القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 9 سُوۡرَۃُ الۡمُؤۡمِنِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 85


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

حم (آيت : 1)

حٰمٓ.(علامه تاج محمود امروٽي)


حا- ميم(علامه علي خان ابڙو)


حٰمۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


حم(سيد فرمان علي)


حا-ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


حم (مولانا محمد مدني)


حاميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مطلب الله ۽ ان جو رسولﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حَقِيقَت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2)

(ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي ڪتاب انهيءَ الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(هي) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب علم وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ (خاص) خدا کان آهي جو (سڀ تي) غالب وڏو واقف ڪار آهي،(سيد فرمان علي)


نازل ڪرڻ آهي ڪتاب جو طرفان الله، غالب، ڄاڻندڙ جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله جي طرفان آهي (مولانا محمد مدني)


هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن ڪتاب قديم مان، هِي اُتارا اِظهار، پاران پَروَر پاڪ جي، سو سَٻر، سَمجھدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3)

جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهو الله) خطائون ڍڪيندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي ۽ توبهه قبول ڪندڙ آهي، (پر جيڪي توبهه ڪري سڌيءَ واٽ ڏي نٿا موٽن تن کي) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. ۽ پهچ وارو آهي، (يعني هر حال ۾ هر هنڌ سندس نظر، عمل ۽ طاقت پهچي ٿي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون ته تنهنجا هٿ ڊگها آهن) کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ ڪرڻي ناهي) سڀني کي آخر وٽس ئي وڃڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(اهو ئي) گناه بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڪندڙ، وسيع انعام ڪندڙ آهي. ناهي ڪو معبود مگر اهو، انهيءَ ڏانهن واپس ٿيڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


گناهن جي بخشڻ وارو، توبه جي قبول ڪرڻ وارو، سخت عذاب ڏيڻ وارو، صاحب فضل ۽ ڪرم آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي انهيءَ ڏي (سڀ ڪنهن) کي موٽي وڃڻو آهي.(سيد فرمان علي)


گناھ بخشيندڙ ۽ توبہ قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڏيندڙ، طاقت وارو، ناهي ڪو سچو معبود مگر اهو ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو زبردست (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ، گناهه معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق نه آهي. ان ڏي ئي موٽڻ آهي. (مولانا محمد مدني)


گناهه معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، وڏي انعام وارو آهي. ڪو به عبادت جي لائق نه آهي سواءِ ان جي. ان ڏانهن ئي (سڀني جو) موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَديون بَخشِيندڙ، توبه سان، ڪندڙ معاف مَيار، سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گَھڻو، سَدا شاهوڪار، ٻِيو ڌَڻِي، نه اُن کان ڌار، آخِر به اُن ڏي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4)

ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله تعاليٰ جون نشانيون بلڪل چٽيون آهن) فقط اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت جهڳڙا ڪندا رهن ٿا جيڪي (خود غرضي ۽ تڪبر سببان حقيقتون سمجهي نٿا سگهن يا ضد ڪري) انڪار ڪيون ويٺا آهن. سو (اي پيغمبر!) ائين نه ٿئي جو شهرن ۾ هنن ماڻهن جو آڪڙ ۽ وڏائي سان گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ وجهي ) ته هي طاقت وارا آهن ۽ مغلوب نه ٿيندا. هو ضرور تباهه ٿيندا يا اسلام تي ايندا.)(علامه علي خان ابڙو)


الله جي آيتن ۾ فقط ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا پوءِ (اي ٻڌندڙ!) توکي انهن جو شهرن ۾ هلڻ ڀُلائي نه وجھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا جي آيتن ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو جهڳڙو ڪن ٿا جي ڪافر آهن ته (اي رسول) سندن شهرن (کان شهر) گهمڻ ڦرڻ (۽ دولت حاصل ڪرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي (ته ڪو انهن تي عذاب نه ٿيندو).(سيد فرمان علي)


نٿا جهيڙو ڪن الله جي آيتن (جي باري) ۾ مگر اهي جن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڌوڪي ۾ وجهي توکي ڦرڻ انهن جو شهرن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن ۾ ٻيو ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري. پوءِ اي پيغمبر! انهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي. (مولانا محمد مدني)


الله جي آيتن ۾ ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري سواءِ انهن ماڻهن جي جن ڪفر ڪيو، پوءِ انهن ماڻهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ تو کي ڌوکي ۾ نه وجهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيتن ۾ اَلله جي، تَن ڌاران، دَڙي نه ڪير، ڦِريا جي فَرمان کان، پِوءِ ڌُتارئـِي نه دِلير! سَندنِ سفر سَير، شَهرِين، بَحرِين شانَ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5)

کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن پڄاڻا ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجن پيغمبر جو قصد ڪيو ته کيس پڪڙين ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا ته اُن سان سچيءَ ڳالھ کي ناس ڪن پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) هنن کان اڳي حضرت نوح جي قوم به (الله جي آيتن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن به ساڳيءَ طرح ڪيو ۽ سڀني امتن پنهنجن رسولن جي خلاف منصوبا ٺاهيا انهيءَ لاءِ ته کين پڪڙي جهلين (۽ ناڪامياب ڪن) ۽ باطل دليلن (۽ حيلن) سان ساڻن جهڳڙا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح حق کي ڍڪي ڇڏين. (پر هو ناڪامياب ٿيا ڇو ته) مون ئي هنن جي پڪڙ ڪئي، سو ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم تڪذيب ڪئي ۽ ان کان پوءِ جي ٽولن، ۽ هر امت ارادو ڪيو ته اهي پنهنجي رسولن کي گرفتار ڪن ۽ انهن ناحق جھڳڙا ڪيا ان لاءِ ته باطل کي حق سان ختم ڪن، پوءِ مون انهن کي پڪڙيو، پوءِ منهنجو عذاب (انهن تي) ڪيئن ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ ان کان پوءِ (ٻين نبين) جي امتن (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پڻ هر امت پنهنجي پيغمبرن جي باري ۾ اهو ارادو ڪيو ته کين گرفتار (ڪري قتل) ڪري ڇڏيو ۽ بيهوده ڳالهين جي اوٽ ۾ مقابلو ڪرڻ لڳا هن لاءِ ته اهڙي نموني حق ڳالھ جي پاڙ پٽن ته مون کين پڪڙ ڪئي پوءِ (تو ڏٺو ته مٿن) منهنجو عذاب ڪهڙو (نه سخت) ڪڙڪيو.(سيد فرمان علي)


ڪوڙو چيو اڳي انهن کان نوح جي قوم ۽ (ٻين) ٽولن ان کان پوءِ ۽ پڪو پہ ڪيو هر امت پنهنجي رسول جي متعلق تانته ان کي گرفتار ڪن ۽ جهيڙو ڪيائون ناحق تانته ختم ڪن ان سان حق کي پوءِ پڪڙيو مون انهن کي پوءِ ڪيئن هو منهنجو عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ نوح جي قوم کان پوءِ جماعتن(پيغمبرن کي) ڪوڙو چيو. ۽ سڀ ڪنهن جماعت پنهنجي رسول جو ارادو ڪيو ته ان کي پڪڙين ۽ انهن اجاين ڳالهين سان جهڳڙو ڪيو ته ان سان حق کي ناس ڪن پوءِ مون انهن کي ورتو پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي. (مولانا محمد مدني)


انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ انهن کان پوءِ گهڻين امتن (رسولن کي) ڪوڙو چيو ۽ هر امت پنهنجي رسول جي باري ۾ ارادو ڪيو ته ان کي گرفتار ڪن ۽ انهن بي بنياد ڳالهين ذريعي جهڳڙو ڪيو هن لاءِ ته ان جي ذريعي حق کي هٽائي ڇڏن پوءِ مون انهن کي (عذاب ۾) گرفتار ڪيو. پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن کان اڳڀرو، ڪوٺِي ڪُوڙي ڳالھ، قوم نوح نِهال، پڻ تَن پُڃاڻا نِپٽ ٻِيا. ۽ هَر پَنٿ پَہ پَچائـِيو ، پَنهنجي پَيغمبر ڪاڻ، تان بَند ڪَنِس ۽ بَحث ٻَڌئون، بِلڪُل باطِل ساڻ، ته ساڻسِ صَفا سَچ کي، هيٺ هَڻِي ڪَن هاڻ، پوءِ پَڪڙِيُمِ اُنهن کي پاڻ، ڏِس قهر مُنهنجو آھِ ڪِيئَن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6)

۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن تي اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جو حڪم يا قول سچو ثابت ٿيو. اهو حڪم يا قول هي هو ته يقيناً هو دوزخي آهن (۽ دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ عذاب ڏسندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح رسولِ عربيءَ جي رب جي ڳالهه ڪافرن تي ثابت ٿي چڪي، بيشڪ اهي جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جي (عذاب جو) حڪم (انهن) ڪافرن تي پورو ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو يقينا دوزخي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ اهڙي طرح ثابت ٿيو حڪم رب تنهنجي جو انهن تي جن ڪفر ڪيو بيشڪ اهي جهنمي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو ته اهي دوزخي آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم انهن تي ثابت ٿيو جن ڪفر ڪيو ته بلاشڪ اُهي جهنمي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ حُڪم تُنهنجي رَبَّ جو، ثابِت ٿِيو صَحِي، اِهڙِئَ پَر اُنهن مَٿي، جي وِيا، ڪُفر ڏانهن ڪَهِي، آھِ حقَيِقت هِي، ته اُهي آهن ڀاتِي باھِ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7)

جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي الله جو عرش کڻندڙ آهن ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن سي پنهنجي پروردگار جون اعليٰ صفتون بيان ڪندڙ آهن (۽ عملي طرح اسلامي نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن) منجهس پورو پورو ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ (ڪوتاهين جي) معافي گهرن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر چيز کي پهچي ٿو. سو (اي پروردگار!) جيڪي مؤمن توبهه ڪن ٿا (يعني بديءَ جي واٽ ڇڏي) تنهنجي (ڏيکاريل) واٽ تي هلن ٿا تن کي بخش ۽ کين جهنم جي عذاب کان بچاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي فرشتا عرشِ عظيم کي کڻي رهيا آهن ۽ جيڪي فرشتا ان جي چوڌاري آهن اهي پنهنجي رب جي تسبيح حمد سان پڙهن ٿا ۽ اهي ان تي ايمان آڻن ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش طلب ڪن ٿا. (چون ٿا) اي اسان جا رب تنهنجي رحمت ۽ معلومات هر شيءِ کان وسيع آهي، پوءِ تون انهن ماڻهن کي بخش ڪر جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ تنهنجي رستي تي هليا ۽ تون انهن کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي (فرشتا) عرش کي کينون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري (مقرر ڪيل) آهن (سي سڀ) پنهنجي پالڻهار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ان تي ايمان رکن ٿا پڻ مومنن لاءِ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا ته پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر شيءَ تي حاوي آهي ته جن ماڻهن (سچيءَ) دل سان توبه ڪئي ۽ تنهنجي راھ تي هليا تن کي بخش! ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچائي.(سيد فرمان علي)


جيڪي کڻندڙ عرش جا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح پڙهن ٿا ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مغفرت گهرن ٿا انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! ڪشادو ٿئين تون هر شيءِ کان رحمت ۽ علم سان پوءِ بخش فرماءِ انهن کي جن توبہ ڪئي ۽ تابع ٿيا تنهنجي واٽ جا ۽ بچاءِ انهن کي عذاب جهنم جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن سي پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ مٿس ايمان آڻن ٿا ۽ ايمان وارن لاءِ معافي گهرن ٿا. (چون ٿا ته) اي اسان جا پاليندڙ! سڀڪا شيءِ تنهنجي رحمت ۽ علم ۾ سمايل آهي پوءِ جن توبه ڪئي، ۽ تنهنجي رستي جي تابعداري ڪئي تن کي معاف ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! (مولانا محمد مدني)


جيڪي (فرشتا) عرش کي کنيون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن سي پنهنجي پالڻهار جي حمد سان (ان جي) پاڪائي بيان ڪن ٿا، ۽ ان تي ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ بخشش گهرن ٿا. (چون ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار تو (پنهنجي) رحمت ۽ علم سان هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي پوءِ تون انهن کي بخشي ڇڏ جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي رستي جي پيروي ڪيائون ۽ انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، جي کڻن عرش کي، يا چونڪِي سَندسِ چوڌار، وَڙ پَنهنجي والِئَ جا، ڳائـِن نِج نِبار، مَڃِين مُدامِي اُن کي، قَلب ساڻ قرار، مَعافِيون مَڱن اُنهن لئي، جَن آندو اِعتبار، پَنهنجي ٻُجھڻ ۽ ٻاجھ سان، سانَيِم! ربّ، ستار، ڪُل شئِ کي ڪَلتار!، پُورِي پَئـِين پاڻ تون. پوءِ مَرِھ تَن، جي موٽيا، پڻ وَرتـؤن تُنهنجِي واٽ، ۽ ڪَنان آڳ اُساٽ، رک اَمن ۾ اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8)

اي اسان جا پالڻھار کين اُن ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪي سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي تنھن کي به (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ وڌيڪ چون ٿا ته،) اي اسان جا پروردگار کين دائمي باغن ۾داخل ڪر جن جو تو ساڻن واعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولاد مان جن نيڪ ڪم ڪيا تن کي به (دائمي باغن ۾ داخل ڪر) بيشڪ تون وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين.(علامه علي خان ابڙو)


اي اسان جا رب ! ۽ تون انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪي انهن جي والدين مان ۽ انهن جي گھر وارين ۽ انهن جي اولاد مان نيڪوڪار آهن، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي اسان جا پالڻهار! کين سدا بهار باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي نيڪ هجن تن کي به (بخش) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.(سيد فرمان علي)


اي اسان جا پلڻهار! ۽ داخل ڪر انهن کي بهشتن عدن جي ۾ جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ انهن کي جو صالح ٿيا انهن جي پيئرن مان ۽ انهن جي زالن مان ۽ انهن جي اولاد مان بلاشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي اسان جاپاليندڙ! ۽ انهن کي رهڻ جي باغن ۾ داخل ڪرجن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿئي ۽ جيڪي سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽سندن اولادن مان سڌريا تن کي به (انهن ۾ داخل ڪر !) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. (مولانا محمد مدني)


اي اسان جا پالڻهار! ۽ انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي گهرواريُن ۽ انهن جي اولاد مان جيڪي سڌريا تن کي به (ساڻن گڏ جنت ۾ داخل ڪر). بيشڪ تون غالب حڪمت وارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌَڻِيَمِ! داخل تَن ڪَرِين، مَنجھ باغَن بَقادار جَن جا ڏِنئـِي جَھان ۾، اُنهن کي قول قرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جَن چڱا ڪيا ڪَم ڪار، پڻ اُنهن جون عورتون، ۽ سَندنِ پَچاٻار، آهِين تون اِظهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9)

۽ کين سختين کان بچاءِ، ۽ جنھن کي اُن ڏينھن ۾ سختين کان بچايئي تنھن تي بيشڪ رحم ڪيئي، ۽ اِھو (بچائڻ) وڏي مُراد ماڻڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هيئن به چون ٿا ته) کين برائين کان بچاءِ، ۽ جن کي تون انهيءَ ڏينهن برائين کان بچائين تن تي تو بيشڪ وڏي رحمت ڪئي. ۽ اهائي عظيم ڪاميابي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تون انهن کي (قيامت جي) تڪليفن کان بچاءَ، جنهنکي تو ان ڏينهن جي تڪليفن کان بچايو، پوءِ بيشڪ تو ان تي رحم ڪيو، ۽ اها ئي عظيم ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ کين هر قسم جي براين کان بچائي ۽ جنهن کي تون ان ڏينهن (قيامت) جي عذابن کان بچائيندين تنهن تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بچاءِ انهن کي سختين کان ۽ جنهن کي سختين کان بچائيندي ان ڏينهن پوءِ تحقيق رحم ڪيو تو ان تي ۽ اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ کين بڇڙائين (جي سزا) کان بچاءِ! ۽ جنهن کي ان ڏينهن بڇڙائين (جي سزا) کان بچائيندين تنهن تي تو مهرباني ڪئي، ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون انهن کي بڇڙاين کان بچاءِ. ۽ جنهن کي تو ان ڏينهن بڇڙاين (جي سزا) کان بچايو ته بيشڪ تو ان تي وڏو رحم ڪيو. ۽ اهائي زبردست ڪاميابي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَچائـِين بَديُن کان، غالِب، ربَّ غفور! اُنهِئَ ڏينهن، ڏُکن کان جِنهن کي داوَر! رَکِين دُور، پوءِ مَرهئـِي تِنهن کي مُور، ۽ سَڀنِيان وَڏِي سوڀ اِئَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10)

بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي پڪاري چيو ويندو ته الله جي بيزاري گهڻي وڏي هئي اوهان جي انهيءَ بيزاريءَ کان جيڪا (هاڻي) اوهان کي پاڻ کان آهي. هن ڪري جو توهان کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي ۽ توهان انڪار ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (انهن کي) پڪاريو ويندو ته يقيناً الله تعالى جي بيزاري ان کان تمام گھڻي آهي جيئن توهان (اڄ) پنهنجي جانن کان بيزار آهيو جنهن وقت توهان کي ايمان لاءِ سڏيو ويندو هو پوءِ توهان ڪفر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پر) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جيترو اوهين (اڄ) پنهنجي جان کان بيزار آهيو تنهن کان وڌيڪ خدا توهان کان بيزار هو جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويو ٿي ته انڪار ڪيو.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ جن ڪفر ڪيو سڏيا ويندا ته البته ڪاوڙجڻ الله جو تمام وڏو آهي اوهان جي ڪاوڙجڻ کان اوهان جي سرن مان جڏهن سڏيا ٿي ويئو ايمان ڏانهن پوءِ ڪفر ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويندو هو پوءِ اوهين انڪار ڪندا هئا، الله جي (اها) ڪاوڙ اوهان جي (انهيءَ) ڪاوڙ کان جيڪا پاڻ تي اٿوَ گهڻو وڏي آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (روزِ محشر) انهن کي سڏي چيو ويندو: ”اڄ جيتري ڪاوڙ اوهان کي پنهنجو پاڻَ تي آهي الله کي ان کان وڏي ڪاوڙ اوهان مٿان ان وقت هوندي هئي جڏهن توهان کي ايمان جي طرف سڏيو ويندو هيو پر توهان ڪفر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي ڦِريا، تَن م ڦيربو، پَڙهو اِهڙِئَ پَر، ته آن تي ڏمر ڏاتارجو، آهي وَڏو ويتر، اَنهنجي ڏَمر کان پاڻ تي، جڏهن ڪوٽيا وڃو ڪافِر! مَڃڻ ڏي مُقرّر، پوءِ اَوهين پِيا مَن موڙيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11)

چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (ڪافر) چوندا ته، اي اسان جا پروردگار تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا جيئاريو، اسان (هاڻي) پنهنجا گناهه مڃون ٿا (ته بيشڪ اسان گنهگار هئاسين) سو هاڻي هتان نڪرڻ لاءِ (۽ عذاب کان بچڻ لاءِ) آهي ڪو رستو؟ (نه بلڪل ڪونهي).(علامه علي خان ابڙو)


اهي چوندا اي اسان جا رب تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ تو اسان کي ٻه دفعي جياريو، پوءِ (هاڻي) اسان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڇا پوءِ (باهه مان) نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو چوندا ته اسان جا پروردگار! تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو، هاڻي اسين پنهنجي گناهن جو اقرار ڪريون ٿا ته ڇا (هتان) نڪرڻ جي به ڪا راھ آهي؟(سيد فرمان علي)


چيائون ته اي اسان جا رب! ماريو تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو تو اسان کي ٻه ڀيرا پوءِ مڃيا اسان گناھ پنهنجا پوءِ نڪرڻ ڏانهن ڪا واٽ آهي؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان کي ٻه ڀير ا ماريو ۽ ٻه ڀيراجياريو سو (هاڻي) اسان پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو ڇاپوءِ (هاڻي هتان) نڪرڻ جوڪو رستو آهي (مولانا محمد مدني)


اُهي چوندا: ”اي اسان جا مالڪ تو (واقعي) اسان کي ٻه ڀيرا ماريو ۽ ٻه ڀيرا جياريو سو اسان (هاڻي) پنهنجي گناهن جو اقرار ڪيون ٿا ڇا پوءِ (باهه مان) نڪرڻ جو ڪو رستو آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ماريئـِي اَسان ٻه مَرتبا سانيَمِ ربَّ ستار! ٻه ڀيرا پَنهنجي ڀال سان جِياريئـِي جبّار!، پوءِپَنهنجي پاپن جو، اَسان ڪيو اِقرار، پوءِ ڪا ڏِس ڏاتار! نِڪرڻ ڏانهن نِڪوج مان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12)

(چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته) هيءَ حالت (۽ عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن هڪ الله کي پڪاريو ويندو هو تڏهن توهان انڪار ڪندا هئو ۽ جڏهن ساڻس ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو تڏهن ايمان آڻيندا هئو. سو (هاڻي ڏسو ته توهان ڀليل هئو ۽) حڪومت ۽ حڪم فقط الله جو آهي جو سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان وڏو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو انهي سببان جو جڏهن هڪ الله کي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته توهان تسليم ڪندا هئا، پوءِ (هاڻي) فيصلو الله تعالى وٽ آهي جيڪو بلند ۽ وڏو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي (عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. ته (اڄ) خدا جي ئي حڪومت آهي جو عاليشان ۽ بزرگ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان جو بلاشڪ جڏهن سڏيو ويندو هو الله اڪيلو اهو ته اوهان ڪفر ڪندا هيئو ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته مڃيندا هيئو پوءِ حڪم الله، مٿاهين وڏي جو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(چئبن ته نه ۽) اهو هن ڪري جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. پوءِ (اڄ) تمام مٿاهين وڏي الله جوئي حڪم آهي. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو ته نه) ”اهو (عذاب) هن لاءِ آهي جو جڏهن اڪيلي الله ڏانهن سڏيو ويندو هيو ته توهان ڪفر ڪندا هئا، ۽ جڏهن ان سان ٻين کي ملايو ويندو هيو ته توهان مڃندا هئا. پوءِ (هي) حڪم الله جو آهي جيڪو (سڀ کان) مٿاهون وڏو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


انهئَ لئي ته اَوهان کي، جڏهن مَنجھ جَھان، هُئو سائـِينءَ هِڪ ڏي سَڏبو، ته ڦِريا کون فَرمان، جڏهن ساڻسِ گَڏيو غير ويو ته آڻيو پيا ايمان، پوءِ آهي حُڪم اَلله جو، جنهن جو اَعَلىٰ آهي شانُ سوئـِي سو سُلطان، وَڏِي وَڏائـِي جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13)

(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي انسانو! ٻڌو ۽ خبردار ٿيو!) اهوئي (الله) آهي جو اوهان کي پنهنجون نشانيون (هدايت ڪرڻ لاءِ) ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان اوهان جي لاءِ رزق نازل ڪري ٿو، پر فقط اهي نصيحت وٺن ٿا (پنهنجو فائدو ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا) جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا (۽ سندس ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا، ٻيا تباهه ٿي ٿا وڃن).(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان لاءِ آسمانن مان رزق (مينهن) نازل ڪري ٿو، ۽ نصيحت فقط اهو ماڻهو قبول ڪري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽڻ چاهي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو ئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي نازل ڪري ٿو ۽ نصيحت به رڳو اهو ئي حاصل ڪري ٿو جيڪو (ان ڏي) رجوع ٿئي ٿو.(سيد فرمان علي)


اهو (الله) ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون آيتون ۽ لاهي ٿو اوهان جي لاءِ آسمان کان رزق ۽ نه ٿو نصيحت حاصل ڪري مگر اهو جو ٿو موٽي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اهوئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي لاهي ٿو ۽ (اهڙين ڳالهين ۾ ) اهوئي ڌيان ڪري ٿو جيڪو الله ڏي رجوع ٿئي ٿو. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان لاءِ آسمان مان روزي لاهي ٿو. ۽ نصيحت رڳو اهو پرائي ٿو جيڪو (الله ڏانهن) رجوع ٿئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو جو ڏيکاري پَنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان قُوت اَوهان جي ڪاڻ، ۽ ڪو نه پِرائي پاڻ، مَگر جيڪو موٽندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14)

پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان اخلاص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو، جيتوڻيڪ ڪافرن ان کي ناپسند ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اوهين خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. توڙي جو ڪافرن کي نه وڻي.(سيد فرمان علي)


پوءِ عباد ڪيو الله جي خالص ڪندڙ ان لاءِ دين کي جيتوڻڪ نه پسند ڪيو ڪافرن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي مسلمانو !) الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو توڙي جو ڪافرن کي بڇڙو لڳي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان الله جي عبادت ڪيو پنهنجي دين کي خالص ان لاءِ بنائيندي توڙي جو ڪافرن کي مَٺيان لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَڏيو سائـِينءَ هيڪ کي، ڏيندڙ اُن کي ڏان ۽ مَر ته ڀانئـِن مَن ۾، ڪَراهت ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15)

(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو عرش جو مالڪ (ڪائنات جو بادشاهه) وڏا درجا (۽ مرتبا) ڏيندڙ آهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن ڏي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته جنهن (قيامت جي) ڏينهن سڀ ماڻهو گڏ ڪري ملايا ويندا الله تعاليٰ وٽ پيش ڪيا ويندا تنهن ڏينهن بابت (ماڻهن کي) خبردار ڪري ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى درجا بلند ڪندڙ (۽) عرشِ عظيم جو مالڪ آهي، الله تعالى پنهنجي فضل سان پنهنجي جنهن ٻانهي لاءِ چاهي ان تي وحي رباني موڪلي ٿو ان لاءِ ته اهو قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ته عالي مرتبي (وارو) عرش جو مالڪ آهي. اهو پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ٿو پنهنجي حڪم سان وحي نازل ڪري ٿو پر هن لاءِ ته اهو (عبد ماڻهن کي) ملاقات (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄاري.(سيد فرمان علي)


بلند درجن وارو، عرش جو مالڪ نازل ڪري ٿو وحي پنهنجي امر مان ان تي جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان تانته ڊيڄاري ڏينهن ملڻ جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهو) بلند درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري ٿو تنهن تي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو هن لاءِ ته (اهو ٻانهو) ماڻهن کي (الله جي) ملڻ جي ڏينهن کان ڊيڄاري (مولانا محمد مدني)


اهو درجا بلند ڪرڻ وارو عرش جو مالڪُ، پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي ٿو تنهن تي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو هن لاءِ ته اهو (ماڻهن کي) گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان ڊيڄاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُتم دَرجن جو ڌَڻِي، عَرش سَندو سُلطان، گُهري سَندسِ گولن مان، جَنهِين کي جَلَّ شان، ته اُڇلي پَنهنجي اَمر مان، رُوح اُتِس رَحمان، ته خوف ڏِياري خان، ڏينهن ملڻ، کان ڏيہ کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16)

جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن جڏهن سڀ ماڻهو (قبرن مان) نڪري نروار ٿيندا تڏهن سندن بابت ڪابه ڳالهه الله تعاليٰ کان لڪل نه رهندي. (۽ نعرو هڻي پڇيو ويندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (هرڪو چئي ڏيندو ته) بيشڪ حڪومت انهيءَ هڪ الله جي آهي جو سڀني تي غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن ڏينهن اهي سڀئي موجود هوندا، انهن جي ڪا شيءِ الله تعالى کان مخفي نه هوندي. اڄ ڪنهنجي بادشاهي آهي؟ (الله تعالى پاڻ جواب ۾ فرمائيندو ته) فقط هڪ الله جي جيڪو واحد القهار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن اهي ماڻهو (قبرن مان) اٿي کڙا ٿيندا (۽) سندن ڪا به شيءِ خدا کان ڳجهي نه رهندي (۽ سڏ ٿيندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (خود خدا فرمائيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي.(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن جو اهي ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندڙ هوندا نه لڪندي الله کان انهن مان ڪا شيءِ ڪنهن جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ ڏينهن الله، هڪ، غالب جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن اهي قبرن مان ٻاهر نڪرندا سندن ڪابه شيءِ الله کان ڳجهي نه رهندي. (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ (وري پاڻ ئي جواب ڏيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن اُهي سڀ (قبرن مان نڪري) نِـــروارُ ٿيندا ۽ سندن ڪابه شيءِ الله کان ڳُجهي نه رهندي. (الله فرمائيندو) ”اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي“؟ (وري خود ئي جواب ڏيندو) ”الله جي ئي آهي جيڪو اڪيلو سڀني تي غالب آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُن ڏِينهن، اُهي سڀ کُليا، مِڙِندا مَنجھ ميدان، اُنهن جي اَلله کان، لک لِڪندِي ڪانه، اَڄ مِڙئـِي مُلڪ ڪِنهن جو؟ اِي ڦيربو فَرمان، ته جُمله جَڳ جَھان، هِڪ قادِر، ربَّ، قهار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17)

اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس ڪئي ڪمائي موجب بدلو ڏنو ويندو، ۽ انهيءَ ڏينهن ڪابه بي انصافي ڪانه ٿيندي، يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اڄ ڏينهن هر نفس کي سندس عملن جي جزا ڏني ويندي، اڄ ڏينهن ڪوبه ظلم نه آهي، بيشڪ الله تعالى فوراً حساب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪي ان ڪيو هوندو تنهن جو بدلو ڏنو ويندو اڄ ڪنهين تي ڪجھ (به) ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


اڄ جزا ڏنو ويندو هر نفس ان جي جيڪو ڪمايائين ناهي ڪو ظلم اڄ بلاشڪ الله حساب جو تڪڙو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪو ڪيو هوندائين تنهن جو بدلو ڏنو ويندو. اڄ ڪو ظلم نه آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو) ”اڄ هر شخص کي سندس ڪمائي جو بدلو ڏنو ويندو. اڄ ڪا نا انصافي نه ٿيندي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مِلندو هَر ماڻهو کي، جيڪِي پورهيو ڪَيائـِين پاڻ، ظُلم ذَري جيترو، اَڄ ڪيو نه وَڃي ڪِنهن ساڻ، صاحب سُرت سُڄاڻ، هِرگز تِکو حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18)

۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي انهيءَ ويجهي ايندڙ ڏينهن بابت خبردار ڪري ڇڏ جنهن ڏينهن دليون نڙي ڏي چڙهي ان کي گهٽينديون (۽ هو ڳالهائي نه سگهندا) انهيءَ ڏينهن ظالمن لاءِ ڪوبه هڏ ڏوکي يار ڪونه هوندو، نڪو ڪو اهڙو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان انهن کي قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو، جڏهن غمگين دِليون نِڙين تائين اچي پهچنديون، ظالمن لاءِ ڪوبه دوست ۽ سفارشي نه هوندو جنهنجي ڳالهه قبول ڪئي وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) کين ان مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جو جلد اچڻ وارو آهي. جنهن ڏينهن دليون نڙگهٽن جي ويجهيون ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا (ان وقت ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نڪو سفارش ڪندڙ، جنهن جي ڳالھ مڃجي.(سيد فرمان علي)


۽ ڊيڄار انهن کي قيامت جي ڏينهن کان جڏهن دليون نرگهٽن وٽ هونديون ڏک ۾ ڀريل ناهي ظالمن جي لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جيڪو مڃيو وڃي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ!) کين ويجهي اچڻ واريءَ مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جنهن ڏينهن دليون نڙ گهٽن جي ويجهو ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جنهن جي ڳالهه مڃجي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون انهن کي ويجهو اچڻ واري (مصيبت جي) ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن ضبطِ غم جي سبب دليون نڙيءَ وٽ اچي وينديون. ظالمن جي لاءِ نه ڪو مهربان دوست هوندو نه ڪو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏاڍي ڏِينهن قيام کان، ڍوليا! تَن ڊِڄار، واتان وَرڻ کي، ويجھڙا، جڏهن هِنيان هِڪِي پارِ، ڏاڍن لئي اُن ڏِينهن ۾، نه گھرو ڪو غَمخوار، ۽ نه داڙُو مَنجھ دَربار، جنهن جِي مِنت کي مَڃيو وڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19)

اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو (يعني الله تعاليٰ) اکين جي خيانت به ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي اکين جي خيانت ڄاڻي ٿو ۽ ان تي سينن جا راز مخفي ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ته اکين جي چوراڻي نگاھ کي ۽ انهن ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو جي (ماڻهن جي) سينن ۾ لڪل (راز) آهن.(سيد فرمان علي)


ڄاڻي ٿو خيانت ڪندڙ اکين کي ۽ جيڪي لڪائين ٿا سينا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اکين جي خيانت کي ۽ جيڪي سينا لڪائين ٿا تنهن کي (الله) ڄاڻي ٿو. ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


اهو خيانت ڪندڙ اکين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي سينا (پنهنجي اندر) لڪائن ٿا (اُهي ڳالهيون به ڄاڻي ٿو).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هڄاڻي چورِي اَک جِي، پڻ جي اَندر مَنجھ اَسرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20)

۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي، ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي ڪجھ به حُڪم نه ڪندا آھن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله تعاليٰ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪري ٿو (۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو) پر جن کي ماڻهو خدا تعاليٰ کان سواءِ پڪارين ٿا سي ڪوبه فيصلو ڪونه ڪندا (جو هن کي ڪوبه اختيار يا طاقت ڪانهي) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى حق سان فيصلو ڪري ٿو. ۽ جيڪي ماڻهو ان کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا، اهي ڪنهن شيءِ جو فيصلو ڪري نٿا سگھن، بيشڪ الله تعالى ئي هميشه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا انصاف سان حڪم ڪري ٿو. ۽ جن کي ان کان سواءِ سڏين ٿا سي ڪجھ به حڪم نٿا ڪري سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ الله فيصلو ڪندو آهي حق جو ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا ان کان سواءِ نه فيصلو ڪندا ڪنهن شيءِ جو بيشڪ الله اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن کي ان کانسواءِ سڏين ٿا سي ڪجهه به فيصلو نه ٿا ڪن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. ۽ جن (بتن) جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا، اُهي ڪجهه به فيصلو ڪري نه ٿا سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الله ته آهي ڪَم ڪندو، حقا حق هزار، تِنهن ڌاران دانهِن جَن کي، سي ڪري نه سَگھن ڪاڪا، سُڻندڙ رَبُّ، سَتار، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21)

مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته (نھاري) ڏسن ته انھن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جيڪي کانئن اڳ ھوا، اُھي کائن سگھ ۾ زمين تي نشانين (يعني محلاتن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھوا پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله (جي عذاب) کان اُنھن کي ڪو بچائيندڙ نه ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ ڏسن نٿا ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي (سندن بدعملن سببان) ڪهڙي نه خراب ٿي، اهي ته هنن ماڻهن کان قوت ۽ طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ زمين تي وڌيڪ نشانيون ۽ اثر ڇڏي ويا، پر (تڏهن به) الله تعاليٰ سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي، ۽ هنن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو؟ پوءِ اهي ڏسن ته انهن کان اڳين ماڻهن (ڪافرن) جو انجام ڪهڙو ٿيو، جيڪي انهن کان قوت ۽ نشانين ۾ وڌيڪ هئا جيڪي انهن زمين ۾ ڇڏيون آهن، پوءِ سندن گناهن سببان الله تعالى کين پڪڙيو، ۽ الله تعالى جي عذاب کان ڪوبه انهن کي بچائيندڙ نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو آهي ته جي ماڻهو انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ ڏاڍا وڌيڪ هئا. پوءِ خدا کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ انهن کي خدا (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪو به نه هو.(سيد فرمان علي)


ڇا نه گهميا زمين تي پوءِ ڏسن ها ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي هئا انهن کان اڳي هئا اهي ڏاڍا انهن کان قوت ۽ نشانن سان زمين ۾ پوءِ پڪڙيو انهن کي الله سببان گناهن انهن جي ۽ نه هو انهن جي لاءِ الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳي هئا، اُهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ کين الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪوبه نه هو. (مولانا محمد مدني)


ڇا اُهي زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي جيڪي کانئن اڳ هئا. اُهي قوت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ زمين تي (ڇڏيل) آثارن ۾ به (وڌيڪ هئا) پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي سبب پڪڙيو. ۽ انهن جي لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪير به ڪونه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ڀُون نه گُھميا، ڀورڙا؟ پوءِ نِرتئون ڪَن نِهار، ته ڪِهڙا اِنهيان اڳين جا، ٿِيا پَڇاڙئَ پار، جي ڪَثر هُئا قُوَّت ۾، تَنِين کان تڪرار، پڻ ڀُون ۾ بنگلا باغ ڪَئـِين، چاڙهيون، چِٽ چوڌار، پوءِ قابو ڪيو اُنهن کي، ڏوهن ۾ ڏاتار، پوءِ هُئو نه ڪو تَن هارِ، جھالائُو جَبَّار،کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22)

اِھا (سزا) ھن ڪري ھين جو سندن پيغمبر (پڌرن) مُعجزن سان وٽن آيا ٿي پوءِ انڪار ڪيائون تنھنڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو سگھارو سخت سزا ڏيڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (عذاب) هن ڪري (مٿن ڪڙڪيو) جو هنن ڏي (اسان جا) رسول روشن دليلن سان آيا (تنهن هوندي به) هنن نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو الله تعاليٰ کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت ۽ طاقت وارو آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ بيشڪ سخت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ جو سبب هي هو ته انهن وٽ انهن جا پيغمبر صاف دليل کڻي ايندا هئا پوءِ انهن انڪار ڪيو پوءِ الله تعالى انهن کي پڪڙيو، بيشڪ اهو وڏي قوت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر معجزا آڻيندا هئا تڏهن به انڪار ڪيائون تنهن ڪري خدا کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان جو بلاشڪ اهي آيا هئا انهن وٽ انهن جا رسول روشن معجزن سان پوءِ ڪفر ڪيائون پوءِ پڪڙيو انهن کي الله بلاشڪ اهو قوت وارو سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون آڻيندا هئا پوءِ انڪار ڪيائون ان ڪري الله کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُها (سزا) هن ڪري (مِلي) جو انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون آڻيندا هئا پوءِ انهن ڪفر ڪيو ان ڪري الله کين (عذاب ۾) پڪڙيو. بيشڪ اُهو وڏي قوت وارو سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو اِن آڌار تي، سَندنِ نَبِي نُور، اُنهن وَٽ اِيندا هُئا، کَڻِي مُعجزا مَشهور، ڦِريا پوءِ فرمان کان، ڪِينَ مَڃيائون مُور، پوءِ پَڪڙيو اُنهن کي، پَروَر پاڪ حُضور، سو زورا وَر ضَرُور، پڻ سزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23)

۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان موڪليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين حڪمن سان ۽ چٽي سند ۽ دليلن سان رسول ڪري موڪليو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ صاف حجت سان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ۽ ظاهر دليلن سان،(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق موڪليو اسان موسى کي پنهنجين نشانين سان ۽ پڌري حجت سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ ظاهرحجت سان (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين ۽ چِٽن دليلن سان موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مِهتر مُوسٰى مِير کي، موڪليوسون مُور، پَنهنجي پَڌرايُن سان، پڻ نِشانبر نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24)

فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن پوءِ چيائون ته ڪُوڙو جادوگر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن (کيس رسول ڪري موڪليوسين) پر (هنن کيس نه مڃيو ۽) چوڻ لڳا ته هو جادوگر آهي ۽ ڪوڙو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن موڪليو، پوءِ انهن چيو (هيءُ) سحر ڪندڙ ڪوڙو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو ته اهي چوڻ لڳا ته (هي به) هڪ وڏو ڪوڙو (۽) جادوگر آهي.(سيد فرمان علي)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پوءِ چيائون ته جادوگر وڏو ڪوڙو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو پوءِ انهن چيو ته (هي) ڪوڙو جادوگر آهي. (مولانا محمد مدني)


فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پوءِ انهن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


فِرعون، هامان، قارُون ڏي، پوءِ وِڦليا وَهلور، ته هِي جادُوگر ضرور، پڻ قَرارو ڪُوڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25)

پوءِ جنھن مھل اسان وٽان ھنن وٽ سچي (پيغام) سان آيو (تنھن مھل) چيائون ته جن مٿس ايمان آندو آھي تن جا پُٽ ڪُھو ۽ سندن ڌيئرون جيئرون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جو فريب ته رڳو غلطيءَ ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هو اسان وٽان حق جو پيغام کڻي وٽن آيو تڏهن هنن (پنهنجن ماڻهن کي) حڪم ڏنو ته جن ساڻس گڏ (الله تي) ايمان آندو آهي تن جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪندا وڃو، سندن عورتن کي جيئرو ڇڏيو. پر (ياد رکو ته) ڪافرن جون تدبيرون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻيون نه آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن اسان وٽان موسيٰ انهن وٽ حق کڻي آيو، انهن چيو جيڪي مؤمن ان سان گڏ آهن توهان انهن جا پٽ قتل ڪريو ۽ توهان انهن جون نياڻيون زندهه ڇڏيو. ۽ ڪافرن جي (اها) رٿ ناڪام رهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان وٽان سچو دين کڻي آيو ته چوڻ لڳا ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي (ٻانهيون بنائڻ لاءِ) جيئرو ڇڏيو ۽ ڪافرن جون تدبيرون ته بيڪار ئي آهن. (سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق سان اسان وٽان ته چيائون قتل ڪيو پٽن ايمان وارن جي کي ان سان گڏ ۽ جيئريون ڇڏيون انهن جون زالون ۽ ناهي ڪافرن جو فريب مگر گمراهي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن وٽن اسان وٽان حق کڻي آيو تڏهن چيائون ته جن ساڻس ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيو. ۽ ڪافرن جي تدبير ته بيڪار ئي آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان پاران جي حق کڻي آيو تڏهن چيائون ته: ”جن اُن سان گڏ ايمان آندو آهي انهن جي پٽن کي قتل ڪيو ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيو“. ۽ ڪافرن جون چالبازيون ته صرف گمراهي ۾ ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان وَٽان، سَچ سان سو سُڄاڻ، چي، ڪُهو ڪَلها اُنهن جا، آهِن جي اُن ساڻ، پڻ جويُنِ تَن جِيئَدان ڏِيو، گَھرُو ڪَمن ڪاڻ، ۽ پُٺيرن جا پَرياڻ ناهِن مگر مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26)

۽ فرعون (دربار وارن کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسىٰ کي ڪُھان ۽ ڀلي ته پنھنجي پالڻھار کي سڏي، بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوھان جو دين مٽائي يا مُلڪ ۾ فساد پيدا ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ فرعون (پنهنجي درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ڪري ڇڏيان، ڀلي پنهنجي پروردگار کي پڪاري (ڏسون ته ڪيئن ٿو سندس رب کيس بچائي، کيس قتل ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته) بيشڪ مون کي انديشو آهي ته هو اوهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو نه مچائي ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ فرعون (پنهنجي پادرين کي) چيو توهان مون کي ڇڏيو ته آئون موسيٰ کي قتل ڪريان، پوءِ اهو ڀلي پنهنجي رب کي سڏي، بيشڪ آئون ڊڄان ٿو ته متان اهو توهان جو مذهب تبديل ڪري يا زمين ۾ فساد پکيڙي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ فرعون (چوڻ لڳو) ته مون کي ڇڏيو ته موسى کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي رب کي سڏي. (ڀائرو!) مون کي انديشو آهي ته (متان) اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ڪري.(سيد فرمان علي)


۽ چيو فرعون ته ڇڏيو مون کي ته شهيد ڪيان موسى کي ۽ ڀلي سڏي پنهنجي رب کي بلاشڪ مان ڊڄان ٿو ته مٽائي ڇڏيندو اوهان جو دين يا ظاهر ڪندو زمين ۾ فساد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ فرعون (درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسي ٰ کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي پاليندڙ کي سڏي. بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ظاهر ڪري. (مولانا محمد مدني)


۽ (هڪ ڏينهن) فرعون چيو ته: ”مون کي ڇڏيو ته آءٌ موسى کي قتل ڪري ڇڏيان ۽ هُو ڀلي پنهنجي پالڻهار کي سڏي، بلاشڪ مون کي انديشو آهي ته اهو توهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا زمين ۾ فساد برپا ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ فِرعون چَيو فِى الحال، ڇَڏيومِ، ته مُوسٰى مارِيان، ۽ ڀَلي ته سَندسِ سائـِينءَ کي، ڪري سَڏ سُوال، مَٽي مَذهب اَنهنجوا، اِي آهِمِ خوف خيال، يا بِگيڙو بَحال، ڪو ظاهِر ڪري زَمِين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27)

۽ موسىٰ چيو ته بيشڪ مون سڀڪنھن ھٺيلي (جي لچائيءَ) کان جو حساب جي ڏينھن کي نه مڃيندو آھي پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهو حڪم ٻڌي) حضرت موسيٰ چيو ته، يقيناً مون پنهنجي پروردگار وٽ پناهه ورتي آهي جو اوهان جو به پروردگار آهي. هرهڪ تڪبر ڪندڙ کان جيڪو حساب واري ڏينهن تي ايمان نٿو رکي (۽ سمجهي ٿو ته بدعملن لاءِ سزا ڪانه ملندي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ موسيٰ چيو آئون منهنجي ۽ توهان جي رب کان هر تڪبر ڪندڙ لاءِ پناه ٿو گھران، جيڪو حساب جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ موسى چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هيٺلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن (قيامت) کي نه ٿو مڃي، پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار جي پناھ ورتي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيو موسى ته بيشڪ مون پناھ ورتي پنهنجي رب ۽ اوهان جي رب سان هر هٺيلي کان جيڪو نٿو ايمان آڻي حساب جي ڏينهن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ موسيٰ چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هٺيلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن کي نه ٿو مڃي، پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ موسى چيو ته: ”بيشڪ مون پنهنجي پالڻهار ۽ توهان جي پالڻهار جي پناهه ورتي آهي هر هٺيلي ماڻهو کان جيڪو حساب جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو رکي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهين مُوسٰى مير چيو، ته پِنان ٿو پَناھ، مُون ۽ اَنهنجي رَبَّ جو، جو آهي سَچو اَللهَ، تِنهن هَٺِئَ کان هَرگاھ، جو مَڃي نه مَحشر ڏينهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28)

۽ فرعون جي مائٽن مان ھڪ مؤمن مڙس جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو (تنھن) چيو ته اھڙي مڙس کي ڪھو ٿا ڇا جو چوي ٿو ته منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽا) مُعجزا آندا اٿس، جيڪڏھن کڻي ڪوڙو ھجي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس آھي، ۽ جيڪڏھن سچو ھوندو ته جيڪو وعدو اوھان سان ڪري ٿو تنھن مان ڪجھ اوھان کي ضرور پھچندو، ڇوته جيڪو حد کان لنگھندڙ ڪوڙو ھوندو تنھن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪڙي مؤمن مرد جو هن پنهنجو ايمان دل ۾ سانڍي رکيو هو، تنهن (فرعون ۽ سردارن کي) چيو ته، ڇا توهان هڪ شخص کي قتل ڪندو فقط هن ڪري جو هو چوي ٿو ته، منهنجو پروردگار الله آهي؟ ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) هو توهان وٽ پنهنجي پروردگار وٽان روشن دليل (۽ چٽيون نشانيون) کڻي آيو آهي. ۽ (خيال ڪري ڏسو ته) جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو (يعني سندس ئي نقصان ٿيندو) پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته پوءِ جنهن (عذاب) متعلق توهان کي خبردار ڪري رهيو آهي تنهن مان ڪجهه ته ضرور اچي اوهان تي ڪڙڪندو. يقين ڄاڻو ته جيڪو ليڪو لنگهي ٿو بيهي ۽ ڪوڙو آهي تنهن کي خدا ڪڏهن به سڌي واٽ نٿو ڏيکاري.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هڪ مؤمن شخص چيو جيڪو فرعون وارن مان هو، جنهن پنهنجو ايمان مخفي رکيو ٿي، ته ڇا ! توهان هڪ ماڻهوءَ کي ان لاءِ قتل ڪريو ٿا جو اهو چوي ٿو منهنجو رب الله تعالى آهي ۽ بيشڪ ان توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان صاف نشانيون آنديون اٿس ۽ جيڪڏهن اهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو پوءِ ڪوڙ جو ذمون ان تي آهي، ۽ جيڪڏهن اهو سچ ڳالهائي ٿو ته توهان کي اهو ڪجھه پهچندو جنهنجو وعدو ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى ان شخص کي هدايت نٿو ڏي جيڪو حد کان وڌندڙ گھڻو ڪوڙو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد (حزقيل)جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو تنهن ماڻهن کي چيو ته (اوهين) هڪ اهڙي شخص کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا جو (رڳو) هي چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي، هوڏانهن اهو اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان وٽ معجزا وٺي آيو آهي پر جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي جنهن (عذاب جي) ڌمڪي ڏئي ٿو تنهن مان ڪجھ نه ڪجھ اوهان کي ضرور پهچندو. بيشڪ خدا ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيو هڪ مرد فرعون جي مائٽن مان جيڪو لڪائي پيو پنهنجو ايمان ته ڇا قتل ڪيو ٿا ان مرد کي جو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي ۽ تحقيق آيو اوهان وٽ روشن دليلن سان اوهان جي رب وٽان ۽ جيڪڏهن هوندو ڪوڙو پوءِ ان تي ان جي ڪوڙ (جو وبال) آهي ۽ جيڪڏهن هوندو سچو ته پهچندو اوهان کي بعض ان جو جيڪو وعدو ڏئي ٿو اوهان کي بيشڪ الله نٿو هدايت ڏئي ان کي جو اهو حد کان لنگهندڙ وڏو ڪوڙو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو، تنهن چيو ته (اوهين) هڪ مڙس کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا ڇا جو هو چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي هوڏانهن اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر نشانيون کڻي آيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي ۽ جيڪڏهن سچو آهي ته اوهان سان جيڪو وعدو ڪري ٿو تنهن مان ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي پهچندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ فرعون جي خاندان مان هڪ مرد چيو جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندڙ هيو: ”ڇا اوهان هڪ مرد کي قتل ڪيو ٿا (رڳو) هن ڪري جو اهو چوي ٿو ته منهنجو پالڻهار الله آهي؟ ۽ اهو توهان وٽ توهان جي پالڻهار وٽان چِٽا دليل کڻي آيو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو ڪوڙو آهي ته ان جي ڪوڙ جو وبال مٿس هوندو، ۽ جيڪڏهن اهو سچو آهي ته جيتري قدر عذاب جو اهو توهان سان وعدو ڪري رهيو آهي ان مان ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي پهچندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو حد کان وڌندڙ ڪوڙو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تڏهن چَڱائـِئَ طور چَيو، ظاهِر ساڻ زبان، فِرقي مان فِرعون جي، ڪِنهن مُؤمِن مُسلمان،جنهن مخفِي رکيو مَن ۾، اڳ پَنهنجو اِيمان، ڇا مارِيو ٿا مَرد کي؟ جنهن جو فقط هِي فرمان، ته مُنهنجو مِهربان، اَلله جَلَّ جَلالہٗ. ۽ آندئـِين اَنهنجي رَبَّ کان، حُجتون هَرباب، ۽ ڪُوڙ به سَندسِ ڪَنڌ تي، جي ڪُوڙو آھِ ڪَذاب، ۽ جي صَحِي سَچو آھِ سو، نُورانِي نَواب، ته ڪُجھ اَوهان تي ڪَڙڪَندو، اُنِهئَ مان عَذاب، اَوهان کي، اَنجام ڏِئي، جنهن جو پاڪ جناب؛ واھ نه ڏَسي وَهاب، هَر وِڦِليندڙ وَهلور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29)

اي منھنجي قوم اڄ اوھان جي بادشاھي آھي مُلڪ ۾ (اوھين) غالب آھيو، جيڪڏھن (عذاب) اسان وٽ اچي ته الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اسان کي ڪير واھر ڏيندو؟ فرعون چيو ته جيڪا (چڱي مصلحت) ڏسان ٿو تنھن کانسواءِ (ٻي) اوھان کي نه ٿو ڏيکاريان ۽ اوھان کي سڌي رستي کانسواءِ (ٻيو رستو) نه ٿو ڏيکاريان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ مؤمن مرد وڌيڪ چيو ته) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هن وقت اوهان جي حڪومت آهي. توهان دنيا ۾ غالب آهيو. (اهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن جو اسان جي اها حڪومت هلي وڃي ۽ تباهه ٿي وڃون) پوءِ ڪير اسان کي الله تعاليٰ جي سزا کان بچائي سگهندو جڏهن اها سزا اسان وٽ پهچي ويندي. (تنهن تي) فرعون چيو ته، (مان وڏو داناءُ آهيان ۽ سڀ ڪجهه ٿو سمجهان) مان توهان کي فقط اهي ڳالهيون ڏيکاريان ۽ ٻڌايان ٿو جيڪي مان چٽيءَ طرح ڏسان ٿو، ۽ مان توهان کي اهائي راهه ڏيکاريان ٿو جيڪا صحيح راهه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجي قوم اڄ ڏينهن زمين تي توهان جي بادشاهي ۽ توهان جو غلبو آهي. پوءِ جيڪڏهن اسان وٽ الله جو عذاب آيو ته اسان جي ڪير مدد ڪندو؟ فرعون چيو آئون توهان کي پنهنجي سمجھه مطابق سمجھايان ٿو ۽ آئون توهان کي سنئين رستي جو ڏس ڏيان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پر جيڪڏهن خدا جي آفت اسان تي آڻي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو آءُ ته اوهان کي اهو ئي رستو ڏيکاريان ٿو ۽ اها ئي ڳالھ سمجهايان ٿو جنهن ۾ ڀلائي آهي.(سيد فرمان علي)


اي منهنجي قوم! اوهان جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ غالب ٿيندڙ آهيو زمين تي پوءِ ڪير مدد ڪندو اسان جي الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) جيڪڏهن اسان وٽ ايندو چيو فرعون ته نٿو ڏيکاريان مان اوهان کي مگر جيڪي مان ڏسان ٿو ۽ نٿو هدايت ڪيان مان اوهان کي مگر هدايت جي واٽ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پوءِ الله جي آفت جيڪڏهن اسان تي آئي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو ته اوهان کي اهو ئي (رستو) ڏيکاريان ٿو جو آءُ سمجهان ٿو ۽ اوهان کي سڌو رستو ئي ڏيکاريان ٿو. (مولانا محمد مدني)


اي منهنجي قوم! اڄ توهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهان غالب آهيو. پر ڪير اسان جي مدد ڪندو الله جي عذاب کان (بچائڻ لاءِ) اگر اهو (عذاب) اسان تي اچي وڃي“؟ فرعون چيو ته: ”آءٌ اوهان کي اها ئي راءِ ڏيان ٿو جيڪا مون کي مناسب لڳي ٿي ۽ آءٌ ته توهان کي ڀلائي جو رستو ئي ٻڌايان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهيو زور زمين ۾، عزيزو!، اَڄ ڪالھ، پوءِ ڪير خدا جي قهر کان، لهندو سون سار سنڀال، جڏهن سو جنجال اَسان سِر اَچِي وِيو. فِرعون سَندسِ فِرِق کي، پاٻوهيو اِن پَر، آئون اوهان کي ٿو ڏَسيان، ڀانيان جو بهتر، ۽ مُور نه ڏَسيان مگر، وَهِين اوهان کي واٽِڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30)

۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن تي انهيءَ مؤمن مرد) جنهن (حضرت موسيٰ تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان مؤمن چيو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان تي اڳين ٽولن جهڙي عذاب جو خوف ڪريان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جنهن شخص (ڳجھ ۾) ايمان آندو هو سو چوڻ لڳو: اي منهنجي قوم! سچ ته آءُ ڊڄان ٿو اڳين جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان.(سيد فرمان علي)


۽ چيو ان شخص جنهن ايمان آندو ته اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو (ته اچي) اوهان تي مثال ڏينهن (اڳين) ٽولين جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو (مولانا محمد مدني)


۽ ان ماڻهو چيو جيڪو ايمان آڻي چڪو هيو: ”اي منهنجي قوم بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو اوهان تي اڳين قومن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جو وِسهيو، تِنهن وَراڻيو، ته مُنهنجِي قوم ڪُلال! آئون اوهان تي ٿو رکان، دِل ۾ خوف خيال، ڪنان هيڻي حال، ڏِينهن ڏُکيري ٽوليِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31)

جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کائن پوءِ ھوا تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان ٿئي)، ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي).(علامه علي خان ابڙو)


(يعنى) قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود جهڙو مثال ۽ انهن ماڻهن جو مثال جيڪي انهن کان پوءِ گذريا. ۽ الله تعالى ٻانهن لاءِ ظلم جو ارادو نٿو رکي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا، تن جهڙي حال کان. ۽ خدا ته ٻانهن تي ظلم ڪرڻ گهري ئي نه ٿو.(سيد فرمان علي)


مثال حال قوم نوح جو ۽ عاد جو ۽ ثمود جو ۽ انهن جو جيڪي انهن کان بعد هئا ۽ ناهي الله جو ارادو ظلم جو ٻانهن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان تي (اڳين) جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان. نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کانپوءِ هئا تن جهڙي حال کان. ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه ٿو گهري (مولانا محمد مدني)


نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان بعد ٿيا تن جي سزا واري دستورِ وانگر. ۽ الله ٻانهن تي نا انصافي نه ٿو چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪار قوم نُوح جِي، ڪِ عذاب عاد، ثمود، ۽ ڪِ مُنڪر ٻِيا مَردُود، تَن بعد، جي بَرباد ٿِيا. ۽ سائـِين سَندسِ ٻانهن سان، ظُلم نه گُھري ذَرو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32)

۽ اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (انھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن هڪٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي ڏينهن جو خوف ڪريان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اي منهنجي قوم! مون کي ته اوهان بابت قيامت جي ڏينهن جو انديشو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي جي سڏڻ واري ڏينهن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي کي سڏڻ جي ڏينهن (قيامت) کان. (مولانا محمد مدني)


۽ اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان تي رڙين دانهن واري ڏينهن (قيامت) کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ عزيزو! اوهان مٿي، ٿو ڀانيان خوف کَرو، ڏاڍو ڏِينهن ڳَرو، قِيامت جي ڪوٺ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33)

جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نه ھوندو، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو سِڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله تعاليٰ (سندن ئي بدعملن جي ڪري) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تن جي لاءِ ٻيو ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان ڏينهن توهان پٺي ڏيئي ڀڄندڙ هوندا، الله تعالى کانسواءِ توهان کي ڪوبه بچائيندڙ نه هوندو، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪوبه هادي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏئي ڦرندو. (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به نه هوندو. ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان کي ڪو به راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي)


جنهن ڏينهن ڀڄندؤ پٺي ڏيندڙ ٿي ناهي اوهان جي لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏيئي ڦرندو. اوهان کي الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن کي ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن توهان پُٺي ڏئي ڀڄندؤ ۽ توهان کي الله (جي پڪڙ) کان بچائڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ان کي ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پانهِين پُٺين باھ ڏي، وارِبا جنهن وار، ڪونهِي اَنهنجو اُن ڏِينهن ۾، ڪو جھالُو کان جبّار، ۽ هادِي نه ڪو تِنهن هارِ، جنهن کي مالِڪ کڻِي مُنجھائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34)

۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين تنھن کان (اوھين) ھميشه شڪ ۾ ھُئؤ، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ ته اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نه موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي منهنجي قوم جا ماڻهو!) هيءَ حقيقت آهي ته، هن کان اڳي اوهان ڏي حضرت يوسف روشن دليلن سان پيغمبر ٿي آيو. پر جيڪو (پيغام ۽ نصيحت) هو اوهان ڏي کڻي آيو تنهن بابت توهان هميشه شڪ ڪندا رهيو (توهان يقيني ايمان ڪونه آندو) تانجو (جڏهن) هو گذاري ويو (تڏهن) توهان چوڻ لڳو ته، هن کان پوءِ الله تعاليٰ ڪوئي رسول ڪونه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ شڪ شبهي ۾ ٿا رهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان وٽ ان کان اڳ يوسف (پيغمبر ٿي) صاف دليلن سان آيو، پوءِ جيڪو اهو توهان لاءِ کڻي آيو توهان هميشه (ان لاءِ) شڪ ۾ هئا، ايستائين جو اهو جڏهن فوت ٿيو توهان چيو هرگز ان کان پوءِ الله تعالى ڪو رسول نه موڪليندو، اهڙيءَ طرح الله تعالى ان کي گمراه ڪري ٿو جيڪو اسراف ڪندڙ (۽) شڪ ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (هن کان) اڳ ۾ يوسف به اوهان ڏي معجزا وٺي آيو هو ته پوءِ جي جي (معجزا) آندا هئائين ته ماڻهو ان ۾ هميشه شڪ ڪندا رهيا تان جو جڏهن ان رحلت ڪئي ته اوهين چوڻ لڳا ته ان کان پوءِ خدا ڪڏهين به رسول نه موڪليندو. جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪرڻ وارو هجي تنهن کي خدا اهڙي طرح گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڇڏيندو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق آيو اوهان وٽ يوسف اڳي هن کان معجزن سان پوءِ هميشہ هيئو شڪ ۾ ان کان جو آندائين اوهان وٽ اهو تانجو جڏهن رحلت ڪيائين ته اوهان چيو هرگز نه موڪليندو الله ان کان پوءِ ڪو رسول اهڙي طرح گمراھ ٿو ڪري الله ان کي جيڪو حد کان لنگهندڙ، شڪ ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ يوسف هن کان اڳ اوهان وٽ ظاهر نشانيون کڻي آيو پوءِ هميشه اوهان ان ۾ شڪ ۾ رهيو جنهن کي اوهان وٽ آندو هئائين (ايستائين جو مري ويو) نيٺ جڏهن مئو تڏهن اوهان چيو ته ان کان پوءِ الله ڪنهن به رسول کي نه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله انهن کي گمراهه ڪري ٿو جيڪي حد کان لنگهندڙ شڪ ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ هن کان اڳ توهان وٽ يوسف چِٽيون نشانيون کڻي آيو هيو ۽ توهان هميشه انهن (نشانين) جي باري ۾ شڪ ۾ رهيا جيڪي اهو کڻي آيو. ايستائين جو جڏهن وفات ڪيائين ته توهان چوڻ لڳا ته هاڻي الله ان کان پوءِ ڪوبه رسول نه موڪليندو“. اهڙي طرح الله ان ماڻهو کي گمراهه ڪري ٿو جيڪو حد کان لنگهندڙ شڪي مزاج آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ يُوسف اڳ ۾ آيان، پَڌراين سان پَڪ، پوءِ آندئـِين جيڪِي، اُن هُئا هميشه مَنجھ شَڪ، گوهر جڏهن گذاريو، ته ڀورا! ٻَڌايان بَڪ، ته آگو آخِرتَڪ، تِنهن بَعد، نه مُرسل موڪلي. پَروَر اِنهئ پَر، سَئـِين نه سُهائي اُن کي، جو اَجايو اَبتر سدا شِڪار شَڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35)

اُنھن کي (ڀُلائيندو آھي) جيڪي الله جي نشانين بابت اھڙيءَ حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، (اھو سندن جھڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ مُؤمنن وٽ وڏي غضب جھڙي ڳالھ آھي، اھڙي طرح الله سڀڪنھن وڏائي ڪندڙ ھٺيلي جي دل تي مُھر ھڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ڪندا ٿا رهن تن جي اها روش الله تعاليٰ جي نظر ۾ توڙي مؤمن جي نظر ۾ سخت نفرت جهڙي آهي. اهڙي طرح الله تعاليٰ هرهڪ هٺيلي ۽ سرڪش جي دل تي مهر ڪري ٿو ڇڏي (پوءِ هو ڪجهه به سمجهي نٿو سگهي ۽ انڌو ٿي کڏ ۾ ٿو ڪري).(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي ماڻهو دليل اچڻ کانسواءِ الله تعالى جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، (اهو) الله تعالى وٽ ۽ مؤمنن وٽ وڏو گناه آهي. اهڙيءَ طرح الله تعالى هر تڪبر ڪندڙ ڏاڍي جي دل تي مُهر هڻي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي ماڻهو سواءِ ان جي جو ڪا ثابتي وٽن آيل هجي خدا جي آيتن بابت (اجايو) جهڳڙو ڪندا رهن ٿا سا خدا ۽ مومنن وٽ سخت نفرت جي ڳالھ آهي اهڙي طرح خدا (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي نشاني مقرر ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


اهي جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي آيتن ۾ دليلن کان سواءِ جو آيو انهن وٽ وڏو ٿيو ڪاوڙ جي لحاظ سان الله وٽ ۽ انهن وٽ جن ايمان آندو اهڙي طرح مهر هڻي ٿو الله هر ڪنهن هٺ ڪندڙ، وڏائي ڪندڙ جي دل تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (ڪنهن به) ثابتي کانسواءِ جا وٽن آئي هجي. (اهو جهڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح الله (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي مُهر هڻي ٿو. (مولانا محمد مدني)


جيڪي ماڻهو الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بغير ڪنهن دليل جي جو وٽن آيو هجي. (اهو جهڳڙڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ناراضگي جي ڳالهه آهي. اهڙي طرح الله هر هٺيلي (۽) سرڪش جي دل مٿان ٺَـــپــــو هڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪن تڪرار، سوا سچِي ثابـتِي، جا آئـِي اُنهن پارِ، ۽ وَڏِي ٿِي ڏَمر ۾، وَٽ ڏيهن جي ڏاتار، ۽ پڻ اُنهن وَٽ، جَن آندو اِعتبار، ۽ اِيئن مالِڪ ٿو مُهر هڻي، تِنهنجي قلب تي، ڪلتار، جو خودِي مَنجھ خوار،، پڻ ڪندڙ ڏاڍايون ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36)

۽ فرعون چيو ته اي ھامان مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مانَ (انھن) واٽن سان پھچان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن تي) فرعون (غصي ۾ اچي ٽوڪ مان) حڪم ڏنو ته، اي هامان منهنجي لاءِ هڪ تمام اونچي محلات بناءِ ته مان (مٿي آسمان ڏي چڙهي ضروري) حيلا وسيلا هٿ ڪيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ فرعون چيو اي هامان تون منهنجي لاءِ شاهي منارو تيار ڪراءِ ته شايد آئون رستن کي پهچان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ فرعون چيو اي هامان! مون لاءِ هڪ اهڙو محل بنائي (جنهن تي چڙهي) رستن تي پهچي وڃان.(سيد فرمان علي)


۽ چيو فرعون ته اي هامان! ٺاھ مون لاءِ بلند محل تانته مان پهچان رستن تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ فرعون چيو ته اي هامان! مون لاءِ هڪ محل بناءِ ته جيڪي آسمانن (تي چڙهڻ) جا رستا آهن تن رستن کي مَنَ آءُ پهچان (مولانا محمد مدني)


۽ فرعون چيو ته: ”اي هامان تون منهنجي لاءِ هڪ اوچو محل بناءِ ته جيئن آءٌ (ان تي چڙهي) ان رستن تي پهچان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تڏهن هَڪل ڪئـِي هامان کي، فِرعون بي فرمان، ته جلد جوڙ مون لئي، ڪو مَٿاهون مَڪان، ته پُهچان چَڙهِي چاڙيِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37)

آسمانن جي واٽن کي ته مُوسىٰ جي معبُود جي سڌ لھان ۽ بيشڪ آءٌ کيس ڪوڙو ڀائيندو آھيان، ۽ اھڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان جھليو ويو، ۽ فرعون جو مڪر رُڳو خرابيءَ ۾ ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي حيلا وسيلا هٿ ڪيان جن سان آسمانن تي پهچي سگهان ۽ موسيٰ جي معبود (الله) ڏي چڙهي وڃان، پر مان ته يقيناً هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان (۽ يقين اٿم ته الله آهي ئي ڪونه) اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس برا عمل سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا ۽ هو (حقي) راهه کان روڪجي ويو، ۽ فرعون جا منصوبا ۽ رٿون (ڪامياب ته ڪونه ٿيون پر اٽلندو) کيس بربادي ۽ تباهيءَ ڏي کڻي ويون.(علامه علي خان ابڙو)


(يعنى) آسمانن جا رستا، پوءِ آئون موسيٰ جي خدا کي ڏسان ۽ بيشڪ آئون گمان ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙو آهي ۽ اهڙيءَ طرح فرعون لاءِ سندس بداعمالي سندس نظر ۾ چڱي ڪري ڏيکاري وئي ۽ پاڻ سنئين رستي کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي رٿ نه هئي مگر هلاڪت ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(يعني) آسمان جي رستن تي، پوءِ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسى کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (سڌي) راھ کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو ... ۾ هئي.(سيد فرمان علي)


رستا آسمانن جا پوءِ لياڪو پائي ڏسان مان موسى جي معبود ڏانهن ۽ بلاشڪ مان البته گمان ٿو ڪيان مان ان کي ڪوڙو ۽ اهڙي طرح سينگاريو ويو فرعون جي لاءِ برو عمل ان جو ۽ روڪيو ويو (سڌي) واٽ کان ۽ ناهي فرعون جو مڪر مگر هلاڪت ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ موسيٰ جي معبود کي آءُ نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسيٰ کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ کيس رستي کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو تباهيءَ ۾ هئي. ۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته(مولانا محمد مدني)


جيڪي آسمانن جا رستا آهن، پوءِ آءٌ موسى جي معبود کي نهاري ڏسان، ۽ آءٌ ان کي ڪوڙو سمجهان ٿو.“ ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس برو ڪم وڻندڙ بنائي ڏيکاريو ويو ۽ ان کي (حق جي) راهه کان روڪيو ويو. ۽ فرعون جي سازش ته رڳو (سندس ئي) تباهي ۾ هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي سَنديون آسمان، پوءِ مُوسٰى جي مالِڪ کي، معلوم ڪريان مانَ!، آهِمِ اِي گـمُان، ته اُهو ڪُوڙو آهي قول ۾. ۽ بَدفِعل سَندسِ فِرعون کي، اِنپر پياپَسند، ۽ هدايت ۽ حق جي، روڪيو ڪنان رَند، ۽ فرعون جا فند ناهِن مگر نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38)

۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم منھنجي تابعداري ڪريو ته (آءٌ) اوھان کي سڌي رستي لايان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مصر جي) جنهن ماڻهوءَ ايمان آندو هو تنهن (مصر جي ماڻهن کي وڌيڪ) چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهو! منهنجي نقش قدم تي هلو (يعني مون واري واٽ وٺو) مان توهان کي حق جي سڌي واٽ ڏيکاريندس.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان ماڻهن چيو جنهن ايمان آندو اي منهنجي قوم توهان منهنجي تابعداري ڪريو آئون توهان کي هدايت واري رستي تي هلائيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو شخص (لڪل) ايماندار هو چوڻ لڳو ڀائرو! منهنجو چوڻ مڃو آءُ اوهان کي هدايت جا رستا ڏيکاريندس.(سيد فرمان علي)


۽ چيو ان جنهن ايمان آندو هو ته اي منهنجي قوم وارؤ! منهنجي تابعداري ڪيو ته رهنمائي ڪيان مان اوهان کي هدايت جي واٽ جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجي قوم! منهنجي چوڻ تي هلو آءُ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان. (مولانا محمد مدني)


۽ ان ماڻهو چيو جنهن ايمان آندو هيو: ”اي منهنجي قوم توهان منهنجي پيروي ڪيو ته آءٌ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي تِنهن وَراڻيو، جنهن آندو اِعتبار، ته رَهو عَزِيزو مُهنجا!، تهدِل تابِعدار، ته آن کي چڱِئَ پار، وَهِين لائـِيندِس واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39)

اي منھنجي قوم ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) وٿ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجي قوم جا ماڻهو! دنيا جي هيءَ حياتي فقط وقتي گذارو آهي ۽ يقيناً آخرت ئي دائمي گهر آهي (جتي هميشه لاءِ رهبو).(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجي قوم هي دنيا جي حياتي ته مختصر جيئڻ آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي مستقل رهڻ جو گھر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ڀائرو! هيءَ دنيا جي زندگي ته رڳو (ٻه ٽي ڏينهن) فائدو آهي ۽ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي.(سيد فرمان علي)


اي منهنجي قوم وارا! بلاشڪ هيءَ حياتي دنيا واري ٿورو سامان آهي ۽ بلاشڪ آخرت اهائي قرار جي جاءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي حياتي ٿوري سامان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي رهڻ جو گهر آهي. (مولانا محمد مدني)


اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي زندگي ٿورڙو (نفعي وٺڻ) جو سامان آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي عزيزو مُنهنجا!، سُڻو سَماچار، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، وَٽابو ڪا وار، آهي اڳيان جَھانَ ٻِيو، جائـِي جاءِ قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40)

جنھن بد ڪم ڪيو تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواہ مڙس ھجي خواہ زال ۽ اُھو مؤمن به ھجي ته اُھي بھشت ۾ گھڙندا منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبين.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪو شخص برائي ٿو ڪري تنهن کي انهيءَ ئي برائي جهڙو بدلو ملندو، پر جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري، مرد هجي توڙي زال، ۽ مؤمن هجي ته پوءِ اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا جتي هنن کي بي حساب رزق ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو ماڻهو گناه ڪري ٿو ان کي اُن جيتري سزا ملي ٿي، ۽ جيڪو ماڻهو صالح عمل ڪري ٿو، مرد آهي يا عورت ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهي جنت ۾ داخل ٿيندا (۽ کين) جنت ۾ بنا حساب جي رزق ڏنو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو برو ڪم ڪندو ته ان کي عوض به اهڙو ئي ملندو. ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو مرد هجي يا عورت پر ايماندار هجي ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا اتي کين بي حساب روزي ملندي.(سيد فرمان علي)


جنهن ڪئي برائي پوءِ نه بدلو ڏنو ويندو مگر ان جي مثل ۽ جنهن ڪيو چڱو ڪم مرد يا عورت ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهي داخل ٿيندا بهشت ۾ رزق ڏنا ويندا ان ۾ حساب کان سواءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن کي ان جهڙوئي ئي بدلو ڏنو ويندو، ۽ جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو هجي ته اهي (ماڻهو) جنت ۾ داخل ٿيندا کين ان ۾ بنا حساب روزي ڏني ويندي. (مولانا محمد مدني)


جنهن برائي ڪئي ان کي ان جي برابر ئي بدلو ڏنو ويندو. ۽ جنهن چڱو ڪم ڪيو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو به هجي ته اهي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا اتي انهن کي بي حساب رزق ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جنهن بُڇڙا ڪَم ڪيا، تنهن کي نه مِلي تڪرار، مگر برابر بَدِئ جي، بَرسِر بَدلو بار، ۽ جنهن چَڱٖي چڱا ڪم ڪيا، نَر هُجي يا نار، بيشڪ ٿِيندا بهشت ۾، اُهي داخِل دِل قرار، ڳڻڻ کان ٻَهار، ڏِبن اُنهِئ ۾ ڏاتيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41)

اي منھنجي قوم مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو (آءٌ) اوھان کي ڇوٽڪاري ڏانھن سڏيان ٿو ۽ (اوھين) مون کي باھ ڏانھن سڏيو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي عجب ٿو لڳي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري (۽ ڪاميابيءَ) جي طرف ٿو سڏيان ۽ توهان مون کي باهه (جي عذاب) ڏي ٿا سڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي منهنجي قوم (توهان کي) ڇا ٿيو آهي جو آئون توهان کي نجات ڏانهن سڏيان ٿو ۽ توهان مون کي باه ڏانهن سڏيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باھ ڏي سڏيو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اي منهنجي قوم وارا! ڇا (ٿيو آهي) مون کي سڏيان ٿو اوهان کو ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ سڏيو ٿا اوهان مون کي باھ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿيو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باهه ڏي سڏيو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اي منهنجي قوم! آخر ڳالهه ڇا آهي؟ جو آءٌ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏانهن سڏيان ٿو ۽ اوهان مون کي باهه ڏانهن سڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اي ڪُڙم، قَبِيلا مُنهنجا! مون لئي ڪِهِڙي ڪار؟ ته آئون اوهان کي ڪوٺيان آخِر آزادِئَ پار، ۽ اَوهِين اُٽلو آگ ڏي، ڪوٺيو مِ ٿا ڪُفار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42)

(اوھين) مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ساڻس اھڙي شيء شريڪ ٺھرايان جنھن (جي حقيقت) جي مون کي ڄاڻپ نه آھي، ۽ آءٌ اوھان کي غالب بخشڻھار ڏانھن سڏيان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان مون کي هن ڳالهه ڏي ٿا سڏيو ته مان الله کي نه مڃيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن بابت مون کي علم به ڪونهي، ۽ مان توهان کي انهيءَ (هڪ الله) ڏي ٿو سڏيان جو وڏي قدرت ۽ غلبي وارو آهي، ۽ (توبهه ڪندڙن کي) وري وري بخشيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان مون کي ان لاءِ سڏيو ٿا ته آئون الله تعالى جو انڪاري ٿيان ۽ آئون ان سان شرڪ ڪريان جنهنجو مون کي قطعاً علم ناهي ۽ آئون توهان کي الله تعالى ڏانهن سڏيان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) وڏي معافي ڪندڙ خدا ڏي سڏيان ٿو.(سيد فرمان علي)


سڏيو ٿا مون کي تانته ڪفر ڪيان مان الله سان ۽ شريڪ ڪيان ان سان اهو جو ناهي مون کي ان جو ڪو علم ۽ مان سڏيان ٿو اوهان کي غالب بخشڻهار ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) معاف ڪندڙ ڏي سڏيان ٿو. (مولانا محمد مدني)


توهان مون کي هن لاءِ سڏيو ٿا ته آءٌ الله سان ڪفر ڪيان! ۽ ان سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيان جنهن جو مون کي علم به نه آهي، ۽ آءٌ اوهان کي (الله) غالب بخشڻهار ڏانهن سڏيان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪوٺيومِ ته ڪرين، اَللهَ کان اِنڪار، ۽ ڪريان آئون اُن سان، ڀيڙا ڀائيوار، مُون کي ناهي مُورهِين، جَن جو پتو پار، ۽ آئون ڪوٺيانـوَ برقرار، غالِب ۽ غفار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43)

بلاشڪ اوھين مون کي اُنھيءَ ڏانھن سڏيو ٿا جنھن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق نه آھي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانھن آھي ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙ ئي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته توهان مون کي انهيءَ ڏي سڏيو ٿا جو نڪي دنيا ۾ پڪارڻ جو لائق آهي، نڪي آخرت ۾ ۽ يقيناً اسان کي آخر الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ يقيناً حدن کان ٻاهر ويندڙ ماڻهو ئي دوزخي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


يقيناً توهان مون کي جنهن (بت پرستي) ڏانهن سڏيو ٿا ان ڏانهن سڏڻ دنيا ۽ آخرت ۾ قطعاً مناسب ناهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله تعالى ڏانهن آهي ۽ بيشڪ مشرڪ ئي جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا سو نه ته دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جي لائق آهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ خدا ڏي آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اوهان جنهن ڏانهن سڏيو ٿا مون کي ناهي ان جي لاءِ سڏڻ (جو حق) دنيا ۾ ۽ نه آخرت ۾ ۽ بلاشڪ موٽڻ اسان جو الله ڏانهن آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ اهي ئي جهنمي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا تنهن کي نه دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جو حق آهي. ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏي آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. (مولانا محمد مدني)


حقيقت اها آهي ته توهان جنهن ڏانهن مون کي سڏيو ٿا اهو نه ته دنيا ۾ سڏڻ جي قابل آهي ۽ نه آخرت ۾ ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانهن آهي، ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهين مون کي اُن ڏي، ڪوٺيو ٿا ڪُفار! هِن ۽ هُن جھان ۾، ڪوٺڻ نه جنهن جو ڪار، ۽ اسان مِڙن کي موٽڻو، آهي پَروَر پارِ، ۽ آهِن ڀاتِي باھ جا، بيقاعدا بدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44)

پوءِ جيڪي اوھان کي چوان ٿو سو سگھو ياد ڪندؤ، ۽ (آءٌ) پنھنجو ڪم الله کي سونپيان ٿو، ڇو ته الله ٻانھن (جي حال) کي ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (توهان هاڻي ته منهنجي ڳالهه نٿا مڃيو پر جڏهن عذاب توهان جي مٿان اچي ويندو تڏهن) توهان منهنجي ڳالهه ياد ڪندو، جيڪا مان هاڻي توهان کي چئي رهيو آهيان، پر پوءِ پشيماني ڪم نه ايندي. توهان ڀلي منهنجي خلاف منصوبا رٿيو) مان ته پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ٿو ڪيان. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي ڏسي رهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان جلد ياد ڪندا آئون توهان کي ڇا چوان، ۽ آئون پنهنجا سڀئي ڪم الله تعالى جي حوالي ڪريان ٿو، بيشڪ الله تعالى (پنهنجي) ٻانهن کي خوب ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جا ڳالھ آءُ اوهان کي چوان ٿو جلد ئي تنهن کي ياد ڪندو! ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم خدا جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ خدا بندن (جي حال) کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جلد ياد ڪندؤ اهو جو چوان ٿو اوهان کي ۽ سونپيان ٿو مان امر پنهنجو الله ڏانهن بيشڪ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي اوهان کي چوان ٿو تنهن کي ياد ڪندو ۽ آءُ پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو. بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان جلد ياد ڪندؤ جيڪي (ڳالهيون) آءٌ اوهان کي چوان ٿو. ۽ آءٌ پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪيان ٿو. بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اکر اوهان کي ٿو چوان، جي چڱائئَ جا چار، تڪڙو پوءِ تڪرار، سڀ سارِيندا اِن ڳالھ کي. ۽ پَنهنجو ڪم ڪَرِيم کي ، آئون سونپيان ٿو سارو، ٻانَهن ٻِپارو، ڏسندڙ آهي، ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45)

پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب گھيريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو جيڪي به برائيون هنن رٿيون تن کان الله تعاليٰ کيس بچائي ورتو، ۽ اٽلندو فرعون جي ماڻهن تي اچي خراب مصيبتون ڪڙڪيون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ الله تعالى ان (مؤمن) کي انهن جي فريبن کان بچايو ۽ فرعون وارن تي خراب عذاب (اچي) پهتو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته خدا کين انهن جي مڪرن جي بڇڙاين کان بچايو ۽ فرعوني ماڻهن تي بڇڙو عذاب (هر طرف کان) اچي ڪڙڪيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ بچايو ان کي الله انهن براين کان جيڪي رٿيائون ۽ گهيري ۾ رکيو فرعونين کي سخت عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي رٿون رٿيائون تن جي بڇڙاين کان الله ان کي بچايو ۽ فرعون جي ماڻهن تي بڇڙو عذاب اچي ڪڙڪيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ الله ان کي بچايو انهن جي برين سازشن کان جيڪي انهن ڪيون ۽ فرعون جي پيروڪارن کي بڇڙي عذاب گهيري ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جيڪِي رِٿون رِٿيئون، تن کان اَمن ڏِنسِ اَللهُ، ۽ فِرعون تان فوج سان، اُٿلِي پِيو اوڙاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46)

جا باھ آھي جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو صبح شام (مصيبتن جي) باهه جي آڏو آندا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت جي گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن (حڪم ڪيو ويندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت ۾ سخت عذاب ۾ وجهو.(علامه علي خان ابڙو)


جهنم جي باه، جنهن تي اهي صبح ۽ شام پيش ڪيا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت ٿيندي (الله فرمائيندو) توهان فرعون وارن کي شديد عذاب ۾ داخل ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ هاڻي ته قبر ۾ دوزخ جي) باھ آهي جو اهي ماڻهو (هر) صبح ۽ شام ان جي سامهون آڻي بيهاريا وڃن ٿا. پڻ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (ته حڪم ٿيندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت کان سخت عذاب ۾ اڇلايو.(سيد فرمان علي)


باھ جو پيش ڪيا ويندا ان تي صبح ۽ شام ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت داخل ڪيو فرعونين کي سخت عذاب ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اها) باهه آهي جنهن جي سامهون صبح ۽ شام کين آندو وڃي ٿو، ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (اسين حڪم ڪنداسون ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت عذاب ۾ داخل ڪريو. (مولانا محمد مدني)


باهه آهي جنهن جي سامهون اُهي صبح شام پيش ڪيا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي (ته حڪم ڪنداسين ته) فرعون جي پيروڪارن کي سخت عذاب ۾ داخل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


صُبح، سانجِھي آڻِجن بَرسِر مٿي باھ، ۽ قِيامت قائـِم ٿِئي، جڏهن مٿي سِر صُباح، مَنجھ اَڙانگي آڙاھ، فورًا گِھڙو سڀ فِرعونيو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47)

۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھواسون تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصّو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نه) ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڇا ٿيندو جو) باهه ۾ هو هڪٻئي سان جهڳڙا ڪندا. جيڪي ماڻهو (هن دنيا ۾) ضعيف ۽ هيڻا هئا سي پنهنجي هٺيلن وڏيرن کي چوندا ته اسان يقيناً توهان جي پوئتان لڳاسين ۽ توهان جي تابعداري ڪئي سين، ڇا هاڻي توهان باهه جي عذاب جو ڪجهه حصو اسان کان وٺي پنهنجي سر تي وسائيندؤ؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اهي جهنم ۾ هڪ ٻِئي سان جھڳڙو ڪندا پوءِ تڪبر ڪندڙن کي ضعيف چوندا بيشڪ اسين توهان جا (دنيا ۾) تابعدار هئاسين، ڇا پوءِ توهان اسان تان باه جو ڪجھه حصو گھٽ ڪري سگھو ٿا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي جڏهن دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته گهٽ حيثيت وارا وڏن ماڻهن کي چوندا ته اسين اوهان جا تابعدار هئاسون. ڇا پوءِ اوهين اسان کان (دوزخ جي) باھ جو ڪجھ حصو ٽاري سگهو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جڏهن هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندا باھ ۾ پوءِ چوندا ڪمزور انهن کي جن تڪبر ڪيو ته بلاشڪ اسين هئاسين اوهان جا پوئلڳ پوءِ ڇا اوهان ٽاريندڙ آهيو اسان کان ڪو حصو باھ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن باهه ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا پوءِ ضعيف هٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوهان جا تابعدار هئاسون ڇا پوءِ اوهين اسان کان باهه جو ڪجهه حصو ٽارڻ وارا آهيو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اهي جهنم ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته ڪمزور ماڻهو هٺيلن کي چوندا: ”اسان توهان جا پيروڪار هئاسين ڇا پوءِ توهان اسان تان باهه جو ڪجهه حصو ٽاري سگھو ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن جَھَنَّم وِچ ۾، ٻَڌن ٻائيتال، ته هِيڻا هَٺِيلن کي، چوندا اِهڙِئَ چال، ته اَسِين تابِع اَنهنجا، هوا سون هَر حال، پوءِ اَڄ اَسان تان، آگ مان ڀاڱو ڪو بحال، مَٿي تي مَتوال! اوڍڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48)

ھٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين (پاڻ) سڀ منجھس (پيل) آھيون بيشڪ الله ٻانھن جي وچ ۾ نبيرو ڪري چڪو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن وڏيرن دنيا ۾ هٺ وڏائي ڪئي هئي سي جواب ۾ چوندا ته (جهڙا توهان گنهگار هئو تهڙا اسان به گنهگار هئاسين) يقيناً اسان سڀ ان باهه ۾ آهيون. (جيڪڏهن توهان گنهگار نه هجو ها ته ڇو باهه ۾ پئو ها) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ (حق جو) فيصلو ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


تڪبر ڪندڙ چوندا بيشڪ اسين سمورا انهي باه ۾ آهيون، بيشڪ الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته وڏا ماڻهو چوندن (هاڻي ته) اسين (۽ اوهين) سڀئي باھ ۾ (پيا) آهيون. خدا کي ته بندن جي باري ۾ (جيڪي) فيصلو (ڪرڻو هو) سو ڪري ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


چوندا اهي جن تڪبر ڪيو بلاشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون بيشڪ الله تحقيق فيصلو ڪيو ٻانهن ۾.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون. بيشڪ الله ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


تڪبر ڪرڻ وارا چوندا: ”اسان سڀ ان (دوزخ) ۾ پيا آهيون، بيشڪ الله ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن پَڏايو پاڻ کي، تَن چيو سُڻِي سُوال، ته آهيو پاڻ آگ ۾، هيڪاندا هر حال، بَندن وِچ بَحال، سائـِينءَ نِياءُ نِبـيريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49)

۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي چوندا ته اوھين پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪريو ته اسان کان ھڪڙو ڏينھن ڪجھ عذاب ھلڪو ڪري.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ دوزخي ماڻهو جهنم جي داروغن کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کي پڪاريو ته هڪڙي ڏينهن لاءِ اسان جو عذاب هلڪو ڪري.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جهنم ۾ جيڪي ماڻهو هوندا اهي جهنم جي داروغن (عملدارن) کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کان دعا گھرو ته (اهو) اسان تان فقط هڪ ڏينهن عذاب هلڪو ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي درخواست ڪندا ته پنهنجي پالڻهار کي عرض ڪريو ته هڪ ڏينهن اسان وٽان عذاب هلڪو ڪري.(سيد فرمان علي)


چوندا اهي جيڪي جهنم ۾ هوندا دوزخ جي داروغن کي ته سڏيو پنهنجي رب کي ته هلڪو ڪري اسان تان هڪ ڏينهن عذاب مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ دوزخي دوزخ جي چوڪيدارن کي چوندا ته اوهين پنهنجي پاليندڙ کي عرض ڪريو ته ڪنهن ڏينهن اسان تان عذاب هلڪو ڪري. (مولانا محمد مدني)


۽ باهه ۾ پيل ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا: ”توهان پنهنجي پالڻهار کان دعا گهرو ته ڪنهن ڏينهن ته اسان کان عذاب هلڪو ڪري“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ دَربانن کي دوزخ جي، ڪيون وينتيون تِنهن وار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ٻاڏايو ٻِيهار، ته هَلڪو ڪري هيڪار، ڏُک اَسان تان، ڏِينهن ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50)

(داروغا) چوندا ته اوھان جا پيغمبر (پڌرن) معجزن سان اوھان وٽ نه ايندا ھوا ڇا؟ چوندا ته ھائو (ايندا ھوا)، (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوھين) پاڻ پڪاريو، ۽ ڪافرن جو پڪارڻ رڳو گمراھي ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (داروغا) جواب ڏيندا ته، ڇا توهان ڏي توهان جا رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان ڪين آيا هئا؟ هو چوندا ته، هائو، (بيشڪ آيا هئا پر اسان انڌ ۾ اچي کين نه مڃيو تنهن تي داروغا وري کين) چوندا ته، پوءِ (اسان ڇو خدا کي اوهان جي لاءِ پڪاريون) توهان پاڻ خدا کي پڪاريو پر (يقين رکو ته ورندو ڪجهه به ڪين) ڪافرن جي پڪار ۽ دعا بلڪل اجائي ٿيندي ۽ رائگان ويندي.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چوندا ڇا توهان وٽ (دنيا ۾) پيغمبر واضح احڪامات کڻي نه آيا هئا؟ جهنمي چوندا، ها!. اهي چوندا پوءِ توهان (پاڻ) دعا گھرو، ۽ ڪافرن جون دعائون ته بيڪار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي جواب ڏيندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر صاف ۽ کليل معجزا کڻي نه آيا هئا؟ اهي چوندا ته هاءُ (آيا ته هئا) تڏهن فرشتا چوندن ته پوءِ اوهين پاڻ (ڇو نه ٿا) دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا ته بيڪار ئي آهي.(سيد فرمان علي)


چوندن ته ڇا نه ايندا هئا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر چٽن دليلن سان؟ چوندا ته هائو چوندن ته پوءِ عرض ڪيو ۽ ناهي عرض ڪرڻ ڪافرن جو مگر گمراهي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي چوندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا رسول ظاهر نشانيون کڻي نه ايندا هئا؟ دوزخي چوندا ته هائو. (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوهين پاڻ) پڪاريو ۽ ڪافرن جو پڪارڻ ته بيڪار ئي آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهي چوندا ته: ”ڇا توهان وٽ توهان جا رسول چِٽا دليل کڻي ڪونه آيا هئا“؟ چوندا: ”هائو“. (پوءِ داروغا چوندا) ”توهان پاڻ ئي دعا گهرو“، ۽ (حقيقت ۾) ڪافرن جي دعا رائگان ئي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آيان ڇا، نه اَوهان جا، نَبِي نامدار؟ کڻِي خُداپاڪ کان، نِشانيون نِروار، آنہ، چيائون اُنهن کي، وَراڻيون تِنهن وار، پوءِ وَڻي تِئين وينتيون، ڪريو کي ڪَلتار، ۽ ڪِير تون ڪُفار، ناهِن، مگر نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51)

بيشڪ اسين پنھنجن پيغمبرن جي ۽ مؤمنن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنھن ڏينھن شاھد کڙا ٿيندا (تنھن ڏينھن به مدد ڪنداسون).(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً يقيناً اسان پنهنجي رسول کي ۽ انهن کي جيڪي ايمان ٿا آڻين هن ئي دنيا جي زندگي ۾ مدد ڪندا آهيون، ۽ (خاص طرح) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن شاهد اٿي کڙا ٿيندا. (يعني قيامت جي ڏينهن).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان يقيناً پنهنجي رسولن ۽ مؤمنن جي مدد ڪنداسين دنيا جي حياتي ۾ ۽ جنهن ڏينهن شاهدن کان شاهدي ورتي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتي ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنهن ڏينهن شاهد (پيغمبر فرشتا شاهديءَ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به)(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسين البته مدد ڪيون ٿا پنهنجن رسولن جي ۽ انهن جي جن ايمان آندو دنياوي حياتيءَ ۾ ۽ جنهن ڏينهن بيهندا شاهد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ مدد ڪريون ٿا ۽ جنهن ڏينهن شاهد (شاهدي ڏيڻ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به مدد ڪنداسون) (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان پنهنجي رسولن جي مدد ڪيون ٿا ۽ ايمان وارن جي به دنيا واري زندگي ۾ ۽ جنهن ڏينهن شاهد بيهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَنهنجي پيغمبرن کي، اَسِين ڏِيون آڌار، هِن ۽ هُن جھان ۾، پڻ جَن آندو اعتبار، پڻ بِيهندا بَرقرار، جنهن ڏينهن شاهِد سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52)

جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نه ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن (الله تعاليٰ مؤمنن جي مدد ڪندو ۽ وڏيون نعمتون بخشيندو جنهن ڏينهن) ظالمن کي سندن عذاب ۽ بهانا ڪوبه فائدو ڪونه ڏيندا، انهن تي لعنت وسندي (يعني خدا جي فضل کان محروم رهندا) ۽ انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ مصيبتن واري هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


ان ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو نفعو نه ڏيندي ۽ اهي رحمت کان پري آهن ۽ انهن لاءِ جهنم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو به فائدو نه ڏيندي ۽ انهن تي لعنت (وسندي) هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (دوزخ) آهي.(سيد فرمان علي)


جنهن ڏينهن نه نفعو ڏيندو ظالمن کي انهن جو عذر پيش ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ لعنت آهي ۽ انهن جي لاءِ برو گهر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو فائدو نه ڏيندو ۽ انهن لاءِ لعنت هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر هوندو. (مولانا محمد مدني)


ان ڏينهن ظالمن کي انهن جي عذر خواهيفائدو نه ڏيندي ۽ انهن جي لاءِ لعنت هوندي ۽ انهن لاءِ (جهنم جو) برو گهر هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سندن ميڙيون، منتيون، زاريون زارو زار، ۽ حيف تنين هار!، ۽ تن لئي، گھر به گھڻو بڇڙو! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53)

۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ھدايت ڏني سون ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي هدايت (جو ڪتاب) ڏنو ۽ بني اسرائيلن کي اهو ڪتاب ورثي ۾ ڏنوسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان موسيٰ کي هدايت عطا ڪئي ۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ئي موسى کي هدايت (جو ڪتاب توريت) عطا ڪيو ۽ بني اسرائيلن (کي ان) ڪتاب جو وارث ڪيو،(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڏني اسان موسى کي هدايت ۽ وارث ڪيوسون بني اسرائيل کي ڪتاب جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي هدايت ڏني ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون، (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان موسى کي رهنمائي عطا ڪئي ۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏنِي سون مُوسىٰ مِير کي، هِدايت هر باب، ۽ اسرائـِيل جي اولاد کي، ڏِنوسون بِه، ڪِتاب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54)

جو ڌيان وارن جي سمجھائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (ڪتاب) سمجهه وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ اعليٰ نصيحت آهي. (پر اڄوڪا يهودي ان ڪتاب تي به عمل نٿا ڪن، نڪي قرآن مجيد تي ايمان ٿا آڻين).(علامه علي خان ابڙو)


(ان ۾) عقلمندن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(سيد فرمان علي)


هدايت ۽ نصيحت ٿي عقل وارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني)


جيڪو دانائن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سُونهون بَرصواب، ۽ سبق سَٻوجھن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55)

پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو وعدو سچّو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! ڪافر وغيره تنهنجي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن) پر تون ثابت قدم رهه. يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ جو واعدو سچو آهي (ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ منڪر خوار خراب ٿيندا) ۽ تون پنهنجي (بشري) ڪمزورين کان الله جي پناهه وٺ (ته اهي دفع ٿي وڃن) ۽ صبح شام (هر وقت) پنهنجي پروردگار جي پاڪائي ۽ صفتون بيان ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ توهان پنهنجي امت جي گناهن جي بخشش طلب ڪريو ۽ توهان صبح ۽ شام پنهنجي رب جي تسبيح حمد سان پڙهو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) تون انهن جي شرارت تي) صبر ڪر! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي (امت جي) گناهن جي معافي گهر پڻ صبح ۽ شام پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ڪندو رھ.(سيد فرمان علي)


پوءِ صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو حق آهي ۽ مغفرت گهر پنهنجي (امت جي ) گناھ لاءِ ۽ تبسيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان شام جو ۽ صبح جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي گناهه جي معافي گهر ۽ صبح ۽ شام جو پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪر! (مولانا محمد مدني)


پوءِ (اي نبي) تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، ۽ تون پنهنجي (امت جي) ڪوتاهين جي معافي طلب ڪر ۽ شام ۽ صبح پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ (ان جي) پاڪائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَھ، ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرقرار، پڻ پڇتائي پانهنجا، بَخشائـِج، تون بار، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ جي ساراھ کي، ڌارِيَن گڏڻ ڌار، ڳائـج نِج نِبار، سَدا صُبح ۽ شام ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56)

بيشڪ جيڪي الله جي آيتن بابت (اُنھيءَ) حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن تن جي سينن ۾ وڏائي (جي ارادي) کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي جنھن کي اُھي پُھچڻ وارا نه آھن، پوءِ الله جي پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي، جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ٿا ڪن (۽ نٿا مڃن) تن کي سندن دلين ۾ وڏائي (۽ وڏو درجو حاصل ڪرڻ جو حرص ويٺل) آهي. جو هو ڪڏهن به حاصل نه ڪندا. يقيناً هو (يعني الله تعاليٰ) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ بنا ڪنهن دليل اچڻ جي جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي سينن ۾ تڪبر آهي جنهنکي اهي پهچي نه سگھندا، پوءِ توهان الله تعالى کان پناه گھرو، بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ماڻهن وٽ (خدا جي طرف کان) ڪا ثابتي ته آئي ڪانهي ۽ (وري) اهي خدا جي آيتن ۾ بيجا جهڳڙو ڪن ٿا. تن جي دلين ۾ رڳو وڏائي (جي بيجا هوس) آهي جنهن کي اهي پهچي نه سگهندا. ته تون بس خدا جي پناھ گهرندو رھ! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اهي شخص جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن (جي باري) ۾ دليل کان سواءِ جو آيو انهن وٽ ناهي انهن جي سينن ۾ مگر وڏائي جو ناهن اهي پهچندڙ ان جا پوءِ پناھ وٺ الله سان بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي الله جي آيتن ۾ ڪنهن به ثابتيءَ کان سواءِ جا وٽن آئي هجي جهڳڙو ڪن ٿا، تن جي سينن ۾ رڳو وڏائي آهي جنهن کي اهي پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون الله جي پناهه گُهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بغير ڪنهن دليل جي جو وٽن آيو هجي انهن جي سينن ۾ غرور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي جنهن کي اُهي پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون (سندن شر کان) الله جي پناهه گهر. بيشڪ اُهو ئي ٻڌڻ ڏسڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيتن ۾ اَلله جي، جي تڙيل ٻَڌن تڪرار، سوا سَچِي ثابتِي، جا آئـِي اُنهن پار، سِينن سَندنِ ۾ ناھِ ڪِي، خالِي خُوئَ ڌار، جنهن کي پاڻ نه پُهچڻا؛ پوءِ جَھل اَلله جِي آڌار، سُڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙسار ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57)

بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ماڻھن جي بڻاوت کان تمام وڏي آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي. پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(علامه علي خان ابڙو)


آسمانن ۽ زمينن جي تخليق يقيناً ماڻهن جي تخليق کان تمام وڏي آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پر گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


البته پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جو وڏو آهي ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پرگهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


آسمانن ۽ زمينن جي پيدائش يقيناً انسانن جي پيدائش کان وڏي (ڳالهه) آهي پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي هيڏا اُڀ ۽ ڀُون، بَنائـِڻ بَحال، بَنائـِڻ کان ماڻهن جي، آهِن ڳَرِي ڳالھ، پَر گَھڻا خام خيال، ماڻهو نه سَمجھن مُورِهين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58)

۽ انڌو ۽ سڄو (پاڻ ۾) برابر نه آھي، ۽ (نڪي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (سي) نڪي مدائي ڪرڻ وارو (برابر آھن)، اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) انڌو ۽ ڏسندڙ هرگز هڪ جهڙا ناهن، نڪي ايمان آڻيندڙ ۽ صالح عمل ڪندڙ انهن جهڙا آهن، جيڪي بدڪار آهن. (افسوس جو) اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا (۽ نصيحت نٿا وٺو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ نٿا برابر ٿين انڌا ۽ ڏسندڙ، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا (اهي) ۽ گنهگار (پاڻ ۾) برابر نٿا ٿين، ٿوررا ماڻهو اُهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انڌو ۽ سڄو (ٻئي) برابر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نڪي مومنن جي چڱا ڪم ڪيا ۽ بدڪار (ئي) برابر ٿي سگهن ٿا. ڳالھ هيءَ آهي ته اوهين ماڻهو بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ نٿا برابر ٿين انڌو ۽ ڏسندڙ ۽ (نه) اهي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ نه برائي ڪندڙ ٿوري نصيحت وٺو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه ٿا ٿين ۽ نه ڪي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ۽ برائي ڪرڻ وارا (برابر آهن پر) اوهين بالڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ انڌو ۽ سڄو برابر ٿي نه ٿا سگهن ۽ (اهڙي طرح) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون (اهي) ۽ بدڪار به (برابر) نه آهن. توهان تمام گهٽ نصيحت قبول ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَنڌو نَه سَڄي مَٽ ٿئي، پڻ آندو جِنهن ايمان، ۽ ڪيائين ڪم چڱا، پڻ بَدعمل اِنسان، نصِحيت مان نادان!، ٿورا ٿا پرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59)

بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نه رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اها گهڙي (هن ئي دنيا ۾ مؤمنن جي ڪاميابي جي، يا قيامت جي گهڙي) ضرور اچڻي آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ قيامت يقيناً ايندڙ آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ قيامت ضرور اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان نٿا رکن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ قيامت البته اچڻ واري آهي ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃين. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ (قيامت جي) گھڙي ضرور اچڻ واري آهي جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، پَر آڻِين نَه اِيمان، ماڻهو گھڻا، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60)

۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن سي خوار ٿي دوزخ ۾ سگھوئي گھڙندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان جو رب فرمائي ٿو ته توهان مون کا دعا گھرو آئون توهان جون دعائون قبول ڪندس بيشڪ جيڪي ماڻهو منهنجي عبادت کان تڪبر ڪن ٿا (اهي) فوراً خوار ٿي جهنم رسيد ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان جو پروردگار ارشاد فرمائي ٿو ته اوهين مون کان دعائون گهرو آءُ اوهان جي (دعا) قبول ڪندس . جي ماڻهو منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي يقينا دوزخ ۾ داخل ٿيندا.(سيد فرمان علي)


۽ فرمايو اوهان جي رب مون کان دعا گهرو ته قبول ڪيان اوهان جي (دعا) بيشڪ اهي ٻانها جيڪي وڏائي ڪن ٿا منهنجي عبادت کان جلد داخل ٿيندا جهنم ۾ ذليل ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي ماڻهو !) اوهان جو پاليندڙ فرمائي ٿو ته مون کان دعا گُهرو ته آءُ اوهان جي دُعا قبول ڪريان. بيشڪ جيڪي منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي جهنم ۾ گهڙندا. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان جي پالڻهار فرمايو ته: ”توهان مون کان دعا گهرو ته آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪيان. بيشڪ جيڪي ماڻهو منهنجي عبادت (يعني دعا)کان وڏائي ڪن ٿا سي جلد ذليل بنجي جهنم ۾ داخل ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تُنهنجي پَروَر، پاڻ چيو، ته مون کي سَڏيو مُور، ته ضَرُور تون ضَرُور، ڪريان پُوريون ڪَرم سان. مُون کان مُرادون گھرڻ ۾، جي غافل ڪَن غُور، ته ذِلت ساڻ ضرور، داخِل دوزخ ٿِينِ، سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61)

الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي انهيءَ لاءِ ته توهان ان ۾ (ننڊ ڪري) آرام حاصل ڪيو ۽ ڏينهن ڏسڻ لاءِ (۽ ڪمن ڪارين ڪرڻ لاءِ) بنايائين. بيشڪ الله تعاليٰ انسانن لاءِ وڏي فضل وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو سندس نعمتن جو قدر نٿا ڪن (۽ اهي نعمتون ضايع ڪري پنهنجو نقصان ٿا ڪن).(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ رات کي پيدا فرمايو ان لاءِ ته توهان ان ۾ آرام ڪريو ۽ ڏينهن کي (ذريعه معاش لاءِ) روشن بنايو، بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن تي فضل ڪندڙ آهي، پر گھڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي روشن (بنايائين ته جيئن ڪم ڪار ڪريو) بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل ۽ ڪرم ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو سندس شڪر نٿا ڪن.(سيد فرمان علي)


الله اهو آهي جنهن ٺاهي اوهان جي لاءِ رات تانته آرام ڪيو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بيشڪ الله البته فضل ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا شڪر ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي اهڙو جوان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني)


الله اُهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي ته توهان ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن کي (ڏسڻ لاءِ) روشن بنايائين. بيشڪ الله ماڻهن مٿان احسان ڪرڻ وارو آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر ادا نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله جلّ جلالہٗ، آهي سو اِظهار، جنهن جوڙيو آن لئي، رات کي، ته ڪريو مَنجهسِ قرار، ۽ ڏيکارِيندڙ ڏيہ ۾، ڏِينهن ڪيو ڏاتار، آهي آدمِيَن تي، ڪَرم ڪندڙ ڪَلتار، پَر آدمِي اپار، ڀال نه ڳائـِن ڀورڙا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62)

اھو الله اوھان جو پالڻھار ھر شيء کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙو آهي الله، اوهان جو پروردگار جو هر چيز جو خلقندڙ آهي. هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪجي) پوءِ توهان ڪيئن ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


اُهو ئي آهي الله تعالى جيڪو توهان جو رب آهي جيڪو هر شيءِ جو خالق آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان (عبادت لاءِ) ڪيڏانهن ڦِرو ٿا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي خدا توهان جو پالڻهار آهي جيڪو هر شيءِ جو خالق آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃو ٿا.(سيد فرمان علي)


اهو الله اوهان جو رب آهي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ناهي ڪوبه معبود ان کان سواءِ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي ماڻهو !) اهو الله اوهان جو پاليندڙ سڀ ڪنهن شئي جو پيدا ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي پوءِ ڪيئن اُبتا وڃو ٿا. (مولانا محمد مدني)


اهو الله توهان جو پاليندڙ آهي جيڪو هر شيءِ جو خلقڻهار آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آهي، پوءِ اوهان ڪاڏي ڀٽڪايا وڃو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو اَلله ڌَڻِي اَوهان جو، سڀ جوڙون جوڙڻهار، قائـِم ناهي ڪِٿهِين، ڌاران تِنهن دَرٻار، پوءِ ڪُوڙا! ڪهڙي پار، ڦيريا وَڃو فريب سان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63)

اھڙي طرح اُھي (سئين واٽ کان) ڀُلائبا آھن جن الله جي آيتن جو انڪار ٿي ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙيءَ طرح اُهي ماڻهو ڀٽڪي گمراهه ٿي وڃن ٿا جيڪي الله تعاليٰ جي آيتن (۽ حڪمن مڃڻ) کان انڪار ڪندا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهڙي طرح اُهي ماڻهو ڦِرن ٿا، جيڪي الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي ماڻهو خدا جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا سي اهڙي طرح ڀٽڪندا رهيا.(سيد فرمان علي)


اهڙي طرح اونڌا ڪيرايا وڃن ٿا اهي جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهڙي طرح (سڌي رستي کان) اهي ڦيرايا وڃن ٿا جيڪي الله جي آيتن جو انڪار پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


اهڙي طرح اهي ماڻهو ڀٽڪايا ويا جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اڳ پڻ هُئا اِيئن ڦيربا، ڏيئـِي ڌَمن مَٿي ڌَم، سَندا قادِر ڪم، جي هُئا مَڃِيندا نه مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64)

الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله اهو آهي جنهن زمين کي آرامگاهه بنايو ۽ آسمان کي ڇت جي مثل بنايو، ۽ اوهان کي شڪل ڏني، ۽ اوهان جون شڪليون سهڻيو ڪيائين ۽ اوهان کي چڱين شين جو رزق ڏنائين، اهڙو آهي الله اوهان جو پروردگار، سو ڪهڙو نه برڪت وارو آهي الله جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اُهو آهي جنهن توهان لاءِ زمين کي قرار جي جاءِ بنايو ۽ آسمان کي ڇِت بنايو ۽ توهان جي صورت بنائي پوءِ توهان جي تمام سهڻي صورت بنائي ۽ توهان کي پاڪ شين مان رزق ڏنو. اِهو الله تعالى آهي جيڪو توهان جو رب آهي، پوءِ بابرڪت آهي الله جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ اوهان جون شڪليون بنايائين ته شڪليون به تمام چڱيون بنايائين ۽ اوهان کي صاف سٺيون شيءَون کائڻ لاءِ ڏنائين. اهو خدا توهان جو پالڻهار آهي. ۽ خدا نهايت ئي متبرڪ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


الله اهو جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ۽ صورت ڏنائين اوهان کي پوءِ سهڻو بنايائين اوهان جي صورتن کي ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شين مان اهو الله اوهان جو رب آهي پوءِ برڪت وارو آهي الله پالڻهار جهانن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽اوهان جون شڪليون بنايائين پوءِ اوهان جون شڪليون به تمام چٽيون بنايائين ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي. پوءِ الله جهانن جون پاليندڙ وڏيءَ برڪت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


الله ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي قرار جي جاءِ بنايو ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ توهان جون صورتون بنايائين پوءِ توهان جون صورتون زور سهڻيون بنايائين ۽ توهان کي پاڪيزه شين مان روزي ڏنائين. اُهو ئي الله توهان جو پروردگار آهي، پوءِ الله وڏي برڪت وارو آهي جيڪو سڀ جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله جَلَّ جَلالہٗ، آهي سو اِظهار، اَنهنجي ڀَلي لئي ڀُؤنءَ کي، ڪيائـِين جاءِ قَرار، پڻ ڇِت ڪيائين اُڀ کي، ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ سوچي اَنهنجون صُورتون، جوڙيون جوڙڻهار، سُونهن اوهان جي صُورتِين ڏِني پوءِ ڏاتار، ۽ رازِق روزگار، ڏِنان مال حَلال مان، اُهوئـِي اَللهَ، آگو آھِ اَوهان جو، واڌُو ٿِيو وَھ وَاھ، پالڻهار، پِر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65)

اُھو (سدائين) جيئرو آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي آهي جو سچ پچ زنده آهي (۽ هر وقت ۽ هميشه زنده آهي) ان کان سواءِ ڪوبه عبادت (۽ فرمانبرداري جي) لائق ڪونهي، پوءِ توهان فقط کيس پڪاريو ۽ اخلاص ۽ فرمابرداريءَ سان پڪاريو (۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو جهانن جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو زندهه آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان خلوص سان ان کي پڪاريو ان جي عبادت ڪريو، سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي (سدائين) زندھ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو جهانن جو پالڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


اهي زندھه آهي ناهي ڪو معبود ان کان سواءِ پوءِ ان جي عبادت ڪيو سچو ڪندڙ ان جي لاءِ دين کي سڀ ساراھ الله جهانن جي رب لاءِ ثابت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهوئي جيئرو آهي ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اهو هميشه زنده آهي ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي، پوءِ توهان ان جي عبادت ڪيو پنهنجي دين کي خالص ان لاءِ بنائيندي. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سو سَدائين جيئرو، ڌڻِي نه اِنهيان ڌار، پوءِ سَڏيوسِ، شيوا اُن جِي ڪندڙ نِج نِبار، ساراھ رَبَّ، ستار، جو پالڻهار، پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي (اوھين) سڏيندا آھيو تن جي پوڄڻ کان جڏھن منھنجي پالڻھار وٽان مون وٽ (صاف) نشانيون آيون (تڏھن اُنھيءَ وقت) بيشڪ آءٌ جھليو ويو آھيان ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جو فرمانبردار ھجان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون) چئو ته، مون کي منع ڪئي ويئي آهي، انهيءَ کان ته مان انهن جي ٻانهپ ڪيان جن کي توهان خدا جي بجاءِ پڪاريندا آهيو. جڏهن ته مون ڏي منهنجي پروردگار وٽان روشن نشانيون ۽ دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پروردگار جي پوري پوري فرمانبرداري ڪيان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي الله تعالى کانسواءِ بتن جي عبادت کان منع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مون وٽ منهنجي رب جي طرفان واضح دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آئون فقط رب العالمين جي عبادت ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته جڏهن مون وٽ منهنجي پروردگار جي بارگاھ مان ظاهر معجزا آيا ته مون کي هن ڳالھ جي منع ڪئي ويئي آهي ته خدا کي ڇڏي جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ انهن جي پوڄا ڪريان پڻ مون کي ته اهو حڪم ملي چڪو آهي ته آءُ سڀني جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ مان روڪيو ويو آهيان هن کان ته عبادت ڪيان انهن جي جن جي اوهان عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ جڏهن موٽ وٽ روشن دليل آيا منهنجي رب وٽان ۽ امر ڪيو ويو آهيان مان ته ڪنڌ جهڪايان مان جهانن جي ربَّ جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) کين چؤ ته الله کان سواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي پوڄڻ کان (ان وقت) مون کي روڪيو ويو آهي جنهن وقت منهنجي پاليندڙ جي طرفان مون وٽ ظاهر نشانيون آيون. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جو فرمانبردار ٿيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ مون کي روڪيو ويو آهي جو آءٌ انهن جي پوڄا ڪيان جن بتن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا، جڏهن ته مون وٽ منهنجي پالڻهار وٽان چِٽيون نشانيون آيون آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀ جهانن جي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مون کي منع هن ڪنان، ته ڏِيان تَن کي ڏان، جَن کي سوڙِهئ ۾ سَڏيو، سوا ربَّ، سُبحان، جڏهن آيمِ آيتون پَڌريون سَندمِ ربَّ، کان رحمان، ۽ مُون کي، مِليو ڌُر ڪنان، فقط هِي فرمان، جو صاحب سڀ جھان، رَهان سلامِي تِنهن سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67)

(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (ڇڏي ٿو) ته (اوھين) پنھنجي پوريءَ سگھ کي پُھچو وري (ڇڏي ٿو) ته ٻُڍڙا ٿيو، ۽ اوھان مان ڪنھن کي (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڇڏي ٿو) ته مُقرّر مدت کي پھچو ۽ مانَ اوھين سمجھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ۽ پوءِ گوشت جي ٽڪري مان ٺاهيو، پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ٿو آڻي (۽ زنده ٿو رکي) انهيءَ لاءِ ته توهان جوان ٿيو ۽ پوءِ پوڙها ٿي وڃو. ۽ توهان مقرر مدي کي پهچو ٿا (پوءِ وفات ڪيو ٿا) اهو سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته توهان عقل پرائيو (۽ تجربي سان حقيقتن کي سمجهي سگهو).(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ قطري مان ان کان پوءِ خون جي دِڳ مان ان کان پوءِ ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) پيدا ڪيو، ان کان پوءِ توهان پنهنجي جواني کي پهتا، ان کان پوءِ توهان پير سني کي پهتا، ۽ ڪي توهان مان پَهرِين کڻايا وڃن ٿا ۽ اهو ان لاءِ آهي ته توهان مقرر ميعاد کي پهچو ۽ من توهان عقلمند ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو آهي جنهن اوهان کي (پهريان) مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو هن لاءِ ته (وڌو) وري (جيئرو رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني کي رسو (۽ جيئرو ٿو رکي) هن لاءِ ته اوهين پريا ٻڏا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (هن کان) اڳ ۾ ئي مري وڃي ٿو ۽ (اوهان کي ان وقت تائين جيئرو رکي ٿو) ته اوهين (موت جي) مقرر وقت تائين پهچو ۽ من (سندس قدرت کي) سمجهو.(سيد فرمان علي)


اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ان کان پوءِ رت جي دڳ مان ان کان پوءِ ڪڍي ٿو اوهان کي ٻار ڪري ان کان پوءِ تانته پهچو پنهنجي جوانيءَ کي تنهن کان پوءِ تانته ٿيو اوهان پوڙها ۽ اوهان مان ڪو وفات ڪرايو وڃي ٿو اڳ ۾ تانته پهچو مدي مقرر ڪيل کي ۽ مانَ اوهان سمجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو وري (جيئرو رکي ٿو) ته اوهين پنهنجيءَ طاقت کي پهچو وري (جيئرو رکي ٿو) ته ٻڍا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو ان کان اڳ مري ٿو ۽ (اوهان کي هن لاءِ جيئرو رکي ٿو) ته مقرر مدت کي پهچو ۽ مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان بنايو وري پاڻيءَ جي بوند منجهان وري رت جي دِڳَ منجهان (بنايو) پوءِ توهان کي ٻار جي صورت ۾ (ماءُ جي پيٽ مان ) ٻاهر ڪڍي ٿو پوءِ (اوهان جي پرورش جو بندوبست ڪري ٿو) هن لاءِ ته اوهان پنهنجي جواني کي پهچو پوءِ (اوهان کي زنده رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهان پير مرد ٿيو ۽ اوهان مان ڪي ان (پِيريءَ) کان اڳ وفات ڪري وڃن ٿا ۽ (اهو اوهان کي ڇڏي ڏئي ٿو) هن لاءِ جو مقرر وقت تائين پهچو ۽ هن لاءِ توهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو سو اَوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جنهن جبار، پوءِ پاڻِي، پوءِ پِن مان، جوڙيائـِين جِنسار، پوءِ نِپٽ اوهان کي، نَنڍڙو، ٻاهر ڪيائـِين ٻار، پوءِ پَهچو پَنهنجي زور کي، بالِغ برقرار، وَرِي پوڙها، پِيرسن ٿيو، تنهان پوءِ تڪرار، ۽ ڪي اوهان مان اڳ ڪري، پُورا پالڻهار، ۽ تان پَهچو پويِين پَهر کي، ٻَڌل ڏِينهن ٻِيهار، ۽ اِهو سَڀ اِن هار، ته پُرجِھي مانَ پَروڙِيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68)

(الله) اُھو آھي جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي آهي جو زنده ڪري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ جڏهن هو ان کي رڳو چوي ٿو ته هيئن ٿيءُ ته ائين ٿي پوي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ئي آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو، پوءِ جنهن وقت ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ٿو پوءِ ان کي فرمائي ٿو ته ٿيءُ ته پوءِ اهو فوراً ٿي پوي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو (خدا) آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو.(سيد فرمان علي)


اهو ئي آهي جيڪو جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو پوءِ جڏهن حڪم ڪندو آهي ڪنهن امر جو پوءِ رڳو فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ، پوءِ ٿي پوي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ! ته اهو ٿي پوي ٿو. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن اُهو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته صرف ان کي فرمائي ٿو ته ”ٿيءُ پؤُ “ پوءِ اهو ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماري، جِياري سو ڌڻي، جڏهن ڪرڻ گُھري ڪو ڪم، ته پوءِ هِڪدم ڏِئيسِ حُڪم “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پَوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69)

(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو آهي ڇا جيڪي الله تعاليٰ جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن (۽ مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن) (ڏسو ته سهي ته) هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦري هليا ٿا وڃن (۽ حق ۽ حقيقت کي ڏسن ئي نٿا).(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله تعالى جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، (اُهي) ڪيڏانهن ڦيرايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حالت) تي غور نه ڪيو آهي! جي خدا جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا اهي ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃن ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن سان ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، ڪٿان ڦيريا وڃن ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. اُهي ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِ نه ڏٺئي؟ تَن جا پار، ته آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪَن تڪرار، سي ڪيڏانهن وڃن واريا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70)

جن ڪتاب کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جنھن (شي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (به) سگھوئي ڄاڻندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يعني اُهي ماڻهو جي هن ڪتاب (قرآن مجيد) کي ۽ انهن وحين کي جن سان اسان (اڳوڻن) پيغمبرن کي موڪليو، نٿا مڃين، سو جلد ئي هنن کي معلوم ٿيندو ته،(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي قرآن ڪريم جي تڪذيب ڪن ٿا ۽ اهي (توحيد ۽ رسالت) کي نٿا مڃن جنهن سان اسان پنهنجا پيغمبر موڪليا، پوءِ اهي جلد معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ماڻهن (هن) ڪتاب کي ۽ انهن ڳالهين کي جيڪي اسان پيغمبرن کي ڏيئي موڪليو هو، ڪوڙو ڪيو ته جلد ئي (تنهن جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو.(سيد فرمان علي)


جن ڪوڙو چيو ڪتاب کي ۽ ان کي جو موڪليو اسان ان سان پنهنجن رسولن کي پوءِ سگهو ئي ڄاڻندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهي اُهي آهن) جيڪي (هن) ڪتاب کي ۽ جنهن شئي سان اسان پنهنجن رسولن کي موڪليو تنهن کي ڪوڙو ڪن ٿا، پوءِ (پنهنجي حال جي حقيقت کي ان وقت) ڄاڻيندا (مولانا محمد مدني)


جن ماڻهن ڪتاب کي ڪوڙو چيو ۽ ان (احڪامن) کي جن سان اسان پنهنجي رسولن کي موڪليو هيو .. پوءِ سگهو ئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪُوڙو جَن ڪِتاب چيو، پڻ سي حُڪم حُضور، پنهنجي پيغمبرن تي، موڪلياسون مُور، پوءِ سمجِھي وِيندا سِگهڙي، پوندِيَن سَڀ پَرُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71)

جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري انهيءَ وقت معلوم ٿيندن) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ پئجي ويندا ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا (۽ اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي) گهلي وڌو ويندو،(علامه علي خان ابڙو)


جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن (ڳرا ڳرا) زنجير سندن ڳجين ۾ هوندا. (۽ پهرين) گهليا ويندا.(سيد فرمان علي)


جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ هوندا (مولانا محمد مدني)


جڏهن انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ ۽ زنجير هوندا اُهي گهِليا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن هُوندِن ڳَٽ ڳِچيَن ۾، ۽ پڻ زَنجِير ضَرور، جَن سان گِھربا کرم ڏَي، مُنهَنْ ڀَر مَجبُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72)

ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ٽهڪندڙ ڪني پاڻيءَ ۾ ۽ پوءِ کين باهه ۾ ساڙيو ويندو (پر مرندا ڪونه).(علامه علي خان ابڙو)


ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ۽ پوءِ دوزخ جي باھ ۾ اڇلايا ويندا.(سيد فرمان علي)


جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زنجير به گرم پاڻيءَ ۾ گهليا ويندا، وري باهه ۾ وڌا ويندا، (مولانا محمد مدني)


ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ پوءِ باهه ۾ ساڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي وَرِي وَهلور، ٽانڊي مَنجھ ٽهڪائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73)

وري کين چئبو ته جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھيؤ سي ڪِٿي آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن جن کي توهان خدا سان شريڪ ڪندا هئو؟(علامه علي خان ابڙو)


وري کين چئبو تہ جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھئو، سي ڪٿي آھن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن کان پڇيو ويندو ڪٿي آهن اهي جن کي اوهين (سندس) شريڪ ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ان کان پوءِ باھ ۾ ٽچڪايا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري کين چيو ويندو ته الله کانسواءِ جن (شين) کي شريڪ ٺهرائيندا هئا، سي ڪٿي آهن؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ کين چيو ويندو: ”ڪٿي آهن اُهي (بت) جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئبنِ وَرِي تنهن وار، واهِر، وَسِيلا سي ڪٿي؟ ڌَڻِئَ ڌاران جَن کي، ڀانيان ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74)

الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا ته اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا بلڪ ڪنھن شي کي اڳي نه پوڄيندا ھواسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يعني الله کي ڇڏي (ديوتائن کي مڃيندا هئو) هو جواب ۾ چوندا ته، هو اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا آهن. بلڪ (هاڻي اسان سمجهون ٿا ته) جن کي اسان پڪاريندا هئا سين سي ڪجهه به نه هئا. (وحي) نه مڃيندڙن کي اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا تہ اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا، بلڪ اسين تہ ڪنھن شئي کي بہ اڳي نہ پوڄيندا ھئاسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا کان سواءِ اهي چوندا هاڻي ته اهي اسان کي ڇڏي ويا پر (سچ ته) اسين شروع کان ئي (خدا کان سواءِ) ڪنهن شيءِ کي ڪئين پوڄيندا هئاسين. اهڙيءَ طرح خدا ڪافرن جا حوصلا خطا ڪندو (جو ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندن).(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ چيو ويندو انهن کي ته ڪٿي آهن اهي جن کي شريڪ بنائيندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو چوندا ته اُهي اسان کان گم ٿي ويا آهن پر اسين هن کان اڳ ڪنهن شيءِ کي به نه سڏيندا هئاسون. اهڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گمراهه ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


الله کان سواءِ. چوندا: ”اُهي اسان کان گم ٿي ويا آهن بلڪه اسان ته پهريان به ڪنهن شيءِ جي پوڄا نه ڪندا هئاسين“. اهڙي طرح الله ڪافرن کي گمراهه (ثابت) ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وو وو! وِيا اَسان کان، ٻوليائون ٻِيهار، بَلڪ اَسان اڳ نه ڪئـِي، ڪنهن کي پَٽيِين پُڪار، ته اِن پَر پالڻهار، ٿو مَت مُنجھائي مُنڪرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75)

اِھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھين زمين ۾ ناحق خوشيءَ (سبب آڪڙ) ڪندا ھئو ۽ ھن سببان (به) جو اوھين لاڏ ڪندا ھئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


ان جو سبب هي آهي جو توهان زمين ۾ ناحق تي خوش ٿيندا هئا ۽ ان سببان جو توهان آڪڙ ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هيءَ سزا هن ڪري آهي جو اوهين دنيا ۾ ناحق (ڳالھ تي) خوش ٿيندا هئا ۽ ان جي سزا آهي جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


الله کان سواءِ چوندا ته گم ٿي ويا اسان کي بلڪه نٿي پوڄيو اسان اڳي ڪنهن شيءِ کي اهڙي طرح گمراھ ڪندو آهي الله ڪافرن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ کين چيو ويندو ته) اها (سزا) هن ڪري آهي جو اوهين زمين ۾ ناحق خوش ٿيندا هئا (مولانا محمد مدني)


(کين چيو ويندو) ”اها (سزا) ان جو بدلو آهي جو توهان زمين ۾ ناحق تي مگن هئا ۽ ان جو بدلو آهي جو توهان آڪڙ ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن تان ته مَنجھ زمين، ذرو ظاهِر حق ري، ڪندا کِلون کيل هُئا، پڻ ڪُڏندا مٿي ڪِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76)

(ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو ته دوزخ) ھٺيلن جي جاءِ بڇڙي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


توهان جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو هميشه انهيءَ ۾ رهندا، پوءِ ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي تڪبر ڪندڙن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ داخل ٿيو (۽) هميشه پيا ان ۾ رهو. مطلب ته وڏائي ڪرڻ وارن جي (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان جو خوشيون ڪندا هيئو زمين تي ناحق ۽ ان سببان جو ناز ڪندا هيئو داخل ٿيو دروازن جهنم جي مان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ بڇڙي آهي جاءِ هٺيلن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هن ڪري جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا. (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو ان ۾ پيا رهو. پوءِ اها هٺيلن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


(هاڻي) جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو توهان ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهيو. پوءِ وڏائي ڪرڻ وارن جي جاءِ ڪهڙي نه بڇڙي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


دوزخ جي دَرن مان، گِھڙو گِھڙو غمگِين، سدا ساڪِن اُن ۾، هِيڻو حال حزِين، پوءِ بُڇڙو بِالْيَقِين، مَغرُورن لئي ماڳ سو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77)

پوءِ (اي پيغمبر تون) صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي، تنھنڪري جيڪڏھن کين جيڪو انجام ڏيون ٿا تنھن مان ڪجھ توکي (دُنيا ۾) ڏيکاريون يا (عذاب جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ) توکي ماريون ته (نيٺ) اسان ڏانھن موٽائبا.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر!) تون (مشڪلاتون ۽ مخالفتون) صبر سان سهه، ۽ (رسالت جي ڪم تي) ثابت قدم رهه. يقين رک ته الله جو واعدو سچو آهي (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ ڪافر مغلوب ٿيندا) سو جيڪو واعدو اسان هنن (ڪافرن) کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي) ڏيکاريون (۽ کين تباهه ڪيون) يا (ان کان اڳي ئي) اسان توکي پاڻ ڏي آڻائي وٺون، هر حال ۾ هو (آخر) اسان ڏي ئي موٽايا ويندا (۽ ضرور تباهه ڪيا ويندا).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اي رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي، پوءِ يا ته اسين توهان کي اهو ڪجھه ڏيکاريون جنهن جو اسان توهان سان وعدو ڪيو يا توهان کي (ان کان اڳ ۾) وصال ڪرايون پوءِ (اُهي) اسان ڏانهن موٽايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) تون صبر ڪر! خدا جو وعدو پڪ سچو آهي. ته جنهن (عذاب) جي اسين کين ڌمڪي ڏيون ٿا جيڪڏهن اسين تو کي تنهن مان ڪجھ ڏيکاريون يا تو کي ئي (ان کان اڳ دنيا مان) کڻي وٺون ته (نيٺ به ته) کين اسان ڏي موٽي اچڻو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ صبر ڪر بلاشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ جيڪڏهن ڏيکاريون توکي ڪجھ ان مان جيڪو وعدو ڏيون ٿا انهن کي يا رحلت ڪرايون اسين توکي پوءِ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي رسولﷺ!) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ جو وعدو انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان جيڪڏهن توکي ڪجهه ڏيکاريون يا (ان ڏسڻ کان اڳي) توکي ماريون ته (هر حالت ۾ ) انهن (ڪافرن) کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پوءِ چاهي اسان ڏيکاريون توکي ان عذاب جو ڪجھه حصو (جنهن کان) اسان انهن کي ڊيڄاري رهيا آهيون يا (ان کان اڳ) توکي وفات ڏيون پوءِ انهن جو موٽي اچڻ ته اسان ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَھ ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرِقرار، پوءِ يا توکي جِيئري، سو ڏيکاريون ڏَهڪار، اُنهن کي، جنهن عذاب جو، ٿا ٻوڙيون ٻِيهار، يا پورا ڪريون پاڻ اڳي، تُنهنجا ڏِينهن تڪرار، پوءِ آخر اَسان پارِ، اِهي مِڙئـِي موٽائبا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78)

۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون، ۽ ڪنھن به پيغمبر کي الله جي حُڪم کانسواءِ ڪو (به) مُعجزو آڻڻو نه ھو، پوءِ جڏھن الله جو حُڪم آيو تڏھن انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوُڙن ڇيئو پاتو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به پيغمبر (ماڻهن ڏي) موڪليا هئا، انهن مان ڪن جا قصا اسان توکي ٻڌايا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جا قصا اسان توکي ڪونه ٻڌايا آهن. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ممڪن ناهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني (يا حڪم يا معجزو) آڻي. پوءِ جڏهن خدا جو حڪم اچي ويو تڏهن حق ۽ انصاف سان فيصلو ٿي ويو ۽ ڪوڙا ماڻهو (جيڪي باطل تي محڪم رهيا) سي اتي جو اتي تباهه ٿي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان توهان کان اڳ ۾ پيغمبر موڪليا، انهن مان ڪن پيغمبرن جا قصا توهان تي بيان ڪيا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جا قصا اسان توهان تي نه ڪيا آهن، ۽ ڪنهن رسول کي مناسب ناهي جو اهو ڪو معجزو الله تعالى جي اجازت کانسواءِ آڻي، پوءِ جڏهن قيامت ايندي حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوڙا نقصان ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تو کان اڳ ۾ به اسان ڪيئي رسول موڪليا، جن مان ڪجھ ته اهڙا آهن جن جا احوال تو کي ٻڌايا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جون حالتون تو سان دهرايون نه آهن ۽ ڪنهين پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو خدا جي اختيار ڏيڻ کان سواءِ ڪو به معجزو ڏيکاري سگهي پوءِ جڏهن خدا جو حڪم (عذاب) اچي وين ته پورو پورو فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق موڪلياسون ڪيترا رسول اڳي توکان ڪي انهن مان اهي آهن جو بيان ڪياسون توسان ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جو نه بيان ڪياسون توسان ۽ ناهي ڪنهن رسول جي لاءِ ته آڻي معجزو مگر الله جي اذن سان پوءِ جڏهن ايندو امر الله جو ته فيصلو ڪيو ويندو حق سان ۽ نقصان وارا ٿيندا اتي باطل وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان توکان اڳ ڪيترا رسول موڪليا، انهن مان ڪي اهي آهن جن جو حال اسان توکي ٻڌايو ۽ انهن مان ڪي اُهي آهن جن جو حال اسان توکي نه ٻڌايو. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪا نشاني آڻي. پوءِ جڏهن الله جو حڪم آيو ته انصاف سان فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪليا انهن مان ڪن جو حال اسان تو کي ٻڌايو ۽ انهن مان ڪن جو حال اسان تو کي نه ٻڌايو. ۽ ڪنهن به رسول جي لاءِ اهو (ممڪن) نه آهي جو اهو ڪابه نشاني الله جي اذن کان سواءِ آڻي، پوءِ جڏهن الله جو حڪم ايندو (۽) انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان وقت ناحق وارا نقصان ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُرسل توکان، مَهند ڪَئـِين، موڪلياسون مُور، ڪيوسون اُنهن مان، ڪِن جو، توسان ذِڪر ضَرُور، ۽ توسان نَبِي نُور!، ڪيوسون نَه قِصو ڪِن جو. ۽ مُور نه ڪِنهن مُرسل کي، اِهو اِختيار، ته حُڪم ڌڻِئ جي ڌار، ڪري ڪَرامت مُعجزو. اَچِي اَمر اَلله جو، وارِد ٿيو جنهن وار، عدل ۽ انصاف سان، جارِي ڪيو جبار، ۽ بيهُودا، بيڪار، هُت وِيا هَٿِيڪو هار جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79)

الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڍور پيدا ڪيا ته اُنھن مان ڪن تي چڙھو ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور بنايا، انهيءَ لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪيو. ۽ ڪن کي پنهنجي قوت گذران لاءِ ڪم ٿا آڻيو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى (اُهو) آهي جنهن توهان لاءِ چؤپايا جانور پيدا ڪيا ان لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سوار ٿيو ۽ انهن مان ڪن جو گوشت کائو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.(سيد فرمان علي)


الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيا اوهان جي لاءِ چوپايا تانته سواري بنايو انهن مان ۽ انهن مان کائو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. (مولانا محمد مدني)


الله ئي آهي جنهن توهان لاءِ چوپايا بنايا آهن هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪيو ۽ انهن مان ڪن (جي گوشت) کي کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي، اُو الله، جِنهن ڌَڻ اوهان لئي ڌاريا، تان چَڙهو ڪِن تي، ۽ ڪِن مَنجھان، کائو مَزي سان ماھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80)

۽ منجھن اوھان لاءِ (گھڻا) فائدا آھن ۽ ته مٿن چڙھي اُنھي مطلب کي پھچو جو اوھان جي دلين ۾ آھي ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان جي لاءِ انهن مان ٻيا به گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا. (خدا انهن جانورن کي خلقيو آهي سو) هن لاءِ به ته توهان انهن تي سواري ڪري پنهنجي ڪا حاجت پوري ڪيو جا اوهان جي دلين ۾ هجي. ۽ انهن تي ۽ جهازن تي توهان (پري پري ٻين ملڪن ڏي) کڄي ٿا وڃو (يعني مسافريون ٿا ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان لاءِ انهن ۾ ڪيترائي نفعا آهن ۽ ان لاءِ ته توهان پنهنجون حاجتون پوريون ڪريو جيڪي توهان جي سينن ۾ آهن ۽ انهن چؤپاين تي ۽ ٻيڙين تي توهان بار کڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته اوهين انهن تي (چڙهي) پنهنجي مرضيءَ مطابق پهچو ۽ انهن تي ۽ (پڻ) ٻيڙين تي چڙهي گهمو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ نفعا آهن ۽ تانته پهچو انهن تي (سوار ٿي) حاجت کي جيڪا اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي کنيا وڃو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته انهن تي چڙهي ڪنهن مطلب کي پهچو جو اوهان جي دلين ۾ هجي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي کنيو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته انهن تي چڙهي ان ضرورت (واري جاءِ) تي پهچي سگهو جا توهان جي سينن ۾ آهي، ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي سوار ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پِيا پڻ آهِن اُنهن ۾، ڪي وَٽابا وَهواھ! تان مَٿنِ اَنهنجي مَن ۾، حاجت، جا هَمراھ!، اُن کي آسانِئَ سان، رَسو وَٺِي راھ، بَر ۾ باد اُن مَٿي، ۽ دَنگيون مَنجھ دَرياھ، کڻو خاطِر خواھ، وَکر وِلايَتن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81)

۽ (الله) اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (۽ مسافرين جي وسيلي اوهان کي گهڻين ئي ڳالهين جو علم ڏئي ٿو) پوءِ توهان الله تعاليٰ جي ڪهڙين ۽ ڪيترين نشانين کان انڪار ڪري سگهندو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ (اُهو) توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ الله جي ڪهڙين آيتن جو توهان انڪار ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو (خدا) اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو ته پوءِ اوهين خدا جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟(سيد فرمان علي)


۽ ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون نشانيون پوءِ الله جي ڪهڙين آيتن جو انڪار ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ الله جي ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اهو توهان کي سندس (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو پوءِ توهان الله جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آن کي پَنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، پوءِ ڪريو ٿا اِنڪار، قادِر جي ڪِنهن ڪم کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82)

پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، (جو) کائن گھڻا ھوا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين ڪري (جي ڇڏي ويا) تمام ڏاڍا ھوا پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪمايائون تن کائن ڪجھ به نه ٽاريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي ته تعداد ۾ به هنن کان گهڻا هئا ۽ قوت ۽ طاقت ۾ به گهڻو وڌيڪ هئا، ۽ ملڪ ۾ آثار ۽ نشانيون به وڌيڪ ڇڏي ويا. (پر هنن حق جي واٽ نه ورتي) سو هنن جيڪي ڪيو ڪمايو سو هنن کي ڪنهن به ڪم نه آيو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي؟ پوءِ اهي ڏسن ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، جيڪي انهن کان اڪثر هئا ۽ اهي قوت ۾ ۽ ماڙين ۽ تعميرات ۾ انهن کان وڌيڪ هئا. پوءِ سندن عمل کين (عذابِ الاهيءَ کان) بچائي نه سگھيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي (تعداد ۾) انهن کان گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي پنهنجيون نشانيون (يادگار) ڇڏي وڃڻ ۾ به تمام وڌيڪ هئا پوءِ جو سندن ڪيو ڪرتيو هو سو کين ڪجھ به ڪم نه آيو.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ نه سير ڪيائون زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا، هئا گهڻا انهن کان ۽ مضبوط قوت ۾ نشانين جي ڪري زمين ۾ پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن جي طرفان انهن عملن جيڪي ڪيا هيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ اهي (ماڻهو) زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اهي انهن کان گهڻا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ اُهي زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اُهي انهن کان (تعداد ۾) گهڻا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين ۾ به (وڌيڪ هئا) پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو سندن ڪم ڪونه آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ڀُون نه گُھميا ڀورڙا؟ پوءِ نِرتًا ڪن نِهار، ته آخر اِنهيان اڳـيَن سان، ڪِهڙي ٿِئـِي ڪار، جي گھڻا گھاٽا اُنهن ڪنان، هُئا لَک هزار، پڻ زياده زور ۾، ۽ ڏاڍا مَنجھ ڏَهڪار، ۽ ڀُون ۾ بَنگلا باغ ڪَئـِين، نِشانيون نِروار، پوءِ، جي ڪيائون ڪم ڪار، تن ڪيو نه آسُودو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83)

پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪو (دنيا ھلائڻ جو) عِلم وٽن ھو تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھوا تنھن (جي بڇڙائي) کين ويڙھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيئن ته جڏهن سندن رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان وٽن آيا تڏهن وٽن جيڪو علم (۽ هنر) هو تنهن تي فخر ۽ ناز ڪرڻ لڳا (۽ رسولن کي چوڻ لڳا ته توهان اجايون ڳالهيون ٿا ڪيو) سو جنهن (عذاب جي) ڳالهه تي اهي ٽوڪون ڪندا هئا اهوئي عذاب کين گهيرو ڪري وڪوڙي ويو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انهن وٽ سندن رسول واضح دليلن سان آيا ته اهي خوش ٿيا ان عمل تي جيڪو وٽن هو ۽ انهن کي اهو پهتو جنهن سان اهي مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون (معجزا) کڻي آيا ته جيڪو علم (سندن سمجھ ۾)وٽن هو تنهن تي آڪڙيا ۽ جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو کلندا هئا تنهن کين چوڌاري اچي وڪوڙيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن آيا انهن وٽ انهن جا پيغمبر چٽن دليلن سان ته خوش ٿيا ان سان جيڪو انهن وٽ آهي علم ۽ گهيري ۾ ورتو انهن کي ان جنهن سان چٿر ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون کڻي آيا (تڏهن) وٽن جيڪو علم هو تنهن جي ڪري خوش ٿيا. ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا ته انهن وٽ جيڪو (دنياوي) علم هيو ان تي آڪڙ ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي ان (عذاب) اچي گهيرو ڪيو جنهن تان ٺٺوليون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن آين اُنهن جا، مُرسل مڻيان دار، کڻِي خُدا جي پار، کان نِشانِيون نِروار، جيڪِي اُنهن وَٽ هُئو علم مان تِنهن تي باغ بهار، ۽ جيڪِي کِلندا هُئا خوار، سو اَچِي ڪڙ ڪيو اُنهن مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84)

پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون ته اڪيلي الله تي ايمان آندوسون ۽ جنھن شي کي (ساڻس) شريڪ مقرر ڪندا ھواسون تنھنجا منڪر ٿياسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هنن اسان جو عذاب (پنهنجي آڏو) ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان الله تي ايمان آندو آهي. هڪ الله ۾ ايمان ٿا رکون جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسين تن کان (هاڻي) انڪار ٿا ڪريون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو چيائون اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جيڪي مشرڪ آهن انهن جا انڪاري ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ته جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شيءِ کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب ته چيائون اسان ايمان آندو الله وحده تي ۽ اسان انڪار ڪيو ان جو جنهن کي ان سان شريڪ ڪندا هئاسون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون تڏهن چيائون ته اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شئي کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چيائون: ”اسان الله تي ايمان آندو جيڪو اڪيلو آهي ۽ اسان انهن (ڪوڙن معبودن ) جو انڪار ڪيو جن کي اسان (الله سان) شريڪ ڪندا هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن ڏِٺئون عذاب اَسان جو، ته وراڻيؤَن تِنهن وار، مڃيوسون مالڪ هيڪڙو، واحدُالْقَهَّار، ۽ ٿياسون تَن ٿانن کان، ڀَڄِي اَڄ بيزار، ڪَنداهُئاسُون ڪَمن ۾، جَن کي ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85)

پوءِ جڏھن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏھن) سندن ايمان آڻڻ کين فائدو ڪڏھن نه ڏنو، (اھو) الله جو دستور آھي جو سندس ٻانھن ۾ ھليو ايندو آھي، اُن ھنڌ ڪافر ٽوٽي وارا ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جڏهن اسان جو عذاب اکين آڏو ڏٺائون تنهن کان پوءِ واري ايمان کين ڪجهه به فائدو ڪونه ڏنو (۽ هو تباهه ٿي ويا) اهو آهي الله جو طريقو جو سندس ٻانهن بابت هليو پئي آيو آهي. ۽ هتي (هن دنيا ۾ ئي) ڪافر تباهه ٿي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن کي سندن ايمان آڻڻ ڪو نفعو نه ڏنو جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو، الله تعالى جو اهو طريقو سندس ٻانهن ۾ گذري چڪو آهي، ۽ آخرت ۾ ڪافر نقصان ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن اسان جو عذاب (ايندي) ڏٺائون ته هاڻي سندن ايمان آڻڻ انهن کي ڪجھ به فائدو نه ڏيندو اهو خدا جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس بندن ۾ هلندو ٿو اچي ۽ ڪافر اتي نقصان وارا ٿيا.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه هو جو نفعو ڏئي انهن کي انهن جو ايمان آڻڻ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب الله جو طريقو جيڪو تحقيق گذريو ان جي ٻانهن ۾ ۽ نقصان ۾ پيا اتي ڪافر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏهن) کين (ان وقت آندل) سندن ايمان فائدو نه پهچايو. (اهو) الله جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي، ۽ اتي ڪافر نقصان وارا ٿيا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن جو ايمان آڻڻ سندن ڪنهن ڪم نه آيو جڏهن انهن اسان جي عذاب کي ڏٺو. الله جو (اهو ئي) دستور آهي جو سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي ٿو ۽ ان وقت ڪافر نقصان وارا ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ هُئو نَه، مَڃڻ اُنهن جو، ته ڏينِ وَٽابو وار، جڏهن ڏِٺئون عذاب اسان جو، نيڻ سان نِروار، اِي پَر پرور پاڪ جِي، پُراڻِي هر پار، جا گُذرِي سَندسِ گولن ۾، بيشڪ باروبار، ۽ ڪُوڙا ڪُل ڪُفّار، وِيا هِتي سَڀ هارِجي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017