القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ السَّجۡدَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 30


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الم (آيت : 1)

الٓمّٓ.(علامه تاج محمود امروٽي)


الف – لام – ميم(علامه علي خان ابڙو)


الۗمّۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الم(سيد فرمان علي)


الف،لام،ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الم(مولانا محمد مدني)


الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو مقصد، مطلب ۽ راز الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الـٓمّٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2)

(ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هيءُ ڪتاب (قرآن مجيد) جهانن جي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ شبهو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


رب العالمين جي طرفان قرآن ڪريم نازل ڪيل آهي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ساري جهان جي پروردگار طرفان آهي.(سيد فرمان علي)


(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو به شڪ ناهي جهانن جي پالڻهار وٽان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي، جهانن جي پاليندڙ جي طرفان آهي. (مولانا محمد مدني)


(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي پالڻهار طرفان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن ڪتاب قديم مان، هي اُتارا اَطهار، شَڪ نه شُبهو اُن ۾، پاران پِرٿڻِئَ پارُ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3)

چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا ماڻهو چون ٿا ته هن (يعني حضورﷺ) ان (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي (۽ چوي ٿو ته الله وٽان آيل آهي) حقيقت هي آهي ته قرآن مجيد حق آهي (حق ٿو ٻڌائي ۽ غالب پوڻ بعد ثابت ٿيندو ته،) بيشڪ اهو حق آهي ۽ تنهنجي پروردگار وٽان آهي. انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته انهيءَ (عرب) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري جن ڏي هن کان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ڪونه آيو آهي. (هاڻي انهيءَ لاءِ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو آهي) ته من هي (عرب) هدايت واري واٽ وٺن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي چون ٿا ته قرآن ڪريم کي رسولِ عربي بنايو آهي، بلڪ اهو توهان جي رب جي طرفان حق آهي ان لاءِ ته توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جنهن وٽ توهان کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي هدايت حاصل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا ته اهي چون ٿا ته هن (رسول) اهو ڪوڙ ٺاهيو آهي (نه) بلڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون انهن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي (سڌي) راھ تي اچن.(سيد فرمان علي)


ڇا چون ٿا ته پاڻ ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه آيو انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ اوهان کان اڳي مَنَ اهي هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته اهي چون ٿا ته اهو ڪوڙ ٺاهيو اٿس (سو اي پيغمبر! ائين نه آهي) بلڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مَنَ اهي رستي تي اچن. (مولانا محمد مدني)


ڇا اهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته ان کي ان (نبي ﷺ) هٿ سان ٺاهيو آهي؟ بلڪه اهو تنهنجي پالڻهار جي پاران حق آهي هن لاءِ تون ان قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي من اُهي هدايت وارا ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو چَونِ هِي ٺاهيو، مُرسل مَڻيادار، بَلڪ سَندئـِي سائـِينءَ کان، سوا آهي حق اِظهار، تان ڪاڙهي سَندِي تِنهن قوم کي، ڏِيِينِ خبر چار، جَن کي اِطلاعِي نه آيو، تُنهان اَ ڳ تڪرار، اِن آسري آڌار، ته وَرندا وهَين واٽ تي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4)

الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي زماني جي ڇهن دورن ۾ خلقيو ۽ (جهانداري جي) تخت تي محڪم رهيو (يعني پوءِ به خلقيندو رهي ٿو ۽ پاڻ ئي جهان کي هلائيندو رهي ٿو، سو خبردار ٿيو ۽ ياد رکو ته) اوهان جي لاءِ سواءِ الله جي ٻيو ڪوبه سنڀاليندڙ يا سفارشي ڪونهي. ڇا توهان خيال ئي ڪونه ٿا هلايو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪا (مخلوق) انهن جي وچ ۾ آهي (اها) ڇهن ڏينهن ۾ پيدا فرمائي، ان کان پوءِ پاڻ عرشِ عظيم تي رونقِ افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) اي مڪه جا ڪافر توهان لاءِ الله کانسواءِ ڪو مددگار ۽ سفارشي ناهي ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش بنائڻ تي آماده ٿيو. ان کان سواءِ اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي (۽) نه ڪو ئي سفارشيءَ. ته ڇا اوهين (تڏهين به) نصيحت ۽ عبرت حاصل نه ٿا ڪريو؟(سيد فرمان علي)


الله ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ ان کان پوءِ استوا فرمايائين عرش تي ناهي اوهان جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ نه ڪو سفارشي ڇا پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. ان کانسواءِ اوهان جو نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي آهي. ڇا پوءِ به ڌيان نه ٿا ڪريو؟ (مولانا محمد مدني)


الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ کي) ڇهه ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش (يعني پنهنجي تختِ سلطنت) تي جلوه گر ٿيو. توهان جي لاءِ ان کان سواءِ نه ڪو مددگار آهي ۽ نه سفارشي آهي. ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو اَلله آهي سو، جِنهن ڇَهَن ڏِينهنَ ۾ ڏاتار، اُڀ، زمينون جوڙيا، پڻ جيڪِي مَنجَھنِ جِنسار، تِنهان پوءِ تخت تي، قَراريو ڪَلتار، هرگز نه هيٺان اُن جي، ڪو آن لئي عَملدار، نه وسِيلو، واهر، پوءِ ڇونٿا پرائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5)

آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


آسمان کان زمين تائين هر ڳالهه ۽ هر ڪم جو انتظام الله تعاليٰ ٿو ڪري. پوءِ سڀ معاملا انهيءَ ڏينهن سندس حضور ۾ پيش ٿيندا، جنهن ڏينهن جو مقدار توهان جي حساب ۽ شمار موجب هزار سالن جو هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


اهو پاڻ هر ڪم جي تدبير آسمان کان زمين تائين فرمائي ٿو ان کان پوءِ هر تدبير سان ڪيل ڪم ان ڏانهن قيامت جي ڏينهن موٽندو جنهن جو مقدار توهان جي حساب موجب هزار (1000) سال آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آسمان کان وٺي زمين تائين هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو پوءِ اهو بندوبست ان ڏينهن جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزا ورهيه آهي، سندس بارگاھ ۾ پيش ٿيندو.(سيد فرمان علي)


تدبير فرمائي ٿو امر آسمان کان زمين ڏانهن ان کان بعد ان ڏانهن ئي چڙهندو ان ڏينهن جو هوندو ان جو مقدار هزار سال ان مان جي ڳڻيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمان کان وٺي زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو. وري اهو (ڪم) ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهي ٿو جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزار ورهيه آهي. (مولانا محمد مدني)


آسمان کان زمين تائين (هر) ڪم جي تدبير ڪري ٿو پوءِ اهو (ڪم) هڪ اهڙي ڏينهن ۾ ان ڏانهن چڙهندو جنهن جو اندازو توهان جي ڳاڻيٽي جي هڪ هزار سالن جي برابر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حُڪم هَلائي اُڀ ڪنان، ڌَڻِي ڌرتئَ پارِ، وَرِي اُسري اُن ڏي، تِنهِين ڏِينهن تڪرار، جِنهن مُوجب ليکو لوڪ ۾، هُوندو سال هزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6)

اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙو آهي اهو الله جو لڪل توڙي ظاهر شين جو ڄاڻندڙ آهي، وڏي قدرت ۽ شان وارو آهي ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ، غالب ۽ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي (تدبير ڪرڻ وارو) لڪل ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وار (سڀ تي) غالب مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


اهوئي ڳجهه ۽ ظاهر ڄاڻندڙ غالب مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، زبردست، نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو ڳُجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو آهي، غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڳُجھيون، پَڌريون ڳالهيون، سو ڄاڻي ڄاڻڻهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو، جنهن قادِر بَرقرار، سَڀ شئَ جِي ڌاروڌار، صورت کي سِيگاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7)

جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن شيءِ کي خلقيائين تنهن کي سهڻو ۽ چڱو بنايائين (توازن سان مناسب ۽ گهربل قوتون عطا ڪيائين) ۽ انسان کي شروعات ۾ (خسيس) گپ مان خلقيائين.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سهڻو خلقيو ۽ انسان جي خلقت جي ابتدا مٽيءَ مان ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن جيڪا به شيءِ پيدا ڪئي سا سٺي بنائي، ۽ انسان جي ابتدائي خلقت مٽيءَ سان ڪئي.(سيد فرمان علي)


اهو جنهن سهڻي بنائي هر شيءِ پيدا ڪيائين ان کي ۽ شروع فرمايائين انسان جي پيدائش مٽيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن جيڪا به شئي پيدا ڪئي سا سٺي بنائي ۽ انسان جو پيدا ڪرڻ گاري مان شروع ڪيائين. (مولانا محمد مدني)


اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي حُسن ڏنو جنهن کي به پيدا ڪيائين ۽ انسان جي تخليق جي شروعات گاري مان ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اوّل مِٽِئ مان، ماڻهوء جِي، جوڙِي جوڙ جبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8)

وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ان جو نسل (۽ پيڙهيون) بُڇان جهڙي پاڻيءَ (منيءَ) مان پيدا ڪندو رهيو جو پاڻي (حقيقت ۾ انسان جي سڀني جزن جو) نچوڙ ۽ ست آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ ان جو اولاد هڪ نطفي مان پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ سندس اولاد (انساني جسم جي خلاصي) يعني (نطفه جهڙي) ذليل پاڻيءَ سان بنايائين.(سيد فرمان علي)


ان کان بعد جاري رکيائين ان جي نسل کي هڪ بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري سدس اولاد کي (مني جي) خلاصي (يعني) بيقدر پاڻيءَ مان بنايائين، (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان جو نسل بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ (يعني مَنيءَ) مان هلايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڦُڙي پاڻِئَ پٽڙي مان، ڪيو نسل سَندسِ نِروار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9)

وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ الله تعاليٰ انسان کي چڱي نموني ۾ درست ڪيو (۽ توازن سان عضوا ۽ پنج حواس ڏنائين) ۽ ان انسان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيائين (يعني عقل علم ۽ ترقيءَ جي طاقت بخشيائين) ۽ اوهان جي لاءِ ڪن (حقيقتن جي ٻڌڻ لاءِ) ۽ اکيون (حقيقتن کي ڏسڻ لاءِ) ۽ دليون (حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ ۽ نيڪ جذبا رکڻ لاءِ) مهيا ڪيائين (پر افسوس) توهان تمام ٿورڙي شڪرگذاري ٿا ڪيو (يعني الله جي انهن نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ڪونه ٿا آڻيو).(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ ان کي برابر ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ الله تعالى توهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجي (طرفان) روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (تنهن هوندي به) اوهين تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ ان کي ٺيڪ ڪيائين ۽ ڦوڪيائين ان ۾ پنهنجو روح ۽ ٺاهيائين اوهان ۾ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو ٿا شڪر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. اوهين ٿورو شڪرڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کي سنئين لڱين ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (پوءِ به) توهان ٿورو شڪر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽي تِنهن مِهر سان، ڪيو تمام نيار، ۽ رُوح سَندسِ مان ڦوڪيو، ساھ مَنجھسِ سَتار، ۽ تَن، مَن اَ کيون اوهان کي ڏِنان سڀ ڏاتار، اُنهن جا اِهي پار، ته ٿورا، ڀورا ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10)

۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهي بي شڪر ماڻهو) چون ٿا ته ڇا جڏهن اسان زمين ۾ ڍڪجي گم ٿي وينداسين تڏهن وري سچ پچ نئين سر پيدا ڪيا وينداسين؟ حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته ڪو (آخر) پنهنجي پروردگار جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چون ٿا ڇا اسين جنهن وقت زمين ۾ ملي مِٽي ٿي وينداسين، ڇا بيشڪ اسين (ان وقت) نئين سِر دوباره پيدا ٿينداسين، بلڪ اهي پنهنجي رب جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چون ٿا ته ڇا! جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهين به اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو (قيامت کان نه) بلڪ اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي (سامهون) حاضر ٿيڻ جا انڪاري آهن.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته ڇا جڏهن زمين ۾ گم ٿي وينداسون (تڏهن به) ڇا اسين البته نئين خلقت ۾ اٿنداسون بلڪ اهي پنهنجي رب سان ملڻ جا انڪار ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چون ٿا ته ڇا جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهن به اسان کي نئين سر بنايو ويندو. بلڪ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي نه ٿا مڃين(مولانا محمد مدني)


۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مِٽيءَ ۾ ملي گُم ٿي وينداسين، ته ڇا وري نئين سِر پيدا ٿينداسين“؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جا انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، ڪِ اَسِين مَٽجِي مِٽِئَ ۾، وِينداسون جنهن وار، ڇا، اَسِين اِينداسون وَرِي، نَئـِين جوڙ ۾ نِروار، سَندِن ڌَڻِي جي دِيدار کان، بلڪ آهِن بيزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون کين ٻڌاءِ ته موت جو مَلَڪ جو توهان تي مقرر ڪيل آهي، سو توهان جا روح قبض ڪندو. پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي طرف موٽائي آندا ويندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان کي ملڪ الموت ماريندو جيڪو توهان لاءِ مقرر ڪيل آهي ان کان پوءِ توهان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمر کين) فرمائي ته جيڪو موت جو فرشتو اوهان تي مقرر ڪيل آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪندو. تنهن کان پوءِ اوهين (سڀ) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته روح ڪڍندو اوهان جو موت وارو ملائڪ جيڪو مقرر ڪيو ويو اوهان لاءِ ان کان بعد پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! تون) چئو ته جيڪو موت جوفرشتو اوهان تي مقرر ڪيو ويو آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪري ٿو. وري اوهان کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو(مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”جيڪو موت جو فرشتو اوهان مٿان مقرر ڪيو ويو آهي اُهو توهان جو روح قبض ڪري ٿو پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايا ويندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَئو، مَلڪ الموت مارِيندو، آن کي آخِرڪار، اَوهان مَٿي آھِ جو، سونپِيَل سَڀ ڄمار، اَهنجي پَرور، پار موٽِي اوهِين موٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12)

۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن تون (اهو دردناڪ عذاب) ڏسين جڏهن گنهگار پنهنجي پروردگار جي اڳيان پنهنجا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندا ته ڪيتري نه عبرت حاصل ڪرين. (انهيءَ مهل اُهي گنهار دردناڪ آواز سان پڪاريندا ته) اي اسان جا پروردگار! هاڻي اسان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي (۽ هاڻي سڀ حقيقتون سمجهون ۽ مڃون ٿا) سو هاڻي اسان کي وري (دنيا ڏي) موٽاءِ ته اسان صالح عمل ڪيون. اسان هاڻي يقين سان (تنهنجي هدايتن کي) مڃيون ٿا. (پر پوءِ اها پشيماني ڪم نه ايندي اها دنيا گذري چڪي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪاش توهان ان وقت ڏسو ها جو اهي سندن رب جي اڳيان منهن جھڪائي ‎بيٺا هوندا (۽ چوندا) اي اسان جا رب اسان ڏٺو ۽ اسان ٻُڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏانهن) موٽاءِ ته اسين نيڪ عمل ڪريون، بيشڪ اسين يقين رکندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي حبيب! تو کي ڏاڍو ارمان ٿيندو) جي تون ڏوهارين کي ڏسندين ته اهي (حساب جي وقت) پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ پنهنجا سر هيٺ ڪري بيٺا آهن ۽ (عرض ڪري رهيا آهن ته) پروردگار! اسان (چڱيءَ طرح) ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ڇڏيو، تون اسان کي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽائي ته اسين نيڪ ڪم ڪريون. هينئر ته اسان کي (قيامت جو) چڱيءَ طرح يقين آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڏسندين جنهن مهل مجرم اونڌا ڪندڙ هوندا ڪنڌ پنهنجا پنهنجي رب وٽ اي اسان جا رب! ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون پوءِ اسان کي موٽاءِ ته ڪنداسون ڀلا ڪم بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ! توکي عجب ٿيندو) جيڪڏهن تون (ان وقت) ڏسندين جنهن وقت گنهگار پنهنجي پاليندڙ وٽ پنهنجا مٿا هيٺ ڪندڙ هوندا (چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏي) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن تون ڏسي وٺين (اهو منظر) جنهن وقت ڏوهاري ماڻهو پنهنجي پالڻهار اڳيان مٿا جهڪايل هوندا. (۽ چوندا ته): ”اي اسان جا مالڪ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ۾) موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪيون، بيشڪ اسان يقين ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِسِين ڏوهارين جو، هُوند تڏهن تون حال، هُوندا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، جڏهن اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، سوٺو سون ۽ سُئو سون، سانيمِ! سَڀ اَحوال، پوءِ وار اسان کي ته وَڃِي ڪريون، اَڇا ڪي اَعمال، بارِي رَبُّ! بَحال، اَڄ آهيون، پورِئَ پَڪ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13)

۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ شخص کي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها (جيئن ملائڪ فرمانبرداريءَ جي واٽ تي لڳايل آهن، پر اسان ائين نه چاهيو اسان انسان کي ٻئي واٽون ڏيکاري اختيار ڏنو ته وڻئي ته سڌي راهه وٺ ۽ وڻئي ته ڦڏي واٽ وٺي پاڻ کي تباهه ڪر) سو منهنجي هيءَ ڳالهه (بي فرمانن متعلق) سچي ثابت ٿيندي ته ما سڀني (بي فرمان) جنن ۽ ماڻهن سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته هر انسان کي هدايت عطا ڪريون، پر اسان جو (هيءُ) قول پورو ٿيڻو آهي جو آئون يقيناً جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (خدا فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته (دنيا ۾ ئي) هر شخص کي (زوريءَ) سڌي راھ تي آڻيون ها، پر منهنجي طرفان (ازل جي ڏينهن کان) هيءَ ڳالھ مقرر ٿيل آهي ته آءُ دوزخ کي جنن ۽ آدمين سان ڀري ڇڏيندس.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته ڏيون ها هر نفس کي سندس هدايت ۽ پر پڪي ٿي چڪي آهي ڳالهه منهنجي طرفان ته البته ضرور ڀريندس جهنم جنن ۽ ماڻهن سمورن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (الله فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀڪنهن شخص کي (دنيا ۾ ) سندس رستو سمجهائي ڇڏيون ها پر منهنجي طرفان هيءَ ڳالهه ٺهرائجي چڪي آهي ته ضرور آءُ جهنم کي جنن ۽ ماڻهن سڀني مان گڏ ڀري ڇڏيندس. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر شخص کي سندس هدايت (ازخود) ڏئي ڇڏيون ها ۽ پر منهنجي طرفان (هي) ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته آءٌ ضرور سڀ (ڪافر) جِنَن ۽ انسانن مان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان اَوّل کان گُھرو، هَرجِئَ لئي جيڪر!، ته عَطا ڪيونسِ اُن جِي، هِدايت هيڪر!، پر مون کان مَهندئـِي، فيصلو صَحِي ٿيو صادِر، ته جِنن ۽ ماڻهن سان، جي مُشرِڪ ۽ مُنڪر، ميڙي مَنجھ مَڱر، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14)

پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي گنهگارؤ) جنهن صورت ۾ توهان پنهنجي هن ڏينهن تي (اسان وٽ جزا ۽ سزا ملڻ لاءِ) حاضر ٿيڻ جي ڳالهه وساري ڇڏي هئي (۽ گناهن ۾ مشغول رهيا هئو) سو هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. اسان به توهان کي (ڄاڻي ٻجهي) وساري ٿا ڇڏيون. ۽ توهان جو (پڇاڙيءَ تائين) بدعمل ڪندا رهيو تن جي بدلي ۾ دائمي عذاب جو مزو چکندا رهو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان (عذاب جو) مزو چکو انهيءَ سببان جو توهان هن قيامت جي ڏينهن کي وساري ڇڏيو، بيشڪ اسان توهان کي وساري ڇڏيو ۽ توهان پنهنجي بداعمالي سببان هميشه وارو عذاب چکو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيئن ته اوهان اڄوڪي ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ته هاڻي ان جو مزو چکيو. اسان اوهان کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو. ۽ جهڙا جهڙا توهان جا ڪرتوت هئا (تن جي عوض) هاڻي هميشه جي عذابن جا مزا چکيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ چکو ان سببان جو وساري اوهان هن ڏينهن جي حاضري بلاشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ چکو هميشہ وارو عذاب ان سببان جيڪي ڪندا هيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي جو اوهان وساريو هو تنهن جي ڪري عذاب (جو مزو) چکو. بيشڪ اسان (به) اوهان کي وساريو ۽ جيڪي اوهين ڪندا هوا تنهن جي ڪري هميشه جو عذاب چکو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ توهان مزو چکو جو توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري وساري ڇڏي هئي. بيشڪ اسان اوهان کي فراموش ڪري ڇڏيو ۽ هميشه جي عذاب جو مزو چکو انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ چَکو چڱِئَ چال سان، جِنهن مُوجب ڪالھ ڪُلال! ڏاڍي هِن ڏِينهن جو، وِساريان وِصال، اَسان به وساريو آن کي پوءِ چَکو جَھَنَّم جَنجال، جِيئَن ته ڪَندا هُئا ڪالھ، جَڏا ڪم جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15)

اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان جي آيتن تي سچو ايمان ته فقط انهن جو آهي جن کي جڏهن اهي آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا (سان سندن پاڪائي ۽ اعليٰ شان) بيان ڪن ٿا ۽ ڪڏهن به هٺ وڏائي نٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


