036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
يٰسۗ ۚ 1
یٰسٓ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرييٰسٓ.
— مولانا محمد مدنييا ــ سين
— عبدالسلام ڀُٽووَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
قسم آهي قرآن ڪريم حڪيم جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريقسم آهي حڪمت واري قرآن جو،
— مولانا محمد مدنيقسم آهي حڪمت واري قرآن جو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
بلاشڪ تون البته مرسلن مان آهين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته بيشڪ تون رسولن مان آهين.
— مولانا محمد مدنيته بيشڪ توهان رسولن مان آهيو.
— عبدالسلام ڀُٽوعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
سڌي واٽ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڌي رستي تي (آهين).
— مولانا محمد مدني(توهان) بلڪل سڌي رستي تي آهيو.
— عبدالسلام ڀُٽوتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
(قرآن جو) نازل ڪرڻ غالب، مهربان وٽان آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريزبردست (۽) نهايت رحم واري (ان کي) نازل ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدني(۽ هي قرآن) نهايت زبردست ۽ وڏي رحم ڪندڙ (هستي) جي طرفان نازل ڪيل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽولِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه ڊيڄاريا ويا ابا ڏاڏا انهن جا پوءِ اهي غافل آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهن لاءِ ته تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو آهي تنهنڪري اهي بي خبرآهن.
— مولانا محمد مدنيته جيئن اهڙن ماڻهن کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هو. تنھن ڪري هُو غفلت ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽولَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
البته تحقيق ثابت ٿيو قول انهن مان گهڻن تي پوءِ اهي ايمان نه ٿا آڻين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ انهن مان گهڻن تي (عذاب جو) قول ثابت ٿيو آهي تنهنڪري اهي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ انهن ماڻهن مان گهڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿي چڪو آهي، تنھنڪري هي ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
بيشڪ اسان وڌا ڳچين انهن جي ۾ ڳٽ پوءِ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن پوءِ اهي ڳاٽي ٽنگيل آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن پوءِ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن پوءِ اهي (ڄڻ ته) ڳاٽي ٽنگيل آهن.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اسان اهڙن ماڻهن جي ڳچين ۾ ٽوڙها وجهي ڇڏيا آهن جيڪي (انهن جي) کاڏين تائين پيل آهن. تنھنڪري انهن جا ڪنڌَ (ڪڏهن به) نه جهڪندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ ڪئي اسان اڳيان انهن جي اوٽ ۽ پويان انهن جي اوٽ پوءِ ڍڪيو اسان انهن کي پوءِ اهي نه ٿا ڏسن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي پوءِ اسان کين ڍڪيو آهي تنهن ڪري اُهي نه ڏسندا.
— مولانا محمد مدنياسان انهن جي اڳيان ۽ پويان هڪ ڀت بيھاري ڇڏي آهي، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيو آهي تنهنڪري هو (سڌو رستو) نه ڏسي سگهندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ برابر آهي انهن لاءِ ڊيڄاريو انهن کي يا نه ڊيڄاريو انهن کي ايمان نه آڻيندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبر !) انهن لاءِ (هيءَ ڳالهه) هڪ جهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ايمان نه آڻيندا.
— مولانا محمد مدنيهاڻي کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ڳالهه برابر آهي، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
اوهان ته رڳو ان کي ڊيڄاريو ٿا جنهن اتباع ڪئي نصيحت جي ۽ ڊڄي ٿو رحمٰن کان اڻ ڏٺو پوءِ ان کي بشارت ڏي مغفرت جي ۽ اجر عزت واري جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتون رڳو ان کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي هلندو ۽ وڏي مهربان (الله) کان اڻ ڏٺي ڊڄندو پوءِ تون ان کي معافي ۽ چٽي اجر جي خوشخبري ٻڌاءِ .
— مولانا محمد مدنيبيشڪ تون اهڙي ماڻهوءَ کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪو نصيحت تي ڌيان ڏي ۽ الله تعالى کان اڻ ڏٺي ڊڄندو رهي، پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي معافي ۽ بھترين بدلي جي خوشخبري ٻڌاءِ.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
بلاشڪ اسين زندھ ڪنداسون مئلن کي ۽ لکون ٿا اهو جو اڳي ڪري موڪليائون ۽ سندن (پيرن جا) نشان ۽ هر شيءِ کي ڳڻي رکيو اسان ان کي ڪتاب پڌري ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسين مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن (ڇڏيل) نشان لکون ٿا ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اسان مئلن کي جيئرو ڪنداسين ۽ اسان سندن اهي عمل جيڪي هنن پنھنجي زندگي ۾ ڪيا ۽ جن عملن جا نقش قدم انهن پوئتي ڇڏيا آهن، سي سڀ لکندا وڃون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ پڌري ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ بيان ڪر انهن جي لاءِ مثال ڳوٺ وارن جو جڏهن آيا انهن وٽ مرسل .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبر !) انهن جي اڳيان ڳوٺ وارن جو مثال بيان ڪر !جڏهن وٽن پيغمبر آيا
— مولانا محمد مدنيانهن (مڪي وارن) کي هڪ شھر وارن جو مثال بيان ڪر، جڏهن انهن وٽ رسول سڳورا آيا.
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
جڏهن موڪليو اسان انهن ڏانهن ٻن کي پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو چيائون پوءِ قوت ڏني اسان نئين سان پوءِ چيائون ته بلاشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن وقت انهن ڏي ٻه ڄڻا موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن جي) ٽئين سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.
— مولانا محمد مدنيجڏهن اسان وٽن ٻه رسول سڳورا موڪليا ته (شهر وارن) انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان انهن رسولن جي مدد لاءِ ٽيون رسول سڳورو به موڪليو. پوءِ انهن ٽنهي رسول سڳورن گڏجي چيو ته بيشڪ اسان کي توهان ڏانھن موڪليو ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ۽ نه نازل ڪئي رحمٰن ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر جو ڪوڙ ٿا ڳالهايو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ وڏي مهربان (الله) ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا.
— مولانا محمد مدنيانهن ماڻهن جواب ۾ چيو ته توهان ته اسان جھڙا ئي انسان آهيو. الله تعالى ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. توهان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
چيائون ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته بلاشڪ اسان اوهان ڏانهن البته موڪليل آهيون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(پيغمبرن) چيو ته اسان جو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اوهان ڏي موڪليل آهيون.
— مولانا محمد مدني(رسول سڳورن) چيو ته اسان جو پالڻھار ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته اسان کي (واقعي) توهان ڏانھن ئي موڪليو ويو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ ناهي اسان تي مگر پيغام پهچائڻ پڌرو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان تي رڳو ظاهر پيغام پهچائڻ آهي. انهن چيو ته بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بڇڙي) فال سمجهي آهي.
— مولانا محمد مدني(جيڪڏهن توهان اسان جي ڳالهه نه مڃيندا ته ٺيڪ آ) اسان کي ته رڳو (الله تعالى جو) پڌرو پيغام پھچائڻ جي ذميداري ڏنل آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
چيائون ته بلاشڪ اسان بدفال ورتي اوهان سان البته جيڪڏهن نه رڪجندؤ اوهان ته البته ضرور سنگسار ڪنداسون اوهان کي ۽ البته ضرور پهچندو اوهان کي اسان جي طرفان عذاب دردناڪ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهانکي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو.
— مولانا محمد مدني(انهن ماڻهن جواب ۾) چيو ته بيشڪ اسان ته توهان کي نڀاڳو ٿا سمجهون. جيڪڏهن توهان پنھنجي تبليغ کان باز نه ايندا، ته اسان توهان کي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين ۽ توهان کي اسان جي طرفان تڪليف وارو عذاب پھچندو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
چيائون ته بدبختي اوهان جي اوهان سان گڏ آهي ڇا جيڪڏهن نصيحت ڪيا وڃو ٿا؟ (ته ڌمڪيون ڏيو ٿا) بلڪ اوهان قوم حد کان لنگهندڙ آهيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفال اوهان سان آهي. ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو.
— مولانا محمد مدني(رسول سڳورن) چيو ته توهان کي توهان جو پنھنجو ئي نڀاڳ کنيو بيٺو آهي. ڇا توهان کي ان لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته الٽو توهان اسان کي نڀاڳو سمجهو) توهان ته (واقعي) حد کان چڙهيل ماڻهو آهيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ آيو پرانهين پاسي شهر جي کان هڪ مڙس ڊوڙي پيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيروي ڪيو مرسلن جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس ڊوڙندڙ آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.
— مولانا محمد مدنيپوءِ شھر جي آخري ڪنڊ کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته اي منھنجا قومي ڀائرو! رسول سڳورن جي پيروي ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽو