (۽ توکي نقصان پهچائي نه سگهيا) اهو زمانو اهو هو جڏهن تو (سچائيءَ جا) روشن دليل هنن جي آڏو پيش ڪيا هئا، ۽ انهن مان جن ڪفر جي راه اختيار ڪئي هئي تن چئي ڏنو ته (اهي معجزا ناهن) اها ظاهر ظهور جادوگري آهي.(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت الله تعالى عيسيٰ پٽ مريم کي فرمائيندو ته تون منهن جون نعمتون ياد ڪر جيڪي مون تنهنجي ۽ تنهنجِي والده تي ڪيون، جڏهن اسان توکي جبريل امين جي مدد سان مضبوط بنايو، تمام ننڍپڻ ۾ تو گفتگو ڪئي ۽ پڪي عمر ۾ تو تبليغ ڪئي، ۽ انهيءَ وقت اسان توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل جو علم عطا ڪيو، ۽ جنهن وقت تو مٽيءَ مان منهنجي حڪم سان پکي جي مورتي تيار ڪئي ٿي پوءِ تو انهيءَ ۾ ڦوڪ ڏني ٿي پوءِ منهنجي حڪم سان (اها مورتي ) پکي بنجي وئي ٿي ۽ تو شفا ڏني ٿي ماءُ جي پيٽان انڌي ٻار کي ۽ ڪوڙهه واري مريض کي، ۽ جنهن وقت قبرن مان مُئل زندهه ڪري ٿي ڪڍيا منهنجي حڪم سان، ۽ جنهن وقت بني اسرائيل کي اسان تو کان روڪيوسين جڏهن تو انهن وٽ معجزا آندا پوءِ انهن مان ڪافرن چيو ناهي هيءُ مگر صاف جادو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن خدا فرمائيندو ته اي مريم جا پٽ عيسى، اسان جيڪي احسان تو تي ۽ تنهنجي ماءُ تي ڪيا انهن کي ياد ڪر. جڏهن اسان روح المقدس (جبرائيل) سان تنهنجي تائيد ڪئي ته تون پينگهي ۾ (ستي) ۽ اڌيڙ (عمر ۾) ٿي ڪري (هڪجهڙو) ڳالهائڻ لڳين ۽ اسان جڏهن تو کي لکڻ ۽ عقد ۽ دانائي جون ڳاليهون پڻ تورات ۽ انجيل (اهي سڀ شيون سيکاريون ۽ جڏهن تون منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکي جهڙو (جانور) بنايو ته پوءِ ان ۾ تو (ڪجھ ڦوڪيو ته پوءِ اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ ماءُ جي پيٽ ڄايل انڌي ۽ ڪوڙهي کي منهنجي حڪم سان تون چڱو ڀلو ڪيو ٿي. ۽ جنهن وقت تو مئلن کي (جيئرو ڪري قبرن مان) ڪڍي ٻاهر ڪيو ٿي ۽ جنهن وقت مون تو کان بني اسرائيلن (جي شر) کي روڪيو جنهن وقت تو انهن وٽ نشانيون آنديون پوءِ انهن مان جيڪي ڪافر ٿيا سي چوڻ لڳا ته هي ته رڳو پڌرو جادو آهي.(سيد فرمان علي) جڏھن چوندو الله ته اي عيسى پٽ مريم جا! ياد ڪر منھنجي نعمت توتي ۽ تنھن جي ماءُ تي جڏھن تائيد ڪيم تنھن جي روح پاڪ سان ڳالھايُئي ٿي ماڻھن سان پينگھي ۾ ۽ ڪرڙوڍ عمر ۾ ۽ جڏھن پڙھايم توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ توراﺓ ۽ انجيل ۽ جڏھن ٺاھيندو ھئين مٽيءَ مان مثل صورت پکيءَ جي منھنجي موڪل سان پوءِ ڦوڪ ڏيندو ھئين ان ۾ پوءِ ٿيندو ھو پکي اذن منھنجي سان ۽ چڱو ڀلو ڪندو ھئين ڄائي ڄم واري انڌي کي ۽ ڪوڙھ واري کي اذن منھنجي سان ۽ جڏھن ڪڍندو ھئين موئلن کي (قبرن مان) اذن منھنجي سان ۽ جڏھن روڪيو مون بني اسرائيل کي تو کان جڏھن آئين انھن وٽ چٽن دليلن سان پوءِ چيو انھن جو ڪافر ٿيا انھن مان ته ناھي هيءُ مگر جادو چٽو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن وقت الله فرمائيندو ته اي مريم جا پٽ عيسيٰ! تون پاڻ تي ۽ پنهنجي ماءُ تي (ان وقت ٿيل) منهنجي نعمت ياد ڪر. جنهن وقت مون تنهنجي پاڪ روح سان مدد ڪئي تو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏيءَ عمر ۾ ڳالهايو ٿي. ۽ جنهن وقت توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم. ۽ جنهن وقت تو منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جهڙو (جانور) بنايو ٿي، پوءِ ان ۾ تو ڦوڪيو ٿي، پوءِ اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿيو ٿي، ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄايل انڌي ۽ ڪوڙهيءَ کي منهنجي حڪم سان تو چڱو ڀلو ڪيو ٿي. ۽ جنهن وقت تو مئلن کي منهنجي حڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيو ٿي ۽ جنهن وقت مون توکان بني اسرائيلن (جي شر) کي روڪيو جنهن وقت تو انهن وٽ نشانيون آنديون پوءِ انهن مان جيڪي ڪافر ٿيا سي چوڻ لڳا ته هيءَ ته رڳو پڌرو جادو آهي. (مولانا محمد مدني) جڏهن الله فرمائيندو: اي عيسى پُٽ مريم جا! تون پاڻ تي ۽ پنهنجي ماءُ تي منهنجو ٿورو ياد ڪر. جڏهن مون پاڪ روح (جبريل) جي ذريعي تنهنجي مدد ڪئي، تو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر ۾ پئي ڳالهايو، ۽ جڏهن مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو. ۽ جڏهن تو منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل بنائي ان ۾ ڦوڪ هنئي ٿي ته اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿي پيو ٿي ۽ ڄائي ڄم واري انڌي کي ۽ ڪوڙهئي کي منهنجي حڪم سان چڱو ڀلو ڪيئي ٿي ۽ جڏهن تو مُئلن کي منهنجي حڪم سان (قبر مان) زنده ڪري ڪڍيو ٿي. ۽ جڏهن مون بني اسرائيل کي توکان (يعني تنهنجي قتل کان) روڪيو جڏهن تو انهن وٽ چِٽيون نشانيون آنديون ته انهن مان ڪافرن چيو: ”اهو کلي جادو کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واحدچيو جنهن وار، ته اي عيسىٰ! پٽ مريم جا، تو ۽ تنهنجي ماء سان، جي سُک ڪيم، سي سار، توکي روح پاڪ سان، عطاڪيم آڌار، پيو ڳالهائين پينگھي ۾، ماڻهن سان مَهندار!، توڻي ٻالڪ ٻارتون، يا ڪامل! ڪَرڙ ڄمار، ۽ ليک سيکاريمِ لال! تو، پڻ حڪمت ۽ هوشيار، توريت ۽ انجيل ۾، ڪيم قابل ڪار، جڏهن مورت مِٽيء مان، جوڙيين، پِکيءَ جھڙا پار، سندمِ حڪم سان، ساھ منجھسِ، وجھين پيو وينجھار!، پوءِ پکي ٿئي پَڌرو، سندمِ حڪم سان هيڪار، اُٿيارين مُنهنجي اَمر سان، ڪوڙهيا، انڌا اِظهار، پُڻ مئا مُنهنجي اَمر سان، پيو ٻهڳن!، ڪڍين ٻَهار، ۽ جڏهن بني اسرائيل کي، توکان جھليمِ جونجهار!، آئين کڻي خير سان، جڏهن نِشانيون نروار، پوءِ ڪَهيو، جن ڪيو، انهن مان اِنڪار، هِي نظربندِي نِبار، ڪارو ڪُو ڪٽ آھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن مون تنهنجي حوراين (مڃيندڙن) تي الهام موڪليو هو ته مون تي ۽ منهنجي رسول (مسيح) تي ايمان آڻيو تڏهن هنن چيو ته، اسان ايمان آندو آهي ۽ (اي خدا) تون شاهد رهه ته اسان مسلمان (يعني فرمانبردار ٻانها) آهيون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جڏهن اسان حوارين جي دلين ۾ وڌو ته اسان تي ۽ تو تي ايمان آڻن، چيائون اسان ايمان آندو ۽ تون شاهدي ڏي بيشڪ اسان مسلمان آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن مون حوارين کي الهام ڪيو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو. انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد ٿي ته اسين تنهنجا فرمانبردار آهيون.(سيد فرمان علي) ۽ جڏھن دل ۾ وڌو مون حوارين جي ته ايمان آڻيو مون تي ۽ منھن جي رسول تي چيائون ته ايمان آندوسون ۽ شاھد رھ ته بيشڪ اسان مسلمان آھيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن وقت مون حوارين جي دل ۾ وڌو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو. انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد ٿي ته اسين فرمانبردار آهيون. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن مون حوارين جي دلين ۾ وڌو ته توهان مون تي ۽ منهنجي رسول (عيسى) تي ايمان آڻيو. انهن چيو: ”اسان ايمان آندوسين ۽ تون شاهد رهه ته بيشڪ اسان فرمانبردار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن حوارين ڏي، موڪليم مذڪور، ته مون ۽ منهنجي رسول کي، مڃيو آئين مور، چيائون چشمن سان، مِڙوئـِي منظور، ۽ شاهد ٿي ضرور، اسين مڃيندڙآهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ ڏسو جڏهن هيئن ٿيو هو جو) حوارين چيو هو ته، اي عيسيٰ ابن مريم! ڇا تنهنجو پروردگار ائين ڪري سگهي ٿو ته آسمان مان اسان ڏي هڪڙو دسترخوان نازل ڪري (يعني اسان جي غذا جي واسطي آسمان مان غيبي سامان پيدا ڪري ڏئي) تڏهن حضرت عيسيٰ فرمايو ته، خدا کان ڊڄو (اهڙي طلب نه ڪريو) جيڪڏهن توهان ايمان رکندڙ آهيو.(علامه علي خان ابڙو) جڏهن حوارين سوال ڪيو اي عيسيٰ پٽ مريم جا ڇا تنهنجي رب کي توفيق آهي جو اسان جي مٿان نازل ڪري آسمان مان (طعام جو) دسترخوان عيسيٰ فرمايو الله کان خوف ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن حوارين (عيسى کي) عرض ڪيو ته اي مريم جا پٽ عيسى ڇا تنهنجو خدا ان ڳالھ تي قادر آهي ته اسان تي آسمان مان (طعام جو) خونچو نازل ڪري؟ عيسى چيو جيڪڏهن اوهين (سچا) ايمان وارا آهيو ته خدا کان ڊڄو (اهڙي فرمائش جنهن مان امتحان معلوم ٿئي نه ڪريو).(سيد فرمان علي) جڏھن چيو حوارين ته اي عيسى ڇا؟ ڪري ٿو سگھي رب تنھنجو ھيءَ ڳالهه جو لاھي اسان تي خونچو آسمانن کان؟ فرمايائين ته ڊڄو الله کان جيڪڏھن آھيو ايمان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن وقت حوارين چيو ته اي مريم جا پٽ عيسيٰ! ڇا تنهنجو پاليندڙ آسمان مان ڪو (طعام جو) خونچو اسان تي لاهي سگهي ٿو؟ عيسيٰ چيو ته الله کان ڊڄو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو؟ (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن حوارين چيو ته: ”اي عيسى پُٽ مريم جا! ڇا تنهنجو پروردگارائين ڪري سگهي ٿو جو اسان تي آسمان مان دسترخوان (طعام جو) لاهي“؟ (عيسى) چيو ته: ”الله کان ڊڄو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چيلن چيو اِن چال، ته اي عيسى! پٽ مريم جا، تنُهنجي پرور پاڪ کان، ڇا پُهچندِي هِيءَ ڳالھ؟ ته خاصو خُنچو اُڀ کان، ڪري نازل، اسان نال، چي، بارِي کان بحال، مُڙو، جي مومن آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن چيو ته، (اسان جو مطلب اهو ناهي ته الله جي قدرت جو امتحان وٺون پر) اسان چاهيون ٿا ته (اسان کي غذا ملي ۽) اسان ان مان کائون ۽ اسان جي دلين کي آرام اچي، ۽ اسان کي معلوم ٿئي ته تو جيڪي ٻڌايو سو سچ هو ۽ اسان ان تي شاهد ٿيون.(علامه علي خان ابڙو) چيائون اسان ارادو ڪريون ٿا ته انهيءَ مان اسين کائون ۽ اسان جون دليون مطمعن ٿين ۽ اسين معلوم ڪريون ته تون نبوت ۾ سچو آهين ۽ اسين انهيءَ ڳالهه تي گواهن مان هجون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي عرض ڪرڻ لڳا اسين ته (فقط) اهو گهرون ٿا ته ان مان (تيرڪا) ڪجھ کائون ۽ اسان جي دل کي (اوهان جي رسالت جي پوري پوري) دلجاءِ ٿئي ۽ پڪ ڪريون ته اوهان، اسان کي (جيڪو چيو هو) سو سچ فرمايو آهي ته اسين ماڻهو ان تي شاهد رهون.