توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ.(علامه تاج محمود امروٽي) الف – لام – ميم.(علامه علي خان ابڙو) الۗمّۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الم(سيد فرمان علي) الف لام ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الم(مولانا محمد مدني) الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل راز الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَرٿ الٓمّٓ جو، ڄاڻي ڄاڻڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رُومين شڪست کاڌي.(علامه تاج محمود امروٽي) رومي سلطنت مغلوب ٿي ويئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن.)(علامه علي خان ابڙو) رومي شڪست کائي ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (هتان کان) تمام ويجهي ملڪ ۾ رومين (نصارن، فارسين ۽ آتش پرستن کان) شڪست کاڌي.(سيد فرمان علي) مغلوب ڪيا ويا رومي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) رومين ڀر واري زمين ۾ شڪست کاڌي، (مولانا محمد مدني) رومين شڪست کاڌي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَسي رُومين هارِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي ئي پنھنجي شڪست کائڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ويجهي ملڪ (شام ۽ فسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي) غالب پوندا.(علامه علي خان ابڙو) ويجھڙائي واري زمين ۾ ۽ اهي (رومي) انهي شڪست کان پوءِ عنقريب چند سالن اندر (فارس تي ٻِئي دفعي) غالب ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي شڪست کائڻ کان پوءِ جلد (فارسين تي) غالب ٿيندا.(سيد فرمان علي) ويجهي زمين ۾ ۽ اهي پنهنجي مغلوب هجڻ کان پوءِ جلد غالب ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهي شڪست کائڻ بعد جلد ٿورن ئي ورهن ۾ ، غالب ٿيندا. (مولانا محمد مدني) ويجهي سرزمين ۾ ۽ اُهي پنهنجي شڪست کائڻ بعد جلد غالب ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀر وارِئَ ڀُون ۾، پائـِن سَندنِ هار پُٺيان، سي سِگھون سوڀن هار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ٿورن ورھن ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئينده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن مسلمان خوشيون ڪندا (جو).(علامه علي خان ابڙو) انهيءَ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ الله جو امر (حڪم) هلي ٿو. ۽ انهيءَ ڏينهن الله تعالى جي مدد سان مؤمن خوش ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ٿورن ورهين ۾ اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي، ۽ ان ڏينهن ايمان وارا خدا جي مدد سان خوش ٿيندا.(سيد فرمان علي) ٿورن سالن ۾ الله جو ئي امر آهي اڳي ۽ پوءِ ۽ ان ڏينهن خوش ٿيندا مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي. ۽ ان ڏينهن ايمان وارا الله جي فتح (ڏيڻ) سان خوش ٿيندا. (مولانا محمد مدني) چند سالن ۾. حڪم (اختيار)الله جو ئي آهي اڳ ۾ به ۽ پوءِ به. ۽ ان ڏينهن ايمان وارا خوش ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪن سالن ۾، ڪم سڀَيَئيِ اڳ ، پوءِ، آگي هار، ۽ مؤمن مَڃِيندڙ حق جا، اُنِهئ ڏِينهن اِظهار، ٿِيندا باغ بَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهو جنهنجي چاهي مدد فرمائي ٿو. ۽ اهو ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هو جنهن کي گهري ٿو تنهن کي مدد ڏئي ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) الله جي مدد سان مدد ڪري ٿو جنهن جي گهري ۽ اهو ئي غالب، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي فتح ڏي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) الله جي مدد سان. اُهو جنهن جي چاهي مدد ڪري ٿو. ۽ اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واحِد جي واهر سان. واحِد وڻيسِ تِنهن کي، ڏئي اُهکي ۾ آڌار، ۽ سو سَٻاجھو صَحِي؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نه ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو الله تعاليٰ جو واعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ واعدو ضرور پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا).(علامه علي خان ابڙو) (اِهو) الله تعالى جو وعدو آهي، الله تعالى پنهنجي وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي. خدا پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻين.(سيد فرمان علي) الله جو وعدو آهي نه ٿو خلاف ورزي ڪري الله پنهنجي وعدي جي ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله (اهو) وعدو ڪيو آهي. الله پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني) هي وعدو الله ڪيو آهي. الله پنهنجي وعدي جي خلاف نه ٿو ڪري ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي قادِر جا قرار، وَاحِد سَندسِ وَعدي ۾، ڪري نه ڦير ڦار، پر رَکَنِ نه سُڌ سَنڀار، گھڻا ماڻهو مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهي ڀليل ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ جون رڳو ظاهري حالتون ڄاڻن ٿا (انسان جي اندروني حالت جي خبر کين ڪانه ٿي پوي) ۽ هو آخرت جي حالت کان بلڪل بي خبر آهن.(علامه علي خان ابڙو) (اهي مڪه وارا) ظاهراً دنيا جي زندگي (جا ڪم ڪار، تجارت، زراعت وغيره) ڄاڻن ٿا ۽ اهي ئي آخرت کان غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي دنيا جي ظاهري حياتي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بلڪل) غافل آهن.(سيد فرمان علي) ڄاڻن ٿا ظاهري حياتي دنيا واري ۽ اهي آخرت کان غافل آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي دنيا جي ظاهر حياتيءَ کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بالڪل) غافل آهن. (مولانا محمد مدني) اهي دنيا جي زندگيءَ جي ظاهري پاسي مان ڄاڻن ٿا ۽ اُهي آخرت کان بي خبر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن حياتِئَ خَسِيس جو، ظاهِر حال ضرور، مُورک ڄاڻنِ مُورهين، پَريان ٻِي نه پَرُوڙ، ۽ ويسلا وَهلُور، اُهي آهن آخِرت کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
پنھنجين دلين ۾ نه پروڙيائون ڇا؟ ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نه بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ (اڪيلائي ۾ ويهي دماغ هلائي) غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ نٿا سمجهن ته) الله تعاليٰ جو آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو بنا مصلحت ۽ حقي مقصد جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ انهن کي هڪ خاص مقرر مدي لاءِ پيدا ڪيو اٿس. ۽ (تنهن هوندي به) بيشڪ گهڻائي (بي وقوف) ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا مڃين ته ڪو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي آڏو پيش ڪيا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن پنهنجن نفسن (دلين) ۾ اهو نه سوچو ته الله تعالى نه پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهن مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدي لاءِ. ۽ بيشڪ اڪثر ماڻهو پنهنجي رب جي ديدار کان يقيناً انڪاري آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن ماڻهن پنهنجي دلين ۾ (ايترو به غور يا) فڪر نه ڪيو ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته گهڻا ماڻهو پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) جي حضور (قيامت) کي ئي نه ٿا مڃين.(سيد فرمان علي) ڇا نه غور ڪيائيون پنهنجي وجودن ۾ ته نه پيدا ڪيو الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪو انهي جي وچ ۾ آهي مگر حق ۽ مدي مقرر سان ۽ تحقيق گهڻا ماڻهو پنهنجي رب جي ملاقات جا البته انڪار ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا پنهنجي دلين ۾ فڪر نه ڪيائون، ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهنکي پوريءَ تدبير سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي نه ٿا مڃين. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن پنهنجو پاڻ ۾ ڪڏهن (غور ۽) فڪر نه ڪيو آهي؟ ته الله جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي ان کي پوري تدبير ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو پنهنجي پالڻهار سان ملاقات جا انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ويهي سَندنِ وُجودن ۾، وِلهن نه ڪيو ويچار؟ ته اَلله نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، مگر سڀ موجُود سي، اکين اڳيان اِظهار، ۽ مُقرّر مُدّت سِيئن، پرڪُوڙڪُٽاڪُفار، آهِن مَنجھ اِنڪار، سَندنِ ڌڻِئَ جي ديدار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا جو نھارين ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي، جي کائن وڌيڪ سگھ وارا ھوا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اُن کي آباد ڪيائون وڌيڪ تنھن کان جا ھنن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي) (غور ۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار نافرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هُنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (پر هُنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو، ڏسو) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (جو بدعمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي؟ پوءِ (اهي) ڏسن ته جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ هئا ۽ انهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. جيڪي انهن کان قوت ۾ وڌيڪ هئا ۽ اهي زمين کي کيڙيندا هئا ۽ انهن جون ڄمارون انهن جي ڄمارن کان وڌيڪ هيون ۽ انهن وٽ پيغمبر معجزن سان آيا، پوءِ انهن تي الله تعالى ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا زمين ۾ اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته ڪئين انهن جي پڇاڙي (خراب) ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا. هوڏانهن اهي طاقت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو يا آباد ڪيو هو هنن ماڻهن جي آباد ڪرڻ کان (به) وڌيڪ پڻ انهن وٽ سندن رسول پڌرا ۽ کليل معجزا به آندا هئا (تڏهن به انهن نه مڃيو) پوءِ خدا (ته) مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ (نافرماني سبب) ظلم ڪري رهيا هئا.(سيد فرمان علي) ڇا نه گهميا زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪہڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا، هئا وڌيڪ انهن کان طاقت ۾ ۽ کيڙيائون زمين ۽ آباد ڪيائون ان کي وڌيڪ ان کان جو هنن ان کي آباد ڪيو آهي ۽ آيا انهن وٽ انهن جا رسول روشن دليلن سان پوءِ نه آهي الله جو شان تانته ظلم ڪري انهن تي ۽ پر نفسن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا، اُهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو ۽ زمين کي آباد ڪيائون هنن جي آباد ڪرڻ کان وڌيڪ ۽ انهن وٽ سندن رسول پڌرا حڪم کڻي آيا. پوءِ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيا هئا. (مولانا محمد مدني) ڇا اُهي زمين ۾ نه گهميا آهن جو اُهي ڏسن ته انهن جو انجام ڇا ٿيو جيڪي انهن کان اڳ هئا؟ جيڪي انهن کان وڌيڪ طاقتور هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو هيو ۽ ان کي آباد ڪيو هئائون ان کان به وڌيڪ جيڪو هِنن (زمين کي) آباد ڪيو آهي ۽ انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا. سو ائين نه هيو جو الله انهن تي ظلم ڪري ۽ پر اُهي خود پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀورا ڀُون نه گُھميا؟ پوءِ پَسنِ پَڇاڙي پار، اُنهن ڪنان اڳـيَن جا، ته ٿِي ڪِهڙِي تَن سان ڪار، هُئا قرارا قُوةّ ۾ تِنِين کان تڪرار، جَن کيڙي کِہ، ڪَئين ڪيون تَليون ڀليون تيار، ويتر وساريون اِنهن ڪنان، جيڪي وَسايون وَلهار، آيَنِ مُرسل اُنهن جا، کڻِي نِشانيون نِروار، پوءِ ذَرو ظُلم نَه اُنهن سان، ڪيو ڪو ڪلتار، پرهاڻو هاڃيڪار، هُئا پاڻهِين ڪَندڙ پاڻ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪي ماڻهو برائيون ٿا ڪن تن جي پڇاڙي نيٺ بڇڙي ٿيندي، ڇو ته هنن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪيو (نه رڳو ايترو پر) انهن نشانين ۽ حڪمن تي ٽوڪون ۽ مسخريون ڪيون.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ حد کان وڌيڪ گنهگارن جي پڇاڙي ايئن ٿي جو انهن الله تعالى جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ اهي انهن سان مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، تنهنڪري خو خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ هئي پڇاڙي انهن جي جن برائي ڪئي بڇڙي هن سببان جو ڪوڙو چيائون الله جي آيتن کي ۽ انهن سان چٿرون ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، هن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڏاڍي بڇڙي ٿي جن برائي ڪئي هن ڪري جو انهن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ان تي مسخريون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيون، جَن جھان ۾، موٽِي مَديون مُور، ٿِئـِي عاقِبت اُنهن جِي زَبُونِي ضرُور، جِيئن ڪُوڙا ڪوٺِيندا هُئا، مولي جا مذڪور، ۽ مُرڳوئـِي مَغرور، ڪُٽيون ڪَنداهُئا تن مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو وري ان کي ٻيھر بڻائيندو وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) الله ئي آهي جو شين ۽ جانورن کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو (توهان انسانن کي به مرڻ بعد وري زنده ڪندو) پوءِ توهان کي سندس حضور ۾ موٽائي آندو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى پهريائين مخلوق کي پيدا ڪيو وري مرڻ کان پوءِ زنده ڪندو، ان کان پوءِ ان ڏانهن توهان موٽايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا تعالى مخلوقات کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سيد فرمان علي) الله نئين نموني ٺاهي ٿو مخلوق ان کان پوءِ وري پيدا ڪندو ان کي ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (مولانا محمد مدني) الله پيدائش جو آغاز ڪري ٿو (ان کي فنا ڪرڻ بعد) وري ٻيهر ورجائيندو وري اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جَلَّ جَلالہٗ، پهرِين جوڙي پاڻ، موٽِي موٽائي اُن کي سَگھ پَنهنجِي ساڻ، تنهن ڏي تِنهن پُڃاڻ، اَوهين مِڙئـِي موٽندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جنھن ڏينھن قيامت کڙي ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نا اُميد ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن (پڇاڻي ۽ بدلي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي تڏهن گهنگار ماڻهو نااميديءَ جي بحر ۾ غوطا کائيندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ته مجرم خاموش تي ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نا اميد ٿيندا.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت نا اميد ٿيندا مجرم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نااميد ٿيندا. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڏينهن (قيامت جي) گھڙي قائم ٿيندي ته ڏوهاري مايوس ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن قائـِم ٿِي قِيام ، ته لَٿا اَسارن آسَرا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبه انھن لاءِ سفارش ڪرڻ وارو نه ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايل) شريڪن جا منڪر ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندن (هٿرادو ٺهرايل) ديوتائون جن کي خدا سان شريڪ سمجهندا هئا تن مان ڪوبه سندن سفارشي ڪونه ٿيندو. بلڪ هو پاڻ (حقيقت کي سمجهي) انهن ديوتائن يا شريڪن جا منڪر ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن لاءِ انهن جا بت نه هوندا جيڪي سندن سفارش ڪن ۽ اهي پنهنجي بتن جو انڪار ڪندڙ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندن (خدا سان هٿراڌو بنايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي (خود به) پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا.(سيد فرمان علي) ۽ نه هوندو انهن جي لاءِ شريڪ بنايلن انهن جي مان سفارش ڪندڙ ۽ هوندا پنهنجن شريڪ بنايلن جا انڪار ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندن (الله سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن جي (ٺاهيل) شريڪن مان ڪي به انهن جا سفارشي نه هوندا ۽ اُهي پنهنجي شريڪن جا منڪر ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندنِ ڪو نه حَشر ۾، ڪو وسيلو وَريام، سَندنِ سُفارِشيَن مان، بَلڪ اُهي بَدنام، هُوندا اِنڪارِي عام، سَندنِ سُفارِشيَن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن ماڻھو ڌاروڌار ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهن کي (سندن نيڪ ۽ بدعملن موجب) جدا جدا ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ڏينهن قيامت ٿيندي ان ڏينهن اهي جدا جدا هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن (مومنن کان) ڪافر جدا ٿي ويندا.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت ان ڏينهن جدا ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهو جدا جدا ٿي ويندا. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي ان ڏينهن ماڻهو جدا جدا ٽولا ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن قِيامت قائـِم ٿِي، ته وِڇڙن تِهِين وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جن ماڻهن (هن دنيا ۾ سچين حقيقتن تي) ايمان آندو هوندو ۽ (انهن موجب) نيڪ عمل ڪيا هوندائون سي بهشت جي باغ ۾ خوشين ۽ موجن ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ اُهي بهشت ۾ تمام گھڻا خوش هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ (رهائي) خوش ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) پوءِ پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون ڀلا ڪم پوءِ اهي باغ (بهشت) ۾ خوش ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ خوش ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) سو جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون پوءِ اُهي (جنت جي) هڪ باغ ۾ مسرور ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آيا جي اِيمان ۾، پڻ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، سي گوهر مَنجھ گُلزار، وِندرايا وَڃن سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جن ماڻهن (جهل ۽ خودغرضيءَ سببان حقيقتن کان) انڪار ڪيو ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ پڻ آخرت ۾ (جزا ۽ سزا لاءِ) خدا جي روبرو اچڻ واري ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو سي سڀ حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پر اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي اچڻ جو انڪار ڪيو پوءِ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو آهي عذاب ۾ گرفتار ڪيل هوندا.(سيد فرمان علي) ۽ پر جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن ۽ آخرت جي ملڻ کي پوءِ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙو ڪيو آهي سي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي حاضري کي ڪوڙو چيائون ته پوءِ اُهي عذاب ۾ حاضر رکيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر جي ڦِريا کَــئون فرمان، پڻ اسان جون آيتون، ڪوٺيائون ڪُوڙيون، پڻ جِيڻ ٻي جھان، مَنجھ ئـِي مڱر مڪان، حاضر سي هر حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) سو توهان (مؤمن ۽ مسلمان هر وقت) صبح توڙي شام الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله تعالى جي نماز پڙهو جنهن وقت توهان مغرب ۽ عشاء ڪريو ٿا ۽ جنهن وقت صبح ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل خدا جي پاڪائي بيان ڪريو.(سيد فرمان علي) پوءِ الله جي پاڪائي بيان ڪيو جنهن وقت سانجهي ڪيو ٿا ۽ جنهن وقت صبح ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل الله جي پاڪائي بيان ڪريو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله جي پاڪائي بيان ڪيو جڏهن اوهان شام ڪيو ۽ جڏهن اوهان صبح ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پاڪ چَئو پَرور کي، سانجِھي، صُبح ساڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل به پاڪائي بيان ڪريو).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ سندس ئي ساراهه آهي (يعني سندس اعليٰ صفتون ۽ وصفون هر هنڌ ظاهر آهن) (سو سندس اعليٰ صفتون بيان ڪندا رهو) ٽپهريءَ جي وقت توڙي ڏينهن لڙڻ وقت.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى جي تعريف آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ عصر جي وقت (نماز پڙهو) ۽ ان وقت جڏهن توهان ظُهر ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهد ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو)(سيد فرمان علي) ۽ ان جو ئي حمد آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن وقت منجهند ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهند ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو. (مولانا محمد مدني) ۽ سڀ تعريف ان لاءِ آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ (سندس پاڪائي بيان ڪيو) پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان منجهند ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اُڀ، زَمِين ۾، واجِب تنهن واکاڻ، پڻ سُمهڻي، ۽ سج جڏهن، مٿان مُڙيو پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ (ڏسو ته) بي جان شين مان جاندار پيدا ڪري ٻاهر آڻي ٿو ۽ جاندار شين مان بي جان شيون ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو، ۽ زمين کي سندس موت بعد (يعني سربسز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) ۽ اهڙيءَ طرح اوهان انسانن کي به (مرڻ بعد جيئرو ڪري) ٻاهر ڪڍيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) اُهو (الله) مُئل مان زنده کي پيدا ڪري ٿو ۽ زنده مان مُئل کي پيدا ڪري ٿو ۽ غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ زمين کي آباد ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح توهان اٿاريا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ جياري (سائو ڪري) ٿو. ۽ اهڙي طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍو ويندو.(سيد فرمان علي) ڪڍي ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان ۽ آباد ڪري ٿو زمين کي ان جي غير آباد هجڻ کان پوءِ ۽ اهڙي طرح اوهان به ڪڍيا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍيو ويندو. (مولانا محمد مدني) اُهو جيئري کي مُئل مان ڪڍي ٿو ۽ مُردي کي جيئري مان ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو. ۽ اهڙي طرح اوهان (به قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِيرو موئي، مُئو جِيري مان، ٿو ڪڍي سُرت سُڄاڻ، ۽ اهڙي ئـِي اُهڃاڻ، قَبرن مان ڪَڍيا وڃو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هن جي (يعني الله جي) نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڏسو ته (اگرچه خسيس شمار ڪيل مٽيءَ مان ٺاهيل آهيو ته به) توهان (وڏي مرتبي ۽ شان وارا) انسان آهيو ۽ (ڪيئن نه) زمين تي پکڙجي ويا آهيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ (حضرت) آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪرڻ ان جي نشانين مان آهي ان کان پوءِ ڪجھه وقت اندر توهان (زمين ۾) پڪڙجي ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو بنجي (زمين تي) گهمڻ ڦرڻ لڳا.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان هي آهي ته پيدا ڪيائين اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ انهيءَ مهل اوهان ماڻهو ٿي گهمو ڦرو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان هيءَ (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو ٿيا (جتي ڪٿي) پکڙيل. (مولانا محمد مدني) ۽ هي سندس (قدرت جي) نشانين مان آهي جو اوهان کي مِٽيءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ هاڻي اوهان انسان آهيو (زمين ۾) پکڙجي رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندسِ ثابتين مان، صَحِي هِي سُهڃاڻ، ته آن کي مُنڍ، مِٽئَ مان، پيدا ڪيائـِين پاڻ، ڪَئين پُريون تِنهن پُڃاڻ، پکڙو پِئاپَٽن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن توهان منجهان ئي توهان جي لاءِ عورتون پيدا ڪيون آهن. انهيءَ لاءِ ته توهان انهن وٽ آرام ۽ فرحت محسوس ڪيو. ۽ هن اوهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمدلي رکي آهي. بيشڪ انهيءَ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان جي جنس مان توهان لاءِ توهان جون گھر واريون پيدا ڪرڻ ان جي نشانين مان آهي، ان لاءِ ته توهان سُڪون حاصل ڪريو ۽ توهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمت پيدا ڪئي، بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ يقيناً نشانيون آهن جيڪي غور ۽ فڪر ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس (قدرت جي)نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ شفقت پيدا ڪيائين. بيشڪ هن (ڳالھ ۾) غور ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان هي به آهي ته پيدا ڪيائين اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون تانته سڪون وٺو انهن سان ۽ ڪيائين اوهان ۾ پيار ۽ ٻاجهه بلا سڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي سوچين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان هي (به) آهي ته اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ شفقت پيدا ڪيائين. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي ته توهان جي لاءِ توهان جي جنس مان زالون پيدا ڪيائين هن لاءِ ته توهان انهن مان سڪون حاصل ڪيو ۽ توهان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيدا ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ گھڻيون نشانيون آهن جيڪي غور و فڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، هِئَ نِشاني نِروار، ته اَهنجون جويون اَوهان مان، جوڙيون رَبَّ، جَبار، ته ساڪِن ٿِيو سُک سان، اوهين اُنهن پِيار، پَڪيون پُختيون ثابِتيون، اُنهِئ ۾ اِظهار، وَٺنِ جي ويچار، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ (ماڻهن جي) ٻولين ۽ رنگن جو اختلاف به الله جي نشانين مان ڪي نشانيون آهن. بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي علم وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آسمانن ۽ زمينن جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جي ٻولين ۽ رنگن جو مختلف هجڻ ان جي نشانين مان آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ سڀني جهان وارن لاءِ يقيناً نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي. بيشڪ ان ۾ واقف ڪارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ رنگن جو مختلف هجڻ آهي بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ڄاڻندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي. بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ آسمانن ۽ زمين جي تخليق (به) ان جي (قدرت جي) نشانين مان آهي ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو اختلاف (به سندس نشانين مان آهي). بيشڪ ان ۾ علم وارن لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، قائـِم برقرار، جوڙڻ اُڀ، زمين جون، نشانِي نروار، ۽ ٻَهون اوهان جو ٻوليون، رنگ، رنگ ڌارو ڌار، پَڌرا آهِن پار، اُن ۾ عاقِلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ٻڌندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي اوهان جي رات ۽ ڏينهن واري ننڊ (جا غم ٽار ۽ تازو توانو ڪندڙ آهي) ۽ اوهان جو سندس فضل ۽ روزي جي تلاش (۾ نڪرڻ ۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ). بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي (حق جون ڳالهيون ڪن ڏيئي ڌيان سان) ٻڌن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان جو رات جو آرام ڪرڻ ۽ ڏينهن جو روزگار طلب ڪرڻ ان جي نشانين مان آهي. بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ يقيناً نشانيون آهن جيڪي غور سان ٻُڌن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ رات ۽ ڏينهن جو اوهان جو سمهڻ ۽ سندس فضل ۽ ڪرم (روزي) تلاش يا حاصل ڪرڻ به ان جي (قدرت جي) نشانين مان آهي. بيشڪ ان ۾ (دل سان) ٻڌندڙن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان اوهان جي ننڊ آهي رات جو ۽ ڏينهن جو ۽ اوهان جي طلب ڪرڻ آهي ان جي فضل مان بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون ان قوم جي لاءِ جيڪي ٻڌن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۾ اوهان جو سمهڻ ۽ اوهان جو سندس فضل مان روزي گهرڻ آهي. بيشڪ ان ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ سندس نشانين مان توهان جو رات ۽ ڏينهن ۾ سمهڻ ۽ توهان جو سندس فضل مان (روزگار) تلاش ڪرڻ (به) آهي. بيشڪ ان ۾ (غور سان) ٻُڌَڻَ واري قوم لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، پَڌرو آهي پيغام، ڪرڻ ڏينهن ۽ رات ۾، اوهان جو آرام، ۽ ڳوٺِين ڳولڻ اُنهن جو، توھ سَندسِ مان طعام، اُن ۾ عبرت عام، سُڻِن تِنهِين ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ سندس نشانين مان (ھيءُ به) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ آهي ته هو اوهان کي (ڪڪرن ۾) بجلي ڏيکاري ٿو جنهن جي ڏسڻ سان اوهان کي خوف ٿو ٿئي (ته متان ساڙي وجهي) ۽ اوهان کي اميد به ٿي ٿئي (ته مينهن وسندو گاهه نڪرندا ۽ اناج ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿيندون) ۽ هيءَ به هڪ نشاني آهي ته هو آسمان مان برسات موڪلي ٿو جنهن جي وسيلي زمين کي سندس موت بعد وري جيئرو ڪري ٿو ڇڏي. (يعني خشڪ ۽ ويران زمين کي سبرسبز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان کي وِڄُ (کِنوِڻِ) خوف ۽ اميد سان ڏيکاري ٿو ۽ اهو آسمان مان مينهن نازل ڪري ٿو پوءِ غيرآباد زمين کي ان سان آباد ڪري ٿو (اهو سڀ) ان جي نشانين مان آهي. بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ يقيناً نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي جو اهو ڊڄڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ اوهان کي وڄ ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري (آباد ڪري) ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آهي جو ڏيکاري ٿو اوهان کي وڄ ڊيڄارڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ ۽ لاهي ٿو آسمان مان پاڻي پوءِ آباد ڪري ٿو ان سان زمين ان جي ويران هجڻ کان پوءِ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان هيءَ آهي جو اهو ڊڄڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ اوهان کي وڄ ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ ان جي نشانين مان هي (به) آهي جو اُهو توهان کي وِڄُ ڏيکاري ٿو ڊيڄارڻ ۽ اميد ڏيارڻ لاءِ ۽ آسمان مان (مينهن جو) پاڻي لاهي ٿو جنهن سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ زنده (يعني آباد) ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ گھڻيون ئي نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، ته وِڄڙيون مَنجھ وَلهار، آن کي اُميد، ڊَپ ۾، ٿو ڏيکاري ڏاتار، اُتاري ٿو اُڀ ڪنان، مِينهن نارو نار، ڀُون کي سَندسِ سُڪڻ پُٺيان، جِنهن سان، سِينگاري، ستار، اُن ۾ پَڌرا پار، سوچِين تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيندو (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ (به) آهي ته سندس ئي حڪم سان آسمان ۽ زمين قائم آهن. (جنهن خدا کي ايڏي وڏي قدرت آهي سو ڇا نٿو ڪري سگهي) پوءِ جڏهن هو اوهان کي هڪڙي ئي سڏ سان زمين مان نڪري اچڻ لاءِ سڏيندو تڏهن توهان هڪدم ٻاهر نڪري ايندؤ.(علامه علي خان ابڙو) ۽ سندس حڪم موجب آسمان ۽ زمين جو قائم هجڻ ان جي نشانين مان آهي، ان کان پوءِ اهو جڏهن توهان کي هڪ دفعو پڪاريندو ته توهان فوراً زمين مان ٻاهر نڪرندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته آسمان ۽ زمين سندس حڪم سان قائم آهن. وري جڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) هڪ ڀيرو سڏيندو ته سڀئي زمين مان جيئرا ٿي) اوهين نڪرندو.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آهن هي جو بيٺو آسمان ۽ زمين ان جي امر سان ان کان پوءِ جڏهن سڏيندو اوهان کي هڪ ڀيرو سڏڻ زمين مان ته ان مهل اوهان نڪرندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو سندس حڪم سان بيهڻ آهي. وري جڏهن اوهان کي هڪ ڀيرو زمين مان سڏيندو ته جهٽ پٽ اوهين نڪرندو. (مولانا محمد مدني) ۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو ان جي حڪم سان بيهڻ به آهي. پوءِ جڏهن توهان کي زمين مان (نڪرڻ لاءِ) هڪ ڀيرو سڏيندو ته توهان اچانڪ نڪري ايندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، نِشاني نِروار، ته اُڀ، ڀُون اُن جي اَمر سان، بِينهن برقرار، موٽِي آن کي مِٽئَ مان، واڪيائين، جنهن وار، تِنهِين دَم تيار، اَوهين ڪري، قطارون نِڪرندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. سڀ شيون ۽ جانور سندس پورا پورا فرمانبردار آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي سڀ شيون ان جون پيدا ڪيل آهن جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، اهي سڀ ان جون تابعدار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سندس آهن. سڀني سندس فرمانبردار آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ان جو آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي سڀئي ان جا فرمانبردار آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي. سڀئي سندس فرمانبردار آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سڀ) سندس آهي. سڀ سندس فرمانبردار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي اُڀ، زمين ۾، سڀ آهن اُنهِئَ هارِ، تهدِل تابِعدار، آهِن سَڀيـِئ اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اُھوئي آھي جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو کيس بلڪل سھنجو آھي، ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهو ئي آهي جو شين، جانورن وغيره کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به پيدا ڪندو رهي ٿو، ۽ اها ڳالهه هن لاءِ نهايت ئي آسان آهي. (سو نيڪن کي حال توڙي مستقبل ۾ ڪامران ڪرڻ ۽ نافرمانن کي حال ۾ توڙي مستقبل ۾ ناڪام ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي. نه ڪي قيامت جي ڏينهن وري ماڻهن کي جيئرو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه آهي) ۽ بلند ۾ بلند مثال (۽ صفتون) آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ فقط الله جي لاءِ آهن، ۽ هو ئي هر چيز تي غالب آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پاڻ اُهو آهي جيڪو پهريائين مخلوق کي پيدا ڪري ٿو ان کان پوءِ ان کي زنده ڪندو اهو ان لاءِ تمام آسان آهي، ۽ آسمانن ۽ زمينن ۾ ان جو اعليٰ شان آهي، ۽ اهو ئي غالب ۽ حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهو آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر (قيامت ۾) پيدا ڪندو ۽ اهو (ڪم) ان لاءِ بلڪل آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس اعلى صفت آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اهو ئي آهي جيڪو نئين نموني ٺاهي ٿو مخلوق ان کان پوءِ ان کي موٽائيندو ۽ اهو گهڻو آسان آهي ان لاءِ ۽ ان جو ئي شان مٿاهون آهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هو اُهو آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ اهو (ڪم) ان لاءِ بالڪل آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس مٿاهين صفت آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو پيدائش جو آغاز ڪري ٿو وري ان جو ورجاءُ ڪندو، اُهو (ٻيهر پيدا ڪرڻ) ان لاءِ آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سڀ کان اوچي سندس صفت آهي، ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اهو، سو جو اوّل کان، ٿو جوڙي جوڙ جھان، موٽِي موٽائـِيندو اُن کي، اُتس اِهو آسان، ۽ اهي اُڀ، زمين ۾، اُن جو اَعلىٰ شان، سو غالِب بي گُمان ، پڻ حِڪمتي هوشيار.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
(الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (ته) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسين تنھن ۾ اوھان جا ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (دعوى) کان اھڙي طرح ڊڄندا آھيو جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ توهان جي لاءِ توهان (جي ئي تجربي) مان هڪڙو مثال (توحيد جي سمجهاڻي لاءِ) ڏئي ٿو (ڏسو) جيڪو رزق اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن ۾ پنهنجي ٻانهن کي به ڪڏهن ڀائيوار ڪيو ٿا (ايتري قدر) جو اوهان ۽ اوهان جا ٻانها ان رزق ۾ برَبر ٿي وڃو يا توهان انهن (ٻانهن) کان اهڙوئي ڊڄو ٿا جهڙو هڪٻئي کان ٿا ڊڄو؟ (هرگز نه) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون ۽ حڪم کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى توهان لاءِ توهان مان هڪ مثال بيان فرمائي ٿو. ڇا توهان جا غلام (ٻانها) جيڪي اسان توهان کي ڏنا آهن پوءِ اُهي ۽ توهان، اسان جي ڏنل رزق ۾ برابر آهيو؟ (ڇا) توهان انهن کان ايئن ڊڄو ٿي جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان ڊڄو ٿا؟ اهڙيءَ طرح اسين ان قوم لاءِ صاف آيتون بيان ڪريون ٿا جيڪي عقل رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان (اوهان جي سمجهائڻ لاءِ) اوهان جو ئي هڪ مثل بيان ڪيو آهي ته جو ڪجھ اوهان کي عطا ڪيو ويو آهي، ڇا تنهن مان اوهان جي غلامن مان ڪو (به) اوهان جو شريڪ آهي جو (اهو ۽) اوهين هڪجهڙا ٿيو (۽ ڇا!) اوهين انهن کان اهڙو ئي ڊڄو ٿا جهڙو اوهين پاڻ (حق يا حصو نه ڏيڻ ۾) ڊڄو ٿا؟ (پوءِ بندن کي خدا جو شريڪ ڇو ٿا بنايو) عقل وارن لاءِ اسين اهڙي طرح پنهنجون آيتون کولي ٻڌايون ٿا.(سيد فرمان علي) هنيائين اوهان جي لاءِ مثال اوهان مان ڇا اوهان جي لاءِ انهن مان جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ اوهان جا شريڪ ان ۾ جو رزق ڏنوسون اوهان کي پوءِ اوهان ان ۾ برابر آهيو ڊڄندا آهيو انهن کان مثل ڊڄڻ اوهان جي پاڻ کان اهڙي طرح سان تفصيل سان بيان ڪيون ٿا نشانيون ان قوم جي لاءِ جي عقلمند آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اُن (الله) اوهان (جي حالتن) مان هڪ مثال بيان ڪيو آهي ته جيڪو مال اسان اوهان کي ڏنو آهي ان ۾ اوهان جي غلامن مان ڪي به اوهان جا ڀائيوار آهن ڇا جو ان ۾ اوهين (سڀئي) برابر ٿيو (جنهن ڪري) اوهين انهن کان اهڙيءَ طرح ڊڄو جيئن اوهين پاڻ مان هڪ جهڙن کان ڊڄندا آهيو. اهڙيءَ طرح عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا. (مولانا محمد مدني) (الله) اوهان جي لاءِ اوهان جي پنهنجي ذات جو هڪ مثال بيان ڪيو آهي. ته اوهان جي انهن غلامن مان جيڪي اوهان جي ملڪيت ۾ آهن ڪي اهڙا به آهن ڇا؟ جيڪي ان رزق ۾ شريڪ هجن جو اسان اوهان کي ڏنو آهي پوءِ اوهان (۽ اهي ٻانها) ان رزق ۾ برابر جا حقدار هجو، جو اوهان انهن کان ائين ڊڄو جيئن خود پنهنجن هڪ جهڙن کان ڊڄندا آهيو. اهڙي طرح اسان عقل واري قوم لاءِ نشانيون کولي کولي بيان ڪيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي اوهان پاڻ جو، مولى ڏِنو مِثال، اَهنجي، گَھرو گولن مان، جن تي قبضو اَهنجو ڪالھ، ڀيڙو اوهان سان آهي ڪو مَنجھ ملڪيت ۽ مال؟ آن کي جيڪِي آجڪو، بخشيوسون بَحال، خادم، خان ٻئي هُجو، مالڪ هڪ مِثال، ڀَو ڀانيو تن کان، جِيئن هِڪ ٻئي کان هرحال، کولي کولي اِن طرح، ٿا صفا سَمجھايون ڳالھ، جي سمجھن چڱِي چال، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (پر افسوس جو ڀليل انسان رحيم ۽ ڪريم خدا جي حڪمن تي نٿا هلن) اٽلندو اُهي جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن سي بنا سوچ سمجهه ۽ ڄاڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي تابعداري ڪري رهيا آهن (۽ حقيقت ۾ وقتي فائدي يا خوشيءَ لاءِ دائمي مصيبتون خريد ڪري رهيا آهن) پوءِ ڪير اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت ڪري سڌي راهه تي آڻي سگهندو، جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي جهالت ۽ ظلم سببان) گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ (ياد رکو ته) اهڙن (ظالمن) لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ٿيندو (جو کين تباهيءَ ۽ عذاب کان بچائي سگهي.)(علامه علي خان ابڙو) بلڪ ظالمن معلومات کانسواءِ پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪئي. پوءِ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ان کي ڪير هدايت ڏي ٿو، ۽ انهن (ظالمن) جا ڪير به مددگار ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر (سرڪش) وڏائي ڪندڙن ته سواءِ سوچ ويچار ڪرڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي پيروي ڪئي، (۽ خدا جا شريڪ ٺهرايائون) مطلب ته خدا جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي (ته) ان کي سڌي راھ تي ڪير آڻي سگهي ٿو؟ پڻ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن.(سيد فرمان علي) بلڪ تابع ٿيا اهي شخص جو ظلم ڪيائون پنهنجن سڌن سان علم کان سواءِ پوءِ ڪير هدايت ڪندو ان کي جنهن کي گمراھ ڪيو الله ۽ ناهن انهن جا ڪي مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر ظالم علم کان سواءِ پنهنجن خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پوءِ جنهن کي الله گمراهه ڪيو تنهن کي ڪير رستو ڏيکاريندو. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. (مولانا محمد مدني) بلڪه جن ماڻهن ظلم ڪيو تن بنا علم جي پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪئي. پوءِ ان ماڻهو کي ڪير هدايت ڪندو؟ جنهن کي الله گمراهه ڪيو. انهن لاءِ ڪي به مددگار نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو جَن اَنڌير ڪيا، پاتا تِنين پير، سَندن سَڌن پُٺيان، ڪِنهن عِلم عقل بغير، پوءِ جنهن کي رَبَّ رُلايو، تنهن کي سَنئين سُهائي ڪير؟ ۽ اُنهن جا اُهکي وير، ڪونهي ڪير واهرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي منهنجا پيغمبر!) تون (غيرن جي حڪمن ۽ خواهشن کان منهن موڙي) فقط الله جي سيکاريل سچي دين تي پنهنجو رخ محڪم رک (يعني رڳو سندس حڪمن جي پيروي ڪر اهو سچو دين ڪهڙو آهي؟) اهو آهي الله تعاليٰ جي فطرت (يا جوڙ) جنهن تي انسانن کي پيدا ڪيو اٿس. انهيءَ (اعليٰ ۽ نيڪ) فطرت ۾ جنهن تي الله تعاليٰ (انسان کي) خلقيو آهي ڪابه ڦيرڦار ٿيڻ نه ڏيو. اهوئي آهي سچو ۽ سڌو دين. پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان پنهنجي چهري کي دينِ حنفي ڏانهن مائل ڪريو، الله تعالى جي فطرت اها آهي جنهن تي ماڻهن کي پيدا فرمايو اٿس، الله تعالى جي ٺاهيل شيءِ کي تبديل نه ڪريو، اهو دين سِڌو آهي، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) تون باطل (طريقي) کان پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏانهن سڌو ڪر. اها ئي خدا جي (بناوٽ) بنايل آهي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس خدا جي پيدائش کي ڪا مٽ سٽ نه آهي. سڌو دين اهو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي) پوءِ سامهون رک منهن (مبارڪ) پنهنجو دين لاءِ پورو هڪ طرف هوندڙ الله جي دين تي جو پيدا ڪيائين ماڻهن کي ان تي ناهي تبديلي الله جي خلقڻ کي اهو ئي دين سڌو آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبرﷺ !) تون ابراهيم () جي طريقي تي ٿي پنهنجو منهن دين لاءِ سڌو ڪر. الله جي (بنايل) فطرت جي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس (تنهن جي تابعداري ڪر ڇو ته) الله جي پيدائش کي ڪا مٽ سٽ نه آهي. سڌو دين اهو آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون پنهنجو رخ الله جي اطاعت لاءِ مڪمل يڪسوئي سان قائم رک. (اي انسانو) پنهنجو پاڻ کي الله جي ٺاهيل ان خِلقت تي قائم رکو جنهن تي ان ماڻهن کي پيدا ڪيو آهي. الله جي تخليق ۾ ڪا تبديلي ناهي. اهو سڌو دين آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سِڌو سَنئون ڪردين ڏي، مُنهن پَنهنجو مِهربان، سوئـِي ديِن ڌڻِئ جو جِنهن تي اُپائـِين اِنسان، ڏِسندِين جوڙ جبار ۾، مَٽ سَٽ مُدامِي ڪانه، قائـِم اُهوئي قاعدو، سَندو رَبَّ، سُبحان، پر ماڻهو گھڻا مُورهين، نه ڌارِينِ دل ڌِيان، مُڙندڙ هر مَڪان، اُن ڏي ۽ ڊِڄو به اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (پنهنجي فطرت يعني سچي دين کان جيڪڏهن هٽي ويا آهيو ته وري به) انهيءَ الله ڏانهن موٽو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن کان ڊڄو ۽ نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ مشرڪ نه ٿيو (يعني فقط هڪ الله جا فرمانبردار ٻانها ٿي رهو).(علامه علي خان ابڙو) (توهان) انهيءَ ڏانهن مائل ٿيو ۽ توهان ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اوهين سڀئي) ان ڏي رجوع ڪري (سندس بندگي ڪريو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو،(سيد فرمان علي) موٽندڙ ٿي ان ڏانهن ۽ ڊڄو ان کان ۽ نماز قائم ڪيو ۽ نه ٿيو مشرڪن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اوهين سڀئي) ان ڏي رجوع ڪري (سندس بندگي ڪريو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن مان نه ٿيو، (مولانا محمد مدني) ان ڏانهن رجوع ڪندي (ان دين تي قائم رهو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم رکو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُورو پَڙهو نماز کي، نه ٿيو مُشرڪن مان مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
اُنھن مان (نه ٿيو) جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي جيڪي وٽس آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (مشرڪ نه ٿيو) انهن ماڻهن منجهان نه ٿيو جن دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ فرقا ٺاهيا ۽ جدا جدا ٽوليون ٿي ويا. هرهڪ ٽوليءَ جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن خيالن رسمن وغيره تي فخر، ناز ۽ خوشيون ڪري رهيا آهن (۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿن).(علامه علي خان ابڙو) اهي ماڻهو جن دين ۾ تفرقو وڌو ۽ اهي گروه گروه ٿي پيا، هر جماعت وٽ جيڪو آهي (اُن تي اُهي) خوش آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن پنهنجي (اصلي) دين ۾ تفرقو وڌو ۽ جدا جدا فرقا ٿي ويا، جو (دين) جنهن فرقي وٽ آهي (سو) تنهن ۾ ئي خوش آهي.(سيد فرمان علي) انهن مان جن ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پنهنجي دين کي ۽ ٿيا ٽولا ٽولا هر ڪا ٽولي ان تي جيڪو انهن وٽ آهي خوش ٿيندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن مان (نه ٿيو) جن پنهنجي دين کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو ۽ جماعتون ٿي ويا. سڀڪا جماعت ان (چيز) تي خوش آهي جا وٽس آهي. (مولانا محمد مدني) انهن ماڻهن مان (نه ٿيو) جن پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا. هر ٽولي (وارا) ان تي خوش آهن جيڪي وٽن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن پَٿَ ڪيو پَنهنجو دِين کي، ٿيا فِرقا ساڻ فُتور، جنهن وٽ، جو مذڪور، تنهن تي،. هر فِرقو ڪري فَرحتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي تڏهن پنهنجي پروردگار کي پڪارين ٿا ۽ (پشيمان ٿي گناهه ڦٽي ڪري) ڏانهس موٽن ٿا، پر پوءِ جڏهن (سندن نيڪ عملن جي ڪري) الله تعاليٰ کين پنهنجي رحمت جو مزو چکائي ٿو تڏهن ڏسو ته انهن مان ڪي (وري) پنهنجي پروردگار سان ٻين کي به شريڪ ٿا ڪن (يعني خدا جا ڪي حڪم ڇڏي شيطان جا يا ٻين جا حڪم مڃڻ لڳن ٿا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت انسانن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اهي پنهنجي رب کي پڪارين ٿا (۽) انهيءَ ڏانهن مائل ٿين ٿا، ان کان پوءِ جنهن وقت اهي اسان وٽان رحمت چکن ٿا ته ان وقت انهن مان هڪ فريق پنهنجي رب سان ان ڪري شرڪ ڪري ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پالڻهار کي سڏين ٿا وري جڏهن پاڻ وٽان کين ڪنهن مهربانيءَ جو مزو چکائي ٿو ته ان وقت ئي انهن مان ڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار سان شريڪ ٺهرائن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن پهچي ٿي ماڻهن کي ڪا تڪليف ته سڏين ٿا پنهنجي رب کي رجوع ڪندڙ ٿي ان ڏانهن ان کان پوءِ جڏهن چکائيندو آهي انهن کي پاڻ وٽان مهرباني ته ان وقت هڪ ٽولي انهن مان پنهنجي رب سان شرڪ ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ڪندڙ ٿي ان کي سڏين ٿا وري جڏهن پاڻ وٽان کين ڪنهن مهربانيءَ جو مزو چکائي ٿو ته ان وقت ئي انهن مان هڪ جماعت پنهنجي پاليندڙ سان شريڪ ٺهرائي ٿي. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اُهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن رجوع ٿيندي ان کي سڏن ٿا وري جڏهن انهن کي پاڻ وٽان ڪجهه رحمت (جو مزو) چکائي ٿو، ته ان وقت انهن مان هڪ ٽولي وارا پنهنجي پالڻهار سان شرڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيو جڏهن انسان تي، ڪو ڏُکيو وقت ڏُڪار، ته دانهِينِ سَندسِ ڌڻِئَ کي، پانهون تِنهنجي پار، پاڻئون ڪيائين اُنهن سان، جڏهن سُهنج سُڪار، اِجھو ٽولِي اُنهن مَنجھان، پيا بنائـِن ڀائيوار، سَندسِ سائـِينءَ پاڪ سان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
ته جيڪي کيس ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ آسودا ٿيو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) (ائين نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ ئي کين پنهنجي رحمت سان خوشحال ڪيو آهي.) جيڪي اسان کين عطا ڪيو آهي تنهن جا بي شڪر ٿا ٿين ۽ انڪار ٿا ڪن (ته ڪو اهي نعمتون الله وٽان عطا ٿيل آهن. چڱو! ڀلي بي شڪر ٿيو) ۽ (گهڙيءَ جون) موجون ماڻي وٺو. پر جلدئي توهان کي خبر پئجي ويندي (ته نافرمانيءَ جو نتيجو ڪهڙو نه خراب ٿو ٿئي).(علامه علي خان ابڙو) تہ جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ مزا ماڻي وٺو، پوءِ سگھوئي (حال حقيقت) ڄاڻندؤ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي تنهن جي (ڀلي) ناشڪري ڪن، سو اوهين مزا ڪري وٺو پوءِ (قيامت ۾) اوهان کي حقيقت معلوم ٿي ويندي.(سيد فرمان علي) تانته بي شڪري ڪن ان جي جيڪو اسان انهن کي ڏنو آهي پوءِ (اي بي شڪري ڪرڻ وارؤ!) مزا وٺو جلد ڄاڻندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي تنهن جي بي شڪري ڪن سو اوهين مزا ڪري وٺو پوءِ اوهان کي حقيقت معلوم ٿي ويندي. (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته ان (نعمت) جي ناشڪري ڪن جا اسان کين عطا ڪئي آهي. پوءِ مزا ماڻي وٺو، پوءِ جلد اوهان (پنهنجو انجام) ڄاڻندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان اُن کان ڪن انڪار، جيڪي اَسان عطا، کِينِ ڪيو، پوءِ وَٺو وَٽابو وار، تڪڙو پوءِ پڪڙ، اَوهين سَمجِھي وِيندا سَڀَئـِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا جو اُھا اُنھيءَ (شيء) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي جنھن شيءَ کي الله سان شريڪ ٺھرائيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) يا هيئن آهي ڇا ته اسان کين ڪا سند يا اختيار يا دليل موڪليو آهي، جو هنن کي ٻڌائي ٿو اهي شيون جنهن ڪري اهي خدا سان شريڪ ٿا ڪن؟ (اهڙي سند کين بلڪل ڪانه موڪليل آهي).(علامه علي خان ابڙو) مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا؟ جو اُنھيءَ (شئي) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي، جنھن شئي کي الله سان شريڪ ڪندا آھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اسان انهن تي ڪا ثابتي نازل ڪئي آهي جا ان بابت (حق هجڻ) کي بيان ڪري ٿي جنهن جي ڪري خدا سان شريڪ پيا ڪن.(سيد فرمان علي) ڇا لاٿو اسان انهن تي ڪو دليل پوءِ اهو بيان ڪري ٿو ان جي باري ۾ جنهن کي شريڪ ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا ته اسان انهن تي ڪا ثابتي لاٿي آهي جا ان بابت ڳالهائي ٿي جنهن جي ڪري الله سان شريڪ پيا ڪن. (مولانا محمد مدني) ڇا اسان انهن تي ڪو دليل لاٿو آهي؟ جيڪو (ان بتن) بابت ڳالهائي جن کي (الله سان) شريڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اَسان مَٿنِ موڪليو، پَڌرو ڪو پيغام؟ پوءِ اُهوئـِي، اُنهن جو، ڪَريٿو ڪلام، آگي سان عَلام، جن ڀانئـِن ڀائيوار ٿا(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھي سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي ته اُنھي ئي مھل نا اُميد ٿيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن اسان ماڻهن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو ان تي خوشيون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن سندن ئي بدعملن جي شامت کان مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي تڏهن ڏسو ته هو هڪدم مايوسيءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت اسين ماڻهن کي رحمت چکايون ٿا ته ان تي خوش ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن انهن کي سندن بداعمالي جي ڪري ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ان وقت اهي نااميد ٿين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ٿا. ۽ جڏهين کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته ان ئي وقت اهي نا اميد ٿين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن چکايون ٿا ماڻهن کي مهرباني ته خوش ٿين ٿا ان تي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي انهن کي ڪا تڪليف ان جي ڪري جو اڳتي موڪليو سندن هٿن ته ان وقت اهي مايوس ٿين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن ماڻهن کي (ڪنهن مهربانيءَ جو مزو) چکايون ٿا ته ان سان خوش ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته ان ئي وقت اهي نااميد ٿين ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن اسان ماڻهن کي رحمت (جو مزو) چکايون ٿا ته اُهي ان سان خوش ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن کين ڪا تڪليف پهچي ٿي ان (گناهن) سبب جيڪي سندن هٿن اڳتي موڪليا آهن ته ان وقت اُهي مايوس ٿي وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن مَزو مِهر جو، وٺايو سون جنهن وار، ته سَرها ٿيا سَرِير ۾، سبب سال سُڪار، ۽ جي ڪَڙڪيو، ڪئـِي سَندنِ کان، مَٿنِ ڏُرت ڪار، ته لاهِن پِيا لاچار، اِجھو اُميدون، آسَرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (گهڻائي ماڻهو رزق دولت ۽ ٻين نعمتن لاءِ گناهه ۽ ظلم ڪن ٿا) هو نٿا ڏسن ڇا ته يقيناً الله ئي جنهن کي چاهي تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي ۽ (جنهن لاءِ چاهي تنهن لاءِ) توري ماپي ڏئي ٿو (يعني ٿورو رزق ڏئي ٿو). انهيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. (جيڪي الله جي قانونن جي پابندي ڪري ان جي قدر واري رزق جا مستحق بڻجن ٿا).(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن (اهو) نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق وڌائي ۽ گھٽائي ٿو، بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ يقيناً نشانيون آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته خدا جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو اٿن؟ ته بلاشڪ الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن جي لاءِ گهري ۽ تنگ ڪري ٿو بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا انهن نه ڏٺو ته الله جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا اهي نه ٿا ڏسن ته الله جنهن لاءِ چاهي ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ گھڻيون نشانيون آهن جيڪي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه ڏِٺئون؟ ته ڏئي گھڻو ، جنهن لئي، گُھري غفار، وَڻيسِ تِنهن جي توڻ کي، تنگ ڪري تڪرار، اُن ۾ پَڌرا پار، جي وِسهن تَن واسطي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
تنھنڪري مائٽي واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي سندس حق ڏي، اھو انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (جڏهن ته رزق خدا جو آهي نه اوهان جو، تڏهن خدا جي حڪم موجب) مائٽن کي، مسڪينن کي ۽ واٽهڙو مسافرن کي سندن حق ڏيو ۽ (ياد رکو ته) ائين ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏي بهتري آهي جيڪي الله جي راضپي جي طلب رکن ٿا ۽ يقيناً اهي ئي ماڻهو (دنيا توڙي آخرت ۾) ڪامياب ۽ آسودا رهندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان (پنهنجي) ويجھن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي سندن حق ڏيو، اهو انهن ماڻهن لاءِ بهتر آهي جيڪي الله تعالى جو رضامندو گھرن ٿا، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول پنهنجي) قرابتدار (فاطمه زهرا) جو حق (فدڪ) ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به). (اهو ڏيڻ) انهن لاءِ چڱو آهي جيڪي خدا جي رضامندي گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) پنهنجي دلي مراد ماڻيندا.(سيد فرمان علي) پوءِ ڏي قرابت دار کي ان جو حق ۽ مسڪين کي ۽ مسافر کي اهو ڀلو آهي انهن جي لاءِ جيڪي الله جي رضا جو ارادو رکن ٿا ۽ اهي ئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ مائٽيءَ واري ۽ مسڪين ۽ مسافر کي سندن حق ڏي. (اهو ڏيڻ) انهن لاءِ چڱو آهي جيڪي الله جي رضامندي گهرن ٿا ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني) پوءِ رشتيدار کي سندس حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به سندس حق ڏي.) اهو (طريقو) انهن ماڻهن لاءِ ڀلو آهي جيڪي الله جي رضا چاهن ٿا، ۽ اُهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساري ڏِيو سَڳن کي، سَندنِ حق حِساب، ۽ مسڪين ۽ مسافر کي، اِي بِهتر هر ڪِنهن باب، اُنهن لئي اِرادو جي رکن، سائـِينءَ جي ثواب، ۽ اِهي ڪامِل ڪامياب، مَن مُرادون ماڻڻان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ ته ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نه وڌندو، ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ پوءِ اُھي ئي ٻيڻو ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان جيڪي ڏيو ٿا انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي مال ملڪيت مان، وياج سان (يا ٻين ناجائز طريقن سان) دولت هٿ ڪيون ۽ وڌايون سا الله وٽ هرگز ڪانه وڌندي. (بلڪ الله تعاليٰ اوهان کي مصيبتن هيٺ آڻيندو) پر جيڪي توهان صدقن ۽ زڪوات طور خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪيو ٿا (سا دولت بيشڪ وڌندي ۽ پاڪ ٿيندي) اهڙن ئي ماڻهن کي (الله وٽان) وڌندڙ انعام ۽ نعمتون ملنديون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو تحفو توهان زياده وٺڻ لاءِ دوستن کي ڏيو ٿا پوءِ ان ۾ الله تعالى وٽان ڪنهن ثواب جي اميد نه رکو، ۽ جيڪا خيرات توهان الله تعالى جي رضامندي لاءِ ڏيو ٿا، پوءِ انهن جو ثواب وڌندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جو وياج اوهين ڏيو ٿا ته ماڻهن جي مالن ۾ (پهچي) وڌي سو خدا وٽ نه ٿو وڌي. ۽ جيڪا زڪوات خدا جي رضامندي جو ارادو ڪري ڏيو ٿا سو اهي (زڪوات ڏيندڙ) ئي پنهنجي ڏنل زڪوات کي (خدا وٽ) وڌائيندڙ آهن.(سيد فرمان علي) ۽ جيڪو اوهان ڏنو زياده حاصل ڪرڻ لاءِ تانته وڌي ماڻهن جي مالن ۾ پوءِ نه ٿو وڌي الله وٽ ۽ جيڪي ڏنو اوهان زڪواة مان الله جي رضا جو ارادو رکو ٿا پوءِ اهيئي ٻيڻو ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جو وياج اوهين ڏيو ٿا ته ماڻهن جي مالن ۾ (پهچي) وڌي، سو الله وٽ نه ٿو وڌي. ۽ جيڪا زڪوات الله جي رضامنديءَ جو ارادو ڪري ڏيو ٿا سو اُهي (زڪوات ڏيندڙ) ئي پنهنجي ڏنل زڪوات کي (الله وٽ) وڌائيندڙ آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ جو مال اوهان وياج تي ڏيو ٿا تان ته اُهو ماڻهن جي مال ۾ مِلي وڌي، سو الله وٽ ڪو نه ٿو وڌي. ۽ جو مال اوهان زڪوات (۽ خيرات) ۾ ڏيو ٿا (جنهن مان) اوهان الله جي رضا چاهيو ٿا پوءِ اُهي ماڻهو (پنهنجو مال) ٻيڻو ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀورا! اَوهين جا ڀيٽ ڏِيو، ته وَڌي ماڻهنِ مال، وڌي نه واحد وٽ سو؛ ۽ جو ڏِيو ڏاتر نال، جنهن ۾ سَڱ سائـِينءَ جو، رَکنِ خاص خيال، لاشڪ اِهيئـِي لال، ٻِيڻ ڪمائـِيندڙ ٻاجھ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي) ؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ياد رکو ته) الله ئي آهي، جنهن اوهان کي خلقيو آهي ۽ جنهن اوهان کي رزق ڏنو آهي. اهوئي اوهان کي ماريندو ۽ وري (جزا ۽ سزا لاءِ) جيئرو ڪندو. اوهان جن (ديوتائن وغيره) کي مون سان شريڪ ٺهرايو آهي تن مان آهي ڪو اهڙو جو انهن ڳالهين مان ڪابه ڳالهه ڪري سگهي. (يعني خلقي، رزق ڏئي ۽ ماري ۽ جيئاري. هرگز نه!) پاڪ آهي الله تعاليٰ ۽ بلڪل بلند ۽ بالا آهي انهن کان جن کي هو خدا سان شريڪ ٺهرائين ٿا.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو، ان کان پوءِ توهان کي رزق ڏنو، ان کان پوءِ توهان کي ماريندو، ان کان پوءِ توهان کي جياريندو، ڇا ان کانسواءِ ڪو معبود آهي، جيڪو توهان لاءِ اهي ڪم ڪري سگھي، اهو رب انهن جي شرڪ کان بلند ۽ پاڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان کي روزي ڏنائين وري اوهان کي ماريندو ۽ وري اوهان کي جياريندو. ڇا اوهانجي (خدا سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجھ ڪري سگهي؟ ۽ اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندن شريڪ ٺهرائن ٿا.(سيد فرمان علي) الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ان کان پوءِ اوهان کي رزق ڏنائين ان کان بعد اوهان کي ماريندو ان کان بعد اوهان کي جيئرو ڪندو ڇا اوهان جي شريڪ (ٺاهيلن) مان ڪو آهي جو ڪري انهن (ڪمن) مان ڪجهه پاڪائي آهي ان جي ۽ تمام مٿاهون آهي ان کان جيڪي شريڪ بنائين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان کي روزي ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو وري اوهان کي جياريندو. ڇا اوهانجن (الله سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجهه ڪري سگهي ۽ هو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ٺهرائين ٿا. (مولانا محمد مدني) الله ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان کي رزق ڏنائين پوءِ توهان کي موت ڏئي ٿو پوءِ توهان کي جياريندو. ڇا توهان جي شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجهه به ڪري سگهي؟ اُهو (الله) پاڪ آهي ۽ ان شين کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن اوهان کي جوڙيو، آهي اُهو اَلله، آن کي رِزق رساڻِيو، وَرِي سوئـِي ڪڍندان ساھ، موٽِي اوهان موئن ۾، وِجھندو ساھ صُباح، آستانن ۾ اَهنجي، ڪو اِهڙو واهرُو واھ!، ڪري اُن ڪمن مان، ڪو هڪڙو، جو همراھ، پَڪ تن کان، پاڪ سو، گڏِين، جَن گُمراھ، ۽ بيشڪ بادشاھ ٿِيو مَٿاهون مِڙن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي ته جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي ته مانَ اُھي موٽن.(علامه تاج محمود امروٽي) خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ تي (سڄي دنيا ۾) فساد ئي فساد (يعني بگاڙو ئي بگاڙو) پکڙجي ويو آهي جو ماڻهن پاڻ پنهنجي هٿن سان بدعمل ڪيا آهن. (اهو فساد ۽ بگاڙو هن لاءِ ٿيو آهي) ته ماڻهن جيڪي بدعمل ڪيا آهن تن مان ڪن جي نتيجن جو مزو چکن (يعني مصيبتون ڏسن) انهيءَ لاءِ ته من (مصيبتن ۾ غور ۽ فڪر ڪري حق جي راهه ڏي) موٽن.(علامه علي خان ابڙو) ماڻهن جي بداعماليءَ جي ڪري زمين ۽ سمنڊ ۾ فساد برپا ٿيو ان لاءِ ته اسين ڪن ماڻهن کي سندن بداعماليءَ جو مزو چکايون ته من اهي (گنهگار) موٽن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خود ماڻهن جي ئي هٿن جي ڪمن ڪري خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿيو، انهيءَ ڪري ته جيڪي اهي ماڻهو ڪري چڪا تن مان ڪن ڪرتوتن جو خدا کين مزو چکائي ته من اهي ماڻهو (اڃا به) باز اچن.(سيد فرمان علي) ظاهر ٿيو فساد پٽ ۾ ۽ سمنڊ ۾ ان سببان جيڪي (برا ڪم) ڪيا ماڻهن جي هٿن تانته چکائي انهن کي ڪجهه ان (جي سزا) مان جيڪي ڪيائون ته مانَ اهي موٽن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ماڻهن جي هٿن جي ڪمائيءَ سببان خشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ فساد ظاهر ٿيو انهيءَ ڪري ته جيڪي ڪيائون تن مان ڪن (ڪمن) جي کين سزا چکائي ته مَنَ اهي موٽن. (مولانا محمد مدني) خشڪي ۽ سمنڊ ۾ فساد (بگاڙ)ظاهر ٿي پيو آهي ماڻهن جي هٿن جي ڪمائي سبب، تان جو انهن کي ڪن (برن ڪمن) جو مزو چکائي جيڪي ڪيائون ته مَـــــنَ اُهي موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَربادِي بر، بحر ۾، ظاهِر ٿئـٖي ضرور، جنهن مُوجب ٿيون مَٺايون، ماڻهنِ هَٿان مُور، تان چکائينِ، تَن مان چاشنِي، ڪَيؤن جي قُصور، مانَ سي مَغرور، موٽي اَچن ماڳ تي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
چؤ ته مُلڪ ۾ گھُمو پوءِ ڏسو ته جيڪي اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪئن ٿي، منجھائن گھڻا مشرڪ ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر ماڻهن کي) چئو ته، توهان ملڪ ۾ سير سفر ڪيو ۽ ڏسو ته توهان کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. انهن اڳين ماڻهن مان (جن جي پڇاڙي خراب ٿي) گهڻا ماڻهو مشرڪ هئا. (يعني خدا جي خالص ٻانهپ ڇڏي ٻين جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لڳا هئا).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان زمين ۾ سير ڪريو پوءِ توهان ڏسو ته توهان کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ انهن مان اڪثر مشرڪ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول! کين) چئو ته زمين ۾ سير ڪري ته ڏسو، ته اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ جن مان گهڻا (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندا هئا.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي اڳي (گذريا) هئا گهڻا انهن مان مشرڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته زمين ۾ سيرڪريو! پوءِ ڏسو ته اڳين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ گهڻا انهن مان (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙ هئا. (مولانا محمد مدني) چؤ ته زمين ۾ سير ڪيو. پوءِ ڏسو ته اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ انهن مان گهڻا مشرڪ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو اولہ، اوڀر ڀُون ۾، ساري ڪريو سَير، پوءِ پَسو ته پَڇاڙِي پَهريَنِ، ڪِيئن ٿئـِي ڍونڍن ڍير، هُئا گڏِيندڙ غير، اَڪثر ماڻهون اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نه آھي اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجو رخ سچي دين تي (يعني خدا جي خالص ٻانهپ تي) محڪم رک انهيءَ کان اڳي جو اهو ڏينهن (تباهيءَ جو) الله تعاليٰ وٽان اچي وڃي جنهن کي پوءِ ڪابه روڪ ڪانه ٿي سگهندي (يعني پوءِ تباهيءَ کان بچي ڪونه سگهبو.) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو جدا جدا (ٽولين ۾) ورهائجي ويندا (گهنگارن کي جدا ڪري تباهه ڪيو ويندو ۽ نيڪن کي جدا ڪري ڪامران ڪيو ويندو.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان پنهنجي چهري مبارڪ کي سچي دين طرف متوجه ڪريو، ان کان اڳ ۾ جو اهو ڏينهن (قيامت جو) اچي جنهنکي الله تعالى جي طرفان روڪ ناهي ان ڏينهن (حساب ڪتاب کان پوءِ سڀ) جدا جدا ٿي ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي پيغمبر) تون ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ، جيڪي خدا جي طرفان ضرور ايندو (۽) ان جي اچڻ کي ڪو به روڪي نه سگهندو، پنهنجو رخ، مضبوط (۽ سڌي) دين ڏي ڪري ڇڏ، ان ڏينهن ماڻهو (پريشان ٿي) جدا جدا ٿي ويندا.(سيد فرمان علي) پوءِ سڌو رک منهن پنهنجو مضبوط دين جي لاءِ اڳي هن کان جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي رد ٿيڻ ان جو الله وٽان ان ڏينهن جدا جدا ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) پنهنجي منهن کي ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ سڌو ڪر جنهن (ڏينهن) کي الله جي طرفان رد نه ٿيڻو آهي. ان ڏينهن (مومن ۽ ڪافر هڪ ٻئي کان) الڳ الڳ ٿيندا. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون پنهنجو چهرو سڌي دين لاءِ قائم رک ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جيڪو الله جي طرفان رد ٿيڻو نه آهي ان ڏينهن (سڀ ماڻهو) جدا جدا ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ صَحِي سَنواٽي دِين ڏي، ڪر پَنهنجو مُنهن مُقرّر، اَ ڳي اُنهِئَ ڏينهن کان، ته اَچِي بِيهي بَرسِر، جِنهنجو جھالُو ناھِ ڪو، پَرور کان ڪِنهن پَر، اُنهِئَ ڏينهن آخِر، ٽِڙِي ٿِيندا ٽوليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي، ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي (حقيقتن کان) انڪار ڪن ٿا (۽ بدعمل ٿا ڪن) سي پنهنجي انڪار جو (۽ بدعملن جو) نتيجو لوڙيندا، ۽ جيڪي صالح عمل ڪن ٿا سي پنهنجي لاءِ (آرام ۽ امن امان جو) ڪوچ وڇائي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) جنهن (ماڻهو) ڪفر ڪيو پوءِ ان تي سندس ڪفر جو وبال آهي، جنهن ماڻهو نيڪ عمل ڪيو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ (بهشت جي) تياري ڪري رهيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو ڪافر ٿيو ان جو ڪفر ان تي آهي ۽ جن چڱا ڪن ڪيا سي پاڻ لاءِ ئي آسائش جو سامان ٺاهن ٿا.(سيد فرمان علي) جنهن ڪفر ڪيو پوءِ ان تي ان جي ڪفر جو بار آهي ۽ جنهن ڪيا صالح عمل پوءِ پنهنجي لاءِ ٿا تياري ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو ڪافر ٿيو اُن جو ڪفر اُن تي آهي ۽ جن چڱو ڪم ڪيو سي پاڻ لاءِ ئي جاءِ ٿا ٺاهين. (مولانا محمد مدني) جنهن ڪفر ڪيو پوءِ سندس ڪفر (جو وبال) ان مٿان آهي، ۽ جنهن چڱو ڪم ڪيو سي پنهنجي لاءِ (جنت ۾) آرامگاهه ٺاهي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڦِريو ته سزا ڦِرڻ جي، آهي اُنهِئَ تي پاڻ، ۽ صَحِي سُڌارا جَن ڪيا، ته سُود سَندنِ ئـِي ڪاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جو (الله تعاليٰ جو قانون آهي ته) جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا، تن کي پنهنجي فضل سان وڏا انعام ۽ نعمتون ڏئي. الله تعاليٰ بي شڪر منڪرن کي بلڪل پسند نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته اهو مؤمنن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي پنهنجي فضل سان جزا عطا ڪري، بيشڪ اهو ڪافرن سان محبت نٿو رکي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن لاءِ ته جن ايمان آندو چڱا ڪم ڪيا تن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان چڱو بدلو ڏئي. بيشڪ خدا ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري.(سيد فرمان علي) تانته بدلو ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پنهنجي فضل سان بلاشڪ اهو نه ٿو محبت رکي ڪافرن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي پنهنجي فضل مان بدلو ڏي. بيشڪ الله ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته الله پنهنجي فضل سان انهن ماڻهن کي بدلو ڏئي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون. بيشڪ اُهو ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان بَخشي سَندسِ ڀال مان، اُنهن کي مَڃِي جَن آڻ، پڻ چَليا چڱائـِئَ ساڻ؛ هُو قُرب نه ڏئـِي ڪو ڪافِرِينِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ سندس نشانين مان ھي آھي ته خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ ته سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ ته سندس فضل مان روزي طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ الله تعاليٰ جي نشانين مان هڪڙي هيءَ آهي ته هو هوائن کي موڪلي ٿو ته (برسات جي) خوشخبري پهچائين. ۽ انهيءَ لاءِ ته هو اوهان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکائي، ۽ انهيءَ لاءِ ته جهاز سندس حڪم سان (درياهن ۽ سمنڊن تي) هلندا رهن ۽ توهان الله جي فضل (۽ دولت وغيره) جي تلاش ۾ نڪري پئو ۽ انهيءَ لاءِ ته من توهان شڪرگذار ٿيو (۽ خدا جي نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ۾ آڻيو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى جي نشانين مان برسات وارين هوائن جو لڳڻ آهي جيڪي مبارڪ ڏيندڙ آهن، اهو ان لاءِ ته توهان کي پنهنجي رحمت (برسات) چکائي ۽ ان لاءِ ته ٻيڙي سندس حڪم مطابق هلي ۽ ان لاءِ ته توهان سامونڊي واپار ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندس نشانين مان هيءَ (به) آهي جو هوائون موڪلي ٿو جيڪي (مينهن جي) خوش خبري ڏيندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان کي پنهنجي رحمت جو ڪجھ مزو چکائي پڻ هن لاءِ ته سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهين سندس فضل ۽ ڪرم مان (پنهنجي روزي) حاصل ڪريو ته من اوهين شڪر ڪريو.(سيد فرمان علي) ۽ ان جي نشانين مان آهي هي جو موڪلي ٿو هوائون بشارت ڏيندڙ ڪري ۽ تانته چکائي اوهان کي پنهنجي رحمت مان ۽ تانته هلن ٻيڙيون ان جي امر سان ۽ تانته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ مَنَ اوهان شڪر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندس نشانين مان هيءَ آهي جو اُهو هوائون موڪلي ٿو جيڪي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان کي پنهنجي رحمت (مينهن) جو ڪجهه مزو چکائي ۽ هن لاءِ ته سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهين (دريائي مسافريءَ سان) سندس فضل مان (روزي) گهرو ۽ مَن اوهين شڪر ڪريو. (مولانا محمد مدني) ۽ سندس نشانين مان آهي جو اهو هوائون گُهلائي ٿو (بارش جِي) خوشخبري ڏيندڙ بنائي، ۽ هن لاءِ ته توهان کي پنهنجي ڪجهه رحمت (مينهن) جو مزو چکائي ۽ هن لاءِ ته ان جي حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته توهان سندس فضل (روزي) تلاش ڪيو ۽ هن لاءِ ته من توهان شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، ٿو موڪلي مَلهار، ڏِيندڙ مبارڪون مُلڪ ۾، ڀَرتُو بادبهار ته مَزو سَندسِ مِهر جو، چکائـِينِيان چوڌار، ۽ هَلن سَندسِ حُڪم سان، ٻيڙا اَندر ٻار، ته ڪَمايو سَندسِ ڪَرم مان، وَسِيلي واپار، ۽ اِن آسري آڌار، ته ڳڻ اُنهئَ جا ڳائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته (جيئن اسان هوائون ۽ برسات ماڻهن جي فائدي لاءِ موڪليون ٿا تيئن) اسان توکان اڳي به گهڻائي رسول سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي رسول انهن ماڻهن ڏي روشن دليل ۽ چٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ جن ماڻهن (کين نه مڃيو ۽) گناهه ڪندا رهيا تن کي اسان پورو پورو بدلو ڏنو (يعني سزا ڏني ۽ تباهه ڪيو) ۽ اهو اسان تي حق هو (۽ اسان جو فرض هو) ته اسان ايمان وارن جي مدد ڪيون (۽ کين ڪامياب ڪيون).(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان توهان کان اڳ ۾ پيغمبر سندن قومن ڏانهن موڪليا پوءِ انهن (پيغمبرن) انهن (قومن) وٽ معجزا آندا پوءِ اسان مجرمن کان انتقام ورتو، ۽ مؤمنن جي مدد ڪرڻ اسان جي ذمي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي پيغمبر) اسان تو کان ٻيا به ڪيئي پيغمبر سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي (انهن ڏي) ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيا (پر انهن کين نه مڃيو) ته انهن ڏوهارين کان اسان (خوب) بدلو ورتو. ۽ اسان تي ته مومنن جي مدد ڪرڻ لازم ئي هئي.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق مڪلياسون تو کان اڳي پيغمبر سندن قوم ڏانهن پوءِ آيا انهن وٽ روشن دليلن سان پوءِ بدلو ورتوسون انهن کان جيڪي بي فرمان ٿيا ۽ آهي حق اسان تي مؤمنن جي مدد ڪرڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ رسولن کي سندن قوم ڏي موڪليو پوءِ اهي وٽن ظاهر نشانيون کڻي آيا پوءِ جن ڏوهه ڪيو تن کان اسان بدلو ورتو ۽ اسان تي ايمان وارن جي مدد ڪرڻ لازم هئي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ رسولن کي سندن قومن طرف موڪليو پوءِ اُهي انهن وٽ چِٽيون نشانيون کڻي آيا، پوءِ جن ڏوهه ڪيا اسان انهن کان بدلو ورتو. ۽ اسان جي مٿان حق آهي مؤمنن جي مدد ڪرڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل توکان مَهندا ڀَرا، موڪلياسون مُور، پَنهنجي پَنهنجي قومن ڏي، آينِ پوءِ اَهڳور، پَڌرن پيغامن سان، پاران پاڪ حُضور، پوءِ وير وَرتاسون تن کان، جن ڪيا ڏوه قُصور، ۽ اَسان تي ضرُور، مَدد مُؤمِنن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) الله ئي آهي جو هوائون موڪلي ٿو جي هوائون ڪڪرن کي مٿي کڻن ٿيون. پوءِ هو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو تان جو توهان ڏسو ٿا ته ڪڪرن منجهان مينهن جا ڦڙا نڪرڻ (۽ ڪرڻ) لڳن ٿا. پوءِ جڏهن هو پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان مينهن جو فائدو پهچائي ٿو، تڏهن ڏسو ته اهي ماڻهو وڏيون خوشيون ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اهو آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ۽ اهي ڪڪرن کي کڻن ٿيون پوءِ الله تعالى انهن کي جيئن چاهي (ان طريقي سان) آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ رسولِ عربي توهان ڏسو ٿا ته مينهن ان جي وچان نڪري ٿو. پوءِ ان وقت ان کي پهچائي ٿو پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي اهي ان وقت خوش ٿين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي اٿارين ٿيون پوءِ جيئن گهري تئين انهن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو جو انهن جي وچان پيو نڪري پوءِ جڏهن خدا انهن بندن مان جن کي گهري ٿو تن کي اهو (مينهن) پهچائي ٿو ته اهي ان وقت خوش پيا ٿين.(سيد فرمان علي) الله اهو آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائون پوءِ کڻن ٿيون ڪڪر کي پوءِ پکيڙي ٿو ان (ڪڪر) کي آسمان ۾ جيئن گهري ٿو ۽ ڪري ٿو ان کي تهه تهه پوءِ ڏسندين ڦڙين کي نڪرن ٿيون وچ ان جي مان پوءِ جڏهن پهچائي ٿو اهو جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان ته ان وقت اهي خوش ٿيندا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي اٿارين ٿيون پوءِ جيئن گهري ٿو تيئن انهن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو جو انهن جي وچان پيو نڪري. پوءِ پنهنجن ٻانهن مان جن کي گهري ٿو تن کي جڏهن اهو (مينهن) پهچائي ٿو ته اُهي ان وقت خوش پيا ٿين. (مولانا محمد مدني) الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو پوءِ اُهي ڪڪرن کي اٿارن ٿيون پوءِ ان (ڪڪر) کي آسمان ۾ جيئن چاهي ڦهلائي ٿو، ۽ ان کي ٽڪرا ٽڪرا (تَههَ در تَههَ) ڪري ٿو پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو ته انهن جي وچان نڪري ٿو، پوءِ جڏهن ان (مينهن) کي پنهنجي ٻانهن مان جن کي چاهي پهچائي ٿو ته اُهي ان وقت ئي خوش ٿين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالڪ سو، جو موڪلي، واوَن ڏُونهن وَلهار، ڪاهِن سي ڪَڪَرن کي، پوءِ کولٖينِ خَلقَڻهار، اوسي پاسي اُڀ ۾، جِيئن گُھري رَبَّ غفّار، ۽ ٽوڙي ڪَرينِ ٽَڪرا، هِن، يا هُن وَلهار، وَسي وِچان اُن جي، مِينهن نارونار، جنهن لئي گُھري سَندنِ گولن مان، جڏهن پُهتو تَن پار، وَھ وَھ ڪن تِنهن وار، پَسيو پَلر پالوٽيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) اگرچه برسات کان اڳي اهي ماڻهو نهايت ئي نااميد هئا ۽ مايوس ٿي چڪا هئا (تڏهن به برسات بعد موجن ۾ اچي ويا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي ان مينهن جي وسڻ کان اڳ ۾ يقيناً نااميد ٿيندڙ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيتوڻيڪ اهي ماڻهو مٿن (باران رحمت) وسڻ کان اڳ ۾ (مينهن کان) شروع سان ئي بلڪل مايوس (۽ بي وس) هئا.(سيد فرمان علي) جيتوڻيڪ هئا ان کان اڳي جو وسايو وڃي انهن تي ان کان اڳي البته نا اميد ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اُهي مٿن (مينهن) وسائڻ کان اڳ نااُميد هئا. (مولانا محمد مدني) حالانڪه اهي ان (مينهن) جي نازل ٿيڻ کان اڳ مايوس هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توڻي اڳي اُن کان هُئا، نااُميد نِبار، پوءِ پارِ ربَّ جي رحمت جي، کولي نِيڻ نِهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سو الله تعاليٰ جي رحمت جا نتيجا ۽ اثر ڏسو ته ڪيئن زمين کي سندس موت بعد زنده ڪري ٿو ڇڏي (يعني خشڪ زمين کي سرسبز ڪري ٿو ڇڏي) يقيناً اهوئي خدا مئل ماڻهن کي زنده ڪري ڇڏيندو، ڇو ته هن کي هر چيز تي قدرت ۽ غلبو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله تعالى جي رحمت جا آثار ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح اهو غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ زمين کي آباد ڪري ٿو. بيشڪ اهو (آخرت ۾) يقيناً مُئلن کي جياريندڙ آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته پوءِ خدا جي رحمت جي آثارن کي ڏسو ته ڪئين نه زمين کي ويران هجڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياريندڙ آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ ڏس الله جي رحمت جي نشانين ڏانهن ته ڪيئن آباد ڪري ٿو زمين کي ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ بلاشڪ اهو البته جيئرو ڪندڙ آهي مئلن کي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله جي رحمت جي نشانين ڏي ڏس ته ڪيئن زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو. بيشڪ اهوئي مئلن کي جياريندڙ آهي. ۽ اهو ئي سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون الله جي رحمت جي اثرات ڏي ڏس ته ڪيئن زمين کي ان جي مري وڃڻ بعد جياري ٿو. بيشڪ اهو مُردن کي جياريندڙ آهي، ۽ اُهو هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڀُون کي سَندسِ سُڪڻ پُٺيان ڪِيئن جِياري جَبّار، آهي سو اِظهار مُئا جِيارِيندڙ مُورهِين. ۽ آهي هَر ڪِنهن شئ تي، قادِر، سو ڪَلتار، .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن اسان (ٻئي قسم جي) هوا موڪليون ۽ پوءِ اهي ماڻهو ڏسن ته (ان هوا جي ڪري) سندن پوکون سوڪ ٿي ويون ته پوءِ هو هڪدم بي شڪر (منڪر) ٿي پون ٿا. (۽ مايوس ٿي پون ٿا، حالانڪ وقتي مصيبتن جو مقابلو ڪرڻ مؤمن جو فرض آهي ۽ مقابلو ڪرڻ سان وڌيڪ ترقي ڪري ٿو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن اسين ڪا هَوَا موڪليون ٿا جنهن سان اهي پوکن کي سُڪل ڏسن ٿا ته يقيناً ان کان پوءِ اهي ناشڪري ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن اسين هڪ (اهڙي) هوا موڪليون (جنهن ڪري) ان (پوک) کي هيڊو (سڪل) ڏسن ته وري ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا.(سيد فرمان علي) ۽ البته جيڪڏهن موڪليون اسين واءُ پوءِ ڏسن ان (پوک) کي ڦڪو ٿيندڙ ته البته لڳا رهن ان کان پوءِ ڪفر ڪندا رهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن اسين هڪ هوا موڪليون پوءِ اهي ان (پوک) کي هيڊو (سُڪل) ڏسن ته ان کانپوءِ ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اسان ڪا هوا موڪليون پوءِ اُهي ان (پنهنجي پوک) کي ڦڪو ٿيندي ڏسن ته ان کان پوءِ اُهي (اڳين نعمتن جي) ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي موڪليوسون مُورهِين، ڪو ڏُرٽ، واءُ ڏُڪار، ته پسي پِيلاڻ پوک تي، حال ڦِريَنِ هيڪار، هَڻنِ هَٿ هزار، پُٺيان سَندسِ پِيلاڻ جي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
پوءِ (اي پيغمبر) تون سڏُ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين جڏھن ته اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون ائين نٿو ڪري سگهين جو مئل تنهنجي ڳالهه ٻڌن، نڪي ائين ڪري ٿو سگهين جو ٻوڙا تنهنجو سڏ ٻڌن، جڏهن ته هو پٺي ڏيئي پٺتي موٽي ٿا پون.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ توهان ڪافرن کي ٻُڌرائي نٿا سگھو ۽ نه توهان ٻوڙن کي پڪاري ٻُڌرائي سگھو ٿا جڏهن اهي پُٺ ڏيئي ڦِرن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سو (اي پيغمبر) تون نه مئلن کي ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه وري ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو. (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا.(سيد فرمان علي) پوءِ بلاشڪ تون نه ٿو ٻڌائين مئلن کي ۽ نه ٿو ٻڌائين ٻوڙن کي سڏ جڏهن ڦريا پٺي ڏيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو (اي پيغمبرﷺ!) تون نه مئلن کي ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگهين ٿو جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ بيشڪ تون نه مُئلن (يعني مُرده ضميرن) کي ٻڌائين ٿو ۽ نه تون ٻوڙن کي پنهنجي پڪار ٻڌائين ٿو جڏهن اهي (تو کان) پُٺ ڏئي ڦريا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون نه سُڻائي سَگھندِين، مِيان! مُئن کي مُور، ۽ ٻوڙن نه ٻُڌائـِين، مُرسل! ڪو مَذڪُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون ته رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو پوءِ اُھي فرمانبردار به آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ مان ڪڍي سڌيءَ واٽ تي آڻي ٿو سگهين، تون ته فقط انهن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي سگهين ٿو، جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن تي ايمان رکن ٿا ۽ اسان جي حڪمن جي تعميل ۽ فرمانبرداري ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه توهان انڌن کي سندن گمراهيءَ کان هدايت ڏيئي سگھو ٿا. توهان ته ان کي ٻُڌرايو ٿا جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا، پوءِ اهي مسلمان آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (ڦيري) راھ تي آڻي سگهين ٿو. تون رڳو انهن کي ٻڌائي (سمجهائي) سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا پوءِ اهي ئي ماڻهو اسلام آڻڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ناهين تون هدايت ڪندڙ انڌن کي انهن جي گمراهيءَ کان نه ٿو ٻڌائين تون مگر ان کي جيڪو ايمان آڻي ٿو اسان جي آيتن تي پوءِ اهي مڃڻ وارا آهن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان رستو ڏيکاريندڙ آهين تون رڳو اُنهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا پوءِ اهي فرمانبردار آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهي کان ڪڍي (سڌي رستي جي) هدايت ڪندڙ آهين. تون صرف انهن کي ئي ٻڌائين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ اُهي فرمانبردار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِياپُٺيرا پاڻهِين، ويل تِنهِين، وَهلُور، ۽ هادِي تون نَه، حُضور!، اَنڌن، سَندنِ اَنڌير مان. تون نه سُڻائي سَگھندِين، مگر مَڃيا، جَن پاڻ، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ آهِن اُهي اسلام تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله اُھو آھي جنھن اوھان کي (پھرين) ھيڻائي (واري شيء) مان خلقيو آھي وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين، جئن گھرندو آھي تئن بڻائيندو آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو الله ئي آهي جنهن اوهان کي (ڄمڻ وقت) ضعيف حالت ۾ پيدا ڪيو، پوءِ هيڻائيءَ جي حالت بعد اوهان کي طاقتور جوان ڪيائين، ۽ وري طاقت بعد اوهان کي هيڻائي ۽ اڇا وار (يعني پوڙهائي) ڏنائين، هو جيئن چاهي ٿو تيئن خلقي ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ ڪامل قدرت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي ضُعف مان پيدا ڪيو ان کان پوءِ ضُعف بعد توهان کي قوت (جواني) عطا ڪئي، ان کان بعد توهان لاءِ ضُعف ۽ پيرسني پيدا ڪيائين، پاڻ جيڪو چاهي اهو پيدا ڪري ٿو، ۽ اهو علم رکندڙ قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ نهايت ڪمزور شيءِ (نطفي) مان پيدا ڪيو پوءِ ان ئي (اوهان ۾) ننڊپڻ جي ڪمزوري کان پوءِ (جوانيءَ جي) طاقت عطا ڪئي. وري طاقت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍاپو ڏنو. جيڪي گهري سو پيدا ڪري ٿو. ۽ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي) الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ڪمزوريءَ (واري حالت) ۾ ان کان پوءِ ڪيائين ڪمزوريءَ کان پوءِ طاقت ان کان پوءِ ڪيائين قوت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍڙائپ پيدا ڪري ٿو جيڪي گهري ۽ اهو ئي گهڻو ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن اوهان کي ڪمزوريءَ مان (جيڪا ماءُ جي پيٽ ۾ ٿئي ٿي) پيدا ڪيو وري ڪمزوريءَ کانپوءِ (جوانيءَ جي) طاقت ڏني. وري طاقت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍاپڻ ڏنو. جيڪي گهُري سو پيدا ٿو ڪري. ۽ اهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) الله ئي آهي جنهن اوهان کي ڪمزور شيءِ (يعني نطفي) مان پيدا ڪيو پوءِ ان ڪمزوري کان پوءِ اوهان کي طاقت بخشيائين وري ان طاقت بعد ڪمزوري ۽ ڪراڙپ ڏنائين. اُهو جيڪي چاهي سو پيدا ڪري ٿو، ۽ اُهو ڄاڻندڙ سگهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُهو، جنهن جوڙيان، هِيڻائـِئَ مان هاڻ، ضُعف پُٺيان زور وَرِي، پيدا ڪيائـِين پاڻ، وَرِي وَڏپڻ ۽ ڪاڻ وَڏِي، وَڏِي پُهچ پُڃاڻ، جيڪِي گُھري جَلَّ شانَہ، سو پيدا ڪري پاڻ، ۽ سوئـِي سُرت سُڄاڻ، پڻ قادِر هر ڪِنهن ڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ الله اوهان کي ماريندو ۽ قيامت جي ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريندو) ۽ جنهن ڏينهن (حساب ڪتاب ڏيڻ واري) گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن گنهگار چوندا ته اسان ته هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪونه ترسيا آهيون. اهڙيءَ ئي طرح (دنيا ۾ به) هو ڀليل رهيا (۽ خبر ڪانه پوندي هين ته آخر حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو ۽ بدعملن جي سزا ملندي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (ته) مجرم قسم کڻندا ته، نه رهيا اهي (دنيا ۾) مگر هڪ گھڙي. اهڙيءَ طرح اهي حق کان ڦِرندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) نه رهيا هئا. ائين ئي اهي ماڻهو (دنيا ۾ به) ڦڙتيون کائيندا رهيا (ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا)(سيد فرمان علي) ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت ته قسم کڻي چوندا مجرم ته نه رهيا (دنيا ۾) هڪ گهڙيءَ کان سواءِ اهڙي طرح اونڌا ڦيرايا ويا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙي کانسواءِ (دنيا ۾ ) نه رهيا هئا. اهڙيءَ طرح ئي (دنيا ۾ ) ابتا پيا وڃن. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙي کان سواءِ (دنيا ۾) نه رهيا هئا. اهڙي طرح اهي (دنياوي زندگي ۾) دوکو کائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن قِيامت قائم ٿئي، ته قسم کڻن ڪُفّار، ته هَي هَي! هِن جَھان ۾، گھاريو نه گھڙِي، ڌار! اهڙي ئـِي آچار، هُئا ڦيربا فِريب سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جن ماڻهن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو هو سي (کين) چوندا ته سچي ڳالهه هيءَ آهي ته توهان الله جي ڪتاب ۾ (لکيل ۽ مقرر ڪيل مدت) ترسيا آهيو ۽ اڄ قيامت جو ڏينهن آهي، (جنهن تائين توهان ترسيا آهيو) پوءِ اهو اٿو قيامت جو ڏينهن، پر توهان ته ڄاڻندائي ڪونه هئو (نڪي مڃيندا هئو ته ڪو قيامت ٿيندي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي ماڻهو چوندا جيڪي علم ۽ ايمان وارا هوندا ته بيشڪ توهان الله تعالى جي علم مطابق قيامت تائين اتي رهيا، پوءِ هيءُ اٿڻ جو ڏينهن آهي پر توهان نه ڄاڻندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن کي (خدا جي بارگاھ مان) علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي چوندن ته (اڙي!) اوهين ته خدا جي ڪتاب مطابق ڏينهن قيامت تائين (برابر) رهيا آهيو ۽ هي ته قيامت جو ئي ڏينهن آهي پر اوهان نه ٿي ڄاتو.(سيد فرمان علي) ۽ چيو انهن جيڪي ڏنا ويا علم ۽ ايمان ته البته تحقيق رهيؤ اوهان الله جي ڪتاب ۾ (لکيل موافق) اٿڻ جي ڏينهن تائين پوءِ هيءُ آهي اٿڻ جو ڏينهن ۽ پر اوهان نه ڄاڻندا هيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ هب جن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ اوهين جيئري ٿي اٿڻ جي ڏينهن تائين رهيا آهيو پوءِ هيءَ جيئري ٿي اٿڻ جو ڏينهن آهي پر اوهان نه ٿي ڄاتو. (مولانا محمد مدني) ۽ جن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي (کين) چوندا: ”بيشڪ توهان الله جي ڪتاب ۾ (هڪ گهڙي نه پر) اٿڻ واري ڏينهن تائين رهيا آهيو، سو هيءُ (جيئري ٿي) اٿڻ جو ڏينهن آهي، پر توهان نه ڄاڻندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تَن اُتو، جَن عطا ٿيو، عِلم ۽ اِيمان، ته قادِر جي ڪتاب ۾، جاٽيان مَنجھ جھان، مُقرّر مَحشر ڏِينهن سئين؛ هِي مَحشر جو ميدان، پَر پَروڙيو ڪو نه، ڳهيلا!، اَوهِين ڳالهڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبه طلب ڪبي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن (دنيا ۾) ظلم ڪيا هوندا تن کي سندن عذر ۽ بهانا ڪم نه ايندا. نڪي کين چيو ويندو ته (پشيمان ٿي) خدا جي مهرباني ۽ فضل جي طلب ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ ان ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو نفعو نه ڏيندي ۽ نه انهن کي توبه جي مهلت ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان ڏينهن سرڪشي ماڻهن کي نه سندن معذرت ئي ڪم ايندي ۽ نه انهن جي شنوائي ٿيندي.(سيد فرمان علي) پوءِ ان ڏينهن نه نفعو ڏيندو انهن کي جن ظلم ڪيو عذر پيش ڪرڻ انهن جو ۽ نه اهي توبہ ڪرڻ جي طلب ڪيا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو فائدو نه ڏيندو ۽ نه انهن کان توبھ جي گُهر ڪئي ويندي. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو پيش ڪرڻ نفعو نه ڏيندو، ۽ نه ئي انهن کي معافي گھرڻ جي لاءِ چيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تِنهن ڏِينهن نه، تِڙڇن، تن کي، سَندنِ عُذر صفا، جَن ڪيا جاڙجفا، ۽ نه گُهرين موٽڻ ماڳ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ سڀڪنھن جنس جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين ته ڪافر ضرور چوندا ته اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن (کي سمجهائڻ) لاءِ هن قرآن ۾ هر قسم جا مثال (۽ سمجهاڻيون) ڏنيون آهن، پر (اي پيغمبر! جيڪڏهن تون هنن وٽ ڪوبه حڪم يا نشاني آڻيندين ته جيڪي ماڻهو (ضد ۽ تڪبر ڪري) ڪفر ۽ انڪار تي ڄمي بيٺا آهن سي ضرور چوندا ته توهان (مسلمان) ڪوڙيون واهيات ڳالهيون ٻڌائيندڙ آهيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ڪريم ۾ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن. ۽ جيڪڏهن توهان انهن وٽ ڪا آيت آڻيو ٿا ته ضرور ڪافر چوندا ته نه آهيو توهان مگر ڪوڙ ڳالهائيندڙ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ۾ سڀ ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون انهن ڏي ڪو به معجزو آڻيندين تڏهن به پڪ ڪافر چوندا ته اوهين رڳو دغا باز (چالاڪ) آهيو.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق بيان ڪيوسون ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر مثال ۽ البته جيڪڏهن آڻيندين تون انهن وٽ ڪا نشاني ته البته ضرور چوندا اهي جن ڪفر ڪيو ته ناهيو اوهان مگر باطل جا پوڄاري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ۾ سڀ ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪابه نشاني آڻيندين ته ڪافر چوندا ته اوهين رڳو ڪوڙ ڪندڙ آهيو. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ هر قسم جا مثال ڏنا آهن. ۽ جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪا نشاني آڻيندين ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي ضرور چوندا ته توهان رڳو ڪوڙ گھڙيندڙ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَئين ڏِناسون قُرآن ۾، ماڻهن لاءِ مثال، جي آندِئي اُنهن وٽ مُعجزو، ڀليرا! بَحال، ۽ ڦِريا جِي فرمان کان، سي چوندا اِهِڙي چال، آهيو نَه اَوهين ٻِي ڳالھ، مَگر مُورک مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اھڙيءَ طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي دلين تي مهر لڳائي ٿو ڇڏي، جيڪي (ضد ڪري) جاهل ٿا رهن (۽ حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن).(علامه علي خان ابڙو) اهڙي طرح الله تعالى انهن ماڻهن جي دلين تي مُهر لڳائي ٿو جيڪي نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي ماڻهو سمجھ (۽ علم) نه ٿا رکن تن جي دلين تي (نظر ڪري) خدا هيئن تصديق ڪري ته اهي ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي) اهڙي طرح مهر هڻي ٿو الله انهن جي دلين تي جيڪي نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙي طرح جيڪي نه ٿا ڄاڻن تن جي دلين تي الله مهر هڻي ٿو. (مولانا محمد مدني) اهڙي طرح الله انهن ماڻهن جي دلين مٿان مُهر هڻي ٿو جيڪي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُهر هَڻي مَضبوط ٿو، مالِڪ اِن مثال، تَن سَندي سِيني تي، جي نه سوچِين سَچِي ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو واعدو سچ آھي ۽ جيڪي يقين نه رکندا آھن سي توکي ھلڪو نه ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) تون (انهن ماڻهن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ پنهنجي تبليغ جي ڪم ۾) ثابت قدم رهه ۽ يقين ڄاڻ ته الله جو واعدو سچو آهي (ته هو ضرور مؤمنن کي غالب ڪندو) ۽ اهي ماڻهو جن کي علم ۽ يقين ڪونهي تن جي ڪري تون مايوس نه ٿي (۽ ڪوشش ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪر.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ توهان کي اهي ماڻهو پريشان نه ڪن جيڪي يقين نٿا رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي پيغمبر) تون صبر ڪر بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ ائين نه (ٿئي جو) جي ماڻهو (تنهنجي) تصديق نه ٿا ڪن سي تو کي (ٻهڪائي) هلڪو نه ڪن!(سيد فرمان علي) پوءِ صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ نه هلڪڙو بنائين توکي اهي شخص جيڪي نه ٿا يقين رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدوسچو آهي ۽ جيڪي (تنهنجي چوڻ تي) يقين نه ٿا رکن سي تو کي هلڪو نه ڪن. (مولانا محمد مدني) سو تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ تو کي هلڪو (يعني بي صبرو) نه ڪن اُهي ماڻهو جيڪي يقين نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَہ، ته آهن صاحب جا، بيشڪ ٻول بحال، ۽ اِهي نه اُٿارِين توکي، هَلڪائـِئَ تي ڪِنهن حال، مَٿي قِيامت ڪالھ، جن کي ناھِ يَقِين ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |