توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمّٓ.(علامه تاج محمود امروٽي) طا- سين- ميم(علامه علي خان ابڙو) طٰسۗمّۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) طسم(سيد فرمان علي) ط-س-م .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) طسم. (مولانا محمد مدني) طا سين ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طٰسٓمّٓ کي سَمجھي، رَبُّ، سُڄاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن.(علامه علي خان ابڙو) اهي قرآن مبين جو آيتون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن.(سيد فرمان علي) هي آيتون آهن روشن ڪتاب جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. (مولانا محمد مدني) هي (حق کي) پڌرو ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ پَڌري ليک جا، آهِن هِي اُهڃاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي منهنجا رسول) هي (مڪي جا) ماڻهو جو ايمان نٿا آڻين تنهن سبب ممڪن آهي ته تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهندين (غم نه ڪر جلدئي گهڻائي ماڻهو ايمان آڻيندا).(علامه علي خان ابڙو) اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين توهان انهيءَ ڏک سببان شايد پنهنجي وجود مبارڪ کي ختم ڪري ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين.(سيد فرمان علي) متان هلاڪ ڪندڙ ٿين ذات پنهنجيءَ جو ته ڇو نه ٿا ٿين مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبرﷺ!) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اُهي ايمان نه ٿا آڻين. (مولانا محمد مدني) (اي نبي!) شايد تون پنهنجي جان ڏئي ويهين (هن غم ۾) جو اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر قاتِل پَنهنجِي جان جو، تون آهين اِنهئ ڪاڻ، ته هو نَه هِينين ساڻ، مَڃڻ وارا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.(علامه تاج محمود امروٽي) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته آسمان مان انهن (ڪافرن) ته اهڙي ڪا نشاني (يا معجزو) نازل ڪري سگهون ها جنهن کي ڏسي هنن جا ڪنڌ جهڪي پون ها، (پر اسان نٿا چاهيون ته زور سان ڪنهن کي مؤمن ڪيون. هر ڪنهن کي پنهنجو عقل هلائي پنهنجي خوشيءَ سان سڌي واٽ وٺڻ گهرجي.)(علامه علي خان ابڙو) جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا نشاني موڪليون، پوءِ انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جھڪيل رهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته مٿن آسمان مان ڪو اهڙو معجزو نازل ڪريون جو سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون.(سيد فرمان علي) جيڪڏهن گهرون ته لاهيون انهن تي آسمان کان ڪا نشاني پوءِ ٿي پون ڪنڌ سندن ان لاءِ جهڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪڏهن اسين گهرون ته مٿن آسمان مان ڪا نشاني لاهيون پوءِ سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪا ٿي پون. (مولانا محمد مدني) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن تي آسمان مان (اهڙي) نشاني نازل ڪيون ها جو انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهُڪيل رهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي گُھرون، ته اُڀ کان اُنهن تي، اُتاريون اُهڃاڻ، پوءِ ڪَنڌ سَندنِ، تِنهن ڪاڻ نميل ٿِين نِياز سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن (منڪرن) ڏي جڏهن جڏهن رحمان خدا جي طرف کان نصيحت جي ڪا نئين ڳالهه اچي ٿي ته (غور ڪرڻ کان سواءِ ئي) منهن کڻي ٿا ڦيرائين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ نٿي اچي انهن وٽ الله جي طرفان ڪا نئين نصيحت، مگر اهي (ڪافر) ان کان انڪار ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ماڻهن جي عادت آهي ته) جڏهن به انهن وٽ رحمان جي طرفان ڪا نئين نصيحت آئي ته اهي تنهن کان منهن موڙيو ڇڏين.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نصيحت رحمان وٽان نئين مگر جو آهن ان کان منهن موڙيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن وٽ رحمان جي طرفان (اهڙي) ڪا (به) نئين نصيحت نه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نه ٿا موڙين. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن وٽ وڏي رحمان وٽان ڪابه نئين نصيحت نه ٿي اچي مگر هي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه اَچينِ، نئـِي نصِحيت ڪا، پاران ڏيہ ڏاتار، مگر سي مَڪار، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کي) ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪري ويٺا آهن. تنهن ڪري انهن وٽ اها ڳالهه جلد اچي ويندي جنهن تي هو کلي رهيا آهن ۽ ٽوڪون ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو سمجھو (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کي) پوءِ انهن وٽ جلد اهي خبرون اينديون جن سان اهي مذاق ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن ڪوڙو ضرور ڪيو آهي تنهنڪري وٽن ان (عذاب جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن.(سيد فرمان علي) پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيائون پوءِ جلد اينديون انهن وٽ خبرون ان جون جنهن سان چٿر ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن ڪوڙو ڪيو آهي تنهن ڪري وٽن ان (عذاب) جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن. (مولانا محمد مدني) پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو چيو پوءِ جلد انهن وٽ ان (عذاب) جون خبرون پهچنديون جنهن مٿان ٺٺولون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙهيَنِ ڪُوڙيون ڪوٺيون، پوءِ خُوب مِلندن خَبرون، جِنهن تان هرون ڀرون، ڪن خواريون خلق ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (منڪرن) زمين تي غور سان نظر نه ڪئي آهي ڇا؟ (هو نٿا ڏسن ڇا) ته اسان ڪيتري قدر هر قسم جون عمديون شيون ان ۾ ڄمايون ۽ پيدا ڪيون آهن. (ساڳيءَ طرح اسان حق کي دنيا ۾ غالب ڪنداسين.(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ڪيترن قسمن جا وڻندڙ سلا ان ۾ پيدا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن زمين ڏي به (غور سان) نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن سٺي جنس مان ڇا ڇا (نه) پيدا ڪيو؟(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺائون زمين ڏانهن ته ڪيترا ڄمايا سون ان ۾ هر هڪ جوڙ عزت واري مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا انهن زمين ڏي نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن جنس مان ڇا ڇا ڄمايو آهي؟ (مولانا محمد مدني) ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ان ۾ ڪيترائي هر جنس جا عُمدا جوڙا ڄمايا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ديکـئون نه ڌرتِئَ پار، ته ڪَئين اُڀاڙِياسون اُن ۾، سُهڻي سُهڻي قِسم جا، اوڀر عجب اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ۾ (يعني عمدين شين جي ڄمائڻ ۾ ماڻهن جي لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي پر (افسوس جو هو غور نٿا ڪن ۽) انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ ان ۾ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي پر انهن ۾ گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه آهن.(سيد فرمان علي) بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه آهن گهڻا انهن مان مؤمن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ۽ هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان ۾ ضرور نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ آهي اُن ۾، نِيشانِي نِروار، ۽ وِسهندڙ نه آهِن وِترا، تنين مان تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته) تنهنجو پروردگار بيشڪ وڏي قدرت رکندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (هو ضرور حق کي غالب ڪندو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پالڻهار غالب نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ رب تنهنجو البته اهو ئي غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي ته غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجو پالڻهار، سو آهي، سَٻر سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر! اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پروردگار موسيٰ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته تون انهن ظالم ماڻهن ڏي وڃ.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب موسيٰ کي حڪم ڪيو ته تون ظالم قوم وٽ وڃ،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) اهو وقت ياد ڪر! جڏهن اوهان جي پروردگار موسى کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ،(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن سڏيو تنهنجي رب موسى کي ته اچ (وڃ) تون ظالم قوم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ موسيٰ کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ! (مولانا محمد مدني) ۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار موسى کي پُڪاريو ته:”تون ظالمن جي قوم وٽ وڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي مالِڪ مُوسٰى کي، جڏهن ڪئـِي پاڻ پُڪار، ته وَڃ ڪافِر قوم ڏي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) يعني فرعون جي ماڻهن ڏي وڃ. ڇا هو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڪونه ڊڄندا؟(علامه علي خان ابڙو) (يعنى) فرعون جي قوم ڏانهن، ڇا اهي نٿا ڊڄن؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون جي قوم کي (هدايت ڪريو) ڇا اهي ماڻهو (منهنجي غضب کان) نٿا ڊڄن؟(سيد فرمان علي) فرعون جي قوم وٽ ڇا نه ڊڄندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون جي قوم ڏي ڇا اهي نٿا ڊڄن؟ (مولانا محمد مدني) جا فرعون جي قوم آهي. ڇا اُهي (عذابِ الاهي کان) نه ٿا ڊڄن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قوم فِرعون فَجار، ته اُهي ڪِنهن آڌار، ڏَرن نٿا ڏاتار کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي هن ڳالهه جو انديشو آهي ته هو مون کي ڪوڙو سمجهندا (۽ منهنجي ڳالهه نه مڃيندا).(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون کي خوف آهي ته اهي مون کي ڪوڙو سمجھندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (موسى) عرض ڪيو، منهنجا رب آءُ! ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن.(سيد فرمان علي) چيائين ته اي منهنجا رب! بيشڪ مان ڊڄان ٿو هن کان جو مون کي ڪوڙو چون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن ۽ منهنجو سينو تنگ ٿئي ٿو.(مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي خدشو آهي ته اُهي مون کي ڪوڙو چوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مونکي ڊپ مون ڌڻِي، ته ڪُوڙو ڪَند ۾ ڪُفران، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ منهنجي دل گهٻرائجي ويندي ۽ منهنجي زبان ئي نه هلندي. سو هارون کي به پيغام موڪل (۽ منهنجي مدد لاءِ رسول ڪر).(علامه علي خان ابڙو) ۽ (ان سان) منهنجو سينو تنگ ٿيندو ۽ منهنجي زبان (اٽڪ سببان) نٿي هلي پوءِ تون هارون کي پيغمبر ڪر (جيڪو تبليغ ۾ منهنجي مدد ڪري)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (انهن جي ڪوڙو چوڻ ڪري) منهنجو دم گهٽجي ۽ منهنجي زبان (چڱيءَ طرح) نه هلي ته پوءِ هارون ڏي به (پيغام موڪل. (ته منهنجو مددگار ٿئي).(سيد فرمان علي) ۽ تنگ ٿو ٿئي سينو منهنجو ۽ نه ٿي پورو ڳالهائي زبان منهنجي پوءِ رسالت جو حڪم موڪل هارون ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ منهنجي زبان نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏي به (پيغام پهچائڻ جو حڪم) موڪل. (مولانا محمد مدني) ۽ منهنجو سينو سوڙهو ٿئي ٿو ۽ منهنجي زبان (رواني سان) نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏانهن به (رسالت) موڪل.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَٻِڪي هِيئون مُنهنجو، ۽ نه کُليِمِ خُوب زبان، پوءِ موڪل حُڪم هارُون ڏي، مُون گڏ مِهربان!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ مون تي هنن جو (قتل جي ڏوهه) جو الزام آهي (جو مون هنن جو هڪڙو ماڻهو ماري وڌو هو). سو مون کي خوف آهي ته هو مون کي به قتل ڪندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن جو مون تي هڪ قتل جو الزام آهي پوءِ مون کي خوف ٿئي ٿو ته متان اهي مون کي قتل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوھ (دعوو) آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن.(سيد فرمان علي) ۽ انهن جو مون تي ڏوهه جو الزام آهي پوءِ ڊڄان ٿو ته مون کي قتل ڪندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوهه آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن جو مون تي (قبطي کي مارڻ جو) الزام به آهي سو مون کي انديشو آهي متان مون کي قتل ڪري ڇڏن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُون تي آهي اُنهن جو، بَدلو بي گمان، پوءِ آهيم اِهو اَرمان، ته ڪُهيمِ مَتان قِصاص ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
(الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) الله تعاليٰ فرمايو ته، هرگز نه، (هو توکي قتل نه ڪندا) اوهان ٻئي منهنجي نشانين (يعني ڏنل معجزن) سان (وٽن) وڃو. اسان توهان سان گڏ هونداسين، ۽ (توهان جي پڪار) ٻڌندا رهنداسين.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى فرمايو، توکي اهي قتل نه ڪندا، پوءِ توهان ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين توهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا ارشاد ڪيو ڪڏهن به ائين نه ٿيندو. چڱو!اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو اسين اوهان سان آهيون ۽ (سموري گفتگو) چڱيءَ طرح ٻڌون ٿا.(سيد فرمان علي) فرمايائين ائين ناهي پوءِ کڻي وڃو آيتون اسان جون بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله فرمايو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو پوءِ اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني) (الله) فرمايو: ”ائين نه ٿيندو. پوءِ اوهان ٻئي اسان جون نشانيون وٺي وڃو بيشڪ اسان اوهان سان گڏ (سڀ ڪجھه) ٻڌندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، خبردار، ته ٻئـِي وَڃو، مُنهنجا حُڪم کڻِي هيڪار، آءُ اوهان سان آهيان، ٻُڌندڙ ڳالھ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) سو توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو، ۽ کيس چئي ڏيو ته، اسان سڄي جهان جي پروردگار جا موڪليل پيغمبر آهيون.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو پوءِ توهان چئو ته بيشڪ اسين رب العالمين جا پيغمبر آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مطلب ته اوهين ٻئي فرعون وٽ وڃو ۽ (وڃي) چئو ته اسين رب العالمين جا رسول آهيون.(سيد فرمان علي) پوءِ وڃو فرعون وٽ پوءِ چئوس بيشڪ اسين رسول آهيون جهانن جي رب جا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چو ته بيشڪ اسين جهان جي پاليندڙ جا موڪليل آهيون. (مولانا محمد مدني) پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چئو ته بيشڪ اسان جهانن جي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وڃو ڦرِيل فرعون ڏي هِئ اکر چئو اظهار، ته اَسين اُماڻيل آهيون، پاران جُڳن پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.(علامه تاج محمود امروٽي) (توڏي موڪليا ويا آهيون) هن لاءِ ته بني اسرائيلن کي (جيڪي تنهنجي ملڪ ۾ آهن) اسان سان گڏ موڪل (ته اسان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اصلوڪي وطن ڏي وٺي وڃون).(علامه علي خان ابڙو) تون اسان سان گڏ بني اسرائيل کي وڃڻ ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ هي پيغام آندو آهي) ته تون بني اسرائيلن کي اسان سان موڪلي ڇڏ!(سيد فرمان علي) ته ڇڏ اسان سان گڏ بني اسرائيل کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي. (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته تون بني اسرائيل کي (آزادي ڏئي) اسان سان وڃڻ ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو اَسان گڏڪار، اِسرائـِيل جي اولاد کي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون اهو حڪم مڃيو ۽ فرعون وٽ ويا ۽ اهو پيغام کيس پهچايائون. تنهن تي فرعون) چيو ته، (اي موسيٰ!) توکي اسان ننڍپڻ ۾ نپايو ۽ پاليو ڪين هو ڇا؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان ۾ نه رهيو هئين ڇا؟ (جو هاڻي احسان فراموش ٿي بني اسرائيلن کي اسان جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيو آهين.)(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو (اي موسيٰ) ڇا اسان توکي ننڍ پڻ ۾ پاڻ وٽ نپايو نه هو؟ ۽ تو اسان وٽ پنهنجي عمر جا گھڻا سال نه گذاريا هئا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (موسى ويو ۽ چيائين ۽ فرعون) چيو: (موسى!) ڇا اسان تو کي هتي رهائي ننڊپڻ ۾ پالنا نه ڪي. ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيئي سال اسان ۾ رهي سهي چڪو آهين،(سيد فرمان علي) چيائين ته ڇا نه پاليو اسان توکي پاڻ وٽ ننڍي هوندي ۽ رهيو هئين اسان وٽ پنهنجي عمر جا ڪيترا سال .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (فرعون) چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو ۽ تون اسان ۾ پنهنجي عمر جا ڪيترا ورهه رهئين. (مولانا محمد مدني) (فرعون) چيو: ”ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هيو؟ ۽ تو پنهنجي عمر جا ڪيترا سال اسان ۾ گذاريا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ پاليوسون نَه پاڻ ۾، توکي ٻالڪ ٻار؟ اَسان ۾ پنهنجي عمر جا، ڪي ورھ رهئين وِينجھار! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) تو انهيءَ وقت اهو (هڪ مصريءَ کي قتل ڪرڻ وارو) ڪم به ڪيو هو جو (توکي ياد هوندو ته تو سچ پچ) ڪيو هو. تون ته وڏو احسان فراموش آهين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ تو هڪ انسان (قبطي قبيلي واري) کي قتل نه ڪيو هو ۽ تون ناشڪرن مان آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون پنهنجو اهو ڪم (قبطي جو خون) ڪري وئين سو ڪري وئين ۽ تون (وڏو) ناشڪرو آهين،(سيد فرمان علي) ۽ ڪيو تو پنهنجو ڪم جيڪو ڪيو تو ۽ تون بي شڪرن مان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تو پنهنجو اهو ڪم ڪيو جو ڪري چڪين۽ تون احسان نه مڃيندڙن مان آهين. (مولانا محمد مدني) ۽ پوءِ تون ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون وڏو احسان فراموش آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ ڪيو تو ڪَم پَنهنجو، ڪئـِي جو ڪم ڪار، ۽ آهين تون اِظهار، بلڪل بي شُڪرن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
(موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ فرمايو ته، بيشڪ مون ان وقت اهو ڪم ڪيو، هو جو مان ان وقت بي خبر هئس، (تنهن ڪري مون کان خطا ٿي ويئي).(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) موسيٰ چيو برابر اهو ڪم مون ڪيو پر آئون ان وقت بي خبر هُئُسِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چيو (هاءُ) مون اهو ڪم تڏهين ڪيو جڏهن آءُ غفلت ۾ هوس.(سيد فرمان علي) چيائين ته ڪيو مون اهو ان وقت جو هوس مان بي خبرن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته مون اهو ڪم تڏهن ڪيو ۽ آءُ ان وقت صحيح رستي تي نه هوس. (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”مون اهو ڪم ان وقت ڪيو هيو جڏهن آءٌ بي خبرن مان هيس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪيمِ اُهو ڪم تڏهن، هُئسِ مُوڙهن مان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو مان توهان کان ڊڄي ڀڄي ويس. پر پوءِ منهنجي پروردگار مونکي دانائي ۽ سمجهه ڏني ۽ مون کي پيغمبر ڪري موڪليائين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ آئون توهان وٽان نڪري وَيُسِ جڏهن مون کي توهان کان خوف ٿيو، پوءِ الله تعالى مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس. پوءِ (ڪجھ عرصي کان پوءِ) منهنجي پالڻهار مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي به هڪ پيغمبر ڪيائين،(سيد فرمان علي) پوءِ ڀڄي ويس مان اوهان کان جڏهن ڊپ ڪيم اوهان کان پوءِ عطا ڪيائين مون کي منهنجي رب حڪم ۽ ڪيائين مون کي مرسلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس پوءِ منهنجي پاليندڙ مون کي سمجهه عطا ڪئي. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن مون کي اوهان کان انديشو محسوس ٿيو ته آءٌ اوهان وٽان هليو ويس پوءِ منهنجي پالڻهار مون کي حڪمِ (نبوت) عطا ڪيو ۽ مون کي رسولن مان بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ڊِنسِ توهان ڪنان، پوءِ ڀَڳسِ ڏيهان ڏُور، پوءِ بَخشِي مُون کي، مُون ڌَڻِي، پورِي رِيت پَرور، ۽ مونکي ڪَئـِين منظور، رَهبر ريٻارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ڇا اهو به ڪو احسان آهي جو تون مون تي ٿڦي يا مڙهي رهيو آهين ته تو بني اسرائيلن کي غلام بنائي رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اها نعمت (ڪهڙي آهي) جنهن جو تون مون تي احسان رکين ٿو (درحقيقت) تو ته بني اسرائيل کي غلام بنايو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهو به ڪو احسان آهي جنهن جو مون تي ٿورو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ اها به ڪا نعمت آهي جو احسان ٿو ڪرين ان سان مون تي هيء جو ٻانهو بنائي رکيو ته بني اسرائيل کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين ۽ ڇا اها نعمت آهي جنهن جو مون تي ٿورو ٿو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ ڇا اها (به) ڪا ڀلائي آهي جنهن جو مون تي ٿورو ٿڦين ٿو هوڏهون تو بني اسرائيل کي غلام بنائي رکيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇا مون تي ٿورو ٿاڦين ؟ اِهو اي اَظلام! ته گولو ۽ غلام، ڪَيئهِ اسرائـِيل جي اولاد کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون (لاجواب ٿي) چيو ته، ڀلا سڄي جهان جو پروردگار ڪير آهي؟(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو ۽ رب العالمين ڇا آهي؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو (چڱو اهو ته ٻڌائي) رب العالمين ڪهڙي شيءِ آهي؟(سيد فرمان علي) چيو فرعون ۽ ڪير آهي جهانن جو پالڻهار؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون چيو ته جهان جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آهي؟ (مولانا محمد مدني) فرعون چيو ته : ”جهانن جو پالڻهار ڇا (شيءِ) آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون ڪَهيو ته، ڪير پالڻهار پِرٿڻِين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
(موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ جواب ۾ فرمايو ته، (سڄي جهان جو پروردگار اهوئي آهي) جو آسمان ۽ زمين جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به زمين ۽ آسمانن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي، جيڪڏهن توهان يقين (۽ ايمان) وارا ٿيڻ چاهيو (ته ڏسي سگهو ٿا ته اهائي حقيقت آهي، پر جيڪڏهن گمان ۽ شڪ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ ٿا چاهيو ته انڌائي رهندؤ ۽ تباهه ٿيندؤ).(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) موسيٰ فرمايو اهو آسمانن ۽ زمينن ۽ ان جي وچ وارين سڀني شين جو رب آهي، جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چيو ته (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪريو (ته ڪافي آهي).(سيد فرمان علي) فرمايائين ته رب آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي جيڪڏهن آهيو يقين ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته (اهوئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين يقين ڪرڻ وارا آهيو. (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پالڻهار آهي. جيڪڏهن اوهان يقين ڪرڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀون، جنهن اُپايا، پڻ جي مَنجھنِ زبر زير، بِنا فرق ڦير، جي وِسهڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
(فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون (وري به لاجواب ٿي ٽوڪ جي نموني) انهن (پنهنجن) ماڻهن کي چيو جيڪي سندس چوڌاري بيٺا هئا ته، ٻڌو نٿا (ته ڇا ٿو چوي؟)(علامه علي خان ابڙو) فرعون پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي (تعجب مان) چيو ڇا توهان غور سان نه ٻڌو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا (اوهين) نه ٿا ٻڌو؟(سيد فرمان علي) چيائين انهن کي جيڪي انهن جي چوڌاري هئا ڇا نه ٿا ٻڌو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا نه ٿا ٻڌو؟ (مولانا محمد مدني) (فرعون) پنهنجي آس پاس وارن کي چيو: ”ٻڌو ٿا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين، جي چوڌار، حاضر هُئا اُن جي، ڇا سُڻو نٿا سالار! اُبتڙ جواب اُن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
(مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ (سندن گهٻرايل حالت جو وجهه وٺي پنهنجي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ) چوڻ لڳو ته، اهوئي اوهان جو به (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ اوهان جي گذاري ويل ابن ڏاڏن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ چيو اهو توهان جو رب آهي ۽ توهان جي پهرين ابن ڏاڏان جو رب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چيو ته (اهو ئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي.(سيد فرمان علي) چيائين رب اوهان جو ۽ رب پيئرن اوهان جن پهرين جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته (اهو) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهانجن اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”اُهو اوهان جو پاليندڙ آهي ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهان جو پرور، پڻ اوهان جي پهرين پِئن جو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
(فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون (اڃا به وڌيڪ لاجواب ٿي پنهنجي ماڻهن کي) چوڻ لڳو ته، بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏي (اوهان کي سيکارڻ لاءِ) موڪليو ويو آهي سو ته ديوانو آهي.(علامه علي خان ابڙو) فرعون چوڻ لڳو بيشڪ جيڪو توهان ڏانهن رسول موڪليو ويو آهي اهو يقيناً مجنون آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو ته (ٻڌو ٿا!) هي رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي سو پڪ چريو آهي.(سيد فرمان علي) چيائين ته بلاشڪ رسول اوهان جو جيڪو موڪليو ويو اوهان ڏانهن البته چريو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون چيو ته بيشڪ اوهان جو پيغمبر جيڪو اوهان ڏي موڪليو ويو آهي سو چريو آهي. (مولانا محمد مدني) (فرعون) چيو: ”بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏانهن موڪليو ويو آهي سو پڪ سان مجنون آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي جو اوهان ڏي مُڪو ويو، سو اَهنجو پيغمبر، بِلڪُل بي خبر، پاڳل آهي پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
(مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ (وڌيڪ) فرمايو ته، جيڪڏهن توهان عقل کان ڪم وٺو ته (سمجهي سگهندؤ ته) اهوئي رب مشرق ۽ مغرب جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي.(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ چيو اهو اوڀر ۽ اولهه جو رب آهي ۽ جيڪا (ڪائنات) انهن جي وچ ۾ آهي، جيڪڏهن توهان عقل رکو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چيو، (اهو خدا جو) اڀرندي ۽ الهندي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) مالڪ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا (ته اها ڳالھ ڪافي آهي).(سيد فرمان علي) چيائين رب اوڀر جو ۽ اولهه جو ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي جيڪڏهن آهيو جو عقل رکو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته اڀرندي ۽ الهندي جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن (سڀ) جو اهو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا. (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو ته: ”اوڀر ۽ اولهه ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پاليندڙ اُهو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اولھ ۽ اوڀر جو، پڻ جيڪا ٻنهِي وِچ جوڙ، ڌڻِي توڙان توڙ، جي عقل رکندڙ آهيو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
(فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.(علامه تاج محمود امروٽي) (ويچاري فرعون کي اچي لڳو پنهنجي بادشاهي وڃڻ جو ڊپ سو حضرت موسيٰ کي) چيائين ته، جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي معبود (۽ بادشاهه) ڪري وٺندين ته مان توکي قيد ۾ رکندس.(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي معبود جي عبادت ڪئي ته آئون توکي ضرور انهن قيدين مان ڪندس (جن جي تڪليف توکي معلوم آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي کي (پنهنجو خدا بنايو ته آءُ تو کي ضرور پنهنجو قيدي ڪندس.(سيد فرمان علي) چيائين ته البته جيڪڏهن ورتو تو معبود مون کان سواءِ ته البته ضرور ڪندس مان توکي قيد ڪيلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون چيو ته جيڪڏهن تون مون کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي حاڪم ٺهرائيندين ته آءُ توکي قيدين مان ڪندس. (مولانا محمد مدني) (فرعون) چيو: ”اگر مون کان سواءِ تو ڪنهن ٻئي کي معبود بنايو ته آءٌ ضرور تو کي قيدين ۾ شامل ڪندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي موسىٰ! تون مون سوا، جي ڌارِيندين ڌڻِي، ته کِہ ۾ کَڏ کڻِي، ڪندوسِين قيدين مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
(مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا (تون مون کي قيد ڪندين؟) اگرچه مان توڏي چٽي ۽ روشن شيء (يعني پڪا دليل ۽ عاليشان معجزا) کڻي آيو آهيان.(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) موسيٰ چيو جيتوڻيڪ آئون تو وٽ ڪو معجزو آڻيان!(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چيو، توڙي جو آءُ تو کي پڌرو معجزو به ڏيکاريان (تڏهن به)(سيد فرمان علي) چيائين جيتوڻيڪ آڻيان مان تو وٽ شيءِ روشن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته جيتوڻيڪ آءُ تو وٽ ڪا پڌري شيءِ آڻيندس (ته به قيد ڪندين) ڇا؟ (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”توڙي جو آءٌ تو وٽ ڪا پڌري شيءِ (بطور معجزي جي) آڻيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توڻي آندِم تو اڳيان، ثابت ڪي سُهڃاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
(فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون (لاچار ٿي) چيو ته، جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڀلا اها شيء پيش ڪر؟(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو تون معجزو آڻ جيڪڏهن تون سچ چوندڙن مان آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو (چڱو) ته تون جيڪڏهن (پنهنجي ڳالھ ۾) سچو آهين ته ڀلا آڻ.(سيد فرمان علي) چيائين پوءِ آڻ تون اها جيڪڏهن آهين تون سچن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون چيو ته پوءِ ان کي آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (مولانا محمد مدني) (فرعون) چيو: ”اُها آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ اُهوئـِي آڻ، جي سَچ پَچ سچن مان آهِيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن تي حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ (پَٽ تي) اڇلائي ته هڪدم هڪڙي وڏي چٽي پٽي ازدها يعني بلا يا وڏو نانگ ٿي پيئي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي پوءِ فوراً اها لٺ تمام وڏو نانگ ٿي پئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ (ٻڌندي ئي) موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها يڪدم پڌرو ازدها (نانگ) ٿي بيٺي.(سيد فرمان علي) پوءِ اڇلايائين لٺ پنهنجيءَ کي پوءِ اوچتوئي اها واسينگ نانگ پڌرو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ پنهنجي لٺ کي اڇلايائين ته اها يڪدم پڌرو ازدها نانگ ٿي پيئي. (مولانا محمد مدني) پوءِ (موسيٰ) پنهنجي لٺ اڇلائي ته اُها ٿَڏي تي ئي پڌرو نانگ ٿي پئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇلئـِين لَٺ پَنهنجِي، پوءِ اِجھو اَرڙ اظهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ٻيو (ڇا ڪيائين جو بغل مان) پنهنجي هٿ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ته اهو ناظرينن کي چمڪندڙ ڏسڻ ۾ آيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍيائين پوءِ فوراً اهو ڏسندڙن لاءِ جھَرڪندڙ ٿي پيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (کيسي مان) پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان تمام اڇو چمڪدار هو.(سيد فرمان علي) ۽ ڪڍيائين هٿ پنهنجو پوءِ اوچتو اهو چمڪندڙ آهي ڏسندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اُهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان اڇو هو. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجو هٿ (بغل ۾ وجهي) ٻاهر ڪڍيائين ته اُهو اُتي جو اُتي ئي ڏسڻ وارن لاءِ چمڪدار ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪڍئـِين هَٿ ٻَهار، ته نُورِي ناظِريَنِ لاءِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
(فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون انهن سردارن کي جيڪي سندس اردگرد هئا، چيو ته، بيشڪ هيءُ وڏو هوشيار جادوگر آهي.(علامه علي خان ابڙو) فرعون، سرادرن کي چيو جيڪي سندس چوڌاري هئا، بيشڪ هيءُ ماهر جادوگر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تڏهن (فرعون پنهنجي دربارين کي جي سندس آس پاس (ويٺا) هئا چوڻ لڳو ته هي پڪ وڏو جادوگر آهي،(سيد فرمان علي) چيائين سردارن کي جيڪي چوڌاري ان جي هئا بيشڪ هي البته جادوگر، ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون پنهنجي آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ هيءَ داناءُ جادوگر آهي. (مولانا محمد مدني) (فرعون) پنهنجي آس پاس وارن سردارن کي چيو: ”بيشڪ هي وڏو ڄاڻُو جادوگر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪچهرِئَ کي تنهن ڪَهيو، جي چُونڊ سَندسِ چوڌار، هي جادوگر جُونجھار، آهي وڏو اُستاد ڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
(ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟(علامه تاج محمود امروٽي) هو چاهي ٿو ته، پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان تڙي ڪڍي. ان حالت ۾ اوهان جي راءِ ڪهڙي آهي؟(علامه علي خان ابڙو) اهو توهان کي پنهنجي جادو سان توهان جي زمين مان ڪڍڻ چاهي ٿو. پوءِ توهان جو ڪهڙو مشورو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن جي مرضي آهي ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري. ته پوءِ اوهين ڪهڙو حڪم لڳايو ٿا؟(سيد فرمان علي) ارادو ٿو ڪري ته ڪڍي اوهان کي زمين اوهان جيءَ مان جادوءَ پنهنجي سان پوءِ ڪهڙو امر ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان کي اوهان جي زمين مان پنهنجي جادوءَ سان ڪڍڻ گهري ٿو، پوءِ ڇا حڪم ڪريو ٿا؟ (مولانا محمد مدني) جيڪو چاهي ٿو پنهنجي جادوءَ (جي زور) سان اوهان کي اوهان جي زمين مان ڪڍي، پوءِ اوهان ڇا ٿا راءِ ڏيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ اِرادو اُن جو، ته ڪَنيان، ديس پَنهنجي کان ڌار، سَندسِ اَ کر آڌار، پوءِ ڪِهڙي صلاح ڏيوم ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (سردارن) جواب ۾ چيو ته، هن کي (يعني حضرت موسيٰ کي) ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي (يعني في الحال کين ڪجهه نه چئو) ۽ سڀني شهرن ڏي گڏ ڪندڙ قاصد موڪل.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو تون موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي ۽ تون ماڻهو گڏ ڪندڙن کي شهرن ۾ موڪل(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) دربارين چيو ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترسائي ۽ سڀني شهر وارن ۾ جادوگرن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڪوٺيندڙن کي موڪل،(سيد فرمان علي) چيائون ته ڍر ڏي ان کي ۽ ڀاءُ ان جي کي ۽ موڪل شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي موڪل (مولانا محمد مدني) چيائون: ”ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ جادوگرن کي گڏ ڪرڻ وارا موڪل.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُن ۽ اُن جي ڀاءُ کي، ڏئي مُهلت مُوچارِي، ۽ موڪل ماڻهو مُلڪن ۾، ته چونڊي چوڌارِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي (تنهنجي) سڀني هوشيار جادوگرن کي (جمع ڪري) تو وٽ وٺي اچن.(علامه علي خان ابڙو) اهي تو وٽ هر قسم جا ڄاڻو جادوگر آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته سڀ ڪنهن داناءَ جادوگر کي اوهان جي اڳيان آڻي حاضر ڪن.(سيد فرمان علي) ته آڻيندا تو وٽ هر وڏو جادوگر، ڄاڻندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته سڀ ڪنهن داناءُ جادوگر کي تو وٽ آڻين. (مولانا محمد مدني) جيڪي هر ماهر جادوگر کي تو وٽ وٺي اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارٖي اکر جا ڪارِي، ڪوٺي ڪَٺي ڪَن ڪُل کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو سڀ جادوگر گڏ ڪيا ويا، انهيءَ ڏينهن لاءِ جو (مقابلي لاءِ) مقرر ڪيو ويو ۽ جو معلوم ۽ مشهور ڏينهن هو، (يعني عيد يا جشن جو ڏينهن هو.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ هڪ مقرر وقت ۽ ڏينهن تي جادوگر گڏ ڪيا ويا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو.(سيد فرمان علي) پوءِ گڏ ڪيا ويا جادوگر واسطي وقت مقرر ڏينهن معلوم جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو (مولانا محمد مدني) پوءِ سڀ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي طئي ٿيل وقت تي گڏ ڪيو ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ماندا سڀ ميڙيا وِيا، ڪنهن سَندنِ جي وار، ۽ ڦيريو ويو ماڻهن ۾، اِهو اِشتهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (جڏهن گهڻائي ماڻهو ان ڏينهن گڏ ٿي ويا تڏهن) ماڻهن کان پڇيو ويو ته سڀئي گڏ ٿيا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته توهان سڀئي گڏ ٿجو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟(سيد فرمان علي) ۽ چيو ويو ماڻهن کي ته ڇا اوهان گڏ ٿيندڙ آهيو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟ (مولانا محمد مدني) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته: ”ڇا اوهان (اجتماع ۾) گڏ ٿيندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهين ڪِ اسان سان آهيو، هيڪاندا هيڪار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (چڱو اڄ) ممڪن آهي ته جيڪڏهن اسان جا جادوگر (حضرت موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ ۾) غالب رهندا ته (اسان پنهنجي) جادوگرن جي پيروي (وڌيڪ شوق سان) ڪندا رهنداسين.(علامه علي خان ابڙو) جيڪڏهن اهي جادوگر غالب ٿيا ته يقيناً اسين انهن جادوگرن جي تابعداري ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن لاءِ ته جيڪڏهن جادوگر غالب ٿيا ته اسين سندس پيروي ڪريون.(سيد فرمان علي) شايد اسين تابعداري ڪيون جادوگرن جي جيڪڏهن ٿيندا اهي غالب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) مَنَ اسين جادوگرن جي پيروي ڪريون جيڪڏهن اهي غالب ٿيا. (مولانا محمد مدني) شايد اسان انهن جادوگرن (جي دين) جي پيروي ڪيون اگر اُهي غالب ٿي ويا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪس پُٺ جادوگرين، لڳنداسون لاچار، جادُوءَ ۾ جُونجھار، صَحِي سوڀارا، جي ٿيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن جادوگر به اچي ويا تڏهن هنن فرعون کي چيو ته، جيڪڏهن اسان (مقابلي ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام تي) غالب پئجي وڃون ته پوءِ اسان کي انعام ملندو نه؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن اهي جادوگر پهتا، انهن فرعون کي چيو ته ڇا اسان لاءِ ڪو انعام آهي جيڪڏهن اسين غالب ٿياسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نيٺ جڏهن سڀ جادوگر آيا ته جادوگرن فرعون کي چيو ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته ڇا پڪ اسان کي (سرڪار مان) انعام ملندو؟(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن آيا جادوگر ته چيائون فرعون کي ڇا تحقيق اسان جي لاءِ البته انعام آهي جيڪڏهن ٿينداسون اسين غالب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن جادوگر آيا تڏهن فرعون کي چيائون ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته اسان لاءِ ڪو اجورو آهي ڇا؟ (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته فرعون کي چيائون: ”اسان لاءِ ڪو انعام آهي؟ جيڪڏهن اسان (موسى ۽ هارون تي) غالب اچي وڃون؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن اَچِي جمع ٿيا، جادوگر جُونجهار، فسادِي فِرعون کي، ٻولائيون ٻِيهار، چي، جي ڪَڙَ ٿِيا سون، ته ڪِهڙو اَجر اسان هار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
(فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) فرعون چيو ته، هائو (نه رڳو اوهان کي انعام ملندو پر) توهان ان صورت ۾ منهنجي ويجهو ٿيندؤ. (يعني اوهان کي درٻاري ڪيو ويندو).(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو ها، ۽ بيشڪ توهان ان وقت (منهنجا) مقرب هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو، هاءُ (ضرور ڏنو ويندو) ۽ (انعام ڪهڙي ڳالھ آهي) اوهين پوءِ (منهنجي بارگاھ جي) مقربن مان ٿيندو.(سيد فرمان علي) چيائين ته هائو ۽ بلاشڪ اوهان ان وقت البته مقربن مان آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائين ته هائو ۽ بيشڪ اوهين تڏهن (منهنجي) ويجهن (ماڻهن) مان هوندو. (مولانا محمد مدني) (فرعون)چيو:”هائو ۽ بيشڪ اوهان ان وقت منهنجي(دربار جي) ويجهڙن (ماڻهن) مان ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اوهِين اُنهِئ وار، هُوندا حُضورين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ انهن (جادوگرن) کي چيو ته، جيڪي توهان کي پيش ڪرڻو آهي، سو پيش ڪيو. (يعني پنهنجا ڪرشما ڏيکاريو).(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ، جادوگرن کي چيو توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪري ڏيکاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن کي موسى چيو (منتر جنتر) جيڪي اوهان کي اڇلڻو آهي اڇليو.(سيد فرمان علي) چيو انهن کي موسى اڇلايو اهو جيڪو اوهان اڇلائيندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن کي موسيٰ چيو ته جيڪي اوهين اڇلڻ وارا آهيو سو اڇليو. (مولانا محمد مدني) موسى کين چيو: ”اڇلايو! جيڪو (جادو) اوهان اڇلائڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو مُوسٰى اُنهن کي، ته هِڪدم اُڇليو هاڻ، اَٿوَ، جو اُڇلڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن تي هنن پنهنجون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾ اڇليون ۽ چوڻ لڳا ته، فرعون جي عزت جو قسم! اسان ضرور غالب پونداسين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن پنهنجو رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چوڻ لڳا فرعون جي عزت جو قسم، بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب رهنداسون.(سيد فرمان علي) پوءِ اڇلايائون رسا پنهنجا ۽ لٺيون پنهنجون ۽ چيائون قسم آهي فرعون جي عزت جو ته بيشڪ اسين ئي غالب آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب آهيون. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن پنهنجون رسيون ۽ پنهنجون لٺيون اڇلايون ۽ چيائون: ”فرعون جي عزت جو قسم بيشڪ اسان ئي غالب آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پهرين اُڇليو پاڻ، سَندنِ نوڙيون ۽ لوڙهيون، پوءِ آکيون اِن اُهڃاڻ، چي، اَسِين غالب آهيون، سَگھ فِرعون جي ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.(علامه تاج محمود امروٽي) (سندن رسيون ۽ لٺيون نانگن وانگر چرندي ڏسڻ ۾ آيون) تنهن تي حضرت موسيٰ به پنهنجي لٺ ميدان ۾ اڇلائي ته (سبحان الله! ڇا ٿيو جو اها لٺ وڏي بلا بڻجي) انهن سڀني کي ڳهي ويئي جي ڪوڙا ڏيک هنن ٺاهيا هئا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ مبارڪ کي اڇلايو پوءِ ان وقت (حضرت موسيٰ جي لٺ) ڳِهي وئي جيڪو انهن جادو ڪيو هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي جيڪو ڪوڙو سانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي.(سيد فرمان علي) پوءِ اڇلائي موسى لٺ پنهنجي پوءِ اتي ئي اها ڳهي پئي اهو جو جادو سان ٺاهين پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اُتي جو اتي جيڪو ڪوڙو نانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي.(مولانا محمد مدني) پوءِ موسى پنهنجي لٺ کي اڇلايو ته اُها اُتي جو اُتي (نانگ بڻجي) ڳِهَڻ لڳي جيڪو ٺاهه ٺاهيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇلِي عَصا پنهنجِي، مُوسٰى مَت سُڃاڻ، پوءِ مانڊين جا مانڊاڻ، اِجھا ڳِيهٖي پيئي، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.(علامه تاج محمود امروٽي) تڏهن سڀ جادوگر (ان کي خدائي معجزو سمجهي خدا جي اڳيان) سجدي ۾ ڪري پيا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهو ڏسندي ئي) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.(سيد فرمان علي) پوءِ ڪيرايا ويا جادوگر سجدو ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (مولانا محمد مدني) پوءِ جادوگر (سڀ) سجدي ۾ ڪِري پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساحِر پِيا سُجود ۾، چيؤن عَلى الاعلان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ بي ڌڙڪ) چئي ڏنائون ته، اسان سڄي ڪائنات جي پروردگار تي ايمان آندو آهي.(علامه علي خان ابڙو) سڀني چيو اسان رب العالمين تي ايمان آندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ چوڻ لڳا اسان سموري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو. (سيد فرمان علي) چيائون ته ايمان آندو اسان رب جهانن جي تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته اسان سڀني قومن جي پاليندڙ تي ايمان آندو. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان جهانن جي پالڻهار تي ايمان آندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مَڃيوسون مُورهِين، صاحِب سڀ جھان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اسان انهيءَ پروردگار تي ايمان ٿا آڻيون) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ رب تي جنهن کي موسيٰ ۽ هارون رب ڪري ٿا مڃين).(علامه علي خان ابڙو) جيڪو موسيٰ ۽ هارون جو رب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي.(سيد فرمان علي) موسى ۽ هارون جي رب تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو موسيٰ ۽ هارون جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) جيڪو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوئـِي ربُّ، سُبحان، مُوسٰى ۽ هارُون جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
(فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.(علامه تاج محمود امروٽي) (فرعون جادوگرن تي ڪاوڙجي) چيو ته، ڇا منهنجي اجازت وٺڻ کان اڳ ۾ ئي توهان (مون کي ڇڏي ٻئي رب تي) ايمان آندو آهي؟ مون کي يقين آهي ته هي (موسيٰ) اوهان جو وڏو آهي (۽ اوهان جو استاد آهي) جنهن اوهان کي جادوگري سيکاري آهي. سو جلد ئي اوهان کي خبر پوندي (ته مان توهان سان ڪهڙيون تعديون ٿو ڪيان) . مان توهان جا هٿ ۽ پير آرپار ابتا سبتا وڍائي ڇڏيندس، ۽ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.(علامه علي خان ابڙو) فرعون چيو توهان منهنجي اجازت کان اڳ ۾ الله تي ايمان آندو، بيشڪ موسيٰ توهان جو وڏو آهي جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي توهان کي خبر پوندي، قسم سان آئون ضرور توهان جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيندس، ۽ آئون ضرور توهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) فرعون چيو (اڙي!) هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان ان تي ايمان آندو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي ته (خير) هاڻي ئي اوهان کي (ان جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو جو پڪ آءُ اوهان جي هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.(سيد فرمان علي) چيائين ته ايمان آندو اٿوَ ان تي اڳي هن کان جو موڪل ڏيان مان اوهان کي بلاشڪ اهو البته وڏو اوهان جو آهي جنهن سيکاريو اوهان کي جادو پوءِ البته جلد ڄاڻندؤ ته البته ضرور وڍيندس مان هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ابتڙ ۽ البته ضرور سوريءَ تي چاڙهيندس اوهان مڙني کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) فرعون چيو ته هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان انکي مڃيو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو، پوءِ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. ضرور آءُ اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ اوهان جا ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس. (مولانا محمد مدني) (فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳي ئي جو آءٌ اوهان کي موڪل ڏيان، بيشڪ اهو (موسى) اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ جلدي اوهان ڄاڻندؤ آءٌ ضرور اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان سڀني کي سوريءَ تي چاڙهيندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڇا، مَڃيانِس مَهندتِنْيان، ته موڪل ڏيانِيان مُور؟ هِي آهي وَڏو اَوهان جو، جادُوگر ضرور، جنهن اوهان کي سيکاريو، مَنڊ سَندو مَذڪور، وَهلو پوءِ وَهلور!، سڀ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي. چي، وَڍِيندسِ اَهنجا پير، هَٿ، پاسي کان ڌار، پوءِ ڪندسِ اوهان ڪُل کي، سُورِي سِرسُوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (جادوگرن جواب ۾) چيو ته، ڪهڙي ڳالهه آهي (آخر ته سڀ ڪنهن کي مرڻو آهي اسان کي ايمان جي لذت ۽ خدا جو راضپو ڪافي آهي) اسان يقيناً پنهنجي رب ڏانهن موٽي وڃڻا آهيون (جو اسان تي پنهنجون رحمتون ۽ نعمتون ڪندو).(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو (اسان کي) ڪو نقصان ناهي، بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته ڪو حرج نه آهي اسان کي ته اڳي پوءِ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي.(سيد فرمان علي) چيائون ته ناهي نقصان بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته ڪو حرج نه آهي بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽڻ وارا آهيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”ڪو نقصان ناهي، بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ موٽڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حَرج نه اسان کي اُن ۾، ٻوليائون ٻِيهار، پَنهنجي پَرور پار، اَسِين مُورهِين موٽڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) (وڌيڪ چيائون ته) اسان ته اهائي خواهش ٿا رکون ته اسان جو پروردگار اسان جون خطائون معاف ڪري، جو اسان (اوهان مصري ماڻهن ۾) سڀني کان اڳ ۾ مؤمن ٿيا آهيون.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اسان کي اميد آهي ته اسان جو رب اسان جا گناه معاف ڪندو، ڇو ته اسين (انهن مان) پهريان مؤمن آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اسان جيئن ته سڀني کان اڳ ايمان آندو آهي تنهن ڪري اميد آهي ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسين اميد ٿا رکون هيءَ ته بخشي اسان کي اسان جو رب گناهه اسان جا هن جي ڪري جو هوندا سون اسان پهريان ايمان آڻڻ وارا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ته اسان کي اسان جو پاليندڙ اسان جا گناهه معاف ڪري هن ڪري جو اسين پهريان ايمان آڻيندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو انڪري جو اسان سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين رکون ٿا آسرو، ته اسان جو اَلله، مَرهِينيون مِهر سان، اسان جا عيب، گُناه، جَن جو واحد ۾ ويساھ، پهرين تن مان، پاڻ هُجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان موسيٰ کي وحيءَ جي رستي حڪم ڏنو ته، منهنجي بندن (بني اسرائيلن ۽ ٻين مؤمنن) کي راتوواهه (مصر ملڪ مان) ڪڍي وڃ. پڪ آهي ته فرعون ۽ سندس ماڻهو (اوهان کي روڪڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ) اوهان جي پوئتان پوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي ته تون منهنجي ٻانهن، (بني اسرائيل) کي رات جي وقت ٻاهر ڪڍي وڃ، بيشڪ (اهي) توهان جي پويان لڳندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان موسى ڏي وحي موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا.(سيد فرمان علي) ۽ وحي ڪيو اسان موسى جي طرف هي ته راتو واه وٺي وڃي ٻانهن منهنجن کي بلاشڪ اوهان پيڇو ڪيل آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان موسيٰ ڏي هيءَ حڪم موڪليو ته منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”منهنجي ٻانهن کي وٺي راتو رات نڪري وڃ، بيشڪ اوهان جو پيڇو ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪليون سون مُوسٰى ڏي، وَحِي، پاسي وِير، ته ڀَلا! سَندمِ بَندن سان، لنگھ سَنجھي ئـِي سِير، اَوهان پُٺيان اَمِير!، فِرعون ڪاهِيندو فوج سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهيءَ وچ ۾) فرعون (ڇا ڪيو جو سڀني) شهرن ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليائين (۽ بني اسرائيلن جي خلاف لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ فرعون شهرن ۾ گڏ ڪندڙ ماڻهو موڪليا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تڏهن فرعون (لشڪر جي جمع ڪرڻ جي خيال سان) سڀني شهرن ۾ (ڪيترائي) ڪوٺيندڙ روانا ڪيا.(سيد فرمان علي) پوءِ موڪليا فرعون شهرن ۾ ڪوٺيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ فرعون شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي موڪليو. (مولانا محمد مدني) پوءِ فرعون شهرن ۾ (فوجين کي) گڏ ڪرڻ وارا (قاصد) موڪليا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فرعون ماڻهون فوج لئي، مُڪا مُلڪن پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
(چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ چوڻ لڳو ته) هي (بني اسرائيل) هڪ ننڍڙي (۽ هيڻي) ٽولي آهن.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اها تمام مختصر جماعت هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ چيائين) ته هي ماڻهو (موسى سان بني اسرائيل) ٿورا (مختصر) جماعت آهن.(سيد فرمان علي) ته بيشڪ هي البته ٿوري ٽولي آهي ٿورا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (چيائين ته) بيشڪ هي ٿوري جماعت آهي. (مولانا محمد مدني) (چيائين): ”بيشڪ اهي (بني اسرائيل) ٿورڙي جماعت آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿورڙِي ٻارِي هِي ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن هوندي به ايتري جرئت ڪئي اٿن جو) اسان جي خلاف غصي جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن (يا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي غصو ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسين انهن تي ڪاوڙ ڪندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ انهن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهي اسان جي لاءِ البته ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ انهن اسان کي ڪاوڙايو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهي اسان کي ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڏَمر ڏِينئون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (هو ڏسن ئي نٿا ته) اسان ته بيشڪ وڏو لشڪر آهيون ۽ (هنن جي مقابلي لاءِ اڳ ئي) خبردار (۽ تيار) آهيون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسين سڀئي مسلح ۽ جنگي ڪمن کان واقف آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسين سڀئي هٿيار بند جماعت آهيون.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اسين البته سڀئي هٿيار بند آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسين هٿيار بند جماعت آهيون. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان چوڪس رهڻ واري جماعت آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تِيرن سان تيار، اَسِين هرگز حاضِر آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
(الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن ڪري اسان هنن (بني اسرائيلن) کي باغن ۽ چشمن مان تڙي ڪڍيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اسان انهن کي باغن ۽ چشمن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مطلب ته اسان (انهن فرعون وارن) کي (مصر جي) باغن ۾ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون.(سيد فرمان علي) پوءِ ڪڍيو سون انهن کي باغن ۽ چشمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن کي باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون. (مولانا محمد مدني) سو اسان انهن (فرعونين) کي (سندن) باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ باغن، کوهن مان، ڌِڪي ڪيا سون دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پڻ خزانن ۽ چڱين جاين (يا چڱن عهدن ۽ ڌنڌن) کان اسان کين محروم ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ خزانن ۽ بهترين جاين مان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ خزانن ۽ عزت جي جاين مان به ڪڍي ٻاهر ڪيوسون،(سيد فرمان علي) ۽ کاڻين ۽ جاءِ عزت واريءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ خزانن ۽ چٽين جاين مان (به) (مولانا محمد مدني) ۽ خزانن ۽ عزت وارين جاين مان (به ٻاهر ڪڍيو)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کاڻين مان، پڻ ماڙين مَنجھان مُور، اِنپر کيل خَتم ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) (برابر فرعون ۽ سندس ماڻهن بني اسرائيلن سان) اهڙي هلت ورتي هئي (۽ کين غلام بنائي رکيو هو) پر اسان (يعني الله تعاليٰ پوءِ) بني اسرائيلن کي (شام ملڪ ۾) اهڙين شين (يعني باغن وغيره) جو وارث ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) اهڙي طرح ٻاهر ڪڍيو، اسان بني اسرائيل کي انهن شين جو وارث بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهڙي طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيل کي وارث ڪيوسون.(سيد فرمان علي) اهڙي طرح ۽ وارث ڪيو سون انهن جو بني اسرائيل کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙيءَ طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) اهڙي طرح (ڪيوسين). ۽ اسان بني اسرائيل کي (انهن شين جو) وارث ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر اِسرائـِيلن کي، ڏِنيون سون مَڏيون، مال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت موسيٰ ته بني اسرائيلن سان رات جي وقت روانو ٿي ويو) پوءِ صبح جو سج اڀرڻ بعد فرعون ۽ سندس ماڻهو (انهيءَ خبر پوڻ تي) سندن پٺيان پيا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي صبح جي وقت انهن جي پويان لڳا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا.(سيد فرمان علي) پوءِ پونيان پيا انهن جي سج اڀاريندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا. (مولانا محمد مدني) پوءِ ڏينهن روشن ٿيندي ئي (فرعوني) انهن جي پٺيان پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀري سج جو، اُن پُٺيان، پياسي پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪ ٻئي کي ڏٺو تڏهن حضرت موسيٰ جي ساٿين (ڊڄي) چيو ته، پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جڏهن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي ڏٺو، موسيٰ جي جماعت چيو، بيشڪ (اهي) اسان کي اچي پهتا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته جڏهن ٻئي جماعتون (ايتريون ويجهو ٿيون جو) هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ته موسى جي سنگتين چيو هاڻي ته اسين پڪڙجي پياسون.(سيد فرمان علي) پوءِ جڏهن ڏٺو هڪ ٻئي کي ٻنهي ٽولن ته چيو ساٿين موسى جي ته بيشڪ اسين البته پهتل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي ڏٺو تڏهن موسيٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پهچي ويا. (مولانا محمد مدني) پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي سامهون ڏٺو ته موسى جي ساٿين چيو ته: ”بيشڪ اسان پڪ سان پڪڙجي پياسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ٻِن جوڙين، ڏٺو هِڪ ٻئي جو حال، مُوسٰى ساٿِيُن، موسٰى کي، چيو اِهڙي چال، ڀانيو ٿا بَحال، ته پُٺيان اسان کي پُهچڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
(موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت موسيٰ فرمايو ته، هرگز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مددگار) آهي. اهوئي اجهو ٿو مون کي (حفاظت جي) واٽ ڏيکاري.(علامه علي خان ابڙو) موسيٰ چيو هرگز نه، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو رب آهي جيڪو جلد مون کي رستو ڏيکاريندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) موسى چين ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ڇو ته منهنجو پروردگار مون سان آهي، اهو يڪدم مون کي ضرور دڳ لائيندو.(سيد فرمان علي) چيائين ته هرگز نه بيشڪ موسان گڏ رب منهنجو آهي جلد رستو لائيندو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) موسيٰ چيو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. بيشڪ مون سان منهنجو پاليندڙ آهي اهو مون کي رستو ڏيکاريندو. (مولانا محمد مدني) (موسى) چيو: ”ائين هرگز نه ٿيندو، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو پالڻهار آهي سو سگھو ئي مون کي راهِ (نجات) ڏيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى چيو ته، نه مُورهِين، مون سان سانيَمِ سُنهارو، سِگھو سَگھارو، سُونهون ٿِيند مِ سِير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اسان موسيٰ کي وحي جي رستي حڪم ڪيو ته سمنڊ تي پنهنجي لٺ هڻ. (هن لٺ هنئي ته) سمنڊ ڇڄي (ٻه ڀاڱا ٿي) پيو، ۽ هرهڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي ته تون پنهنجي عصا (لٺ مبارڪ کي) پاڻيءَ ۾ هَڻُ. پوءِ (فوراً) سمنڊ چيرجي پيو، پوءِ (پاڻيءَ جو) هر حصو هڪ وڏي جبل جهڙو ٿي پيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اسان موسى ڏي وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ دريا تي هڻ. (بس لٺ هڻڻ سان) اهو چيرجي پيو، پوءِ سڀ ڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو.(سيد فرمان علي) پوءِ وحي ڪيو اسان موسى ڏانهن هي ته هڻ لٺ پنهنجي پٿر کي پوءِ چيرجي پيو پوءِ هو هر هڪ حصو مثل جبل وڏي جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اسان موسيٰ ڏي هي حڪم موڪليو ته پنهنجي لٺ درياءَ تي هڻ. پوءِ اهو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”پنهنجي لٺ سمنڊ تي هڻ“. پوءِ (پاڻي) چيرچي پيو ان جو هر ڀاڱو زبردست جبل جهڙو ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ موڪليوسون مُوسٰى ڏي، وَحِي اِنهِئَ وير، هڻ پَنهنجِي لَٺ پاڻي ۾، پوءِ ڦاٽو بنا ڦير، پوءِ ويڇو وِچ ڪنان، ڪَر وَڏو ڪو ڍِڳه ڍير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) اسان اڃا به وڌيڪ ويجهو آندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ فرعون وارن کي اسان ان جاءِ تي ويجھو آندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ٻين (فرعون ۽ سندس ساٿين) کي اتي ڪيوسون.(سيد فرمان علي) ۽ ويجهو ڪيو سون اتي ٻين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ٻين (فرعونين) کي اتي ويجهو ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان ٻين (يعني فرعونين) کي به اتي ويجهو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُٺيان تن جي پير، اُتي ٻِئا به ڪياسون اوڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ حضرت موسيٰ کي ۽ سندس سڀني ساٿين کي ته (دشمن جي لشڪر توڙي سمنڊ کان) بچائي ورتوسين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان موسيٰ ۽ ساڻس گڏ جيڪي ماڻهو هئا انهن سڀني کي نجات ڏني(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ موسى کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون.(سيد فرمان علي) ۽ ڇڏايو سون موسى کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا سڀني کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ موسيٰ کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان موسى کي نجات ڏني ۽ جيڪي به ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي (به).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى ۽ ساٿِي اُن جا، ڪُل ڪياسون پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) پر ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) ٻوڙي ڇڏيوسين.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اسان ٻين (فرعون وارن) کي غرق ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ ٻوڙيو سون ٻين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون. (مولانا محمد مدني) پوءِ ٻين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واري سڀ ويرين کي، ٻوڙياسون مَنجھ ٻار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، (مڪي جي ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ) پر انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ ان قصي ۾ وڏي نشاني آهي هوڏانهن تن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان (قصي) ۾ (وڏي) نشاني آهي هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِيشانِي نِروار، ڪا پَڪ اِنهئَ ۾ پَڌرِيْ. ۽ گھڻا مُنجھيل اُنهن مَنجھان، هئا نه مَڃِيندڙ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ تنهنجو رب بيشڪ غالب ۽ مهربان آهي (يعني منڪر مغلوب ٿيندا ۽ مؤمنن تي الله تعاليٰ جي مهرباني ٿيندي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب ۽ وڏو رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ رب تنهنجو البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي رحم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجو رَبُّ ضرور، سَٻر ۽ سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي حضرت ابراهيم جو قصو به ٻڌاءِ.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان انهن (قُريش وارن) کي (حضرت) ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌائي.(سيد فرمان علي) ۽ پڙهه انهن تي ابراهيم جو قصو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڙِهي ٻُڌاءِ اُنهن کي، اِبراهِيم جو اَحوال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) (انهيءَ وقت وارو حال ٻڌاءِ) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کان ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کان پڇيو ته، توهان ڪنهن جي ٻانهپ ۽ غلامي ٿا ڪيو؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته توهان ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن ان پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين ماڻهو ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا؟(سيد فرمان علي) جڏهن چيائين پنهنجيءَ قوم ۽ پنهنجي پيءُ کي ته ڪنهن جي عبادت ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن ان پنهنجي پيءَ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڪهڙيءَ شيءِ جي عبادت ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته : ”اوهان ڪهڙي شيءِ جي عبادت ڪيو ٿا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏَهن پِئَسِ ۽ سَندسِ پَنٿ کي، چيائين اهڙي چال، ته اوهين ڪريو ڪِنهن جِي؟ پُوڄا اي پيمال!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن جواب ڏنو ته، اسان بتن جي پوڄا ۽ ٻانهپ ڪندا آهيون ۽ انهن وٽ (گهڻو وقت گوڏا ڀڃي) حاضريءَ ۾ رهندا ۽ ويهندا آهيون.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو اسين بتن جي عبادت ڪريون ٿا، پوءِ اسين انهن جي عبادت لاءِ پاٿولي هڻي ويهون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هنن چيو، اسين بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ سدائين سندن مجاور آهيون.(سيد فرمان علي) چيائون ته عبادت ڪيون ٿا بتن جي پوءِ هميشہ آهيون انهن جا مجاور .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته اسين بتن جي عبادت ڪريون ٿا پوءِ هميشه انهن جي اڳيان ويٺا آهيون. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان بتن جي پوڄا ڪيون ٿا پوءِ اسان انهن جا (مجاور بنجي) ڄمي ويهڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڏِيون ڏَن، چالِيها، ٿانن مَٿي ٿالھ، پوءِ سَدا صديون سال، مَٿِن مُجاور آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
(ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن تي) حضرت ابراهيم کانئن پڇيو ته، جڏهن توهان انهن بتن کي پڪاريو ٿا تڏهن اهي اوهان جو آواز ٻڌن ٿا ڇا؟(علامه علي خان ابڙو) ابراهيم چيو ڇا اهي ٻڌن ٿا جڏهن توهان (انهن کي) پڪاريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ابراهيم چيو ڀلا جڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اهي اوهان جي ٻڌن به ٿا.(سيد فرمان علي) چيائين ته ڇا ٻڌن ٿا اوهان کي جڏهن سڏيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ابراهيم چيو ته جڏهن انهن کي سڏيو ٿا ته ڇا اهي اوهان جي ٻڌن ٿا؟ (مولانا محمد مدني) (ابراهيم) چيو: ”ڇا اهي اوهان جي ٻڌن ٿا؟ جڏهن اوهان (انهن کي) سڏيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَهنجِي ڪُوڪ ڪڏهن، ڪا سُڻنِ، جڏهن سَڏيونِ ٿا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي) يا اهي اوهان کي ڪو نفعو يا نقصان به پهچائين ٿا ڇا؟(علامه علي خان ابڙو) يا (اُهي) توهان کي نفعو ڏين ٿا يا نقصان ڏين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) يا اوهان کي ڪو فائدو يا نقصان پهچائي سگهن ٿا؟(سيد فرمان علي) يا نفعو ڏين ٿا اوهان کي يا نقصان ڏين ٿا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يا اوهان کي فائدو پهچائين يا نقصان پهچائين ٿا؟ (مولانا محمد مدني) يا اوهان کي نفعو ڏين ٿا يا نقصان پهچائن ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا نفعو ڏِين اَوهان کي، يا وِجھن حَرج هَڏهن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن ورندي ڏني (ته، نه!) پر اسان پنهنجي وڏن کي ائين ڪندي (يعني بتن جي پوڄا ڪندي) پئي ڏٺو آهي (سو اسان به ائين ٿا ڪيون ۽ ڪندا رهنداسين.)(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو بلڪ اسان پنهنجي وڏن کي ايئن ڪندي ڏٺو (پوءِ اسان انهن جي تابعداري ڪئي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) چوڻ لڳا (اها ڳالھ ته نه آهي) پر اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ئي ڪندي ڏٺو آهي.(سيد فرمان علي) چيائون بلڪه لڌو اسان ابن ڏاڏن پنهنجن کي ائين ڪن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته نه پر اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”بلڪه اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُٽلو ڏِٺاسون جڏهن، اَبا اسان جا اِيئن ڪَندي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
(ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت ابراهيم وري پڇيو ته، پوءِ توهان ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو ڇا ته جن جي پوڄا اوهان ڪري رهيا آهيو (علامه علي خان ابڙو) ابراهيم چيو ڇا توهان غور ڪيو آهي، ته توهان ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ابراهيم ڇين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي جن جي عبادت پيا ڪريو،(سيد فرمان علي) فرمايائين ڇا پوءِ ڏٺو اوهان انهن کي جن جي عبادت ڪيو پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي؟ جن جي عبادت پيا ڪريو. (مولانا محمد مدني) (ابراهيم) چيو: ”ڇا اوهان انهن (جي حقيقت کي غور سان) ڏٺو آهي جن جي اوهان پوڄا ڪندا رهيا آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڀورا! ڪِيئن ٿا ڀانيو، جن کي پُوڄيو پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اوهان جا اڳوڻا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا هئا سي ڪهڙي شيء آهن؟ (۽ انهن جي پوڄا مان حاصل ڇا ٿيندو؟).(علامه علي خان ابڙو) توهان ۽ توهان جا پهريان پيءُ ڏاڏا!(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟(سيد فرمان علي) اوهان ۽ ابا ڏاڏا اوهان جا اڳيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟ (مولانا محمد مدني) اوهان ۽ اوهان جا گذريل ابا ۽ ڏاڏا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پِيءَ اوهان جا پِهريان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (مان ته پنهنجي تجربي، عقل ۽ خدائي هدايت جي وسيلي چٽو ڏسي سگهان ٿو ته) اهي سڀ (جن جي پوڄا ٿي رهي آهي سي) منهنجا دشمن آهن (بلڪ سڀني ماڻهن جا دشمن آهن، ڇو ته انهن جي ڪري سڀ تباهه ٿا ٿين) فقط سڄي جهان جو پروردگار ئي (منهنجو ۽ ٻين سڀني جو دشمن ناهي، بلڪ اسان جو ڀلو چاهيندڙ ۽ نعمتون ڪندڙ آهي).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ بيشڪ اهي (بت) منهنجا دشمن آهن، پر رب العالمين (اهو مون تي دنيا ۽ آخرت ۾ مهربان آهي)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن ساري جهان جي پاليندڙ کان سواءِ، (اهو ئي منهنجو دوست آهي)(سيد فرمان علي) پوءِ بيشڪ اهي دشمن آهن منهنجا مگر جهانن جو پالڻهار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن سڀني قومن جي پاليندڙ کانسواءِ. (مولانا محمد مدني) پوءِ بيشڪ اُهي (بت) منهنجا دشمن آهن (ڪو عبادت جي لائق ناهي) سواءِ جهانن جي پالڻهار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيو عدو مون ڪاڻ، سوا ربَّ سُڄاڻ، جو پالڻهار پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهوپروردگار ئي منهنجي سڄڻ آهي) جنهن مون کي خلقيو ۽ اهوئي آهي جو مون کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو.(علامه علي خان ابڙو) اهو رب آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي مون کي هدايت ڏئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي هدايت ڪري ٿو.(سيد فرمان علي) جنهن پيدا ڪيو مون کي پوءِ اهوئي هدايت ڪندو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اهوئي مون کي رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني) جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اُهو ئي مون کي هدايت ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مون کي جوڙيو، پوءِ ڏِيندم ڏَس ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جو مون کي کارائي ٿو ۽ پيئاري ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهو رب مون کي کارائي ۽ پياري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي (پاڻي) پياري ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ اهو جيڪو کارائي ٿو مون کي ۽ پياري ٿو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي پياري ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کارائـٖيمِ ۽ پيارٖيمِ جو، سارِي سَڀ ڄمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جو جڏهن مان بيمار ٿو ٿيان تڏهن مون کي شفا ڏئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جڏهن آئون بيمار ٿيان ٿو پوءِ اهوئي مون کي شفا ڏئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان مان ته پوءِ اهوئي شفا ڏئي ٿو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن آءٌ بيمار ٿيان ٿو ته پوءِ اُهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڏُ که رَسٖيمِ ڏِيل ۾، ته صِحت ڏٖيمِ سَتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جو مون کي ماريندو ۽ وري جيئاريندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهوئي مون کي موت ڏيندو ان کان پوءِ مون کي زنده ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪو مون کي ماريندو ۽ (مرڻ کان پوءِ) وري جياريندو.(سيد فرمان علي) ۽ اهو جيڪو ماريندو مون کي پوءِ زندهه ڪندو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪو مون کي ماريندو وري مون کي جياريندو. (مولانا محمد مدني) ۽ اُهو مون کي موت ڏيندو وري (دوباره) مون کي زنده ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو مارِيندمِ مَهل تي، وَرِي جِيارٖيمِ جَبَّار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن ۾ منهنجي اميد آهي ته هو جزا ۽ سزا جي ڏينهن منهنجون خطائون بخشيندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ مون کي اميد آهي ته قيامت جي ڏينهن اهو ئي منهنجي لغزش معاف ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن ۾ اميد اٿم ته قيامت جي ڏينهن منهنجا گناھ معاف ڪندو.(سيد فرمان علي) ۽ اهو جو اميد رکان ٿو ته بخشيندو مون کي منهنجون خطائون قيامت جي ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن ۾ اُميد اٿم ته اهو انصاف واري ڏينهن منهنجا گناهه مون کي معاف ڪندو. (مولانا محمد مدني) ۽ ان ۾ ئي اميدوار آهيان جو انصاف واري ڏينهن منهنجي لغزش معاف ڪندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون جنهن اَلله ۾، آهيان اُميدوار، ته بَخشٖيم بَديون بار، مَهندا مَحشر ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) (مٿين الفاظن چوڻ بعد حضرت ابراهيم دعا گهري ٿو ته) اي منهنجا رب! مون کي علم ۽ عقل عطا ڪر ۽ مون کي صالح (نيڪ) ماڻهن ۾ شامل ڪر.(علامه علي خان ابڙو) اي رب منهنجا مون کي علم ۽ فهم عطا ڪر ۽ مون کي صالحين سان ملاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) منهنجا رب! مون کي علم ۽ فهم عطا فرمائي ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر.(سيد فرمان علي) اي منهنجا پالڻهار! ڏي تون مون کي حڪم ۽ شامل ڪر مون کي صالحن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي منهنجا پاليندڙ! مون کي حڪمت عطا ڪر ۽ مون کي نيڪن سان ملاءِ! (مولانا محمد مدني) (پوءِ دعا گھريائين) ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي حڪم عطا ڪر ۽ مون کي نيڪوڪارن سان ملاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون کي عِلم عطا ڪرِين، سانيمِ رَبّ، ستار! ۽ ڀيڙو نيڪ بَندن سان، ڪرين مَنجھ قطار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ مون کان پوءِ جيڪي پيڙهيون پيدا ٿيڻيون آهن تن ۾ منهنجو سچو ۽ چڱو ذڪر جاري رک (ته انهن لاءِ منهنجي تاريخ چڱو مثال ٿئي ۽ هو به چڱا عمل ڪن).(علامه علي خان ابڙو) ۽ منهنجي تعريف ايندڙ نسلن ۾ جاري ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آئينده اچڻ واري نسلن ۾ منهنجو ذڪر خير قائم رک.(سيد فرمان علي) ۽ ڪر تون مون لاءِ سچ واري زبان پوءِ اچڻ وارن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پوين ۾ منهنجي چٽي يادگيري (جاري) ڪر! (مولانا محمد مدني) ۽ منهنجي لاءِ پوءِ اچڻ وارن ماڻهن ۾ منهنجو ذڪرِ خير ۽ قبوليت جاري رک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينمِ زبان سچ جِي، پويَنِ منجھ پَچار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ مون کي نعمتن سان ڀريل جنت جو وارث ڪر.(علامه علي خان ابڙو) ۽ مون کي جنت النعيم جي وارثن مان بناءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ مون کي به نعمت واري باغ (بهشت) جي وارثن مان بڻائي.(سيد فرمان علي) ۽ بناءِ مون کي جنت نعيم جي وارثن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مون کي نعمت واري باغ جي وارثن مان ڪر. (مولانا محمد مدني) ۽ مون کي نعمتن واري جنت جي وارثن مان بناءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪرِينمِ ڪَرم سان، تن مان، جي جنت جا حقدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ منهنجي پيءُ کي به بخش، هو بيشڪ گمراهه ماڻهن ۾ شامل آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ تون منهنجي چاچي کي بخش ڪر بيشڪ اهو گمراهن مان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ منهنجي چاچي (آذر) کي بخش جو، هو گمراهن مان آهي،(سيد فرمان علي) ۽ بخش ڪر منهنجي پيءَ کي بلاشڪ اهو هيو گمراهن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ منهنجي پيءُ کي معاف ڪر، بيشڪ اهو گمراهن مان آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ منهنجي پيءُ جي بخشش فرماءِ بلاشڪ اُهو گمراهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بابَمِ کي بَخشيِين، جو ڀُليل بَرقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ مون کي انهيءَ ڏينهن خوار ۽ شرمسار نه ڪجانءِ، جنهن ڏينهن ماڻهو وري جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ قيامت جي ڏينهن تون مون تي عذاب نه ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جنهن ڏينهن ماڻهو قبرن مان اٿاريا ويندا مون کي خوار نه ڪج.(سيد فرمان علي) ۽ نه خوار ڪر مون کي ان ڏينهن جو اٿاريا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تنهن ڏينهن مون کي خوار نه ڪر! (مولانا محمد مدني) ۽ مون کي شرمسار نه ڪجانءِ جنهن ڏينهن ماڻهو جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خالِق! ڪِجٖينمِ نه خُوار، جنهن مَهل مُئا اُٿارِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنهن ڏينهن نڪي مال ملڪيت ڪم ايندي، نڪي پٽ ڪم ايندا.(علامه علي خان ابڙو) ان ڏينهن نه دولت ڪم ايندي ۽ نه پُٽَ ڪم ايندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن ڏينهن نه مال ئي ڪجھ ڪم ايندو ۽ نه ٻار ٻچا.(سيد فرمان علي) ان ڏينهن نه نفعو ڏيندو مال ۽ نه پٽ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن نه ڪي مال (ڪنهن کي) فائدو پهچائيندو. (مولانا محمد مدني) ان ڏينهن نه مال نفعو ڏيندو ۽ نه پُٽ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِيا ۽ نَه وَٿون ڏِين، ڪو وَٽابو جنهن وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) پر جيڪو ماڻهو سليم (۽ پاڪ) دل کڻي الله وٽ ايندو (سو بيشڪ قيامت جي ڏينهن فلاح پائيندو.)(علامه علي خان ابڙو) مگر جيڪو ماڻهو الله تعالى وٽ (ڪفر ۽ منافقيءَ کان) سالم دل آڻيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر جو شخص خدا جي بارگاھ ۾ گناهن کان پاڪ دل سان حاضر ٿيندو. (سو ئي فائدي ۾ رهندو)(سيد فرمان علي) مگر جيڪو آيو الله وٽ دل سلامتيءَ واريءَ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نڪي اولاد، سواءِ ان جي جيڪو الله وٽ سالم دل سان ايندو. (مولانا محمد مدني) سواءِ ان ماڻهو جي جيڪو الله جي حضور ۾ سالم دل کڻي آيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر اَلله وَٽ آئيو، جو قلب ساڻ قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جنت پاڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ ويجهي آندي ويندي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پرهيزگارن لاءِ جنت ويجھي ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ بهشت پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ ويجهي ڪئي ويندي جنت پرهيزگارن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پرهيزگارن لاءِ جنت کي ويجهو ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) ۽ جنت پرهيزگارن جي قريب ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِهشت بِهاريو وِيو، نيڙي نيڪن هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ گمراهن جي لاءِ دوزخ ظاهر ڪري (کين) ڏيکاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪافرن لاءِ جهنم ظاهر ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ دوزخ گمراهن جي ويجهو ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ ظاهر ڪيو ويندو دوزخ گمراهن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ گمراهن لاءِ دوزخ کي ظاهر ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) ۽ گمراهن اڳيان جهنم ظاهر ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُليَن خاطِر باھ کي، آندو وِيو اِظهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن (گمراهه ماڻهن) کي چيو ويندو ته، ڪٿي آهن اهي (ديوتائون) جن کي اوهان پوڄيندا هئو؟ (يعني هاڻي توهان سمجهي ٿا سگهو ته اهي ڪجهه به نه آهن.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن کي چيو ويندو ته ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ انهن (دوزخين) کان پڇيو ويندو ته خدا کي ڇڏي جن جي اوهان پوڄا ڪندا هئا (اڄ) اهي ڪٿي آهن؟(سيد فرمان علي) ۽ چيو ويندو انهن کي ته ڪٿي آهن اهي جن جي عبادت ڪندا هيئو اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن کي چيو ويندو ته اهي ڪٿي آهن جن جي اوهين عبادت ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن کي چيو ويندو: ”ڪٿي آهن اُهي (بت) جن کي اوهان پوڄيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَئـبُنِ ته آهِن اُهي ڪٿي؟، جَن پوڄيان(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي) خدا کي ڇڏي (جن ديوتائن کي اوهان پوڄيندا هئو سي ٻڌايو ته) توهان جي ڪا مدد به ڪري ٿا سگهن يا رڳو سندن به ڪا مدد ڪري ٿا سگهن؟ (بلڪل نه).(علامه علي خان ابڙو) جن بتن جي عبادت ڪندا هئا، اهي توهان جي مدد ڪندا يا اهي پنهنجي پاڻ مدد ڪري سگھندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اهي اوهان جي ڪجھ مدد ڪري سگهن ٿا يا اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا؟(سيد فرمان علي) الله کان سواءِ ڪي مدد ڪن ٿا اوهان جي يا بدلو وٺن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله کانسواءِ. ڇا اهي اوهان جي مدد ڪن ٿا يا بدلو وٺن ٿا. (مولانا محمد مدني) الله کي ڇڏي ڇا اُهي اوهان جي مدد ڪن ٿا يا خود پاڻ کي بچائي سگھن ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻيا ڌار، ڪالَهنِيان سارسنڀار، يا سَگھنِ سَنڀاليو پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهي ۽ سڀ گمراهه ماڻهو منهن ڀر ان دوزخ ۾ اڇلايا ويندا.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي بت ۽ سندس پوڄيندڙ ۽ ابليس جو سمورو لشڪر،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اهي (سندن معبود) ۽ گمراھ ماڻهو، اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلايا ويندا،(سيد فرمان علي) پوءِ اڇلايا ويندا ان ۾ اهي ۽ گمراهه ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن کي ۽ گمراهن کي ان ۾ اونڌو ڪري اڇلايو ويندو. (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهي (بت) ۽ گمراهه ماڻهو اونڌا ڪري ان (دوزخ) ۾ اڇلايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُهي سَٽياوِيا اُن ۾، اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ابليس جا لشڪر سڀ جو سڀ (پڻ ان باهه ۾ اڇلايا ويندا).(علامه علي خان ابڙو) اونڌا ڪري جهنم ۾ ڪيرايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ شيطان جو لشڪر (مطلب ته سڀئي)(سيد فرمان علي) ۽ لشڪر شيطان جا هڙئي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ابليس جي سڀني لشڪرن کي به (ان ۾ اڇلايو ويندو). (مولانا محمد مدني) ۽ ابليس جا سڀئي لشڪر به . (جهنم ۾ اڇلايا ويندا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سارو لشڪر شيطان جو، ۽ پاپِي سڀ پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (گمراهه ماڻهو) پاڻ ۾ جهڳڙا ۽ بحث ڪندا ۽ چوندا ته،(علامه علي خان ابڙو) ۽ اهي جهنم ۾ پاڻ ۾ وڙهي چوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي ان ۾ هڪ ٻئي سانجهڳڙو ڪندي چوندا ته،(سيد فرمان علي) سڀئي چوندا حالانڪ اهي ان ۾ جهيڙو ڪندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي ان ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي چوندا. (مولانا محمد مدني) اُهي (گمراهه ماڻهو) ان (جهنم) ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي (معبودن کي) چوندا:(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ منجھسِ ڪن پيا پاڻ ۾، جڏهن جِنگ جدال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) قسم آهي خدا جو ته اسان چٽي چٽي گمراهي ۾ هئاسين. (انهيءَ وقت).(علامه علي خان ابڙو) قسم آهي الله تعالى جو بيشڪ اسين صاف گمراهي ۾ هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا جو قسم ته بيشڪ اسين پڌري گمراهيءَ ۾ هئاسون،(سيد فرمان علي) قسم آهي الله جو ته بيشڪ هئاسون البته کلي گمراهيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته الله جو قسم بيشڪ اسين پڌريءَ گمراهيءَ ۾ هئاسون. (مولانا محمد مدني) ”الله جو قسم بيشڪ اسان پڌري گمراهي ۾ هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هُئاسون قَسم ڪرِيم جو، وَڏِي ڀُل ۾ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) جڏهن اسان اوهان (ڪوڙن ديوتائن) کي سڄي جهان جي رب جي برابر سمجهندا هئاسين.(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت اسين توهان (بتن) کي رب العالمين جي برابر سمجھندا هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن اسان اوهان (بتن) کي پروردگار عالم سان برابر ٿي ڪيو،(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن برابر ڪيون پيا اوهان کي جهانن جي رب سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن اسان اوهان کي جهان جي پاليندڙ سان برابر ٿي ڪيو. (مولانا محمد مدني) جڏهن اسان اوهان کي جهانن جي پالڻهار جي برابر قرار ٿي ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪريو نِيون پِياڪَمن ۾، جڏهن جوڙيوال، سچي صاحب نال، جو پالڻهار پِر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان کي گمراهه ڪيو ته انهن ئي ڏوهارين ڪيو (جيڪي ٺڳيءَ سان اسان کي مطيع ڪري پنهنجا فائدا ڪڍندا هئا. جو اسان کي چوندا هئا ته اسان توهان جي شفاعت ڪنداسين.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان کي ته گنهگارن گمراه ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان کي ڏوهارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن گمراھ نه ڪيو.(سيد فرمان علي) ۽ نه گمراهه ڪيو اسان کي مگر مجرمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان کي ڏوهارين کانسواءِ ٻئي ڪنهن گمراهه نه ڪيو. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان کي نه گمراهه ڪيو سواءِ ڏوهاري ماڻهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ري ڏُوهاريَن ڏيھ ۾، نه مُنجھايوسون مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (پر) پوءِ هاڻي ته اسان لاءِ ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ (هاڻي) اسان جو ڪوبه سفارشي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن.(سيد فرمان علي) پوءِ ناهن اسان جي لاءِ ڪي شفاعت ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن (مولانا محمد مدني) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪرڻ وارا آهن(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪونهي اَسان جو ڪارڻِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نڪو ڪو (اسان لاءِ) سچو دوست ئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪوبه سچو دوست ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست ئي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ڪو دوست گهاٽو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ نه محبت ڪرڻ وارا دوست آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه دوست دِ لِي اَهڳور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ هاڻي جيڪڏهن هيئن ممڪن هجي جو اسان وري دنيا ۾ وڃي سگهون ته اسان جيڪر يقيناً ايمان آڻيون (اهو پڇتاءُ هاڻي ڪم نه ايندو.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪڏهن تحقيق اسان جو موٽڻ ٿيو پوءِ اسين مؤمنن مان ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هائي (افسوس) جو ڪنهن طرح اسان کي ٻيو ڀيرو موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته اسين (ضرور) ايمان وارن مان ٿيون.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪڏهن تحقيق اسان جي لاءِ هجي ها واپس موٽڻ پوءِ ٿي پئون ها مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڪنهن طرح اسان کي موٽي وڃڻ ملي ته اسين ايمان وارن مان ٿيون. (مولانا محمد مدني) پوءِ هائو جي اسان جو (دنيا ۾) موٽي وڃڻ ٿئي ته اسان ايمان وارن مان ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جيڪر اسان لئي، جھان ڏي، موٽڻ ٿئي مَنظور، ته هُجون هُوند ضرور!، مَڃِيندڙن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، پر (تنهن هوندي به مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر (ماڻهو) مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ابراهيم جي) هن قصي ۾ به سچ ته هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين.(سيد فرمان علي) بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان (قصي) ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِنهئَ ڳالھ ۾، ڪا لِکيل خُوب خَبر، ۽ اَڪثر نه آهن، اُنهن منجھان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀني تي) غالب ۽ رحم وارو آهي. (اي پيغمبر تون فڪر نه ڪر، اهي منڪر مغلوب ٿيندا ۽ اسان مؤمنن تي رحم ڪري کين غالب ڪنداسين.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بلڪُل برابر، آهي زور زَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهڙيءَ ئي طرح) حضرت نوح جي قوم به رسولن کي نه مڃيو.(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) نوح جي قوم رسولن کي نه مڃيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهڙي طرح) نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو،(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو قوم نوح جي مرسلن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو، (مولانا محمد مدني) نوح جي قوم وارن رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم نوح جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڏسو ته ڇا ٿيو) جڏهن سندن ئي برادريءَ جو ماڻهو حضرت نوح (انهن ڏانهن پيغمبر ڪري موڪليو ويو جنهن کين) چيو ته (ڇو بد ڪمن ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي ويا آهيو؟) ڇا توهان الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت سندن ڀاءُ نوح کين چيو ته توهان ڇو نٿا خوف ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو جڏهن انهن کي سندس ڀاءُ نوح چيو ته اوهين ماڻهو ڇو (خدا کان) نٿا ڊڃو؟(سيد فرمان علي) جڏهن چيو انهن کي ڀاءُ سندن نوح ته ڇو نه ٿا ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ نوح چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو. (مولانا محمد مدني) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (يعني هم قبيله ) نوح چيو ته: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو نوح اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِي کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) مان توهان جي لاءِ اعتبار جوڳو پيغمبر آهيان.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ سچ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.(سيد فرمان علي) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول، امين آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندو آهيان(مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون اوهان لئي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌاريو ڊپ ڌَڻِئَ جو، ۽ پاريو مُنهنجِي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ڏسو ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (جو ڪيان ٿو پيو) ڪنهن به قسم جو اجورو يا عيوضو اوهان کان ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪو اجر نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جو ڪو اجورو نٿو گهران منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ اوهان کان هن (تبليغ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران، منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار مٿان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سِر، مُنهنجو ناهي مُورهِين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو صاحِبَ سَڀ جھان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪيو (ڇو ته اهي خدا جا حڪم آهن).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَنبو رَب قـهّار کان ۽ مَڃيو سَندمِ فَرمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، (اي نوح! اسان ڏسون ٿا ته) بلڪل رذيل ۽ خسيس ماڻهو تنهنجي پيروي ڪري رهيا آهن (۽ تو وٽ اچن ٿا) ڇا اهڙيءَ حالت ۾ اسان (سردار) توتي ايمان آڻيون (۽ انهن خسيس ماڻهن سان گڏجي ويهون؟)(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو ڇا اسين تو تي ايمان آڻيون؟ ۽ تنهنجي تابعداري ته هيٺئين درجي جا ماڻهو ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيس ته جڏهن ڪمينن (مزدور ۽ ٻين) اهڙن (لالچ تي) تنهنجي پيروي ڪئي آهي ته اسين تو کي ڪئين مڃيون.(سيد فرمان علي) چيائون ڇا ايمان آڻيون توتي حالانڪه تابع ٿيا تنهنجا ڪمزور ماڻهو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته ڇا اسين توکي مڃيون هوڏانهن نيچ ماڻهن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”ڇا اسان تو تي ايمان آڻيون حالانڪه تنهنجي تابعداري ڪرڻ وارا پسمانده ماڻهو آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِيئن مَڃون توکي؟ ۽ توکي مَڃِين نِڌر نادان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
(نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت نوح جواب ڏنو ته، مون کي ڪهڙي خبر آهي ۽ ڪيئن خبر پوي ته اهي (مسڪين ماڻهو) ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪندا آهن؟(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) نوح چيو مون کي معلوم ناهي ته انهن جو ڌنڌو ڪهڙو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نوح چين ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر (۽ ڪهڙو مطلب؟)(سيد فرمان علي) فرمايائين ته ۽ ڪهڙو آهي علم منهنجو ان سان جيڪي ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) نوح چيو ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر؟ (مولانا محمد مدني) (نوح ) چيو: ”مون کي ڪهڙي خبر ته اُهي (اڳ ۾) ڪهڙا ڪم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جيڪي ڪَن ڪَمڙا، تِنهنجي ڪَل مون کي ڪانه، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) خدا شال توهان کي سمجهه ڏئي (۽ توهان سمجهو ته) انهن ماڻهن (جي عملن وغيره) جو حساب وٺڻ ته فقط منهجي پروردگار جي ذمي آهي (نه ڪه منهنجي ذمي).(علامه علي خان ابڙو) ناهي حساب انهن جو مگر منهنجي رب تي جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پروردگار جو ئي ڪم آهي (افسوس!) جيڪڏهن اوهين سمجهو.(سيد فرمان علي) ناهي حساب انهن جو مگر رب منهنجي تي جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پاليندڙ جو ئي ڪم آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو. (مولانا محمد مدني) انهن جو حساب وٺڻ ته صرف منهنجي پالڻهار مٿان آهي هائو جي اوهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حرف حِساب اُنهن جو، سانيمِ تي سُبحان، جيڪر مُنهنجِي ڳالھ تي، دلِجو ڏِيو ڌِيان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ مون کي هرگز مناسب ناهي ته مان ايمان آڻيندڙن کي تڙي ڪڍان، (هنن جي دلين جي خبر ته فقط الله کي آهي). (علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون مؤمنن کي تڙيندڙ ناهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ ته ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان.(سيد فرمان علي) ۽ ناهيان مان تڙيندڙ مؤمنن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آءُ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ ايمان وارن کي ڌڪارڻ وارو نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آءٌ نه تڙِيندسِ توڙ کان، ڪِنهن مُؤمن مُسلمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (وڌيڪ حضرت نوح کين فرمايو ته،) مان ته فقط (الله جي نافرماني ڪندڙن کي) چٽيءَ طرح خبردار ڪندڙ آهيان. (۽ ايندڙ عذاب جي خبر چٽيءَ طرح ٻڌايان ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ ته رڳو (خدا جي غضب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(سيد فرمان علي) ناهيان مان مگر ڊيڄاريندڙ پڌرو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) آءُ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني) آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيان آءٌ عيان، ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، اي نوح! جيڪڏهن تون انهن ڳالهين ڪرڻ کان باز نه ايندين ته اسان توکي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو قسم سان جيڪڏهن اي نوح تون (ان ڪم کان) باز نه آئين ته توکي ضرور سنگسار ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيس ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيو ويندين.(سيد فرمان علي) چيائون ته البته جيڪڏهن نه رڪجندين تون اي نوح! ته البته ضرور ٿيندين سنگسار ڪيلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيلن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اي نوح جي تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور تون سنگسار ڪيلن مان ٿيندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون، ته نُوح نبي!، جي ماٺ نه ڪَندِين مُور، ته هُوندِين تون حُضور!، سِگھو سَنگسارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت نوح (الله تعاليٰ کي ٻاڏائي) چيو ته، اي منهنجا رب! منهنجي قوم جي ماڻهن مون تي ايمان آڻڻ کان صفا انڪار ڪيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو سمجھي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (نيٺ) نوح عرض ڪيو اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم پڪ مون کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ منهنجيءَ قوم ڪوڙو چيو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) (نوح) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ رَبَّ ستار! ڪوٺيَمِ، ڪوڙو قوم مُون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) سو هاڻي منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪري ڇڏ، ۽ مون کي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي مون سان شامل آهن، (هنن حق جي دشمنن کان) بچائي وٺ.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ يا الله تون منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو واضح فيصلو فرماءِ ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ جيڪي مؤمن آهن انهن کي نجات ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته هاڻي تون منهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچائي.(سيد فرمان علي) پوءِ فيصلو ڪر منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱيءَ طرح فيصلو ۽ ڇڏاءِ مون کي ۽ انهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ منهنجي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ چڱو فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچاءِ! (مولانا محمد مدني) پوءِ منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مون کي نجات عطا ڪر ۽ مؤمنن مان جيڪي مون سان گڏ آهن“. (تن کي به).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُون ۽ اُنهن جي وِچ ۾، ڪر صَفائـِي سرڪار!، ۽ مون کي آجوڪار، پڻ ڪي مؤمن، مُون سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اسان هن کي ۽ سندس ساٿين کي جيڪي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ (سوار) هئا (دشمنن کان ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان) بچائي سلامت رکيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اسان ان کي نجات ڏني ۽ جيڪي ماڻهو ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ساڻس گڏ هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نيٺ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايوسون.(سيد فرمان علي) پوءِ ڇڏايو سون ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا ڀريل ٻيڙيءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايوسون. (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان کيس نجات ڏني ۽ انهن کي (به) جيڪي ڀري ٻيڙي ۾ ساڻس گڏ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بَچايوسون ٻِيڙي ڀَرت ۾، اُو ۽ جي اُن ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪي ماڻهو (پٺتي) باقي رهيا تن (منڪرن) کي اسان ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اسان باقي رهيلن کي غرق ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري ان کان پوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون.(سيد فرمان علي) تنهن کان پوءِ ٻوڙي ڇڏيو سين بعد ۾ پوئتي رهيلن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري ان کانپوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان کان پوءِ اسان باقي بچيلن کي ٻوڙي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پويان، تنهن پُڃاڻ، ٻوڙي ڇڏيانسون ٻوڏ ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) (ڏسو) هن واقعي ۾ به (عبرت وٺڻ لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي. پر (افسوس) هنن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن (ڳالھ) ۾ به پڪ هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي ڪين هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ ناهن گهڻا اهي مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪا اِن ڳالھ ۾، لِکيل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مَنجھان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو رب سڀني تي غالب آهي (۽ کين تباهه ڪندو) ۽ سڀني تي مهربان آهي. (تنهن ڪري مؤمنن تي نعمتون ڪندو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بِلڪل برابر، آهي زور زبر، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ساڳيءَ طرح) عاد قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(علامه علي خان ابڙو) عاد جي قوم رسولن کي نه مڃو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهڙيءَ طرح)عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو عاد (جي قوم) مرسلن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) عاد (جي قوم) رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم عاد جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت هود هنن کي چيو ته، (توهان ڇو برائين ۾ ڪاهي پيا آهيو) ڇا توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄوئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت سندن ڀاءُ (حضرت) هود کين چيو ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين (خدا جي غضب کان) نه ٿا ڊڄو،(سيد فرمان علي) جڏهن چيو انهن کي ڀاءُ سندن هود ته ڇو نه ٿا ڊڄو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني) جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) هود چيو: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو هُود اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڇونه ڌَڻِئَ کان ڌاريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان (۽ توهان کي خبر آهي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ڪڏهن امانت ۾ خيانت ڪئي آهي) مان سچ پچ اعتبار جوڳو آهيان.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ ته اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان،(سيد فرمان علي) بيشڪ مان اوهان لاءِ رسول امانت وارو آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانتدار پيغام آڻيندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل معتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ئي چڱائي آهي.)(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏَرو ڏيھ ڏاتار کان، پاريو مُنهنجي پَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ڏسو) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدا جي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) اوهان کان ڪوبه اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توهان کان انهي تي ڪو اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ ته اوهان کان ان (تبليغ رسالت) لاءِ ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ ان (تبليغِ دين) تي اوهان کان ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا توهان هرهڪ مٿانهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجايا بي فائدا يادگار ٿا بنايو؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان اڪثر مٿاهين جاين تي يادگار تعمير ڪريو ٿا جيڪي غير ضروري آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪو نه ڪو بيڪار يادگار بنايو ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا ٺاهيو ٿا اوهان هرهڪ دڙي تي ڪو نشان اجايو مشغول ٿا رهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪا نه ڪا نشاني بنايو ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ڇا اوهان هر مٿاهين زمين تي هڪ يادگار (عمارت) بي فائده بنايو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر مَٿاهِين مَڪان تي، ٺاهيو ٺُل نِيشان، ۽ کِلون ڪريو تِنهن تان، جو مَٽي اُن مڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو. (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان مضبوط محل ۽ قلعا تعمير ڪريو ٿا اها اميد رکي ته توهان هميشه رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ مضبوط محل بنايو ٿا ڄڻ ته (هتي) اوهين هميشه رهندو،(سيد فرمان علي) ۽ ٺاهيو ٿا مضبوط جايون شايد اوهان هميشہ رهندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مضبوط جايون بنايو ٿا ڄڻ ته اوهين هميشه رهندو. (مولانا محمد مدني) ۽ اوهان مضبوط محل بنايو ٿا ان اميد تي ته اوهان (دنيا ۾) هميشه رهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَلون ٺاهيو، ڪَر سَدا، جِيندا مَنجھ جھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جڏهن (ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان به) لڙو ٿا ته، (انصاف کي ڇڏي) ظلم ۽ ڏاڍائي واري واٽ ٿا وٺو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت توهان (ڪنهن کي) پڪڙيو ٿا ته بي رحمي سان پڪڙيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن (ڪنهن تي) هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته ڏاڍائي سان هٿ ڊگهو ڪريو ٿا،(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن پڪڙيو ٿا ته پڪڙيو ٿا سختي ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن ڪنهن تي هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته سرڪش ٿي هٿ ڊگهو ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن ڪنهن کي پڪڙيو ٿا ته زبردست بنجي پڪڙيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَڪريو، ته پَڪڙيو سَخت ٿِي، ڪَهل ڪِهن تي ڪانه، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ فرمانبرداري ڪيو منهنجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوڌاريو ڊَپ دَيَّان، ۽ هَلو سَندمِ حُڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن توهان کي اهي نعمتون ڏنيون جيڪي توهان ڄاڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ ڊڄو ان کان جنهن مدد ڪئي اوهان جي جنهن سان ڄاڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي ڄاڻو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن توهان جي مدد ڪئي ان شين سان جي توهان ڄاڻو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏَرو جِنهن کان، جِنهن ڏِنِي، اوهان کي آڌار، جِنهن کي سَمجھو پاڻ ٿا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي) (توهان کي خبر آهي ته) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى توهان کي چؤپايا ۽ پٽ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (چڱو ٻڌو) اوهان کي چوپائي مال ۽ پٽن سان مدد ڪئي اٿس.(سيد فرمان علي) مدد ڪيائين اوهان جي چوپاين ۽ پٽن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان کي چوپايو مال ۽ پٽ ڏنا اٿس (مولانا محمد مدني) توهان جي مدد ڪيائين چوپاين ۽ پُٽن سان(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻ، ڄَڻ وِئ وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ باغات ۽ چشما (به عطا ڪيا اٿس).(علامه علي خان ابڙو) ۽ باغ ۽ چشمان عطا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ باغ ۽ چشمن سان به.(سيد فرمان علي) ۽ باغن ۽ چشمن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ باغ ۽ چشما به. (مولانا محمد مدني) ۽ باغن ۽ چشمن سان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تازا تڙ، ترايون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون توهان جي مٿان قيامت جي ڏينهن واري عذاب جو خوف ڪريان ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سچ ته آءُ اوهان تي تمام هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي) بيشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب ڏينهن وڏي جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان تي هڪ وڏي ڏينهن جي عذاب(پهچڻ) کان ڊڄان ٿو. (مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان تي هڪ زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانيان ڀَئو بِسيار، اَوهان تي آزار، ڪنهن ڏاڍي وَڏي ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن (منڪرن) جواب ۾ چيو ته (اي هود! تون اجايو پنهنجو ۽ اسان جو مغز ٿو کپائين) تون اسان کي واعظ نصيحت ڪرين توڙي نه ڪرين اسان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. (اسان تنهنجون ڳالهيون ڪونه مڃينداسين.)(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو اسان لاءِ برابر آهي تون (اسان کي) نصيحت ڪرين يا نه ڪرين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت نه ڪرين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن.(سيد فرمان علي) چيائون ته برابر آهي اسان تي يا وعظ ڪرين (اسان کي) يا نه هجين وعظ ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت ڪندڙن مان نه ٿئين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اسان لاءِ برابر آهي جي تون نصيحت ڪرين يا نصيحت ڪرڻ وارن مان نه بنجين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهِن ٻَئـِي اَسان تي ڳالهيون برابر، چَڱِي چَوِين، نه چَوِين، اي مُرسل مُعتبر!