(سيد فرمان علي) چيائون ته ارادو ٿا ڪيون ته کائون ان مان ۽ پڪ ڪن دليون اسان جون ۽ ڄاڻون ته تحقيق سچ چيو ھو تو اسان کي ۽ ھجون ان تي شاھدي ڏيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته اسين گهرون ٿا ته ان مان کائون ۽ اسان جي دلين کي تسلي ٿئي ۽ ڄاڻون ته تون اسان کي سچ چيو ۽ اسين اُن (خونچي جي لهڻ) تي شاهد ٿيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان چاهيون ٿا ته ان مان کائون ۽ اسان جون دليون مطمئن ٿين ۽ ڄاڻون ته تو اسان کي سچ ٻڌايو آهي ۽ اسان ان جا شاهد ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَٿئون خواهش خان!، ته کِيون اُن خُنچي منجھان، ۽ قلب به قرار وَٺنِئون، ۽ معلوم ڪريون مَانِ، ته سچ چئـِي سلطان!، پڻ اُن سر ساکين مان هجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن تي) عيسيٰ بن مريم دعا گهري ته اي الله سائين! اسان جا پروردگار! هڪڙو دستر خوان موڪل جو اسان جي لاءِ ۽ اسان جي اڳين ۽ پوين لاءِ عيد ٿئي ۽ تنهنجي طرف کان (تنهنجي فضل ۽ ڪرم جي) هڪ نشاني ٿئي. (اي خدا) اسان کي رزق ڏي، تون سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) عيسيٰ پٽ مريم عرض ڪيو اي اسان جا الله اسان جي مٿان (طعام جو) دسترخوان آسمان مان نازل فرماءِ جيڪو اسان لاءِ باعث خوشي ٿئي پهرين کائيندڙ ۽ پوين کائيندڙن لاءِ تنهنجي طرفان نشاني ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ڏي ۽ تون بهترين رزق ڏيندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تڏهن مريم جي پٽ عيسى (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، خداوند، اي اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان مان هڪ خونچو (طعام جو) نازل فرماءِ ته جيئن اهو ڏينهن اسان جي لاءِ اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ عيد جو ڏينهن مقرر ٿئي، پڻ تنهنجي طرفان (اسان جي لاءِ) هڪ وڏي نشاني ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ڏي ۽ تون سڀني روزي ڏيڻ وارن کان بهتر آهين.(سيد فرمان علي) چيوعيسى پٽ مريم جي اي الله! اي اسان جا رب! لاھ اسان تي دستر خوان آسمان کان جو ٿئي اسان جي لاءِ عيد اسان جي پھرين لاءِ ۽ اسان جي پوين جي لاءِ ۽ نشاني تو وٽان ۽ روزي ڏي اسان کي ۽ تون ڀلو آھين روزي ڏيندڙن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مريم جي پٽ عيسيٰ چيو ته اي اسان جا پالينداڙ الله! اسان تي هڪ خونچو آسمان مان لاهه ته اسان جي لاءِ يعني اسان جي (امت جي) پهرين ۽ اسان جي (امت جي) پوين لاءِ عيد ٿئي ۽ تنهنجي طرفان هڪ نشاني ٿئي ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون سڀني روزي ڏيندڙن مان چڱو روزي ڏيندڙ آهين. (مولانا محمد مدني) عيسى پُٽ مريم چيو ته:”اي الله اي اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان کان خونچو لاهه. ته (اهو ڏينهن) اسان لاءِ عيد ٿئي اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ (به ۽) اهو تنهنجي طرفان نشاني هجي ۽ اسان کي رزق ڏي ۽ تون سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عيسٰى، مريم پٽ اُتو، ته سانيمِ، ربَّ سبحان!، اُتار اسان تي خُنچو، ڪنان آسمان، اسان جي اڳين ۽ پوين لئي، عيد عجب عيان، ۽ توڙان نِشانِي تُنهنجي، ڏي روز اسان رحمان!، ۽ تون بِهتر بي گمان، روزِي رسائيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ فرمايو ته، مان توهان جي لاءِ دسترخوان موڪليندس، پر جيڪو شخص ان کان پوءِ به (حق جي راهه کان) انڪار ڪندو تنهن کي مان (بدعملن جي عيوض ۾) عذاب ڪندس ۽ عذاب به اهڙو جهڙو سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ڏنو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) الله فرمايو بيشڪ آئون دسترخوان کي توهان تي نازل ڪريان ٿو پوءِ جنهن ماڻهو توهان مان انهي کان پوءِ به ڪفر ڪيو پوءِ بيشڪ آئون اُن تي سخت عذاب ڪندس جو اهڙو عذاب دنيا ۾ ڪنهن تي نه ٿيو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا فرمايو: آءُ خونچو ته توهان تي ضرور نازل ڪندس پر (ياد رهي ته) پوءِ اوهان مان جو شخص ان کان پوءِ ڪافر ٿيندو ته آءُ پڪ (کيس) اهڙي سخت عذاب سان سزا ڏيندس جو سموري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به اهڙو (سخت) عذاب نه ڪندس.(سيد فرمان علي) فرمايو الله بيشڪ مان لاھيندڙ آھيان ان جو اوھان تي پوء جيڪو بي فرماني ڪندو ان کانپوء اوھان مان يقينًا مان عذاب ڪندس ان کي اھڙو عذاب جو نه عذاب ڪندس اھڙو ڪنھن ھڪ کي جھانن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله فرمايو ته آءُ ان (خونچي) کي اوهان تي لاهڻ وارو آهيان. پوءِ اوهان مان جيڪو هن کان پوءِ ناشڪري ڪندو تنهن کي آءُ اهڙو عذاب ڏيندس جو جهان وارن مان ڪنهن به هڪڙي کي اهو عذاب نه ڏيندس. (مولانا محمد مدني) الله فرمايو:”بيشڪ آءُ اهو اوهان تي نازل ڪرڻ وارو آهيان، پوءِ جيڪو ان کان پوءِ اوهان مان ناشڪري ڪندو ته پڪ سان آءُ ان کي اهڙو عذاب ڪندس جو جهان وارن مان ڪنهن کي اهڙو عذاب نه ڪندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله چيو، ته اوهان ڏي، آئون موڪليندڙ مور، اِنهيان پوءِ، اوهان مان، جو ٿيو بي شڪر، بي شعور، ته ڏيندس سَزا اُن کي، زبردست ضرور، ڪنهن کي نه ڏِيندس سُور، جنهن جھڙو جھانن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (پوءِ ڇا ٿيندو جو) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ ابن مريم تو ماڻهن کي چيو هو ڇا ته، الله کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجي والده کي خدا سمجهو ۽ (اسان جي عبادت ڪيو). حضرت عيسيٰ (جواب ۾) عرض ڪندو ته، پاڪائي هجي تنهنجي مون کان ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو اهڙي ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ئي ڪونهي. جيڪڏهن مان ائين چوان ها ته ضرور توکي خبر پوي ها. تون منهنجي دل جون ڳالهيون به ڄاڻين ٿو، پر مون کي تنهنجي ضمير جو علم ڪونهي، تون ئي آهين جو غيب جون سڀ ڳالهيون ڄاڻندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن الله تعالى فرمائيندو (قيامت جي ڏينهن) اي عيسيٰ پٽ مريم جا ڇا توهان چيو هو ماڻهن کي ته مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي ٻه خدا ڪري مڃو الله تعالى کان سواءِ، (حضرت) عيسيٰ عرض ڪندو تون پاڪ آهين منهنجي لاءِ مناسب ناهي جو آئون اهو چوان جيڪي مون کي حق ناهي، جيڪڏهن مون چيو هوندو (بالفرض) پوءِ بيشڪ توکي معلوم هوندو تون ڄاڻي ٿو جيڪي منهنجي دل ۾ آهي ۽ نٿو ڄاڻان آئون جيڪو توکي معلوم آهي بيشڪ تون ئي گھڻو غيب ڄاڻندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن (قيامت۾ عيسى کي) خدا فرمايندو ته (ڇا!) اي مريم جا پٽ عيسى تو ماڻهن کي هئين چيو هو ڇا ته خدا کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجيءَ ماءُ کي خدا بنايو؟ عيسى عرض ڪندو سبحان الله! منهنجي ته اها مجال نه هئي جو آءُ اهڙي ڳالھ وات سان چوان جنهن جو مون کي ڪو حق نه آهي. (چڱو) جيڪڏهن مون چيو هوندو، تو کي ضرور معلوم ئي هوندو ڇو ته تون منهنجيءَ دل جو (سڀ حال) ڄاڻين ٿو. پر آءُ تنهنجي جيءُ جو حال نٿو ڄاڻيان. تحقيق تون ئي غيب جي ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمائيندو الله ته اي عيسى پٽ مريم جا! ڇا تو چيو هو ماڻهن کي ته بڻايو مون کي ۽ ماءُ منهنجي کي ٻه معبود هڪ الله کان سواءِ عرض ڪندو ته پاڪائي آهي تنهنجي نه ٿو جڳائي مون کي جو چوان اها ڳالھ جو ناهي مون لاءِ حق جيڪڏهن چيو هوندو مون اهو پوءِ تحقيق ڄاتو هوندو تو ان کي ڄاڻين ٿو اهو جو منهنجي اندر ۾ آهي ۽ نه ٿو ڄاڻان مان اهو جو تنهنجي ذات وٽ آهي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ آهين ڳجهن جو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن الله فرمائيندو ته اي مريم جا پٽ عيسيٰ! ڇا تو ماڻهن کي چيو هو ته الله کانسواءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي ٻه خدا ڪري وٺو. عيسيٰ چوندو ته تون پاڪ آهين. مون کي لائق نه آهي جو اها ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آهي. جيڪڏهن مون اها ڳالهه چئي هوندي ته توکي اها ضرور معلوم هوندي. جيڪي منهنجي دل ۾ آهي تنهن کي تون ڄاڻين ٿو ۽ جيڪي تنهنجي اندر ۾ آهي تنهن کي آءُ نه ٿو ڄاڻان. بيشڪ تون ئي ڳجهن جو زياده ڄاڻندڙ آهين. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن الله فرمائيندو ته: ”اي عيسى پُٽ مريم جا! ڇا تو ماڻهن کي چيو هيو ته مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي الله کان سواءِ معبود بنائي وٺو“؟ عرض ڪندو: ”تون پاڪ آهين مون کي اهو (لائق) ناهي جو اها ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ناهي. اگر مون اها ڳالهه چئي هجي ها ته تو کي ضرور اها معلوم هوندي. جو ڪجهه منهنجي جيءَ ۾ آهي تون ان کي ڄاڻين ٿو ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان جيڪي تنهنجي جيءَ (يعني علم) ۾ آهي. بيشڪ تون ئي وڏو غيب جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چيو جبار، ته عيسٰى پٽ مريم جا!، توڪِ ماڻهن کي چيو، ته ٻانهپ ڪريو ٻِيهار، مون ۽ مُنهنجي ماء جِي، ڌُر ڌڻيءَ کان ڌار؟، چي، پڪ آهين پاڪ تون، هرگز نه هُجن مون هار، ته چوان، جنهن چوڻ جو، مون کي نه حق هيڪار، جي چيو هوندمِ، ته هوندِي تو، سڀڪا سماچار، جيڪِي مُنهنجي جِيءَ ۾، سو ڄاڻين ڄاڻڻهار!، آئون نه ٻُجھان، جو تُنهنجي جِيء ۾، جِي جِيار!، ڳُجھ جي، سڀ ڳالهين جو، تون واحد!، واقفڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) مان ته هنن کي فقط اها ڳالهه چئي جنهن جي چوڻ جو تو حڪم ڏنو هو، يعني ته الله جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو پروردگار آهي، جيستائين مان انهن سان هيس تيستائين ته انهن جي حالت ڏسندو رهيس، پر جڏهن تو مون کي انهن مان کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن جو نگهبان هئين ۽ تون هر شيء کي ڏسندڙ ۽ ان جي نگهباني ڪندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) نه چيو آهي مون انهن کي مگر جيڪو تو مون کي حڪم ڪيو ته اهي عبادت ڪن الله جي جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي، ۽ جيستائين آئون انهن ۾ رهيس اوستائين آئون انهن تي نگران هُيس، پوءِ جڏهن تو مون کي کڻايو، پوءِ تون انهن تي نگاهه رکندڙ هئين ۽ تون هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تو جيڪي مون کي حڪم ڏنو ان کان سواءِ مون کين (وڌيڪ) ڪجھ به نه چيو (۽ اهو هي ته فقط) خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پالڻهار آهي ۽ جيستائين آءُ انهن ۾ هيس سندن نظرداري ڪندو رهيس. پوءِ جڏهن تو مو کي (دنيا مان) کنيو ته تون ئي سندن نگهبان هئين. ۽ تون ئي هر ڳالھ جو شاهد (موجود) آهين.(سيد فرمان علي) نه چيو هو مون انهن کي مگر جيڪو امر ڪيو هو تو مون کي ان جو ته عبادت ڪيو الله رب منهنجي جي ۽ رب پنهنجي جي ۽ هيس انهن تي شاهد جيستائين هيس انهن ۾ پوءِ جڏهن کڻي ورتئي مون کي ته هئين تون ئي نگهبان انهن تي ۽ تون هر شيءِ جو مشاهدو ڪندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڳالهه جو تو مون کي حڪم ڪيو سائي مون انهن کي چئي ته الله جي عبادت ڪريو جو منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. ۽ جيستائين آءُ انهن ۾ رهيس تيستائين آءُ انهن جي خبر رکندڙ هيس. پوءِ جڏهن تو مون کي کڻي ورتو. تڏهن تون ئي مٿن نگهبان هئين. ۽ تون سڀني شين جي خبر رکندڙ آهين. (مولانا محمد مدني) مون انهن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چيو هيو جنهن جو تو مون کي حڪم ڏنو هيو ته الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو پالڻهار آهي ۽ آءٌ جيستائين انهن ۾ رهيس انهن تي خبر رکندڙ هيس پوءِ جڏهن تو مون کي کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن تي نگهبان هئين ۽ تون هر شيءِ تي گواهه آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه چيو مينِ، جو چئـِي مون، تنهن چوڻ ڌار، جو مالڪ مون ۽ اوهان جو، سو پوڄيو پالڻهار، جان هُئس مَنجھنِ، تان هُئس، اُنهن تي نظردار، پوءِ پورا جڏهن پاڻ ڪئـِي، مُنهنجا ڏينهن، ڏاتار!، پوءِ تون ئـِي هُئين، تن مٿي واهِي ويرو تار، ۽ همه مٿي هموار، تون ساکي سڀ ڪنهن ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
جيڪڏھن کين عذاب ڪرين ته اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي عذاب ڏئين ته (تنهنجو ئي اختيار آهي ڇو ته) هو تنهنجا ئي (خلقيل) ٻانها آهن، ۽ جيڪڏهن هنن کي بخشي ڇڏين ته (اها بخشش ضرور مناسب هوندي ڇو ته) تون ئي سڀني تي غالب ۽ سڀني ڪمن ۾ حڪمت رکندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) جيڪڏهن تون انهن تي عذاب ڪندين پوءِ بيشڪ اهي تنهنجا ٻانها آهن، ۽ جيڪڏهن تون انهن کي بخش ڪندين پوءِ بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون جيڪڏهن مٿن عذاب ڪندين ته (تون مالڪ آهين) هي تنهنجا بندا آهن ۽ جيڪڏهن کين بخشيندين ته (ڪو به دخل نه ڏيندو ڇو ته) تون بيشڪ زبردست حڪمت وارو آهين.(سيد فرمان علي) جيڪڏهن عذاب ڪندين انهن کي پوءِ بيشڪ اهي ٻانها تنهنجا آهن ۽ جيڪڏهن بخشيندين انهن کي پوءِ بيشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪڏهن تون کين عذاب ڪندين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن تون انهن کي معاف ڪندين ته تون ئي زبردست، حڪمت وارو آهين. (مولانا محمد مدني) جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڪندين ته پوءِ بيشڪ اُهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جي تون انهن کي معاف ڪندين ته پوءِ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وٺندينِ، ته بَندا تُنهجا، بي واه، تو وٽ بَند، ۽ جي کِمندينِ خداوند!، ته صحِي سَٻر، سٻَوجھ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
الله فرمائيندو ته ھي اُھو ڏينھن آھي جو سچن کي سندين سچائي فائدو ڏيندي، اُنھن لاءِ (اُھي) بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس اصلي سداءِ رھڻ وارا آھن، الله کانئن راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ) الله تعاليٰ فرمائيندو ته اڄ اهو ڏينهن آهي جڏهن سچن انسانن کي انهن جي سچائي ڪم ايندي. انهن جي لاءِ باغ هوندا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. الله تعاليٰ هنن کان راضي هوندو ۽ هو به الله تعاليٰ (جي رحمت) کان خوش هوندا. اهائي آهي (انسان جي لاءِ) سڀني کان وڏي ڪاميابي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى فرمائيندو هيءُ ڏينهن آهي جو نفعو ٿو ڏئي مؤمنن کي سندن ايمان آڻڻ. انهن مؤمنن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي هوندو ۽ اهي مؤمن رب ڪريم کان راضي هوندا، اها وڏي ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا فرمائيندو اڄوڪي ڏينهن سچن ٻانهن کي سندن سچائي ڪم ايندي انهن لاءِ (سٺا سٺا چهچ بهشت جا) اهي باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن (۽) اهي اتي سدائين رهندا. خدا هنن کان راضي ۽ اهي خدا کان راضي. اها ئي ته تمام وڏي ڪاميابي آهي.(سيد فرمان علي) فرمايو الله ته هيءُ ڏينهن آهي جو نفعو ڏيندو سچن کي سچ انهن جو انهن لاءِ بهشت آهن جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا ان ۾ هميشہ لاءِ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا پاڻ ان کان اها ڪاميابي وڏي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله فرمائيندو ته هي (اهو) ڏينهن آهي (جنهن ۾ ) سچن کي سندن سچ فائدو پهچائيندو. انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ اهي هميشة رهڻ وارا آهن. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اها وڏي ڪاميابي آهي. (مولانا محمد مدني) الله فرمائيندو: ”هي ڏينهن آهي جنهن ۾ سچن کي سندن سچ فائدو ڏيندو. انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي ان کان راضي ٿي ويا. اها زبردست ڪاميابي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) والِي چيو، تِنهن وار، ته سچ ڏيندو، سچن کي فائدو، بنگلا، باغ بهشت جا، آهن اُنهن هارِ، هميشه هيٺان جن جي، ناليون وَهن نبار، سدا ساڪن اُن ۾؛ ٿيو سَرهو کانئنِ ستار، ۽ اُهي راضي اُن کان، اِي آس وڏِي اَپار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي منجھن آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله جي لاءِ آهي، ۽ هو هر شيء تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى لاءِ آهي مُلڪ آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي ڪجھه انهن ۾ آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي سڀ خدا جي ئي حڪومت آهي ۽ اهو ئي هر ڳالھ تي قادر (۽ وس وارو) آهي. (سيد فرمان علي) الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪو انهن ۾ آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمانن ۽ زمين جي ۽ جو ڪجهه انهن ۾ آهي تنهن جي بادشاهي الله جي آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي. ۽ اهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀون مُلڪ الله جون، پڻ جيلي مَنجھنِ جنسار، ۽ اُهو ڏيہ ڏاتار، قادر هر ڪنهن ڪم مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |