القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 4 سُوۡرَۃُ لُقۡمٰنَ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 34


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الم (آيت : 1)

الٓمّٓ.(علامه تاج محمود امروٽي)


الف – لام – ميم(علامه علي خان ابڙو)


الۗمّۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الم(سيد فرمان علي)


الف، لام، ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الم (مولانا محمد مدني)


الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آھِ اَلٓـمٓ جِي، پَروَر کي پَرُوڙ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2)

ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي انهيءَ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن جو دانائي، عقل ۽ حڪمت سان ڀريو پيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي قرآن حڪيم جون آيتون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هيءَ (سورت) حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن.(سيد فرمان علي)


هي آيتون ڪتاب حڪمت واري جون آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. (مولانا محمد مدني)


هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي حُڪم ڪتاب قَدِيم جا، جو حِڪمت سان ڀَرپُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3)

(جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو (قرآن مجيد) نيڪ ڪم ڪندڙن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ وڏي رحمت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(جيڪي) نيڪوڪارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو (سمورو) نيڪ ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سيد فرمان علي)


هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن نيڪي ڪرڻ وارن لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سُونهپ سالِڪن لئي، پڻ رحمت رَبُّ، غفور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4)

جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(نيڪ ڪم ڪندڙ محسن اُهي آهن) جيڪي نماز قائم رکن ٿا، زڪوات ڏيندا رهن ٿا ۽ پڻ آخرت ۾ يقين رکن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اُهي ماڻهو جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي پابندي سان نماز ادا ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ اهي ئي شخص آخرت جو به يقين رکن ٿا.(سيد فرمان علي)


جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (مولانا محمد مدني)


جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي يقين رکڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي پُورو پڙهن نماز کي، ۽ ڪَڍن زڪوٰة ضرور، پڻ مُحڪم رکن مُور، اُهي اِيمان آخِرت تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5)

اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اُهي ئي پنهنجي پروردگار جي ڏيکاريل سڌيءَ واٽ تي هلندڙ آهن ۽ اهي ئي (دنيا ۽ اخرت ۾) ڪامياب ۽ سعادتمند رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ئي پنهنجي پروردگار جي هدايت تي هلن ٿا ۽ اهي ئي (قيامت ۾) پنهنجيون دلي مرادون پائيندا.(سيد فرمان علي)


اهي هدايت تي آهن پنهنجي رب وٽان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پاليندڙ جي طرفان آهي ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


اهي ماڻهو پنهنجي پالڻهار پاران هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سي صَحِي سَنِئينءَ واٽ تي، سَندنِ کان سائـِين، سيئـِي سَدائين، سوڀارا سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6)

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا (بيهودا بيوقوف به) آهن جيڪي بيهوديون ڳالهيون ۽ افسانا خريد ڪن ٿا (يعني هتان هُتان هٿ ڪن ٿا) انهيءَ لاءِ ته (انهن جي ٻڌائڻ سان ماڻهن کي) خدا جي واٽ کان ٿيڙي گمراهه ڪري ڇڏين. هنن کي (حقيقي) علم آهي ئي ڪون. ۽ هو خدا جي ڏيکاريل واٽ (۽ خدا جي سچي تعليم) تي کل مسخري ڪندا ٿا رهن. انهن تي اهڙو عذاب ايندو جو کين خوار خراب ڪندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪي ماڻهو اُهي آهن جيڪي اجاين ڳالهين جا ڪتاب خريد ڪن ٿا، ان لاءِ ته اُهي (ماڻهن کي) بنا علم جي الله جي راه کان گمراه ڪن ۽ انهيءَ کي مذاق ڪري وٺن ٿا، انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن ۾ ڪي (نضر بن الحرث پارا) اهڙا آهن جي بيهودا قصا (ڪهاڻيون) خريد ڪن ٿا هن لاءِ ته سواءِ سوچ سمجھ جي (ماڻهن کي) خدا جي (سڌي) راھ کان ٿيڙين ۽ خدا جي آيتن سان مسخريون ڪري اهڙن ئي ماڻهن لاءِ تمام خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو خريد ڪري ٿو بيهودي ڳالهه تانته گمراھ ڪري الله جي واٽ کان علم کان سواءِ ۽ وٺي ان کي ٺٺول ڪري اهي انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪن ماڻهن مان اهو آهي جو تماشي جي ڳالهين کي خريد ڪري ٿو. هن لاءِ ته (اهي ماڻهن کي ٻڌائي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي رستي کان گمراهه ڪري ۽ ان کي ٺٺولي ڪري وٺي. انهن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو تماشي جي ڳالهين کي خريد ڪري ٿو هن لاءِ ته بنا ڄاڻ جي (ماڻهن کي) الله جي راهه کان گمراهه ڪري. ۽ ان (راهه) کي مذاق بنائي. اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُنجھيل ڪي ماڻهن مَنجھان، وِڪڻنِ راڳ رباب، تان سائـِينءَ جي سَنِئينءَ واٽ کان، ڀُلائـِينِ ڪِنهن باب، ۽ ٺاهينِ ٺيٺر اُن کي، کيلِينِ کيل خراب، اُنهن لئي عَذاب، جُٺ ڦِٺ جِھڙو آھِ ڪو .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7)

۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن انهن ماڻهن کي اسان جون آيتون ۽ حڪم ٻڌايا وڃن ٿا تڏهن وڏي آڪڙ سان پٺي ڏيئي هليا ٿا وڃن ڄڻ ته هنن اهي آيتون ٻڌيون ئي ڪونه. ۽ ڄڻ ته هنن جي ٻنهي ڪنن ۾ گند پيل آهي ۽ ڪن ٻوڙا اٿن. اهڙن ماڻهن کي (اي منهنجا پيغمبر!) وڏي دردناڪ عذاب جي اچڻ جي خبر ڏيئي ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت انهيءَ تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته تڪبر ڪري ٿو گوياڪ ان کي نه ٻُڌائين گوياڪ سندس ٻنهي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي، پوءِ توهان ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن سندن اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي کان منهن ڦيري (اهڙي طرح) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن انهن آيتون کي ٻڌو ئي ڪين! ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ته (اي پيغمبر) تون کيس دردناڪ عذاب جي (هاڻي ئي) خوش خبري ٻڌائي!(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان تي اسان جون آيتون ته پٺي ڦيرائي هليو تڪبر ڪندڙ ٿي ڄڻ ته نه ٻڌائين انهن کي ڄڻ ته ان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي پوءِ ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هٺيلو ٿي پٺ ڦيري ٿو، ڄڻ ته اهي نه ٻڌائين ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙا ئي آهي. پوءِ کيس دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ! (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي ڪندي ائين پُٺي ڦيري ٿو ڄڻڪ ان اُهي ٻڌيون ئي نه آهن، ڄڻڪ ان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي، پوءِ ان کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن پَڙهجن اُن مَٿي، اسان جا اُهڃاڻ، ته پاتئـِين پير پوئـِتي، ٿِي پَڏائيندڙ پاڻ، ڪَر سو نه سُئائين، ڄَڻڪ اَٿسِ ، ٻِن ڪَنِين ٻوڙاڻ، پوءِ کيسِ کِير رَساڻ، سُورن وارٖي ساڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقين ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو (حقيقتن تي) ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏين نعمتن ۽ خوشين وارا باغ تيار رکيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انهن لاءِ بهشت جا باغ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن جي لاءِ نعمتن وارا بهشت آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ ڀلا عمل ڪيائون تن لاءِ نعمتن ڀريا باغ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيا، جي اِيمان ۾، پڻ چڱاڪيؤَن ڪم ڪار، اُنهن لئي باغ آرام جا، جَن ۾ ساڪِن سَڀ ڄَمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9)

منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي نيڪ ماڻهو) انهن باغن ۾ هميشه رهندا. الله جو واعدو سچو آهي (۽ ضرور پورو ٿيندو) ۽ الله تعاليٰ سڀ طاقت ۽ قدرت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو اهي ان ۾ هميشه رهندا. اهو خدا جو پڪو وعدو آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


هميشہ رهندڙ انهن ۾ الله جو وعدو حق آهي ۽ اهوئي غالب حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن ۾ پيا رهندا. الله سچو وعدو ڪيو آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


(اُهي) ان ۾ هميشه رهندا. الله جو وعدو سچو آهي. ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن قول ڪَرِيم جا، قائم برقرار، ۽ ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10)

آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي ٺاهيو آهي. آهن ڪي اهڙا ٿنڀ جي توهان ڏسي سگهو؟ ۽ هن زمين تي جبلن کي مضبوط کوڙيو آهي انهيءَ لاءِ ته متان اوهان سان گڏ لڏي لمي وڃي. ۽ هن ان زمين تي هر قسم جا جانور پکيڙي ڇڏيا آهن. ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) آسمان مان مينهن وسايون ٿا ۽ (ان جي ريج سان) زمين تي هر قسم جا شاندار وڻ ٻوٽا (جوڙين ۾) ڄمايون ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


آسمانن کي بنا ٿنڀي جي پيدا ڪيائين جيڪو توهان ڏسو پيا ۽ زمين تي جبل کوڙيائين ته متان توهان کي اها لوڏائي، ۽ زمين ۾ هر قسم جا جاندار پکيڙيا، ۽ اسان آسمان مان مينهن نازل ڪيو، پوءِ اسان انهيءَ مان هر قسم جا خوبصورت سلا پيدا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن آسمانن کي سواءِ اهڙن ٿنڀن جي بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جو جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو (مينهن وسايو) پوءِ اسان ان ۾ هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا.(سيد فرمان علي)


پيدا ڪيائين آسمانن کي ٿنڀ کان سواءِ ڏسو پيا انهن کي ۽ رکيائين زمين ۾ جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر (قسم جا) جانور ۽ نازل ڪيوسون آسمان کان پاڻي پوءِ ڄمايوسون ان ۾ هر قسم جو سٺو جوڙو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن کي ٿنڀن کان سواءِ بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جا جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ اسان ان ۾ سڀ سٺا نمونا ڄمايا هيءَ الله جي پيدائش آهي (مولانا محمد مدني)


ان آسمانن کي بنا ٿنڀن جي پيدا ڪيو جي اوهان کي نظر اچن ٿا ۽ ان زمين ۾ ڳرا جبل وڌا متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور پکيڙيائين. ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ اسان ان ۾ هر قسم جا نفيس جوڙا ڄمايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُڀن اُپائـِين، جَن ڏِسو ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ ٺاهي ٺوڪيا زَمين ۾، جَبل ربَّ، جبّار، تان اَهنجي، بوجي بار کان، چُري نه اڱر چار، ۽ پَدم پَکيڙئـِين اُن ۾، چوپايا چوڌار، ۽ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي نارو نار، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، هر جوڙ جوهردار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11)

اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها آهي الله جي مخلوق. (اها آهي خالق جي جوڙ ۽ قدرت) هاڻي مونکي (يعني الله تعاليٰ کي) ڏيکاريو ته مون کان سواءِ جيڪي ٻيا آهن تن ڇا خلقيو آهي؟ (ڪجهه به نه)، حقيقت هيءَ آهي ته اهي ظالم (جيڪي ٻين کي مون سان شريڪ ٿا سمجهن سي) ظاهرظهور گمراهي ۽ غلطيءَ ۾ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


هيءَ الله تعالى جي مخلوق آهي پوءِ توهان مون کي اها تخليق ڏيکاريو جيڪا توهان جي معبودن ڪئي آهي بلڪ ظالم صاف گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين چئو ته) اها ته خدا جي پيدائش آهي پوءِ (ڀلا) اوهين ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ جي (معبود) اوهان بنايا آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالھ هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.(سيد فرمان علي)


هيءَ الله جي مخلوق آهي پوءِ ڏيکاريو مون کي ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا پيدا ڪئي انهن جيڪي ان کان سواءِ آهن بلڪ ظالم کليل گمراهيءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ مون کي ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ (اوهان جا الله سان ٺهرايل شريڪ) آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالهه هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني)


هي الله جي پيدائش آهي پوءِ (اي مشرڪو!) مون کي ڏيکاريو جيڪو الله کان سواءِ ٻين پيدا ڪيو هجي؟ بلڪه ظالم ماڻهو پڌري گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهي سَڀ اَلله جون، جوڙون ۽ جِنسار، پوءِ ڏيکاريو، ته ڏيہ مان، ڪا ٺاهيؤَن لِکه لَغار، تِنهن ٻاجُھون ٻِئا جيترا، ڀانيو ڀائيوار، هَرگز هاڃيڪار، مُنهن ٻولي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12)

۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي واقعو آهي ته اسان لقمان کي دانائي، عقل ۽ حڪمت ڏني هئي (خاص طرح هي) ته الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيندو رهه. (۽ سندس ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيندو رهه) جيڪو ماڻهو ان طرح شڪرگذاري ٿو ڪري سو درحقيقت پنهنجي فائدي لاءِ ٿو ائين ڪري (ان ۾ سندس ئي فائدو آهي، نه ڪه الله تعاليٰ جو، ڇو ته هو ڪنهن به ڳالهه جو محتاج ناهي) ۽ جيڪو خدا جي بي شڪري ڪري ٿو (۽ سندس نعمتون ضايع ٿو ڪري (سو به خدا جو ڪجهه به نقصان ڪونه ٿو ڪري ڇو ته) الله تعاليٰ يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي ۽ ڪامل صفتن سان موصوف آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي ته تون الله تعالى جو شڪر ادا ڪر، ۽ جيڪو ماڻهو شڪر ادا ڪري ٿو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ شڪر ادا ڪري ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو ناشڪري ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي (۽ حڪم ڏنوسون ته) خدا جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته (سندس نقصان آهي) خدا ته (بهرحال) بي پرواھ (۽) لائق حمد وثنا آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڏني اسان لقمان کي حڪمت ته شڪر ڪر الله جو ۽ جيڪو به شڪر ڪري ٿو پوءِ رڳو پنهنجي جيءَ لاءِ شڪر ٿو ڪري ۽ جيڪو بي شڪري ٿو ڪري پوءِ بيشڪ الله شاهوڪار، ساراهيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ڏني (۽ کيس چيوسون ته) الله جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته بيشڪ الله بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ڏني (۽ چيوسين) ته: ”الله جو شڪر ادا ڪر. ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو اُهو پنهنجي فائدي لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو پوءِ بيشڪ الله بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ حڪمت حضرت لقمان کي، بخشيون بسيار، ته ڳائي ڳڻ الله جا، ور ور ويرو تار، ۽ جو ڳائي، ته ڳائي پاڻ لئي، ۽ جو کائي نه مڃي خوار، ته غني اهي غفار، پڻ ساراهيل سڀ ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13)

۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو (لقمان جي حڪمت) هن پنهنجي پٽ کي نصيحتون ڪندي چيو ته، اي منهنجا پٽ الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ (يعني الله جي قانونن ۽ حڪمن جي خلاف ڪنهن جو به حڪم نه مڃجانءِ) يقيناً شرڪ تمام وڏو ظلم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(هن آيت جو مختصر تفسير هن ريت آهي ته جموع العلماءَ اڪرام چون ٿا ته (حضرت) لقمان دانشور ۽ عالم هو ۽ پيغمبر نه هو. از تفسير بيضاوي شريف) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ ان انهيءَ کي نصيحت ڪئي ٿي ته اي منهنجا پٽ تون الله تعالى سان شرڪ نه ڪر، بيشڪ شرڪ عظيم ظلم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو، ته ”اي منهنجا پٽڙا! خدا سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي“(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو لقمان پنهنجي پٽ کي ۽ اهو نصيحت پيو ڪري ان کي ته اي پٽڙا منهنجا!ٰ نه شريڪ ڪر الله سان ( ڪا شيءِ) بلاشڪ شرڪ البته وڏو ظلم آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد رک) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي چيو کيس نصيحت ٿي ڪيائين ته “اي منهنجا پٽڙا! الله سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شريڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪر) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ اُهو کيس نصيحت ڪري رهيو هيو ته : ”اي منهنجا پُٽڙا! الله سان شرڪ نه ڪجانءِ. بيشڪ شرڪ تمام وڏو ظلم آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ لُقمان سندسِ لال کي، وَراڻيو جنهن وير، ته پُٽڙا پنهنجي ربّ سان، گڏ نه ڪَمن ۾ ڪير؟ آهي وَڏو اَنڌير، ٻِئا ڪير به گڏڻ ڪَم ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14)

۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ وصيت ڪئي ته (ساڻن سهڻو سلوڪ رکو ۽ سندن خدمت ڪندا رهو) سندس ماءُ هنن کي تڪليفن پٺيان تڪليفون سهي پيٽ ۾ سانڍيو ۽ ٻه سال کيس پنهنجي ٿڃ پياريندي رهي، سو (اي انسان) منهنجي به شڪرگذاري ڪر ۽ پنهنجي والدين جي (خدمت گذاري به. ياد رک ته) آخر توکي مون وٽ موٽي اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان انسان کي حڪم ڪيو آهي ته پيءُ ماءُ سان چڱائي ڪري، ان کي سندس ماءُ سختيون برداشت ڪري پنهنجي پيٽ ۾ کنيو ۽ ٻن سالن ۾ ان کي کير ڇڏايو. (اي انسان) تون منهنجو ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو شڪر ڪر، مون ڏانهن توکي موٽڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان انسان کي ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوري مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) رکيو ۽ سندس ٿڃ ٻن ورهين ۾ ڇڏائجي ٿي (پنهنجي ۽) سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ تاڪيد ڪيوسون ته منهنجو به شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي والدين جو (به. ۽ نيٺ سڀ کي) مون ڏي موٽي اچڻو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ حڪم ڪيوسون انسان کي ان جي پيءُ ۽ ماءُ جي متعلق پيٽ ۾ کنيو ان کي ان جي ماءُ ڪمزوري تي ڪمزوريءَ جي باوجود ۽ کير ڇڏائڻ ان جو ٻن سالن ۾ آهي شڪر ڪر مون لاءِ ۽ پنهنجي والدين جي لاءِ مون ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوريءَ مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾ ) رکيو ۽ سندس ٿڄ ٻن ورهن ۾ ڇڏائجي ٿي (هي حڪم ڪيوسون) ته منهنجو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حق مڃ، مون ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. (۱۴)(مولانا محمد مدني)


۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ نصيحت ڪئي، ان جي ماءُ کيس تڪليف مٿان تڪليف سهندي پيٽ ۾ کنيو ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ به ٻن سالن ۾ آهي (هي حڪم ڪيوسين ته: اي انسان!) ”تون منهنجو به شڪر ادا ڪر ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو به. (سڀني کي) مون ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مِت ڏِنِي سُون ماڻهن کي، ماءُ، پِئُ سان مُور، ماڻسِ اُٺايو اُن کي، سُورن مَٿَي، سُور، ۽ ٽوڙڻ اُن جو ٻِن سالن ۾، جِيئن دُنيا جو دستور، ته مُون ۽ پَنهنجي ماءُ، پئُ جا، ڳائي ڳُڻ ضرور، هَلِي مَنجھ حُضور، آخِر مون ڏي اَچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15)

۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور بار رکن ته مون سان ٻين کي شريڪ ڪر، جنهن ڳالهه بابت توکي علم ئي ڪونهي ته پوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ سندن تابعداري نه ڪر (۽ تون فقط خدا جي حڪمن ۽ قانونن جي پابندي ڪندو رهه، پر اگرچه هو توکي شرڪ ڪرڻ لاءِ زور بار ٿا رکن ته به) تون دنيا ۾ چڱي سلوڪ سان ساڻن صحبت ڪندو رهه، پر طريقو انهن جو اختيار ڪر ۽ انهن جي واٽ تي لڳ جيڪي مون ڏانهن رجوع ٿين ٿا (۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ياد رک ته) آخر پوءِ اوهان سڀني کي مون وٽ ئي اچڻو آهي. پوءِ مان اوهان کي ٻڌائيندس ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا عمل ڪيا هئا (۽ توهان کي انهن جو بدلو ڏينداسين).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اهي ٻَئي تو تي زور رکن ته تون مون سان شرڪ ڪر جنهنجو توکي علم ناهي پوءِ تون انهن جي تابعداري نه ڪر ۽ دنيا ۾ ماءُ پيءُ سان نيڪي اختيار ڪر. ۽ توهان رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام جي تابعداري ڪريو جيڪي مون ڏانهن موٽيا، ان کان پوءِ توهان کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ آئون توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ تو تي زور ڪن ته مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي تو کي خبر به نه آهي ته سندن چيو نه مڃ پر دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رھ! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين دنيا ۾ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌائيندس.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪن توکي هن تي جو شريڪ ڪرين مون سان اها شيءِ جو ناهي توکي ان جو علم پوءِ نه فرمان مڃ انهن ٻنهي جو صحبت ۾ رهه انهن سان دنيا ۾ چڱائي سان ۽ تا بعداري ڪر ان جي واٽ جي جيڪو موٽيو مون ڏانهن ان کان پوءِ مون ڏانهن موٽڻ اوهان جو آهي پوءِ خبر ڏيندس اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن توتي زور ڪن ته تون مون سان اهڙيءَ شئي کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي توکي خبر نه آهي ته سندن چيو نه مڃ ۽ دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رهه! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي رستي جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو سو اوهان کي ٻڌائيندس(۱۵)(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اُهي ٻئي تو تي دٻاءُ وجھن ته تون مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جو تو کي علم به نه آهي. ته تون سندن تابعداري نه ڪر ۽ دنيا (جي ڪمن) ۾ انهن سان چڱي طريقي سان ساٿ ڏي، ۽ ان ماڻهو جي واٽ جي پيروي ڪر جنهن مون ڏانهن رجوع ڪيو آهي. پوءِ مون ڏانهن ئي توهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ آءٌ اوهان کي انهن ڪمن کان باخبر ڪندس جيڪي اوهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي توکي ڪن مَجبُور، ته ڪَرِين ڀيڙو ڪم ۾، مُون سان، مُرڳو اُن کي، جِنهن جِي، پَريان تون نه پَرُوڙ، اُنهن جو اُنهئَ ڳالھ ۾، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ دُنيا ۾ دَستور، آڌار، اَدب جو، اُنهن سان. ۽ وَھ تنهنجِي واٽ تي، جو مُنهنجو تابِعدار، آهي ماڳ اَوهان جو، موٽِي مُنهنجي پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تن جون، کولي ڏِيندوسِيان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16)

(لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(لقمان وڌيڪ چيو ته) اي منهنجا پٽ! يقين ڄاڻ ته اگرچه سرنهه جي داڻي جي تور جيتري ڪا شيء هجي ۽ هجي به ڪنهن وڏي پٿر جي وچ ۾ لڪل يا ڪٿي به آسمانن ۾ يا زمين ۾ هجي ته ان کي به الله تعاليٰ آڻي پيش ڪندو (يعني الله تعاليٰ تمام ننڍڙن خيالن، لفظن ۽ عملن جو به حساب وٺندو) بيشڪ الله تعاليٰ تمام اونهيون ڳالهيون به سمجهندڙ آهي ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(لقمان چيو) اي منهنجا پٽ جيڪڏهن رائي جي داڻي جيتري ڪا برائي هجي پوءِ اها جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمينن ۾ هجي الله تعالى ان کي آڻيندو، بيشڪ الله تعالى بيحد لطيف (باريڪ بين) ۽ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ لقمان چيس ته) اي منهنجا پٽڙا جيڪڏهن ڪو به عمل (سٺو هجي يا بڇڙو) اهر جي ڌاڻي برابر هوندي ۽ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته خدا ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ خدا باريڪ بين خبر رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اي پٽڙا منهنجا! بيشڪ اها جيڪڏهن هوندي وزن داڻي سرنهه جو پوءِ هوندي ڪنهن پٿر ۾ يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته آڻيندو ان کي الله بيشڪ الله باريڪ بين خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ لقمان چيو ته) “اي منهنجا پٽڙا! جيڪڏهن (ڪاشئي) اهر جي داڻي جي برابر هوندي پوءِ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته الله ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله باريڪ بين پوري خبر رکندڙ آهي. (۱۶)(مولانا محمد مدني)


(لقمان چيو) ”اي منهنجا پُٽڙا! جيڪڏهن ڪا شيءِ اَهُر جي داڻي جي برابر هجي پوءِ اُها ڪنهن پهاڙي ۾ (لڪل) هجي يا آسمانن يا زمين ۾ هجي الله ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻَچڙا! ٻُڌبَيان، ته قَدر ڪَڻي اُهر جو، جَبل، اُڀ، زَمِين ۾، هُجي مخفِي ڪنهن به مَڪان، ته آڻي ڪَڍندو اُن کي، مالِڪ مَنجھ مِيزان، مالِڪ مهربان، پڻ خُدا خَبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17)

اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا پٽ! تون نماز قائم رک (۽ الله تعاليٰ جي اڳيان جهڪي پؤ) ۽ نيڪين جو حڪم ڏيندو رهه ۽ برائين کان منع ڪندو رهه ۽ (انهيءَ ڪم ۾) توکي تڪليفون درپيش اچن ته به صبر سان ثابت قدم رهه. بيشڪ ائين ڪرڻ وڏي همت ۽ استقلال جو ڪم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا پٽ تون نماز قائم ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪر ۽ برائيءَ کان روڪ ۽ توکي جيڪا تڪليف پهچي ان تي صبر ڪر، بيشڪ اهو همت وارن ڪمن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجا پٽڙا نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان (ماڻهن کي) روڪ ۽ جيڪا تڪليف تو کي رسي تنهن تي صبر ڪر. (ڇو ته) بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي.(سيد فرمان علي)


اي پٽڙا منهنجا! قائم رک نماز ۽ امر ڪر چڱي ڪم جو ۽ روڪ بري ڪم کان ۽ صبر ڪر ان تي جيڪا پهتي توکي بيشڪ اها ڳالهه همت وارن ڪمن مان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجا پٽڙا! نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان روڪ ۽ جيڪا تڪليف توکي پهچي تنهن تي صبر ڪر. بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي. (۱۷)(مولانا محمد مدني)


اي منهنجا پٽڙا! نماز قائم رک ۽ نيڪي جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان روڪ ۽ جا تڪليف تو کي پهچي تنهن تي صبر ڪر. بيشڪ اهي وڏي همت جا ڪم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پُٽڙا! پَڙھ نِماز کي، پڻ چَڱِي چوندو رَھ، ۽ مَنع ڪر مَدِئ کان. جو سُور رَسئـِي ، سو سَہ، پَڪو اِهوئـِي پَہ، ڪَمَا حَقَّہٗ ڪَمن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18)

۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ماڻهن سان مٽون ڦوڪي مغروريءَ سان ۽ شوخيءَ سا پيش نه اچ، ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه هل. بيشڪ الله تعاليٰ هٺيلن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي پسند نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ماڻهن کان (تڪبر جي ڪري) منهن نه ڦير ۽ زمين تي آڪڙ سان نه هَلُ، بيشڪ الله تعالى آڪڙ سان هلندڙن ۽ فخر ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٽيڙو ڪر تون پنهنجو ڳل ماڻهن لاءِ ۽ نه هل زمين ۾ وڏائي ڪندڙ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي هر هٺيلي فخر ڪندڙ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هَلُ. بيشڪ الله کي سڀڪو هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. (۱۸)(مولانا محمد مدني)


۽ (غرور سان) پنهنجو ڳل (مُنهن) ماڻهن کان نه موڙ ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ الله هر هٺيلي پاڻُ پڏائيندڙ کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهن کان مِٽ پَنهنجي، ڦير نَه، اي فَرزند! ۽ ٽِل نَه نَـخَري، ناز سان، ڌَرِتئَ تي دِلبند، پَرور ڪري نَه پَسند، ڪِنهن مُرڪندڙ مَغرُور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19)

۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ پوري پني رفتار رک (نڪي گهڻي تڪڙ ڪر، نڪي تمام آهستي هل. سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ درميانو وچٿرو طريقو وٺ) ۽ (ڳالهائڻ ۾ به) پنهنجو آواز هيٺ رک (يعني واڪا ڪري شوخيءَ سان نه ڳالهاءِ اهو ٿيندو گڏهن وانگي هينگ ڪرڻ) يقيناً سڀني آوازن کان خراب آواز آهي گڏهه جي هينگ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تون پنهنجي هلڻيءَ ۾ پورو پُنو هَلُ ۽ تون پنهنجو آواز آهستي ڪر، بيشڪ آوازن مان سڀ کان وڌيڪ خراب آواز گڏهه جو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.(سيد فرمان علي)


۽ وچولو ٿي پنهنجي هلڻ ۽ هيٺاهون ٿي پنهنجي آواز ۾ بيشڪ آوازن مان گهڻو برو البته گڏهه جو آواز آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هَلُ ۽ پنهنجي آواز کي ڪجهه نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏهه جو آواز آهي (۱۹)(مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿرائي اختيار ڪر، ۽ پنهنجي آواز کي ڪجهه نرم ڪر. بيشڪ سڀ کان برو آواز گڏهه جو آواز آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هَل ، هَلڻ ۾ پَنهنجي، دَرميانو دِلبر، پڻ سَندئـِي اُتم آواز کي، نَرم ڪر نِينگر، آوازن ۾ اَبتر، آهي گور گڏھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20)

نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان نٿا ڏسو ڇا ته الله تعاليٰ اهي سڀ شيون جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن، ۽ توهان جي لاءِ ظاهري (يعني روح جي پرورش لاءِ روحاني) نعمتون (جهڙوڪ علم، عقل، وحي، شريف جذبا وغيره) بي انداز مهيا ڪري ڇڏيون آهن. (افسوس جو تنهن هوندي بي) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ اجايا جهڳڙا ڪندا ٿا رهن، حالانڪ کين نه علم آهي، نه (عقل جي) هدايت اٿن، نڪي وري ڪو روشني ڏيندڙ ڪتاب اٿن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ اهي شيون مُسخر ڪيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ توهان تي پنهنجون ظاهري ۽ باطني نعمتون پوريون ڪيون، ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله تعالى بابت علم، هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ جھڳڙو ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي خدا توهان جي تابع ڪيو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي بنا علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي خدا جي ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ اهي جو آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ڀرپور ڪيائين اوهان تي پنهنجون نعمتون ظاهري ۽ باطني ۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جيڪي جهڳڙو ٿا ڪن الله ( جي باري) ۾ علم کان ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کان سواءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي الله اوهان جي ڪم ۾ لڳايو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين. ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ الله جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (۲۰)(مولانا محمد مدني)


ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته بيشڪ الله اوهان جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو آهي جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي، ۽ توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري ڇڏيائين ظاهري ۽ باطني. ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بنا روشن ڪتاب جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، نه ڏِٺان ؟ ته آن کي ڏِنان، جُھڪائي جَبَّار، آهِن جي اُڀن ۾ پڻ ڀون ۾ باغ بَهار، ۽ پلٽئين آن تي پَڌرا، صُورت جا سِينگار، پڻ اَندر ۾ اَسرار، ڪي خالِق خُوب کوليا. ۽ مُرڳو ڪي ماڻهن مان، پِئا دڙِينِ ڌَڻِئ جي باب، سوا سُونهپ ۽ سَمجھ جي ، ڪنهن نُورانِي ڪتاب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21)

۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا) ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله تعاليٰ (وحي جي رستي) نازل ڪيو آهي، تنهن جي پيروي ڪيو، تڏهن هو چون ٿا ته، نه اسان ته انهيءَ واٽ تي هلنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلند ڏٺو. (ڪهڙا نه بي سمجهه آهن عقل به نٿا هلائين ته) جيڪڏهن شيطان کين (انهيءَ غلط واٽ تي هلائڻ سان) سخت ٻرندڙ باهه جي عذاب ڏانهن سڏيندو هجي ته به انهيءَ واٽ تي هلندا ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن کي جنهن وقت چيو وڃي ٿو ته توهان الله جي نازل ڪيل جي تابعداري ڪريو اهي چون ٿا بلڪ اسين ان جي تابعداري ڪنداسين جنهن تي اسان پنهنجي وڏن کي لڌو آهي، ڇا شيطان انهن کي دوزخ جي عذاب ڏانهن نٿو سڏي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه! بلڪ اسين ان (ڳالھ) جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي پاتو. ڀلا توڙي جو شيطان سندن ابن ڏاڏن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جيڪو نازل ڪيو الله ته چيائون بلڪ تابعداري ڪنداسون ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن پيئرن کي جيتوڻيڪ هجي شيطان جو سڏي انهن کي دوزخ جي عذاب ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه بلڪ ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي لڌو. ڇا (انهن جي تابعداري ڪندا) توڙي جو شيطان انهن کي باهه جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟ (۲۱)(مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ان (ڪتاب) جي تابعداري ڪيو جيڪو الله نازل ڪيو آهي ته چون ٿا ته: ”(نه) بلڪه اسان ان (طريقي) جي تابعداري ڪنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي لڌو“. توڙِي جو شيطان انهن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن چَئـِجينِ، ته اُن ڏي اَچو اي اَحباب!، جيڪِي اَلله اُتاريو؛ ته جوڙيو ڏِينِ جَواب، ته اَسِين اُٽلو اُن مٿي، هَلنداسون بي حجاب، پاتاسون پِئ پَنهنجا، جِنهن سُنت سر صواب، توڻي طرف عَذاب، سَڏي اِبليس اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22)

۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) جيڪو به خدا جي اڳيان فرمانبرداريءَ سان سر جهڪائي ۽ چڱا عمل ڪري ٿو تنهن درحقيقت هڪ نهايت مضبوط، ۽ ڀروسي جهڙي رسيءَ جو سهارو ورتو آهي (۽ ياد رکو ته) سڀني معاملن جي پڇاڙي ۽ فيصلو آخر الله وٽ ئي اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن ماڻهو پنهنجي وجود کي الله تعالى جي حوالي ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي پوءِ بيشڪ ان مضبوط رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله تعالى ڏانهن آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو شخص خدا جي اڳيان سر جهڪائي ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته بيشڪ ان (ايمان جي) مضبوط رسي پڪڙي ۽ (نيٺ ته) سڀني ڪمن جي پڇاڙي خدا ڏي ئي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪو جهڪائي ٿو پنهنجو منهن الله ڏانهن ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ تحقيق جنبڙيو مضبوط ڪڙي سان ۽ الله ڏانهن ئي سڀني ڪمن جي انتها آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن پنهنجو منهن الله ڏي ڪيو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته ان مضبوط ڪڙو جهليو ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏي ئي آهي. (۲۲)(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ الله جي حوالي ڪري ان حال ۾ جو اُهو احسان ڪندڙ هجي ته پوءِ بيشڪ اُهو مضبوط ڪڙي سان چنبڙي پيو. ۽ سڀ ڪمن جو انجام الله ڏانهن ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن ربَّ ڏي رَکيو رَخ پَنهنجو، پڻ هُجي نيڪ نِبار،تِنهن پَڪڙيو ڏاڍِي ڏنڊ کي، هَٿن سان هيڪار، آخِر پَرور پار، ڪُل ڪمن جا فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23)

۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪفر ۽ انڪار جي واٽ وٺي ته (اي پيغمبر!) سندس ڪفرجي ڪري تون غم نه ڪر انهن سڀني ماڻهن کي نيٺ اسان وٽ موٽي اچڻو آهي. پوءِ اسان کين چٽو ڪري ٻڌائينداسين ته، ڪهڙا ڪهڙا عمل هنن ڪيا هئا (۽ کين انهن موجب جزا ۽ سزا ڏينداسين) بيشڪ الله تعاليٰ دلين جا ڳجهه به ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو پوءِ توهان کي ان جي ڪفر جو ڏک نه ٿئي، انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي پوءِ اسين کين سندن عملن بابت ضرور ٻُڌائينداسين، بيشڪ الله تعالى سينن جو علم ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪفر ڪري تنهن جو ڪفر تو کي غمگين نه ڪري. انهن سڀني کي ته (نيٺ) اسان ڏي ئي اچڻو آهي. پوءِ جيڪي (به) ڪيو هوندائون (تنهن جو نتيجو) کين ٻڌائينداسون. بيشڪ خدا دلين جي راز کان (به) چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڏکوئي توکي ان جو ڪفر اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ خبر ڏينداسون انهن کي انهن ڪمن جي جيڪي ڪيائون بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) جيڪو ڪفر ڪري ٿو تنهن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري. اسان ڏئي ئي انهن کي موٽي اچڻو آهي پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو کين ٻڌائينداسون. بيشڪ الله سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (۲۳)(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو ته پوءِ ان جو ڪفر تو کي غمگين نه بنائي. انهن (سڀني) جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي پوءِ اسان انهن کي خبر ڏينداسين جيڪي انهن عمل ڪيا. بيشڪ الله سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جو ڦِريو، فِڪر تِنهنجو، توکي وِير! نه ٿئي وار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، آهي اَسان پار، پوءِ سُڌ ڏِيندان سونِيان، تَن سَندِي ، ڪريو ٿا ڪم ڪار، صاحِب سَمجھڻهار، سَنديون سِينن ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24)

(دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان انهن (منڪرن) کي ڪجهه وقت لاءِ وقتي موجون ماڻڻ ڏينداسين، پر پوءِ هنن کي سخت عذاب ڏانهن گهلي آڻينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


اسين انهن کي ٿورو نفعو ڏئي ان کان پوءِ انهن کي سخت عذاب ڏانهن گرفتار ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسين کين ڪجھ (عرصو) آرام ڪرڻ ڏينداسون. پوءِ (وري) کين مجبور (۽ لاچار) ڪري سخت عذاب ڏي (ڇڪي) آڻينداسون.(سيد فرمان علي)


نفعو ڏيون ٿا انهن کي ٿورو ان کان پوءِ مجبور ڪري آڻينداسون انهن کي سخت عذاب ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


کين ٿورو (وقت) فائدو پهچائينداسون وري کين سخت عذاب ڏي مجبور ڪنداسون. (۲۴)(مولانا محمد مدني)


اسان کين ٿورو (دنيا جو) فائدو پهچائينداسين پوءِ اسان انهن کي مجبور ڪري سخت عذاب ڏانهن آڻينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَٽو وَٺائـِينداسون اُنهن کي، ظاهِر مَنجھ ذَرِي، پوءِ وارِينداسون، وَرِي، اُنهن کي سخت عذاب ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25)

۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اي پيغمبر! جيڪڏهن تون انهن (منڪرن) کان پڇندين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته الله خلقيا آهن. پوءِ تون چئجانءِ الحمدلله! (شڪر جو ايترو ته قبول ٿا ڪيو پوءِ ڇو نٿا الله جي رحمت ڏسي سندس موڪليل وحي تي عمل ڪيو، پر افسوس) هنن مان گهڻا جاهل آهن (۽ عقل کان ڪم نٿا وٺن.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي، اهي ضرور چوندا ته الله، رسولِ عربي توهان فرمايو سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن، پر اڪثر انهن مان نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله! (ته پوءِ اي رسول) چوين ته الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪ گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته الله (اي پيغمبرﷺ!) چئو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (۲۵)(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ ته ضرور چوندا ”الله“. چؤ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. بلڪه انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي سامهون ڪَندِينِ سُوال، ته اُڀ، ڀون ڪِنهن اُپائيا، ته اَلله جَلَّ جَلالہ، چوندا اهڙِي چال، چَئو، آهي شُڪر اَلله جو، کُلي حقِيقَت حال، گھڻا ڳهلا ڳالھ، اُٽلو نه سَمجھن اِنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26)

جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي ڪافر ائين نه سمجهن ته الله تعاليٰ کي سندن ايمان يا انڪار جي ڪا گهرج يا پرواهه آهي) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله جو آهي. بيشڪ الله ئي آهي جو بي نياز بي پرواهه آهي ۽ اعليٰ صفتن سان موصوف آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ خدا جو ئي آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) بي پرواھ (۽ هر حال ۾) لائق حمد و ثنا آهي.(سيد فرمان علي)


الله جو ئي آهي جيڪو آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي بيشڪ الله ئي شاهوڪار، ساراهه ڪيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بيشڪ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. (۲۶)(مولانا محمد مدني)


جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. بيشڪ الله بي نياز ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪي اُڀ، زمين ۾، آهي مِلڪ اَلله، بي پرواھ بادشاھ، ساراهِيل سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27)

۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن ڌرتيءَ جا سڀ وڻ قلم هجن ۽ سڄوسمنڊ مس هجي ۽ اهڙا ٻيا به ست سمنڊ انهيءَ جي پٺيان مدد لاءِ موجود ٿين ته به الله جون ڳالهيون ۽ حڪمتون لکجي نه سگهبيون. (الله جو علم ۽ قدرتون بي انت آهن) بيشڪ الله تعاليٰ هر چيز تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن (بالفرض) اهي سڀئي وڻ جيڪي سڀني زمينن ۾ آهن انهن کي قلم بنائجي ۽ ستن سمنڊن کي مس بنائجي تڏهن به الله تعالى جي تعريف کُٽِي نٿي سگھي، بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون. (۽ مس ٿين ۽ خدا جي علم ۽ ان جون ڳالهيون لکڻ ۾ اچن) تڏهين به خدا جون ڳاليهون نه کٽنديون. بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن تحقيق جيڪي زمين ۾ وڻ آهن قلم هجن ۽ سمنڊ ان جي مس هجن ها ان کان بعد ست سمنڊ ته نه کٽن ها الله جا فرمان بلاشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون ته الله جون ڳالهيون (لکڻ ۾ ) نه کٽنديون. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (۲۷)(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مَسُ ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچِي پَــوَن ته الله جون ڳالهيون (لکڻ سان) نه کُٽنديون. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جيڪر ڀُون ۾ جيترا، وَڻ ٽڻ هر وَلهار، ڪُل ٿِين قلم سي، مَس ڪارِي ڪارُونڀار، آڌار ڏِيسِ اُن پُٺيان، دَرياءَ سَت سَتّار، ته به ليکيا ٻَهر، نه لِکيا ويا، قادِر جا ڪم ڪار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28)

اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اوهان سڀني کي پيدا ڪرڻ ۽ وري (مرڻ بعد) جيئاري کڙو ڪرڻ اهڙو ئي (اسان جي لاءِ آسان) آهي جهڙو هڪڙي شخص (کي پيدا ڪرڻ ۽ مرڻ بعد وري اٿارڻ) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


توهان جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جو ٻِئي دفعي زنده ڪرڻ هڪ نفس (هڪ انسان) وانگر آهي، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو جي پيدا ڪرڻ يا جيارڻ) جهڙو آهي بيشڪ خدا (اوهان سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجھ ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي)


ناهي اوهان جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو اٿڻ مگر هڪ نفس وانگر بلاشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو (جي پيدا ڪرڻ ۽ جيارڻ) جهڙو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (۲۸)(مولانا محمد مدني)


توهان (سڀني) ماڻهن جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جو (مرڻ بعد) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو (جي پيدا ڪرڻ ۽ جيارڻ) وانگر آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پهريون، پويون اُنهن جو،جوڙڻ نه جَجِھي ڳالھ، جوڙڻ جِندهيڪ جو، مگر آهي مِثال، هرگز هَر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29)

نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي ۽ سج ۽ چنڊ کي پنهنجي (قانون ۽ حڪم جي) تابع رکيو اٿس. هرهڪ مقرر مدي تائين هلندو رهندو (پوءِ فنا ٿي ويندو) ۽ (ياد رکو ته جو الله سج ۽ چنڊ کي قانونن جو پابند رکي ٿو سو الله اوهان کي به اوهان جي بهتري لاءِ پنهنجا قانون ۽ حڪم ٻڌائي ٿو پوءِ جيڪڏهن انهن تي عمل نه ڪندؤ ته (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ اوهان جي سڀني عملن جي خبر رکي ٿو (۽ اوهان کي ضرور بدعملن جي سزا ڏيندو.)(علامه علي خان ابڙو)


(اي ٻڌندڙ) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي مُسخر (تابعدار) بنايو، هر هڪ پنهنجي مقرر جاءِ تائين هلن ٿا ۽ بيشڪ الله تعالى توهان جي سڀني عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تون نه ڏٺو آهي ته خدا رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي ٿي) ۽ ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ ان ئي (ڄڻ) سج چنڊ کي اوهان جي تابع ڪيو آهي هر هڪ مقرر (ڪيل) مدت تائين (ائين ئي) هلندو رهندو (ڇا تو هي به خيال نه ڪيو ته) جو ڪجھ اوهين ڪري رهيا آهيو خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان نه ڏٺو ته بلاشڪ الله داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ ۽ مطيع ڪيائين سج ۽ چنڊ کي سڀ هلن ٿا مقرر ڪيل مدت تائين ۽ بلاشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر کندڙ آهي. (۲۹)(مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايائين. هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو ۽ بيشڪ الله خبروار آهي جيڪي اوهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، نه ڌِٺئـِي؟ ته ڏاتار، رات ڳَنڍي ڏِينهن ۾، ۽ ڏِينهن رات ۾، قُدرت سان ڪلتار، ۽ ڪيائين سج ۽ چنڊ کي، سڀ تارا تابعدار، مُقرّر مُدّت سِين، چَلن، سي چوڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، واحد واقف تن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30)

اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(سج چنڊ وغيره کي قانونن هيٺ رکڻ وغيره) اهو سڀ هن ڪري آهي ته بيشڪ الله ئي آهي جو حق آهي (۽ حق کي غالب ۽ پائيدار ڪندو) پر الله کان سواءِ جن ٻين کي ماڻهو (شريڪ ٺهرائي) پڪارين ٿا سي باطل آهن (۽ فنا ٿي ويندا) ۽ هن ڪري به آهي جو بيشڪ الله ئي آهي جو سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڏو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ان ڪري جو بيشڪ الله تعالى ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي ان کانسواءِ جن (بتن) جي عبادت ڪن ٿا (اهي) باطل آهن، ۽ بيشڪ الله تعالى ئي بلند (۽) وڏو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي (سڀ ڳالهيون) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شيءِ) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، پڻ هن ۾ (به) شڪ (شبهو) نه آهي ته الله ئي عاليشان ۽ بلند مرتبي وارو آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان جي ڪري جو يقينًا الله ئي حق آهي ۽ بلاشڪ جن کي ان کان سواءِ پوڄين ٿا باطل آهي ۽ بلاشڪ الله ئي مٿاهون، وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي (ڪم) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شئي) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، ۽ هن ڪري آهي ته الله بلند وڏو آهي. (۳۰)(مولانا محمد مدني)


اُهو هن ڪري آهي جو بيشڪ الله ئي برحق آهي ۽ جن جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا سي باطل آهن ۽ هن ڪري آهي ته الله ئي بلند (۽) وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِي سَڀ اُن جِي ثابتِي، ته اَلله آهي موجود، ۽ اُن ڌاران دانهِن جن کي ، سي ناس ۽ نبود، ۽ مَٿاهون مَعبود، وَڏِي ڏَوائـِئَ جو ڏڻي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31)

نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ ترنديون آھن (ھن لاءِ) ته (الله) اوھان کي پنھنجين نشانين مان ڏيکاري، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ڏسو نٿا ته الله ئي جي فضل سان جهاز سمنڊ ۾ ترندو وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري جيڪي ماڻهو دائما وڏا صابر آهن ۽ سخت اورچ ۽ ثابت قدم آهن ۽ ان سان گڏ شڪر ڪندڙ آهن (يعني الله جي نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيندڙ آهن) تن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (يعني جهازن جي هلڻ ۾) يقيناً وڏيون نشانيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


(اي ٻڌندڙ) تو نه ڏٺو ته بيشڪ سمنڊ ۾ الله تعالى جي نعمت سان ٻيڙي هلي ٿي، ان لاءِ ته توهان کي اهو پنهنجون ڪجھه نشانيون ڏيکاري، بيشڪ انهيءَ ۾ هر صبر ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ يقيناً نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تون هن (ڳالھ) تي به غور نه ڪيو ته خدا جي فضل سان ئي ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته (ڪاٺ ۾ اها طاقت ڏئي) اوهان کي (پنهنجي قدرت جون) نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ به سڀني صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ ٻيڙيون هلن ٿيون سمنڊ ۾ الله جي فضل سان تانته اوهان کي ڏيکاري پنهنجين نشانين مان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله جي فضل سان ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته اوهان کي ڪجهه نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ احسان مڃيندڙ لاءِ نشانيون آهن. (۳۱)(مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته ٻيڙيون سمنڊ ۾ الله جي نعمت سان هلن ٿيون هن لاءِ ته توهان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڏِٺئـِي ته؟ ڏات ڌَڻِئَ جي، ٻيڙا هَلن مَنجھ ٻار، ته آن کي سَندسِ آيتون، ڏيکاري ڏاتار، اُن ۾ پَڌراپار، صابِر، شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32)

۽ جڏھن کين (درياءَ جي) لھر پاڇي وارن پھاڙن وانگر ويڙھيندي آھي (تڏھن) خاص الله کي نِلو ڏانھس مھاڙ ڪري سڏيندا آھن، پوءِ جنھن مھل کين ڀر ڏانھن بچارائي پھچائيندو آھي (تنھن مھل) منجھائن ڪي وچٿرا ھوندا آھن، سڀڪنھن انجام ڀڃندڙ بي شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر افسوس اڪثر ماڻهو صابر ۽ شاڪر ناهن) جڏهن (جهاز ۾ سفر ڪندي سمنڊ جون) لهرون هنن کي چبوتري وانگر ڍڪي ٿيون ڇڏين تڏهن هو سچي دل سان فقط الله کي پڪارين ٿا (ته اسان کي هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏي) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ خشڪيءَ تي پهچائي ٿو تڏهن انهن مان ڪي (نيڪي ۽ برائي جي وچ ۾) منجهي بيهن ٿا (يعني ڪجهه قدر الله ڏي لاڙو رکي نيڪي ڪرڻ به پسند ڪن ٿا پر لالچن ۽ حرصن ۾ پئجي برائيون به ڪن ٿا) ۽ (ياد رکو ته) فقط اهي ماڻهو اسان جي آيتن کي نٿا مڃن جيڪي (بيوفائي جي ڪري) پنهنجا عهد پاڙيندڙ نه آهن ۽ بي شڪر آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت جبل جيڏيون ڇوليون انهن کي ڍڪين ٿيون ته (ان وقت) اهي سچي دل سان الله تعالى کي پڪارين ٿا. پوءِ الله تعالى جڏهن انهن کي زمين ڏانهن نجات ڏي ٿو پوءِ انهن مان ڪي وچٿرا آهن ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن مگر هر غدار (۽) ناشڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ڇانو ڪندڙ ڪڪر وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا ۽ وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻي ٿو ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (ڪو پڪو ڪافي) ۽ اسان جي (قدرت جي) نشانين کان انڪار ته رڳو انجام ڀڄيندڙ، احسان نه مڃيندڙ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ڍڪيو انهن کي ڇوليءَ جبلن وانگر ته سڏين ٿا الله کي سچو ڪندڙ ان لاءِ دين کي پوءِ جڏهن ڇڏائي آندائين انهن کي سُڪيءَ ڏانهن پوءِ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ نه ٿو انڪار ڪري اسان جي آيتن جو مگر هر ڪوڙ هڻندڙ بي شڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ڇانوَ ڪندڙ ڪڪرن وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا. پوءِ جڏهن کين خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو، ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (الله کي ياد رکي ٿو) ۽ اسان جي آيتن جو سڀڪنهن انجام ڀڃيندڙ احسان نه مڃيندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو انڪار نه ٿو ڪري. (۳۲)(مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن تي (سمنڊ جي) موج ڇٽين وانگر ڇانئجي وڃي ٿي ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏن ٿا، پوءِ جڏهن انهن کي بچائي خشڪيءَ ڏانهن آڻي ٿو ته انهن مان ڪجهه اعتدال (واري واٽ) تي هلن ٿا. ۽ اسان جي آيتن جو ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سواءِ هر وعدي ڀڃندڙ بي شڪري جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن جبل جِيئن اُنهن تي، چَڙِهي مِوج مِهراڻ، ته سڏيون سائـِينءَ هيڪ کي، رُڳو ڏِيندڙ اُن کي ڏان، پوءِ جڏهن ڇَڏائـِين ڇوليان، بَر ڏي بي گمان، ته آهي ڪو ڪو اُنهن مان، مُؤمن دَرِميان، ۽ اسان جي آيتنِيان، ناھِ ڪري پيو ڪانه، مگر سومَستان، جو بي وفا ۽ بي وَڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33)

اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو ۽ اُن ڏينھن کان (به) جنھن ۾ ڪو پيءُ پنھنجي پُٽ جي ڪم نه ايندو، ۽ نه پُٽ پنھنجي پيءُ جي ڪجھ ڪم ايندڙ ھوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي اوھان کي الله بابت ٺڳيندڙ (شيطان) ٺڳي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو! پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ انهيءَ (جزا ۽ سزا واري) ڏينهن جي اچڻ کان ڊڄو جنهن ڏينهن نڪي پيءُ پٽ کي ڪم ايندو، نڪي پٽ پيءُ کي (نڪي هڪڙو ٻئي لاءِ فديو ٿي انهيءَ کي بچائي سگهندو) بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي (ته هو نيڪي ڪندڙن کي ڪامران ڪندو ۽ برائي ڪندڙن کي ناڪام ڪندو). تنهن ڪري (خبردار ٿيو) ائين نه ٿئي جو دنيا جي زندگي (يعني وقتي خوشي يا فائدو) توهان کي ٺڳي (۽ بدعمل ڪرائي) ۽ ائين نه ٿئي جو دغا باز شيطان (اوهان کي ترت فائدو ڏيکاري) الله (جي فرمانبرداري) بابت برغلائي ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو توهان پنهنجي رب کان خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن (قيامت) کان ڊڄو جڏهن والد پنهنجي اولاد کي بچائي نٿو سگھي ۽ نه اولاد پنهنجي والد تان ڪا شيءِ پري ڪري سگھي ٿو، بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي، پوءِ دنيا جي حياتي توهان کي مغرور نه بنائي، ۽ نه توهان الله تعالى سان غرور ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انساو! خدا جو خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾) ڪو پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو. ۽ نڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجھ ڪم ايندو بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪو نه ڏئي، ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) ڌوڪو ڏئي.(سيد فرمان علي)


اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو پيءُ پنهنجي اولاد جي پاران ۽ نه ڪو اولاد اهو بدلو ڏيندڙ آهي پنهنجي پيءُ جي طرفان ڪجهه به بلاشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ هر گز نه ٺڳي اوهان کي حياتي دنيا واري ۽ هر گز نه ڌوڪو ڏئي اوهان کي الله سان ڌوڪو ڏيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ماڻهو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾ ) ڪوبه پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو ۽ نه ڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجهه ڪم ايندو. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ اوهان کي دنيا جي حياتي ڌوڪو نه ڏي. ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) الله کان ڌوڪو ڏي. (۳۳)(مولانا محمد مدني)


اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو پيءُ پنهنجي پُٽ پاران بدلو ڏئي نه سگهندو ۽ نه ڪو اهڙو پُٽ هوندو جيڪو پنهنجي پيءُ جي پاران ڪجهه بدلو ڏيڻ وارو هوندو. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ توهان کي دنياوي زندگي دوکو نه ڏئي ۽ نه ئي دوکو ڏيندڙ (شيطان) توهان کي الله جي باري ۾ دوکي ۾ وجهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهئا!پَنهنجي مالِڪ کان، ڏِينهان رات ڏور، ۽ تنهن ڏاڍي ڏينهن جو، دِل ۾ ڊَپ ڌَريو، ته پِئُ پنهنجي پُٽ جو، کڻي نه بار ڀَرو، ۽ نه پُٽ سَندسِ پِئُ ۾، ضامِن پوي ذرو، آهي ٻول اَلله جو، خاطِر خواھ کَرو، هِئَ حَياتِي نه ٺَڳينِيان، جا سارِي سُور ٻَرو، ۽ ٺَڳي نَه ٺڳ ڳَرو، اَوهان کي اَلله کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34)

بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو برغلائجي نه وڃو ۽ فقط الله جا ٻانها ٿيو جو سندس ئي فرمانبرداري اوهان کي ڪامران ڪندي. الله کي ئي سڀني ڳالهين جو علم آهي) يقيناً الله ئي آهي جنهن کي انهيءَ گهڙيءَ جو علم آهي (جنهن گهڙيءَ قطعي فيصلو ڪندو) اهوئي (برسات جو علم رکي ٿو ۽) مينهن آڻي ٿو. اهوئي ڄاڻي ٿو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ڇا آهي، (پٽ يا ڌيءَ ۽ ڪهڙي قسم جو آهي وغيره) ۽ ڪوبه شخص نٿو ڄاڻي ته سڀاڻي هو ڇا ڪندو، (پر خدا ڄاڻي ٿو ته هو ڇا ڪندو) ۽ ڪوبه شخص نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي ملڪ ۾ هو مرندو (پر الله تعاليٰ اهو به ڄاڻي ٿو) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي، (تنهن ڪري توهان الله جي ڳالهين کي سچو سمجهي انهن تي عمل ڪري پنهنجو حال ۽ مستقبل روشن ڪريو).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى وٽ قيامت جو علم آهي ۽ پاڻ مينهن وسائي ٿو ۽ پاڻ ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه پيٽن ۾ اندر آهي، ۽ انسان نٿو پروڙي ته اهو سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ انسان کي خبر ناهي ته اهو ڪهڙي زمين ۾ مرندو؟ بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ الله وٽ ئي قيامت (جي اچڻ) جو علم آهي ۽ اهو ئي جڏهن مناسب (موقعو ڏسي ٿو ته) مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ (نر يا مادي) آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص (ايترو به ته) نه ٿو ڄاڻي ته (اهو) سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪو به شخص (هي به) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي سرزمين ۾ مرندو! بيشڪ خدا (سڀني ڳالهين کان) آگاھ ۽ خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله ان واٽ ئي آهي قيامت جو علم ۽ وسائي ٿو مينهن ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو ڳڀيرڻ ۾ آهي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڇا ڪندو صبحاڻي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڪهڙي زمين تي وفات ڪندو بيشڪ الله ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ قيامت جي خبر الله کي ئي آهي. ۽ اهو مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص نه ٿو ڄاڻي ته سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪوبه شخص نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي زمين ۾ مرندو؟ بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آهي. (۳۴)(مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله وٽ ئي (قيامت جي ) گھڙي جو علم آهي، ۽ اُهو مينهن وسائي ٿو، ۽ جيڪي رِحمن (يعني مائرن جي پيٽن) ۾ آهي سو ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو شخص (ازخود) نه ٿو ڄاڻي ته سڀاڻي ڇا ڪندو. ۽ ڪو به شخص (ازخود) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي زمين ۾ مرندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي عِلم اَلله کي، قِيامت ڪِهڙي وار، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان، مِينهن نارو نار، ۽ پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، ته ڳِھڻِين نَريا نار، ۽ نه سَمجي ڪو ته صُباح، ڪندو حاصِل ڪِهِڙي ڪار، ۽ ڄاڻي ڄَڻو ڪو نه ڪو، ته پُڄندسِ ڪِٿ ڄمار، سائـِين سَمجھڻهار، پڻ چوکو چوڪِيدارسو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017