047 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1
جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان برباد ڪيائين عمل انهن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجن ڪفر ڪيو ۽ الله جي رستي کان (ٻين کي) روڪيو تن جي عملن کي (الله) برباد ڪري ڇڏيو.
— مولانا محمد مدنيجن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي الله تعالى جي رستي کان روڪيائون ته (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2
۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ايمان آندائون ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو محمد تي ۽ اهو حق آهي سندن رب وٽان ۽ مٽايائين انهن کان گناھ انهن جا ۽ سينگاريائين حالت انهن جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ان کي مڃيو جو محمدﷺتي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اهوئي سندن پاليندڙ جي طرفان سچ آهي. تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون اٿس ۽ سندن حالت سڌاري اٿس.
— مولانا محمد مدني۽ جن ماڻهن (الله تعالى ۽ ان جي رسولﷺ تي) ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ ﷴ(ﷺ) تي نازل ڪيل ڪتاب (قرآن) تي ايمان آندو (۽ دل ۾ يقين ڪيائون ته) اِهوئي پنھنجي پالڻھار جي طرفان برحق ڪتاب آهي ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي ڪوتاهين کي دور ڪري سندن معاملات کي درست ڪري ڇڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3
اهو ان سببان جن بلاشڪ جن ڪفر ڪيو تابع ٿيا باطل جا ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تابع ٿيا حق جا پنهنجي رب وٽان اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله ماڻهن جي لاءِ سندن مثال .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو هن ڪري جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا ۽ ايمان وارن سچ جي پيروي ڪئي جو سندن پاليندڙ جي طرفان آهي. اهڙيءَ طرح الله ماڻهن (جي سمجهڻ) لاءِ سندن حالتون بيان ڪري ٿو.
— مولانا محمد مدنياهو ان ڪري آهي جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي. ۽ ايمان آڻيندڙن پنھنجي پالڻھار جي طرفان آيل حق ڳالهه جي پيروي ڪئي، اهڙي طرح الله تعالى ماڻهن کي سندن (مختلف) حالتون بيان ڪري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4
پوءِ جڏهن سامهون اچو انهن کي جن ڪفر ڪيو پوءِ ڪنڌ ڪٽيو تان جو جڏهن خوب قتل ڪيو اوهان انهن کي پوءِ ڇڪي ٻڌو رسيون پوءِ يا احسان ڪيو ان کان بعد ۽ يا (وٺو) فديو تانجو رکي جنگ هٿيار پنهنجا ۽ جيڪڏهن گهري الله ته پاڻ بدلو وٺي انهن کان ۽ پر تانته آزمائي هڪڙن اوهان جن کي ٻين سان ۽ جيڪي ڪٺا وڃن ٿا الله جي واٽ ۾ پوءِ هر گز نه ضايع ڪندو عمل انهن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ (اي مسلمانو !) جڏهن اوهين ڪافرن سان مقابلو ڪريو ته (انهن جا) ڪنڌ ڪپيو ايتري تائين جو انهن کي جڏهن چڱيءَ طرح قتل ڪري چڪو ته ٻنڌڻن سان مضبوط ٻَڌونِ، پوءِ يا ته ان کانپوءِ (مٿن) احسان ڪريو يا بدلو وٺي ڇڏي ڏيونِ ايتري تائين جو جنگ پنهنجا هٿيار رکي. (حڪم) اهو آهي. ۽جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کان بدلو وٺي ها پر هن لاءِ (اهو حڪم ڪيو اٿس) ته اوهان مان ڪن کي ڪن سان پرکي. ۽ جي الله جي رستي ۾ ماريا ويا آهن تن جي ڪمن کي برباد نه ڪندو.
— مولانا محمد مدنيجڏهن جنگ جي ميدان ۾ توهان جو ڪافرن سان مقابلو ٿئي ته سندن سِسيُون لاهي ڇڏيو. ۽ جڏهن کين چڱي طرح چٿي ڇڏيو ته باقي (زندهه بچي ويلن) کي گرفتار ڪري مضبوط ٻڌي ڇڏيو. پوءِ توهان انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا انهن کان فديو وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. اهو ايستائين آهي جو هو پنھنجا هٿيار ڦٽا ڪن. اهو ئي حڪم آهي ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن کان خود بدلو وٺي ها. پر هُن اِن لاءِ اهو حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهان سڀني جي هڪ ٻئي جي ذريعي آزمائش ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رستي ۾ مارجي وڃن ته هُو انهن جي عملن کي هرگز ضايع نه ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽوسَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5ۚ
جلد هدايت ڪندو انهن کي ۽ سينگاريندو انهن جي حال کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن کي رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حالت سڌاريندو.
— مولانا محمد مدني۽ (الله تعالى) اُنهن ماڻهن جي (جنت ڏانھن وڃڻ جي) رهنمائي ڪندو ۽ انهن جي آخرت جي معاملات کي درست ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6
۽ داخل ڪندو انهن کي بهشت ۾ جو سڃاڻايائين اهو انهن کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ کين جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جو حال انهن کي ٻڌائي ڏنو اٿس.
— مولانا محمد مدني۽ کين اُن جنت ۾ داخل ڪندو جنھن جي کين اڳ ۾ ئي ڄاڻ ڪرائي چڪو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن مدد ڪندؤ الله جي (دين جي) ته مدد ڪندو اوهان جي ۽ ثابت رکندو قدم اوهان جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهين الله جي مدد ڪندو ته الله اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان جا پير مضبوط ڪندو.
— مولانا محمد مدنياي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى جي (دين جي) مدد ڪندا ته الله تعالى به توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا پير پُختا ڪندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8
۽ جن ڪفر ڪيو پوءِ تباهي آهي انهن جي لاءِ ۽ گم ڪندو عمل انهن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن ڪفر ڪيو سي منهن ڀر ڪريا ۽ سندن ڪمن کي الله برباد ڪيو.
— مولانا محمد مدني۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ تباهي آهي ۽ (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9
اهو ان جي ڪري جو بلاشڪ انهن نا پسند ڪيو اهو جيڪو نازل ڪيو الله پوءِ ضايع ڪيائين عمل انهن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو هنڪري ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان کي هنن پسند نه ڪيو پوءِ سندن ڪم وڃائي ڇڏيائين.
— مولانا محمد مدنياهو اِن ڪري جو اُنهن (الله تعالى جي) نازل ڪيل تعليم سان نفرت ڪئي. تنهنڪري هن انهن جي سڀني عملن کي چَٽ ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا 10
ڇا پوءِ نه گهميا زمين ۾ پوءِ ڏسن ها ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي هئا اڳي انهن کان هلاڪت موڪلي الله انهن تي ۽ ڪافرن جي لاءِ مثال انهن جا آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا هو ملڪ ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳ هئا؟ الله مٿن بربادي وڌي. ۽ (هنن) ڪافرن لاءِ به اهڙيون (ئي سزائون) آهن.
— مولانا محمد مدنيڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو انجام ڪھڙو ٿيو؟ الله تعالى انهن جي مٿان تباهي آندي. ڪافرن لاءِ اهڙيون ئي سزائون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۧ11
اهو ان سببان جو بيشڪ الله مددگار انهن جو آهي جن ايمان آندو ۽ بيشڪ ڪافر ناهي ڪو مددگار انهن جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو هن ڪري ته الله ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪوبه مددگار نه آهي.
— مولانا محمد مدنياهو ان ڪري آهي جو الله تعالى ئي مؤمنن جو مددگار آهي ۽ بيشڪ ڪافرن جو ڪو مددگار نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ 12
بيشڪ الله داخل ڪندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ جن ڪفر ڪيو نفعو وٺن پيا ۽ کائين پيا جيئن کائين ٿا چوپايا جانور ۽ (جهنم جي) باهه جاءِ انهن جي آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بيشڪ الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. ۽ جن ڪفر ڪيو سي (دنيا ۾ ) مزا ڪن ٿا ۽ ائين کائين ٿا جيئن جانور کائين ٿا ۽ باهه سندين جاءِ آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، سي دنيا جا مزا وٺن پيا ۽ رڳو جانورن وانگر کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا آهن. آخرڪار سندن رهڻ جي جاءِ باهه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ 13
۽ گهڻائي ڳوٺ اهي وڌيڪ قوت ۾ هئا تنهنجي ڳوٺ کان جنهن ڪڍيو تو کي هلاڪ ڪيوسون انهن کي پوءِ ناهي ڪو مددگار انهن جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبر !) ڪيترائي ڳوٺ هئا جي طاقت ۾ تنهنجي ان ڳوٺ کان وڌيڪ هئا جن توکي ڪڍي ڇڏيو آهي، اسان انهن کي برباد ڪيو پوءِ ڪوبه انهن جو مددگار نه آهي.
— مولانا محمد مدني(اي نبي ﷺ!) ڪيترائي اهڙا شھر ٿي گذريا آهن جيڪي تنھنجي شھر (مڪي) کان وڏا طاقتور هئا جِتان هنن ماڻهن توکي ڪڍيو آهي. اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيوسين. پوءِ انهن کي ڪير به بچائڻ وارو نه هو.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 14
ڇا پوءِ جيڪي آهن روشن دليل تي پنهنجي رب وٽان ان جهڙا آهن جو سينگاريو ويو انهن جي لاءِ برو عمل انهن جو ۽ تابع ٿيا پنهنجن خواهشن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جو پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي آهي سو ان جهڙو آهي ڇا جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجن خواهشن تي هلن ٿا.
— مولانا محمد مدنيڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي واضح دليل تي هجي سو ان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو جنھن جا برا عمل کيس سھڻا ڪري ڏيکاريا ويا هجن. (درحقيقت) هي ماڻهو پنھنجي خواهشن جي پويان هلن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽومَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ 15
مثال جنت جو وعدو ڏنا ويا متقي ان ۾ نهرون آهن پاڻيءَ نه بدبودار ٿيندڙ جون ۽ نهرون کير جون جو نه ڦريو ان جو ذائقو ۽ نهرون شراب جون جيڪو لذيذ آهي پيئندڙن جي لاءِ ۽ نهرون ماکيءَ صاف ڪيل جون ۽ انهن جي لاءِ انهن ۾ هر قسم جا ميوا هوند ا ۽ بخشش سندن رب وٽان ان وانگر هوندا جو اهو هميشہ رهندڙ هوندو باھ ۾ ۽ پياريا ويندا پاڻي گرم پوءِ وڍيندو آنڊا انهن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن جنت جو وعدو پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي ان جو حال هي آهي ته ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جا واهه آهن جو بگڙڻ وارو نه آهي، ۽ اهڙي کير جا واهه آهن جنهن جو مزو نه ڦريو آهي، ۽ اهڙي شراب جا واهه آهن جنهن ۾ پيئندڙن لاءِ لذت آهي، ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جا واهه آهن، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ سندن پاليندڙ جي طرفان معافي آهي، اهي انهن جهڙا آهن ڇا جي (هميشه) باهه ۾ رهن ۽ کين گرم پاڻي پياريو وڃي پوءِ اهو سندن آنڊا وڍي ڇڏي.
— مولانا محمد مدنيپرهيزگارن سان جنھن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي ان جو (مختصر) بيان هي آهي ته ان ۾ اهڙي قسم جون نھرون وهنديون جنھن جو پاڻي ڪڏهن به نه سينواربو، کير جون نھرون هونديون جنھن جو ذائقو نه مٽبو، پيئڻ وارن لاءِ مزيدار شراب جون نھرون ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جون نھرون هونديون، ان ۾ مختلف قسم جا ميوا هوندا ۽ الله تعالى جي بخشش ۽ مھرباني به (گڏ) هوندي. (ڇا هي جنتي ماڻهو) انهن ماڻهن جھڙا ٿي سگهن ٿا جيڪي هميشه باهه ۾ رهڻ وارا آهن؟ جن کي اهڙو ته گرم پاڻي پياريو ويندو جو انهن جا آنڊا ئي ڳاري ڇڏيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 16
۽ انهن مان اهو به آهي جيڪو ڪن ڏئي ٻڌي ٿو توڏانهن تانجو جڏهن نڪتا تو وٽان ته چيائون انهن کي جيڪي ڏنا ويا علم ته ڇا فرمايائين هينئر اهي ئي آهن جو مهر هنئي الله انهن جي دلين تي ۽ تابع ٿيا پنهنجن خواهشن جا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن. جي توڏي ڪن ڏين ٿا تانجو جڏهن تو وٽان نڪرن ٿا ته جن کي علم ڏنو ويو آهي تن کي چون ٿا ته هاڻي ڇا چيائين؟ اِهي اُهي آهن جن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا آهن. ۽ جي هدايت جي رستي تي هليا
— مولانا محمد مدني(تُنهنجي محفل ۾ ويٺل) ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنھنجي ڳالهه کي وڏي غور سان ٻڌندا آهن. پر جڏهن توهان وٽان ٻاهر نڪري ايندا آهن ته علم وارن کي چوندا آهن ته هِن (رسولَ) ڇا چيو؟ الله تعالى اُنهن جي دلين تي مھر هڻي ڇڏي آهي، تنھنڪري هو پنھنجي خواهشن جي پويان لڳل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ 17
۽ جن واٽ ورتي وڌايائين انهن کي هدايت ۽ ڏنائين انهن کي سندن تقوى .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتن جي هدايت وڌائي اٿس ۽ انهن کي سندن پرهيزگاري ڏني اٿس.
— مولانا محمد مدني۽ جن ماڻهن سڌو رستو اختيار ڪيو ته الله تعالى انهن کي هدايت ۾ اڃا به وڌايو ۽ کين پرهيزگاري عطا ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ 18
پوءِ نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اچي انهن وٽ اوچتو پوءِ تحقيق آيون ان جون نشانيون پوءِ ڪٿي آهي انهن جي لاءِ انهن جو سمجهڻ جڏهن ايندي انهن وٽ قيامت .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اهي نه ٿا انتظار ڪن مگر ان گهڙيءَ جو ته اها مٿن اوچتي اچي سو ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها مٿن اچي پوندي تڏهن کين نصيحت وٺڻ ڪٿان نصيب ٿيندي.
— مولانا محمد مدنيڇا (ڪافر) ان انتظار ۾ آهن ته انهن تي قيامت اوچتو اچي. بيشڪ قيامت جي اچڻ جون نشانيون ته هنن وٽ اچي چڪيون آهن.باقي جڏهن قيامت ايندي ته انهن کي نصيحت وٺڻ جو موقعو ڪٿان ملندو؟
— عبدالسلام ڀُٽوفَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۧ19
پوءِ ڄاڻ ته بلاشڪ ناهي ڪو عبادت جو لائق، هڪ الله کانسواءِ ۽ مغفرت طلب ڪر پنهنجي پوئلڳن لاءِ ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي لاءِ ۽ الله ڄاڻي ٿو گهمڻ ڦرڻ اوهان جي کي ۽ اوهان جي آرام جي جاءِ کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ (اي پيغمبر !) تون ڄاڻ ته الله کانسواءِ ڪوبه حاڪم نه آهي ۽ پنهنجي گناهه جي معافي گهر ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن لاءِ به. ۽ الله اوهان جي ڦرڻ گهرڻ جي جاءِ ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو.
— مولانا محمد مدني(اي نبي ﷺ!) پختو يقين رک ته الله تعالى کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ تون پنهنجي ۽ مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ ڪمي بيشي ٿي وڃڻ جي معافي گهرندو رهه ۽ الله تعالى کي توهان جي سڀني مصروفيتن ۽ رهڻ جي جاين جي خوب خبر آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۚ20
۽ چون ٿا اهي جن ايمان آندو ته ڇو نه نازل ڪئي وئي سورة پوءِ جڏهن نازل ڪئي وئي سورة محڪم ۽ ذڪر ڪيو ويو ان ۾ جهاد ته ڏسندين انهن کي جن جي دلين ۾ بيماري آهي نهارين پيا تو ڏانهن مثل ڏسڻ ان جي جو غشي ڪئي وئي ان تي موت جي پوءِ ڀلو آهي انهن جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ايمان وارا چون ٿا ته ڇا لاءِ ڪا سورت نازل نه ڪئي ويئي. پوءِ جڏهن ظاهر معنيٰ واري سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي تن کي ڏسندين ته توڏي ان ماڻهوءَ جي نهارڻ وانگر ڏسن ٿا جنهن کي موت (جي سڪرات) کان بيهوشي پهتي هجي. سو انهن لاءِ خرابي آهي.
— مولانا محمد مدني۽ ايمان وارا چون ٿا ته (جھاد جي باري ۾) ڪا هڪ به سورت ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ پوءِ جڏهن واضح سورت نازل ڪئي وئي ۽ ان ۾ جھاد ڪرڻ جو کليل حڪم ڏنو ويو ته توهان ڏٺو ته جن جي دل ۾ (منافقت جي) بيماري هئي سو توڏي اهڙي طرح ڏسن پيا جيئن موت واري بيهوشيءَ ۾ ورتل ماڻهو ڏسندو آهي. سو انهن (جي حال) تي افسوس آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو