توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(علامه تاج محمود امروٽي) حا - ميم(علامه علي خان ابڙو) حٰـمۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) حم(سيد فرمان علي) حا، ميم، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) حم. (مولانا محمد مدني) حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حٰمٓ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عسق (آيت : 2) |
عٓسٓقٓ.(علامه تاج محمود امروٽي) عين – سين – قاف(علامه علي خان ابڙو) عۗسۗقۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) عسق(سيد فرمان علي) عين، سين، قاف .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) عسق. (مولانا محمد مدني) عين سين قاف (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عٓـسٓـقٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (به) جيڪي توکان اڳ ھوا (موڪليندو) رھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح (جيئن تون ڏسين ٿو) اهو الله توڏي وحي موڪلي ٿو ۽ جيڪي توکان اڳي ٿي گذريا تن ڏي به موڪليندو رهيو هو. جو الله وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي اهڙيءَ طرح الله تعالى توهان ڏانهن ۽ توهان کان اڳين پيغمبرن ڏانهن وحي موڪلي ٿو جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ هئا وحي موڪلي ٿو.(سيد فرمان علي) اهڙي طرح وحي موڪلي ٿو توڏانهن ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳي هئا الله، غالب، حڪمت وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله توڏي ۽ انهن ڏي جيڪي توکان اڳ هئا، وحي موڪلي ٿو. (مولانا محمد مدني) اهڙي طرح تو ڏانهن ۽ جيڪي تو کان اڳ (رسول) هئا انهن ڏانهن وحي موڪليندو رهيو آهي الله جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن پَر وَحي موڪلي، تو ۽ اَڳـيَن پارِ، صاحِب رَبّ، سَتار، جو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. ۽ هو سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڏو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ اهو ئي بلند (۽) عظيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي آسمان ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي. ۽ اهو ئي (ته وڏو) عاليشان (۽) بزرگ آهي.(سيد فرمان علي) ان جوئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو بلند وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ اهو ئي (سڀ کان) مٿاهون (۽) وڏو آهي. (مولانا محمد مدني) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. اُهو ئي بلندي عظمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن لئي اُڀ ۽ ڀويُون، پڻ جيڪا مَنجھنِ جوڙ، ۽ اُهو تَوَنگر توڙ، وَڏِي وَڏائـِئَ جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
(خُدا جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان ستت ئي ڦاٽندا ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (سندس شان ۽ جلال اهڙو ته آهي جو ان جي اثر کان) آسمان به مٿان کان ذري گهٽ ڦاٽڻ تي آهن. ۽ فرشتا پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهن ٿا (يعني سندس حڪمن موجب سندس ربوبيت ۽ رحمت وغيره جي ڪمن ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهن ٿا) ۽ جيڪي زمين تي رهن ٿا تن جي لاءِ بخششون گهرن ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ بيشڪ غفور ۽ رحيم آهي، (انهن لاءِ جيڪي سندس حڪمن تي هلڻ ۾ سعي ڪار آهن).(علامه علي خان ابڙو) عنقريب (الله جي عظمت ۽ شان سببان) آسمان انهن جي مٿان چيرجي پون ها (پر) ملائڪ پنهنجي رب جي حمد سان تسبيح پڙهن ٿا ۽ اهي زمين وارن لاءِ بخشش طلب ڪن ٿا. خبردار ! بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (انهن جي ڳالهين کان) آسمان (سندس هيبت سبب) پنهنجي مٿان ڦاٽي نه پون ۽ فرشتا ته پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. ياد رکو! بيشڪ خدا ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ويجها آهن آسمان جو ڦاٽي پون مٿان پنهنجي ۽ ملائڪ تسبيح پڙهن پيا پنهنجي رب جي حمد سان ۽ مغفرت طلب ڪن ٿا انهن جي لاءِ جيڪي زمين ۾ آهن خبردار بيشڪ الله اهوئي بخشڻهار مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمان پنهنجي مٿان ڦاٽڻ تي آهن. ۽ ملائڪ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. خبردار! بيشڪ الله ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) قريب آهي جو آسمان پنهنجي مٿان کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ بخشش گهرن ٿا. خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ ذَري گھٽ اُنهن مَٿان، ڦاٽن ڦارون ڦار، ۽ مَلڪ سَندنِ مالِڪ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ مڱن مَعافِيون تَن لئي، جي ڀُون ۾ بَرقرار، صاحِب رَبُّ، سَتار، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني ڪارساز ۽ مددگار) بنائين ٿا تن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي، ۽ (اي پيغمبر!) تون انهن جو وڪيل يا ڪارساز ڪونه آهين (يعني توتي انهن جي بدڪمن جي ذميواري ڪانهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪي ماڻهو الله کانسواءِ (بتن کي) مددگار بنائن ٿا، الله تعالى انهن کي ڏسي رهيو آهي، ۽ توهان انهن جا ذميدار ناهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻيا (ڪيئي) پنهنجا سرپرست بنايا آهن تن جي خدا نگراني ڪري رهيو آهي ۽ (اي رسول) تون سندن ذميوار نه آهين.(سيد فرمان علي) ۽ جن ورتا ان کان سواءِ دوست الله نگهبان آهي انهن تي ۽ ناهين تون انهن تي ذميدار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن تن تي الله نگاهه رکندڙ آهي ۽ تون انهن جو ذمي وار نه آهين (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻيا ڪي (بت) مددگار بنايا آهن الله ئي انهن تي نگهبان آهي ۽ تون انهن جو ذميدار نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن اَجھا ۽ اَوليا، ڌاريا اِنهيان ڌار، اَلله پاڪ اُنهن تي، چونڪِي آهي چوڌار، ۽ سَونپِيَل سَنڀاليدار، تون اَصل ناهِين اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هن طرح (اي پيغمبر!) اسان توتي عربي قرآن وحي ڪري موڪليو آهي ته تون شهرن جي ماءُ (يعني مڪي شريف جي ماڻهن) کي ۽ چوگرد وارن ماڻهن کي خبردار ڪرين، ۽ گڏ ٿيڻ واري (قيامت جي) ڏينهن بابت خبردار ڪرين جنهن ڏينهن جي (اچڻ) بابت ڪو شڪ ئي ڪونهي. (انهيءَ ڏينهن) ڪي جنت ۾ ۽ ڪي وري ڄڀي ڪندڙ باهه ۾ ڌوڪيا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهڙيءَ طرح اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم عربيءَ ۾ وحي ڪري موڪليو ان لاءِ توهان مڪه مڪرمه ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄاريو ۽ توهان قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي (انهن مان) هڪ فريق جنت ۾ ۽ هڪ فريق جهنم ۾ ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي عربي زبان ۾ قرآن هن ڪري موڪليو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي. ان ڏينهن هڪ فرقو (مڃڻ وارو ته) بهشت هوندو ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾.(سيد فرمان علي) ۽ اهڙي طرح وحي ڪيوسون تو ڏانهن قرآن عربي تانته ڊيڄارين تون مڪہ وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن ۽ ڊيڄارين ڏينهن گڏ ٿيڻ جي کان جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ هڪ ٽولي جنت ۾ ۽ ٻي ٽولي جهنم ۾ (هوندي) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهڙي طرح اسان توڏي عربي زبان ۾ قرآن وحي ڪيو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ گڏ ٿيڻ (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي هڪ جماعت جنت ۾ ۽ ٻي جماعت باهه ۾ هوندي. (مولانا محمد مدني) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏانهن هي قرآن عربيءَ ۾ وحي ڪيو آهي هن لاءِ تون ڳوٺن جي مرڪز (يعني مڪي) وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ تون گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. (جنهن ڏينهن) هڪ جماعت جنت ۾ هوندي ۽ ٻي جماعت جهنم ۾ هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيوسون قُرآن عرِبي، اِنپر ته ڍول ! ڊيڄار، اُن سان مُک ڳوٺ کي، پڻ اُن جون ڪَنڌيون، ڪِنار، ۽ ميلي مَحشر ڏِينهن کان، جنهن ۾ وَهم نه وار، ڪا جوڙي جَنَّت پار، ۽ ڪا ٽولِي ٽانڊي وِچم.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي هڪ امت ڪري ها (۽ سڀ طوعَاً ڪَرهاً، پسند اچي يا نه اچين) هڪ سڌيءَ واٽ تي هلن ها، (پر الله تعاليٰ ائين نه ڪيو ۽ چاهيائين ته انسان پنهنجو ارادو ڪم آڻي پنهنجي ترقي پاڻ ڪري) پر هو پنهنجي رحمت ۾ انهن کي داخل ٿو ڪري جن کي (سندن نيڪ عملن سببان) چاهي ٿو، ۽ جيڪي ظلم ڪندڙ آهن تن جي لاءِ ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته يقيناً انهن کي هڪ امت ڪري ها، پر جنهنکي پاڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ ظالمن لاءِ ڪوبه دوست ۽ ڪو مددگار ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي گروھ بنائي ها. پر اهو ته جنهن کي گهري ٿو (هدايت) ڪري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ظالمن جو ته (ان ڏينهن) ته ڪوئي يار آهي ۽ نه مددگار.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته ڪري ها انهن کي امت هڪڙي ۽ پر داخل ڪري ٿو جنهن کي گھري پنهجي رحمت ۾ ۽ ظالم ناهي انهن لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي هڪ جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو.۽ ظالمن جو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي امت بنائي ڇڏي ها ۽ پر اهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قادِر گُھريو ڪَر، ته ڪَيائـِين مِڙِئي ميڙ يَڪو، پَر پَروَر پنهنجي ٻاجھ ۾، جنهن کي گُھري، ڏيٿو گَھر، ۽ نه ٻيلِي، نه ڏِيندڙ ٻَر، ڪو ڏُکـئي ڏِينهن ڏکوئـِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ورتا اٿن ڇا؟ ڇوته الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن آهي ڇا) ته هنن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني پنهنجو ڪارساز ۽ مددگار) ڪري ورتو آهي؟ سو (هو ياد رکن ته) فقط الله ئي ڪارساز ۽ نگهبان آهي. ۽ هو ئي مئلن کي زنده ڪري ٿو (يعني مرده دل ماڻهن کي زنده دل ڪري سنئين واٽ تي آڻي ٿو) ۽ هو هر شيء تي قدرت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان ان کانسواءِ مددگار بنايو ٿا، پوءِ الله تعالى ئي مددگار آهي ۽ اهو ئي مُئلن کي جياري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن ماڻهن خدا کان سواءِ (ڪي ٻيا) مددگار بنايا آهن؟ مددگار ته رڳو الله ئي آهي ۽ اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ڇا ورتائون ان کانسواءِ ڪارساز؟ پوءِ الله اهوئي ڪارساز آهي ۽ اهو جيئرو ڪري ٿو مئلن کي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا انهن کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن ڇا؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اهو مئلن کي جياري ٿو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن الله کي ڇڏي ٻيا (بت) مددگار بنايا آهن؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اُهو ئي مُردن کي جياري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اولا ۽ اَولياء، ڌاريؤن اِنهيان ڌار؟ پوءِ جو مُئا جِياري مُورهِين، ۽ اَللهُ اُهو آڌار، ۽ سوئـِي رَبُّ، ستار، قادِر هَر ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن ڳالهه بابت توهان هڪٻئي سان اختلاف رکو ٿا تنهن جو فيصلو الله وٽ ٿيڻو آهي (پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو) اهڙو آهي الله منهنجو پروردگار! مون انهيءَ ئي تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ مان انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿيان ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن شيءِ ۾ توهان اختلاف ڪريو ٿا پوءِ ان جو حڪم (فيصلو) الله تعالى وٽ آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو اهو الله منهنجو رب آهي ان تي مون توڪل ڪئي آهي، ۽ ان ڏانهن آئون موٽندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان جنهن ڪم جو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پالڻهار آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪو اختلاف ڪيو اوهان ان ۾ ڪنهن شيءِ (جي باري) ۾ پوءِ ان جو حڪم الله جي (سپرد) آهي اهو الله منهنجو رب آهي مون ان تي توڪل ڪئي آهي ۽ ان ڏانهن ئي مان موٽان ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پاليندڙ آهي، مٿس مون ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڳالهه ۾ توهان اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله حوالي آهي. اُهو الله ئي منهنجو پالڻهار آهي مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانهن موٽان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪهڙي ڪِنهن ڪَم ڪار ۾، توهان ڪيو تڪرار، پوءِ آخِر اُن جو فيصلو، آهي پَروَر پاري، سائـِين مُنهنجو سو ڌَڻي، جنهن کي سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ موٽان ڏانهسِ مُورهين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
آسمان ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ ڍورن (جي جنس) مان ڪيترائي ئي قِسم (بڻايائين)، انھي طرح سان اوھان کي پکيڙي ٿو، اُن جھڙي ڪا (به) شيءَ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين کي (عدم مان) پيدا ڪندڙ اهوئي آهي. هن اوهان ئي منجهان اوهان جي لاءِ جوڙا (يعني مرد ۽ زالون) بنايا آهن، ۽ چوپاين جانورن (يعني ڍورن ڍڳن) ۾ به جوڙا ٺاهيا اٿس. اهڙيءَ طرح هو اوهان کي تعداد ۾ وڌائي ٿو (۽ ڍورن ڍڳن کي به اوهان جي فائدي لاءِ وڌائي ٿو) ڪابه شيء الله تعاليٰ جي مثال جهڙي نه آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) (اهو) آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ آهي، ان توهان لاءِ توهان جي جنس مان جوڙا پيدا ڪيا ۽ انهيءَ چؤپاين مان جوڙا بنايا، (مذڪوره طريقي سان) اهو توهان کي پکيڙي ٿو، ان جي مثال جهڙي ڪا به شيءِ ناهي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان ئي اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙي طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جو ڪير مٽ نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي) پيدا ڪندڙ آسمانن جو ۽ زمين جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ اوهان مان زالون ۽ ڍورن مان جوڙا پکيڙي ٿو اوهان کي ان ۾ ناهي ان جهڙي ڪا شيءِ ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اوهان لاءِ اوهان مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جهڙي ڪا شئي نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان توهان لاءِ توهان مان ئي توهان جا جوڙا بنايا ۽ چوپاين مان به جوڙا بنايا ۽ توهان کي اهڙي طرح سان پکيڙي ٿو. ڪا به شيءِ ان جي مشابه نه آهي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِيا طرف ڇَڏيمِ تڪرار، اُپائيندڙ اُڀ، ڀُويون، نَئـِين سِر نِروار، جوڙئينِ جوڙا، جويُون، اَوهان مان اَوهان هار، پڻ جوڙا جانور مان، جوريا جوڙڻهار، اوهان کي انهئَ ۾، پکيڙِين هَر پارِ، جِھڙسِ ناھ جھان ۾، جِنس، ڪو جِنسار، سڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون کيس آھن، جنھن لاءِ گُھري (تنھن لاءِ) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھُري تنھن لاءِ) تنگ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس ئي آهن. هو جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهنجي لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن جي لاءِ پنهنجي حڪمت موجب) تنگ ٿو ڪري. يقيناً هو هر چيز جو علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي (رزق جون) چاٻيون آهن، جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق تنگ ڪري، بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آسمان ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ان جون آهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين جون ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گھري ۽ تنگ ٿو ڪري بيشڪ اهو هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن. اُهو جنهن لاءِ چاهي ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُنجون اُڀن ۽ ڀُون جون، ان جي هَٿ هَموار، وَڻيسِ وَڌائي رِزق تِنهن، جنهن کي گُھري جبار، ۽ ڪِنهن تي تنگ ڪري تڪرار، سو سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) توهان جي لاءِ هن اهوئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم هن حضرت نوح کي ڏنو هو ۽ جو توڏي به وحي جي وسيلي موڪليو ويو آهي ۽ جنهن جو حڪم حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ کي به ڏنو هوسين. (اهو حڪم هي هو) ته (اسان جي سيکاريل) دين تي قائم ۽ محڪم رهو ۽ ان ۾ ڦوٽ نه وجهو ۽ فرقا نه ٺاهيو. (اي پيغمبر!) تون جنهن دين ڏي (ماڻهن کي) سڏين ٿو سو مشرڪن کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. الله تعاليٰ جن کي (سندن اخلاص ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ) چونڊي کڻي ٿو، ۽ جيڪي ڏانهس رجوع ٿين ٿا تن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى توهان لاءِ اهو دين مقرر ڪيو آهي جنهنجو ان (حضرت) نوح کي حڪم ڪيو ۽ جيڪو اسان توهان ڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ جنهنجو حڪم اسان (حضرت) ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ته توهان ان دين کي قائم رکو ۽ ان ۾ فرقه بندي نه ڪريو، مشرڪن تي اها ڳالهه ڳري آهي جو توهان انهن کي الله تعالى ڏانهن سڏيو ٿا، الله تعالى پاڻ ڏانهن جنهنکي چاهي منتخب ڪري ٿو ۽ جيڪو ان ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ان کي پاڻ ڏانهن هدايت ڏي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن اوهان جي لاءِ دين جو اهو رستو مقرر ڪيو جنهن (تي هلڻ) جو نوح کي حڪم ڏنل هو ۽ (اي رسول) اهو ئي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي حڪم ڪيو (اهو) هي (آهي) ته دين کي قائم رکجو ۽ ان ۾ تفرقو نه وججهو. جنهن دين طرف تون مشرڪن کي سڏين ٿو اها (ڳالھ) کين ڏاڏي ڏکي لڳي ٿي. خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي بارگاھ جو برگزيده ڪري وٺي ٿو ۽ جو ان ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.(سيد فرمان علي) مقرر ڪيائين اوهان جي لاءِ دين مان اهو جو حڪم ڪيائين ان جو نوح کي ۽ اهو جو وحي ڪيوسون توڏانهن ۽ اهو جو حڪم ڪيوسون ان جو ابراهيم کي ۽ موسى کي ۽ عيسى کي هي ته قائم ڪيو دين کي ۽ نه ٽولا ٽولا ٿيو ان ۾ وڏي ٿي مشرڪن تي اها ڳالهه جو سڏين ٿو انهن کي ان ڏانهن الله برگزيدوبنائي ٿو پاڻ ڏانهن جنهن کي گھري ۽ رهنمائي ٿو ڪري پاڻ ڏانهن ان کي جيڪو موٽي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان لاءِ اهو دين مقرر ڪيو اٿس جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو اسان توڏي وحي ڪيو ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته دين کي قائم ڪريو ۽ ان ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. (اي پيغمبر! الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کي اها (ڳالهه) ڏکي لڳي ٿي جنهن ڏي تون کين سڏين ٿو. الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو ۽ جيڪو رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني) ان توهان لاءِ دين جو اُهو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم ان نوح کي ڏنو هيو ۽ جنهن جي وحي اسان تو ڏانهن ڪئي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي ڪيو هيو ته توهان دين تي قائم رهو ۽ ان ۾ ڇڙوڇڙ نه ٿيو. مشرڪن مٿان اها ڳالهه ڳري آهي جنهن ڏانهن تون انهن کي سڏين ٿو. الله (خود) جنهن کي چاهي ٿو پاڻ ڏانهن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان کي پاڻ ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻئَ اوهان لئي دِين ڪيو، قائـِم برقرار، جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير! وَحي، پڻ جيڪا پاڪ پَچار، عيسٰى، موسٰى ۽ اِبراهِيم کي، آڇِيسُون اِظهار، ته قائم ڪريو دِين کي، ۽ نه ٿِيو تِنهن ۾ ڌار، جنهن ڏي ڪوٺينِ ڪافِرِين، سو بَڙو مَٿنِ بار، ڌَڻِي نه ڌُڻي تِنهن کي، جنهن کي گُھري غَفار، ۽ تِنهن سُهائـِي سَئون پار، جو موٽي ڏانهسِ مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ نه جُدا ٿيون (اُمتون) مگر بعد اُن جي جو آيو اُنھن وٽ علم از روءِ سرڪشي جي پاڻ ۾، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مُدّت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب جا وارث ڪيا ويا سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن هنن (ماڻهن) وٽ (سچي دين جو) علم اچي چڪو تنهن کانپوءِ ئي هنن پاڻ ۾ سرڪشي ۽ حسد ڪري اختلاف پيدا ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان اڳي مقرر ميعاد ۽ مدي جو حڪم صادر ٿيل نه هجي ها ته يقيناً هنن جي وچ ۾ هڪدم فيصلو ڏنو وڃي ها (۽ حق جي منڪرن کي تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ انهن کانپوءِ جن ماڻهن کي (يعني يهودين ۽ عيسائين کي) ورثي ۾ ڪتاب مليل آهي سو يقيناً ان بابت (پريشان ڪندڙ) شڪ ۾ گرفتار آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه انهن فرقه بندي ڪئي مگر علم اچڻ کان پوءِ، انهن پاڻ ۾ بغاوت ڪئي، ۽ ڪاش ! رسولِ عربي جيڪڏهن توهان جي رب جي طرفان اها ڳالهه (عذاب کي پوئتي رکڻ واري) اڳ ۾ ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها. ۽ بيشڪ جن ماڻهن کي ڪتاب جو وارث بنايو ويو (يهودي ۽ عيسائي) انهيءَ کان پوءِ يقيناً اهي شڪ ۾ پوندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي ماڻهو ڌار ڌار ٿيا به ته علم (حق) اچڻ کان پوءِ ۽ (سو به) رڳو پاڻ ۾ ضد جي ڪري ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار (جي طرف) کان مقرر مدت تائين (قيامت جو وعدو نه ٿيل هجي ها) ته سندن فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن کان پوءِ (خدا جي) ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن بابت اهي وڏي شڪ ۾ (پيل) آهن.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٽولا ٽولا ٿيا مگر ان کان بعد جو آيو انهن وٽ علم بغاوت ڪرڻ جي ڪري پاڻ ۾ ۽ جيڪڏهن نه هجي ها فرمان جيڪو اڳي ٿيو تنهنجي رب وٽان مدي مقرر ڪيل تائين ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بيشڪ جيڪي وارث ڪيا ويا ڪتاب جا انهن کان پوءِ البته شڪ ۾ آهن ان کان ڌوڪي ۾ وجھندڙ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اُمتون) رڳو وٽن علم اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ضد جي ڪري ڌار ڌار ٿيون. ۽ (اي پيغمبرﷺ !) جيڪڏهن تنهنجي پاليندڙ کان مقرر مُدت تائين (مهلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي نه ٿئي ها ته سندن وچ ۾ (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن (پيغمبرن) کانپوءِ ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن کي ان (دين) ۾ وڏو شڪ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ ماڻهن ۾ جيڪو تفرقو پيدا ٿيو اهو ان کان پوءِ ئي ٿيو جڏهن انهن وٽ علم اچي چُڪو رڳو پاڻ ۾ ضد سبب. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار پاران مقرر مدت تائين (مهلت جو) حڪم اڳي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ئي ٿي وڃي ها. ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ ڪتاب جا وارث بنايا ويا سي خود ان بابت فريب ڏيندڙ شڪ ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه ٿيا ڌُريؤن ڌار، مگر مُقرر اِن پُٺيان، ته آئـِي اُنهن کي عِلم مان، صَحِي سَماچار، هِڪ ٻِئي سان هوڏ ڪري ۽ مَطلب ماڻڻهار، هُوند وَهَيو نَه، تُنهنجي والِئَ کان، قَلم بَرقرار، مُقرر مُدت پارِ، ته وِين نِياءُ نِبيرِيو. ۽ اُهي، جَن عَطاٿيو، تن کان بَعد ڪتاب، آهن اُنهِئَ باب، گُمان گاڏهِين شڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
پوءِ (تون) انھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) بيھڪ وٺ، ۽ سندن سَڌن جي تابعداري نه ڪر، ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم، ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي ته اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي) ڏينھن گڏ ڪندو، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون کين هن (ڪتاب قرآن مجيد) ڏي سڏ، ۽ جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح محڪم ۽ ثابت قدر رهه ۽ سندن خواهشن جي تابعداري نه ڪجانءِ، ۽ (کين) چئو ته جيڪي ڪتاب الله تعاليٰ نازل ڪيا آهن تن تي مان پورو ايمان رکان ٿو ۽ مون کي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان اوهان جي وچ ۾ پورو پورو انصاف ڪيان. الله تعاليٰ اسان جو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل (جهڙا عمل ڪنداسين تهڙا ڦل ملندا) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه هئڻ گهرجي. الله ئي اسان کي ۽ توهان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري آڻيندو (۽ فيصلو ڏيندو) ۽ انهيءَ ئي ڏانهن آخر سڀني کي موٽڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان سببان توهان انهن کي سڏيو، ۽ حڪم مطابق توهان صراطِ مستقيم تي هجو ۽ توهان انهن جي سڌن جي تابعداري نه ڪريو، ۽ توهان فرمايو آئون الله جي نازل ڪيل ڪتابن تي ايمان آڻيان ٿو، ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون توهان جي وچ ۾ عدل ڪريان، الله اسان جو ۽ توهان جو رب آهي، اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪا حجت ناهي، الله تعالى (قيامت جي ڏينهن) توهان ۽ اسان کي جمع ڪندو ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (اي رسول) تون (ماڻهن کي) ان (دين) ڏي سڏيندو رھ (ان تي) قائم رھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪج ۽ (صاف کولي) ٻڌائين ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي آءُ ايمان رکان ٿو پڻ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ اوهان جي (اختلافن جي) وچ ۾ انصاف (سان فيصلو) ڪريان الله ئي اسان جو پالڻهار آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن اسان ۾ ۽ اوهان ۾ ته ڪا حجت (يا تڪرار جي ڪا ضرورت) نه آهي. الله ئي اسان سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ ان جي لاءِ پوءِ سڏ ۽ استقامت ڪر جيئن امر ڪيو ويو آهين ۽ نه تا بعداري ڪر انهن جي سڌن جي ۽ چئو ته ايمان آندو مون ان تي جيڪو نازل ڪيو الله ڪتاب ۽ امر ڪيو ويس مان تانته عدل ڪيان اوهان ۾ الله اسان جو رب آهي ۽ اوهان جو رب آهي اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل آهن ناهي حجت اسان ۾ ۽ اوهان ۾ الله گڏ ڪندو اسان کي ۽ ان ڏينهن ئي موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبر !) تون ان (دين) ڏي ئي سڏ ۽ (ان تي) قائم رهه جيئن توکي حڪم ڪيو ويوآهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪر ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله نازل ڪيو تنهن تي مون ايمان آندو. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان. الله اسان جو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن. اسان جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو نه آهي. الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو. ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون ان (دين) ڏانهن سڏ، ۽ (ان مٿان) قائم رهه جيئن تو کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ تون انهن جي سڌن جي پيروي نه ڪر ۽ چؤ ته: ”مون ايمان آندو ان تي جيڪو ڪتاب الله نازل ڪيو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ عدل ڪيان. الله اسان جو پالڻهار آهي ۽ توهان جو پالڻهار آهي. اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو (ذاتي) جهڳڙو نه آهي. الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ پر پُوڪار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ۽ جِيئن اَمر ٿئـِي، اُنتي پُختا پير بِيهار، ۽ هَل نَه سَندنِ سَڌنِ پُٺيان، ۽ چئو، آندمِ اِعتبار، اَلله جي اُتارِيا، نُسخا نُور، نِبار، ۽ اَمر ٿِـيُمِ ته اَوهان وِِچ، ڪريان عدل سان آچار، اَسان جو ۽ اَوهان جو، هِڪ پَروَر پالڻهار، اَسان جا ڪَم اَسان لئي، اَوهان جا اَوهان هار، اَسان ۽ اوهان وچ ۾، ٻِي ٻولِي ناھ ٻِيهار، پَنهنجو پَروَر پاڪ ڪندو، ميلو مَحشَر وار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هرگز آهي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جيڪو جھڳڙو ڪندا آھن تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي (ٿيڻ واري) آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ بابت جهڳڙا ٿا ڪن انهيءَ کان پوءِ جو سندس سڏ جو جواب ڏنو ويو هجي (يعني مٿس ايمان آندو ويو هجي) تن ماڻهن جا بحث ۽ جهڳڙا الله وٽ بيڪار آهن، (يعني هو ايمان وارن کي برغلائي ڪونه سگهندا) ۽ انهن تي غضب پوندو (يعني تباهه ٿيندا) ۽ انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ الله تعالى جي دين ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي حجت سندن رب وٽ باطل آهي ۽ انهن تي غضب آهي ۽ انهن لاءِ شديد عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي خدا (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پالڻهار وٽ باطل آهي ۽ انهن تي (خدا جو) غضب ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اهي ٻانها جيڪي جھڳڙو ڪن ٿا الله ( جي باري) ۾ ان کان پوءِ جو قبول ڪيو ويو ان جي لاءِ حجت انهن جي باطل آهي انهن جي رب وٽ ۽ انهن تي غضب آهي ۽ انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي الله (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کانپوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پاليندڙ وٽ ڪوڙي آهي، ۽ مٿن غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪي ماڻهو الله (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا ان کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي انهن جي حجت سندن پالڻهار وٽ ڪوڙي آهي ۽ انهن مٿان ڏمر آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَجايو اَلله ۾، جي تَڙيل ڪَن تَڪرار، جنهن بَعد بيشڪ ڪيو ويو، اُنهِئَ لئي اِقرار، باطِل بات اُنهن جِي، بَحث سَندنِ بيڪار، مالِڪ وَٽ مُورهِين، ۽ مٿن ڏمر ڏاتار، آهي اُنهن هار، سُورن ڀَريو ساڙ ڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي، توکي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو متان قيامت ويجھي ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن ڪتاب حق سان (ڀريل) نازل ڪيو آهي ۽ تارازي (نازل ڪئي اٿس جنهن سان انسان جي هلت چلت کي توري ٿو سگهجي) ۽ ڪهڙي ڳالهه توکي محسوس ڪرائيندي ۽ معلوم ڪرائيندي ته ممڪن آهي ته (عذاب يا تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اُهو آهي جنهن حق سان قرآن ڪريم نازل ڪيو ۽ رسولِ عربيءَ کي موڪليو، ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو؟ شايد قيامت قريب هجي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الله ئي ته آهي جنهن حق (سچ) سان ڪتاب نازل ڪيو ۽ عدل ۽ انصاف به نازل ڪيو. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته متان اها قيامت ويجهي هجي (پوءِ غفلت ڇو؟)(سيد فرمان علي) الله اهو آهي جنهن نازل فرمايوڪتاب حق سان ۽ ساهمي ۽ ڪير ڄاڻائي ٿو توکي ته شايد قيامت ويجھي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله ئي ته آهي جنهن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي. ۽ توکي ڪهڙي خبر ته متان اها گهڙي ويجهي هجي. (مولانا محمد مدني) الله اُهو آهي جنهن حق سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) تارازي لاٿي. ۽ تو کي ڇا خبر شايد (فيصلي جي) گھڙي ويجھي اچي چڪي هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جنهن اُتاريو، ڪامِل هِي ڪِتاب، سَچ تي ۽ ساهمِي؛ ۽ ڪِنهن ڏنِئي سُڌ صَواب؟ ته هرگز روز حساب، اوڏي اُهکِي وار سا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جيڪي قيامت کي نه مڃيندا آھن سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن ته بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي ماڻهو ان (ساعت) بابت ايمان نٿا رکن سي (ان عذاب جي اچڻ لاءِ مسخريءَ طور) تڪڙ لايو ويٺا آهن (ته جلد اچي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان گهڙيءَ بابت لرزي رهيا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته يقيناً اها حق آهي (۽ ضرور ايندي) يقين ڄاڻو ته جي ماڻهو ان ساعت بابت جهڳڙا ٿا ڪن سي گمراهيءَ ۾ پري نڪري ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ اهي ماڻهو جلدي ڪن ٿا جيڪي ان تي ايمان نٿا رکن، ۽ جيڪي ماڻهو (ان تي) ايمان رکن ٿا (اهي) ان کان ڊڄندڙ آهن، ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اها حق آهي، خبردار ! بيشڪ جيڪي ماڻهو قيامت ۾ شڪ ڪن ٿا اهي پري واري گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي ان تي ايمان نه ٿا رکن سي ان (قيامت) جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن. خبردار! جيڪي ان (قيامت جي اچڻ) ۾ شڪ ڪن ٿا سي وڏي گراهي ۾ آهن.(سيد فرمان علي) تڪڙو گھرن ٿا اها اهي جيڪي ايمان نه ٿا آڻين ان تي ۽ جن ايمان آندو ڊڄندڙ آهن ان کان ۽ ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ اها حق آهي خبردار بيشڪ اهي شخص جيڪي شڪ ڪن ٿا قيامت ۾ البته گمراهيءَ پرانهيءَ ۾ آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي ان گهڙيءَ کي نه ٿا مڃين سي ان جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي مڃين ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن، ۽ ڄاڻن ٿا ته اها حق آهي. خبردار! جيڪي ان گهڙيءَ (جي اچڻ) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا سي وڏي گمراهيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني) ان (قيامت) ۾ اُهي ماڻهو جلدي مچائن ٿا جيڪي ان کي مڃن (ئي) نه ٿا، جيڪي مڃن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ برحق آهي. خبردار! بيشڪ جيڪي ماڻهو (قيامت جي) گھڙي بابت جهڳڙو ڪن ٿا سي پَـــرَاهِين گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهنِ لئي تَڪڙائـِين گھڻو، جي نه مَڃِيننَسِ مُور، ۽ ڏَرندڙ اُن کان ڏِيل ۾، مَڃيو جَن مَذڪور، ۽ ڀانئـِن ته برحق آهي سا، مُقرر مَنظور؛ سَمجھ ته، جيڪي ساعت ۾، وَهم رَکن وَهلور، مُنجھيل سي مَجبور، ڪِنهن ڏولائي ڏور ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن (مؤمنن توڙي ڪافرن کي باريڪ طرح ڏسي رهيو آهي ۽ انهيءَ قدر) مٿن مهربان آهي، جن کي چاهي ٿو تن کي (قدر تي) رزق ڏئي ٿو، ۽ هو وڏي قوت وارو ۽ غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي لطف ڪندڙ آهي، جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ اهو وڏي قوت وارو غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا پنهنجن بندن (جي حال) تي وڏو مهربان آهي جنهن کي (جيتري) روزي چاهي ٿو ڏئي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.(سيد فرمان علي) الله مهربان آهي پنهجن ٻانهن مان رزق ڏئي ٿو جنهن کي گھري ۽ اهوئي سگھارو غالب آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي روزي ڏي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. (مولانا محمد مدني) الله پنهنجي ٻانهن تي وڏو مهربان آهي جنهن کي چاهي ٿو روزي ڏئي ٿو ۽ اُهو وڏي طاقت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين سَٻاجھو گھڻو، سَندسِ سپاهِيَن ساڻ، جنهن کي گُھري جَلَّشانہ، سُرهي ڏيئي سانجاڻ، ۽ پُهچ وارو پاڻ، جابِر ڪُل جهان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو حصّو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪو آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي اسان سندس کيتي ۾ واڌارو ۽ ترقي ڏيون ٿا. ۽ جيڪو دنيا جي کيتي جو طالب آهي تنهن کي اسان ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، پر آخرت مان هن کي ڪجهه به حصو نصيب نه ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو) جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک چاهي ٿو اسين ان لاءِ ان پوک ۾ واڌارو ڪريون ٿا، ۽ جيڪي ماڻهو دنيا جي پوک چاهي ٿو اسين ان کي ان مان ڪجھه ڏيون ٿا، ۽ آخرت ۾ ان لاءِ ڪو ڀاڱو ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو شخص آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي ان مان ڪجھ ڏيون ٿا پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.(سيد فرمان علي) جيڪو ارادو ڪري ٿو آخرت جي پوک جو ته واڌارو ڪنداسون ان لاءِ ان جي پوک ۾ ۽ جيڪو ارادو ڪندو دنيا جي پوک جو ته ڏينداسون ان کي ان مان ۽ ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو آخرت جي کيتي گهري ٿو تنهن لاءِسندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي گهري ٿو تنهن کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. (مولانا محمد مدني) جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک گهري ٿو اسان ان لاءِ ان جي پوک کي وڌايون ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو دنيا جي پوک گهري ٿو اسان ان کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو پوک گُھري پَرلوڪ لئي، ته پوک وَڌايونسِ پاڻ، جو کيڙي، پوکي کيٽ کي، دُنيا دُرڙِي ڪاڻ، ته ڏيونسِ مَنجھانسِ ڏاڻ ، ۽ پُورِي نه سَندسِ پَرلوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي جنھن جو الله حُڪم نه ڏنو آھي، ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن کي اهڙا شريڪ آهن ڇا (جن کي هو خدا جي خدائي ۾ شريڪ ٿا سمجهن) جن هنن جي لاءِ دين جو اهو طريقو سيکاريو آهي جنهن جو الله تعاليٰ حڪم ڪونه ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه اڳ ئي ڪيل نه هجي ها (ته گنهگارن کي پاڻ سڌارڻ لاءِ مهلت ٿي ڏجي) ته (هڪدم) هنن جي وچ ۾ فيصلو ڏنو وڃي ها (يعني هڪدم مؤمنن کي غالب ۽ منڪرن کي مغلوب ۽ تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ يقين ڄاڻو ته ظالمن جي لاءِ (آخر) سخت عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن جا اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين تيار ڪيو آهي جنهنجي الله تعالى اجازت نه ڏني، ۽ جيڪڏهن فيصلي واري ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته ضرور (دنيا ۾) انهن جو فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن ماڻهن جا (بنايل) اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي خدا اجازت نه ڏني آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ (جي ڏينهن) جو وعدو نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ يقينا (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) ڇا انهن جي لاءِ شريڪ آهن؟ جو مقرر ڪيائون انهن جي لاءِ دين مان اهو جو نه موڪل ڏني ان جي الله ۽ جيڪڏهن نه هجي ها فيصلي ڪرڻ جو واعدو(ڪيل) ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بلاشڪ ظالم انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا جن انهن لاءِ اهو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو الله حڪم نه ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (مقرر ٿيل) نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (هاڻي ئي) فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن جا ڪي شريڪ آهن جن انهن جي واسطي اُهو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو الله حڪم نه ڏنو آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها. ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، سانئيَنِ سَندنِ دين مان، ڪي پَريون ٺاهيون پاڻ، اِجازت نه ڏِنِي جَن جي، صاحِب سُرت سُڃاڻ، قلم قضا جو هُوند نه هُئو، ته حُڪم ڪيو ويو هاڻ، ۽ هاڃيڪارن ڪاڻ، سُورن ڀَريو ساڙڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
(اي پيغمبر) ظالمن جيڪي ڪمايو آھي تنھن (جي عذاب) سببان کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اُھو (عذاب) کين پھچندڙ آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتن جي باغن ۾ ھوندا، جيڪي گھرندا سو سندن پالڻھار وٽ اُنھن لاءِ (موجود) آھي، اِھوئي وڏو فضل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسين ته ظالم پنهنجي بدعملن جي ڪري خوف ۽ هراس ۾ اچي ويندا ۽ اهو (عذاب يا تباهي يا مغلوبي) مٿن اچي ڪڙڪندي ۽ جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل به ڪيا اٿن سي بهشت جي باغن ۾ هوندا. اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندن پروردگار وٽان ملندو. اهوئي آهي جو وڏي ۾ وڏو فضل (۽ نعمت) آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان ظالمن کي سندن بداعمالي سببان خوفزده ڏسندا ۽ اهو (عذاب) انهن تي پهچندو، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا (اهي) جنت جي تفريحي مقامن ۾ هوندا، انهن لاءِ سندن رب وٽ اهو هوندو جيڪو پاڻ چاهندا، اهو ئي تمام وڏو فضل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (قيامت جي ڏينهن) ڏسندين ته ظالم ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن (جي خوف) ڪري ڊڄندا هوندا ۽ اهو (عذاب) مٿن پوندو. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ هوندو. اهو ئي ته (خدا جو) وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي.(سيد فرمان علي) ڏسندين ظالمن کي ڊڄندڙ ان کان جيڪي ڪيائون ۽ اهو انهن تي واقع ٿيندڙ آهي ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل بهشتن جي باغن ۾ هوندا انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي گھرندا سندن رب وٽ اهائي ڀلائي وڏي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر!) جيڪي ظالمن ڪمايو آهي تنهن (جي وبال) کان تون کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اهو مٿن پوڻ وارو آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ هوندو. اِهو ئي وڏو فضل آهي. (مولانا محمد مدني) تون ظالمن کي ڏسندين ته ڊڄندڙ هوندا ان (عملن) کان جيڪي ڪمايائون ۽ اُهو (عذاب) انهن تي پوڻ وارو آهي. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون اُهي بهشت جي باغن ۾ هوندا، انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ اُهو (سڀ ڪجهه) هوندو جنهن جي خواهش ڪندا. اهو ئي ته تمام وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏسندِين تون ڏاڍن کي، هارِيَل تِنهن هارِ، جو پاڻ ڪيائون پورهيو، ۽ اُهو اَچڻو مَٿِن آزار، ۽ جَن مَڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، داخِل دلقرار، باغن مَنجھ بهشت ۾، تَنين لئي تيار، طلب ڪن جنهن طعام جِي؛ سائـِين وٽ ستار؛ آهي وَڏو اِظهار، ڀالن ۾ ڀال اِهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اها آهي اُها (اعليٰ نعمت) جنهن جي خوشخبري الله تعاليٰ پنهنجي انهن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان به آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندڙ آهن. (اي پيغمبر!) تون (ماڻهن کي) چئو ته، هن (ڪم) جي عيوض ۾ مان توهان کان ڪو اجورو يا انعام ڪونه ٿو گهران. مان ته فقط ويجهڙائي جي يعني مائٽيءَ جي محبت جي تقاضا ٿو ڪريان. ۽ جيڪو به ماڻهو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪندو تنهن جي لاءِ اسان ان ڪم جي نيڪي (۽ اجر) وڌائينداسين. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ غفور آهي ۽ (نيڪن جي نيڪيءَ جو) قدر ڪندڙ آهي (۽ کين انعام ڏيندڙ آهي.)(علامه علي خان ابڙو) هي اها بشارت آهي جيڪا الله تعالى پنهنجي انهن ٻانهن کي ڏي ٿو جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان تبليغ جي عيوض ڪو اجر نٿو گھران پر توهان منهنجي اهلِ بيت سان محبت رکو جيڪو نيڪي ڪري ٿو اسين ان لاءِ انهيءَ ۾ نيڪي زياده ڪريون ٿا، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ شڪر قبول ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو ئي اهو (انعام) آهي جنهن جي خدا پنهنجن انهن بندن کي خوش خبري ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ هن (تبليغ رسالت) جو پنهنجي قرابت دارن (اهل بيت) جي محبت کان سواءِ اوهان کان ڪو به اجر نه ٿو گهران ۽ جو شخص نيڪي حاصل ڪندو اسين ان لاءِ سندس ان نيڪيءَ ۾ واڌارو ڪنداسون. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار قدردان آهي.(سيد فرمان علي) اهوئي آهي جنهن جي بشارت ڏئي ٿو الله ٻانهن پنهنجن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل فرماءِ ته نه ٿو گھران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو مگر محبت قرابتدارن ۾ ۽ جيڪو ڪمائي ٿو نيڪي ته وڌائينداسون ان جي لاءِ ان ۾ حسن بيشڪ الله بخشڻهار قدردان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو (ثواب) اهو آهي جنهن جي الله پنهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا. (اي پيغمبر! کين) چو ته قرآن پهچائڻ جو اوهان کان ڪو اجورو نه ٿو گهران مٽيءَ مائٽيءَ جي محبت کانسواءِ ۽ جيڪو نيڪي ڪمائيندو تنهن لاءِ ان نيڪيءَ ۾ خوبي وڌائينداسون. بيشڪ الله معاف ڪندڙ قدردان آهي. (مولانا محمد مدني) اِهو (انعام) اُهو آهي جنهن جي خوشخبري الله اهڙن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون. چؤ ته: ”آءٌ هن (تبليغِ دين) تي اوهان کان ڪو اجورو نه ٿو گهران سواءِ مٽي مائٽي جي محبت جي“. ۽ جيڪو نيڪي ڪمائيندو اسان ان لاءِ ان جي نيڪي ۾ حُسن وڌائينداسين. بيشڪ الله معاف ڪندڙ قدردان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آهي، جِنهن جِي خدا ڏيٿو کِير، سَندسِ سپاهِيَن کي، وِسهيا جيڪي وِير، ۽ ڪيون نيڪ ڪمايون، چئو لاڳ نه گُھران ٻِئو لِير، مگر محبت مائـِٽِي، عَزازت اَڪسير، جو نيڪي ڪري، ته نيڪِئَ ۾ سُڌاريون سُڌِير، قادِر رَبُّ قَدِير، مَرهِيندڙ ڳُڻ موکڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هي (منڪر ماڻهو) هيئن ٿا چون ڇا ته، هو (يعني پيغمبر سڳورو) الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٿو ٺاهي؟ (يعني هو جو چوي ٿو ته مان رسول آهيان ۽ مون تي وحي ٿو نازل ٿئي سو ڪوڙ ٿو چوي. پر هو سراسر ڀليل آهن، ڇو ته جيڪڏهن الله تي ڪوڙ ٺاهي ته الله تعاليٰ ڪڏهن به کيس ڪامياب نه ڪري) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ته تنهنجي دل تي مهر هڻي ڇڏي (پر الله تعاليٰ ته اٽلندو تنهنجي دل ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ تنهنجا الفاظ عمل ۽ اخلاق اعليٰ درجي جا آهن) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ باطل کي فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ حق کي پنهنجي حڪمن سان (ڪاميابي ڏئي) سچو ثابت ڪري ٿو ڏيکاري. بيشڪ هو دلين جي رازن کان به واقف آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا اهي چون ٿا ته رسولِ عربي الله تعالى تي ڪوڙ هنيو آهي، پوءِ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته توهان جي دل مبارڪ تي صبر جي مُهر هڻي، ۽ الله تعالى باطل کي مِٽائي ٿو ۽ پنهنجي نشانين سان حق کي ثابت ڪري ٿو، بيشڪ اهو ئي سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اهي ماڻهو (تنهنجي نسبت) چون ٿا ته هن رسول خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو آهي ته جيڪڏهن (ائين هجي ها ته) خدا گهري ها تنهنجيءَ دل تي مهر هڻي ڇڏي ها (جو تون ڳالهائي نه سگهين ها) ۽ خدا ته ڪوڙ مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جي راز کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي) ڇا چون ٿا ته ٺاهيائين الله تي ڪوڙ پوءِ جيڪڏهن گھري الله ته مهر هڻي دل تنهنجيءَ تي ۽ ميٽي ٿو الله باطل کي ۽ ثابت ڪري ٿو حق کي پنهنجن فرمانن سان بلاشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته پيغمبر الله تي ڪوڙ ٺاهيو آهي؟ سو جيڪڏهن الله گهري ته تنهنجي دل تي مهر هڻي. ۽ الله ناحق کي مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا اهي چون ٿا ته ان (نبي ڪريم ﷺ ) الله تي ڪوڙ گهڙيو آهي؟ پوءِ جيڪڏهن الله گهري ته تنهنجي دل تي (صبر جي) مُهر هڻي. ۽ الله باطل کي ميٽائي ٿو ۽ پنهنجي ڪلمن سان حق کي ثابت رکي ٿو. بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪَهن ٿا ڪُفار، ته ٺاهِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي؟ مُهر تُنهنجي مَن تي، جي گُھري ته هَڻي غفار، ۽ ناحق نيئي ۽ حق کي، ڪيي بَرقرار، پَنهنجي ڪَلمن سان ڪَلتار، سو سَمجھندڙ سِينن واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو (يعني جيڪڏهن هو سنئين واٽ تي اچن ٿا ته هنن جا اڳيان گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي) ۽ هو خطائون بخشي ٿو ڇڏي، ۽ جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو سڀ هو چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ (انهن جا) گناه معاف ڪري ٿو ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان عمل ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ اهوئي آهي جو قبول ڪري ٿو توبہ پنهنجن ٻانهن کان ۽ معاف ڪري ٿو برايون ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو ۽ بڇڙايون معاف ڪري ٿو. ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ (الله) اُهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو، ۽ مدايون معاف ڪري ٿو ۽ (سڀ) ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سو سَندسِ سپاهِيَن جِي، ميڙ مَڃي ٿو مُور، ۽ ميٽي مَدايَن مان، ڪوڙين عيب قُصُور، ۽ معلوم تِنهن کي مور، ڪريو جيڪي ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل به ٿا ڪن تن کي هو اجورو ڏئي ٿو ۽ پنهنجي خاص فضل سان وڌيڪ (نعمتون) به ڏئي ٿو. پر جيڪي ڪفر (۽ بدعمل) ڪن ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيل آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهو دعا قبول فرمائي ٿو انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي فضل سان زياده به عطا ڪري ٿو، ۽ ڪافرن لاءِ شديد عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان زياده ڏئي ٿو ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي.(سيد فرمان علي) قبول فرمائي ٿو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ وڌائي ٿو انهن کي پنهنجي فضل مان ۽ ڪافر انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل مان زياده ڏئي ٿو. ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن ماڻهن جي دعا قبول ڪري ٿو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، ۽ انهن کي پنهنجي فضل مان (دعا کان به) وڌيڪ ڏئي ٿو. ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃي تَن جِي، جَن مَڃيو، پڻ چڱا ڪيون ڪم ڪار، ۽ ڪَرينِ پَنهنجي ڪرم سان واڌُو ويرو تار، ۽ آهي اِنڪارِيَن هار، سَزا ڪا سَخت ڳَري!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن لاءِ رزق (۽ نعمتون) ڪشاديون ۽ عام جام ڪري ڇڏي ها ته ماڻهو (بي پرواهه ٿي عيش عشرت، سستي ۽ گناهن ۾) ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏين ها. پر هو (پنهنجي حڪمت موجب رزق ۽ نعمتون) اوتري قدر نازل ڪري ٿو جيتري قدر چاهي ٿو (۽ مناسب ٿو سمجهي) بيشڪ هو پنهنجي ٻانهن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي ۽ کين چڱيءَ طرح ڏسي ۽ چانچي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن الله تعالى پنهنجي سڀني ٻانهن جو رزق ڪشادو ڪري ها ته يقيناً اهي زمين ۾ بغاوت ڪن ها پر اهو (الله)جيترو رزق چاهي اهو پنهنجي اندازي سان نازل ڪري ٿو، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کان چڱي طرح خبردار ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن خدا پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ته اهي زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر هو ته جيڪي چاهي ٿو تنهن کي اندازي سان روزي نازل ڪري ٿو. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن ڪشادو ڪري ها الله رزق پنهنجن ٻانهن جي لاءِ ته البته بغاوت ڪن ها زمين ۾ ۽ پر نازل ٿو ڪري اندازي سان جيڪي گھري بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن الله پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ها ته زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر جيڪي گهري ٿو تنهن کي اندازي سان لاهي ٿو.بيشڪ الله پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن الله پنهنجي سڀ ٻانهن لاءِ روزي ڪشادي ڪري ها ته اُهي ضرور زمين ۾ سرڪشي ڪن ها. ۽ پر اُهو جيڪي گهري ٿو اندازي سان لاهي ٿو. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِينءَ سَندسِ سپاهِيَن، هُوند کاڌو ڏِنو کوڙ، ته بِلڪل وِڌائون ڀُون ۾، وَڏو ڪو وِڳوڙ، پَر وڻيسِ اُتاري اُنهن لئي، تور پَٽاندڙ توڙ، سوجانچِيندڙ پَنهنجِي جوڙ، ۽ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هو اهوئي آهي جو ماڻهن جي نااميد ٿيڻ بعد مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو، ۽ ڪارساز ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.(علامه علي خان ابڙو) ) ۽ اهو ئي آهي جيڪو برسات نازل ڪري ٿو ان کان پوءِ جو اهي نااميد ٿين ٿا ۽ پنهنجي رحمت کي پکيڙي ٿو. ۽ اهو ئي مددگار گھڻو ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هو اهو آهي جو ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪارساز (۽) حمد ۽ ثنا جو لائق آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اهو ئي آهي جيڪو لاهي ٿو مينهن ان کان پوءِ جو نااميد ٿيا ۽ پکيڙيندو آهي پنهنجي رحمت ۽ اهوئي ڪار ساز، ساراهيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هو اُهو آهي جو ماڻهن جي نااُميد ٿيڻ کانپوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪم ٺاهڻ وارو ساراهيل آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو ماڻهن جي مايوس ٿي وڃڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو. ۽ اُهو ئي ڪارساز وڏي تعريفن جي لائق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهوئـِي آهي سو، جو لاهي مينگھ مَلهار، جنهن بعد ماڻهو مِينهن مان، ٿيا نا اُميد نِبار، ۽ ربَّ پنهنجي رحمت کي، ٿو پکيڙي هر پار، ۽ سو سڀ جو سَنڀاليدار، سدا ساراهيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪ وڏي نشاني آهي هنن آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ انهن ساهه وارن جي خلقڻ جيڪي انهن ۾ (يعني آسمان ۽ زمين ۾) پکيڙي ڇڏيا اٿس. ۽ هن کي اها قدرت آهي ته جڏهن چاهي تڏهن انهن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمينن جي تخليق آهي ۽ جيڪي هلندڙ آهن، اهي انهن ۾ پکيڙيائين ۽ اهو جڏهن چاهي انهن جي جمع ڪرڻ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس قدرت جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪرڻ ۽ جاندار پڻ ان (خدا) زمين ۽ آسمان ۾ ڦهلايا آهن ۽ جڏهن گهري انهن جي گڏ ڪرڻ تي (به) قادر آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آهي آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اهو جيڪو پکيڙيائين انهن ٻنهي ۾ چرندڙن شين مان ۽ اهو انهن جي گڏ ڪرڻ تي جڏهن گھري قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي جانور انهن ٻنهين ۾ پکيڙيا اٿس تن جو پيدا ڪرڻ آهي ۽ اهو جڏهن گهرندو ته سندن گڏ ڪرڻ تي (به) قدرت رکندڙ آهي (مولانا محمد مدني) ۽ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ آهي ۽ جيڪي جانور انهن ٻنهين ۾ پکيڙيائين (تن جي پيدائش آهي). ۽ اُهو جڏهن به چاهي ته انهن جي گڏ ڪرڻ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنجي اُهڃاڻن مان، اُڀ، ڀُون عجب اسرار، ۽ جيڪي کيڙائو اُنهن ۾، پکيڙيائـِين هر پار، ۽ سَندنِ ميڙڻ تي مُختيار، سوارو سو، وڻيسِ تڏهن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي سا نتيجو آهي انهيءَ جو جيڪي توهان جي ئي هٿن ڪمايو آهي (يعني توهان جي ئي بدعملن جو نتيجو آهي). الله تعاليٰ ته گهڻيون ئي برائيون معاف ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي اها توهان جي بداعمالي سببان آهي ۽ گھڻو ڪجھه اهو توهان کي معاف ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سان ۽ (تنهن هوندي به) اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪا پهتي اوهان کي مصيبت پوءِ ان سببان جو ڪمايو هٿن اوهان جي ۽ معاف ڪري ٿو گھڻا (گناھ) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪا به مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سو جيڪي اوهان جي هٿن ڪمايو آهي تنهن جي ڪري. ۽ گهڻا گناهه معاف ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ توهان کي جيڪا به مصيبت پهچي ٿي سا توهان جي هٿن جي ڪمائي (يعني برن عملن سبب) آهي حالانڪه گهڻا گناهه ته اُهو معاف ڪري ڇڏي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن رَسيو جھان ۾، ڪو اوهان کي آزار، اَنهنجي هَٿن، جي ڪيا، اُهو اِن آڌار، ۽ صاحِب ربُّ، ستار، گھڻن کان گُذر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته جيڪڏهن توهان گناهه ۽ ظلم نه ڇڏيندؤ ته) توهان ملڪ ۾ (الله تعاليٰ کان) ڏاڍا ڪونه ٿيندؤ (نڪي سندس رٿن کي روڪي سگهندؤ، نه ڪي عذاب کان ڇٽي ويندؤ) ۽ (ياد رکو ته) الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونه ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ ناهيو. ۽ الله تعالى کانسواءِ توهان لاءِ ڪوبه مددگار ۽ حمايتي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهين ماڻهو زمين ۾ (رهي ڪري ته خدا کي) ڪنهن طرح عاجز ڪري نه ٿا سگهو ۽ خدا کان سواءِ ته اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار.(سيد فرمان علي) ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ ناهي اوهان جي لاءِ الله کانسواءِ ڪو ڪارساز ۽ نه ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهين زمين ۾ (ڀڄي ان کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. ۽ الله کانسواءِ اوهان جو نه ڪو ڪم ٺاهڻ وارو ۽ نه ڪو مددگار آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ توهان زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو، ۽ الله جي مقابلي ۾ اوهان جو نه ڪو ڪارساز آهي ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهين نه آهيو ڏيھ ۾، ڏاڍا ڪنان ڏاتار، ۽ نه يار، نه مَددگار، ڪو اوهان جو اَلله ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز، جي جبلن جهڙا (اتاهان ڏسڻ ۾ ايندا) آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان جي نشانين مان جبلن جيتريون ٻيڙيون آهن جيڪي سمنڊ ۾ هلن ٿيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ (هلڻ وارا بادباني) جهاز آهن جي ڄڻ ته جبل آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آهن هلندڙ ٻيڙيون سمنڊ ۾ جبلن وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ جبلن جهڙيون ٻيڙيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ ان جي نشانين مان سمنڊ ۾ (هلندڙ) جبلن وانگر اونچا بحري جهاز به آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، دنگيون مَنجھ دَرياءَ، ڪَر ڏاڍا ڏُونگر ڏيھ ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪڏهن هو چاهي ته هوا کي بيهاري ڇڏي. پوءِ اهي جهاز سمنڊ جي مٿاڇري تي (مردن وانگر) بيهي رهندا. انهيءَ ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون (عبرت وٺڻ جهڙيون) نشانيون آهن انهن سڀني لاءِ جيڪي صبر ۽ اورچائي وارا آهن ۽ (خدا جي نتيجن جو) قدر ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن اهو چاهي ته هوا کي بند ڪري پوءِ اهي سمنڊ جي مٿان بيهي رهن، بيشڪ انهيءَ ۾ هر گھڻي صبر ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪڏهن خدا گهري ها ته هوا کي بيهاري ڇڏي ته جهاز به سمنڊ جي سطح تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (خدا جي قدرت جون) نشانيون آهن، (سيد فرمان علي) جيڪڏهن گھري ته جھلي ڇڏي واء کي پوءِ ٿي پون بيٺل ان جي پٺيءَ تي بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪڏهن گهري ته واءُ کي روڪي ڇڏي. پوءِ اهي (ٻيڙيون) درياءَ جي پٺيءَ تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) جيڪڏهن چاهي ته هوا کي روڪي ڇڏي ته ٻيڙيون سمنڊ جي سطح تي رڪجي وڃن. بيشڪ ان ۾ هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وڻسِ ته جَھلي واءَ، ته اُن پاڻِي جي پُٺ مٿي، بِيٺا رَهو بَرجاء، اُن ۾ عبرت آءِ، هَر سَهندڙ شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا ھلاڪ ڪرين تنھن سببان جو ڪمايائون ۽ عفو ٿو ڪري گھڻن کان.(علامه تاج محمود امروٽي) يا (هيئن ٿئي جو) هو انهن جهازن کي (طوفان جي وسيلي ڀڃي يا ٻوڙي) فنا ڪري ڇڏي (۽ ان ۾ چڙهيل ماڻهو غرق ٿي وڃن) هن ڪري جو هنن (غفلت ڪئي هئي ۽) بدعمل ڪيا هئا، ۽ (ياد رکو ته) هو ته گهڻيون ئي برائيون معاف به ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو) يا انهن کي سندن بداعماليءَ سببان برباد ڪري ڇڏي ۽ گھڻو ڪجھه اهو معاف ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا (جيڪڏهن گهري ته) ٻيڙين کي سندن (بد) اعمالي جي ڪري برباد ڪري ڇڏي ۽ اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪري ٿو.(سيد فرمان علي) يا هلاڪ ڪري انهن کي ان سببان جو ڪيائون ۽ معاف ڪري ٿو گھڻا (گناھ) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا (جيڪڏهن گهري ته) جيڪي ڪمايو اٿن تنهن جي ڪري انهن (ٻيڙين) کي برباد ڪري ۽ گهڻن کي معاف (به) ڪري. (مولانا محمد مدني) يا انهن (جي سُوارن) کي انهن جي ڪرتوتن سبب تباه ڪري ڇڏي مگر اُهو گهڻا گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُونڌو هَڻي اُنهن کي، سَندنِ ڪَمَن ڀَر ڪَلتار، صاحِب رَبُّ، سَتار، گَھڻن کان گُذر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
۽ ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي ڄاڻن ته انھن لاءِ ڇوٽڪارو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن (بد) ماڻهن کي جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن ڄاڻڻ گهرجي ته هنن جي لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جو ڪوبه چارو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي ماڻهو يقين ڪن جيڪي اسان جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي لاءِ ڀڄڻ جي جاءِ ڪانهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين ۾ (اجايو) جهڳڙو ڪن ٿا سي ڇڱيءَ طرح ياد رکن ته کين ڪنهن طرح (به عذاب کان) ڇوٽڪارو ڪونهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڄاڻن ٿا اهي جيڪي جھيڙو ڪن ٿا اسان جي آيتن ۾ ته ناهي انهن جي لاءِ ڪا پناھ ملڻ جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هن لاءِ (به برباد ڪري) ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جهڳڙو ڪن ٿا سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪا ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪاڏي ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَسان جي ثابِتيَن ۾، جي بَحث ڪَن بيڪار، هرگز نه تَن هارِ، ڪِٿي ڪُنڊ پناھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو ڪجھ به ھجي ته اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشه رھڻ وارو انھن لاءِ آھي جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (ياد رکو ته) جيڪي شيون اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهن. پر جيڪي الله وٽ آهي سو انهن ماڻهن لاءِ گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ (حق جي راهه تي هلڻ ۾) پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪو ڪجھه توهان کي مليو آهي پوءِ اهو دنيا جي حياتيءَ جو گذران آهي ۽ جيڪو (ثواب) الله تعالى وٽ آهي اهو بهتر ۽ هميشه رهڻ وارو آهي (اهو) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي مؤمن آهن ۽ اهي پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (انسانو!) اوهان کي ته جو ڪجھ (مال متاع ڏنو ويو آهي سو (رڳو) دنيا جي حياتيءَ جو (ٻن ٽن ڏينهن) جو ساز سامان آهي ۽ جو ڪجھ خدا وٽ آهي اهو گهڻو چڱو آهي ۽ پائدار آهي (پر اها نعمت) خاص انهن ماڻهن لاءِ آهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪا ڏنا ويا آهيو ڪا شيءِ پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ جيڪو الله وٽ آهي ڀلو ۽ بقا وارو آهي انهن جي لاءِ جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي انسانو !) جو ڪجهه به اوهان کي ڏنو ويو آهي سو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ گهڻو بقا وارو آهي. انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان کي جو ڪجهه به ڏنو ويو آهي اُهو دنيا جي حياتي جو سامان آهي، ۽ جو ڪجهه الله وٽ آهي سو گهڻو ڀلو ۽ گهڻو بقادار آهي، انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جو ڪُجھ مِليا مال، سو نفعو ننڍِي ڄَمار، ۽ جيڪِي آهي اَلله وَٽ، سو بِهتر برقرار، جي وِسهيا تَن واسطي، ۽ چڱان ڪيؤن ڪم ڪار، ۽ بَرسِر رکن بار، سائـِينءَ سَندِن سُبحان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاسو ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري ڀڄندڙ آهن ۽ جڏهن هو (ڪنهن جي اڳرائي کان) ڪاوڙ ۾ اچي ٿا وڃن ته (ڪاوڙ کي ماري اڳرائي ڪندڙ کي) معاف ڪري ٿا ڇڏين (۽ اڳرائين کي روڪين ٿا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي ماڻهو ڪبيرن گناهن ۽ بيحيائن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ جڏهن کين ڪاوڙ اچي ٿي ته اهي بخش ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جي شخص وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڳالهين کان پاڻ کي بچائيندا رهن ٿا ۽ جڏهين ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪري ڇڏين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪي بچن ٿا وڏن گناهن کان ۽ بي حيائين کان ۽ جڏهن ڪاوڙجن ٿا ته اهي بخش ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (انهن لاءِ) جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ جڏهن ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ اهي ماڻهو جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ جنهن مهل ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي وَڏِين بَدِيَن ۽ بَد چال کان، دائـِم رهن دُور، ۽ جڏهن ڪاوڙائـِن ڪِنهن کَڻِي، ته معافِي ڏِيَنِ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي، ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جا حڪم مڃين ٿا ۽ نماز جو نظام قائم رکن ٿا ۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ معاملا هڪٻئي سان مشورا ڪري سرانجام ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏيون ٿا تنهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جن مؤمنن پنهنجي رب جو حڪم مڃو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ انهن جا ڪم پاڻ ۾ مشوري سان طئي ٿين ٿا، ۽ جيڪو ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جي پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ انهن جا سڀ ڪم پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ سان هوندا آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ) ۾ ڏين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جن حڪم مڃيو پنهنجي رب جو ۽ قائم ڪيائون نماز ۽ انهن جو امر صلاح سان آهي انهن ۾ ۽ ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (انهن لاءِ) جن پنهنجي پاليندڙ جو حڪم قبول ڪيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح مشوري سان آهي ۽ جيڪي اسان انهن کي (رزق) ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو ۽ نماز قائم رکيائون. ۽ سندن فيصلو پاڻ ۾ مشوري سان هوندو آهي ۽ ان (روزي) مان جيڪا اسان کين ڏني آهي، خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندنِ صاحِب پاڪ لئي، ڪَن مِڙئـِي مَنظور، ۽ سَڀڪو ڪم، سَندنِ صَلاح سان ۽ پڙهيو نِمازون نور، ۽ زڪوٰتون ضَرُور، ڏِينِ، ڏِنون سُونِ تِنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي جڏهن مٿن ڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي تڏهن (ڊڄي گهر جي ڪنڊ ۾ نٿا ويهي رهن، پر مردانگيءَ سان مقابلو ٿا ڪن ۽) پنهنجي مدد ۽ بچاءُ ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو) اهي ماڻهو جن کي جڏهن (ڪنهنجي طرفان) ظلم ۽ زيادتي پهچي ٿي ته (ان جو مناسب) بدلو وٺن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهي اهڙا آهن جو) جڏهن مٿن (ڪا) زيادتي ٿئي ٿي ته اهو رڳو واجبي بدلو وٺندا آهن.(سيد فرمان علي) ۽ اهي جو جڏهن پهتي انهن کي زيادتي ته بدلو وٺن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (انهن لاءِ) جن جي مٿان جڏهن سرڪشي ٿئي ٿي ته بدلو وٺن ٿا. ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي برائي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهي ماڻهو جن جي مٿان جڏهن زيادتي ٿئي ٿي ته ان جو (مناسب) بدلو وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جاڳيو جھڳڙو، ته وَرنِ ٿا وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته جڏهن حقي بدلو وٺو تڏهن) ايذاءَ يا نقصان جو بدلو به اهڙوئي ۽ اوترو ئي ايذاءُ يا نقصان هئڻ گهرجي (نه وڌيڪ). پر جيڪڏهن ڪو معاف ڪري ڇڏي ۽ (ان سان گڏ) سڌارو ۽ ٺاهه به ڪري ڇڏي ته هن کي الله وٽان اجر ملندو يقيناً الله تعاليٰ ظالمن کي ناپسند ٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ۽ برائيءَ جي سزا برائي جيتري هجڻ گھرجي. پوءِ جنهن ماڻهو بخش ڪيو ۽ صلح ڪيو پوءِ ان جو اجر الله تعالى وٽ آهي، بيشڪ اهو ظالمن سان محبت نٿو ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي ٻئي برائي آهي. تنهن هوندي به جو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ (معاملي کي) ٺاهي ڇڏي ته ان جو ثواب خدا جي ذمي آهي. بيشڪ اهو ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.(سيد فرمان علي) ۽ بدلو برائي جو برائي آهي ان جي مثال پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ اصلاح ڪيائين پوءِ ان جو اجر الله وٽ آهي بلاشڪ اهو نه ٿو محبت رکي ظالمن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ (معاملو) سڌاريو تنهن جو اجر الله تي آهي. بيشڪ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني) ۽ برائي جو بدلو ان برائي جي مثل هوندو آهي پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ صلح ڪيائين پوءِ ان جو اجر الله تي آهي. بيشڪ اُهو ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَدِي، بَدلو بَدِئَ جو، جِھڙسِ پُور پار، پوءِ جِنهن مُورهِين مَعاف ڪيو، ۽ صُلح ڪيو سَچار، پوءِ آهي اُجورو اُن جو، صاحِب سِر سَتار، پَر وَر ڏِئي نه پِيار، ڏاڍَن ڏيہ ڏُکوئـِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جيڪڏهن ڪي ماڻهو (پاڻ تي) ظلم ٿيڻ بعد پنهنجي بچاءَ لاءِ مقابلو ڪن ۽ مدد وٺن ته پوءِ مٿن بيشڪ ڪابه ميار ڪانهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو ظلم ٿيڻ کان پوءِ مناسب بدلو وٺي ٿو پوءِ اهڙن ماڻهن تي ڪا به پڪڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي جيڪڏهن ان کان پوءِ بدلو (يا انتقام) وٺي ته اهڙن ماڻهن تي ڪو به الزام ڪونهي.(سيد فرمان علي) ۽ البته جنهن بدلو ورتو مظلوم هجڻ کان پوءِ اهي ناهي انهن تي ڪا واٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو ورتو تن تي ڪو الزام نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو ورتو ته اهڙن ماڻهن مٿان (ملامت جي) ڪا واٽ ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن پُٺ ڀَرائي، تِنهن پُٺيان، ته ساڻسِ ٿيو ڪَلُور، ته هرگز نه حُجت تَن مَٿي، حُجت تَنِين تي مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً ڏوهه انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ٿا ڪن ۽ ڪنهن به حق کان سواءِ ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ٿا ڏين انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پڪڙ ته فقط انهن ماڻهن تي آهي جيڪي ماڻهن سان ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق بغاوت ڪن ٿا، انهن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الزام ته رڳو انهن ماڻهن تي آهي جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ روءِ زمين تي ناحق زيادتيون ڪندا وتن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) تحقيق واٽ انهن تي آهي جيڪي ظلم ڪن ٿا ماڻهن تي ۽ زيادتي ڪن ٿا زمين ۾ ناحق اهي انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الزام رڳو انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) (ملامت جي) راهه صرف انهن تي آهي جيڪي ماڻهن مٿان ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا. اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مُفت ماڻهن ساڻ ڪَن زِيادتيون ضرور، بِگيڙو وِجھن بي واجبِي، ڀُون ۾ بي شُعور، ته ساڙ سراسر سُور، مُقرر تَن لئي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جيڪڏهن ڪو (مظلوم) صبر اختيار ڪري ۽ معافي ڏيئي ڇڏي ته يقيناً اهو وڏي همت (۽ فراخدليءَ) جو ڪم آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ماڻهو صبر ڪيو ۽ بخش ڪيو بيشڪ ايئن ڪرڻ وڏي همت ۽ جرئت جي ڪمن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جو صبر ڪري ۽ قصور معاف ڪري ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏي حوصلي جا ڪم آهن.(سيد فرمان علي) ۽ البته جنهن صبر ڪيو ۽ بخش ڪيو بيشڪ اهو البته همت وارن ڪمن مان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪو صبر ڪري ۽ معاف ڪري ته بيشڪ اهو (ڪم) همت جي ڪمن مان آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪو صبر ڪري ۽ معاف ڪري ته بيشڪ اهو وڏي همت جي ڪمن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن سِر تي سَٺو سُور، ۽ معاف ڪيو قُصور، ته آهي اِي ضرور، پَڪن پُختن ڪَمن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي، ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين ته جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا ته (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ضد سببان) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي. ۽ (اي پيغمبر) تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب اکين اڳيان اچي ويندن تڏهن هو (پريشان ٿي) پڇندا ته پٺتي موٽڻ لاءِ ڪو چارو آهي يا نه؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه مددگار ناهي، ۽ توهان ظالمن کي ڏسندا، جڏهن اهي عذاب ڏسندا ته اهي پاڻ چوندا ڇا واپس موٽڻ لاءِ ڪو رستو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي تنهن کان پوءِ ان جو ڪو به سرپرست نه آهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن (دوزخ جو) عذاب ڏسندا ته چوندا ڀلا (دنيا ۾) وري موٽڻ جي ڪا واھ آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو ڀر جھلو ان کان پوءِ ۽ ڏسندين تون ظالمن کي جڏهن ڏسندا عذاب چوندا ڇا موٽڻ ڏانهن ڪا واٽ آهي؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن جو اُن کان پوءِ ڪو به مددگار نه آهي. ۽ (اي پيغمبر !) تون ظالمن کي ڏسندين جڏهن اهي عذاب ڏسندا ته چوندا ته ڇا (هاڻي دنيا ڏي) موٽڻ جو ڪو رستو آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان جي لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين جڏهن اُهي عذاب ڏسندا ته چوندا ته: ”ڇا (دنيا طرف) موٽڻ جي ڪا راهه آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن کي رَبَّ روليو، پوءِ ساڻِي سَندسِ ڪاڻ، اُن پُڃاڻا ناھِ ڪو، ۽ ڏِسندِين ڌاڍن ڪاڻ، جڏهن ڏِسَن عَذاب کي، چَون ته هَي هَي! هاڻ، وَرِي ڏانهن وَٿاڻ، ڪا وَهِين آهي واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ ڏسندين تون اُنھن کي جو پيش ڪيا ويندا باھ تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان اک ڏٻي ڪيون پيا ڏسندا، ۽ مؤمن چوندا ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار بيشڪ ظالم ھميشه جي عذاب ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) تون هنن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب ڏانهن آندا ويندا تڏهن (هنن جو تڪبر هليو ويندو) هو انهيءَ ذلت جي ڪري ڏاڍا نماڻا ٿي ويندا (اکيون هيٺ هونديون رڳو) مخفي طرح هيڏي هوڏي نهاريندا. ۽ جن ايمان آندو آهي سي (ان وقت) چوندا ته سچ پچ نقصان هيٺ آيل اُهي آهن جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي ماڻهن کي (هن دنيا ۾ بدعمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ سببان) نقصان هيٺ آندو آهي. ڏسو ظالم دائمي عذاب ۾ گرفتار رهندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انهن کي ڏسندا جڏهن انهن کي جهنم جي سامهون آندو ويندو اهي ذلت کان ڪنڌ جھڪائيندڙ هوندا ۽ پوشيده نگاهن سان ڏسندا، ۽ (ان وقت) مؤمن چوندا بيشڪ نقصان وارا اهي ماڻهو آهن جن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي پيروي ڪندڙن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار ! بيشڪ ظالم عذاب ۾ هميشه رهندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون کين ڏسندين ته دوزخ جي سامهون آندا ويا آهن تڏهن ذلت (خواريءَ) جي وگهي جهڪيل هوندا. ۽ ڪن اکين سان پيا ڏسندا هوندا ۽ مومن چوندا ته حقيقت ۾ اهي ئي وڏي نقصان ۾ آهن جن قيامت جي ڏينهن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي (اهڙي خساري ۾ وڌو. ڏسو (ڏسو) ظلم ڪرڻ وارا (ائين ئي) دائمي عذاب ۾ رهندا.(سيد فرمان علي) ۽ ڏسندين انهن کي پيش ڪيا ويندا ان تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان ڏسندا اک لڪ واريءَ کان ۽ چوندا ايمان وارا بلاشڪ نقصان وارا اهي آهن جن خساري ۾ وڌو سرن پنهنجن کي ۽ اهل پنهنجي کي قيامت جي ڏينهن خبردار بيشڪ ظالم هميشہ واري عذاب ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تون کين ڏسندين ته باهه جي سامهون ڪيو ويندن (تڏهن) خواريءَ کان اکيون هيٺ ڪندڙ هوندا، ٽيڏي اک ڪري پيا ڏسندا. ۽ ايمان وارا چوندا ته بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان لاتو. خبردار! بيشڪ ظالم رهندڙ عذاب ۾ هوندا. (مولانا محمد مدني) ۽ تون انهن کي ڏسندين ته اُهي باهه تي ذلت ۽ خوف سان ڪنڌ جهڪايل پيش ڪيا ويندا، ٽيڏي اک سان پيا نهاريندا. ۽ ايمان وارا چوندا ته: ”بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پنهنجي جانين ۽ پنهنجي گهروارن کي قيامت واري ڏينهن جي نقصانن ۾ وڌو“. خبردار! بيشڪ ظلم ڪرڻ وارا هميشه واري عذاب ۾ رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويکِيندين تِنهن وار، جڏهن اُن تي آڻبا، هاڻو هِيڻائـِي کان، ڪن زاريون زارو زار، آڏئَ اَ ک ڪُنڊ مان، پَسن اُنهئ پار، ۽ جي وِسهيا، تَن وَراڻيو، ته کُٽا سي خوار، جَن پالهو ڪيو پاڻ کي، ۽ گھاٽي ۾ گَھر ٻار، مَهندان مَحشر ماڳ ۾، هرگز ٿي هوشيار، ته هُوندا هاڃيڪار، عُمر ڀَر عَذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ الله کانسواءِ اُنھن جا ڪي ڀر جھلا نه ھوندا جي کين مدد ڏين، ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪا واٽ نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هنن (ظالمن) جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي به اولياءَ (يا ڪارساز) ڪونه هوندا جي کين کڻي ڪا مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ (ڪاميابيءَ يا عذاب کان ڇٽڻ جو) ڪوبه چارو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن لاءِ ڪي به مددگار نه هوندا جيڪي الله کانسواءِ انهن جي مدد ڪن، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪا به واٽ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ خدا کان سواءِ ته انهن جا ڪي سرپرست ئي هوندا جو سندن مدد لاءِ اچن ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته تنهن جي لاءِ (هدايت جي) ڪا واٽ نه آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه هوندا انهن جي لاءِ ڪي ڀرجھلا جيڪي مدد ڪندا انهن جي الله کانسواءِ ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪا واٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله کا نسواءِ انهن جا ڪي به مددگار نه هوندا جي انهن جي مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن لاءِ ڪو رستو نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن (مشرڪن) لاءِ ڪير به مددگار نه هوندا جيڪي الله جي مقابلي ۾ سندن مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته پوءِ ان لاءِ ڪو رستو ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَجھا، اولا، اَولياءَ، نه هُئا ڪي تَن هارِ، جي سائـِينءَ سوا، تَن جِي، ڪَن وِچان ٻئي واهار، جنهن کي رولي روه ۾، مالڪ رَبُّ، مختيار، تَنِين لئي تڪرار، پوءِ ناھِ گَھٽِي گھيڙ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
پنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُن ڏينھن (جي اچڻ) کان اڳ قبول ڪريو جنھن کي الله (جي پار) کان ٽَرڻو نه آھي، اُن ڏينھن نڪا اوھان کي واھ آھي ۽ نه ھوندو اوھان لاءِ ڪو انڪار.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار جي حڪمن جي تعميل ڪيو انهيءَ کان اڳي جو اهو (عذاب جو) ڏينهن الله وٽان اچي وڃي، جو هرگز ٽري نه سگهندو. انهيءَ ڏينهن اوهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ڪانه هوندي، نڪي توهان (پنهنجي گناهن جو) انڪار ڪري سگهندؤ (نڪي ڪي عذر پيش ڪري سگهندؤ).(علامه علي خان ابڙو) توهان پنهنجي رب جو حڪم مڃو ان کان اڳ جو اهو ڏينهن (قيامت جو) اچي جو الله تعالى کانسواءِ ڪو ان کي موٽائي نٿو سگھي ان ڏينهن توهان کي ڪا به پناه ۽ روڪجڻ جي جاءِ نه هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي انسانو!) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪو خدا جي طرف ايندو جو ڪنهن طرح (ٽارڻ سان) نه ٽرندو پنهنجي پروردگار جو چوڻ مڃيو (ڇو ته) ان ڏينهن نه اوهان کي ڪا پناھ جي جڳھ ملندي ۽ نه وري اوهين (گناهن جو) انڪار ئي ڪري سگهندو. (سيد فرمان علي) قبول ڪيو (حڪم) پنهنجي رب جو ان کان اڳي جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي موٽڻ ان جي لاءِ الله جي طرفان ناهي اوهان جي لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ ان ڏينهن ۽ ناهي اوهان جي لاءِ ڪو انڪار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي انسانو !) پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ قبول ڪريو جنهن کي الله جي طرفان رد ٿيڻو نه آهي. ان ڏينهن اوهان لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه هوندي ۽ (مولانا محمد مدني) توهان پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جيڪو الله جي پاران اڻ ٽر آهي. ان ڏينهن اوهان لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه هوندي، ۽ نه ڪو اوهان جي حال کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي آگي لئي اَ ڳي ڪريو، قَبول ۽ مَنظور، ته اَچي ڏِينهن ڏاتار کان، جنهن موٽڻ ناهي مور، اُن ڏِينهن نه اڳهان جو ڇوٽڪو، نه واھ ڪا وَهلور! ۽ نه ذَرو زور ضرور، اوهان کي اِنڪار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين ته توکي مٿن نگھبان ڪري نه موڪليو اٿون، توتي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نه آھي، ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي ته بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (خبردار ڪرڻ کان) پوءِ به جيڪڏهن اهي ماڻهو پٺي ڏيئي هليا وڃن (۽ حق جي راهه تي نه اچن) ته پوءِ (ياد رک ته) اسان توکي (اي پيغمبر!) هنن جي مٿان نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي. تنهنجي ذمي آهي فقط حڪم پهچائڻ، ۽ جڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو (انهن نعمتن کي پنهنجي چالاڪيءَ جو نتيجو سمجهي انهن نعمتن تي خوشيون ٿو ملهائي (۽ فخر ٿو ڪري) ۽ جيڪڏهن هنن تي ڪا مصيبت سندن ئي بدعملن جي ڪري اچي ڪڙڪي ٿي ته پوءِ (مايوس ٿي پون ٿا) ڏسو ته انسان بيشڪ ڏاڍو بي شڪر آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ اسان توهان کي انهن تي محافظ ڪري نه موڪليو آهي، توهان تي تبليغ آهي (جيڪا توهان ڪئي) ۽ بيشڪ اسين جنهن وقت انسان کي اسان وٽان ڪا رحمت عطا ڪريون ٿا ته ان تي خوش ٿئي ٿو، ۽ جيڪڏهن انهن کي سندن بداعمالي سببان ڪا تڪليف پهچي ٿي پوءِ بيشڪ انسان (ڪافر) وڏو ناشڪر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين ته (اي رسول) اسان تو کي مٿن نگهبان بنائي ته نه موڪليو آهي. تو تي رڳو (حق سچ جو) پيغام پهچائڻو آهي.جڏهن اسين انسانن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا ته اهو تنهن سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس سندس هٿين ڪيل بدڪارين سبب ڪا تڪليف پهچي ٿي (سڀ احسان وساري ڇڏي ٿو) بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندا پوءِ نه موڪليوسون توکي انهن تي نگهباني ڪندڙ ناهي توتي مگر پيغام پهچائڻ ۽ بيشڪ اسان جڏهن چکائي انسان کي پاڻ وٽان رحمت ته خوش ٿيو ان سان ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي انهن کي تڪليف ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي پوءِ بيشڪ انسان بي شڪر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) نه اوهين انڪار ڪري سگهندو. پوءِ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن اهي (سمجهائڻ کان پوءِ به) منهن موڙين ته اسان توکي مٿن نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. توتي رڳو پيغام پهچائڻ آهي. ۽ بيشڪ اسين جڏهن انسان کي پنهنجي طرفان مهرباني (جي لذت) چکايون ٿا ته ان سان خوش ٿئي ٿو ۽جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي، ته پوءِ انسان وڏو ناشڪر ٿئي ٿو. (مولانا محمد مدني) پوءِ به جيڪڏهن اهي منهن موڙن ته اسان تو کي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. تو تي صرف پيغام پهچائڻ آهي. ۽ بيشڪ اسان جڏهن انسان کي پاڻ وٽان رحمت چکايون ٿا ته اُهو ان سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس ڪا برائي پهچي ٿي انهن (برن عملن) سبب جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته پوءِ بيشڪ انسان وڏو ناشڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي مُنهن موڙيؤَن، ته توکي نَبِي نور! تَن جو تَلهِيدار ڪري، نه موڪليوسون مُور، پَڌرو آهي پُهچائـِڻو، تولئي هِي مَذڪُور، ۽ جڏهن مَزو چکايوسون مِهر جو، ماڻهؤ کي مَغرور، ته ڏِسِي ڏاڍو خُوش ٿيو، وَهسيو مَٿسِ وَهلور، ۽ جَڏهن ڪارڻ ڪَئي اُن جي، پُهتسِ ضَرر ضُرور، ته بَندو بي شُعور، بي قدر ڪُوڙو آھِ ڪو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي، جيڪي چاهي ٿو سو خلقي ٿو. جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ڌيئر ڏيئي ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي پٽ ڏيئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي جيڪو چاهي سو پيدا ڪري ٿو، جنهنکي چاهي نياڻيون عطا ڪري ۽ جنهنکي چاهي (ان کي) پٽ عطا ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سڀني آسمانن ۽ زمين جي حڪومت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (۽) جنهن لاءِ گهري ٿو (رڳو) ڌيئرون ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو (فقط) پٽ (ئي پٽ) ڏي ٿو.(سيد فرمان علي) الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪري ٿو جيڪي گھري بخشي ٿو ڏئي جنهن لاءِ گھري نياڻيون ۽ بخشي ٿو ڏئي جنهن لاءِ گھري پٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. جنهن کي وڻيس تنهن کي ڌيئرون بخشي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي پٽ بخشي ٿو، (مولانا محمد مدني) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. جنهن کي چاهي ٿو نياڻيون عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو پُٽ عطا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀُون جو، سڀ مُلڪ مالِڪ هارِ، جوڙن جوڙي، جِيئن گُھري، جوڙي جوڙڻهار، وَڻيسِ تِنهن کي وَنيون ڏي، وڻي مَرد موچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يا ته هنن کي پٽ ۽ ڌيئر ٻئي ٿو ڏئي. ۽ جنهن (عورت) کي چاهي ٿو تنهن کي سنڍ ڪري ٿو ڇڏي (جو پوءِ سندس پٽ يا ٻار نٿو ٿئي) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ هر ڪا قدرت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) يا (ڪن کي) پٽ ۽ نياڻيون عطا ڪري. ۽ جنهنکي چاهي ان کي بي اولاد بنائي. بيشڪ اهو گھڻو ڄاڻندڙ صاحبِ قدرت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا کين پٽ ۽ ڌيئرون (اولاد جا) ٻئي قسم عنايت فرمائي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سنڍ ڪري ڇڏي ٿو. بيشڪ اهو وڏو ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي.(سيد فرمان علي) يا جوڙا جوڙا ڪري ٿو ڏئي پٽ ۽ ڌيئرون ۽ ڪري ٿو جنهن کي گھري سنڍ بيشڪ اهو ڄاڻندڙ، قادر آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا پٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنڍ ڪري ٿو. بيشڪ اهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) يا پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو سَنڍ بنائي ڇڏي ٿو. بلاشڪ اُهو ڄاڻندڙ وڏي طاقت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙي جوڙا پُٽ، ڌِيئون، وَڻيسِ سَنڍ ڪري ستار، سو صَحِي سَمجھدار، قادِر هر ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي لائق ناهي ته الله تعاليٰ ساڻس ڳالهائي سواءِ وحي جي رستي يا پردي جي پٺيان يا ڪو رسول موڪلي، ۽ جيڪي چاهي سو پنهنجي حڪم سان (انهيءَ رسول ڏي) وحي طور چوائي موڪلي. يقيناً هو سڀني کان مٿانهون ۽ سڀني کان وڏو حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي مناسب ناهي جو الله ان سان ڪلام ڪري مگر بذريئه وحي يا پردي جي پويان يا ڪنهن فرشتي کي موڪلي پوءِ اهو ان جي اجازت سان جيڪو چاهي وحي ڪري، بيشڪ اهو بلند حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڪنهن ماڻهو لاءِ هيءَ ڳالھ ٿيڻي نه آهي ته خدا ان سان ڳالهائي سواءِ وحي جي (جيئن دائود) يا پردي جي پٺيان (جيئن موسى) يا ڪو فرشتو موڪلي (جيئن آنحضرت) مطلب ته اهو پنهنجي اختيار سان جيئن گهري اهو وڏي شان (شوڪت ۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ناهي ڪنهن انسان جي لاءِ هي ته ڳالهائي ان سان الله مگر الهام سان يا پردي جي پويان يا موڪلي ڪو قاصد پوءِ وحي موڪلي ٿو پنهنجي اذن سان جيڪو گھري بلاشڪ اهو مٿاهون حڪمت وراو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ هي ڳالهه ٿيڻي نه آهي ته الله ان سان ڳالهائي سواءِ هن جي ته اشاري سان يا پردي جي پٺيان (ڳالهائي) يا ڪنهن قاصد کي موڪلي پوءِ اهو الله جي حڪم سان جيڪي الله گهري سو ان ڏي وحي ڪري، بيشڪ اهو (سڀ کان) مٿاهون (۽) حڪمت وارو آهي (مولانا محمد مدني) ۽ ڪنهن انسان لاءِ اها ڳالهه ٿيڻي ناهي جو الله ان سان (سنئون سڌو)ڳالهائي سواءِ وحي جي طريقي جي يا پردي جي پٺيان يا ڪنهن قاصد (فرشتي) کي موڪلي پوءِ اُهو الله جي حڪم سان وحي ڪري جيڪا اُهو چاهي. بيشڪ اُهو مٿاهون حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُور نه ماڻهوءَ هارِ، ته اَلله ڳالهائي اُن سان، مگر وَسيلي وَحئَ جي، يا پَردي کان ٻاهار، يا موڪل سَندسِ سان موڪلي، ڪو مرد مُرسل مڻيادار، ڪري اِلهام اُن ڏي، گُھري جِيئَن غفار، سو مٿاهون مُختيار، حِڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهڙيءَ طرح (اي پيغمبر!) اسان توڏي پنهنجا حڪم وحي رستي موڪيا آهن. توکي ته اڳي خبر به ڪانه هئي ته ڪتاب ڇا آهي ۽ ايمان ڇا آهي؟ پر اسان ان (ڪتاب ۽ ايمان) کي نور ۽ روشني ڪيو آهي، جنهن سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳايون ٿا، ۽ يقيناً تون (ماڻهن کي) سڌي واٽ ڏيکاري رهيو آهين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهڙي طرح اسان توهان ڏانهن پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي. (وحي نبوت جي اچڻ کان اڳ ۾) توهان پنهنجي تخميني سان نه ڄاڻندا هئا ته ڪتاب ڇا آهي؟ ۽ ايمان ڇا آهي، پر اسان ان کي نور بنايو جنهن سان اسين پنهنجي ٻانهن مان جنهنکي چاهيون هدايت ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ رسولِ عربي ئي صراطِ مستقيم جي هدايت ڏي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول!) اهڙي طرح اسان تو ڏي روح (قرآن) تنهنجي طرف وحي ذريعي موڪليو. تون نه ته ڪتاب کي ئي ڄاڻندو هئين ته ڇا آهي؟ ۽ نه ايمان کي پر (اسان) هن قرآن کي هڪ نور بنايو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي رسول! تون ماڻهن کي) سڌي راھ ڏيکارين ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ اهڙي طرح وحي موڪليو اسان توڏانهن روح پنهنجي امر مان نه ٿي (عقل سان) سمجھيو تو ته ڇا آهي ڪتاب ۽ نه شرعي احڪام جو تفصيل ۽ پر ڪيو اسان ان کي نور هدايت ڪيون ٿا اسين ان سان جنهن کي گھرون پنهنجن ٻانهن مان ۽ بلاشڪ تون البته هدايت ڪرين ٿو واٽ سڌيءَ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر !) اهڙيءَ طرح اسان توڏي روح (قرآن) پنهنجي ڪلام مان موڪليو. تون نه ڄاڻندو هئين ته ڪتاب ڇا آهي ۽ نڪي (ڄاڻندو هئين ته) ايمان (ڇا آهي) پر اسان قرآن کي هڪ روشني ڪيو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي پيغمبر !) تون (ماڻهن کي) سڌو رستو ڏيکارين ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏانهن پنهنجي حڪم سان روح کي لاٿو آهي. تون (از خود) نه ڄاڻندو هئين ته ڪتاب ڇا آهي؟ نه ڪي ايمان ڇا آهي؟ ۽ پر اسان ان (قرآن) کي نور بنايو آهي ان جي ذريعي اسان هدايت ڏيون ٿا پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون. ۽ بيشڪ تون سڌي واٽ ڏانهن رهنمائي ڪرين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رُوح پَنهنجي اَمر مان، موڪليوسون نِئـِي مُور، سَمجھندو نه هُئـِين ته، سِٽ ڇا، ڇا مَڃڻ جو مَذڪور، پر اُن کي تِنهن اِنسان لئي، ڪيوسونِ نِسورو نُور، پَنهنجي پُوڄارِين مان، جنهن کي ڪريون مَنظور، سَهايونسِ واٽ سَنئين، اُنهي ساڻ ضرُور، ۽ هرگز تون حُضور!، ٿو سُهائـِين سَنئينءَ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
(يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ الله جي واٽ (ڏيکاري رهيو آهين) جو مالڪ آهي (هر شيءِ ۽ هر ساهه دار جو) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ياد رکو ته سڀ ڳالهيون ۽ معاملا آخر الله ڏانهن رجوع ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) (يعنى) الله تعالى جي رستي جي جنهن لاءِ اهو سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. خبردار ! الله تعالى ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (يعني) ان الله جي راھ جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ياد رکو! سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽن ٿا (۽ اهو ئي فيصلو ڪندو).(سيد فرمان علي) الله جي واٽ جنهن جي ملڪيت آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي خبردار الله ڏانهن ٿا موٽن امر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. خبردار! الله ڏي ئي (سڀ) ڪم موٽن ٿا. (مولانا محمد مدني) (سڌو) رستو ان الله جو آهي جو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي سو سندس مِلِڪَ آهي. خبردار! سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واٽ اُنهِئَ واحد جِي، جنهن جا سَڀ جھان، جيڪي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بي گمان، سَڀ فيصلا فرمان، موٽن اُن ڏي مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |