القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 8 سُوۡرَۃُ الزُّمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 75


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1)

(ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو هر ڪا قدرت رکي ٿو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ان خدا جي بارگاھ مان آهي جو (سڀ تي) غالب حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


ڪتاب لاهڻ الله، عزت ۽ حڪمت واري جي طرفان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ زبردست (۽) حڪمت واري الله جي طرفان آهي. (مولانا محمد مدني)


هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرف کان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي اُن الله کان، نازِل هِي ڪِتاب، جو بِلڪُل هَر ڪِنهن باب، سَٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2)

بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) يقيناً اسان توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي (۽ منجهس سچيون حقيقتون آهن ۽ سندس حڪم مفيد آهن) سو پوري پوري سچائيءَ سان ۽ پوري پوري شوق سان سندس ٻانهپ ڪندو رهه.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم حق سان نازل فرمايو پوءِ توهان خلوص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) بيشڪ اسان تو ڏي (بلڪل) حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي ته تون خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسان لاٿو توڏانهن ڪتاب حق سان پوءِ عبادت ڪر الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان تو ڏي حق سان ڪتاب نازل ڪيو پوءِ تون الله لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان تو ڏانهن (هي) ڪتاب حق سان نازل ڪيو پوءِ تون الله جي عبادت ڪر ان جي لاءِ دين کي خالص بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


توڏي اَسان اُتاريو، ڪامِل! حَق قُرآن، پوءِ پُوڄ پَروَر پاڪ کي، ڏِيندڙ اُنهِئَ کي ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3)

خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، خاص ٻانهپ ۽ فرمانبرداري فقط الله جي ڪرڻ گهرجي. پر جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجا اولياءَ يا محافظ ٿا سمجهن (سي دليل طور چوندا آهن ته) اسان فقط هن ڪري سندن بندگي ٿا ڪيون ته اهي اسان کي الله تعاليٰ جي ويجهي آڻيندا (پر اهو دليل بلڪل غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جي طاقت بي انت آهي هو سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌي سگهي ٿو) يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سندن اختلافن بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو. يقيناً الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڪونه ڏيکاريندو جيڪي ڪوڙا ۽ ناشڪر گذار آهن.(علامه علي خان ابڙو)


خبردار! خالص عبادت فقط الله تعالى لاءِ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ ٻيا (بت) مددگار بنائين ٿا (ڪافر چون ٿا) اسين انهن بتن جي فقط ان لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان کي الله تعالى ڏانهن ويجھو ڪن، بيشڪ الله تعالى انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو انهن ڳالهين بابت جن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا، بيشڪ الله تعالى ان شخص کي هدايت نٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو ۽ الله جي نعمتن جو ناشڪر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خبردار! عبادت ته خالص خدا جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) پنهنجو سرپرست ڪيو آهي (۽ چون ٿا ته) اسين ته انهن کي رڳو هن ڪري پوڄيون ٿا ته اهي خدا جي (بارگاھ ۾) اسان کي ويجهو ڪندا. بيشڪ جنهن ڳالھ بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو (قيامت جي ڏينهن) سندن وچ ۾ خدا فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا ڪوڙي (۽) ناشڪري کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.(سيد فرمان علي)


خبردار الله جي لاءِ آهي دين خالص ۽ جن ٺاهيا ان کان سواءِ والي (چون ٿا ته) نه ٿا عبادت ڪيون انهن جي مگر تانته ويجهو ڪن اسان کي الله ڏانهن قرب ۾ بلاشڪ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ ان متعلق جو اهي ان ۾ اختلاف ڪن ٿا بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري ان کي جيڪو ڪوڙو بي شڪر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


خبردار! الله لاءِ ئي خالص عبادت آهي. ۽ جن الله کانسواءِ ٻين کي مددگار ٺهرايو، (سي چون ٿا ته) اسين رڳو انهن جي هن لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان جو درجو الله جي ويجهو ڪن.جنهن ڳالهه بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو سندن وچ ۾ بيشڪ الله فيصلو ڪندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو ڪوڙو (۽) بي شڪر آهي. (مولانا محمد مدني)


خبردار! الله لاءِ ئي خالص دين آهي. ۽ اهي ماڻهو جن الله کان سواءِ (بتن) کي دوست بنايو آهي.(چون ٿا ته) اسان انهن جي پوڄا صرف هن لاءِ ڪيون ٿا ته اُهي اسان کي الله جي حضور ۾ ويجهو ڪن. بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله ان شخص کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو، وڏو بي شڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏانَ رُڳو حَق رَبَّ جو، جِنهن ۾، ڪوڏيِ ٻي جِي ڪانه، ۽ جَن اَجَھا، اَوليا اُن ري، جوڙيا مَنجھ جھان، آکيون ته اَسِين نه پُوڄِيون، اُهي آستان، مگر ته اَسان کي مانَ!، اوڏو ڪَن اَللهُ ڏي. اُنهن وِچ اَلله پاڻهِين ڪَندو فيصلو، جِنهن وَسيلي تان پِيا وڙهن، هِڪ ٻِئي سان هَمراه، رَبُّ نه سُهائي راھ، ڪُوڙي ڪِنهن ڪُفار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4)

جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها تنهن کي چونڊي پنهنجو پٽ ڪري ها. پر هو ته پاڪ آهي (اهڙين ڳالهين مان) هو الله آهي، يگانو آهي ۽ غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) پنهنجي لاءِ اولاد چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهنکي چاهي ها انتخاب فرمائي ها، الله تعالى ان کان پاڪ آهي، اهو واحد القهار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪڏهن خدا ڪنهن کي (پنهنجو) پٽ ٺهرائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوقات مان جنهن کي چاهي ها ته چونڊي ها (پر) هو ته ان (ڳالھ) کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. اهو ته اڪيلو وڏو زبردست الله آهي.(سيد فرمان علي)


جيڪڏهن ارادو ڪري ها الله هي جو وٺي اولاد ته چونڊي ها ان مان جو پيدا ڪري ٿو ان کي جو گهري ها ان جي پاڪائي آهي اهو ئي الله هڪ غالب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن الله ڪنهن کي پنهنجو اولاد ٺهرائڻ گهري ها ته جيڪي پاڻ پيدا ڪري پيو تنهن مان جنهن کي وڻيس ها پسند ڪري ها. اهو پاڪ آهي اهو ئي الله آهي اڪيلو (۽) زبردست. (مولانا محمد مدني)


جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنائي ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي چاهي ها چونڊي ها، اهو پاڪ آهي. اهو الله آهي جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پُٽ بَنائڻ پَنهنجو، جي گُھريو هُوند غفّار، ته تنهن مان ڌُڻي ڌوج کي، جيڪِي جوڙي ٿو جَبَّار، اولاد جي عيب کان، پاڪ پالڻهار، اُهو واحِدُ الْقَهَّارُ، اَلله جَلَّ جَلالہٗ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5)

آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن زمين ۽ آسمانن کي موزون ۽ مناسب انداز ۾ ٺاهيو آهي ( ۽ مقصدن لاءِ ٺاهيو آهي، نه اجايو) هو رات کي ڏينهن تي ۽ ڏينهن کي رات تي لپيٽي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي قانون جي) تابع ڪري ڇڏيو آهي جو هرهڪ (ان قانون موجب) هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو (۽ هلندو رهندو) ياد رکو ته، هو وڏي طاقت وارو آهي ۽ وڏو بخشڻهار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا فرمايو، رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) بنايو، سڀئي هڪ مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن، خبردار! اهو غالب بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ئي آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. (جو) رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جو اهي سڀ پنهنجي (پنهنجي) مقرر وقت تي هلندا رهندا. خبردار اهو ئي غالب وڏو بخشڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان ويڙهي ٿو رات کي ڏينهن تي ۽ ويڙهي ٿو ڏينهن کي رات تي ۽ مسخر ڪيائين سج ۽ چنڊ سڀ هلن پيا مقرر ڪيل مدي تائين خبردار! اهوئي غالب، بخشڻهار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو اٿس. رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ لپيٽي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس، هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار اهو ئي زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


آسمانن ۽ زمين کي صحيح تدبير سان پيدا ڪيائين، اُهو رات کي ڏينهن تي ويڙهي ٿو ۽ ڏينهن کي رات تي ويڙهي ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو آهي. جو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار! اهو ئي غالب بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَللهُ اُڀ ڀُون جوڙيا، قائـِم بَرقرار، رات ۽ ڏِينهن ۾، رات ۾ ڏِينهن ڳنڊي ڏاتار، سائـِين سِج چَنڊ کي تابعِ ڪيو تڪرار، ڪِنهن مُقرّر مُدّت سِين چَلن سي چوڌار، ڏاڍو سو ڏاتار، سو مَرهڻ وارو مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6)

اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ اوهان کي هڪ نفس مان پيدا ڪيو آهي (سعدي جي قول موجب سڀ انسان هڪ ئي جوهر مان پيدا ٿيل آهن) ۽ عورت کي به (مرد جي سنگت لاءِ) ساڳئي ئي جوهر مان پيدا ڪيو اٿس. ۽ اوهان جي لاءِ اٺن قسمن جا ڍڳا ڍور (نر ۽ مادا) جوڙن ۾ بنايا اٿس. هو اوهانکي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ بنائي ٿو ۽ (اتي) هڪ ٻئي پٺيان اونداهن ٽن پردن جي اندر ٿو ٺاهي. اهڙو (قدرت وارو) آهي الله اوهان جو پروردگار. سڀ بادشاهي سندس آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود يا بادشاه ڪونهي. پوءِ توهان ڪيئن (حق کان) ڦري هٽي ويا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى توهان (انسانن) کي (حضرت) آدم مان پيدا فرمايو، ان کان پوءِ ان مان سندس گھر واري پيدا ڪئي ۽ توهان لاءِ چؤپاين مان اَٺَ (8) قسم پيدا ڪيا، الله تعالى توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ مختلف ڪيفيتن کان پوءِ ٽِن اونداهين ۾ پيدا ڪيو، اهو توهان جو الله آهي جيڪو توهان جو خالق آهي ان جي بادشاهي آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان اوهان سڀني کي هڪ شخص مان ئي پيدا ڪيو پوءِ ان (جي بچيل مٽيءَ) مان سندس زال (حوا) کي پيدا ڪيو ۽ ان اوهان لاءِ اٺن قسمن جا چوپايا (جانور) پيدا ڪيا. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ هڪ قسم جي پيدائش کان پوءِ ٻيءَ پيدائش (نطفو، ڄميل رت۽ لوٿڙي) سان ٽن اونداهين (پيٽ، رحم جي جهلي) ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو ئي خدا اوهان جو پالڻهار آهي، سندس ئي بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦرندا وڃن ٿا؟(سيد فرمان علي)


پيدا ڪيائين اوهان کي هڪ وجود مان ان کان پوءِ پيدا ڪيائين ان مان جوڙ ان جو ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ جانورن مان اَٺَ جوڙا پيدا ڪري ٿو اهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ هڪڙي خلقت ٻي خلقت کان بعد ٽن انڌيرن ۾ اهو الله اوهان جو رب آهي ان جي ئي بادشاهي آهي ناهي ڪو عبادت جو لائق مگر اهو پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان کي هڪ ماڻهوءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ ان مان ان جو جوڙو بنايائين ۽ اوهان لاءِ جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ (درجي بدرجي) هڪ طرح بنائڻ کانپوءِ ٻيءَ طرح ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي سندس ئي بادشاهي آهي ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦيريا وڃن ٿا. (مولانا محمد مدني)


ان اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ ان مان ان جو جوڙو بنايائين ۽ اوهان لاءِ جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اهو توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ هڪ بناوٽ کان پوءِ ٻي بناوٽ تي خلقي ٿو ٽن اونداهين (جي پردن) ۾. اُهو الله آهي جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي پوءِ توهان ڪاڏي ڀٽڪايا وڃو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِڪ جِئَ مان، آن کي جوڙڻئـِين، سندسِ نال، ۽ اَٺ جوڙا وَرِي اوهان لئي، مالِڪ لاٿو مال، مَنجھ اورن اَنهنجي مائرِين، قدرت ساڻ ڪَمال، جوڙڻ، جوڙڻ پُٺيان، ٿو جوڙي جَلَّ جَلال، اَندر ٽِن اُونداهيين، جِنهنجي ڳُجِھي ناھي ڳالھ، اُهو اَلله، ڌَڻِي اَوهان جو، مُلڪ مِڙِئي جِنهن نال، تِنهن سوا سائـِينءَ ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ سُوال، ڪيڏانهن پوءِ ڪُلال! ڦيريا وَڃو فِريب سان (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7)

جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي، ۽ پنھنجن ٻانھن جي بي شُڪريءَ کي پسند نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھئو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندا پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان کان بي نياز آهي، ۽ الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي ناشڪري کان راضي نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن توهان شڪرگذار ٿيندا ته الله تعالى توهان کان راضي ٿئي ٿو ۽ ڪوبه ڪنهنجو بار نٿو کڻي، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي رب ڏانهن موٽڻو پوندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن بابت ٻڌائيندو، بيشڪ اُهو دلين جا راز چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته (ياد رکو) خدا توهان کان بلڪل بي پرواھ آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اهو ان کي اوهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪو به ڪنهن جي (گناھ) جو بار (پاڻ تي) نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻو آهي، (هن لاءِ) ته (دنيا ۾) اوهين جيڪي (چڱو يا برو ڪم) ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو. اهو ته پڪ دلين جي ڳجھ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ پوءِ بلاشڪ الله غني آهي اوهان کان ۽ نه ٿو پسند ڪري پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪفر ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته راضي ٿيندو ان کان اوهان جي لاءِ ۽ نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو تنهن کان پوءِ اوهان جي رب ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو بلاشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته الله اوهان کان بي پرواهه آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪريءَ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اوهان لاءِ اُن کي پسند ڪندو ۽ ڪوبه (گناهه جو) بار کڻندڙ ٻي (جي گناهه) جو بار نه ٿو کڻي، وري اوهان جو موٽڻ پنهنجي پاليندڙ ڏي آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. بيشڪ الله دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اگر توهان ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله اوهان کان بي نياز آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نه ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن توهان شڪر گذاري ڪندؤ ته ان کي توهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو (گناهن جو) بار نه کڻندو. پوءِ توهان جو توهان جي پالڻهار ڏانهن موٽڻ آهي پوءِ اهو توهان کي انهن ڪمن کان خبروار ڪندو جيڪي توهان ڪندا هئا. بيشڪ اُهو سينن جي (لڪل) ڳالهين کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڳُڻ نه ڳائيندا جڪڏهن، ته آهي اِها ڳالھ، پوءِ اَلله پاڪ، اَوهان کان، بي پرواھ آهي بَحال، ۽ بي شُڪرِي سَندسِ بَندن لئي چڱِئ نه سَمجھي چال، ۽ جي ڀائـِينداڀال، ته ڀَلو اوهان لئي ڀاڻءِ سو. ۽ کَڻندڙ کڻندو ڪو نه ڪو، ٻئي جو ٻوجهو بار، پوءِ موٽَڻ اَوهان مِڙن جو، پنهنجي پَروَر پار، پوءِ کولي ڏِيندا خبرون، ڪريو جي ڪم ڪار، هرگز سو هوشيار، اَندر جي اَسرار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8)

۽ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار کي ڏانھس ورندڙ ٿي سڏيندو آھي وري جڏھن پاڻ وٽان کيس ڪا نعمت بخشيندو آھي (تڏھن) جنھن (مطلب) لاءِ اڳ سڏيندو ھو تنھنکي وساريندو آھي ۽ الله لاءِ شريڪ مقرّر ڪندو آھي ته سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائي، (اي پيغمبر) چؤ ته (اي ڪافر) پنھنجي ڪُفر (جي حالت) ۾ ٿورو (وقت) نفعو وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿي کيس پڪاري ٿو (يعني گناهه ڇڏي الله جي حڪمن تي هلي ٿو) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ پاڻ وٽان کيس نعمت (۽ آسودگي) ڏئي ٿو تڏهن جنهن ڳالهه لاءِ اڳي پڪاريو هئائين سا ڳالهه وساري ڇڏي ٿو. (اي پيغمبر! تون اهڙي ماڻهوءَ کي) چؤ ته ٿورو وقت پنهنجي ڪفر جو فائدو ڀلي وٺ. (جلد ئي عذابن ۾ پوندين) يقيناً تون دوزخي ماڻهن منجهان آهين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت انسان (ابوجهل) کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي رب کي عاجزيءَ سان پڪاري ٿو، ان کان پوءِ جڏهن الله تعالى ان کي پنهنجي طرفان نعمت عطا ڪري ٿو ته پوءِ انسان ان اڳئين پڪار کي وساري ڇڏي ٿو، ۽ (اهو انسان) الله تعالى جا شريڪ بنائي ٿو ان لاءِ ته سنئين راه تان گمراه ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو ٿورڙو وقت تون پنهنجي ڪفر مان فائدو حاصل ڪر، بيشڪ تون جهنمي آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهوءَ (جي حالت ته اها آهي جو) جڏهن ان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن خدا ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راھ کان گمراھ ڪري (اي پيغمبر اهڙي ماڻهو کي) چئو ته پنهنجي ڪفر (جي حالت ۾) ٻه ٽي ڏينهن ٻيا مزا ڪري وٺو! (نيٺ) تون پڪ دوزخين مان ٿيندين.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پهتي انسان کي ڪا تڪليف ته سڏي ٿو پنهنجي رب کي ورندڙ ٿي ان ڏانهن تنهن کان پوءِ جڏهن بخشيائين ان کي نعمت پاڻ وٽان ته وساريائين اهو جو سڏيو هيائين ان ڏانهن اڳ ۾ ۽ ڪيائين الله جي لاءِ شريڪ تانته گمراھ ڪري ان جي واٽ کان فرماءِ ته نفعو وٺ پنهنجي ڪفر سان ٿورو وقت بلاشڪ تون جهنم وارن مان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي رستي کان گمراهه ڪري. (اي پيمغبر! اهڙي ماڻهوءَ کي) چئو ته پنهنجي ڪفر سان ٿورو وقت مزا ڪري وٺ! بيشڪ تون دوزخين مان آهين (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اهو پنهنجي پالڻهار ڏانهن رجوع ٿيندڙ بنجي ان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته اهو ان (تڪليف) کي وساري ڇڏي ٿو جنهن لاءِ پهريائين دعا ڪندو هيو، ۽ الله جي واسطي (بتن کي)شريڪ بنائي ٿو، هن لاءِ ته (ٻين کي به) ان جي راهه تان ڀٽڪائي. چؤ تون ٿورا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزا وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَس اَڃا ماڻهؤَ کي، جڏهين رَسيو ضَرر ضَرُور، ته دانهِين سَندسِ ڌَڻِئ کي، موٽندڙ ڏانهسِ مُور، وَرِي نوازيو نِعمت سان، جڏهن پاڻا پاڪ حُضور، ته جنهن کي ڪارُون اڳ ڪَئـِين وِساريو وَهلور ۽ هَئـِي وارِيندڙ حَق جِي، مُقرّر ڪَيا مَنظور، تان سَندسِ سَنئـِينءَ واٽ کان، ڦيري ساڻ فُتور، چَئو، ڪي ڏِينهن پَنهنجي ڪُفر جو، مَزو وَٽِ مَغرور! تون بيشڪ بي شُعور، آهِين ڀاتِيَن مَنجھان باھِ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9)

ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي آخرت (جي عذاب) کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت جي اميد رکندو آھي (سو ڀَلو آھي يا اُھو بي شُڪر مُشرڪ؟)، (اي پيغمبر) چؤ ته سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ ڌيان وارا ئي نصيحت وٺندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٻڌايو ته) جيڪو رات جي وقت سجدي ۽ قيام ۾ رهي شوق سان نماز پڙهي ٿو ۽ آخرت جو خيال ۽ انديشو ٿو رکي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جي اميد ٿو رکي (سو بهتر آهي يا اهو جيڪو انهن ڳالهين کان پري آهي) تون ماڻهن کان پڇ ته جيڪي ماڻهو حقيقتون ڄاڻن ٿا سي انهن جي برابر آهن ڇا جيڪي جاهل آهن. يقين ڄاڻو ته فقط اهي ئي نصيحت وٺن ٿا جيڪي سمجهه وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهو مؤمن جيڪو نمازي آهي (۽ اهو) رات جي وقت ۾ سجدو ۽ قيام ڪندڙ (نماز پڙهندڙ) آهي اهو آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ رب جي رحمت ۾ اميدوار آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو، ڇا اهو صاحبِ علم ۽ اهو جاهل ماڻهو پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا (يقيناً نه)، فقط عقلمند ئي نصيحت وٺي سگھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي ۽ آخرت کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جو اميدوار هجي سو (بي شڪر ڪافر جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) اي رسول تون چوين ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾) رڳو عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا جيڪو اهو عبادت ڪندڙ آهي رات جي وقتن ۾ سجدا ڪندڙ ۽ بيهندڙ ڊڄي ٿو آخرت کان ۽ اميد رکي ٿو پنهنجي رب جي رحمت ۾ فرماءِ ته ڇا برابر ٿين ٿا اهي جيڪي علم وارا آهن ۽ جيڪي علم نه ٿا رکن صرف عقل وارا نصيحت حاصل ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ڇا بي شڪر مشرڪ چڱو آهي) يا جيڪو رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي رحمت جي اميد رکي ٿو؟ (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نه ٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾ ) رڳو عقل وارا ئي ڌيان ڪن ٿا (مولانا محمد مدني)


ڇا (اهو بي فرمان ڀلو آهي يا) اهو (فرمانبردار) جيڪو رات جي گهڙين ۾ سجدن ۽ قيام جي حالت ۾ عبادت ڪرڻ وارو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو، ۽ پنهنجي پالڻهار جي رحمت ۾ اميد رکي ٿو. چؤ ڇا جيڪي علم رکن ٿا ۽ جيڪي علم نه ٿا رکن سي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي قبول ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀلا ، سو بَدڪار، اُن جھڙو وَرِي آھِ ڇا؟ جو گھاري گَھڙيون رات جون ، تَهِدل تابِعدار، ۽ نَمندڙنيڪ نماز ۾، پيرن ڀر پينار، ڏکن ڀَر ٻئي ڏيہ جي، وِجھلي ويرو تار، ۽ رکي آس اَپار، رَبَّ ۽ سَندسِ جي رَحم ۾. چَئو، مَٽ نه ٿِيَن مُورهِين، جي سائـِين سُڃاڻن، پڻ سَنديون قادِر قُدرتون، ڄَٽ نَه جي ڄاڻن، سوا سُڄاڻن، ٻِئا نَمن نَه نَصِحيت کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10)

چؤ ته اي منھنجا مُؤمن ٻانھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جن ھن دُنيا ۾ چڱائي ڪئي تن ئي لاءِ (آخرت ۾) چڱائي آھي، ۽ الله جو مُلڪ ويڪرو آھي، رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چؤ ته، اي (خدا جا) مؤمن بندؤ پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو نيڪ عمل ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏي چڱائي ۽ اجر آهي. ۽ (ياد رکو ته) الله جي زمين ڪشادي آهي، (پنهنجي وطن ۾ چڱايون ڪري نٿا سگهو ته ٻئي پاسي هليا وڃو) جيڪي ماڻهو (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقيناً بي انداز اجر ۽ انعام ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته اي منهنجا مؤمن بندا، توهان پنهنجي رب کان ڊڄو، جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) نيڪي آهي، ۽ الله تعالى جي زمين (مدينه منوره) وسيع آهي، صبر ڪندڙن کي بي حساب اجر ڏنو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) فرمائي ته اي منهنجا ايماندار بندو پنهنجي پروردگار کان (ئي) ڊڄندا رهو (ڇو ته) جن ماڻهن هن دينا ۾ نيڪي ڪئي تن لاءِ ئي (آخرت ۾) چڱائي آهي. پڻ خدا جي زمين ته ڪشادي آهي. جتي عبادت نه ڪري سگهو اتان لڏي (وڃو) صبر ڪرڻ وارن کي ئي ته ان جو بي حساب ڀرپور عوض ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ اي منهنجا ٻانها! جن ايمان آندو آهي ڊڄو پنهنجي رب کان انهن لاءِ جن نيڪي ڪئي هن دنيا ۾ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي صرف پورو بدلو ڏنا ويندا صبر وارا پنهنجي اجر جو حساب کان سواءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! منهنجي طرفان مسلمانن کي) چئو ته اي منهنجا ايمان وارؤ ٻانهو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو جن هن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي. صبر وارن کي بنا حساب جي ئي سندن پورو بدلو ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته اي منهنجا ايمان وارا ٻانهئو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهو. اهڙن ماڻهن لاءِ جن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي سهڻو بدلو آهي. ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي. بلاشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بنا حساب جي ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻول ته، ٻانهان مُنهنجا، جي آهِن وِسهيا وِير، ته رکو پَنهنجي ربَّ جو، سونڪومَنجھ سَرِير، جَنِين هِن جَھان ۾، عمل ڪيا اَڪسِير، چَڱِي تَن چڱن لئي ۽ جَنت جا جائگِير، آهي مُلڪ اَلله جو، ڪُشادو ڪَثِير، صَبر جَن جو سِير، ڏِبا اَکٽ اَجر اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت خالص ڪري رڳو اُن جي عبادت ڪريان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، يقيناً مون کي حڪم ڏنو ويو آهي، ته مان وڏي شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ڪيان (۽ سندس حڪمن تي هلان.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون خالص الله جي عبادت ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) فرمائي ته: مون کي ته هي حڪم ڪيو ويو آهي ته خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪريان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ مان امر ڪيو ويو آهيان ته عبادت ڪيان الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته الله لاءِ عبادت کي خالص ڪري اُن جي عبادت ڪريان (مولانا محمد مدني)


چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان پنهنجي عبادت کي خالص الله لاءِ بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، مِليو مُون کي مُورهِين، فائـِق جو فَرمان، ته پُوڄان هِڪڙو پاڪ ڌَڻِي، ڏيِندڙ اُنهِئَ ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12)

۽ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته (سڀ کان) پھريون حُڪم مڃيندڙ (آءٌ) آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان اول نمبر فرمانبردار ٿيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون سڀ کان پهريون حڪم تسليم ڪندڙ هجان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ مون کي هي (به) حڪم ڪيل آهي ته: آءُ سڀني کان پهريون مسلمان آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ امر ڪيو ويو آهيان تانته هجان مان پهريون حڪم مڃيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته پهريون فرمانبردار ٿيان. (مولانا محمد مدني)


۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀ کان پهريون فرمانبردار ٿيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ حُڪم مِلينمِ هَر آن، ته مُنڍ مَڃِيندڙن مان هُجان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13)

چؤ ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته بيشڪ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ پڻ) چئو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو (بالفرض) مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته بيشڪ مون کي قيامت جي ڏينهن جو خوف آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪريان ته آءُ هڪ تمام سڏي (سخت) ڏينهن (قيامت) جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ مان ڊڄان ٿو جيڪڏهن بي فرماني ڪئي مون پنهنجي رب جي وڏي ڏينهن جي عذاب کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪريان ته آءُ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (مولانا محمد مدني)


چؤ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار جي بي فرماني ڪيان ته زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون ٿو ڊِڄان عذاب کان، وَڏِي اُهکِي وار، جي پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، حُڪم ڀَڳمِ هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14)

چؤ ته پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


چئو ته، مان شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ٿو ڪيان (۽ سندس سڀني حڪمن جي تعميل ٿو ڪيان.)(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو آئون خلوصِ دل سان الله تعالى جي عبادت ڪريان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي سندس لاءِ خالص ڪري خدا جي ئي بندگي ڪريان ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته الله جي عبادت ڪيان ٿو خالص ڪندڙ ان جي لاءِ پنهنجو دين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته الله لاءِ ئي پنهنجي عبادت کي خالص ڪري اُن جي ئي عبادت ڪريان ٿو. (مولانا محمد مدني)


چؤ آءٌ صرف الله لاءِ عبادت ڪيان ٿو پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، ڏيئـِي ٻَن ٻِين کي، ٿو پُوڄان پالڻهار، ڏِيندڙ ڏان پَنهنجا، اُن کي نِج نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15)

پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو، (کين) چؤ ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن گمراھ ٿيڻ سبب پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئي ۾ وڌو، خبردار اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي منڪرؤ) الله کي ڇڏي جنهن جي وڻيوَ تنهن جي ٻانهپ ڪيو (نقصان توهان جو ئي ٿيندو) يقيناً وڏي نقصان هيٺ اهي ايندا جيڪي قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي خساري ۾ وجهندا. ٻڌي ڇڏيو ته، اهوئي ظاهر ظهور وڏي ۾ وڏو خسارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان عبادت ڪريو الله کانسواءِ جنهنجي توهان چاهيو. توهان فرمايو بيشڪ نقصان ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جن پاڻ کي ۽ پنهنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينهن ٽوٽ ۾ وڌو، خبردار ! اهو ئي صاف نقصان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(باقي آهيو) اوهين سو ان کان سواءِ جنهن کي گهرو تنهن کي پوڄيو. (اي رسول کين) چئو ته در اصل نقصان وارا اهي آهن جن (گمراھ ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهروارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ عبادت ڪيو جنهن جي به گهرو ان کان سواءِ فرماءِ ته بيشڪ نقصان وارا اهي آهن جن نقصان ۾ وڌو پنهنجن سرن کي ۽ پنهنجن اهلن کي قيامت جي ڏينهن خبردار اهو ئي نقصان پڌرو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کانسواءِ جنهن کي وڻيوَ تنهن کي پوڄيو. (اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن (گمراهه ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان ان (الله) کان سواءِ جنهن جي چاهيو پوڄا ڪيو. چؤ بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي قيامت واري ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار اهو ئي ته چِٽو پِٽو نقصان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ وَڻي سي پُوڄيو، دَرگاھون تِنهن ڌار، چَئو، ڏاڍي ڏِينهن قِيام جي، کُٽا سي خُوار، جَن جو کي وِڌا جِئ پَنهنجا، پڻ پَنهنجا ٻَچا ٻار، هوش رَکِج هوشيار! ظاهِر آهي زِيان اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16)

سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان به (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ مون کان ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن جي لاءِ سندن مٿان به باهه جا تهه هوندا ۽ هيٺان به اهڙا تهه هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ (عذاب) کان خوف ڏياري خبردار ڪري ٿو (ته متان گناهه ڪيو ۽ باهه ۾ سڙو) پوءِ اي منهنجا بندؤ منهنجي (نافرمانيءَ جي عيوض ۾ جيڪو مان عذاب ٿو ڏيان تنهن) کان ڊڄو (۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو).(علامه علي خان ابڙو)


انهن (ڪافرن) لاءِ انهن جي مٿان ۽ انهن جي هيٺان باه جا طبقا هوندا، اها (دوزخ آهي) جنهن کان الله تعالى پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو، اي منهنجا ٻانها پوءِ توهان مون کان ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن لاءِ سندن مٿان باھ جا اوڇڻ ۽ سندن هيٺان (به اهڙا ئي) وڇاڻا هوندا. هي اهو عذاب آهي جنهن کان خدا پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو!(سيد فرمان علي)


انهن جي لاءِ سندن مٿان ڇٽيون آهن باھ مان ۽ انهن جي هيٺان ڇٽيون آهن اهو ڊيڄاري ٿو الله ان سان پنهنجن ٻانهن کي اي منهنجا ٻانها! پوءِ مون کان ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن لاءِ سندن مٿان باهه جا ڪڪر ۽ سندن هيٺان (به اهڙا) ڪڪر هوندا. ان (عذاب) سان الله پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو! (مولانا محمد مدني)


انهن لاءِ انهن جي مٿان باهه جون ڇَٽِيُون هونديون ۽ انهن جي هيٺان (به اهڙيون) ڇٽيون هونديون. هي اهو انجام آهي جنهن کان الله پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. اي منهنجا ٻانها مون کان ئي ڊڄندا رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن لئي ڄِڀيون اُنهن مَٿان، هيٺان بِه ڄِڀيون باھ، ڀَئو پَنهنجي بَندن کي، ٿو اُن جو ڏِئـِي اَلله، پوءِ ڊِڄو هميشاھ، مُنهنجا ٻانهان! مون ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17)

۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو برائين کان (يعني شيطان کان) پري رهن ٿا ۽ سندس چوڻ تي نٿا لڳن ۽ الله ڏي رجوع ڪن ٿا (۽ الله جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا) تن جي لاءِ (نعمتن ۽ انعامن جي) خوشخبري آهي. سو منهنجي (فرمانبردار) ٻانهن کي (اهڙي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچا ۽ الله ڏانهن وريا، انهن لاءِ بشارت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي بتن جي عبادت کان بچيا ۽ خدا ڏي رجوع ڪيائون تن لاءِ خوش خبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي.(سيد فرمان علي)


۽ جن پاسو ڪيو بتن کان ته عبادت ڪن انهن جي ۽ موٽيا الله ڏانهن انهن جي لاءِ بشارت آهي پوءِ بشارت ڏي منهنجن ٻانهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي شيطان جي عبادت کان بچيا ۽ الله ڏي رجوع ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر !) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچيا ۽ الله جي طرف رجوع ڪيائون انهن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ منهنجي انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جَن گوشو ڪيو، گُمراھ کان، ته ڏِيـنِ اُنهِي کي ڏان، ۽ موٽيا ڏُونهن مَنان، تَن لئي مُبارڪون مَهند جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18)

پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو (الله جو) ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان جي سهڻين ڳالهين ۽ حڪمن جي تعميل ڪن ٿا سي ئي آهن جن کي الله تعاليٰ سڌيءَ واٽ تي لڳايو آهي ۽ اهي ئي آهن جي هوش ۽ سمجهه وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهن ماڻهن کي بشارت ڏيو جيڪي قرآن ڪريم ٻڌن ٿا پوءِ ان جي سهڻن حڪمن جي تابعداري ڪن ٿا، اِهي اُهي آهن جن کي الله تعالى هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقلمند آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي ڳالھ کي دل سان ٻڌن ٿا ۽ وري ان مان تمام چڱي (ڳالھ) تي هلن ٿا. اهي اهي آهن جن کي خدا هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.(سيد فرمان علي)


جيڪي ٻڌن ٿا فرمان پوءِ تابعداري ڪن ٿا ان مان وڌيڪ سهڻي جي اهي ئي آهن جو هدايت ڪئي انهن کي الله ۽ اهي ئي عقل وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي ڳالهه ٻڌن ٿا پوءِ ان مان تمام چڱيءَ تي هلن ٿا. اهي اُهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي ۽ اُهي ئي عقل وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي ڳالهه (غور سان) ٻڌن ٿا پوءِ ان بهترين ڳالهه جي تابعداري ڪن ٿا. اهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي سياڻا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن کي، کِيرون ڏي تون خان!، جي هَرڪِنهن ڌَرم، دِين جا، سُڻنِ باب بيان، پوءِ سَڀنيان سُهڻِئَ ڳالھ تي، هَلنِ هَر زمان، ۽ سُهاينِ سُبحان، ۽ اُهي اَڪابِر عقل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19)

ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جنهن تي عذاب جو حڪم حق ۽ انصاف موجب صادر ٿئي (سو انهيءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو ڇا جو گناهن کان پري رهيو. هرگز نه!) پوءِ (اي پيغمبر!) تون انهيءَ کي ڇڏائيندين ڇا جو باهه ۾ پئجي چڪو آهي؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا جنهن ماڻهوءَ تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي (اهو ۽ نجات وارو پاڻ ۾ برابر ٿين ٿا، يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان ان کي باه کان بچائي سگھو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (اي رسول) ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو وعدو پورو ٿئي ته ڇا تون ان کي ڇڏائي سگهندين جو باھ ۾ (پيل) هجي.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ اهو جو ثابت ٿيو ان تي حڪم عذاب جو ڇا پوءِ تون ڇڏائيندي ان کي جيڪو باھ ۾ هوندو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڇا پوءِ جنهن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي تنهن دوزخيءَ کي تون بچائي سگهندين ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ جنهن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. (سو بخشيل ماڻهن وانگر ٿي سگھي ٿو؟) ڇا پوءِ تون (ازخود) ان کي ڇڏائي سگهين ٿو جيڪو دوزخ ۾ آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، اڳيون حُڪم عَذاب جو، پوءِ ثابِت ٿِيو جنهن سِر، تون ڪَڍندِين پوءِ ڪِنهن پر؟ هُو جو داخل دوزخ وِچ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20)

پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آھن اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نه ڦيرائيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي نافرمانيءَ کان بچن ٿا تن جي لاءِ ماڙين مٿان ماڙيون بنايل آهن، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهو الله جو واعدو آهي. الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


پر اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، انهن لاءِ (بهشت ۾) ماڙين جي مٿان ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، الله تعالى پنهنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان واھ وهن ٿا. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي خدا (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي.(سيد فرمان علي)


پر جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان انهن جي لاءِ ماڙيون آهن انهن جي مٿان ٻيون ماڙيون ٺهيل آهن وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون الله جو وعدو آهي نه ٿو مخالفت ڪري الله وعدي جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن انهن جي هيٺان واهه وهن ٿا.الله (اهو) وعدو ڪيو آهي. الله (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي. (مولانا محمد مدني)


پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان ڊنا تن لاءِ (بهشت ۾) ماڙيون آهن جن جي مٿان بالا خانا بنايل آهن، انهن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن. هي الله جو وعدو آهي. الله وعده خلافي ڪو نه ڪندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَر ڪَنبن ڀَرِ قَهَار، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، ماڙِيون اَڏِيل ماڙِين مَٿان، آهِن اُنهن هارِ، هَلن هيٺان جَن جي، واهيون ويرو تار، اِي قادِر جا قَرار، واحِد نه ڦيري واعدا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21)

نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زرد ٿيل ڏسندو آھين وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون نٿو ڏسين (بيشڪ ڏسين ٿو) ته الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي (يعني مينهن) نازل ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي زمين تي چشمن ۾ وهائي ٿو. پوءِ ان جي وسيلي مختلف رنگن جون پوکون ۽ اوڀڙ پيدا ڪري ٿو. پوءِ وري اُهي ڪومائجڻ لڳن ٿا ۽ توهان کي هيڊا پيلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوءِ آخر الله تعاليٰ انهن کي سڪائي ڪک ڪري ٿو ڇڏي. بيشڪ انهيءَ ۾ هوش وارن ماڻهن لاءِ وڏي نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا تو (اي مخاطب) نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ان مان زمين ۾ واهڙ وهائي ٿو ان کان پوءِ ان مان مختلف رنگن جون پوکون پيدا ڪري ٿو ان کان پوءِ ان کي سُڪائي ٿو پوءِ توکي اهي پوکون هيڊيون ڏسڻ ۾ اينديون آخر ۾ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو هن (ڳالھ) تي غور نه ڪيو ته خدا ئي آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان کي زمين ۾ چشما بنائي جاري ڪيائين وري ان سان جدا جدا رنگن (جي اناج) جي پوک پيدا ڪري ٿو وري اها (پچڻ کان پوءِ) سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت ۽ عبرت آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ وهايائين ان کي چشما ڪري زمين ۾ تنهن کان پوءِ ڪڍي ٿو ان سان پوک مختلف هوندڙ ان جا رنگ ان کان پوءِ سڪي ٿي پوءِ ڏسندين ان کي زرد ٿيل ان کان پوءِ ڪري ٿو ان کي ذرا ذرا بيشڪ ان ۾ البته نصيحت آهي عقل وارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تون نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ ان کي زمين جي چشمن ۾ وهايائين وري ان سان جدا جدا رنگن جي پوک ڄمائي ٿو وري اها سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ٿيل ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ زمين ۾ ان جا چشما وهايائين پوءِ ان جي ذريعي پوکون ڄمايائين جن جا رنگ جدا جدا آهن پوءِ اها سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي (پچڻ بعد) ڦڪو ٿيل ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ دانائن لاءِ وڏي نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڏِٺئـِي؟ ته ڏاتار، آب اُتاريو اُڀ ڪنان، پوءِ بارِي واهِيَسِ ڀُون مُنجھان پَلر پِيَن پار، وَرِي پوک اُپاڙئـِين اُن اسان، جنهن جا وَرَن وَرن ڌار، وَرِي وَٽجڻ سي لڳيون گونماٽيا گُلزار، پوءِ پَسِينسِ پيلي رنگ تي، ڪَڪَا وِيَّ وَلهار، پوءِ بِنَہ بنائـِين اُن کي، ڀور ڀُڪا بيڪار، اِنهِئَ ۾ اِظهار، سَبقَ سَٻوجھن واسطي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22)

ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اِھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اُهو ماڻهو جنهن جي دل الله تعاليٰ اسلام لاءِ (يعني الله تعاليٰ جي پوري پوري فرمانبرداري ڪرڻ لاءِ) کولي ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ جو انهيءَ ڪري پنهنجي پروردگار جي (ڏنل) روشنيءَ ۾ (نيڪ عمليءَ جي راهه تي) هلندو رهي ٿو (سو انهيءَ وانگر آهي ڇا جنهن جي دل سخت آهي ۽ ٻوٽيل بند ڪيل آهي؟) پوءِ جن ماڻهن جون دليون الله تعاليٰ جي ذڪر کان (يعني الله تعاليٰ جي ڏنل حڪمن کان غفلت ڪرڻ سببان) سخت ٿي ويون آهن تن جي لاءِ ويل آهي (هو ضرور مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندا) اهي ئي آهن جيڪي کلي کلي گمراهيءَ ۾ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى جنهن شخص جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪيو آهي پوءِ اهو پنهنجي رب جي طرفان نورانيت تي آهي، پوءِ ويل آهي انهن دلين لاءِ جيڪي الله جي ذڪر کان سخت آهن، اهي صاف گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا پوءِ جنهن جو سينو خدا اسلام (قبول ڪرڻ) لاءِ کوليو آهي ته اهو پنهنجي پالڻهار (جي هدايت) جي روشني تي (هلي) ٿو (سو گمراهن جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) افسوس ته انهن تي آهي جن جون دليون خدا جي ياد کان (غافل ٿي) سخت ٿي پيون آهن. اهي ظاهر گمراهي ۾ (پيا) آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ اهو شخص جو کوليو الله ان جو سينو اسلام جي لاءِ پوءِ اهو نور تي آهي پنهنجي رب جي طرفان پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جو ڪٽيل آهن قلب انهن جا الله جي ذڪر کان اهي کليل گمراهي ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کوليو آهي پوءِ اهو اُن روشنيءَ ۾ آهي جا سندس پاليندڙ جي طرفان آهي (سو سخت دل واري جهڙو آهي ڇا؟) پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن، اهي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ الله جنهن جو سينو اسلام لاءِ کولي ڇڏيو آهي پوءِ اهو پنهنجي پالڻهار جي طرفان نور تي (فائز) آهي. (سو سخت دل ماڻهو وانگر ٿيندو ڇا؟) پوءِ انهن ماڻهن لاءِ بربادي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن. اُهي ظاهر ظهور گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن جو اَندر اِسلام لئي، کوليو خَلقڻهار، پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، سو نِرمل نيڪو ڪار، آھِ نِسوري نور مَٿي؛ پوءِ حيف تنين هارِ! ڪارا قلب جَن جا، سارڻ کان سَتار، اُهي آهِن گرِفتار، مُنهن ٻولِي مُنجھ ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23)

الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ ڪتاب طور (يعني قرآن مجيد ۾) بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي. جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ٺهڪي ڦهڪي اچن ٿيون ۽ بار بار (ٻين ٻين الفاظن ۽ مثالن سان) سمجهايون ويون آهن. ان (قرآن جي ٻڌڻ) وقت انهن ماڻهن جي لونءَ ئي ڪانڊارجي وڃي ٿي جيڪي پنهنجي پروردگار (جي ناراضپي کان ڊڄندڙ آهن. پوءِ انهن جون چمڙيون ۽ دليون الله تعاليٰ جي نصيحت ۽ پيغام (قبول ڪرڻ لاءِ) نرم ۽ مائل ٿي وڃن ٿيون. اها آهي الله جي هدايت جنهن سان جنهن کي وڻيس تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي ضد ۽ انڪار سبب) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى ئي سڀ کان سهڻو ڪلام نازل فرمايو (يعنى) اهو مقدس ڪتاب جيڪو پاڻ ۾ مِلي جُلي ٿو ۽ ان جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي (ان جي پڙهڻ سان) مؤمنن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، ان کان پوءِ انهن جون کلون ۽ انهن جون دليون الله جي ذڪر ڏانهن مائل ٿين ٿيون، اها الله جي هدايت آهي جنهنکي چاهي اها هدايت عطا ڪري ٿو ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪو هادي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا نهايت سٺو ڪلام ڪتاب (قرآن) نازل فرمايو (جنهن جون ڳالهيون) هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ مقصد جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا. وري سندن بدن نرم ٿين ٿا ۽ سندن دليون خدا جي ياد ڏي خاطريءَ (دلجاءِ) سان متوجه ٿين ٿيون. هي خدا جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ته ان کي (سڌي) راھ تي ڪو به آڻڻ وارو ڪونهي. (سيد فرمان علي)


الله نازل ڪئي تمام سهڻي ڳالھ ڪتاب هڪ ٻئي سان مشابھ ٿيندڙ ورائي آندل ڪانڊارجن ٿيون ان سببان کلون انهن جون جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي پالڻهار کان ان کان بعد نرم ٿين ٿيون کلون انهن جون ۽ دليون انهن جون الله جي ذڪر ڏانهن اها الله جي هدايت آهي هدايت ڪري ٿو ان سان جنهن کي گهري ۽ جنهن کي گمراھ ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن. ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪوبه هدايت ڪندڙ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


الله بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي جيڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملندڙ بار بار دُهرايل آهن، جنهن (جي ٻڌڻ) سان انهن ماڻهن جي کلن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا. وري انهن جون کلون ۽ انهن جون دليون الله جي ياد ۾ نرم ٿي پون ٿيون. اها الله جي هدايت آهي جنهن کي چاهي تنهن کي ان سان هدايت ڪري. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو ته پوءِ ان لاءِ ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله ليک اُتاريو، سَڀ کان سُهڻِي ڳالھ، ڳالهيون ڳهالين جِھڙيون، ٻِيهر ٻول چال، کَلون اُڌوئـِجن اُن سان، تن ڀَلن جون بحال، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جو، رکن خوف، خيال، سَندنِ چِت ۽ چَمڙيون، موٽِي ميڻ مِثال، نَرم ٿِيَنِ تِنهن نال، سارڻ لئي سُبحان جي. ڏَس سِڌو ڏاتار جو، آهي اِهو ئـِي، جنهن کي گُھري، جنهن سان، سَئين سُهائي سوئي، ۽ تنهن لئي نه سُونهون ڪوئـِي، جنهن کي وِرسائـِين واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24)

ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اهو ماڻهو جيڪو قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن تي سخت عذاب جهليندو (سو جنتي ماڻهن جهڙو آهي ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته بدعمل ڪرڻ سان توهان جيڪي ڪمايو تنهن جو نتيجو هاڻي چکو.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو ماڻهو پنهنجي چهري تان قيامت جي ڏينهن وارو عذاب پري ڪري ٿو (اهو ڪافر ۽ مؤمن پاڻ ۾ ڪيئن برابر ٿيندا) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته توهان پنهنجي بداعماليءَ جو مزو چکو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ڇا جو شخص قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن کي وڏي عذاب جي ڍال بنائيندو (سو ناجي جي برابر ٿيندو ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) جيڪي ڪجھ ڪندا هئا هاڻي تن جا مزا چکو.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ جيڪو بچاءُ ڪندو پنهنجي منهن سان سخت عذاب کان قيامت جي ڏينهن ۽ چيو ويندو ظالمن کي ته چکو اهو جيڪو ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن سان قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان بچي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟). ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته جيڪي ڪمائيندا هيو تنهن جو مزو چکو. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو قيامت واري ڏينهن بڇڙي عذاب کي پنهنجي چهري کان روڪيندو (يعني ان کي ڪا بچاءُ جي ڍال نه هوندي). ۽ اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ان بدعملين جو مزو چکو جيڪي توهان ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀَلا سو بَدنام، ڄيري ۽ ڄِڀيِِءِ کان، مُنهن آڏو مَچ کي، ڏِيندو ڏِينهن قِيام، ۽ چِٽو چَئبو تن کي، آهن جي اَظلام، جي ڪَيَوَ ڪم ناڪام، تَن مُوجب مَزا ماڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25)

جيڪي کانئن اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ياد رکو ۽ عبرت وٺو) هنن ماڻهن کان اڳي به گهڻن ئي ماڻهن (خدا جي حڪمن کي) ڪوڙو ٺهرايو. نتيجو ڪهڙو نڪتو جو اهڙي هنڌان ۽ اهڙيءَ طرح مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين پتو ئي ڪونه پيو.(علامه علي خان ابڙو)


انهن کان اڳين ماڻهن به تڪذيب ڪئي، پوءِ انهن تي ان جاءِ تان عذاب آيو جتان انهن کي ڌيان ۾ نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو ته انهن تي اهڙي طرح عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين خبر نه پئي.(سيد فرمان علي)


ڪوڙو ڀانيو انهن (به) جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ آيو انهن وٽ عذاب اتاهين جو نه پيا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ مٿن اتان عذاب آيو جتان اهي خيال نه ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


انهن کان اڳين به (نبين کي) ڪوڙو چيو هيو پوءِ انهن تي اتان عذاب آيو جتان انهن سوچيو به نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن کان اَ ڳــيَن، ڪَئـِين ڪيا ڪُوڙ فُتور، پوءِ آيُنِ عذاب اُتهِين، جِتان نه پِيَن پَرُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26)

پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا).(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ الله تعاليٰ هنن کي دنيا ۾ ئي خوار خراب ٿيڻ جو مزو چکايو. ۽ يقيناً آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو گهڻو وڏو ۽ سخت آهي. کين اها خبر هجي (ته ڪهڙو نه هنن لاءِ چڱو ٿئي).(علامه علي خان ابڙو)


(في الحال) الله تعالى انهن کي دنيا جي خواري وارو عذاب چکايو، ۽ يقيناً آخرت وارو عذاب تمام وڏو آهي ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته خدا کين (هن) دنيا ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان به) تمام وڏو آهي.جيڪڏهن (هيءَ ڳالھ) سمجهن ها.(سيد فرمان علي)


پوءِ چکائي انهن کي الله خواري حياتي دنيا واريءَ ۾ ۽ البته آخرت جو عذاب وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان) تمام وڏو آهي (مولانا محمد مدني)


پوءِ الله کين دنيا جي زندگيءَ ۾ (ئي) خواريءَ (جو مزو) چکايو، ۽ پڪ سان آخرت جو عذاب تمام وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ خُدا خوارئَ خُوب جو، مَزو چکايَنِ مُور، هِن حياتِئَ جي اَندر، جا پَل، پَهر جو پُور، اَڃا عذاب آخِرت زبر آھِ ضرور، ويهِي سي وَهلور، جيڪر جاچِينِ ڳالهيون!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27)

۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن جي لاءِ هن قسم جا مثال ڏنا آهن ته من هو سمجهن ۽ نصيحت وٺن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ڪريم ۾ هر مثال بيان ڪيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق بيان ڪياسون ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر مثال تانته اهي نصيحت وٺن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن ڄاڻن ها. ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته مَنَ اهي ڌيان ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي فهمائش) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪياسون هِن قرآن ۾، بِيشڪ خُوب بيان، ماڻهن لئي مِثال ڪَئـِين، ته مَت وَٺِن ڪامانَ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28)

قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو قرآن عربي زبان ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڪانهي، (يعني سنئون سڌو ۽ صاف بيان ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته من هو پرهيزگاري اختيار ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


قرآن ڪريم عربي آهي جنهن ۾ ڪا ٽيڙائي ڪانهي ته من اهي ڊڄن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اسان ته صاف ۽ سليس) هڪ عربي قرآن (نازل ڪيو) جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته جيئن اهي (سوچي سمجهي) خدا کان ڊڄن.(سيد فرمان علي)


قرآن عربي ناهي ڏنگائيءَ وارو تانته اهي ڊڄن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهو) عربي (زبان ۾ ) قرآن آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته مَنَ اهي پرهيزگار ٿين. (مولانا محمد مدني)


قرآن عربي زبان ۾ آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي جيئن اُهي تقوى اختيار ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آھِ قرآن ڪَرِيم سو، عَربي ۾ آسان، فَرق نه مُنجھ فُرقان، مانَ بَچن سي باھِ کان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29)

الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ هڪڙو مثال ٿو بيان ڪري. هڪڙو ماڻهو (غلام) آهي جنهن ۾ گهڻا ئي ڀائيوار آهن جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندڙ آهن ۽ ٻيو هڪڙو غلام آهي جو فقط هڪڙي ماڻهوءَ جو تابعدار آهي. ٻنهي جي حالت برابر آهي ڇا؟ (هرگز نه) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي پر افسوس جو انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى ان ٻانهي جو مثال بيان فرمايو جنهن جا گھڻا ۽ هڪ ٻئي جا مخالف مالڪ هجن ۽ اهو ٻانهو جنهن جو فقط هڪ مالڪ هجي، ڇا اهي پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن، بلڪ انهن مان اڪثر لا علم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته هڪ شخص (غلام) جنهن جا ڪيئي جهڳڙالو حصي دار آهن ۽ هڪ غلام جيڪو هڪ ماڻهو جي خالص (اڪيلو) ملڪيت آهي ته ڇا انهن ٻنهي (غلامن جي) حالت هڪجهڙي ٿي سگهي ٿي؟ (هرگز نه) سڀ ساراهون الله لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايتري ڳالھ به) نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


بيان ڪيو الله مثال هڪ مرد آهي ان ۾ ڀائيوار آهن بڇڙي طبيعت وارا ۽ هڪ مرد جو نجو هڪ مرد جي لاءِ ڇا برابر ٿيندا مثال ۾ سڀ ساراھ الله جي لاءِ آهي بلڪ اڪثر انهن جا نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله هڪ غلام جو مثال بيان ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مخالف شريڪ آهن ۽ ٻي غلام جو جيڪو هڪ مرد جي خالص ملڪيت آهي. ڇا انهن ٻنهين جي حالت هڪ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن پر انهن مان گهڻا (ايتري ڳالهه به) نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


الله هڪ مثال بيان فرمائي ٿو اهڙي (غلام) مرد جو جنهن جي مالڪ هجڻ ۾ ڪيئي بداخلاق ماڻهو شريڪ آهن (جي ان کي پنهنجي پنهنجي پاسي ڇڪن ٿا) ۽ (ٻيو) هڪ شخص آهي جو صرف هڪ ئي ماڻهو جو غلام آهي ڇا اهي ٻئي حالت جي لحاظ کان برابر ٿي سگهن ٿا (هرگز نه). سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله اَوهان جي پيش ڪيو، هِڪ ماڻهؤَ جو مِثال، گھڻا گَڏيل جنهن ۾، خان به خُود خيال، هِڪڙو ٻانهون هِڪ جو، چَڱِي جنهن جِي چال، ڇا، اهي ٻنهين ٻانهن جو، هِڪ جھڙو حال؟ آهِنِ هِڪ اَلله جا، سَڀ ڀَلايون ڀَال بَلڪ برابر ڳالھ، اَنيڪ نه ڄاڻِن اُنهن مان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30)

(اي پيغمبر) بيشڪ تون (به) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (به) مرندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) يقيناً تون هن دنيا مان نيٺ لاڏاڻو ڪندين ۽ يقيناً هي ماڻهو به موت جو مزو چکندا (وڏي زندگي اڳتي آهي جنهن ۾ تون نعمتون ماڻيندين ۽ نافرمان ماڻهو عذاب لوڙيندا).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان وصال فرمائيندا ۽ بيشڪ اهي به مَرندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ اهي ماڻهو (به) پڪ مرڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ تون رحلت ڪندڙ آهين ۽ بلاشڪ اهي به وفات ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ بيشڪ اهي (به) مرڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ تو کي به موت (جو ذائقو) ايندو ۽ بيشڪ اُهي به مرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُرسل! تون پڻ مَرڻو، ۽ اُهي به مَرڻا مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31)

وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اوهان سڀ (منڪر ماڻهو) قيامت جي ڏينهن پنهنجي پرودگار وٽ پنهنجا جهڳڙا پيش ڪندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ بيشڪ توهان پنهنجي رب وٽ قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بلاشڪ اوهان قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب وٽ جهيڙو ڪندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پاليندڙ وٽ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندؤ. (مولانا محمد مدني)


پوءِ بيشڪ توهان قيامت واري ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي حضور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽِي مَحشر ماڳ ۾، وِڙهندا اَوهين ضرور، هِڪ ٻئي سان، مَنجھ حضور، پنهنجي پاڪ ڌڻئَ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32)

پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين، ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


سو انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو خدا تي ڪوڙ ٺاهي ٿو؟ ۽ جڏهن کيس حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ٺڪرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا جهنم ۾ اهڙن ڪافرن لاءِ جاءِ ئي ڪانهي؟ (جيڪي خدا تي ڪوڙ ٿا هڻن. بيشڪ آهي. پر هو اڃا به وڌيڪ سزا جا لائق آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهي، جڏهن ان وٽ سچ پهتو ته ان کي ان ڪوڙو سمجھو، ڇا ڪافرن لاءِ جهنم جو ٺڪاڻو ناهي (يقيناً آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ مڙهيو ۽ جڏهن وٽس سچي ڳالھ آئي ته ان کي ڪوڙو چيائين ته ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي).(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جنهن ڪوڙ هنيو الله تي ۽ ڪوڙو چيائين سچ کي جڏهن آيو ان وٽ ڇا ناهي جهنم ۾ جاء ڪافرن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ ڳالهايو ۽ جڏهن سچ وٽس آيو تڏهن ان کي ڪوڙو چيائين؟ ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جيڪو الله تي ڪوڙ ٻَڌي ۽ جڏهن سچائي ان جي سامهون اچي ته ان کي ڪوڙو چوي. ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪير وَڏو اُن ڪنان، ظالمِ مَنجھ ظُهور؟ جنهن اُٽلندو اَلله تي، ٻڌا ڪُوڙ فتوڙ، ۽ ڪُوڙ ڪوٺئـِين سَچ کي، جڏهن مِليَسِ سو مَذڪُور، جَھنّم مَنجھ ضرور، ڇا، ماڳ نه آهي مُنڪِريِن؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33)

۽ جنھن سچو دين آندو ۽ (جنھن) کيس سَچو ڄاتو اِھي ئي پرھيزگار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو حق جي تبليغ ڪن ٿا پنهنجي عملن سان (اهڙا عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن ٿا) ان جي وسيلي ان جي سچائي ثابت ٿا ڪن سي ئي متقي آهن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي سچ کڻي آيا ۽ ابو بڪر صديق (رضي الله عنه) ان جي تصديق ڪئي ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ياد رکو! ته جنهن (رسول) سچي ڳالھ آندي ۽ جنهن ان جي تصديق ڪئي اهي ٻي شخص پرهيزگار آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن آندو سچ ۽ سچو چيائين ان کي اهي ئي متقي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن سچي ڳالهه آندي ۽ ان کي سچو چيائين سي ئي ته پرهيزگار آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ اهو جيڪو سچائي کڻي آيو ۽ اهو جنهن ان جي تصديق ڪئي اُهي ئي پرهيزگار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن سَچي آندو سَچ کي، ۽ سَچ ڪوٺيَسِ جِنهن سَچار، آهِن پوتِي پاڪ سي؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34)

جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندس پروردگار وٽان ملندو. اهو آهي بدلو ۽ انعام انهن جي لاءِ جيڪي نيڪيون ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


انهن لاءِ سندن رب وٽ اهو آهي جيڪو پاڻ چاهيندا، نيڪوڪارن جي اها جزا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي جيڪي گهرندا سو سندن پالڻهار وٽ (موجود) آهي اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي.(سيد فرمان علي)


انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي گهرندا انهن جي رب وٽ اهو بدلو آهي محسنن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي جيڪي گهرنداسو انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ آهي. اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن جي لاءِ سندن پالڻهار وٽ اهو (سڀ ڪجهه) آهي جيڪي خواهش ڪندا. اهو ئي احسان ڪرڻ وارن جو بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن اُنهن هارِ، ڌڻِي سَندنِ وَٽ دائـِما، طَلِبِينِ سو تيار، جي نِرمل نيڪو ڪار، اِهو اُجورو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35)

ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھوا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بلڪ (الله تعاليٰ ڇا ڪندو جو) انهن جيڪي بدعمل ڪيا هوندا تن جو اثر ٽاري ڇڏيندو ۽ جيڪي عمل ڪيا هوندائون تن مان بهترين عملن جو اجورو ۽ انعام کين ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته الله تعالى انهن تان سندن هر قسم جا گناه ميٽي ڇڏي جيڪي انهن ڪيا هئا ۽ انهن کي سندن اجر کان بهتر جزا ڏي، جيڪو اهي پاڻ عمل ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي خدا کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي.(سيد فرمان علي)


تانته ميٽي الله انهن کان برا عمل جيڪي ڪيائون ۽ بدلو ڏئي انهن کي سندن ثواب سهڻو ان جو جيڪو ڪيو هيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن لاءِ ته جيڪي تمام بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته الله انهن جي خطائن کي ميٽي جيڪي انهن ڪيون، ۽ انهن کي سندن ثواب عطا ڪري انهن نيڪين جي بدلي ۾ جيڪي اُهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان جي ڪوجھا ڪَم ڪيون، سي مولاڪَرِينِ معاف ۽ جي ڪيؤن سُهڻا صاف، اُن جو اَجر ڏئـِي اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36)

الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا الله تعاليٰ پهنجي ٻانهي (جي مدد ڪرڻ) لاءِ ڪافي ناهي؟ ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توکي انهن کان ڊيڄارين ٿا جن کي هو الله تعاليٰ کان سواءِ معبود سمجهن ٿا (ته اهي معبود توکي نقصان رسائيندا. ڪهڙا نه ڀليل آهن!) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا الله تعالى پنهنجي رسول لاءِ ڪافي ناهي (يقيناً ڪافي آهي) ۽ اهي ڪافر توهان کي (پنهنجي) بتن کان ڊيڄارين ٿا، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ انهن لاءِ ڪو هادي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا خدا پنهنجن ٻانهن (جي مدد) لاءِ ڪافي نه آهي؟ (بيشڪ آهي) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو تو کي خدا کان سواءِ ٻين (معبودن کان) ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي تنهن کي ڪو به سڌي راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا ناهي الله ڪافي پنهنجي ٻانهي کي؟ ۽ ڊيڄارين ٿا توکي انهن کان جيڪي ان کان سواءِ آهن ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا الله پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) کي ڪافي نه آهي؟ ۽ (اي پيغمبرﷺ!) اهي (ماڻهو) توکي الله کانسواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو هدايت ڪندڙ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ ۽ اُهي (مشرڪ) تو کي الله کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارن ٿا. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري پوءِ ان لاءِ ڪو به هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، سائـِين سَندسِ ٻانهن لئي، بَس ناھِ نگهبان؟ ۽ خوف ڏِينئـِي خان!، ڌاران تِنهن ، ڌارِيَن جو. ۽ مولا جنهن مُنجھائي، تنهن لئي سُونهون نه سَر ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37)

۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن کي الله تعاليٰ سڌي واٽ تي لڳائي ٿو تنهن کي ڪوبه گمراهه ڪري نٿو سگهي. ڇا الله تعاليٰ غالب ناهي ۽ بدلي ڏيڻ وارو ناهي؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهنکي الله تعالى هدايت وارو ڪري ٿو پوءِ ان کي ڪوبه گمراه ڪندڙ ناهي، ڇا الله تعالى غالب ۽ انتقام وٺندڙ ناهي (يقيناً آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن شخص کي خدا هدايت ٿو تنهن کي ڪو به گمراھ ڪرڻ وارو نه آهي ڇا خدا زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (بيشڪ آهي)(سيد فرمان علي)


۽ جنهن کي هدايت ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو گمراھ ڪندڙ ڇا ناهي الله غالب بدلي وٺڻ وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن کي الله هدايت ڪري ٿو تنهن کي ڪو گمراهه ڪرڻ وارو نه آهي. ڇا الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن کي الله هدايت ڪري ان کي ڪوبه گمراهه ڪرڻ وارو نه آهي. ڇا الله غالب پلاند وٺڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن کي جَلَّ جَلالہٗ، سَئـِين سَمجھائي، اُن کي مُنجھائـِيندڙ مُورهِين، ڪونهي ڪِنهن جاءِ، وير وَٺي، وَرجھائي، ڏاڍو سَڀ کان ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38)

(اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته خدا انهن کي خلقيو آهي. کين چئو ته پوءِ توهان انهن جي باري ۾ ڪو غور به ڪيو آهي، جن کي توهان الله تعاليٰ جي علاوه پڪاريندا آهيو؟ (اهو غور ڪيو اٿو ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي تڪليف ڏيڻ چاهي ته اهي (معبود) سندس ڏنل تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن هو مون تي ڪا رحمت ڪرڻ چاهي ته، اهي سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ (اي پيغمبر کين) چئو ته، منهنجي لاءِ الله تعاليٰ بلڪل ڪافي آهي، توڪل ڪرڻ وارا فقط الله تي توڪل ٿا ڪن (ڇو ته ٻيو ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ يقيناً چوندا الله تعالى، توهان فرمايو، توهان ٻڌايو ته توهان جن بتن جي الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف ڏيڻ چاهي ته ڇا اهي ان جي ڏنل تڪليف لاهي سگھن ٿا يا اهو (الله) مون لاءِ رحم ۽ ڪرم جو ارادو ڪري ڇا اهي بت ان جي رحم ۽ ڪرم کي روڪي سگھن ٿا؟ رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي لاءِ الله ڪافي آهي، توڪل ڪندڙ انهيءَ تي توڪل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا (ته) الله. تون (کين) چئو ته غور ڪريو! جن جي اوهين خدا کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندس (پهچايل) تڪليف لاهي سگهن ٿا؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ڇا اهي سندس مهرباني روڪي سگهن ٿا؟ (اي رسول) چوين ته مون لاءِ خدا ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ البت جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته ڇا پوءِ ڏسو انهن کي جن جي پوڄا ڪيو ٿا الله کان سواءِ جيڪڏهن ارادو ڪيو مون کي الله تڪليف ڏيڻ جو ڇا اهي لاهيندڙ آهن ان تڪليف جا يا ارادو فرمايائين مون سان رحمت ڪرڻ جو ڇا اهي روڪيندڙ آهن ان جي رحمت جا فرماءِ ته ڪافي آهي مون لاءِ الله ان تي ئي توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا الله . تون (کين) چؤ ته ڀلا ٻڌايو ته جن کي اوهين الله کان سواءِ سڏيو ٿا جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندن (پهچايل) تڪليف لاهڻ وارا آهن؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ته ڇا اهي سندس مهرباني روڪڻ وارا آهن؟ (اي پيغمبرﷺ!) چؤ ته مون کي الله ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ”الله“. چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو جن بتن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا اگر الله مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ چاهي ته ڇا اُهي (بت) سندس (پهچايل) تڪليف کي دور ڪري سگهن ٿا يا اُهو مون کي رحمت سان نوازڻ چاهي ته ڇا اُهي (بت) ان جي (موڪليل) رحمت کي روڪي سگهن ٿا؟ چؤ مون کي الله ڪافي آهي. ڀروسي رکڻ وارا مٿس ڀروسو رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُڀ، ڀُون ڪِنهن اُپائيا؟ جي پُڇنِدينِ پيغمبر!، چوندا بَرابَر، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو ڀَلا ڪِيئن ٿا ڀانيو؟ ته جَن کي دانهيون ڌڻيان ڌار، ته مون کي ڏُک ڏِين ڪو، جي گُھري هُوند غفار، ته لاهِيندمِ لاچار سي وِچان ٿي وَهار، يا مون مَٿي مِهر ڪا، ڪرڻ گُھري ڪلتار، ته آڏا ٿِيندا، اُن جي ٻاجھن کي ٻيهار، چَئو، اَلله بَس، مُون لئي، اُهِکئَ ۾ آڌار، اُن کي سَڀ ڪم ڪار، سونپڻ گُھرجن سوپِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39)

(کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون کين) چئو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان جيڪي ڪري سگهو سو ڪيو. مان يقيناً (پنهنجي فرض ادائين لاءِ) عمل ڪندو رهندس. پوءِ جلد توهان کي معلوم ٿيندو، ته(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاين تي عمل ڪريو، بيشڪ آئون پنهنجي جاءِ تي عمل ڪندڙ آهيان پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جيڪي وڻيو) عمل ڪريو آءُ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪريان ٿو. پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اي منهنجي قوم وارا، عمل ڪيو پنهنجي جاءِ تي بلاشڪ مان عمل ڪندڙ آهيان پوءِ جلد ڄاڻندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! کين) چؤ ته اي منهنجي قوم اوهين پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو آءُ به عمل ڪندڙ آهيان. پوءِ جلد ڄاڻندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪيو آءٌ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪندڙ آهيان، پوءِ جلد (انجام) ڄاڻندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، پَنهنجي حال حيات تي، اي قوم! ڪريو ڪَم ڪار، آئون به آهيان ڪم ۾، اوسِين اِنتظار، پوِ سِگھوئـِي سَمجھندا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40)

ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪنهن تي ٿو خوار خراب ڪندڙ عذاب اچي ڪڙڪي، ۽ مٿس دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي.(علامه علي خان ابڙو)


ته ڪنهن تي عذاب ايندو جيڪو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي دائمي عذاب لڳندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ڪنهن کي اها آفت اچي ٿي جا کيس (دنيا ۾) خوار ڪري ۽ (آخرت ۾) مٿس هميشه عذاب (به) نازل ٿيندو.(سيد فرمان علي)


ته ڪير آهي جو ايندو ان وٽ عذاب جيڪو خوار ڪندو ان کي ۽ لهندو ان تي عذاب هميشہ وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته ڪنهن تي (دنيا ۾ ) عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ (آخرت ۾ ) مٿس هميشه جو عذاب لهي ٿو. (مولانا محمد مدني)


ته ڪنهن تي (دنيا ۾) عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ (آخرت ۾) ان تي هميشه قائم رهڻ وارو عذاب لهي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهِين آخِرڪار، ته ڪِنهن تي اَچي عَذاب سو، جو ڪريسِ خوب خوار، ۽ نازِل ٿئيسِ نبارا، عُمر ڀَر آزار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41)

بيشڪ اسان توتي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ، ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذمي وار نه آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اسان ماڻهن جي (هدايت) لاءِ توتي هي ڪتاب حق سان (يعني سچائين سان ڀريل) موڪليو آهي، پوءِ جيڪو (ان ۾ ڏيکاريل) سڌي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ وٺندو (يعني ان ۾ سندس ئي چڱائي آهي) ۽ جيڪو (اها واٽ ڇڏي) غلط واٽ اختيار ڪندو سو يقيناً پنهنجي ئي نقصان ۾) گمراه ٿيندو (يعني گمراهه ٿي پنهنجو ئي نقصان ڪندو) ۽ (اي پيغمبر!) توتي اهو ذمو ڪونهي جو تون انهن جا ڪم سنوارين يا سندن سنڀال ڪرين.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان توهان تي (ماڻهن جي هدايت لاءِ) قرآن ڪريم حق سان نازل ڪيو، پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ ٿيو، ۽ جيڪو گمراه ٿيو پوءِ اها گمراهي ان جي مٿان آهي، ۽ توهان انهن جا ذميدار ناهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) اسان تو تي بيشڪ ماڻهن (جي هدايت) لاءِ حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو، پوءِ جيڪو راھ تي آيو سو پنهنجي (ڀلي) لاءِ، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسان نازل ڪيو تو تي ڪتاب حق سان پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ پنهنجي سر لاءِ ۽ جيڪو گمراھ ٿيو پوءِ رڳو گمراھ ٿئي ٿو ان تي ۽ ناهين تون انهن تي ذميدار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ اسان توتي ماڻهن لاءِ حق سان ڪتاب لاٿو. پوءِ جيڪو رستي تي آيو سو پنهنجي ڀلي لاءِ، ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذمي وار نه آهين. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان تو تي حق سان ڪتاب لاٿو ماڻهن (جي رهنمائي) لاءِ، پوءِ جو هدايت وارو ٿيو سو پنهنجي فائدي لاءِ ۽ جو گمراهه ٿيو سو پنهنجي ئي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو، ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان اُتاريو تو مَٿي، ڪامِل! هِي ڪِتاب، سبب سُونهپ ماڻهئـِين، صَحِي بَرصواب، پوءِ جو هَليو حَق مَٿي، ته سَندسِ لاءِ ثواب، ۽ جيڪو گُٿو گَس ڪَنان، ته اُتِس ئـِي عَذاب، نه آهِين تون نواب!، آگٽ وارو اُنهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42)

الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ روحن کي (ماڻهن جي) موت وقت پنهنجي قبضي ۾ کڻي ٿو وٺي ۽ جيڪو نٿو مري تنهن جو روح سندس ننڊ جي حالت ۾ کڻي ٿو وٺي. پوءِ جنهن جي موت جو حڪم صادر ٿو ڪري تنهن جو روح روڪي ٿو رکي (يعني اهو روح انهيءَ جسم ڏي وري نٿو موٽي) پر ٻيا روح (جيڪي ننڊ جي حالت ۾ پنهنجي قبضي ۾ ٿو آڻي سندس جسمن ڏي) مقرر وقت تائين (يعني موت تائين) واپس موڪليندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن تن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون نشانيون رکيل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


موت جي وقت، الله تعالى نفسن کي وفات ڪرائي ٿو، ۽ جيڪي نفس پنهنجي ننڊ ۾ نٿا مرن، پوءِ انهن کي روڪي ٿو جن لاءِ موت جو حڪم ڪيو اٿس ۽ ٻين نفسن کي مقرر وقت تائين ڇڏي ڏي ٿو. بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي فڪر ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله ئي ماڻهن جي مرڻ جي وقت سندن روح (پاڻ ڏي) ڇڪي سڏي ٿو ۽ جيڪي نه مئا آهن سندن (روح) ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن کي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


الله وفات ڪرائي ٿو نفسن کي سندن مرڻ جي مهل ۽ انهن کي جو نه وفات ڪيائون سندن ننڊ وقت پوءِ جهلي ٿو ان کي جو فيصلو فرمايائين ان تي موت جو ۽ ڇڏي ٿو ٻئي کي مقرر مدت تائين بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي سوچين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله روحن کي سندن مرڻ وقت پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو ۽ جيڪي نه مئا تن کي به سندن ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن تي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


الله ئي آهي جو موت جي وقت روحن کي قبض ڪري ٿو ۽ جيڪو اڃا مئو نه آهي ان روح کي ننڊ جي وقت (پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو)، پوءِ جن تي موت جو حڪم لڳي چڪو انهن کي روڪي وٺي ٿو ۽ ٻين (روحن) کي هڪ مقرر وقت تائين ڇڏي ڏئي ٿو. بيشڪ ان ۾ نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي غور و فڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پُوريون ڪري پاڻ ڌَڻِي، جانيون ڪُل جھان، سَندنِ مَرڻ مَهل تي، مَٿي مُهلت ڪانه، ۽ جو نه مُئو سَندين نِنڊ ۾، تِنهنجو هِي بيان، ته جنهن پَساھ جي، پُڄڻ جو، فائـِق ڪِيو فَرمان، جَھلي اُنِهئ جان کي، ٿو ڇَڏي ٻِي جان، مُقرّر مُدت سِين جنهن سان ماڻهو هِت مِهمان، آهِن اهڙئَ قوم لئي، اُن ۾ عام نِشان، جي دِل سان ڏِين ڌِيان، قادِر جي ڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43)

الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟).(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هنن (منڪرن) الله کي ڇڏي ٻين کي شفاعت ڪندڙ ٺهرايو آهي؟ (جنهن جي ڪري سندن پوڄا ٿا ڪن ۽ اميد ٿا رکن ته هوسندن سفارش ڪندا ۽ مددگار ٿيندا) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، اگرچه هنن کي ڪجهه به طاقت يا اختيار ناهي، نڪي هنن کي ڪا سمجهه يا عقل آهي (تڏهن به هو توهان جي لاءِ سفارش ڪندا ڇا؟)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن الله تعالى کانسواءِ بتن کي سفارشي بنايو؟ رسولِ عربي توهان فرمايو اهي بت ڪنهن شيءِ جا مالڪ نٿا ٿين ۽ نه ئي عقل رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) سفارشي بنايو آهي؟ (اي رسول کين) چئو ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا) جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شيءَ جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا ورتائون الله جي اذن کان سواءِ سفارش ڪندڙ؟ فرماءِ ته جيتوڻيڪ نه ٿا مالڪ ٿين ڪنهن شيءِ جا ۽ نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا الله کانسواءِ ٻين کي سفارش ڪندڙ ٺهرايو اٿن ڇا؟ (اي پيغمبرﷺ! کين) چؤ ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا)؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن الله کي ڇڏي (بتن کي) سفارشي بنائي ورتو آهي؟ چؤ (ڇا اهي شفاعت ڪندا) توڙي جو اُهي نه ڪنهن شيءِ جا مالڪ آهن ۽ نه ڪجھه عقل رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَلڪ پاڻ بنايؤن درگاهون ڌَڻِي ڌار، وچ ۾ وَسِيلو ڪَري؛ ٻَهگڻ! ٻول ٻيهار ڇا، توڻِي نه رکن توڙ کان، طاقت ڪا تَڪرار؟ نه کين خَبرچار هِنن جي پُوڄا پاٽ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44)

(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي (پيغمبر! تون کين) ٻڌائي ڇڏ ته سفارش ڪليءَ طرح فقط الله تعالي جي اختيار ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي. آخر توهان ڏانهس ئي موٽايا ويندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو سموري شفاعت الله جي هٿ ۾ آهي، زمينن ۽ آسمانن جي بادشاهي ان جي آهي، ان کان پوءِ ان ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تون چوين ته سڀ سفارش خدا جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس (ئي) آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته الله جي آهي سفارش سموري ان جي آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ بادشاهي ان کان پوءِ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شيءِ جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا. (کين) چؤ ته سڀ سفارش الله جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ سڀ شفاعت (جو اذن) الله جي ئي اختيار ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس آهي. پوءِ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو سُفارش سڀ سائـِينءَ جي، آهي اِختيار، اُڀ ڀُون مُلڪ اُن جو، قائـِم بَرقرار، اُن ڏي آخِرڪار، اَوهين مِڙئـِي موٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45)

۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن فقط هڪ الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان رکندڙ ناهن تن جي دلين ۾ نفرت پيدا ٿي ٿئي ۽ جڏهن هن کي ڇڏي ٻين جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن ڏسو ته خوشيءَ ۾ ٽڙن ٿا پيا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اڪيلي الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته انهن ماڻهن جون دليون تنگ ٿين ٿيون جيڪي آخرت تي ايمان نٿا رکن، ۽ جنهن وقت بتن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان وقت اهي خوش ٿين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن رڳو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن واڇون کلن ٿيون.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ياد ڪيو وڃي ٿو الله اڪيلو اهو ته ٽهنديون دليون انهن جون جيڪي ايمان نه ٿا آڻين آخرت تي ۽ جڏهن ياد ڪيا وڃن ٿا اهي جيڪي ان کان سواءِ آهن ته ان وقت اهي خوش ٿين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن اڪيلي الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين تن جي دلين کي بڇڙو لڳي ٿو. ۽ جڏهن ان کانسواءِ ٻين جو نالو ورتو وڃي ٿو ته اهي ان ئي وقت خوش ٿين ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اڪيلي الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن جون دليون نفرت ڪن ٿيون جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن، ۽ جڏهن الله کان سواءِ (بتن) جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته اُهي ان ئي وقت خوش ٿين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن هِڪ اَلله جِي، ڪَجي پاڪ پَچار، ته ڪَٽريا قلب اُنهن جا، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ۽ جڏهن وِيون ياد ڪيون، ٻِيون درگاهون، تِنهن ڌار، ته اِجھو ڪَر اُن وار اماڻِيون تَن مُبارڪون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46)

(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون) چئو ته، اي الله سائين، آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا، لڪل ۽ ظاهر شين جا ڄاڻيندڙ، تون پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ انهيءَ ڳالهين جو فيصلو ڏي جن ۾ هو اختلاف ٿا رکن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو، اي الله، اي آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ اي غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندين جن (ڳالهين) ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول تون) چئو ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين.(سيد فرمان علي)


چؤ ته اي الله! آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ غيب ۽ ظاهر جا تون فيصلو ڪندين پنهنجن ٻانهن ۾ ان جو جنهن ۾ اختلاف ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ!) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيداڪندڙ! ڳجهه ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ! ڳُجهه ۽ ظاهر جا علم ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ ان (ڳالهين) جو فيصلو ڪندين جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، چِيري اُڀ ڀُون کي، اي ڌڻيَمِ! ڪَندڙ ڌار، ڳجُھيون، پَڌريون ڄاڻندڙ، سانـيَمِ! رَبَّ، ستار، تون تُنهنجي ٻانَهين وچ ۾، قَضا ڪَرِين ڪَلتار! طَرف ٻَئـِي تڪرار، ڪَن جِنهن تان، جھيڙو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47)

۽ جيڪي زمين ۾ سڀئي مال آھي سو ۽ اُن جيترو ٻيو ساڻس جيڪڏھن ظالمن کي ھجي ته جيڪر اُھو قيامت جي ڏينھن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) بدلو ڏئي چڪن، ۽ الله جي طرف کان اھڙو (معاملو) انھن کي پڌرو ٿيندو جنھنجو گُمان (ئي) نه رکندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن (هن دنيا ۾) ظلم جي واٽ اختيار ڪئي آهي، تن کي اگرچه دنيا جا سڀ خزانا هجن ۽ ان سان گڏ اهڙا ۽ ايترا ٻيا به خزانا هجن ۽ اهي سڀ خزانا قيامت جي ڏينهن دردناڪ عذاب کان بچڻ لاءِ فدي طور ڏين (ته به هنن کي ڪونه بچايو ويندو) ۽ الله وٽان هنن جي اڳيان اهڙيون حالتون ۽ عذاب پيش ايندا جنهن جو هنن کي ڪو وهم ۽ گمان به ڪونه هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن ظالم قيامت جي ڏينهن واري عذاب کان بچڻ لاءِ اهي سمورو فديو ڏين ها جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اوترو ٻيو به فديو ڏين ها (ته به بچي نه سگھن ها) ۽ الله جي طرفان انهن لاءِ اهو عذاب ظاهر ٿيندو جو کين گمان ۾ نه هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ ان جيترو ٻيو (به) جيڪڏهن نافرمانن وٽ هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ (ان وقت) خدا جي طرفان کين اهڙي ته ڳالھ پيش ڪئي ويندي جنهن جو وهم ۽ گمان به نه هوندن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن تحقيق (هجي) انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو جيڪو زمين ۾ آهي سمورو ۽ ان جيترو ان سان گڏ ته البته فديو ڏين ها ان سان بڇڙي عذاب کان (ڇٽڻ جي لاءِ) قيامت جي ڏينهن ۽ ظاهر ٿيندو انهن جي لاءِ الله جي طرفان اهو جو نٿي گمان ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪو زمين ۾ مال آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ اُن جيترو ٻيو جيڪڏهن ظالمن کي هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ الله جي طرفان کين اها سزا ڏني ويندي جنهن جو گمان به نه هوندنِ. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن ظلم ڪرڻ وارن وٽ اهو سڀ ڪجهه هجي جيڪو روءِ زمين تي آهي ۽ ان سان گڏ اوترو ٻيو به هجي ته قيامت واري ڏينهن اهو سڀ بدترين سزا جي بدلي ۾ ڏين. ۽ الله جي طرفان انهن لاءِ اهو (عذاب) ظاهر ٿيندو جنهن جو اهي گمان به نه ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهي جَن اَنڌير ڪيا، جي هُوند هُجن تَن هارِ، مِڙِئي مال زَمِين جا، اولہ، اوڀر پار، اُٽل گَڏ اُنِهئَ سان، اِهڙا ٻِيا به اَنبار، ته صَدقو ڪيائون سِرتان، مِڙئـِي مَحشر وار، بُڇڙِي سَزا کان باھِ جي، ته به پاران پالڻهار، سو نيٺ ٿيو نِروار جو ڀورا ڀائـِيندائـِي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48)

۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي هنن (ظالمن هن دنيا ۾) ڪيو ڪمايو هو سي بڇڙايون هنن جي اڳيان ظاهر ٿينديون ۽ جن (حقيقتن) بابت ٽوڪون ڪندا هئا سي ئي کين وڪوڙي وينديون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن لاءِ سندن بداعمالي ظاهر ٿيندي ۽ انهن تي اهو (عذاب) نازل ٿيندو جنهن جي اهي مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جي برا ڪم ڪيا هوندا (سي به) مٿن ظاهر ٿيندن ۽ جنهن (عذاب) تي هي ٺٺوليون ڪن ٿا سو کين اچي گهيريندو.(سيد فرمان علي)


۽ ظاهر ٿينديون انهن جي لاءِ برايون جيڪي ڪمايائون ۽ گهيري ۾ وٺندو انهن کي اهو جو ان سان چٿر ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي ڪمايو هوندائون تنهن جون بڇڙايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن سا مٿن اچي ڪڙڪندي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي لاءِ اُهي برايون ظاهر ٿي پونديون جي انهن ڪمايون ۽ انهن کي اهو (عذاب) گهيري وٺندو جنهن تان مسخريون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي ڪوجھا ڪم ڪيؤن، سي اُنهن تي، ٿيا اِظهار، ۽ جيڪي کِلندا هُئاخوار، سونازِل ٿِيُنِ نَصِيب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49)

پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو ته) جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن هو اسان کي پڪارڻ ٿو لڳي، پر جڏهن اسان پاڻ وٽان هن کي نعمتون ٿا ڏيون تڏهن چوڻ لڳي ٿو ته، مون کي اهي نعمتون منهنجي علم (هنر ۽ ڪوشش) جي ڪري مليون آهن. حقيقت هي آهي ته اها (دولت ۽ آسودگي وغيره) آزمائش آهي پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انسان (ڪافر) کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي پڪاري ٿو، ان کان پوءِ جڏهن اسين ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت ڏيون ٿا، چوي ٿو ته مون کي پنهنجي علم سان اها نعمت ملي آهي، بلڪ اها آزمائش آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمنديءَ جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪ اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن پهتي انسان کي ڪا تڪليف ته سڏيندو آهي اسان کي تنهن کان پوءِ جڏهن ڏيندا آهيون ان کي نعمت پاڻ وٽان ته چوندو آهي ته تحقيق ڏنو ويو آهيان اها علم جي ڪري بلڪه اها پرک آهي ۽ پر گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو. وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمندي جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪه اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو، وري جڏهن اسان کيس پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيون ٿا ته چوي ٿو ته هيءَ نعمت ته مون کي (پنهنجي) علم جي ڪري ملي آهي. (ائين نه آهي) بلڪه اها آزمائش آهي ۽ پر انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَس اَڃا ماڻهوءَ کي، جڏهن رسيو ضرر، زِيان، تڏهن لڳو ڪرڻ، اَسان کي، زاريون ساڻ زِبان، موٽِي مُشڪل اُن جو، جڏهن اَسان ڪيو آسان پَنهنجي پاران ٻاجھ سان، ڪَهيو تڏهن ڪُفران، ته ڏِنا وِيَمِ هِي ڏان، جڏهن هُئـِس آئون حق مٿي. اِهي ته آهِن نِعمتون، اُٽلو اِمتحان، اِن مان گھڻا اِنسان، پَر پروڙِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50)

بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.(علامه تاج محمود امروٽي)


حقيقت هيءَ آهي ته کانئن اڳين (دولت مند) ماڻهن به ائين ئي چيو هو. پر پوءِ جيڪي هنن ڪيو ڪمايو سو کين ڪنهن به ڪم نه آيو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ انهن کان اڳين ماڻهن به ايئن چيو پوءِ سندن بداعمالي سندن ڪنهن ڪم نه آئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي انهن کان اڳ هئا سي به اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا پوءِ (جڏهن اسان جو عذاب آيو) ته سندن ڪارستانيون کين ڪجھ ڪم نه آيون.(سيد فرمان علي)


تحقيق چئي اها ڳالھ جيڪي انهن کان اڳي (گذريا) هئا پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن کي ان جيڪي ڪمايو هيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن کان اڳين به اها ڳالهه چئي پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ انهن کان اڳين به اها ڳالهه چئي هئي پوءِ جو ڪجهه اُهي ڪمائيندا رهيا سو انهن جي ڪم نه آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن کان اڳــيَنِ ڪافِرِين، ڳالهائـِي اِئَ ڳالھ، پوءِ جيڪِي ڪيائون ڪَمڙا، تَن ڪِين ڇَڏايَنِ ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51)

پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


بلڪ جيڪي (بد) عمل ڪيائون تن جا بڇڙا نتيجا کين پيش آيا. (ساڳيءَ طرح) هنن ماڻهن مان جن ظلم جي واٽ ورتي آهي تن کي به سندن (بد) عملن جا بڇڙا نتيجا جلد ئي پيش ايندا ۽ هو هرگز الله کي عاجز ڪري نه سگهندا. (الله جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن کي سندن ڪيل بداعمالي جو نتيجو مليو، ۽ جن ماڻهن انهن مان ظلم ڪيو جلدي انهن جي بداعمالي اچي سندن مٿان پوندي، ۽ اهي الله تعالى جي گرفت کان بچي نٿا سگھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب ته سندن ڪرتوتن جا برا نتيجا کين ڀوڳڻا پيا. پڻ انهن (مڪي جي ڪافرن) مان به جن ماڻهن نافرمانيون ڪيون) آهن تن کي به پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻي پوندي ۽ اهي ماڻهو (خدا کي) عاجز نٿا ڪري سگهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ پهتيون انهن کي برايون ان جون جيڪو ڪمايائون ۽ جن ظلم ڪيو هنن مان جلد پهچنديون انهن کي برايون ان جون جيڪو ڪمايائون ۽ ناهن اهي عاجز ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي ڪمايائون تنهن جون بڇڙايون کين پهتيون۽ هنن (مڪي وارن) مان جن ظلم ڪيو تن جيڪي ڪمايو تنهن جون بڇڙايون کين پهچنديون ۽ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ کين اُهي نتيجا ڀوڳڻا پيا جيڪي بُـــرا ڪم انهن ڪمايا هئا. ۽ هنن (مڪي وارن) مان جن ظلم ڪيو انهن کي (به) جلد اُهي نتيجا ڀوڳڻا پوندا جي انهن ڪم ڪيا ۽ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


برسِر رَسيَنِ بَحال، اََگلايون عَملن جون. ۽ هاڻي پڻ هِنن مَنجھان، ڪيا جَن ڪَلُور، سِگھو اِيندنِ سامهان، ڪيؤَن جي قُصور، مُورک اِهي مُور،، ڏاڍا نه آهِن ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52)

نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هو نٿا ڏسن ته يقيناً الله ئي جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن تن لاءِ هن ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله تعالى جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق تنگ ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه ڄاتو ته الله ئي جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايماندارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڄاتائون ته بيشڪ الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري ۽ تنگ ٿو ڪري بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا نه ڄاتائون ته الله جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن؟ ته الله جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ڌاريؤن ڪِين ڌيان؟ ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، وَڻيسِ وَڌائي، تِنهنجو سَمر ۽ سامان، ۽ ڪِنهن جِي توڻ تنگ ڪري؛ اُن ۾ عام نِشان، آڻِين جي اِيمان، ڪارڻ اُنهِئَ قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53)

(منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! ماڻهن کي منهنجو پيغام) ٻڌاءِ ته اي منهنجا بندؤ جن (منهنجي واٽ ڇڏي بدعمل ڪري) پاڻ تي پاڻ زيادتي ۽ ظلم ڪيو آهي سي خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو، (جيڪڏن هاڻي به منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس). يقيناً الله تعاليٰ (ان حالت ۾) سڀ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. يقيناً هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو، اي منهنجا اُهي ٻانها جن پنهنجين جانين تي (گناهن سببان) زيادتي ڪئي آهي توهان الله جي رحمت کان ڪڏهن به نااميد نه ٿيو، بيشڪ الله تعالى توهان جا سمورا گناه بخشي ڇڏيندو، بيشڪ اهو ئي غفور الرحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


چؤ اي منهنجا ٻانها! جن زيادتي ڪئي پنهنجن سرن تي ته نه نا اميد ٿيو الله جي رحمت مان بيشڪ الله بخشي ٿو گناھ مڙئي بيشڪ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! منهنجي طرفان کين) چؤ ته اي منهنجا پاڻ تي زيادتي ڪندڙ ٻانهو! الله جي مهربانيءَ کان نااميد نه ٿيو! بيشڪ الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ اي منهنجا ٻانهو! جن پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي آهي، توهان الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو. بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ڇڏي ٿو. بيشڪ اُهو ئي معاف ڪندڙ وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تَن ٻول، ته ٻانها مُنهنجا! نِرانِج نِبار، جَن سَندنِ جانِيَن تي، بي حد وِڌا بار، ته اُميد ربَّ جي رَحم مان، لاهيو ڪِيَم لغار، سو بي شڪ بخشي بَديون، هيڪانديون هزار، اُهو بيشڪ بَخشڻهار، سو سَٻاجھو سَڀِين پَريِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54)

۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نه ڏنا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر شرط هي آهي ته) پنهنجي پروردگار (جي ڏيکاريل راه) ڏي موٽو (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪيو) ۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو ان کان اڳي جو توهان تي عذاب اچي وڃي. (عذاب جو وقت اچي ويندو ته) پوءِ توهان کي ڪابه مدد ملي نه سگهندي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿيو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪريو ان کان اڳ ۾ جو توهان تي عذاب اچي ان کان پوءِ توهان جي ڪا مدد نه ڪئي وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿيو ۽ سندس فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي نازل ٿئي ان وقت اوهان جي مدد نه ڪري سگهي.(سيد فرمان علي)


۽ ورو پنهنجي رب ڏانهن ۽ مطيع ٿيو ان جا ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ عذاب ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ٿيو ۽ سندن فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي. وري اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي. (مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽو ۽ ان جا فرمانبردار ٿيو ان کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي وڃي، پوءِ توهان جي ڪا مدد ڪونه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ٿِيو رُجُوع پَنهنجي رَبّ ڏي، مَڃيو اُنِهئ مور، اِنهيان اڳ ته آن کي، ڪو سر تي اَچي سُور، اَچي نَه ڪو اَهڳور، وَرِي وَهارُو اَوهان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55)

۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شيء نازل ڪئي وئي آھي تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن جي بهترين ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي پتو ئي نه پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان ان قرآن ڪريم جي تابعداري ڪريو جيڪو توهان جي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ۾ جو توهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ توهان سمجھي نه سگھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي سٺيون سٺيون ڳالهيون اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿين ٿيون انهن تي هلو. (پر) ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب نازل ٿئي ۽ اوهان کي (ان جي) ڪا خبر به نه هجي.(سيد فرمان علي)


۽ تابعداري ڪيو سهڻي ان جي جيڪو نازل ڪيو ويو اوهان ڏانهن اوهان جي رب وٽان ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ عذاب اوچتو ۽ اوهان نٿا سمجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زياده چٽي ڳالهه جيڪا اوهان ڏي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪئي وئي آهي (قرآن) تنهن جي تابعداري ڪريو هن کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. (مولانا محمد مدني)


۽ هن بهترين (ڪلام) جي تابعداري ڪيو جو توهان جي پالڻهار طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي ان کان اڳي جو توهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي خبر به نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تِنهن سَڀنيان سُهڻي ڳالھ جا، تابِع ٿيو تمام، اَوهان جي آگي ڪنان، آيان جي اَحڪام، اِنهيان اڳ ته، اوچتو آن تي عذاب عام، نازِل ٿئي ناڪام!، اَوهِين هوشيارئـِي نه هئو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56)

(انھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) ته متان پوءِ ڪوبه جيءُ چوي ته ھيءَ ارمان جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ ته) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھوس.(علامه تاج محمود امروٽي)


ائين نه ٿئي جو (هاڻي ته ڪو ماڻهو غافل رهي، پر عذاب اچڻ بعد ارمان ڪري ۽) چوي ته، افسوس منهنجي حال تي، مون الله تعاليٰ جي حڪمن متعلق غفلت ڪئي ۽ مان (انهن بابت) رڳو مسخريون ۽ ٺٺوليون ڪندو رهيس.(علامه علي خان ابڙو)


متان ڪو انسان (اتي) ايئن چوي ته هاءِ افسوس انهن ڪوتاهين تي جيڪي مون الله تعالى بابت ڪيون ۽ بيشڪ آئون مذاق ڪندڙ ن مان هُيُسِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ڏسو ائين نه ٿئي) جو (اوهان مان) ڪو شخص چوڻ لڳي ته افسوس! منهنجي هن ڪوتاهي تي جا مون (خدا جي بارگاھ جو) قرب حاصل ڪرڻ ۾ ڪئي ۽ آءُ ته رڳو اهڙين ڳالهين تي کلندو رهيس.(سيد فرمان علي)


متان چوي ڪو نفس اي ارمان! ان تي جو ڪوتاهي ڪئي مون الله جي عبادت ۾ ۽ مان ٺٺول ڪندڙن مان هيس .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ متان ڪو جِيءَ چوي ته افسوس! جو الله جي حق ۾ ڪوتاهي ڪيم. ۽ بيشڪ آءُ مسخري ڪرڻ وارن مان هوس، (مولانا محمد مدني)


(ائين نه ٿئي جو) ڪو شخص چوي: ”هاءِ افسوس ان ڳالهه تي جو مون الله جي حق ۾ ڪوتاهي ڪئي ۽ يقيناً آءٌ ٺٺول ڪرڻ وارن مان هيس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آکي هَر اِنسان، ته حيف مُنهنجي حال تي! پُورا پارِيَمِ ڪين ڪي، فائـِق جا فَرمان، ۽ نِپٽ هُئـِس نادان، مَسخرن مان مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57)

يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا (هيئن نه ٿئي جو پوءِ) چوي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي هدايت ڪري ها ته مان يقيناً پرهيزگار ٿيان ها.(علامه علي خان ابڙو)


يا ڪو ايئن چوي ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي هدايت ڏي ها ته آئون به پرهيزگارن مان هجان ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا هئين چوڻ لڳي ته جيڪڏهن خدا منهنجي هدايت ڪري ها ته آءُ ضرور پرهيزگارن مان هجان ها.(سيد فرمان علي)


يا چوي ته جيڪڏهن تحقيق الله هدايت ڪري ها مون کي ته البته هجان ها مان متقين مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا چوي ته جيڪڏهن الله مون کي رستو ڏيکاري ها ته آءُ پرهيزگارن مان ٿيان ها، (مولانا محمد مدني)


يا چوي ته: ”هائو جي الله مون کي هدايت ڪري ها ته آءٌ ضرور پرهيزگار مان هجان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا چوي اِهڙِي چال، ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، جي سَئـِين سُهايَمِ ڳالھ، ته هُئـِس سَلامت ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58)

يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي ته جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي ته جيڪر ڀلارن مان ٿيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا (هيئن نه ٿئي جو) عذاب ڏسڻ وقت چوي ته، هاءِ جيڪڏهن مون کي وري موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ مان نيڪ عمل ڪندڙ ٿيندس.(علامه علي خان ابڙو)


يا عذاب ڏسڻ وقت ڪو ايئن چوي ته جيڪڏهن مون کي هڪ دفعو (دنيا ۾) موٽايو وڃي ها ته پوءِ آئون نيڪ بندن مان هجان ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن عذاب کي (ايندو) ڏسي ته چوڻ لڳي ته هاءِ! جيڪڏهن مون کي (دنيا ۾) ٻيو ڀيرو وڃڻ ملي ته آءُ (جيڪر) نيڪن مان ٿيان.(سيد فرمان علي)


يا چوي جڏهن ڏسي عذاب ته جيڪڏهن تحقيق مون لاءِ هجي موٽي وڃڻ پوءِ هجان مان نيڪو ڪارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا جنهن وقت عذاب ڏسي ته چوي ته جيڪر منهنجو موٽڻ ٿئي ته آءٌ نيڪي ڪندڙن مان ٿيان. (مولانا محمد مدني)


يا عذاب ڏسڻ وقت چوي ته :”هائو جي هڪ ڀيرو منهنجو (دنيا ۾) موٽڻ ٿئي ته آءٌ نيڪوڪارن مان ٿيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا چوي اِهِڙي چال جڏهن ڏِسي اکئين عذاب کي، ته موٽڻ مُنهنجو هُوند ٿـئي ، ڀيرو هِڪ بَحال! ته ٿِيان نيڪ نِهال، موٽِي موچارن مان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59)

(چئبس ته) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون پوءِ اُنھن کي ڪُوڙو ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهڙن ارمانن ڪرڻ مان پوءِ ڪجهه نه ورندو ان ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) نه نه، حقيقت هيءَ آهي تو ڏي منهنجون نشانيون آيون. تو انهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تو تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿي وئين.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمائيندو، ها! بيشڪ تو وٽ منهنجيون آيتون آيون پوءِ تو انهن جي تڪذيب ڪئي ۽ تو تڪبر ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهن وقت خدا فرمائيندو ته) هاءُ! هاءُ! جڏهن تو وٽ منهنجون آيتون پهتيون ته تو تن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين (هاڻي تنهنجي هڪ ڳالھ به نه ٻڌي ويندي).(سيد فرمان علي)


هائو تحقيق آيون تو وٽ منهنجون آيتون پوءِ ڪوڙو چيئي انهن کي ۽ وڏائي ڪئي تو ۽ ٿئين تون ڪافرن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان وقت الله فرمائيندو ته) ائين نه آهي تو وٽ منهنجيون آيتون آيون پوءِ تو انهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان ٿئين. (مولانا محمد مدني)


(الله فرمائيندو): ”هائو! بيشڪ منهنجون آيتون تو وٽ آيون پوءِ تو انهن کي ڪوڙو چيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي هائو، تو وٽ آئـِيا، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺئـِي اُن کي، ۽ لڳِين پَڏائـِن پاڻ، ۽ اَصل هُئـِين اَڄاڻ، ڪَٽن ڪافِرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60)

۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو ته سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر) قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته جن ماڻهن الله تي ڪوڙ هنيا تن جا منهن ڪارا ٿي ويندا. ڇا! هٺ وڏائي ڪندڙن لاءِ جهنم ۾ جاءِ ڪانهي؟ (بيشڪ آهي پر اڃا به وڌيڪ بري جاءِ جا لائق آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهيندا هئا توهان ڏسندا ته قيامت جي ڏينهن انهن جا منهن ڪارا هوندا، ڇا تڪبر ڪندڙن لاءِ جهنم ٺڪاڻو ناهي (يقيناً آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ جن ماڻهن خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌا تون قيامت جي ڏينهن ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا هوندا ڇا! غرور ڪرڻ وارن جي جڳھ جهنم ۾ نه آهي؟ (بيشڪ آهي).(سيد فرمان علي)


۽ قيامت جي ڏينهن ڏسندين انهن کي جن ڪوڙ هنيو الله تي ته منهن انهن جا ڪارا هوندا ڇا ناهي جهنم ۾ جاءِ هٺيلن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) جن الله تي ڪوڙ ڳالهايو تن کي قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته سندن منهن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي ڪندڙن جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ قيامت واري ڏينهن تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻڌو ته انهن جا مُنهن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي ڪندڙن جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جَن ٻَڌا ڪُوڙ ڪَرِيم تي، جُڙتو فتوائون جام، ڪارا مُنهن اُنهن جا، ڏِسندِين ڏِينهن قِيام، ڇا، ناهي ماڳ مُدام، آڪِرن جو آگ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61)

۽ جن پرھيزگاري ڪئي تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي تن کي الله تعاليٰ (عذابن کان) بچائي سندس ڪاميابي ۽ سعادت واري جاءِ تي پهچائيندو. هنن کي ڪابه تڪليف نه پهچندي نڪي ڪو غم کائيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى پرهيزگارن کي (جهنم کان) نجات ڏئي بهشت ۾ داخل ڪندو، نه انهن کي (اتي) ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه اهي ڏکوئبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جي شخص پرهيزگار آهن خدا کين سندن ڪاميابي ۽ (نيڪ هجڻ) سبب نجات عطا ڪندو جو انهن کي (ڪا به) تڪليف ڇهندي به نه ۽ نه اهي ماڻهو (ڪنهن طرح) ڏک ڏسندا.(سيد فرمان علي)


۽ ڇڏائيندو الله انهن کي جيڪي پرهيزگار بڻيا انهن جي ڪاميابي جي جاءِ تي نه پهچندو انهن کي عذاب ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله پرهيزگارن کي سندن ڪاميابيءَ سان بچائيندو. کين ڪابه بڇڙائي نه پهچندي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ الله اهڙن ماڻهن کي جن پرهيزگاري ڪئي انهن جي سوڀ سان گڏ نجات ڏيندو ۽ انهن کي نه ڪا برائي پهچندي ۽ نه ئي اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سِيل سَلامت جَن رکيو، ڀڳا ڪنان باھِ، مُوجب مُراد اُنهن جي، آجو ڪَندنِ اَلله، لڳي نه تَن کي لاھ، ۽ نه ڳڻِتي هُونديَنِ ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62)

الله (ئي) سڀڪنھن شيء جو خلقيندڙ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي جي سنڀال ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ هر شيءِ جو خالق آهي، ۽ هر هڪ شيءِ جو نگهبان آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى هر شيءِ جو خالق آهي، ۽ اهو الله تعالى هر شيءِ تي ڪارساز آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ هو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي.(سيد فرمان علي)


الله پيدا ڪندڙ آهي هر شيءِ جو ۽ اهو هر شيءِ جي سنڀال ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي نگهبان آهي. (مولانا محمد مدني)


الله هر شيءِ جو خلقڻهار آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ننڍي، وَڏي سَڀ ٽول کي، جوڙِيندڙ جبّار، ۽ هميشه هَر ٽول جو، سوئـِي سَنڀاليدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63)

آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون انھي ئي وٽ آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس قبضي ۾ آهن، ۽ جن ماڻهن الله تعاليٰ جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي خساري ۽ نقصان هيٺ ايندا.(علامه علي خان ابڙو)


آسمانن ۽ زمينن (جي خزانن) جون چاٻيون ان جون آهن، ۽ جن ماڻهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي ئي نقصان وارا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن ۽ جن ماڻهن سندس آيتن کان انڪار ڪيو اهي ئي نقصان ۾ رهندا.(سيد فرمان علي)


ان جون ئي اهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين جون ۽ جن ڪفر ڪيو الله جي آيتن جو اهي خساري وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو، سي ئي نقصان وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ ان وٽ آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون آهن. ۽ جن ماڻهن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو اهي ئي تَوائِــي ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُن هَٿ اُڀن ۽ ڀُون جون، ڪُنجون برقرار، ۽ اُهي، جَن ڪيو اَلله جي، آيتنِيان اِنڪار، وَڃڻا،سي وَڻجھار، نِسوري نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64)

چؤ ته اي بي عقلؤ مون کي (ھي) ڏسيندا آھيو ڇا ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت ڪريان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون مشرڪن کي) چئو ته، اي جاهلو! ڇا توهان مون کي اهو حڪم ٿا ڏيو ته مان خدا کي ڇڏي ٻين جي ٻانهپ ڪيان؟(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي جاهلؤ توهان مون کي مشورو ڏيو ٿا ته آئون الله کانسواءِ (بتن جي) عبادت ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته نادانو! ڀلا اوهين مون کي چئو ٿا ته آءُ خدا کان سواءِ (ڪنهن ٻئي) جي عبادت ڪريان!(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڇا پوءِ الله جي غير جي لاءِ مون کي امر ڪيو ٿا ته مان عبادت ڪيان اي جاهلو! .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته اي جاهلو! ڇا مون کي هيءَ حڪم ڪريو ٿا ته الله کانسواءِ ٻئي جي عبادت ڪريان؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اي جاهلو! ڇا اوهان مون کي اُهو حڪم ڪيو ٿا ته آءٌ الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي پوڄا ڪيان“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته اي اَڄاڻ! ڇا مون کي اَوهِين ٿا آڇيو، ته پُوڄيان آئون پاڻ ڌاريان پاڪ ڌڻئَ ري؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65)

۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر حقيقت هيءَ آهي ته، (اي پيغمبر!) توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن تون شرڪ ڪندين (يعني خدا جي حڪمن کي ڇڏي شيطان جي واٽ وٺندين) ته تنهنجا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ تون وڏي نقصان هيٺ اچي ويندين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ تحقيق توهان ڏانهن ۽ توهان کان اڳين ماڻهن ڏانهن وحي موڪلي وئي ته جيڪڏهن تو (اي ٻڌندڙ) شرڪ ڪيو ته يقيناً تنهنجا عمل ڪِري پوندا ۽ يقيناً تون نقصان وارن مان ٿيندين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ ٿي چڪا آهن. پڪ هي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪيو ته پڪ تنهنجو عمل اڪارت ٿي ويندو ۽ تون بلڪل نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق وحي ڪيو ويو توڏانهن ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳي هئا ته البته جيڪڏهن شرڪ ڪيو تو ته البته ضرور ڪرندا عمل تنهنجا ۽ البته ضرور ٿيندين تون خساري وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن تون (الله سان ڪنهن کي) شريڪ ڪندين ته تنهنجا عمل برباد ٿيندا ۽ تون نقصان وارن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ تو ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ۽ انهن (نبين) ڏي به جيڪي تو کان اڳ (آيا) هئا، ته جيڪڏهن تو (الله سان ڪنهن کي) شريڪ ڪيو ته ضرور تنهنجا عمل چٽ ٿي ويندا ۽ تون نقصان وارن مان ٿيندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تو ۽ توکان اڳيَن ڏي، آيو اِي اِلهام، جي گڏيو، تو غير کي، آگي، ساڻ عَلام، ته ڪانٽي مان، ڪيرائبا، تُنهنجا ڪَم تمام، ۽ ڪامل! مَنجھ قِيام، هُوندين اَڻـهـُوندن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66)

(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.(علامه تاج محمود امروٽي)


نه (ٻين جي واٽ نه وٺو) بلڪه فقط الله جي ٻانهپ ڪيو، ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪري سندس مفيد حڪمن جي تعميل ڪري ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو).(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ تون الله تعالى جي عبادت ڪر ۽ تون شڪر ڪندڙن مان هج(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر اوهين خدا جي عبادت ڪريو ۽ شڪر گذارن مان ٿيو.(سيد فرمان علي)


بلڪ الله جي پوءِ عبادت ڪر ۽ هُج شڪر ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بلڪه رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيءُ. (مولانا محمد مدني)


بلڪه تون الله جي عبادت ڪر ۽ شڪر گذارن مان هج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اُٽلو پُوڄ اَلله کي، ۽ ٿِي ڳُڻ موکن مان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67)

۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(افسوس) هنن ماڻهن الله تعاليٰ (جي علم، قدرت، رحم، نعمتن ۽ وحي) جو اهڙو قدر نه ڪيو آهي جهڙو ڪرڻ گهرجي. (سندس قدرت ۽ طاقت ايڏي ته آهي جو) قيامت جي ڏينهن سڄي زمين سندس مٺ ۾ پئجي ويندي ۽ سڀ آسمان سندس سڄي هٿ ۾ پئجي ويندا. وڏو شان آهي الله جو ۽ هو پاڪ ۽ بلند آهي انهن کان جن کي هنن خدا سان شريڪ سمجهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن الله تعالى جي شان وٽان الله تعالى جو قدر نه ڪيو، ۽ قيامت جي ڏينهن سموريون زمينون ۽ آسمان آئون پنهنجي طاقت سان پنهنجي دستِ قدرت ۾ گڏ ڪندس، الله تعالى انهن جي شرڪ ڪرڻ کان پاڪ ۽ بلند آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن ماڻهن خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو (تهڙو ڪجھ به) قدر نه ڪيو. هوڏانهن (اهو اهڙو قادر آهي جو) قيامت جي ڏينهن سموري زمين (ڄڻ ته) سندس مٺ ۾ ئي هوندي ۽ سڀ آسمان (ڄڻ ته) سندس سڄي هٿ ۾ ويڙهيل (سهيڙيل) هوندا جنهن کي اهي ماڻهو سندس شريڪ بنائين ٿا اهو ان کان پاڪ ۽ بلند آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه قدر ڪيائون الله جو قدر جو حق ۽ زمين سموري مُٺ ان جي ۾ آهي قيامت جي ڏينهن ۽ آسمان ويڙهيل هوندا ان جي (قدرتي) سڄي هٿ ۾ پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو شريڪ بنائن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله جو قدر نه ڪيائون جيئن ان جي قدر جوحق آهي. ۽ قيامت جي ڏينهن زمين ساري سندس مٺ ۾ هوندي ۽ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. اهو پاڪ آهي ۽ جن کي ساڻنس شريڪ ڪن ٿا تن کان بلند آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله جو قدر (۽ تعظيم ائين) نه ڪيائون جيئن ان جي قدر (۽ تعظيم) جو حق هيو. ۽ سارِي جو سارِي زمينَ قيامتَ واري ڏينهنِ سندسِ مُٺِ ۾ هُوندي، ۽ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. اُهو پاڪ آهي ۽ جن کي ساڻس شريڪ ڪن ٿا تن کان بلند آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هرگز شان حُضور، نه ڄاتئون، ڄاڻڻ جِيئن کپي. ۽ ڀُون مِڙئـِي مُٺ اُن جي، ٿَر بَر، ٿاڻا ٿاڪ،۽ سَندسِ سَڄي هَٿ ۾، ويڙهيل اُڀ اَفلاڪ، ڪاغذ جِيئن، قيام ڏينهن؛ آهي پَڪ سو پاڪ، ۽ جي ڀيڙا ڪن بي باڪ، اَلله اُتم ٿيو، اُنهن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68)

۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي ته پوءِ (ان جي آواز تي) جيڪو به آسمانن ۽ زمين تي آهي سو بيهوش ٿي ويندو. سواءِ انهيءَ جي جو جنهن کي الله تعاليٰ چاهيندو (ته بيهوش نه ٿئي) پوءِ ٻيهر توتاري وڄائي ويندي ته هڪدم سڀ ماڻهو کڙا ٿي بيهندا ۽ (هيڏي هوڏي نهاريندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ بيهوش ٿيندا جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمينن ۾ آهن مگر جنهنکي الله تعالى چاهي (بچائي)، ان کان پوءِ ان ۾ ٻي ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ يڪدم اهي انتظار ۾ بيٺل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (جڏهن پهريون ڀيرو) صور ڦوڪيو ويندو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن سي ۽ جيڪي زمين ۾ آهن اهي (سڀ موت کان) بيهوش ٿي ڪري پوندا پر (هاءُ) جنهن کي خدا گهري (سو البت بچي پوندو) وري (جڏهن) ٻيو ڀيرو صور ڦوڪيو ويندو ته يڪدم سڀئي اٿي بيهي ڏسڻ لڳندا!(سيد فرمان علي)


۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ بيهوش ٿي ڪرندا اهي جيڪي آسمانن ۾ هوندا ۽ اهي جيڪي زمين ۾ هوندا مگر جيڪي گهريو الله ان کان پوءِ ڦوڪ ڏني ويندي ان ۾ ٻيو ڀيرو پوءِ اوچتو ئي اهي بيهندڙ ٿي ڏسندا رهندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (پهرئين ڀيري) صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي مرندا ان کانسواءِ جنهن کي الله گهري. وري صور ۾ ٻئي ڀيري ڦوڪيو ويندو ته اُهي اُمالڪ (قبرن مان نڪري) کڙا ٿي پيا نهاريندا (مولانا محمد مدني)


۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي بي هوش ٿي ويندا سواءِ ان جي جنهن کي الله گهري. وري صور ۾ ٻئي ڀيري ڦوڪيو ويندو پوءِ اچانڪ اُهي بيهي نهارڻ لڳندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڦوڪيو وِيندو ڏنڊ ۾، پوءِ مَرن مِڙوئـِي مُور، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، ڀَتو ڀَتين ڀَر پُور، مگر بَچن موت کان، جي گُھري رَبُّ غفور، موٽِي مَنجھسِ ڦوڪيو ويو، حُڪم ساڻ حُضور، ته اِجھو اَهل قُبور، اُڀا ڦِيرِينِ اکيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69)

۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي ويندي ۽ (ماڻهن جي عملن جو) ڪتاب (کولي ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شهيدن کي (شاهدي ڏيڻ لاءِ) آندو ويندو ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى جي نور سان زمين روشن ٿيندي ۽ (هر شخص جي اڳيان سندس) عمل نامون رکيو ويندو ۽ پيغمبر ۽ گواه آندا ويندا ۽ مخلوق جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي پوندي. پڻ (عملن جو) ڪتاب (ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو، ۽ پيغمبر ۽ شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي (ذري جيترو به) ظلم نه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ روشن ٿيندي زمين پنهنجي رب جي نور سان ۽ رکيو ويندو ڪتاب ۽ آندا ويندا انبياء ۽ شاهد ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾ حق سان ۽ اهي ظلم نه ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زمين پنهنجي پاليندڙ جي نور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شاهدن کي آندو ويندو ۽ سندن وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ زمين پنهنجي پالڻهار جي نور سان چمڪي پوندي ۽ (هر هڪ اڳيان عملن جو) ڪتاب رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شاهدن کي آندو ويندو، ۽ انهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چمڪي ڀُون چوڌار، سَندسِ ڌڻئَ جي نُور سان، ۽ آڻي اڳيان رکيا وِيا، عَملن جا اَنبار، ۽ نَبِي ۽ شاهِد سامهان، اَچِي بِيٺابرقرار، ۽ ڪيو وِيو انصاف سان، اُنهن وِچ آچار، ۽ حق نه مورهِين مارِبو، ڪو تَنِين جو تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70)

سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هر هڪ شخص کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو، ۽ (عمل لڪي به ڪونه سگهندا ڇو ته) جيڪي جيڪي ماڻهو ڪن ٿا سو سڀ هو ڀليءَ طرح ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر شخص کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ اهو ئي سندن عملن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن شخص جو ڪجھ ڪيو هوندو تنهن کي ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. ۽ جو ڪجھ اهي ماڻهو ڪن ٿا اهو تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس ان جو جيڪو ڪيائين ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪوڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو ان کي پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ (ماڻهو) جيڪي به ڪن ٿا تنهن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هر شخص کي ان جي عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ اهو چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪجهه اُهي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جُڙيا هر ڪِنهن جِئ کي، جي ڪيائين پورهيا پار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، واحِد واقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71)

۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪافرن کي جهنم ڏانهن ٽولين ۾ وٺي ويندا، تانجو جڏهن اهي اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا محافظ (فرشتا کين) چوندا ته، ڇا توهان ڏي توهان منجهان رسول ڪونه آيا هئا؟ جيڪي توهان کي توهان جي پروردگار جون آيتون ۽ حڪم پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن جي پيش اچڻ متعلق به خبردار ڪندا هئا؟ (عجب آهي جو تنهن هوندي به توهان هيترا سارا جهنم ۾ پهچڻ لاءِ اچي نڪتا آهيو، ٻيا فرشتا جواب ۾) چوندا ته، هائو! (رسول ته برابر وٽن ويا هئا ۽ کين خبردار به ڪيائون ته به هو برا فعل ڪندا رهيا) سو عذاب جو حڪم ۽ واعدو ڪافرن بابت سچو ثابت ٿيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن کي ٽولا ٽولا ڪري جهنم ڏانهن ڪاهيو ويندو، ايستائين جو جڏهن اُهي اُتي پهچندا ته جهنم جا دروازا کوليا ويندا ۽ ڪافرن کي جهنم جا ڪم ڪندڙ فرشتا چوندا ڇا توهان وٽ توهان مان رسول نه آيا؟ جيڪي توهان تي توهان جي رب جون آيتون پڙهندا هئا ۽ توهان کي هن ڏينهن (قيامت) جي ملڻ کان ڊيڄاريندا هئا، ڪافر چوندا، ها!. پر ڪافرن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چُڪي (آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏي هڪليو ويندو تان جو جڏهن دوزخ وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ دوزخ جا دروغا کين چوندا ته اوهان مان توهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پروردگار جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن (بري) ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين؟ ڪافر چوندا ته هاءُ! (آيا ته هئا) پر (اسان نه مڃيو ۽)عذاب جو حڪم ڪافرن جي باري ۾ ثابت ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ هڪليا ويندا ڪافر جهنم ڏانهن ٽولا ٽولا ڪري تانجو جڏهن ان وٽ ايندا ته کوليا ويندا ان جا دروازا ۽ چوندا انهن کي ان جا داروغا ڇا نه آيا اوهان وٽ رسول اوهان مان جو پڙهن پيا اوهان تي اوهان جي رب جون آيتون ۽ ڊيڄارين پيا اوهان کي ان جي هن ڏينهن جي اچڻ کان چوندا هائو ۽ پر ثابت ٿي چڪو آهي حڪم عذاب جو ڪافرن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري جهنم ڏي ڪاهيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته اوهان مان اوهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پاليندڙ جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين. (ڪافر) چوندا ته هائو! پر (اسان) ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانهن هڪليو ويندو. تانجو جڏهن ان (جهنم) وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته: ”ڇا اوهان وٽ اوهان مان ڪي رسول نه آيا هئا؟ جي اوهان کي اوهان جي پالڻهار جون آيتون پڙهي ٻڌائن ۽ توهان کي هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارن“؟ چوندا ته: ”هائو“ (آيا هئا) پر ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿي چڪو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڦِريا کون فرمان، اُهي ڪامَن سان ڪاهِبا، ٽولِيَن پُٺيان ٽوليون، هاوِئَ ڏي حيران، تان آيَسِ، تڏهن اُن جا، کُلِيَل دَر دالان، ۽ پُڇن پار اُنهن کان، دوزخ جا دَربان، ڇا، آيان نه اَوهان مَنجھان، ڪي مُرسل مِهربان؟ جي آن تي، اَنهنجي ربَّ جا پَڙهن باب بيان، ۽ هِن ڏِينهن جي ڏَهڪار جو، ڪن اوهان کي اعلان، تڏهن اُنهن اِقرار ڪيو، ظاهر ساڻ زبان، پر ثابِت سخت عذاب جو، ٿيو قَلم مٿي ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72)

(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڪافرن کي) چيو ويندو ته، (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ گهڙو. توهان ان (جهنم) ۾ هميشه لاءِ رهندؤ (۽ پچندؤ) پوءِ (ڏسو ته) تڪبر ڪرڻ وارن جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


ڪافرن کي چيو ويندو توهان هميشه هميشه رهڻ لاءِ جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو، پوءِ تڪبر ڪندڙن جو ڪهڙو نه خراب ٺڪاڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پوءِ کين) چيو ويندو ته دوزخ جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه پيا رهو. غرض وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آهي.(سيد فرمان علي)


چيو ويندو داخل ٿيو جهنم جي دروازن کان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ بري آهي جاءِ هٺيلن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(پوءِ کين) چيو ويندو ته جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ پيا رهندو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


(کين) چيو ويندو ته جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه رهندؤ. پوءِ هٺيلن جي جاءِ ڏاڍي بڇڙي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، دوزخ جي دَرن مان، داخِل ٿيو ديوان! درد کِيندڙ دائـِما، مَنجِھين اِن مَڪان، پوءِ بُڇڙو بي گمان، مَغرورن جو ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73)

۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار کان ڊڄي نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي ٽولين ۾ جنت ڏانهن وٺي ويندا. تان جو جڏهن هو اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا (هڪدم) کلي پوندا ۽ ان جا محافظ فرشتا کين (کيڪاري مرحبا ڪري) چوندا ته اوهان تي سلام (۽ سلامتي) هجي، خوش رهو! هن جنت ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مؤمنن کي (جلدي سوارين تي سوار ڪرائي) جنت ڏانهن جماعتون جماعتون ڪري روانو ڪيو ويندو، ايستائين جو اهي جڏهن اُتي پهچندا ۽ جنت جا دروازا کوليا ويندا ۽ مؤمنن کي جنت جا ڪم ڪندڙ فرشتا چوندا ته توهان تي سلام آهي، توهان خوش رهو پوءِ هميشه هميشه رهڻ لاءِ توهان جنت ۾ داخل ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي (دنيا ۾) پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا تن کي جنت ڏي (وڏي عزت) سان ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ته ان جا نگهبان کين چوندا سلام عليڪم (اوهان تي سلام هجي) اوهين چڱا رهيا! ۽ ان ۾ هميشه (هميشه) رهڻ لاءِ داخل ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ روانا ڪيا ويندا اهي جيڪي ڊڄندا پنهنجي رب کان جنت ڏانهن ٽولا ٽولا ڪري تانجو جڏهن ان وٽ پهچندا ۽ کوليا ويندا ان جا دروازا ۽ چوندا انهن کي ان جا داروغا ته سلام آهي اوهان تي خوش ٿيو پوءِ انهن ۾ داخل ٿيو هميشہ رهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي (دنيا ۾ ) پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن کي جنت ڏي ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته اوهان تي سلام هجي اوهين خوش رهو! پوءِ ان ۾ هميشة رهڻ لاءِ داخل ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا انهن کي جنت ڏانهن جماعتون ڪري روانو ڪيو ويندو. تانجو جڏهن ان (جنت) وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا: ”توهان تي سلام هجي، توهان خوش رهو پوءِ ان ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ رکيو پَنهنجي ربَّ جو، جَن سونڪو مَنجھ سَرِير، جماعتون جنت ڏي، ويا موڪليا سي مِير، اُپٽيا دَر اُن جا، جڏهن ويجھا آيسِ وِير، ۽ تڏهن اُتارِيَن اُن جي کِلِي ڏِنيَن کِير، آن تي سَداسلامتِي، خُوش خُوش رهو خبِير! پوءِ مَنجھ اِن مُلڪ مَلِير، داخل ٿيو دائـِما.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74)

۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي (جنتي) چوندا ته، سڀ ساراهه (۽ شڪر) آهي ان الله جي لاءِ جنهن اسان سان ڪيل پنهنجو واعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي هن زمين (يعني جنت) جو وارث بنايو. هن جنت ۾ اسان کي جتي وڻي تتي رهي ٿا سگهون. چڱا عمل ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه عمدو اجر ۽ انعام آهي!(علامه علي خان ابڙو)


۽ مؤمن چوندا سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان لاءِ پنهنجي وعدي کي پورو ڪيو ۽ اسان کي جنت جو وارث بنايو جو اسين جنت ۾ جتي اسين چاهيون اتي رهون، پوءِ نيڪوڪارن جو ڪهڙو نه بهترين اجر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي (مومن) چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (بهشت جي) زمين جو وارث ڪيائين. بهشت ۾ جتي چاهيون ٿا اتي رهون ٿا ته نيڪ ٿي هلڻ وارن جو عوض ڪهڙو نه سٺو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چوندا سڀ ساراھ الله جي لاءِ (ثابت) آهي جنهن سچو ڪيو اسان سان پنهنجو وعدو وارث ڪيائين اسان کي زمين جو رهون ٿا بهشت مان جتي گهرون پوءِ چڱو ٿيو اجورو عمل ڪندڙن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهي چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (جنت جي) زمين جو وارث ڪيائين. جنت مان جتي گهرون ٿا اتي رهون ٿا. پوءِ (اهو) عمل ڪندڙن جو اجر (ڪهڙو نه) چڱو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي (جنتي) چوندا ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي (جنت جي) زمينِ جو وارث بنايائين ۽ اسان ان جنت ۾ جتي چاهيون رهون، پوءِ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ڪهڙو ڀلو اجر آهي“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُتو تَن، ته اَلله جا، هردم حمد هزار، جنهن پاڪ، اسان سان پارِيا پَنهنجا قول قرار، ۽ ڀُون اسان کي بَخشئـِين، سَدا باغ بهار، جِتي گُھرون جَنت مان، ته گُھمون وِئَ وَلهار، پوءِ سُهڻو ٿيو سَهوار، اَجر عامِلن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75)

۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته فرشتا عرش جي چوڌاري حلقو ٻڌي موجود هوندا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهندا ۽ (ياد رکو ته قيامت جي ڏينهن) ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو (۽ نيڪن کي سعادت ۽ برن کي عذاب ملندو) ۽ (فرشتا ۽ نيڪ انسان نعري طور) پڪاري چوندا ته، الحمدلله رب العالمين! (يعني سڀ ساراهه انهيءَ الله جي آهي جو جهانن جي پرورش ڪندڙ آهي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان ملائڪن کي ڏسندا ته عرشِ عظيم جي چؤڌاري حلقو ڪري پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد پڙهندا ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ ئي آهن جو جهانن جو پروردگار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڏسندين ملائڪن کي گهيرو ڪندڙ چوڌاري عرش جي تسبيح پڙهندا آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾ حق سان ۽ چيو ويندو ته سڀ ساراھ الله، جهانن جي رب جي لاءِ (ثابت) آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون ملائڪن کي ڏسندين ته اُهي عرش جي چوڌاري حلقو ٻڌي بيٺل هوندا پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ ان جي تسبيح پڙهندڙ هوندا، ۽ انهن (سڀني) جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي“. (فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَلڪ موچارا عرش کي، چونڪِي ڏِسِين چوڌار، ته ٻِئا پَنهنجي ربَّ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ صَفا سَچ تي ڪيو ويو، اُنهن وِچ آچار، ۽ چَو ٻولو چوڌار ٿيو، ته آهِن اَلله هارِ، هر دم حمد هزار، جو پالڻهار پر ٿڻيِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017