القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 9 سُوۡرَۃُ النُّوۡرِ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 64


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1)

(ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هيءَ هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي، ۽ ان ۾ ڏنل حڪم اوهان تي فرض ڪيا ويا آهن، ۽ اسان ان ۾ چٽيون ۽ صاف صاف نشانيون ۽ حڪم نازل ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان نصيحت وٺو (۽ انهن تي عمل ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو)


(هيءُ) هڪ سورت آهي جيڪا اسان نازل ڪئي آهي ۽ اسان ان ۾ قطعي احڪامات نازل ڪيا آهن ۽ اسان انهي ۾ واضح آيتون بيان ڪيون آهن ته من توهان نصيحت حاصل ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا (حڪم) فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون آيتون نازل ڪيون اٿئون ته جيئن اوهين (غور ڪري) سبق حاصل ڪريو.(سيد فرمان علي)


(هيءَ) هڪ سورة آهي جو نازل ڪيوسون ان کي ۽ فرض ڪيوسون ان کي ۽ نازل ڪيوسون ان ۾ آيتون روشن تانته اوهان نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا حڪم فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون ڳالهيون نازل ڪيون اٿئون، مَنَ اوهين ڌيان ڪريو. (مولانا محمد مدني)


(هي) هڪ سورت آهي جنهن کي اسان لاٿو آهي ۽ اسان ان (جي حڪمن) کي فرض ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ پڌريون آيتون لاٿيون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سُورت سُونهارِي نُور، اُتاريوسون اُن کي. ۽ فَرض فرماياسون اُن ۾، حُڪم مُقرّر مُور، پڻ اُتاريو سُون آيتون، ظاهِر مَنجھسِ ضرور، ته مانَ ڪو مَذڪور، اَوهِين وِهاريو وُجود ۾!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2)

زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد (ٻنهي مان) هرهڪ کي سؤ سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو ته (ائين ضرور ڪيو) ۽ الله جي دين جي معاملي ۾ انهن ٻنهي سان رعايت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ ٻنهي جي سزا مسلمانن جي هڪ جماعت (اکين سان) ڏسي (۽ عبرت وٺي).(علامه علي خان ابڙو)


بدڪاري ڪندڙ مرد هجي يا بدڪاري ڪندڙ عورت هجي پوءِ توهان انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ (100) دُرا هڻو ۽ توهان انهن ٻنهي سان الله جي دين ۾ ڪا رحمدلي نه ڪريو جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکو ٿا، ۽ ڀلي انهن ٻنهيءَ تي عذاب ڪرڻ وقت مؤمنن جي هڪ جماعت موجود هجي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد، سو ٻنهين مان هر هڪ کي سو لڪڻ هڻو ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا ته خدا جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ اوهان کي مٿن ڪجھ به ترس يا لحاظ نه ڪرڻ گهرجي پڻ انهن ٻنهين جي سزا جي وقت مومنن جي هڪ جماعت موجود هئڻ گهرجي.(سيد فرمان علي)


زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد پوءِ ديڙا هڻو هرهڪ کي ان مان سؤ ديڙا ۽ نه وٺي اوهان کي انهن ٻنهي سان نرمي الله جي دين ۾ جيڪڏهن آهيو جو ايمان آڻيو ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جڳائي ته حاضر ٿئي سزا انهن ٻنهي جي کي جماعت مؤمنن مان. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد سو ٻنهين مان هر هڪ کي سؤ لڪڻ ماريو ۽ اوهان کي انهن ٻنهين تي الله جي حڪم (جاري ڪرڻ) ۾ ڪجهه به شفقت نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اوهين الله تي ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ ايمان وارن مان هڪ جماعت کي انهن ٻنهين جي سزا مهل حاضر رهڻ گهرجي. (مولانا محمد مدني)


زناڪار عورت ۽ زناڪار مرد (غير شادي شده هجن ته) انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ ڪوڙا هڻو ۽ توهان کي انهن ٻنهين تي شرعي حڪم جاري ڪرڻ ۾ رحم نه اچي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ۽ انهن ٻنهين جي سزا ڏيڻ (واري وقت) تي مؤمنن جي هڪ جماعت کي حاضر هجڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪارٖي ۽ ڪارِيءَ کي هَڻو، سَو بيد ڀَري ڀَرپُور، ۽ ٻنهِين لئي، ڌَڻِئَ جي دِين ۾، مِهر نه پَونِيان مُور، جي مَڃيو مَحشر ڏِينهن کي، پڻ پَرور پاڪ حُضور، ۽ وَرپَسٖي سَندنِ سُور، مُؤمِنن مان، ميڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3)

زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.(علامه تاج محمود امروٽي)


زاني مرد ، زاني عورت يا مشرڪياڻي عورت کان سواءِ ٻي ڪنهن به عورت سان شادي ڪري نٿو سگهي ۽ زاني عورت سان سواءِ زاني يا مشرڪ مرد جي ٻيو ڪوبه نڪاح ڪري نٿو سگهي. مسلمانن لاءِ ائين ڪرڻ حرام ٺهرايو ويو آهي. (زاني عورت سان نڪاح ناجائز آهي ۽ زاني مرد کي سڱ ڏيڻ به ناجائز آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


بدڪار مرد، نه نڪاح ڪري مگر بدڪار عورت يا مشرڪ عورت سان ۽ بدڪار عورت نه نڪاح ڪري مگر بدڪار مرد يا مشرڪ مرد سان، ۽ اهو ڪم مؤمنن تي حرام ڪيو ويو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


زنا ڪرڻ وارو مرد، زنا ڪرڻ واري زال يا مشرڪه زال سان نڪاح ڪندو پڻ زنا ڪرڻ واري زال به زنا ڪرڻ واري مرد يا مشرڪ سان ڪندي. ۽ سچن ايماندارن تي ته ان قسم جا تعلقات حرام آهن.(سيد فرمان علي)


زنا ڪندڙ نه نڪاح ڪري مگر زنا ڪار عورت يا شرڪ ڪندڙ عورت سان ۽ زنا ڪندڙ عورت نه نڪاح ڪري ان سان مگر زنا ڪار مرد يا مشرڪ ۽ حرام ڪيو ويو آهي اهو مؤمنن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


زاني مرد، زانياڻي يا مشرڪ زال کانسواءِ ٻيءَ سان نڪاح نه ٿو ڪري ۽ زانياڻي زال سان زاني يا مشرڪ مرد کانسواءِ ٻيو نڪاح نه ٿو ڪري. ۽ اهو ايمان وارن تي حرام ڪيو ويو آهي.(مولانا محمد مدني)


زاني مردُ صرف زانياڻي عورت يا مشرڪياڻي عورت سان نڪاح ڪندو ۽ زانياڻي عورت صرف زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪندي، ۽ اهو (زنا جو فعل) مؤمنن مٿان حرام ڪيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


زانِي پَرڻي ڪِين ڪِي، مگر زانياڻِي زال، يا نِڪاح ڪري تنهن نال، جا گڏي ڌَڻِيءَ سان ڌاريان. ۽ زانياڻِئَ کي زال، نه ڪري، مگر خُود زانِي، ياپَرور گڏ پُوڄي ٻِئا، سو ڏيَوڻ جو ڏانِي، اِهڙِي نِڪاح خوانِي، مُؤمِنن تي منع ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4)

۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن ماڻهن کي، جيڪي پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت لڳائين، ۽ وري چار شاهد به پيش ڪري نه سگهن، (تن کي) اسي اسي ڦٽڪا هڻو، ۽ (پوءِ) آئينده لاءِ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو. اهي ماڻهو فاسق بدڪار (خدا جا نافرمان) آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي بدڪاريءَ جي تهمت هڻن ٿا ان کان پوءِ چار شاهد نٿا آڻن، پوءِ توهان انهن کي اَسِي (80) دُرا هڻو، ۽ توهان هميشه انهن جي ڪڏهن به شاهدي قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت هڻن ۽ وري (پنهنجي ڳالھ جا) چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اسي لڪڻ هڻو ۽ (اڳتي) انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ (ياد رکو ته) اهي ماڻهو پاڻ بدڪار آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي شخص تهمت ٿا لڳائين پاڪدامن عورتن تي تنهن کان پوءِ نه آندائون چار شاهد پوءِ ديڙا هڻو انهن کي اسي . ديڙا ۽ نه قبول ڪيو انهن جي شاهدي هميشہ ۽ اهي ئي فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پاڪدامن زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا وري چار شاهد نه ٿا آڻين،تن کي اسي لڪڻ ماريو ۽ سندن ڪابه شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت لڳائن پوءِ (ثبوت ۾) چار شاهد پيش نه ڪري سگھن ته اوهان انهن کي (ڪوڙي بهتان جي حد) اَسِي ڪوڙا هڻو ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، ۽ اهي ئي نافرمان ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پاڪ پوتيَن تي رکن، جي تُهمَتون تَڪرار، پوءِ وَرِي نه آندئون اُن مٿي، ڪي چڱا شاهِد چار، پو اَسِي بيد اُنهن کي، لڳايونِ لڳاتار، ۽ ساکه سَدائـِين اُنهن کان، نه وَٺونِ ڪِنهِين وار، ۽ آهن اِهي اِظهار، ٻاهِر هَلندڙ حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5)

پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ (يعني ڪوڙي تهمت لڳائڻ کان پوءِ) توبهه ڪن ۽ پنهنجا عمل سڌارين ۽ درست ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


مگر (انهن مان) اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ توبه تائب ٿيا ۽ پنهنجو اصلاح ڪيو، پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر هاءُ! جن شخصن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريائون ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


مگر جن توبہ ڪئي پڄاڻا ان جي ۽ پاڻ سڌاريائون پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهرباني آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ته پوءِ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


سواءِ انهن جي جن ان (تهمت لڳائڻ) کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ کي) سڌاريائون، پوءِ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر جي موٽيا، تِهانپوءِ تڪرار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا ته، صاحب ربُّ، ستار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6)

۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي (نڪاح ٻڌل) زالن تي زنا جي تهمت لڳائين ۽ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاهد ڪونه هجي، ته پوءِ هرهڪ جي شاهدي هيءَ آهي ته پهريائين چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته، بيشڪ مان پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهيان (۽ سچ ٿو چوان ته منهنجي زال زنا ڪئي آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين تي تهمت هڻن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ٻيا شاهد ڪونهن پوءِ انهن مان هڪڙي جي شاهدي هن ريت ٿيندي ته چار دفعا الله جو قسم کڻي چوي ته بيشڪ اهو سچو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجين زالن تي (زنا جو) عيب لڳائين ۽ (ان جي ثابتيءَ ۾) انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به شاهد نه هجي ته اهڙن ماڻهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا (هن طرح) هوندي جو اهو ماڻهو (ڀيري ڀيري سان) خدا جو قسم کائي ڳالھ ڪري ۽ اهو (پنهنجي دعوى ۾) ضرور سچو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي تهمت هڻن ٿا زالن پنهنجين تي ۽ ناهن انهن جا شاهد مگر پنهنجا پاڻ پوءِ شاهدي هڪ جي انهن مان چار شاهديون آهن الله جو قسم ته بيشڪ اهو البته سچن مان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي (مرد) پنهنجين زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کانسواءِ (ٻيا) شاهد نه آهن ته انهن مان هڪ کي الله جو قسم کڻي چار ڀيرا (هن طرح) شاهدي ڏيڻي آهي ته بيشڪ هو سچن مان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهروارين تي (زنا جي) تهمت لڳائن ۽ انهن وٽ پنهنجو پاڻ کان سواءِ ڪي به شاهد نه هجن ته اهڙي ڪنهن به ماڻهو جي شاهدي هي آهي جو چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اُهو (الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪي سَندنِ جويُن تي، رکن بَديون بار، ۽ ساکي نه سَندنِ سِرن سوا، ڪو هُجي اُنهن هارِ، ساکه سَندنِ مان هَر هيڪڙي، صحِي ساکون چار، ته قسم سان ڪَلتار، سچ پچ پاڻ سَچن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7)

۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنجين ڀيري هيئن چوي ته، جيڪڏهن مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان (۽ ڪوڙي تهمت ٿو رکان) ته مون تي الله جي لعنت هجي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پنجين دفعي ايئن چوي ته ان جي مٿان الله جي لعنت هجي جيڪڏهن اهو ڪوڙو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنجين ڀيري هئين (چوندو) ته جيڪڏهن اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ان تي خدا جي لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


۽ پنجين هيءَ آهي ته بلاشڪ الله جي لعنت ان تي آهي جيڪڏهن هوندو ڪوڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن هو ڪوڙن مان آهي ته مٿس الله جي لعنت آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ پنجين ڀيري هينئن چوي ته ان تي الله جي لعنت هجي اگر اُهو ڪوڙن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پنجون، ته مَٿسِ پاڻ تي، ڌڻِئَ جِي ڌِڪار، ته ڪُوڙن مَنجھان جيڪڏهن، هُوند ڪارو ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8)

۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پر جيڪڏهن (اها) عورت به پهريان چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي شخص (يعني منهنجو مڙس) سراسر ڪوڙو آهي،(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهي عورت مٿان اها سزا هن طرح دفع ٿي سگھي ٿا ته اها عورت چار دفعا الله جو قسم کڻي ته بيشڪ اهو ڪوڙو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ عورت (جي سر) تان هن ريت سزا ٽري سگهي ٿي جو اها چار دفعا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي ماڻهو (سندس مڙس دعوى ۾) پڪ ڪوڙو آهي(سيد فرمان علي)


۽ ٽاري ٿي ان (عورت) کان عذاب کي هيءَ ڳالهه ته شاهدي ڏئي چار شاهديون الله جو قسم آهي ته بيشڪ اهو البته ڪوڙن مان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ زال کان سزا کي هيءَ ڳالهه ٽاريندي ته اها الله جو قسم کڻي چار ڀيرا شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو مرد ڪوڙن مان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ عورت تان (زنا جي حد) هن طرح ٽري سگھي ٿي جو اها چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو (سندس مڙس تهمت لڳائڻ ۾) ڪوڙن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُن عورت تان آزار، لاٿو وَڃي هِن شرط تي. ته ساکون چار، ساکه ڏئي، قَسم سان ڪلتار، ته آهي، هِي آهِير تِنهن، مَنجھ ڪُوڙن جي قطار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9)

۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنجين ڀيري چوي ته، جيڪڏهن هو سچو آهي ته مون تي الله جو غضب پوي ته پوءِ انهيءَ عورت تان (سندس صفائي واري) اها شاهدي سزا (کي) ٽاري ڇڏيندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پنجين دفعي ايئن چوي ته ان جي مٿان الله جو غضب هجي جيڪڏهن اهو سچو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنجين دفعي چوي ته جيڪڏهن هي ماڻهو (پنهنجي دعوى ۾) سچو آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي.(سيد فرمان علي)


۽ پنجين شاهدي ته بلاشڪ الله جو غضب ان تي آهي جيڪڏهن هوندو سچن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن مرد سچن مان آهي ته ان (زال) تي الله جو غضب اچي. (مولانا محمد مدني)


۽ پنجين ڀيري هينئن چوندي ته مٿس الله جو قهر پوي اگر اُهو (مرد الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي. (ان کان پوءِ زال مڙس جدا ٿيندا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پنجئـِين ساکه ته، پاڻ مٿسِ، ڪِرندو قهر قهار، هُوندو هِي حقدار، جي صَحِي سَچ ٻولن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10)

۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان جي گهرن ۾ فساد ۽ بگاڙو ئي بگاڙو هجي ها) بيشڪ الله تعاليٰ رحمت جي موٽ ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان کي الله خوار ڪري، دنيا ۾ عذاب ڏئي ها) پر بيشڪ الله تعالى توبه قبول ڪندڙ حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته (تون ڏسين ها ته تهمت لڳائڻ وارن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي) ۽ بيشڪ خدا وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو حڪيم آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بلا شڪ توبہ قبول ڪندڙ، حڪمت وارو آهي. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي، ۽ هيءَ ته الله مهرباني ڪندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته (زالن تي الزام هڻڻ اوهان کي وڏن مونجھارن ۾ وجھي ها) ۽ بيشڪ الله وڏو توبه قوليندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي آن تي نه ڀال اَلله جو، پڻ سَندسِ مِهرنگاھ، ۽ آهي پاڻ اَللهَ، وَرڻ وارو ويڄ وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11)

بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولو آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نه ڀانيو ته اوھان لاءِ (ڪو) مدو آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن (حضرت عائشه صديقه تي) تهمت لڳائي سي به بيشڪ توهان مان ئي هڪ ٽولي آهن. توهان ان (تهمت واري واقعي) کي پنهنجي لاءِ خراب نه سمجهيو، بلڪ ان ۾ اوهان جي لاءِ چڱائي آهي. انهن مان هرهڪ شخص جنهن (انهيءَ تهمت پکيڙڻ ۾) حصو ورتو تنهن گناهه جو ڪم ڪيو ۽ انهن مان جنهن (انهيءَ تهمت لڳائڻ ۽ پکيڙڻ ۾) وڏو حصو ورتو تنهن کي تمام وڏو سخت عذاب ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن الزام تراشي ڪئي اُهو توهان مان هڪ گروه آهي، توهان ان کي پاڻ لاءِ خراب نه سمجھو، بلڪ اهو توهان لاءِ بهتر آهي، انهن مان جنهن، جيترو گناه ڪيو هوندو، ان کي اوتري سزا ملندي، ۽ انهن مان جنهن ماڻهو گھڻو حصو ورتو هوندو ان لاءِ اوترو وڏو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ماڻهن ڪوڙي تهمت هنئين اهو توهان مان ئي هڪ جماعت آهي. اوهين پنهنجي لاءِ ان تهمت کي برو نه سمجهو پر اها اوهان جي حق ۾ چڱي آهي. انهن مان جنهن شخص جيترو به گناھ ڪيو سو پنهنجي (سزا) کي پاڻ ڀوڳيندو ۽ انهن مان جنهن شخص ان تهمت جو وڏو حصو (پاڻ تي) کنيو تنهن جي لاءِ تمام (سخت) سزا هوندي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن آندو ڪوڙو بهتان هڪ ٽولو آهن اوهان مان نه سمجهو ان کي برو بلڪه اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ هر مرد لاءِ انهن مان اهو آهي جيڪو ڪمايائين گناهه مان ۽ جيڪو والي ٿيو وڏي ان جي کي انهن مان ان جي لاءِ عذاب وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ته خراب ٿيو ها) بيشڪ جن ڪوڙو بهتان لڳايو، سي اوهان مان هڪ جماعت آهن. ان (بهتان) کي پنهنجي حق ۾ بڇڙو نه سمجهو، بلڪه اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي اوترو گناهه آهي جيترو اُن ڪيو. ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ وڏو حصو ورتو تنهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو اهو بهتان گھڙي آيا آهن (سيده صديقه عائشه رضي الله عنها جي پاڪيزگي مٿان) اُهي اوهان مان ئي هڪ ٽولو آهن. اوهان ان (واقعي) کي پنهنجي لاءِ برو نه سمجهو. بلڪه اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. انهن مان هر هڪ لاءِ اوترو گناهه آهي جيترو ان ڪمايو، ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو ان لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي آيا ڪارو ڪُوڙ کڻي، سي پڻ اَوهان مان پاڻ، سو بُرو نه ڀانيو پاڻ لئي، بلڪ سارو خير سڄاڻ! حَرج هرڪِنهن لئي، اُنهن مان، جيڪي ڪيائـِين، تنهِن ڪاڻ، هَليو سَندسِ هوڏ پُٺيان، اُنهن مان، جو اَڄاڻ، ساڙو سَخِتئَ ساڻ، تِنهن لئي ڪو تمام وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12)

جڏھن اُھو ٻُڌو تڏھن مؤمنن مڙسن ۽ مؤمنياڻن زالن پنھنجن (ماڻھن) ۾ چڱو گمان ڇونه ڪيو ۽ ڇونه چيائون ته ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ته پوءِ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن پنهنجي لاءِ ڇو نه چڱو گمان ڪيو ۽ ايئن ڇو نه چيو ته هيءُ صاف الزام آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن اوهان ماڻهن ان کي ٻڌو ته تنهن وقت (ئي) مومن مردن ۽ مومن عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ نيڪيءَ جو گمان ڇو ڪين ڪيو ۽ هينئن ڇو نه چيائون ته هي ته ظاهر (ظهور) تهمت آهي.(سيد فرمان علي)


ڇو نه جڏهن ٻڌو هيو اوهان اهو ته گمان ڪن ها مؤمن ۽ مؤمنياڻيون پنهنجن جي باري ۾ ڀلائيءَ جو ۽ چون ها ته کليل ڪوڙو بهتان آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن وقت اوهان اهو بهتان ٻڌو تڏهن ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن پنهنجن ماڻهن ۾ ڇو چڱو گمان نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته هي ظاهر ڪوڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ائين ڇونه ٿيو جو اوهان جڏهن ان (بهتان) بابت ٻڌو هيو ته مؤمن مردَ ۽ مؤمن عورتون پنهنجن جي باري ۾ سٺو گمان ڪن ها ۽ چون ها ته هي پڌرو بُـــهتان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪر جِنهن وار، ڪَنِين ٻُڌان ڪُوڙ سو، مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيَن، سَت سَمجھيو سَندنِ پار، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، هِي بُهتان بِلڪُل پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13)

اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن پنهنجي ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ڇو نه چار شاهد آندا. پوءِ جنهن صورت ۾ هو شاهد نه ڏئي سگهيا تنهن صورت ۾ الله تعاليٰ وٽ هو ئي ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


انهن ڇو نه ان ڳالهه لاءِ چار شاهد پيش ڪيا، پوءِ جنهن وقت انهن شاهد نه آندا، پوءِ اهي ئي الله تعالى وٽ ڪوڙا آهن ‎‎(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن تهمت هنئين هئي تن پنهنجي سچائي جي ثبوت لاءِ چار شاهد ڇو ڪين پيش ڪيا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد پيش نه ڪيا ته خدا وٽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي)


ڇونه آندائون ان تي چار شاهد پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد پوءِ اهي الله وٽ اهيئي ڪوڙا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان (ڳالهه) تي چار شاهد ڇو نه آندائون. پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن. (مولانا محمد مدني)


ان (بهتان) تي چار شاهد ڇونه آندائون، پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته پوءِ اُهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇو نه آندئون اُن تي، شاهِد چوکا چار، اُهي جُوٺا وَٽِ جَبَّار، جَڏهن آندئون نه، شاهِد اُن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14)

۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن اوهان (مسلمانن) تي الله جو فضل ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان جيڪي (حضرت عائشه جي تهمت پکيڙڻ ۾) ڪري چڪا آهيو تنهن لاءِ توهان تي سخت عذاب اچي ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله تعالى جو فضل ۽ رحمت دنيا ۽ آخرت ۾ توهان تي نه هجي ها ته ان ڳالهه جي ڪري جنهن ۾ توهان پيا هئا، توهان کي وڏو عذاب پهچي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ خدا جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالھ جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي تمام (سخت) عذاب اچي وٺي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت دنيا ۾ آخرت ۾ ته البته پهچي ها اوهان کي ان ۾ جو مشغول رهيئو ان ۾ عذاب وڏو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالهه جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي (ان ئي وقت) وڏي آفت پوي ها. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته جنهن ڳالهه جي چوٻول ۾ توهان پيا هيؤ ان تي توهان کي زبردست عذاب پهچي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هو آن تي نَه، ڀال اَلله جو، پڻ مِهر اِنهِئَ جي مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، وَرتان وڏي ڪِنهن سُور، مَنجِھين تِنهن مَذڪُور، جِنهن ۾ پَلٽِي پاڻ پيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15)

جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن توهان هن ڳالهه متعلق پنهنجي زبان سان چوپچو ڪرڻ لڳؤ ۽ پنهنجي وات مان اهڙيون ڳالهيون ڪڍڻ لڳؤ، جن جي توهان کي خبر به ڪانه هئي، (تڏهن توهان کي شرم اچڻ گهربو هو) پر توهان ان کي معمولي ۽ خسيس ڳالهه سمجهيو هو. پر الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن وقت توهان اها ڳالهه هڪ ٻئي کان نقل ڪئي ۽ توهان پنهنجي واتن مان اها ڳالهه ڪئي جنهن جو توهان کي ڪوبه علم نه هو، توهان ان ڳالهه کي معمولي سمجھو ٿي، حالانڪ (اها ڳالهه) الله تعالى وٽ تمام وڏي هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن وقت اوهان ان ڳالھ کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي وات سان اها ڳالھ چئي جنهن جو اوهان کي علم ۽ يقين نه هو ۽ (وڏي ڳالھ ته) اوهان ان کي سولو ٿي سمجهيو پر خدا وٽ اها ڳالھ تمام وڏي (سخت ڳالھ) هئي.(سيد فرمان علي)


جڏهن باڦيو پيا ان کي زبانن پنهنجين سان ۽ چئو پيا واتن پنهنجن سان اهو جو ناهي اوهان کي ان جو علم ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو ۽ اهو الله وٽ وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن وقت اوهان ان ڳالهه کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چئي ٿي جنهن جي اوهان کي خبر نه هئي ۽ اوهان کي هلڪو سمجهيو ٿي هوڏانهن اها ڳالهه الله وٽ وڏي هئي. (مولانا محمد مدني)


جنهن وقت اوهان اُها ڳالهه پنهنجي زبانن تي هلائيندا رهيؤ ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چَيــَــــوَ جنهن (جي حقيقت) جو اوهان کي علم ئي نه هيو ۽ توهان ان کي معمولي (ڳالهه) سمجهندا رهيؤ، حالانڪه الله وٽ اها تمام وڏي ڳالهه هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَڏهن پَنهنجِي زِبان سان، بِين ٻُڌايو ڪُوڙ، ۽ وَراڻيو واتن سان، جِنهن جِي پَريان اَوهان نه پَرُوڙ، ۽ هَرڙو ڀانيوسِ هُوڙ!، ۽ اِهو واحِد وٽ وَڏو گَھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16)

۽ جڏھن اُھو ٻڌوَ (تڏھن) ڇونه چيوَ ته اسان کي اھو چوڻ نه جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ھي وڏ بُھتان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن توهان ڇو نه چئي ڏنو ته، اسان جي لاءِ مناسب ناهي ته اسان اهڙي ڳالهه (رڳو) زبان مان ڪڍون. سبحان الله! (پاڪ آهي الله تعاليٰ) هي ته وڏو بهتان آهي، (ان وقت اهي لفظ ڇو نه توهان چيا هئا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ان وقت توهان ڇو نٿي چيو ته اسان کي مناسب ناهي جو اسين ان باري ۾ ڳالهايون، اي الله تون پاڪ آهين هيءُ تمام وڏو بهتان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن اوهان اهاڳالھ ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالھ ڪرڻ مناسب نه آهي. سبحان الله! هي وڏو بهتان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڇو نه جڏهن ٻڌوَ ان کي ته چئو ها نه ٿو جڳائي اسان کي هي جو ڳالهايون هيءُ پاڪائي آهي تنهنجي هي بهتان وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن اوهان اها ڳالهه ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. (اي الله ) تون پاڪ آهين. هيءَ وڏو بهتان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ته چؤ ها ته اسان لاءِ اهو مناسب نه آهي جو ان باري ۾ ڳالهايون، (بلڪه چؤ ها ته اي الله) تون پاڪ آهين هي وڏو بهتان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جيڪر جنهن وار، ڪَنِين، ٻُڌان ڪُوڙ سو، ته چيان، ته اَسِين اِيئن چَئون، اِي نَه اسان کي ڪار، سُبحانهٗ سَهوار، هِي آهي بَڙو بُهتان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17)

الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) الله تعالي! اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ ايمان اٿوَ ته وري ڪڏهن به ان جهڙي روش ۽ هلت نه وٺجو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى توهان کي نصيحت ڪري ٿو (۽ منع ڪري ٿو) ته اهڙو ڪم ڪڏهن نه ڪجو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا توهان کي نصيحت ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته ياد رکو! وري ڪڏهن به ائين نه ڪجو.(سيد فرمان علي)


نصيحت ٿو ڪري اوهان کي الله ته ورو اهڙي ڳالهه لاءِ هيمشہ جيڪڏهن آهيو مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته متان موٽي ڪڏهن به اهڙو ڪم ڪريو.(مولانا محمد مدني)


الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله اَوهان کي ٿو ڪري، مَنع مُور مُدام، ته موٽو اِن مثال ڏي، جي آهيو سِر اسلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18)

۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجا حڪم کولي کولي چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي. ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو، ۽ الله تعالى گھڻو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا اوهان سان (پنهنجا) حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ۽ خدا ته وڏو ڄاڻڻهار حڪيم آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. ۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله اوهان لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ خدا کولي ٿو پَنهنجا، اَوهان لئي اَحڪام، ۽ اَلله آهي عَلام، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19)

بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن ماڻهن لاءِ جيڪي چاهين ٿا ته مسلمانن ۾ بي شرمي وڌي ۽ پکڙجي، (تن لاءِ) دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر توهان ڪونه ٿا ڄاڻو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو مؤمنن ۾ خراب ڳالهين پکيڙڻ جي دلچسپي رکن ٿا، انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي تهمت پڪڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا (۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ خدا (اصل حال کي) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جيڪي محبت رکن ٿا ته پکڙجي بيحيائي انهن ۾ جن ايمان آندو انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي (تهمت) پکڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي اِها ڳالهه پسند ڪن ٿا ته ايمان وارن ۾ بي حيائي پکڙجي انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي ڀانئـِن بَدگمان، ته ڀَلِين بُڇڙيون ڳالهيون، ٽِڙن پَکڙن اُنهن ۾، آندو جن اِيمان، دَرد دُنيا ۾ تن لئي، ٻِيو مَنجھ ٻِئي جَھان، ۽ سَمجھي تن سُبحان، ۽ اَوهِين نه ڄاڻو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20)

۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته توهان کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي ها) پر بيشڪ خدا نهايت ئي مهربان ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها (ته توهان تي عذاب اچي ها) ۽ بيشڪ الله تعالى رؤف رحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها. ۽ هيءَ ڳالھ به ته خدا (پنهنجي بندن تي) شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته توهين ڏسو ها ڇا ٿئي ها).(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بيشڪ الله ٻاجهارو مهربان آهي. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ۽ هي ڳالهه به ته الله گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته خراب ٿيو ها). (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اوهان مٿان الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته ان بهتان بازي جا برا نتيجا نڪرن ها) ۽ بيشڪ الله گهڻي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي نه هُئن ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جي، ۽ نَرم اوهان نال، پڻ سانئـِين سَٻاجھو گَھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21)

اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلجو، (يعني سندس عملن جهڙا عمل نه ڪجو) ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو سو ته ضرور فاحش ڪم ۽ گناهه ڪرڻ جو ئي حڪم ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان هڪ به (انهيءَ گناهه کان) پاڪ نه هجي ها، پر خدا جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (سندس دل جو حال ڄاڻي سندس توبهه قبول ڪري) پاڪ ڪري ٿو ڇڏي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو ۽ جيڪو ماڻهو شيطان جي نقس قدم تي هلي ٿو پوءِ بيشڪ اهو (کيس) برائي ۽ غير شرعي ڪمن جو چوي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪڏهن به ڪو پاڪ نه ٿئي ها، پر الله تعالى جنهنکي چاهي ان کي پاڪ ڪري ٿو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هليو ڇو ته هو يقينا بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم (ڪرڻ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي، الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو به پاڪ صاف نه هجي ها پر خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڪ صاف ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! نه هلو وکن شيطان جي تي ۽ جيڪو تابعداري ڪري ٿو شيطان جي وکن جي پوءِ بيشڪ اهو امر ڪري ٿو بيحيائيءَ جو ۽ برائيءَ جو ۽ جيڪڏهن نه هجي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي ته نه پاڪ صاف ٿئي ها اوهان مان ڪو هڪڙو هميشہ ۽ پر الله ٿو پاڪ صاف رکي جنهن کي گهري ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هلندو (سو بدڪار ۽ بڇڙو ٿيندو) ڇو ته شيطان بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪوبه اصل نه سڌري ها، پر الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌاري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! اوهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو. ۽ جيڪو شيطان جي وِکُن جي پيروي ڪندو ته بيشڪ اُهو بي حيائي ۽ برائي جو حڪم ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪوبه ڪڏهن به پاڪ نه ٿي سگهي ها ۽ پر الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي جن مڃيو! مُور واريو نه وِکون شيطان جون، ۽ وِکن پُٺيان شيطان جي، وِيندو جو وَهلُور، ۽ آڇِيندسِ ضَرُور، ڪِرت ڪِنِي ۽ ڪِير تون. ۽ جي نه هُئنِ ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جِي، ته آن مان هميشه هيڪ کي، نه ڪيو نيڪ نهال، پر وڻيسِ تنهن کي، پاڪ ڪري، مالِڪ بي مِثال، ۽ هادِي هر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، سَمجھندڙ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22)

۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اوهان مان جيڪي فضل ۽ وسعت وارا آهن، تن کي گهرجي ته اهو قسم نه کڻن ته اسان (فلاڻن) مائٽن، مسڪينن ۽ خدا جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڪجهه به نه ڏينداسين. کين گهرجي ته (سندن قصور) معاف ڪري ڇڏين ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪيو ته خدا اوهان کي بخشي ڇڏي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان مان ديني فضيلت رکندڙ ۽ دولتمند ماڻهو قسم نه کڻن ته اهي پنهنجي عزيزن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راه ۾ هجرت ڪندڙن تي پنهنجي دولت خرچ نه ڪندا، ۽ انهن کي گُھرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن، ڇا توهان پسند نٿا ڪريو ته الله تعالى توهان کي بخش ڪري، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان مان جيڪي ماڻهو دولت ۽ آسودگيءَ وارا آهن سي مٽن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ خدا جي راھ ۾وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن، پر کين گهرجي ته (انهن جي خطا) معاف ڪن ۽ وساري ڇڏين. ڇا اوهين هيءَ ڳالھ پسند نٿا ڪريو ته خدا توهان جي خطا معاف ڪري. ۽ خدا ته معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه قسم کڻن صاحب فضل جا اوهان مان ۽ گنجائش جا هي ته (نه) ڏيندا مائٽن کي ۽ مسڪينن کي ۽ هجرت ڪندڙن کي الله جي واٽ ۾ ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا نه ٿا پسند ڪيو هي ته بخشي الله اوهان کي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان مان فضل ۽ آسودگيءَ وارا مائٽيءَ وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي رستي ۾ وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن،۽ کين گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا اوهين هيءَ ڳالهه پسند نه ٿا ڪريو ته الله اوهان کي معاف ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اوهان مان بزرگي ۽ آسودگي وارا هن ڳالهه جو قسم نه کڻن ته اُهي (ان بهتان ۾ شريڪ) رشتيدارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن کي (مالي مدد نه) ڏيندا کين کپي ته (غلطيون) معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نه ٿا ڪيو ته الله توهان کي معاف ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن ڏِينهن ۾ ڏِسندا، مَلائـِڪ مُنِير، خاصِي ناهي کِير، اُنِهئَ ڏِينهن، ڪاڻ ڏُهاريين. ۽ شَل پَريائـِين پري هُجو!، ٻوليندا ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23)

بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بي خبر مؤمنياڻن زالن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھيءَ ڏينھن) وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ماڻهو جيڪي ڪن پاڪدامن معصوم ۽ بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا تن تي دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت پوندي ۽ انهن کي سخت عذاب ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن، بي خبر مؤمن عورتن تي تهمت هڻن ٿا (انهن تي) دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي وئي آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر ايمان وارين زالن تي (بدڪاريءَ) جي تهمت هڻن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ (خدا جي) لعنت آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ جيڪي تهمت هڻن ٿا پاڪدامن، بي خبر مؤمنياڻين تي لعنت ڪيا ويا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر، ايمان وارين زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي، ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر مؤمنياڻين مٿان (بدڪاري جي) تهمت مڙهن ٿا انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آياسون اُنهن ڏي، جي ڪيون چڱايون چار، پوءِ ڪيوسونِ بَرقرار، پَڻِي پکڙيل اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24)

انھن جيڪي ڪمايو تنھن بابت سندين زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ سندن پير به انهن جي خلاف شاهدي ڏيندا ته هنن ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


قيامت جي ڏينهن انهن تي سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير سندن مٿان، سندن بداعمالي جي شاهدي ڏيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا.(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن جو شاهدي ڏينديون انهن تي زبانون انهن جون ۽ هٿ انهن جا ۽ پير انهن جا انهن (عملن) جي جيڪي ڪندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪند اهئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا، (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن انهن جي خلاف سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا جيڪي ڪجھه اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن ساکي بِيهندنِ سِر مٿي، سندن هٿ، پير، زبان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ڪندا هُئا ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25)

اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (ھيءُ) ڄاڻندا ته الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي پورو پورو ۽ حق ۽ انصاف وارو بدلو ڏيندو. ۽ هنن کي معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي آهي جو سچو آهي، ۽ هرهڪ ڳالهه کي ظاهر ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ ڏينهن الله تعالى کين سندن عملن جو مڪمل بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ الله ئي سچ بيان ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ڏينهن الله انهن کي سندن صحيح پورو بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن پورو بدلو ڏيندو الله انهن کي سندن دين سچي جو ۽ پڪ ڄاڻندا ته بلا شڪ الله اهوئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽) ان ڏينهن الله انهن کي سندن واجبي بدلو پورو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو (۽ سچ کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ان ڏينهن الله انهن کي پورو پورو بدلو ڏيندو جنهن جا اُهي حقدار آهن ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي بر حق آهي (۽ حقيقتن کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُن ڏِينهن پُورا اُنهن کي، ڏِبا واجِب ڏان، پڻ سَمجھن ته سُبحان، صَحِي ثابِت آهي ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26)

پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي به نسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


گنديون عورتون گندن مردن لاءِ آهن ۽ گندا مرد گندين عورتن لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن. اهي ماڻهو (يعني پاڪ مرد ۽ پاڪ عورتون) انهن (شريرن) جي ڳالهين کان بلڪل آجا آهن، (يعني هو انهن تهمتن کان پاڪ آهن ۽ انهن جي تهمتن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ڪونه رسندو) انهن جي لاءِ خدا جي بخشش ۽ عزت جي روزي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


خراب عورتون خراب مردن لاءِ آهن ۽ خراب مرد خراب عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن، ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن، اهي انهيءَ کان پاڪ آهن جيڪي اهي کين چون ٿا، انهن لاءِ (بهشت ۾) بخشش ۽ عزت واري روزي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چڱيون زالون چڱن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ چڱا مرد چڱين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ ماڻهو جيڪا ڳالھ انهن بابت بڪن ٿا تنهن کان اهي پاڪ صاف آهن. اهڙن ئي (پاڪ ماڻهن) لاءِ (آخرت ۾) معافي ۽ عزت ڀري روزي آهي.(سيد فرمان علي)


پليد عورتون پليد مردن لاءِ آهن ۽ پليد مرد پليد عورتن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن جي لاءِ آهن اهي پاڪ آهن ان کان جيڪو چون ٿا انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چٽيون زالون چڱن مردن لاءِ آهن ۽ چڱا مرد چٽين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ جيڪا ڳالهه چون ٿا تنهن کان اهي (چڱا ماڻهو) پاڪ آهن. انهن لاءِ معافي ۽ عزت جي روزي آهي. (مولانا محمد مدني)


ناپاڪ عورتون ناپاڪ مردن لاءِ آهن ۽ ناپاڪ مرد ناپاڪ عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن پاڪباز مرد پاڪيزه عورتن لاءِ آهن، اُهي (پاڪيزه ماڻهو) آجا آهن ان (تهمتن کان) جيڪي (بهتان مڙهيندڙ) چون ٿا. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بُڇڙيون بُڇڙن واسطي، ۽ بُڇڙا بُڇڙِين ڪاڻ، ۽ پاڪ بيبيون پاڪن لئي ۽ پاڪ پاڪن لئي پاڻ، اُهي آجا اُن ڪنان، جيڪِي ڪَهن، تَنِ ڪاڻ، سَڳورِي سانجاڻ، پڻ موڪ مَعافِيون اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27)

اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ بنا اجازت جي ۽ بنا السلام عليڪم چوڻ جي نه گهڙو. ائين ڪرڻ (يعني سلام ورائڻ ۽ اجازت گهرڻ) توهان جي لاءِ ئي تمام چڱو آهي، عجب ناهي ۽ ممڪن آهي ته توهان (ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻ سان) هدايت واري واٽ وٺندؤ (۽ خراب خيالن کان بچندؤ).(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان پنهنجي گھرن کانسواءِ ٻين (ماڻهن) جي گھرن ۾ نه وڃو، ايستائين جو انهن کان اجازت نه وٺو ۽ انهن ۾ رهندڙن تي سلام نه ورايو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي انهيءَ لاءِ توهان نصيحت وٺو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو، ايستائين جو اجازت وٺو ۽ ان جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. (هيءَ سمجهاڻي هن ڪري آهي ته) من اوهين ياد رکو.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! نه داخل ٿيو گهرن ۾ سواءِ گهرن پنهنجي تانجو موڪل وٺو ۽ سلام چئو انهن ۾ رهڻ وارن تي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ مَنَ اوهين نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کانسواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو. ايستائين جو موڪلايو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي مَنَ اوهين ياد رکو. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو جيستائين انهن کان اجازت وٺو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪيو. اُهو اوهان لاءِ ڀلو آهي ته جيئن اوهان نصيحت وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي آندو جن اِيمان!، ڌارن دٖيرن پَنهنجي، گِھڙو ڪِين گَھرن ۾، ڪِنهن ٻي جي ماڳه مَڪان، تان گُھرو گَھر وارن کان، اِجازت عيان، ۽ چَئو سلام تن مَٿي، جي اَهل تَنِين ايوان، اِي خاصو اوهان لئي خان!، مَن سان مانَ هَنڊائيو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28)

پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نه ڏسو ته اُن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين اوھان کي موڪل (نه) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن سمجهو ته گهر ۾ ڪوبه ڪونهي ته به جيستائين اجازت نه ملي تيستائين گهر ۾ اندر نه وڃو. ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته، موٽي وڃو ته (بلڪل رنج نه ٿيو، خوشيءَ سان) واپس هليا وڃو. اها ڳالهه توهان جي ئي لاءِ بهتر آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سڀ خدا کي خبر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪڏهن ان ۾ ڪو ماڻهو موجود نه هجي پوءِ بنا اجازت جي ان ۾ داخل نه ٿيو، ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان واپس وڃو پوءِ توهان واپس هليا وڃو اهو توهان لاءِ تمام بهتر آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته ”موٽي وڃو” ته (پوءِ) موٽي وڃو! اها (ڳالھ) اوهان لاءِ تمام سٺي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن نه لهو انهن ۾ ڪو هڪڙو پوءِ نه داخل ٿيو انهن ۾ تانجو موڪل ڏني وڃي اوهان کي ۽ جيڪڏهن چيو وڃي اوهان کي ته موٽي وڃو ته پوءِ موٽي وڃو اهو صاف آهي اوهان جي لاءِ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته “موٽي وڃو” ته موٽي وڃو! اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي. ۽جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اگر انهن (گهرن) ۾ ڪو موجود نه لهو ته توهان انهن اندر داخل نه ٿيو جيستائين توهان کي اجازت نه ڏني وڃي، ۽ جي توهان کي چيو وڃي ته واپس موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِها اوهان لاءِ پاڪيزه ڳالهه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29)

اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نه رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) هن ڳالهه ۾ گناه ڪونهي ته اهڙن گهرن ۾ هليا وڃو جن ۾ ماڻهو رهندڙ ڪونه آهن ۽ انهن ۾ توهان جو ڪو مال اسباب آهي (پر ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه (اوهان جي دل جي حالت به) ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان کليو کلايو ظاهر ٿا ڪيو سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سوبه ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


توهان تي ڪو گناه ناهي جو توهان انهن گھرن ۾ داخل ٿيو، جيڪي رهڻ لاءِ خاص ناهن، انهن ۾ توهان جو ڪو سامان هجي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي ته غير آباد گهرن ۾ داخل ٿيو جتي اوهان جو سامان هجي. ۽ اوهين جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


ناهي اوهان تي گناھ هي ته داخل ٿيو گهرن ۾ جيڪي ناهن رهيل انهن ۾ سامان اوهان جو آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان تي هن ۾ ڪو گناهه نه آهي ته اهڙن گهرن ۾ داخل ٿيو جتي ڪو (خاص) رهڻ وارو نه هجي جن ۾ اوهان جو ڪو فائدو هجي. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني)


توهان تي ان ۾ ڪو گناهه ناهي جو اهڙن گهرن ۾ (بنا اجازت جي) داخل ٿيو جن ۾ ڪنهن جي مستقل رهائش نه آهي (جيئن مسافر خانو، هوٽل وغيره) جن ۾ توهان کي نفعو وٺڻ (جو حق حاصل) آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪيو ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جنهن پُڃاڻا پُهتيمِ، سي نَصيحتون نِبار، ۽ خوا مخواه خوار، اِبليس ڪندڙ اِنسان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30)

مؤمن مڙسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اُگھڙن کي بچائيندا رھن، اھو انھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھنجي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


مؤمن مردن کي چئو ته، هو پنهنجون اکيون (پرائي عورتن جي سامهون اچڻ وقت) هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن (يعني اوگهڙ ڍڪين ۽ لڄ ۽ پاڪدامني رکن) اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائيءَ واري آهي، (يعني بدخيالن کان پاڪ رکندي. ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان مؤمنن کي حڪم ڪريو ته اهي پنهنجن اکين کي بند ڪن ۽ پنهنجي اوگھڙن جي حفاظت ڪن، اهو انهن لاءِ وڌيڪ پاڪيزه آهي، بيشڪ الله تعالى انهن جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اگهڙن کي بچائين. اها انهن لاءِ تمام چڱي ڳالھ آهي اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا بيشڪ خدا تنهن کان ڀليءَ ڀت خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


چؤ تون مؤمنن کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي اهو پاڪ صاف آهي انهن جي لاءِ بلاشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ايمان وارن کي چؤ ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اوگهڙن کي بچائين. اهو انهن لاءِ تمام چڱو آهي.جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي) ايمان وارن مردن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن. اُها انهن لاءِ وڏي پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله انهن ڪمن کان خبر وار آهي جيڪي اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پيغمبر پُڪاريو ته سانيمِ!، رَبَّ، سُبحان! ته مُنهنجِي قوم ترڪ ڪيو ، قادِر هِي قُرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31)

۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مؤمن عورتن کي به چئو ته، هو به پنهنجون اکيون هيٺ رکن (جڏهن ڪو ڌاريو مرد سامهون ايندڙ هجي) ۽ پنهنجي لڄ ۽ شرم جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار (ڌارين جي اڳيان) ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪي (رواجي طرح) ان مان ٻاهر رهندڙ آهي ۽ هيٺين (ذڪر ڪيل) ماڻهن کان سواءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار ظاهر نه ڪن؛ سندن مڙس يا پيءُ، يا سهرو، يا سندن پٽ، يا سندن ٻانهيون، يا اهي خادم جيڪي انهيءَ خواهش کان گذر ڪري چڪا هجن يا اهي ٻار يا ڇوڪر جن کي اڃا عورتن جي پردي جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي، (انهن جي اڳيان عورتون پنهجي زينت ظاهر ڪن ته گناهه ڪونهي) ۽ عورتن کي گهرجي ته (گهمڻ وقت) پنهنجا پير زمين تي اهڙو زور سان نه هڻن جو هنن جي لڪل زيورن جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ اچي. ۽ اي مومنؤ! (مکيه ڳالهه هي اٿؤ ته) توهان سڀ خدا ڏي موٽو (ٻيا خيال ڇڏي الله جي حڪمن موجب هلو) ته توهان هر طرح جي بهبودي ۽ بهتري حاصل ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان مؤمن عورتن کي حڪم ڪريو ته اهي پنهنجن اکين کي بند ڪن ۽ پنهنجن اوگھڙن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي زينت (خوبصورتي) کي ظاهر نه ڪن مگر جيڪا انهي مان پاڻ ظاهر آهي، ۽ اهي پنهنجي چادرن سان پنهنجا گريبان بند ڪن، ۽ نه ظاهر ڪن پنهنجي زينت کي مگر پنهنجي مڙسن لاءِ يا پنهنجي پيءُ ڏاڏاي لاءِ يا پنهنجي مڙسن جي پيءُ ڏاڏي لاءِ يا پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي مڙسن جي پٽن لاءِ يا پنهنجي ڀائرن لاءِ يا پنهنجي ڀائٽن لاءِ يا پنهنجي ڀاڻيجن لاءِ يا پاڻ جهڙين عورتن لاءِ يا جيڪي سندن ٻانهيون آهن يا اهي مرد جيڪي عورتن ڏانهن رغبت نٿا رکن، يا اهي ٻار جيڪي اڃان جوان نه ٿيا آهن، ۽ (اهي) پنهنجا پير زمين تي نه هڻن ان لاءِ ته مرد سندن لڪل زيور (پازيب وغيره) معلوم ڪن، ۽ اي مؤمنو توهان سڀئي الله تعالى کان توبه طلب ڪريو يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) ايمان وارين عورتن کي به چئو ته اهي به پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجي اگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجي سينگار جي جاين کي (ڪنهن تي) ظاهر نه ڪن پر جو خود بخود ظاهر ٿئي ٿو (لڪي نٿو سگهي) تنهن ۾ ڏوھ نه آهي ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجين ڇاتين تي وجهن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن يا سهرن يا پنهنجي پٽن يا پنهنجن مڙسن جي پٽن کان يا ڀائرن کان يا پنهنجن ڀاڻيجن کان يا پنهنجي زالن (جي اڳيان) يا ٻانهين (اڳيان) يا خدمتگار پوڙها مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃان زالن جي اگهڙن کان واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ هلڻ ۾ پنهنجا پير زمين تي اهڙي طرح نه رکن جنهن کان ماڻهن کي سندن لڪل سينگار (زيورن جو آواز وغيره) جي خبر پوي. ۽ ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان توبه ڪريو ته من اوهين ڪامياب ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ فرماءِ تون مؤمنياڻين کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو اهو جيڪو ظاهر ٿيو ان مان ۽ جڳائي ته رکن روا پنهنجا گريبانن پنهنجن تي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو مگر مڙسن پنهنجن لاءِ يا پيئرن پنهنجن يا پيئرن مڙسن پنهنجن لاءِ يا پٽن پنهنجن لاءِ يا پٽن مڙسن پنهنجن جي لاءِ يا ڀائرن پنهنجن لاءِ يا پٽن ڀائرن پنهنجن لاءِ يا ڀاڻيجن پنهنجن جي لاءِ يا عورتن پنهنجين جي لاءِ يا اهي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا يا خدمت ڪندڙ مرد جيڪي ناهن صاحب خواهش جا مردن مان يا ڇوڪرا يا جيڪي نه واقف ٿيا اگهڙن عورتن جي تي ۽ نه هڻن پيرن پنهنجن کي تانته ڄاتو وڃي اهو جيڪو لڪائين ٿيون سينگار پنهنجي مان ۽ توبہ سان رجوع ڪيو الله ڏانهن سڀئي اي مؤمنو! مانَ اوهان ڪامياب ٿيو. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ اي پيغمبر !) ايمان وارين زالن کي چؤ ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجين اوگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن پر جو ان مان (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو (ته حرڪت نه آهي) ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجن ڇاتين تي وجهن. ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن. مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجن پين يا پنهنجن سهرن يا پنهنجن پٽن کان يا پنهنجن مڙسن جي پٽن يا پنهنجن ڀائرن يا پنهنجن ڀائٽين يا پنهنجن ڀاڻيجن يا پنهنجن مسلمان زالن (جي اڳيان) يا انهن جا هٿ جن (غلامن) جا مالڪ ٿيا آهن (تن جي اڳيان) يا خدمتگار مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃا زالن جي اوگهڙن تي واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ نه پنهنجا پير زمين تي هڻن هن لاءِ ته جيڪو پنهنجو سينگار لڪائين ٿيون سو ڄاتو وڃي. اي ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان توبه ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو (مولانا محمد مدني)


۽ ايمان وارين عورتن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن سواءِ ان (حصي) جي جيڪو (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو ۽ کين گهرجي ته پنهنجي مٿن جا رَوا پنهنجي سينن تي ورائي وجهن ۽ پنهنجو سينگار (ڪنهن تي به) ظاهر نه ڪن سواءِ پنهنجي مڙسن جي يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن جي يا پنهنجي مڙسن جي پيئرن (يعني صُهرن) جي يا پنهنجي پُٽن جي يا پنهنجي مڙسن جي پُٽن (يعني اڳ ڄائن) جي يا پنهنجي ڀائرن جي يا پنهنجي ڀائرن جي پُٽن (يعني ڀائٽين) جي يا پنهنجي ڀينرن جي پُٽن (يعني ڀاڻجن) جي يا مسلمان عورتن جي يا پنهنجي ملڪيت وارن ٻانهن جي يا مردن مان انهن خدمتگارن جي جيڪي خواهش ۽ شهوت کان خالي هجن يا انهن ٻارن جي جيڪي (ٻاروتڻ سبب) اڃا عورتن جي پردي وارين شين کان آگاهه نه ٿيا آهن ۽ نه پنهنجا پير زمين تي ان طرح هڻن جو جيڪو سينگار لڪائن ٿيون سو ظاهر ٿي پوي. ۽ توهان سڀ گڏجي الله ڏانهن توبه ڪيو اي مؤمنو! تان ته توهان ڪامياب ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُقرّر ڪياسون مَهندئـِين، اِنپر اِمتحان، هر پيغمبر لئي پاپين مان، دشمن ڪي دِگران، ۽ تُنهنجو آهي تولئي، رَهبر بَس رَحمان، ۽ حامِي هَر زمان، ويريُنِ مٿي واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32)

۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اوهان ۾ جيڪي به اڻ پرڻيل عورتون هجن، (ڪنواريون توڙي بيوهه توڙي طلاق ڏنل) تن جو نڪاح ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو به نڪاح ڪندا ڪريو. (يعني انهن سان پرڻجو يا انهن کي پرڻايو) جيڪڏهن اهي مسڪين هونديون ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هنن کي خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعاليٰ وسعت رکندڙ ۽ سڀني کي وسعت ڏيندڙ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان نڪاح ڪرايو انهن جو جن جو نڪاح ٿيل نه آهي ۽ توهان پنهنجي انهن ٻانهن ۽ ٻانهين جا نڪاح ڪريو جيڪي نڪاح جي صلاحيت رکن ٿا، جيڪڏهن اهي فقير آهن الله تعالى پنهنجي فضل سان انهن کي غني ڪندو، ۽ الله برڪت وجھندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهين پاڻ مان بنا مڙس زالن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين آسودو ڪندو. ۽ خدا گهڻو عطا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نڪاح ڪيو بي نڪاح زالن سان پاڻ مان ۽ صالحن سان پنهنجن ٻانهن مان ۽ پنهنجين ٻانهين مان جيڪڏهن هوندا غريب ته غني بنائيندو انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ الله ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهين پاڻ مان رنڙن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو. جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته الله کين پنهنجي فضل سان ؛سودو ڪندو. ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ توهان مان جي مرد عورتون بي نڪاح آهن انهن جا نڪاح ڪرايو ۽ پنهنجي با صلاحيت ٻانهن ۽ ٻانهين جا به (نڪاح ڪرايو). جيڪڏهن اُهي محتاج هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪندو. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو علم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَهيو ڪُفارن، ڪوھ نه لَٿو، ڪَٺٖي ڪُل قُرآن؟ اِنپر اُتسِ، دِل تُنهنجِي، خُوب بِهارِيون خان!، ۽ ڪيو سونسِ سَبق سَبق ڪري، نازِل نُورنيشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33)

۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن کي نڪاح جي لاءِ طاقت ڪانهي سي پاڻ تي ضابطو رکن (۽ پاڪ دامن رهن) جيستائين ڪه الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ۽ جيڪي ٻانها توهان کان دستاويز لکائي وٺڻ چاهين (ته هيترا پئسا ڪمائي ڪرڻ يا هيترو ڪم ڪرڻ بعد آزادي ملندي) ته انهن کي اهڙو دستاويز لکي ڏيو، جيڪڏهن توهان هنن ۾ ڪجهه نيڪي ۽ صلاحيت معلوم ڪيو ۽ جيڪو مال الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، تنهن مان انهن کي به ڪجهه ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهين کي دنيوي زندگي جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ زنا ڪاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، جڏهن ته هو پاڪ دامن رهڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪو ماڻهو (ڪسب ڪرڻ لاءِ) مجبور ڪندو ته پوءِ هنن جي مجبوريءَ بيوسيءَ جي ڪري الله تعاليٰ (هنن کي بخشي ڇڏيندو، ڇو ته هو) غفور ۽ رحيم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو نڪاح ڪري نٿا سگھن انهن کي گھرجي ته پاڪدامن ٿي رهن ايستائين جو الله انهن کي پنهنجي فضل سان غني ڪري، ۽ توهان جي ٻانهن ۽ توهان جي ٻانهين مان جيڪي مُڪاتب (ملڪيت جي عيوض آزاد) ٿيڻ گھرن انهن کي مڪاتب ڪري ڇڏيو جيڪڏهن توهان انهن ۾ خير معلوم ڪريو ٿا، ۽ توهان انهن کي ان ملڪيت مان ڪجھه ڏيو جيڪا توهان کي الله ڏني آهي ۽ جيڪڏهن توهان جون ٻانهيون پاڪدامن ٿي رهڻ چاهن ٿيون ته پوءِ انهن کي توهان بدڪاري تي مجبور نه ڪريو، ان لاءِ ته توهان (انهن مان) ڪجھه دنيا جو سامان طلب ڪريو، ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو پوءِ بيشڪ الله تعالى انهن جي مجبوري کانپوءِ به (انهن تي) غفور رحيم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي نڪاح جي طاقت نٿا رکن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو خدا کين پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا صلاحيت ڏسو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين خدا جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪدامن رهڻ گهرن ته دنياوي زندگيءَ جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کان پوءِ (به) خدا (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڳائي ته پاڪدامن رهن اهي جو نه ٿا طاقت رکن نڪاح جي تانجو غني بنائي انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ اهي جو طلب ڪن ٿا آزاديءَ جي انهن مان جو مالڪ ٿيو اوهان انهن جا پوءِ مدي تائين آزاد ڪيو انهن کي جيڪڏهن ڄاڻو اوهان انهن ۾ ڀلائي ۽ ڏيو انهن کي الله جي ان مال مان جيڪو ڏنائين اوهان کي ۽ نه مجبور ڪيو نوجوان ٻانهين پنهنجين کي زنا تي جيڪڏهن ارادو ڪن پاڪدامن رهڻ جو تانته طلب ڪيو سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ جيڪو مجبور ڪندو انهن کي پوءِ بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ کان پوءِ بخشڻهار، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي شادي ڪري نه ٿا سگهن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) لکيل آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا ڀلائي ڄاڻو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين الله جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪ دامن رهڻ (نڪاح ڪرڻ) گهرن ته دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کانپوءِ (به) الله (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن ماڻهن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي جيڪي نڪاح جي سگهه نه ٿا رکن جيستائين الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي توهان کي ڪجهه ڏئي آزادي جي لکپڙهه ڪرائڻ چاهن ٿا ته توهان اهڙي لکپڙهه کين ڪري ڏيو اگر توهان کي انهن ۾ ڪا ڀلائي نظر اچي ٿي ۽ اوهان به انهن کي (آزاد ٿيڻ لاءِ) الله جي ان مال مان ڪجهه ڏيو جيڪو ان اوهان کي ڏنو آهي. ۽ توهان پنهنجي ٻانهين کي دنياوي زندگي جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ بدڪاري تي مجبور نه ڪيو جڏهن ته اُهي پاڪدامن رهڻ چاهن ٿيون. ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو ته بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ بعد (به انهن لاءِ) بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُرسل مِثال توکي، ڪو پيش نه ڪن ڪُفران، مگر مِثال اُن کان، بِهتر ڪريون بَيان، بَرحق بي گمان، پڻ سَمجھاڻِئَ لئي سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34)

۽ بيشڪ اوھان ڏانھن چٽيون نشانيون ۽ جيڪي اوھان کان اڳ گذري ويا تن جا مثال ۽ پرھيزگارن لاءِ نصيحت لاٿي سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان ڏي چٽا حڪم احڪام ۽ نشانيون موڪليون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال (ڏنا آهن) جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ نصيحتون نازل ڪيون آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان صاف آيتون نازل فرمايون ۽ اهي مثال بيان ڪيا جيڪي توهان کان اڳين ماڻهن ۾ گذري چڪا آهن ۽ (انهيءَ ۾) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ايمان وارو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪا آهن تن جو ڪجھ حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق نازل ڪيون اسان اوهان ڏانهن آيتون روشن ۽ مثال انهن جي جيڪي گذريا اڳي اوهان کان ۽ نصيحت پرهيزگارن جي لاءِ . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي مسلمانو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳي گذري چڪا آهن تن جو ڪجهه حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان اوهان ڏانهن چِٽيون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال ڏنا آهن جيڪي اوهان کان اڳ گذري چُڪا ۽ (هيءَ) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَبو ڪٺي جن کي، مُنهن ڀر مڱر پار، گنگھر تن گھر ٻار، ۽ ويتر وِرسيل واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35)

الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ آسمانن جو ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال ائين آهي جيئن هڪ جارو آهي، جنهن ۾ هڪ بتي رکي آهي ۽ بتي هڪ شيشي (چمني يا گلوب) جي اندر آهي. شيشو اهڙو ته (صاف) آهي جو ڄڻ ته هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ برڪت واري وڻ جو تيل ٻاريو وڃي ٿو، يعني زيتون جي وڻ جو جيڪو نڪي اوڀر منهون آهي، (جو شام وقت سج جي روشنيءَ کان محروم هجي) نڪي اولهه منهون آهي (جو صبح جي وقت چوٽيءَ تي آهي) ان جو تيل (اهڙو ته چمڪندڙ آهي جو) ڄڻ ته خودبخود ٻرڻ تي آهي، اگرچه ان کي باهه نه ڇهي (الله تعاليٰ ۽ سندس حقائق ائين آهن جيئن) روشنيءَ مٿان روشني، الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي انهيءَ نور ۾ پهچائي ٿو ۽ ڏسو الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ (ڪهڙا نه سهڻا ۽ چٽا) مثال ڏئي ٿو (۽ حقيقتون سمجهائي ٿو) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى آسمانن ۽ زمينن جو نور آهي، ان جي نور جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ طاق، جو ان ۾ ڏيئو هجي، (اهو) ڏيئو قنديل (فانوس) ۾ آهي، اهو قنديل ستاري جهڙو آهي جيڪو موتي وانگر چمڪي ٿو، اهو روشن ٿئي ٿو برڪت واري وڻ زيتون جي تيل مان، ان کي نه اوڀر آهي ۽ نه اولهه آهي، باه جي ڇهڻ کانسواءِ اهو روشني ڪري ٿو، نور عليٰ نور آهي، الله تعالى پنهنجي نور سان جنهنکي چاهي هدايت فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هرشيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ته آسمان ۽ زمين جو نور آهي. تنهن جي نور جو مثل اهڙو آهي جهڙو هڪ روشندان (سينو) آهي تنهن ۾ هڪ روشن چراغ (شريعت جو علم) هجي ۽ (اهو) چراغ شيشي جي قنديل (دل) ۾ هجي (۽) قنديل (ايتري قدر شفاف هجي جو) ڄڻ اهو موتيءَ وانگر چمڪندڙ تارو، (اهو چراغ) زيتون جي اهڙي مبارڪ وڻ (جي تيل) سان روشن ڪيو وڃي جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ڏي. (بلڪ بلڪل وچ) ميدان ۾، سندس تيل (اهڙو صاف شفاف هجي جو) جيتوڻيڪ باھ کيس ڇهي نه! ته تڏهن به ائين معلوم ٿئي ته پاڻ ئي پاڻ روشن ٿي ويندو (مطلب ته هڪ نور نه آهي پر) نور على نور آهي (يعني نور مٿان نور آهي) خدا جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجيءَ روشني جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ خدا ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي،(سيد فرمان علي)


الله روشن ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين کي مثال ان جي نور جو جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيو آهي ڏيو هڪ فانوس ۾ هجي فانوس ڄڻ ته اهو تارو چمڪندڙ آهي روشن ڪيو ٿو وڃي وڻ برڪت واري زيتون مان نه اوڀر وارو ۽ نه اولهه وارو آهي ويجهو آهي تيل ان جو جو روشني ڪري جيتوڻيڪ نه لڳي ان کي باهه نور تي نور آهي هدايت ڪري ٿو الله پنهنجي نور جي لاءِ جنهن کي گهري ۽ بيان ٿو ڪري الله مثال ماڻهن جي لاءِ ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال اُن جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيو هجي اهو ڏيو شيشي (قنديل) ۾ رکيل هجي اهو شيشو ڄڻ ته چمڪندڙ تارو آهي جو اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻاريو وڃي ٿو جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ۾ آهي. ان جو تيل روشن ٿيڻ تي آهي (گويا ٻري پيو) جيتوڻيڪ ان کي باهه نه لڳي هجي. روشنيءَ تي روشني آهي. الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجي روشنيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان جي نور جو مثال هڪ جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيئو هجي. اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي قنديل) ۾ هجي. ۽ اهو شيشو ڄڻڪ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي (اهو ڏيئو) اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان روشن ٿي پوي ٿو جيڪو نه اوڀر وارو آهي ۽ نه اولهه وارو آهي، قريب آهي ته تيل خود ئي ٻَري پَــوَي توڙي جو ان کي باهه به نه ڇُهي. اهو روشنيءَ مٿان روشني آهي. الله جنهن کي چاهي پنهنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ۽ الله ماڻهن خاطر مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪرم سان ڪتاب اڳي، ڏِنوسون موسٰى مِير، ڀيڙسِ ڀاڻسِ هارُون کي، ڪيوي سون وَرِي وَزِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36)

(اُنھي نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي ته انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اها بتي خاص طرح ٻاري وڃي ٿي) انهن (پاڪ) گهرن ۾ جن متعلق الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته سندس نالو بلند ڪيو وڃي ۽ جن ۾ سندس ذڪر ڪيو وڃي ۽ جن ۾ ماڻهو صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن گھرن (مسجدن) ۾ الله تعالى حڪم فرمايو ته انهن جي تعظيم ڪريو ۽ انهيءَ ۾ الله تعالى لاءِ صبح شام (پنج وقت) نماز پڙهي وڃي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اها (قنديل) انهن گهرن ۾ روشن آهي جن لاءِ خدا حڪم ڏنو آهي ته انهن جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ سندس نالو ورتو وڃي جنهن ۾ صبح ۽ شام سندس تسبيح ڪندا آهن.(سيد فرمان علي)


گهرن ۾ اجازت ڏني الله ته بلند کنيا وڃن ۽ ياد ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ انهن ۾ صبح ۽ شام .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن گهرن ۾ جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ الله جي نالي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي تن ۾ صبح ۽ شام جو اهڙا مرد سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


(ان نور سان منور ماڻهو) اهڙن گهرن (يعني مسجدن ۽ خانقاهن) ۾ (ملن ٿا) جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ سندس نالي کي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي انهن (گهرن) ۾ (اهي) صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


گَھرن ۾، جَن لئي مالِڪ ڪيو مَنطُور، ته ڪَجن ڪارن هِن جي، سي ماڳه مَٿاهان مُور، ته سَندسِ نالو نُور، وَڃي تَواريو تَن ۾. ته صُبح سانجِھئَ تَن ۾، ڪن سَندسِ طَلب تَوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37)

(يعني اھڙا) مڙس جو انھن کي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھي ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کين واپار ۽ ڌنڌا نڪي خدا جي يادگيريءَ کان غافل ٿا ڪري سگهن، نڪي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ٿا ڪن. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ابتيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون.(علامه علي خان ابڙو)


اهي مرد آهن جن کي تجارت ۽ خريد و فروخت الله جي ذڪر ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان غافل نٿا ڪن، اهي ان ڏينهن کان خوف ڪن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون پريشان هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهڙا شخص جي کي خدا جو ذڪر ۽ نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان نه واپار ۽ نه سودو غافل ڪري ٿو. هي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ (خوف کان) دليون ۽ اکيون ڦري وينديون.(سيد فرمان علي)


اهي مڙس جو نه ٿي غافل ڪري انهن کي تجارت ۽ نه واپار الله جي ذڪر کان ۽ نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو ڦري وينديون ان ۾ دليون ۽ اکيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي نه واپار ۽ نه سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ڪري ٿو. اهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا،جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ڦري وينديون. (مولانا محمد مدني)


اهڙا مرد جن کي واپار ۽ خريد فروخت نه الله جي ذڪر کان غافل ڪري ٿي ۽ نه نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪواة ڏيڻ کان اُهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون اُلٽ پُلٽ ٿي وينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي مَردَ، جَھلي نه جَن کي، وِڪرو ۽ واپار، سارن کان، سُبحان جي، پڻ نِـمازان نِبار، پُڻ ڏُ کِيَن ڏان ڏِيڻ؛ وِجھلن ڪَنان تِنهن وار، دِليون،اَ کيون جِنهن ۾، اُبتيون اِنتظار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38)

ھن لاءِ ته جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون تن جوالله کين بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(سندن سچائي جو نتيجو هي ٿيندو جو) جيڪي به (چڱا) عمل هنن ڪيا آهن تن جو بهترين بدلو الله تعاليٰ کين ڏيندو، ۽ پنهنجي (خاص) فضل سا ڪجهه زياده به عنايت ڪندو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي به چاهي ٿو تنهن کي بنا حساب گهڻو رزق عطا ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ الله تعالى کين سندن عملن کان سهڻي جزا عطا ڪندو ۽ پنهنجي فضل سان کين زياده عطا ڪندو، ۽ الله تعالى جنهنکي چاهي بغير حساب رزق عطا ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(سندس عبادت هن لاءِ ڪن ٿا) ته جيئن انهن جيڪو چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو خدا کين سٺي کان سٺو بدلو عطا ڪري. ۽ پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين اڃا به وڌائي ڏئي، ۽ خدا جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بي حساب روزي ڏئي ٿو.(سيد فرمان علي)


تانته بدلو ڏئي انهن کي الله سهڻو ان مان جيڪو ڪيائون ۽ وڌائي انهن کي پنهنجي فضل سان ۽ الله روزي ڏئي ٿو جنهن کي گهري حساب کان سواءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن لاءِ ته انهن جيڪو سڀ کان چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو الله کين بدلو ڏئي ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي ۽ الله جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بي حساب روزي ڏئي ٿو. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته الله کين سندن بهترين ڪمن جو بدلو عطا ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي. ۽ الله جنهن کي چاهي ٿو اَڻَ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان جيڪِي نيڪ ڪم ڪيون، تنجو پَرور ڏٖينِپاڪ پار، پڻ ڀَلو سَندسِ ڀال مان، بَخشي تن بِسيار، ۽ جِنهن گُھري رَبُّ، غفّار، تِنهن تورڻ ڌاران، توڻ ڏيئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39)

۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي روش ورتي آهي تن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي. اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان جو جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي ۽ هو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ٿو ڏسي. سو خدا سندس (بد) عملن جو حساب پوريءَ طرح ڪري انهن جي بدلو کيس ڏئي ٿو ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن جا اعمال بيابان ۾ رڃ وانگر آهن جو ان کي اڃايل ماڻهو پاڻي سمجھي ٿو، ايستائين جو اهو جڏهن ان تائين پهچي ٿو ته اتي ڪا شيءِ نٿو لهي ۽ اهو پاڻ وٽ الله تعالى کي لهي ٿو پوءِ الله تعالى ان کي سندس پورو حساب ڏنو، ۽ الله فوراً حساب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ڪفر اختيار ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، جو اڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ڪا شيءِ نه لهي (۽ اڃ ۾ ڦتڪي مري) ۽ خدا کي اتي لهي ته سندس حساب (ڪتاب) پورو پورو چڪائي ڏنو، ۽ خدا ته تمام جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جن ڪفر ڪيو عمل انهن جا مثل رڃ جي آهن رڻ پٽ ۾ سمجهي ٿو ان کي اڃايل پاڻي تانجو جڏهن اچي ان وٽ ته نه لهي ان کي ڪا شيءِ ۽ لهي الله کي ان وٽ پوءِ پورو ڏئي ان کي حساب ان جو ۽ الله جلد وٺندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن ڪفر ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، اُڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ان کي ڪا شيءِ نه لهي ۽ الله کي اتي لهي پوءِ الله ان کي سندس حساب پورو چڪائي ڏئي، ۽ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ڪفر ڪيو تن جا عمل رڻ پٽ ۾ پيل چمڪندڙ ريتي وانگر آهن جنهن کي اڃارو ماڻهو پاڻي سمجهي ٿو. تانجو جڏهن ان وٽ اچي ٿو ته ان کي ڪجهه نه ٿو ڏسي ۽ الله کي پنهنجي قريب لهي ٿو جيڪو سندس حساب پورو چُڪائي ٿو. ۽ الله جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جَن ڪُفر ڪيو، ڪم تن جا، ڪَر ڪِنهن رِڻ ۾ رُڃ، پاڻي ڀانئي اُن کي، جِنهن کي اَندر ۾ اُڃ، تان سَٽي مَنجھان سُڃ، جڏهن پُهتِس ته، ڀاتِئين ڪين ڪي. پاڻا پاتئـِين اُن وٽ، حاضِر ربُّ هِڪدم، پُورهيو ڏيئـِي اُن کي، قادِر لاٿسِ ڪَم، ۽ تڪڙو آهي تَم، هادِي حرف حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40)

يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا اهي (ڀليل بدڪار ماڻهو) گويا هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن، جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇانئجي ويون آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن، يعني اوندهه مٿان اوندهه جا طبقا چڙهيل آهن. (ايتري قدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خود غرضيءَ سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه. (علامه علي خان ابڙو)


يا ان جو مثال اونهي درياءَ ۾ اونداهين جو آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان گھڻيون موجون آهن ۽ ان جي مٿان ڪڪر آهن، اونداهين جي مٿان اونداهيون آهن، جنهن وقت پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍي ٿو ته ان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى روشني نٿو ڏئي ان لاءِ ڪابه روشني ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا (ڪافرن جا عمل) اونهي دريا جي اونداهين وانگر آهن جيئن هڪ لهر جي مٿان ٻي لهر ڍڪي مٿانئس (تھ تي تھ) چاڙهي (بلڪ) اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ جنهن کي خدا (هدايت جي) روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي.(سيد فرمان علي)


يا اونداهين وانگر دريا اونهي ۾ ويڙهي وڃي ان کي موج مٿان ان جي موج آهي مٿان ان جي ڪڪر آهي اونداهيون هڪڙيون انهن مان ٻين جي مٿان جڏهن ڪڍي هٿ پنهنجو ته نه ويجهو ٿيو جو ڏسي ان کي ۽ اهو جو نه ڪيو الله ان جي لاءِ نور پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو نور. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا (انهن جا عمل) اونهي درياءَ جي اونداهين وانگر ( آهن) ان (ڪافر) کي لهر جي مٿان لهر ڍڪي مٿانئس بادل هجي، اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ کان پري هجي (ڏسي نه سگهي). ۽ جنهن کي الله روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي. (مولانا محمد مدني)


يا (ڪافرن جا عمل) اونهي سمنڊ ۾ اونداهين وانگر آهن جن کي لهرن مٿان لهرن ڍڪيو هجي ۽ ان جي مٿان ڪڪر ڇانئيل هجن. اونداهيون آهن جيڪي (تهه در تهه) هڪ ٻئي مٿان آهن. جڏهن (اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهو) هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي (ڪو) ڏسي نه سگهي. ۽ (در حقيقت) جنهن لاءِ الله (هدايت جو) نور نه بنايو ان لاءِ (ڪٿي به) ڪو نور ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، تَن جُون ڪَچايون ڪَر، اُونداهِيون اوڙاھ ۾، جنهنجو نوڙان تَڙ نه ڪر، لَهر لپيس لَهر مٿان، چَڙهي ڪارو ڪڪر، اُونداهِيون هِڪ ٻئي مَٿان جڏهن هَٿ ڪڍي هيڪر، اُونڌاهين ۾ اُن کي، مُور نه ڏِسي مُنڪر، ۽ قادِر نه ڪيو جِنهن ڪر، نُور، پوءِ نُور نَه اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41)

نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، بيشڪ سڀئي پنھنجي نماز ۽ پنھنجي تسبيح (پڙھڻ جي طرح) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ڏسو نٿا ته جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا ۽ پر کولي اڏامندڙ پکي به (سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا.) هرهڪ ڄاڻي ٿو ته ڪيئن خدا جي عبادت ڪجي ۽ ڪيئن سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪجي ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ الله تعالى لاءِ تسبيح پڙهن ٿيون اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ پکي پنهنجا پر کولين ٿا، هر مخلوق جي دعا ۽ تسبيح کي بيشڪ اهو پاڻ ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي شخص) ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي خدا جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪو پنهنجي عبادت ۽ تسبيح جو طريقو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا خدا تنهن کان خوب واقف آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله تسبيح پڙهن ٿا ان جي لاءِ اهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ پکي پر پکيڙيندڙ مڙني تحقيق ڄاتو پنهنجي نماز ۽ پنهنجيءَ تسبيح کي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تونه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪنهن پنهنجي عبادت ۽ پنهنجي تسبيح ڄاتي آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ پکي (به) پَــــــرَ پکيڙي (سندس تسبيح پڙهن ٿا). هر هڪ پنهنجي نماز ۽ پنهنجي تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڌِٺئـِي ؟ ڏاتار لئي، سَڀيئـِي ڪَن ساراھ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، پَساھ، بي پساھ، ۽ پَکِي کُليل کنڀڙا ٽئـِين، هُو جي مَنجھ هوا، سَمجھن سَڀ نِماز تِنهن، پڻ داراھ، صِفت اَلله، ۽ آگو تِهان آگاھ، جيڪِي ڪَن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42)

آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. (ٻيو ڪو به بادشاهه ڪونهي) ۽ الله جي ئي طرف موٽي وڃڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي، ۽ الله ڏانهن موٽڻ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي پڻ خدا جي طرف ئي (سڀ کي) موٽڻو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ الله جي آهي بادشاهي آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ الله ڏانهن موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ آهي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، ۽ آخِر پَرور پار، مِڙنِي آهي موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43)

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي وري کين کين تھن تي تھ ڪندو آھي پوءِ ڏسندو آھين ته ڦڙي سندس وچ مان نڪرندي آھي، ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي ٽڪرن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھو پُھچائيندو ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ ته) اجھو اکيون ٿو نئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ڏسو نٿا ڇا ته الله ئي ڪڪرن کي (هيڏي هوڏي) هلائي ٿو؟ وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي گڏي ٿو ڇڏي. وري انهن کي هڪ ٻئي مٿان تهه ڪري رکي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان (جُهڙ) مان پاڻي نڪري وسڻ لڳي ٿو. ۽ ڪڪرن جي جبل جيڏن حصن مان ڳڙا وسائي ٿو. اهي ڳڙا جن تي وڻيس ٿو تن تي وسائي ٿو ۽ جن کان چاهي ٿو تن کان هٽائي پري ڪري ٿو ڇڏي. (ڏسو) کنوڻ جو چمڪو (ڪهڙو نه تيز) آهي جو گويا اکين کي انڌو ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى ڪڪرن کي جدا جدا ڪري هلائي ٿو ان کان پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ان کان پوءِ انهن کي هڪ ٻئي جي مٿان ڪري ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته انهن جي وچ مان مِينهن نڪري ٿو ۽ آسمان مان جبلن تي (مِينهن) نازل ڪري ٿو انهيءَ ۾ برف آهي، پوءِ اها جنهنکي چاهي پهچائي ٿو ۽ جنهنکي چاهي نٿو پهچائي، وڄ ايتري ويجھي لڳي ٿي جو اها نظرن کي ختم ڪري سگھي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو هن (ڳالھ) تي نظر نه ڪئي ته بيشڪ خدا ڪڪرن کي هلائي ٿو وري انهن کي تھ به تھ ڪري ٿو پوءِ تون انهن جي وچان مينهن وسندو ڏسين ٿو ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مٿان (ڳڙا) وسائي ٿو پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ٽاري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اکيون ٿو نئي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله هلائي ٿو ڪڪرن کي تنهن کان پوءِ گڏي ٿو پاڻ ۾ تنهن کان پوءِ بنائي ٿو ان کي تهه تهه پوءِ ڏسندين ڦڙي کي نڪري ٿو وچ ان جي مان ۽ لاهي ٿو آسمان کان (ڳڙن جي) جبلن مان انهن مان ڳڙو پوءِ پهچائي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ ڦيرائي ٿو ان کي جنهن کان گهري ويجهو آهي چمڪاٽ ان وڄ جي جو وٺي وڃي اکين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تونه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هڪلي ٿو وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو وري انهن کي ته ڪري ٿو تون مينهن کي ڏسندين ته ان جي وچان پيو ڪري ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مان (ڳڙا) وسائي ٿو. پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ڦيري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اجهو اکيون ٿو نئي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هوريان هوريان هلائي ٿو پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوءِ انهن کي تهه در تهه ڪري ٿو پوءِ تون ڏسندين ته ان جي وچان کان مِينهن نڪري (وسي) ٿو، ۽ آسمان جي برفاني جبلن (وانگر نظر ايندڙ ڪڪرن) مان ڳَـــــــــڙا وسائي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي ٿو (انهن ڳڙن) کي ڪيرائي ٿو ۽ جنهن تان چاهي انهن کي هٽائي ٿو. (۽کنوڻ پيدا ڪري ٿو) قريب آهي جو ان جي کنوڻ جو چمڪار اکين جي نظر کڻي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڏِٺئـِي ؟ ته ڏاتار، نَرم ڪاهي ڪَڪَرِين، موٽِي مِلائي پان ۾، پوءِ جُھڙ جوڙٖي جوڙڻهار، پوءِ وِچانسِ ڏِسِين، وَسندو مِينهن نارونار، ۽ اُتاري اُڀ ڪنان، جَبلن مان جَبَّار، جي جبل، منجھسِ برف جا، پوءِ وڻيسِ تِنهن وَلهار، مِينهن وَسائي مِهرسان، جي گُھري رَبُّ، غفّار، ته واريسِ ٻِي وَلهار تي، وھ وھ! وِڄ چَمڪار، جَھٽي ذري گَھٽ اَ کيون؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44)

الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو الله ئي آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪٻئي پٺيان آڻيندو رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ اکين وارن لاءِ يعني عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ بيشڪ وڏي عبرت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى رات کي ۽ ڏينهن کي تبديل ڪري ٿو بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ عبرت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ئي رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي (گهيرائي) ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.(سيد فرمان علي)


مٽائي آڻي ٿو الله رات ۽ ڏينهن بيشڪ ان ۾ البته عبرت آهي ڏسندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ نصيحت آهي. (مولانا محمد مدني)


الله رات ۽ ڏينهن کي مٽائي سَٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏينهن، رات ڪري ڪَلتار، نِيشانيون نِروار، اَ کيارن لئي، اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45)

۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پيٽ ڀر ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي سو پيدا ڪندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله تعاليٰ هرهڪ (چرندڙ پرندڙ) جانور کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي. انهن جانورن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ ڪي وري چئين پيرن تي هلن ٿا. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ شيء تي قادر آهي (يعني سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو سگهي ۽ سڀ ڪنهن کي هلائي چلائي سگهي ٿو ۽ سڀني تي غالب آهي.).(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى (زمين تي هلندڙ) هر جانور کي پاڻي مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا. الله تعالى جيڪو چاهي سو پيدا ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا ئي سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ته ڪو انهن مان ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. خدا جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ الله پيدا ڪيو هر جاندار کي پاڻيءَ مان پوءِ انهن مان ڪو اهو آهي جو هلي ٿو پنهنجي پيٽ تي ۽ انهن مان ڪو اهو آهي جيڪو هلي ٿو ٻن پيرن تي ۽ انهن مان ڪو آهو آهي جيڪو هلي ٿو چئن پيرن تي پيدا ڪري ٿو الله جيڪي گهري ٿو بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله هر جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀَـــرِ هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ الله اُپايا آب مان، هِي چُرندڙ سڀ چوڌار، ڪي پُرن تن مان پيٽ ڀَر، ۽ ڪي ٻِن پيرن ڀَرپار، ۽ ڪي چَلن چَئـِن پيرن تي، جيڪي گُھري رَبُّ غفار، جوڙي، سو جِنسار، ربُّ، قادِر هَر ڪِنهن ڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46)

بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هيءَ حقيقت آهي ته اسان چٽائي ڪندڙ صاف صاف حڪم نازل ڪيا آهن ۽ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سڌيءَ واٽ تي هلائي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان صاف صاف آيتون نازل ڪيون آهن، ۽ الله تعالى جنهنکي چاهي سنئين رستي تي هلائي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان ئي پڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون پڻ الله ئي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(سيد فرمان علي)


البته تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون روشن ۽ الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري طرف واٽ سڌيءَ جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان چِٽيون حقيقتون بيان ڪرڻ واريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ الله جنهن کي چاهي تنهن کي (انهن ذريعي) سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُتاريون سون آيتون، کُليَل باب بيان، ۽ سُهائي سُبحان، وَڻيسِ تِنهن کي، واٽ سَنِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47)

۽ (منافق) چوندا آھن ته الله تي ۽ جنھن پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي اِيمان وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ماڻهو) چون ٿا ته اسان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو آهي، ۽ اسان تابعدار ۽ فرمانبردار آهيون، پر ان بعد ڪي (منافقن جون) ٽوليون منهن ڦيرائي ٿيون ڇڏين. (سچ هي آهي ته اصل کان) انهن ماڻهن ايمان آندو ئي ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي، ان کان پوءِ انهن مان هڪ فرقو ان ڳالهه تان ڦري وڃي ٿو، ۽ اهي مؤمن ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ڪي ماڻهو اهڙا به آهن) جي چون ٿا ته اسان خدا ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي، وري ان کان پوءِ انهن مان ڪي ماڻهو (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪن ٿا، (سچ ته) اهي ماڻهو ايمان وارا هئا ئي ڪين.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ايمان آندوسون الله تي ۽ رسول تي ۽ اطاعت ڪئي سون تنهن کان پوءِ ڦري ٿي هڪ جماعت انهن مان ان کان پوءِ ۽ ناهن اهي مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (منافق) چون ٿا ته اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري ڪئي، وري ان کانپوءِ انهن مان هڪ جماعت ڦري وڃي ٿي ۽ اهي ايمان وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ (منافق) چون ٿا ته: ”اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي“ پوءِ ان کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولي ڦِري وڃي ٿي. ۽ اهي ماڻهو ايمان وارا هرگز ناهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، ربَّ ۽ سَندسِ رسول تي، آندوسون ايمان، ۽ مڃيوسون، پوءِ ميڙڪو تن مان، تنهان پوءِ تعبان، ڦِريا کئون فَرمان، ۽ اُهي مُؤمن ناهِن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48)

۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن ته سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ته هنن جو فيصلو نبيري تڏهن هنن مان هڪڙي ڌر هڪدم ڦري وڃي ٿي (۽ اچي فيصلي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ٿي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت انهن کي الله تعالى ۽ الله جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ته ان وقت انهن مان هڪ فرقو انڪار ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ جڏهين اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول ڏي سڏايا وڃن ٿا ته جيئن رسول سندن ڪيل جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته انهن مان هڪ ٽولو منهن موڙي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن سڏيا وڃن ٿا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ ته ان وقت جماعت هڪ انهن مان منهن موڙيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن کين الله ۽ سندس رسول ڏي سڏيو وڃي ٿو، هن لاءِ ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان ئي وقت انهن مان هڪ جماعت منهن موڙي ٿي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن کي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان وقت انهن مان هڪ جماعت (درِ رسول تي اچڻ کان) مُنهن موڙي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ربَّ ۽ سَندسِ رسُول ڏي، ڪجينِ جڏهن پوڪار، ته ڪجي اُنهن جو پاڻ ۾، نِبيرو نِبار، ته اِجھو اِنڪاري اُنهن مان، ٻارِي ڪا ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49)

۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي ته پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪڏهن هنن کي (فيصلي ۾) حق ملندو هجي (يعني جيڪڏهن هو حق تي آهن ۽ هنن کي انصاف جي فيصلي ۾ فائدو ملڻو آهي) ته هو (خوشيءَ سان) الله جي رسول ڏي اطاعت ۽ تابعداري ڏيکاري هليا اچن ٿا. (پر جيڪڏهن هو حق تي ناهن ۽ سمجهن ٿا ته انصاف جي فيصلي ۾ سندن نقصان آهي ته پوءِ نٿا اچن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن سندن حق آهي ته رسولِ عربي ڏانهن تڪڙا اچن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اصل ڳالھ هئين آهي ته) جيڪڏهن حق انهن جي پاسي هجي ها ته سر جهڪائي (ماٺ ۾) رسول ڏي ڊڪندا اچن ها.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن هوندو انهن جو حق ته ايندا ان ڏانهن ڪنڌ لنوائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن انهن جو (ڪنهن تي) حق هوندو ته الله ۽ رسول ڏي تابعدار ٿي ايندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن فيصلو انهن جي حق ۾ هجي ته ان (رسو ل ﷺ) ڏانهن مطيع ٿي موٽن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي هُجين حق، ته اُن ڏي، تِکا اَچن تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50)

سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نه!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن جي دلين ۾ مرض آهي ڇا؟ يا هو شڪ شبهي ۾ ڦاٿل آهن ڇا؟ يا هو ڊڄن ٿا ڇا ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندا؟ نه نه (اهي ڳالهيون ناهن) پر هو پاڻ ظالم آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انهن جي دلين ۾ مرض آهي يا انهن جي دلين ۾ شڪ آهي يا انهن کي خوف آهي ته الله تعالى ۽ الله جو رسول انهن تي ظلم ڪندا، بلڪ اهي ئي ظالم آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ (اڃا) آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا هن ڳالھ کان ڊڄن ٿا ته (متان) خدا ۽ ان جو رسول انهن تي زيادتي ڪن (ٻيو ڪجھ نه آهي) پر اهي پاڻ ظالم آهن.(سيد فرمان علي)


ڇا دلين انهن جي ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا يا ڊڄن ٿا ته ظلم ڪندو الله انهن تي ۽ ان جو رسول بلڪه اهي ئي ظالم آهن . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا سندن دلين ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا ڊڄن ٿا ته متان الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪري. (ائين نه آهي) بلڪه اهي پاڻ ئي ظالم آهن. (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا اهي شڪ ۾ پيا آهن يا ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته الله ۽ ان جو رسول مٿن (معاذ الله ڪو) ظلم ڪندا. (ائين نه آهي) بلڪ اُهي خود ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا مرض سَندنِ مَن ۾، يا شڪ جو ٿيا شڪار؟ ياربَّ ۽ سَندسِ رَسُول کان، رکن خوف خوار، ته ڪندو ظُلم زيادتِي، تَن تي، مَنجھ تڪرار، بلڪ اِهي بَدڪار، ظاهر آهِن ظُلم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51)

جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏيو آھي ته (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي ته ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اُھي ڇٽل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مٿي بيان ڪيل ڪافرن جي ابتڙ) جڏهن مؤمنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي تڏهن هنن جو قول اهوئي هوندو آهي جو بي ڌڙڪ چئي ڏيندا آهن ته اسان (دل و جان سان) ٻڌون ٿا ۽ اسان (پنهنجي عملن ۾) پوري پوري فرمانبرداري ڪيون ٿا، اهڙائي ماڻهو (دنيا ۽ آخرت جي) بهبودي ۽ بهتري ماڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


مؤمنن جي لاءِ لائق هي ڳالهه آهي ته جڏهن انهن کي الله تعالى ۽ الله جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ان لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي، اهي مؤمن چون ته اسان ٻڌو ۽ اسان حڪم مڃو ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ايمان وارن جو قول ته رڳو هي آهي ته جڏهن کين خدا ۽ رسول ڏي سڏايو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن پنهنجن جهيڙن جو فيصلو ڪريون ته چون ٿا ته اسان (حڪم) ٻڌو ۽ (دل سان) مڃيو، پڻ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


تحقيق هو مؤمنن جو قول صرف جڏهن سڏيا ويا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ هي ته چون ٻڌو اسان ۽ اطاعت ڪئي اسان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن ايمان وارن کي الله ۽ سندس رسول ڏي سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري ته انهن جو چوڻ رڳو هي هوندو آهي ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


ايمان وارن جو ڪم ته صرف هي آهي جو جڏهن اهي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيا وڃن ته رسول انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته اهي هيئن چون: ”اسان ٻڌوسين ۽ مڃيوسين“. ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُؤمنن جِي مُورهِين، هِي وَراڻِي تِنهن وار، ربَّ ۽ سَندسِ رَسُول ڏي، جڏهن ڪجينِ پُوڪار، تان ڪَجي اُنهن وِچ ۾، نِبيرو نِبار، سُئو سُون، ۽ مَڃيوسُون، آهيون تِهدِل تابِعدار، ۽ اُهي سوڀارا، سَهوار، آزاد هَر آزار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52)

۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن جي نافرمانيءَ کان بچندو پوءِ اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄي ٿو ۽ (سندس ٻڌايل برن ڪمن کان) پرهيز ڪري ٿو سو اهڙا ماڻهو ئي آهن جيڪي ڪامياب ٿيندا ۽ چڱيون مرادون ماڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ پرهيزگاري ڪري ٿو پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃي ۽ خدا کان ڊڄي ۽ ان (جي نافرمانيءَ) کان پڻ بچائيندو رهندو ته اهڙا ئي شخص پنهنجيءَ مراد کي پهچندا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪو اطاعت ڪري ٿو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ڊڄي ٿو الله کان ۽ بچي ٿو ان کان پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندا ۽ الله کان ڊڄندا ۽ ان (جي عذاب) کان بچندا سي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ ان (جي بي فرماني) کان بچي ٿو پوءِ اُهي ئي مراد ماڻڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جو ربَّ ۽ سَندسِ رسُول جي، حُڪمن هيٺ هلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌَڻِئَ کان، ۽ پَنهنجو پاڻ پَلي، پوءِ اُهي ڀاڳ ڀلي، مَن مُرادون ماڻـڻـا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53)

۽ الله جا وڏا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن ته جيڪڏھن کين حُڪم ڪرين ته ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته قسم نه کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! هي منافق ماڻهو تو وٽ اچي) الله جا وڏا وڏا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان اسان کي رڳو حڪم ڪيو ته پوءِ اسان ضرور (جهاد لاءِ گهرن مان) نڪري پونداسين. انهن کي چئي ڏي ته (سکڻا) قسم نه کڻو. (زباني ٺڪاون جي بدران اٿي عملن کي لڳو). سچي فرمانبرداري (عملن سان) سڃاتي وڃي ٿي. (ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جا عمل ٿو ڏسي) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي بيشڪ سڀ خبر آهي. (توهان جي دلين جو حال به کانئس لڪل ناهي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي الله تعالى جا پڪا قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن توهان انهن کي حڪم ڪريو ته اهي ضرور جهاد لاءِ نڪرندا رسولِ عربي توهان فرمايو ته قسم نه کڻو، توهان جي فرمانبرداري (جي حقيقت) معلوم آهي، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) انهن (منافقن تنهنجي تابعداري بابت) خدا جا سخت کان سخت قسم کنيا آهن ته جيڪڏهن حڪم ڪرين ته يڪدم (گهرٻار ڇڏي) نڪري پئون، تو کين چئو ته قسم نه کڻو (باقي) دستور وانگر تابعداري ان کان چڱي آهي ۽ بيشڪ اوهان جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کان خبردار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته جيڪڏهن امر ڪندين انهن کي ته البته ضرور نڪرندا چؤ ته نه قسم کڻو فرمانبرداري دستور واري بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ) اهي (منافق) پنهنجا پڪي ۾ پڪا الله جا قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن تون کين حڪم ڪندين ته اهي ضرور (پنهنجي وطن کان) ٻاهر ويندا (اي پيغمبر) کين چؤ ته قسم نه کڻو. دستور جي موافق فرمانبرداري (جي ضرورت) آهي. بيشڪ جيڪي ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن (منافقن) پڪا پختا الله جا قسم کنيا ته: ”جيڪڏهن تو انهن کي حڪم ڪيو ته اُهي ضرور (جهاد لاءِ) نڪرندا“. چؤ ته: ”توهان قسم نه کڻو، دستور مطابق فرمانبرداري (درڪار) آهي. بيشڪ الله با خبر آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سُنهن کَنيون سائـِين جو، سُنهن تي، سُنهن وارو، ته جي چَوندِين ته چَڙهندا جَنگ تي، نَر هِڻي نعرو، چَئو ته قسم ڪِين کڻو، آهي مڃڻ موچارو، سائـِين سَمجھڻ وارو، جيڪي ڪريو جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54)

چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر! تون) عام اعلان ڪر ته (اي انسانو) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. توهان جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان جو ئي نقصان آهي) منهنجي ذمي ته رڳو (حڪم پهچائڻ جو) بار آهي ۽ توهان ئي پنهنجي (عملن جي) بار کڻڻ جا ذميوار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان منهنجي فرمانبرداري ڪندؤ ته (سچي) هدايت واري واٽ تي هوندؤ (۽ ڪامياب ٿيندؤ). ۽ رسول جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته هو حق جو پيغام چٽيءَ طرح (ماڻهن کي) پهچائي ڏئي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته الله ۽ الله جي رسول جي اطاعت ڪريو، پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ رسولِ عربي جي مٿان تبليغ آهي ۽ توهان جي مٿان رسولِ عربي جي اطاعت آهي، ۽ جيڪڏهن توهان رسولِ عربي جي فرمانبرداري ڪندا ته هدايت وارا ٿيندا، ۽ رسولِ عربي تي ته فقط صاف تبليغ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته خدا جي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦريندو ته رسول تي رڳو ايترو ئي (پهچائڻ) واجب آهي جيترو مٿس بار رکيل آهي پڻ جنهن جا ذمه دار اوهين ڪيا ويا آهيو اوهان تي واجب آهي. پر جيڪڏهن سندس اطاعت ڪندو ته هدايت حاصل ڪندو ۽ رسول تي ته رڳو صاف طور تي (احڪام جو) پهچائڻ (فرض ڪيل) آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي پوءِ جيڪڏهن ڦرندؤ پوءِ ان تي صرف اهو آهي جيڪو کڻايو ويو ۽ اوهان تي اهو جيڪو کڻايو ويا آهيو ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ ان جي ته هدايت وارا ٿيندؤ ۽ ناهي رسول تي مگر پهچائڻ پڌرو. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


کين چؤ ته الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريندو ته جيڪو بار ان (رسول) تي رکيو ويو آهي سو ان جي ذمي آهي ۽ جيڪو بار اوهان تي رکيو ويو آهي سو اوهان جي ذمي آهي ۽ جيڪڏهن سندس چيو مڃيندو ته رستو لهندو ۽ رسول تي رڳو پڌرو پيغام (پهچائڻ) لازم آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”توهان الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته ان (رسول) جي ذمي صرف اهو آهي جيڪو مٿس لازم ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي ذمي اُهو آهي جيڪو توهان تي لازم ڪيو ويو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان سندس فرمانبرداري ڪندؤ ته هدايت وارا ٿيندؤ. ۽ رسول تي (ٻيو ڪجهه) لازم نه آهي سواءِ پڌرو پيغام پهچائڻ جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو ته، مالِڪ مڃيو، پڻ مُرسل مڻيادار، پوءِ پانهون ڏِنئون پير جي، ته اُن تي، اُن جو بار، ۽ آن تي بار اَوهان جو، جو رکيو ربَّ، سَتار، ۽ جي اَمر مَڃِيندا اُن جا، ته سُنهندا سَنئون پار، ۽ پَڌري پُهچائڻ ڌار، ٻِيو بار نه ڀلي رَسول تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55)

اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انسانو! هيءَ ڳالهه ٻڌو ۽ غور ڪيو) اوهان مان جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن سان الله جو واعدو آهي ته هو کين اهڙيءَ طرح دنيا ۾ حڪومت ۽ بادشاهي ڏيندو جهڙيءَ طرح اڳوڻن (مؤمنن ۽ صالح عمل ڪندڙن) کي حڪومت ڏني هئائين ۽ جيڪو دين هن سندن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن کي سندن لاءِ پڪي پائي تي بيهاري زور وٺائيندو ۽ (هلندڙ وقت واري) خوف ۽ هراس کان پوءِ هنن (مسلمانن) لاءِ (اڳوڻي حالت) بدلائي امن ۽ امان واري حالت آڻيندو آهي. (مؤمن پوءِ به) منهنجي ٻانهپ ڪندا رهندا، ۽ مون سان ڪنهن به شيء کي شريڪ نه ٺهرائيندا. پر جيڪي هن کن پوءِ به ڪفر جي واٽ وٺندا سي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ليڪو لنگهي بيهندڙ آهن (۽ تباهه ٿيندا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ۽ الله تعالى جو انهن سان وعدو آهي ته انهن کي ضرور زمين ۾ حڪمراني عطا ڪندو جيئنڪ انهن کان اڳ ۾ ماڻهن کي حڪمراني عطا ڪيائين، ۽ جنهن دين (اسلام) کي الله انهن لاءِ پسند ڪيو آهي ان کي ضرور مضبوط ڪندو ۽ انهن جي خوف کي امن سان تبديل ڪندو، اهي منهنجي عبادت ڪندا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪندا، ۽ ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا پوءِ اهي ئي گنهگار آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي ايمان وارو!) اوهان مان جن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان خدا وعدو ڪيو آهي ته اهو کين (هڪ نه هڪ ڏينهن) سموري زمين تي ضرورو (پنهنجو) نائب مقرر ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي نائب ڪيائين پڻ جنهن دين (اسلام) کي ان انهن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن تي کين ضرور پوري طاقت عطا ڪندو پڻ سندن ڊپ کان پوءِ (هنن جي هراس کي) امن سان ضرور بدلائيندو جو اهي (دلجاءِ سان) منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ ڪنهين کي منهنجو شريڪ نه ڪندا. ۽ جو شخص ان کان پوءِ ناشڪري ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو بدڪار آهن.(سيد فرمان علي)


وعدو ڪيو الله انهن سان جن ايمان آندو اوهان مان ۽ ڪيائون صالح عمل ته البته ضرور خليفو بنائيندو انهن کي زمين ۾ جيئن خليفو بنايائين انهن کي جيڪي اڳي هئا ۽ البته ضرور مستحڪم ڪندو انهن لاءِ دين انهن جو جنهن کان راضي ٿيو انهن جي لاءِ ۽ البته ضرور مٽائي ڏيندو انهن کي سندن خوف ۾ رهڻ کان پوءِ امن عبادت ڪن ٿا منهنجي نه ٿا شريڪ بنائين مون سان ڪا شيءِ ۽ جنهن بي شڪري ڪئي ان کان پوءِ، پوءِ اهي ئي فاسق آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آهي ته کين زمين ۾ ضرور حاڪم ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي حاڪم ڪيائين. ۽ سندن اهو دين جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس تنهن کي انهن لاءِ مضبوط ڪندو ۽ سندن ڊپ کان پوءِ کين بدلائي امن ڏيندو. اهي منهنجي عبادت ڪندا مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي نافرمان آهن. (مولانا محمد مدني)


الله وعدو ڪيو آهي اوهان مان انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته انهن کي ضرور زمين ۾ خلافت عطا ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي خلافت عطا ڪئي هئائين ۽ انهن لاءِ ان دين کي مضبوط ڪندو جيڪو سندن واسطي پسند ڪيائين. ۽ ضرور انهن جي خوف کي بدلائي کين امن ڏيندو. جيڪي منهنجي عبادت ڪن ٿا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ٿا ڪن. ۽ جنهن ان کان پوءِ ناشڪري ڪئي ته اُهي ئي نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَوهان مان، اُنهن سان ڪيا، قادِر قول قرار، آيا جي اِيمان ۾، پڻ ڪيائون چَڱِي ڪار، ته ڪَندنِ ضرور زمين تي، نائـِب نيڪو ڪار، جِيئن اُنهن کان اڳين کي، ڪيو خُدا خُود مُختيار، ۽ مَظبوط ڪَندو مُلڪ ۾، جو دِين ڌوائـِين، تَن هارِ، ڏِيندنِ اَمن، خوف پُٺيان، لاهي سَڀ لاچار، ته مونکي پُوڄِينِ، مُونسان، نه ڀانئـِينِ ڀائيوار، ۽ پوءِ ڦِريا، جي فُجار، اُهي ٻَهر آهِن ٻول کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56)

۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي مسلمانو!) نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (زباني مسلماني ۽ سکڻو ايمان ڪم نه ايندو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو ۽ رسولِ عربيءَ جي اطاعت ڪريو يقيناً توهان تي رحم ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي ايمان وارو!) نماز پابندي سان پڙهندا ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ (دل سان) رسول جي حڪم تي هلو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سيد فرمان علي)


۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رسول جي اطاعت ڪيو تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي مسلمانو !) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ رسول جي حڪم تي هلو مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (مولانا محمد مدني)


۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پُورو پَڙهو نماز کي، ۽ ڏِيو ڏُکين کي ڏان، ۽ مُرسل مِهربان، مڃيو، ته مَن مَرهيا وَڃو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57)

ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ائين متان سمجهو ته جن ماڻهن ڪفر (۽ ظلم) جي واٽ ورتي آهي، سي ملڪ ۾ (الله تعاليٰ جي واعدي ۽ رٿن کي روڪي ڇڏيندا ۽) غالب پوندا. سندن ٽڪاڻو (آخر دوزخ جي) باهه آهي جتي هو موٽي ويندا، ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان ايئن نه ڀانيو ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي اهي اسان کي زمين ۾ مجبور ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ اها موٽڻ جي تمام خراب جاءِ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) تون اهو خيال نه ڪر ته ڪافر (هيڏي هوڏي) زمين ۾ (پکڙي اسان کي) عاجز ڪري ڇڏيندا. (اهي پاڻ عاجز ٿي پوندا) ۽ سندن جاءِ ته جهنم (ئي) آهي ۽ ڪهڙي (نه) بڇڙي جاءِ آهي.(سيد فرمان علي)


هرگز نه خيال ڪيو انهن کي جن ڪفر ڪيو عاجز ڪندڙ زمين ۾ جاءِ انهن جي باهه آهي ۽ البته بڇڙي جاءِ موٽڻ جي آهي. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) تون هي خيال نه ڪر ته ڪافر زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن ۽ سندن ٽڪاڻو باهه آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


ڪافرن جي باري ۾ هرگز هي گمان نه ڪر ته زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ باهه آهي. ۽ نهايت بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀُون ۾ نه ڀانيو ڪافِرِين، زورا وَر ذَرو، ۽ جَن جو کُورو گَھر کَرو، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58)

اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مومنؤ! توهان کي هن ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان جا ٻانها (۽) ٻانهيون جيڪي اوهان جي قبضي ۾ آهن (۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون) ۽ پڻ اهي جيڪي بلوغت جي عمر کي نه پهتا آهن، (يعني اڃا ننڍا آهن) اهي سڀ توهان وٽ اچڻ لاءِ ٽن وقتن تي پهريائين موڪل گهرن: (١) فجر جي نماز کان اڳي (٢) منجهد جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي (يا بدلائي) آرام ڪندا آهيو. (٣) سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ. اهي ئي (اُهي) وقت آهن (جن ۾) توهان پوريءَ طرح پهريل نه هوندا آهيو (ٻيا ماڻهو ته هر وقت موڪل بنا نه اچن) انهن ٽن وقتن کان سواءِ (انهن ٻانهن نوڪرن ۽ ننڍن جي بنا موڪل اچڻ ۾) نه اوهان جي لاءِ گناهه جي ڳالهه آهي نه ئي هنن لاءِ، ڇو ته (ڪم ڪار لاءِ) توهان هڪٻئي ڏانهن اچو وڃو ٿا، (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو توهان کان توهان جا ٻانها اجازت وٺن (پوءِ توهان جي گھرن ۾ اچن) ۽ اهي ڇوڪرا جيڪي اڃان جوان نه ٿيا آهن، اهي توهان کان ٽي دفعا (اچڻ جي) اجازت وٺن، فجر جي نماز کان اڳ ۾ ۽ ٻن پهرن جي وقت جڏهن توهان ڪپڙا لاهي آرام ڪريو ٿا ۽ عشاء نماز کان پوءِ، (اهي) ٽئي وقت توهان جي پردي جا آهن، انهن ٽِن وقتن کانسواءِ انهن جي اچڻ ۾ نه توهان تي ڪو گناه آهي ۽ نه انهن تي، اهي ٻانها ۽ ڇوڪرا توهان جي چؤگرد ڦرندڙ آهن، اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! توهان جون ٻانهيون، غلام ۽ اهي ٻار جي اڃا ساماڻا نه هجن تن کي به گهرجي ته (ڏينهن رات ۾ ٽي) ڀيرا (ٽن وقتن ۾ اوهان وٽ) اچڻ جي اجازت سان اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي، ۽ جڏهن اوهين (گرميءَ ڪري)منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سهمڻي جو نماز کان پوءِ (اهي) ٽي وقت اوهان جي پردي ڪرڻ جا آهن. انهن (وقتن) کان سواءِ (بنا اجازت اچڻ ۾) نه ته اوهان تي ڪو الزام آهي (۽) نه انهن تي (ڇو جو) اهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ (ضرورت سان يا ائين ئي) اڃن وڃن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! جڳائي ته موڪل گهرن اوهان کي ٻانها اوهان جا ۽ اهي جيڪي نه پهتا بلوغت کي اوهان مان ٽي ڀيرا فجر نماز کان اڳ ۾ ۽ جڏهن لاهي رکو ٿا ڪپڙا پنهنجا منجهند جو ۽ نماز عشاء کان پوءِ ٽي وقت اگهڙ جا آهن اوهان جي لاءِ ناهي اوها تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه انهن کان پوءِ ڦرندڙ گرندڙ آهن اوهان تي هڪڙا اوهان مان ٻين تي اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو! جن جا اوهين مالڪ آهيو ۽ جيڪي اوهان مان بلوغت کي نه پهتا آهن سي ٽي ڀيرا (ٽن وقتن ۾ ) اوهان کان اجازت وٺي اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي ۽ جڏهن منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سمهڻي جي نماز کانپوءِ. (اهي) ٽي وقت اوهان جي اڪيلائي جا آهن. انهن (وقتن) کانپوءِ نه اوهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه آهي (ڇو جو) اُهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ وارا آهن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! توهان جا زيردست (يعني ٻانها ۽ ٻانهيون) ۽ توهان مان اُهي ٻار جيڪي اڃا بلوغت کي نه پهتا آهن (توهان وٽ اچڻ لاءِ) ٽن وقتن ۾ توهان کان اجازت وٺي اندر اچن. فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجهند مهل جڏهن (آرام لاءِ اضافي) ڪپڙا لاهي رکو ٿا ۽ سومهڻي نماز بعد. (جڏهن آرام ڪيو ٿا اهي) ٽي وقت توهان جي پردي جا آهن. انهن (وقتن) بعد (اهي بنا اجازت اچن ته) نه توهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه آهي. (ڇو جو باقي وقتن ۾ اُهي ۽) توهان ڪثرت سان هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهندا آهيو. ان طرح الله توهان لاءِ آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي جَن مَڃيو! مَر اوهان کان، وَٺنِ اِجازت اَندر، اَهنجي سَڄڻ، جَن سنڀاليو، گولا، گوليون گَھر، پڻ توهان مان، تَڙ کي، نه پُهتا جي نِينگر، ٽي ڀيرا اڳ فَجر کان، ۽ مَنجھند مَهل مگر، ڪَنڌِئَ رکو ڪپڙا، جَڏهن پَنهنجا، پنهنجِئَ پَر، پڻ سُمهڻِي صلوات پُوان، ٽي اُ گھاڙون اَڪثر، تِهان بَعد، توهان تي، نَه حَرج ۽ نه هُنن سِر، ڪي اَوهان مان، ڪن تي، وَر وَر ڪَندڙ وَر، اَلله اِيئن اَوهان لئي، ٿو کولي خُوب اَمر، داناڌڻِي دارو، پڻ حِڪمِتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59)

۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن توهان جا ٻار (پنهنجا يا پراوا) بلوغت کي پهچن (يعني جوان ٿين) تڏهن گهرجي ته اهي به ساڳيءَ طرح (هر وقت ۽ هر موقعي تي) موڪل گهرن، جهڙيءَ طرح انهن کان اڳيان (يعني وڏا) موڪل گهرندا پئي آيا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام چٽائي سان بيان ڪري ٿو ڇڏي. (۽ وري وري ياد رکو ته سندس سڀ حڪم مفيد ۽ ضروري آهن، ڇو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان مان ڇوڪرا جوان ٿين ته پوءِ انهن کي گھرجي ته (اچڻ لاءِ) اجازت گھرن جيئنڪ انهن کان اڳين ماڻهن اجازت طلب ڪئي، اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ پنهنجون آيتون بيان فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي ايمان وارو!) جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته جيئن انهن کان اڳ (وڏي عمر وارا گهر ۾ اچڻ جي) اجازت وٺي ايندا هئا تئين اهي به اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ (پنهنجيون) آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله ته وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پهچن ڇوڪرا اوهان مان بلوغت کي پوءِ جڳائي ته موڪل وٺي اچن جيئن موڪل گهري انهن جيڪي انهن کان اڳي هئا اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ آيتون پنهنجون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته اهي اجازت وٺي اندر اچن جيئن انهن کان اڳيان (وڏا) اجازت وٺن ٿا. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجيون آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن توهان جا ٻار بلوغت جي حد کي پهچن ته اُهي (توهان وٽ اچڻ لاءِ ائين) اجازت وٺن جيئن انهن کان اڳيان (بالغ ماڻهو) اجازت وٺن ٿا. اهڙي طرح الله توهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پُهتا اَوهان جا ننڍڙا، جِنهن وِير وَهِي، ته موڪلائـِن مِثال تِنهن، جا وَڏڙن ساڻ وهِي، اَلله کولي آن لئي، پَنهنجا حُڪم پَهِي، سَمجھدار صَحِي، پڻ ڏاهو آھِ ڏيھ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60)

۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ وڏيون پوڙهيون عورتون جن کي پرڻجڻ جي ضرورت ئي نه رهي آهي سي جيڪڏهن پنهنجا (غير ضروري ٻاهريان) ڪپڙا (جيئن چادر ڪنهن وقت) نه پائين ته انهن کي گناهه ڪونهي، بشرطيڪه هو زينت وارين جاين کي ظاهر نه ڪن، پر جيڪڏهن انهيءَ کان به بچن (يعني ٻاهران ڪپڙا به پائينديون رهن) ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي عمر رسيده عورتون جيڪي نڪاح جو ارادو نه ٿيون رکن پوءِ هرگز انهن تي ڪو گناه ناهي جو اهي پنهنجا ڪجھه ڪپڙا (چادرون وغيره) لاهي رکن جيڪڏهن کين زينت جو ارادو ناهي، ۽ ايئن نه ڪرڻ سندن لاءِ بهتر آهي، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي سي جيڪڏهن پنهنجا ڪپڙا (پوتيون) لاهي (مٿو اگهاڙو ڪري) ڇڏين ته ان ۾ مٿن ڪو ڏوھ نه آهي، (پر ڌارين اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ (ان کان به) بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ خدا (سڀني جو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ وهندڙ (ٻڍيون) عورتون جيڪي نه ٿيون اميد رکن نڪاح جي پوءِ ناهي انهن تي ڪو گناهه هي جو لاهي رکن چادريون پنهنجون هن حال ۾ ته نه ظاهر ڪندڙيون سينگار پنهنجو ۽ هي جو بچن (ان کان) ته ڀلو آهي انهن جي لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي تن تي هن ڳالهه ۾ ڪو گناهه نه آهي ته پنهنجون چادرون نه ڍڪين (پر ڌارين جي اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ ان کان به اهي بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ الله (سڀ ڳالهيون) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي گهرن ۾ ويٺل (ڪراڙيون )زالون جن کي نڪاح جي خواهش نه رهي آهي سو انهن تي ڪو گناهه ناهي جو اُهي پنهنجا (مٿان ڍڪڻ وارا اضافي) ڪپڙا لاهي رکن بشرطيڪه اُهي پنهنجي سينگار کي ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن. ۽ جيڪڏهن اُهي (وڌيڪ) پرهيزگاري اپنائن ته انهن لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ويٺل وِيا مڻ کان، وَنيون وَڏِي ڄَمار، جي نِيت نه رکن نڪاح جي، پوءِ مَٿنِ ناهي مَيار، ته رکن پَردا پَنهنجا، بُرقعا بَرڪِنار، ۽ ڏيہ کي نه ڏيکارڻ واريون، سَندنِ هار سِينگار، ۽ جي پَردو ڪَن ته پاڻ ڀَلو، آهي اُنهن هارِ، ۽ سُڻندڙ رَبُّ، سَتَّار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61)

انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


نڪي انڌن لاءِ (هيءَ ڳالهه) ڪا پوڻائي جي ڳالهه آهي، نڪي منڊن يا بيمارن لاءِ، نڪي توهان ٻين لاءِ (ڪا رڪاوٽ آهي) ته توهان (انڌا منڊا ۽ بيمار) پنهنجي گهرن ۾ يا پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهرن ۾ کائو پيئو يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن ۾ يا ڀينرن جي گهرن ۾ (کائو پيئو) يا پنهنجي چاچن جي گهرن ۾ يا پڦين جي گهرن ۾ يا مامن جي گهرن ۾ يا ماسين جي گهرن ۾ يا انهن گهرن ۾ جن جون ڪنجيون توهان جي قبضي ۾ هجن يا پنهنجي (نيڪ) دوستن جي گهرن ۾ (بيشڪ کائو پيئو). هن ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ڪونهي ته گڏجي ويهي کائو يا جدا جدا (اڪيلا ويهي) کائو، پر (ياد رکو ته) جڏهن گهرن ۾ گهڙو تڏهن پنهنجن ماڻهن کي پهريائين السلام عليڪم وغيره چوندا ڪيو، (يعني سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪت جي دعا ڪندا ڪريو) اهو سلام ڪرڻ (يعني اها دعا ڪرڻ) الله وٽان هڪ برڪت وارو ۽ پاڪ سلام آهي. (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي ٻڌائي ٿو توهان انهن کي چڱيءَ طرح سمجهو (۽ انهن جي تعميل ڪيو).(علامه علي خان ابڙو)


نابين ماڻهو تي ڪا بندش ناهي ۽ منڊي ماڻهوءَ تي ڪا بندش نه آهي ۽ مريض ماڻهوءَ تي ڪا بندش ناهي (جو اهي هيٺين گھرن مان کائين) ۽ نه توهان تي ڪا بندش آهي جو توهان پنهنجي گھرن مان (ڪا شيءِ کڻي) کائو يا پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي گھرن مان يا پنهنجي ماءُ ڏاڏيءَ جي گھرن مان، يا پنهنجي ڀائرن جي گھرن مان يا پنهنجي ڀيڻن جي گھرن مان، يا پنهنجي چاچن جي گھرن مان يا پنهنجي پڦين جي گھرن مان يا پنهنجي مامن جي گھرن مان يا پنهنجي ماسين جي گھرن مان يا جن ماڻهن جو چاٻيون توهان وٽ آهن يا توهان جي پڪن دوستن جي گھرن مان (مطلب ته انهن گھرن مان کائي سگھو ٿا) توهان تي ڪو گناه ناهي جو توهان گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي کائو، پوءِ جنهن وقت توهان گهرن ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان انهن تي سلام ورايو، اها کيڪار الله تعالى وٽ مبارڪ ۽ پاڪ آهي اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ته من توهان سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن ڳالھ ۾ نه انڌي تي ڪا پابندي آهي ۽ نه منڊي تي ڪو الزام آهي ۽ نه بيمار تي ڪو ڏوھ آهي ۽ نه خود اوهان تي جو پنهنجي گهرن مان کاڌو کائو يا پنهنجي ابن ڏاڏن نانن (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ناني (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جون ڪنجيون اوهان وٽ آهن يا پنهنجي دوستن (جي گهرن) مان کائو. هن ۾ به اوهان تي ڪوئي الزام نه آهي ته سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهرن ۾ وڃو ۽ (اتي ڪنهن کي نه ڏسو) ته پاڻ تي سلام ڪندا ڪريو جو خدا جي طرف کان به هڪ مبارڪ پاڪ ۽ پاڪيزه تحفو آهي. اهڙيءَ طرح خدا توهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.(سيد فرمان علي)


ناهي انڌي تي گناهه ۽ نه منڊي تي گناهه ۽ نه بيمار تي گناهه نه اوهان جي سرن تي هي جو کائو گهرن پنهنجن مان يا پنهنجن پيئرن جي گهرن مان يا پنهنجين مائرن جي گهرن مان يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجن چاچن جي گهرن مان يا پنهنجين پڦين جي گهرن مان يا پنهجن مامن جي گهرن مان يا پنهنجين ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جو مالڪ ٿيئو انهن جي ڪنجين جا يا پنهنجي دوست جي گهر مان ناهي اوهان تي ڪو گناهه ته کائو گڏجي يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهڙو گهرن ۾ پوءِ سلام چئو پنهنجن سرن تي مرحبا الله وٽان برڪت واري پاڪ صاف اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ احڪام تانته اوهان سمجهو. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


نه انڌي تي ڪا تنگي آهي ۽ نه منڊي تي ڪا تنگي آهي ۽ نه بيمار تي ڪا تنگي آهي ۽ نه خود اوهان (مسلمانن) تي (ڪا تنگي) آهي ته اوهين پنهنجن گهرن يا پنهنجن پين جي گهرن يا پنهنجن مائن جي گهرن يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن يا پنهنجن ڀينرن جي گهرن يا پنهنجن چاچن جي گهرن يا پنهنجن پڦين جي گهرن يا پنهنجن مامن جي گهرن يا پنهنجن ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا اوهين مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجن دوستن جي گهرن مان کائو. اوهان تي گڏجي يا جدا جدا ٿي کائڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي. پوءِ جڏهن اوهين ڪن گهرن ۾ داخل ٿيو ته پنهنجن ماڻهن کي سلام ڪريو جا الله جي طرفان برڪت واري سٺي دعا آهي. اهڙي طرح الله اوهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (مولانا محمد مدني)


انڌي تي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه مَنڊي تي ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه بيمار مٿان ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه خود توهان تي (ڪا رڪاوٽ آهي) جو توهان پنهنجي گهرن مان (کاڌو) کائو يا پنهنجي پيءَ ڏاڏي جي گهرن مان يا پنهنجي مائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا توهان مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان (کاڌو کائڻ ۾ توهان تي حرج ناهي). توهان تي هن ڳالهه ۾ به گناهه ناهي جو توهان سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا کائو. پوءِ جڏهن توهان گهرن ۾ داخل ٿيندا ڪيو ته پوءِ پنهنجن کي سلامتي جي دعا ڏيو اها دعا جا الله جي طرفان مقرر آهي جا وڏي بابرڪت (۽) پاڪيزه آهي. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان (زندگي گذارڻ جا آداب) سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَنڌي، مَنڊي، مَرِيض تي، ناهي مُور مَيار، پڻ نه اوهان پاڻ تي، جي کائو طَعام تيار، پَنهنجي يا پَنهنجي پِئَن جي حويليان هوشيار! يا ماڳ اَوهان جي مائُرِين، ڀيڻن، توڻي ڀار، يا چاچن، يا پُڦين جا، يا ماما، يا ماسيون سار، ڪنجيون اوهان وٽ جنهنجيون، يا اَهنجا يار سچار، کائو گڏ، يا ڌار، ته ميار نه اوهان تي مُورهين. جڏهن گِھڙو گَھرن ۾، ته چَئَو پَنهنجي سِر سَلام، جِئَ جِئَ رَبَّ، جَبّارکان، ڀَلو پاڪ ڪلام، اِنپر چِٽا چوي ٿو، آگو ربُّ، عَلام، آن کي حُڪم اِسلام، پَڙِهي مانَ پَروڙيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62)

مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(سچا) مؤمن فقط اهي آهن جيڪي الله ۽ سندس رسول ۾ (پورو پورو) ايمان ٿا رکن ۽ جڏهن هو ڪنهن اهڙي موقعي تي گڏ ٿيل (هوندا) آهن جنهن تي (قومي معاملن سان تعلق رکندڙ) ڪنهن اهم ڪم جو فيصلو ڪرڻو (هوندو) آهي يا ڪو اهڙو ڪم گڏجي ڪرڻو (هوندو) آهي تڏهن اهي سچا مؤمن سندس موڪل وٺڻ کان سواءِ اٿي هليا نٿا وڃن. (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو توکان اجازت گهرن ٿا، سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيندڙ آهن. سو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ توکان موڪل گهرن تڏهن انهن مان جنهن کي چاهين تنهن کي موڪل ڏي، ۽ الله کان هنن جي لاءِ مغفرت (يعني معافي) جي دعا گهر. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(سچا) مؤمن اهي آهن جيڪي الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻن ٿا ۽ جنهن وقت اهي رسولِ عربيءَ سان ڪنهن اجتمائي ڪم ۾ آهن ته اتان اهي رسولِ عربيءَ جي اجازت کانسواءِ نٿا موٽن، بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان (رسولِ عربي) کان اجازت وٺن ٿا، اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻن ٿا، پوءِ جڏهن اهي توهان کان ڪنهن ڪم جي اجازت طلب ڪن پوءِ توهان انهن مان جنهنکي چاهيو ڀلي ان کي اجازت ڏيو، ۽ انهن لاءِ الله تعالى کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سچا ايمان وارا اهي آهن جن خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي ڪم جي لاءِ جنهن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي رسول وٽ (گڏ) ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کان اجازت وٺن ٿا سي ئي (دل سان) خدا ۽ سندس رسو تي ايمان آڻڻ وارا آهن. ته جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ تو کان اجازت گهرن ته تون انهن مان جنهن کي (مناسب ڄاڻي) گهرين ته اجازت ڏيندو ڪر پڻ خدا کان ان جي معافيءَ جي دعا به ڪر بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


ايمان وارا اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي جڏهن هوندا گڏ ان سان امر گڏ ڪندڙ تي ته نه ويندا تانجو موڪل وٺن ان کان بيشڪ جيڪي موڪل وٺن ٿا تو کان اهي ئي آهن جيڪي ايمان آڻين ٿا الله تي ۽ ان جي رسول تي پوءِ جڏهن موڪل گهرن تو کان پنهنجي بعضي ڪمن جي لاءِ پوءِ اجازت ڏي ان جي لاءِ جنهن کي گهرين انهن مان ۽ مغفرت طلب ڪر انهن لاءِ الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ايمان وارا رڳا اُهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ساڻس گڏجي ڪرڻ واري ڪم ۾ گڏ ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي پيغمبر !) بيشڪ جيڪي توکان اجازت وٺن ٿا سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻين ٿا. پوءِ جڏهن اهي توکان پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ موڪل وٺن ته انهن مان جنهن کي گهرين تنهن کي موڪل ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ايمان وارا ته صرف اُهي ماڻهو آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو۽ جڏهن ان (رسول) سان ڪنهن اهڙي ڪم ۾ حاضر هجن جيڪو (ماڻهن کي) گڏ ڪرڻ وارو آهي ته ايستائين واپس نه وڃن جيستائين ان کان اجازت نه وٺن. بيشڪ (اي نبي) جيڪي ماڻهو تو کان اجازت وٺن ٿا اُهي الله ۽ ان جي رسول تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهن، پوءِ جڏهن تو کان پنهنجي ڪن ڪمن لاءِ اجازت گهرن ته انهن مان جنهن کي چاهين اجازت ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


رَبَّ ۽ رَسُول کي، مَڃِينِ اُهي ميڙ، ۽ جڏهن مامِع جنگ تي، هُجن ساڻِس شير، ته نَه پاتئون پير، تان وَٺنِ اِجازت اُن کان. جي مَڃِين رَبّ ۽ رسول کي، موڪلائنئـِي مُور، سَندنِ ڪِنهن ڪم لئي، جڏهن ڏِينئـِي حال حُضور!، ته وَڻئـِي تِنهن لئي وِير!، تون موڪل ڪر مَنظور، ۽ بخشاءَ بارئَ کان، اُنهن جا عيب قُصور، غالِب رَبُّ، غفور، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63)

اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان رسول (ﷺ) جي سڏ کي اهڙو نه سمجهو جهڙو هڪ ٻِئي جي سڏ کي سمجهندا آهيو. (سندس سڏ کي تمام وڏي ۽ ضروري ڳالهه سمجهو ۽ هڪدم حاضر ٿيو). يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان منجهان اک وٺي کسڪي اٿي وڃن ٿا. (يا ڪوڙو بهانو ڏئي هليا وڃن ٿا). (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو رسول(ﷺ) جي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا تن کي هن ڳالهه کان ڊڄڻ گهرجي ته متان مٿن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو دردناڪ عذاب اچي مٿن ڪڙڪي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان رسولِ عربيءَ کي ايئن (نالي سان) نه سڏيو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڏيو ٿا، بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي ماٺ ماٺ ڪري آڙ وٺي نڪري وڃن ٿا، پوءِ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي سندس حڪم جي مخالفت ڪن ٿا، جو انهن کي ڪا مصيبت پهچي يا انهن کي دردناڪ عذاب پهچي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي ايمان وارو) جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي (نالو وٺي) سڏيو ٿا تئين اوهين رسول کي نه سڏيندا ڪريو. خدا انهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جي اوهان مان وجھ ڏسي (رسول وٽان) لڪي کسڪي وڃن ٿا. سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالھ کان ڊڄن ٿه متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي.(سيد فرمان علي)


نه بنايو رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ مثل سڏڻ بعض اوهان جي بعض کي تحقيق ڄاڻي ٿو الله انهن کي جيڪي کسڪي نڪرن ٿا اوهان مان اوٽ ڏيندي پوءِ جڳائي ته ڊڄن اهي جيڪي مخالفت ڪن ٿا ان جي امر کان ته متان پهچي انهن کي ڪا بلا يا پهچي انهن کي عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي مسلمانو !) اوهين پاڻ ۾ رسول جي سڏڻ کي ائين نه سمجهيو جيئن هڪ ٻئي کي سڏيو ٿا.جيڪي اوهان مان (اجازت وٺڻ کانسواءِ) لڪي کسڪي وڃن ٿا تن کي الله ڄاڻي ٿو.سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالهه کان ڊڄن ته متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي. (مولانا محمد مدني)


(اي مسلمانو!) اوهان رسول جي سَڏِڻَ کي هڪ ٻئي جي سَڏڻَ وانگر (رواجي يا معمولي) نه بنايو. بيشڪ الله اوهان مان اهڙن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي (بنا موڪل وٺڻ جي) لِڪي کسڪي وڃن ٿا، پوءِ ڀلي ته ڊڄن اُهي ماڻهو جيڪي ان (رسول) جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا هن ڳالهه کان جو متان انهن مٿان ڪا آفت پوي يا انهن کي درد ناڪ عذاب پهچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تنهن پر، ڪريو ڪِين ڪِي، پاڻ سُنهارن سَڏ، هِڪ ٻِئي کي هَڏ، جيئن پُوڪاريو پاڻ ۾. اَوهان مان، اُنهن کي، سَمجھي صَحِي سُبحان، جي ٻِئا ڏيئـِي ٻوُهي ۾، جِند ڇڏائن، جان، جي اَمر ڀَڃن اُن جو، سي ڌارِين هي ڌِيان، ته اَچينِ اِمتحان، آزاريل عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64)

خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ الله جي لاءِ آهي. هو خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي روش ۽ توهان جا خيال ۽ خواهشون ڪهڙيون آهن، ۽ جنهن (قيامت جي) ڏينهن توهان موٽي وٽس ويندؤ تنهن ڏينهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئو. ۽ (پڪ ڄاڻو ته) الله تعاليٰ هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


خبردار ! بيشڪ الله تعالى لاءِ اهو سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن ڳالهه تي اوهان آهيو، ۽ قيامت جي ڏينهن توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) يقينا الله جو ئي آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو ته پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو ٻڌائيندو ۽ خدا سڀ شيءَ کي ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


خبردار بيشڪ الله جو آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي تحقيق ڄاڻي ٿو اهو جو اوهان ان تي آهيو ۽ ان ڏينهن جو موٽايا ويندا ان ڏانهن پوءِ خبر ڏيندو انهن کي جيڪي ڪيائون ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ ان ڏينهن کي به (جنهن ۾ ) سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون تنهن جي کين خبر ڏيندو ۽ الله سڀ شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


خبردار! بيشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بلاشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن حال ۾ اوهان آهيو. جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏانهن موٽايا ويندا پوءِ اهو کين ٻڌائيندو ته انهن ڪهڙا عمل ڪيا هئا؟ ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَمجھ ته صاحِب هارِ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، جِنهن تي اَوهين آهيو، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ اُهو ڏِينهن، جِنهن ڏانهن موڙِيندا مَهار، پوءِ ڏِيندنِ خَبر اُن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هادِي هِينڙي هار، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017