القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 4 سُوۡرَۃُ الۡاَحۡقَافِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 35


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

1. حٰمٓ.(علامه تاج محمود امروٽي)


حا – ميم(علامه علي خان ابڙو)


حٰـمۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


حم(سيد فرمان علي)


حا - ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


حم. (مولانا محمد مدني)


حاميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، حَقِيقت حامِيم،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2)

2. ڪتاب جو لاھڻ غالب حڪمت واري الله وٽان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي قوت ۽ حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي، جيڪو غالب (۽) حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هي) ڪتاب (۽) زبردست حڪمت واري خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي.(سيد فرمان علي)


نازل ڪرڻ ڪتاب جو الله، غالب حڪمت واري وٽان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست، حڪمت واري جي طرفان آهي. (مولانا محمد مدني)


(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن ڪِتاب قدِيم مان، هي اُتارا عَظِيم، ڪنان رَبَّ ڪَرِيم، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَالَّذينَ كَفَروا عَمّا أُنذِروا مُعرِضونَ (آيت : 3)

3. نه پيدا ڪيوسون آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي مگر پوريءَ رِٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ)، ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جيڪي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي فقط (ڪنهن خاص مقصد سان) ڪنهن حڪمت جي تحت خلقيو آهي، (اجايو بي مقصد ڪونه خلقيا اٿئون) ۽ انهن کي مقرر مدي لاءِ خلقيو اٿئون (پوءِ فنا ٿي ويندا) پر جيڪي ماڻهو (حق کان) انڪار ٿا ڪن سي انهن ڳالهين تي ڌيان ئي نٿا ڏين جن بابت کين خبردار ڪيو ٿو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن جي وچ ۾ آهن، مگر حق سان ۽ (توهان لاءِ) قيامت جو ڏينهن مقرر آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي قرآن ڪريم کان منهن ڦيرندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ۽ هڪ مقرر (ڪيل) مدت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ڪافر جن ڳالهين کان ڊيڄاريا ويا آهن تن کان منهن موڙ ڪندڙ آهن.(سيد فرمان علي)


نه پيدا ڪيا اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي مگر حق سان ۽ مدي مقرر سان ۽ جن ڪفر ڪيو ان کان جو ڊيڄاريا ويا منهن موڙيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي جنهن کان ڊيڄاريا ويا آهن تنهن کان منهن موڙيندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني)کي نه پيدا ڪيو آهي مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي جنهن شيءِ کان ڊيڄاريو وڃي ٿو ان کان منهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙِيا، پڻ جيڪِي مَنجھسِ جِنسار، مگر سَڀ موجود سِي، اکين اَ ڳيان اِظهار، مُقرّر مُدّت سان، ڌارو ڌار ڄَمار، ۽ اُهي جَن ڪُفر ڪيو، سي آهِن مَنجھ اِنڪار، تِنهن هاڃي کان هيڪار، جِنهن جِي اون ڏني ويئـِي اُنهن کي. 641(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ ائتونى بِكِتٰبٍ مِن قَبلِ هٰذا أَو أَثٰرَةٍ مِن عِلمٍ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 4)

4. (کين) چؤ ته ڏسيو ته سھي الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جن کي توهان الله کان سواءِ پڪاريو ٿا، تن بابت ڪو غور به ڪيو اٿوَ؟ ڀلا مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پاڻ خلقي آهي وري آسمانن ۾ هنن جو ڪو حصو آهي ڇا؟ جيڪڏهن توهان حق تي آهيو ته (ثابتيءَ لاءِ) ڪو ڪتاب ته مون ڏي کڻي اچو، جو هن (قرآن مجيد) کان اڳي نازل ٿيل هجي يا علم مان ڪو حصو (جو اڳوڻن توهان لاءِ ڇڏيو هجي سو) پيش ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان مون کي اهي بت ڏيکاريو جن جي توهان الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، توهان مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا خلقيو؟ يا انهن لاءِ آسمانن ۾ ڪو حصو آهي؟ توهان مون وٽ هن کان اڳيون (آسماني) ڪتاب آڻيو يا ڪا علمي لکت ڏيکاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو (ته مون کي ٻڌايو ته سهي) ته خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪيو ٿا تنهن کي اوهان ڏٺو آهي؟ مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شيءِ انهن زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا (اڳين جي) علمي روايت ته مون وٽ آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو،(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته خبر ڏيو انهن کان جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ڏيکاريو مون کي ڇا آهي اهو جيڪو پيدا ڪيائون زمين مان يا انهن جو ڀائيوارو آهي آسمانن ۾ آڻيو مون وٽ ڪتاب (آيل) اڳي هن کان يا ڪو ثبوت علمي جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته مون کي ٻڌايو ته سهي ته الله کانسواءِ جن کي اوهين سڏيو ٿا مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شيءِ انهن زمين (جي شين) مان پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا ڪا علمي روايت مون وٽ آڻيو (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”ڀلا ڪڏهن اوهان (اکيون کولي) ڏٺو به آهي ته توهان الله کي ڇڏي جن (بتن) کي پوڄيو ٿا مون کي ڏيکاريو ته سهي انهن ڪهڙي شيءِ زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي؟ هن (قرآن) کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا ڪا علمي روايت (ئي) پيش ڪيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، سوچيان ڪِي؟ سائـِينءَ ري، جن کي دانهو ٿا دِلِگير!، ڀَلا ڏَسيومِ ته ڀُون مَنجھان، جوڙيؤن ڪو جاگير؟ يا اُنهن جو آھِ اُڀن ۾، ڪو ليکو لَهڻو لِير؟ ڪريو مِ پيش ڪتاب ڪو، اِنهيان اڳيون اَڪسِير، يا توڙان ڪا تَحرِير؟ جي سچاسخن ۾ آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن أَضَلُّ مِمَّن يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ مَن لا يَستَجيبُ لَهُ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَهُم عَن دُعائِهِم غٰفِلونَ (آيت : 5)

5. ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي شيء کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نه ورنائي ۽ اُھي سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪير انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ گمراهه ٿي ٿو سگهي جيڪو الله کي ڇڏي اهڙين شين کي يا ٻين کي پڪاري (۽ پوڄي) ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هن کي جواب به ڪونه ٿا ڏيئي سگهن (بلڪه) اهي سندن سڏ ۽ پڪار کان بلڪل بي خبر آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان کان وڌيڪ ڪير گمراه آهي جيڪو الله تعالى کانسواءِ ٻين (بتن) جي عبادت ڪري ٿو، جيڪي قيامت تائين ان جو نٿا ٻڌن ۽ اهي انهن جي عبادت کان غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان کان وڏو گمراھ ڪير آهي جو خدا کان سواءِ اهڙن کي پڪاري ٿو جي قيامت جي ڏينهن تائين کيس جواب نه ٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير وڌيڪ گمراھ آهي ان کان جيڪو سڏي ٿو الله کان سواءِ ان کي جو نٿو قبول ڪري ان لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. ۽ ان کان وڏو گمراهه ڪير آهي جو الله کان سواءِ اهڙن کي سڏي ٿو جي قيامت جي ڏينهن تائين ان کي جواب نٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير آهي؟ جيڪو الله کي ڇڏي اهڙن (بتن) کي سڏي ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين ان کي جواب نه ڏئي سگھن ۽ اُهي سندن سڏڻ کان ئي بي خبر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪُو اٽو ٻِيو ڪير ؟ آهي ويڪ اُن کان، جو اَلله ڇڏيو، اُن کي سَڏي وير سَوير، جو اونائي نه اُن جِي، وِيندي مَحشر وير، هِن دانهيندي ٿئي دير، هُو غافل سندن گوڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا حُشِرَ النّاسُ كانوا لَهُم أَعداءً وَكانوا بِعِبادَتِهِم كٰفِرينَ (آيت : 6)

6. ۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن) اھي سندن ويري ھوندا ۽ سندين پوڄا جا منڪر ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن اهي (پوڄيل) انهن (پوڄا ڪندڙن) جا دشمن ٿي بيهندا، ۽ سندن پوڄا کان انڪاري ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن (قيامت ۾) ماڻهو گڏ ڪيا ويندا اهي انهن جا دشمن هوندا ۽ اهي انهن جي عبادت کان انڪاري هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن (قيامت ۾) گڏ ڪيا ويندا ته اهي (معبود) انهن جا دشمن هوندا ۽ سندس پوڄا (پاٽ) کان انڪار ڪندا.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن گڏ ڪيا ويندا ماڻهو ته هوندا انهن جا دشمن ۽ هوندا انهن جي عبادت جو انڪار ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن (قيامت ۾ ) ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن هو انهن جا دشمن هوندا۽ سندن پوڄا جو انڪار ڪندڙ هوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن (بروزِ حشر) ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن اُهي (ڪوڙا معبود) سندن دشمن ٿي پوندا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ جو انڪار ڪندڙ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهو جڏهن ميڙيا وِيا، مَنجھ قِيامت ڪارِي، اُهي هُوندا اُنهن جا، ويرِي تِنهن وارِي، ۽ ٿِيندا اِنڪارِي، سَندِن پُوڄا پاٺ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7)

7. ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) به نسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن ته ھي پڌرو جادو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن (ڪافرن) کي اسان جون چٽيون ۽ روشن آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن وٽن حق اچي به ويو آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته، هي چٽو چٽو جادو آهي. (۽ ڪوڙ آهي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون صاف صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر انهن وٽ آيل حق (قرآن ڪريم) لاءِ چون ٿا ته هيءُ (قرآن ڪريم) صاف جادو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر حق ڳالھ کي جنهن مهل وٽن پهچي ٿي چون ٿا ته هي پڌرو جادو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي اسان جون آيتون روشن ته چيو انهن جن ڪفر ڪيو حق جي لاءِ جڏهن آيو انهن وٽ ته هي جادو کليل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن کين اسان پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر سچي ڳالهه کي جنهن مهل وٽن پهچي ٿي چون ٿا ته هي پڌرو جادو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون پڌريون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر حق جي ڳالهه کي جڏهن انهن وٽ پهچي ٿي ته چون ٿا هي کُلو جادو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن اسان جون آيتون، نِشانيون نِروار، پَڙهبيون آهن اُنهن تي، جَن عبث ڪيو اِنڪار، ته چيائون صفا سچ کي، جڏهن پَهتو سَندِن پار، ته اکِين ڏِٺو اِظهار، هي ڪارو ڪُو ڪٽ آھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَلا تَملِكونَ لى مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا هُوَ أَعلَمُ بِما تُفيضونَ فيهِ كَفىٰ بِهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 8)

8. بلڪ چوندا آھن ته اُن کي (پيغمبر) ٺاھيو آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن اُن کي پاڻ ٺاھيو اٿم ته اوھين الله کان (ڇڏائڻ واسطي) مون لاءِ ڪجھ ڪري نٿا سگھو، جيڪي قرآن بابت گفتگو ڪندا آھيو (سو) الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ (خدا) حق کي ظاھر ڪندڙ بس آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا هو هئين ٿا چون ڇا ته، (حضرت محمدﷺ هي قرآن مجيد) پنهنجي دل مان گهڙي ٺاهيو آهي؟ (۽ ڪوڙ هڻي ٻڌائي ٿو ته خدا جو موڪليل آهي؟) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي ته توهان الله جي مقابلي ۾ مون کي ڪجهه به ڪم نه ايندؤ (۽ هو مون کي هر طرح ناڪام ۽ محروم ڪري ڇڏيندو) جن ڳالهين ۾ توهان غوطا کائي رهيا آهيو سي الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. هو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪافي شاهد آهي (۽ حق کي ڪامياب ڪندو) ۽ هو (مؤمنن لاءِ) غفور ۽ رحيم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي چون ٿا ته ان کي رسولِ عربي پاڻ ٺاهيو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن مون ان کي (بالفرض) پاڻ ٺاهيو آهي پوءِ توهان مون لاءِ الله تعالى وٽان ڪنهن شيءِ جو اختيار نٿا رکو، اهو توهان جي اعتراضن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، اهو منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ گواه ڪافي آهي. ۽ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) هو چون ٿا ڇا ته قرآن کي پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته خدا جي مقابلي ۾ مون لاءِ (اوهين) ڪجھ به ڪم نه ايندا ته جيڪي ڳالهيون اوهين هن باري ۾ ڪندا رهو ٿا تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اهو شاهد بس آهي ۽ اهو گهڻو بخشندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


بلڪ چون ٿا ته ٺاهيو اٿس ان کي فرماءِ ته جيڪڏهن ٺاهيو آهي مون ان کي پوءِ اوهان نٿا مالڪ ٿيو مون لاءِ الله کان ڪنهن شيءِ جا اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو لڳا ٿا رهو ان ۾ ڪافي ٿيو اهو شاهد ٿي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) يا هو چون ٿا ڇا ته قرآن کي پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چؤ ته جيڪڏهن مون انکي پاڻ ٺاهيو آهي ته الله جي مقابلي ۾ مون لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهو. (قرآن بابت) جنهن گفتگو ۾ اوهين پيا آهيو ان کي هو چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي. منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ اهو شاهد بس آهي ۽ اهو گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا اُهي چون ٿا ته هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو اٿس. چؤ: ”جيڪڏهن مون ان کي پاڻ ٺاهيو آهي ته توهان الله جي مقابلي ۾ مون لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهو. ۽ اُهو ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جن ڳالهين ۾ توهان مشغول آهيو. منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ اهو ئي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. ۽ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، اُهي اِئين ٿا چون، ته مُون ٺاهيو هِي ٺاھ؟ چئو، مون جي ٺاهيو ٺاھ اِهو، ته سزا وقت صُباح، بنہ بَچائيندَو نه مُون، اَوهين ڪنان اَلله، اِنهيان اُهو آگاھ، جنهن ۾ پَل پَل پَلٽِي ٿا پئو. مون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، ساکيِ بَس سوئـِي، ۽ آهي اُهوئـِي، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل ما كُنتُ بِدعًا مِنَ الرُّسُلِ وَما أَدرى ما يُفعَلُ بى وَلا بِكُم إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ وَما أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 9)

9. چؤ ته آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نه آھيان ۽ نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نه ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون کين هي به) چئو ته، (رسول اڳي به ٿي گذريا آهن سڀني الله جي وحدانيت ۽ حق سيکاريو) مان رسولن ۾ ڪو انوکو رسول ڪونه آهيان (ڪي نيون ڳالهيون ڪونه ٿو ٻڌايان). ۽ مون کي معلوم ناهي ته مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ اوهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ مان ته فقط انهيءَ (حڪم) جي پيروي ٿو ڪيان جو مون ڏي وحي ڪري موڪليو وڃي ٿو، ۽ مان ته فقط صاف صاف خبردار ڪندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ڪو نئون سنئون پيغمبر نه آهيان ۽ آئون (ذاتي طور) اندازي سان نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ توهان سان ڇا ٿيندو. آئون ته وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو جيڪا مون ڏانهن اچي ٿي ۽ آئون صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته آءُ رسولن مان ڪو نئو رسول نه آهيان ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته آئينده مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ نه (هيءَ ڳالھ ته) اوهان سان (ڇا ڪيو ويندو) آءُ ته رڳو ان جو پابند آهيان جنهن جو مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ناهيان مان نئون رسولن مان ۽ نٿو (اٽڪل سان) ڄاڻان ته ڇا ڪيو ويندو مون سان ۽ نه اوهان سان نٿو تابعداري ڪيان مان مگر ان جي جيڪو وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن ۽ ناهيان مان مگر ڊيڄاريندڙ پڌرو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته آءُ رسولن مان ڪو نئون رسول نه آهيان ۽ آءُ نٿو ڄاڻان ته (دنيا ۾) مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ اوهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ آءُ رڳو ان (حڪم) جي تابعداري ڪريان ٿو جنهن جو مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”آءٌ رسولن مان ڪو نئون رسول نه آهيان ۽ آءٌ (از خود) نه ٿو ڄاڻان ته مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ توهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ آءٌ نه ٿو پيروي ڪيان سواءِ ان جي جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءٌ ته صرف پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، آئون نه آهيان ڪا، نَبِيَّن مان نَئـِين ڳالھ، ۽ پَريان آئون نه پَروڙيان، ته سَچ پَچ صُباح ڪالھ، مون ۽ اوهان نال، ڪِهڙِي ڪار ڪَئـِي وَڃي. نه هَلان مگر حُڪم تي، جِيئن پُهچي مُنهنجي پارِ، ۽ آئون ٻِيو نه آهيان، ڪو دانهن وِجھندڙ ڌار، سَنديون پَرئـِين پار، کولي ڏِيندڙ خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ وَكَفَرتُم بِهِ وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ مِثلِهِ فَـٔامَنَ وَاستَكبَرتُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10)

10. (کين) چؤ ته ڏسو ته سھي جيڪڏھن (اھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نه مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، توهان ڪو خيال به ڪيو آهي ته جيڪڏهن (هي قرآن سچ پچ) الله وٽان آيل آهي، ۽ اوهان ان کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪيو ۽ بني اسرائيلن مان هڪڙي شاهد شاهدي به ڏني آهي ته هي قرآن (تورات ۽ انجيل) جي مثل آهي ۽ پوءِ ايمان به آندو اٿس. پر توهان تڪبر ڪيو آهي (۽ تڪبر جي ڪري نٿا مڃيو ته پوءِ توهان ڪهڙا نه جاهل ۽ ظالم چئبؤ). يقيناً الله تعاليٰ ظالم ماڻهن کي ڪڏهن به سڌيءَ واٽ تي نٿو لڳائي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو، ته توهان کي مون ٻڌايو جيڪڏهن قرآن ڪريم الله جي طرفان آهي ته ڇو توهان ان جو انڪار ڪيو؟ ۽ بني اسرائيل مان هڪ شخص (حضرت عبدالله بن سلام) ان جي گواهي ڏني پوءِ ان ايمان آندو (ان جي باوجود) توهان تڪبر ڪيو، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن (هي) قرآن خدا جي طرفان آهي ۽ اوهان ان کان انڪار ڪيو هوڏانهن بني اسرائيلن مان هڪ شاهد اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي ڏني آهي ۽ ايمان به آندائين ۽ اوهان وڏائي ڪئي (ته توهان جي ظالم هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ) بيشڪ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هجي الله وٽان ۽ ڪفر ڪيو اوهان ان جو ۽ شاهدي ڏني شاهد بني اسرائيل مان اهڙي (ڪتاب) تي پوءِ ايمان آندائين ۽ تڪبر ڪيو اوهان بيشڪ الله نٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته ٻڌايو ته جيڪڏهن قرآن الله جي طرفان آهي ۽ اوهان ان کي نه مڃيو آهي هوڏانهن بني اسرائيلن مان هڪ شاهد (ڪتاب) جي شاهدي ڏني آهي پوءِ ان ايمان آندو ۽ اوهان وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندو) بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. ۽ (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”ڀلا ٻڌايو ته سهي جيڪڏهن هي (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ توهان ان سان ڪفر ڪيو هجي، (ته اوهان جو انجام ڇا ٿيندو؟) ۽ بني اسرائيل مان هڪ شاهدُ اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي به ڏئي چڪو هجي، پوءِ ان ايمان آندو ۽ توهان وڏائي ڪئي. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪيان ڪو وِيچار، ته جي هُوندؤ پاران حق جي، اُن اهڙي حال ۾، اُوهان ڪيو اِنڪار، ۽ اِسرائـِيل جي اولاد مان، هِڪ ساکِي مَرد سچار، ساک ڏِنائـِينسِ سَچ جِي، پڻ آندئـِين اِعتبار، ۽ اَوهان ڪيو اُٽلندو، تَڪَبُّر تڪرار، ڏاڍن کي ڏاتار، سَنئـِين سُهائي ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا لَو كانَ خَيرًا ما سَبَقونا إِلَيهِ وَإِذ لَم يَهتَدوا بِهِ فَسَيَقولونَ هٰذا إِفكٌ قَديمٌ (آيت : 11)

11. ۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪافر مؤمنن بابت چون ٿا ته، جيڪڏهن (انهيءَ دين ۾) ڪا چڱائي هجي ها ته (اهي مسڪين ۽ رذيل ماڻهو) اسان کان اڳي ڪونه اُن ڏي ڀڄن ها. (اسان وڌيڪ عقل ۽ عزت وارا ماڻهو ان دين ۾ ڪابه چڱائي نٿا ڏسون) حقيت هيءَ آهي ته هنن کي خود غرضي ۽ تڪبر انڌو ڪري ڇڏيو آهي) ۽ جڏهن ته هو ان دين جي وسيلي سڌي واٽ نٿا وٺن، تڏهن (عقل جا انڌا ٿي) چون ٿا ته هيءُ ته پراڻو قديم زمانن وارو ڪوڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (مڪه جي) ڪافرن، مؤمنن کي چيو ته جيڪڏهن (ايمان آڻڻ) بهتر هجي ها ته اهي (غريب) ان ڏانهن اسان کان اڳرائي نه ڪن ها ۽ جڏهن انهن کي (قرآن ڪريم جي) هدايت نه مِلي پوءِ فوراً چون ٿا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر ماڻهو مومنن جي باري ۾ چون ٿا ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ماڻهو ان ڏي اسان کي اڳتي نه ڌڪن ها، ۽ جڏهن قرآن جي وسيلي سنئين راھ تي نه آيا ته هاڻي چوندا، هي ته پراڻو ڪوڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن لاءِ جن ايمان آندو جيڪڏهن هجي ها ڀلو ته نه اڳرائي ڪن ها اسان کان ان ڏانهن ۽ جڏهن نه هدايت وارا ٿيا ان سان پوءِ جلد چوندا ته هي بهتان پراڻو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪافرن مومنن جي باري ۾ چيو ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ان ڏي اسان کان اڳي نه وڃن ها، ۽ جڏهن ان سان سڌي رستي تي نه آيا تڏهن چوندا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪافرن مؤمنن بابت چيو ته اگر اهو (دين) ڀلو هجي ها ته اُهي ان ڏانهن اسان کان اڳي نه پهچن ها (بلڪه اسان ئي اڳ ۾ قبول ڪيون ها). ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) ان سان هدايت نه پِرائي ته هاڻي چوندا ته هي پراڻو بهتان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تَن کي ڪهيو ڪافِرِين، مَڃيو جَن مَذڪور، تَه ڀلو هُجي ها جيڪڏهن، هِي دِين ڪِنهن دَستور، ته مَهند اسان کان مُور، پيرو نه وِيا اُن پار ڏي. ۽ جڏهن نه پِرايؤن اُن مَنجھان، پوءِ سِگھو چون اِن چال، ته آهي هِي هَر حال ڪُوڙ پُڙاڻو پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً وَهٰذا كِتٰبٌ مُصَدِّقٌ لِسانًا عَرَبِيًّا لِيُنذِرَ الَّذينَ ظَلَموا وَبُشرىٰ لِلمُحسِنينَ (آيت : 12)

12. ۽ ھن (قرآن) کان اڳ مُوسىٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ ٻاجھ ھو، ۽ ھي ڪتاب (ان جو) سچّو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي ھن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هن کان اڳي حضرت موسيٰ تي نازل ٿيل ڪتاب (ماڻهن لاءِ) رهبر (يعني پيشوا يا واٽ ڏيکاريندڙ) هو ۽ سراسر رحمت هو. ۽ هي ڪتاب (قرآن مجيد) جو ان جي تصديق ٿو ڪري، سو عربي زبان ۾ (نازل ٿيو) آهي. انهيءَ لاءِ ته ظلم ڪندڙن کي (برن نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ نيڪ ڪم ڪندڙن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قرآن ڪريم کان اڳ ۾ تورات (نازل ٿيو) جيڪو اڳواڻ ۽ رحمت هو، ۽ هيءُ ڪتاب تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ ان لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري. ۽ نيڪوڪارن لاءِ بشارت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن قرآن کان اڳ موسى جو ڪتاب هو جو اڳواڻ ۽ وڏي رحمت هو. ۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جو عربي زبان ۾ (ان کي) سچو چوندڙ آهي هن لاءِ ته (هن سان) ظالمن کي ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ خوش خبري آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ان کان اڳي ڪتاب موسى جو هو اڳواڻ ۽ رحمت ۽ هي ڪتاب (ان کي) سچو ڪندڙ ٻوليءَ عربيءَ ۾ آهي تانته ڊيڄاري انهن کي جن ظلم ڪيو ۽ خوشخبري آهي محسنن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن قرآن کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب هو جو اڳواڻ ۽ وڏي رحمت هو. ۽ هي ڪتاب (ان کي) سچو چوندڙ آهي عربي زبان ۾ (ان لاءِ) ته ظالمن کي (بڇڙي نتيجي کان) ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه ان (قرآن) کان اڳ موسى جو ڪتاب (تورات) اڳواڻ ۽ رحمت بنجي اچي چڪو آهي. ۽ هي ڪتاب (ان جي) تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ آهي، هن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري ۽ نيڪوڪارن لاءِ خوشخبري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي مُوسٰى مِير جو، اِن کان قَبل ڪِتاب، سُونهون سَچي ساٿ جو، پَڻ بَرڪت بي حساب، ۽ آهي عَربِي زبان ۾، هِي مُصحف مُستطاب، ڪَندڙ اُن ڪتاب کي صَحِي بَرصواب، تان جَن آزارِيو اُنهن کي، ڏِئي اونُو سَخت عَذاب، پڻ سَندا سُود ثَواب، ڏِئي نِياپا نيڪن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 13)

13. بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي پوءِ اِن (چوڻ) تي مُحڪم رھيا تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ جيڪي ماڻهو (يقين سان مڃن ٿا ۽) چون ٿا ته، اسان جو پروردگار (۽ نگهبان) الله آهي ۽ وري ان (ايمان) تي عملاً محڪم ۽ قائم رهن ٿا تن کي نڪو خوف هوندو، نڪي هو ڪو غم ڪندا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو رب الله تعالى آهي ان کان پوءِ (توحيد ۽ شريعت محمدي) تي قائم رهيا، پوءِ انهن تي ڪو خوف ناهي ۽ نه انهن کي ڪو ڏک پهچندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) ثابت رهيا تن کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن چيو ته اسان جو رب الله آهي ان کان پوءِ استقامت ڪيائون پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) ثابت رهيا تن تي نه ڊپ آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پالڻهار الله آهي پوءِ ان تي ڄمي بيٺا ته پوءِ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن چَيو، ته آهي اَسان جو، پَروَر پالڻهار، موٽِي پَنهنجي ماڳ تي، بِيٺا بَرقرار، پوءِ تَن کي نه ڀَو ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻتِي ڪِنهِين ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 14)

14. اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي عمل ڪندا ھوا تنھنجو بدلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه ان جنت ۾ رهندا. اهو انهن کي انعام ملندو انهن نيڪ عملن جو جيڪي هنن ڪيا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي جنتي آهن اهي هميشه هميشه جنت ۾ رهندا، (اها) سندن نيڪ عملن جي جزا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي جنت وارا آهن جو سدائين ان ۾ رهندا جيڪي عمل (دنيا ۾) پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


اهي بهشتي آهن هميشہ رهندڙ ان ۾ بدلو آهي انهن جو جيڪي ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي جنت وارا آهن ان ۾ سدائين رهڻ وارا آهن جيڪي عمل پيا ڪن تن جو بدلو ڏنو ويندن. (مولانا محمد مدني)


اهي جنتي آهن ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن، هي انهن عملن جو بدلو آهي جيڪي اُهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي آهِن اَهل بهشت جا، مَنجھسِ خُوش مُدام، اُن عَملن جِي اِنعام، جيڪِي ڪن جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ إِحسٰنًا حَمَلَتهُ أُمُّهُ كُرهًا وَوَضَعَتهُ كُرهًا وَحَملُهُ وَفِصٰلُهُ ثَلٰثونَ شَهرًا حَتّىٰ إِذا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَربَعينَ سَنَةً قالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَصلِح لى فى ذُرِّيَّتى إِنّى تُبتُ إِلَيكَ وَإِنّى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 15)

15. ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. (ڏسو) سندس ماءُ هن کي وڏي تڪليف سان (اٽڪل 9 مهينا) پيٽ ۾ کنيو ۽ وڏي تڪليف سان هن کي ڄڻيائين، ۽ هن کي پيٽ ۾ سانڍڻ کان وٺي ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٽيهه مهينا لڳي ٿا وڃن. (پوءِ ڇو نه انسان کي پنهنجي ماءُ جي خدمت، پيار ۽ عزت سان ڪرڻ گهرجي). آخر اهو (ٻار) طاقت واري جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ (پوءِ) چاليهن ورهن جي ڄمار کي پهچي ٿو. (ان عمر ۾ عقل وارو ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهن نعمتن جو شڪريو بجا آڻيان جي تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون آهن، ۽ پڻ توفيق ڏي ته مان اهڙا نيڪ عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ منهنجي اولاد کي منهنجي لاءِ نيڪ ڪجانءِ، مان توڏي رجوع ٿو ٿيان، ۽ يقيناً مان (تنهنجي) فرمانردار ٻانهن مان آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان انسان کي پيءُ ماءُ سان احسان ڪرڻ جو حڪم فرمايو، ان کي سندس ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ تڪليف سان رکيو ۽ ان کي تڪليف سان ڄڻيو، ۽ مدت حمل جي ۽ کير ڇڏائڻ جي ٽيهه (30) مهينا ٿي، ايستائين جو اهو جڏهن پنهنجي قوت کي پهتو ۽ چاليهه (40) سالن کي رسيو. اهو چوي ٿو ته اي منهنجا رب تون مون کي توفيق ڏي ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪر ادا ڪريان جيڪي نعمتون تو منهنجي مٿان ڪيون ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيون ۽ آئون اهو عمل صالح ڪريان جيڪو توکي پسند اچي ۽ تون منهنجي اولاد ۾ (ديني دنيوي) صلاحيت پيدا ڪر. بيشڪ آئون تو ڏانهن موٽيس بيشڪ آئون مسلمانن مان آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان انسان کي پنهنجيءَ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. (ڇو ته) سندن ماءُ ان کي رنج سان پيٽ ۾ رکيو ۽ کيس رنج سان ئي ڄڻيو. ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ جي (مدت) ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پوري جوانيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين (جي عمر) کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي توفيق عطا فرمائي ته تو جيڪي احسان مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيا آهن آءُ تن جو شڪر ادا ڪريان ۽ اها (به توفيق عطا فرمائي) ته مان اهڙو (ته) نيڪ ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين. ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪي ۽ تقوى پيدا فرمائي آءُ ته تو ڏي رجوع ٿيس ۽ آءُ بيشڪ تابعدارن مان آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ اسان انسان کي حڪم ڏنو پنهنجن والدين سان احسان جو، کنيو ان کي ان جي ماءُ تڪليف سان ۽ ڄڻيائين ان کي تڪليف سان ۽ ان جو کڻڻ ۽ کير کان جدا ٿيڻ ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پهتو پنهنجي جوانيءَ کي ۽ پهتو چاليهن سالن کي ته چيائين اي منهنجا رب! توفيق ڏي مون کي ته شڪر ڪيان مان تنهنجي ان نعمت جو جيڪا نعمت مون تي ڪئي اٿئي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ۽ هي ته ڪيان مان نيڪ ڪم جو راضي ٿين تون ان کان ۽ سڌار مون لاءِ منهنجو اولاد بيشڪ مون توبہ ڪئي توڏانهن ۽ بيشڪ مان مسلمانن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي تڪليف سان پيٽ ۾ رکيو آهي ۽ کيس تڪليف سان ڄڻيو اٿس ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ان جي کير ڇڏائڻ جي (مدت) ٽيهه مهينا آهي تان جو جڏهن هو پنهنجيءَ طاقت کي پهچي ٿو ۽ چاليهن ورهن کي پهچي ٿو ته چوي ٿو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي هن ڳالهه جو شوق ڏي ته آءُ تنهنجي نعمت جو شڪر ڪريان جا تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي آهي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن سان تون راضي رهين ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ چڱائي (پيدا) ڪر. آءُ ته توڏي رجوع ٿيس ۽ آءُ بيشڪ تابعدارن مان آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سندس ماءُ ان کي تڪليف سان پيٽ ۾ کنيو آهي ۽ تڪليف سان ان کي ڄڻيو آهي. ۽ ان جو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ (جو عرصو) ٽيهه مهينا آهي. ايستائين جو جڏهن اُهو پنهنجي جواني کي پهچي ٿو ۽ چاليهه سالن کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: ”اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته آءٌ تنهنجي ان احسان جو شڪر ادا ڪيان جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيو آهي، ۽ هي ته آءٌ اهڙا صالح عمل ڪيان جن کان تون راضي ٿين ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪائي رک. بيشڪ آءٌ تو ڏانهن موٽان ٿو ۽ بيشڪ آءٌ فرمانبردارن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان هَر اِنسان کي، ڏِنِي موچارِي مَت، ته خُوب ڪري خدمت، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي. عرصو اُن جي حَمل جو، ۽ ٽوڙڻ جو ٽِيھ ماھ، تان پُهتو پَنهنجي زور کي، ٿِيو هِمّت ۾ هَمراھ، ۽ وَڃِي چالِيهن کي چَڙهيو، ته دانهِين مَنجھ درگاھ، ته سانـيَمِ! مون ساڄو ڪرِين، اي بالم بادشاھ! مُون ۽ مُنهنجن مائـِٽن، جي دَان ڏِنيئـِي دِلخواھ، ته ڳايان ڳُڻ تُنهنجا، سُکن ڪريان ساراھ، ۽ ڪَم چڱيرا ڪريان، جي توکي وَڻنِ واھ! پڻ مُنهنجي ٻَچن ٻارڙن، نيڪِي ڪَج نيباھ، وريس توڏي ور ڇڏي، جھليم پاند پناھ، آئون آهيان يا اَلله، تهدل تابِعن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ نَتَقَبَّلُ عَنهُم أَحسَنَ ما عَمِلوا وَنَتَجاوَزُ عَن سَيِّـٔاتِهِم فى أَصحٰبِ الجَنَّةِ وَعدَ الصِّدقِ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 16)

16. اِھي اُھي آھن جن جا تمام چڱا ڪم جيڪي ڪيائون سي قبول ڪندا آھيون ۽ سندين مداين کان ٽرندا آھيون (اھي) بھشتين ۾ ھوندا، جيڪو ساڻن سچو وعدو ڪبو ھو تنھن جي ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙا ماڻهو اُهي آهن جن جي عملن مان بهترين عمل اسان (انعامن لاءِ) قبول ڪنداسين ۽ سندن برائين ۽ غلطين کي درگذر ڪنداسين، اهي جنت جي ساٿين ۾ هوندا. اهو آهي سچو واعدو جو هنن سان ڪيو ويو هو (۽ هاڻي پورو ڪيو ويو).(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسين قبول ڪريون ٿا ۽ اسين انهن جا گناه معاف ڪريون ٿا، (اهي ماڻهو) جنتي آهن. الله تعالى (دنيا ۾) انهن سان (بهشت جو) سچو وعدو فرمايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي آهن جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن سي قبول ڪنداسون ۽ بهشت (۾ وڃڻ) وارن ۾ اسين سندن گناهن کان درگذر ڪنداسون. (هي اهو) سچو وعدو آهي جيڪو انهن سان ڪيو ويندو هو.(سيد فرمان علي)


اهي ئي آهن جو قبول ڪيون ٿا انهن کان سهڻا اهي عمل جو ڪيائون ۽ درگذر ڪيون ٿا انهن جي براين کان بهشت وارن ۾ هوندا وعدو سچ جو جيڪو وعدو ڪيا ويا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي اُهي آهن جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن سي قبول ڪريون ٿا ۽ سندن بڇڙاين کان درگذر ڪريون ٿا جنت وارن سان گڏ، اهو سچو وعدو آهي جو ساڻن ڪيو پيو وڃي. (مولانا محمد مدني)


اهي اهڙا (خوشنصيب) ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسان قبول ڪيون ٿا ۽ سندن ڪوتاهين کان درگذر ڪيون ٿا اُهي اهلِ بهشت ۾ (شامل ٿيندا). هي سچو وعدو آهي جيڪو ساڻن ڪيو پيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهيئـِي آهِن سي، ته جي ڪيائون ڪَم ڪار، اَسِين اَگھايون اُنهن مان، نيڪيون صاف نِبار، ۽ مَٽي ڇَڏيون مِهرسان، اُنهن جا عيب اَپار، آهِن اَهل بهشت سان، ڀيڙا برقرار، سَچو قول قرار، جِنهن جو اَنجام ڏِجي ٿو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذى قالَ لِوٰلِدَيهِ أُفٍّ لَكُما أَتَعِدانِنى أَن أُخرَجَ وَقَد خَلَتِ القُرونُ مِن قَبلى وَهُما يَستَغيثانِ اللَّهَ وَيلَكَ ءامِن إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَيَقولُ ما هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 17)

17. ۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر اهو (وڏو بدبخت آهي) جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چوي ٿو ته، مان اوهان کان بيزار آهيان، ڇا توهان مون کي ڊيڄاريو ٿا ته مان (قبر مان وري) ڪڍيو ويندس. حالانڪ مون کان اڳي ڪيئي پيڙهيون گذري چڪيون آهن (۽ انهن مان ڪوبه وري جيئرو ڪونه ڪيو ويو آهي) ۽ اهي (ماءُ پيءُ) خدا کي مدد لاءِ پڪارين ٿا (۽ پٽ کي چون ٿا ته) اي ڪم بخت (رب تي) ايمان آڻ. يقيناً الله جو واعدو سچو آهي. پوءِ هو چوڻ لڳي ٿو ته هي ته گذري ويل ماڻهن جون (خالي) ڪهاڻيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن ماڻهو (ڪافر) (دعوتِ اسلام وقت) پنهنجي پيءُ ماءُ کي اُف چيو (۽ چيائين) ڇا توهان مون کي ڊيڄاريو ٿا ته آئون ٻِئي دفعي زنده ٿيندس حالانڪ مون کان اڳ ۾ ڪيترا ماڻهو گذريا، ۽ پيءُ ماءُ (ان لاءِ) الله تعالى کان فرياد ڪن ٿا، ويل پونئين تون ايمان آڻ. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ اهو چوي ٿو ناهي هيءُ مگر اڳين ماڻهن جون آکاڻيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوهان تي حيف آهي. ڇا اوهين مون کي ڌمڪايو ٿا ته آءُ ٻيو ڀيرو (قبر مان) ڪڍيو ويندس هوڏانهن مون کان اڳي ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن (۽ ڪو به وري جيئرو نه ٿيو). اهي ٻئي (ماءُ پيءُ) دانهون ڪري رهيا هئا ته تو تي افسوس آهي، ايمان آڻ! (خدا جو) بيشڪ سچو وعدو آهي. پوءِ چوي ٿو ته هي رڳو اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن چيو پنهنجي پيءُ ماءُ کي اف آهي اوهان جي لاءِ ڇا وعدو ڏيو ٿا مون کي هي ته ڪڍيو ويندس مان (قبر مان) ۽ تحقيق گذريا ڪيترا قرون مون کان اڳي ۽ اهي ٻئي ٻاڏائين پيا الله کي ۽ (چون پيا) هلاڪت اٿئي ايمان آڻ بيشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ چوي پيو ته ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوهان کي حيف آهي. ڇا اوهين مون سان هي انجام ڪريو ٿا ته مون کي ڪڍيو ويندو هوڏانهن مون کان اڳي سوين ورهيه گذري چڪا آهن. ۽ هو ٻئي الله کي فرياد ڪري رهيا آهن (۽ چونسَ ٿا) ته ناس ٿئين (ان ڳالهه کي) مڃ بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ هو چوي ٿو ته هي رڳو اڳوڻن جون آکاڻيون آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو: ”اف اوهان مون کي تنگ ڪري ڇڏيو، ڇا اوهان مون کي خوف ڏياريو ٿا ته مون کي (قبر مان زنده ڪري) ڪڍيو ويندو حالانڪه مون کان اڳ گهڻيون امتون گذري چڪيون آهن (انهن مان ته ڪير اٿي نه آيو آهي)“ ۽ اُهي ٻئي (ماءُ ۽ پيءُ) الله کي فرياد ڪري ( پُٽ کي چئي رهيا آهن) ”تون برباد ٿي وئين ايمان آڻ! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي“، مگر اُهو چوي ٿو ته: ”اهي رڳو اڳين ماڻهن جا (ڪوڙا) افسانا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَيو جنهن چَنڊال، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي، ته حيف اوهان جي حال کي، ٿا ڪريو ڪِهڙِي ڳالھ، ته ڪَڍ بَسِ آئون قبر مان، ۽ هوڏانهن اِهو حال، ته سَهسِين صَديون سال، مون کان مَهند گُذرِي وِيا. اِهي ٻَئـِي اَلله کي، پِيا دانهِين دِل وجان، ته وِيا! تولئي وَيل ٻَريو، نه ته آڻ تون اِيمان، آهِن ٻول اَلله جا، بَرحق بي گُمان، ته به بَڪي پِيو بُوزان، ته هِي آکاڻيون اَ ڳيَن جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 18)

18. اِھي اُھي آھن جن تي اھڙي سزا لازم ٿي (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کائن اڳ گذري ويا، بيشڪ اُھي ڇيئي وارا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙائي ماڻهو آهن جن تي الله جو قول سچو ثابت ٿيندو، اهو قول جو اڳوڻين جنن ۽ انسانن جي قومن تي به سچو ثابت ٿيو هو. (اهو قول يا واعدو ڪهڙو هو؟ اهو ته) يقيناً اهڙا ماڻهو سراسر خساري هيٺ اچڻا ۽ تباهه ٿيڻا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو انهن امتن ۾ جيڪي انهن کان اڳ ۾ جِنن ۽ انسانن مان گذريون، بيشڪ اهي نقصان ڪندڙ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي آهن جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي آهي اهڙن امتين سان گڏ جيڪي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي خساري وارا آهن.(سيد فرمان علي)


اهي ئي آهن جو ثابت ٿيو انهن تي فرمان امتن ۾ جيڪي تحقيق گذريون انهن کان اڳي جنن ۽ انسان مان بيشڪ اهي هئا نقصان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي اُهي آهن جن تي (سزا جي) ڳالهه لازم ٿي چڪي آهي اهڙين جماعتن سان گڏ جيڪي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي ڇيهي وارا هئا. (مولانا محمد مدني)


اِهي (اهڙا بدبخت) ماڻهو آهن جن تي (سزا جو) فرمان ثابت ٿي چُڪو آهي، اهي اهڙن گروهن ۾ شامل هوندا جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذري چڪا آهن. بيشڪ اهي نقصان وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهي سي صَحِي، قول قراريو جَن تي، تَن گِروهن گڏيا، سزا سَخت لَهِي، جِن ۽ ماڻهو مَهند تِنيان، جي وِيا ڪالھ ڪَهِي، حال جَن جو هِي، اُهي کاٽائو کوٽ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِمّا عَمِلوا وَلِيُوَفِّيَهُم أَعمٰلَهُم وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 19)

19. ۽ سڀڪنھن لاءِ درجا انھيءَ آھر آھن جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) ته (خُدا) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ سڀني لاءِ سندن عملن جي لحاظ کان جدا جدا درجا ٿيندا، انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏيئي ۽ هنن سان ڪجهه به بي انصافي نه ٿئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر هڪ لاءِ سندن عملن مطابق درجا آهن ۽ ضرور انهن کي سندن عملن جي جزا ڏني ويندي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن جا جهڙا ڪم هوندا تهڙا سندن درجا هوندا ۽ اهو هن لاءِ جو خدا سندن ڪمن جو بلڪل پورو عوض ڏيندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ سڀ ڪنهن جي لاءِ درجا آهن ان آهر جيڪي (عمل) ڪيائون ۽ تانته پورو بدلو ڏئي انهن کي سندن عملن جو ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀني لاءِ سندن عملن جي ڪري درجا آهن. ۽ هن لاءِ (به) ته (الله) سندن عمل انهن کي پورا ڪري ڏي ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ هر هڪ لاءِ انهن جي عملن آهر درجا آهن، ۽ هن لاءِ ته (الله) انهن کي سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏئي ۽ انهن تي ڪو ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هَر ڪِنهن لئي، جي هتي، ڪيائون ڪم ڪار، تِنهن مُوجب آهِن، اُنهن لئي دَرجا ڌاروڌار، ۽ ڏِيندنِ پَنهنجا پورهيا، پُورا پُورا پار، ۽ تَنِين سان تڪرار، ذرو ظُلم نه ڪيو وَڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَذهَبتُم طَيِّبٰتِكُم فى حَياتِكُمُ الدُّنيا وَاستَمتَعتُم بِها فَاليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَستَكبِرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَفسُقونَ (آيت : 20)

20. ۽ انھيءَ ڏينھن جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن ته) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ وٺي چڪؤ ۽ اُن سان آسودا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھي ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري جو بدڪاري ڪندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان آندو ويندو (تڏهن کين چيو ويندو ته) توهان پنهنجي دنيائي زندگيءَ ۾ چڱيون چڱيون شيون (۽ نعمتون اسان وٽان) حاصل ڪيون ۽ توهان انهن جو خوب مزو ورتو (پر اسان جي حڪمن تي عمل نه ڪيوَ) سو اڄ توهان کي بدلي ۾ ذلت جو عذاب ملندو هن ڪري جو توهان زمين تي ناحق آڪڙ (۽ ظلم) ڪندا هئو ۽ هن ڪري جو توهان (اسان جي) نافرماني ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت جي ڏينهن ڪافرن کي باه جي سامهون پيش ڪيو ويندو. (انهن کي چيو ويندو) توهان پنهنجي حصي جون پاڪ شيون پنهنجي دنيا جي حياتي ۾ استعمال ڪيون ۽ توهان انهن مان نفعو ورتو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ان جي عيوض خواريءَ وارو عذاب ڏنو ويندو انهيءَ سببان جو توهان زمين ۾ ناحق تڪبر ڪندا هئا ۽ انهيءَ سببان جو توهان گناه ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باھ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن جيئن ته) اوهان پنهنجي دنيوي زندگيءَ ۾ پنهنجا مزا ماڻي چڪا آهيو ۽ ان ۾ عيش آرام ڪري چڪا آهيو سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا. ۽ هن ڪري (به) ته اوهين بدڪاريون ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن ڏينهن پيش ڪيا ويندا اهي جن ڪفر ڪيو باھ جي اڳيان ختم ڪيون اوهان پنهنجون نعمتون پنهنجي دنيوي حياتيءَ ۾ ۽ نفعو ورتو اوهان انهن سان پوءِ اڄ بدلو ڏنا ويندؤ خواريءَ واري عذاب سان ان سببان جو وڏائي ڪندا هيئو زمين تي حق کان سواءِ ۽ ان سببان جو بي فرماني ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن چئبن ته) اوهان پنهنجون مزيدار شيون پنهنجيءَ دنيا جي حياتيءَ ۾ وڃائي چڪا آهيو ۽ انهن سان مزا ڪري چڪا آهيو سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ هن ڪري (به) ته اوهين نافرماني ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن ڪافر باهه اڳيان پيش ڪيا ويندا. (چيو ويندو) ”توهان پنهنجي حصي جون نعمتون پنهنجي دنياوي حياتي ۾ ختم ڪري چڪا آهيو ۽ انهن جا مزا ماڻي چُڪا آهيو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ذلت جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ان ڪري جو توهان زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ هن ڪري (به) جو توهان نافرماني ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن ڏِينهن چِيہ چاڙهبا، نِظاري نِروار، ته هَيا! حَياتئَ هن ۾، جا نَنڍڙِي ۽ نيڪار، کاڌان، کوهيان پَنهنجون، نِعمتون نِبار، ۽ مَزا ماڻيا اُن مان، جِيئن وَڻيان ويرو تار، پوءِ سَزا خُوارِي خُوب جِي، کائو اَڄ خوار!، ته ڀُون ۾ ڀَنوارِيا آهيون، بي واجبِي بَدڪار! ٻِيو پڻ ٻَهار، هَلندا حُڪم کان آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر أَخا عادٍ إِذ أَنذَرَ قَومَهُ بِالأَحقافِ وَقَد خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 21)

21. ۽ عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھوا ته الله کانسواءِ ڪنھين جي عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي منهنجا پيغمبر!) عاد قوم جي ڀاءُ (حضرت هود) جو بيان (هنن عربن کي) ٻڌاءِ. ڏسو هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي، جيڪي احقاف ۾ رهندا هئا، خبردار ڪيو، ۽ هن کان اڳي توڙي پوءِ ٻيا به خريدار ڪندڙ (پيغمبر سڳورا) ٿي گذريا آهن، (انهن به پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي خبردار ڪيو ته) الله کان سواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو (۽ ڪنهن به قسم جي نامناسب ڪاڻ نه ڪڍو. نڪي بادشاهن ۽ سردارن جي نڪي پيرن فقيرن ۽ ٻين جي. جيڪي پاڻ کي ڪرامت جا صاحب ٿا سڏائين) (جيڪڏهن ٻين جي غلامي ۽ پوڄا ڪندو ته) مون کي خوف آهي ته ڪنهن وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان عاد جي قوم جو ذڪر ڪريو، جنهن وقت (ان پيغمبر) پنهنجي قوم کي احقاف جي واديءَ ۾ ڊيڄاريو ۽ بيشڪ ان کان اڳ ۾ ۽ ان کان پوءِ پيغمبر گذريا، ان چيو توهان نه عبادت ڪريو مگر الله جي، بيشڪ مون کي توهان لاءِ هڪ عظيم ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) تون عاد جي ڀاءُ (هود) کي ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (جي علائقي ۾) ڊيڄاريو. هوڏانهن هن کان اڳ ۽ ان کان پوءِ (به) ڊيڄارڻ وارا گذري چڪا هئا ۽ هود (پنهنجي قوم کي چيو) ته خدا کان سواءِ ڪنهين جي عبادت نه ڪريو. مون کي ته تمام سخت ڏينهن جي عذاب کان اوهان جو ڊپ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر عاد جي ڀاءُ کي جڏهن ڊيڄاريائين پنهنجي قوم کي احقاف ۾ ۽ تحقيق گذريا ڊيڄاريندڙ ان جي اڳيان ۽ ان جي پويان ته نه عبادت ڪيو مگر الله جي بيشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب وڏي ڏينهن جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) عاد (قوم) جي ڀاءُ (هود) کي ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (جي علائقي) ۾ ڊيڄاريو. هوڏانهن سندس اڳيان ۽ سندس پويان ڊيڄارڻ وارا گذري چڪا هئا ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو. مون کي ته وڏي ڏينهن جي عذاب کان اوهان جو ڊپ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (قومِ) عاد جي ڀاءُ (هود) جو ذڪر ڪر، جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (ريگستان واري علائقي) ۾ ڊيڄاريو، حالانڪه ان کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ڊيڄارڻ وارا (پيغمبر) گذري چڪا هئا (هود چيو ته:)”توهان الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪيو. (ورنه) مون کي ڊپ آهي ته توهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب نه اچي وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪر ياد ڀاءُ عاد جو، صالِح مَرد صراف، جڏهن ڪيائين سَندسِ قوم کي، آگاھ مَنجھ اَحقاف، گھڻا گُذريا جَن ۾، اِطلاعِي اَشراف، اَڳيان پويان اُنهن جي، آيا مَنجھ اَطراف، ته سُهڻو سَنِيهو صاف، ري پَروَر، پُوڄيو ڪِين ٻِيو. خَبر آهي کَرِي ، ته آئون ٿو ڀَو ڀايان، وَڏي ڏِينهن وَرِي، اَوهان تي عَذاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا أَجِئتَنا لِتَأفِكَنا عَن ءالِهَتِنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 22)

22. چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته اسان کي پنھنجن معبودن کان ڦيرائن، پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين ته جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن چيو ته، ڇا تون اسان ڏي انهيءَ لاءِ آيو آهين ته اسان کي اسان جي ديوتائن کان ڦيرائي ڇڏين؟ (اسان هرگز ڪونه ڦرنداسين). سو جيڪڏهن تون سچ ٿو چئين ته، ڀلا آڻ اهو عذاب جنهن جو اسان کي دڙڪو ٿو ڏئين.(علامه علي خان ابڙو)


انهن چيو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته تون اسان کي پنهنجي معبودن کان ڦيرائين. پوءِ تون اهو (عذاب) آڻ جنهنجو تون اسان کي وعدو ڏين ٿو، جيڪڏهن تون سچن مان آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن چيو ته تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ڇا ته تون اسان جي معبودن کان اسان کي ڦيرين؟ ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن عذاب جي تون اسان کي ڌمڪي ڏئين ٿو سو آڻي ڏيکار.(سيد فرمان علي)


چيائون ته ڇا آئين تون اسان وٽ تانته ڦيرائين اسان کي اسان جن معبودن کان پوءِ آڻ اسان وٽ جنهن جو اسان کي وعدو ڏين ٿو جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ڇا ته تون اسان جي معبودن کان اسان کي ڦيرين؟ پوءِ جيڪو وعدو اسان سان ڪرين ٿو سو اسان تي آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان کي اسان جي معبودن کان ڦيرائين؟ پوءِ اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڊيڄاري رهيو آهين جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، اَسان آئـِين تون، ڇا، ڪَم اِنهِئَ ڪاڻ، ته ٿيڙينئون ٿانن ڪنان، جِتي ڏيون، ڏينهَنْ کان ڏاڻ؟ اَسان کي جِنهن عذاب جا، ٿو هُل ٻُڌائـِين هاڻ، پوءِ اُهو اَسان تي آڻ، جي صَحِي سَچن مان آهِيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 23)

23. چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت هود جواب ڏنو ته ان (عذاب جي اچڻ جي وقت) جو علم ته فقط الله کي آهي (پر ياد رکو ته عذاب ضرور اچڻو آهي) ۽ مان ته فقط اهو ئي حڪم ۽ پيغام اوهان کي پهچايان ٿو جن سان خدا مون کي موڪليو آهي. پر مان ته ڏسان ٿو ته توهان وڏا جاهل ماڻهو آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


هود چيو ان جو علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ آئون توهان کي اهو پهچايان ٿو جيڪو مون ڏانهن موڪليو وڃي ٿو پر آئون توهان کي جاهل قوم ڏسان پيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هود چيو ته (ان جي) خبر اڳي الله کي آهي ۽ آءُ اوهان کي اهو (پيغام) پهچايان ٿو جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءُ ڏسان ٿو ته اوهين جاهل قوم آهيو.(سيد فرمان علي)


چيائين ته علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ پهچايان ٿو مان اوهان کي اهو جو موڪليو ويس مان ان سان اوهان ڏانهن ۽ پر مان ڏسان ٿو اوهان کي قوم جو نٿا ڄاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هود چيو ته (ان جي) خبر رڳي الله کي آهي ۽ آءُ اوهان کي اهو (پيغام) پهچايان ٿو جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءُ ڏسان ٿو ته اوهين جاهل قوم آهيو. (مولانا محمد مدني)


(هود) چيو ته: ”(عذاب جي وقت جو) علم ته صرف الله کي آهي ۽ آءٌ اوهان کي (اُهي احڪام) پهچائي رهيو آهيان جن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءٌ اوهان کي ڏسان ٿو ته توهان جاهل قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آهي عِلم اُن جو، صاحِب وَٽ سُڄاڻ، ۽ مُون کي مُڪو جَن سان وِيو، سي پُهچايان پَرياڻ، ۽ آئون تن اوهان کي ٿو ڏِسان، اِهڙِي قوم اَڄاڻ، ته پُرجَھڻ بَدران پاڻ، ٻَڌو جھيڙو جِھل جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا رَأَوهُ عارِضًا مُستَقبِلَ أَودِيَتِهِم قالوا هٰذا عارِضٌ مُمطِرُنا بَل هُوَ مَا استَعجَلتُم بِهِ ريحٌ فيها عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 24)

24. پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته نه نه!) بلڪ اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هنن ان (عذاب) کي هڪڙي ڪڪر جي صورت ۾ پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو، تڏهن (ڀلجي خوشيءَ مان) چيائون ته هي هڪڙو ڪڪر آهي جو اسان تي مينهن وسائيندو (۽ اسان جي وادين کي آباد ڪندو). نه نه (آبادي ڪرائڻ وارو مينهن نه اٿوَ.) بلڪ اِهو اُهو (عذاب) اٿوَ، جنهن لاءِ (ٽوڪ وانگر) توهان تڪڙ لائي ڏني هئي. اهو سخت طوفان اٿوَ، جنهن ۾ دردناڪ عذاب رکيل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انهن ان عذاب کي ڪڪر وانگر سندين وادين تي ڇانيل ڏٺو ته چوڻ لڳا هيءُ ڪڪر آهي جيڪو اسان تي وسايو ويندو. بلڪ اِهو اُهو (عذاب) آهي جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪئي ٿي (هيءُ) طوفان آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن انهن ماڻهن ان (عذاب) کي ڏٺو جو ڪڪر وانگر سندن ميدانن ڏي اڀرندو ٿي آيو ته چوڻ لڳا ته اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي، نه! نه! هي (ڪڪر) اهو (عذاب) آهي جنهن جي جلد اچڻ جي اوهان گهر ڪئي هئي. اها هوا آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ڪڪر وانگر سامهون ايندڙ سندن وادين ڏانهن ته چيائون هي ڪڪر اسان تي مينهن وسائيندڙ آهي بلڪ اهو آهي جيڪو اوهان تڪڙو گهريو هو واء جو ان ۾ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن ان (عذاب) کي سندن نئين جي سامهون ايندڙ ڪڪر جي صورت ۾ ڏٺائون تڏهن چيائون ته هي اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي. نه نه! هي (ڪڪر) اهو (عذاب) آهي جنهن جي جلد اچڻ جي اوهان گهر ڪئي آهي اها هوا آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي، (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن ان (عذاب) کي ڪڪر وانگر پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو تڏهن چيائون ته: ”هي اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي“. (ائين نه هيو) بلڪه هي اهو (عذاب) آهي جنهن جي اچڻ جي اوهان جلدي مچائي رهيا هئا. اها هوا (انڌاري) آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن ڏِٺائون اُن کي، ڪَنڌِئَ ڀَرڪِنار،وَرندڙ سَندنِ وَلهارن تي، ڪَڪر ڪارُونڀار، ڀيڄ، بادَل! ڀيڄ ڪَري، چَوڻ لڳا چوڌار، ته وَسڻِي آهي اَسان تي، اِها ڪَر وارِي ڪار، اِي، سو آهي اُٽلندو، جنهن لئي تَڪڙ ڪيان تڪرار، حَقِيقت ۾ هو اُهو، ڌُو ڌُو وَاءُ ڌَمڪار، اُنهِئَ مَنجھ اَپار، ٻارڻ ٻَرندڙ آھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تُدَمِّرُ كُلَّ شَيءٍ بِأَمرِ رَبِّها فَأَصبَحوا لا يُرىٰ إِلّا مَسٰكِنُهُم كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 25)

25. (جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شيءَ کي ناس ڪندي پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نه ٿي ڏٺو ويو، اھڙي طرح ڏوھاري قوم کي سزا ڏيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو طوفان هرهڪ شيءِ کي پنهنجي رب جي حڪم سان برباد ڪري ڇڏيندو. پوءِ صبح جي وقت (تائين ڇا ٿيندو جو) سندن گهرن جي کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو. اهڙيءَ طرح اسان گنهگار قوم جي ماڻهن کي (بدعملن جو) بدلو ڏيندا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


(اهو) پنهنجي رب جي حڪم سان هر شيءِ کي برباد ڪري ڇڏيندو پوءِ ايئن ڦري ٿيا جو انهن جي گھرن کانسواءِ (ڪجھه به) ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. اهڙيءَ طرح اسين مجرمن جي قوم کي جزا ڏيون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جا سڀ ڪنهن شيءِ کي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي ته اهي اهڙا (برباد) ٿيا جو سندن گهرن کان سواءِ ڪجھ به نظر نه ٿي آيو. اسين اهڙي طرح ڏوهاري کي بدلو ڏيون ٿا.(سيد فرمان علي)


هلاڪ ڪري پيو هر شيءِ کي پنهنجي رب جي امر سان پوءِ صبح ڪيائون جو نٿا ڏٺا وڃن مگر گهر انهن جا اهڙي طرح بدلو ڏينداسون قوم مجرم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جا سڀ ڪنهن شيءِ کي پنهنجي مالڪ جي حڪم سان هلاڪ ڪري ڇڏيندي پوءِ اهڙا ٿيا جو سندن گهرن کانسواءِ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو.اهڙي طرح اسين ڏوهاري قوم کي بدلو ڏيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


جو پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر شيءِ کي برباد ڪري ڇڏيندو پوءِ اُهي اهڙا (تباهه) ٿيا جو سندن گهرن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. اسان اهڙي طرح ڏوهاري قوم کي سزا ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَندسِ صاحِب پاڪ جي، اَمر سڳوري ساڻ، هَڻيو هَر شئِ ناس ڪري، پوءِ پِرھ ڪيائون پاڻ، نه ڏِسجن مگر ڏيہ ۾، وِلها سَندنِ وَٿاڻ، ڏِيون اِهڙا ڏاڻ، ڪُل ڪانهيارِئَ قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد مَكَّنّٰهُم فيما إِن مَكَّنّٰكُم فيهِ وَجَعَلنا لَهُم سَمعًا وَأَبصٰرًا وَأَفـِٔدَةً فَما أَغنىٰ عَنهُم سَمعُهُم وَلا أَبصٰرُهُم وَلا أَفـِٔدَتُهُم مِن شَيءٍ إِذ كانوا يَجحَدونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 26)

26. ۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي به جاءِ نه ڏني سون ۽ انھن کي ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون تڏھن نڪي سندن ڪَنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ به (عذاب) کائن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھوا سو مٿن ڪڙڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان انهن (عاد قوم جي ماڻهن کي) اهڙي وڏي طاقت ۽ آسودگيءَ جي حالت ۾ ملڪ ۾ قائم رکيو هو جهڙيءَ حالت ۾ اسان اوهان (قريشن) کي هرگز ڪو نه رکيو آهي ۽ اسان هنن کي ڪَن، اکيون ۽ دليون ڏنيون (يعني اهڙي دل دماغ ۽ هنر ڏنا جهڙا اوهان کي ڪونه ڏنا اٿئون)، پر جڏهن هنن الله تعاليٰ جي آيتن ۽ حڪمن مڃڻ کان انڪار ڪيو تڏهن ته سندن ڪَن، اکيون ۽ دليون هنن کي ڪجهه به ڪم نه آيون ۽ جن ڳالهين تي ٽوڪون ڪندا هئا سي ئي هنن کي وڪوڙي ويون. (توهان قريش ڇا آهيو. خبردار ٿيو، خدا جي حڪمن کي مڃيو، نه ته اوهان به تباهه ٿيندَو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان انهن کي اها قوت عطا ڪئي جيڪا توهان کي نه ڏني سين ۽ اسان انهن لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دل پيدا فرمايا، پوءِ انهن تان سندن ڪنن ۽ اکين ۽ سندن دلين ڪا شيءِ دفع نه ڪئي. ڇو ته اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. ۽ انهن کي ان عذاب گھيريو جنهنجي اهي مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان عاد (جي قوم) کي اهڙين ڳالهين جي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان کي طاقت نه ڏني آهي ۽ اسان کين ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه سندن ڪنن ۽ نه سندن اکين ۽ نه سندن دلين انهن کي ڪجھ به فائدو ڏنو ڇو ته اهي الله جي نشانين جو انڪار ڪندا هئا ۽ جنهن ڳالھ تي ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق اسان انهن کي ايتري طاقت ڏني جيڪا اوهان کي نه ڏني سون ۽ ڪيا سان انهن لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون پوءِ نه ڪم ڏنو انهن جي پاران ڪنن انهن جي ۽ نه اکين انهن جي ۽ نه دلين انهن جي ڇو ته انڪار ڪيائون ٿي الله جي آيتن جو ۽ پلٽجي پيو انهن تي اهو عذاب جو ان سان چٿر ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان عاد (جي قوم) کي اهڙين ڳالهين جي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان (مڪي وارن) کي طاقت نه ڏني آهي ۽ اسان کين ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه سندن ڪنن ۽ نه سندن اکين ۽ نه سندن دلين انهن کي ڪجهه به فائدو ڏنو ڇو ته اهي الله جي نشانين جو انڪار ڪندا هئا ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان انهن (قومِ عاد وارن) کي اهڙين ڳالهين تي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان (مڪي وارن) کي طاقت نه ڏني آهي، ۽ اسان انهن کي (عقل وارا) ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه انهن جي ڪنن ۽ نه انهن جي اکين ۽ نه انهن جي دلين انهن کي فائدو ڏنو ڇو ته اُهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ انهن کي ان (عذاب) اچي گهيريو جنهن تي ٺٺولون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بي شڪ بَخشيائون اُنهن کي، ماڙِيون مَحل مَڪان، آن کي ڏِنِيسون ڪانه، جَن جِھڙِي جاءِ جَهان ۾. ۽ ڪَن ڪياسون اُنهن جا، پڻ اَکيون هيئان هوشيار، پوءِ ڪَن، مَن اکين تَن جي، نه ڏِننِ وَٽابو وار، جڏهن ڪَندا هئا ڪَرِيم جي، آيتنِيان اِنڪار، ۽ جيڪي کِليا ٿي خُوار، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَهلَكنا ما حَولَكُم مِنَ القُرىٰ وَصَرَّفنَا الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 27)

27. ۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون ته مانَ اُھي موٽن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان جي آسپاس (خود عربستان ۾) کي بستيون برباد ڪري ڇڏيون، ۽ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي ٻڌايون آهن انهيءَ لاءِ ته من هو (اسان ڏي) موٽن (۽ صالح عمل ڪن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان توهان جي چوڌاري ڪيترا ڳوٺ هلاڪ ڪيا. ۽ اسان (مختلف) نشانيون آنديون ته من اهي موٽن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (مڪي وارو!) اسان اوهان جي آس پاس وارا ڳوٺ برباد ڪيا ۽ پنهنجي (قدرت جون) ڪيئي نشانيون انهن کي ڏيکاري (سمجهايوسون) ته من اهي ماڻهو باز اچن (پر ڪير ٿو ٻڌي!)(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق هلاڪ ڪيا اسان اهي جيڪي چوڌاري اوهان جي هئا ڳوٺن مان ۽ مٽ سٽ پيش ڪيون اسان نشانيون شايد اهي موٽن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوهان (مڪي وارن) جي آس پاس آهن سي اسان برباد ڪيا ۽اسان نشانين کي ڦيريو گهيريو (يعني سڀ ڪنهن طرح سان سمجهايوسون) ته مَنَ اهي رجوع ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي مڪي وارؤ!) بيشڪ اسان ڪيترا ڳوٺ برباد ڪيا جيڪي توهان جي آس پاس هئا، ۽ اسان نشانيون بار بار ظاهر ڪيون ته من اُهي باز اچن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، رَتا راڄ ستار، اوسي پاسي اَنهنجي، ڪياسون چَٽ چوڌار، ۽ ڦيرايون سون وَرِي وَرِي، نِشانِيون نِروار، ته پَسِي مانَ مُصيبتون، هَٽِي اَچنِ حق پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَولا نَصَرَهُمُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ قُربانًا ءالِهَةً بَل ضَلّوا عَنهُم وَذٰلِكَ إِفكُهُم وَما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 28)

28. پوءِ الله کانسواءِ جن کي ويجھائي لاءِ معبود ڪري ورتو ھوائون تن کين مدد ڇونه ڏني ھئي، بلڪ کائن گم ٿي ويا، ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(گهڻيون ئي قومون اسان تباهه ڪري ڇڏيون) پوءِ ڇو نه انهن کي انهن مدد ڪئي، جن کي هڪ الله کان سواءِ معبود ڪري ورتو هئائون، (۽ سندن پوڄا ڪندا هئا) انهيءَ لاءِ ته (خدا وٽ) قربت يا ويجهڙائي حاصل ڪن. (انهن ديوتائن سندن مدد ته ڪانه ڪئي، پر) اٽلندو کانئن ڀڄي گم ٿي ويا، ۽ اهو سندن (عقيدو ۽ عمل) بلڪل ڪوڙ هو ۽ سندن هٿرادو ٺاهه هو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن جي معبودن (بتن) انهن جي ڇو نه مدد ڪئي جن کي انهن قربِ خداوندي حاصل ڪرڻ لاءِ معبود بنايو، بلڪ اهي انهن کان غائب ٿي ويا، ۽ اهو انهن جو ڪوڙ ۽ بهتان هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته پوءِ خدا کان سواءِ جن (بتن کي) انهن ماڻهن (خدا) جي تقرب لاءِ معبود بنائي رکيو هو تن سندن مدد ڇو نه ڪئي؟ پر اهي ته (مصيبت جي وقت) انهن کان گم ٿي ويا ۽ اهو سندن ڪوڙ ۽ ٺاھ هو جنهن کي گهڙيندا هئا.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇو نه مدد ڪئي سندن انهن (جن کي) بنايائون الله کان سواءِ ويجهي ٿيڻ لاءِ معبود بلڪه گم ٿيا انهن کان ۽ اهو بهتان انهن جو آهي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاهيندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جن کي الله کانسواءِ (الله کي) ويجهي ٿيڻ لاءِ معبود ٺهرايو هئائون تن انهن جي ڇو مدد نه ڪئي؟ پر اهي (مصيبت جي وقت) انهن کان گم ٿي ويا ۽ اهو سندن ڪوڙ ۽ ٺاهه آهي جنهن کي گهڙيندا هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن (ڪوڙن معبودن) انهن جي مدد ڇونه ڪئي جن کي انهن (الله جي) ويجهي ٿيڻ لاءِ الله کي ڇڏي معبود بنايو هيو پر اُهي انهن کان گم ٿي ويا ۽ اُهو سندن ڪوڙ هيو، ۽ بهتان هيو جيڪو گھڙيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، رَتا راڄ ستار، اوسي پاسي اَنهنجي، ڪياسون چَٽ چوڌار، ۽ ڦيرايون سون وَرِي وَرِي، نِشانِيون نِروار، ته پَسِي مانَ مُصيبتون، هَٽِي اَچنِ حق پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ صَرَفنا إِلَيكَ نَفَرًا مِنَ الجِنِّ يَستَمِعونَ القُرءانَ فَلَمّا حَضَروهُ قالوا أَنصِتوا فَلَمّا قُضِىَ وَلَّوا إِلىٰ قَومِهِم مُنذِرينَ (آيت : 29)

29. ۽ (ياد ڪر) جڏھن جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ کي توڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا چيائون ته ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل پورو ڪيو ويو ته پنھنجي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توڏي جنن جي هڪ ٽولي لاڙي آندي ته قرآن ٻڌن. پوءِ جڏهن اتي آيا تڏهن (هڪٻئي کي) چوڻ لڳا ته ماٺ ڪيو (۽ خيال سان ٻڌو). پوءِ جڏهن قرآن جو پڙهڻ پورو ڪيو ويو، تڏهن هنن (ايمان آندو ۽) پنهنجي ماڻهن ڏي موٽيا انهيءَ لاءِ ته کين خبردار ڪيو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان جِنن جي هڪ ٽولي کي توهان ڏانهن موٽايو جن قرآن ڪريم (غور سان) ٻڌو، پوءِ جڏهن اهي رسولِ عربي وٽ حاضر ٿيا انهن پاڻ ۾ چيو ته خاموش ٿيو، پوءِ جڏهن تلاوت پوري ٿي ته اهي پنهنجي قوم کي ڊيڄارڻ لاءِ موٽيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن اسان جنن مان ڪي (جن) تو ڏي متوجه ڪيا ته دل لائي قرآن ٻڌن. ۽ جڏهن اتي پهتا تڏهن (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا ته ماٺ ڪري ٻڌو. پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏي واپس موٽيا ته (کين عذاب کان) ڊيڄاريون.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد فرماءِ) جڏهن لاڙيوسون توڏانهن هڪ ٽولي کي جنن مان ٻڌن پيا قرآن کي پوءِ جڏهن حاضر ٿيا اتي ته چيائون چپ ڪيو پوءِ جڏهن پورو ڪيو ويو ته موٽيا پنهنجي قوم ڏانهن ڊيڄاريندڙ ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان توڏي ڪجهه جن ڦيريا، جن قرآن ٿي ٻڌو پوءِ جڏهن اتي پهتا تڏهن چيائون ته ماٺ ڪري ٻڌو. پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏي ڊيڄارڻ وارا ٿي موٽيا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اسان جِنَن جي هڪ جماعت کي تو ڏانهن متوجهه ڪيو ته قرآن ٻُڌن، پوءِ جڏهن اُهي اتي پهتا (جتي تو قرآن پئي پڙهيو) تڏهن چيائون ته خاموش ٿي (ٻڌو)، پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏانهن ڊيڄارڻ وارا بنجي موٽيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توڏي جَماعت جِنن مان، وارِيسون جنهن وار، پِيا ٻُڌن قرآن ڪرِيم جِي، تو وَٽان تَنوار، پوءِ جڏهن اَچِي اُن تي، حاضِر ٿيا هيڪار، چيائون، ته چُپ ڪريو، پوءِ جڏهن پورِي ٿِئي پَچار، وَريا پوءِ وِينجھار، ٿِي قاصِد سَندنِ قوم ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا يٰقَومَنا إِنّا سَمِعنا كِتٰبًا أُنزِلَ مِن بَعدِ موسىٰ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ يَهدى إِلَى الحَقِّ وَإِلىٰ طَريقٍ مُستَقيمٍ (آيت : 30)

30. چيائون ته اي اسان جي قوم بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو ُموسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو تنھن کي سچو ڪندڙ آھي سچي دين ڏانھن ۽ سِڌي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهن پنهنجي ماڻهن ڏي اچي) چيو ته، اي اسان جي قوم جا ماڻهو! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌو آهي جو حضرت موسيٰ کان پوءِ نازل ٿيو آهي ۽ جو انهن ڪتابن جي تصديق ٿو ڪري جيڪي اڳي آيل هئا، اهو ڪتاب حق جي طرف واٽ ٿو ڏيکاري ۽ سڌي واٽ ٿو ڏيکاري.(علامه علي خان ابڙو)


جِنن چيو، اي اسان جي قوم بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي ٻڌو جيڪو (حضرت) موسيٰ کان پوءِ نازل ڪيو ويو جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق فرمائي حق ۽ سنئين واٽ ڏانهن هدايت ڏئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته انهن کي چيائون اي ڀائرو! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌي آيا آهيون جو موسى کان پوءِ نازل ٿيو آهي (۽) جي (ڪتاب) اڳ ۾ (نازل ٿيا) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي سچي (دين) جو ۽ سڌي راھ جو ڏس ڏسيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


چيائون ته اي اسان جي قوم وارا! بيشڪ اسان ٻڌو هڪ ڪتاب جيڪو نازل ڪيو ويو آهي موسى کان پوءِ تصديق ڪندڙ انهن جي جيڪي اڳي ان کان هئا هدايت ڪري پيو حق ڏانهن ۽ سڌي واٽ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائون ته اي اسان جي قوم! اسان ته اهڙو ڪتاب ٻڌو آهي جنهن کي موسيٰ کانپوءِ نازل ڪيو ويو آهي جيڪي (ڪتاب) ان جي اڳيان آهن تن کي سچو چوندڙ آهي، سچ جو ۽ سڌي رستي جو ڏس ٿو ڏئي. (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”اي اسان جي قوم! اسان اهڙو ڪتاب ٻُڌو آهي جيڪو موسى کان پوءِ نازل ڪيو ويو آهي، جيڪو ان کان اڳ (آيل ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي سچي (دين) ۽ سڌي رستي طرف هدايت ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَنهنجي پاڙيچِيَن کي ڪيؤن خاص خِطاب، ته بي شڪ ٻُڌوسون ڀائـِرو!، ڪَنن سان ڪِتاب، لَٿو مُوسٰى مِير پُئان، سو مُصحف مُستطاب، ڪَندڙ اِنهيان اََڳيَن کي، صَحِي بَرصواب، ڏَسي حَقَّ هَر باب، پڻ سُهائي ٿو واٽ سَنئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰقَومَنا أَجيبوا داعِىَ اللَّهِ وَءامِنوا بِهِ يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُجِركُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 31)

31. اي اسان جي قوم الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو ته (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي اسان جي قوم جا ماڻهو! الله جي طرف سڏيندڙ (حضرت محمدﷺ) جو سڏ ورنايو ۽ ان (الله) تي ايمان آڻيو. هو اوهان کي اوهان جون (اڳوڻيون) خطائون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي وٺندو.(علامه علي خان ابڙو)


اي اسان جي قوم توهان رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃو ۽ رسولِ عربي تي ايمان آڻيو الله تعالى توهان جا گناه بخشيندو ۽ توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي اسان جي قوم! خدا جي طرف سڏڻ واري جي ڳالھ مڃو ۽ خدا تي ايمان آڻيو اهو اوهان جا گناھ بخشيندو ۽ (قيامت ۾) اوهان کي دردناڪ عذاب کان پناھ ۾ رکندو.(سيد فرمان علي)


اي اسان جي قوم وارا! سڏ قبول ڪيو الله ڏانهن سڏيندڙ جو ۽ ايمان آڻيو ان تي ته بخش ڪندو اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ بچائيندو اوهان کي عذاب دردناڪ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي اسان جي قوم! الله جي سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ ان تي ايمان آڻيو ته اوهان جا ڪجهه ڏوهه اوهان کي معاف ڪري ۽ دردناڪ عذاب کان اوهان کي بچائي. (مولانا محمد مدني)


اي اسان جي قوم! توهان الله ڏانهن سڏيندڙ جي ڳالهه قبول ڪيو ۽ ان تي ايمان آڻيو ته الله توهان جا گناهه معاف ڪندو ۽ توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي قوم ! قبوليو، ڪوٺارِي ڪَلتار، ۽ مَڃيوسِ ته مَرهيَو مهرسان، ڪي بَديون ۽ بار، پڻ ڏِينيان اَمن ڏاتار، سُورن واري ساڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن لا يُجِب داعِىَ اللَّهِ فَلَيسَ بِمُعجِزٍ فِى الأَرضِ وَلَيسَ لَهُ مِن دونِهِ أَولِياءُ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 32)

32. ۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نه آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نه آھن، اُھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪو الله ڏي سڏيندڙ جو سڏ نه ورنائيندو سو زمين تي الله جي رٿن کي روڪي ڪونه سگهندو ۽ هن جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي به ڪارساز يا مددگار نه هوندا. اهي چٽي چٽي گمراهيءَ ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪو ماڻهو رسولِ عربيءَ جو حڪم نه مڃيندو، پوءِ اهو زمين ۾ (الله تعالى جي) پڪڙ کان بچي نٿو سگھي ۽ ان لاءِ الله تعالى کانسواءِ ڪو مددگار ناهي، اهي صاف گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن خدا ڏي سڏڻ واري جي ڳالھ نه مڃي ته (ياد رکو! ته) اهو (خدا کي روءِ زمين ۾) ڪو عاجز (ته) ڪري نه سگهندو ۽ نه (وري) ان کان سواءِ سندس ڪو به سرپرست ئي ٿيندو. (پوءِ) اهي ئي ظاهر گمراهي ۾ آهن. (سيد فرمان علي)


۽ جيڪو الله ڏانهن سڏيندڙ جو سڏ نٿو قبول ڪري پوءِ ناهي عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ ناهن ان جا ان کان سواءِ ڪي مددگار اهي کليل گمراهيءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جو الله ڏي سڏيندڙ کي سڏ نه ڏيندو سو زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارو نه آهي ۽ نه الله کانسواءِ ان جا ڪي مددگار آهن. اهي پڌري گمراهي ۾ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪو الله ڏانهن سڏيندڙ جي ڳالهه قبول نه ڪندو سو زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارو نه آهي ۽ نه ئي ان جي لاءِ الله جي مقابلي ۾ ڪي مددگار هوندا. اُهي پڌري گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪوٺارِي ڪَرِيم جو، جنهن قبوليو ڪِين، پوءِ ناهي ڏاڍو ڏيہ ۾، نه ڪو زور مَنجھ زَمِين، ۽ اُن ڌاران ناهِن اُن جا، يا وَر، ساڻ يَقِين، اِهيئـِي آهِينِ، وَرتل پَڌرِي وِرس ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلَم يَعىَ بِخَلقِهِنَّ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ بَلىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 33)

33. نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ انھن جي بڻائڻ ۾ نه ٿڪو سو ھن (ڳالھ) تي وس وارو آھي ته مُئن کي جياري، ھائو! بيشڪ اِھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو نٿا ڏسن ڇا ته بيشڪ الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي ۽ جو انهن جي خلقڻ ۾ بلڪل ڪونه ٿو ٿڪجي. بيشڪ هو مئلن کي زنده ڪرڻ تي قادر آهي. بلڪ يقيناً هو هر شيء تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن اهو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي تخليق ڪيو ۽ انهن جي ٺاهڻ ۾ پاڻ نه ٿڪو، اهو قادر آهي جو مُئلن کي جياري، ها! بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن سوچيو ڪين آهي ته جنهن خدا آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪيو ڪين، سو ان ڳالھ تي بيشڪ قادر آهي ته مردن کي جيئرو ڪندو اهو بيشڪ سڀ ڪنهن ڳالھ تي قادر آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ الله جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ نه ٿڪجي پيو انهن جي پيدا ڪرڻ سان قادر آهي هن تي جو جيئرو ڪري مئلن کي هائو بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا نه ڏٺو اٿن ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي بنائڻ ۾ نه ٿڪو سو مئلن جي جيئري ڪرڻ جي به طاقت رکي ٿو؟ ڇو نه هو ته سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا اُهي نه ٿا ڏسن ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي بنايو آهي ۽ اُهو انهن جي پيدا ڪرڻ کان ٿَڪو نه آهي، ان ڳالهه تي قادر آهي جو مُردن کي جِياري. ڇو نه! بيشڪ اُهو هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ورتئون نه وِيچار؟، ته اَلله آهي ئـِي اُهو، جنهن ڀُون، اُڀ بَنائيا، عَجب رنگ اَسرار، ۽ بنائڻ ۾ اُن جي، بِنہ نه ٿيو بيزار، سو پاڻهِين آهي پُهچڻو، هِن ڪم کي ڪلتار، ته مئا مقامن مان، جِياري جَبَّار، هائو، حَقِيقت ۾، آهي اِي اِظهار، قادِر بَرقرار، سگھارو سَڀ ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ يُعرَضُ الَّذينَ كَفَروا عَلَى النّارِ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 34)

34. ۽ جنھن ڏينھن ڪافر باھ جي سامھون آڻبا، (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي (وعدو) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو! اسان جي پالڻھار جو قسم آھي، (الله) چوندو ته انھي ڪري عذاب چکو جو انڪار ڪندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي سامهون آندو ويندو (تنهن ڏينهن کانئن پڇيو ويندو ته) ڇا هي (قيامت) برحق نه آهي؟ هو چوندا ته قسم آهي اسان جي پروردگار جو ته، هائو (بيشڪ برحق آهي). کين چيو ويندو ته، توهان انڪار ڪندا هئو. سو هاڻي (ان جي نتيجي ۾) عذاب جو مزو چڪو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت جي ڏينهن ڪافرن کي باه تي پيش ڪيو ويندو، ڇا هيءُ حق ناهي؟ اهي چوندا ها. اسان کي اسان جي رب جو قسم آهي، الله تعالى فرمائيندو پوءِ توهان عذاب چکو انهيءَ سببان جو توهان ڪفر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن ڏينهن ڪافر (دوزخ جي) باھ جي اڳيان پيش ڪيا ويندا (ته انهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا هاڻي به هي برحق نه آهي؟ اهي چوندا ته پنهنجي پروردگار جو قسم هاءُ (برابر حق آهي) خدا فرمائيندو ته وٺو هاڻي پنهنجي انڪار ۽ ڪفر جي بدلي عذاب جا مزا چکو.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن ڏينهن پيش ڪيا ويندا اهي جن ڪفر ڪيو باهه تي ڇا ناهي هي حق چوندا ته هائو قسم آهي اسان جي رب جو فرمائيندو پوءِ چکو عذاب ان سببان جو ڪفر ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان آڻبو (تڏهن جئبن ته) ڇا هي (وعدو) سچ نه آهي؟ چوندا ته هائو اسان کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي. الله فرمائيندو ته پوءِ جو اوهين انڪار ڪندا هئو ان ڪري عذاب چکو. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (کين چيو ويندو) ”ڇا هي سچ نه آهي“؟ چوندا: ”هائو اسان جي پالڻهار جو قسم آهي“ (الله) فرمائيندو: ”پوءِ عذاب (جو مزو) چکو جنهن جو توهان انڪار ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جِنهن ڏِينهن آڻِبا آگ تي، جِن اَنڌن ڪيو انڪار،ته ڇا، حق ناهي هي؟ دوزخ دهشت دار، آهي، سُنهن سانـيَمِ جو، هائو ڪيون هيڪار، پوءِ وَٺو سواد ساڙ جو، ڪَهيو رَبَّ، قَهّار، مُوجِب تِنهن مَيار، جِيئن ڪُفر ڪَندائـِي رهيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاصبِر كَما صَبَرَ أُولُوا العَزمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلا تَستَعجِل لَهُم كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَ ما يوعَدونَ لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِن نَهارٍ بَلٰغٌ فَهَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الفٰسِقونَ (آيت : 35)

35. پوءِ (اي پيغمبر) جيئن وڏي ھمت وارن پيغمبرن صبر ڪيو ھو تئين صبر ڪر ۽ اُنھن لاءِ (عذاب) جلد نه گھُر، جنھن (قيامت) جو کين انجام ڏجي ٿو سو جنھن ڏينھن ڏسندا تنھن ڏينھن (ائين ڀائيندا ته دنيا ۾) ڄڻڪ اُھي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ رھيائي نه ھوا، (اھُو پيغام) پھچائڻو آھي، پوءِ بدڪارن جي قوم کانسواءِ ڪو ھلاڪ نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر!) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه، جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت قدم رهيا. ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر، ڇو ته هي ماڻهو جنهن ڏينهن اهو (عذاب) ڏسندا جنهن جو کين واعدو ڏنل آهي (تنهن ڏينهن ائين پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ ته) هو ڏينهن جي به ڪا گهڙي مس ترسيا هئا. (تنهنجو ڪم آهي فقط) پيغام پهچائڻ. (ياد رکو ته) فقط اهي ئي تباهه ٿيندا جيڪي (خدا جا) نافرمان باغي هئا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو جيئنڪ اُولُوالۡعَزَم (همت وارن) پيغمبرن صبر ڪيو ۽ توهان (انهن جي عذاب لاءِ) تڪڙ نه ڪريو، گوياڪ اهي اُهو ڏينهن ڏسن ٿا جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو، اهي نه رهيا (دنيا ۾) مگر هڪ ساعت ڏينهن مان (هيءُ) نصيحت آهي، پوءِ نٿي هلاڪ ڪئي وڃي مگر قوم فاسقن جي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) پيغمبرن مان جيئن اولو العزم (عالي همت) صبر ڪندا رهيا تون به صبر ڪندو رھ! ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهر نه ڪر! جنهن ڏينهن اهي ماڻهو ان قيامت کي ڏسندا جنهن جو انهن سان انجام ڪيل آهي ته ائين ڀائيندا ته ڄڻ اهي ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) رهيا ئي نه هئا. هي پيغام پهچائڻ آهي ته پوءِ اهي ئي هلاڪ ٿيندا جي بدڪار هئا.(سيد فرمان علي)


پوءِ صبر ڪر جيئن صبر ڪيو وڏي همت وارن پيغمبرن ۽ نه تڪڙو (عذاب) طلب ڪر انهن جي لاءِ ڄڻ ته اهي جنهن ڏينهن ڏسندا اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا ته نه رهيا مگر هڪ گهڙي ڏينهن مان (پيغام) پهچائڻ آهي پوءِ ڇا هلاڪ ڪيا ويندا سواءِ قوم فاسقن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سو (اي پيغمبر !) تون صبر ڪر جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهر نه ڪر! جو انهن کي انجام ڏجي ٿو تنهن کي جنهن ڏينهن ڏسندا ته ائين ڀائيندا ته ڄڻ اهي ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ کانسواءِ (دنيا ۾ ) رهيا ئي نه هئا. هي پيغام پهچائڻ آهي پوءِ نافرمان قوم کانسواءِ ڪو به برباد نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون صبر ڪر جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو هيو ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهُر نه ڪر. جنهن ڏينهن اُهي ان (آخرت جي عذاب) کي ڏسندا جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو وڃي ٿو ته (سمجهندا) ڄڻڪ اُهي (دنيا ۾) ڏينهن جي گهڙي کان سواءِ ترسيا ئي نه هئا. (هي) پيغام پهچائڻ آهي، پوءِ نافرمان قوم کان سواءِ ڪوبه برباد ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَہ، جِيئن سَهندا هُئا، ڪي پُختا پيغمبر، ۽ تَڪڙي سَزا تن لئي، گُھرمَ تون گوهر! جنهن ڏينهن ڏِسَندسِ، جنهن جو ٻول ڏجينِ ٻِيهر، ڪر گھاريون ئي نه گَھر، ري پَل پَهر ڪو ڏِينهن مان. پُورِي طرح پُهچائـِڻان، حُڪم پاڪ حُضُور؛ پوءِ مارِيو نه وَڃي مُور، ڪو ڪانهيارِي قوم ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017