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اِھا اڳين جي ئي عادت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهي (عذاب کان ڊيڄارڻ جون) ڳالهيون ته اڳوڻن ماڻهن جون آهن. (جن کي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي عادت ٿي ويئي هئي تون جهونن خيالن جو ماڻهو آهين، اسان نئين روشني وارا آهيون.)(علامه علي خان ابڙو) هيءُ ته اَڳِيَنِ ماڻهن جو طريقو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو (ديڄارڻ) ته رڳو اڳين جي ئي عادت آهي.(سيد فرمان علي) ناهي هيءَ مگر اڳين جي عادت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اها (يعني عذاب کان ڊيڄارڻ) اڳين جي ئي عادت آهي. (مولانا محمد مدني) ناهي هيءَ (اسان واري رَوَش) مگر عادت اڳين جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي دعوٰى خالِي ڌُرڪنان، مَهندين جِي مُقرّر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (انهن منڪرن وڌيڪ هيئن به حضرت هود کي چئي ڏنو ته) اسان تي عذاب بلڪل ڪونه ايندو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان تي عذاب نه ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان تي عذاب (وغيره هاڻي) ڪين ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي) ۽ ناهيون اسين عذاب ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان کي عذاب نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان کي عذاب نه ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي اَسان کي اَچڻِي، ڪا سزا مٿي سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) مطلب ته هنن حضرت هود کي نه مڃيو، تنهن ڪري اسان به هنن کي برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ (سمجهه وارن لاءِ وڏي) عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس ته) هنن ماڻهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن پنهنجي پيغمبر کي ڪوڙو سمجھو پوءِ اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مطلب ته هود کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ ڪيوسون. بيشڪ هن قصي ۾ هڪ (وڏو) سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا.(سيد فرمان علي) پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ هلاڪ ڪيو سون انهن کي بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ ڪيوسون. بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان (هود) کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي هلاڪ ڪيو. بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ماڻهو مؤمن نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُن کي؛ اُنِهئَ تان آخِر، ساري سربسر، مارياسون مُورهِين. اَوس آهِن اِن ۾، پَڌرائـِي پيغام، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مَڃِيندڙ مدام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) يقيناً تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار پڪ (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائين تُنهنجو، آھِ اُهو عَلام، طاقتمند تمام مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ثمود قوم جي ماڻهن به رسولن کي ڪونه مڃيو.(علامه علي خان ابڙو) ثمود جي قوم رسولن کي نه مڃيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهڙيءَ طرح) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو ثمود (جي قوم) مرسلن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) ثمود (جي قوم به) رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم ثمود جي، ڪوٺيا مُرسل، مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت صالح کي چيو ته، ڇا توهان (مسڪينن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ۽) خدا کان ڊڄو ئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت کين سندن ڀاءُ (حضرت) صالح چيو ته ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين (خدا کان) نه ٿا ڊڄو؟(سيد فرمان علي) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ صالح ڇا نه ٿا ڊڄو اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني) جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) صالح چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آکيو صالح اُنهن کي، جڏهن سَندنِ ڀاء سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻئ کان ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (مان توهان کي صاف صاف سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته) مون کي اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي (۽ توهان کي معلوم آهي ته) مان معتبر آهيان (تنهن ڪري هن ڳالهه ۾ به مون تي اعتبار ڪيو).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ ته پڪ اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان.(سيد فرمان علي) بلاشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول امانت وارو آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام آڻيندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) سو توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان رڳو خدا جا حڪم ٿو پهچايان).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻِي کان، پاريو مُنهنجي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (توهان ڏسو ٿا ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (يعني اوهان کي خدا جا حڪم پهچائڻ لاءِ) ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪوبه اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ ته اوهان کان هن (تبليغ رسالت) تي ڪجھ اجورو به نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، اُن تي نياز نذر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو) ؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا (توهان هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) جيڪي هتي هن دنيا ۾ (نعمتون) آهن، سي ماڻڻ لاءِ اوهان کي (دائمي طور) امن امان ۾ ڇڏيو ويندو؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان دنيا جي نعمتن ۾ بي فڪريءَ سان ڇڏيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا جيڪي شيون هتي (دنيا ۾) موجود آهن، تن کي اطمينان سان ڇڏي ڏيون.(سيد فرمان علي) ڇا ڇڏيا ويندؤ ان ۾ جيڪو هتي آهي امن وارا ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهان کي هتي جي شين ۽ امن سان ڇڏيو ويندو. (مولانا محمد مدني) ڇا اوهان هتي جي شين ۾ امن سان رهندڙ ڇڏيا ويندئو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، هِت ڇَڏبان اِن ۾، سَرها سَڀ ڄمار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
باغن ۽ چشمن ۾.(علامه تاج محمود امروٽي) توهان (دائمي) باغن ۽ چشمن ۾ امن امان جي حالت ۾ ڇڏيا ويندو؟(علامه علي خان ابڙو) (يعنى) باغن ۾ ۽ چشمن ۾(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پڻ) باغ ۽ چشما.(سيد فرمان علي) باغن ۾ ۽ چشمن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) يعني باغن ۽ چشمن. (مولانا محمد مدني) (يعني) باغن ۽ چشمن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) باغن، بَهارن ۾، ۽ چِشما پڻ چوڏار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان (دائمي ڀلين) ٻنين ۽ کجور جي وڻن ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ ڇا جن کجورن جا ڇڳا (کارڪن جي بار کان) ٽٽڻ تي آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پوکن ۾ ۽ کجورن ۾ جن جا گوشا تمام نفيس آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ پوکون ۽ کجين ۾ جن جا خوشا نفيس ۽ نازڪ ٿين ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ پوکن ۾ ۽ کجين ۾ جو گونچ ان جا ڪنئرا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڀرپور آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ (انهن) پوکُن ۽ کجين ۾ جن جا ڇُڳا نرم ۽ نازڪ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کٖيٽن ۽ کَجيَن ۾، جَن جا ڇُڳا نَرم نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان ٽڪرن کي ٽڪي وڏي هنر ۽ ڪارگريءَ سان جايون ٺاهيو ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان پنهنجي مهارت سان جبلن مان گھڙائي ڪري گھر ٺاهيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (تنهن ڪري ئي) تمام مهارت ۽ تڪليف مان جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر بنايو ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ گهڙي ٺاهيو ٿا جبلن مان گهر ماهر ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪاريگريءَ سان جبلن کي ٽڪي گهر بنايو ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ ڪاريگري سان جبلن کي ڪٽي ڪوري گهر بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڙيون مَڻيادار، جبلن مَنجھان، جي جوڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اوهان اهي نعمتون خدا جي طرف کان نٿا سمجهو ۽ سندس نافرماني ٿا ڪيو) سو خدا (وٽان ايندڙ عذاب) کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (ڇو ته مان فقط اهي حڪم ٿو پهچايان جي خدا تعاليٰ وٽان ٿا اچن).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اطاعت ڪيو منهنجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَنبو ڀَر قهار، هلو سَندمِ حُڪمن تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن جا حڪم نه مڃيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، (۽)(علامه علي خان ابڙو) ۽ حد کان وڌندڙن جي تابعداري نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو.(سيد فرمان علي) ۽ نه اطاعت ڪيو حد کان لنگهندڙن جي امر جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃيو، (مولانا محمد مدني) ۽ حد کان لنگهي وڃڻ وارن جو حڪم نه مڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃيو نه اَمر اُنهن جو، جي حَد کان هَلنِ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ٿا ڪن ۽ سڌارو ڪونه ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو) (اهي ماڻهو) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ (قطعاً) اصلاح نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪي روءِ زمين تي فساد ڪن ٿا ۽ (خرابين جو) سڌارو نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي) اهي جيڪي فساد ڪن ٿا زمين ۾ ۽ نه ٿا سڌارو ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ سڌارو نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ (سماج جو) سڌارو نه ٿا ڪن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُون بگيڙِين بَدڪار، ۽ ڪَن نه چڱِي ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) (ظالم ۽ خودغرض سردارن تي انهيءَ نصيحت جو اثر ڪونه پيو) هنن چيو ته، (اي صالح تون آهين ڇا؟) توتي ڪو جادوءَ جو اثر پئجي ويو آهي (جو بي عقليءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين).(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو تو تي ته جادو ٿيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.(سيد فرمان علي) چيائون ته تون ته صرف جادو ڪيلن مان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”تون ته صرف جادو ٿيل ماڻهن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون آهين تن مان، جن کي لڳت جي لغار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.(علامه تاج محمود امروٽي) تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. جيڪڏهن تون سچ ٿو چوين (ته مون کي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) ته ڀلا آڻ ڪا نشاني (يعني ڏيکار ڪو معجزو).(علامه علي خان ابڙو) تون ته اسان جهڙو بشر آهين، پوءِ تون ڪا نشاني آڻ جيڪڏهن تون (پنهنجي رسالت ۾) سچو آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪو معجزو اسان جي لاءِ آڻي ڏيکار.(سيد فرمان علي) ناهين تون مگر بشر اسان جهڙو پوءِ آڻ تون نشاني جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ تون ڪا نشاني آڻ. (مولانا محمد مدني) تون ته رُڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين، پو ءِ ڪا نشاني (معجزو) آڻ جي تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون ته ماڻهو مُورهين، اَسان جي آچار، پوءِ ڪا ڏيکارِي ڏيکار، جي صفا سچن مان آهيِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
(صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت صالح) فرمايو ته، هيءَ ڏاچي (نشاني) آهي. هن کي به پاڻي پيئڻ جو حق آهي ۽ اوهان کي به (پنهنجي مال کي) پاڻي پيارڻ جو حق آهي (پر واري سان) مقرر ڏينهن تي.(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) صالح چيو هي ڏاچي آهي (پاڻي پيئڻ ۾) هڪ ڏينهن ڏاچيءَ جو وارو آهي ۽ هڪ ڏينهن توهان جو وارو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي.(سيد فرمان علي) چيائين ته هيءَ ڏاچي آهي ان جي لاءِ پاڻيءَ جو حصو آهي ۽ اوهان جي لاءِ حصو ڏينهن معلوم جو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪڏهن تون سچن مان آهين. صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ (به) هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي. (مولانا محمد مدني) (صالح ) چيو: ”هيءَ ڏاچي (معجزو) آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ توهان لاءِ (به) هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي مُنهنجِي اُٺڻِي، وارو اُن جو ڌار، پڻ اَهنجو آواڙي مَٿي، وارو ٻَڌل ٻِي وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ان ڏاچيءَ کي ڪو ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائجو. نه ته هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو عذاب اچي توهان تي ڪڙڪندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ان کي نه ماريو ورنه توهان کي قيامت جي ڏينهن وارو عذاب اچي وٺندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کي ڪا به تڪليف نه ڏجو نه ته اوهان کي هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو.(سيد فرمان علي) ۽ نه پهچايو ان کي ڪو ايذاءُ پوءِ وٺي اوهان کي عذاب ڏينهن وڏي جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان کي برائي سان هٿ نه لايو نه ته اوهان کي هڪ وڏي ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو. (مولانا محمد مدني) ۽ ان کي برائي (جي ارادي) سان هٿ نه لائجو نه ته توهان کي هڪ زبردست ڏينهن وارو عذاب پڪڙيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن کي ڪِنهن آزار سان، هَٿ نه ڇُهو هيڪار، پوءِ اوهان کي آزار، ڪو وٺي وَڏي ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ به هنن ڏاچيءَ جا پير ڪاٽي ڇڏيا، پر پوءِ پشيمان به ٿيا (۽ ڊنا ته متان عذاب سچ پچ اچي وڃي).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ ڦري پشيمان ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تنهن هوندي به انهن ماڻهن ان (ڏاچي) جا پير وڍيا (۽ کيس ماري ڇڏيائون) وري پاڻ ئي پشيمان ٿيا.(سيد فرمان علي) پوءِ پير وڍيائون ان جا پوءِ ٿيا پشيمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان (ڏاچيءَ) جا پير وڍيائون پوءِ پشيمان ٿيا. (مولانا محمد مدني) پوءِ ان جا پير وڍي (ان کي ماري ڇڏيائون) پوءِ اُهي پشيمان ٿيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُڏيائونسِ گوڏن کان، پوءِ ٿِيا پريشان پِرھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (سچ پچ) هنن تي عذاب اچي ڪڙڪيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (فسوس ته هنن مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ الله انهن کي عذاب سان ورتو، بيشڪ انهي ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ هڪ وڏو سبق آهي، ۽ پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه هئا.(سيد فرمان علي) پوءِ ورتو انهن کي عذاب بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وڏي ڪِنهن وِرھ، پُورو اُنهن کي پَڪڙيو. آهِن بيشڪ اُن ۾، پَڌرا پَٽ پَرياڻ، ۽ هرگز نه هُئا اُنهن مان، اَڪثر مَڃِيندڙ آڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَندئـِي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ساڳيءَ طرح) حضرت لوط جي قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(علامه علي خان ابڙو) لوط جي قوم رسولن کي نه مڃيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ائين ئي) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو لوط جي قوم مرسلن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) لوط جي قوم رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم لُوط جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن کي حضرت لوط (عليه السلام) چيو ته (افسوس جو توهان سخت شرمناڪ ۽ غليظ ڪم ڪري رهيا آهيو) (ڇا توهان خدا (جي عذاب) کان ڊڄوئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت سندن ڀاءُ (حضرت) لوط چيو ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن انهن جي ڀاءُ لوط کين چيو ته اوهين الله کان ڇو نه ٿا ڊڄو.(سيد فرمان علي) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ لوط ڇو نه ٿا ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو. (مولانا محمد مدني) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (هم قبيله) لوط چيو ته: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو لُوط اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِئَ کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيان، ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (مون تي اعتبار ڪيو مان توهان کي توهان جي ئي چڱائي لاءِ ضروري نصيحت ٿو ڏيان).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) آءُ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.(سيد فرمان علي) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول، امين آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان (مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام رسان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، اُماڻيل اَمِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ تابعداري ڪيو منهنجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ رکو خوف خدا جو، ٿيو تابِع سَندمِ تَلقِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ياد رکو ته) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدائي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) توهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي جو اجورو ڪونه ٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ اوهان کان هن (رسالت جي تبليغ) جو اجورو (ته) نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو ساري خدائي جي پالڻهار (خدا) تي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي رب تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته رُڳو جهانن جي پالڻهار تي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جو اجر اَوهان کان، پڻ گُھران ڪميَتْ ٻِي ڪِين، مُنهنجو بِل بِاليقين، ڏيهن جي ڏاتار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا سڄي جهان ۾ توهان ئي آهيو جي نرن ڏي (بدفعليءَ لاءِ) وڃو ٿا؟ (يا سڄي جهان ۾ توهان کي رڳو نر ئي بدفعليءَ لاءِ پسند آهن ڇا؟)(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان جهان وارن مان مَردن سان برائي ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا توهين (شهوت پرستي لاءِ) ساري جهان جي ماڻهن مان مردن ڏي ئي وڃو ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا اچو ٿا مڙسن ڏي جهانن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا جهان جي نرن ڏي وڃو ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ڇا اوهان (نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ) جهان وارن مان مردن وٽ ئي اچو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ اَچو جُدا جھان وِچان، نَرن تي نادان!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان جي لاءِ توهان جي پروردگار جيڪي زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏي ٿا ڏيو (۽ ڇوڪرن ۽ مردن ڏي ٿا وڃو). حقيقت هيءَ آهي ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انهن گھر وارين کي ڇڏيو ٿا جيڪي توهان لاءِ توهان جي رب پيدا ڪيون آهن، بلڪ توهان حد کان وڌندڙ قوم آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.(سيد فرمان علي) ۽ ڇڏيو ٿا اهو جيڪو پيدا ڪيو اوهان جي لاءِ رب اوهان جي زالن اوهان جن مان بلڪ اوهان قوم تجاوز ڪندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجي زالن کي ڇڏي ڏيو ٿا جيڪي اوهان جي پالڻهار اوهان لاءِ پيدا ڪيون آهن. بلڪه اوهان حد پار ڪندڙ قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پِٽيل! ڇَڏيو پَنهنجون، جويون خُوب جوان، جَن کي اوهان لئي جوڙيو، اَهنجي ڌَڻِئَ دَيَان، بَلڪ بي فرمان، آهيو قوم ڪا ڍور ڪا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن (فاحش ماڻهن) جواب ڏنو ته، اي لوط! جيڪڏهن تون (هن واعظ ۽ نصيحت کان) باز نه ايندين ته اسان توکي ضرور (هن ملڪ مان ئي) ڪڍي ڇڏينداسين.(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو جيڪڏهن تون اي لوط (نصيحت کان) باز نه آئين ته ضرور توکي (شهر مان) نيڪالي ڏينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالھ کان) تون باز نه ايندين ته ضرور ڪڍي ٻاهر ڪيو ويندين.(سيد فرمان علي) چيائون البته جيڪڏهن نه رڪجندين اي لوط! البته ضرور هوندين ڪڍيلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) چيائون ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالهه کان) تون باز نه ايندين ته ضرور تڙيلن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”اي لوط جيڪڏهن تون (ان ڳالهين کان) بس نه ڪندين ته تون ضرور شهر بدر ٿيلن مان هوندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون ته چوڻ کان، جيڪڏهن، لُوط ! نه ٿيِندين بَند ته نِڪتل گھر ۽ گام کان، هُوندين ٻئي ڪِنهن هَند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) (تنهن تي) حضرت لوط چيو ته، مون کي اوهان جي (برن) عملن کان سخت نفرت آهي، (سو مان پاڻ به اوهان وٽ رهڻ ۾ راضي نه آهيان).(علامه علي خان ابڙو) (حضرت) لوط چيو بيشڪ آئون توهان جي عملن کان سخت ناراض آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (لوط) چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان.(سيد فرمان علي) چيائين ته بلاشڪ مان اوهان جي عمل لاءِ دشمني رکندڙن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) لوط چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان. (مولانا محمد مدني) (لوط) چيو:” بيشڪ آءٌ اوهان جي عمل کان نفرت ڪندڙن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪَندڙ اَهنجي ڪم کي، آهيان نِپٽ ناپَسند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) (حضرت لوط پوءِ خدا کي پڪاريو ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي ۽ منهنجي خاندان جي ماڻهن کي هنن (فاحش) ماڻهن جي عملن (جي شامت کان يا سندن ظلم) کان بچائي وٺ.(علامه علي خان ابڙو) اي منهنجا رب تون مون کي ۽ منهنجي اهل کي انهن جي عمل کان نجات ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (۽ دعا گهريائين) پالڻهار! جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا تنهن کان مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي بچائي!(سيد فرمان علي) اي منهنجا پالڻهار! ڇڏاءِ مون کي ۽ منهنجي اهل کي ان کان جيڪو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي منهنجا پاليندڙ اهي جيڪي ڪم ڪن ٿا تن کان مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي بچاءِ! پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهر وارن کي بچايوسون. (مولانا محمد مدني) اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي نجات ڏي جيڪي اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مون ۽ مُنهنجي ڀاتِيئَن رَکه، سَندمِ خداوند! تِنهن اڳرايان آڳند، جنهن جون دَم دَم ڏِين ڌَمڪيون(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) سو اسان هن کي ۽ سندس سڀني مڃيندڙن کي بچائي ورتو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اسان (حضرت) نوح کي ۽ سندس سموري اهل کي نجات ڏني(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهروارن کي بچايوسون.(سيد فرمان علي) پوءِ ڇڏايوسين ان کي ۽ ان جي اهل کي مڙني کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هڪ ٻڍڙي زال کانسواءِ جا رهندڙن ۾ رهجي وئي. (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان ان کي ۽ سندس سڀ گهراڻي کي نجات ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو ڪيو سون اُن کي، پڻ اُن جو مِڙئـِي عَيال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي) سواءِ هڪ ٻڍي عورت جي (جا سندس ئي زال هئي) اها (پاڻ بي ايمان ٿي) پٺتي رهجي پيئي.(علامه علي خان ابڙو) مگر هڪ پوڙهي جيڪا پوئتي رهندڙن ۾ هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پر لوط جي) هڪ ٻڍڙي زال کان سواءِ جا پٺتي رهجي ويئي (۽ هلاڪ ٿي).(سيد فرمان علي) مگر هڪ پوڙهي رهجي ويندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري ٻين کي برباد ڪيوسون. (مولانا محمد مدني) سواءِ هڪ ڪراڙي عورت جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌران ڌَڃاڻِي پوڙهڙِي، پوين ۾ پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ٻين کي اسان ناس ڪري ڇڏيو.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اسان انهن ماڻهن کي بربراد ڪيو.(سيد فرمان علي) تنهن کان پوءِ هلاڪ ڪيوسين ٻين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ مٿن هڪ قسم جو مينهن وسايوسون (مولانا محمد مدني) پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي ٻِيا مَتوال، مارياسون مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿرن جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون.) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان انهن تي هڪ سخت بارش وسائي، پوءِ ڊيڄاريلن لاءِ اها تمام خراب بارش هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن تي اسان (پٿرن جو) مينهن وسايو. ته جن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريو ويو هو تن تي ڪهڙي نه بچڙي بارش هئي!(سيد فرمان علي) ۽ وسايو سون انهن تي (پٿرن جو) مينهن پوءِ برو هو مينهن ڊيڄاريلن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڊيڄاريلن جو ڪهڙو نه مينهن بڇڙو هو. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان انهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو، پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن جو مينهن ڏاڍو بڇڙو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَسايو سون اُنهن تي، پوءِ ڪَڪَر ڪَڪَّرِيُن نال، بُڇڙو ٿيو بَحال، وَسڪارو واقفئـِيَن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ وڏي عبرت آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان وارا ئي نه هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (واقعي) ۾ هڪ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ پَڌرو اُن ۾، آهي ڪو اُهڃاڻ، ۽ مُؤمن نه هُئا مُورهِين، اَڪثر اُهي اَڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) تنهنجو پرودگار ئي آهي جو سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهو غالب، مهربان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَندئي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
(شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (ساڳيءَ طرح) ائڪه جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(علامه علي خان ابڙو) اَصحَابُ الاَ يۡڪَةِ (گھاٽي ٻيلي ۾ رهندڙ ماڻهو) انهن رسولن کي نه مڃيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اهڙي طرح) جهنگ جي رهڻ وارن (منهنجي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سيد فرمان علي) ڪوڙو چيو ايڪہ شهر وارن مرسلن کي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) شهر ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني) ايڪه (جهنگل) وارن رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ايڪه وارن ڪوٺيا، ڪُوڙا مُرسل مِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڏسو حضرت شعيب هنن کي چيو ته (توهان واپار ۾ ٻين کي نقصان ٿا رسايو) ڇا توهان کي خدا جو خوف ئي نٿو ٿئي؟(علامه علي خان ابڙو) جنهن وقت کين شعيب چيو ڇا توهان نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جڏهن شعيب انهن کي چيو ته اوهين (خدا کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟(سيد فرمان علي) جڏهن چيو انهن کي شعيب ڇا نه ٿا ڊڄو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جڏهن انهن کي شعيب چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني) جڏهن کين شعيب چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شُعيب شاھ اُنهن کي، جَڏهن وَراڻيو وَيَر، سو نڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌَڻِئَ کان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً مان توهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان، (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (۽ اعتبار جي لائق آهيان).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ آئون رسولِ امين آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت دار پيغمبر آهيان،(سيد فرمان علي) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول امين آهيان . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(علامه تاج محمود امروٽي) سو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ منهنجي حڪمن جي پيروي ڪيو (ڇو ته اهي حڪم الله جا آهن).(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِرکو خوف خُدا جو، پاريو مُنهنجي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (منهنجي سچائيءَ جي لاءِ هيءَ به ثابتي آهي ته) مان انهيءَ (تبليغ جي) ڪم لاءِ اوهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پالڻهار جي ذمي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪو اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ آءُ اوهان کان (تبليغ رسالت) جو اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي رب تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ آءٌ ان (تبليغ) تي توهان کان ڪا اُجرت نه ٿو گهران، منهنجي اُجرت ته جهانن جي پالڻهار مٿان ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهنجو ڪِنهن تي مُورهين، ناهي با مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.(علامه تاج محمود امروٽي) پوري ماپ ڪري ڏيو (نه گهٽ ڏيو) ۽ ماڻهن کي نقصان نه پهچائيندا ڪريو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ماپ پوري ڪريو ۽ توهان گھٽ ماپ ڪندڙن مان نه ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ مئيندڙن مان نه ٿيو.(سيد فرمان علي) پوري ڪيو ماپ ۽ نه هجو گهٽائيندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ ماپيندڙن مان نه ٿيو. (مولانا محمد مدني) ۽ ماڻ پورا ڀريو ۽ گهٽ ماپيندڙن مان نه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَريو برابر ماڻ، ۽ ڪُسانگن مان ڪِين ٿيو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ سڌي ۽ سچي تارازيءَ سان تور ڪيو (ائين نه ڪيو جو ڏيڻ مهل گهٽ توري ڏيو ۽ وٺڻ مهل وڌيڪ توري وٺو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان سڌي ساهمي سان وزن ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ توهين (تور ۾) سڌي ترازيءَ سان توريو،(سيد فرمان علي) ۽ تور ڪيو ساهميءَ سڌيءَ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سئين ترازيءَ سان توريو. (مولانا محمد مدني) ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تور برابر توريو، پُورو پُڙ پُڙ ساڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو (نڪي پاڻ وٽ روڪي رکو) ۽ زمين تي (ٺڳيون ۽) بگاڙ نه ڪندا وتو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ماڻهن کي سندن شيون کُٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه ڦرو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ماڻهن کي سندن شيءَون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙيو نه وجهو.(سيد فرمان علي) ۽ نه گهٽايو ماڻهن کان شيون انهن جون ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو. (مولانا محمد مدني) ۽ ماڻهن کي سندن شيون (ماپ ۽ تور ۾) گهٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد مچائيندا نه وتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن جي مال ۾، رَکو نه ڪائـِي ڪاڻ، ڀُون ۾ بگيڙ ساڻ، مُورکه نه گُھمو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهيءَ خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن اوهان کي به خلقيو ۽ اوهان کان اڳين پيڙهين کي به. (جنهن اوهان کي پيدا ڪيو آهي سو اوهان کي برن عملن جي سزا به ڏئي سگهي ٿو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن توهان ۽ توهان کان اڳين مخلوق کي پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳئين خلق کي پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي) ۽ ڊڄو ان کان جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ مخلوق پهرينءَ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳينءَ خلق کي پيدا ڪيو. (مولانا محمد مدني) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ پهرين امتن کي پيدا ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڊِڄو اُن کان، جنهن جوڙيان، پڻ جيڪا اَڳــئين، جوڙ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن جواب ۾ چيو ته، توتي ڪو جادوءَ جو اثر پيل آهي، (۽ پاڳل ٿي پيو آهين.)(علامه علي خان ابڙو) انهن چيو تو تي ته جادو ٿيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.(سيد فرمان علي) چيائون تون ته رڳو جادو ڪيلن مان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. (مولانا محمد مدني) چيائون: ”تون ته صرف جادو شده ماڻهن مان ئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون آهِين توڙ، جادؤَ جَھليلن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. بيشڪ اسان توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ تون اسان جهڙو بشر آهين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙو سمجھون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بلا شڪ اسين تو کي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ ناهين تون مگر بشر اسان جهڙو ۽ بيشڪ يقين ٿا ڪيون اسين توکي البته ڪوڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ تون ته رڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين. ۽ بيشڪ اسان تو کي ڪوڙن مان سمجهون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه آهِين تون مگر، ماڻهو اَسان مِثال، ۽ توکي نه اَسِين ڪُوڙن مان ڀايون ٿا بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪڏهن تون (پنهنجي انهيءَ دعويٰ ۾) سچو آهين (ته مان خدا جو رسول آهيان) ته آسمان مان اسان تي ڇپ ڪيراءِ؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ تون اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيراءِ جيڪڏهن تون (پنهنجي نبوت ۾) سچو آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪر ڪيرائي.(سيد فرمان علي) پوءِ ڪيراءِ اسان تي ٽڪرو آسمان مان جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جا ڪي ٽڪرا ڪيراءِ. (مولانا محمد مدني) پوءِ تون اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيراءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀ کان، ڇِپ اَسان تي، ڪيراءِ ڪمال!، نبِي! نيڪ نِهال، جي صَفا سَچن مان آهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
(شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) حضرت شعيب تنهن تي (نماڻائيءَ سان) جواب ڏنو ته، منهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا (برا) عمل ڪري رهيا آهيو (۽ اهوئي اوهان تي ڇپ ڪيرائي سگهي ٿو يا ٻئي طرح سزا ڏئي ٿو سگهي.)(علامه علي خان ابڙو) شعيب چيو توهان جيڪو ڪريو ٿا منهنجو رب ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پالڻهار گهڻو ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) چيائين ته منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) (شعيب) چيو: ”منهنجو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيَمِ سَمجھندڙاُن کي، ڪريو جي ڪم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.(علامه تاج محمود امروٽي) پر هنن کيس نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو ڇانو واري ڏينهن جي عذاب اچي کين پڪڙيو (شايد ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري چوڌاري دونهون ۽ پٿر اڏاڻا ۽ ڪريا جن جي ڪري ڪجهه قدر اوندهه ٿي ويئي ۽ ماڻهن تي اهڙيون ڇپون ڪريون جو تباهه ٿي ويا.) بيشڪ اهو هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو سخت عذاب هو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن کي پاڇولي واري ڏينهن وارو عذاب پهتو، بيشڪ اهو وڏي ڏينهن وارو عذاب هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) مطلب ته شعيب کي ڪوڙو ڪيائون ته کين ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) جي عذاب اچي پڪڙيو. بيشڪ هي (به) هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب هو.(سيد فرمان علي) پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ پڪڙيو انهن کي عذاب ڇٽيءَ واري ڏينهن جي بيشڪ اهو هو عذاب ڏينهن وڏي جو . (مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ انهن کي ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب پڪڙيو (مولانا محمد مدني) پوءِ کيس ڪوڙو چيائون ۽ انهن کي ڇانوَ ڪندڙ (ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب پڪڙيو. بيشڪ اُهو هڪ زبردست ڏينهن جو عذاب هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺِيؤن اُن کي، پوءِ سزا سَخت اَپار، ڏِينهن ڇَمر ۽ ڇانوڙي، ڪيْئَنْ گِرفتار، اُهو ڏِينهن آزار، ويتر هو وَڏاندرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هن ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ (سمجھ وارن جي لاءِ) هڪ وڏو سبق آهي ۽ انهن مان گهڻا ته ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.(سيد فرمان علي) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهو هڪ وڏي ڏينهن جو عذاب هو. بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني) بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي نِشاني اُن ۾، ڪا کُليل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي اهو آهي جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو به آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار يقينا (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِلڪُل آهي تُنهنجو، اُهو رَبُّ رهبر، زوراورزَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ يقيناً هيءُ (قرآن) ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) رب العالمين جو نازل ڪيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) بيشڪ هي (قرآن) سموري خدائيءَ جي پالڻهار (خدا) جو نازل ڪيل آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو البته رب العالمين جو لاٿل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهانن جي پالڻهار جو نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هي اتارا اهار، ڏيهن جي ڏاتار کان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) ان کي روح الامين (حضرت جبرائيل) کڻي آيو آهي، (جو بيشڪ سچو ۽ ايماندار فرشتو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) جيڪو جبريل امين توهان جي قلب مبارڪ تي لاٿو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن کي روح الامين (جبرائيل) کڻي نازل ٿيو،(سيد فرمان علي) لاٿو ان کي روح الامين (جبريل) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي امانت واري روح (جبرئيل) نازل ڪيو آهي، (مولانا محمد مدني) ان کي روح الامين (جبرائيل) لاهي آندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اتارئو روح ان کي، جو اماني اهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر! اهو قرآن) تنهنجي قلب تي نازل ڪيو وڃي ٿو، انهيءِ لاءِ ته تون (ماڻهن کي خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرين.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته توهان ڊيڄاريندڙ هجو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) تنهنجيءَ دل تي، هن ڪري ته تون به (ٻين پيغمبرن وانگر ماڻهن کي) ڊيڄارين.(سيد فرمان علي) دل تنهنجيءَ تي تانته هجين ڊيڄاريندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تنهنجي دل تي ته تون ڊيڄاريندڙن مان ٿئين، (مولانا محمد مدني) تنهنجي دل تي ته جيئن تون ڊيڄاريندڙن مان بنجين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تنهنجي هِيـين تي هوشيار!، ته هُجِين ڄاڻوين مان ڄام تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
(جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهو قرآن مجيد) چٽي ۽ چٽائي ڪندڙ عربي زبان ۾ (نازل ڪيو ويو آهي).(علامه علي خان ابڙو) (اهو قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ صاف عربي زبان ۾،(سيد فرمان علي) زبان عربي روشن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ . (مولانا محمد مدني) صاف صاف عربي زبان ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَربِي، سَولِي، صاف هِي، قادِر جو قرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ يقيناً ان جي ذڪر اڳوڻن خدائي ڪتابن ۾ ڪيل آهي (ته آخري پيغمبر مڪي ۾ پيدا ٿيندو ۽ مٿس آخري ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيندو.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ انهيءَ جو ذڪر پهرين صحيفن (ڪتابن) ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بيشڪ ان جي خبر اڳين (پيغمبرن جي) ڪتابن ۾ (به موجود) آهي.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهو البته صحيفن اڳين جي ۾ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اهو اڳين جي ڪتابن ۾ (لکيل) آهي. ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني نه آهي؟ (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اُهو اڳين امتن جي صحيفن ۾ (ذڪر ٿيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪُل هِي بيان، مَنجھ اوتارن اڳين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا هنن (مڪي جي ڪافرن) لاءِ هي نشاني ڪافي ناهي ته ان (جي سچائيءَ) کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا (۽ ايمان آڻين ٿا. سچ پچ ڪن تمام وڏن يهودي ۽ عيسائي بزرگن ايمان آندو.)(علامه علي خان ابڙو) ڇا انهن لاءِ اها نشاني ناهي، جو ان کي بني اسرائيل جا عالم ڄاڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني (ڪافي) نه آهي جو ان ڳالھ کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا نه هئي انهن جي لاءِ نشاني هيءَ ته ڄاڻن ان کي عالم بني اسرائيل جا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو بني اسرائيلن جا عالم ان کي ڄاڻن ٿا. (مولانا محمد مدني) ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني نه آهي جو بني اسرائيل جا عالم ان کي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه آهي نِيشاني تَن لئي؟ ته سَمجھنسِ سالِم، اَڪابِر عالِم، اِسرائـِيل جي اولاد مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جيڪڏهن اسان ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ تي قرآن مجيد نازل ڪيون ها (۽ هن جي ٻولي به ڪا ٻي هجي ها)،(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪڏهن اسين قرآن ڪريم کي ڪنهن عجمي (غير عربي) تي نازل ڪريون ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن ٻي زبان تي نازل ڪريون ها،(سيد فرمان علي) ۽ جيڪڏهن نازل ڪيون ها ان کي بعضي عجمين تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن غيرعرب ماڻهو تي نازل ڪريون ها. (مولانا محمد مدني) ۽ جيڪڏهن اسان ان (قرآن) کي عجمين (غير عربين) مان ڪنهن تي نازل ڪيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِي ٻولِي وارن مان، ڪِنهن تي، اُتاريوسون جيڪر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اهو ڌاريو ماڻهو (ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾) کين اهو پڙهي ٻڌائي ها ته پوءِ هي (عرب) نڪي (سمجهن ها نڪي) ان تي ايمان آڻين ها.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهو انهن تي قرآن پڙهي ها تڏهن به اهي ايمان نه آڻن ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهو انهن عربن جي اڳيان هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها، تڏهن به ان تي اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها.(سيد فرمان علي) پوءِ پڙهي ها ان کي انهن تي ته نه هئا ان تي ايمان آڻيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ اهو انهن کي هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها ته ان کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ها. (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهو کين اهو (قرآن) ٻڌائي ها ته به اُهي ان تي ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پڙهائـِين تَن سر، ته مَڃِيندڙ نه هُئسِ مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.(علامه تاج محمود امروٽي) اهڙيءَ طرح (يعني چٽي عربيءَ ۾ قرآن مجيد نازل ڪرڻ سان) اسان اها (اسلام جي تعليم عرب جي) گنهگارن جي دلين ۾ به ويهاري ڇڏي آهي.(علامه علي خان ابڙو) اهڙي طرح (ڪفر ۽ ڪوڙ) اسان مجرمن جي دلين ۾ وڌو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهڙيءَ طرح اسان (ڄڻ ته پاڻ) ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون،(سيد فرمان علي) اهڙي طرح داخل ڪيوسون ان کي دلين گنهگارن جي ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهڙيءَ طرح ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون، (مولانا محمد مدني) اهڙي طرح اسان ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ پختگي سان وڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنْ پر پاپِيُن مَن ۾، سو وِڌو سون اِنڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ به (ڪي سخت دل) ماڻهو ان تي ايمان ڪونه آڻيندا، جيستائين ڪه سخت عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن.(علامه علي خان ابڙو) (جو اهي) قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيندا ايستائين جو اهي دردناڪ عذاب ڏسن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته اهي ماڻهو (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا.(سيد فرمان علي) نه ايمان آڻيندا ان تي تان جو ڏسن عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا. (مولانا محمد مدني) ان تي تيسين ايمان نه آڻيندا جيسين دردناڪ عذاب (نه) ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه وِسهن، تان ويکين سي، اهکو ڪو آزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پر عذاب ته مٿن بلڪل اوچتو اچي ڪڙڪندو ۽ هنن کي خبر ئي ڪانه پوندي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهو انهن تي اوچتو ايندو ۽ اهي سمجھي نه سگھندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو مٿن اوچتو اچي ۽ کين خبر به نه پوندي،(سيد فرمان علي) پوءِ ايندو انهن کي اوچتو ۽ اهي بي خبر هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو مٿن اوچتو اچي ۽ انهن کي خبر به نه پوي. (مولانا محمد مدني) پوءِ اُهو (عذاب) انهن مٿان اوچتو اچي پوي ۽ انهن کي خبر به نه پوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه پَوينِ سُڌ سَنڀار، پوءِ اچي مَٿنِ اوچتو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ وقت هو (پريشان ٿي) چوندا ته، (هاءِ هاءِ!) اسان کي ڪجهه مهلت ملندي يا نه؟(علامه علي خان ابڙو) پوءِ چوندا ڇا اسان کي ڪجھه مهلت ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پوءِ جڏهن عذاب نازل ٿيندو) چوندا ته ڇا اسان کي (هن وقت ڪجھ) مهلت ڏني ويندي؟(سيد فرمان علي) پوءِ چوندا ڇا اسين مهلت ڏنل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ چوندا ته ڇا اسان کي مهلت ڏني ويندي. (مولانا محمد مدني) پوءِ چوندا ته : ”ڇا اسان کي مهلت ملندي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻولِين، پوءِ ٻيهار، ڪا مُهلت اَسان کي مِلڻي ؟ ڇا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ڇا؟ هنن ماڻهن تڪڙ لائي ڏني آهي ته (جيڪڏهن اهي ڳالهيون سچيون آهن ته) اسان تي عذاب جلد اچي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا پوءِ اسان جي عذاب لاءِ اهي تڪڙ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا پوءِ هي اسان جي عذاب جي تڪڙ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ اسان جي عذاب کي تڪڙو گهرن ٿا؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ڇا پوءِ اسان جي عذاب گُهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڪڙ ڪن تڪرار، اسان جي عذاب تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.(علامه تاج محمود امروٽي) ڀلا ڏسو ته سهي ته، جيڪڏهن اسان هنن (منڪرن) کي ڪي سال خوشحاليءَ ۾ رکون.(علامه علي خان ابڙو) (اي ٻڌندڙ) مون کي خبر ٻڌاءِ جيڪڏهن اسين مشرڪن کي گھڻا سال عيش ۾ رهايون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ ڀلا تو ڏٺو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهين آسودو رکون.(سيد فرمان علي) ڇا پوءِ ڏٺو تو جيڪڏهن نفعو ڏنو اسان انهن کي ڪي سال .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ ڀلا ٻڌاءِ ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهه آسودو رکون. (مولانا محمد مدني) ڀلا ٻڌاءِ ته اگر اسان انهن کي سالها سال آسودو رکون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيئـي ڪو خيال ؟ ته سُکيو رکونِ سال ڪي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پوءِ انهن تي اهو عذاب اچي وڃي، جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ انهن تي اهو (عذاب) اچي جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي سو وٽن اچي پهتو.(سيد فرمان علي) تنهن کان پوءِ اچي انهن کي اهو جو وعدو ڏنا ٿي ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي اُهو (عذاب) اچي جنهن جو وعدو ڪيا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَچينِ، ڏِجي اُنهن کي، وَعدو جنهن وَبال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ته پوءِ اها آسودگي (۽) دنيوي نعمتون هنن کي ڪجهه به فائدو ڪونه ڏينديون.(علامه علي خان ابڙو) ته انهن کي سندن عيش، عذاب کان بچائي سگھندو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته سندن آسودو هجڻ انهن کي ڪجھ ڪم نه ايندو.(سيد فرمان علي) ته نه نفعو ڏيندو انهن کي اهو جنهن سان نفعو ڏنا ٿي ويا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سو مٿن اچي ته سندن هميشه آسودو هجڻ انهن کي ڪهڙي ڪم ايندو. (مولانا محمد مدني) ته اهو سامان انهن کي ڪهڙي ڪم ايندو؟ جنهن مان فائدي وٺڻ جي کين مهلت ڏني وئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ميڙِين جيڪِي مال تنهن اَصل آسُودا نَه ڪيا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي) (اسان جو اهو قانون آهي ته) ڪڏهن به ڪنهن بستيءَ کي برباد نه ڪيوسين جيستائين پهريائين هنن ڏي هنن کي خبردار ڪرڻ لاءِ پيغمبر موڪلياسين (۽ هو تنهن هوندي به برائين ۾ مشغول رهيا، پوءِ اسان به هنن کي تباه ڪري ڇڏيو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ نٿا هلاڪ ڪريون اسين ڪو ڳوٺ مگر انهن جي نصيحت لاءِ پيغمبر اچن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان ڪوئي ڳوٺ (تيستائين) برباد نه ڪيو مگر ان جي سمجهائڻ لاءِ (اڳ ۾) ڊيڄاريندڙ (پيغمبر موڪليا) هئا.(سيد فرمان علي) ۽ نه هلاڪ ڪيوسون ڪو ڳوٺ مگر ان جي لاءِ ڊيڄاريندڙ هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان ڪوئي ڳوٺ برباد نه ڪيو جنهن کي ڊيڄاريندڙ نه هئا. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان ڪنهن بستي کي هلاڪ نه ڪيو سواءِ ان جي جنهن لاءِ ڊيڄارڻ وارا (اچي چُڪا) هئا..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناس نه ڪيو سون ڳوٺ ڪو، ته هُئا نه اُنهِئ هارِ، خوف ڏِيندڙ خابرُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي) يادگيري ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ (اسان هنن ڏي پهريائين پيغمبر موڪليا ته به هو باز نه آيا ۽ اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو) اسان ڪڏهن به بي انصافي ڪونه ٿا ڪيون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسين ظلم ڪندڙ ناهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نصيحت (ڏيڻ) لاءِ، ۽ اسين ظالم نه هئاسون.(سيد فرمان علي) نصيحت ۽ نه هئاسون ظالم.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) نصيحت (ڏيڻ) لاءِ ۽ اسين ظالم نه هئاسون. (مولانا محمد مدني) (هيءَ)نصيحت آهي.. ۽ اسان نا انصافي ڪندڙ نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ سار سَنڀار، ۽ نه هُئا سون هاڃي ڪار، مارڻ سَندن ۾ مُورهين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هي (وحي يا قرآن مجيد) شيطانن ڪونه آندو آهي، (جيئن ڪافر بڪ بڪ ڪري رهيا آهن.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ قرآن ڪريم کي شيطانن نازل نه ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ هن قرآن کي شيطانن وٺي نه لاٿو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه کڻي لٿا ان کي شيطان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ قرآن کي شيطانن نه لاٿو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ هن (قرآن) کي شيطانن نه لاٿو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتريا ڪِين اُنهِئَ سان، شامتِي شيطان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين ڪرڻ هنن لاءِ (يعني شيطانن لاءِ) نڪي ٺهي ٿو نڪي هو (اهڙو قرآن ٺاهي سگهڻ جي) طاقت رکن ٿا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ (اهو ڪم) سندن لائق ناهي ۽ نه ئي کين اها طاقت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي (ائين) ڪري سگهن ٿا.(سيد فرمان علي) ۽ نه ٿو لائق ٿئي انهن لاءِ ۽ نه ڪري سگهندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي ڪري سگهن ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه اُهي ڪري سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ايڏو اُنهن جو شان، ۽ نه ڪا طاقت تن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته، شيطان ٻڌڻ جي جاءِ کان ئي پري ڪڍيا ويا آهن (هن لاءِ ته ائين نه ٿئي جو هو ٻڌي ان ۾ ڦيرڦار ڪري پوءِ ماڻهن کي ٻڌائين).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ شيطان وحي رباني ٻڌي نٿا سگھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇو ته شيطان (وحي جي) ٻڌڻ کان محروم آهن.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهي ٻڌڻ کان البته پري ڪيل آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (ڇوته) شيطان ملائڪن جي ڪلام ٻڌڻ (جي جاءِ) کان (به) پري ڪيل آهن. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهي (ته هن ڪلام جي) ٻڌڻ کان روڪيا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي تَڙيل آهِن توڙ کان، سڻڻ کان سڄاڻ! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي) سو (اي پيغمبر!) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود يا ديوتا کي نه پڪارجانءِ. نه ته تون به انهن ۾ هوندين جن کي عذاب ڪيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ تون (اي ٻڌندڙ) الله تعالى سان گڏ ٻئي معبود جي عبادت نه ڪر ورنه عذاب ڪيلن مان ٿيندين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته (اي رسول) تون خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته تون به عذاب ڪيلن مان ٿيندين.(سيد فرمان علي) پوءِ نه عبادت ڪر الله سان گڏ معبود ٻئي جي پوءِ ٿي پوين عذاب ڪيلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ تون الله سان گڏ ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته عذاب ڪيلن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني) پوءِ (اي مخاطب) تون الله سان گڏ ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪر نه ته تون عذاب يافتن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهکِئ سُهکِئ سَڏ نه ٻِيو، سائـِين، سائـِينءَ ساڻ، پوءِ ٿئـِين تون پاڻ، سخت سزا وارن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پنهنجي ويجهن مائٽن کي (خدا جي نافرماني جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اي حبيب ! توهان پنهنجي تمام ويجھن عزيزن کي ڊيڄاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) پنهنجن ويجهن مائٽن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار.(سيد فرمان علي) ۽ ڊيڄار مائٽن پنهنجن ويجهن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ پنهنجن ويجهن مائٽن کي ڊيڄار! (مولانا محمد مدني) ۽ (اي نبي) پنهنجي ويجهن رشتيدارن کي ڊيڄار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجن عَزِيزن، اوڏڙن کي، ڍوليا! تون ڊِڄار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جن مؤمنن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي تن تي ڏاڍو مهربان رهه (ايترو پيار ڪر جيترو اڏامندڙ پکي ڪندو آهي، جو کنڀن کي ڀڪوڙي لهي اچي ٻچن کي کنڀڙاٽين هيٺان لڪائيندو آهي.)(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انهن مؤمنن لاءِ نرم رويو اختيار ڪريو، جيڪي توهان جي تابعداري ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پنهنجا بازو جهڪائي (بلڪل نرمي ڪر!)(سيد فرمان علي) ۽ جهڪيل رک پر پنهنجو ان لاءِ جو تابع ٿيو تنهنجو مؤمنن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پاڻ کي بلڪل نرم ڪر. (مولانا محمد مدني) ۽ پنهنجون ٻانهون (شفقت سان) وڇاءِ انهن ايمان وارن لاءِ جن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَهون ٻانهون پَنهنجيون، ڪر هيٺ تَنِين هارِ، جيڪي اِيماندار، لالڻ! لڳل لَڙھ تُنهنجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ جيڪڏهن هو (منڪر) تنهنجي نافرماني ڪن ته کين چئي ڏي ته، جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ جيڪڏهن توهان جي بي فرماني ڪن پوءِ توهان فرمايو بيشڪ آئون توهان جي عملن کان بيزار آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ جيڪڏهن ماڻهو تنهنجي نافرماني ڪن ته تون (کين صاف صاف) چئي ڏي ته آءُ اوهان جي ڪرتوتن کان بيزار آهيان.(سيد فرمان علي) پوءِ جيڪڏهن بي فرمان ٿيا تنهنجا پوءِ چئو ته بيشڪ مان بيزار آهيان ان کان جيڪو ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي نافرماني ڪن ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ بيزار آهيان. (مولانا محمد مدني) پوءِ جيڪڏهن اُهي تنهنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته : ”آءٌ انهن عملن کان بيزار آهيان جيڪي توهان ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڦِرن توکان، پوءِ چِٽو ٻول ٻِيهار، آءٌ ڀڳل اُن کان، ڪريو جي ڪم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر تون سندن پرواهه نه ڪر، پنهنجي ڪم کي جرئت سان ڪندو رهه) ۽ انهيءَ الله تي ڀروسو رک جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ رسولِ عربي توهان ان الله تعالى تي توڪل ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون ان (خدا) تي جو (سڀ کان) غالب (۽) نهايت مهربان آهي ڀروسو ڪر.(سيد فرمان علي) ۽ توڪل ڪر غالب، مهربان تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ غالب نهايت رحم واري تي ڀروسو ڪر (مولانا محمد مدني) ۽ ڀروسو رک غالب ٻاجهاري (الله) مٿان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَرسِر رک تون بار، ڏاڍي ۽ ڏاتار تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) (انهيءَ الله تي ڀروسو رک) جو توکي (نماز ۾) بيهندي ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) جيڪو توهان جي (تهجد جي وقت) اٿڻ کي ڏسي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو تو کي ڏسي ٿو جڏهن تون تهجد نماز ۾ اٿين ٿو.(سيد فرمان علي) جيڪو ڏسي پيو توکي جنهن وقت اٿي بيهين ٿو تون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو (تهجد لاءِ) تنهنجي اٿڻ مهل توکي ڏسي ٿو. (مولانا محمد مدني) جيڪو تو کي ڏسي ٿو جيڏي مهل تون (تهجد نماز) لاءِ بيهين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڏسي توکي جڏهن، ٿئـِين تهجّد لاءِ تيار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جو توکي نماز پڙهندڙن ۾ اٿندي، ويهندي (سجدو ڪندي) ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ الله تعالى توهان کي سجدي ڪندڙن ۾ رکرايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو.(سيد فرمان علي) ۽ ڦرڻ تنهنجو سجدي ڪندڙن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو. (مولانا محمد مدني) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجو اچڻ وڃڻ به ڏسي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڦِرڻ تُنهنجو نَمندڙن ۾، ڏِسي سو ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڻندڙ، سَمجھدار، اِهو اَللهُ جَلَّ جلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا مان اوهان کي ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا (۽ کين گمراهه ڪن ٿا)؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا آئون توهان کي نه ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي لهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا آءُ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا؟(سيد فرمان علي) ڇا خبر ڏيان اوهان کي ته ڪنهن تي ٿا لهن شيطان؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا آءٌ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي لهن ٿا؟ (مولانا محمد مدني) ڇا اوهان کي انهن جي خبر ڏيان جن تي شيطان لهن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو لَهن شيطان ڪِن تي؟ تن جا پورا ڏِيان پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) شيطان هرهڪ ڪوڙي ۽ گناه ڪندڙ ماڻهو ڏي اچن ٿا (۽ کين بدعمل ڪرائين ٿا).(علامه علي خان ابڙو) اهي گھڻي ڪوڙي ۽ گنهگار تي لهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (ته ٻڌ) اهي سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار تي نازل ٿين ٿا.(سيد فرمان علي) لهن ٿا هر ٻٽاڪ هڻندڙ گنهگار تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي سڀڪنهن ٻٽاڪيءَ گنهگار تي لهن ٿا. (مولانا محمد مدني) اُهي هر ٻَٽَاڪِي بدڪار تي لهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪُوڙي ڪانهياري مَٿي؛ ٻُڌل ڳالھ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهڙن ماڻهن ڏي اچن ٿا جيڪي) ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڪن لڳائين ٿا ۽ جيڪي اڪثر ڪري ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو) شيطان انهن کي ٻُڌل ڳالهه ٻُڌائن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جو اهي (فرشتن جي ڳالهين تي) ڪن لڳائي ٻڌندا رهن ٿا (ته من ڪجھ ٻڌون) هوڏانهن انهن مان گهڻا ته (بلڪل) ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي) وجهن ٿا (ٻڌل ڳالهه) ڪن ۾ ۽ گهڻا انهن مان ڪوڙ هڻندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو اُهي ڪن لڳائي (انهن شيطانن کان) ٻڌن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ڪوڙا آهن(مولانا محمد مدني) اُهي ٻڌل ڳالهيون (انهن جي) ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڇلِينِ ڪَنن پارِ، ۽ اَڪثر ڪُوڙا اُنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ شاعرن جي پيروي به اهي ڪن ٿا جيڪي گمراهه آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ گمراه ماڻهو (بي دين) شاعرن جي تابعداري ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ شاعرن جي پيروي ته گمراھ ماڻهو ڪندا.(سيد فرمان علي) ۽ شاعر تابعداري ڪن ٿا انهن جي گمراهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ شاعرن جي تابعداري گمراهه ئي ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني) ۽ شاعرن جي پيروي گمراهه ماڻهو ئي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَلن پُٺيان شاعِرن، ڀُليل بي شُعور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) تو ڏٺو ڇا ته اهي (شاعر) هرهڪ ماٿريءَ ۾ حيران ۽ پريشان رلندا وتندا آهن. (يعني هرهڪ مضمون تي شعرگوئي ڪندا آهن، اگرچه ان بابت کين پورو علم به نه هجي.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ اهي (جهنم جي) هر واديءَ ۾ ڀٽڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا تون نه ٿو ڏسين ته اهي ماڻهو سڀ ڪنهن جهنگ ميدان ۾ رلندا ڦرن ٿا.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ اهي هر واديءَ ۾ حيران ڦرن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا تو نه ڏٺو ته اهي سڀ ڪنهن ميدان ۾ حيران ڦرن ٿا (مولانا محمد مدني) ڇا تو نه ڏٺو ته اُهي (شاعر) هر (خيال جي) وادي ۾ سرگردان ڀٽڪندا رهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ته هر ڏَهر ۾، وڃيو پَون وَهلور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هو اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن تي پاڻ ئي عمل نه ڪندا آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اهي اهو چون ٿا جنهن تي (پاڻ) عمل نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي ماڻهو (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي ڪڏهن نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي) ۽ بيشڪ اهي چون ٿا اهو جيڪو نه ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهي (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اُهي (اهڙيون ڳالهيون) چون ٿا جيڪي (پاڻ) نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چونِ سو، جو ڪِين ڪن؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي) پر (ڪي شاعر اهڙا به آهن) جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱا عمل ڪن ٿا ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪن ٿا، ۽ جن تي جڏهن ظلم ڪيو ويو تڏهن ان ظلم بعد هنن بچاءَ جي ڪم ۾ (يعني جهاد ڪرڻ ۾) حصو ورتو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلدئي معلوم ٿي ويندو ته هو ڪهڙيءَ جاءِ تي موٽي وڃڻا آهن، (يعني هن دنيا ۾ به ذليل حالت ۾ ايندا ۽ آخرت ۾ به دوزخ ۾ پوندا.)(علامه علي خان ابڙو) مگر جن ماڻهن (شاعرن) ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ۽ الله تعالى کي گھڻو ياد ڪيو ۽ انهن (ڪافرن کان سندن شعرن جو) بدلو ورتو ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو، (سندن خلاف شعر چيا ويا) ۽ ڪافر جلد معلوم ڪندا ته اهي (مرڻ کان پوءِ) ڪيڏانهن موٽن ٿا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پر (هاءُ) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون. ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلد ئي خبر پوندي ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽايا ويندا.(سيد فرمان علي) مگر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ياد ڪيائون الله کي گهڻو ۽ بدلو ورتائون ان کان پوءِ جو ظلم ڪيا ويا ۽ جلد ڄاڻندا جن ظلم ڪيو ته ڪهڙي موٽڻ جي جاءِ تي موٽندا. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پر جن (شاعرن) ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون (سي بڇڙا نه آهن) ۽ ظالم جلد ڄاڻندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا. (مولانا محمد مدني) سواءِ انهن (شاعرن) جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ الله جو گهڻو ذڪر ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد (شعرن ذريعي) بدلو ورتائون. (ته اهي بڇڙا نه آهن) ۽ جن ظلم ڪيو سي جلدي ڄاڻي وٺندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر مَڃيو جن مَذڪُور، پڻ ڪيائون ڪوڏ مان، نيڪ ڪمايون نُور، ۽ ساريئون سائـِينءَ کي گَھڻو، ۽ مَدد ڪيائون مُور، جِنهن بَعد ڏکويا پاڻ وِيا، ۽ ڪيا جن ڪَلُور، پَوندنِ جَلد پَرُوڙ، ته موٽِن ڪهڙي ماڳه تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |