القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ سَـبَاٍ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 54


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1)

سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي، ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ آخرت ۾ به حمد ۽ ثنا انهيءَ ئي جي لاءِ آهي ۽ هو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ ان لاءِ آخرت ۾ تعريف آهي، ۽ اهو حڪمت وارو خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس (ئي) آهي. ۽ آخرت ۾ (به هر طرف) تعريف ان جي آهي ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪيم آهي.(سيد فرمان علي)


سڀ ساراھ ان الله جي لاءِ (ثابت) آهي جنهن جي ملڪيت آهي جيڪو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ۽ ان جي لاءِ ئي حمد آهي آخرت ۾ ۽ اهو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ۽ ان جي ئي آخرت ۾ تعريف آهي ۽ اهو حڪمت وارو خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


سڀ تعريفون الله لاءِ آهن سڀ ڪجھه سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ۽ آخرت ۾ به تعريف ان جي لاءِ آهي. ۽ اُهو حڪمت وارو با خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي شڪر الله جو، جنهن جا سڀ جنسار، جيڪي آهي اُڀن ۾، جيڪي ڀُون ۾ بَرقرار، آهي آخِرت ۾ پڻ تِنهنجِي طَلب تنوار، اُهو حِڪمتي هوشيار، پڻ خدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2)

جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اھوئي بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏانهن چڙهي وڃي ٿو سو سڀ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، ۽ هو ڏاڍو رحم وارو ۽ بخشڻهار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪو آسمان مان نازل ڪري ٿو ۽ جيڪو انهيءَ ۾ مٿي چڙهي ٿو ۽ اهو ٻاجھارو بخش ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي (ٻج وغيره) زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (وڻ وغيره) ان مان نڪرن ٿا ۽ جيڪي (مينهن وغيره) آسمانن مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (بخار يا فرشتا وغيره) ان ۾ چڙهن ٿا تن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ڄاڻي ٿو اهو جيڪو داخل ٿئي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو نڪري ٿو ان مان ۽ جيڪو نازل ٿئي ٿو آسمان مان ۽ جيڪو چڙهي ٿو ان ۾ ۽ اهو ئي مهربان بخشڻهار آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ۾ چڙهي ٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان مان ٻاهر نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ۾ چڙهي ٿو. ۽ اُهو وڏي ٻاجهه وارو بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪِي پَوي زمين ۾، پڻ اولھ، اوڀر اُن مَنجھان، جيڪِي ٻوٽا ٿِينَ ٻَهار، ۽ جيڪِي اُتري اُڀ ڪنان، ۽ جيڪِي اُسري اُنهئ پار، ۽ آهي اُو اِظهار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3)

۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي سي چون ٿا ته (عذاب ۽ شڪست جي) گهڙي اسان جي مٿان ڪانه ايندي. (اي پيغمبر!) تون کين _زوردار لفظن ۾) ٻڌائي ڇڏ ته قسم آهي منهنجي پروردگار جو ته اها گهڙي ضرور ايندي (قسم آهي انهيءَ پروردگار جو جيڪو) غيب جو علم رکندڙ آهي. هن کان ڪابه چيز ڳجهي ناهي اگرچه ڪو ذرڙو آسمانن ۾ يا زمين ۾ (لڪل) هجي ۽ ان کان به ننڍو هجي يا وڏو هجي ته اهو ذرڙو به (الله جي) چٽي چٽي ڪتاب ۾ (چٽي طرح لکيل) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن چيو ته اسان تي قيامت نه ايندي، رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته يقيناً توهان وٽ قيامت ايندي، اهو عالم الغيب آهي، ان کان ذري برابر (ڪا شيءِ) آسمانن ۽ زمينن ۾ غائب ناهي ۽ نه ان کان ننڍي (ڪا شيءِ) ۽ نه ان کان وڏي مگر (اهي سڀ شيون) لوحِ محفوظ ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر چون ٿا ته اسان تي اها گهڙي (قيامت ڪڏهين) نه ايندي (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ! (هاءُ) مون کي پنهنجي ان عالم الغيب پالڻهار جو قسم آهي جنهن کان ذري جيتري (ڪا به شيءِ) نه آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾ ته قيامت ضرور ايندي. ۽ ذري کان (به) تمام ننڊي ۽ نه تمام وڏي شيءِ (مطلب ته هر شيءِ) ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ محفوظ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته نه ايندي اسان وٽ قيامت فرماءِ ته هائو قسم آهي منهنجي رب جو ته البته ضرور ايندي اوهان وٽ غيب ڄاڻندڙ نه ٿو ڳجهو ٿئي ان کان وزن ذري جو آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ننڍي (ڪا شيءِ) ان کان ۽ نه وڏي مگر ڪتاب روشن ۾ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافر چون ٿا ته اها گهڙي اسان تي نه ايندي. چئو ته ائين نه آهي مون کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اها ضرور اوهان تي ايندي (ان پاليندڙ جو قسم) جيڪو ڳجهه کي ڄاڻندڙ آهي جنهن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڳجهو رهي ٿو ۽ نه ذري کان تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي شيءِ آهي پر اها ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي (مولانا محمد مدني)


۽ ڪافر چون ٿا ته: ”اسان تي قيامت ڪانه ايندي“. چؤ: ”هائو مون کي منهنجي غيب جي ڄاڻڻ واري پروردگار جو قسم ته اُها توهان تي ضرور ايندي، ان کان ذري برابر ڪا شيءِ غائب ٿي نه ٿي سگهي نه آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ان (ذري کان) تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي مگر (هر شيءِ) روشن ڪتاب (يعني لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُتو، جَن اِنڪار ڪيو، ته اِيندِي نَه اَسان تي وار، چَئو هائو، سنهن سايَمِ جو، جو عالِم سَڀ اِسرار، اِيندِي اُها اوچتِي، جنهن ۾ ڦير نَه ڦار، اُڀ، ڀُون ۾ نَه لِڪي، اُن کان، ماڪوڙِي مِقدار، ۽ نه ننڍِي تِنهن کان تور ۾، ۽ نَه وڏِي وَزندار، مگر مِڙئـِي ڪَم ڪار، لِکيل لَوح مَحفوظ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4)

ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هرهڪ ڳالهه ۽ عمل خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهي) انهيءَ لاءِ ته جيڪي ماڻهو (حقيقتن تي) ايمان آڻين ٿا ۽ (انهن موجب) صالح عمل ڪن ٿا، تن کي الله تعاليٰ نيڪ بدلو (۽ نعمتون) ڏئي. اهي ئي آهن جن جي لاءِ (خدا وٽان) بخشش آهي ۽ شاندار رزق آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته مؤمنن کي سندن نيڪ عملن جي جزا ڏي، اهي (مؤمن) جن لاءِ بخشش ۽ (جنت ۾) سهڻو رزق آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي نيڪ بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي (گناهن جي) معافي ۽ (تمام وڏي) عزت جي روزي آهي.(سيد فرمان علي)


تانته بدلو ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل اهي انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي معافي ۽ عزت واري روزي آهي. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته الله انهن ماڻهن کي پورو بدلو ڏئي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون. اهي ماڻهو آهن جن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان اَجر ڏي اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اُنهن لئي ڪَئـِين اِحسان، بَخشش بي گمان، پڻ مانَ ڀَريون مِهمانيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5)

۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر اهي ماڻهو جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن جي مخالفت ڪري اسان کي عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن (سي هرگز اسان جي ارادن کي روڪي نه سگهندا. اٽلندو پاڻ تباهه ٿيندا) اهي ئي آهن جن جي لاءِ سخت دردناڪ ۽ خوار خراب ڪندڙ سزا جو عذاب اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا ته قرآن ڪريم جي ترديد ڪن (اهي عاجز ٿيندڙ آهن ۽) انهن لاءِ سخت ڏکوئيندڙ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي ڊوڙيا اسان جي آيتن جو مقابلو ڪندڙ اهي انهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي (مولانا محمد مدني)


۽ جن اسان جي آيتن ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ زور لڳايو اهي آهن جن لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان جي آيتن ۾، جي ڪاهي پِيا ڪُلال، ڏاڍا بَنجِي ڏيہ ۾، تَن نالائـِقن نال، وَبا وارو وَبال، ڏاڍو آهي ڏُ کيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6)

۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي سي چٽائيءَ سان ڏسن ٿا ته جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي (يعني قرآن) سوئي حق آهي ۽ (يقين سان ڄاڻن ٿا ته) هو (قرآن) انهيءَ خدا جي (سڌي) واٽ ڏيکاري ٿو جو وڏي غلبي ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.(علامه علي خان ابڙو)


علم وارا ڏسن ٿا ته رسولِ عربي توهان ڏانهن (قرآن ڪريم) الله تعالى جي طرفان حق سان نازل ڪيو ويو آهي، ۽ الله تعالى سنئين رستي ڏانهن هدايت ڏئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ڪيل آهي سي ڄاڻن ٿا ته جو ڪتاب (قرآن) تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو برحق آهي ۽ لائق حمد (۽ ثنا) غالب (خدا) جي راھ ڏيکاري ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ سمجهن ٿا اهي شخص جيڪي ڏنا ويا علم ته جيڪو نازل ڪيو ويو توڏانهن تنهنجي رب جي طرفان اهو حق آهي ۽ هدايت ڪري ٿو غالب، ساراھ ڪيل (الله) جي واٽ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ!) جن کي علم ڏنو ويو آهي سي سمجهن ٿا ته جيڪي تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو حق آهي ۽ زبردست (۽) ساراهيل (الله) جو رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ٿا ته جيڪي تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو حق آهي ۽ اهو غالب ساراهيل (الله) جي راهه ڏيکاري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جن کي علم عطا ٿيو، سي سَمجھن سَڄِي ڳالھ، ته توڏي، تُنهن جي ڌَڻِئَ کان، جيڪِي لاٿو وِيو لال! آهي قُرآن ڪرِيم، سو بَرحق ڀَلو بَحال، ۽ ٿو ڏَسي، واٽ وِصال، سَٻر،ساراهِيَل جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7)

۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي سي (ٽوڪ وانگر ٻين کي يا هڪٻئي کي) چون ٿا ته، اسان توهان کي اهڙو ماڻهو ڏيکاريون جيڪو چوي ٿو ته، جڏهن توهان (مرڻ بعد) ڳري سڙي ذرڙا ذرڙا ٿي ويندؤ تڏهن توهان کي وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن (هڪ ٻِئي کي) چيو ڇا اسين توهان کي ان ماڻهوءَ جو ڏس نه ڏيون جيڪو توهان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن وقت توهان (مَري) ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا، بيشڪ توهان (ان وقت) نئين سِر پيدا ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي چرچو ڪندي) چون ٿا ته چئو ته اسين اوهان کي اهڙو آدمي (محمد) ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين (مري ڳري ويندو ۽) صفا ذرا ذرا ٿي ويندو ته اوهين هڪ نئين جنم ۾ ايندو!(سيد فرمان علي)


۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇا ڏس ڏيون اوهان کي اهڙي مڙس جو جيڪو خبر ڏئي ٿو اوهان کي ته جڏهن ذرا ذرا ڪيا ويندؤ هر طرح ذرا ڪرڻ ته بيشڪ اوهان البته نئين پيدائش ۾ (ايندؤ) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته ڇا اسين اوهان کي اهڙو مرد ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين بالڪل ذرا ٿي ويندو تڏهن اوهان کي نئين سر بنايو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته: ”ڇا توهان کي اهڙي شخص جو ٻڌايون جو اوهان کي هي خبر ڏئي ٿو ته جڏهن توهان (مرڻ بعد) بلڪل ذرا ذرا ٿي ويندؤ ته بيشڪ توهان کي نئين سر بنايو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُتو جَن اِنڪار ڪيو، ته آن کي، ڏَسيون اِنسان، خبر ڏِئي ٿو خان سو، جڏهن خاڪ ٿيا خيمان، جُمله جڳ جَھان، ته اَوهِين اِيندا نَئـِين جوڙ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8)

(اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي ڪافر هيئن به چون ٿا ته، انهيءَ ماڻهو يعني حضرت محمدﷺ) خدا تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي يا جنن جو اثر پيو اٿس؟ (۽ چريائي ۾ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري؟) هرگز نه! حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن (۽ نٿا سمجهن ته بدعملن جو نتيجو ضرور بد ئي نڪرندو) سي ئي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار آهن ۽ وڏي سخت گمراهيءَ ۾ (غلط واٽ تي) دور نڪري ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


(اهو چوندڙ) الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو يا ان کي جُنون آهي، بلڪ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻن (اهي) عذاب ۽ پري واري گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا هن (محمد) خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي يا کيس ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۽ تمام وڏي گمراهي ۾ پيل آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا بهتان هنيائين الله تي ڪوڙو يا ان ۾ چريائپ آهي؟ بلڪه جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي، عذاب ۽ پرانهين گمراهيءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا الله تي ڪوڙ ٺاهيو اٿس؟ يا ان کي ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين سي عذاب ۽ وڏي گمراهيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني)


(يا ته) اُهو الله تي ڪوڙ ٺاهي ٿو يا ان کي ڪا چريائي آهي.“ (ائين هرگز ناهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي عذاب ۾ آهن ۽ پري جي گمراهي ۾ (پيل) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي، يا لَڳسِ جُسي ۾ جِن؟ اُٽلو آخِرت کي، مُور نه مَڃيو جَن، مَنجھ دوزخ ديرو تَن، پڻ آهِن آڳاهِين وِرس ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9)

جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نه ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اهي (ڪافر) نٿا ڏسن ته آسمان ۽ زمين جون (ڪهڙيون ڪهڙيون قدرتون ۽ قانون ۽ عجائبات) سندن اڳيان ۽ پٺيان ظاهر پيا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ پوري ڇڏيون يا آسمان مان مٿن هڪڙي ڇپ ڪيرايون. بيشڪ هن (ڪائنات جي قدرتن) ۾ انهن سڀني ٻانهن لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪي (الله ڏي) رجوع ٿين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن نه ڏٺو ان کي جيڪو انهن جي مٿان آسمان آهي ۽ جيڪا انهن جي هيٺان زمين آهي، ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن کي زمين ۾ ڳِهرايون يا اسين انهن تي آسمان جو ٽڪرو ڪيرائي ڇڏيون، بيشڪ انهيءَ ۾ هر فرمانبردار ٻانهي لاءِ نشاني آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان (چوڌاري) آهي تنهن (قدرت) ڏي غور نه ڪيو اٿن ته جيڪڏهن اسين گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ عبد لاءِ وڏو سبق آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ نه ڏٺائون ان ڏانهن جيڪو سندن اڳيان آهي ۽ جيڪو سندن پويان آهي آسمان ۽ زمين مان جيڪڏهن گهرنداسون ته ڳهرائينداسون انهن کي زمين ۾ يا ڪيرائينداسون انهن تي ٽڪرو آسمان مان بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي هر ٻانهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان آهي تنهن ڏي نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته جيڪڏهن گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ ٻانهي لاءِ (وڏي) نشاني آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ انهن ڪڏهن ان آسمان ۽ زمين کي ناهي ڏٺو جو انهن کي سندن اڳيان ۽ سندن پويان گهيرو ڪندڙ آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيون يا انهن تي آسمان جا ڪي ٽڪرا ڪيرايون. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي هر ان ٻانهي لاءِ جيڪو (الله ڏانهن) رجوع ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا وِيچاريؤن نه وار؟ جيڪي اُڀ، زَمِين مان، اَ ڳيان، پُٺيان اُنهن جي، عَجائـِب اَسرار، زوزا زورزَمِين ۾، جي گُھرون ته ڪَريون گار، يا ڪو اَڌڙ اُڀ مان، ڪيريون سِرڪِپار، آهي اِنهِئَ ڳالھ ۾، نِشانِي نِروار، هر ٻانهي لئي ٻِيهار، جو رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10)

۽ بيشڪ داؤد کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون ته) اي جبلؤ ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي حقيقت آهي ته اسان حضرت دائود کي پنهنجي فضل سان نوازيو. اي جبلو ۽ اي پکيو! توهان به ساڻس گڏ الله جون صفتون ڳايو ۽ اسان هن جي لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان پنهنجي طرفان (حضرت) داؤد کي ڀَلائي (نبوت) عطا ڪئي. اي جَبَلَ، ۽ اي پرندؤ توهان ان سان گڏ مون ڏانهن موٽو ۽ اسان لوهه کي ان لاءِ نرم ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان يقينا دائود کي پنهنجي بارگاھ مان بزرگي عنايت ڪئي هئي (۽ جبلن کي حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو! تسبيح ڪرڻ ۾ ساڻس ساٿ ڏيو پڻ پکين کي (سندس تابعدار ڪيوسون) ۽ ان لاءِ لوهي کي نرم ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڏني سون داؤد کي پاڻ وٽان ڀلائي اي جبلؤ! سهڻي نموني تسبيح پڙهو ان سان گڏ ۽ پکين کي (ان جو فرمانبردار ڪيوسون) ۽ نرم ڪيوسون ان لاءِ لوھ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان دائود کي پنهنجي طرفان بزرگي ڏني (۽ حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو ۽ پکيو! ان سان گڏ مٺي آواز سان پڙهو ۽ ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان دائود کي پنهنجي طرفان فضيلت ڏني هئي. (۽ حڪم ڏنو سين ته) اي پهاڙئو! (تسبيح پڙهڻ ۾) ان سان گڏجي وڃو ۽ اي پکيو! اوهان به. ۽ اسان ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ دوست نَبِي دائود سان، بي شڪ ڪياسون ڀال، اي پهڻ! پَڙهو، پڻ پکي!، تسبِيحون تِنهِين نال، پڻ نَرم ميڻ مِثال، لاڪسِ ڪيوسون لوھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11)

(حڪم ڏنوسون) ته ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ ۽ (اي داؤد جي گھراڻي وارؤ) چڱا ڪم ڪريو، ڇوته جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اسان حضرت دائود کي حڪم ڏنو ته انهيءَ لوهه مان) زرهون ٺاهه ۽ زنجيردار زرهن جي ڪڙين کي پوري انداز تي بيهار (ته جنگي جوڌا انهن کي آسانيءَ سان پهري سگهن ۽ ظالم دشمنن جو مقابلو ڪن) ۽ (اي دائود جا ماڻهو) سٺو ڪم ڪيو (ته زرهون سٺيون ۽ سهوليت واريون ٿين) يقين رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو مان چڱيءَ طرح ٿو ڏسان.(علامه علي خان ابڙو)


تون ان مان زِرهون تيار ڪر ۽ تون ان ۾ ڪُنڊا مناسب جاءِ تي هڻ ۽ توهان سڀ نيڪ عمل ڪريو، بيشڪ آئون توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ ان کي) چيوسون ته ڪشاديون زرهون بنائي ۽ (ڪڙين) بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ اوهين سڀئي چڱا ڪم ڪريو، جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ پڪ آءُ ڏسان ٿو.(سيد فرمان علي)


(ان کي حڪم ڪيوسون) ته ٺاھ ويڪريون زرهون ۽ اندازو رک ڪڙيون ٺاهڻ ۾ ۽ ڪيو ڀلا ڪم بلاشڪ مان جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ انکي) چيوسون ته ڊگهيون زرهون بناءِ ۽ ڪڙين بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ (اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿيءُ) اوهين چڱو ڪم ڪريو. بيشڪ جيڪي ڪريو ٿا سو آءُ ڏسندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


(ان کي چيوسين) ته ڪشاديون زرهون بناءِ ۽ (انهن جي) ڪڙين بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ (اي آلِ دائود) توهان چڱا ڪم ڪيو. بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آهيان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جوڙ زرهون اُن مان، گڏ ڪَڙو ڪڙي ساڻ، ۽ صَحِي سُڌارو مُلڪ جو، ساري ڪر سُڄاڻ! آئون پَسندڙ آهيان پاڻ، جيڪِي ڪريو، جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12)

۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ حضرت سليمان جي لاءِ هوا (کي سندس تابع ڪيوسين، يعني هوا کان ڪم وٺڻ ۽ ان جي وسيلي سڙهن سان جهاز راني ڪرڻ جو هنر سيکاريو) انهيءَ هوا جو صبح وارو پنڌ ۽ شام وارو پنڌ هڪ مهيني جي (پيادل) مسافريءَ جي برابر هو. (يعني جهاز ٻن پهرن جي اندر پيادل مسافرن جي هڪ مهيني جي مسافري جيترو مفاصلو لتاڙي ويندا هئا). ۽ اسان هن جي لاءِ پگهريل پتل جو چشمو وهائي ڇڏيو، (جنهن مان برتن وغيره ٺهڻ لڳا۽ الله جي حڪم سان جنن مان ڪي سندس اڳيان ڪم ڪندا هئا. ۽ (انهن مان) جنهن به اسان جي حڪم کان منهن ٿي موڙيو تنهن کي ڄڀي ڪندڙ باهه جو عذاب ٿي چکايوسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) سليمان لاءِ اسان هوا کي مسخر بنايو اها هوا صبح جي وقت هڪ مهيني ۽ شام جي وقت هڪ مهيني جو سفر طئي ڪندي هئي، ۽ اسان ان لاءِ پگھريل ٽامي جو چشمون جاري ڪيو، ۽ جِنّ ان جي اڳيان الله جي حڪم سان ڪم ڪندا هئا ۽ انهن جِنن مان جنهن اسان جو حڪم نٿي مڃيو اسان ان کي ڀڙڪندڙ باه جو عذاب چکايو ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ هوا کي سليمان لاءِ (تابعدار بنائي ڇڏيو هيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو. ۽ اسان ان لاءِ ٽامي (کي پگهاري ان) جو چشمو وهايو هو. پڻ جنن (کي سندس تابعدار ڪري ڇڏيو هو جو انهن) مان ڪجھ سندس پالڻهار جي حڪم سان ان جي اڳيان ڪم (ڪندا هئا ۽) انهن مان جنهن به اسان جي حڪم کان منهن موڙيو تنهن کي اسين (قيامت ۾) دوزخ جي عذاب جو مزو چکائينداسون.(سيد فرمان علي)


۽ سليمان جي لاءِ واء (مطيع ڪيوسون) صبح ان جي مهينو آهي ۽ شام ان جي مهينو آهي ۽ وهايوسون ان جي لاءِ چشمو پگهريل ٽامي جو ۽ جنن مان اهي به هئا جيڪي ڪم ڪن پيا ان جي اڳيان سندس رب جي اذن سان ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو انهن مان اسان جي امر کان ته چکائينداسون ان کي عذاب ڀڙڪندڙ باھ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سليمان لاءِ واه کي (تابعدار ڪيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو ۽ ان لاءِ اسان پگهاريل ٽامي جو چشمو وهايو ۽ جنن مان اهڙن کي (سندس تابع ڪيوسون) جيڪي ان جي اڳيان سندس پاليندڙ جي حڪم سان ڪم ڪندا هئا ۽ (اسان چيو هو ته) جيڪو انهن مان اسان جي حڪم کان ڦرندو تنهن کي باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسون. (مولانا محمد مدني)


۽ سليمان لاءِ هوا کي (مطيع ڪيوسين) ان جي صبح جي منزل هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جي شام جي منزل هڪ مهيني جو پنڌ هئي، ۽ اسان ان لاءِ پگهريل ٽامي جو چشمو وهايو. ۽ جِنَن مان ڪجهه (سندس تابع ڪياسين) جيڪي پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪم ڪندا هئا. ۽ (کين چيوسين) انهن مان جيڪو اسان جي حڪم کان ڦِرندو ان کي (دوزخ جي) ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب چکائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيو سون سُليمان جو، تابِع واءُ تمام، مَنزل مَهِينو صُبح جو، ۽ مَنزل مَهِينو شام، ۽ تنهن لئي تلاءُ ٽامي جو، جو جارِي ڪيوسون جام، پڻ مَنظورِئَ سان مالِڪ جي، آگي سَندسِ عَلام، مَهندان تِنهن مُدام، ڪي جِنَّ ڪمائـِيندا رهيا. ۽ اسان جي اَمر کان، جو ڦيري لِک لَوڻو، ته چَکايونسِ چَوڻو، ٻَلڙھ ٻَرندڙ باھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13)

جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون جي نه چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھوا، (چيوسون ته) اي داؤد جا اولاد شُڪرانو ڪريو، ۽ مُنھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي جيڪي حضرت سليمان لاءِ) اهڙيءَ طرح ڪم ڪندا هئا جيئن هو چاهيندو هو ۽ عمارتون ۽ مورتون ۽ تلاون جيڏا حوض ۽ هڪ هنڌ کتل ديڳيون ٺاهيندا هئا. اي آل دائود (خدا جي) شڪرگذاري ڪندي ڪم ڪندا رهو، پر منهنجي ٻانهن مان ڪي ٿورا آهن جيڪي شڪرگذار ڪن ٿا (گهڻا ته اهڙا آهن جي خدا جي ڏنل نعمتن جسم، دل، دماغ ۽ فطرت جي شين کان پورو ڪم نٿا وٺن).(علامه علي خان ابڙو)


جِنّ، (حضرت) سليمان لاءِ سندس پسند موجب وڏا قلعا ۽ وڏيون تصويرون ۽ وڏا پيالا تلائن جيڏا ۽ وڏيون فِٽ ٿيندڙ ديڳون تيار ڪندا هئا، آلِ داؤد توهان عملاً شڪرگذار ٿيو، ۽ منهنجا ٿورڙا ٻانها عملي طرح شڪرگذار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مطلب ته) سليمان کي جيڪي بڻائڻو هو ته اهي جن ان لاءِ بنائيندا هئا جيئن مسجدون، محل، قلعا ۽ تصويرون ۽ حوض جيڏا ٿالھ ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون (وڏيون) ديڳيون. (جن ۾ هزار ماڻهن جو کاڌو تيار ٿي سگهي). اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن بندن مان شڪر گذار (بندا) ٿورا آهن.(سيد فرمان علي)


ٺاهين پيا ان جي لاءِ جيڪي گهري پيو پڪيون جايون ۽ مورتون ۽ پيالا حوضن جيڏا ۽ نه چرندڙ ديڳيون اي داؤد جا اولاد شڪر ڪيو ۽ ٿورا آهن منهنجي ٻانهن مان شڪر ادا ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي گهرندو هو سو ان لاءِ بنائيندا هئا. جيئن محلات ۽ تصويرون ۽ حوضن جيڏا ٿالهه ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون ديڳيون. اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن ٻانهن مان شڪر گذار ٿورا آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي (سليمان ) چاهيندو هيو سو ان لاءِ (جِن) بنائيندا هئا انهن مان قلعا ۽ مجسما ۽ وڏن حوضن جهڙا پيالا ۽ چُلهن تي ڄميل وڏيون ديڳيون. اي دائود جا اولاد! شڪر گذار ٿي عمل ڪيو. ۽ منهنجي ٻانهن مان شڪر گذار ٿورا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جوڙِين جِھڙا پاڻ گُھري، تِنهن لئي ڪوٽ ڪمال، تَلاءَ وَڏي جِيئن تاسريون، پڻ ديڳِيُون ڌَمتال، دِلئون ويا دائود جا!، ڳايو ڳُڻنِ ڳالھ، ۽ آهِن جڏهن مُنهنجي، بَندن مان بَحال، لوڪ سَڄي ۾ لال، ڳاڻ ڳَـڻيائي ڳائـِڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14)

پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نه چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو ته جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا ته خواريءَ واري عذاب ۾ نه رھن ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن اسان هن (حضرت سليمان) تي موت جو حڪم صادر ڪيو تڏهن ڪنهن به شيءِ هنن (جنن) کي سندس موت جي خبر نه ڏني، سواءِ هڪڙي زميني جيت جي جو سندس لٺ کي (هوريا هوريان) کائي رهيو هو. پوءِ جڏهن (لٺ کاڄي وڃڻ جي ڪري لٺ جو سهارو وڃائي) حضرت سليمان ڪري پيو، تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته، (هو گذاري ويو آهي ۽) جيڪڏهن انهن کي غيب جي خبر هجي ها ته هن خوار خراب ڪندڙ عذاب ۾ نه ترسن ها (۽ ڀڄي وڃن ها).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن اسان سليمان ڏانهن موت موڪليو ته انهن (جِنن) کي اها خبر ڪنهن نه ٻڌائي مگر اُڏوهي جنهن (حضرت) سليمان جي لٺ کي کاڌو. پوءِ جڏهن (حضرت) سليمان زمين تي آيو جِنن کي معلوم ٿيو ته ڪاش جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته انهي خواريءَ واري عذاب ۾ نه رهن ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم جاري ڪيوسون ته (مري ويو پر لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو هو ۽) جنن کي ڪنهين سندس موت جي خبر نه ڪئي پر زمين جي اڏوهي، جنهن سليمان جي لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته (هن) ذليل ڪرڻ واري (ڪم ڪرڻ جي) مصيبت ۾ نه رهن ها.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن حڪم ڪيو اسان ان تي موت جو ته نه ڏس ڏنو انهن کي ان جي موت تي مگر اڏيهي کائي پئي ان جي لٺ کي پوءِ جڏهن ڪري پيو ته ظاهر ٿيو جنن تي ته جيڪڏهن غيب ڄاڻن ها ته نه گهڻو وقت رهن ها عذاب خوار ڪندڙ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم ڪيوسون ته سندس موت جي خبر انهن (جنن) کي اڏوهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن نه ڏني جنهن سندس لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته خوار ڪندڙ عذاب ۾ نه رهن ها. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن اسان مٿس موت جو فيصلو نافذ ڪيو ته انهن (جِنن) کي سندس وفات تي ڪنهن آگاهي نه ڏني سواءِ زمين جي اڏوهيءَ جي جيڪا سندس لٺ کي کائيندي رهي، پوءِ جڏهن سندس جسم زمين تي آيو تڏهن جِنن کي خبر پئي جو جيڪڏهن اُهي غيب ڄاڻن ها ته خواري واري عذاب ۾ مبتلا نه رهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن مَٿسِ موت جو، ڦيريو سون فرمان، پوءِ رَضا ۽ رُخصت جِي، سَندِي سُليمان، ري اُوڏهِئَ اُنهن کي، ڪِنهن ڪَر ڏِني به ڪان، جَا لَڳي سَندسِ لَٺ کي، جِنهن تي کَڙو هو خان، پوءِ ڪِريو پَٽ تي، مُرسل مِهربان، جڏهن ٿي جِنن تي، اِها ڳالھ عيان، ڄاڻن ڳجھيون ڳالهيون، جيڪر مَنجھ جھان، ته هيترو حيران، ڪَر ڪمن ۾ ڪين رهيا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15)

بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻه باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھوا، (چيو وين ته) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھي) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کٻي پاسي، (هنن کي الله تعاليٰ وٽان ارشاد مليل هو ته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو، آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جون خطائون) بار بار بخشيندڙ هو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ سبا (قبيلي) وارن جي پراڻين جاين ۾ (قدرت جي) نشاني آهي. ٻه باغ ساڄي ۽ کاٻي پاسي هئا. (اسان فرمايو) توهان پنهنجي رب جو رزق کائو ۽ ان جا شڪرگذار ٿيو، شهر پاڪ آهي ۽ رب (انهن تي) مهربان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ “سبا” جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (خدا جي قدرت جي) هڪ وڏي نشاني هئي (جو سندن شهر جي ٻنهي طرفن کان) سڄي ۽ کٻي (ساوا) باغ هئا. (پڻ کين حڪم هو ته) پنهنجي پروردگار جي عطا ڪيل روزي کائو (پيئو) ۽ سندس شڪر ادا ڪريو. (دنيا ۾ اوهان جو اهڙو) سٺو شهر ۽ (آخرت ۾) پالڻهار جهڙو بخشڻهار.(سيد فرمان علي)


البته تحقيق هئي سبا جي قوم وارن جي لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نشاني ٻه باغ سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان کائو پنهنجي رب جي رزق مان ۽ شڪر ڪيو ان جي لاءِ شهر پاڪ ۽ رب بخشڻهار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ سبا جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (وڏي) نشاني هئي. (انهن کي) ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٻه باغ هئا (کين چيوسون ته) پنهنجي پاليندڙ جي روزي کائو ۽ سندس احسان مڃيو (اوهان جو هيءَ) شهر سٺو ۽ پروردگار معاف ڪرڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ سبا جي (قوم) لاءِ سندن وطن ۾ ئي هڪ نشاني هئي، ٻه باغ ساڄي ۽ کاٻي طرف هئا. (چيوسين) پنهنجي پالڻهار جي روزي مان کائو ۽ ان جو شڪر ادا ڪيو. (توهان جو) شهر پاڪيزه ۽ پروردگار بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَباجي ساڪِنن لئي، هئي نِشاني نِروار، گھاٽا باغ گَسن تي، سَڄي، کَٻي پار، چي روزِي پنهنجي ربَّ جي، کائو خوش گوار، پڻ ڳايون ڳڻ اُنهِئَ جا، هِڪ شهر شاهوڪار، ٻِيو مالِڪ رُبُّ مختيار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16)

پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو تنهن ڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ٻن (قطارن وارن) باغن کي ڦيرائي اهڙا ٻه باغ ڪياسين جن ۾ ڪوڙا ڦل، ليون ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن ڪفر ڪيو پوءِ اسان انهن تي ٻوڏ موڪلي ۽ ٻن باغن جي عيوض اسان انهن کي ٻه باغ ڏنا (جيڪي ٻئي) کبڙن ۽ لَيُن جا هئا ۽ ڪجھه انهن ۾ ٻيرون به هيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهين به انهن منهن موڙيو (۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيائون) ته اسان (هڪ بند کي ٽوڙي) انهن تي زور جي ٻوڏ موڪلي ۽ (کين برباد ڪري) سندن ٻن باغن جي بدلي اهڙا ٻه باغ ڏنا جن جا ڪسارا ڦر ۽ لئي (لاڻا) ۽ ڪجھ ٿورن ٻيرين وارا ڏنا.(سيد فرمان علي)


پوءِ منهن موڙيائون پوءِ وهائيوسون انهن تي تيز سيلاب ۽ مٽائي ڏناسون انهن کي عيوض ٻن باغن انهن جي ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لئن ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن منهن موڙيو. پوءِ اسان مٿن بند جي ٻوڏ موڪلي. ۽ اسان کين سندن (انهن) ٻن باغن جي بدلي ۾ (ٻيا) ٻه باغ ڪُساري ميوي ۽ لئي ۽ ڪجهه ٿورين ٻيرين وارا ڏنا. (مولانا محمد مدني)


پر انهن (فرمانبرداري کان) مُنهن موڙيو پوءِ اسان انهن تي زوردار ٻوڏ موڪلي اسان انهن کي سندن (انهن) ٻن باغن جي بدلي ۾ ٻه باغ (مَٽائي) ڏنا جن ۾ بدمزه ميوو ۽ ڪجهه لئو ۽ ڪجهه ٿوريون ٻيريون هيون. (يعني ڪجھه ٻير جا وڻ هئا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ موڙيون مُنهن، ته اُنهن تي، ڇانب چڏِيسون ڇَر، بَدل ڏِنوسون باغن جو، ٻِن جو ٻِيهر، کارا پيرون کٻڙِين، ڪَساريون ڪثر، لاسڙ لَيون آسريون، ٻِيون ٻيريون ڪِي قدر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17)

سندن بي شڪريءَ سببان کين اھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نه ڏيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو هو هنن جو عيوضو جو اسان کين سندن بي شڪريءَ جي ڪري ڏنو ۽ اهڙي سزا اسان فقط انهن کي ڏيندا آهيون جيڪي بي شڪر ٿيندا آهن (۽ اسان جون نعمتون خراب طرح ڪم آڻي ظلم ڪندا آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


اها سزا انهن کي اسان سندن ڪفر جي ڪري ڏني، ۽ اسين ڪافرن کي اهڙي طرح جزا ڏيندا آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها اسان کين ناشڪريءَ جي سزا ڏني ۽ اسين ناشڪريءَ کان سواءِ ٻئي کي سزا نٿا ڏيون.(سيد فرمان علي)


اها سزا ڏني سون انهن کي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ۽ نه سزا ڏينداسون مگر بي شڪر کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو بدلو اسان کين سندن ڪفر جي ڪري ڏنو ۽ اسين ناشڪر کانسواءِ ٻئي کي سزا نه ٿا ڏيون. (مولانا محمد مدني)


اهو بدلو اسان انهن کي سندن ناشڪري سبب ڏنو. ۽ اسان ناشڪر کان سواءِ (ڪنهن کي اهڙي) سزا نه ٿا ڏيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو ڪيائون ڪُفر اُن جو، ڏِنو سونِ اَجر، ۽ ري مُنڪرن مگر، ٻِئي بَدلو نه ڏِيون باھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18)

۽ سندن وچ ۾ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون ته) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٻي نعمت اسان مٿن هيءَ ڪئي هئي جو) هنن ۽ (شام ملڪ جي) شهرن جن تي اسان برڪتون ڪيون هيون جي وچ ۾ گهڻائي شهر آباد ڪيا هئا جي (هڪ ٻئي کي ويجهو) ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ (مناسب مفاصلن تي) اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون هيون. (سبا جي ماڻهن کي اسان ارشاد ڪيو هو ته) انهن جي وچ ۾ رات جي وقت توڙي ڏينهن جي وقت امن امن سان مسافريون ڪيو (۽ واپار وڌايو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان انهن (سبا وارن) ۽ شام وارن جي وچ ۾ ظاهراً ڪيترائي ڳوٺ ۽ ڪيتريون ئي منزلون مقرر ڪيون آهن، توهان ان ۾ راتين جو ۽ ڏينهن جو امن سان سير ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ”سبا“ وارن ۽ (شام جي) انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت عطا ڪئي هئي (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون. جو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو.(سيد فرمان علي)


۽ ڪياسون سندن وچ ۾ ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جو برڪت رکي سون انهن ۾ ڳوٺ ظاهر ۽ بندوبست ڪيوسون انهن ۾ سير جو سير ڪيو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن امن وارا ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سندن وچ ۾ ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن (جي پيداوار) ۾ برڪت رکي سون اسان (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون (چيوسون) ته انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو! (مولانا محمد مدني)


۽ اسان انهن (يعني قومِ سبا وارن) جي ۽ سندن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت رکي هئي ڪيئي نمايان ڳوٺ بنايا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ منزلون مقرر ڪيون هيون. ته اوهان انهن ۾ امن (امان) سان راتيون ۽ ڏينهن سير ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تَن وِچ ۽ واهڻِين، گل ڪياسون گام، مُقرّر ڪيونسون مَنزلون، سانگ سَندنِ تان شام، صُبح سُکيا هِڪ شهر ۾، ۽ ٻي شهر ۾ شام، رَهو مَنجَھنِ ڏِينهن، راتيون، اَمن، سان آرام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19)

پوءِ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون تنھن ڪري انھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام پرزا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن (خود غرض نڀاڳن اگهن چاڙهڻ لاءِ يا ڪنهن ٻي ظلم واري نيت سان) چيو ته اي اسان جا پروردگار اسان جي مسافرين جي منزلن جو مفاصلو ڊگهو ڪري ڇڏ (حقيقت ۾ ائين ڪرڻ سان) هنن پاڻ تي ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان رسايو) سو اسان هنن کي (برباد ڪري پوين لاءِ هنن جا) افسانا ۽ ڪهاڻيون ڪري ڇڏيون سين. ۽ اسان هنن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کنڊيڙي ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ معاملي ۾ سڀني صبر ڪندڙن، ثابت قدم رهندڙن ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن چيو اي اسان جا رب اسان جا سفر پري ڪر ۽ انهن پنهنجو پاڻ ظلم ڪيو، پوءِ اسان انهن جون ڳالهيون (پوين لاءِ عبرت) ڪيون ۽ اسان انهن جي ڳوٺن کي جدا ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ هر وڏي صابر ۽ شاڪر لاءِ نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته پالڻهار! (ويجهي سفر ۾ مزو ڪونهي) تون اسان جي مسافريءَ جي پنڌ ۾ ڏورانهين پيدا ڪر! انهن ماڻهن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته اسان به کين (تباھ ڪري ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايون ۽ انهن کي بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙن لاءِ (وڏا) سبق آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيائون اي اسان جا رب! پرانهين ڪر اسان جي سفرن ۾ ۽ ظلم ڪيائون پنهنجي نفس تي پوءِ بنايوسون انهن کي آکاڻيون ۽ ذرا ذرا بنايوسون انهن کي صفا ذرا بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن چيو. ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان جي مسافرين (جي پنڌ) ۾ دوري ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون پوءِ اسان انهن کي (ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايو ۽ کين بالڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (وڏيون) نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ چيائون: ”اي اسان جا پالڻهار! اسان جي سفر جي منزلن جي وچ ۾ مفاصلو پيدا ڪر“ ۽ پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيائون پوءِ اسان انهن کي (عبرت جا) افسانا بنايو ۽ اسان انهن کي ٽڪرا ڪري بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. بيشڪ ان (قومِ سبا جي قصي) ۾ هر هڪ گھڻو صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آکيؤن پوءِ ته، اسان جا، آگاربَّ عَلام، ڪر پَنڌ اسان جو پَر ڀَرو، مَنزِل دُور مُدام، ۽ پاڻهِين ڪيائون پاڻ سان، جاڙ جَفائون جام، پوءِ ڪيوسون آکاڻيون اُنهن کي، ٻئو نه نِشاني نام، ڇِنِي ڪياسون ڇَڙو ڇَڙ، توائـِي تمام، اِن ۾ عِبرت عام، هر صابِر شُڪر گُذارلئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20)

۽ بيشڪ ابليس انھن به نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ابليس پنهنجو خيال هنن جي حالت ۾ سچو ثابت ڪري ڏيکاريو جو هنن سندس تابعداري ڪئي (۽ تباهه ٿي ويا) فقط مؤمنن جي هڪڙي جماعت سندس تابعداري نه ڪئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ انهن تي ابليس جو گمان سچو ٿيو پوءِ انهن انجي تابعداري ڪئي مگر مؤمنن مان هڪ فريق (تابعداري نه ڪئي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ شيطان پنهنجي خيال کي (جيڪو انهن جي باري ۾ ڪيو هوائين) سچ ڪري ڏيکاريو جو انهن ماڻهن سندس تابعداري ڪئي پر ايمان وارن جو هڪ ٽولو گمراھ نه ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق سچو ڪري ڏيکاريو انهن تي شيطان پنهنجو گمان پوءِ ان جي تابعداري ڪيائون مگر ٽولي هڪڙي مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ ابليس انهن جي باري ۾ پنهنجي گمان کي سچو ڪري ڏيکاريو جو مومنن جي هڪ ٽوليءَ کان سواءِ ٻين سندس تابعداري ڪئي (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ ابليس انهن جي باري ۾ پنهنجو گمان سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ انهن سندس پيروي ڪئي سواءِ ايمان وارن جي هڪ جماعت جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ صَحِي ثابت ڪيو اُنهن تي، پَنهنجو شَڪ شيطان، پوءِ لڳا لڙھ اُن جي، تابِع ٿيا تَعبان، سوا ساٿ هيڪڙي، جي مُؤْمن مُسلمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21)

۽ اُن جو مٿن ڪو زور نه ھو پر (اسين پرکون) ته جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي تنھن کي اُنھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هن (ابليس) کي ماڻهن جي مٿان ڪا حڪومت يا اختياري ڪانه هئي. اسان کي فقط هي ڏسڻو آهي ته ڪير آخرت ۾ ايمان ٿو رکي (۽ آخرت لاءِ نيڪ عمل ٿو ڪري) ۽ ڪير آخرت بابت شڪ ۾ آهي (۽ شيطان جي چوڻ تي لڳي بدعمل ٿو ڪري) ۽ (اي پيغمبر ياد رک ته) تنهنجو پروردگار ته هر چيز تي نگاهه رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ شيطان جو انهن تي ڪو تسلط ناهي مگر اهو ان لاءِ ته اسين معلوم ڪريون ته آخرت تي ايمان ڪير ٿو رکي ۽ ڪير ان بابت شڪ ۾ آهي، ۽ رسولِ عربي توهان جو رب هر شيءِ تي محافظ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن ان (شيطان جو مٿن ڪو زور نه هو، پر هي (مطلب هو) ته اسين انهن انسانن کي جيڪي آخرت جو يقين رکن ٿا انهن ماڻهن کان الڳ ڏسي وٺن جيڪي قيامت جي باري ۾ شڪ ۾ (ڦاٿا پيا) آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار ته هر شيءِ تي نگهبان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه هو ان جو انهن تي ڪو زور مگر تانته پڌرو ڪيون اسين ان کي جيڪو ايمان آڻي ٿو آخرت تي ان کان جيڪو اهو ان کان شڪ ۾ آهي ۽ تنهنجو رب هر شيءِ جي حفاظت ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن ان جو مٿن ڪو زور نه هو پر هن لاءِ (هڪ حيلو هو) ته جيڪو آخرت تي ايمان آڻي ٿو تنهن کي ان کان (جدا) ڄاڻون جنهن کي آخرت ۾ شڪ آهي ۽ تنهنجو پاليندڙ سڀ ڪنهن شيءِ تي نگهبان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ شيطان جو انهن تي ڪو زور نه هيو مگر هي ان لاءِ (ٿيو) جو اسان ڏيکاريون ته ڪير آخرت تي ايمان آڻي ٿو ۽ ڪير ان کان شڪ ۾ (پيل) آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار هر شيءِ تي نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَٿنِ طاقت مُورهين، اُن کي آهي ڪانه، پَرتان پَرکيؤَن، جي رکن، عُقبا تي اِيمان، اُنهن ڪنان، آهين جي مَنجِھين غلط گُمان، ۽ آهي نِگھبان، سَڀ شئِ تي، صاحب تُنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22)

(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن ۾ اوھين گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (به) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون مشرڪن کي) چئو ته جن کي توهان الله تعاليٰ کان سواءِ (ديوتائون ڪري) ٿا سمجهو تن کي پڪاري ته ڏسو. اهي ته آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ تر جيترو اختيار به نٿا رکن، نڪي انهن خدائن جو زمين ۽ آسمان ۾ ڪو حصو آهي. نڪي انهن مان ڪو (دنيا جي ڪارخاني هلائڻ ۾) الله جو ڪو مددگار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو توهان انهن معبودن کي پڪاريو جن جو توهان کي گمان آهي. اهي آسمانن ۽ زمينن ۾ ذري برابر مالڪ ناهن ۽ نه انهن جو آسمانن ۽ زمينن ۾ ڪو حصو آهي ۽ انهن مان قطعاً الله تعالى جو ڪو مددگار ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته جن کي خدا کان سواءِ (معبود) ڄاڻو ٿا، سڏيو (ته پتو پوندو ته) اهي ذري جيترو به نه ته آسمانن ۾ ڪجھ اختيار رکن ٿا ۽ نه زمين ۾ ۽ نه (وري) انهن جي (هنن) ٻنهين ۾ ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو (به) خدا جو مددگار آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته سڏيو انهن کي جو گمان ڪيو ٿا الله کان سواءِ نه ٿا ملاڪ ٿين هڪ ذره جي وزن جا آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ۽ ناهي انهن لاءِ انهن ٻنهي ۾ ڪو ڀائيوارو ۽ ناهي ان لاءِ انهن مان ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ!) کين چئو ته الله کان سواءِ جن جو اوهان گمان ڪيو آهي تن کي سڏيو. اهي نه ڪي آسمانن ۾ ۽ نه ڪي زمين ۾ ذري جيتري شيءِ جا مالڪ آهن ۽ نه انهن ٻنهين ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو الله جو مددگار آهي. (مولانا محمد مدني)


(مشرڪن کي) چؤ: ”اوهان انهن کي سڏيو جن کي توهان الله کان سواءِ (معبود) سمجهيو آهي، اُهي ذري جيتري شيءِ جا مالڪ نه آهن نه ڪي آسمانن ۾ ۽ نه ڪي زمين ۾ ۽ نه انهن ٻنهين ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو الله جو مدگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته اَوهِين اُنهن کي وَرڪريو سَڏ سُوال، جَن کي نائـِب صاحب جا، ڀانيان ٿي بَطال، تِرتور نَه عَرش، فرش ۾، سَندنِ هَٿ سَنڀال، ۽ ڀور، نَه ڀاڱو اُنهن جو، مَنجھنِ ڪو مَجال، پڻ تَن مان، تِنهين نال، ٽڪو ٽيڪِيندڙ ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23)

۽ نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي مگر جنھن لاءِ رخصت ڏني ھوندائين (فرشتن جو ھي حال آھي ته جنھن مھل ڪو حُڪم خدا جو نازل ٿئي ٿو ته اُنھن جي طبيعت ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿئي ٿي) تانجو جنھن وقت ھنن جي دلين تان گھٻراھٽ لھي ٿي (تنھن مھل) چون ٿا ته اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا ته سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) الله وٽ شفاعت يا سفارش ڪم نه ايندي، پر انهيءَ لاءِ سفارش ڪم ايندي جنهن لاءِ خدا پاڻ سفارش ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. تان جو جڏهن هنن ماڻهن جي دلين مان هراس (ڪجهه قدر) گهٽ ٿيندو تڏهن هڪٻئي کان پڇندا ته توهان جي پروردگار ڪهڙو فيصلو ۽ حڪم ڏنو آهي. هو جواب ۾ چوندا ته، الله تعاليٰ حق ۽ انصاف جو فيصلو ڏنو آهي ۽ هو سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله وٽ سندن سفارش فائديمند ناهي مگر جنهنکي (سفارش جي) پاڻ اجازت ڏي ايستائين جو جنهن وقت اجازت ڏئي انهن جي دلين تان ڊپ لاٿو وڃي، اهي چون ٿا ته توهان جي رب ڇا چيو، اهي چون ٿا ان سچ فرمايو، ۽ اهو ئي بلند (۽) وڏو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نه وٽس (ڪنهن جي) سفارش (ڪنهن کي) فائدو ڏيندي مگر ان جي جنهن کي اجازت ڏني هوندائين (سندس دربار جي هيبت) ايتري قدر آهي جو جڏهن شفاعت جو حڪم ٿئي ٿو (ته شفاعت ڪرڻ وارا بيهوش ٿي وڃڻ ٿا) پوءِ جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لاٿي وڃي ٿي ته پڇن ٿا ته اوهان جي پالڻهار ڇا فرمايو؟ ته (مقرب فرشتا) چون ٿا ته جا ڳالھ حق (سچ) هئي. ۽ اهو سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه نفعو ڏيندي شفاعت ان وٽ مگر ان جي لاءِ جو موڪل ڏنائين ان لاءِ تان جو جڏهن گهٻراهٽ پري ڪئي ويندي سندن دلين کان ته چوندا ڇا فرمايو رب اوهان جي چوندا حق ۽ اهو ئي نهايت مٿاهون، وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه وٽس (ڪنهن جي) سفارش (ڪنهن کي) فائدو ڏيندي مگر ان جي جنهن کي اجازت ڏني هوندائين (اهي اجازت کانپوءِ به گهٻرائجي ويندا) ايتري تائين جو جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لاٿي ويندي تڏهن چوندا ته اوهان جي پاليندڙ ڇا چيو؟ (مٿيان ملائڪ) چوندا ته حق ڳالهه چئي اٿس. ۽ اهو سڀ کان مٿاهون وڏو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ نه الله جي حضور ۾ سفارش فائدو ڏيندي سواءِ ان ماڻهو جي جنهن لاءِ پاڻ اجازت ڏنائين. ايستائين جو جڏهن انهن جي دلين تان گهٻراهٽ لاٿي ويندي تڏهن (سفارش ڪرڻ وارن کي) چوندا ته توهان جي پالڻهار ڇا چيو؟ اهي چوندا ته حق ڳالهه فرمايائين، ۽ اهو ئي سڀ کان مٿاهون وڏو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وَٽسِ وَٽابو ڪِنهن نه ڏِئي، اُهکي وير وَهار، مگر موڪل مِهر سان، هادِئَ ڏِنِي جِنهن هار، تان هيبت سَندنِ هِينَن مان، ويئـِي ڪَڍِي جنهن وار، چي، اَهنجي آگي ڇا چيو؟ پُڇڻ لڳا پَچار، چي، سَڀ ڪُجھ سائـِينءَ سَچ چيو، اِذن ڏِنو اِظهار، ۽ سو مَٿاهون مُختيار، وَڏِي وڏائـِئَ جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24)

(کين) چؤ ته اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي، چؤ ته الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا ته) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون هنن مشرڪن کان) پڇ ته آسمانن ۽ زمين مان ڪير ٿو توهان کي (روحاني جسماني) رزق پهچائي؟ تون ئي کين ٻڌائي ڇڏ ته الله ئي ٿو پهچائي ۽ (هي به ٻڌائين ته) يا اسان سڌي واٽ تي آهيون يا توهان، ۽ يا اسين چٽيءَ گمراهيءَ ۾ آهيون يا توهان. (اسان جون واٽون هڪٻئي جي ابتڙ آهن. سو ضرور انهن مان هڪ هوندي سڌي ته ٻي هوندي ڦڏي).(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته آسمانن ۽ زمينن مان توهان کي رزق ڪير ڏئي ٿو، توهان پاڻ فرمايو ته الله، ۽ بيشڪ اسين يا اوهين هدايت يا صاف گمراهي ۾ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڪير اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ تون چئو ته خدا (ڏئي ٿو) ۽ آءُ يا اوهين (ٻنهين مان هڪ ته) ضرور هدايت تي آهي (۽ ٻيو ٽولو گمراھ) يا اهو ظاهر گمراهي ۾ آهي (۽ ٻيو هدايت تي).(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪير رزق ڏئي ٿو اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان فرماءِ ته الله ۽ بلاشڪ اسين يا اوهان البته هدايت تي آهيون يا کليل گمراهيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) چئو ته ڪير اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ چئو ته الله (ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ اسين (هجون) يا اوهين (هجو هڪ جماعت) هدايت تي آهي ۽ (ٻي) ظاهر گمراهي ۾ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان روزي ڪير ڏئي ٿو“؟ چؤ: ”الله (ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ اسان يا اوهان يا ته ضرور هدايت تي آهيون يا کليل گمراهي ۾“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آن کي اُڀ، زمين مان، قُوْت ڏيٿو ڪير؟ چَئو، اَلله جَلَّ جَلالہ سانجِھي، صُبح سوير، چئو ، اَسان، ڪِ اوهان ڌُر، هيڪڙِي مَٿي پوري پير، ٻِي فِرق بِنا ڦير، مُنهن ٻولِي مُونجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25)

چؤ ته جيڪي اسان ڏوھ ڪيا آھن تنھن بابت اوھين پڇيا نه ويندؤ ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن بابت اسين پُڇيا نه وينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ کين) ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن اسان گناهه جا ڪم ٿا ڪيون ته اوهان کان انهن بابت پڇاڻو ڪونه ڪيو ويندو. نڪي اوهان جي عملن بابت اسان کان پڇاڻو ڪيو ويندو (هرڪو پنهنجي عملن لاءِ ذميوار آهي ۽ هرڪو پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳيندو).(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو توهان جي گمان موجب اسان جي گناهن جي توهان کان پڇا ڪا نه ٿيندي ۽ نه اسان کان توهان جي عملن بابت پڇا ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر!) تو (کين) فرمائي ته اسان جي گناهن جي اوهان کان پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ نه اوهان جي ڪرتوتن جي اسان کان پڇا ٿيندي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته نه پڇا ڪيا ويندؤ اوهان ان جي جو اسان جرم ڪيا ۽ نه پڇا ڪيا وينداسون اسين ان جي جو اوهان ڪيو پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته جيڪي اسان ڏوهه ڪيا آهن تن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جو اسان کان نه پڇيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ: جيڪي (اوهان جي خيال ۾) اسان ڏوهه ڪيا آهن تن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو، ۽ جيڪي اوهان ڪيو ٿا تنهن جو اسان کان نه پڇيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اَسِين جيڪي اَوَلاهَلون، تِنهنجِي اَوهان تي نَه پُڇا، ۽ اَوهِين ڪريو ڇا؟ ته پُڇا نَه اَسان تي اُن جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26)

چؤ ته اسان جو پالڻھار اسان (مڙني) کي گڏ ڪندو وري اسان ۽ (اوھان) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اھوئي (سچو) فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين هي به) چئي ڇڏ ته، اسان جو پروردگار اسان سڀني کي (اسان کي ۽ اوهان کي) هڪ هنڌ آڻيندو ۽ پوءِ اسان جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڏيندو ۽ (ياد رکو ته) هو ئي آهي جو فيصلو ڏيندڙ آهي (نه ڪو ٻيو) ۽ هو ئي آهي جو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو اسان جو رب اسان کي (قيامت جي ڏينهن) گڏ ڪندو ان کان پوءِ اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اهو ئي فَتَّاحُ الۡعَلِيۡمُ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته اسان جو پروردگار (قيامت ۾) اسان سڀني کي گڏ ڪندو پوءِ اسان (ٻنهي) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو ۽ اهو ئي (بهتر) فيصلو ڪندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته گڏ ڪندو اسان کي اسان جو رب ان کان پوءِ فيصلو ڪندو اسان ۾ حق سان ۽ اهوئي صحيح فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته اسان جو پاليندڙ اسان ٻنهين جماعتن کي گڏ ڪندو وري اسان (ٻنهين) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو ۽ اهو ئي فيصلو ڪندڙ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”اسان سڀني کي اسان جو پروردگار (محشر جي ڏينهن) گڏ ڪندو پوءِ اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو فرمائيندو. اُهو ئي فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، پَرور پَنهنجو، پاڻ کي، ميڙيندو مَحشر، پوءِ ڪندو حق تي فيصلو ، پَنهنجي وِچ پَرور، ۽ سو مُنصِف مُقرّر، سَمجھندڙ سَچ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27)

