توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) طا- سين- هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو هڪڙو چٽو ڪتاب آهي، (۽ حقيقتن کي چٽو ڪري ڏيکاريندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) طس. هي قرآن ڪريم ۽ ڪتاب مبين جون آيتون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) طس اهي قرآن ۽ کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.(سيد فرمان علي) ط_ س هي آيتون قرآن جون ۽ ڪتاب روشن جون آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) طس. اهي قرآن ۽ کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن. (مولانا محمد مدني) طا سين (هي حروف مقطعات آهن جن جو اصلي مطلب الله ۽ ان جو رسول الله ﷺ ڄاڻن ٿا) هي آيتون قرآن ۽ روشن ڪتاب جون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سمجھي ٿو طٰسٓ کي،مالڪ نالي مٺو، هي حڪم قرآن ڪريم جا، چٽو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (هي قرآن مجيد) ايمان وارن لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. (ته جيڪڏهن توهان انهيءَ واٽ تي هلندؤ ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب رهندؤ).(علامه علي خان ابڙو) (جيڪي) مؤمنن کي هدايت ۽ مبارڪ ڏيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهي) انهن ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (جنت جي) خوشخبري آهي،(سيد فرمان علي) هدايت ۽ خوشخبري مؤمنن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (انهن) ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري آهي، (مولانا محمد مدني) هدايت ۽ خوشخبري آهن ايمان وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏس پڻ ڏينهن ڏٺو، ۽ واڌايون وسهندڙين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ايمان وارا اهي آهن) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏيندا رهن ٿا ۽ آخرت ۾ يقين رکن ٿا (ته اسان جي عملن جا نتيجا ضرور نڪرڻا آهن ۽ چڱن عملن ڪندڙن کي انعام ۽ برن عملن ڪندڙن کي عذاب ضرور ملڻو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) (اهي مؤمن) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي نماز پابنديءَ سان قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت (قيامت) تي به يقين رکن ٿا.(سيد فرمان علي) جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت تي (به) يقين رکن ٿا. (مولانا محمد مدني) جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي ئي آهن جيڪي آخرت تي (به پورو) يقين رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پُورو پڙهن نماز کي، پڻ ڏِينِ ڏُکين کي ڏان، ۽ سَندِي ٻئي جھان، خاصِي رکن ٿا خاطرِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن تن جا (برا) عمل اسان کين سهڻا ۽ چڱا ڪري ٿا ڏيکاريون. تنهن ڪري هو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن ۽ اسان سندن بداعمالي سندن نظرن ۾ سينگاري آهي پوءِ اهي حيران ٿين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي ڪرتوتن کي (ڄڻ ته) اسان (سندن نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ هي عقل جا انڌا آهن.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي سينگاريا اسان انهن جي لاءِ اعمال انهن جا پوءِ حيران رهن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن کي اسان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ اهي عقل جا انڌا آهن. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن کي اسان سندن ڪرتُوت خوشنما ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ اُهي (گمراهي ۾) ڀٽڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي نه آخرت تي، آڻِين اِعتبار، سَندنِ ڪارڻ سُهڻا، ڪياسون سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ اُهي اُجھن اُن ۾، آهِن اُهي ئـِي آوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ خراب ۾ خراب عذاب (هن ئي دنيا ۾) تيار رکيو آهي ۽ آخرت ۾ ته اهي ئي ماڻهو سڀني کان وڌيڪ نقصان هيٺ ايندا.(علامه علي خان ابڙو) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ اهي ئي آخرت ۾ وڌيڪ نقصان وارا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي اهي آهن جن لاءِ (قيامت ۾) بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۾ آهن.(سيد فرمان علي) اهي ئي اهي آهن جو انهن جي لاءِ برو عذاب آهي ۽ اهي آخرت ۾ اهي ئي وڏي نقصان وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اِهي اُهي آهن جن لاءِ بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۾ آهن. (مولانا محمد مدني) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بڇڙو عذاب آهي ۽ اُهي ئي آخرت ۾ گهڻي نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪل آهي بُڇڙو، اُنهن لئي آزار، کُٽا ٽُٽا خوار، اُهي آخِرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ئي صورت جي ڪري (پيغمبر!) توکي هي قرآن انهيءَ الله وٽان مليو آهي جو وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (فقط الله کي ئي پوري پوري خبر آهي ته ڪهڙا عمل آخر نقصانڪار ثابت ٿيندا ۽ ڪهڙا آخر مفيد ثابت ٿيندا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي بيشڪ توهان تي الله تعالى جي طرفان قرآن ڪريم نازل ڪيو وڃي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) تو کي ته قرآن هڪ وڏي واقف ڪار حڪيم جي بارگاھ مان عطا ڪيو وڃي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تون البته سيکاريو وڃين ٿو قرآن حڪمت واري، گهڻي ڄاڻندڙ وٽان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ توکي حڪمت واري ڄاڻندڙ وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تو کي قرآن ڏنو وڃي پيو حڪمت واري علم واري (الله) وٽان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ تلقِين توکي، ڪَجي ٿو قُرآن، سائـِينءَ وَٽان سُبحان، جو حِڪمتي، هوشيار گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
(ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو واقعو ياد رکو جو حضرت موسيٰ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي چيو ته مون کي هڪڙي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي (ضرور اتي ڪي ماڻهو هوندا) سو مان جلد ئي اتان (رستي جي) خبر وٺي توهان ڏي هليو ايندس (توهان اتي ئي بيٺا رهجو) يا توهان ڏي ٽانڊو کڻي ايندس، انهيءَ لاءِ (ته باهه ٻاري) تؤ وٺو ۽ سيءُ لاهيو.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت موسيٰ پنهنجي بيبي کي چيو ته بيشڪ مون کي هڪ باه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، آئون جلدي توهان لاءِ اتان ڪا خبر آڻيان ٿو يا (اتان) توهان لاءِ ڪو ٻرندڙ ٽانڊو آڻيان ته من توهان ان سان سيءُ لاهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو واقعو ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي گهر وارن کي چيو ته (مون کٻي پاسي کان) باھ ڏٺي آهي. (جيڪڏهن ٿورو ترسو ته) آءُ اوهان وٽ (اتان جي راھ جي) ڪا خبر آڻيان يا اوهان وٽ باھ جي اماٽي آڻيان ٿو من اوهين پاڻ سيڪيو.(سيد فرمان علي) جڏهن چيو موسى پنهنجي اهل کي بلاشڪ مون ڏٺي آهي باهه جلد آڻيندس مان ان کان اوهان وٽ ڪا خبر يا آڻيندس اوهان وٽ ٻرندڙ ٽانڊو تانته اوهان پاڻ سيڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي گهر وارن کي چيو ته مون باهه ڏٺي آهي. آءُ اوهان وٽ اتان ڪا خبر آڻيان ٿو يا اوهان وٽ باهه جي اماڙي آڻيان ٿو مَنَ اوهين پاڻ سيڪيو. (مولانا محمد مدني) (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته: ”مون باهه ڏٺي آهي. جلد اتان اوهان ڏي ڪا خبر آڻيان ٿو يا اوهان وٽ ٻرندڙ ٽانڊو آڻيان ٿو ته جيئن اوهان پاڻُ سيڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو سَندسِ عيال کي، جڏهن مُوسىٰ مَت سُڄاڻ، ته بيشڪ ڏِٺم باھِ ڪا، پوءِ آڻيان اَوهان ڪاڻ، پَتو پُورو وات جو، يا سِنجا لڳه سانجاڻ، ته پاري ڪنان پاڻ، سيڪي بُت سِئَ لاهيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) سو جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (روشنيءَ) وٽ پهتو تڏهن (غيبي) آواز آيو ته جيڪو روشنيءَ جي اندر آهي سو وڏي برڪت وارو (الله) آهي ۽ جيڪو ان جي ويجهڙائي ۾ آهي (يعني حضرت موسيٰ) سو به برڪت وارو آهي. ۽ پاڪ آهي ۽ وڏي شان وارو آهي اهو الله جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن باه کي ويجھو پهتو ته کيس آواز ڏنو ويو ته جيڪو باه ۾ آهي ۽ جيڪي باه جي چوڌاري آهن اهي بابرڪت آهن، الله تعالى پاڪ آهي جيڪو رب آهي جهانن جو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مطلب ته جڏهن موسى ان باھ وٽ آيو ته آواز آيس ته مبارڪ آهي اهو جو باھ ۾ (تجلي ڏيکاري) ٿو ۽ اهو ئي ان جي آس پاس آهي. ۽ اهو جهانن جو پاليندڙ خدا آهي (جو هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ته سڏيو ويو ته برڪت وڌو ويو اهو جيڪو باهه ۾ آهي ۽ جيڪو چوڌاري ان جي آهي ۽ پاڪائي الله رب العالمين جي آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز آيس ته جوئي باهه ۾ آهي ۽ جوئي ان جي آس پاس آهي تنهن تي برڪت آهي ۽ جهانن جو پاليندڙ الله پاڪ آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز ڏنو ويو: ”بابرڪت آهي اهو جيڪو ان باهه (جي تجلي) ۾ آهي ۽ جيڪو ان جي آس پاس آهي. ۽ الله پاڪ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آيو اُن پار، ته وِيَسِ پُڪاريو پَڌرو، ته وِڌيون وِيون اُن ۾، بَرڪتون بِسيار، جيڪِي آهي آڳ ۾، پڻ اُنهئ جي چوڌار، پڻ غيران پاڪ غَفار، پالڻهار پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
(چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (الله تعاليٰ اتي فرمايو ته) اي موسيٰ يقيناً مان الله آهيان، سڀ ڪا طاقت ۽ قدرت رکندڙ آهيان ۽ وڏي حڪمت وارو آهيان.(علامه علي خان ابڙو) اي موسيٰ بيشڪ آئون اهو الله آهيان جيڪو غالب حڪمت وارو آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي موسى! آءُ ئي الله غالب حڪمت وارو آهيان.(سيد فرمان علي) اي موسى! بيشڪ شان هي آهي ته مان الله، غالب، حڪمت وارو آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي موسيٰ! بيشڪ آءُ ئي غالب حڪمت وارو آهيان. (مولانا محمد مدني) اي موسى (رازِ حقيقت) هي آهي ته آءٌ ئي الله آهيان غالب حڪمت وارو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مُوسٰى! هِي مَذڪُور، ته آءٌ اَلله آهيان، طاقتمند تمام گھڻو، دانا هَر دَستُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي موسيٰ) پنهنجي لٺ ته اڇلاءِ (حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ۽ پوءِ) جڏهن ان کي اهڙيءَ طرح چرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته نانگ آهي تڏهن پٺي ڦيرائي ڀڄڻ لڳو، ۽ پٺئين پاسي نهارايائين به ڪين. (تنهن تي الله تعاليٰ آواز ڏنس ته) اي موسيٰ! ڊڄ نه، مون وٽ منهنجي موجودگيءَ ۾ پيغمبر ڪونه ڊڄندا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ جڏهن موسيٰ ان کي ڏٺو ته چُري پُري پئي گوياڪ اها لٺ وڏو نانگ آهي ته پاڻ پُٺ ورائي روانو ٿيو ۽ پُٺي ورائي نه ڏٺو، الله تعالى فرمايو اي موسى تون خوف نه ڪر، بيشڪ مون وٽ رسولن کي خوف نٿو ٿئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (هاءُ) پنهنجي لٺ ته (زمين تي) اڇلائي. پوءِ جڏهن ان کي اهڙي طرح سرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته اهو (وڏو) نانگ آهي ته پٺ ڏيئي مڙيو ۽ نه ترسيو (ته اسان چيس) اي موسى نه ڊڄ! اسان وٽ ته پيغمبر نه ڊڄندا آهن (دلجاءِ هوندي اٿن).(سيد فرمان علي) ۽ اڇلاءِ لٺ پنهنجي پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته چُري پئي ڄڻ ته اها نانگ آهي ته ڀڳو پٺي ڏيندڙ ۽ نه پوئتي موٽيو اي موسى! نه ڊپ ڪر بيشڪ مان نه ٿا ڊڄن مون وٽ پيغمبر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ. پوءِ جڏهن ان کي سرندو ڏٺائين ڄڻ ته اهو نانگ آهي ته پٺ ڏيئي ڦريو ۽ نه ترسيو. اي موسيٰ! نه ڊڄ! بيشڪ پيغمبر مون وٽ نه ٿا ڊڄن. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي لٺ ڦِٽي ڪر“. پوءِ جڏهن ان کي تيز چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُهو نانگ آهي ته پٺي ڏئي ڊوڙيو ۽ پوئتي به نه نهاريائين. (حڪم آيو) ”اي موسى! نه ڊڄ. بيشڪ رسول منهنجي حضور ۾ نه ڊڄندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لائـِق! لوڙھ پَنهنجِي، اُڇل زُود ضَرُور، پوءِ جڏهن ڏِٺائـِينسِ، ته سُرپئـِي وِسيَر جِيئن وَهلُور، ته ڀَڳو، ڀَواريو پوئـِتي، ۽ اُڀليو نه اَهڳور، مُوسٰى! ڊِڄ نه مُور، مُرسل نه ڊِڄن، مُون وَٽان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) پر (ڳالهه هيئن آهي ته) جنهن ڪو ظلم ڪيو ۽ پوءِ برائي کي نيڪيءَ سان بدلائي ڇڏيو ته پوءِ (اهڙن لاءِ) يقيناً مان بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهيان.(علامه علي خان ابڙو) مگر جنهن کان ڪا لغزش ٿي ان کان پوءِ برائي کي نيڪيءَ سان تبديل ڪيائين، پوءِ بيشڪ آئون غفور رحيم آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر جنهن ظلم ڪيو وري برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته آءُ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان.(سيد فرمان علي) مگر جنهن ظلم ڪيو تنهن کان پوءِ مٽائي ڪيائين نيڪي برائيءَ کان پوءِ، پوءِ بيشڪ مان بخشڻهار، مهربان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر جنهن ظلم ڪيو وري برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته آءُ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. (مولانا محمد مدني) سواءِ ان جي جنهن ظلم ڪيو پوءِ برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته پوءِ بيشڪ آءٌ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر جنهن پَنهنجي جِئ کي، آزاريو اَڄاڻ، پوءِ بَدلائـِينسِ بَعد بَدِئَ جي،صَفاسُهڻِي ساڻ، پوءِ آهيان آءٌ پاڻ، مَرهِيندڙ۽ مِهرڀريو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي موسيٰ) پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته پوءِ اهو هٿ بنا ڪنهن داغ يا نقص جي (چنڊ وانگر) چمڪندي ٻاهر ايندو. اهي (ٻه نشانيون يا معجزا) انهن نون نشانين مان آهن جي فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي کڻي وڃ، بيشڪ هو وڏا سرڪش ۽ بي فرمان ماڻهو آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ تون پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجھه ته اهو بنا ڪنهن عيب جي نهايت سفيد ۽ جھرڪندڙ ٿي نڪرندو (اهي) نَوَ (9) معجزا آهن جيڪي فرعون ۽ سندس قوم لاءِ آهن، بيشڪ اها گنهگار قوم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهو ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد چمڪندو ٿي نڪري (اهي ٻه معجزا) جي نون معجزن مان آهن (جي تو کي ملندا تون) فرعون ۽ سندس قوم ڏي (وڃ) ڇو ته اهي بدڪار ماڻهو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ داخل ڪر هٿ پنهنجو گريبان ۾ ته نڪرندو چمڪندڙ ٿي، سوا ءِ عيب جي نون .عجزن ۽ فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن بيشڪ اهي هئا قوم فاسق . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد ٿي نڪري، هنن ٻن نشانين سان جي نون نشانين ۾ آهن فرعون ۽ سندس قوم ڏي وڃ ڇو ته اهي نافرمان قوم هئا. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ داخل ڪر ته بغير ڪنهن بيماري جي سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو. (اُهي ٻئي انهن) نَون معجزن مان آهن (انهن کي کڻي) فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن وڃ. بيشڪ اُهي نا فرمان قوم آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجِي ڳِچئَ ۾ پاڻ وِجھ، تُنهنجو هَٿ هيڪار، ته نِڪرندو، نَوَنِ نِشانِيَن ۾، اَڇو عيب ڌار، فسادِئَ فِرعون ڏي، پڻ سَندسِ قوم ڪُفار، آهي اِها اِظهار، قوم بنه بٖي قاعدٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن هنن (نافرمان ماڻهن) وٽ اسان جون چٽيون چٽيون نشانيون آيون تڏهن (بي وقوفن) چيو ته، هي ته ظاهرظهور جادو آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن انهن وٽ صاف معجزا پهتا ته اهي چوڻ لڳا هيءُ صاف جادو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن وٽين اکين کولڻ وارا معجزا آيا ته چوڻ لڳا، هي ته پڌرو جادو آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن آيون انهن وٽ اسان جون آيتون چٽيون ته چيائون هي جادو چٽو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن کين اسان جون نشانيون جيڪي اکيون کولڻ واريون آهن پهتيون تڏهن چيائون ته هي پڌرو جادو آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون آيتون پهتيون جيڪي اکيون کولڻ واريون هيون ته چيائون: ”هي چِٽو جادو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان جون، نِيشانِيون نِروار، چي، آهي هِي اِظهار،،ڪارو ڪُو ڪٽ پَڌرو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هنن ظلم ۽ سرڪشيءَ سبب انهن نشانين ۽ حڪمن کي نه مڃيو اگرچه سندن دليون انهن (حق جي نشانين) تي اعتبار ڪري چڪيون هيون. سو ڏسو ته هنن بگاڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن ان جو زباني انڪار ڪيو حالانڪ سندن دلين کي يقين هو اهو انڪار ڪرڻ ظلم ۽ تڪبر جي ڪري هو، پوءِ رسولِ عربي توهان ڏسو ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي طرح ٿئي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سرڪشيءَ ۾ وڏائيءَ کان انهن معجزن جو انڪار ڪيائون هوڏانهن سندن دلين انهن جو يقين ڪيو هو. پوءِ (اي رسول) ڏس ته (نيٺ) فسادين جي پڇاڙي ڪئين ٿي.(سيد فرمان علي) ۽ انڪار ڪيائون انهن جو ۽ يقين ڪيو انهن کي دلين انهن جي ظلم ۽ وڏائيءَ جي ڪري پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي فساد ڪندڙن جي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بي انصافيءَ ۽ وڏائيءَ کان انهن جو انڪار ڪيائون هوڏانهن سندن دلين انهن جو يقين ڪيو هو. پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن ظلم ۽ وڏائي سان انهن جو انڪار ڪيو حالانڪه سندن دليون انهن (نشانين جي حقانيت) جو يقين ڪري چڪيون هيون. پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيائون اِهڙي حال ۾، اُنهئ کان اِنڪار، جڏهن جانِيَنِ اُنهن جي، تَسَلِّي ڪئـِي تڪرار، اَرڏائـِي اَنڌير ڪري، ۽ وَڏائـِي وِيچار، پوءِ پَس پَڇاڙِي پار، ڏاڍن سَندا ڏيھ ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (گذريل زماني ۾) اسان دائود ۽ سليمان کي (شين جو توڙي روحاني) علم ڏنو هو. (جنهن تي) هنن ٻنهي چيو هو ته، خاص ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جنهن اسان کي پنهنجي مؤمن ٻانهن مان گهڻن کان وڌيڪ علم وارو ۽ وڌيڪ نيڪ ۽ صالح ڪيو اٿس ۽ وڌيڪ نعمتون ڏنيون اٿس)(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) داؤد ۽ (حضرت) سليمان کي علم عطا ڪيو، ۽ ٻنهي چيو سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گھڻن مؤمنن ٻانهن کان ڀلو ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ ٻنهين (خوش ٿي) چيو، خدا جو شڪر آهي جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ايمان وارن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق ڏنوسون داؤد ۽ سليمان کي علم ۽ چيائون ته سڀ ساراهه ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن ڀلو بنايو اسان کي گهڻن کان ٻانهن پنهنجن مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو. ۽ انهن چيو ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ايمان وارن ٻانهن تي فضيلت ڏني. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو، ۽ انهن ٻنهين چيو ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گهڻن مؤمن ٻانهن مٿان فضيلت ڏني“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان عطا عِلم ڪيو، دائُود، سُليمان، ۽ چيائون گھڻي چاھ مان، صاحب جا شُڪران، ته سَندسِ سَچن ٻانهن مان، آندو جَن اِيمان، گھڻنِ مَٿي مانَ، ڏِنون اَسان کي، ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ حضرت سليمان حضرت دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته، اي انسانؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر چيز مان ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويو آهي. بيشڪ اهو ظاهرظهور (خدا جو) فضل آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ (حضرت) سليمان (علم ۽ نبوت ۾) (حضرت) داؤد جو وارث ٿيو ۽ (حضرت) سليمان چيو اي انسانو اسان کي پکين جي ٻولين جو علم سيکاريو ويو آهي ۽ اسان کي هر شيءِ عطا ڪئي وئي آهي. بيشڪ هيءُ ظاهر بظهور احسان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (علم ۽ حڪمت مال متاع منقوله ۽ غير منقوله ۾) سليمان، دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي (دنيا جي) سڀ ڪا شيءَ ڏني ويئي آهي. بيشڪ اهو پڪ (خدا جو) پڌرو فضل ۽ ڪرم آهي.(سيد فرمان علي) ۽ وارث ٿيو سليمان داؤد جو ۽ چيائين ته اي انسانو! سيکاريا وياسون اسين ڳالهائڻ پکين جو ۽ ڏنا وياسون هر شيءِ مان بيشڪ هي البته اهائي ڀلائي پڌري آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سليمان دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي سڀ ڪا شيءِ ڏني وئي آهي. بيشڪ اها پڌري فضيلت آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ دائود جو وارث سليمان ٿيو ۽ چيائين: ”اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آهي ۽ اسان کي هر شيءِ مان ڏنو ويو آهي. بيشڪ هيءُ (الله جو) پڌرو فضل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دائود جي تخت جو، ٿِيو وارِث سُليمان، چي، صَحِي سيکاريو وِيو، اَسان اي اِنسان، پکئَ، پکئَ جون ٻوليون، بُلبُل، باز بَيان، ۽ هَر شانائـِتئَ، شئ مَنجھان، ٿيو اَسان تي اِحسان، آهي اِهو عيان، ڀال برابر پَڌرو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ حضرت سليمان جي لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ڪيا ويا ۽ انهن کي صفن ۾ نظام هيٺ رکيو ويو (بلڪ سڄي رعيت ۽ سڀ جانور وغيره چڱي نظام هيٺ آندا ويا.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ سليمان لاءِ جِنن ۽ انسانن ۽ پکين مان (هڪ عظيم الشان) لشڪر گڏ ڪيو ويو پوءِ اهي نظم و ضبط سان هلندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ سليمان جي اڳيان سندس لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا ته اهي سڀئي (جدا جدا جنسون) ترتيب ڏيئي بيهاريا ويندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ گڏ ڪيا ويا سليمان جي لاءِ ان جا لشڪر جنن مان ۽ ماڻهن مان ۽ پکين مان پوءِ اهي بيهاريا ٿي ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سليمان لاءِ سندس لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا جو انهن کي ترتيب ڏني ويندي هئي، (پوءِ هڪ ڀيري ڪنهن طرف ويا) (مولانا محمد مدني) ۽ سليمان لاءِ جِنن ۽ انسانن ۽ پَکِيُن جا لشڪر گڏ ڪيا ويا هئا پوءِ اهي پوري ضبط ۾ رکيا ويندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچي سُليمان لئي، وِيا ميڙيا مَنجھ ميدان، جيڪي سَندسِ سپاھ ۾، پکي، جِن، اِنسان، پوءِ تَنبُو ۽ طُولان، سي ساريو سَنڀاهِين پِيا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت سليمان پنهنجي لشڪر سان ڪنهن طرف ڪوچ ڪيو) تان جو ڪولين جي ماٿريءَ منجهان اچي لنگهيا. هڪڙي ڪول (واڪو ڪري) چيو ته، اي ڪوليون! پنهنجي گهرن يا ٻرن ۾ گهڙي وڃو، متان حضرت سليمان ۽ سندس لشڪر بي خبريءَ ۾ اوهان کي لتاڙي چيڀاٽي ماري ڇڏين.(علامه علي خان ابڙو) ايستائين جو اهي ماڪوڙي (ڪِيلِ) جي واديءَ ۾ پهتا، ماڪوڙي چيو اي ماڪوڙيون توهان پنهنجي گھرن ۾ وڃو، متان سليمان ۽ سندس لشڪر بي سمجھي ۾ توهان کي چِپي ڇڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (مطلب ته لشڪر ائين هلندو) ايستائين جو جڏهن (هڪ ڏينهن) ماڪوڙين جي ميدان تي پهتا تڏهن هڪ ماڪوڙيءَ چيو ته اي ڪوليون! اوهين پنهنجي گهرن ۾ گهڙي وڃو! متان سليمان ۽ سندس لشڪر اوهان کي نه لتاڙين ۽ انهن کي خبر نه پوي.(سيد فرمان علي) تانجو جڏهن آيا ڪِوِلِين جي واديءَ تي ته چيو هڪ ڪِوِلِ اي ڪِوِليون! داخل ٿيو ٻرڙن پنهنجن ۾ هرگز نه لتاڙي وجهن اوهان کي سليمان ۽ ان جو لشڪر ۽ اهي نه ٿا خبر رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تان جو جڏهن ماڪوڙين جي ميدان تي پهتا تڏهن هڪ ماڪوڙيءَ چيو ته اي ماڪوڙيون! اوهين پنهنجن گهرن ۾ گهڙي وڃو! متان سليمان ۽ سندس لشڪر اوهان کي نه لتاڙين(مولانا محمد مدني) (هڪ ڏينهن اهو انهن سان سفر ڪري رهيو هيو) ايستائين جو جڏهن اُهي ماڪوڙين جي وادي وٽ پهتا ته هڪ ماڪوڙي چيو: ”اي ماڪوڙيو! پنهنجي گهرن (يعني ٻِرن) ۾ داخل ٿي وڃو، سليمان ۽ سندس لشڪرَ توهان کي لتاڙي نه وجهن ۽ انهن کي خبر به نه پوي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڪوڙين جي مُلڪ ۾، جڏهن پُهتا پاڻ، ڪِيڙِئ چيو ڪِيڙيون! گِھڙو حُجرن ۾ هاڻ، سُليمان ۽ سپاھ اُن جو، نَه چِپِينان سُنبن ساڻ، جِنهن صُورت ۾، سُڄاڻ نه هُئنِ، اَهنجي حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڳالهه تي حضرت سليمان مرڪي کلي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهيءَ احسان جي شڪرگذاري (عملاً) ڏيکاريان جو مون تي ڪيو اٿئي ۽ منهنجي پيءُ تي ڪيو اٿئي. ۽ هيءَ به توفيق ڏي ته اهڙا صالح عمل ڪيان جي توکي پسند پون ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪر.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ (حضرت) سليمان ان جي ڳالهه ٻُڌي تبسم فرمائي کِليو ۽ چيائين اي منهنجا رب تون مون کي توفيق عطا ڪر ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪرگذار ٿيان جيڪي تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي ڪيون آهن. ۽ آئون اهڙو نيڪ عمل ڪريان جنهن کان تون راضي ٿئين ۽ تون مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ داخل فرماءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (سليمان) ان جي ڳالھ کان مشڪي کلي ويٺو ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪريان جا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين ۽ مون کي پنهنجيءَ خاص رحمت سان پنهنجن نيڪ بندن ۾ داخل ڪر.(سيد فرمان علي) پوءِ مرڪيو کلندڙ ان جي قول کان ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار! توفيق ڏي مون کي هيءَ ته شڪر ڪيان تنهنجي نعمت جو جيڪا نعمت ڪئي آهي تو مون تي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ۽ هي جو ڪيان مان صالح عمل جو راضي ٿين تون ان کان ۽ داخل ڪر مون کي پنهنجيءَ رحمت سان پنهنجن ٻانهن صالحن ۾.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن کي خبر به نه پوي. پوءِ ان جي ڳالهه کان مشڪي کلي ويٺو ۽ چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ڪريان جا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين ۽ مون کي پنهنجيءَ رحمت سان پنهنجن نيڪ ٻانهن ۾ داخل ڪر. (مولانا محمد مدني) پوءِ (سليمان) ان (ڪِول)جي ڳالهه تي مسڪرائيندي کِلي پيو ۽ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪيان جا تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي انعام فرمائي آهي ۽ آءٌ اهڙا صالح عمل ڪندو رهان جو تون راضي ٿين ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ شامل فرماءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَهسيو وَڏي ٽَهڪ سان، سُڻِي سَندسِ ڳالھ، چي، سانيمِ! سُهائيمِ تون، ته ڳايان تُنهنجا ڀال، مُون ۽ مُنهنجي پِئَ مَٿي، جي ڪَئـِي ڪَرم ڪمال، ۽ تو وَڻي، سو ڪم ڪريان، چوکو چَڱِئ چال، ۽ تُنهنجي يڪ بَندن نال، ڪقر ڀيڙو پَنهنجٖي ڀال سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (حضرت سليمان) پکين جي حاضري ورتي ۽ (سڀني گڏ ٿيل پکين کي نظر مان ڪڍي) چيائين ته، هي ڇا! ڪهڙي ڳالهه آهي جو مان هد هد (پکيءَ) کي ڪونه ٿو ڏسان؟ يا (هيئن آهي ڇا) ته هو غيرحاضر آهي؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ سليمان پکين جو حال احوال معلوم ڪيو پوءِ چيائين ڇا ڳالهه آهي جو آئون هدهد کي نٿو ڏسان، ڇا واقعي اهو موجود ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سليمان پکين (جي لشڪر) جي حاضري ورتي ته چوڻ لڳو ته ڇا ڳالھ آهي! جو آءُ هدهد کي (پنهنجي جاءِ تي) نه ٿو ڏسان يا هو غائب ٿي ويو آهي!(سيد فرمان علي) ۽ جائزو ورتائين پکين جو پوءِ چيائين ڇا ٿيو آهي مون کي؟ جو نه ٿو ڏسان مان هدهد کي يا آهي غائبن مان؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پکين جو پڇيائين پوءِ چيائين ته مون کي ڇا ٿيو آهي جو آءُ هُد هُد کي نه ٿو ڏسان يا هو غائب ٿي ويو آهي. ضرور آءُ (مولانا محمد مدني) ۽ (هڪ ڀيري) پکين بابت جانچ ڪيائين پوءِ چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي جو آءٌ هُد هُد کي نه ٿو ڏسان يا هُو (واقعي) غائب ٿي ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇا ڪَئـِين پَکئَ جي چي، ڇو نَه هِت چَنڊور؟ مان ڏِسان ٿو مُور، ياهُو نه حاضِرن ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.(علامه تاج محمود امروٽي) (جيڪڏهن بنا سبب غيرحاضر رهيو آهي ته) کيس سخت سزا ڏيندس يا کيس ڪهائي ڇڏيندس يا ته مون وٽ ڪو چٽو ۽ وسهائيندڙ دليل پيش ڪري.(علامه علي خان ابڙو) آئون ان تي ضرور سخت عذاب ڪندس يا ان کي ذبح ڪندس يا ان کي مون وٽ ڪو واضح دليل پيش ڪرڻو پوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (جيڪڏهن ائين آهي ته) آءُ کيس سخت سزا ڏيندس يا (نه ته) ان کي ڪهندس يا ته مون وٽ (پنهنجي غير حاضري جو) پڌرو دليل (عذر) پيش ڪري.(سيد فرمان علي) البته ضرور عذاب ڪندس مان ان کي عذاب ڏاڍو يا البته ضرور ڪهندس ان کي يا البته ضرور ايندو مون وٽ دليل چٽي سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي سخت سزا ڏيندس يا ان کي ڪهندس يا ته مون وٽ (پنهنجي غير حاضريءَ جو) پڌرو دليل (عذر) پيش ڪري. (مولانا محمد مدني) آءٌ ان کي ضرور (غير حاضري جي) سخت سزا ڏيندس يا ان کي ضرور ذبح ڪندس يا مون وٽ (بي قصوري جو) پڌرو دليل پيش ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَزا سَخت اُن کي، سارِي ڏِنيدسِ سُور، ياذَبح ڪَندس ِضرور، ياپَڌرو عَذر پيش ڪري. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.(علامه تاج محمود امروٽي) پر هدهد ڪو گهڻو وقت پري ڪونه رهيو. (هو انهيءَ ئي وقت پهچي ويو ۽) چيائين ته (اي حضرت سليمان) مان اهو (ملڪ) ڏسي ۽ گهمي آيو آهيان جو تو نه ڏٺو ۽ نه گهميو آهي، ۽ مان سبا (شهر) مان سچو حال احوال لهي تو وٽ آيو آهيان.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ (هدهد) زياده وقت نه ترسيو، پوءِ چيائين آئون اها ڳالهه چڱي طرح معلوم ڪري آيو آهيان جنهن جي توهان کي خبر ناهي، ۽ آئون توهان وٽ (شهر) سبا جي هڪ تحقيقي خبر کڻي آيو آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ گهڻي دير نه ڪيائين ۽ (هدهد) اچي عرض ڪيائين ته مون کي هڪ ڳالھ معلوم ٿي آهي جنهن جي اڃا حضور کي به خبر نه آهي. ۽ آءُ اوهان وٽ شهر سبا کان هڪ پڪ خبر کڻي آيو آهيان.(سيد فرمان علي) پوءِ ترسيو نه گهڻو وقت پوءِ عرض ڪيائين ته احاطو ڪيم ان جو جونه احاطو ڪيو تو ان جو ۽ آيس مان تو وٽ سبا مان يقين واري خبر سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ گهڻي دير نه ڪيائين پوءِ (اچي) چيائين ته مون کي هڪ ڳالهه معلوم ٿي آهي جنهن جي توکي خبر نه آهي. ۽ آءُ تو وٽ سبا (جي قوم) کان هڪ پڪي خبر کڻي آيو آهيان. (مولانا محمد مدني) پوءِ گهڻي دير نه گذري هئي جو ان اچي چيو: ”مون اهڙي خبر آندي آهي جنهن جي توکي خبر نه آهي ۽ آءٌ تو وٽ (مُلڪِ) سبا کان هڪ پڪي خبر کڻي آيو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِتَرسيو نه گھڻِي دير ڪا، ته اَچي چَيو چنَڊور، ته پُورِي رِيت پَروڙيَمِ، جِنهن جي پَيئـِي نَه تو پَرُوڙ، ۽ آندم سَباجو تولئي، مِڙوئـِي مَذڪُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) مان ڏٺو ته اتي هڪ عورت ماڻهن تي حڪومت هلائي رهي آهي ۽ هن کي هر چيز موجود ڪري ڏنل آهي ۽ کيس هڪڙو وڏو شاندار تخت آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ مون هڪ عورت ڏٺي جيڪا انهن تي حڪومت ڪري ٿي ۽ ان کي هر شيءِ ڏني وئي (جيڪا حڪومت لاءِ گھرجي) ۽ ان جو هڪ عظيم الشان تخت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مون هڪ عورت کي ڏٺو جو اتي جي ماڻهن تي حڪومت ٿي ڪري. ۽ ان کي سڀ ڪا شيءَ (نعمت) عطا ڪيل آهي ۽ سندس هڪ تمام وڏو تخت آهي.(سيد فرمان علي) تحقيق مون لڌو هڪ عورت کي جو بادشاهي ڪري پئي انهن تي ۽ ڏني وئي هر شيءِ مان ۽ ان جي لاءِ وڏو تخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ مون هڪ زال کي ڏٺو جا مٿن بادشاهي ٿي ڪري. ۽ ان کي سڀ ڪا شيءِ (نعمت) ڏني ويئي آهي ۽ ان کي هڪ وڏو تخت آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ مون هڪ عورت کي ڏٺو جا انهن تي حڪومت ڪري ٿي ۽ ان کي هر شيءِ ڏني وئي آهي ۽ ان جو زبردست تخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حاڪِم ڏِٺم هيڪڙِي، اُت عورت اَهل شُعُور، ۽ سڀ شئ مان، سڀ ڪُجھ تِنهن کي بَخشيو وِيو ڀَرپُور، ۽ زِينت ساڻ ضَرُور، تَخت وَڏو ڪو تِنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.(علامه تاج محمود امروٽي) مون هي به ڏٺو ته پاڻ ۽ سندس ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو ڪري رهيا آهن ۽ شيطان سندن نظر ۾ (اهڙن) عملن کي سهڻو ۽ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. سو هن انهن ماڻهن کي (سڌيءَ) راهه کان روڪي رکيو آهي. تنهن ڪري هنن کي سچي هدايت نه ملي آهي.(علامه علي خان ابڙو) مون ان کي ۽ سندن قوم کي ان حال ۾ ڏٺو جو اهي الله تعالى کانسواءِ سج جي پوڄا ڪري رهيا هئا ۽ شيطان انهن لاءِ سندن برا عمل سينگاريا پوءِ کين شيطان سنئين رستي کان روڪي ڇڏيو پوءِ اهي هدايت وارا ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مان خود ان ملڪه کي ۽ ان جي قوم کي ڏٺو آهي ته اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو پيا ڪن. ۽ شيطان انهن کي سندن عمل (انهن جي نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پڻ انهن کي سڌي رستي کان روڪيو اٿس تنهن ڪري کين (ايتري ڳالھ به) نه ٿي سمجهي،(سيد فرمان علي) لڌو مون ان کي ۽ ان جي قوم کي سجدو ڪن پيا سج کي الله کان سواءِ ۽ سينگاريا انهن لاءِ شيطان اعمال انهن جا پوءِ روڪيائين انهن کي (سڌيءَ) واٽ کان پوءِ اهي نه ٿا هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مون ان کي ۽ سندس قوم کي الله کانسواءِ سج کي سجدو ڪندي ڏٺو ۽ شيطان انهن کي سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ انهن کي رستي کان روڪيو اٿس تنهن ڪري اهي (هيتري ڳالهه جو به) رستو نه ٿا لهن. (مولانا محمد مدني) مون ان کي ۽ سندس قوم کي الله جي بجاءِ سج کي سجدو ڪندي ڏٺو آهي ۽ کين شيطان سندن عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ انهن کي (حق جي) رستي کان روڪي ڇڏيائين پوءِ اُهي هدايت نه ٿا لهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاتمِ اُن پاڻ کي، ۽ سَندسِ قوم ڪُفّار، سَجدا ڏِينِ سِج کي، ڏيه ڌَڻيان ڌار، ۽ سِينگارِيا سَندنِ لئي، شيطان سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ روڪيائينِ راه کان، سُونهنِ نه سَنئون پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
(اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ايتري حد تائين (شيطان هنن کي ڀلايو آهي) جو هو انهيءَ الله کي سجدو نٿا ڪن جو آسمان ۽ زمين جي لڪل شين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ جيڪي به توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي به توهان ظاهر ڪيو ٿا سو سڀ ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) (اهي) الله تعالى کي ڇو نٿا سجدو ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمينن جون لڪل شيون ظاهر ڪري ٿو ۽ (اهو ئي) ڄاڻي ٿو جيڪو توهان مخفي ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو اهي خدا کي سجدو ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي (ظاهر ڪري) ٿو ۽ جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) نه ٿا سجدو ڪن الله جي لاءِ جيڪو ڪڍي ٿو لڪل شي آسمانن مان ۽ زمين مان ۽ ڄاڻي ٿو اهو جيڪو لڪايو ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته ان الله کي سجدو ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي (ظاهر ڪري) ٿو ۽ جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني) اهي الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو (سڀ ڪجھه) جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته قَلب ساڻ قرار، سَجدو ڪن سُبحان کي. جو ڪَڍي اُڀ، زمين مان، بادل، باغ بهار، ۽ ڳالهائـِين ڳُجھو، پَڌرو، سوڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پر فقط الله ئي اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي ۽ اهوئي وڏي تخت جو رب آهي. (يعني حقيقي بادشاهه هڪ الله آهي).(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى آهي، ان کانسواءِ ڪو معبود ناهي اهو عرشِ عظيم جو رب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي جو تمام وڏي عرش جو مالڪ آهي.(سيد فرمان علي) سچو معبود ناهي ڪو معبود سچو مگر اهو رب عرش وڏي جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي جو وڏي تخت جو مالڪ آهي. (مولانا محمد مدني) الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود ناهي جو تمام وڏي عرش جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِي جنهن ڌاران نه ڪا، دَرگاھ ۽ دربار، پَرور پالڻهار، تمام وَڏي تخت جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
(سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت سليمان (راڻي بلقيس بابت احوال ٻڌي هدهد کي) چيو ته، چڱو اسان ڏسنداسين ته تو سچ چيو آهي يا ڪوڙ ڳالهايو اٿئي.(علامه علي خان ابڙو) سليمان چيو اسين هينئر ڏسون ٿا ته تو (اي هدهد) سچ ڳالهايو يا تون ڪوڙن مان آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سليمان چيو ته اچو ڏسون ٿا ته تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين.(سيد فرمان علي) فرمايائين ته جلد ڏسنداسون ته سچ چيو آهي تو يا آهين تون ڪوڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سليمان چيو ته اجهو ڏسون ٿا ته ڇا تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين؟ (مولانا محمد مدني) (سليمان ) چيو: ”هينئر ئي ڏسون ٿا ته تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جاچينداسون جَلدِي، ته سَچِي ڪَئـِي تو ڳالھ، يا ڪُورن مان ڪُلال!، آهِين تون اَحوال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟(علامه تاج محمود امروٽي) منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ انهن (سبا شهر جي ماڻهن) جي اڳيان وڃي اڇلاءِ. پوءِ انهن کان هٽي بيهه ۽ ترسي ڏس ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين.(علامه علي خان ابڙو) تون منهنجو هيءُ خط کڻي وڃ پوءِ اهو انهن تائين پهچائي ان کان پوءِ انهن کان پري ٿي پوءِ ڏس ته اهي ڪهڙو جواب ڏين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (چڱو) منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ هن کي انهن جي اڳيان اڇلائي! پوءِ انهن کان هٽي وڃج! ۽ پوءِ ڏسندو رهج ته اهي نيٺ ڪهڙو جواب ڏين ٿا.(سيد فرمان علي) کڻي وڃ خط منهنجو هي پوءِ اڇلاءِ ان کي انهن ڏانهن ان کان پوءِ منهن موڙ انهن کان پوءِ ڏس ته ڪهڙي ٿا موٽ ڏين.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) منهنجو هيءَ خط کڻي وڃ پوءِ ان کي انهن جي اڳيان اڇلاءِ! وري انهن کان هٽي وڃ پوءِ ڏس ته ڪهڙو جواب ڏين ٿا؟ (مولانا محمد مدني) منهنجو هي خط کڻي وڃ پوءِ ان کي انهن جي اڳيان اڇلاءِ پوءِ انهن کان هٽي وڃ پوءِ ڏس ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڏر کَڻِي خَط تون، پوءِ اُڇل اُنهن پار، پوءِ وَرِي وَر اُنهن کان، پوءِ نِرتًا ڪَر نِهار، ته ڪِهڙِي خبر چار، موڪلِينِ موٽ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
(بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (هد هد ويو ۽ خط پهچايائين تنهن تي) راڻي بلقيس چيو ته، اي اميرؤ! مون کي هڪڙو وڏي شان وارو خط مليو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان (بيبي بلقيس) چيو اي درباريو بيشڪ مون ڏانهن هڪ قابلِ احترام خط موڪليو ويو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (مطلب ته هد هد ملڪه وٽ خط پهچايو) ته ان چيو: اي (منهنجي دربار جا) سردارو! منهنجي اڳيان هڪ شاندار خط اڇلايو ويو آهي،(سيد فرمان علي) چيائين ته: اي سردارو! بيشڪ مان پهچايو ويو مون ڏانهن خط عزت وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بلقيس چيو ته اي سردارو! منهنجي اڳيان هڪ شاندار خط اڇلايو ويو آهي. (مولانا محمد مدني) (ملڪهءِ سبا) چيو ته: ”اي سردارو! بيشڪ مون وٽ هڪ سڳورو خط پهچايو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَيائـين چَڱن مُڙسن کي، ته ساٿِي صلاحڪار! ته خط مُوچارو مُهرسان، وِيو اُڇليو مُنهنجي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو خط حضرت سليمان وٽان آيو آهي. ۽ هن طرح لکيل آهي ”الله جي نالي سان شروع ٿا ڪيون جو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهو سليمان جي طرفان آهي ۽ بيشڪ ان جو مضمون هي آهي ته الله تعالى جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جيڪو نهايت مهربان ٻاجھارو (آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو سليمان جي طرفان آهي. هي (سندس سرنامو آهي ته) الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان (شروع ڪيل) آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهو سليمان جي طرفان آهي ۽ بيشڪ اهو (هي آهي ته) الله جي نالي سان شروع ڪيان ٿو جيڪو رحمان رحيم آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهو سليمان جي طرفان آهي ۽ بيشڪ اهو (خط) الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان (شروع ڪيل) آهي، (مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهو (خط) سليمان طرفان آهي ۽ بيشڪ اُهو الله جي نالي سان شروع (ڪيل) آهي جيڪو وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاغذ بَرقرار، صَحِي سُليمان کان. ۽ مَنجھسِ هِي مَذڪُور، ته اَوَّل نال اَلله جو، سَخي، سَٻاجھو گھڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
(ھن مضمون سان لکيل آھي) ته منھنجي آڏو وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو.(علامه تاج محمود امروٽي) توهان (سبا جي راڻي ۽ ٻيا ماڻهو) منهنجي مقابلي ۾ هٺ وڏائي ۽ سرڪشي نه ڪجو. بلڪ فرمانبردار ٿي مون ڏي هليا اچو.“(علامه علي خان ابڙو) مون سان تڪبر نه ڪريو ۽ توهان مون وٽ مسلمان ٿي اچو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (هن مضمون سان) ته: سرڪشي نه ڪريو ۽ مون وٽ فرمانبردار ٿي اچو.(سيد فرمان علي) نه مٿاهان ٿيو مون کان ۽ اچو مون وٽ مسلمان ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (هن مضمون سان) ته مون سان سرڪشي نه ڪريو ۽ مون وٽ فرمانبردار ٿي اچو. (مولانا محمد مدني) (خط هن طرح آهي ته) اوهان منهنجي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪيو ۽ فرمانبردار بنجي مون وٽ پيش ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مُون کان چَڙهو نه مُور، ۽ مون وٽ اي مغرور!، سَڀ سلامِي ٿِي اَچو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(بلقيس وري) چيو ته اي سردارؤ منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، آءٌ ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نه آھيان جيسين اوھين حاضر (نه) ٿيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (جڏهن راڻي بلقيس کي حضرت سليمان جو خط پهتو تڏهن) چيائين ته، اي (منهنجا) اميرؤ! مون کي پنهنجي راءِ ٻڌايو (ته ڇا ڪجي؟) جيستائين توهان راءِ نه ڏيندا آهيو تيستائين مان ڪنهن به (وڏي ۽ قومي) ڪم جو قطعي فيصلو ڪونه ڪندي آهيان.(علامه علي خان ابڙو) (بيبي بلقيس) چيو اي درباريو مون کي منهنجي هن معاملي ۾ مشورو ڏيو، جيستائين توهان مون وٽ موجود نٿا هجو ايستائين آئون ڪو آخري فيصلو نه ٿي ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ بلقيس) چيو اي سردار! منهنجي (هن) ڪم ۾ مون کي صلاح ڏيو. (ڇو ته منهنجو ته اهو قاعدو آهي ته) جيستائين اوهين مون وٽ حاضر (نه) هوندا آهيو آءُ ڪنهين ڳالھ ۾ قطعي فيصلو نه ڪندي آهيان.(سيد فرمان علي) چيائين ته اي سردارو! مشورو ڏيو مون کي منهنجي امر ۾ ناهيان مان نبيريندڙ ڪو ڪم تانجو حاضر ٿيو اوهان مون وٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چوڻ لڳي ته اي سردارو! منهنجي (هن) ڪم ۾ مون کي صلاح ڏيو. آءُ تيستائين ڪنهن به ڪم جو فيصلو نه ڪندي آهيان جيستائين اوهين مون وٽ حاضر (نه) ٿيندا آهيو. (مولانا محمد مدني) (ملڪه) چيو: ”اي سردارو! منهنجي هن ڪم ۾ مون کي مشورو ڏيو، آءٌ تيستائين ڪنهن ڪم جو قطعي فيصلو ڪونه ڪندي آهيان جيستائين توهان مون وٽ حاضر (نه) ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي ساٿِي صلاحڪار!، ڪِهڙِي صلاح ڏِيومِ ٿا؟ هِن مُنهنجي مَسئلي ۾، آءٌ ته اوهان کان ڌار، نِبرِيندڙ نه آهيان، ڪِهڙوئـِي ڪم ڪار، تان دانا! مَنجھ دَربار، سوچي صَلاح ڏِيومِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
چيائون ته اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ (سڀڪو) ڪم توکي (وس ۾) آھي پوءِ نھار ته ڇا ٿي حُڪم ڪرين.(علامه تاج محمود امروٽي) سردارن ورندي ڏني ته، اسان وڏي طاقت وارا ۽ سخت لڙاڪو آهيون (تنهن ڪري سليمان سان لڙڻ لاءِ به تيار آهيون پر اسان کي تنهنجي راءِ تي ڀروسو آهي.) معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي (اسان چاهيون ٿا ته تون پاڻ فيصلو ڪرين) خيال ڪري ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڏئين.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو اسين گھڻان طاقتور ۽ سخت جنگ ڪندڙ آهيون ۽ آخري حڪم توهان وٽ آهي پوءِ توهان جيڪوبه حڪم ڪريو (اسين اهو تسليم ڪنداسين)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن عرض ڪيو ته اسين طاقت وارا ۽ وڏا جنگي پهلوان آهيون ۽ (وڌيڪ) تنهنجي اختيار ۾ آهي ته جيڪو اوهين حڪم ڏيو پڻ چڱيءَ طرح (نتيجي تي) غور ڪريو.(سيد فرمان علي) عرض ڪيائون ته اسين صاحب طاقت جا آهيون ۽ صاحب جنگ سخت جا ۽ امر تو وٽ آهي پوءِ غور ڪر ته ڪهڙو امر ڪرين ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته اسين طاقت وارا ۽ وڏا جنگي پهلوان آهيون ۽ (وڌيڪ) تنهنجو اختيار آهي پوءِ ڏس ته ڪهڙو حڪم ڪرين ٿي؟ (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان طاقتور ۽ وڏا جنگي جوڌا آهيون ۽ حڪم تنهنجي اختيار ۾ آهي پوءِ (غور و فڪر ڪري) ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڪرين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَسِين قَرار قُوّت ۾، پڻ جَنگ جا جُونجھار، ۽ هَٿ حوالي تُنهنجي، ڪامِڻ! سَڀ ڪم ڪار، پوءِ نِرتًا ڪر نِهار، ته ڪِهڙِي صُورت سُوچيِـين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
چيائين ته بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانَ وارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ائين ئي ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) راڻيءَ (تنهن تي) چيو ته، (توهان کي خبر هوندي ته) بادشاهه جڏهن ڪنهن (پرائي) ملڪ ۾ گهڙن ٿا تڏهن ان کي تباهه ڪري ٿا ڇڏين ۽ ان ملڪ جي عزت وارن ماڻهن جي بي عزتي ٿا ڪن. (جڏهن اهي بادشاهه فتنو ڪندا اڳتي ويندا آهن تڏهن) ائين ئي ڪندا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ان چيو بيشڪ بادشاهه جنهن وقت ڪنهن ڳوٺ ۾ داخل ٿين ٿا، ته ان کي برباد ڪن ٿا ۽ اتان جي باعزت ماڻهن کي بي عزت ڪن ٿا ۽ اهي اهڙي طرح ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بلقيس چيو ته بادشاهن جو دستور آهي ته جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ (فتح جي زور تي) داخل ٿيندا آهن ته ان کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان جي عزت دار ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪندا آهن. ۽ (اهي ماڻهو به) ائين ئي ڪندا.(سيد فرمان علي) چيائين ته بيشڪ بادشاهه جڏهن داخل ٿين ٿا ڪنهن ڳوٺ ۾ ته ويران ڪن ٿا ان کي ۽ ڪن ٿا عزت وارن رهاڪن ان جي کي ذليل ۽ اهڙي طرح ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بلقيس چيو ته بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ داخل ٿين ٿا ته ان کي خراب ڪن ٿا ۽ ان جي سردارن کي خوار ڪن ٿا. ۽ اهڙيءَ طرح (هي به) ڪندا. (مولانا محمد مدني) (ملڪه) چيو ته: ”بيشڪ بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ داخل ٿين ٿا ان کي تباهه ڪن ٿا ۽ اتان جي با عزت ماڻهن کي ذليل ڪن ٿا، ۽ اهڙي طرح (هي به) ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَميشه حاڪمِين، آهِن اِهڙا پار، ته گِھڙن جِنهن گام ۾،ويران ڪَنس تِنهن وار، ۽ اُن جي اَمِيرن کي، ڪن خراب ۽ خوار، ۽ ڪندا اِهائـِي ڪار، هو پڻ هِن مُلڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا سان موٽن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو مان هيئن ٿي ڪيان جو (پهريائين) هنن ڏانهن (يعني حضرت سليمان ۽ سندس اميرن ڏانهن) ڪو تحفو يا سوغات ٿي موڪليان. پوءِ ڏسنديس ته، ايلچي ڪهڙو جواب وٺي ٿا موٽن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ آئون انهن ڏانهن تحفو موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ٿي ته قاصد ڪهڙو جواب کڻي موٽن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ ان ڏي (قاصدن جي معرفت) ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسنديس ته اهي ايلچي ڪهڙو جواب آڻين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ بلاشڪ مان موڪليندڙ آهيان انهن ڏانهن هڪ تحفو پوءِ ڏسندڙ آهيان ته ڇا سان موٽن ٿا موڪليل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ انهن ڏي ڪا سوکڙي موڪليان ٿي. پوءِ ڏسنديس ته قاصد ڪهڙي جواب سان موٽن ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ آءٌ انهن ڏانهن هڪ تحفو موڪلڻ واري آهيان پوءِ ڏسان ٿي ته قاصد ڪهڙو جواب وٺي موٽن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آءٌ اُنهن ڏي آهيان، موڪلِيندڙ ڪو مال، جاچِيان پو ڳالھ، ته موٽنِ ڪِهڙِئَ موٽ سان (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو ته اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ جو جيڪي مونکي الله ڏنو آھي سو انھيءَ کان ڀلو آھي جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿيو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن (راڻيءَ جا ايلچي) حضرت سليمان وٽ آيا (۽ سوغات پيش ڪيائون) تڏهن حضرت سليمان فرمايو ته، ڇا توهان مون کي دنيائي دولت ڏيڻ ٿا چاهيو؟ (ٻڌو) الله تعاليٰ جيڪا (روحاني دولت) مون کي عطا ڪئي آهي سا ان کان گهڻو بهتر آهي، جا اوهان کي ڏني اٿس. (مان دنيائي دولت ۽ اوهان جي سوغات تي راضي ڪونه ٿو ٿيان) بلڪ اوهان ئي آهيو جو پنهنجي (دولت ۽) سوغات تي خوش ٿا ٿيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن قاصد (حضرت) سليمان وٽ پهتو، (حضرت) سليمان چيو توهان منهنجي مال سان مدد ڪريو ٿا. پوءِ جيڪي مون کي منهنجي رب عطا ڪيو آهي اهو ان کان بهتر آهي جيڪو توهان کي ڏنو اٿس، بلڪ توهان پنهنجي تحفي تي پاڻ خوش ٿيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن (قاصد) سليمان وٽ آيو تڏهن سليمان چيو ته ڇا اوهين مون کي مال جي مدد ڏيو ٿا؟ پوءِ جيڪي خدا (دنيا جو مال) مون کي عطا فرمايو آهي سو (مال ۽ دولت) جيڪو اوهان کي ڏنو اٿس، تنهن کان گهڻو چڱو آهي (آءُ ته نه) پر اوهين پنهنجي سوکڙيءَ تي (ڀلي) خوش ٿيو.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن آيو سليمان وٽ ته فرمايائين ڇا مدد ڪيو ٿا منهنجي مال سان پوءِ جيڪو ڏنو مون کي الله ڀلو آهي ان کان جو ڏنائين اوهان کي بلڪه اوهان هديہ پنهنجي تي خوش ٿيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن (قاصد) سليمان وٽ آيو تڏهن سليمان چيو ته ڇا اوهين مون کي مال جي مدد ڏيو ٿا؟ پوءِ جيڪي مون کي الله ڏنو آهي سو ان کان چڱو آهي جو اوهان کي ڏنو اٿس پر اوهين پنهنجي سوکڙيءَ سان خوش ٿيو ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن اُهو (قاصد) سليمان وٽ آيو ته (سليمان ان کي) چيو: ”ڇا اوهان مال دولت سان منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ سو جيڪي الله مون کي ڏنو آهي سو ان کان ڀلو آهي جيڪو توهان کي ڏنو آهي، بلڪه توهان پنهنجي تحفي سان خوش ٿيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قاصِد سُليمان وٽ وارِد ٿيو جِنهن وار، چيائـِين، ته مون کي مال جِي، ڇا اَوهِين ڏِيو آڌار، جيڪِي ڏاج ڏيه مان، ڏِنان مون ڏاتار، آن کي ڏِنئين ڏاتِيون، تِنهن کان بِهتر بي شمار، پَنهنجي تُحفن تي تيار، اَوهِين اَجايو خُوش ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
(سندن سوغاتن سميت) انھن ڏانھن موٽي وڃ (اسين) بيشڪ اھڙا ڪٽڪ وٽن آڻينداسون جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نه ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي خوار ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت سليمان وڏي ايلچيءَ کي پوءِ هيئن به چيو ته) موٽي وڃ هنن ڏانهن (يعني پنهنجي راڻي ۽ اميرن ڏانهن) اسان پنهنجي اهڙن لشڪرن سان مٿن حملو ڪنداسين جن جو مقابلو هو ڪري نه سگهندا. ۽ اسان کين خوار خراب ڪري ان (ملڪ) مان ڪڍي ڇڏينداسين، ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جهڙا ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) تون انهن ڏانهن موٽي وڃ، پوءِ اسين انهن وٽ اهو لشڪر آڻينداسين جنهن جي مقابلي جي انهن کي طاقت نه هوندي ۽ اسين انهن کي ضرور ان (سرزمين) مان بي عزتو ڪري ڪڍنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون انهن ڏي موٽي وڃ، اسين پڪ مٿن اهڙا لشڪر آڻينداسون جن سان مقابلي ڪرڻ جي انهن کي ڪا طاقت نه آهي ۽ انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسون ۽ کين ذليل ڪري ڪڍنداسون ۽ اهي خوار هوندا.(سيد فرمان علي) موٽ انهن ڏانهن پوءِ البته ضرور آڻينداسون انهن وٽ اهڙا لشڪر جو ناهي طاقت مقابلي جي انهن کي انهن سان ۽ البته ضرور ڪڍنداسون اسين انهن کي ان مان ذليل ڪري ۽ اهي خوار ٿيندڙ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون انهن ڏي موٽي وڃ پوءِ اسين مٿن اهڙا لشڪر آڻينداسون جن سان مقابلي ڪرڻ جي انهن کي ڪا طاقت نه آهي ۽ انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسون ۽ اهي خوار هوندا. (مولانا محمد مدني) تون انهن ڏي (تحفي سميت) موٽي وڃ اسان ضرور انهن تي اهڙا لشڪر آڻينداسين جن سان مقابلي جي انهن کي طاقت نه هوندي ۽ اسان انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسين ۽ اُهي خوار هوندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پانهون، تن ڏي پُور، پوءِ آءٌ مَٿنِ، ڪاهِيندسِ ڪَٽڪن سان، جَن سان نه طاقت تَن ۾، مقابلي جِي مُور، ۽ ڪَڍندوسٖينِ اُن مَنجھان، ڪري ذَليل ضورور، ۽ مَڃِيندڙمَجبُور، اُهي هُوندا، اُنهِئَ حال ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
(سليمان) چيو ته اي سردارؤ اوھان مان ڪير انھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ مون وٽ سندس تخت آڻيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي) (ايلچي هليا ويا، حضرت سليمان پوءِ) فرمايو ته، اي منهنجا سردارؤ! اوهان مان ڪير راڻيءَ جو تخت کڻي مون وٽ پهچي ويندو، انهيءَ کان به اڳي جو هو ماڻهو فرمانبردار ٿي مون وٽ پهچي وڃن.(علامه علي خان ابڙو) سليمان چيو اي درباريو توهان مان ڪهڙو مون وٽ بيبي بلقيس جو تخت پهچائيندو ان کان اڳ جو اهي مون وٽ مسلمان ٿي اچن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (جڏهن اهو ويو ته) سليمان پنهنجي دربارين کي فرمايو: اي منهنجي دربار جا سردارو! توهان مان ڪير آهي جو انهن جي مون وٽ فرمانبردار تي اچڻ کان اڳ مون وٽ راني (بلقيس) جو تخت آڻي؟(سيد فرمان علي) فرمايائين ته: اي سردارو! ڪهڙو اوهان مان آڻيندو مون وٽ ان جو تخت ان کان اڳي جو اچن مون وٽ مسلمان ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سليمان چيو ته اي سردارو! اوهان مان ڪير آهي جو انهن جي مون وٽ فرمانبردار ٿي اچڻ کان اڳ مون وٽ ان جو تخت آڻي. (مولانا محمد مدني) (سليمان) چيو: ”اي سردارو! اوهان مان ڪير آهي جو ان جو تخت مون وٽ آڻي ان کان اڳ جو اُهي فرمانبردار بنجي مون وٽ اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُنهنجا مَشِيرو!، آهي اوهان مان ڪير؟ جو آڻي تخت اُنهءِئَ جو، اَ ڳي اِنهيان وير، ته ڦٽا ڪير ڦير، اَچن سَلامِي مُون سَندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو ته تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن تي) جنن مان هڪڙي وڏي طاقت واري جن چيو ته، توهان پنهنجي درٻار مان اٿندؤ تنهن کان به اڳي اهو تخت اوهان جي خدمت ۾ اچي پيش ڪندس. يقينا مون کي ان ڪم لاءِ وڏي ڪافي طاقت آهي ۽ مان ڀروسي جي لائق آهيان.(علامه علي خان ابڙو) عفريت جِنن مان هو، ان چيو آئون توهان کي اهو تخت توهان جي هِن مجلس جي برخواست ٿيڻ کان اڳ ۾ آڻي ڏيندس، ۽ بيشڪ آئون ان تي طاقت رکندڙ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنن مان هڪ چيو ته حضور! (دربار ختم ڪري) پنهنجي جاءِ تان اٿندا تنهن کان اڳ آءُ اوهان وٽ آڻيندس. ۽ بيشڪ مون کي ان جي طاقت آهي (۽ آءُ) امانت دار (به) آهيان.(سيد فرمان علي) عرض ڪيو عفريت جنن مان ته مان آڻيندس تو وٽ اهو ان کان اڳي جو اٿين تون پنهنجيءَ جاءِ کان ۽ بيشڪ مان ان تي البته قوت وارو، امين آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنن مان هڪ ديو چيو ته تون پنهنجي جاءِ کان اٿين تنهن کان اڳ آءُ ان کي تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ مون کي ان جي طاقت آهي (۽) امانتدار آهيان. (مولانا محمد مدني) جِنن مان هڪ زبردست جِنَ چيو ته: ”آءٌ ان (تخت) کي آڻيندس ان کان اڳ جو تون پنهنجي جاءِ کان اٿين (يعني مجلس برخاست ڪرين)، ۽ بيشڪ آءٌ ان (جي آڻڻ) تي طاقتور (۽) امانتدار آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن زَبر جُنگ جِنن مان، پاٻوهيو اِن پَر، ته آڻِيندسِ اُن کي، تِنهن کان اَ ڳ اَنور! ته اُٿيِـين پَنهنجي آسَڻ تان، پارِس پغمبر!، ۽ زورا وَر زَبر، انهِئ تي اَمين آهيان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
(ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو (تنھن) چيو ته تنھنجي نگاھ جي توڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين ته ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) ته مونکي پرکي ته شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو، ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي ته منھنجو پالڻھار بي پرواہ ڪرم ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (پر) هڪڙي شخص جنهن کي (خدائي) ڪتاب جو ڪجهه علم هو (تنهن) چيو ته، مان ان تخت کي اک ڇنڀڻ کان به اڳي آڻي سگهندس. (ان شخص کي حڪم مليو هو جهٽ پٽ تخت کڻي آيو) پوءِ جڏهن حضرت سليمان اهو تخت پنهنجي اڳيان ڏٺو تڏهن چيائين ته، هي منهنجو رب جي فضل جو نتيجو آهي. (جو مون وٽ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي اهڙا ڪم ايڏو تڪڙو ڪري سگهن ٿا. ايترو فضل هن لاءِ آهي ته) منهنجو رب مون کي آزمائي ته مان شڪر ٿو ڪيان (۽ سندس نعمتون سندس راهه ۾ ڪم ٿو آڻيان) يا ناشڪري ٿو ڪيان ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به شڪر ٿو ڪري سو (رڳو) پنهنجي (فائدي) لاءِ ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪوبه ناشڪري ٿو ڪري (ته پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري نه ڪه الله تعاليٰ جو) الله تعاليٰ ته يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي. (ڪابه حاجت ڪانهيس) ۽ بيشڪ هو وڏي شان وارو ۽ وڏي سخا وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) آصف برخيا عرض ڪيو جنهن وٽ مقدس ڪتاب جو علم هو، ان چيو ته آئون توهان وٽ اهو تخت توهان جي اک ڇنڀڻ کان اڳ ۾ آڻي ڏيندس، پوءِ جڏهن (حضرت) سليمان اهو تخت پاڻ وٽ موجود ڏٺو، چيائين هيءُ منهنجي رب جو احسان آهي، پاڻ مون کي آزمائي ٿو ته ڇا آئون شڪر ڪريان ٿو يا نٿو ڪريان، ۽ جيڪو (ماڻهو) شڪر ڪري ٿو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو شڪر نٿو ڪري پوءِ بيشڪ منهنجو رب غني ۽ ڪريم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (تنهن تي سليمان جي ڪڇڻ کان اڳ يڪدم) ان شخص (آصف بن برخيا) جنهن وٽ (خدا جي) ڪتاب جو ڪجھ علم هو، چيو ته آءُ تنهنجي اک چنڀڻ کان به اڳ ۾ تخت کي آڻي حاضر ڪندس. (ايتري ۾ هو اچي ويو) ته جڏهن سليمان ان کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺو تڏهن چيائين ته هي فقط منهنجي پروردگار جو فضل ۽ ڪرم آهي، هن لاءِ ته مون کي آزمائي ته آءُ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪندو ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته (ياد رکي!) منهنجو پروردگار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي) چيو ان جو ان وٽ علم آهي ڪتاب جو ته مان آڻيندس تو وٽ اهو اڳي ان کان جو ڇنڀجي تو ڏانهن اک تنهنجي پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي قرار وٺندڙ ان وٽ ته چيائين هي فضل رب منهنجي جو آهي تانته آزمائي مون کي ته ڇا شڪر ڪيان ٿو مان يا بي شڪري ڪيان ٿو؟ ۽ جنهن شڪر ڪيو پوءِ شڪر ڪري ٿو پنهنجي سر (جي فائدي) لاءِ ۽ جنهن بي شڪري ڪئي پوءِ بيشڪ منهنجو رب غني، ڪريم آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن وٽ ڪتاب جو هڪ علم هو تنهن چيو ته تنهنجي اک توڏي موٽي تنهن کان اڳي (يعني اک ڇنڀ) ۾ آءُ ان کي تو وٽ آڻيندس. پوءِ جڏهن ان کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺائين تڏهن چيائين ته هي منهنجي پاليندڙ جو فضل آهي، هن لاءِ ته مون کي آزمائي ته ڇا شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪندو ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته منهنجو پاليندڙ بي پرواهه ڪرم ڪندڙ آهي (مولانا محمد مدني) ان ماڻهو چيو جنهن وٽ (آسماني) ڪتاب جو ڪجهه علم هيو: ”آءٌ ان کي تو وٽ آڻيندس ان کان اڳ جو تنهنجي اک تو ڏي موٽي“. (يعني اک ڇنڀڻ کان اڳ) پوءِ جڏهن (سليمان ) ان (تخت) کي پنهنجي اڳيان رکيل ڏٺو ته چيائين: ”هي منهنجي پالڻهار جو فضل آهي. تان ته مون کي آزمائي ته آءٌ شڪر ڪيان ٿو يا بي شڪري ڪيان ٿو. ۽ جنهن (الله جو) شڪر ڪيو سو صرف پنهنجي (ڀلي لاءِ) شڪر ڪري ٿو، ۽ جنهن ناشڪري ڪئي ته پوءِ بيشڪ منهنجو پروردگار بي نياز ڪرم ڪندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن کي عِلم ڪتاب مان، ٻوليو تِنهن ٻِيهار، آءٌ آڻِيندسِ تو وَٽ، تَخت اُهو تڪرار، اڳي اِنهيان وار، ته ڇِنڀِين اَک ڇُڳير! تون. پوءِ جڏهن ڏِٺائـِين اُن کي، حاضِر وَٽسِ هيڪار، ته هِي ڀَلي ڌڻيَمِ جي ڀال مان، ٻوليائـِين ٻيهار، اِهو سَڀئٺِي اِنڪري، ته پَرکيمِ پالڻهار، ته هن جا لف لکه هزار، ڳايان، ڪ ڳايان ڪين ٿو؟ ۽ جو ٿورو مَڃي، ته پاڻ لئي، ۽ جو نَه مڃي ٿورو، ته سانيَمِ سڳورو، ڀَلو ۽ بي نِياز گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
(سُليمان) چيو ته اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ مٽايو ته ڏسون ته سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي جيڪي نه سڃاڻن؟(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت سليمان (پوءِ) فرمايو ته، راڻيءَ جي تخت جي شڪل هن لاءِ (ايتري قدر) مٽائي ڇڏيو (جو جڏهن ڏسي ته مشڪل سڃاڻي سگهي.) پوءِ ڏسنداسين ته هوءَ حق کي سڃاڻي سگهي ٿي يا انهن منجهان آهي جيڪي هدايت وٺڻ جيتري سمجهه نٿا رکن.(علامه علي خان ابڙو) سليمان چيو بيبي بلقيس جي تخت جي صورتحال تبديل ڪريو، اسين ڏسون ٿا ته اها ان کي سڃاڻي ٿي يا اها ان کي نٿي سڃاڻي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (تنهن کان پوءِ) سليمان چيو ته ان (جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلي ڇڏيو ته ڏسون ته ان کي سڃاڻي سگهي ٿي يا انهن مان آهي جيڪي سمجھ نه ٿا رکن.(سيد فرمان علي) فرمايائين ته شڪل مٽايو ان جي لاءِ ان جي تخت جي ڏسون ته سڃاڻي ٿي يا ٿئي ٿي انهن مان جيڪي نه سڃاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سليمان چيو ته ان (جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلي ڇڏيو ته ڏسون ته ان کي (ايمان جي رستي جو) پتو پوي ٿو يا بي خبرن مان ٿئي ٿي. (مولانا محمد مدني) (سليمان ) چيو: ”ان (ملڪه جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلائي ڇڏيو اسان ڏسون ته (سُڃاڻ جي) راهه لهي ٿي يا انهن مان هجي ٿي جيڪي سمجهه سڃاڻ نه ٿا رکن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪريو تَخت تِنهنجو، اَسُونهون اِنهِئَ ڪاڻ، ته پَسون ته پڪ اُنهِئَ کي، سُڄاڻي سُڄاڻ، يا آهي اُنهن مان پاڻ، جي صَحِي سُڃاڻنِ ڪِين ڪِي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو ته تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين ته ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائي بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني وئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (راڻيءَ کي سندس ايلچين حضرت سليمان جو پيغام پهچايو، ۽ هوءَ حضرت سليمان ڏي وڃڻ لاءِ رواني ٿي) پوءِ جڏهن (حضرت سليمان وٽ) پهتي تڏهن کانئس پڇيو ويو ته، هيءِ تخت تنهنجو آهي ڇا؟ راڻيءَ جواب ڏنو ته ڄڻ ته اهوئي آهي، (۽ وڌيڪ چيائين ته) اسان کي هن کان اڳ ئي (خدا وٽان ڪجهه) علم مليل هو (هاڻي توهان جي عقل، علم، سچائي ۽ پيغمبري جي خبر به پئجي ويئي) سو هاڻي فرمانبرداري قبول ٿا ڪيون، ۽ اسلام تي اچون ٿا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جنهن وقت اها آئي ته ان کي چيو ويو ته ڇا تنهنجو تخت اهڙوئي آهي؟ بيبي بلقيس چيو گوياڪ اِهو اُهو ئي (تخت) آهي، ۽ اسان کي ان کان اڳ ۾ (توهان جي نبوت جي) خبر پئجي وئي ۽ اسان توهان جي فرمانبرداري ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ائين ئي ڪيو ويو) پوءِ جڏهن آئي تڏهن ان کي چيو ويو ته ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟ چيائين ته ڄڻ ته اهو اهو ئي آهي ۽ اسان کي ان (واقعي) کان اڳي ئي اوهان جي (نبوت) معلوم ٿي چڪي ۽ اسين (تنهن وقت کان ئي) اوهان جا فرمانبردار آهيون.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن آئي ته چيو ويو ڇا هن طرح آهي تخت تنهنجو عرض ڪيائين ڄڻ ته اهوئي آهي ۽ ڏنا وياسون ڄاڻ ان کان اڳي ۽ هئاسون مڃيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن آئي تڏهن ان کي چيو ويو ته ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟ چيائين ته ڄڻ ته اِهو اُهوئي آهي ۽ اسان کي ان (واقعي) کان اڳ ئي (سليمان جي خداپرستي) معلوم ٿي چڪي ۽ اسين (ان وقت کان ئي) فرمانبردار آهيون. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن آئي ته (کيس) چيو ويو: ”ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟“ چيائين: ”ڄڻڪ هي اُهو ئي آهي، ۽ اسان کي ان کان اڳ ئي ان (سليمان جو حق تي هجڻ) جو علم ٿي چڪو هيو ۽ اسان (ان وقت کان ئي) مسلمان آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُن وٽ آئـِي، ته وِيُسِ چيو تِنهن وار، هِي ڪِ تَخت تُنهنجو؟ چي، ساڳِيئ سو سَينگار، ۽ مِلِيسون اِنهيان اڳي، صَحِي سَماچار، ۽ اَسِين هُئاسُون اڳهِين ، تَهِدل تابِعدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي) (راڻي بلقيس بيشڪ سمجهه واري هئي پر سندس وڏا توڙي سندس ماڻهو سج جي پوڄا ڪندڙ هئا) انهيءَ ئي ڳالهه کيس (سچي دين کان) روڪي رکيو هو، جو هوءَ (ٻين وانگر) خدا کي ڇڏي ٻين شين جي پوڄا ڪندڙ هئي، ۽ بيشڪ هوءَ ڪافرن جي قوم منجهان هئي (۽ انهن ۾ ڄائي نپني هئي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اُن ان کي الله کانسواءِ ٻئي جي عبادت کان روڪي ڇڏيو. بيشڪ اها ڪافرن جي قوم مان هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ خدا کان سواءِ جنهن جي عبادت ڪندي هئي تن کان ان کي سليمان روڪيو ڇو ته اها ڪافر قوم مان هئي. (۽ سج کي پوڄيندي هئي).(سيد فرمان علي) ۽ روڪيائين ان (بلقيس) کي انهن کان انهن جن جي عبادت ڪندي هئي الله کان سواءِ بلاشڪ اها هئي ڪافر قوم مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ الله کانسواءِ جنهن جي عبادت ڪندي هئي تنهن کان ان کي سليمان روڪيو. بيشڪ اهاڪافر قوم مان هئي. (مولانا محمد مدني) ۽ ان (راڻي) کي (حق جي قبولڻ کان) ان (معبودِ باطل) روڪيو هيو جنهن جي الله کان سواءِ عبادت ڪندي هئي. بيشڪ اُها ڪافرن جي قوم مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ روڪِيَسِ تِنهن راھ کان، جَن پُوڄئٺِين، ڌڻياڌار، هُئٺِي ساهيڪار، قوم مَنجھاران ڪافِرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ) راڻيءَ کي چيو ويو ته، (هاڻي) وڏي محلات ۾ هل. پوءِ جيڪي (اڱڻ ۾) ڏٺائين تنهن کي پاڻيءَ جو دٻو سمجهيائين ۽ (ڪپڙن کي پسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙا مٿي کنيائين ۽) پنيون ظاهر ڪري وڌائين. (تنهن تي) حضرت سليمان کيس چيو ته، هڪ محلات آهي جا شيشي جي وڏين سرن يا ٽڪرن سان بنايل آهي (ڪپڙن مٿي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. راڻي غور ڪري) چيو ته، اي منهنجا پروردگار (مان ڀليل هيس) مان پاڻ تي ظلم ڪندي رهي هيس. هاڻي مان حضرت سليمان سان شامل ٿي انهيءَ ئي الله جي ٻانهپ قبول ٿي ڪيان، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيبي بلقيس کي چيو ويو ته محل ۾ داخل ٿيءُ پوءِ جڏهن ان کي ڏٺائين ته ان کي ان پاڻي ڀانيو ۽ پاڻ پنهنجا ور مٿي ڪيائين، سليمان چيو ته بيشڪ هي شفاف محل آهي جيڪو شيشي مان تيار ڪيو ويو آهي، بيبي بلقيس چيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو (شرڪ وغيره جي ڪري) ۽ (هاڻي) مون سليمان سان گڏ تو رب العالمين تي ايمان آندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بلقيس کي چيو ويو ته محلات ۾ داخل ٿيءُ! پوءِ جڏهن هن (محل ۾ شيشي جوفرش) ڏٺائين تڏهن ان کي اونهو پاڻي خيال ڪيائين ۽ پنهنجيون ٻئي پنيون کوليائين. سليمان چيو اهو ته صرف شيشي جو بنايل محلات آهي. (تنهن وقت هوشيار ٿي ۽) عرض ڪيائين: اي منهنجا پالڻهار! مون سج جي پوڄا ڪري پڪ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي آءُ سليمان سان گڏ ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آڻيان ٿي.(سيد فرمان علي) چيو ويو ان کي ته داخل ٿيءُ محل ۾ پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته سمجهيائين ان کي اونهو پاڻي ۽ ڪپڙو مٿي ڪيائين پنين پنهنجين تان چيائين ته بيشڪ اها محلات جڙيل آهي شيشن مان چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون ظلم ڪيو پنهنجي سر تي ۽ اسلام قبول ڪيم سليمان سان گڏ الله جهانن جي پالڻهار جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بلقيس کي چيوويو ته محلات ۾ داخل ٿيءُ، پوءِ جڏهن ان کي ڏٺائين تڏهن ان کي اونهو پاڻي خيال ڪيائين ۽ پنهنجو پنيون کوليائين. سليمان چيو ته اهو ته صاف شيشي جو بنايل محلات آهي. بلقيس چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (هاڻي) سليمان سان گڏ جهانن جي پاليندڙ الله جي مون تابعداري قبول ڪئي. (مولانا محمد مدني) کيس چيو ويو ته محل جي صحن ۾ داخل ٿيءُ پوءِ جڏهن ان (شيشي جي فرش) کي ڏٺو ته ان کي اونهو پاڻي سمجهيائين ۽ (وَرَ کڻي) پنهنجيون پِنيون کوليائين. (سليمان) چيو: ”بيشڪ اُهو محل جو شيشن سان جڙيل صحن آهي“. (ملڪه) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (هاڻي) مون سليمان سان گڏ ان الله جي فرمانبرداري ڪئي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، داخِل ٿِي دَرٻار ۾، گِھڙ مَنجھ گادِئَ گَھر، پوءِ جڏهن ڏِٺائـِين اُن کي، ته ڀائٺِينس ڇولِي ڇَر، سَندسِ ٻِن بُڪِيَن تان، وارڻ لَڳِي وَر، هِي ڪَٽهڙو ڪائٖي صاف جو، اُتو پوءِ اَنور، چي، ظاهِر ظُلم مون، سانيَمِ پَنهنجي سِر، ۽ سَچي سُليمان گَڏ، مَڃِيَمِ مُعبر، خاص خدا خاطِر ، جو پالڻهار، پِرٿڻِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هي سچو واقعو آهي ته اسان ثمود قوم جي ماڻهن ڏانهن سندن برادريءَ جي ماڻهوءَ حضرت صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪيو (۽ سندس حڪمن جي پيروي ڪيو) پوءِ ڏسو ته ڇا ٿيو جو اهي ماڻهو ٻه ٽوليون ٿي پيا (هڪڙي مومنن جي ۽ ٻي مخالفن جي) جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندا رهيا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان ثمود (قوم) ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو ته توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو، پوءِ ان وقت اهي ٻه فريق (مؤمن ۽ ڪافر) ٿيا جيڪي جھڳڙو ڪري رهيا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان ئي ثمود جي قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو ته اهي صالح جي اچن سان ئي (مومن ۽ ڪافر) ٻه فرقا ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا.(سيد فرمان علي) ۽ البته تحقيق موڪليو اسان ثمود ڏانهن سندن (نسب ۾) ڀاءُ صالح کي ته عبادت ڪيو الله جي پوءِ ان مهل اهي ٻه ٽولا ٿي جهڳڙو ڪن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان ثمود ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ ان ئي وقت اهي ٻه جماعتون ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان ثمود ڏانهن انهن جي ڀاءُ (هم قبيله) صالح کي موڪليو ته توهان الله جي عبادت ڪيو پوءِ ان ئي وقت اُهي ٻه ٽوليون ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ صالِح مُڪوسون ثََمُود ڏي، سَندن ڀاءُ صَراف، ته هرگز هِڪ اآلله جِي، ڪريو شيوا صاف، پوءِ اِجھو اِختلاف، ٻه ٻاريون ڪن پيون پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
(صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت صالح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ڇو توهان چڱائي گهرڻ جي بدران عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ لائي ڏني آهي؟ ڇو نٿا الله کان بخشش گهرو ته من. توهان تي رحم ڪري؟(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) صالح چيو اي منهنجي قوم توهان نيڪي کان اڳ ۾ برائي ڏانهن تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ توهان الله تعالى کان ڇو نٿا بخشش طلب ڪريو، يقيناً توهان تي رحم ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) صالح چيو ته اي منهنجي قوم ڀلائي کان برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ خدا کان معافي ڇو نه ٿا گهرو ته من اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سيد فرمان علي) فرمايائين ته اي منهنجي قوم! ڇا لاءِ تڪڙو گهرو ٿا عذاب چڱائيءَ کان اڳي ڇو نه ٿا مغفرت گهرو الله کان تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) صالح چيو ته اي منهنجي قوم! ڀلائي کان اڳي برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ الله کان معافي ڇو نه ٿا گهرو ته مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (مولانا محمد مدني) (صالح) چيو: ”اي منهنجي قوم! توهان ڀلائي کان اڳ برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪيو؟ الله کان بخشش ڇو نه ٿا گهرو تان ته توهان تي رحم ڪيو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، قوم! تڪڙو ڪوھ، سُک کان، اڳي، ڏُک گُھرو؟ بَندا ڇو نه بَخشيائيو، ڏاتر ڪنان ڏوھ؟ مان توهان تي توھ، مِهر مولا جِي ٿئِٺٖي! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) هو چوڻ لڳا ته، (اي صالح) تون ۽ تنهنجا ساٿي (مؤمن) اسان جي لاءِ نڀاڳا ۽ منحوس ثابت ٿيا آهيو. حضرت صالح فرمايو ته، توهان جو نڀاڳ الله جي طرف کان آهي (ڇو ته توهان الله تعالي! جي فرمانبرداري ڇڏي ظلم تي سنبري بيٺا آهيو.) بلڪ توهان اها قوم آهيو جنهن جي آزمائش ٿي رهي آهي.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو اسين توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي منحوس سمجھون ٿا، (حضرت) صالح چيو توهان جي منحوسي الله تعالى وٽ آهي پر توهان اها قوم آهيو جنهنکي آزمايو وڃي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته اسان تو کي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن تن کي نڀاڳو ڏٺو آهي. صالح چين ته اوهان جي بدقسمتي الله وٽ آهي، (اهو سڀ ڪجھ ڪونهي) پر اوهان ماڻهن کي پرکيو وڃي ٿو.(سيد فرمان علي) چيائون ته بري فال ورتي اسان توسان ۽ انهن سان جيڪي توسان گڏ آهن فرمايائين ته بري فال اوهان جي الله وٽان آهي بلڪ اوهان قوم فتني ۾ وڌل آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته اسان توکي ۽ جيڪي توسان گڏ آهن تن کي نڀاڳو ڏٺو آهي. صالح چيو ته اوهان جو نڀاڳ الله وٽ آهي پر اوهان ماڻهن کي پرکيو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان کي تو کان ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن تن کان نحوست پهتي آهي“. (صالح) چيو ته: ”توهان جي نحوست الله وٽ (لکيل) آهي بلڪه توهان ماڻهو آزمائش ۾ مبتلا ڪيا ويا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون ۽ تُنهنجي ساٿين مان، ٿا سَمجھون ________ سوڻ اوهان جي ساٿِينءَ وَٽ، ٻوليائٺِين ٻيهار، بَلڪ اَوهِين بَدڪار، پَنهنجِي ۾ پَرکيا وڃو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهيءَ شهر ۾ نَــوَ شخص هئا جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ڪندا هئا ۽ سڌرڻ جو منجهن امڪان ئي ڪونه هو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ (ثمود جي) شهر ۾ نَوَ (9) ماڻهو هئا جيڪي زمين ۾ فساد پيدا ڪندا هئا ۽ اصلاح نه ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ان) شهر ۾ نو ڄڻا هئا جي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ سڌاري (جو فڪر) نه ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ هئا شهر ۾ نوَ .خص جيڪي فساد ڪندا هئا زمين ۾ ۽ نه سڌارو ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اُن) شهر ۾ نَوَ ڄڻا هئا جي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ سڌارو نه ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني) ۽ (ثمود جي) شهر ۾ نَوَ ڄڻا (قومي) اڳواڻ هئا جيڪي زمين ۾ فساد ڦهلائيندا هئا ۽ سڌارو نه ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَوَ شخص اُنهئَ شهر ۾، بِنہ هُئابَدخواه، ڀَون ۾ وِجھن بِگيڙ پِئا، ۽ ٺوڳِي نه گُھرن ٺاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن هڪٻئي کي چيو ته، اچو ته الله جي نالي تي قسم کڻون ۽ واعدو ڏيون ته اسان رات جي وقت (لڪي چپي) صالح ۽ سندس عيال تي وڃي ڪڙڪنداسين (۽ کين قتل ڪري ڇڏينداسين) ۽ پوءِ سندس وارثن کي (ڪوڙ هڻي) چونداسين ته اسان ته سندس عيال جي قتل ٿيڻ جي جاءِ به نه ڏٺي آهي ۽ يقيناً اسان سچ ٿا چئون (ته اسان کي ڪابه خبر ڪانهي.)(علامه علي خان ابڙو) انهن پاڻ ۾ الله جو قسم کڻي چيو ته اسين ضرور صالح ۽ ان جي گھر وارن تي رات جو ڇاپو هڻنداسين، پوءِ ان جي وارثن کي چونداسين ته اسين ان جي گھر وارن جي هلاڪت وقت نه هئاسين ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن ماڻهن (پاڻ ۾) چيو ته پاڻ ۾ خدا جو قسم کڻو ته اسين صالح ۽ سندس گهروارن کي رات جو ماري ڇڏينداسون (۽) پوءِ ان جي وارث کي چونداسون ته اسين سندس گهر جي تباھ ٿيڻ وقت حاضر نه هئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون.(سيد فرمان علي) چيائون قسم کڻي الله جو ته البته ضرور رات جو مارينداسون ان کي ۽ ان جي اهل کي تنهن کان پوءِ البته ضرور چونداسون وارث ان جي کي ته نه حاضر هئاسون اسين جاءِ هلاڪت اهل ان جي کي ۽ بيشڪ اسين البته سچا آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن الله جو قسم کڻي چيو ته اسين ان کي ۽ سندس گهر وارن کي رات جو ماري ڇڏينداسون پوءِ ان جي وارث کي چونداسون ته اسين سندس گهر جي تباهه ٿيڻ وقت حاضر نه هئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”پاڻ ۾ الله جو قسم کڻي وعدو ڪيو ته اسان ضرور رات جو ان (صالح) کي ۽ ان جي گهروارن کي قتل ڪنداسين پوءِ سندس وارث کي چونداسين ته اسان انهن جي هلاڪت جي موقعي تي حاضر ئي نه هياسين ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَچو ته گڏجِي پاڻ ۾، ٻَڌون ٻول اَلله، ته ڪُهون راتو واھ، اُن ۽ سَندسِ عيال کي. پوءِ سَندنِ عَزِيزنِ آکيؤن، ته ڪُٽنبسِ ڪُهڻ ۾ گڏ، هَڪيا نَه هُئاسون هَڏ، ۽ اَسِين صفا سَچا آهيون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن ته اهو منصوبو يا تجويز ٺاهي، پر اسان (يعني الله تعالي!) به پنهنجي تجويز تيار رکي جنهن جو هنن کي پتو به ڪونه پيو (هو ناڪامياب ٿيا. اٽلندو پاڻ تباه ٿيا.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن فريب ڪيو ۽ اسان پنهنجي تدبير ڪئي ۽ اهي نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن هڪڙي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ اسان ٻئي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي (اسان جي تدبير جي) خبر به نه پئي.(سيد فرمان علي) ۽ فريب ڪيائون هڪ قسم فريب ڪرڻ ۽ رٿ رٿي اسان به رٿ ۽ اهي نه پيا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن هڪڙي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ اسان ٻئي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه پئي. (مولانا محمد مدني) ۽انهن ڳجهي سازش ڪئي ۽ اسان به ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه پئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِٽون سِٽيائون پان، اَسان به سِٽون سِٽيون، ۽ جڏهن اِهي اَڄاڻ، اون نه رکن اِن ڳالھ جِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ (اي پيغمبر!) ڏس ته سندن منصوبي جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي (۽ نتيجو ڪهڙو نڪتو). اسان انهن (نون شخصن ) کي توڙي سندن قوم جي سڀني ماڻهن کي ناس ڪري ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان ڏسو ته انهن جي فريب جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي، بيشڪ اسان انهن کي ۽ انهن جي سموري قوم کي هلاڪ ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) ڏس ته انهن جي ڳجهي تدبير جي پڇاڙي ڪئين ٿي جو انهن کي ۽ سندن ساريءَ قوم کي برباد ڪيوسون.(سيد فرمان علي) پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي فريب جي بيشڪ اسان هلاڪ ڪيوسون انهن کي ۽ سندس سموري قوم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڏس ته انهن جي ڳجهي تدبير جي پڇاڙي ڪيئن ٿي جو انهن کي ۽ سندن ساريءَ قوم کي برباد ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) پوءِ ڏس ته انهن جي سازش جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ بيشڪ اسان انهن (اڳواڻن) ۽ سندس ساري قوم کي برباد ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَندنِ سِٽائن جِي، پَس پَڇاڙِي ڪِنهن پَر، مارياسون مُنڪر، سي ۽ سَندنِ سارِي ساٿ ساڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ اُنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون اُھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اکين سان ڏسو) هي آهن انهن جا گهر جيڪي سندن ئي ظلم جي ڪري ڊاهي ڍير ڪيا ويا. انهيءَ واقعي ۾ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ عبرت جي نشاني آهي، جيڪي علم (۽ عقل) وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي سندن گھر خالي پيل آهن سندن ظلم سببان، بيشڪ انهيءَ ۾ سمجھدار قوم لاءِ نشاني آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن جي ظلم جي ڪري انهن جا گهر ڊٺل آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن واقعي ۾ ڄاڻو ماڻهن لاءِ وڏو سبق آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ اهي گهر انهن جا اجڙيل آهن ان سببان جو ظلم ڪيائون بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم وارن لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن جي ظلم جي ڪري انهن جا اهي گهر ڊٺل آهن. بيشڪ ان ۾ ڄاڻڻ واريءَ قوم لاءِ (وڏي) نشاني آهي. (مولانا محمد مدني) سو هي انهن جا اُجڙيل گهر آهن ان ڪري جو انهن ظلم ڪيو. بيشڪ ان (واقعي) ۾ ڄاڻڻ واري قوم لاءِ وڏي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اِهي گَھر اُنهن جا، وَرِهن کان ويران، ڪارڻ جنهن ڪَلُور ڪيؤ؛ اُن ۾ عام نيشان، ڌارِين، جي ڌِيان، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جن ماڻهن (حضرت صالح تي) ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ۽ نيڪ عملي اختيار ڪيائون تن کي اسان بچائي ورتو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان مؤمنن کي نجات ڏني ۽ اهي خوف رکندڙ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي بچايوسون.(سيد فرمان علي) ۽ ڇڏايوسين انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڊڄندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ٿي ڪئي تن کي بچايوسون. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان انهن ماڻهن کي نجات ڏني جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آجو ڪيو سون اُنهن کي، وِسهيا، جي وِير، ۽ ثابِت مَٿي سَچ سِير، هَليا هَر ڪِنهن حال ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لُوط کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين بي حيائي (جو ڪم) ڪندا آھيو ڇا؟ ۽ اوھين ڏسندا (به) آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان حضرت لوط کي به پيغمبر ڪري موڪليو. ڏسو هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو ته، ڇا توهان غليظ بي شرميءَ جو ڪم ڪي رهيا آهيو، اگرچه توهان ڏسو به ٿا (ته اها سخت بي حيائي آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ (حضرت) لوط کي (اسان پيغمبر ڪري موڪليو) جنهن وقت ان پنهنجي قوم کي چيو ڇا توهان فحاشي ڪريو ٿا حالانڪ توهان ڏسي رهيا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڇا اوهين ڏسي وائسي بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ لوط (کي ياد ڪر) جڏهن فرمايائين پنهنجي قوم کي ته ڇا ڪيو ٿا برو ڪم ۽ اوهان ڏسو پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ لوط کي (موڪليوسون) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڇا اوهين ڏسي وائسي بي حيائيءَ جو ڪم ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ لوط کي اسان موڪليو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”ڇا اوهان بي حيائي جو ڪم ڪيو ٿا حالانڪه توهان ڏسو وائسو به ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لُوط سَندسِ قوم کي، جڏهن چيو اِهڙي چال، ڇا، اَچو اَڀرائـِي مَٿي؟ ۽ پاڻ پَسو جِنهن حال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا توهان شهوت سان مردن ڏي ٿا وڃو ۽ عورتن کي ڇڏي ٿا ڏيو. حقيقت هيءَ آهي ته توهان سخت جاهل ماڻهو آهي. (۽ وڏا ظالم ۽ بدڪار آهيو).(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان عورتن کانسواءِ مردن ڏانهن وڃو ٿا، بلڪ توهان جاهل قوم آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت (جي خيال) سان وڃو ٿا (اهو چڱو نٿا ڪريو) پر اوهين وڏي جاهل قوم آهيو.(سيد فرمان علي) ڇا اوهان بلاشڪ اچو ٿا مردن ڏانهن شهوة سان عورتن کان سواءِ بلڪ اوهان قوم آهيو جيڪي جهل ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت (جي خيال) سان وڃو ٿا؟ پر اوهين جاهل قوم آهيو.(مولانا محمد مدني) ڇا توهان نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ عورتن کي ڇڏي مردن ڏانهن اچو ٿا؟ بلڪ اوهان ته جاهل قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نارِيُنِ ري، نَرن تي؟ اَچو ڪِرھ ساڻ ڪُلال! بَلڪ اَوهِين بَطال!، قوم اَناڙِي آهيو .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
تڏھن سندن قوم جي ورندي رڳو ھيءَ ھئي ته چيائون ته پنھنجي ڳوٺ مان لُوط جي گھر وارن کي تڙيو، ڇو ته اُھي ماڻھو پاڪ ھجڻ گھرندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) پر هنن (بدڪارن) وٽ سواءِ هن جي ٻيو جواب ئي ڪونه هو ته لوط جي گهراڻي کي شهر مان ڪڍي ڇڏيو. اهي ماڻهو اچي پاڪ باز بڻيا آهن!(علامه علي خان ابڙو) پوءِ سندن قوم جو ان کان علاوه ڪو جواب نه هو مگر اهو ته توهان پنهنجي ڳوٺ مان لوط وارن کي ٻاهر ڪڍو، بيشڪ اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪائي ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو هي هو جو چوڻ لڳا ته لوط جي گهروارن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍو. ڇو ته اهي ماڻهو پاڪ صاف رهڻ گهرن ٿا.(سيد فرمان علي) پوءِ نه هو جواب ان جي قوم جو مگر هيءُ جو چيائون ته ڪڍو اوهان لوط جي آل کي پنهنجي ڳوٺ مان بيشڪ اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪ هجڻ گهرن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو هيءَ هو جو چيائون ته لوط جي گهر وارن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍو. ڇو ته اهي ماڻهو پاڪ رهڻ گهرن ٿا. (مولانا محمد مدني) پوءِ سندس قوم جو جواب رُڳو هي هيو جو چيائون: ”لوط جي گهراڻي کي پنهنجي ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍو، بيشڪ اُهي ماڻهو پاڪباز بنجن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَندسِ ڪافِر قوم جو، هِن ري، هونه جواب، ته لوڌو لُوط وارن کي، پَنهنجي شهر شِٽاب، هِي اِهڙا نيڪ نواب، ته پاڪ سَڏائـِن پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي بچايوسون سواءِ سندس زال جي، جنھن کي پوءِ تي رھيلن مان ٺھرايوسين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اسان حضرت لوط کي ۽ سندس گهروارن کي سواءِ سندس زال جي (برباديءَ کان) بچائي ورتو. سندس (منڪر) زال متعلق اسان اها ڳالهه ٺهرائي ڇڏي ته پٺتي رهندڙن ۾ رهجي پوندي (۽ انهن سان گڏ تباهه ٿي ويندي).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اسان (حضرت) لوط ۽ سندس اهل کي سندس گھر واريءَ کانسواءِ، نجات ڏني اسان جي تقدير سان اها (عذاب ۾) رهجي وئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهروارن کي بچايوسون پر سندس زال جو اسان ان جي تقدير ۾ پوئتي رهيلن مان لکي ڇڏيو هو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڇڏايوسين ان کي ۽ ان جي اهل کي مگر زال ان جي فيصلي ۾ رکيو اسان ان کي پوئتي رهندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهر وارن کي بچايو سندس زال کانسواءِ جنهن کي پوئتي رهيلن مان ٺهرايوسون. (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي بچايوسين سواءِ سندس گهرواريءَ جي، اسان ان کي (عذاب لاءِ) پوئتي رهجي وڃڻ وارن ۾ مقرر ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو ڪَيو سُونِس، ۽ آل تِنهن، سوا سَندسِ زال، ٺَهرايو اُن کي اَسان، پويَنِ مان پيمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ مٿن مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄايلن جو مينھن بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (حضرت لوط ۽ سندس عيال جي نڪري وڃڻ بعد) اسان هنن (منڪرن) جي مٿان (پٿرن جو) سخت مينهن وسايو. اهو مينهن ڪهڙو نه هولناڪ ثابت ٿيو انهن ماڻهن لاءِ جن کي (حضرت لوط جي وسيلي) خبردار ڪيو ويو هو (پر هنن نه مڃيو هو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان انهن جي مٿان (پڪل ٺڪرين جو) مِينهن وسايو، پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن لاءِ اهو تمام خراب مِينهن هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (پوءِ ته) اسان انهن ماڻهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو ته جن کي اسان ڊيڄاريو هو تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وٺو.(سيد فرمان علي) ۽ وسايوسون انهن تي مينهن پوءِ بڇڙو هو مينهن ڊيڄاريلن جو. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مٿن هڪ قسم جو مينهن وسايوسون. پوءِ ڊيڄاريلن جو ڪهڙو نه مينهن بڇڙو هو. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان انهن تي (پٿرن جو) خوب مينهن وسايو پوءِ ان ڊيڄاريل ماڻهن مٿان (پٿرن جو) مينهن ڏاڍو برو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَسايوسون وَسڻ کي، اُنهن تي آل جال، بُڇڙو ٿيو بَحال، وَسڪارو ويسَلين ! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
(اي پيغمبر) چؤ ته سڀ ساراہ الله کي جڳائي ۽ سندس انھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي) (اي منهنجا پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته خاص ساراه الله جي لاءِ آهي ۽ سلامتي هجي سندس انهن ٻانهن تي جن کي پيغمبريءَ لاءِ چونڊيائين. (اي انسانو! ذرا غور ته ڪيو ۽ ڏسو ته) الله تعاليٰ بهتر آهي يا اهي (مخلوق) جن کي خدا سان شريڪ بنايو وڃي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن ۽ برگزيده ٻانهن تي سلام آهي، ڇا الله تعالى بهتر آهي يا سندن بت بهتر آهن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تون چئو ته (انهن جي هلاڪ هجڻ تي) خدا جو شڪر ۽ سلام سندس انهن تي بندن تي آهي جن کي پسند ڪيو اٿس. ڀلا خدا چڱو آهي يا جن کي خدا جو شريڪ بنائين ٿا!(سيد فرمان علي) فرماءِ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ (ثابت) آهي ۽ سلام ان جي انهن ٻانهن تي آهي جيڪي برگزيدا بنايائين ڇا الله ڀلو آهي يا جن کي شريڪ بنائين ٿا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي رسول !) چؤ ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن ۽ سلام سندس انهن ٻانهن تي آهي جن کي پسند ڪيو اٿس. ڇا الله چڱو آهي يا جن کي الله جو شريڪ بنائين ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ڇو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن ۽ سلام سندس انهن ٻانهن تي جن کي چونڊيائين. ڇا الله بهتر آهي يا اُهي (ڪوڙا معبود) جن کي الله جو شريڪ بنائن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، آهي شُڪر الله جو، پڻ سَدائـِين سَلام، سَندسِ تَن بندن تي، جن کي عزت ڏِنِي عَلام، ڇا بيشڪ ڀَلو پاڪ ڌَڻي، تَن مِڙنِي کان تَمام، يا گولاسي غُلام، ڀانئـِن ڀيڙو جَن کي ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
(نه بلڪ پڇون ٿا) اُھو ڪير آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ ان سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي ڪا سگھ نه ھئي الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جي سڌي رستي کان) ڏنگو ھلندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڀلا ٻڌايو ته) آسمانن کي ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي، ۽ ڪير آسمان مان اوهان جي لاءِ مينهن ٿو وسائي؟ (ڏسو) اسان ئي ان مينهن جي ريج سان سرسبز ۽ سهڻا باغ لڳايون ٿا. اوهان کي اها طاقت بلڪل ڪانهي جو اوهان انهن باغن جي وڻن کي ڄمايو ۽ وڏا ڪيو. (پوءِ ٻڌايو ته) خدا سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ هرگز نه. حقيقت هيءَ آهي ته هي (مشرڪ) اهڙا ماڻهو آهن جي (ڏنگي واٽ ٿا وٺن ۽) وڏي بي انصافي ٿا ڪن. (۽ پاڻ سان ظلم ٿا ڪن).(علامه علي خان ابڙو) يا اُهو الله تعالى بهتر آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي پيدا فرمايو ۽ توهان لاءِ آسمان مان مِينهن نازل فرمايو، پوءِ اسان ان مان خوبصورت باغ پيدا فرمايا، توهان کي انهن وڻن جي کُٽائڻ جي توفيق نه هئي، ڇا الله تعالى سان گڏ ڪو معبود آهي؟ بلڪ اها قوم (حق کان) پري ٿئي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا اهو ڪير آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان اوهان لاءِ پاڻي وسايو؟ (اسان ئي ته وسايو) پوءِ اسان رونق وارا باغ ڄماياسون. اوهان جو ڪم نه هو جو انهن جا وڻ ڄمايو. ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (ڪڏهين نه) پر اهي ماڻهو (پنهنجي دليئون گهڙي بتن کي) ان جي برابر بنائين ٿا.(سيد فرمان علي) اهو ڪير آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ لاٿائين اوهان جي لاءِ آسمان مان پاڻي پوءِ ڄماياسون ان سان باغ رونق وارا ناهي طاقت اوهان کي هيءَ جو ڄمايو وڻ انهن جا ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ بلڪ اهي قوم آهن جيڪي ڏنگا هلن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ آسمان مان (ڪنهن) اوهان لاءِ پاڻي وسايو؟ (اسان وسايو) پوءِ ان سان رونق وارا باغ ڄماياسون. اوهان جو ڪم نه هو جو انهن جا وڻ ڄمايو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو حاڪم آهي؟ پر اهي اهڙي قوم آهن جي (رستي کان) ڦري ٿا. (۶۰)(مولانا محمد مدني) ڀلا (ٻڌايو) ڪير آهي؟ جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو؟ ۽ اوهان لاءِ آسمان کان پاڻي (يعني مينهن) لاٿائين؟ پوءِ اسان ان (پاڻي) سان رونقدار باغ ڄمايا، اوهان لاءِ ممڪن نه هيو جو ان (باغن) جا وڻ ڄمايو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ بلڪه اُهي اهڙي قوم آهن جي (حق جي راهه کان) پري هٽن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا آسمان، زمين کي، جوڙيو جنهن جبار، ۽ موڪ وَسائـِين مِينهڙا، اُڀ مان اَوهان هارِ، پوءِ اُپاڙئـِين اُن سان، سُهڻا گُل گُلزار، آن کي نه سَگھ، ته اُڀاريو، اُن جا وڻ وَڻڪار، ڇا، آهي ڪو الله سان ،ٻيو ڀيڙو ڀائـِيوار؟، بَلڪ پَهر اُنهِئَ جا پار، ته هَلنِ وِنگِي واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
(نه بلڪ پڇون ٿا ٿه) زمين کي ٽڪاءَ وارو ڪنھن ڪيو ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڀلا ٻڌايو ته) ڪنهن زمين کي (انسانن وغيره لاءِ) قرار گاهه يعني رهڻ جي جاءِ بنايو آهي، ۽ ان ۾ نديون نهرون رکيون آهن، ۽ ڪنهن ان تي جبل ٺاهيا آهن ۽ ڪنهن ٻن سمنڊن (يعني مٺي ۽ کاري پاڻيءَ) جي وچ ۾ جدا ڪندڙ حد مقرر ڪري ڇڏي آهي؟ (پوءِ ٻڌايو ته) خدا سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ حقيقت هيءَ آهي ته هنن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو بي علم آهن.(علامه علي خان ابڙو) يا اُهو الله جنهن زمين کي رهڻ لاءِ بنايو ۽ ان جي وچ مان نهرون پيدا ڪيون ۽ زمين لاءِ جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ سَنڌو پيدا ڪيو، ڇا الله تعالى سان گڏ ڪو معبود آهي؟ بلڪ اڪثر انهن مان نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا زمين کي رهڻ جي جاءِ ڪنهن ڪيو؟ ۽ (ڪنهن) ان جي وچ ۾ نهرون پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن (مٺي کاري) جي وچ ۾ هڪ پردو ڪيائين. ڇا خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي) ڪير آهي جنهن ڪيو زمين کي قرار وارو ۽ ڪيائين انهن جي وچ ۾ نهرون ۽ ڪيائين ان تي مضبوط قائم رهندڙ (جبل) ۽ ڪيائين ٻن سمنڊن جي وچ ۾ اوٽ ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ بلڪ گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا زمين کي رهڻ جي جاءِ ڪنهن ڪيو؟ ۽ (ڪنهن) ان جي وچ ۾ نهرون پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ هڪ پردو ڪيائين. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو حاڪم آهي؟ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (۶۱)(مولانا محمد مدني) ڀلا زمين کي قرار جي جاءِ ڪنهن بنايو؟ ۽ ان جي وچ ۾ نهرون بنايائين ۽ ان جي لاءِ ڳرا جبل بنايائين ۽ (ڪوڙي ۽ مِٺي) ٻن دريائن جي وچ ۾ پردو بنايائين. ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود (انهن ڪمن ۾ شريڪ)آهي؟ بلڪه انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن ڌَرتِي ڌُٻڻِئَ کي، ڪِنهن ڪيو برقرار؟ ۽ اوهِئين وِچان اُن جي، درياءَ، درياءَ ڌار؟ اُچا ڏونگر اُن لئي، ڪِنهن جوڙيا جوڙڻهار؟ ۽ ٻِن دريائن وِچ ۾، ڪِنهن اوٽ رکِي اَسرار؟ ڇا، آهي گڏ الله سان، ٻِيلِي ٻِيو ٻِيهار؟ بَلڪ گھڻا بَدڪار، مَنجھائـِن نَه سَمجھن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
(نه بلڪ پُڇون ٿا ته) عاجز جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي؟ ۽ (ڪير) ڏک لاھيندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڀلا ٻڌايو ته سهي ته) ڪير آهي جو ڏکايل جي (دانهن) ٻڌي ٿو جڏهن اهو ڏکايل کيس پڪاري ٿو ۽ ڪير تڪليفن کي دور ڪري ٿو؟ ڪنهن توهان کي زمين تي خليفو ڪري رکيو آهي يا زمين جو بادشاهه بنايو آهي؟ (پوءِ ٻڌايو ته) الله سان گڏ ڪو ٻيو به معبود ٿي سگهي ٿو ڇا؟ حقيقت هيءَ آهي ته توهان (مشرڪ) ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏيو (۽ غور فڪر ئي ڪونه ٿا ڪيو).(علامه علي خان ابڙو) اهو ڪير آهي جيڪو پريشان کي ٻُڌي ٿو جڏهن اهو اُن کي پڪاري ٿو ۽ ان تان تڪليف لاهي ٿو ۽ توهان کي زمين ۾ (اڳين ماڻهن جو) وارث بنائي ٿو، ڇا الله تعالى سان گڏ ڪو معبود آهي، ٿورڙا اهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا پريشان حال جي دعا قبول ڪير ڪري ٿو جڏهن هو ان کي سڏي ٿو ۽ (ڪير) سختي لاهي ٿو ۽ (ڪنهن) اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه!) تنهن هوندي به اوهين ماڻهو تمام گهٽ نصيحت ۽ سبق حاصل ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا ڪير آهي جيڪو قبول ٿو ڪري پريشان ٿيندڙ جي (دعا) جڏهن ان کان دعا گهري ۽ لاهي ٿو تڪليف ۽ بنائي ٿو اوهان کي جاءِ نشين زمين ۾ ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ ٿوري ٿا نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا عاجز جي دعا ڪير قبول ڪري ٿو جڏهن هو ان کي سڏي ٿو ۽ (ڪير) سختي لاهي ٿو ۽ اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) وارث ڪري ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو حاڪم آهي؟ اوهين بالڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. (۶۲)(مولانا محمد مدني) ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو بي قرار ماڻهو جي دعا قبول ڪري ٿو جڏهن اُهو کيس سڏي ٿو ۽ تڪليف دور ڪري ٿو ۽ اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) وارث ڪري ٿو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ توهان گهٽ نصيحت قبول ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُونائي اَڙيات جِي، جڏهن ٻاڏائيسِ ٻِيهار؟ ۽ لاهي مٿانس لحظي ۾، تڪليفون تڪرار؟، ۽ مُقرّر ڪَنيان مُلڪ ۾، والِي وِرثيدار؟ ڇا، آهي گڏ اَلله سان ٻيلي ٻيو ٻيهار؟ پَر نصِحيت نِبار، وِڙلي وَٺندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
(نه بلڪ پڇون ٿا ته) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجي ٻاجھ (مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ وائن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (وري ٻڌايو ته) ڪير آهي جو اوهان کي بَرن ۽ بَحرن (جهنگلن ۽ سمنڊن) جي اونداهين ۾ رستو ٿو ڏيکاري؟ ۽ ڪير آهي جو پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳي هوائن کي (انهيءَ رحمت جي) خوشخبري ڏيڻ لاءِ موڪلي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود ٿي سگهي ٿو؟ (هرگز نه) جن کي مشرڪ خدا سان شريڪ ٺهرائين ٿا تن کان خدا گهڻو بالاتر آهي. (يعني خدا اهڙو قادر آهي جو هن کي مددگارن جي گهرج ئي ڪانهي).(علامه علي خان ابڙو) اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي زمين ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ واٽ ڏيکاري ٿو ۽ اهو ڪير آهي جيڪو مينهن کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيندڙ هوائون موڪلي ٿو، ڇا الله تعالى سان گڏ ڪو معبود آهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان بلند آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا خشڪيءَ ۽ دريا جي اونداهين ۾ اوهان کي ڪير رستو ڏيکاري ٿو ۽ پنهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ خوش خبري ڏيندڙ هوائون ڪير موڪلي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) خدا انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) ڪير آهي جيڪو واٽ ڏيکاري ٿو اوهان کي پٽ جي اونداهين ۾ ۽ سمنڊ ۾ ۽ ڪير موڪلي ٿو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ اڳيان رحمت پنهنجي ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ برتر آهي الله انهن کان جن کي شريڪ بنائين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين ۾ اوهان کي ڪير رستو ڏيکاري ٿو ۽ پنهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ هوائون ڪير موڪلي ٿو؟ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو حاڪم آهي؟ الله انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو اوهان کي خشڪي ۽ درياء جي اونداهين ۾ رستو ڏيکاري ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو هوائن کي پنهنجي رحمت (جي مينهن) کان اڳ خوشخبري بنائي موڪلي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟(جيڪو اهي ڪم ڪري) الله انهن کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُونداهِين ۾، بَر، بَحر جي، پَسائـِينان پار؟ يا موڪلي، سَندسِ مِهر اڳيان، وَاءَ واڌاين هارِ؟ ڇا، آهي گڏ اَلله سان، ٻيلي ٻيو ٻيهار؟ جَن کي ڀائـِن ڀائيوار، اَلله اُتم ٿيو ، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڀلا نئين سر مخلوق ڪير بڻائيندو آھي وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو؟ ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجي حُجت آڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ڀلا ڪير آهي جنهن پهريائين پهريائين خلقت جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ به خلقيندو رهي ٿو؟ ۽۽ ڪير آهي جو اوهان کي زمين ۽ آسمان مان رزق پهچائيندو رهي ٿو، ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود ٿي سگهي ٿو؟ (اي منهنجا پيغمبر! انهن مشرڪن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان (شريڪن ٺهرائڻ ۾) سچا آهيو ته پنهنجو ڪو دليل ته آڻيو؟(علامه علي خان ابڙو) يا اهو ڪير آهي جيڪو مخلوق کي پيدا ڪري ٿو، ان کان پوءِ ان کي موٽائيندو ۽ اهو ڪير آهي جيڪو آسمان ۽ زمين مان توهان کي رزق عطا ڪري ٿو، ڇا الله تعالى سان گڏ ڪو معبود آهي،؟ رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان پنهنجا دليل آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڀلا ڪير نئين سر (سڀ کي) پيدا ڪري ٿو پوءِ وري ٻيو ڀيرو (مرڻ کان پوءِ) پيدا ڪندو ۽ ڪير اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) (اي رسول) تون (انهن مشرڪن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجي ثابتي آڻيو.(سيد فرمان علي) ڇا ڪير آهي جيڪو نئون ٺاهي ٿو مخلوق کي تنهن کان پوءِ موٽائيندو ان کي؟ ۽ ڪير رزق ڏئي ٿو اوهان کي آسمان مان ۽ زمين مان ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ فرماءِ ته آڻيو دليل پنهنجو جيڪڏهن آهيو سچا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڀلا ڪير نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ان نموني تي بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ ڪير اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو حاڪم آهي؟ چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجي ثابتي آڻيو. (مولانا محمد مدني) ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو مخلوق کي پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو پوءِ ان کي ٻيهر ورجائيندو. ۽ ڪير آهي؟ جيڪو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ چؤ پنهنجو دليل آڻيو جي توهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ياجو پهرئـِين جوڙي جوڙ کي، موٽائيسِ، تنهن پُڃاڻ؟ ۽ آن کي اُڀ، زمين مان، سُرهِي ڏيئي سانجاڻ؟ ڇا، آهي ٻِيلي ٻِيو ڪو، سائـِين، سائـِينءَ ساڻ؟ چئو، اَوهان جو اُهڃاڻ، آهيو سَچا، ته آڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آھن سي الله کانسواءِ ڳجھ نه ڄاڻندا آھن، ۽ نڪي ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن وري اُٿاربن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪو به آسمان ۾ ۽ زمين تي آهي تنهن کي غيب جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي. فقط هڪ الله ئي غيب جون ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. اهي ته ايترو به معلوم ڪري نٿا سگهن ته ڪڏهن کين وري جيئاري اٿاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو آسمانن ۽ زمينن ۾ الله تعالى کانسواءِ (بذاتِ خود) ٻيو ڪوبه غيب نٿو ڄاڻي، ۽ (انهن کي) اها خبر ناهي ته اهي ڪڏهن اٿاريا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي رسول! کين چئو ته خدا کان سواءِ آسمانن ۽ زمين ۾ ٻيا جيڪي به آهن سي ڳجھ نه ٿا ڄاڻن ۽ پڻ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن انهن کي (قبرن مان جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته نه ٿو ڄاڻي اهو جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي غيب الله کان سواءِ ۽ نه ٿا سمجهن ته ڪڏهن اٿاريا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چو ته الله کانسواءِ آسمانن ۽ زمين ۾ ٻيا جيڪي به آهن سي ڳجهه نه ٿا ڄاڻن ۽ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن انهنکي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. (مولانا محمد مدني) چؤ آسمانن ۽ زمين ۾ الله کان سواءِ ڪو به (از خود) غيب جو علم نه ٿو رکي. ۽ (ماڻهو هي به) نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن (زنده ڪري) اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ڄاڻي نَه اَصل ڪير ٻيو، اُڀ ۽ ڀُون جا اَسرار، ڌاران ڌڻئَ هيڪڙي؛ ۽ هُننکي نه سَار سَنڀار، ته ويچارا ڪِنهن وار، آخِر ڏِينهن، اُٿاربا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نه!) بلڪ (ان جي سمجھ) کان انڌا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) بلڪ هنن ماڻهن جو علم آخرت جي باري ۾ ڪجهه به پروڙي نٿو سگهي. بلڪ هو ان بابت شڪ ۽ گمان جي اوندهه ۾ رهندڙ آهن، بلڪ بلڪل انڌا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن جو علم آخرت کي پهتو؟ بلڪ اهي انهيءَ ۾ شڪ ڪندڙ آهن، بلڪ اهي انهيءَ کان انڌا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر (اصل ڳالھ هي آهي ته) آخرت جي باري ۾ سندن عقل جو خاتمو ٿيل آهي، مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي پر (سچ هي آهي ته) اهي ان کان انڌا آهن.(سيد فرمان علي) بلڪ عاجز ٿيو علم انهن جو آخرت (جي باري) ۾ بلڪ اهي شڪ ۾ آهن ان کان بلڪ اهي ان کان انڌا آهن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر سندن علم آخرت جي باري ۾ نه رهيو آهي. مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي بلڪ اهي ان کان انڌا آهن. (مولانا محمد مدني) بلڪه آخرت جي باري ۾ انهن جو علم ختم ٿي چڪو آهي. بلڪه اهي ان جي باري ۾ شڪ ۾ آهن. بلڪه اهي ان کان انڌا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، پُهتو وڃِي پار، هُنن جو عِلم آخرت کي؟ اُٽلو آهِن اُن ڪنان، سَندو شڪ شِڪار، نابِينا نِبار، اُٽلو آهِن اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ ڪافر چوندا آھن ته جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (به تڏھن به) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چون ٿا ته، ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڳري مٽي ٿي ويندا تڏهن وري اٿاري ٻاهر ڪڍيا وينداسين؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ (مڪه جي) ڪافرن چيو، ڇا اسين ۽ اسان جا وڏا جڏهن مري مٽي ٿينداسين، ڇا پوءِ يقيناً اسين (قبرن مان) ڪڍيا وينداسين؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڪافر چون ٿا ته جڏهن اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا (ڳري سڙي) مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟(سيد فرمان علي) ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇا جڏهن هونداسين مٽي اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڇا بلاشڪ اسين البت ڪڍيل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪافرن چيو ته جڏهن اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟ (مولانا محمد مدني) ۽ ڪافرن چيو ته: ”ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا (مري) مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان (قبرن مان) ڪڍيا وينداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو جَن ڪُفر ڪيو، ته اَسِين، ڪِ اَسان جا پِيء، جَڏهن وِياسون مِٽِي ٿِي، پوءِ نِڪرڻا آهيون، نِڪونج مان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ ڳالھ جو اَنجام ڏنو ويو آھي ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي دڙڪا اڳي به اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ملندا رهيا آهن اهي ڪجهه به نه آهن، اهي اڳوڻن ماڻهن جا ڪوڙا قصا آهن.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان کي، ۽ انهي کان اڳ ۾ اسان جي وڏن کي هيءُ وعدو ڏنو ويو هو، هيءُ ته پهرين ماڻهن جون آکاڻيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان جو ته اڳي به اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏ کي وعدو ڏنو ويو آهي (ڪنهن جو اٿڻ ۽ ڇا جي قيامت) اهي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن.(سيد فرمان علي) البته تحقيق وعدو ڏنا وياسون هن کي اسين ۽ ابا ڏاڏا اسان جا اڳ ۾ ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي هن کان اڳ ان (ڳالهه) جو وعدو ڏنو ويو آهي، اهي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن. (مولانا محمد مدني) بيشڪ هي وعدو اسان سان به ڪيو ويو ۽ هن کان اڳ اسان جي ابن ڏاڏن سان به، اهي ته رُڳو اڳين جا افسانا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان، ۽ اَسان جي اَبن کي، هِي وِيو ٻوليو، اَ ڳه ٻيهار، نه آهِن اِي اِظهار، مگر آکاڻيو اڳين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو ته گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته (قيامت کي به نٿا مڃيو پر) زمين تي سير سفر ڪيو ۽ پنهنجي اکين سان ڏسو ته گنهگار ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ته (خراب) ٿي ٿئي. (انهيءَ مان ئي عبرت وٺو ۽ سبق سکو).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو توهان زمين ۾ سير ڪريو، پوءِ توهان ڏسو ته مجرمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) ماڻهن کي چئو ته روءِ زمين تي ڪجھ گهمي ڦري ڏسو ۽ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟(سيد فرمان علي) فرماءِ ته گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي مجرمن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چؤ ته زمين ۾ سير ڪريو پوءِ ڏسو ته ڏوهارين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (مولانا محمد مدني) چؤ اوهان زمين ۾ سير ڪيو پوءِ نظر ڪيو ته ڏوهارين جي پڇاري ڪيئن ٿي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، گُھمو ڦِرو گام، نِرتئون پوءِ نِهاريو، ته آهي ڪِيئن اَنجام، ڏوهارِيَن جو ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
۽ (اي پيغمبر) مٿن ڏک نه ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نه رھ.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن (جي ايمان نه آڻڻ ۽ سندن ايندڙ تباهيءَ) تي غم نه ڪر. نڪي انهن ماڻهن جي منصوبن جي باري ۾ پاڻ کي ڳڻيتن ۾ وجهه يا پنهنجي دل کي بيقرار ڪر (هو تنهنجي خلاف ڪهڙيون به تجويزون ٺاهين پر هو توکي ڪجهه به ڪري نه سگهندا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان انهن تي ڏک نه ڪريو ۽ انهن جي مڪر سببان توهان پنهنجي سيني مبارڪ کي تنگ نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) تون انهن جي حال تي افسوس نه ڪر ۽ اهي جيڪي بڇڙيون تدبيرون (تنهنجي خلاف) ڪن ٿا تن کان تنگدل (به) نه ٿيءُ.(سيد فرمان علي) ۽ نه غم ڪر انهن جو ۽ نه هج تنگيءَ ۾ ان کان جيڪي فريب ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مٿن غم نه ڪر ۽ اهي جيڪي بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن کان تنگدل (به) نه ٿيءُ. (مولانا محمد مدني) ۽ (اي نبي!) انهن (جي حال) تي غم نه ڪر ۽ نه ئي تنگدل ٿي ان کان جيڪي اهي سازشون ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه وِنجھل مٿن وريام! نه تنهن کان تنگ گھارتون، چلن جي چالاڪيون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته ٻڌايو ته، ڪڏهن اهو واعدو ظهور ۾ ايندو (يعني ڪڏهن اسان تي عذاب ايندو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي چون ٿا ته هيءُ وعدو (عذاب جو) ڪڏهن ايندو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي (ڪافر مسلمانن کان) پڇن ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (نيٺ) اهو (قيامت يا عذاب اچڻ جو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟(سيد فرمان علي) ۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ چون ٿا ته هيءَ وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (مولانا محمد مدني) ۽ چون ٿا ته: ”هي وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بحث ڪن بدنام، ته ڪڏهن اِهو انجام، جي صفا سچن مان آهيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
(کين) چؤ ته جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جنهن عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ لائي ڏني اٿوَ تنهن جو ڪجهه حصو ممڪن آهي ته توهان کي اچي ويجهو پيو آهي. (قريش ڪافرن کي پوءِ جلد ئي بدر جي شڪست جو ماتم ڪرڻو پيو).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو توهان جي پويان جلدي اهي (شيون) لڳنديون جن جي توهان تڪڙ ڪري رهيا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون چوين ته جنهن (عذاب) جي اوهين ماڻهو تڪڙ ڪيو ٿا تنهن مان ڪجھ متان اوهان جي (ويجهو) هجي.(سيد فرمان علي) فرماءِ ته ويجهي آهي هيءَ ڳالهه جو هجي پٺيءَ تي پهتو اوهان کي بعض ان جو جيڪو تڪڙو گهرو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چؤ ته جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪريو ٿا تنهن مان ڪجهه متان اوهان جي پٺيان (ويجهو) هجي. (مولانا محمد مدني) چؤ: متان ان (عذاب) جو ڪجهه حصو توهان جي ويجهو اچي پهتو هجي جنهن جي جلد اچڻ جي تڪڙي طلب ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول، ته مَتان ٻيلھ، ٿِيو ڪُجھ اوهان کي، اُن مان، جيڪو ويل سويل، تَڙيل! گُھرو ٿا تڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ تنهنجي پروردگار جو ماڻهن تي وڏو فضل آهي (جو کين عذاب ۽ تباهيءَ کان مهلت ٿو ڏئي ته من سمجهن) پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا بي شڪر آهن (جو قرآن جهڙي نعمت کي رد ڪري ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪري پاڻ کي تباهيءَ ۾ ٿا وجهن).(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب يقيناً ماڻهن تي فضل ڪندڙ آهي، پر انهن مان اڪثر شڪر نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار، ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر انهن مان گهڻا احسان نه ٿا مڃين.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته ڀلائيءَ جو صاحب آهي ماڻهن تي پر گهڻا انهن مان نه ٿا شڪر ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي، پر انهن مان گهڻا احسان نه ٿا مڃين. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ماڻهن مٿان فضل (فرمائڻ) وارو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا شڪر نه ٿا ادا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مالِڪ تُنهنجو ماڻهن تي، بيشڪ ڪندڙ ڀال، پر اُنهن مان ڳُڻِن ڳالھ، نه ڳائـِن ڳَچ جيترا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ تنهنجو پروردگار يقيناً سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. جيڪي هو (ڪافر) پنهنجي دلين ۾ لڪائين ٿا سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ظاهر ٿا ڪن سو به ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب (اهو سڀ ڪجھه) ڄاڻي ٿو جيڪو اهي پنهنجي سينن ۾ لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ ان ۾ شڪ نه آهي ته جي ڳالهيون (آيتون) انهن جي دلين ۾ لڪل آهن ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي پڪ ته تنهنجو پالڻهار ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ بلاشڪ تنهنجو رب البته ڄاڻي ٿو اهو جيڪو لڪائين ٿا سينا انهن جا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندن سينا جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ضرور ڄاڻي ٿو جيڪي سندن سينا لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مالِڪ تُنهنجو مُورِهين، ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪي اَندر رَکِن اَسرار، ياکِولينِ کَڻِي خَلق ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شيء) ڳجھي نه آھي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ ڪابه اهڙي لڪل شيءِ ڪانهي جا (الله جي) هڪ چٽي ڪتاب ۾ لکيل ناهي. (يعني الله کي هرڪا مخفي شيءِ به معلوم آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ آسمانن ۽ زمينن ۾ (ڪا شيءِ) غائب ناهي مگر (اها) لوحِ محفوظ ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪا به لڪل شيءِ نه آهي جا پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) نه هجي.(سيد فرمان علي) ۽ ناهي ڪا لڪل شيءِ آسمان ۾ ۽ زمين ۾ مگر ڪتاب کليل ۾ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪابه لڪل شيءِ نه آهي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه هجي. (مولانا محمد مدني) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ ڪابه اهڙي لڪل شيءِ نه آهي جيڪا پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آسمان ۽ زمين ۾، مَخفِي نه آهي نه مُور، مگر اُهو مَذڪور، لِکيل پَڌرٖي ليکه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ ھي قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون ڳالھيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً هي قرآن بني اسرائيلن لاءِ هنن جي گهڻين ئي اهڙين ڳالهين کي چٽو ۽ صاف ڪري ٿو ڇڏي جن ۾ هو هڪ ٻئي سان اختلاف رکن ٿا. (يعني اختلافن بابت چٽو فيصلو ڏئي ٿوته ڪهڙي ڳالهه ٺيڪ آهي ۽ ڪهڙي غلط آهي.)(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ هي قرآن ڪريم بني اسرائيل جا اهي قصا بيان ڪري ٿو جن مان گھڻن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ هيءُ قرآن بني اسرائيلن کي سندن ڳالهين کي جن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا ظاهر ڪري ٿو.(سيد فرمان علي) بلاشڪ هي قرآن بيان ڪري ٿو بني اسرائيل تي گهڻيون اهي ڳالهيون جو اهي ان ۾ اختلاف ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ هيءُ قرآن بني اسرائيلن کي گهڻيون اهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جن ۾ اهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ هي قرآن بني اسرائيل کي گهڻيون اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جن ۾ اُهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي قادر جو قُرآن، اِسرائـِيل جي اولاد تي، اَڪثر ڪري بيان، جِنهن تان جَھڳڙو ڪن پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ اِھو مُؤمن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً هي قرآن ايمان وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ رحمت آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) مؤمنن لاءِ يقيناً هدايت ۽ رحمت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته هي قرآن ايمان وارن لاءِ سموري هدايت ۽ رحمت آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو البته هدايت ۽ رحمت آهي مؤمنن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهو هدايت ۽ رحمت آهي مؤمنن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بيشڪ هي قُرآن، آهي سُونهپ ۽ سوجھرو، پڻ بَخشش بي گمان، مَڃِيندڙن لئي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجي حڪم سان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ بيشڪ هو (هر شيء تي) غالب آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ توهان جو رب پنهنجي حڪم سان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، ۽ اهو غالب گھڻي علم وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجي حڪم سان سندن وچ ۾ (جهڳڙن جو) فيصلو ڪندو ۽ اهو (سڀ تي) غالب ۽ واقف ڪار آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن ۾ پنهنجي حڪم سان ۽ اهو غالب ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ پنهنجي حڪم سان سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ اهو ئي زبردست (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن جي وچ ۾ پنهنجي حڪم سان فيصلو فرمائيندو، ۽ اُهو غالب ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجو قادِر ڪِبريا، اُنهن وِچ پَنهنجي اَمرسان، نِبيرِويندونِيان، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
پوءِ (اي پيغمبر تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي منهنجا پيغمبر!) الله تي ڀروسو رک. يقيناً تون صريح (يعني چٽي) حق تي آهين، (ڪافر باطل تي آهن، تون سندن پرواهه نه ڪر. الله تعاليٰ تنهنجي مدد ڪندو.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله تعالى تي توڪل ڪريو، بيشڪ توهان راه راست تي آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) تون خدا تي ڀروسو ڪر بيشڪ تون پڌري حق تي آهين.(سيد فرمان علي) پوءِ الله تي توڪل ڪر بيشڪ تون روشن حق تي آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله تي ڀروسو ڪر بيشڪ تون پڌري حق تي آهين. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله تي ڀروسو ڪر. بيشڪ تون پڌري حق تي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ رک تون رَبَّ تي بار، تون صفا آهِين سچ مٿي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن.(علامه تاج محمود امروٽي) تون مُردن کي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائي ڪونه سگهندين، (يعني مُردا تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ۽ سمجهي ڪونه سگهندا) نڪو ٻوڙا تنهنجو سڏ ٻڌي سگهندا، جڏهن ته اهي (ٻڌڻ جي بدران) پٺي ڏئي ٿا هليا وڃن. (پوءِ ڪيئن تون هنن جي رهنمائي ڪري سگهندين؟)(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ توهان جو ٻُڌائڻ، مُئل (ڪافر) نٿا ٻُڌن ۽ توهان جو ٻڌائڻ (اسلام جي دعوت) ٻوڙا، (ڪافر) نٿا ٻڌن، جنهن وقت اهي پٺ ڏئي ڦرندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ تون نڪي مئلن کي (پنهنجي ڳالھ) ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه ڪي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا.(سيد فرمان علي) بيشڪ تون نه ٿو ٻڌرائين مئلن کي ۽ نه ٿو ٻڌرائين ٻوڙن کي سڏ جڏهن ڦريا پٺي ڏيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ تون نڪي مئلن کي سڏ ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نڪي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ تون مُردن کي نه ٿو ٻڌائين ۽ نه ڪِي ٻوڙن کي سَڏُ ٻُڌائين ٿو جڏهن اُهي (توکي) پٺي ورائي وڃي رهيا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون سُڻائي نه سَگھندِين، مُوئن کي مَهندار! ۽ ٻوڙا، پُٺيراٿيا جڏهن، ته نه ٻُڌن ڪا ٻاڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، (تون) رُڳو انھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو پوءِ اُھي فرمانبردار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان ڦيرائي سڌي واٽ ڏي آڻي سگهندين. تون ته فقط انهن کي ئي (حق جون ڳالهيون) ٻڌڻ جهڙو ڪري سگهندين جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا ۽ فرمانبردار مسلمان ٿين ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نه توهان انڌن (ڪافرن) کي سندن گمراهي کان هدايت ڏيندڙ آهيو، توهان ته فقط انهن ماڻهن کي ٻڌائي سگھو ٿا جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا، پوءِ اهي مسلمان آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (موٽڻ لاءِ) رستو ڏيکاري سگهين ٿو پر جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا پوءِ اهي مڃڻ وارا به آهن.(سيد فرمان علي) ۽ ناهين تون رستو ڏيکاريندڙ انڌن جو گمراهيءَ انهن جي کان ۽ نه ٿو ٻڌرائين تون مگر انهن کي جيڪي ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي پوءِ اهي فرمانبردار آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (موٽڻ لاءِ) رستو ڏيکاريندڙ آهين. تون رڳو ان کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪو اسان جي ڳالهين کي مڃي ٿو پوءِ اهي فرمانبردار آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهي کان هدايت ڏيندڙ آهين. تون رُڳو انهن کي ئي ٻڌائين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ اُهي فرمانبردار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه اَنڌن کي، اوجھڙ مان، تون سَنئون سُهائـِين پار، تون نه سُڻائـِين تِنهن سوا، مَڃِين، جي موچار، اَسانجا حُڪم هيڪار، پوءِ اُهي مَڃِيندڙ آهن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو (تڏھن) انھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون جو ساڻن ڳالھائيندو انھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن (الله جو) واعدو انهن (منڪرن) جي حق ۾ ظهور ۾ ايندو (يعني مٿن عذاب جو وقت اچي ويندو) تڏهن اسان زمين مان هڪ جانور ٻاهر ڪڍنداسين جو کين ٻڌائيندو (ته هاڻي عذاب اچڻو آهي) يقيناً ماڻهن کي اسان جي آيتن تي يقين ڪونه هو (سو هاڻي اکين سان عذاب ڏسندا ۽ لوڙيندا).(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت انهن تي (عذاب واري) ڳالهه ايندي ته اسين انهن لاءِ (قيامت جي قريب) هڪ چؤپايو زمين مان پيدا ڪنداسين جيڪو انهن سان ڳالهائيندو، بيشڪ ڪافر اسان جي آيتن تي يقين نٿا رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن مٿن (قيامت جو) وعدو لازم ٿيندو تڏهن انهن لاءِ زمين مان هڪ هلڻ وارو ڪڍنداسون جو انهن سان ڳالھ ڪندو ته (فلاڻا فلاڻا) ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن واقع ٿيو قول انهن تي ته ڪڍنداسون اسين انهن جي لاءِ هڪ چوپايو زمين مان جيڪو ڳالهائيندو انهن سان ته بيشڪ ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا هئا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن مٿن (عذاب جي) ڳالهه لازم ٿيندي تڏهن انهن لاءِ زمين مان هڪ جانور ڪڍنداسون. جو انهن سان ڳالهه ڪندو ته ماڻهو اسان جي ڳالهين تي يقين نه ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن انهن تي (عذاب جي) ڳالهه واقع ٿيندي ته اسان انهن جي لاءِ زمين مان هڪ جانور (دَابَةُ الارض) ڪڍنداسين جيڪو انهن سان ڳالهائيندو. بيشڪ ماڻهو اسان جي نشانين تي يقين نه ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن لڳو مَٿنِ اِلزم، تن لئي ڪڍيوسون ڪو، کيڙائو کيہ مَنجھان، سو ڪندو ساڻِن ڪَلام، ته اسان جا اَحڪام، هِي ماڻهو مَڃِيندائـِي نه هُئا، 482(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ اُنھي ڏينھن جو سڀڪنھن اُمّت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هڪڙي ڏينهن اسان هر هڪ قوم مان انهيءَ ٽولي کي هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن کي نه مڃيندا هئا ۽ انهن کي صفن ۾ کڙو ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو اهو ڏينهن جڏهن اسان هر امت مان هڪ فوج گڏ ڪنداسين اِهي اُهي ماڻهو هوندا جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهندا هئا پوءِ اهي (نظم و ضبط سان) گڏ ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هوندو گڏ ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان فوج انهن مان جن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي پوءِ اهي روڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (ياد ڪر) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن فرقي مان هڪ جماعت کي جنهن اسان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو هوندو گڏ ڪنداسون پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڏينهن اسان هر امت مان انهن ماڻهن جو (هڪ هڪ) گروهه اٿارينداسين جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ڪيون وينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين هر اُمت مان، وَڳر واريون جِنهن وار، اُنهن مان جَن اسان جا، ڪوڙ چيا ڪم ڪار، پوءِ تَرسائبو تن کي، ٻِئن لاءِ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو ته اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو ۽ انھن کي اوھان سمجھو به نه ھُيو يا (چؤ ته) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟(علامه تاج محمود امروٽي) تان جو جڏهن اهي (منڪر خدا جي درٻار ۾) اچي ويندا تڏهن خدا انهن کان پڇندو ته ڇا توهان منهنجون آيتون ۽ حڪم رد ڪري ڇڏيا هئا، اگرچه توهان انهن حڪمن بابت علم ۽ سمجهه ڪم به نه آندي؟ جي ائين ناهي ته ڀلا ٻڌايو ته توهان ڇا ڪندا رهيؤ؟ (ڪو عذر يا بهانو اٿؤ؟ بلڪل نه!)(علامه علي خان ابڙو) ايستائين جو جڏهن سڀ ايندا الله تعالى فرمائيندو، ڇا توهان منهن جون آيتون نه مڃيندا هئا ۽ توهان جو علم انهن کي نه پهتو، توهان ڪهڙو ڪم ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تان جو (سڀ) ايندا ته (خدا) فرمائيندو ته ڇا اوهان منهنجين آيتن کي ڪوڙو ڪيو. هوڏانهن اوهان انهن کي پورو سمجهيو به نه هو يا ڀلا اوهان ڇا پئي ڪيو؟(سيد فرمان علي) تانجو جڏهن ايندا ته فرمائيندو ڇا ڪوڙو ڪيو اوهان آيتن منهنجين کي ۽ نه گهيرو ڪيو اوهان ان جو علم سان يا ڇا آهي جيڪو ڪندا هيئو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تانجو جڏهن (سڀ) ايندا ته (الله) فرمائيندو ته ڇا اوهان منهنجن ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو هوڏانهن اوهان انهن کي پورو سمجهيو به نه هو يا اوهان ڇا پئي ڪيو؟ (مولانا محمد مدني) تانجو جڏهن اُهي سڀ (ميدانِ محشر ۾) ايندا ته (الله) فرمائيندو: ”ڇا اوهان منهنجي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو؟ حالانڪ اوهان انهن کي پوري طرح ڄاتو به نه هيو (اگر ائين نه آهي خود ٻڌايو ته) اوهان ڇا پئي ڪيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته جڏهن آيا، ته اُنهن کي ڪَهيو ربَّ، قـهّار، ته اوهان ڪوڙيون ڪوٺيون، مُنهنجون نِيشانيون نِروار، ۽ پُورِي پَئـِي نه اَوهان کي، جِنهن جِي سُڌ سَنڀار، يا ڪِهڙا؟ اُهي ڪم ڪار، جي مُورکه ڪَندا هُئا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نه سگھندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هو جو ظلم ڪري رهيا هئا سو (عذاب جو) واعدو هنن جي حق ۾ پوري طرح تعميل هيٺ ايندو. پوءِ هو ڳالهائي به ڪونه سگهندا (ڇو ته هو ڏسندا ته بيشڪ اسان عذاب جا لائق آهيون.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ ظلم سببان انهن تي ڪيل وعدو (عذاب جو) ثابت ٿي چڪو پوءِ (هاڻي) اهي نٿا ڳالهائن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندن ظلم جي ڪري مٿن (عذاب جو) وعدو لازم ٿيندو پوءِ اهي ڳالهائي نه سگهندا.(سيد فرمان علي) ۽ واقع ٿيو قول انهن تي ان سببان جو ظلم ڪيائون پوءِ اهي نه ٿا ڳالهائي سگهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سندن ظلم جي ڪري مٿن (عذاب جي) ڳالهه لازم ٿيندي پوءِ اهي ڳالهائي نه سگهندا. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن تي (عذاب جي) ڳالهه واقع ٿيندي ان ڪري جو ظلم ڪندا هئا پوءِ اُهي ڳالهائي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لَڳو عذاب اُنهن تي، ڪيا جَن ڪَلُور، پوءِ ڪُڇن پُڇن ڪِين ڪِي، حَرف مَنجھ حُضور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون)، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (منڪر) نٿا ڏسن ڇا؟ ته اسان رات هن لاءِ بنائي آهي ته ان ۾ آرام وٺن ۽ ڏينهن هن لاءِ بنايو آهي ته ان ۾ کين روشني ملي (۽ ڏسن وائسن، علم ۽ عقل پرائين ۽ ڪم ڪاريون ۽ چڱا عمل ڪن) هن ۾ (يعني ڏينهن ۽ رات جي فلسفي ۾) انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ايمان آڻيندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ اسان رات کي پيدا فرمايو ان لاءِ ته ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي روشن بنايو، بيشڪ انهيءَ ۾ يقين رکندڙ قوم لاءِ يقيناً نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن هي به نه ڏٺو ته اسان رات کي هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اهڙو جو ان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون ڪيتريون ئي) نشانيون آهن،(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسان بنايوسون رات کي تانته آرام ڪن ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان رات کي پيدا ڪيو آهي؟ هن لاءِ ته ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اهڙو جو ان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ ان ۾ مڃڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن نه پئي ڏٺو ته اسان رات کي هن لاءِ پيدا ڪيو ته اهي ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اسان روشن بنايو. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي (اسان جي قدرت تي) ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ نه ڏِٺائون؟ ته رات کي، مُقرّر ڪَئـِي سون مُور، ته ڪَن آرام اُن ۾؛ ۽ ڏينهن نِسورو نُور، اُن ۾ عَجب مَذڪُور، سَچ سَمجھن، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو (سي نه گھٻرائيندا)، ۽ سڀڪو وٽن خوار ٿيل ايندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هڪڙي ڏينهن بگل (يعني توتاري) وڄائي ويندي (ان ڏينهن سڀ مُردا اٿي کڙا ٿيندا ۽ قيامت جي فيصلي لاءِ گڏ ڪيا ويندا) پوءِ جيڪي به آسمان ۾ هوندا ۽ زمين تي هوندا سي سڀ دهلجي ويندا (۽ دردناڪ حالت ۾ هوندا) سواءِ انهن (صالحن) جي، جن جي باري ۾ خدا چاهيندو (ته اهي خوشحال هجن) ۽ سڀ (بدڪار توڙي صالح ٻانها) سندس درٻار ۾ نماڻا ۽ جهڪيل ٿي حاضر ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي، پوءِ خوف ڪنديون اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، مگر جنهنکي الله تعالى چاهي ۽ سڀئي سندس دربار ۾ عاجزيءَ سان ايندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ياد ڪر!) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو، ته پوءِ جيڪي آسمان ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي (سڀ) گهٻرائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا گهري. ۽ سڀ ڪو سندس بارگاھ ۾ ذلت ۽ عاجزيءَ سان حاضر ٿيندو.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ گهٻرائيندا اهي جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جيڪي زمين ۾ آهن مگر جيڪو گهريو الله ۽ سڀ ايندا ان وٽ عاجزي ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (ياد ڪر) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي (سڀ) گهٻرائيندا سواءِ ان جي جنهن کي الله گهري. ۽ سڀ ڪو وٽس عاجز ٿي ايندو. (مولانا محمد مدني) ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن گهٻرائجي ويندا. سواءِ ان جي جنهن کي الله گهري. ۽ سڀڪو وٽس عاجزي ڪندي ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪبو، پوءِ هَڄِي ويا هيڪار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، مگر گُھريو، جو غفّار، ۽ خَراب ۽ خوار، آيا سَڀ اُن اَڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انھن کي (زمين) ۾ مُحڪم ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي جوڙ آھي جنھن سڀڪنھن شيء کي مُحڪم رکيو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان جبلن کي ڏسو ٿا ته سمجهو ٿا ته اهي ڏاڍا مضبوط کتل آهن، پر (قيامت جي ڏينهن) اهي ائين اڏامي ويندا جيئن ڪڪر اڏامي ويندا آهن. هيءَ انهيءَ الله تعاليٰ جي عجيب ڪاريگري آهي، جنهن هرهڪ شيء کي (۽ هرهڪ جانور کي) اعليٰ نظام هيٺ رکيو آهي. جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا تنهن جي هو بيشڪ چڱيءَ طرح خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ڏسندا (۽) ڀانئيندا ته جبل ڄميل آهن حالانڪ اُهي ڪڪرن وانگر هَلندڙ هوندا (اها) الله تعالى جي ڪاريگري آهي جنهن هر شيءِ حڪمت سان پيدا فرمائي، بيشڪ اهو توهان جي عملن کان چڱي طرح خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون جبلن کي ڏسي انهن کي ڄميل خيال ڪرين ٿو هوڏانهن اهي (قيامت جي ڏينهن) ڪڪرن جي هلڻوانگر هلندا. (اها به) الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي درست بنايو آهي. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان هو چڱيءَ طرح واقف آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڏسندين تون جبلن کي سمجهندين انهن کي هڪ جاءِ تي بيٺل حالانڪ اهي هلندا ڪڪرن جهڙو هلڻ ڪاريگري آهي الله جي جنهن مضبوط ڪئي هر شيءِ بلاشڪ اهو خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انهن کي ڄميل خيال ڪرين ٿو هوڏانهن اهي ڪڪرن جي هلڻ وانگر هلندا. (اها) ان الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءَ کي درست بنايو آهي. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي اهو خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ (اڄ) تون جبلن کي ڏسين ٿو ته انهن کي (هڪ جاءِ تي) ڄميل سمجهين ٿو حالانڪه اُهي (ان وقت) ڪڪرن وانگر اُڏي رهيا هوندا. (اِها) الله جي ڪاريگري آهي جنهن هر شيءِ کي مضبوط بنايو آهي. بيشڪ اُهو خبروار آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِسِين ڏونگر، ڀانئـِينِ بِيٺل بَرقرار، ۽ اُهي هَلن، جِيئن هَلن، ڪَڪَر ڪارونِڀار، آهي سَڀ اَلله جو، جوڙجَڪ جِنسار، جِنهن ڪيو، هَر ڪِنهن ٽول کي، مُحڪم استوار، ڪريو جي ڪم ڪار، اُهوآگو، آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو نيڪي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان امن وارا ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪو به نيڪيءَ جا ڪم ڪندو تنهن کي ان کان گهڻو بهتر بدلو ملندو ۽ اهڙا ماڻهو انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جي دهشت کان امن ۾ هوندا.(علامه علي خان ابڙو) جنهن ماڻهو چڱائي آندي پوءِ ان کي ان کان بهتر چڱائي ملندي، ۽ اهي قيامت جي خوف کان امن وارا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو نيڪ ڪم ڪندو تنهن لاءِ ان کان زياده چڱو بدلو آهي. ۽ اهڙا (شخص) ان ڏينهن گهٻراهٽ کان امن ۾ هوندا.(سيد فرمان علي) جنهن آندي ڀلائي پوءِ ان لاءِ ڀلو آهي ان کان ۽ اهي ڊپ کان ان ڏينهن امن وارا هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو نيڪي آڻيندو تنهن لاءِ ان کان زياده چڱو (بدلو) آهي. ۽) اهڙا (ماڻهو) ان ڏينهن گهٻراهٽ کان امن وارا هوندا. (مولانا محمد مدني) جيڪو نيڪي آڻيندو ان لاءِ ان کان ڀلو (بدلو) آهي، ۽ اُهي ماڻهو ان ڏينهن جي گهٻراهٽ کان امن وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن چَڱِي ڪَئي، ته چوکِي اِنهيان، اُنهِيء هار، ۽ آهِن اُنهي وار، اَمن ۾ اَرمان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪو مدائي آڻيندو پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا، (چيو ويندنِ) ته جيڪي ڪندا ھُيؤ تنھن کانسواءِ ڪو بدلو نه ٿو ڏجيوَ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪو به برائيءَ جا ڪم ڪندو تنهن کي منهن ڀر باهه ۾ اڇلايو ويندو. (انهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا جهڙا توهان (بد) عمل ڪيا هئا تهڙي ئي سزا اوهان کي نه ڏني ويئي آهي؟ (توهان سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي ويئي آهي ڇا؟)(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن ماڻهو برائي آندي، پوءِ انهن جا مُنهن اونڌا ڪري باه ۾ وڌا ويندا، توهان کي توهان جي عملن مطابق جزا ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي برائي آڻيندا تن کي منهن ڀر باھ ۾ ڪيرايو ويندو. جو ڪجھ اوهين پيا ڪريو تنهن جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ جنهن آندي برائي پوءِ اونڌا ڪيا ويندا منهن انهن جا باهه ۾ ڇا سزا ڏنا ويندؤ مگر اها جيڪي ڪندا هيئو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي برائي آڻيندا تن کي مُنهن ڀر باهه ۾ ڪيرايو ويندو. جو ڪجهه اوهين پيا ڪريو تنهن جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪو ماڻهو برائي کڻي ايندو ته انهن کي منهن ڀر باهه ۾ ڪيرايو ويندو. اوهان کي ان جو ئي بدلو ڏنو ويندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن بَدِي ڪئـِي، ته اُونڌا، اُڇلبا مَنجھ آڳ، چَئبَنِ ته، نه لهندا لاڳ، مگر جِنهن مُوجب ڪم ٿا ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(اي پيغمبر) چؤ ته مون کي ته (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي ته ھن شھر جي پالڻھار جي عبادت ڪريان جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شيء سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي ته مُسلمانن مان ھُجان.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي منهنجا پيغمبر تون پنهنجي باري ۾ چئي ڏي ته) مون کي هي ئي حڪم مليو آهي ته مان هن (مڪي جي) شهر جي رب جي ٻانهپ ڪيان جنهن رب ان شهر کي پاڪ ٺهرايو آهي.۽ (جيڪي به دنيا ۾ آهي سو) سڀ ڪجهه الله ئي جو آهي. ۽ مون کي هيءُ به حڪم مليو آهي ته مان سندس فرمانبردار ٻانهن ۾ شامل ٿيان.(علامه علي خان ابڙو) مون کي ته اهو ئي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون هن معزز شهر (مڪه مڪرمه) جي رب جي عبادت ڪريان ۽ هر شيءِ ان لاءِ آهي، ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون مسلمانن مان هجان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول! کين چئو ته) مون کي رڳو هيءُ حڪم ڪيو ويو آهي ته هن شهر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان جنهن ان کي عزت ۽ حرمت ڏني آهي، ۽ سڀ ڪا شيءِ سندس آهي ۽ مون کي هي به حڪم ڪيو ويو آهي، فرمان بردارن مان ٿيان.(سيد فرمان علي) مان ته صرف هي امر ڪيو ويو آهيان ته عبادت ڪيان هن شهر جي رب جي جو عزت وارو بنايائين ان کي ۽ انهيءَ جي آهي هر شيءِ ۽ امر ڪيو ويس ته هجان مسلمانن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مون کي رڳو هي حڪم ڪيو ويو آهي ته هن شهر (مڪي) جي پاليندڙ جي عبادت ڪريان جنهن ان کي عزت ڏني، ۽ سڀ ڪا شيءِ سندس آهي ۽ مونکي حڪم ڪيو ويو آهي ته فرمانبردارن مان ٿيان. (مولانا محمد مدني) (چؤ): ”مون کي ته صرف هي حڪم ڏنو ويو آهي جو آءٌ هن شهر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪيان جنهن ان کي حرم بنايو آهي ۽ سڀ شيءِ سندس ملڪيت آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ فرمانبردارن ۾ رهان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِليو مُون فرمان، ته نه ٻانهپ ڪريان، ڪِنهن ٻئي جي، مگر مالِڪ هِن شهر جو، جنهن کي مولي ڏِنو مان، ۽ سڀ شئ آهي اُن جِي، جيڪِي مَنجھ جَھان، ۽ مِليمِ حُڪم حَنّان، ته هُجان مَنجھان مَڃِيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو ته چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (مون کي هيءُ به حڪم مليو آهي) ته (ماڻهن کي) قرآن مجيد پڙهي ٻڌايان پوءِ جيڪو سڌي واٽ تي هلندو سو پنهنجي لاءِ فائدو حاصل ڪندو، پر جيڪڏهن ڪو گمراهه ٿي ڏنگي واٽ تي هلندو ته پوءِ (اهڙن ماڻهن کي) چئو ته، مان ته فقط (خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن بابت) خبردار ڪندڙ آهيان، (توهان منهنجي پيروي نه ڪندؤ ته توهان ئي تباهه ٿيندؤ، مون کي ته وڌيڪ ڪجهه به ڪرڻو ناهي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون (توهان تي تبليغ خاطر) قرآن ڪريم پڙهان، پوءِ جيڪو ماڻهو هدايت يافته ٿيو، پوءِ اهو پنهنجي لاءِ هدايت يافته ٿيو، جيڪو ماڻهو گمراه ٿيو پوءِ توهان فرمايو، آئون ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هي ته قرآن پڙهي ٻڌايان.پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ راھ تي اچي ٿو. جيڪو گمراھ ٿيو به ته تون چوين ته آءُ رڳو ڊيڄاريندڙن مان آهيان.(سيد فرمان علي) ۽ هي ته تلاوت ڪيان قرآن پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ بيشڪ هدايت وارو ٿئي ٿو پنهنجي لاءِ ۽ جيڪو گمراهه ٿيو پوءِ فرماءِ ته بلاشڪ مان ڊيڄاريندڙن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ قرآن پڙهي ٻڌايان. پوءِ جيڪو رستي تي آيو سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ رستي تي اچي ٿو. ۽ جيڪو گمراهه ٿيو ته پوءِ تون چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙن مان آهيان. (مولانا محمد مدني) ۽ هي به ته قرآن پڙهي ٻڌايان“. پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو ته اُهو صرف پنهنجي فائدي لاءِ ئي هدايت وارو ٿيو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو پوءِ چؤ ته: آءٌ ته صرف ڊيڄارڻ وارن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڙهان پاڪ قُرآن، پوءِ جو سَنئون هَليو، ته سَندسِ لئي، ۽ جو ڀُليو، ته ڪَربَيان، ته آئون خالِص خابُرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي (اُھو) اوھان کي پنھنجون نشانيون سگھو ڏيکاريندو پوءِ جنکي اوھين سُڃاڻندؤ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان اوھان جو پالڻھار بي خبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي منهنجا پيغمبر!) چئو ته سچي ساراهه خدا جي آهي (۽ لک احسان انهيءَ ئي جا آهن) هو جلد ئي اوهان کي (فتح ۽ ٻين نعمتن جون) نشانيون ڏيکاريندو جي توهان پاڻ سڃاڻي سگهندؤ ۽ (ياد رکو ته) توهان (مسلمان) جيڪي جيڪي (چڱا) عمل ڪري رهيا آهيو سي تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو (۽ اوهان کي ضرور ڪامياب ڪندو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان فرمايو سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن، عنقريب الله تعالى توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو، پوءِ توهان انهن کي سڃاڻيندا، ۽ توهان جو رب توهان جي عملن کان بي خبر ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ چئو ته سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن اهو جلد اوهان کي پنهنجيون آيتون ڏيکاريندو پوءِ اوهين انهن کي سڃاڻندو۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان تنهنجو پالڻهار غافل نه آهي.(سيد فرمان علي) ۽ چؤ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جلد ڏيکاريندو اوهان کي نشانيون پنهنجون پوءِ سڃاڻندؤ انهن کي ۽ ناهي رب تنهنجو بي خبر ان کان جيڪي عمل ڪيو ٿا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ چؤ ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن اهو جلد اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو پوءِ اوهين انهن کي سڃاڻيندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ غافل نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ چؤ ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن اُهو جلد اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو جو اوهان انهن کي سڃاڻندؤ. ۽ تنهنجو پروردگار بي خبر نه آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَئو، سَڀڪائـِي ساراھ، صاحِب، لئي ستار، سِگھو سَندسِ آيتون، ڏِيکارِيندان ڏاتار، پوءِ صَحِي سُڃاڻندا تن کي، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، تُنهنجو پالڻهار، ويل نه تنهن کان ويسلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |