القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ صٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 88


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1)

صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (ته جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو سو سچ آھي).(علامه تاج محمود امروٽي)


صاد- قرآن مجيد تي غور ڪيو جنهن ۾ (الله جو پيغام آهي ۽ جنهن ۾ اعليٰ) نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


صٓ. قسم آهي قرآن ڪريم جو جيڪو نصيحتن سان ڀريل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ص، نصيحت واري قرآن جو قسم (تون بر حق نبي آهين).(سيد فرمان علي)


ص- قسم آهي قرآن نصيحت واري جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


صٓ. هن نصيحت (ڏيڻ) واري قرآن جو قسم آهي (ته جلد قرآن جي حڪومت قائم ٿيندي) (مولانا محمد مدني)


ص (حقيقي معنى الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الله جلّ جلالہٗ، سمجھي معنىٰ صاد، ساک سچي قُرآن جِي، جو جڳ ڏِيندڙ ياد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2)

بلڪ ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


حقيقت هي آهي ته جيڪي ماڻهو (قرآن جي مڃڻ کان) انڪارڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پر اهي ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر اهي ڪافر (اجايو) وڏائي ۽ دشمني ۾ (غرق ٿي انڌا ٿيا) آهن.(سيد فرمان علي)


بلڪه جن ڪفر ڪيو تڪبر ۽ مخالفت ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر ڪافر وڏائيءَ ۽ مخالفت ۾ (پيل) آهن. (مولانا محمد مدني)


بلڪه اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي غرور ۽ مخالفت ۾ (پِيَلَ) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو جَن اِنڪار ڪيو، سي مَنجھ ڦُونڊ فساد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3)

کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نه ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هنن منڪرن هيءَ ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته) کانئن اڳي اسان ڪيتريون ئي پيڙهيون (سندن بدعملن جي ڪري) برباد ڪري ڇڏيون. پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳا جڏهن (عذاب ۽ برباديءَ کان) بچڻ جو وقت گذري ويو.(علامه علي خان ابڙو)


اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيترون قومون هلاڪ ڪيون پوءِ انهن پڪاريو ۽ اهو وقت نجات جو نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان انهن کان اڳ ڪيترائي گروھ برباد ڪري ڇڏيا ته (عذاب جي وقت) اهي ماڻهون دانهون ڪرڻ لڳا پر ڇوٽڪاري جو وقت ئي نه رهيو هو.(سيد فرمان علي)


ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان اڳي انهن کان جماعتون پوءِ سڏيائون ۽ نه هو وقت ڇوٽڪاري جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


کانئن اڳ ڪيتريون جماعتون اسان برباد ڪيون، پوءِ دانهون ڪرڻ لڳا هوڏانهن اهو ڇوٽڪاري جو وقت نه هو. (مولانا محمد مدني)


اسان ڪيترين ئي امتن کي انهن کان اڳ هلاڪ ڪيو پوءِ (عذاب ڏسي) دانهون ڪيائون حالانڪه اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪياسون جڳ ڪيترا، اُنهن کان اڳ بَرباد، پوءِ ڪيائون فرياد، ته ڀَڄڻ ڀِيڻِي ناھِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4)

۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ته عجب ڪرڻ لڳا، ۽ (اِھي) ڪافر چوڻ لڳا ته ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي (مڪي جا منڪر) عجب ٿا کائين ته اسان مان ئي اسان ڏي هڪڙو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي. ۽ اهي ڪافر چون ٿا ته، هي (پيغمبرﷺ) جادوگر آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائي چوي ٿو (ته مان پيغمبر آهيان).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي عجب ڪن ٿا جو انهن مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، ۽ ڪافرن چيو هيءُ جادوگر (۽) وڏو ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن ماڻهن کي هن ڳالھ کان حيرت ٿي ته انهن مان ئي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) انهن ڏانهن آيو پڻ ڪافر ماڻهو چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته وڏو (کيڏاري) جادوگر ۽ سخت ڪوڙو آهي. (سيد فرمان علي)


۽ عجب ۾ پيا ته آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ انهن مان ۽ چيو ڪافرن ته هي جادوگر وڏو ڪوڙو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هن ڳالهه جو عجب ڪيائون جو وٽن پاڻ مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو ۽ (انهن) ڪافرن چيو ته هيءَ ڪوڙو جادوگر آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ عجب ڪيائون هن ڳالهه جو ته انهن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، ۽ ڪافرن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُٽلو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿيا حيران، ته آيُن ڪو اُنهن مَنجھان، خَبرون ڏِيندڙ خان، ۽ هِي ڪوڙو ڪار اَ کريو، ڪَهڻ لڳا ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5)

ڀلا (ڏسو ته) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھي ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ منڪر چون ٿا ته) ڇا هن (پيغمبر) گهڻن معبودن ديوتائن کي گڏي هڪ خدا کڻي بڻايو آهي. يقيناً هيءَ وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا ان گھڻن معبودن کي هڪ الله بنايو آهي بيشڪ هي شيءِ عجيب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڀلا (ڏسو ته) هن شخص سڀني بتن کي (مليا ميٽ ڪري رڳو) هڪ معبود مقرر ڪيو آهي، اها ڳالھ ته پڪ حيرت جهڙي آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا بنايائين گهڻن معبودن کي معبود هڪڙو بلاشڪ هي البته شيءِ عجيب آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا سڀني معبودن جي بدلي هڪ معبود مقرر ڪيو اٿس؟ بيشڪ هيءَ ڏاڍي عجب جي ڳالهه آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا ان سڀ معبودن جو هڪ ئي معبود بنايو آهي. بيشڪ اها وڏي عجب جي ڳالهه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته سَوِين دَرگاهون ديسيِـين، ڏِين جَنين تي ڏان، آهي عجب عيان، ته هِن سَموريون هِڪ ڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6)

۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن منڪرن ۾ جيڪي سردار هئا سي (اسلام بابت بحث ڪندي ڪاوڙجي) اٿي هليا (۽ وڃڻ وقت ماڻهن کي چيائون ته) توهان به هليا وڃو. ۽ پنهنجي ديوتائن (جي پوڄا ڪرڻ) تي ثابت قدم رهو. يقين رکو ته هيءَ ڳالهه (ڪنهن مطلب لاءِ اوهان جي خلاف) سٽي ويئي آهي. (۽ چيائون ته).(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن (قريشن) مان سردار روانا ٿيا (۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا) ته توهان هلو ۽ توهان پنهنجي معبودن (جي عبادت) تي صبر ڪريو. بيشڪ هن (توحيد ۽ رسالت) ۾ سندس ڪو مطلب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ انهن مان ڪي ذمي دار ماڻهو هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) اٿي کڙا ٿيا ته (هتان) اٿو! ۽ پنهنجن معبودن جي عبادت تي قائم رهو، پڪ ان ڳالھ ۾ هن (شخص جو) ڪجھ (ذاتي) غرض آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جماعت وئي انهن مان ته هلو ۽ صبر ڪريو پنهنجن معبودن (جي پوڄا) تي بلاشڪ هي البته شيءِ آهي جيڪا ارادو ڪئي وئي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان سردار هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) هلي ويا ته هلو ۽ نهنجن معبودن تي قائم رهو. بيشڪ هي (دين) هڪ فتنو آهي جنهن جو ارادو ڪيو ويو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن مان سردار هي چوندا اٿي هليا ته: ”هلو پنهنجي معبودن (جي پوڄا تي) ڄميل رهو، بيشڪ ان ڳالهه ۾ ضرور ڪو (ذاتي) غرض آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ٽولِي ٽَري اُنهن مان، ته هَلو ته، هَلون يَڪا، پَنهنجي پُوڄ، پِيرن تي، ڪَريو پير پَڪا، اِي ڪِهڙي ڳالھ ڪا، جنهن جو رکن اسان ۾ آسرو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7)

اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان اڳوڻي قوم يا پيڙهيءَ ۾ اهڙي ڳالهه ڪڏهن به نه ٻڌي. اها ڪجهه به ناهي. رڳو هٿرادو ٺاهيل ڳالهه آهي.(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ ڳالهه ته اسان عيسائيت ۾ به نه ٻُڌي، هيءُ ته فقط هٿرادو ڪوڙ ٺاهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان ماڻهن ته اها ڳالھ اڳئين دين ۾ ڪڏهين ٻڌي به ڪين! هجي نه هجي اها سندس ٺاهيل (ڳالھ) آهي.(سيد فرمان علي)


نه ٻڌو اسان هي پوئين دين ۾ ناهي هي مگر هٿ جي ٺاهيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها ڳالهه پوئين دين ۾ اسان نه ٻڌي. بيشڪ هي رڳو ٺاهه آهي. (مولانا محمد مدني)


اسان اها ڳالهه پوئين دين (يعني نصرانيت) ۾ به نه ٻڌي، بيشڪ هي رڳو هڪ ٺاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻِئي ڪِنهن ڌَرم، دِين ۾، هِي ڪَنِين سُئيِسُون ڪانه، هِي ڪُوڙ سوا ڪُجھ ناھِ ٻِيو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8)

اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اسان سڀني مان اچي هن (يتيم بي پهچ مسڪين) تي وحي نازل ٿيو آهي؟ حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي منهنجي وحي بابت ئي شڪ آهي (هو سمجهن ٿا ته خدا وحي موڪليندو ئي ڪونهي، ان کان سواءِ هنن کي قرآن جي تعليم پسند به نٿي اچي) هيئن به آهي ته هنن اڃا منهنجي عذاب جو ذائقو نه چکيو آهي، (جڏهن عذاب ايندن تڏهن اکيون سندن کلنديون.)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اسان جي وچان رسولِ عربيءَ تي قرآن ڪريم نازل ڪيو ويو؟ بلڪ اهي منهنجي قرآن ڪريم کان شڪ ۾ آهن بلڪ انهن اڃان منهنجو عذاب نه چکيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اسان سڀني ۾ رڳو (محمد ئي لائق هو جو) ان تي قرآن نازل ٿيو. (نه!) ڳالھ هيءَ آهي ته کين (دراصل) منهنجي ڪلام ۾ ئي شڪ آهي (ته اهو منهنجو آهي يا نه) پر ڳالھ هيءَ آهي ته انهن ماڻهن اڃا تائين منهنجي عذاب جو مزو چکيو ئي نه آهي (تنهنڪري ئي اهي شرارت ڪن ٿا).(سيد فرمان علي)


ڇا نازل ڪيو ويو ان تي قرآن اسان مان بلڪه اهي شڪ ۾ آهن اسان جي ڪتاب ۾ بلڪه اڃان نه چکيائون عذاب منهنجو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اسان مان مٿس ئي قرآن لاٿو ويو آهي پر انهن (ڪافرن) کي منهنجي نصيحت ۾ شڪ آهي، بلڪ اڃان تائين منهنجو عذاب نه چکيو اٿن. (مولانا محمد مدني)


ڇا اسان سڀني وچان صرف ان تي ئي ذڪر (قرآن) لاٿو ويو آهي“. بلڪه اُهي منهنجي نصيحت جي باري ۾ شڪ ۾ آهن، بلڪه انهن اڃا تائين منهنجي عذاب (جو مزو) نه چکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، اُن جو ايڏو شان؟ اَسان وِچان اُن تي، لاٿو وِيو قُرآن، نه آهِن نَصِحيت تي اِهي، مگر مَنجھ گُمان، جڏهن مَنجھ جھان، ڪام نه چکيائون قَهر جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9)

تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(هي سردار جو هيترو هٺ ۽ وڏائي ٿا ڪن سو اي پيغمبر!) هيئن آهي ڇا ته، وٽن تنهنجي انهيءَ پروردگار جي رحمت جا خزانا پيل آهن جو وڏي طاقت، غلبي وارو آهي ۽ وڏو فياض آهي ۽ بي حساب نعمتون عطا ڪندڙ آهي؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن وٽ توهان جي رب جي رحمت جا خزانا آهن جيڪو غالب (۽) گھڻو بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا ته (اي رسول) تنهنجي زبردست فياض پالڻهار جي رحمت جا خزانا انهن وٽ آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا انهن وٽ آهن خزانا رحمت رب تنهنجي جا جيڪو غالب گهڻو عطا ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته وٽن تنهنجي زبردست (۽) ڏيڻ واري پاليندڙ جي رحمت جا خزانا آهن ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت جا خزانا آهن؟ جيڪو غالب عطا ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، تُنهنجي رَبَّ جي رَحمت جا، اُنهن وَٽ اَنبار؟ صفت جنهن صاحب جِي، ڏاڍو ۽ ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10)

آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا هيئن آهي ڇا ته هنن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي (تنهن جي به کين بادشاهي آهي) جيڪڏهن ائين آهي ته رسن يا ڏاڪڻين سان مٿي ته چڙهن. (۽ الله جي وحي کي روڪين ۽ مؤمنن کي غالب ٿيڻ نه ڏين. اٽلندو جلد هو پاڻ مغلوب ٿيندا.)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن ۽ ٻنهيءَ جي وچ ۾ بادشاهي آهي؟ پوءِ انهن کي گھرجي ته ڏاڪڻ رکي آسمان تي چڙهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا آسمانن ۽ زمين ۾ انهن ٻنهي جي وچ جي حڪومت سندن ئي آهي؟ ته پوءِ کين گهرجي ته رسا يا ڏاڪڻيون لڳائي (آسمان تي) چڙهن.(سيد فرمان علي)


ڇا انهن جي لاءِ آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ۽ ان جي جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي پوءِ چڙهن رسين ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جي بادشاهي سندن آهي ڇا؟ (جي ائين آهي ته) پوءِ ڪن وسيلن سان (مٿي) چڙهن. (مولانا محمد مدني)


يا ته انهن وٽ آسمانن ۽ زمين جِي ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي ان جي بادشاهت آهي. (اگر آهي) ته اُهي رسيون ٻڌي (آسمان تي) چڙهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا اَندر اَڀن ۽ ڀُون جي، پڻ جيڪِي مَنجھن جِنسار، آهي هَٿ اُنهن جي، سَڀڪا سار سَنڀار، ٿِي سِيڙهيَن مَنجھ سُوار، مَرچَڙهن پوءِ چوٽئـِين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11)

شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي (مڪي جو گروهه به اڳوڻن ڪافرن جي) لشڪرن وانگر هڪڙو لشڪر آهي، جنهن کي هتي (شڪست ڏيئي) ڀڄايو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ اهو وڏن لشڪرن مان قليل لشڪر آهي جنهنکي عنقريب شڪست ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي رسول! (اڳين نبين سان وڙهڻ وارن) گروهن مان هتي تنهنجي مقابلي ۾ به هڪ لشڪر آهي جيڪو هار کائيندو.(سيد فرمان علي)


ننڍو لشڪر آهي جيڪو اتي شڪست ڏنل هوندو لشڪرن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هي ڪافر سمجهه ته) هتي هڪ شڪست کاڌل لشڪر آهن. (مولانا محمد مدني)


هي به (وڏن) لشڪرن مان هڪ (ننڍو) لشڪر آهي جيڪو ان جاءِ (يعني ميدانِ بدر ۾) شڪست کائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ِڪِهڙو ڪَٽڪ قومن مان، هُت ڀڳل ۽ بَرباد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12)

انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن کان اڳ ۾ حضرت نوح جي قوم، عاد جي قوم ۽ ڪِلن واري فرعون (پيغمبرن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ کين نه مڃيو، (ته تباهه ٿي ويا.)(علامه علي خان ابڙو)


انهن کان اڳ ۾ (حضرت) نوح جي قوم تڪذيب ڪئي ۽ عاد ۽ فرعون وارا جيڪي مضبوط عمارتون ٺاهيندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون.(سيد فرمان علي)


ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(شڪست کاڌل) جماعتن مان. انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني)


انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن (سان عذاب ڏيڻ) واري به (نبين) کي ڪوڙو چيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪُوڙو قوم نُوح جِي، چيو، اِنهيان اڳ اِرشاد، ۽ فِرعون ڦاهِيَن جو ڌَڻِي، توڻي عاد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13)

۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ثمود جي قوم ۽ حضرت لوط جي قوم ۽ ٻيلي جا ماڻهو به (اهڙائي) لشڪر هئا (جن نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ شعيب جي قوم، (اِهي آهن) اُهي گروه(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ جهنگ ۾ رهڻ واري (قوم شعيب) اهي (سڀني نبين کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن. هي اهي جماعتون آهن (جن هار کاڌي)(سيد فرمان علي)


۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ايکہ وارن اهي ئي لشڪر آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي (شڪست کاڌل) جماعتون آهن. هنن سڀني (جماعتن) رسولن کي ڪوڙو چيو. (مولانا محمد مدني)


۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (يعني شعيب جي قوم وارن) به (ڪوڙو چيو هيو). اُهي (وڏا) لشڪر هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


توڻي ثَمُود، ۽ لَشڪر قوم لُوط جو، پڻ اَيڪت ۾ آباد، فوجون اَصل فساد، اِهي ماري مُڃ ڪَيو وِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14)

اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن مان هرهڪ رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن مان هر هڪ (گروه) رسولن جي تڪذيب ڪئي پوءِ (انهن تي) منهنجو عذاب ثابت ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن سڀني (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جو سچو عذاب (به) اچي مٿن ڪڙڪيو.(سيد فرمان علي)


نه هئا مڙئي مگر جو ڪوڙو چيائون رسولن کي پوءِ لازم ٿيو منهنجي طرفان عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ منهنجي سزا (مٿن) پئجي ويئي. (مولانا محمد مدني)


انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو ته (انهن تي) منهنجو عذاب واجب ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سي هُئا نه هِنَيس ڌار، ته ڪُوڙو ڪوٺيون مُرسَلِين، پوءِ مُنهنجي سزا ثابِت ٿئـِي، تَن مَٿي تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15)

۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) اهي (منڪر) انهيءَ گهڙيءَ جو انتظار ڪيون ويٺا آهن جڏهن هڪ (دهشتناڪ) آواز ٿيندو (۽ هو فنا ٿي ويندا) جنهن آواز ۾ هڪ پل جو ناغو به ڪونه پوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نٿا انتطار ڪن اهي مگر هڪ وڏي دانهن جو ان کي ڪوبه ڦيرائي نٿو سگھي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي (ڪافر) رڳو هڪ “رڙ” (صور) جو انتظار ڪن ٿا، جا (پوءِ کين) اک ڇنب جيتري (به) مهلت نه ڏيندن.(سيد فرمان علي)


۽ نٿا انتظار ڪن هي مگر هڪ ڪڙڪي جو ناهي ان جي لاءِ ڪو توقف .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ آواز جو انتظار ڪن ٿا، جنهن کي (وچ ۾ ) ڪا ساهي نه هوندي. (مولانا محمد مدني)


اُهي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز جو انتظار ٿا ڪن جنهن ۾ ڪابه ساهي ڪانه هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


فقط ڦُوڪ هِڪ جو، اُهي ڪَڍن اِنتظار، پوءِ ڪانهِي اِنهن لئي وار، اَصل اوٻاسِي هِڪ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16)

۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (مسخريءَ طور) چون ٿا ته، اي اسان جا پروردگار حساب جي ڏينهن کان اڳ ئي تڪڙو ئي تڪڙو اسان جي لاءِ اهو عذاب آڻ جو اسان جي حصي ۾ اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن چيو اي اسان جا رب تون اسان کي اسان جو حصو قيامت جي ڏينهن کان اڳ ۾ ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ماڻهو (ٽوڪ سان) چون ٿا ته پروردگار! حساب جي ڏينهن (قيامت) کان اڳ ۾ ئي (جيڪي) اسان جي قسمت ۾ لکيل (هجي) اسان کي جلد ڏئي ڇڏ.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته اي اسان جا پلڻهار! تڪڙو ڪو اسان جي لاءِ حصو حساب جي ڏينهن کان اڳي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (مسخريءَ سان) چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ! حساب جي ڏينهن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته: ”اسان جا پالڻهار حساب واري ڏينهن کان اڳ ئي اسان کي اسان جو حصو جلدي ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آکيؤن ته عَمل، اَسان جا سانيَمِ!، رَبَّ سُڄاڻ! مَهند مَحشر ڏِينهن کان، جَلد اَسان تي آڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17)

(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر!) جيڪي هو چون ٿا سو صبر سان برداشت ڪر ۽ اسان جي ٻانهي حضرت دائود جو قصو ياد رک جيڪو وڏي طاقت وارو هوندو هو. هو هر وقت ۽ هر حال ۾ (الله ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني هر ڪم ۾ الله جي حڪمن تي هلندڙ هو.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان انهن جي ڳالهين تي صبر ڪريو ۽ توهان اسان جي طاقتور ٻانهي داؤد جو ذڪر ڪريو، بيشڪ اهو الله ڏانهن رجوع ڪندڙ هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! جهڙيون (جهڙيون) ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن تي (في الحال) صبر ڪر ۽ اسان جي عبد دائود کي ياد ڪر! جيڪو وڏي طاقت وارو هو (پر صبر ڪيائين) بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) رجوع ڪرڻ وارو هو. (سيد فرمان علي)


صبر ڪر ان تي جيڪو چون ٿا ۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهي داؤد طاقتور کي بلاشڪ اهو گهڻو رجوع ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) اهي جيڪي چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ اسان جي طاقت واري ٻانهي دائود کي ياد ڪر. بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو. (مولانا محمد مدني)


صبر ڪر ان تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ اسان جي ٻانهي دائود کي ياد ڪر جيڪو وڏي قوت وارو هيو، بيشڪ اهو (اسان ڏانهن) رجوع ڪندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سوسَہ صَبر ساڻ، جي ڳالهائـِين ڳهيلڙا. ۽ ياد ڪر دائُود کي، جو طاقت مند تمام، عَملدار اسان جو، وَرندڙ، وِير، وَريام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18)

بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اسان جبل به (حضرت دائود کي) تابع ڪري ڏنا. جي ساڻس گڏ صبح شام خدا جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان ان سان جبل مسخر ڪيا جيڪي شام ۽ اشراق وقت الله جي تسبيح پڙهندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان جبلن کي به سندس فرمانبردار ڪري ڇڏيو هو جو ان سان گڏ صبح ۽ شام خدا جي تسبيح ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسان مسخر ڪيا جبل ان سان گڏ تسبيح پڙهن پيا رات جو ۽ صبح جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان جبلن کي ساڻس ڪم ۾ لڳايو جيڪي شام ۽ صبح جو پاڪائي بيان ڪندا هئا، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو هيو جيڪي شام ۽ صبح ان سان گڏ (الله جي) پاڪائي بيان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تابِع ڪياسون تِنهن جا، جبل جوراڻا جام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19)

۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پکي به گڏ ڪيا ويندا هئا سڀ هن ڏي رجوع ڪندڙ هيا، (يعني حضرت دائود جي ڪم ايندا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پکي به گڏ ٿيندا هئا، سڀئي ان جا فرمانبردار هوندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پکي به (خدا جي ياد وقت) اچي ڪٺا ٿيندا هئا (۽) سندس چوڻ ۾ هئا.(سيد فرمان علي)


۽ پکي گڏ ڪيل مڙئي ان لاءِ رجوع ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پکين کي به جيڪي گڏ ڪيل هئا. سڀئي ان (دائود) جي ڪري رجوع ڪندڙ هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ پکين کي به جيڪي (ان وٽ) گڏ رهندا هئا. هر هڪ ان ڏانهن (فرمانبرداري لاءِ) رجوع ڪندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَکِي پَکڻ اُن وٽ، حاضِر گڏ، حُشام، ميڙ مِڙوئـِي اُن ڏي، موٽندڙ مُدام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20)

۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪيو. ۽ کيس عقل ۽ دانائي ڏني ۽ تقرير ڪرڻ جي اهڙي قابليت ڏني جو اها (تقري) پورو فيصلو ڪندڙ هئي ۽ پوري چٽائي ڪندڙ هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان ان جي ملڪ کي مضبوط بنايو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصلي جي صلاحيت عطا ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪري ڇڏيو پڻ اسان کيس حڪمت ۽ بحث (مباحثه) جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي هئي.(سيد فرمان علي)


۽ مضبوط بنائي سون ان جي بادشاهي ۽ ڏني سون ان کي حڪمت ۽ فيصلو ڪندڙ خطاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان سندس بادشاهيءَ کي مضبوط ڪيو. ۽ ان کي حڪمت ۽ فيصلي ڪندڙ ڳالهه ڏني سون (مولانا محمد مدني)


۽ اسان سندس بادشاهي کي مضبوط ڪيو هيو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصله ڪُن اندازِ خطاب عطا ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَضبوط ڪيوسون مُلڪ تِنهن، لشڪر مَٿي لام، ۽ صَحِي سَمجھ اُن کي، اَسان ڪَئـِي اِنعام، پڻ سُهڻو صاف ڪلام، عَطا ڪيو سون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21)

۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) تو ڪڏهن انهن دعوا ڪندڙن جو قصو ٻڌو آهي جيڪي (حضرت دائود جي) خانگي ڪمري ۾ ڀت ٽپي لنگهي آيا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڇا توهان وٽ انهن فيصلي آڻيندڙن جي خبر پهتي؟ جنهن وقت اهي قلعو ٽپي مسجد ۾ پهتا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تو کي انهن دعوى دارن جي خبر به پهتي آهي؟ جڏهن اهي ڀت پٽي عبادت خاني ۾ آيا (سيد فرمان علي)


۽ ڇا آئي تو وٽ خبر دعوى ڪندڙن جي جڏهن ڀت ٽپي آيا عبادت خاني ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ۽ ڇا توکي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالهه پهتي آهي جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا. (مولانا محمد مدني)


۽ ڇا تو کي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالهه پهتي آهي. جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آيو ڪو اوهان، مُدعِي جو مَذڪور؟، مَسجد ۽ مِحراب جِي جڏهن ڪيائون دَرپُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22)

جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن هو اندر گهڙي حضرت دائود وٽ (اوچتوئي اوچتو) پهچي ويا تڏهن هو هنن کان گهٻرائجي ويو. هنن کيس چيو ته، ڊڄ نه، اسان ٻه تڪراري آهيون، اسان مان هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو آهي. سو اسان جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ اسان کي سڌي واٽ ڏيکارجانءِ.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن اهي داؤد وٽ پهتا پوءِ پاڻ انهن کان ڊنا، انهن چيو تون خوف نه ڪر، اسان ٻه ڌُريون آهيون اسان مان هڪڙي ڌُر ٻِيءَ تي زيادتي ڪئي آهي پوءِ تون اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون ناانصافي نه ڪر ۽ تون اسان کي سنئين رستي تي هلاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ اچي) جڏهن دائود وٽ بيٺا ته اهو انهن کان ڊنو، انهن چيس ته اوهين ڊڄو نه. (اسين ٻئي) هڪ مقدمي جون (ٻه) ڌريون آهيون جو اسان مان هڪ (ڌر) ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي. هاڻي اوهين اسان جي وچ تي حق سچ جو فيصلو ڪريو ۽ انصاف نه ڇڏ ۽ اسان کي سنئين واٽ لايو.(سيد فرمان علي)


جڏهن داخل ٿيا داؤد تي پوءِ گهٻرايائين انهن کان چيائون ته نه ڊپ ڪر ٻه دعوى ڪندڙ زيادتي ڪئي هڪڙي اسان مان ٻئي تي پوءِ فيصلو ڪر اسان ۾ حق جو ۽ نه حق جي خلاف ڪر ۽ ڏيکار اسان کي سڌي واٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان وقت) جڏهن دائود وٽ اندر آيا پوءِ هو کانئن گهٻرائجي ويو. انهن چيو ته نه ڊڄ! (اسين) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون، اسان مان هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو آهي، پوءِ تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌو رستو ڏيکار! (مولانا محمد مدني)


جڏهن اُهي دائود وٽ اندر آيا ته هو انهن کان گهٻرائجي ويو انهن چيو ته: ”نه گهٻراءِ، (اسان) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون اسان مان هڪڙي ٻئي تي زيادتي ڪئي آهي سو تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نا انصافي نه ڪر ۽ اسان جي سڌي واٽ طرف رهبري ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن داخل ٿيا دائُود تي، ته هِراسيو کائُن حُضور، مُرسل! ڊِڄ نَه مُور، چيائون اهڙِي چال سان. ٻه طرف اَسان مان، هِڪ ٻئي،مَٿي واڌ گُھرن هِن وير، پوءِ عدل ۽ انصاف سان، نِياءُ تون نبير، رَک نه فرق، ڦير، ۽ سَنئـِين سُهائـِيون واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23)

بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهن مان هڪڙي چيو ته) بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. هن کي نوانوي دنبيون آهن ۽ مون کي فقط هڪڙي دنبي آهي. تڏهن به هو چوي ٿو ته، اها به منهنجي حوالي ڪري ڇڏ ۽ گفتگو ۾ هو مون کي دٻائي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، ان جون نوانوي (99) دنبيون آهن ۽ منهنجي هڪ دنبي آهي، پوءِ اهو چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو مون تي حاوي ٿئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ڳالھ هئين آهي ته) هي (شخص) منهنجو ڀاءُ آهي. کيس نوانوي رڍون آهن ۽ مون کي (فقط) هڪ رڍ آهي، تنهن هوندي به هي مون کي چوي ٿو ته اها دنبي به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ مون تي سختي ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي ان جون نوانوي دنبيون آهن ۽ منهنجي دنبي هڪ آهي پوءِ چيائين ته حوالي ڪر منهنجي اها ۽ زور رکيائين مون تي ڳالهائڻ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي کيس نوانوي (۹۹) رڍون آهن ۽ مون کي هڪ رڍ آهي، پوءِ هي چوي ٿو ته اها (هڪ رڍ) به منهنجي حوالي ڪر ۽ ڳالهائڻ ۾ مون کان زور ٿيو آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. وٽس نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي. پوءِ هي چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ هي ڳالهائڻ ۾ مون کي دٻائي ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي آهِمِ ڀاءُ، اُن جون رِڍون نوانوي، مُنهنجِي مُرڳو رِڍ هيڪڙِي، سابه ڏِيِينمِ چوي، ۽ پاڻا زور پَوي، ٿِيو چَهرو کائمِ چوڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24)

(داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(حضرت دائود کيس) چيو ته، يقيناً هو ظلم ڪري رهيو آهي، جو تنهنجي هڪڙي دنبي پنهنجين دنبن سان ملائڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. ۽ يقيناً گهڻائي ڀائيوار اهڙا هوندا آهن جو هڪ ٻئي سان بي انصافي ڪندا آهن (۽ ٻئي جو حق کائي ويندا آهن) سواءِ انهن جي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ صالح عمل ڪندڙ آهن، پر اهڙا بلڪل ٿورا آهن ۽ حضرت دائود ڀانيو ته اسان سندس آزمائش ٿي ورتي، سو هن پنهنجي پروردگار کان معافي گهري ۽ رڪوع ۾ جهڪي پيو ۽ خدا جي طرف رجوع ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) داؤد فرمايو بيشڪ اهو تو تي ظلم ڪري ٿو اهو سوال ڪري ٿو ته تون پنهنجي دنبي ان جي دنبين سان ملائين ۽ بيشڪ گھڻا ڀائيوار هڪ ٻئي تي زيادتي ڪن ٿا، مگر اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ اهي تمام قليل آهن. ۽ داؤد کي يقين ٿيو ته اسان سندس آزمائش ورتي پوءِ پاڻ پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪئي ۽ پاڻ سجدي ۾ ڪري پيا ۽ الله ڏانهن موٽيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


دائود (سواءِ ٻي ڌر جي پڇڻ جي) چيو ته هي جو تنهنجي دنبي تو کان وٺي پنهنجين دنبين ۾ ملائڻ گهري ٿو ته اهو تو تي ظلم ٿو ڪري ۽ گهڻن ڀائيوارن ماڻهن (جي پڪ اها حالت آهي جو) هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا رهندا آهن، پر جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا (اهي ائين نه ڪندا آهن) ۽ اهڙا شخص تمام ٿورا آهن (اهو ٻڌي اهي ٻئي ته هليا ويا) پر دائود سمجهيو ته اسان سندس امتحان ورتو (۽ پاڻ ان ۾ پاس نه ٿيو) پوءِ ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرڻ لڳو ۽ سجدي ۾ ڪري پيو، (۽ مون ڏي رجوع ٿيو)(سيد فرمان علي)


چيائين ته البته ظلم ڪيائين توتي تنهنجي دنبي پنهنجين دنبين سان ملائڻ جي سوال ڪرڻ سان ۽ بيشڪ گهڻا ڀائيوارن مان البته زيادتي ڪن ٿا هڪڙا ٻين تي مگر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ٿورا آهن اهي ۽ سمجهيو داؤد ته آزمايو اسان ان کي پوءِ مغفرت طلب ڪيائين پنهنجي رب کان ۽ ڪري پيو جهڪندڙ ٿي ۽ رجوع ڪيائين .السجدة(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


دائود چيو ته هن تنهنجي هڪ رڍ گُهرڻ سان ته پنهنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو آهي ۽ بيشڪ گهڻا ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ اهي بالڪل ٿورا آهن ۽ دائود خيال ڪيو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهري ۽ هيٺ جهڪي (سجدي ۾ ) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


(دائود) چيو ته: ”تنهنجي رڍ کي پنهنجي رڍن ۾ ملائڻ جو مطالبو ڪري هن تو تي زيادتي ڪئي آهي. بيشڪ گهڻا گڏجي سڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ اهڙا ماڻهو ٿورڙا آهن“. ۽ دائود سمجھي ويو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهريائين ۽ رڪوع ڪندي (سجدي ۾) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، توسان هِن ڪَلُور ڪيو، سَچ پَچ مَنجھ سُوال، تُنهنجِي گڏڻ، پَنهنجِينَ سان رِڍ، رِڍن نال، گھڻا گاڏڙ مال، هَڻنِ حَق، ٻئي سَندا. مگر جَن مَڃيو، ڪيائون ڪم خير، ۽ اِهڙا مَرد مَٿير، لَڀنِ ٿورا لوڪ ۾. ۽ سَمجِھي وِيو ائود، ته پَڪ پرکيوسون اُن کي، پوءِ سَتائـِين سائينيَسِ کي، ۽ ڪِريو مَنجھ سُجود، ۽ موٽيو؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25)

پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) پوءِ اسان هن کي اها خطا معاف ڪري ڇڏي، ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو درجو حاصل آهي ۽ (آخرت ۾) سهڻي جاءِ تي موٽي اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان ان کي اها ڳالهه معاف ڪئي، ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ يقيناً قرب ۽ بهترين منزل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اسان سندس اها (لغزش) معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ سٺي پڄاڻي آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ بخشيو اسان ان کي اهو ۽ بلاشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ البته قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاء آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان کيس اها (خطا) معاف ڪئي ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان کي اها ڳالهه معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَرهِي سُونسِ پوءِ، سازِيادتِي زُود، ۽ اَسان وَٽ اُن لئي، آهِن مرتبا موجود، وَرِي جاءِ وُرُود، موچارِي مَحلات (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26)

(چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي دائود اسان توکي زمين تي بادشاهي ڏني آهي، سو ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪندو ڪر ۽ (پنهنجي دل جي) خواهش تي نه لڳجانءِ. جو اهي خواهشون توکي الله جي واٽ کان ڀڙڪائي هٽائي ڇڏينديون. يقين آهي جيڪي خدا جي واٽ کان هٽي ٿا وڃن تن جي لاءِ سخت ۾ سخت عذاب آهي، جو هنن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو پوءِ توهان ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪريو ۽ توهان سڌ جي پويان نه وڃو پوءِ اها توهان کي الله جي راه کان پري ڪري ڇڏيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راه کان پري ٿين ٿا انهن لاءِ (انهيءَ سببان) سخت عذاب آهي جو انهن حساب وارو ڏينهن (قيامت) وساري ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اسان فرمايس ته) اي دائود! اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب مقرر ڪيو ته تون ماڻهن ۾ بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪندو ڪر! ۽ نفساني پيروي نه ڪر. نه ته اها ڳالھ تو کي خدا جي راھ کان ٿيڙي ڇڏيندي. بيشڪ جي ماڻهو خدا جي راھ کان ٿڙن ٿا تن جي تمام سخت سزا ٿيندي ڇو ته انهن ماڻهن حساب جي ڏينهن (قيامت) کي وساري ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


اي داؤد! بيشڪ اسان بنايو توکي خليفو زمين ۾ پوءِ حڪم ڪر ماڻهن ۾ حق سان ۽ نه اتباع ڪر خواهش جي پوءِ ٿيڙي توکي الله جي واٽ کان بلاشڪ جيڪي ٿڙن ٿا الله جي واٽ کان انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي ان سببان جو وساريائون حساب جو ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ دائود کي هي به چيوسون ته) اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل نه ته (خواهش) توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندي. بيشڪ جيڪي الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا تن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري ته انهن حساب جي ڏينهن کي وساريو آهي. (مولانا محمد مدني)


(اسان چيو) ”اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي سو تون ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل ورنه اها (خواهش) تو کي الله جي راهه کان هٽائيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا انهن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري جو انهن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نائـِب ڪيو سون توکي، ڌرتِئَ تي دائُود!، پوءِ ڪَر حق جا فيصلا، ماڻهن وِچ موجود، ۽ هَل نه ٿِي هَلڪڙو، سَڌ پُٺيان بي سُود، واٽان رَبَّ، وَدُود، وِرسائنئـِي وِير! پوءِ. جي ڀُلن ربَّ جِي راھ کان، اُنهن لئي سخت عذاب، سَندِي حَرف حِساب، جيلانهن وٖيل وساريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27)

۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي بنا مقصد جي ڪونه خلقيو آهي. اهو خيال (ته دنيا رڳو کيل تماشو آهي) انهن ماڻهن جو خيال آهي جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي. سو جن ماڻهن ڪفر (يعني بدڪمن) جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ وڏي مصيبت آهي، جو هو باهه ۾ سڙندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي وچ واري (ڪائنات) کي حڪمت کان خالي نه بنايو، اهو ڪافرن جو گمان آهي پوءِ ڪافرن لاءِ جهنم جو ويل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو بيڪار نه پيدا ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي پوءِ ڪافرن لاءِ دوزخ جو ويل آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمان ۽ زمين ۽ ان کي جو انهن جي وچ ۾ آهي اجايو اهو گمان انهن جو آهي جن ڪفر ڪيو پوءِ ويل آهي ڪافرن جي لاءِ باھ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي بي فائدي پيدا نه ڪيو آهي، اهو ڪافرن جو خيال آهي، پوءِ ڪافرن لاءِ باهه جي (عذاب) ڪري خرابي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو اسان بي مقصد پيدا نه ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي، سو اهڙن ڪافرن لاءِ بربادي آهي (جهنم جي) باهه کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، بِلڪُل ڪي بيڪار، پڻ جوڙون ۽ جِنسار، جي آهِن، اُنهن جي وِچ ۾. ڦِريا جي فَرمان کان، اُنهن ڪيو گُمان، پوءِ جي ڦِريا کان فَرمان، اُنهن لئي آهون آڳ کان!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28)

جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


يا (هيئن آهي ڇا ته) اسان ايمان آڻيندڙن ۽ صالح عمل ڪندڙن کي انهن جهڙو ڪري ڏسنداسين، جيڪي ملڪ ۾ (سڌاري بدران) بگاڙو ڪندڙ آهن؟ يا پرهيزگارن ۽ نيڪيون ڪندڙن کي حق کان هٽندڙ بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اسين انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن جهڙو ڪنداسين جيڪي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن يا اسين پرهيزگارن کي گنهگارن جهڙو ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا! جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اسين انهن جي برابر ڪيون جيڪي روءِ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا وتن ٿا يا اسين پرهيزگارن کي بدڪار ماڻهن وانگر بنايون؟(سيد فرمان علي)


ڇا بنائيندا سون انهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون زمين ۾ فساد ڪندڙن جهڙو؟ ڇا بنائيندا سون متقين کي فاجرن جهڙو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد ڪندڙن جهڙو ڪنداسون ڇا يا پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسون ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، انهن ماڻهن وانگر ڪنداسين جي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن. يا اسان پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا،ڇا، اَسِين ڪنداسون اُنهن کي، مَنجھ مُهت ۽ مان، تَن جِھڙو، جي زمين ۾، وَسندِيون ڪَن ويران؟ يا نيڪن ڪريون نِڌان، ڏوهِيَن جِھڙو ڏات ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29)

ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي (قرآن) برڪتن سان ڀريل اسان توتي (اي پيغمبر) هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته ماڻهو ان جي آيتن (۾ ڏنل ڳالهين ۽ حڪمن) تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ سمجهه وارا ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


(هيءُ) هڪ مبارڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان توهان تي نازل ڪيو آهي، ان لاءِ ته ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ ان مان عقلمند نصيحت وٺن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) جو ڪتاب (قرآن) اسان تو تي نازل ڪيو آهي (سو وڏي) برڪت وارو آهي، هن لاءِ ته ماڻهو سندس آيتن ۾ غور ڪن پڻ هن لاءِ ته سمجھ وارا سبق حاصل ڪن.(سيد فرمان علي)


هي ڪتاب آهي نازل ڪيو سون ان کي توڏانهن برڪت وارو آهي تانته ڌيان ۾ رکن آيتون ان جون ۽ تانته نصيحت وٺن عقل وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هي قرآن) هڪ برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان توڏي نازل ڪيو ته ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. (مولانا محمد مدني)


هي ڪتاب (قرآن) برڪت وارو آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي هن لاءِ ته اهي ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ عقلمند نصيحت پِرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪتاب، اُتاريوسُونسِ تو اُتي، بَرڪت سان ڀَرپُور، اُن جي آيتن کي، جاچِينِ تان ضَرُور، ۽ عاقِل، اَهل شُعور، پَڙهي پِرائـِين فيض ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30)

۽ داؤد کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھون ھو، بيشڪ اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان حضرت دائود کي حضرت سليمان (پٽ) عطا ڪيو. هو (يعني حضرت سليمان) ڪهڙو نه چڱو ٻانهو (خدا جو) هو. هو يقيناً (هر حالت ۾) الله تعاليٰ (جي حڪمن) ڏي رجوع ٿيندڙ هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان (حضرت) داؤد کي (حضرت) سليمان عطا ڪيو، جيڪوبهترين بندو هو، بيشڪ اهو الله ڏانهن گھڻو رجوع ڪندڙ هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پٽ) عطا ڪيو، (اهو به) ڪهڙو چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو (اسان ڏي) رجوع ڪندڙ هو.(سيد فرمان علي)


۽ ڏنو سون داؤد کي سليمان (نالي پٽ) ڀلو ٻانهو هو بيشڪ اهو ورندڙ هو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان دائود کي سليمان بخشي ڏنو، اهو چڱو ٻانهو هو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو(مولانا محمد مدني)


۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پُٽ) بخشي ڏنو. اهو ڀلو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو (الله ڏانهن) موٽندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِنوسون دائود کي، سُليمان سُونهارو، ٻانهون موچارو، رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31)

(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڏسو! شام جي وقت جڏهن اصيل ۽ تيز (ڀڄندڙ) گهوڙا هن جي اڳيان آندا ويا.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن انجي اڳيان شام جي وقت اعليٰ نسل جا ڀلا گھوڙا پيش ڪيا ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوچتو شام جي وقت خاصي جا اصول گهوڙا سندس اڳيان آندا ويا.(سيد فرمان علي)


جڏهن پيش ڪيا ويا ان وٽ شام جي وقت ٽن پيرن تي بيهندڙ چوٿون پير کڙو رکندڙ ڀلا گهوڙا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان جي چڱائي معلوم ڪرڻ لاءِ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن شام جو اُن جي اڳيان تکا گهوڙا ڊوڙ ندا ويا، (مولانا محمد مدني)


جڏهن شام جي وقت ان اڳيان تيز رفتار گهوڙا پيش ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوچاڙِي پيش تِنهِين، جڏهن ڪيا وِيا ڪيڪان، ڪَڙھ ۾ کَڙا کُر مَٿَي، مارِيندڙ مَيدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32)

پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪو (۽ وچين نماز قضا ٿي).(علامه تاج محمود امروٽي)


تڏهن هن چيو ته، مان جو دولت (۽ گهوڙن) سان حب ٿو رکان سو خدا جي يادگيريءَ جي ڪري (۽ سندس حڪمن جي تعميل جي نيت سان گهوڙن کي نظر مان ڪڍندو رهيو) تان جو سج پردي پٺيان لڪي ويو. (يعني سج لهي ويو.)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (حضرت) سليمان چيو بيشڪ مون کي اِهي گھوڙا وڻن ٿا پنهنجي رب جي ياد لاءِ (پوءِ حضرت سليمان انهن کي ڊوڙائڻ جو حڪم ڪيو) ايستائين جو اُهي غائب ٿي ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ته ڏسڻ ۾ لڳي ويو ته نفلن کي دير ٿي ويس ۽ ياد اچڻ تي) چيائين ته مون مال جي الفت کي پنهنجي پالڻهار جي ياد تي پسند ڪيو آهي! تان (سج) پردي ۾ لڪي ويو.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پيارو رکيو گهوڙن جي محبت کي پنهنجي رب جي ياد لاءِ تانجو لڪي ويا پردي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنهنجي پاليندڙ جي ياد کان (گهوڙن جي) مال جي محبت کي پسند ڪيو آهي، ايتري تائين جو (سج) پردي ۾ لڪي ويو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ مون هن مال جي محبت پنهنجي رب جي ياد جي سبب کان اختيار ڪئي آهي“، ايستائين جو جڏهن اهي گھوڙا (نگاهن کان) اوٽ ۾ اچي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ چيائـِين، ته چاهِيمِ مال کي، گَلي ۾ غَلطان، سانيَمِ جي سارڻ ڪنان، ۽ ياد ڪنان يَزدان، تان وَڃِي لِڪو لَڪَس ۾، ٿيو پَردي ۾ پِنهان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33)

(چيائين ته ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ذبح جو) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(سج لهي وڃڻ بعد چيائين ته، انهن گهوڙن کي) وري به موٽائي مون ڏي آڻيو (ماڻهن گهوڙا موٽائي آندا ۽) هو سندس ٽنگن ۽ ڳچين تي (پيار جو) هٿ گهمائڻ لڳو.(علامه علي خان ابڙو)


(سليمان حڪم ڪيو) انهن کي مون ڏانهن واپس آڻيو، پوءِ پاڻ انهن جي ٽنگن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ لڳا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ته چيائين چڱو) انهن گهوڙن کي مون ڏانهن وري آڻيو. (جڏهن آيا) ته (دير ڪرڻ جي ڪفاري ۾) گهوڙن جي ٽنگين ۽ ڳچين تي (ذبح لاءِ) هٿ ڦيرڻ (ڪهڻ) شروع ڪيائين.(سيد فرمان علي)


موٽايو انهن کي مون ڏانهن پوءِ شروع ٿيو هٿ لڳائڻ سان پنين ۽ ڪنڌن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(چيائين) انهن (گهوڙن) کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ ڄنگهن ۽ گردنن تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


(فرمايائين) انهن کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ لڳو انهن (گهوڙن) جي پِنِــيُن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُون ڏي موٽايو تَن کي، پوءِ کَنيو کَنون خان، ڪيائـِين قَربان پِيو گُڏي گوڏا، بُڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34)

۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (خُدا ڏانھن) موٽيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت سليمان جي آزمائش ورتي ۽ سندس تخت تي هڪڙو بي جان بوتو ويهاريوسين، پر (تڏهن به) هو خدا ڏي رجوع ٿيندو رهيو (۽ چڱا ڪم ڪندو رهيو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ اسان انجي (شاهي) ڪرسيءَ تي هڪ بي جان جسم ويهاريو ان کان پوءِ پاڻ توبه تائب ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇلايوسون پوءِ (پاڻ کي مون ڏانهن) رجوع ڪيائين.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق آزمايو اسان سليمان کي ۽ رکيو سون ان جي ڪرسيءَ تي هڪ جسم ان کان پوءِ رجوع فرمايائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ (ٻي طرح به) اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇليوسون وري رجوع ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمائش ۾ وڌو ۽ اسان ان جي تخت مٿان هڪ جسم آڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ ان (اسان ڏانهن) رجوع ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وَرتو سُليمان جو، اَسان اِمتحان، ۽ اُڇليو سون اُن جي تخت تي، جُسو، ڪو بي جان، موٽي مِهربان، رُجُوع ٿِيڙو رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35)

چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي بخشڻھار آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت سليمان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي (هر قسم جي خطرن کان) پناهه ۾ رک ۽ اهڙي حڪومت عطا ڪر جهڙي مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه سونهي. بيشڪ تون وڏيون نعمتون بخشيندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) سليمان چيو اي منهنجا رب تون مون کي بخش ڪر ۽ تون مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ اها ڪنهن کي نه ملي، بيشڪ تون ئي گھڻو عطا ڪندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) چيائين پالڻهار! مون کي بخش ۽ مون کي اهو ملڪ عطا فرمائي جو مون کان پوءِ ڪنهن جي به لائق نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بخش ڪر مون کي ۽ ڏي مون کي اهڙي بادشاهي جو نه ٿي لائق ٿئي ڪنهن هڪ جي لاءِ مون کان پوءِ بلاشڪ تون ئي ڏيندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي معاف ڪر ۽ مونکي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جا مون کان پوءِ ڪنهن کي به ملڻ نه گهرجي. بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين. (مولانا محمد مدني)


چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي معاف ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به ميسر نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيائين ته مَرھِ مُونکي، سانيَمِ رَبَّ ستار!، ۽ مُون کي مُلڪ اِهڙو، ڏِياريِين ڏاتار!، ته مون کان پوءِ مُختار!، حاصِل نه ٿئي هيڪڙي. اَلله تون ئـِي آهِين، بي شڪ بَخشڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36)

پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون جتي پھچڻ گھرندو ھو (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان هوا کي هن جي تابع ڪيو جا سندس حڪم موجب جاڏي چاهيندو هو تاڏي لڳندي هئي (جهازن کي هلائيندي هئي).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان ان لاءِ هوا کي فرمانبردار ڪيو جيڪا سندس حڪم سان آهستگيءَ سان ان جاءِ تي هلندي هئي جتي پاڻ چاهي ندو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ چاهيندو هو اتي آرام سان هلندي هئي.(سيد فرمان علي)


پوءِ مطيع ڪيو سون ان جي لاءِ واء هلي پيو ان جي امر سان آهستي آهستي جتي پهچڻ پيو گهري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ گهرندو هو اُتي آرام سان هلندي هئي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان نرم نرم هلندي هئي جتي به اهو پهچڻ چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ واري ڪيوسون واءَ کي، تِنهنجو تابِعدار، ٿو هلي سَندسِ حُڪم سان، نَرم نَرم نِبار، ويجهاڏُور وَلهار، گوهر گَشت جِتي گُھريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37)

۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ ٽٻندڙ ھو).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ شيطان کي به (يعني سرڪش جنن جون ٽوليون به اسان هن کي تابع ڪري ڏنيون) جيڪي (هن جي لاءِ) عمارتون ٺاهينديون هيون ۽ (موتين وغيره ڪڍڻ لاءِ يا مڇين مارڻ لاءِ) سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻنديون هيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جِنّ به سندس فرمانبردار ٿيا جيڪي هر تعميري ڪم ڪندا هئا ۽ موتي سمنڊ مان ڪڍندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهڙي طرح) جيترا شيطان جاين اڏڻ وارا ۽ غوطا لڳائڻ وارا هئا، سڀني کي تابع ڪري ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ (مطيع ڪيا سون ان لاءِ) شيطان سڀ عمارتون ٺاهيندڙ ۽ ٽوٻا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ديوَن کي جي سڀئي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (دريا ۾ ) ٽٻندڙ هئا (مولانا محمد مدني)


۽ شيطان (به سندس تابع ڪياسين) سڀئي جيڪي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (درياء ۾) ٽٻيون هڻندڙ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اوڏ، اَڏِيندڙ عِمارتون، سَرڪش سَڀ شيطان، ڪي ٽوٻا ڪَڍن ٽُٻِيو، موتِي ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38)

۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع ڪياسون).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ کين ڪي ٻيا جن (به تابع ڪري ڏناسون) جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ٻيا (شرير جن) زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به، جيڪي زنجيرن ۾ قابو ٿيل هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ٻيا جڪڙيل هٿڪڙين ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(سندس تابع يوسون) ۽ ٻين (ديون) کي به (سندس تابع ڪيوسون) (مولانا محمد مدني)


۽ ٻيا (جِن) به جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سوگھا سَنگھرن ۾، ٻئا اُنهن مان ٻان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39)

(چيوسون ته) ھيءُ اسان جو اِحسان آھي پوءِ احسان ڪر يار کي ڇڏ (جئن توکي وڻي) ته (توتي) حساب نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي سليمان!) هي (توتي) اسان جي بخشش آهي. پوءِ (اها دولت وغيره ٻين کي) احسان طور ڏيئي ڇڏين يا بي حساب دولت گڏ ڪري پاڻ وٽ (خدائي ڪمن لاءِ) رکين (ته تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي).(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ اسان جي اَڻ کُٽ عطا آهي پوءِ تون ڪنهنکي ڏين يا نه ڏين تو تي ڪو حساب ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي سليمان!) هي اسان جي بي حساب عنايت آهي پوءِ (ان کي ماڻهن کي ڏيئي) احسان ڪر يا (سڀ) پاڻ وٽ رک.(سيد فرمان علي)


هيءَ اسان جي عطا آهي پوءِ احسان ڪر يا روڪي رک، حساب کان سواءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا. هيءَ اسان جي بخشش آهي پوءِ تون احسان ڪر يا روڪ (يعني نه ڪر) توتي ڪجهه به حساب نه ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


(چيوسين) ”هي اسان جي عطا آهي پوءِ تون (ٻين تي) احسان ڪر يا (پاڻ تائين) روڪ (توتي) ڪوبه حساب نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِها سَڀ اَسان جِي، بَخشش بي گُمان، پوءِ ڏي ۽ جَھل پاڻ وَٽ، بنان کَنڌي خان!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40)

۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يقيناً هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو وڏو درجو مليل هو. ۽ (آخرت ۾ به هن جي لاءِ) سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي، (جتي هو موٽي اچي رهندو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ يقيناً قرب ۽ بهترين منزل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ سليمان جي اسان جي بارگاھ ۾ قرب ۽ مرتبو ۽ عمدي جاءِ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ البته مرتبو ۽ موٽڻ جي سهڻي جاءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ ان لاءِ اسان جي بارگاهه ۾ خصوصي قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي اَسان وَٽ اُن لئي، مَهندان مُهت مان، پڻ آهِن عالِيشان، مَحل موچاريون ماڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41)

۽ اسان جي ٻانھي ايّوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين ته مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک پھچايو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهي حضرت ايوب جو قصو ياد رک. جنهن پنهنجي پروردگار کي پڪاري چيو ته، شيطان مون کي رنج ۽ تڪليف پهچائي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو ته بيشڪ مون کي شيطان تڪليف ۽ درد پهچايو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) اسان جي (خاص) عبد ايوب کي ياد ڪر! جڏهن ان پروردگار کي فرياد ڪئي ته مون کي شيطان ڏاڍي تڪليف ۽ ايذاءِ پهچايو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهي ايوب کي جڏهن سڏيائين پنهنجي رب کي ته بيشڪ مان پهچايو مون کي شيطان ڏک ۽ عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر! جڏهن پنهنجي پاليندڙ کي سڏيائين ته بيشڪ شيطان مون سان بيماري ۽ عذاب لڳائي ڇڏيو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر. جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته: ”بيشڪ شيطان مون کي اذيت ۽ تڪليف پهچائي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَندر سارِ، اسان جو، اَيُّوبَ نيڪ بَندو، رَهيو پَنهنجي ربَّ کي، جڏهن ڪيرتون ڪَندو، شيطان ڪِنهن نُقصان جو، ڦيرايَمِ ڦَندو، ڪِنهن وَڏي سُور سَندو، رَهزن رَنج رساڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42)

(تڏھن چيوسون ته) زمين تي پنھنجي لت ھڻ، جو ھي (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) پنهنجو پير (زمين تي) هڻ (ائين ڪيائين ته پاڻي ظاهر ٿي پيو ۽ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) هي اٿئي وهنجڻ جو پاڻي جيڪو ٿڌو ۽ صحت بخش آهي ۽ پيئڻ لاءِ به چڱو آهي. (سڀ بيماريون لهي ويس).(علامه علي خان ابڙو)


(الله تعالى فرمايو) تون پنهنجو پير زمين تي هَڻُ. هيءُ آهي ٿڌو چشمون وِهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ته کين چيو ته) پنهنجي پيرن سان (زمين کي) ٿڏو هڻ! (جڏهن چشمو نڪتو ته اسان چيس ته اي ايوب!) تنهنجي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ هي ٿڌو پاڻي (حاضر) آهي.(سيد فرمان علي)


هڻ پير پنهنجو، هي وهنجڻ جو هنڌ آهي ٿڌو ۽ پيئڻ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان کي چيوسون ته) پنهنجي پير سان لت هڻ، هيءَ غسل ڪرڻ جو ٿڌو چشمو ۽ پيڻ جو پاڻي آهي. (مولانا محمد مدني)


(چيوسين ته) ”پنهنجو پير (زمين تي) هڻ، هي ٿڌو چشمو وهنجڻ لاءِ ۽ پيئڻ لاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حُڪم ٿيَسِ ته هَڻ تون، پَٽ تي پَنهنجو پير، توهان لئي خير، ٿڌو ۽ مِٺو مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43)

۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا به) عطا ڪيوسون (ھيء) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هن جا ٻار ٻچا ۽ مٽ مائٽ مري ويا هئا پر هاڻي وري) اسان هن کي ٻار ٻچا ۽ ڪٽنب عطا ڪيو، بلڪ ٻيڻو عطا ڪيو. اها هئي اسان وٽان (هن جي لاءِ) رحمت ۽ سمجهه وارن لاءِ (انهيءَ واقعي ۾) وڏي نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان ان کي سندس گھر وارا ۽ اوترا ٻيا پنهنجي رحمت سان عطا ڪيا ۽ (اِها) عقلمندن لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان سندس گهروارن ۽ ان سان اوتري ئي پڻ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان (اولاد وغيره) عطا ڪيس ۽ عقل وارن جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت (مقرر ڪئي)(سيد فرمان علي)


۽ ڏنوسون ان کي ان جو اهل ۽ مثال انهن جو انهن سان گڏ رحمت ٿي اسان وٽان ۽ نصيحت آهي عقل وارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کي سندس گهر وارا ۽ ساڻن اوترا ٻيا بخشي ڏناسون پنهنجي طرفان مهرباني ڪري ۽ عقلمندن لاءِ يادگيري واسطي (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ان کي سندس گهر وارا واپس ڏنا ۽ انهن سان گڏ ان جي برابر (وڌيڪ اهل و عيال ڏنا) اسان طرفان رحمت ۽ عقلمندن لاءِ نصيحت بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ عطا ڪيوسون اُن کي، سَندسِ آل عيال، ۽ اُنهِئَ سان گڌ اوترِي، مِلڪيت تِنهن مِثال، پَنهنجي پاران ڀَال، پڻ عِبرت عاقِلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44)

۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڀانئجي ٿو ته بيماريءَ جي حالت ۾ حضرت ايوب پنهنجي گهرواريءَ کي چيو هو ته، توکي مار ڏيندس، سو هاڻي الله تعاليٰ سندس چوڻ پورو ڪري ڏيکارڻ لاءِ کيس فرمايو ته) پنهنجي هٿ ۾ ڪجهه گاهه کڻ ۽ ان سان (آهستي) ڌڪ هڻ ۽ (پنهنجو) واعدو نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر ۽ ثابت قدم ڏٺو. هو ڪهڙو نه چڱو ٻانهو هو. يقيناً هو هر حالت ۾ (الله جي حڪمن ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني الله جي حڪمن جي تعميل ڪندو هو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ (اسان ان کي فرمايو ته) تون پنهنجي هٿ ۾ ٻُهارو کَڻُ پوءِ اهو تون ان کي هَڻُ ۽ تون پنهنجو قسم نه ٽوڙ، بيشڪ اسان ان کي صابر ڏٺو، ايوب ڪهڙو نه بهترين ٻانهو هو، بيشڪ اهو الله تعالى ڏانهن موٽندڙ هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اسان چيو) اي ايوب! تون پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري کڻي ۽ ان سان (پنهنجي زال کي) هڻ! ۽ پنهنجي قسم ۾ ڪوڙو نه ٿي. اسان ايوب کي پڪو صابر لڌو اهو ڪهڙو نه چڱو هو. بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) جهڪڻ وارو هو.(سيد فرمان علي)


۽ وٺ پنهنجي هٿ ۾ ٻهارو پوءِ هڻ اهو ۽ نه قسم ڀڃ بيشڪ اسان لڌو ان کي صبر ڪندڙ ڀلو ٻانهو هو بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (کيس چيوسون ته) پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري وٺ پوءِ ان سان مار. ۽ قسم نه ڀڃ! بيشڪ اسان ان کي صبر ڪرڻ وارو لڌو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي ايوب) تون پنهنجي هٿ ۾ تيلين جي مُٺِ (ٻهارو) وٺ ۽ (قسم پورو ڪرڻ لاءِ) ان سان (هڪ ڀيرو زال کي)مار ۽ قسم نه ٽوڙ. بيشڪ اسان ان کي صبر وارو لڌو. ڪهڙو نه سٺو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو ڏاڍو رجوع ڪرڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪامِل! مُٺ ڪَکن جِي، هَٿ پَنهنجي ۾ کَڻ، پوءِ اُنهِئَ سان هَڻ، سونهن ۾َ اوڍ، سِر مَٿي. لاشڪ لَڌو سون اُن کي، صابر سُونهارو، ٻانهون موچارو، سو رُجُوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45)

۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهن حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق ۽ حضرت يعقوب جو قصو به ياد رک، جيڪي سڀ وڏي طاقت وارا ۽ وڏي عقل وارا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ٻانهي (حضرت) ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو ذڪر ڪريو جيڪي صاحبِ قدرت ۽ صاحبِ بصيرت هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) اسان جي ٻانهن مان ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر! جي طاقت ۽ بصيرت وارا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب هٿن ۽ اکين وارن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهو) چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو. ۽ اسان جي ٻانهي ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي هٿن ۽ اکين وارا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي وڏي قوت ۽ نظر وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سار اسان جا سِپرِين، ٻانهان نيڪو ڪار، اِبراهِيم، اِسحق، پڻ يَعقُوب سڳورو سالار، طاقتمند تمام گھڻا، چٽيَن اکين چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46)

بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اسان هنن کي خاص طرح هن لاءِ چونڊيو (۽ نبي ڪري موڪليو) ته (ماڻهن کي) آخرت جي گهر متعلق پيغام پهچائين (۽ هيءَ حقيقت سمجهائين ته نيڪ ڪمن جو نيڪ بدلو ۽ بد ڪمن لاءِ عذاب آخر ضرور ملڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان انهن کي آخرت جي خالص ذڪر لاءِ مخلص بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان انهن شخصن کي هڪ خاص صفت، آخرت جي ياد سان ممتاز ڪيو هو.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اسان خاص ڪيو انهن کي هڪ خاص شيءِ آخرت جي يادگيري سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان کين هڪ خاص صفت سان خاص ڪيو جا آخرت جي يادگيري آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان انهن کي هڪ خالص صفت سبب برگزيدو بنايو هيو اها (صفت) آخرت جي ياد هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چُوندي کَنياسُون خَلق مان، خالِص نِج نِبار، جَن کي ٻئي جَھان جي، ڪارڻ پِرت پَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47)

۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ سڳورن نيڪن مان ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ اُهي (پيغمبر) اسان جي نظر ۾ انهن منجهان آهن، جن کي اسان چونڊي کنيو ۽ نيڪ هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اهي اسان وٽ يقيناً برگزيده (۽) ڀلارا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اهي اسان جي بارگاھ ۾ برگزيدا ۽ نيڪ ماڻهن ۾ آهن.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ اهي اسان وٽ البته برگزيدن ڀلن مان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اهي اسان وٽ پسند ڪيل (۽) چڱن مان هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اُهي اسان وٽ چونڊيل (۽) پسند ڪيل ٻانهن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌُوئل اسان وٽ، دوست سي، ڀَلا بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48)

۽ اسماعيل ۽ اَلۡيَسَعَ ۽ ذُوالۡڪِفۡل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ حضرت اسماعيل، حضرت يسع ۽ حضرت ذا الڪفل جا قصا به ياد رک اهي سڀئي به نيڪن مان هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪفل (پيغمبرن) جو ذڪر ڪريو. ۽ (اُهي) سڀئي ڀلارا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) اسماعيل اليسع ۽ ذوالڪفل کي (به) ياد ڪر ۽ اهي سڀ نيڪ بندن مان آهن.(سيد فرمان علي)


ياد ڪر اسماعيل ۽ يسع ۽ ذالکفل کي ۽ سڀئي ڀلن مان آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي ياد ڪر ۽ (اهي) سڀئي چڱن مان هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي به ياد ڪر. ۽ اُهي سڀ چونڊيل ٻانهن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِسماعِيل، اَلْيَسَعَ، ذُوالْكِفْل جو، پڻ رَک اَندر اَذڪار، ۽ مِڙوئـِي مُختار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49)

ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (يعني نيڪن جو بيان ياد رکڻ ۽ ٻڌائڻ) وڏي نصيحت ۽ عبرت جو سامان آهي. ۽ يقيناً پرهيزگار ۽ نيڪ ماڻهن جي لاءِ سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي (جنهن ۾ هو موٽي اچي رهندا.)(علامه علي خان ابڙو)


هي نصيحت آهي، ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ يقيناً سهڻي منزل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هيءَ هڪ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهزگارن لاءِ (آخرت ۾) يقيني چڱي آرام گاھ آهي.(سيد فرمان علي)


هيءَ نصيحت آهي ۽ بلاشڪ پرهيزگارن جي لاءِ البته ڀلي جاء آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءَ (قرآن) نصيحت آهي ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي، (مولانا محمد مدني)


هيءَ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي ياداشت يَقِين سان. ۽ سُهڻي جاءِ سَچن لئي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50)

(يعني) ھميشه (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي سهڻيون جايون آهن) دائمي باغ جن جا دروازا هنن جنتين لاءِ هميشه کليل هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


اعليٰ قسم جي بهشت ۾ انهن (پرهيزگارن) لاءِ دروازا کليل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(يعني) هميشه جي رهڻ جا (بهشتي) سدا بهار باغ جن جا دروازا انهن لاءِ (سدائين) کليل رهندا.(سيد فرمان علي)


بهشت هميشہ رهڻ وارا کليل هوندا انهن جي لاءِ دروازا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جي رهڻ جا باغ آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن، (مولانا محمد مدني)


سدا بهار باغات آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


گھاٽاگُل، گَلزار، کُلِيَل دَر اُنهن جا، هُوندا تَنِين هارِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51)

اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرائيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (جنتي) انهن باغن ۾ (ڪوچن تي) ٽيڪ ڏيئي آرام سان ويهندا)، ۽ انهن ۾ هو بي انداز ميون ۽ لذيذ شربتن لاءِ طلب ڪندا (۽ سندن طلب جي تعميل هڪدم ٿيندي.)(علامه علي خان ابڙو)


اهي بهشت ۾ ٽيڪ لڳائي ويهندا (۽) بهشت ۾ گھڻن قسمن جا ميوا ۽ شراباً طهورا گھرندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي شخص اتي ٽيڪ ڏيئي (آرام سان ويٺا) هوندا اتي (بهشت جي خدامن کان) گهڻائي ميوا ۽ شراب گهرائيندا.(سيد فرمان علي)


ٽيڪون ڏئي وهندڙ انهن ۾ طلب ڪندا انهن ۾ ميوا گهڻا ۽ پيئڻ جون شيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اتي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا) انهن ۾ گهڻا ميوا ۽ پيڻ جون شيون پيا گُهرندا (مولانا محمد مدني)


اُهي ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا ان ۾ گهڻا ميوا ۽ شربت پيا گهرائيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سيجن مَٿي سامهان، بالِم بَرقرار، مِلندنِ مَنجھسِ مِهمانيون، ميوا موڪ مَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52)

۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن وٽ (شرميليون) اکيون هيٺ ڪندڙ، پاڪدامن هڪ جيڏيون عورتون (سنگت ۾) هونديون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن وٽ هم عمر حيادار بيبيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سندن پاسي ۾ (شرم کان) هيٺ ڪيل اکين واريون عم عمر زالون هوندن.(سيد فرمان علي)


۽ انهن وٽ هيٺ جهڪائيندڙ اکين واريون هڪ عمر جيڏيون هونديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (مٿن) نظر کي بند رکندڙ (حيا واريون) هڪ جيڏيون (زالون) وٽن هونديون(مولانا محمد مدني)


۽ انهن وٽ جهُڪيل نگاهن واريون (شرميليون) هم عمر گھر واريون (حورون) هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻِيَن پاڪِيزا اُنهن وٽ، ۽ ٻِيون هِڪ جيڏيون حَيادار، ڪارِينهدي ڏي، ڪُنڊ مان، نيڻن بَند نِهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53)

ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته) هي اٿو (اهي نعمتون) جن لاءِ اوهان کي واعدو ڏنو ويو هو، ته اوهان کي حساب وٺڻ واري ڏينهن ملنديون.(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ اهو آهي جنهنجو توهان سان حساب واري ڏينهن لاءِ وعدو ڪيو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مومنو!) هي اهي خبرون آهن جن جو حساب جي ڏينهن (قيامت) جي لاءِ اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. (سيد فرمان علي)


هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنا ويا هيئو حساب جي ڏينهن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي مسلمانو !) هي اهي (نعمتون) آهن جن جو اوهان کي حساب جي ڏينهن لاءِ انجام ڏنو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني)


هي اُهي (نعمتون) آهن جن جو حساب واري ڏينهن لاءِ توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي، سو ڏينهن حساب جو، جنهن جااوهان سان اِقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54)

بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اها اسان جي بخشش آهي جا ڪڏهن به نه کٽندي يا گهٽ ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ هيءُ اسان جو رزق آهي جنهنکي ڪا به فنا ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اها اسان جي (ڏنل) روزي آهي جا ڪڏهين نه کٽندي اهو (پرهيزگارن جو بدلو آهي)(سيد فرمان علي)


بلاشڪ هي البته اسان جو رزق آهي ناهي ان ۾ ڪا کوٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ هي اسان جو رزق آهي جنهن کي ڪا کوٽ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ هي اسان جي بخشش آهي جنهن کي ڪا کوٽ ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي آهن رزق اَسان وَٽان، بخشش بيشمار، اُن کي آخِرڪار، کِيندي، کوٽ ناھِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55)

اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي آهن (نعمتون يقيناً نيڪن کي نصيب ٿينديون) ۽ سرڪشن (بدڪار ماڻهن) کي (دنيا مان) موٽي اچي رهڻ لاءِ نهايت ئي بڇڙي جاءِ ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


(انهن لاءِ) هيءُ نعمتون آهن، بيشڪ سرڪشن لاءِ تمام خراب ٺڪاڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سرڪش جي ته يقينا بڇڙي جڳھ آهي.(سيد فرمان علي)


هي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙن جي لاءِ البته بڇڙي جاء آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءَ (پرهيزگارن لاءِآهي) ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ (مولانا محمد مدني)


هي (مؤمنن لاءِ آهي). ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَنهنجن تي پالوٽ اِي، ۽ ڪانهيارن ڪاڻ، جاءِ بُڇڙي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56)

(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(يعني) کين جهنم ملندو جنهن ۾ هو سڙندا. پوءِ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


(يعنى) جهنم آهي. جو اهي ان ۾ پوندا. پوءِ سندن ڪهڙي نه خراب بيٺڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جهنم جن ۾ کين وڃڻو پوندو، ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سيد فرمان علي)


جهنم داخل ٿيندا ان ۾ پوءِ بڇڙو وڇاڻو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آهي جو جهنم آهي جنهن ۾ داخل ٿيندا. پوءِ (اهو) بڇڙو وڇاڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


(اها جاءِ) جهنم آهي ان ۾ اُهي داخل ٿيندا، سا بڇڙي قيام گاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَھَنَّمَ پُهچن مَنجھسِ پاڻ، ۽ وِڇُن ڀَريل وِڇاڻ، پوءِ ڏاڍو ڪو ڏکيو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57)

ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(بيشڪ) اهوئي آهي (عذاب جو کين ملندو) هو ڀلي ته ان جو مزو چکن (هنن کي) اتي ٽهڪندڙ پاڻي ۽ وهندڙ پونءِ ملندي (جا تمام بدبودار ۽ برف جهڙي سخت ٿڌي هوندي.)(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ (عذاب) آهي پوءِ ڀلي ته اهي ٽهڪيل پاڻي ۽ پونءِ پيئن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکيندا رهن.(سيد فرمان علي)


هي پوءِ ڀلي چکن ان کي پونءِ ۽ ٽچڪندڙ پاڻي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءُ (عذاب) گرم پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکن. (مولانا محمد مدني)


هي (عذاب آهي). پوءِ ڀلي ته ان کي چکن (اهو) ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پُونءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَدلو اِهائـِي باھِ، پوءِ مَزو مَاڻِينِ اُن مان، گرم ۽ گند ڦَٽن جو، بَدبُوءِ ڀَريو بااللهِ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58)

۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن عذابن سان گڏ ٻيا به اهڙا عذاب کين ڏنا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان کان علاوهه کين گھڻن قسمن جا عذاب ڏنا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ٻيا ان جي شڪل وارا جوڙا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ٻيو به انهيءَ شڪل ۾ طرح طرح جو (عذاب) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن ٻارِين ٻِيا بِه باھ، ڪَئين جي قِسم ڪيترا!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59)

ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته، اجهو) هي هڪ ٻيو ٽولو اوهان سان گڏ (جهنم ڏانهن) ڌوڪيندو ٿو وڃي. هنن جي لاءِ مرحبا (يا ڀليڪار) ڪانهي. يقيناً هو باهه ۾ پچندا.(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ هڪ ٻِيو ٽولو آهي جيڪو توهان سان گڏ گرفتار آهي، ان لاءِ ڪا به مرحبا ناهي، بيشڪ اهي باه ۾ ڪرندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ڪن ماڻهن لاءِ انهن جي سردارن کي) چيو ويندو هيءَ (اوهان جي چيلن جي) فوج به اوهان سان گڏ ئي ڌوڪي ويندي سندن ڀلو نه ٿئي! اهي سڀئي دوزخ ۾ وڃڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


هي هڪ فوج آهي گهڙندڙ آهي اوهان سان گڏ ناهي مرحبا انهن سان بيشڪ اهي گهڙندڙ آهن باھ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءَ (اوهان جي تابعدارن جي) هڪ فوج آهي جا اوهان سان گڏ (دوزخ ۾ ) گهڙندي اچي (سردار چوندا ته) شال زمين مٿن تنگ ٿئي! بيشڪ اهي باهه ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن (مولانا محمد مدني)


(جهنم وارا اتي ايندڙ نئين ٽولي کي ڏسي چوندا) هي هڪ (ڏوهارين جي) فوج آهي جيڪا توهان سان گڏ (جهنم ۾) داخل ٿي رهي آهي انهن کي ڪا خوش آمديد ناهي. بيشڪ اُهي دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي فوج اوهان سان آڳ ۾، ٻيڙِي بي شُعور، نه سَلام، نه ڪَلام اُنهن سان، نه مَرحبا ڪامُور، مڱر ۾ مَجبُور، سَڙِي سي سوڪ ٿيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60)

(تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اُنهي ٽولي جا ماڻهو) چوندا ته بلڪ اوهان به (باهه ۾ پچندؤ) توهان جي لاءِ به مرحبا ڪانهي. توهان ئي اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي. هي دوزخ ڪهڙي نه بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ڪافر پنهنجي اڳواڻن کي چوندا ته توهان لاءِ ڪا مرحبا ناهي، توهان ئي اسان کي جهنم ۾ پهچايو، پوءِ جهنم تمام خراب ٺڪاڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ته چيلا) چوندن (اسين ڇو؟) پر اوهين (جهنمي آهيو) اوهان جو ڀلو نه ٿئي! توهان ماڻهن ئي ته هن مصيبت جي منهن ۾ وڌو ته جهنم به ته ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.(سيد فرمان علي)


چوندا ته بلڪه اوهان ناهي مرحبا اوهان سان اوهان ئي اڳي ڪيو ان کي اسان جي لاءِ پوءِ بڇڙي قرار جي جاءِ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(تابعدار) چوندا ته (نه) پر اوهان تي زمين تنگ ٿئي! اوهان ئي ان (مصيبت) کي اسان جي سامهون آندو آهي، پوءِ اها بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهي (اچڻ وارا) چوندا: ”بلڪه توهان ئي آهيو جن جي لاءِ ڪا خوش آمديد نه آهي. توهان ئي ته هي (ڪفر ۽ عذاب) اسان جي اڳيان پيش ڪيو. پوءِ ڏاڍي بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوئـِلڳن پاٻوهِيو، اي اسان جا اڳواڻ!، مَرحبا ڪا مُورهِين، ڪانهي اَوهان ڪاڻ، اوهان آڳ اسان لئي، پَهرِين آندِي پاڻ، هَنڌ پَنهنجو هاڻ، بِلڪُل ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61)

چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو هيئن به چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! جنهن به اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي تنهن جو باهه ۾ (سڙڻ جو) عذاب وڌائي ٻيڻو ڪر.(علامه علي خان ابڙو)


اهي تابعدار عرض ڪندا ته اي اسان جا رب جنهن به اسان کي جهنم ۾ پهچايو پوءِ تون جهنم ۾ ان تي ٻيڻو عذاب ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پوءِ وري) عرض ڪندا پروردگار! جنهن اسان کي هن (مصيبت) ۾ وڌو تنهن تي ته اسان کان وڌيڪ دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڪر.(سيد فرمان علي)


چوندا ته اي اسان جا رب! جنهن اڳي ڪيو اسان جي لاءِ هي پوءِ وڌاءِ ان کي عذاب ٻيڻو باھ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽) چوندا ته اي اسانجا پاليندڙ! جنهن اسان جي سامهون هيءَ (مصيبت) آندي آهي تنهن کي باهه ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي. (مولانا محمد مدني)


چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! جنهن هي (مصيبت) اسان جي سامهون آندي آهي تنهن کي باهه ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


دانهيؤن، ته ڌَڻي اسان جا!، جَن آنداسون اِن ماڳ، اُن تي اَندر آڳ، ٻِيڻو ٻارِ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62)

۽ دوزخي چوندا ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو مڙسن (مسلمانن مسڪينن) کي نٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھواسون؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو چوندا ته اسان کي ڇا ٿي پيو آهي جو اسان انهن ماڻهن کي ڪونه ٿا ڏسون، جن کي اسان شريرن ۾ شمار ڪندا هئاسين. (هئا پاڻ شرير پر سچن مؤمنن کي شرير سمجهندا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ (ڪافرن جا اڳواڻ) چوندا اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسين اهي ماڻهو نٿا ڏسون جن کي اسان شرير سمجھندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (وري) پاڻ به چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو جو اسين جن ماڻهن کي (دنيا ۾) شرير ڄاڻندا هئاسين تن کي (هتي دوزخ ۾) نه ٿا ڏسون.(سيد فرمان علي)


۽ چوندا ته ڇا ٿيو آهي اسان کي جو نٿا ڏسو مڙسن کي جو ڳڻيوسين ٿي انهن کي بڇڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اُنهن مڙسن کي (هتي دوزخ ۾ ) نه ٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان شمار ڪندا هئاسون. (مولانا محمد مدني)


۽ چوندا ته: ”ڇا ڳالهه آهي؟ جو اسان انهن مردن کي (هتي جهنم ۾) نه ٿا ڏسون جن کي اسان بڇرن ماڻهن ۾ شمار ڪندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَيائون چِٽ ڪِهڙو، آهي اَسان ساڻ؟ ته مَٺاڀانيا سون مَرد جي، سي هِت نه پَسون هاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63)

(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھواسون ڇا يا کانئن اسان جون اکيون ترڪيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان انهن سان مسخريءَ طور اهڙي هلت ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون (۽ سمجهه) انهن لاءِ چنجهيون ٿي پيون هيون؟ (جو نه سمجهي سگهياسين ته هو نيڪ آهن تنهن ڪري ڪامران رهندا).(علامه علي خان ابڙو)


جن سان اسين مذاق ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن جي ڏسڻ کان ڦري ويون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اسين انهن سان (ناحق) ٺٺوليون ڪندا هئاسون يا انهن کان (اسان جون) اکيون ڦري ويون آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا ورتو سون انهن کي ٺٺول ڪري يا ٿڙڪيون انهن کان اکيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخري ڪئي يا (دوزخ ۾ آهن پر) اسان جون اکيون انهن کان ترڪي ويون آهن؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخريون ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن (جي سڃاڻڻ) کان تِرڪي ويون آهن“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن کي اَسان پاڻ، هو کَڻِي کِل بَنايو. اَ کيون اَسان جون اُنهن ڪنان، ڦِرِي وِيون فِى الحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64)

بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ اهو حق ۽ انصاف آهي ته دوزخي ماڻهو هڪٻئي سان جهڳڙا ڪن (اها به هنن لاءِ سزا آهي).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهو جهنمين جو پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ يقيناً سچ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ اهو بلڪ پڪ ٺيڪ آهي.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اهو البته حق آهي جهيڙو جهنم وارن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اهو دوزخين جو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ يقيني آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ هي ڳالهه سچي آهي دوزخين جا پاڻ ۾ اهي جهڳڙا ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَرحق آھِ بَحال، اِي جھڳڙو جَھَنَّمِيَن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65)

(کين) چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان، ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) چؤ ته، مان ته يقيناً فقط خبردار ڪندڙ آهيان، ۽ معبود (۽ بادشاهه) فقط الله آهي جو هڪ آهي ۽ سڀني تي غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان، ناهي ڪوبه معبود مگر الله تعالى جيڪو واحد القهار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون چوين ته آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان ۽ واهد قهار خدا کان سواءِ ڪوئي معبود عبادت جي لائق نه آهي.(سيد فرمان علي)


فرمايو ته مان ته صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ ناهي ڪو معبود مگر الله هڪ غالب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته آءُ رڳو ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کانسواءِ ڪوبه حاڪم نه آهي جو اڪيلو، غالب، (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”آءٌ صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي جو اڪيلو سڀ تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون ته آهيان آڳ کان، ڪندڙ خبردار، ته ڌُر کان دَرگاھ ناھِ ڪا، هڪ ڌڻئَ کان ڌار، سو اَڪيلو اُوپَري، تَن سَڀن لَهندڙ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66)

آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو آسمانن ۽ زمين جو پرودگار آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به پروردگار آهي. هو وڏيءَ طاقت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ وڏو بخشيندڙ ۽ پناه ڏيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(اهو) رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ انهن جو جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي (۽ اهو) غالب بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آسمانن ۽ زمين جو ۽ جي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن (تن سڀني جو) پالڻهار وڏو بخشڻهار آهي.(سيد فرمان علي)


آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ ان جو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي غالب بخشڻهار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ زبردست (۽) گهڻو معاف ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني) جو غالب، وڏو بخشڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُڀ، عَرش ۽ فَرش جو، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، اَپر عِزتدار، مَديون مَرهِيندڙ مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67)

(کين) چؤ ته اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته هي (قرآن الله تعاليٰ جو) عظيم پيغام آهي ۽ اعليٰ نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اهي تمام وڏيون ڳالهيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) ٻڌائي ته اها (قيامت) هڪ وڏو واقعو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اها وڏي خبر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته اهو (قرآن) وڏي خبر آهي، (مولانا محمد مدني)


چؤ ته : ”اها تمام وڏي خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، ڳَرِي آھِ ڳالهڙِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68)

اوھين کانئس مُنھن موڙيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(افسوس جو) اوهان ان کان منهن موڙيو ٿا (۽ پاڻ کي تباهه ٿا ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو)


جن کان توهان منهن موڙيندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن کان اوهين ماڻهو (اجايو) منهن موڙيو ٿا.(سيد فرمان علي)


اوهان ان کان منهن موڙيندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهين ان کان منهن موڙيندڙ آهيو. (مولانا محمد مدني)


توهان ان کان منهن موڙيندڙ آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن کان، اَوهِين ڪريو اِنڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69)

مون کي (اُنھيءَ جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نه آھي جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


مون کي انهن اعليٰ سردارن جي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪهڙا بحث يا مشورا ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


مون کي ملائڪن جي ڪهڙي خبر جڏهن انهن (آدم جي تخليق بابت) اعتراض ڪيو ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


عالم بالا جي رهڻ وارا (فرشتا) جڏهن پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا تنهنجي مون کي به خبر ڪين هئي.(سيد فرمان علي)


نه هو مون کي ڪو علم ملأ اعلى جو جڏهن سوال جواب ڪن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مون کي (ملائڪن جي) سڀ کان مٿئين جماعت جي (ان وقت جي) ڪا خبر نه آهي جڏهن انهن (قرآن بابت) پاڻ ۾ سوال جواب ٿي ڪيو. (مولانا محمد مدني)


(انهن کي چؤ) ”مون کي انهن بلند قدر ملائڪن (جي گفتگو) جي (از خود) خبر نه هئي جڏهن اُهي پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُون کي مَٿِين دَرٻار جِي، سُڌ نه، سَماچار، جڏهن پِيا ڪَن پاڻ ۾، دعوٰى ڌارو ڌار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70)

مون ڏانھن ھيء ئي وحي ٿيندو آھي ته آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


مون کي ته فقط هي وحي موڪليو ويو آهي ته مان فقط چٽو پٽو خبردار ڪندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


مون ڏانهن ته هي وحي ڪئي وڃي ٿي، آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مون ڏي رڳو وحي ڪيو ويو آهي ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


نٿو وحي ڪيو وڃي مون ڏانهن مگر هي ته مان ته صرف کليل ڊيڄاريندڙ آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مون ڏي هيءَ ئي وحي ڪيو وڃي ٿو ته آءُ رڳو ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


مون ڏي فقط اها وحي ڪئي وڃي ٿي ته ”آءٌ ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُڪو نه وَڃي ٿو، مگر هِي پارايو مُون پارِ، آهيان آئون اِظهار، اِطلاع ڏيندڙ آگ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71)

(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) ياد رک ته تنهنجي پروردگار ملائڪن کي ٻڌايو ته مان مٽيءَ مان انسان کي پيدا ڪرڻ وارو آهيا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي فرمايو بيشڪ آئون هڪ بشر کي مٽيءَ مان پيدا ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهو بحث هي هو ته) جڏهن ته اوهان جي پروردگار فرشتن کي چيو ته آءُ آليءَ مٽي مان هڪ آدمي بنائڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


جڏهن فرمايو رب تنهنجي ملائڪن کي بيشڪ مان پيدا ڪندڙ آهيان انسان کي مٽيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان، (مولانا محمد مدني)


(ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تُنهنجي مالِڪ مَلڪن کي، جڏهن فائـِق ڪيو فرمان، آهِيان خَلقِيندڙ خاڪ مان، آئون هِڪ اِنسان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72)

پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي مڪمل ڪيان ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيان (يعني علم ۽ عقل حاصل ڪرڻجي صلاحيت پيدا ڪيان ۽ کيس ارادي جي قوت ڏيان) تڏهن توهان هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ آئون جڏهن ان کي برابر ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان پوءِ توهان سڀئي ان کي سجدو ڪجو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته آءُ جڏهن کيس درست ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهين سڀئي سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن پورو پورو ٺاهيان ان کي ۽ ڦوڪيان ان ۾ پنهنجو روح پوءِ ڪري پئو ان کي سجدو ڪندڙ ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن ان کي ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن آءٌ ان کي ٺاهي ٺيڪ ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي (تعظيم) لاءِ سجدو ڪندي ڪِري پئجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن تيار ڪَيمِ، تِنهنجو بوتو بي گمان، وَرِي سَندسِ وجُود ۾، ڦوڪِيم پَنهنجِي جان، پوءِ سامهون تِنهن سُلطان، نَمِي سَڀ سَلام ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73)

پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جمله سڀني ملائڪن (حضرت آدم کي) سجدو ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته سڀني فرشتن (ته) سجدو ڪيو،(سيد فرمان علي)


پوءِ سجدو ڪيو ملائڪن سڀني مڙني .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو (مولانا محمد مدني)


پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪُل مَلڪن صَحِي ڪيو سَلام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74)

مگر ابليس (نه سجدو ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر ابليس سجدو نه ڪيو. هن تڪبر ڪيو ۽ نافرمان ڪافر ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


مگر ابليس تڪبر ڪيو ۽ ڪافرن مان ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر (هڪ) ابليس جنهن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(سيد فرمان علي)


مگر شيطان وڏائي ڪيائين ۽ ٿيو ڪافرن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ابليس کان سواءِ، ان وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. (مولانا محمد مدني)


سواءِ ابليس جي. ان وڏائي ڪئي ۽ اهو هيو ئي ڪافرن مان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِبلِيس ري، پِيو خُودِي ۾ خام، هُئو اِنڪاريَن مان اَصل ئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75)

(الله) چيو ته اي ابليس جنھن کي پنھنجي ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم تنھن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو، تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس توکي ڪهڙيءَ ڳالهه هن کي سجدي ڪرڻ کان روڪيو جنهن کي مون پاڻ پنهنجي هٿن سان خلقيو آهي؟ ڇا توکي هٺ وڏائي چڙهي ويئي يا تون اعليٰ مرتبي وارو آهين؟(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو اي ابليس توکي (آدم جي) سجدي ڪرڻ کان ڪنهن منع ڪئي جڏهن ته مون ان کي پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيو. ڇا توکي تڪبر ٿي يا تون تڪبر ڪندڙن مان هُئين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا (ابليس کي) فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان بنايو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته اي شيطان! ڪنهن روڪيو توکي ته سجدو ڪرين ان کي جو پيدا ڪيو مون پنهنجن هٿن سان ڇا وڏائي ڪئي تو يا هئين تون مٿانهن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجن هٿن سان پيدا ڪيو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪهڙيءَ شيءِ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟ (مولانا محمد مدني)


(الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڪنهن روڪيو؟ ان کي سجدو ڪرڻ کان جنهن کي مون خود پنهنجي (قدرت جي) هٿن سان ٺاهيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون (پنهنجي ليکي) بلند درجي وارن مان آهين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پاڪ ڌَڻِي پاٻوهيو، ته اي شامِتي شيطان!، روڪيو سَندسِ سلام کان، توکي ڪنهن تعبان!،پَنهنجن پاڪ هَٿن سان، خَلقِيُمِ جيڪو خان، مُفت مَٿاهون پاڻ کي، ڀانيئـِي بي گُمان، يا آهِين تون اُنهن مان، جَن جو مٿاهون مان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76)

(ابليس) چيو ته آءٌ اُن کان ڀلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن جواب ڏنو ته، مان هن کان (يعني انسان کان) بهتر آهيان، تو مون کي باهه مان ٺاهيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ابليس چيو آئون آدم کان بهتر آهيان تو مون کي باه مان پيدا ڪيو ۽ تو آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ابليس چوڻ لڳو ته آءُ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو ۽ هن کي تو آلي مٽي مان پيدا ڪيو (ڪٿي باھ ڪٿي مٽي)(سيد فرمان علي)


چيائين ته مان ڀلو آهيان ان کان پيدا ڪيئي مون کي باھ مان ۽ پيدا ڪيئي ان کي مٽيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان چيو ته آءُ ان کان چڱو آهيان تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي. (مولانا محمد مدني)


(شيطان) چيو: ”مان ان کان بهترآهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ تو ان کي مٽيءَ مان خلقيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آئون ڀَلو اُن ڪنان، هِن سبب سان سُبحان! ته مون کي بَنايَئـِي باھِ مان، هُو خاڪ مان خاقان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77)

(الله) چيو ته انھيءَ ڪري اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته (جنهن صورت ۾ تون هٺ ٿو ڪرين ۽ منهنجي نافرماني ڪئي اٿئي تنهن صورت ۾) هتان نڪري وڃ (يا هن حالت مان نڪري وڃ) تون (هاڻي) مردود تڙيل ۽ لعنتي آهين.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو پوءِ تون بهشت مان ٻاهر نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو تون هتان نڪر! (دفع ٿي) تون ته پڪ مردود آهين.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته پوءِ نڪري وڃ ان مان پوءِ بلاشڪ تون تڙيل آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته پوءِ تون جنت مان نڪري وڃ ڇو ته تون تڙيل آهين. (مولانا محمد مدني)


(الله) فرمايو ته: ”پوءِ تون ان (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، هِڪدَم نِڪر هِن مان، تون نِڪتل آهِين نادان! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78)

۽ بيشڪ توتي بدلي جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ قيامت تائين توتي منهنجي لعنت رهندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ قيامت جي ڏينهن تائين تو تي منهنجي لعنت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ تو تي حساب جي ڏينهن (قيامت) تائين منهنجي لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ توتي منهنجي لعنت آهي قيامت تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ توتي حساب جي ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ تو تي بدلي واري ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توتي لَعنت لِعان، مُنهنجِي مَحشر ڏِينهن سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79)

(اُن) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تڏھن اُنھي ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن تي شيطان) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (مئل ماڻهو وري) جيئاري اٿاريا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


ابليس چيو اي منهنجا رب پوءِ تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان چيو ته اي منهنجا پالڻهار! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اي منهنجا رب! پوءِ مهلت ڏي مون کي ان ڏينهن تائين جو اٿاريا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! پوءِ تون مونکي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. (مولانا محمد مدني)


ان چيو: ”اي منهنجا پالڻهار پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن ماڻهو (قبرن مان) اٿاريا ويندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي مالِڪ! ڇَڏ مون، اُن ڏِينهن سِين، ته اُٿاربا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80)

الله فرمايو ته (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرمايو ته، وڃ توکي مهلت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو پوءِ بيشڪ قيامت جي ڏينهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويندي.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين، (مولانا محمد مدني)


فرمايائين: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت وارن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


باقي، مَٿي ڀُون، مُهلَتيَنِ مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81)

اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


توکي مقرر وقت واري ڏينهن تائين يعني قيامت تائين (مهلت آهي).(علامه علي خان ابڙو)


تائين تون مهلت ڏنلن مان آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هڪ ٺهرايل (مقرر ڪيل) وقت تائين.(سيد فرمان علي)


معلوم وقت جي ڏينهن تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ٺهرايل وقت جي ڏينهن تائين. (مولانا محمد مدني)


مقرر وقت واري ڏينهن تائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آهِين وَقت مَعلوم جي، ڏِينهن تائـِين تُون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82)

(ابليس) چيو ته تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي ته ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


ابليس (تنهن تي) چيو ته، قسم آهي تنهنجي عزت جو ته مان هنن سڀني ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيندس.(علامه علي خان ابڙو)


ابليس چيو تنهنجي عزت جو قسم يقيناً آئون انهن سڀني کي گمراه ڪندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن چيو تنهنجي ئي عزت (۽ جلال) جو قسم سڀني کي گمراھ ڪندس.(سيد فرمان علي)


چيائين ته پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آهي البته ضرور گمراھ ڪندس انهن سڀني کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ابليس چيو ته پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آهي ته آءُ انهن سڀني کي گمراهه ڪندس (مولانا محمد مدني)


ان چيو: ”پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آءٌ انهن سڀني کي گمراهه ڪندو رهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آگا! تُنهنجِي عِزّت جو، قسم برقرار، ته گمراھ ڪَندسِ گس ڪنان، تَن مِڙنِي کي تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83)

منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نه ھلندو).(علامه تاج محمود امروٽي)


سواءِ انهن جيڪي، جي انهن مان تنهنجا سچا (فرمانبردار) ٻانها آهن.(علامه علي خان ابڙو)


سواءِ انهن جي جيڪي تنهنجا مخلص ٻانها آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مگر سواءِ تنهنجي خاص بندن جي،(سيد فرمان علي)


مگر تنهنجا ٻانها انهن مان سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن مان تنهنجي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ. (مولانا محمد مدني)


سواءِ انهن مان تنهنجي مخلص ٻانهن جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تَن پاڪ پُڄارِيَن ڌار، جي هُوندا توهيڪ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84)

الله فرمايو ته (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرمايو ته، اها ڳالهه حق ۽ انصاف جي ڳالهه آهي ۽ مان اهائي ڳالهه ڪندو آهيان جا حق ۽ انصاف جي ڳالهه هوندي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو پوءِ (ايئن) حق آهي، ۽ آئون حق چوان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو ته (اسين به) سچي ڳالھ (ٿا ٻڌايون) ۽ آءُ سچ ئي چوندو ڪندو آهيان.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته پوءِ (هي) حق آهي ۽ (مان) حق ئي چوان ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته پوءِ سچي ڳالهه هيءَ آهي ۽ آءُ سچ چوان ٿو. (مولانا محمد مدني)


فرمايائين ته: ”پوءِ سچي ڳالهه هي آهي ۽ آءٌ سچ ئي چوان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ثابت آهي سَچ، ۽ سَچ بِه صَفا آئون چَوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85)

ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


مان چوان ٿو ته (اي شيطان) مان توسان ۽ انهن ماڻهن مان جيڪي تنهنجي پوئتان لڳندا تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(علامه علي خان ابڙو)


ته آئون تو سان ۽ تنهنجي سڀني تابعدارن سان يقيناً جهنم کي ڀريندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته تو سان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس.(سيد فرمان علي)


ته البته ضرور ڀريندس مان جهنم کي توسان ۽ انهن سان جيڪي تنهنجا تابع ٿيا انهن مڙني مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته جهنم کي توسان ۽ جن انهن مان تنهنجي پيروي ڪئي تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس (مولانا محمد مدني)


ته آءٌ تو مان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن مان ضرور دوزخ کي ڀريندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تون ۽ اُنهن مان تو پُٺيان، جَن قبوليو ڪَچ، تن مِڙني سان مَچ، بيشڪ ڀَرِيندسِ باھِ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! ماڻهن کي) چؤ ته، مان هن (وحي ٻڌائڻ وغيره) جي عيوض ۾ اوهان کان ڪو اجورو انعام ته ڪونه ٿو گهران (پوءِ ڇو نٿا منهنجي ڳالهه سچي سمجهو) ۽ (پڪ سمجهو ته) مان انهن منجهان نه آهيان جيڪي پنهنجا ٺاهه ٺاهيندا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان قرآن ڪريم پهچائڻ جو ڪو اجورو نٿو گھران ۽ نه آئون ان کي پنهنجي طرفان ٺاهيندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ نه ته هن (تبليغ رسالت) جي اوهان کان مزدوري گهران ٿو ۽ نه آءُ (ڪوڙ بدوڙ) ڏيکاءُ ڪرڻ وارو ئي آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته نٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ۽ ناهيان مان بناوٽ وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته آءُ اوهان کان قرآن (پهچائڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران ۽ نه آءُ ڏيکاءُ ڪندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي )تون فرماءِ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران ۽ نه ئي آءٌ ڏيکاءُ ڪرڻ وارن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، آئون نه اَوهان کان ٿو گُھران، اِن تي پورهيو پار، نَڪِي آهيان اُنهن مَنجھان، جي بيجا رکندڙ بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87)

ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ هن جي ته جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (خدا جو) پيغام ۽ نصيحت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ناهي اهو (قرآن ڪريم) مگر سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي (قرآن) ته رڳو سموري جهان لاءِ نصيحت آهي.(سيد فرمان علي)


ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (قرآن) ته جهان وارن لاءِ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني)


هي (قرآن) ته سڀني جهان وارن لاءِ نصيحت ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ناهِي قُرآن ڪَرِيم هِي، نِج نَصِحيت ڌار، جُملي جَھانن لئي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88)

۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يقيناً توهان ڪنهن وقت کان پوءِ ان جي حقيقت معلوم ڪندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ يقيناً ڪجھه وقت گذرڻ کان پوءِ توهان کي ان جي خبر پوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اوهان کي ان جي حقيقت معلوم ٿي ويندي.(سيد فرمان علي)


۽ البته ضرور ڄاڻندؤ ان جي خبر هڪ وقت کان پوءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪجهه وقت کان پوءِ قرآن (جي حقيقت) جي خبر اوهان کي پئجي ويندي. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان ضرور ان خبر (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندؤ ڪجهه وقت کان پوءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪِنهن وقت پُڄاڻا وار، ڪندا برقرار، اُن جي خَبر جِي خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017