چؤ ته جن کي اوھان ساڻس شريڪ بڻائي ملايو آھي سي مون کي ڏيکاريو (چؤ ته) ائين نه آھي، بلڪ اُھو الله غالب حِڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون کين هي به) چئو ته مون کي اُهي ڏيکاريو ته سهي جن کي توهان شريڪ ٺهرائي خدا سان ڳنڍيو آهي. توهان هرگز ڏيکاري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته فقط اهو ئي هڪ خدا آهي جو وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ته مون کي توهان اهي شريڪ ڏيکاريو جن کي توهان الله سان ملايو آهي، خبردار، بلڪ اهو ئي الله آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر کين) چئو ته جن کي اوهان (خدا جو شريڪ بنائي) خدا سان ملايو ٿا سي (ته ڀلا) مون کي به (ته) ڏيکاريو هو. هرگز (سندس ڪو به شريڪ) نه آهي. بلڪ اهو ئي خدا غالب حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڏيکاريو مون کي اهي جو ملايا اوهان ان سان شريڪ ڪري هرگز نه بلڪ اهوئي الله غالب، حڪمت وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته جنکي اوهان شريڪ ڪري الله سان ملايو ٿا سي (ته ڀلا) مون کي ڏيکاريو (چئو ته) ائين نه آهي بلڪ اهو ئي الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”مون کي اُهي شريڪ ڏيکاريو ته سهي جن کي اوهان الله سان ملايو آهي“! هرگز ائين نه آهي. بلڪه اُهو ئي الله آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڏيکاريومِ صَحِي، سي آڻي اَڄ اِظهار، ڪيان اُن سان ڪَمن ۾، جَن کي ڀورا! ڀائيوار، سَمجھ ته آهي اُٽلندو، نِظارو نِروار، سَٻر ، سَمجھدار، سو اَلله جَلّ جَلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28)

(اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻھن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اسان توکي سڀني ماڻهن لاءِ (جيڪي قيامت تائين پيدا ٿيندا رهندا) پيغمبر ڪري موڪليو آهي انهيءَ لاءِ ته تون (نيڪ عملن ڪندڙن لاءِ ڪاميابي ۽ جنت جي) خوشخبري ڏئين ۽ (بدعمل ڪندڙن کي عذاب ۽ تباهيءَ کان) خبردار ڪرين. پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا سمجهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نه موڪليو اسان توهان کي (اي رسولِ عربي) مگر سڀني ماڻهن لاءِ بشير ۽ نذير ڪري پر اڪثر (مڪه جا) ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) اسان تو کي سموري (دنيا جي) ماڻهن لاءِ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (ڏوهارين کي خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي پر گهڻا ته (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


۽ نه موڪليو اسان اوهان کي مگر مڙني ماڻهن جي لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان توکي ته سڀني ماڻهن لاءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي) اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر سڀني انسانن لاءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تو نه مُڪو سون، مگر مِڙنِي ماڻهن ڪاڻ، خبرون ڏِيندڙ خير جون ۽ ڄيري ڪندڙ ڄاڻ، پر ماڻهون مَت اَڄاڻ، جَجھا نه جانچِينِ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29)

۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو (قيامت جو) انجام ڪڏھن ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان مسلمان سچ ٿا چئو (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ منڪر تباهه ٿيندا) ته ڀلا ٻڌايو ته، ڪڏهن اهو واعدو ظهور ۾ ايندو؟ (يعني ڪڏهن منڪر تباهه ٿيندا؟)(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چون ٿا ته قيامت ڪڏهن ايندي جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (وري) چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (ڀلا) اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهين (پورو) ٿيندو؟(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ڪڏهن ايندو هي وعدو جيڪڏهن آهيو اوهان سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ڪافر مسلمانن کي) چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو (ته ٻڌايو) ته اهو انجام ڪڏهن آهي؟ (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته: ”اُهو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَونِ سَچا آهيو ته، ڪَڏِهن ڏِينهن قِيام؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30)

چؤ ته اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! کين) جواب ڏي ته توهان جي لاءِ اهو ڏينهن مقرر ڪيل آهي جنهن کي توهان هڪڙي گهڙي به پوئتي ڪري نه سگهندؤ، نڪي هڪڙي گهڙي اڳي آڻي سگهندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان لاءِ اهڙي ڏينهن جو وعدو آهي جنهن کان توهان هڪ ساعت پوئتي ۽ اڳتي ٿي نٿا سگھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته اوهان ماڻهن لاءِ هڪ خاص ڏينهن جو انجام مقرر آهي جنهن کان نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو!(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اوهان جي لاءِ وعدو ان ڏينهن جو آهي جو نه پوئتي ٿيندؤ ان کان هڪ گهڙي ۽ نه اڳتي ٿيندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته اوهان لاءِ اهڙي هڪ ڏينهن جو انجام آهي جنهن کان نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳي ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اوهان لاءِ هڪ اهڙي ڏينهن جو وعدو مقرر ٿيل آهي جنهن کان نه هڪ گهڙي پوئتي ٿيندؤ ۽ نه اڳتي ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو اوهان لئي آھِ ڪو ، اُن ڏِينهن جو اَنجام، گَھڙي هِڪ گگدام! اُن کان نه اڳي، ۽ نه پوءِٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31)

۽ ڪافر چون ٿا ته ھن قُرآن کي ڪڏھن نه مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين ته (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا ته جيڪڏھن اوھان نه ھجوھا ته اسين مؤمن ھجون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته اسان نڪي هن قرآن تي ايمان آڻينداسين، نڪي ڪنهن ٻئي ڪتاب تي جو ان کان اڳي (آيو) هجي ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن ظالمن کي انهيءَ وقت ڏسين جڏهن کين سندن پروردگار جي اڳيان کڙو ڪيو ويندو (ته جيڪر ڏاڍي عجيب حالت ڏسين) اهي هڪٻئي تي (پنهنجي ڪفر ۽ انڪار جو) ڏوهه ٿڦيندا. (مثلاً ڇا ٿيندو جو) ڪمزور (مسڪين ماڻهو جن کي وڏا ماڻهو ڌڪاريندا هئا) هٺيلن وڏن ماڻهن کي چوندا ته جيڪڏهن توهان نه هجو ها (۽ اسان کي نه برغلايو ها) ته اسان ضرور (قرآن تي) ايمان آڻيون ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن چيو اسين هرگز هن قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻينداسين ۽ نه ئي انهن (ڪتابن) تي جيڪي اڳ ۾ آيا آهن، ۽ ڪاش توهان ظالمن کي پنهنجي رب وٽ بيهندڙ ڏسو ها، جو اهي هڪ ٻئي تي ڳالهيون ٺاهيندا، تڪبر ڪندڙن کي اهي ماڻهو چوندا جيڪي ڪمزور هوندا هُئا ته جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته اسين ضرور ايمان آڻيون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر چون ٿا ته اسين ڪڏهن به هن قرآن تي ايمان نه آڻينداسين ۽ نه هن (ڪتاب) تي جو ان کان اڳي آهي. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت ظالم پنهنجي پالڻهار وٽ بيهاريا ويندا (۽) انهن مان هڪڙا ٻين تي (پنهنجي) ڳالھ پيا مڙهيندا هوندا جو جيڪي هيڻا سمجهيا ويندا هئا سي هٺيلن کي چوندا ته جيڪڏهن اوهين نه هجو ها ته اسين ايمان وارا هجون ها (۽ هن مصيبت ۾ نه اڙجون ها)(سيد فرمان علي)


۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته هرگز نه ايمان آڻينداسون هن قرآن تي ۽ نه ان تي جيڪو ان کان اڳي نازل ٿيو ۽ جيڪڏهن ڏسندين جڏهن ظالم بيهاريل هوندا پنهنجي رب وٽ ورائيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن ڳالھ چوندا اهي جيڪي ڪمزور سمجهيا ويا انهن کي جن وڏائي ڪئي ٿي جيڪڏهن نه هجو ها اوهان ته البته هجون ها اسان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافر چون ٿا ته اسين ڪڏهن به هن قرآن تي ايمان نه آڻينداسون ۽ نه ان تي جو ان کان اڳي آهي ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت ظالم پنهنجي پاليندڙ وٽ بيهاريا ويندا (۽) انهن مان هڪڙا ٻين تي ڳالهه پيا وجهندا (ته تون عجب ۾ پئجي وڃين) جيڪي هيڻا سمجهيا ويندا هئا سي هٺيلن کي چوندا ته جيڪڏهن اوهين نه هجو ها ته اسين ايمان وارا هجون ها. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪافر چون ٿا ته: ”اسان هن قرآن تي اصل ايمان نه آڻينداسين ۽ نه ان (وحي) تي جو ان کان اڳ آهي.“ ۽ هائو جي تون ڏسين ظالمن جو حال جڏهن پنهنجي پالڻهار اڳيان بيهاريا ويندا، ان وقت انهن مان هڪڙو (پنهنجي) ڳالهه ڦيرائي ٻئي تي پيو هڻندو، ڪمزور ماڻهو هٺيلن کي چوندا ته: ”جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته اسان ضرور ايمان وارا هجون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڦِريا جي فرمان کان، تن جوڙي ڏِنو جواب، ڪڏهن نه مَڃيون قُرآن هِي ، ۽ اِنهيان اڳيون ڪتاب، ۽ حال هاڃيڪارن جو، جيڪر ڏِسِين جناب! آگي سَندنِ اڳيان، بِيٺل جڏهن بيتاب، هِڪڙا ڏِين ٻِين کي، رَد ڪَد روز حِساب، ڏاڍَنِ ڏِيندا ڏُٻرا، اوڀالا، عِتاب، ته اوهين آڏا جي نه هئا، ڪنان سُڌ صَواب، ته هُئاسون هرباب، حق مَڃِيندڙمُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32)

ھٺيلا ھيڻن کي چوندا ته جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نه!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھئؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


وڏا ماڻهو وري ڪمزورن (مسڪينن) کان پڇندا ته جڏهن توهان وٽ (قرآني) هدايت اچي چڪي هئي تڏهن اسان توهان کي انهيءَ هدايت (واري واٽ وٺڻ) کان روڪيو هو ڇا؟ هرگز نه! هيءَ حقيقت آهي ته توهان جوئي قصور هو (جو توهان حق جي واٽ اختيار نه ڪئي).(علامه علي خان ابڙو)


ڪمزورن کي وري اهي ماڻهو چوندا جيڪي تڪبر ڪندا هئا ته ڇا اسان توهان کي هدايت کان روڪيو ان کان پوءِ جو جنهن وقت (اها هدايت) توهان وٽ آئي بلڪ توهان مُجرم هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته هٺيلا ماڻهو هيڻن ڏي (ڏسي) چوندا ته جڏهن اوهان وٽ (خدا جي طرفان) هدايت آئي هئي ته ڇا ان جي اچڻ کان پوءِ اسان اوهان کي (زوريءَ عمل ڪرڻ کان) جهليو هو (هرگز) نه پر اوهين ته پاڻ ڏوهاري هئا.(سيد فرمان علي)


چوندا اهي جن وڏائي ڪئي هئي انهن کي جيڪي ڪمزور سمجهيا ويا ڇا اسان روڪيو اوهان کي هدايت کان ان کان بعد جو اوهان وٽ آئي بلڪ هيئو اوهان مجرم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هٺيلا هيڻن کي چوندا ته جنهن وقت اوهان وٽ (هدايت) آئي تنهن کانپوءِ به اسان اوهان کي هدايت کان روڪيو ڇا؟ (ائين نه آهي) پر اوهين پاڻ ڏوهاري هئا. (مولانا محمد مدني)


هٺيلا هيڻن کي چوندا: ”ڇا اسان اوهان کي هدايت کان روڪيو هيو؟ جڏهن اُها توهان وٽ اچي چُڪي هئي بلڪه توهان پاڻ ئي ڏوهاري هيئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هَٺِيلن هيٺيَنِ کي، پاٻوهيو پَهِي، ڇا اسان اوهان کي، روڪيو، سَنئـِين کان صَحِي؟ جنهن بعد اوهان کي آئيو، واحِد جو وَحِي، بَلڪ حقِيقت هِي، ته اَوهِين پاپِي پاڻ هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33)

۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته (ائين نه آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ ته الله سان ڪفر ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا، ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھوا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نه ڏبين.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪمزور (مسڪين ماڻهو) هٺيلن وڏن ماڻهن کي (وري) چوندا ته توهان رات ڏينهن (اسان کي برغلائڻ لاءِ) منصوبا ٺاهيندا هئو. ڏسو توهان اسان کي هميشه حڪم ڪندا هئو ته، الله کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺهرايو (پوءِ ٻئي ڌريون) پشيماني لڪائينديون، جڏهن عذاب کي پنهنجي اکين آڏو ڏسندا (پر ان وقت پشيماني ڪم نه ايندي). جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن جي ڳچين ۾ اسان ڳٽ وجهنداسين. جيڪي عمل هنن ڪيا هئا تن کان گهٽ يا وڌ بدلو کين ملندو ڇا؟ (نه نه، جهڙا عمل ڪيا هئائون تهڙوئي بدلو ملندن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ تڪبر ڪندڙن کي اهي ماڻهو چوندا جيڪي ڪمزور هوندا هُئا ته بلڪ (اسان کي توهان جي) رات ۽ ڏينهن واري فريب روڪيو جڏهن توهان اسان کي حڪم ڪندا هئا ته الله جو توهان انڪار ڪريو ۽ اسين ان لاءِ شريڪ بنايون ۽ جڏهن اهي عذاب ڏسندا ته سندن دل ۾ ندامت پيدا ٿيندي، ۽ اسين ڪافرن جي ڪنڌن ۾ لوهي زنجير وجھنداسين، انهن کي سندن بداعماليءَ جا جزا ڏني وڃي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هيڻا ماڻهو هٺيلن کي چوندا (ته زور زبردستي ته نه، پر اسين پاڻ به گمراھ ڪين ٿياسون) پر (اوهان جي) رات ڏينهن جي فريب ڏيڻ (گمراھ ڪيو جو) اوهان اسان کي خدا کي نه مڃڻ ۽ ان جي شريڪ ڪرڻ جو سانده حڪم ڪندا رهيا (ته پوءِ اسان جو ڪهڙو وس) پاڻ جڏهين اهي ماڻهو عذاب کي (اکين سان) ڏسندا ته اندر ئي اندر ۾ پڇتائيندا ۽ اسين ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳيٽ وجهنداسون. جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) پيا ڪن تنهن موجب ته سزا ڏني ويندي.(سيد فرمان علي)


۽ چوندا اهي جيڪي ضعيف سمجهيا ويا انهن کي جن وڏائي ڪئي بلڪ رات ۽ ڏينهن جي (اوهان واري) مڪر جڏهن اسان کي امر ڪيو پيا هي ته الله جو انڪار ڪيون ۽ ڪيون اسين ان جا شريڪ، ۽ لڪائيندا پشيماني جڏهن ڏسندا عذاب ۽ وجهنداسون ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ جن ڪفر ڪيو نه بدلو ڏنا ويندا مگر ان جو جيڪي ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هيڻا هٺيلن کي چوندا ته (اوهان زبردستي نه روڪيو هو) پر (اوهان جي) رات ۽ ڏينهن جي مَڪَرن (اسان کي روڪيو) جڏهن اوهين اسان کي حڪم ڪندا هئا ته الله سان ڪفر ڪريون ۽ ٻين کي ان جا شريڪ ڪريون. ۽ اهي جڏهن عذاب ڏسندا (مولانا محمد مدني)


۽ هيڻا هٺيلن کي چوندا: ”بلڪه رات ڏينهن جي مڪاري هئي، جڏهن توهان اسان کي حڪم ڏيندا هئا ته اسان الله سان ڪفر ڪيون ۽ اسان ان جا شريڪ بنايون.“ ۽ اُهي جڏهن عذاب ڏسندا ته (پنهنجي) پشيماني لڪائيندا. ۽ اسان ڪافرن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهنداسين. انهن کي ٻيو ڪو بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ ان جي جيڪي اهي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هَٺِيلن کي، هيٺيَن چَيو اِهڙِئَ چال، بَلڪ رِٿون ڏِينهن رات جون، جڏهن ڪَهيان اَسان کي ڪالھ، ته اَسِين ڦِرون اَلله کان، ۽ جوڙيونسِ جوڙِيوال، پوءِ ڳُجھيون کاڌئون ڳَـڻتـِـيُون، جڏهن ڏِٺئون جَنجال، ۽ ڳَٽ اُنهن جي ڳِچينَ ۾، هنياسون هر حال، ڪِريا جي ڪفر ۾، ٿِيا پُٺيرا پيمال، ڪنهن کي، نه ملي ٻِيو، مگر بَدلو سو بَحال، اَجايا اَفعال، جيڪِي ڪن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34)

۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن به اسان ڪنهن شهر ۾ ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليو تڏهن انهيءَ شهر جي دولتمندن کين چئي ڏنو ته جيڪو حڪم ۽ پيغام کڻي آيا آهيو تنهن کي اسان مڃڻ وارا ڪونه آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نه موڪليو اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو پيغمبر مگر ان ڳوٺ جي وڏن ماڻهن چيو بيشڪ اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمر) نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جيڪي حڪم ڏئي اوهين موڪليا ويا آهيو اسين تنهن کي نه ٿا مڃون.(سيد فرمان علي)


۽ نه موڪليو اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ مگر چيو مالدارن اتي جي ته بلاشڪ اسين ان جا جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو انڪار ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تڏهن پشيماني (دل ۾ ) لڪائيندا ۽ اسين ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهنداسون. جيڪي پيا ڪن تنهن کان سواءِ ٻيو بدلو کين نه ڏنو ويندو.۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه موڪليو پر اُن جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جنهن سان اوهين موڪليا ويا آهيو تنهن جو اسين انڪار ڪندڙ آهيون(مولانا محمد مدني)


۽ اسان ڪنهن بستي ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليو مگر اتان جي آسودن ماڻهن چيو ته: ”توهان جيڪي (احڪام) ڏئي موڪليا ويا آهيو اسان ان جا انڪار ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڄاڻوئـِي ڄيري جو، نه مُڪوسون ڪِنهن ماڳ، مگر مُنهان تَن ٻوليو، جَن وٽ اَجھانگا اَجھاڳ، ته آن کي ڏِناجي وِيا، سنِيها سُهاڳ، تِنِين کان تياڳ، اَسِين اِنڪارِي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35)

۽ چيائون ته اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهي دولتمند کين) چوندا ته، اسان ڌن ۽ دولت ۾ ۽ اولاد (۽ نوڪرن وغيره) ۾ (اوهان کان) وڌيڪ آهيون سو (اوهان اسان کي ڇا ڪري سگهندا) اسان تي ڪابه تڪليف يا عذاب ڪونه ايندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن چيو اسين توهان کان مال ۽ اولاد ۾ وڌيڪ آهيون ۽ اسان عذاب ڪيلن مان ناهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ (هي به) چوڻ لڳا، اسين ته (ايماندارن کان) مال ۽ اولاد ۾ گهڻو وڌيڪ آهيون ۽ اسان تي (آخرت ۾) عذاب به ڪين ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته اسين گهڻا آهيون مالن ۽ اولاد ۾ ۽ ناهيون اسين عذاب ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهڙيءَ طرح هي ڪافر به مسلمانن کي) چون ٿا ته اسين گهڻي مال ۽ اولاد وارا آهيون ۽ اسان کي عذاب نه ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن چيو ته : ”اسان گهڻي مال ۽ اولاد وارا آهيون ۽ اسان کي عذابُ نه ڏنو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، مال، عيال ۾، آهيون اَسِين اَڪثر، اسان تي يَڪسر، اَچڻو ناھِ عَذاب ڪو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36)

چؤ ته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، (دولت ۽ اولاد تي ڀروسو نه ڪيو. الله تعاليٰ اوهان کان سڀ ڪجهه کسي ٿو سگهي) بيشڪ منهنجو پرورگار جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ڇڏي. پر گهڻا ماڻهو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن (تنهن ڪري ئي هو دولت هٿ ڪرڻ لاءِ گناهه ۽ ظلم جا ڪم ٿا ڪن ۽ خدا جي حڪمن تي نٿا هلن). (علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ منهنجو رب جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق وڌائي ۽ گھٽائي ٿو پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پالڻهار جنهن لاءِ گهري ٿو تنهنجي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي) تنگ ڪري ٿو پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن جي لاءِ گهري ۽ تنگ ڪري ٿو ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پاليندڙ جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي) تنگ ڪري ٿو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”بيشڪ منهنجو پروردگار جنهن لاءِ چاهي ٿو ان لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ٿو ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، جنهن کي گُھري، ته ڏئيسِ گھڻو روزي مُنهنجو ربُّ، ۽ ڪِنهن کي تنِگي توڻ جِي، ڏِئي سانيَمِ ڪِنهن سبب، پر ماڻهن مان مَطلب، ته ججهانه جانچِين ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37)

۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شيء آھن جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي ماڙين ۾ امن سان رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان جي دولت ۽ اولاد توهان کي هڪڙو قدم به اسان جي ويجهو نه آڻيندو، پر (خدا کي ويجهو اهو ايندو يعني امن امان واري زندگي اهو ماڻيندو) جو حق تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل به ڪندو. اهڙائي ماڻهو آهن جن جي لاءِ سندس عملن جي بدلي ۾ ٻيڻو انعام ملندو ۽ هو مٿين ماڙين ۾ امن امان سان رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي اسان جي ويجھو ڪري نٿا سگھن مگر جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ انهن ماڻهن لاءِ سندن عمل کان زياده ثواب آهي ۽ اهي (بهشت جي) ماڙين ۾ امن سان هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ياد رکو) ته اوهان جي مال ۽ اوهان جي اولاد ۾ اهڙي صلاحيت نه آهي جو اسان جي بارگاھ ۾ اوهان جو درجو ويجهو ڪن. پر (هاءُ) جنهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته سندن (نيڪ) ڪمن جو ٻيڻوو بدلو آهي ۽ اهي ماڙين ۾ امن (امان) سان (ويٺا) هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ ناهن اوهان جا مال ۽ نه اوهان جو اولاد اهڙي شيءِ جو ويجهو ڪن اوهان کي اسان وٽ قرب جي مرتبي کي مگر جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين نيڪ عمل پوءِ اهي انهن جي لاءِ ٻيڻو بدلو آهي ان سببان جو ڪيائون ۽ اهي ماڙين ۾ امن سان رهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه اوهان جو مال ۽ نه اوهان جا اولاد اهڙي شيءِ آهن جو اسان وٽ اوهان جو درجو ويجهو ڪن پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جيڪي ڪمايو تنهن جي ڪري انهن لاءِ ٻيڻو بدلو آهي ۽ اهي ماڙين ۾ امن سان (ويٺا) هوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ نه توهان جا مال ۽ نه توهان جا اولاد ان قابل آهن جو توهان جو درجو اسان وٽ ويجهو ڪن مگر جنهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ ٻيڻو اجر آهي سندن عمل جي بدلي ۽ اُهي ماڙين ۾ امن (۽ امان) سان هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مال ۽ اولاد اَهنجا، سامَڻيان نه آهنِ مُور، ته اَسان وَٽ اَوهان کي، حاصل ڪن حُضور، مگر جن مڃيو، ۽ ڪيون ڀلايون ڀَرپُور، ٻِيڻا آهن ٻاجھ سان، اُنهن لئي اَجر اُجُور، ۽ اُهي ماڙِيُن ۾ مَسْرُور، آهِن اَمن اَمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38)

۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۽ حڪمن جي خلاف ڪوشسون ٿا ڪن (۽ اسان جي رٿن کي ناڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن سي هرگز ڪامياب ڪونه ٿيندا) اهي حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم کي باطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهي عذاب ۾ موجود هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي ڀڃگهڙ) ۾ مقابلي جي نموني ڊڪن ڊوڙن ٿا سي ئي ماڻهو (دوزخ جي) عذاب ۾ ڌونڪيا ويندا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي ڪوشش ڪن ٿا اسان جي آيتن جو مقابلو ڪندڙ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهي عذاب ۾ حاضر ڪيا ويندا. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اُهي ماڻهو عذاب ۾ حاضر ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڊُڪن ڊوڙن اُن لئي، ته ڪن حُڪم اسان جا هيٺ، اُهي نِڀا ڳانيٺ، ساڪِن سَخت عذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39)

چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر) تون ماڻهن کي چئو ته، يقيناً منهنجو پروردگار ئي پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ منهنجو رب پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق وڌائي ۽ گھٽائي ٿو، ۽ جيڪا شيءِ توهان (في سبيل الله) خرچ ڪريو ٿا پوءِ الله تعالى توهان کي ان جي عيوض عطا ڪري ٿو ۽ اهو بهترين رزق ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو (ته) روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ڇڏي ٿو پڻ اوهين جو ڪجھ به (سندس راھ ۾) ڏيو ٿا اهو اوهان جو بدلو ڏيندو. ۽ هو سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري پنهنجن ٻانهن مان ۽ تنگ ٿو ڪري ان جي لاءِ ۽ جيڪي خرچ ڪيو ٿا اوهان ڪا شيءِ پوءِ اهو واپس ڪري ٿو ان کي ۽ اهو رزق ڏيندڙن ۾ ڀلو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پاليندڙ پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو) تنهن جي تنگ ڪري ٿو ۽ جو ڪجهه اوهين خرچ ڪريو ٿا تنهن جو الله بدلو ڏيندو ۽ اهو سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”بيشڪ منهنجو پالڻهار پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) ان لاءِ تنگ ڪري ٿو. ۽ اوهان جو ڪجهه (الله جي راهه ۾) خرچ ڪيو ٿا پوءِ اُهو ان جو بدلو ڏئي ٿو، ۽ اُهو سڀني کان بهتر رزق ڏيڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، سانيَمِ سَندسِ ٻانهن مان جنهن لئي گُھري جبار، توڻ وَڌائي ۽ تنگ ڪري، سڀ اُن جي اِختيار، ۽ سوئـِي سَنڀالي تِنهن کي، جيڪا لَهو سَقِيمن سار، ۽ قرارو ڪلتار، روزِي ڏِيندڙن کان، ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40)

۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪنهن ڏينهن الله تعاليٰ هنن سڀني کي گڏ ڪندو ۽ پوءِ ملائڪن کان پڇندو ته هي ماڻهو اوهان ملائڪن جي عبادت ڪندا هئا ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى انهن سڀني کي گڏ ڪندو ان کان پوءِ ملائڪن کي فرمائيندو ڇا اهي (ڪافر دنيا ۾) توهان جي عبادت ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو ڏينهن ياد رکو) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي گڏ ڪندو (۽) پوءِ فرشتن کان پڇندو ته ڇا هي اوهان کي پوڄيندا هئا؟(سيد فرمان علي)


۽ جنهن ڏينهن اٿاريندو انهن مڙني کي ان کان پوءِ فرمائيندو ملائڪن کي ته ڇا هي اوهان جي عبادت ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو ڏينهن ياد رکو) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي گڏ ڪندو پوءِ ملائڪن کي چوندو ته ڇا هي اوهان کي پوڄيندا هئا؟ (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن اُهو انهن سڀني کي گڏ ڪندو پوءِ ملائڪن کي چوندو: ”ڇا هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي توهان جي پوڄا ڪندا هئا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سائـِين اُن سَڀن کي، جڏهن ميڙي ڏِينهن مَحشر، موٽِي مَلائـِڪن کي، پُڇندو پوءِ پَرور، ته هِي ڇا، پُوڄِيندڙ هُئا، اَوهان کي آخر؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41)

(ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ملائڪ جواب ڏيندا ته (اي خدا!) پاڪائي هجي تنهنجي لاءِ، تون ئي اسان جو ڪارساز آهي، نه هي ماڻهو. حقيقت هيءَ آهي ته هو جنن (يعني شيطانن يا حرصن هوسن) جي پوڄا ڪندا هئا. انهن مان گهڻا ماڻهو انهن شيطانن ۾ ايمان رکندا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


ملائڪ چوندا تون شرڪ کان پاڪ آهين تون انهن کانسواءِ اسان جو مالڪ آهين، بلڪ اهي جِنن جي عبادت ڪندا هئا، انهن مان اڪثر انهن تي يقين رکندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


فرشتا عرض ڪندا (خداوندا) تون (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهين ۽ تون ئي اسان جو مالڪ آهين (۽) نه اهي ماڻهو (هنن سان اسان جو ڇا) انهن مان (ته) جنن (ڀوتن) جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن تي ايمان (ويساھ) رکندا هئا. (سيد فرمان علي)


چوندا ته تنهنجي پاڪائي آهي تون مالڪ اسان جو آهين انهن کان سواءِ بلڪ جنن جي عبادت ڪندا هئا گهڻا انهن مان انهن تي ايمان آڻيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي چوندا ته تون پاڪ آهين اسان جو تو سان لاڳاپو آهي نه انهن سان، پر اهي جنن کي پوڄيندا هئا. انهن مان گهڻا جنن کي مڃيندڙ هئا (مولانا محمد مدني)


اُهي چوندا ته: ”تون پاڪ آهين تون اسان جو ڪارساز آهين نه اُهي، بلڪه اُهي جِنَن کي پوڄيندا هئا، انهن مان گهڻا (جِنَن) تي ئي ايمان رکندڙ هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، پَڪ پاڪائـِي توکي،پَرور هر ڪِنهن پر، ڌڻِي اَسان جو آهيِين، اُن ڌاران، تون داور، جاٽون ڪندا هُئا جِنن جون، بَلڪ اِهي بَدتر، اُنهن مان اَڪثر، آهِن مَڃِيندڙ اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42)

پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو انهيءَ ڏينهن انهن ۾ اها طاقت ڪانه هوندي جو هڪڙا ٻين کي نفعو يا نقصان پهچائي سگهن. ۽ اسان ظالمن کي چونداسين ته (هاڻي) انهيءَ باهه جو عذاب چکو جنهن متعلق توهان ڪونه مڃيندا هئو، (ته ڪو اسان باهه جي عذاب ۾ رهنداسين).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اڄ ڏينهن توهان مان ڪوبه ڪنهن لاءِ نفعي ۽ نقصان جو مالڪ نٿو ٿئي، ۽ اسين ظالمن کي چونداسين ته توهان باه جو عذاب چکو جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهن (خدا فرمائيندو) ته پوءِ اڄ اوهان مان ڪو به ٻئي کي نه ڪنهن فائدي پهچائڻ ۽ نه ڪنهن نقصان پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ اسين (هٺيلن) ظالمن کي چونداسون ته جنهن باھ کي اوهين ڪوڙ چوندا هئا تنهن جي عذاب (جا) مزا چکيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ اڄ نه مالڪ ٿيندو بعض اوهان جو بعض جي لاءِ نفعي جو ۽ نه نقصان جو ۽ چونداسون انهن کي جن ظلم ڪيو ته چکو باھ جو عذاب جنهن کي ڪوڙو چوندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(تڏهن الله فرمائيندو ته) پوءِ اڄ اوهان مان ڪوبه ٻئي کي نه ڪنهن فائدي پهچائڻ ۽ نه ڪنهن نقصان پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو. ۽ اسين ظالمن کي چونداسون ته جنهن باهه کي اوهين ڪوڙ چوندا هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (چونداسين) اڄ ڏينهن توهان مان ڪو هڪڙو به نه ٻئي جي نفعي جو مالڪ آهي ۽ نه نقصان جو. ۽ اسان ظالمن کي چونداسين ته باهه جي عذاب (جو مزو) چکو جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اَڄ نه اَوهِين هِڪ ٻِئي کي، ڏِيو نَفعو ۽ نه نُقصان،۽ چِٽو چونداسون، تن کي، جَن ڪيا ظُلم زِيان، جنهن کي ڪوڙو چيان ڪُفران!، چَکو پَکو تِنهن چِيز کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43)

۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ ٺھيل آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن ته ھي رڳو پڌرو جادو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن کي چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هي اهو ماڻهو آهي جو چاهي ٿو ته جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا تن کان اوهان کي روڪي ۽ پڻ چون ٿا ته هي (قرآن) ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هٿرادو ٺاهيل ڪوڙ آهي ۽ جڏهن حق هنن وٽ پهچي ٿو تڏهن ڪافر انهيءَ بابت چون ٿا ته هي ڪجه ناهي سواءِ هن جي ته چٽو پٽو جادو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت اسان جون صاف صاف آيتون انهن تي پڙهيون وڃن ٿيون، اهي چون ٿا ناهي هيءُ مگر هڪ مرد جيڪو توهان کي انهن (معبودن) جي عبادت کان روڪي ٿو جن جي عبادت توهان جا وڏا ڪندا هئا، ۽ ڪافرن چيو ناهي هيءُ (قرآن) مگر هڪ ڪوڙ جيڪو ٺاهيل آهي، ۽ جڏهن قرآن ڪريم انهن وٽ پهتو ته ڪافرن چيو ناهي هيءُ (قرآن ڪريم) مگر صاف جادو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون ٿي ويون ته پاڻ ۾ چوندا هئا ته هيءُ (رسول) به ته رڳو (اسان جهڙو ئي) هڪ ماڻهو آهي. هي گهري ٿو ته جن کي اوهان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تن (جي پوڄڻ) کان اوهان کي جهلي. ۽ چوڻ لڳا ته هي (قرآن) ته رڳو ڪوڙ ۽ پنهنجي دلئيون گهڙيل آهي. ۽ (انهن) ڪافرن وٽ جڏهن سچي ڳالھ پهتي تڏهن ان جي باري ۾ چوڻ لڳا ته هي رڳو ظاهر جادو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون ٿيون وڃن انهن تي اسان جون آيتون چٽيون ته چيائون ناهي هي مگر مڙس جيڪو ارادو ڪري ٿو ته روڪي اوهان کي ان کان جو عبادت ڪندا هئا ابا ڏاڏا اوهان جا (انهن جي) ۽ چيائون ته ناهي هي مگر بهتان ٺاهيل ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو حق جي لاءِ جڏهن آيو انهن وٽ ته ناهي هيءُ مگر جادو چٽو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تنهن جي عذاب (جو مزو) چکو. ۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته هيءَ اهڙو شخص آهي جو گهري ٿو ته جنهن کي اوهان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تنهن کان اوهان کي روڪي ۽ (قرآن جي باري ۾ ) چون ٿا ته هيءُ رڳو ٺاهيل ڪوڙ آهي ۽ ڪافرن وٽ جڏهن سچي ڳالهه پهتي تڏهن ان جي باري ۾ چيائون ته هيءَ رڳو ظاهر جادو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن کي اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، ته چون ٿا ته: ”هي شخص ته رڳو اهو چاهي ٿو ته توهان کي انهن (بتن) کان روڪي جن جي توهان جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا.“ ۽ چون ٿا ته: ”هيءُ (قرآن) رڳو ٺاهيل ڪوڙ آهي.“ ۽ ڪافرن حق (يعني قرآن) جي باري ۾ چيو جڏهن اُهو وٽن پهتو ته : ”هيءُ ته رڳو سنئون سڌو جادو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَڙهجن اُتن اَسان جون، جڏهن نِشانيون نِروار، چي، هِي مَرد مَنع ٿو ڪَنِيان، تَن تِير ٿِنيان تڪرار، پُوڄِيندا هُئا پِئ اَهنجا، جيڪِي دَر، دُوار، ۽ ڪونهي هِي قرآن، چي، ڪارٖي ڪُوڙ ڌار، ۽ تن چيو، صفا سچ لئي، جَن اَنڌن ڪو اِنڪار، جڏهن آيو اُنهن پار، هِي ناھ، مگر مَنڊ پَڌرو..(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44)

حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) هنن (قريشن) کي اسان ڪي ڪتاب ڪونه ڏنا هئا جن کي هو پڙهن، نڪي اسان هنن ڏي توکان اڳي ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليو هو. (علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان انهن کي ڪو ڪتاب نه ڏنو جنهنکي اهي پڙهن ٿا ۽ اسان انهن ڏانهن توهان کان اڳ ۾ ڪو پيغمبر نه موڪليو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نه اسان کين (آسماني) ڪتاب ڏنا جن کي پڙهن (اي رسول) ۽ نه تو کان اڳي اسان انهن ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليو (تڏهين به انهن قدر نه ڪيو)(سيد فرمان علي)


۽ نه ڏنا اسان انهن کي ڪي ڪتاب جو پڙهن ٿا انهن کي ۽ نه موڪليو اسان انهن ڏانهن توکان اڳي ڪو ڊيڄاريندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن نه اسان کين ڪي ڪتاب ڏنا جن کي پڙهن ۽ نه توکان اڳي اسان انهن ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ موڪليو. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه اسان انهن (مڪي وارن) کي نه (آسماني) ڪتابَ ڏنا هئا جن کي پڙهندا هجن ۽ نه ئي تو کان اڳي اسان انهن ڏانهن ڪو ڊيڄاريندڙ موڪليو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نه ڏِنو سونِ ڪِتاب ڪو، پَڙهن جِنهن کي پاڻ، ۽ نَه ڪَندڙ ڄيري ڄاڻ، مَهند مُڪو سُون اُنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45)

۽ کائن اڳين به ڪوڙ ڄاتو ھو حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنوھوسون تنھن جي ڏھين پتيءَ کي (به اُھي مشرڪ) نه پُھتا آھن پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن قريشن کان اڳي جيڪي قومون ٿي گذريون آهن، (عاد، ثمود وغيره) تن به (حق جي پيغام کي) ٺڪرائي ڇڏيو هو. جيڪا (دولت، هنر، طاقت وغيره) اسان انهن کي ڏني هئي تنهن جي ڏهين پتي به هنن (قريشن) کي ڪانه ملي آهي. تنهن هوندي به جڏهن هنن اسان جي رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو تڏهن ڏسو ته اسان هُنن کي ڪهڙي نه سخت سزا ڏني.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن کان اڳين ماڻهن به انڪار ڪيو ۽ اهي انهن ماڻهن جي ڏهين حصي تائين به نه پهتا جيڪو اسان انهن کي ڏنو هو پوءِ انهن منهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ منهنجو انڪار ڪرڻ ڪيئن ٿيو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن کان اڳين به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو هو. هوڏانهن جيڪي اسان کين ڏنو هو، اهي ماڻهو (اڄ) تنهنجي ڏهين پتيءَ کي به نه پهتا پوءِ انهن ماڻهن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته (تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب (مٿن) ڪهڙو (نه) سخت هو؟(سيد فرمان علي)


۽ ڪوڙو چيو انهن جو انهن کان اڳي هئا ۽ نه پهتا ڏهين حصي ان جي کي جيڪو ڏنو اسان انهن کي پوءِ منهنجن رسولن کي ڪوڙو چيائون پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن کان اڳين به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو. هوڏانهن جيڪي اسان کين ڏنو تنهن جي ڏهينءَ پتيءَ کي به اهي نه پهتا پوءِ انهن اسان جي رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ انهن کان پهرئين ماڻهن به (حق کي) ڪوڙو چيو هيو ۽ اِهي (مڪي وارا) ان جي ڏهين حصي کي به نه پهتا آهن جيڪي اسان انهن (اڳين) کي ڏنو هيو پوءِ انهن منهنجي رسولن کي ڪوڙو چيو. پوءِ منهنجي سزا ڪيڏي سخت هئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن کان اڳين سڀ، ڪوٺيون ڪُوڙ فُتور، ۽ پُهتا نه ڏهِين پَتِئَ کي، اُن مِلڪيت جي مُور، اَسان ڏِنا اُنهن کي، ڀانڊارا ڀَرپُور، ڪُوڙا پوءِ ڪوٺيؤن، مُنهنجا نَبِي نُور، پوءِ ڌَمڪيون ڪِنهن دَستور، آهِن آخِر مُنهنجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46)

(کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر تون انهن منڪرن کي) چئو ته، مان توهان کي فقط نصيحت ٿو ڏيان ته توهان خالص خدا جي واسطي (بنا خود غرضي ۽ تڪبر جي اڳين ڄميل خيالن کي ٿوري وقت لاءِ پاسي ڪري) اٿي کڙا ٿيو ٻه ٻه، يا هڪ هڪ پوءِ (ٻين کان جدا ٿي) غور ۽ فڪر ڪيو. (توهان سمجهي ويندؤ ته) توهان جو رفيق (يعني پيغمبرﷺ) هرگز مجنون ناهي (توهان چاليهه سال هن جو سالم هوش ۽ تهذيب واري روش ڏٺي آهي) هو ته فقط توهان کي خبردار ٿو ڪري ته (جيڪڏهن سڌيءَ واٽ ڏي نه موٽندؤ ته) سخت عذاب اجهو، ڪي اجهي آيو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته آئون توهان کي فقط هڪ نصيحت ڪريان ٿو ته توهان الله تعالى جي (رضامندي) لاءِ ٻه ٻه ۽ اڪيلا اڪيلا ٿي اُٿي بيهو ان کان پوءِ توهان فڪر ڪريو ته توهان جي صاحب کي ڪو جُنون آهي؟ ناهي اهو (پيغمبر) مگر توهان کي ڊيڄاريندڙ ان سخت عذاب کان جيڪو اڳيان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر کين) چئو ته آءُ اوهان کي رڳو هڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي خدا لاءِ کڙا ٿيو (۽) وري سوچيو ته اوهان جي ساٿي (محمد) ۾ ڪا چريائي نه آهي. اهو ته رڳو اوهان کي هڪ سخت عذاب (قيامت جي) سامهون اچڻ کان ڊيڄاريندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بس نصيحت ڪيان ٿو مان اوهان کي هڪڙي ته کڙا ٿيو الله جي (حڪم) لاءِ ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ان کان پوءِ سوچيو ته ناهي اوهان جي ساٿيءَ ۾ ڪا چريائپ ناهي اهو مگر ڊيڄاريندڙ اوهان جي لاءِ اڳيان سخت عذاب جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته آءُ اوهان کي رڳو هڪ ڳالهه جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي الله لاءِ کڙا ٿيو وري فڪر ڪريو ته (ڄاڻو ته) اوهان جي سنگتي (پيغمبر) ۾ ڪا چريائي نه آهي. هو ته رڳو سخت عذاب اچڻ کان اڳ اوهان کي ڊيڄاريندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”آءٌ اوهان کي صرف هڪ (ڳالهه) جي نصيحت ڪيان ٿو ته الله واسطي اوهان ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي غورو فڪر ڪيو ته توهان جي صاحب (نبي ڪريم ﷺ) ۾ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جا جنون هجي. هُو ته رڳو هڪ سخت عذاب اچڻ کان اڳ اوهان کي ڊيڄارڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آئون نه اوهان کي ٿو ڏِيان، مگر هِڪِڙي مَت، ٻَه ٻَه، اَڪيلا ٿِي اُٿيو، صاحِب لڳه سُڀت، پوءِ سوچيو ته اَهنجي ساٿِي کي، ڪانهي لَهس لڳت، هِن ري، اوهان لئي ناھِ، ٻِيو، هرگز هِي حَضرت، اِطلاعِي اَلبت، اڳ ۾ سَخت عذاب کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47)

(۽ کين) چؤ ته اوھان کان جيڪو ڪو اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي، ۽ اُھو ھر شيء تي شاھد آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبرﷺ! تون کين هي به) چئو ته مان توهان کان ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران (مان ته اٽلندو توهان جي لاءِ تڪليفون ٿو وٺان. جيڪي مان ٻڌايان ٿو) اهو سڀ اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. منهنجو اجر يا مزوري ته فقط الله تعاليٰ جي ذمي آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان جيڪو اجر وٺان ٿو پوءِ توهان لاءِ آهي، منهنجو اجر الله تعالى تي آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي شاهد آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) (تون هي به) چوين ته (تبليغ رسالت جي) ڪا اجرت گهري هجيم ته اها اوهان کي ئي (مبارڪ) هجي منهنجي اجرت ته رڳو خدا تي آهي ۽ اهو ئي (اوهان جي اعمال ۽ افعال) هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي. (سيد فرمان علي)


فرماءِ ته جيڪي گهريو مون اوهان کان اجورو پوءِ اهو اوهان جي لاءِ آهي ناهي اجورو منهنجو مگر الله تي ۽ اهو هر شيءِ تي شاهد آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته مون جيڪو اجورو اوهان کان گهريو هجي سو اوهان کي ئي هجي منهنجو اجورو رڳو الله تي آهي. ۽ اهو سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”مون جيڪو اجورو اوهان کان گهريو هجي اُهو به اوهان جو ٿيو. منهنجو اجورو (ڪنهن تي) ناهي سواءِ الله جي، ۽ اُهو هر شيءِ تي شاهد آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، آن کي رَسيو، جو گُھران، آن کان اُجورو، مُنهنجو اَجر اَلله تي، ثابِت سَمورو، ۽ سو پَهري تي پُورو، حاضِر هَر ڪِنهن شي مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48)

(کين) چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار حق کي منھنجي دل ۾ وجھندو آھي، (اھو) ڳُجھن جو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر ٽيون دليل هيءُ) ٻڌاءِ ته يقيناً منهنجو پروردگار حق ٿو سيکاري ۽ حق کي غالب ٿو ڪري سڀ لڪل ڳالهيون هو تمام چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ منهنجو رب حق کي بيان ڪري ٿو (اهو) غيبن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته منهنجو وڏو غيب دان پروردگار (منهنجيءَ دل ۾) سچي دين کي برابر مٿان لاهي ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب القاء ڪري ٿو حق اهو غيبن جو ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پاليندڙ حق ڳالهه چوي ٿو (اهو) ڳجهن جو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”بيشڪ منهنجو پالڻهار باطل مٿان حق جي ضرب لڳائيندو آهي، (اُهو) لڪل شين کي ڄاڻڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، سَچ سِينن ۾ ٿو سَٽي، سانيَمِ ربّ، ستار، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ڳالهيون سڀ ڳجھن جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49)

(کين) چ‍ؤ ته حق آيو ۽ ڪوڙو معبود نڪي نئي سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون منڪرن کي) چئو ته، حق اچي ويو آهي (۽ غالب پوندو ٿو وڃي ۽ ان مان چڱا نتيجا پيدا ٿيندا ٿا وڃن) پر باطل (ڪابه چڱائي) نئين طرح پيدا نٿوڪري، نڪي (ڪا گم ٿيل چڱائي) موٽائي ٿو آڻي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو حق اچي ويو ۽ باطل اڳرائي نه ڪندو ۽ نه اهو موٽي ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هاڻي کين) چئو سچو دين اچي ويو ۽ (ايترو به ته سمجهو ته) باطل (بت) نه شروع (۾) ڪجھ پيدا ڪري سگهي ٿو نه (مرڻ کان پوءِ) ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري سگهي ٿو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته آيو حق ۽ نه ٿو نئين سر ٺاهي باطل ۽ نه ورائي ٺاهيندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته حق آيو ۽ ڪوڙ نه (ڪجهه) پيدا ڪري ٿو ۽ نه (ڪنهن شئي کي) موٽائي آڻيندو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”حق اچي ويو ۽ باطل نه (ڪجهه پهريون ڀيرو) پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ نه (ٻيو ڀيرو) پَلٽائي سگهي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو آيو سَچ عالم ۾، ناحق نه اَچي نِئين سِر، پڻ پَڇاڙِئَ ڪِنهن پر، موٽِي نه اَچي ماڳ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50)

(کين) چؤ ته جيڪڏھن گمراھ ٿيس ته رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو، ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس ته (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!پڇاڙيءَ ۾ هي به) چئو ته، جيڪڏهن مان ڀليل آهيان ته منهنجي گمراهيءَ جو وبال فقط مون تي پوندو. پر جيڪڏهن مان سڌيءَ واٽ تي هلي رهيو آهيان ته اهو انهيءَ ڪري آهي جو منهنجو پروردگار مون ڏي وحي ٿو موڪلي (۽ مان ان موجب عمل ٿو ڪيان). يقيناً هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ آهي ۽ (هر وقت) ويجهو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن آءُ (بالفرض) گمراه ٿيس پوءِ آئون پنهنجي لاءِ گمراه ٿيس ۽ جيڪڏهن آئون هدايت وارو ٿيس پوءِ ان سببان جو مون ڏانهن منهنجي رب وحي موڪلي آهي، بيشڪ اهو ٻڌندڙ (۽) ويجھو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون (هي به) چوين ته جيڪڏهن آءُ گمراھ ٿيو آهيان ته پنهنجي جان تي ئي منهنجي گمراهيءَ (جو وبال آهي) ۽ جيڪڏهن هدايت وارو آهيان ته ان (قرآن جي) ڪري جو مون ڏي منهنجو پالڻهار وحي موڪلي ٿو بيشڪ اهو ٻڌندڙ (۽ تمام) ويجهو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته جيڪڏهن گمراھ ٿيندس مان (معاذ الله) پوءِ رڳو گمراهه ٿيندس پنهنجي سر لاءِ ۽ جيڪڏهن هدايت وارو ٿيندس پوءِ ان سببان جو وحي ڪري ٿو مون ڏانهن رب منهنجو بلاشڪ اهو ٻڌندڙ، ويجهو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چئو ته جيڪڏهن آءٌ گمراهه ٿيس ته آءُ رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿيندس ۽ جيڪڏهن هدايت وارو ٿيس ته ان (قرآن جي) ڪري جو مون ڏي منهنجو پاليندڙ وحي موڪلي ٿو بيشڪ اهو ٻڌندڙ ويجهو آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اگر آءٌ گمراهه ٿيندس ته منهنجي گمراهه ٿيڻ جو نقصان منهنجي مٿان آهي، ۽ اگر آءٌ هدايت وارو آهيان ته ان سبب جي ڪري جو منهنجو پالڻهار مون ڏي وحي موڪلي ٿو. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ويجهو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڀُليسِ جي ڀاڻي ڪنان، ته سَندمِ سرِ تي بار، ۽ جي لوچي لَڌيَمِ واٽ سَنِئين، ته ڪرم سَندمِ ڪَلتار، جنهن موجب مون ڏي، موڪلي سَنِيها سَتار، آهي سو اِظهار، سُڻندڙ، سَڀَنِيان اوڏڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51)

۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏاڍو عجب کائين) جيڪڏهن تون (اها حالت) ڏسين جڏهن (ڪافر) هراس ۾ ڏڪندا ۽ ٿڙڪندا. پوءِ (هنن لاءِ) ڀڄي ڇٽڻ جي ڪابه واٽ ڪانه هوندي ۽ هن کي ويجهي ۾ ويجهي جاءِ مان پڪڙيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن توهان ڏسو ها جڏهن اهي گھٻرائيندا پوءِ بچي نه سگھندا ۽ اهي (جتي به هوندا اُتان) ويجهي جاءِ تان پڪڙيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون ڏسندين ته حشر جي ميدان ۾ جنهن وقت اهي گهٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهندا (ته عجب ٿيندءِ) تڏهين به ڇٽڪارو نه ٿيندن ۽ ويجهي هنڌان پڪڙيا ويندا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڏسين جڏهن گهٻرايل هوندا پوءِ ناهي ڇوٽڪارو ۽ ورتا ويندا جاءِ ويجهيءَ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت اهي گهٻرائجي ويندا (ته عجب ٿيندءِ) پوءِ ڀڄي ڇٽڻ نه ٿيندن ۽ ويجهي هنڌان پڪڙيا ويندا. (مولانا محمد مدني)


۽ هائو جي تون ڏسين جڏهن اُهي گهٻرائجي ويندا پوءِ بچي نه سگهندا ۽ ويجهي هنڌان پڪڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڏِسينِ تنهن ڏينهن ۾، جڏهن هُوندا سڀ حيران، پوءِ واھ وڃڻ جِي، اُنهن لئي، ڪيڏانهن آهي ڪانه، ۽ ويجھي ماڳان وَٺجِي پِيا، جَڙين زَنجيرِين جان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52)

۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (انهيءَ وقت) هو چوندا ته اسان (هاڻي) ان تي ايمان آندو آهي پر ڪيئن هو موٽ کائي دوريءَ واري جاءِ تان ايمان کي وٺي سگهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چوندا اسان رسولِ عربي تي ايمان آندو آهي، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ ڪيئن (ايمان آڻڻ لاءِ) آساني ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (تنهن وقت بي وس ٿي) چوندا ته هاڻي اسين رسول تي ايمان آندو ۽ انهن جو (اتي) پري هنڌ تان (ايمان) تي پهچ ڪئين ٿيندي؟ (سيد فرمان علي)


۽ چوندا ته ايمان آنداسون ان تي ۽ ڪٿي آهي انهن جي لاءِ حاصل ڪرڻ جاءِ پرانهينءَ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (بي اختيار) چوندا ته (هاڻي) قرآن تي ايمان آندوسون ۽ انهن جو (اُتي) پري هنڌ تان (ايمان) وٺڻ ڪيئن ٿيندو (مولانا محمد مدني)


۽ چوندا ته: ”اسان ان (قرآن) تي ايمان آندو“ حالانڪه هاڻي اهي ايترو پري واري جاءِ کان (ايمان کي)ڪٿي ٿا حاصل ڪري سگھن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، مڃيو سون مُورهِين، هِي قادر جو قُرآن، ته اُنهن لئي ڪِٿان اِيمان، آڻڻ ڏُور مَڪان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53)

حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن ته هنن منڍئون (حق کي قبول ڪرڻ کان) قطعي انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پري کان غيب جي حقيقتن بابت بيهودي بڪواس ڪندا هئا. (۽ ڪوڙيون تهمتون ڌريندا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ تحقيق انهن انجو هن کان اڳ انڪار ڪيو. ۽ اهي بنا ڏسڻ جي پري کان نشانو ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


حالانڪ ان کان اڳ ان (ايمان) جو انڪار ڪيو اٿن ۽ پري هنڌ تان اڻ ڏٺو (گمان جا تير) اڇلائيندا رهيا.(سيد فرمان علي)


۽ تحقيق ڪفر ڪيائون ان جو اڳي ۽ اڇلائي هڻن ٿا اڻ ڏٺو جاءِ پرانهينءَ، کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن ان کان اڳ ان جو انڪار ڪيو اٿن. ۽ پري هنڌ تان اڻ ڏٺو (گمان جا تير) اڇلائيندا رهيا. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه اڳ ان سان ڪفر ڪري چُڪا هئا، ۽ اُهي اڻ ڏٺي پري واري جاءِ کان (باطل گمان جا تير) اڇلائيندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آڳاٽو اُن سان، ڪيائون ڪُفران، ۽ هَڻن ٺَلا ٺَپ ڳُجھ ۾، پَري ماڳان پَڪِ، ۽ تَن وِچ، پڻ طلبِين جو، ڏاڍا ڏِناوِيا ڏَڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54)

۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن جي ۽ هنن جي خواهشن جي وچ ۾ ديوار کڙي ڪئي ويندي (يعني هنن جي ڪابه خواهش پوري ڪانه ٿيندي، هو نامراد رهندا) جهڙيءَ طرح اڳي هنن جي طرفدارن (يعني هنن جهڙن ڪافرن) سان ڪيو ويو هو (يعني جيئن اڳوڻين ڪافر قومن کي به نامراد ۽ تباهه ڪيو ويو هو). بيشڪ اهي (به هنن وانگر) شڪن شبهن ۾ منجهي ويا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِنهن ۽ اُنهن جي پسنديدهه شين جي وچ ۾ سَنڌو وِڌو ويندو جيئنڪ انهن جي اڳين ٽولن سان ڪيو ويو، بيشڪ اهي ڌوڪي ۾ وجھندڙ شڪ ۾ مبتلا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هاڻ ته انهن جي وچ ۾ ۽ سندن خواهش جي وچ ۾ آڙ وڌي ويندي جيئن هن کان اڳين سندن طريقي وارن سان ڪيو ويو ڇو ته اهي به (تمام) وڏي شڪ ۾ (پيل) هئا.(سيد فرمان علي)


۽ آڙ وڌي وئي انهن جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي سڌون ڪندا رهيا جيئن ڪيو ويو انهن جهڙن سان اڳي بلاشڪ اهي هئا شڪ ڌوڪي ڏيندڙ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن جي وچ ۾ ۽ سندن خواهشن جي وچ ۾ آڙ وڌي ويندي جيئن هن کان اڳ سندن طريقي وارن سان ڪيو ويو ڇو ته اهي به وڏي شڪ ۾ (پيل) هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي وچ ۾ ۽ انهن شين جي وچ ۾ جيڪي چاهيندا رڪاوٽ کڙي ڪئي ويندي جيئن جو هن کان اڳ سندن طريقي وارن سان ڪيو ويو هيو. بيشڪ اُهي ڌوڪي ۾ وجهندڙ شڪ ۾ (پيل) هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُن جھڙن سان، اڳي ٿِئي، سا سزا مِليَنِ سَڪ، اُهي آهِن اَندر شڪ، گڏِيندڙ گُمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017