اسان جي قرآن ڪريم تي فقط اهي ماڻهو ايمان رکن ٿا جو جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اهي سجدي ۾ ڪِري پَوَنِ ٿا ۽ پنهنجي رب جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪن ٿا ۽ اهي تڪبر نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان جي آيتن تي ايمان رڳو اهي ماڻهو آڻين ٿا جو جڏهن کين اهي آيتون ياد ڏياريون ويون ته يڪدم سجدي ۾ ڪري پيا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙهڻ لڳا. پڻ اهي شخص وڏائي نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي)


ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي رڳو اهي شخص جو جڏهن نصيحت ڪيا وڃن ٿا انهن سان ته ڪرن ٿا سجدو ڪندڙ ٿي ۽ تسبيح پڙهن ٿا پنهنجي رب جو حمد ڪندي ۽ اهي نه ٿا وڏائي ڪن .السجدة(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان جي آيتن تي رڳو اهي ايمان آڻين ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني)


اسان جي آيتن تي صرف اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اُهي سجدي ۾ ڪِري پون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَڃِين اُهي مُورهِين، اَسان جا اُهڃاڻ، جڏهن ياد ڏِجن اُنهن کي، ته ڪِرن سجدي ساڻ، ۽ سَندنِ سائـِين جِي، صِفت سان، ڳائـِن پاڪائي پاڻ، ۽ وَر وَر ڪن واکاڻ، ڪِين پَڏائڻ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16)

سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن (سچن مؤمنن) جا پاسا آرام جي بسترن کان الڳ ٿي وڃن ٿا. هو پنهنجي پروردگار کي خوف ۽ اميد جي حالت ۾ پڪاريندا رهن ٿا ۽ جيڪو رزق (عقل حڪمت وغيره) اسان کين ڏنو آهي تنهن کي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


(اهي) پنهنجا پاسا بسترن کان پري ڪن ٿا (۽) پنهنجي رب کي خوف ۽ طمع مان پڪارين ٿا، ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(رات جو به) سندن پاسا بسترن کان واقف نه ٿا ٿين پڻ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد تي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


پري رهن ٿا پاسا انهن جا سمهڻ جي هنڌن کان پڪارين ٿا پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد سان ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سندن پاسا سمهڻ جي هنڌ کان پري ٿين ٿا، پنهنجي پاليندڙ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏين ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


انهن جا پاسا سمهڻ جي جاين (بسترن) کان جدا رهن ٿا پنهنجي پالڻهار کي خوف ۽ اميد وچان سڏن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پاسا سَندنِ پَٽ کان، رهن کَڙا مَنجھ رات، دانهِينِ سَندنِ ڌڻـئَ کي، خوف، طمع جي تات، ۽ جيڪا ڏِنِيسونِ ڏات، ڏِينِ ڏُکيَن کي تنهِن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17)

پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪنهن به شخص کي خبر ناهي ته اسان (نيڪ) ماڻهن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اکين جا ٺار (۽ خوشي ڏيندڙ نعمتون) لڪائي تيار رکيون آهن. اهو آهي بدلو هنن جي (نيڪ) عملن جو جي هو ڪندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ڪو ماڻهو نٿو ڄاڻي جيڪي نعمتون انهن لاءِ مخفي رکيون ويون آهن (اها) سندن عملن جي جزا آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪوشخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي (نيڪ) ڪم پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس جيڪو لڪائي رکيو ويو آهي انهن جي لاءِ اکين جو ٺار بدلو هوندو ان جو جيڪو ڪيو هيائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪو شخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي عمل پيا ڪن تن جو بدلو ڏنو ويندن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڪو به شخص نه ٿو ڄاڻي جيڪا اکين جي ٿڌاڻ انهن لاءِ لڪائي رکي وئي آهي، هي ان جو بدلو هوندو جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪو ماڻهو نه ڄاڻي مُورهِين، ته اڳتي اُنهِئَ هارِ، جو رکيو وِيو راز ۾، اولا اَ کِين ٺار، جي ڪيائون ڪم ڪار، عيوض اُجورو اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18)

جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا مؤمن به اهڙوئي آهي جهڙو ڪو فاسق (نافرمان ۽ گنهگار) آهي؟ (هرگز نه) هو ڪنهن به صورت ۾ برابر ناهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مؤمن آهي اهو ڪافر جهڙو ٿي سگهي ٿو؟! (اهي قطعاً) پاڻ ۾ برابر نٿا ٿين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا ڀلا جيڪو ايمان وارو آهي، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿيندو جيڪو بدڪار آهي هرگز نه! اهي ٻئي برابر نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ جيڪو مؤمن آهي ان جهڙو آهي جيڪو فاسق آهي نه ٿا برابر ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو نافرمان جهڙو آهي؟ اهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو ان جي مثل ٿي سگهي ٿو جيڪو نافرمان هجي، اُهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇا، مُؤمن تِنهن مِثال ؟ جو هَلندڙ ٻاهِر حُڪمن کان، بَرابَر بَحال، ڪڏهن ٿِينداڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19)

جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي رهڻ لاءِ (عاليشان) باغ هوندا، جيڪي نيڪ عمل هو ڪندا رهيا هئا تن جي بدلي ۾ اها ئي مهماني کين نصيب ٿيندي (جو هو الله جي باغن ۾ الله جا مهمان ٿي رهندا.)(علامه علي خان ابڙو)


پر اهي ماڻهو جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا پوءِ انهن لاءِ جَنَّتُ المَـ وى آهي. (اها سندن) مهماني آهي انهيءَ سببان جو نيڪ عمل ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته رهڻ (سهڻ) جي (لاءِ بهشت جا) باغ آهن. هيءَ مهماني انهن ڪمن جو عوض آهي جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪري چڪا هئا.(سيد فرمان علي)


پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پوءِ انهن جي لاءِ رهڻ جا بهشت آهن مهماني ٿي ان سببان جيڪي چڱا ڪم ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ مهمانيءَ طور رهڻ جا باغ آهن انهن ڪمن جي ڪري جيڪي پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيائون ته پوءِ انهن لاءِ هميشه رهڻ جا باغ آهن، (اها) مهمانداري آهي ان جي بدلي جيڪي (سٺا) عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پر آندو جَن ايمان، پڻ چڱا ڪَيائون ڪَمڙا، پوءِ مَهندان مِهمانِي اُن کي، بهشت جا بُستان، جنهن مُوجب مَنجھ جھان، چڱا ڪندا هئا ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20)

پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن خدا جي نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ هوندي (سخت عذاب واري) باهه. جڏهن جڏهن هو ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا تڏهن هنن کي (زور سان) ان باهه ۾ موٽايو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته انهيءَ باهه جي عذاب جو مزو چکو. جنهن کي توهان ڪونه مڃيندا هئو (۽ چوندا هئو ته نڪا قيامت ٿيندي نڪو اسان کي ڪو عذاب ملندو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پر اهي ماڻهو جيڪي ڪافر ٿيا پوءِ سندن جاءِ جهنم آهي، جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ کين موٽايو ويندو ۽ انهن کي چيو ويندو ته توهان جهنم جي عذاب جو مزو چکو جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ (رڳو) دوزخ آهي. اهي جڏهن به ان (دوزخ) مان نڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ان ۾ موٽائي کين ڌڪيو ويندو. ۽ کين چيو ويندو ته دوزخ جي جنهن عذاب کي ڪوڙ سمجهندا هئا، هاڻي ان جو (عذاب) چکيو.(سيد فرمان علي)


۽ پر جيڪي فاسق بڻيا پوءِ انهن جي جاءِ جنم آهي جڏهن به ارادو ڪندا اهي ته نڪرن ان مان ته ورايا ويندا ان ۾ ۽ چيو ويندو انهن کي ته چکو اهو باهه جو عذاب جنهن کي ڪوڙو چوندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ موٽايا ويندا ۽ کين چيو ويندو ته باهه جي سزا جو مزو چکو جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ پر اُهي ماڻهو جن نافرماني ڪئي ته پوءِ انهن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ وري واپس ڪيا ويندا ۽ انهن کي چيو ويندو ته: ”باهه جي سزا (جو مزو) چکو جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀر ڦِريا جي فرمان کان، آسڻ تَن جو آڳ، ڪُوڪُون ڪَن ڪَڍڻ لئي، جڏهن مَنجھان تِنهن ماڳ، ته اُٿلِي هَڻبا اُن ۾، ۽ چَئـِبُنِ ته چَکو لاڳ، سَندا باھِ ڀَڙاڳ، جنهن کي ڪُوڙو ڪُوٺِيندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21)

۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان هنن (فاسقن) کي (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳي هن ئي (دنيا جي) زندگيءَ جا عذاب ضرور چکائيندا سين انهيءَ لاءِ ته من هو (پشيمان ٿي خدا ڏي ۽ سڌي واٽ ڏي) موٽن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ آخرت جي عذاب کان اڳ ۾ اسين ضرور انهن کي دنيا جو عذاب چکائينداسين ته من اهي موٽن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين ضرور (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳ دنيا جي ڪجھ عذاب جو مزو چکائينداسون جو جلد ايندو هن لاءِ ته هاڻي به اهي ماڻهو (مون ڏي) رجوع ٿين.(سيد فرمان علي)


۽ البته ضرور چکائينداسون انهن کي عذاب ويجهڙائيءَ وارو وڏي عذاب کان سواءِ من اهي موٽن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ضرور کين وڏي عذاب کان اڳي ويجهي عذاب مان (ڪجهه مزو) چکائينداسون. ته مَنَ اهي موٽن. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ضرور کين (آخرت جي) وڏي عذاب کان اڳ ويجهڙي (دنياوي) عذاب (جو مزو) چکائينداسين مَنَ اُهي (نافرماني کان) موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اڳ ۾، وَڏي عَذاب کان، سَندو ننڍي سُور، مَزو وَٺائـِينداسونِ مُورِ، ته مانَ وَرن سي واٽ تي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22)

۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ماڻهو کي سندس پروردگار جون آيتون ٻڌايون وڃن ۽ پوءِ به هو منهن موڙي وڃي (۽ بدعمل ڪري) تنهن کان وڌيڪ ظالم (۽ گنهگار) ڪير ٿي ٿو سگهي؟ يقيناً اسان اهڙن گنهگارن کي (سندن بدعملن جو) پورو پورو بدلو ڏينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جو ان کي قرآن ڪريم سان نصيحت ڪجي پوءِ به ان کان انڪار ڪري، بيشڪ اسين مجرمن کان انتقام وٺندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن شخص کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيرائي تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداسون ۽ ضرور وٺنداسون.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو نصيحت ڪيو ويو پنهنجي رب جي آيتن سان ان کان پوءِ منهن موڙيائين بيشڪ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن کي سندس پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي ويئي وري انهن کان منهن موڙيائين. بيشڪ اسين گنهگارن کان بدلو وٺندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني)


