1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

026 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

تلاوت ۽ سنڌي ترجمو (سيد ابوالاعليٰ مودودي) آڊيو ۾ ٻڌڻ لاءِ ٿور انتظار ڪريو...!

26:1

طٰسۗمّۗ 1‏۝

ط-س-م .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

طسم.

— مولانا محمد مدني

طا ــ سين ــ ميم

— عبدالسلام ڀُٽو

26:2

تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2‏۝

هي آيتون آهن روشن ڪتاب جون .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن.

— مولانا محمد مدني

هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:3

لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3‏۝

متان هلاڪ ڪندڙ ٿين ذات پنهنجيءَ جو ته ڇو نه ٿا ٿين مؤمن .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

(اي پيغمبرﷺ!) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اُهي ايمان نه ٿا آڻين.

— مولانا محمد مدني

(اي نبي ﷺ!) شايد تون پنھنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جي ايمان نه آڻڻ جي فڪر ۾ ڳاري ڇڏيندين.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:4

اِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4‏۝

جيڪڏهن گهرون ته لاهيون انهن تي آسمان کان ڪا نشاني پوءِ ٿي پون ڪنڌ سندن ان لاءِ جهڪندڙ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

جيڪڏهن اسين گهرون ته مٿن آسمان مان ڪا نشاني لاهيون پوءِ سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪا ٿي پون.

— مولانا محمد مدني

جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا اهڙي نشاني نازل ڪريون جنھن سان هنن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:5

وَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5‏۝

۽ نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نصيحت رحمان وٽان نئين مگر جو آهن ان کان منهن موڙيندڙ .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ انهن وٽ رحمان جي طرفان (اهڙي) ڪا (به) نئين نصيحت نه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نه ٿا موڙين.

— مولانا محمد مدني

(پر ڳالهه هي آهي ته) انهن ماڻهن وٽ رحمان جي طرف کان جڏهن به ڪا نئين نصيحت آئي آهي ته هو اُن کان منھن موڙي ڇڏيندا آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:6

فَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6‏۝

پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيائون پوءِ جلد اينديون انهن وٽ خبرون ان جون جنهن سان چٿر ڪندا هئا .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

پوءِ انهن ڪوڙو ڪيو آهي تنهن ڪري وٽن ان (عذاب) جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن.

— مولانا محمد مدني

بيشڪ (هاڻي) هي ماڻهو ڪوڙو ڪري چڪا آهن. کين جلد ئي ان شيءِ جي اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي جنھن تي هي ٺٺوليون ڪري رهيا آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:7

اَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7‏۝

ڇا نه ڏٺائون زمين ڏانهن ته ڪيترا ڄمايا سون ان ۾ هر هڪ جوڙ عزت واري مان .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ڇا انهن زمين ڏي نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن جنس مان ڇا ڇا ڄمايو آهي؟

— مولانا محمد مدني

ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن زمين ڏانھن نظر نه ڪئي آهي ته ڏسن ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي مختلف قسم جون بھترين جنسون جوڙو جوڙو ڪري پيدا ڪيون آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:8

اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8‏۝

بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه آهن گهڻا انهن مان مؤمن.

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ۽ هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن.

— مولانا محمد مدني

بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان ئي نٿا آڻين.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:9

وَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9‏۝ۧ

۽ بيشڪ رب تنهنجو البته اهو ئي غالب، مهربان آهي. ع

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ غالب نهايت رحم وارو آهي.

— مولانا محمد مدني

بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:10

وَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۝ۙ10

۽ جڏهن سڏيو تنهنجي رب موسى کي ته اچ (وڃ) تون ظالم قوم .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ موسيٰ کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ!

— مولانا محمد مدني

۽ جڏهن تنھنجي پالڻھار موسى ($) کي سڏيو ته ”تون ظالم قوم ڏانھن وڃ“

— عبدالسلام ڀُٽو

26:11

قَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ ؀11

فرعون جي قوم وٽ ڇا نه ڊڄندا .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

فرعون جي قوم ڏي ڇا اهي نٿا ڊڄن؟

— مولانا محمد مدني

فرعون جي قوم ڏانھن ته ڇا اهي ماڻهو (اڃا به) پرهيزگاري اختيار نه ڪندا؟

— عبدالسلام ڀُٽو

26:12

قَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۝ۭ12

چيائين ته اي منهنجا رب! بيشڪ مان ڊڄان ٿو هن کان جو مون کي ڪوڙو چون .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن ۽ منهنجو سينو تنگ ٿئي ٿو.

— مولانا محمد مدني

موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڀؤ آهي ته اُهي متان مون کي ڪوڙو نه ڪري وجهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:13

وَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ ؀13

۽ تنگ ٿو ٿئي سينو منهنجو ۽ نه ٿي پورو ڳالهائي زبان منهنجي پوءِ رسالت جو حڪم موڪل هارون ڏانهن .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ منهنجي زبان نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏي به (پيغام پهچائڻ جو حڪم) موڪل.

— مولانا محمد مدني

منھنجي سيني ۾ دم ناهي ۽ منھنجي زبان ۾ فصاحت به ناهي. تون هارون کي رسول ٺاهي موڪل.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:14

وَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۝ۚ14

۽ انهن جو مون تي ڏوهه جو الزام آهي پوءِ ڊڄان ٿو ته مون کي قتل ڪندا .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوهه آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن.

— مولانا محمد مدني

۽ مون اُنهن جو هڪ ڏوهه به ڪيو آهي، بس! مون کي اهوئي خوف ٿو ٿئي ته متان هو مون کي (ان ڏوهه ۾) قتل نه ڪري وجهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:15

قَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ ؀15

فرمايائين ائين ناهي پوءِ کڻي وڃو آيتون اسان جون بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

الله فرمايو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو پوءِ اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون.

— مولانا محمد مدني

الله تعالى فرمايو ته: هرگز نه! توهان ٻئي اسان جون نشانيون کڻي وڃو، اسان توهان سان ئي گڏ آهيون ۽ اسان سڀ ڪجهه ٻڌنداسين.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:16

فَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۝ۙ16

پوءِ وڃو فرعون وٽ پوءِ چئوس بيشڪ اسين رسول آهيون جهانن جي رب جا .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چو ته بيشڪ اسين جهان جي پاليندڙ جا موڪليل آهيون.

— مولانا محمد مدني

بس! توهان فرعون ڏي وڃو ۽ کيس چؤ ته:ۡ بيشڪ اسان کي رب العالمين موڪليو آهي.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:17

اَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۝ۭ17

ته ڇڏ اسان سان گڏ بني اسرائيل کي .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

ته تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي.

— مولانا محمد مدني

(اچڻ جو مقصد هي آهي ته) بني اسرائيل کي اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:18

قَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۝ۙ18

چيائين ته ڇا نه پاليو اسان توکي پاڻ وٽ ننڍي هوندي ۽ رهيو هئين اسان وٽ پنهنجي عمر جا ڪيترا سال .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

(فرعون) چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو ۽ تون اسان ۾ پنهنجي عمر جا ڪيترا ورهه رهئين.

— مولانا محمد مدني

فرعون چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تون عمر جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا آهن.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:19

وَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ ؀19

۽ ڪيو تو پنهنجو ڪم جيڪو ڪيو تو ۽ تون بي شڪرن مان آهين .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

۽ تو پنهنجو اهو ڪم ڪيو جو ڪري چڪين۽ تون احسان نه مڃيندڙن مان آهين.

— مولانا محمد مدني

پوءِ جيڪو تو (جرم) ڪيو آهي سو اهو تون ڪري چڪين، (بھرحال) تون وڏو احسان وساريندڙ ماڻهو آهين.

— عبدالسلام ڀُٽو

26:20

قَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۝ۭ20

چيائين ته ڪيو مون اهو ان وقت جو هوس مان بي خبرن مان .

— مولانا محمد ادريس ڏاھري

موسيٰ چيو ته مون اهو ڪم تڏهن ڪيو ۽ آءُ ان وقت صحيح رستي تي نه هوس.

— مولانا محمد مدني

موسى ($) چيو ته: (ٺيڪ آ) اهو جُرم مون کان ٿي ويو هو، پر اهو جُرم مون کان بي خبري ۾ ٿي ويو هو .

— عبدالسلام ڀُٽو

سيٽنگ

ڏيک / نظارو
اکرن جي سائيز
عربي
سنڌي
ترجما
چونڊيل ترجما
تفھيم القرآن، قرآن جو پيغام ۽ 7 ٻيا
تفسير
ڪوبہ تفسير چونڊيل ناھي
مُترجم
تفسير

اڄ جي چونڊ آيت

تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَھُمْ عَلٰي بَعْضٍ ۘ مِنْھُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَرَفَعَ بَعْضَھُمْ دَرَجٰتٍ ۭ وَاٰتَيْنَا عِيْسَى ابْنَ مَرْيَـمَ الْبَيِّنٰتِ وَاَيَّدْنٰهُ بِرُوْحِ الْقُدُسِ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلَ الَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِھِمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْھُمُ الْبَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اخْتَلَفُوْا فَمِنْھُمْ مَّنْ اٰمَنَ وَمِنْھُمْ مَّنْ كَفَرَ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلُوْا ۣ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ ؁ۧ٢٥٣

اهي سڀ پيغمبر آهن، انهن مان ڪن کي ٻين کان افضل (بهتر) ڪيوسين (يعني اگرچه پيغمبريءَ جي لحاظ کان سڀني جو درجو هڪ آهي پر هر ڪنهن جون خصوصيتون پنهنجون پنهنجون آهن) انهن مان ڪي ته اهڙا آهن جن سان الله تعاليٰ ڪلام ڪيو (يعني انهن تي ڪتاب نازل ڪيو) ۽ ڪي اهڙا آهن جن جا درجا (ان وقت جي حالتن مطابق ٻين ڳالهين ۾) بلند ڪيا ويا. ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي هدايت جا روشن دليل ڏناسين ۽ روح القدس (پاڪ وحي) جي تائيد سان سرفراز ڪيوسين. جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها (سندس قدرت ته سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهي) ته جي ماڻهو انهن پيغمبرن کان پوءِ پيدا ٿيا سي هدايت جي روشن دليلن ملڻ بعد وري پاڻ ۾ اختلاف ڪري وڙهن ڪونه ها، پر (جنهن صورت ۾ الله تعاليٰ انسان کي ارادي ۽ فعل جو اختيار ڏنو آهي) انهن ماڻهن (خود غرضين ۽ تڪبر سببان) پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، ڪن ايمان جي واٽ اختيار ڪئي ته ڪن وري ڪفر جو رستو پسند ڪيو، جيڪڏهن الله چاهي ها ته هو ڪونه وڙهن ها، پر الله تعاليٰ پنهنجي رٿ ۽ ارادي موجب عمل ڪري ٿو. (سندس رٿ اها آهي ته انسان پنهنجو عقل ۽ ٻيون قوتون ڪم آڻي.)

#2:253 ائين چيو اللہ - علامہ علي خان ابڙو

نماز جا وقت

فجر 00:00
ظھر 00:00
عصر 00:00
مغرب 00:00
عشاء 00:00