القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡحُجُرٰتِ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 18


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1)

اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو اڳرائي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! الله ۽ سندس رسول کان اڳي نه وَڌو ۽ اڳ نه وٺو ۽ الله کان ڊڄو جو (سندس) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تنهن ڪري سندس سڀني حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي مصيبتن کان بچايو ۽ هر طرح خوشحال ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان الله تعالى ۽ الله جي رسول کان ڪنهن ڪم ۾ اڳرائي نه ڪريو، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول کان (ڪنهن ڳالھ ۾ به) اڳي نه ٿيو، ۽ خدا کان ڊڄو ڇو ته خدا ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! نه اڳرائي ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي اڳيان ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس رسول کان (ڪنهن ڳالهه ۾ به) اڳي نه ٿيو. ۽ الله کان ڊڄو ڇو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) کان (ڪنهن ڳالهه ۾ ) اڳتي نه وڌو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي آدمِي!، آندو جَن اِيمان، رَبَّ ۽ سَندِس رَسُول اڳيان، ڪريو اڳرائي ڪانه، ۽ ڪَنبو رَبَّ قهار کان، سچ پچ سو سُبحان، سُڻندڙ سَڀ بيان، سمجھندڙ سَڀيئـِي ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2)

اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تئين) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه پروڙيندا ھجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! (ڳالهائڻ مهل) پنهنجا آواز رسولﷺ جي آواز کان مٿي نه ڪيو ۽ ساڻس (ڳالهائڻ مهل) زور سان (يا جوش سان) نه ڳالهايو، جيئن توهان هڪٻئي سان زور سان ڳالهائيندا آهيو. (ساڻس زور سان نه ڳالهايو ته) متان توهان جا (چڱا) عمل به برباد ٿي نه وڃن ۽ توهان کي خبر به ڪانه پوي. (سو آئينده لاءِ خبردار ٿيو).(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان پنهنجي آوازن کي نبي ڪريم (صلي الله عليه و آله وسلم) جي آواز کان بلند نه ڪريو، ۽ توهان سندن خدمت ۾ وڏي سڏ نه ڳالهايو، جيئنڪ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻِئي سان وڏي سڏ ڳالهائيندا آهيو (ايئن ڪرڻ سان) توهان جا عمل چَٽ ٿي ويندا ۽ توهان کي خبر نه پوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهايو ٿا ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهايو جو متان اوهان جا اعمال برباد ٿين ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! نه مٿي ڪيو پنهنجا آواز نبيءَ جي آواز کان مٿان ۽ نه وڏي آواز ڪيو ان لاءِ ڳالهائڻ مثل وڏي آواز سان ڳالهائڻ بعض اوهان جي بعض سان متان چٽ ٿي وڃن عمل اوهان جا ۽ اوهان نه پيا خبر رکو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهائڻ وانگر ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهائيو جو متان اوهان جا ڪم برباد ٿين ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز نبي (ﷺ) جي آواز کان اوچا نه ڪيو ۽ ان سان ان طرح بلند آواز سان نه ڳالهايو جيئن توهان هڪ ٻئي سان بلند آواز ڪندا آهيو، متان اوهان جا عمل برباد ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي جَن اَلله کي، مَڃڻ ڪيو مَنظور!، اَوهِين آواز پَنهنجا، مَٿي نه ڪريو مُور، نَبِئَ جي آواز کان، حاضِر مَنجھ حُضور، ۽ ڳَرو نه ڳالهايو اُن سان، ظاهِر ۽ ظُهور، جِيئن هِڪ ٻئي سان هُل ڪريو؛ مَتان پَوَنيان ئـِي نه پَرُور، تان اَنهنجي اِن قُصور، ڪَئـِي ڪَمائي ڪُٽ ٿئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3)

بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ لاءِ آزمايو آھي، اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي رسول (ﷺ) جي اڳيان پنهنجي آواز کي نرم ۽ جهيڻو رکن ٿا سي ئي آهن جن جون دليون الله تعاليٰ پرهيزگاريءَ جي امتحان ۾ پاس ڪري ڇڏيون آهن. انهن جي لاءِ بخشش آهي ۽ وڏي ۾ وڏو اجر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو رسول الله وٽ پنهنجي آوازن کي هيٺ ڪن ٿا، اهي اهي ماڻهو جن جي دلين کي الله تعالى تقويٰ لاءِ پرکي ڇڏيو آهي، انهن لاءِ مغفرت ۽ اجرِ عظيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي پنهنجا آواز خدا جي رسول کان جهڪا ڪن ٿا، سي اهي آهن جن جي دلين کي خدا پرهيزگاري (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آهي انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جو هيٺ ڪن ٿا پنهنجا آواز الله جي رسول وٽ اهي ئي آهن جو آزمايو الله دلين انهن جي کي تقوى! جي لاءِ انهن جي لاءِ مغفرت ۽ ثواب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي پنهنجا آواز الله جي رسول وٽ جهڪا ڪن ٿا، سي اُهي آهن جن جي دلين کي الله پرهيزگاريءَ (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آهي انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجا آواز الله جي رسول اڳيان هيٺاهان ڪن ٿا اِهي ئي ماڻهو آهن جن جي دلين کي الله پرهيزگاري لاءِ پرکي ڇڏيو آهي، انهن جي لاءِ بخشش ۽ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


روڪِين رَسُول الله وٽ، جي اَوس سَندنِ آواز، اُهيئـِي آهن، سي صحي سرفراز، پَرکيا جَن جا، پرهيز ۾، قلب ڪار ساز، بخشس بي انداز، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4)

بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران توکي سڏيندا آھن تن مان گھڻا بي سمجھ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي توکي (اي پيغمبر تنهنجي) حجرن جي ٻاهران وڏي واڪي سڏ ڪن ٿا تن مان گهڻا بي سمجهه ۽ بي وقوف آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان کي (توهان جي) حجرن (گھرن مبارڪن) جي ٻاهران سڏ ڪن ٿا انهن مان اڪثر نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کي گهرن جي ٻاهران (بيهي) سڏين ٿا تن مان گهڻا بي عقل آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جيڪي سڏين ٿا توکي ٻاهران حجرن جي گهڻا انهن مان عقل نه ٿا رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي توکي گهرن جي ٻاهران (بيهي) سڏين ٿا تن مان گهڻا بي عقل آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي تو کي ڪمرن جي ٻاهران سڏن ٿا انهن مان گهڻا سمجهه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَچ ته توکي سَڏِين جي، گَھرن پُٺيان گوهر!، سَمجھن نه سَڏڻ رِيت سان، اُنهن مان اَڪثر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5)

جيڪڏھن اُھي تنھنجي ڏانھُن نڪرڻ تائين صبر ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيستائين تون پاڻ انهن ڏي نڪري اچين تيستائن هو صبر ڪن ها ته هنن لاءِ وڏي چڱائي ٿئي ها، ۽ الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن تحقيق اهي صبر ڪن ها ايستائين جو توهان انهن ڏانهن پاڻ ٻاهر اچو ها ته اهو انهن لاءِ بهتر هو، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جيڪڏهن اهي صبر ڪن ها جيستائين تون (پاڻهين) انهن ڏي نڪرين ته انهن لاءِ چڱو ٿئي ها. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن تحقيق اهي صبر ڪن تان جو نڪرو اوهان انهن ڏانهن ته البته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اهي صبر ڪن ها جيستائين تون (پاڻهين) انهن ڏي نڪرين ته انهن لاءِ چڱو هجي ها ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اُهي صبر ڪن ها ايستائين جو تون خود انهن ڏانهن نڪرين ها ته اهو انهن لاءِ بهتر هيو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تان نِڪرِين تون، تَن ڏي، سَهن ها صَبر، اِهو طريقو تن لئي، بِلڪُل هُئو بِهتر، ۽ پِيارو پَروَر، آهي مَرهِيندڙ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6)

اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪو بدڪار ڪا خبر اوھان وٽ آڻي ته جاچ ڪريو جو (متان) ڪنھن قوم کي بي خبريءَ سان نقصان پھچايو پوءِ جيڪي اوھان ڪري چڪؤ تنھن تي پشيمان ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! جيڪڏهن ڪوبه بدڪار (۽ بي فرمان) ماڻهو توهان وٽ ڪا خبر آڻي ته پهريائين تحقيقات ڪيو (يعني جانچ جونچ ڪري ڏسو ته سچي آهي يا ڪوڙي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪوڙي ڳالهه تي عمل ڪري) توهان اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ڪن ماڻهن کي تڪليف ۽ نقصان نه پهچايو ۽ پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو جيڪڏهن توهان وٽ ڪو گنهگار ڪا خبر آڻي پوءِ توهان تحقيقات ڪريو متان بي خبريءَ ۾ توهان ڪنهن قوم کي تڪليف پهچايو، پوءِ توهان پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو بدڪردار (ماڻهو) اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته جاچ ڪريو جو متان ناداني سان ڪنهن قوم کي نقصان رسايو پوءِ پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! جيڪڏهن آڻي اوهان وٽ ڪو فاسق ڪا خبر ته پوءِ جاچ ڪيو متان نقصان پهچايو ڪنهن قوم کي بي خبريءَ جي ڪري پوءِ ٿي پئو ان تي جيڪي ڪيُوَ پشيمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو نافرمان اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته جاچ ڪريو جو متان نادانيءَ سان ڪنهن قوم تي وڃي پئو پوءِ سڀاڻي پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! اگر اوهان وٽ ڪو پڌرو گنهگار ڪا خبر آڻي ته خوب جاچ ڪيو متان توهان ڪنهن قوم کي بي خبري ۾ تڪليف پهچائي ويهو پوءِ پنهنجي ڪيل تي پاڻ پشيمان ٿي پئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي، جَن اَلله ۾، آندو اعتبار!، اَچي اوهان وٽ جي کَڻِي، ڪو خارِي خبر چار، ته پهرين پُورِئَ رِيت ڪريو، اُنهِئَ جِي اُپٽار، متان ڪريو ڪِنهن قوم تي، ويسلائـِي ۾ وار، پوءِ ڪيان جو ڪم ڪار، تنهن تي پِره سان پَڇتائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7)

۽ ڄاڻو ته اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو ته اوھين ڏکيا ٿيندؤ پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ ان کي چڱو ڪري ڏيکاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اھي سڌي رستي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي مسلمانؤ) ڄاڻو (۽ چڱيءَ طرح ڄاڻو ۽ ياد رکو) ته اوهان ۾ الله جو رسول موجود آهي (جو الله جي حڪمن موجب اوهان جي لاءِ هر طرح جو نظام رکي ٿو) جيڪڏهن هو گهڻين ئي ڳالهاين ۾ توهان جي چوڻ تي هلي ته توهان وڏين مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ پئجي وڃو. پر الله تعاليٰ اوهان کي اوهان جو ايمان پيارو ڪيو آهي (۽ اوهان کي ان ايمان سان حب آهي) ۽ ان ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو آهي (يعني توهان جون دليون ان ايمان کي پسند ٿيون ڪن) ۽ الله تعاليٰ توهان ۾ ڪفر، بدڪاري ۽ بي فرمانيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙائي ماڻهو آهن جيڪي سچ پچ نيڪيءَ جي راهه تي هلندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان معلوم ڪريو بيشڪ توهان ۾ الله جو رسول آهي، جيڪڏهن رسولِ عربي گھڻن معاملن ۾ توهان جي اطاعت ڪري ته توهان ضرور تڪليف ۽ هلاڪت ۾ پئو ها، پر الله تعالى توهان لاءِ ايمان کي پسند فرمايو ۽ ان کي توهان جي دلين ۾ سينگاريو ۽ توهان لاءِ ڪفر ۽ فِسق ۽ عصيان (نافرماني) کي ناپسند فرمايو، اهي ئي سنئين رستي تي پهچندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ خدا جو رسول (موجود) آهي. ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جو جيڪڏهن (انهن مان ڪا) اوهان جي ڳالھ مڃي اوهين ڏکيا ٿيو پر خدا ته ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو آهي ۽ ڪفر ۽ بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان اوهان کي بيزار ڪيو اٿس. اهي ماڻهو هدايت جي راھ تي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ۾ الله جو رسول (موجود) آهي جيڪڏهن چوڻ مڃيندو اوهان جو گهڻن امرن ۾ ته البته تڪليف ۾ پوندؤ پر الله پيارو بنايائين اوهان وٽ ايمان ۽ سينگاريائين ان کي اوهان جي دلين ۾ ۽ ناپسند ڪيائين اوهان وٽ ڪفر ۽ فسق ۽ گناهه ۽ اهيئي هدايت وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي. جيڪڏهن گهڻن ڪمن ۾ اوهان جي ڳالهه مڃي ته اوهين ڏکيا ٿيو پر الله اوهان وٽ ايمان کي پيارو ڪيو آهي ۽ ان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو اٿس ۽ اوهان وٽ ڪفر ۽ گناهه ۽ نافرماني بڇڙي ڪئي اٿس. اهي ئي سڌي رستي وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ (پڪ) ڄاڻو ته بيشڪ توهان ۾ الله جو رسول موجود آهي. جيڪڏهن گهڻن ڪمن ۾ اهو اوهان جي ڳالهه مڃي ته توهان مشڪل ۾ پئجي وڃو پر الله ايمان کي اوهان جو محبوب بنايو آهي ۽ ان کي توهان جي دلين ۾ سينگاريائين ۽ ڪفر ۽ گناهه ۽ نافرماني کي توهان وٽ ناپسنديده بنايائين. اِهي ئي راهِ هدايت وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڄاڻو ته اوهان ۾ آھِ، خود، سَندو رَبَّ رَسُول، گھڻيون ڳالهيون اَنهنجون، جي ڪري هُوند قبول، ته مُرڳوئـِي مَلول!، اَوهِين اَچِي وِيا آزار ۾. پَر وَڻايو پاڻ ڌَڻِئَ، اَوهان کي اِيمان، سوئـِي اَنهنجي سِينن ۾، سِينگاريو سُبحان، ۽ ناپسند اَنهنجي نظر ۾، ڪيائـِين ڪُفران، پڻ بُڇڙايون ۽ ڀَڃڻ وَرِي، فائـِق جا فرمان، اِهي جَن اَرڪان، آهِن سَواٽا، سي صَحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8)

الله جي فضل ۽ احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (اوهان تي) الله جو فضل آهي ۽ (اوهان لاءِ) وڏي نعمت آهي (جو توهان سچو ايمان رکو ٿا ۽ رسولﷺ جي فيصلن کي پسند ڪيو ٿا، اگرچه اُهي اوهان جي مرضيءَ موافق نه هجن) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(اها) الله تعالى جي طرفان فضل ۽ نعمت آهي ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ صاحبِ حڪمت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ۽ خدا ته وڏو واقف ڪار ۽ حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


مهرباني ٿي الله وٽا ۽ نعمت ٿي ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


(هي) الله جي فضل ۽ نعمت سبب آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀَلي ڌَڻِئ جي ڀال سان، پڻ اِنهِئَ جي اِحسان، ۽ سَمجھندڙ سُبحان، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9)

۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻه ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن ته سندن وچ ۾ صُلح ڪريو، پوءِ جيڪڏھن انھن مان ھڪڙي ٻي تي زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ٿي ڪري تنھن سان وڙھو جيسين تائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي ته سندن وچ ۾ انصاف سان صُلح ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇوته الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن مؤمنن مان ڪي ٻه ڌريون پاڻ ۾ تڪراري هجن ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻئي ڌر تي زيادتي ۽ ظلم ڪري ته پوءِ انهيءَ ڌر سان لڙو ۽ مقابلو ڪيو، جيستائين خدا جي (يا عادل حاڪم جي) حڪم تي تعميل ڪري. پوءِ جيڪڏهن (عدل واري حڪم جي) تعميل ڪري ته پوءِ انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ عدل سان صلح ۽ ٺاهه ڪري ڇڏيو ۽ (هميشه) انصاف ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري (۽ انصاف نه ڪندڙن تي لعنت ٿو ڪري).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن مؤمنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن پوءِ توهان انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح ڪرايو، پوءِ جيڪڏهن انهن مان هڪڙي جماعت ٻيءَ تي زيادتي ڪري پوءِ توهان زيادتي ڪندڙن سان وڙهو ايستائين جو اهي الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچن، پوءِ جيڪڏهن موٽي اچن پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ عدل سان صلح ڪرايو ۽ توهان انصاف ڪريو، بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ٻه جماعتون مؤمنن مان وڙهن ته پوءِ صلح ڪيو انهن جي وچ ۾ پوءِ جيڪڏهن زيادتي ڪري هڪڙي انهن مان ٻيءَ تي ته پوءِ جنگ ڪيو ان سان جيڪا زيادتي ڪري تانجو موٽي الله جي امر ڏانهن پوءِ جيڪڏهن موٽي پوء صلح ڪيو انهن جي وچ ۾ عدل سان ۽ انصاف ڪيو بيشڪ الله محبت رکي ٿو انصاف ڪندرن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن ايمان وارن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهين مان هڪڙي ٻيءَ (ڌر) تي ڪا زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ڪري ٿي تنهن سان وڙهو جيستائين الله جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جيڪڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف ڪريو. بيشڪ انصاف ڪرڻ وارا الله کي وڻن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن ايمان وارن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو، پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهين مان هڪڙي ٻي تي ڪا زيادتي ڪري ته پوءِ ان سان لڙو جيڪا زيادتي ڪري ٿي، جيستائين الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏهن موٽي اچي ته ٻنهين جي وچ ۾ عدل سان صلح ڪرايو ۽ انصاف ڪيو. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ٻه ڌُريون مُؤمنن مان، جي لڙن هِڪ ٻئي ساڻ، ته پَئـِي وِچ ۾ پاڻ، صُلح ڪرايو اُنهن کي. پوءِ جي اُنهن مان هِڪ، هَرُوڀَرُو وَڌِي ويڙهه ڪري، ته اَوهِين به لَڙو اُن سان، پِڙ ۾ پير ڀَري، وَڃِي، تان وَرِي، اَمر ڏانهن ﷲ جي، پوءِ جي وَري ڪِنهِين وار، ته ٺاهيو عَدل سان اُنهن کي، عدل ۽ انصاف تي، بِيهو برقرار، پاڻئون ڏئي پِيار، آگو اِنصافِيَن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10)

مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً مؤمن سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن تنهن ڪري پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ (عدل سان) صلح ڪرائي ڇڏيو ۽ خدا کان ڊڄو (۽ خدا جي حڪمن تي هلو) انهيءَ لاءِ ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


مؤمن (ديني) ڀائر آهن، پوءِ توهان پنهنجي ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ توهان الله کان ڊڄو ته يقيناً (توهان) تي رحم ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن ته پنهنجن ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سيد فرمان علي)


مؤمن ته (پاڻ ۾) ڀائر آهن پوءِ صلح ڪيو پنهنجن ڀائرن جي وچ ۾ ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ ايمان وارا ته ڀائر ئي آهن پوءِ پنهنجي ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو. ۽ الله کان ڊڄو ته من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (مولانا محمد مدني)


بلاشڪ سڀئي ايمان وارا (پاڻ ۾) ڀائر آهن پوءِ توهان پنهنجي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو اميد آهي ته توهان تي رحم ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُؤمن مِڙئـِي پاڻ ۾، بي شڪ آهن ڀار، پوءِ ٺاهيو پَنهنجي ڀائرِين، تُرت ڪَڍو تَڪرار، ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، ته اَوهان سان اِحسان ٿِئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11)

اي ايمان وارؤ ڪا ٽولي ڪنھن ٽولي تي ٺـٺولي نه ڪري جو متان اُھي اُنھن کان ڀلا ھجن ۽ نه زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي اُنھن کان ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بي دينيءَ جو نالو (پوڻ) خراب آھي، ۽ جن توبه نه ڪئي سي ئي ظالم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! (خبردار! اوهان مان) هڪڙا ماڻهو ٻين ماڻهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون نه ڪن. ممڪن آهي ته اهي ٻيا مرد انهن (چٿرون ڪندڙن) کان بهتر هجن، نڪي هڪڙيون عورتون ٻين عورتن تي (کلون مسخريون ڪن) ممڪن آهي ته اهي ٻيون عورتون انهن (کلون ڪندڙ) عورتن کان بهتر هجن ۽ توهان هڪٻئي جي بدناموسي نه ڪيو (۽ هڪٻئي کي طعنا نه هڻو) ۽ هڪٻئي تي خراب نالا نه رکو. ايمان آڻڻ بعد (ان ماڻهو تي جنهن ايمان آندو آهي) خراب نالو رکڻ وڏي بڇڙائي آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو (آئنده انهن بڇڙن ڪمن کان) توبهه ڪري باز نه ايندا سي وڏا گنهگار ۽ ظالم آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو ! (امير) مردن کي (غريب) مردن تي کِلڻ نه گھرجي، ٿي سگھي ٿو ته اهي مذاق ڪندڙ کان بهتر هجن ۽ نه عورتون عورتن تان کِلن، ٿي سگھي ٿو ته اهي مذاق ڪندڙن کان بهتر هجن، ۽ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا نه ڏيو ۽ هڪ ٻئي کي خراب لقبن سان نه پڪاريو، ايمان آڻڻ کان پوءِ فاسق چوڻ ڪهڙو نه خراب نالو آهي، ۽ جيڪو ماڻهو توبه تائب نٿو ٿئي پوءِ اهي ئي ظالم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! (اوهان مان ڪنهن قوم جو) ڪو به مرد (ٻي قوم جي) مردن تي ٺٺولي نه ڪري جو متان اهي هن کان (خدا وٽ) چڱا هجن ۽ نه عورتون عورتن سان (ٺٺولي ڪن) جو متان اهي هنن کان چڱيون هجن. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا لڳايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا چيڙائڻ وارا وجهو. ايمان کان پوءِ بدڪاريءَ جو نالو بڇڙو آهي. ۽ جيڪي (انهن ڳالهين کان) توبه نه ڪندا سي ئي ظالم آهن.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! نه ٺٺول ڪري ڪا قوم ڪنهن قوم تان ويجهو آهي هي ڳالهه جو هجن ڀلا انهن کان ۽ نه عورتون عورتن تان ويجهو آهي جو هجن ڀليون انهن کان ۽ نه عيب لايو هڪ ٻئي کي ۽ نه سڏيو هڪ ٻئي کي برن لقبن سان برو آهي نالو فسق ايمان کان پوءِ ۽ جن نه توبہ ڪئي پوءِ اهيئي ظالم آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! ڪا قوم ڪنهن قوم تي ٺٺولي نه ڪري جو متان اُهي هنن کان چڱا هجن ۽ نه عورتون عورتن تان جو متان اُهي هنن کان چڱيون هجن. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي عيب لڳايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا چيڙائڻ وارا رکو جو ايمان کان پوءِ بدتهذيبيءَ جو نالو بڇڙو آهي. ۽ جيڪي توبهه نه ڪندا سي ئي ظالم آهن. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! (مردن جو) ڪو گروهه ٻئي ڪنهن گروهه تي ٺٺول نه ڪري ممڪن آهي جو اُهي (ٺٺول ڪيل) بهتر هجن انهن (ٺٺول ڪندڙن ) کان ۽ نه عورتون عورتن (تي ٺٺول ڪن) ممڪن آهي اُهي (ٺٺول ڪيل) عورتون بهتر هجن انهن (ٺٺول ڪندڙ) عورتن کان. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي عيب لڳايو، ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا رکو. ڪنهن جي ايمان (آڻڻ) کان پوءِ ان کي فاسق چوڻ ڏاڍو برو نالو آهي، ۽ جنهن توبه نه ڪئي پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي ويساھ وارا!، نه کِلي ذات تان، مَتان موچارا، هُو هُجن، هِن ڪنان. زالون، نَه بِين زالن تان، ڪَن کِل ۽ خواريون، مَتان موچاريون، هُو هُجن، هِن ڪنان. ۽ ڪَچ نه ڪَڍو پاڻ مان، نه رکو بُڇڙو نام، بُڇڙو نالو، مَڃڻ پُوان، مَٺو آھِ مُدام، جَن توبه نه ڪَئـِي تمام، آهن اَنڌارِيَل ئـِي اُهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12)

اي ايمان وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو، بيشڪ ڪي گمان گناھ آھن ۽ نڪي جاسوسي ڪريو ۽ نڪو ڪو اوھان مان ھڪ ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا جنھن کان نفرت ڪندا آھيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! اڪثر گمانن کان پري رهو. بيشڪ ڪي گمان گناهه جي برابر آهن. ۽ جاسوسي نه ڪيو (يعني لڪي ڇپي ٻين جا احوال معلوم نه ڪيو. نه ڪي پراوا خط پٽ پڙهو) ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين جي پرپٺ گلا نه ڪن. (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ) توهان ۾ ڪوبه اهڙو آهي ڇا جو پسند ٿو ڪري ته، پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ توهان ته ان کان سخت نفرت ڪندا آهيو (پوءِ پرپٺ گلا ڪرڻ کان ڇو نٿا نفرت ڪيو). خدا کان ڊڄو (۽ باز اچو) بيشڪ خدا باز اچڻ وارن جي توبهه قبول ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان گھڻن گمانن کان بچو، بيشڪ ڪي گمان، گناه آهن ۽ توهان هڪ ٻئي جي جاسوسي نه ڪريو ۽ توهان هڪ ٻئي جي گِلا نه ڪريو، ڇا توهان مان هڪڙو اهو پسند ڪري ٿو ته اهو پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي، پوءِ توهان ان کي مڪروهه سمجھو ٿا، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو بيشڪ الله تعالى توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! گهڻو شڪ ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهو ڇو ته ڪي بدگمانيون گناھ آهن ۽ نه (ڪنهين جي) جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪ ٻئي جي گلا (غيبت) ڪري ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالھ وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ اوهين ته ضرور ان (ڳالھ) کي پسند نه ڪندو! ۽ خدا کان ڊڄو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! بچو گهڻن گمانن کان بيشڪ بعضي گمان گناهه آهن ۽ نه عيب ڳوليو ۽ نه گلا ڪن هڪڙا اوهان مان ٻين جي ڇا محبت رکي ٿو هڪڙو اوهان مان ته کائي گوشت پنهنجي مئل ڀاءُ جو پوءِ نه پسند ڪندؤ اوهان ان کي ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله توبہ قبول ڪندڙ، مهربان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! گهڻي شڪ ڪرڻ کان بچو ڇو ته ڪي شڪ گناهه آهن ۽ نه (ڪنهن جي) جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪ ٻئي جي گِلا ڪري. ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالهه وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي پوءِ اوهان ان کي ته بڇڙو سمجهو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! گهڻي شڪ ڪرڻ کان بچو، ڇو ته ڪي شڪ گناهه هوندا آهن ۽ (ڪنهن جي به) جاسوسي نه ڪيو ۽ توهان مان هڪڙو ٻئي جي گلا نه ڪري ڇا توهان مان ڪو پسند ڪندو ته پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ سو توهان ان کي بڇڙو سمجهو ٿا. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي اُهي، جَن مَڃيو، صِدق سَچائـِئَ ساڻ!، گَھڻن گُمانن کان پاسو ڪريو پاڻ، بُڇڙا آهِن ڀاڻ، ڪي ڪي وَهم، وُجود جا. ۽ چُڪون ڪِين چَڪاسيو، جوڻت ڪِين جُڳاءِ، اَوهان مان، ڪو ڪِنهن جا، پَرپُٺ پاپ نه ڳاءِ، ڇا، اَوهان مان، ڪِنهن هيڪ کي، وَڻي اِها واءِ، ته ماس مُئل ڀائسِ جو، ويهِي خُوشِئَ مان کاءِ؟ پوءِ جائـِي پَنهنجي جاءِ، بُرو ڀانيان اُن کي. ۽ ڊِڄو اَوهِين اَلله کان، آهي پاڪ اَللهُ ؟ وَرڻ وارو واھ!، پڻ تَرسوند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13)

اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو! مون اوهان کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي (تنهن ڪري توهان سڀ هڪ ڪٽنب آهيو ۽ پاڻ کي هڪ ڪٽنب جا ڀاتي سمجهو) ۽ توهان ۾ ذاتيون ۽ قبيلا ٺاهيا اٿس، سو رڳو هن لاءِ ته توهان هڪٻئي کي (انهن ذاتين تي) سڃاڻو (نه هن لاءِ ته ڪي ذاتيون ٻين کان عزت ۾ وڌيڪ آهن اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو الله جي نظر ۾ اهو آهي جيڪو اوهان مان تقويٰ ۾ (يعني نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ ۾) سڀني کان وڌيڪ آهي. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀڪا خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو ! بيشڪ اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت (حضرت آدم ۽ بيبي حوا) مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ڪُڙم ۽ قبيلا ڪري پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگھو، بيشڪ الله تعالى وٽ توهان مان وڌيڪ معزز توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي، بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته (جيئن) هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ (۽) پوري پوري خبر رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! بلاشڪ اسان پيدا ڪيو اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان ۽ بنايوسون اوهان کي ذاتيون ۽ قبيلا تانته هڪ ٻئي کي سڃاڻو بلاشڪ وڌيڪ عزت وارو اوهان مان الله وٽ اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي بيشڪ الله ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ماڻهو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻڻ وارو پوري خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي قومون ۽ برادريون بنايو آهي ته جئين هڪ ٻئي کي سُڃاڻي سگهو. بيشڪ الله وٽ اوهان مان زياده عزت دار اُهو آهي جيڪو توهان مان زياده پرهيزگار آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر وار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِنسانو! جوڙيو سون آن کي، مَنجھان نَر ۽ نار، ۽ ڪياسون قَبِيلا، ڪٖيڙ ڪَئـِين، اوهان کي اِظهار، تان صَحِي سُڃاڻو پاڻ کي، نِشانِيِـين نِروار، اوهان مان اَخلاق ۾، جو نِرمل نيڪو ڪار، عِزّت وارو آھِ سو، قادِر وٽ ڪلتار، صَحِي سَمجھدار، پڻ خُدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14)

جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ٻهراڙيءَ جا ڪي عرب (تو وٽ اچي) چئي رهيا آهن ته، اسان ايمان آندو آهي. (اي پيغمبر کين) چئو ته، توهان ۾ (سچو) ايمان (۽ يقين) ڪونهي. پر هيئن چئو ته، اسان تابعداري اختيار ڪئي آهي، ڇو ته اڃا ته اوهان جي دلين ۾ (سچو) ايمان داخل ڪونه ٿيو آهي. پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول جي (يعني اسلامي سرڪار جي) تابعداري اختيار ڪيو ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان جي عملن مان ڪجهه به ضايع نه ڪندو بيشڪ الله تعاليٰ بار بار بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ٻهراڙيءَ جي ماڻهن چيو، اسان ايمان آندو، رسولِ عربي توهان فرمايو توهان ايمان نه آندو پر توهان چئو اسان فرمانبرداري ڪئي ۽ اڃان تائين توهان جي دلين ۾ ايمان ڪٿي داخل ٿيو آهي، ۽ جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪندا ته توهان جي عملن مان ڪا شيءِ گھٽ نه ٿيندي، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ٻهراڙي وارا عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. (اي رسول) تون چوين ته اوهان ايمان نه آندو آهي پر اوهين (هئين) چئو ته اسان اسلام قبول ڪيو آهي. هوڏانهن ايمان ته اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ (ئي) نه گهڙيو آهي. پر جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندو ته اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجھ به نه گهٽائيندو بيشڪ خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


چيو ٻهراڙي وارن ته اسان ايمان آندو آهي فرماءِ ته نه ايمان آندو اوهان ۽ پر چئو ته تابعدار ٿياسون ۽ اڃان نه داخل ٿيو ايمان اوهان جي دلين ۾ ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ الله جي ۽ ان جي رسول جي ته نه گهٽائيندو اوهان کان اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجهه به نيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ٻهراڙيءَ وارن چيو ته اسان ايمان آندو آهي. (اي پيغمبر !) تون چوينِ ته اوهان ايمان نه آندو آهي پر اوهين چئو ته اسان تابعداري قبول ڪئي ۽ ايمان اڃان تائين اوهان جي دلين ۾ نه گهڙيو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين الله ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندو ته اوهانجن عملن (جي اجر) مان ڪجهه به نه گهٽائيندو. بيشڪ الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ٻهراڙي وارن چيو ته: ”اسان ايمان آندو آهي“. چؤ ته توهان ايمان نه آندو آهي ها هيئن چئو ته ”اسان فرمانبردار ٿياسين“، ۽ اڃا ايمان اوهان جي دلين ۾ داخل به نه ٿيو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان الله ۽ ان جي رسول جو چيو مڃندؤ ته اُهو توهان جي عملن (جي ثواب مان) ڪجهه به نه گهٽائيندو بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اعرابِيَن آکيو ته، آندو سون اِيمان، چَئو، ته مَڃيان نه مُورهِين، پَر آکيو اِئين عيان، ته هَليا سون حُڪمن تي، ظاهِر مَنجھ زمان، ۽ جڏهن مَڃڻ اَوهان جي مَن ۾، ڪيو نه ماڳ مَڪان، رَبَّ سَندسِ رسول جا، جي پارِيندا فَرمان، ته ڪندو نه اَنهنجي ڪمن مان، ذَرو ڪُجھ زِيان، بارِي بي گمان، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15)

مؤمن رڳو اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو وري (ڪو) شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي بني اسد قبيلي جا عرب!) مؤمن ته فقط اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي (پڪو ۽ سچو) ايمان آندو آهي (۽ هنن کي دل جو يقين آهي ته قرآن جو نظام ئي صحيح آهي) ۽ جن کي (قرآن جي سچائيءَ ۾) ڪڏهن به ذرو به شڪ نه پيو آهي ۽ جن خدا جي راهه ۾ پنهنجي مال ملڪيتن ۽ پنهنجي جانين سان جهاد (يعني بي انتها ڪوشش) پئي ڪئي آهي، فقط اهي ئي آهن جيڪي سچا (مؤمن) آهن. (ٻيا منافق آهن).(علامه علي خان ابڙو)


مؤمن ته اهي آهن جن الله تعالى ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو ان کان پوءِ (ڪوبه) شڪ نه ڪيو ۽ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪيو، اهي ئي سچا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ايمان وارا اهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، (۽) وري شڪ نه ڪيائون پڻ خدا جي راھ ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانن سان جهاد ڪيائون. اهي ئي سچا آهن.(سيد فرمان علي)


ايمان وارا ته اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي ان کان پوءِ نه شڪ ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن سان الله جي واٽ ۾ اهيئي سچا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ايمان وارا اهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، وري شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانن سان جنگ ڪيائون. اهي ئي سچا آهن. (مولانا محمد مدني)


ايمان وارا صرف اِهي ئي آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو پوءِ شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيائون. اُهي ئي سچا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَچا مُؤمن مُورهِين، آهِن اُهي اِنسان، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، آندو جَن اِيمان، تِنهان پوءِ تنهن ۾، نه ڪيائون شڪ گُمان، ۽ سَر تَن ۽ سِرتن پَنهنجا، راھ اَندر رحمان، ڪيائون قُربان، سَچا آهِن، سي صِحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون انهن بنو اسد اعرابين کي) چئو ته، ڇا توهان الله تعاليٰ کي پنهنجي دين جي خبر ٿا ٻڌايو (ته اسان ايمان آندو آهي. خدا کي اوهان جي دلين جي خبر ڪانهي ڇا؟) الله تعاليٰ ته سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، جيڪي آسمانن ۾ آهي سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو به ڄاڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته ڇا توهان الله تعالى کي پنهنجو دين ٻڌايو ٿا، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى ڪُل شيءِ جو علم رکندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! انهن کان) پڇو ته ڇا اوهين خدا کي پنهنجي دينداري ڏيکاريو ٿا؟ ۽ خدا ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. ۽ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڇا ڄاڻايو ٿا الله کي پنهنجو دين ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) تون چؤ ته اوهين پنهنجو دين الله کي ڏيکاريو ٿا ڇا؟ هوڏانهن جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي! ايمان جي دعويدارن کي) چؤ ته ڇا توهان پنهنجي دين جو الله کي اطلاع ڏيو ٿا؟ حالانڪه الله هر ان شيءِ کي ڄاڻي ٿو جا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڇا، ڄاڻايو ٿا پَنهنجو ڌَڻِئَ، خود کي دِين؟ اَلله ته آهي ڄاڻندو، جيڪِي اَندر اُڀ، زمين، بارِي بالابِين، سَمجھندڙ سَڀڪِنهن ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17)

(اي پيغمبر) اسلام آڻڻ جو توتي احسان رکندا آھن، چوينِ ته مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نه رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين جيڪڏھن سچا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر اهي بنو اسد جا ماڻهو) توتي ٿورو ٿا ٿڦين (۽ توتي احسان ٿا رکن) ته اسان اسلام اختيار ڪيو آهي. هنن کي چئو ته، مون تي پنهنجي اسلام جو احسان نه رکو. پر حقيقت هيءَ آهي ته جيڪڏهن توهان سچ ٿا چئو ته (اسان مسلمان ٿيا آهيون ته) پوءِ اوهان تي اهو الله تعاليٰ جو احسان آهي جو اوهان کي ايمان تي آندو اٿس.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي اهي توهان تي اسلام آڻڻ جو ٿورو رکن ٿا، توهان فرمايو توهان پنهنجو اسلام آڻڻ جو ٿورو مون تي نه رکو، بلڪ توهان تي الله تعالى جو ٿورو آهي جو توهان کي ان ايمان جي هدايت عطا ڪئي. جيڪڏهن توهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر) تو تي اهي ماڻهو اسلام آڻڻ جو احسان رکن ٿا (تون کولي) چوين ته اوهين پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي احسان نه رکو! پر جيڪڏهن اوهين ايمان جي دعوى ۾ سچا آهيو ته (ڄاڻو ته) خدا توهان تي احسان ڪيو جو اوهان کي ايمان جي راھ ڏسي.(سيد فرمان علي)


احسان ڪن ٿا توتي هي ته مسلمان ٿيا فرماءِ ته نه احسان ڪيو مون تي پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو بلڪ الله احسان ڪري ٿو اوهان تي هي ته هدايت ڪيائين اوهان کي ايمان جي لاءِ جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله سڀ شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي(اي پيغمبر! اهي) توتي احسان رکن ٿا ته انهن ايمان آندو آهي تون چوينِ ته مون تي پنهنجي تابعداري قبول ڪرڻ جو احسان نه رکو بلڪ الله اوهان تي هي احسان رکي ٿو ته اوهان کي ايمان جو رستو ڏيکاريو اٿس جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


اهي توتي ٿورو رکن ٿا ته انهن اسلام آندو آهي. چؤ ته توهان پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي ٿورو نه رکو، بلڪه الله توهان تي احسانُ ڪري ٿو جو ان توهان کي ايمان جو رستو ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٿورو ٿاڦِين پِيا توتي، ته آندائون اِيمان، چئو، اوهان جي اِيمان جِي، مون کي ڪاڻ ڏيکاريو ڪانه، اَلله اَوهان سان ٿو ڪري، اُٽلندا اِحسان، سُهايا سُبحان، جي آهيو صَفا سَچ سِير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18)

بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جا راز ۽ غيب بخوبي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن جو غيب ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جي ڳجھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ڳجهه آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪيو ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه کي ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳُجهه ڄاڻي ٿو ۽ اوهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا الله ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله آهي ڄاڻندو، اُڀ، ڀُويَن جا اَسرا، پڻ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017