ان کان وڏو ظالم ڪير آهي؟ جنهن کي سندس پروردگار جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي پوءِ ان کان منهن موڙي. بيشڪ اسان ڏوهارين کان بدلو وٺڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي ڪير اُن کان، وَڏو هاڃيڪار؟ جنهن کي، جڏهن ياد ڏِجن، سَندسِ پَرور جا پار، ته موڙئـِين مُنهن اُنهن ڪنان؛ اَسِين به آخِرڪار، وَٺن وارا ڪِنهن وار، بَدلو بَدڪارن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23)

۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي به (شريعت جو) ڪتاب ڏنو هو، سو تون به (اي پيغمبر!) اهڙي ڪتاب جي ملڻ بابت ڪو به شڪ نه آڻ (يعني توکي به قاعدا قانون ٻڌايا ويندا) ۽ اسان انهيءَ ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ڪيو هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو، پوءِ توهان ان جي مِلڻ ۾ ڪو شڪ نه ڪريو ۽ اسان ان (تورات) کي بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪري موڪليو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي پيغمبر) اسان ته موسى کي به (آسماني) ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته تون هن (ڪتاب) قرآن جو (خدا کان) ملڻ بابت شڪ ۾ (نه) پئو پڻ اسان ان (توريت کي بني اسرائيلن لاءِ رهنما مقرر ڪيو هو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڏنو اسان موسى کي ڪتاب پوءِ نه هج شڪ ۾ ان جي ملڻ ۾ ۽ ڪيوسون ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو.پوءِ (اي پيغمبر !) تون به قرآن جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿيءُ. ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت ڪيو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو پوءِ تون ان (ڪتاب) جي ملڻ بابت ڪنهن شڪ ۾ نه هج ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِنوسُون مُوسٰى مِير کي، قَلم بَند ڪِتاب، پوءِ سَندسِ مِلڻ ۾ مُورهِين، ڪو شَڪ نه رَک شتاب، ۽ ڪَيوسُونِس بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون برصَواب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24)

منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان انهن (بني اسرائيلن) ۾ گهڻائي امام يعني ليڊر پيدا ڪيا جيڪي اسان جي حڪمن موجب (بني اسرائيلن کي) هدايت ڪندا رهيا، جيستائين ڪه هو صابر ۽ ثابت قدم رهيا ۽ اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) تي يقين رکندا هئا (پوءِ هو فرقا ٺاهي اختلاف ڪري ذليل ۽ تباهه ٿي ويا.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن صبر ڪيو ته اسان انهن مان ڪجھه اڳواڻ بنايا جيڪي اسان جا حڪم ٻُڌائيندا هئا، ۽ اهي اسان جي آيتن تي يقين رکندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن (بني اسرائيلن مان اسان ڪن انسانن کي جيئن ته انهن (مصيبتن تي) صبر ڪيو هو پيشوا ڪيو جي اسان جي حڪم سان (ماڻهن کي) هدايت ڪندا هئا. پڻ (تنهن کان سواءِ) اسان جي آيتن جو دل سان يقين رکندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ڪياسون انهن مان اڳواڻ جيڪي اسان جي امر سان هدايت ڪن ٿا جڏهن صبر ڪيائون ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان اهڙا اڳواڻ پيدا ڪياسون جيڪي اسان جي حڪم سان رستو ڏيکاريندا هئا جڏهن (تڪليفن تي) صبر ڪيائون ۽ اهي اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان انهن مان ڪي اڳواڻ بنايا جيڪي اسان جي حڪم سان رهنمائي ڪندا هئا جڏهن (آزمائشن تي) صبر ڪيائون. ۽ اُهي اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ نيڪِي ڏانهن نواب، اُنهن مان ڪيو سون ڪِن کي. سَنئين سُهائيندا هُئا، اَمر اَسان جي ساڻ، جڏهن سَٺائون سَختيون، ۽ اسان جا اُهڃاڻ، هُئا پَڪ ڄاڻندا پاڻ، يَڪدِل سڀ يَقِين سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25)

بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً تنهنجو پروردگار ئي آهي جو هنن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين متعلق فيصلو ڏيندو جن جي باري ۾ هو اختلاف ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان جو رب اهو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو جن ڪمن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر) بيشڪ جن ڳالهين بابت ماڻهو (دنيا ۾) هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار قطعي فيصلو ڪندو.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ تنهنجو رب اهو فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان متعلق جو ان ۾ اختلاف ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ تنهنجو پاليندڙ قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن انهن (ڳالهين) جو فيصلو ڪندو جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَندو ڏِينهن قيام جي، سائـِين تُنهنجو صاف، ڪَن جين ۾ اِختلاف، اَڄ اَجايو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26)

کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا هي ڳالهه هنن کي هدايت نٿي ڪري سگهي ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون قومون (سندن بدعملن جي ڪري) تباهه ڪري ڇڏيون؟ هي ماڻهو انهن قومن جي پراڻن گهرن ۾ گهمن ڦرن به ٿا (ته به ڏسن نٿا) انهيءَ ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن. پوءِ هو ٻڌن ئي نٿا ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا (ڪفارِ مڪه لاءِ) اها ڳالهه ظاهر نٿي ٿئي جو انهن کان اڳيون ڪيتريون امتون اسان هلاڪ ڪيون (اِهي) انهن جي گھرن وٽان لنگھن ٿا، بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن، ڇا پوءِ اهي نٿا ٻُڌن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا کين هن ڳالھ هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جن جي گهرن ۾ اهي گهمن ڦرن ٿا بيشڪ ان (ڳالھ ۾ وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن.(سيد فرمان علي)


ڇا نه روشن ٿي انهن لاءِ هيءَ ڳالهه ته ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳي جماعتون جو هلن پيا انهن جي گهرن ۾ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ڇا پوءِ نه ٿا ٻڌن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا کين هن ڳالهه هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون جن جي گهرن ۾ اهي هلن ٿا. بيشڪ ان ۾ (وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن کي هن ڳالهه هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳ اسان ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جن جي رهائش گاهن ۾ اُهي هلن گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن. ڇا پوءِ اُهي نه ٿا ٻڌن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، حاصل نه ٿئي هِن مان، هدايت تَن هارِ؟ ته اِنهيان اَڳ جُڳ ڪيترا، هِڪ ٻئي پُٺيان هزار، ڪياسون قِسمين قَهر ۾، نِپٽ نگو نسار، هُئا سَندنِ حويلِينُ ۾، چَلندا سي چوڌار، اِن ۾ پَڌرا پار، پوءِ ڇو سُڻنِ، سَمجھنِ ڪِين ڪي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27)

نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو نٿا ڏسن ڇا ته اسان خشڪ زمين تي مينهن موڪليون ٿا ۽ ان جي وسيلي پوکون پيدا ڪيون ٿا جن تي سندن ڍڳا ڍور ۽ اهي پاڻ گذران ڪن ٿا، ڇا هو غور سان نه ٿا ڏسن؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي نٿا ڏسن بيشڪ اسين ويران زمين ڏانهن پاڻيءَ کي هلايون ٿا، پوءِ اسين ان مان پوکون پيدا ڪريون ٿا جو ان مان انهن جا چؤپايا جانور ۽ اهي پاڻ کائن ٿا، ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن ان تي به غور نه ڪيو جو اسين ويران زمين ڏي پاڻي جاري ڪريون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسين هلايون ٿا پاڻي سڪل زمين ڏانهن پوءِ ڪڍون ٿا ان سان پوک کائين ٿا ان مان انهن جا چوپايا ۽ پاڻ ڇا پوءِ نه ٿا ڏسن؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين ويران زمين ڏي پاڻي آڻيون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان پاڻيءَ کي ويران زمين طرف وهائي وڃون ٿا، پوءِ اسان ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن چوپايا ۽ اُهي پاڻ کائن ٿا. ڇا پوءِ اُهي نه ٿا ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، جانچيون ڪِين؟ ته جَر کي ٿا واهِيون پوٺن پار،پوءِ اُن سان پوک اُڀاريون، جنهن مان کائـِن اَن اَنبار، ڍڳا ڍور اُنهن جا، پڻ سَندنِ ٻَچا ٻار، پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، ڪِين ڏِسن سي قُدرتون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28)

۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته ٻڌايو ته اهو فيصلي جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪفارِ مڪه چون ٿا ته هيءُ فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته اوهين جيڪڏهن سچا آهيو (ته قيامت ايندي) ته (نيٺ) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هيءُ فيصلو جيڪڏهن آهيو سچا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چون ٿا ته اُها فتح ڪڏهن ٿيندي جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته: ”اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، صَحِي سَچا آهيو ته، ڪڏهن اُهو آچار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون کين ٻڌائي ڇڏ ته (توهان جو انهيءَ ڏينهن لاءِ ترسيا ويٺا آهيو ته جيڪڏهن ايندو ته پوءِ ايمان آڻينداسين سو ياد رکو ته) انهيءَ فيصلي واري ڏينهن سندن (بعد ۾ آندل) ايمان فائدو ڪونه ڏيندو. انهن کي جي (ان فيصلي جي ڏينهن تائين) ڪفر جي واٽ تي رهندا، نڪي کين پوءِ مهلت ڏني ويندي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته فيصلي جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ کين ڪو نفعو نه ڏيندو، ۽ نه ئي انهن کي مهلت ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي (پيغمبر) تون چوين ته فيصلي جي ڏينهن مشرڪن کي سندن ايمان آڻڻ ڪجھ فائدو نه ڏيندو ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته فيصلي جي ڏينهن نه نفعو ڏيندو انهن کي جن ڪفر ڪيو سندن ايمان آڻڻ ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! تون) چئو ته فتح جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان فائدو نه ڏيندو ۽ نه ڪي مهلت ڏنل ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”فيصلي واري ڏينهن نه ڪافرن کي سندن ايمان فائدو ڏيندو ۽ نه ئي انهن کي مهلت ڏني ويندي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڏِئي نه ڏِينهن آچار جي، تَن کي وَٽابو وار، اُنهن جو اِعتبار، مَڃڻ مَحشر ڏِينهن ۾. ۽ مُهلت مِلندِي ڪان ڪا، تَنِين کي تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30)

پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو تون انهن کي ڇڏي ڏي ۽ ترس. هو به ترسيا ويٺا آهن. (پاڻهي ڏسندا ته توهان غالب رهندو ۽ هو مغلوب ٿي ويندا).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ۽ توهان انتظار ڪريو بيشڪ اهي انتظار ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب ته سندن ڳالهين جو خيال نه ڪر ۽ تون منتظر رھ! (نيٺ) اهي به ته انتظار ڪري رهيا آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ انظار ڪر بيشڪ اهي انتظار ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ انتظار ڪر! بيشڪ اهي (به) انتظار ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ انتظار ڪر بيشڪ اُهي (به) انتظار ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مُنهن تن کان موڙ تون، ۽ ويٺو ڏِس ڪا وار، اُهي پڻ اِنتظار، ڪَڍندڙ ڏِينهن قِيام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017