041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
حٰـمۗ 1ۚ
حا- ميم .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريحٰم
— مولانا محمد مدنيحا ــ ميم
— عبدالسلام ڀُٽوتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
نازل ڪرڻ آهي گهڻي مهربان، نهايت ٻاجهاري وٽان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي.
— مولانا محمد مدني(هي ڪتاب) بيحد مھربان ۽ وڏي رحم ڪرڻ واري جي طرفان نازل ڪيل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
ڪتاب جو تفصيل سان بيان ڪيون ويون ان جون آيتون قرآن عربي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(هي) اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن جو سمجهه واريءَ قوم لاءِ عربي زبان ۾ قرآن آهي،
— مولانا محمد مدنيهي (هڪ) اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن. عربي زبان ۾ هي قرآن علم رکڻ وارن لاءِ آهي (ته جيئن هو ان مان فائدو حاصل ڪن)
— عبدالسلام ڀُٽوبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ پوءِ منهن موڙيو گهڻن انهن مان پوءِ اهي نٿا ٻڌن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي پوءِ (به) انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو تنهن ڪري اهي ٻڌن ئي نه ٿا.
— مولانا محمد مدني(هي ڪتاب) خوشخبري ڏيندڙ به آهي ته ڊيڄاريندڙ به ، پر گهڻن ماڻهن ان کان منھن موڙي ورتو ۽ هن کي ٻڌندا ئي نه آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چيائون ته اسان جون دليون پردن ۾ آهن ان کان جو سڏين ٿو اسان کي ان ڏانهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ گهٻرائي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي پوءِ تون (پنهنجو) عمل ڪر بيشڪ اسين به عمل ڪندڙ آهيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبر !) اهي چون ٿا ته جنهن (ڳالهه) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان اسان جون دليون پردي ۾ آهن. ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙا ئي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي. پوءِ تون (پنهنجي نموني) عمل ڪر! اسين (پنهنجي نموني) عمل ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنيهو اهو به چوندا آهن ته جنھن شيءِ ڏي تون اسان کي سڏين ٿو ان لاءِ اسان جي دلين تي پردو پيل آهي ۽ اسان جي ڪنن ۾ (قرآن ٻڌڻ کان) ٻوڙاڻ آهي. اسان جي ۽ تنھنجي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ پيل آهي تنهن ڪري تون پنھنجي طريقي سان ڪم ڪر ۽ بيشڪ اسان پنھنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ وارا آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
فرماءِ ته مان ته رڳو بشر آهيان اوهان جي مثل (ظاهر ۾) وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن بيشڪ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ پورو توجہ ڏيو ان ڏانهن ۽ مغفرت طلب ڪيو ان کان ۽ ويل آهي مشرڪن جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبر! کين) چؤ ته آءُ اوهان جهڙو هڪ ماڻهو آهيان (پر) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو حاڪم هڪ (حاڪم) آهي، پوءِ ان ڏي سڌا رهو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي (اهي شريڪ ٺهرائيندڙ).
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان جھڙو ئي انسان آهيان،(فرق رڳو هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪئي ويندي آهي ته بيشڪ توهان سڀني جو معبود هڪڙو ئي معبود آهي. پوءِ ان ڏانھن ئي متوجھه رهو ۽ ان کان ئي معافي گهرو. (بھرحال) مشرڪن لاءِ ويل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي نٿا ڏين زڪواة ۽ اهي ئي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا انڪار ڪندڙ آهن.
— مولانا محمد مدنيهي ماڻهو زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت جي ڏينھن جو انڪار ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن جي لاءِ ثواب اڻ کٽ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اُنهن لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
فرماءِ ته ڇا بلاشڪ اوهان البته ڪفر ڪيو ٿا ان جو جنهن پيدا ڪئي زمين ٻن ڏينهن ۾ ۽ ڪيو ٿا ان جي لاءِ شريڪ اهو جهانن جو رب آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبر! کين) چؤ ته اوهين ان جو انڪار ڪريو ٿا ڇا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي ان جي برابر ڪريو ٿا؟ اهو جهانن جو پاليندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيتون چؤ ته ڇا توهان ان هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو؟ ان جي باوجود توهان ٻين کي ان جي برابر سمجهو ٿا. اُهو ئي ته سڀني جھانن جو پالڻھار آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ ڪيائين ان ۾ جبل ان جي مٿان ۽ برڪت وڌائين ان ۾ ۽ مقرر ڪيائين ان ۾ قوت انهن جا چئن ڏينهن ۾ برابر ٿي پڇندڙن جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ زمين ۾ مٿانس جبل پيدا ڪيائين، ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ (اها ڳالهه چڱيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي)
— مولانا محمد مدنياُن ئي زمين جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ بَرڪتون (يعني خزانا) رکيا ۽ اُن ۾ هر هڪ ضرورتمند مخلوق لاءِ ضرورت مطابق (قيامت تائين) خوراڪ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. اِهي سڀئي ڪم چئن ڏينھن ۾ اُڪلايا ويا.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
ان کان پوءِ توجہ فرمايائين آسمان ڏانهن ۽ اهو دونهون هو پوءِ فرمايائين ان کي ۽ زمين کي ته اچو خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان چيائون ته آياسون خوشيءَ سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوري آسمان ڏي مهڙ ڪيائين ۽ اهو (ان وقت) دونهون هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواهه مجبوريءَ سان اچو. انهن ٻنهين چيو ته اسين خوشيءَ سان آيا آهيون.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هو آسمان ڏانھن متوجھه ٿيو. جيڪو اُن وقت دونھين جي شڪل ۾ هو. پوءِ الله تعالى آسمان ۽ زمين کي فرمايو ته: توهان ٻئي (منهنجي ارادي واري شڪل ۾) چاهيندي يا نه چاهيندي (وجود ۾) اچي وڃو. ٻنهي چيو ته (ڇو نه!) اسان (توهان جي ارادي واري شڪل ۾) فرمانبردار ٿي اچي وياسين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ بنايائين انهن کي ست آسمان ٻن ڏينهن ۾ ۽ حڪم موڪليائين هر آسمان ۾ ان جي ڪم جو ۽ سينگاريوسون آسمان دنيا واري کي ڏيئن سان ۽ حفاظت لاءِ اها تقدير غالب ڄاڻندڙ جي آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حڪم موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي. ۽ ان جي حفاظت ڪئي سون. اها زبردست (۽) ڄاڻندڙ جي تدبير آهي.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هُن ٻن ڏينھن ۾ ستن آسمانن کي ٺاهي ڇڏيو ۽ هر هڪ آسمان ۾ پنھنجي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ حڪم موڪليو ۽ اسان دنيا جي ظاهري آسمان کي تارن سان سينگاري ڇڏيو (اهڙي طرح تارن جي ذريعي) آسمان کي محفوظ ڪري ڇڏيو. اهو (سڀ ڪجهه) زبردست ۽ وڏي علم واري جو مقرر ڪيل منصوبو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ فرماءِ ته ڊيڄاريو مون اوهان کي عذاب کان مثال عذاب عاد ۽ ثمود جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ سان به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر! کين) چؤ ته مون اوهان کي اهڙي عذاب کان ڊيڄاريو جهڙو عاد ۽ ثمود جو عذاب هو.
— مولانا محمد مدنيپوءِ جيڪڏهن (هي ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ به) ماڻهو (حق ڳالهه کان) منھن موڙين ٿا ته انهن کي چؤ ته مان توهان کي اهڙي رڙ جي عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جھڙو رڙ جو عذاب عاد ۽ ثمود (قومن) تي اچانڪ آيو هو.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن آيا انهن وٽ رسول اڳيان انهن جي ۽ پويان انهن جي هن لاءِ ته نه عبادت ڪيو مگر الله جي چيائون ته جيڪڏهن گهري ها اسان جو رب ته البته لاهي ها ملائڪ پوءِ بيشڪ اسين ان جو جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو ڪفر ڪندڙ آهيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن وقت وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان آيا (۽ کين سمجهايائون) ته الله کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو. انهن چيو ته جيڪڏهن اسان جو پاليندڙ گهري ها ته ضرور ملائڪ لاهي ها تنهن ڪري اوهين جنهن سان موڪليا ويا آهيو تنهن کي اسين مڃڻ وارا نه آهيون.
— مولانا محمد مدنيجڏهن انهن وٽ رسول سڳورا هر طريقي سان سمجهائڻ لاءِ آيا هئا ته توهان الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو،ته انهن جواب ڏنو ته جيڪڏهن اسان جو پالڻھار چاهي ها ته ڪنھن ملائڪ کي موڪلي ها (بھرحال) جيڪا شيءِ توهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي اسان ان جو انڪار ڪريون ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ پر عاد (وارن) پوءِ تڪبر ڪيائون زمين ۾ ناحق ۽ چيائون ڪير وڌيڪ ڏاڍو آهي اسان کان قوت ۾ ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ الله جنهن پيدا ڪيو انهن کي اهو وڌيڪ ڏاڍو آهي انهن کان قوت ۾ ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ عاد (جي قوم) ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا.
— مولانا محمد مدنيپوءِ عاد (قوم) وارن ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير ڏاڍو آهي؟ ڇا انهن ماڻهن کي اها حقيقت سمجهه ۾ نه آئي ته جنھن کين پيدا ڪيو آهي، اهو انهن کان طاقت ۾ ڏاڍو آهي پر هو اسان جي آيتن جو (برابر) انڪار ڪندا رهيا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
پوءِ موڪليوسون انهن تي واءُ سخت نحس ڏينهن ۾ تانته چکايون انهن کي خواريءَ وارو عذاب دنيا واري حياتيءَ ۾ ۽ البته آخرت جو عذاب وڌيڪ خوار ڪندڙ آهي ۽ اهي نه مدد ڪيا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اسان مٿن بدبخت ڏينهن ۾ سخت واءُ موڪليو هن لاءِ ته انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ جو عذاب چکايون. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته گهڻو خوار ڪندڙ آهي ۽ کين مدد نه ڏني ويندي.
— مولانا محمد مدنيپوءِ اسان انهن جي مٿان نڀاڳ کنيل ڏينھن ۾ سخت آنڌي موڪلي ته جيئن کين هن دنيا واري حياتيءَ ۾ به خواريءَ وارو عذاب چکايون ۽ آخرت وارو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪندڙ هوندو ۽ اُتي انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ پر ثمود (وارن کي) پوءِ هدايت ڪئي سون انهن کي پوءِ پسند ڪيائون انڌائپ کي هدايت تي پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي عذاب، خوار ڪندڙ جي ان سببان جو ڪيائون ٿي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ثمود ( جي قوم) کي ته اسان رستو ڏيکاريو پوءِ هدايت کان انڌائيءَ کي پسند ڪيائون پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا تنهن جي ڪري خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو.
— مولانا محمد مدني۽ اسان ثمود قوم جي اڳيان به سڌي رستي تي اچڻ جي دعوت پيش ڪئي هئي. پر انهن به ان دعوت کان اکيون ٻوٽي ويهڻ کي پسند ڪيو، پوءِ کين سندن ئي ڪرتوتن جي ڪري خواري واري عذاب جي ڌماڪي اچي پڪڙيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ ڇڏايوسون انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڊڄندا هئا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن ايمان آندو ۽ اهي پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي بچايوسون.
— مولانا محمد مدني۽ اسان انهن ماڻهن کي بچايو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن اٿاريا ويندا الله جا دشمن باھ ڏانهن پوءِ اهي (هڪ ٻئي لاءِ) ترسايا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪيا ويندا پوءِ اهي روڪيا ويندا.
— مولانا محمد مدني۽ الله تعالى جي دشمنن کي جڏهن باهه جي طرف موڪليو ويندو ته انهن کي هڪ هنڌ روڪيو ويندو. (ته جيئن ٻيا ڏوهاري به اچي گڏ ٿين)
— عبدالسلام ڀُٽوحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
تانجو جڏهن ايندا ان وٽ ته شاهدي ڏيندا انهن تي ڪن انهن جا ۽ اکيون انهن جون ۽ کلون انهن جون جيڪي ڪندا هئا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(ته سڀ گڏ ٿين) نيٺ جڏهن ان (دوزخ) وٽ ايندا ته سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون
— مولانا محمد مدنيپوءِ جڏهن اهي سڀ (ڏوهاري) جھنم جي ويجهو پھچندا ته هاڻي مٿن ڪَنَ، اَکِيُون ۽ جسم جون کلون انهن جي خلاف گواهي ڏينديون.
— عبدالسلام ڀُٽو