القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 118


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1)

بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ۽ سعادت وارا ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


مؤمن يقيناً ڪامياب ٿيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


البت اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا.(سيد فرمان علي)


تحقيق ڪامياب ٿيا مؤمن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا، (مولانا محمد مدني)


تحقيق مؤمن ڪامياب ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تَن مؤمنن کي موورهِين، ٿٖئي نَصِيب نجات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2)

جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهي مؤمن ڪامياب رهندا) جيڪي پنهنجي نمازن ۾ نماڻا ۽ نيازمند آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي نماز ۾ (خوفِ خدا کان) عاجزي ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن.(سيد فرمان علي)


اهي جيڪي پنهنجي نماز ۾ نوڙت ڪندڙ آهن ..(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي پنهنجيءَ نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن، (مولانا محمد مدني)


جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي، سَندنِ نِماز ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3)

۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي نڪمين ۽ واهيات ڳالهين کان رخ ڦيرائي ڇڏين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي فضول ڳالهين کان پاسو ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي بيهوده ڳالهين کان منهن موڙيندڙ آهن.(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي اجائيءَ ڳالهه کان منهن موڙيندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي اجائي ڳالهه کان منهن موڙيندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي بيهودين ڳالهين کان مُنهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀَڄندڙ ڪنان بَڪوات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4)

۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي زڪوات ادا ڪرڻ ۾ سرگرم آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن،(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي زڪواة ادا ڪندڙ آهن. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي زڪواة ادا ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَنجھان مال زڪوات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5)

۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي ستر رکڻ ۾ ڪڏهن به غافل نٿا ٿين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي (پنهنجين) اگهڙن کي (حرام کان) بچائيندڙ آهن،(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجين اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجين اگهڙن کي پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کانسواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن.(مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي (بدڪاري کان) حفاظت ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي سَندِن ننگ ناموس جا، راکا ڏِينهان، رات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6)

رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر هو پنهنجي نڪاح ٻڌين زالن سان همبستريءَ جو تعلق رکن ٿا يا انهن سان جيڪي سندن ملڪيت ۾ اچي ويون آهن، (يعني غلام عورتون يا ٻانهيون) بيشڪ انهن سان همبستر ٿيڻ ۾ مٿن ڪوبه گناهه ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


سواءِ پنهنجي گھر وارين جي ۽ پنهنجي ٻانهين جي، پوءِ بيشڪ انهن تي ڪا ملامت ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر پنهجين زالن ۽ پنهنجين (خريد ڪيل) ٻانهين کانسواءِ، انهن تي ڪو به الزام مڙهي نه ٿو سگهجي.(سيد فرمان علي)


مگر پنهنجين زالن تي يا انهن تي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا پوءِ بيشڪ اهي ناهن ملامت ڪيل. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇو ته (انهن کان اگهاڙ نه بچائڻ ۾ ) ۾ اهي ملامت ڪيل نه آهن. (مولانا محمد مدني)


سواءِ پنهنجي زالن جي يا انهن ٻانهيُن جي جيڪي سندن هٿن جي (شرعي) ملڪيت آهن پوءِ بيشڪ اُهي ملامت ڪيل نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مگر گَھرسَندنِ ۽ گوليون، پوءِ اُهي ڇِينڀان ڇُٽل ذات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7)

پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (هن معاملي ۾) ان کان علاوه ڪا ٻي صورت (شهوت پرستيءَ جي) ڳولي ڪڍندو ته پوءِ اهڙي صورت ڳولي ڪڍڻ وارا ئي آهن، جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ ليڪو لنگهي ٿا بيهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جنهن ماڻهو انهيءَ کان علاوه ٻيو ڪو طريقو اختيار ڪيو پوءِ اهي ئي ماڻهو حد کان وڌندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ڪنهين ٻئي طريقي سان شهوت پرستي جي) آرزو ڪندا ته اهڙا ئي ماڻهو حد کان وڌي وڃڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ جنهن خواهش ڪئي سواءِ ان جي پوءِ اهيئي تجاوز ڪندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي ان کانسواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا، سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جو شخص انهن کان سواءِ ڪجهه چاهيندو ته پوءِ اُهي ئي حد کان لنگهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن، تَن ري، ڪئِي ٻِي تات، اُهي لَنگھيل لَڄ، شرم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8)

۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ عَهدن (۽ واعدن) پاڙڻ ۾ بلڪل ايماندار رهن ٿا (اها آهي مؤمنن جي پنجين وصف).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي امانتن ۽ وعدن جي نگراني ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام جو لحاظ رکن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ عهد انجامن جي پاسداري ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي واهِي وَٽِن وَٿن جا، پڻ سَندنِ عَهد، اَنجام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9)

۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪڏهن به قصور نٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اِهي ماڻهو اُهي آهن جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي پابندي ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجين نمازن جي حفاظت ڪن ٿا. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي پابندي ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي نگاه سَندنِ نمازن جِي، رَکن صُبح، شام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10)

اِھي ئي اُھي وارث آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اهڙائي ماڻهو وارث ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو ئي وارث ٿيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(آدم جي اولاد ۾) اهي ئي ماڻهو سچا وارث آهن.(سيد فرمان علي)


اهي ئي اهي وارث آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي ئي وارث آهن. (مولانا محمد مدني)


اهي ئي اُهي وارث آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بيشڪ باغ بهشت جا، وارِث اِهي وَريام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11)

جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ کين فردوس جي زندگي ميراث ۾ ملندي ۽ هميشه ان ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي جنت الفردوس جا وارث ٿين ٿا، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي بهشت برين جو حصو وٺندا. (۽) اهي ئي انسان ان ۾ هميشه (جيئرا) رهندا.(سيد فرمان علي)


جيڪي وارث ٿيندا فردوس جا اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي ٿڌيءَ ڇانوَ واري باغ جا وارث ٿيندا. جنهن ۾ اهي پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


جيڪي ميراث ۾ فردوس (بهشت جو اعلى طبقو) ماڻيندا. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهيئـِي مُلڪ مَلِير، سو ماڻِيندا مُدام، اُهي سان آرام، دائـِم داخِل اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12)

۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هي حقيقت آهي ته اسان انسان کي مٽيءَ جي سَتَ (خمير ٿيل گاري) مان پيدا ڪيو. (يعني پهريائين پهريائين انسان مٽيءَ مان پيدا ڪيوسين.).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان انسان کي چونڊيل مٽيءَ مان پيدا فرمايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان انسان کي آلي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي جوهر مٽيءَ جي مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي ست مان بنايو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ماڻهو جوڙيو سون مُورهِين، مَنجھان مِٽِيءَ جي سَت، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13)

وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ان کي نطفو (يعني منيءَ جو ڦڙو) بنايوسين، هڪ اهڙيءَ جاءِ ۾ جتي قرار وٺي ۽ ڄمي بيهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان کانپوءِ اسان ان کي هڪ نطفو بنائي ماءُ جي پيٽ ۾ رکايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اسان ان کي هڪ جڳھ (عورت جي رحم) ۾ نطفو بڻائي رکيو.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ رکيوسون ان کي منيءَ جو ڦڙو بنائي قرار واريءَ جاءِ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري ان کي منيءَ جو ڦڙو ڪري مضبوط جاءِ ۾ رکيوسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان کي نطفو بنائي هڪ مضبوط جاءِ (ماءُ جي رِحم) ۾ رکيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڦيري ڪيوسون، پوءِ ڦڙو، اُنهيء کي البت، قابو هَنڌ قَرار ۾، ستاڙا ڇھ، ست،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14)

وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ نطفي کي اسان علقه بنايو. پوءِ علقه کي هڪ گوشت جي ٽڪري جهڙو ڪري ڇڏيوسين، پوءِ ان ۾ هڏين جو پڃرو پيدا ڪيوسين ۽ پوءِ ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح ان کي بلڪل ٻيءَ طرح جي مخلوق بنائي ظاهر ڪيوسين. سو ڪهڙو نه برڪتن وارو الله آهي جو سڀني کان بهتر پيدا ڪرڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان ان نطفي مان رت جو دڳ بنايو پوءِ اسان دڳ مان گوشت جو ٽڪرو بنايو، پوءِ گوشت جي ٽڪري مان هڏيون بنايون پوءِ هڏين جي مٿان گوشت چاڙهيوسين، ان کان پوءِ اسان ان ۾ روح ڦوڪيو، پوءِ بابرڪت آهي الله جيڪو تمام سهڻو خالق آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اسان ئي نطفي کي ڄميل رت بنايو پوءِ اسان ئي ان ڄميل رت مان گوشت جو لوٿڙو بنايو پوءِ اسان ئي لوٿڙي جون هڏيون بنايون پوءِ اسان ئي هڏين کي گوشت چاڙهيو پو اسان ئي ان کي (روح وجهي) هڪ ٻي صورت ۾ پيدا ڪيو ته (سبحان الله) خدا بابرڪت آهي جو سڀني کان چڱو بنائيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ بنايوسين ڦڙي کي رت جو دڳ پوءِ بنايوسين دڳ کي گوشت جو ٽڪرو پوءِ بنايوسين ٽڪري کي هڏا پوءِ ڍڪايوسون هڏن تي گوشت تنهن کان پوءِ پيدا ڪيوسون ان کي پيدائش ٻي پوءِ برڪت وارو آهي الله سهڻو پيدا ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان کان) پوءِ منيءَ جي ڦڙي کي رت جو دڳ ڪيوسون پوءِ رت جي دڳ کي گوشت جي ٻوٽي بنايوسون، پوءِ ان گوشت کي هڏيون بنايوسون، پوءِ هڏين کي گوشت ڍڪايوسون– وري ان کي ٻي هڪ مخلوق بنايوسون. پوءِ وڏيءَ برڪت وارو آهي الله جو سڀني کان چڱو بنائيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان نُطفي کي رت جو دِڳُ بنايو، پوءِ اسان ان رت جي دِڳَ کي گوشت جي ٻُوٽي بنايو، پوءِ اسان گوشت مان هڏين جو ڍانچو بنايو، پوءِ اسان هڏين کي گوشت پهرايو، پوءِ اسان ان کي تخليق جي ٻي صورت ۾ نشونما ڏني. پوءِ الله برڪت وارو آهي (جيڪو) سڀني کان سهڻو خلقڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڦيري وَرِي ڦڙي کي، ڪيوسون روڙهو رَت، وَرِي ٻوٽِي ٻَڌل رت کي، ڪيوسون، سِين قُدرت، ٻوٽِي کي ٻِيهار هَڏا، بناياسون ڪِنهن ڀَت، مَڙهيوسون ماس هڏن تي، مُوجِب مَصلحت، وَرِي جوڙيوسونسِ، جوڙي ٻِي، مُوچارِي مُورت،پوءِ اَلله جَلَّ جَلاله، ٿيو بَرکه مَنجھ بَرڪت، سُهڻو هَر صُورت، جُملي جوڙِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15)

وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري (ڏسو) انهيءَ پيدائش کان پوءِ سڀني کي ضرور مرڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان پوءِ بيشڪ توهان مرندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري ان کان پوءِ بيشڪ اوهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) مرڻو آهي.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ تحقيق اوهان ان کان بعد البته مرندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري ان کانپوءِ اوهين مرڻ وارا آهيو. (مولانا محمد مدني)


وري بيشڪ اوهان ان (زندگيءَ کان) پوءِ ضرور مرڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِنهيان پوءِ موت جو، اَوهِين سڀ شِڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16)

وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ وري (مرڻ بعد) قيامت جي ڏينهن اوهان کي ضرور (زنده ڪري) اٿاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان پوءِ بيشڪ توهان قيامت جي ڏينهن اُٿاريا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن اوهين سڀئي قبرن مان اٿاريا ويندا.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ يقينًا اوهان قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندؤ. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان کان) پوءِ بيشڪ اوهان کي قيامت جي ڏينهن (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ بيشڪ اوهان قيامت واري ڏينهن (زنده ڪري) اٿاريا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽِي مَحشر وار، اَوهِين سَڀ اُٿارِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17)

۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اسان اوهان جي مٿان (سيارن جي گردش جا) ست رستا بنائي ڇڏيا آهن ۽ اسان (پنهنجي) مخلوق بابت ڪڏهن به غافل نه آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان توهان جي مٿان سَتَ آسمان بنايا، اسان مخلوق کان بي خبر ناهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ئي اوهان جي (مٿان تھ تي تھ) ست آسمان بنايا ۽ اسين مخلوق کان بي خبر نه آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق پيدا فرماياسون اوهان جي مٿان ست رستا ۽ نه آهيون خلق کان بي خبر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان اوهان جي مٿان ست رستا (؛سمان) بنايا آهن. ۽ اسين بنائڻ کان بي خبر نه هئاسون. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان اوهان جي مٿان ست رستا (يعني آسمان) بنايا آهن ۽ اسان (پنهنجي) مخلوق کان بي خبر ناهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَت جوڙياسون اَوهان مَٿان، عجب آسمان، ۽ ڪَنان جوڙ جَھان، وٖير نه آهيون وٖيسلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18)

۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان هڪ خاص اندازي سان آسمان مان پاڻي ٿا وسايون، ان کي (ضرورت موافق) زمين ۾ رهايون ٿا ۽ بيشڪ اسان کي اها قدرت آهي ته ان (پاڻيءَ) کي (جهڙيءَ طرح وسائي زمين تي آندوسين تهڙيءَ طرح ان کي) کڻي وڃون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان آسمان مان اندازي سان مينهن نازل ڪيو پوءِ اسان ان پاڻي کي زمين ۾ رکرايو، ۽ بيشڪ اسان ان جي وٺي وڃڻ (سُڪائڻ) تي يقيناً قادر آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ اسان ئي آسمان مان هڪ اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين ۾ (مصلحت موجب) ٽڪايوسون ۽ بيشڪ ان (پاڻيءَ) کي غائب ڪرڻ جي قدرت رکندڙ آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ لاٿو اسان آسمان کان پاڻي اندازي سان پوءِ رهايوسون ان کي زمين ۾ ۽ بيشڪ اسان ان کي واپس وٺي وڃڻ تي البته قادر آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ بيشڪ اسين ان (پاڻيءَ) کي کڻي وڃڻ جي قدرت رکندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان آسمان مان پاڻي هڪ اندازي سان وسايو، پوءِ اسان ان کي زمين ۾ ٽڪايوسين ۽ بيشڪ اسان ان کي (بخارات جي صورت ۾) کڻي وڃڻ تي قدرت رکندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آب اُتاريوسون اُڀ ڪنان، ڪَٿٖي ساڻ قَدر، جوڙي ڏِنوسون جاءِ تِنهن، بيشڪ ڀُون اَندر، ۽ سَندسِ نِيَڻ کي، نَئـِين سِر، پُهچندڙ آهيون پَڪ سان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19)

پوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


وري انهيءَ ئي پاڻيءَ (جي ريج) سان توهان جي لاءِ کجورن ۽ انگورن جا باغ پوکيون ٿا. انهن باغن ۾ توهان جي لاءِ گهڻائي ميوا پيدا ٿين ٿا، ۽ انهن مان ڪي اوهان کائو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان ان پاڻيءَ مان توهان لاءِ کجور ۽ انگور جا باغ پيدا ڪيا، توهان لاءِ انهن باغن ۾ گھڻا ميوا آهن ۽ انهيءَ مان ڪي توهان کائو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اسان ان پاڻي سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪيا، جو ان مان اوهان جي لاءِ (طرح طرح) جا گهڻا ئي ميوا (پيدا ٿين) ٿا انهن مان ڪن کي اوهين کائو ٿا.(سيد فرمان علي)


پوءِ پيدا ڪياسون اوهان لاءِ ان سان باغ کجين جا ۽ انگورن جا اوهان لاءِ انهن ۾ ميوا گهڻا آهن ۽ انهن مان کائو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اوهان لاءِ ان سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون، اوهان لاءِ انهن (باغن) ۾ گهڻا ميوا آهن، ۽ انهن مان (ڪجهه) کائو ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان اوهان لاءِ ان (پاڻيءَ) ذريعي کجورن ۽ ڊاکن جا باغ بناياسين. اوهان لاءِ (ان زمين) ۾ (ٻيا به) گهڻا ميوا آهن ۽ ان مان اوهان کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آن لئي اُپاياسون اُن اسان، با-غ کَجيون، اَنگُور، پڻ ميوا موڪ مُور، جُڃون ڪَريو جَن مان(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20)

۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهو وڻ (به پيدا ٿئي ٿو) جو طور سينا ۾ ٿيندو آهي، (يعني زيتون جو وڻ) ۽ جو تيل يا سڻڀ پيدا ڪري ٿو، جنهن سان کائڻ وارن لاءِ سٺو ٻوڙ تيار ٿئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ زيتون جو وڻ پيدا ڪيو، جيڪو طورسينا جبل ۾ (گھڻو ۽ بهترين) ٿئي ٿو جيڪو تيل سان ڦُٽي ٿو ۽ کائيندڙن لاءِ ڳُنڌڻ (ٻَوڙ) آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اسان ئي زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيو) جو طور سينا جبل ۾ (گهڻو ئي) پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان تيل به نڪري ٿو پڻ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ به آهي.(سيد فرمان علي)


۽ وڻ نڪري ٿو طور سينا مان ڄمائي ٿو تيل ۾ ٻوڙ کائيندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هڪ وڻ (به پيداڪيوسون) جو طور سينا جي جبل مان نڪري ٿو جو تيل کي ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ کي پيدا ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ هڪ وڻ (زيتون جو پيدا ڪيوسين)جيڪو طور سينا (جبل) مان نڪري ٿو، جيڪو تيل ڪڍندي ڄمي ٿو ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ وَڻ آهي اُڀرندو، طُور سِينا پار، جو ڪري تيل تيار، ۽ ٻوڙ خاطِر کِيندڙِين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21)

۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) توهان جي لاءِ چوپاين جانورن (جي خلقت) ۾ به وڏي عبرت آهي. جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي (يعني گاهه وغيره جو اتي ڳري ٿو) تنهن مان توهان جي لاءِ پيئڻ جي (مزيدار) شيءِ (يعني کير) پيدا ڪيون ٿا ۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ ٻيا به طرحين طرحين جا فائدا رکيل آهن، انهن مان ڪن جو گوشت اوهان کائو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان لاءِ چؤپاين ۾ يقيناً عبرت آهي اسين توهان کي انهن جي پيٽن مان کير پياريون ٿا ۽ توهان لاءِ انهن ۾ گھڻا نفعا آهن ۽ انهن مان (ڪن چؤپاين کي) کائو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين ۾ به عبرت آهي. ۽ (مٽي گاھ) جو ڪجھ انهن جي پيٽ ۾ آهن ان مان اسين اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ جانورن ۾ ته اوهان لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن پڻ انهن مان ڪيترن کي اوهين کائو ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اوهان لاءِ چوپاين ۾ البته عبرت آهي پياريون ٿا اوهان کي ان مان جيڪو انهن جي پيٽن (اوهن) ۾ آهي ۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ نفعا گهڻا آهن ۽ انهن مان کائيندا آهيو. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اوهان لاءِ ڍورن ۾ (به) هڪ نصيحت آهي. جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي تنهن مان اوهان کي پياريون ٿا ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ گهڻا فائدا آهن ۽ ڪِن کي کائو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اوهان لاءِ چوپاين ۾ هڪ عبرت آهي. (جو) جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي ان مان اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) گهڻا نفعا آهن ۽ اوهان انهن مان (ڪن کي) کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چڱو چوپايَنِ ۾، آن لئي، سَبق سُڌير!، پِياريون پيٽ سَندنِ مان، آن کي خالِص کِير، ۽ نفعااوهان لئي اُنهن ۾، ڪيتراڪَثِير،۽ ڪي کائو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22)

۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان (خشڪيءَ ۾) انهن تي سواري ڪيو ٿا ۽ (سمنڊ ۾) جهازن تي به سوار ٿيو ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن چؤپاين تي ۽ ٻيڙين تي توهان بار کڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي چڙهي چڙهي گهمو به ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي کنيا وڃو ٿا. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي سوار ڪيو وڃي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن (چوپاين) تي ۽ ٻيڙين تي اوهان سوار ڪيا وڃو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪن تي، پڻ واهڻن تي وِير! مَنجھ سُڪِي ۽ سِير، سائـِين کَڻِي سُوارڪيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23)

۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم جي طرف (هدايت لاءِ) موڪليو هو. هن کين چيو هو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان (بدعملن جي نتيجن کان) نٿا ڊڄو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو، پوءِ نوح چيو اي منهنجي قوم توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو، توهان جو الله کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي، ڇا پوءِ توهان نٿا ‎ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر بنائي موڪليو ته (نوح کين) چيو اي منهنجي قوم خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ته ڇا اوهين (ان کان) نه ٿا ڊڄو؟(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق موڪليوسون نوح کي ان جي قوم ڏانهن پوءِ فرمايائين ته اي منهنجي قوم! عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو معبود ان کان سواءِ ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو پوءِ ان چيو ته اي منهنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو حاڪم نه آهي. ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو، ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نوح سَندسِ نيات ڏي، مُڪوسون مَهندار، چي، قوم پُوڄيو ڪِريم کي، ٻِيو ڌَڻِي، نَه جِنهن ڌار، آخِر ڪِنهن آڌار، ڀَورا! ڀَو نَه ڀانئيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24)

پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن اهو ٻڌي (ماڻهن کي) چيو ته، هيءُ ماڻهو (حضرت نوح) سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته توهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي. هو چاهي ٿو ته توهان کي ڏيکاري ته مان اوهان کان وڏو ۽ افضل آهيان. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ڪو پيغمبر موڪلڻ) چاهي ها ته ڪنهن فرشتي کي نه موڪلي ها؟ (هو اسان جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي ڇو پيغمبر ڪري موڪلي ها) اسان پنهنجي اڳوڻن وڏن کان ته ڪابه اهڙي ڳالهه ڪڏهن به ڪانه ٻڌي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ سندس قوم مان ڪافر سردارن چيو ته ناهي هيءُ مگر توهان جهڙو انسان اهو توهان تي فضيلت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته ملائڪ نازل ڪري ها، اسان جي پَهِرِيَنِ وڏن کان به اسان هي ڳالهه نه ٻڌي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته سندس قوم جي سردارن مان جيڪي ڪافر هئا تن چيو ته هي به ته رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهي (پر) هي اوهان تي بزرگي حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ۽ جيڪڏهن خدا (پيغمبر ئي موڪلڻ) گهري ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (ڀائي) اسان ته اهڙي ڳالھ پنهنجن اڳين ابن ڏاڏن ۾ (ٿيندي) نه ٻڌي.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيو سردارن جن ڪفر ڪيو قوم ان جي مان ته ناهي هيءُ مگر بشر اوهان جهڙو ارادو ٿو ڪري هي ته سرداري حاصل ڪري اوهان تي ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته البته لاهي ها ملائڪ نه ٻڌو اسان هيءُ پنهنجن ابن، ڏاڏن پهرين ۾ . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو تن چيو ته هي ته رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهي، اوهان تي وڏائي ڪرڻ گهري ٿو، ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ملائڪ لاهي ها، اها ڳالهه اسان پنهنجن اڳين ابن ڏاڏن ۾ نه ٻُڌي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ سندس قوم جي سردارن مان جن ڪفرڪيو هيو تن چيو ته: ”هي شخص ته صرف اوهان وانگر بشر ئي آهي، چاهي ٿو ته توهان مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ملائڪ نازل ڪري ها، اسان ته (اها ڳالهه) پنهنجي اڳين ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻُڌي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَهيو سَندسِ قوم مان، جنهن فِرق ڀَڳو فَرمان، هِي نه آهيم مگر مُورهِين، اَوهان جِيئن اِنسان، گُھري اوهان پاڻ تي، مُفت مَٿاهُون مانَ، ۽ اَلله اِرادو جي ڪيو، ته مَلڪ مُڪان مَنَّان، هِي ڪَنِين ٻُڌِيسون ڪانه، پَنهنجي پِيَنِ پِهريَنِ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25)

اِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هو هڪ انسان آهي، جو متوالو ٿي پيو آهي. تنهن ڪري (سندس ڳالهين تي ڪن نه ڏيو) ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو (۽ ڏسو سندس پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي).(علامه علي خان ابڙو)


ناهي اهو مگر هڪ مرد جنهنکي جنون آهي پوءِ توهان انهيءَ جو ڪجھه وقت انتظار ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو ته رڳو هڪ (عام) آدمي آهي جنهن کي چريائي ورتو آهي. مطلب ته اوهين هڪ (خاص) وقت تائين (سندس نتيجي جو) انتظار ڪريو.(سيد فرمان علي)


ناهي اهو مگر هڪ مرد ان کي جنون آهي پوءِ انتظار ڪيو ان جو هڪ وقت تائين . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو ته رڳو هڪ مرد آهي جنهن ۾ چريائي آهي پوءِ ان جو هڪ وقت تائين انتظار ڪريو. (مولانا محمد مدني)


اهو ته اهڙو ئي شخص آهي جنهن کي جُنون (جي بيماري) آهي سو توهان کيس هڪ مقرر وقت تائين مُهلت ڏيو“. (شايد ٺيڪ ٿي وڃي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي ناهي، مگر مَرد ڪو، جنهن کي لَڳت جِي لَغار، پوءِ ڪَڍوسِ اِنتظار، ڏِسوسِ ڪٖي ڏِينهڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26)

(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن تي حضرت نوح دعا گهري ته اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مونکي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب تون منهنجي مدد ڪر، ان ڪري جو اهي مون کي ڪوڙو سمجھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نوح (اهي ڳالهيون ٻڌي) دعا گهري: اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر! هن ڪري جو هنن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! مدد ڪر منهنجي ان سببان جو ڪوڙو چيائون مون کي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ منهنجي مدد ڪر هن ڪري جو انهن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


(نوح ) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر ڇو جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چَيائـِين، ته مُنهنجِي، مُون ڌَڻِي!، وِهلوڪر واهر، ڪارڻ تِنهن قَهار!، جو مون کي ڪُوڙو ڪوٺِئيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27)

پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي وحي موجب هڪ ٻيڙي ٺاهه. پوءِ جڏهن اسان جي حڪم جو وقت اچي وڃي ۽ تنور جا شعلا ڀڙڪي اٿن (يعني انڪار ڪندڙن تي عذاب جو وقت اچي وڃي) تڏهن تون هرهڪ جانورن جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان کڻجانءِ ۽ پنهنجي گهر وارن کي به. پر گهر جي اهڙن ماڻهن کي نه کڻندين جن جي لاءِ (ٻڏڻ جو) فيصلو اڳي ئي ٿي چڪو آهي. جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي لاءِ اسان وٽ ڪوبه عرض ۽ التجا نه ڪجانءِ. اهي ضرور غرق ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان ان ڏانهن وحي موڪلي ته تون اسان جي نگراني ۾ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي تيار ڪر، پوءِ جڏهن اسان جو حڪم اچي ۽ تَنُورَ مان جوش سان پاڻي نڪري، پوءِ تون انهي ٻيڙيءَ ۾ هر قسم جي جوڙي مان ٻن کي ۽ پنهنجي گھر وارن کي سوار ڪر، مگر جن (گھر وارن) جي مٿان عذاب ثابت ٿي چڪو آهي، ۽ تون، مون کي ظالمن جي باري ۾ ڪجھه نه چئجين بيشڪ اهي ٻڏندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته تون اسان جي سامهون ۽ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي بنائي! پوءِ جڏهن اسان جو عذاب اچي ۽ تنور (مان پاڻي) اڀامي ته تون ان ۾ هر قسم (جي جانورن مان نر ۽ مادي) جوڙو جوڙو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي وهار، پر انهن مان جنهن لاءِ (غرق ٿيڻ جو) اڳ ۾ ئي اسان جو حڪم ٿي چڪو آهي (تن کي نه چاڙھ) ۽ جن ماڻهن (اسان جي حڪم کان) سرڪشي ڪئي آهي تن جي باري ۾ مون کي ڪجھ نه ڇئج! ڇو ته اهي پڪ ٻڏڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ وحي ڪيوسون ان ڏانهن ته ٺاهه ٻيڙي اسان جي نگاهن اڳيان ۽ اسان جي وحي سان پوءِ جڏهن ايندو اسان جو امر ۽ اڀاميو تنور پوءِ چاڙهي وهار ان ۾ هرهڪ جوڙو (نر ۽ مادي) ۽ پنهنجو اهل مگر اهو جيڪو اڳ ۾ ٿي ويو ان تي حڪم انهن مان ۽ نه عرض ڪر مون کي انهن جي باري ۾ جن ظلم ڪيو بيشڪ اهي ٻڏل آهن. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان ڏي حڪم موڪليو ته اسان جي اکين جي سامهون ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي بناءِ! پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهچي ۽ تنور اڀامي ته سڀ ڪنهن قسم مان جوڙو نر ۽ مادي ۽ پنهنجا ماڻهو سواءِ ان جي جنهن تي انهن مان (هلاڪ ٿيڻ جو) حڪم ٿي چڪو آهي، ان (ٻيڙيءَ) ۾ چاڙهه. ۽ ظالمن جي باري ۾ مون سان ڳالهه نه ڪر، ڇو ته انهن کي ٻوڙيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان ڏانهن وحي موڪلي ته: ”تون اسان جي نگراني ۾ ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي ٺاهه، پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهچي ۽ تنور ٻُنڀ ڏيڻ لڳي ته هر قسم جي جانورن مان هڪ جوڙو (نر ۽ مادي وٺي ٻيڙي ۾) سوار ٿي ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به ويهار) سواءِ انهن مان اهڙن جي جن جي خلاف اڳ فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، ۽ مون سان انهن جي باري ۾ نه ڳالهاءِ جن ظلم ڪيو، بيشڪ اُهي ٻوڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اَسان ڪَيسِ اِلهام، ته جَلدِي ٻيڙِي جوڙ تون، اَسان جي اَکيُنِ اَڳيان، ۽ مُوجِب وَحِي وَريام!، پوءِ جڏهن اَمر اَسان جو آئيو، ۽ اُڌميو تَنُور تَمام، پوءِ هر جوڙيان، ٻَه مَنجھسِ چاڙھ، پڻ سندئـِي عيال اِمام، مگر اُنهن مان، جَن تي، اَڳي لَڳو اِلزام، پڻ آهِن جي اَنڌير تي، تَن لئي، ڪُڇ نَه ڪَلام، آهِن اِهي اَظلام، ڇَر ۾ ڇوليون ٿِـيَئڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28)

پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن تون پنهنجي ساٿين سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿئين تڏهن تنهنجي زبان تي هي ڪلمون جاري هجي ته سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن جنهن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏني.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن تون ۽ تنهنجا رفيق ٻيڙيءَ ۾ ٺهي ويهن، پوءِ تون چئو سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن، جنهن اسان کي ظالمن جي قوم مان نجات ڏني(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن سي به ٻيڙي تي چڙهي وڃو ته پوءِ چئو ته سڀ حمد ۽ واکاڻ جو لائق خدا ئي آهي جنهن اسان کي ماڻهن کان بچايو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن چڙهي وهين تون ۽ جيڪي توسان گڏ آهن ٻيڙيءَ تي پوءِ چؤ ته سڀ ساراهه ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن ڇڏايو اسان کي ظالم قوم کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تون سان گڏ آهن سي به ٻيڙيءَ تي چڙهي وڃو ته پوءِ تون چؤ ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن، جنهن اسان کي ظالم قوم کان بچايو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن ٻيڙيءَ تي ٺيڪ طرح ويهي رهو پوءِ چؤ ته : ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏني“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوِ جَڏهن تون ۽ ساٿِي تُنهنجا، ٿيا ٻيڙِي مَنجھ سُوار، ته آهي، شُڪر اَلله جو، چورِيو تند توار، ڪَياسون جِنهن ڪَلتار، آجا ظالِم ذات کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29)

۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ هي دعا به گهرجانءِ ته، اي منهنجا رب! مون کي (ٻيڙيءَ مان) زمين تي اهڙيءَ طرح لاهجانءِ جو برڪت جو لهڻ هجي، ۽ تون ئي سڀني کان بهتر جاءِ ڏيڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تون چئو اي منهنجا رب تون مون کي بابرڪت منزل تي لاهه، ۽ تون بهترين (جاءِ تي) لاهيندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي (وڻراھ ۽ پاڻيءَ واري) برڪت ڀري جڳھ لاهج! ۽ تون ته سڀني لاهيندڙن کان چڱو آهين.(سيد فرمان علي)


۽ چؤ تون ته اي منهنجا پالڻهار ! لاهه مون کي برڪت واريءَ جاءِ ۾ ۽ تون ڀلو لاهيندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي برڪت واريءَ جاءِ تي لاهه ۽ تون سڀني کان چڱو لاهيندڙ آهين. (مولانا محمد مدني)


۽ چؤ ته: ”اي پالڻهار! مون کي برڪت واري منزل تي لاهه ۽ بيشڪ تون سڀ کان بهتر منزل مُهيا ڪندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَئو، لاهِينمِ لاهو لاھ ۾، سانيمِ! سُهڻي هَنڌ، ۽ خاصو تون خداوند!، لاهِيندڙ لَهرِيُنِ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30)

بيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ هن واقعي ۾ (سمجهه وارن لاءِ) وڏيون نشانيون آهن، ۽ پڻ هي (حڪمت رکيل آهي) ته هتي ضرور ائين ٿئي ٿو ته اسان ماڻهن کي آزمائش ۾ وجهون.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسين آزمائيندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ ان ۾ اسان جي قدرت جون ڪيئي نشانيون آهن ۽ اسان کي ته رڳو سندن امتحان وٺڻو هو.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسين هئاسين البته آزمائيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ ان ۾ نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا هئاسون. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ ان (قصي) ۾ نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسان (ٻانهن کي) پَــرکِـــڻَ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي عِبرت اُن ۾، جُملي ڪاڻ جھان، ۽ اَسِين اِمتحان، وھ! جو وَٺندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31)

وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان نوح جي قوم بعد قومن جو هڪ ٻيو دور پيدا ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان هڪ ٻِي قوم کي انهن کان پوءِ پيدا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئيءَ قوم (ثمود) کي پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ پيدا ڪياسون انهن کان بعد ماڻهو ٻيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري انهن کان پوءِ اسان ٻيءَ جماعت کي پيدا ڪيو. پوءِ انهن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليوسون. (مولانا محمد مدني)


وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئي دور جي قوم اُٿاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي جوڙيا سون جُڳ ٻِئا، تِنيان پوءَ تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32)

پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن ڏي به اسان پنهنجو رسول موڪليو جيڪو خود انهن مان ئي هو. (انهيءَ جي تعليم به اهائي هئي ته) فقط الله جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سواءِ اوهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا توهان (انڪار ۽ فساد جي بڇڙن نتيجن کان) ڊڄو ئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان انهن مان، انهن ڏانهن هڪ پيغمبر موڪليو ته توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو الله کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، ڇا پوءِ توهان نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن ۾ مان (صالح کي) رسول بنائي موڪليو (ته ان هنن کي چيو) ته خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ موڪليوسين انهن ۾ شاندار رسول انهن مان ته عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو معبود ان کان سواءِ ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(جنهن انهن کي چيو) ته الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ اوهان جو ڪو حاڪم نه آهي. ڇا پوءِ اوهين نٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان انهن ۾ (به) انهن مان هڪ رسول موڪليو (ان چيو ته) ”اوهان الله جي عبادت ڪيو ۽ ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مَنجهنِ مُڪو سُون تن منجھان، ڪو مرسل مڻيادار، ته پُوڄيو پَرور هيڪڙو، ٻِيو ڌَڻِي، نه جِنهن ڌار، آخِر ڪِنهن آڌار، ڀورا! ڀَئو نه ڀانيو؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33)

۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ ورتي هئي ۽ آخرت جي پيش اچڻ جا منڪر هئا ۽ جن کي اسان دنيا جي زندگيءَ ۾ آسودگي ڏني هئي سي (ماڻهن کي) چوڻ لڳا ته هي (حضرت هود) ته ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته اوهان جهڙو ماڻهو آهي. جيڪي توهان ٿا کائو سوئي هوبه ٿو کائي ۽ جيڪي توهان پيئو ٿا سو ئي هوبه پيئي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان جي قوم مان سردارن چيو جيڪي ڪفر ڪندا هئا ۽ آخرت جي حاضريءَ جو انڪار ڪندا هئا (اِهي اُهي هئا) جن کي اسان دنيا جي حياتي ۾ نعمتن سان نوازيو، (انهن چيو) ناهي هي (حضرت نوح) مگر توهان جهڙو انسان، جن شين مان توهان کائو پيئو ٿا هيءُ به انهن مان کائي پيئي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سند قوم مان ڪي سردار جي ڪافر هئا ۽ (ڏينهن) قيامت جي حاضرءَ جا منڪر هئا، پڻ دنيا جي (فاني) حياتيءَ ۾ جن کي اسان آسودو ڪيو هو، پاڻ ۾ چوڻ لڳا (اڙي!) هي ته رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي جيڪي شيون اوهين کائو ٿا سي هي به کائي ٿو ۽ جيڪي شيون پيو ٿا سي هي به پئي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ چيو سردارن قوم ان جي مان جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون ملڻ آخرت جي کي ۽ نعمت ڏني سون انهن کي حياتيءَ دنيا جي ۾ ته ناهي هي مگر بشر اوهان جهڙو کائي ٿو ان مان جيڪي اوهان کائو ٿا. ۽ پيئي ٿو ان مان جيڪي اوهان پئو ٿا. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو ڪيو ۽ اسان انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو ڪيو هو تن چيو هو ته هيءَ (رسول) رڳو اوهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي جيڪي اوهين کائو ٿا تنهن مان هيءَ کائي ٿو ۽ جيڪي پيو ٿا تنهن مان پيئي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ ان جي قوم جا اهي سردار جن ڪفر ڪيو هيو ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيو هئائون ۽ اسان انهن کي دنياوي زندگي ۾ آسودو به ڪيو هيو تن چيو ته: ”هي ته توهان وانگر ئي هڪ بشر آهي، جيڪي اوهان کائو ٿا ان مان کائي ٿو ۽ جيڪي اوهان پيئو ٿا ان مان پيئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪهيو سَندسِ قوم مان، جو ميڙيو ٿيو مُنڪر، ۽ ڪُوڙو ڪوٺيون آخِرت جو، ميلو مَنجھ مَحشر، ۽ ڪيو سون آسودُو اُنهن کي، مَنجھ دُنيا دَم گُذر، هِي ناهي، مگر مُورهِين، اِنسان اَوهان وانگر، کائي جو کائو اَوهين، ۽ پِيئـِي، پيئو جنهِين پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34)

۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن توهان پاڻ جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته پوءِ يقين ڄاڻو ته تباهه ٿي ويندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن توهان پاڻ جهڙي انسان جي تابعداري ڪئي ته بيشڪ توهان ان وقت نقصان وارن مان ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو چيو مڃيندو ته اوهين ضرور نقصان وارا ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ البته جيڪڏهن اطاعت ڪئي اوهان انسان پاڻ جهڙي جي ته بلاشڪ اوهان ان وقت البته نقصان وارا آهيو. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو چيو مڃيندو ته اوهين ان وقت نقصان وارا ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اوهان پاڻ جهڙي بشر جي فرمانبرداري ڪئي ته پوءِ اوهان ان مهل خساري وارن مان ٿيندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهون پاڻ مِثال جو، جي مَڃيان، سو مُقررّ، آهيو پوءِ آخِر، نِسوري نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35)

اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو چوي ڇا ٿو؟ هو توهان کي اهو (اجايو) واعدو ٿو ٻڌائي ته جڏهن مرڻ بعد مٽي ۽ هڏين جو چورو ٿي ويندؤ تڏهن وري توهان کي موت کان ٻاهر (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان کي پيغمبر وعدو ڏئي ٿو ته بيشڪ توهان جنهن وقت مري مٽي ۽ هڏا ٿي ويندا (تڏهن) بيشڪ توهان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا هي شخص اوهان سان وعدو ڪري ٿو ته جڏهن اوهين مرندو ۽ (مري) رڳو مٽي ۽ هڏيون (ٿي) پوندو ته اوهين (وري جيئرا ٿي قبرن مان) ڪڍيا ويندو.(سيد فرمان علي)


ڇا وعدو ڏئي ٿو اوهان کي ته بلاشڪ اوهان جڏهن مرندؤ ۽ ٿي پوندؤ مٽي ۽ هڏا ته بلاشڪ اوهان ڪڍيل آهيو. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اوهان سان وعدو ڪري ٿو ته جڏهن اوهين مرندو ۽ مٽي ۽ هڏا ٿيندو ته اوهان کي ڪڍيو (جيئرو ڪيو) ويندو. (مولانا محمد مدني)


ڇا توهان سان (اِهو) وعدو ڪري ٿو ته جڏهن توهان مري ويندؤ ۽ توهان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا بنجي ويندؤ ته توهان (دوبارو زنده ڪري) ڪڍيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا؟ اوهان کي اَنجام ڏئي، ته جڏهن مَرِي وِيا مُور، ۽ مِٽِي ڀيرِي مِٽِيءَ سان، ۽ هُوندا هَڏچُور، تڏهن، نيٺ آهيو نِڪرڻا، منجھان زمين ضرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36)

جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪهڙي نه اڻ ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي! جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنو وڃي ٿو. (ڀلا ٻيهر جيئرو ڪيئن ٿي سگهبو!)(علامه علي خان ابڙو)


جنهن ڳالهه جو توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي اها (عقل کان) تمام پري آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هيءَ هيءَ اڙي! جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو (بلڪل عقل کان) ٻاهر ۽ (قياس کان) پري آهي.(سيد فرمان علي)


پري آهي (بالڪل) پري آهي جيڪو اوهان وعدو ڏنا وڃو ٿا . .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو پري آهي پري آهي (يعني نه ٿيڻ وارو آهي). (مولانا محمد مدني)


پري آهي (گهڻو) پري آهي (سمجھه کان) اهو وعدو جو اوهان سان ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سو ٿِيو ڏُوران ڏُور! جِنهنجا ٻول ٻڌائـِينِيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37)

اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


زندگي ته بس اهائي آهي جا دنيا ۾ اسان پوري ڪيون ٿا. هتي ئي مرون ٿا ۽ هتي ئي جيئڻو آهي. ائين ڪڏهن به ٿيڻو ناهي ته مري پوءِ وري جيئرا ٿي اٿون.(علامه علي خان ابڙو)


ناهي هيءُ مگر اسان جي دنيا جي حياتي اسين مرون ۽ جئون ٿا ۽ اسين نه اٿاريا وينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اڙي ڇا جو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ) رڳو اها ئي دنيا جي زندگي آهي. اسين مرون ٿا ۽ جيئون ٿا اسان کي (ٻيهر) جيئرو ڪري ڪين اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي)


ناهي اها مگر حياتي اسان جي دنيا واري مرون ٿا ۽ جيئرا رهون ٿا ۽ ناهيون اسين اٿاريل. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان جي رڳي هيءَ دنيا جي حياتي آهي اسين مرون ٿا ۽ جيئون ٿا ۽ اسان کي جيئرو ڪري ڪين اٿاريو ويندو. (مولانا محمد مدني)


اها زندگي ڪجهه ناهي سواءِ اسان جي هن دنياوي زندگي جي (جنهن ۾) اسان مرون ٿا ۽ جِيون ٿا ۽ اسان (دوبارو زنده ڪري) نه اٿاريا وينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِيئَڻ نَه اسان جو مُورهِين، دُنيا فانِي ڌار، ۽ مَرون جِيون جِنهن ۾، مُقرّر موت ڄمار، ۽ تِهان پوءِ تڪرار، اَسِين نه اُٿڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38)

ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪجهه ناهي. هي ماڻهو ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهي، جنهن الله تي کڻي ڪوڙ مڙهيو آهي. (ته الله هيئن ٿو فرمائي هونئن ٿو فرمائي) اسان ته ڪڏهن به هن تي ايمان ڪونه آڻينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


ناهي اهو مگر هڪ مرد، جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو ۽ اسين ان تي يقين ڪندڙ ناهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي (صالح) اهو شخص آهي جنهن خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي ۽ اسين ته ڪڏهن به ان کي مڃڻ وارا نه آهيون.(سيد فرمان علي)


ناهي اهو مگر هڪ مرد جنهن بهتان هنيو الله تي ڪوڙو ۽ ناهيون اسين ان جي لاءِ ايمان آڻيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءَ رڳو هڪ مرد آهي جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو آهيو ۽ اسين ان کي مڃڻ وارا نه آهيون (مولانا محمد مدني)


اِهو صرف هڪڙو ماڻهو ئي آهي جنهن الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻڌو آهي اسان ان تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِن مَرد رڳو اَلله تي، ٺاھيا ڪُوڙ فُتور، ۽ مَڃڻ وارا مُور، اَسِين نه آهيون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39)

(پيغمبر) چيو ته منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن تي انهيءَ رسول حضرت هود) دعا گهري ته اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو ٺهرايو آهي، پوءِ تون منهنجي مدد ڪر.(علامه علي خان ابڙو)


پيغمبر عرض ڪيو اي منهنجا رب تون منهنجي مدد ڪر، ان ڪري جو اهي مون کي ڪوڙو سمجھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اها حالت ڏسي) صالح دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته انهن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي تون منهنجي مدد ڪر.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! مدد ڪر منهنجي ان سببان جو ڪوڙو چيائون مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(رسول) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي مدد ڏي هن ڪري جو انهن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


(نبيءَ) چيو: ”اي منهنجا پروردگار! منهنجي مدد ڪر هن ڪري جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيائـِين، ته مُنهنجِي، مُون ڌڻي! وَهلو ڪر وَاهر، ڪارڻ تِنهن قهار!، جو مُون کي ڪُوڙو ڪوٺيؤن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40)

(الله) فرمايو ته ٿوري مُدت پڄاڻا پشيمان ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله جو) حڪم آيو ته جلد (هيئن ٿيندو جو) هي ماڻهو پنهنجي ڪيل عملن متعلق پشيمان ۽ شرمسار ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو اهي ٿوري وقت ۾ پشيمان ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو: (ٿورو ترس) جلد ئي اهي ماڻهو پشيمان ٿيندا.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته ٿوري عرصي کان ئي البته ڦري ٿيندا پشيمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته ٿوري وقت کان پوءِ اهي پشيمان ٿيندا (مولانا محمد مدني)


(الله) فرمايو: ”ٿوري وقت ۾ اُهي پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ٿيندا ٿورِئَ دير کان، هِيڻا هِيين هور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41)

پوءِ کين سچي انجام جي ڪري ڌڪاءَ پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (ٿيو به ائين جو) في الحقيقت هڪ هيبتناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو، ۽ اسان هنن کي پائمال ڪري ڪکن پنن جهڙو ڪري ڇڏيو. سو محرومي ۽ بربادي هجي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ظلم ڪندڙ هجن!(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ سچيءَ ۾ انهن کي اچي سخت دانهن ورتو، پوءِ اسان انهن کي سُڪل گاه بنائي ڇڏيو، پوءِ ظالمن جي قوم لاءِ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن کي حقيقتا سخت (دهشتناڪ) هڪل پڪڙيو ته اسان کين گند (جو ڍير) بنائي ڇڏيو. بس ظالمن تي (خدا جي) لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي حق سان پوءِ بنايوسين انهن کي ڪُٽو پوءِ پرانهون هجڻ آهي ظالم قوم جي لاءِ. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن کي سچي وعدي جي موافق سخت هڪل پڪڙيو پوءِ انهن کي ذرا ذرا ڪيوسون سو ظالم قوم لاءِ هلاڪت آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کي سچي وعدي مطابق خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ اسان کين ريزه ريزه ڪري ڇڏيو، پوءِ ظالم قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڌَڪاءُ دهشتناڪ ڪِنهن، وَرتن واجِب تور، پوءِ ڪيو سونِ ڀُڪاڀور، پوءِ بيدِي، بيدادن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42)

وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ انهن بعد اسان قومن جا ٻيا گهڻا دور پيدا ڪيا.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان انهن کان بعد ٻيا ماڻهو پيدا ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ پيدا ڪيوسين انهن کان بعد جماعتون ٻيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري انهن کان پوءِ ٻيون جماعتون پيدا ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کان پوءِ اسان ٻيون قومون اٿاريون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جوڙياسُون جُڳ ٻِئا، ڪي پَدمِين تَن پُڄاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43)

ڪائي ٽولي پنھنجي مُدت کان اڳي نه ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪابه قوم پنهنجي مقرر وقت کان نڪي اڳتي وڌي سگهي ٿي، نڪي پٺتي رهي سگهي ٿي. (سڀني کي الاهي قانون موجب پنهنجو دور پورو ڪرڻو آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


ڪابه امت پنهنجي مقرر وقت (موت) کان اڳتي پوئتي نه ٿيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪا به امت پنهنجي مقرر وقت کان نه اڳي وڃي سگهي ٿي ۽ نه (ان کان) پٺتي رهي سگهي ٿي.(سيد فرمان علي)


نه اڳتي ٿيندي ڪا قوم مدي پنهنجي کان ۽ نه پوئتي ٿيندي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪابه قوم پنهنجي مقرر وقت کان نه اڳي وڃي ٿي ۽ نه اهي پٺتي رهن ٿا. (مولانا محمد مدني)


ڪابه امت نه پنهنجي مقرر وقت کان اڳ ختم ٿي ۽ نه اُن کان پوءِ رهي سگھي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٽاڻي پَنهنجي کاڻ پاڻ، ڪا اُمّت نه اڳ، نه پوءِ ٿئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44)

وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نه مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان هڪٻئي پٺيان لڳاتار پنهنجا رسول موڪيا، پر جڏهن به ڪنهن قوم ۾ سندن رسول ظاهر ٿيو تڏهن هڪدم اهي ماڻهو انڪار (۽ ڪوڙو ٺهرائڻ) تي ڪمر ڪشي بيهي رهيا. تنهن ڪري اسان به کين هڪ ٻئي پٺيان تباهه ڪندا رهياسين، ۽ هنن جون بستيون (روايت جو) افسانو بنجي ويون. سو انهن جي لاءِ محرومي ۽ نامرادي هجي جيڪي حق جي آيتن تي ايمان نٿا رکن.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان هڪ ٻئي پويان رسول موڪليا، جڏهن به ڪنهن امت وٽ سندن پيغمبر آيو ته انهن ان کي نه مڃو، پوءِ اسان ڪافرن کي هڪ ٻئي پويان هلاڪ ڪيو ۽ اسان انهن جون ڳالهيون (پوين لاءِ عبرت) ڪيون پوءِ عذاب آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نٿا آڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اسان لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا (پر) جڏهن به ڪنهن قوم وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ته اسان به (اڳي پوءِ) هڪ ٻئي پٺيان (هلاڪ) ڪندا رهياسون پڻ اسان انهن کي (برباد ڪري) افسانو ڪيوسون. پوءِ جيڪا قوم ايمان نه ٿي آڻي تن تي (به) خدا جي لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ موڪلياسين رسول پنهنجا لاڳيتا جڏهن به آيو ڪنهن قوم وٽ رسول انهن جو ته ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ پويان موڪلياسون هڪڙا انهن مان ٻين کان ۽ بنايوسون انهن کي آکاڻيون پوءِ پرانهين آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اسان پنهنجا رسول هڪ ٻئي پٺيان موڪليا. جڏهن به ڪنهن قوم وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين جي پٺيان ملايو (برباد ڪيو) ۽ انهن کي آکاڻيون ڪيوسون. پوءِ جيڪا قوم ايمان نه ٿي آڻي تن لاءِ هلاڪت آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان پنهنجا رسول هڪ ٻئي پٺيان موڪليا. جڏهن به ڪنهن امت وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان هڪڙن کي ٻين پٺيان آندو ۽ اسان کين (هلاڪ ڪري عبرت جون) ڳالهيون بنائي ڇڏيو، پوءِ (رحمت کان) دوري آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُڪا سُون مُرسل پَنهنجا، وَرِي وارو وار، جڏهن جنهن جماعت ۾، کڻِي نِياپا نِبار، آيو مُرسل اُنهن جو ته، ڪُوڙو چَيسِ ڪُفار، پوءِ هَلايو سونِ هِڪ ٻئي پُٺيان، پوءِ ڪيوسونِ يادگار، پوءِ لَعنت لڳاتار، جي نه مَڃِين تِنهن ميڙ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45)

وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان موسيٰ کي ۽ سندس ڀاءِ هارون کي پنهنجون نشانيون ۽ چٽا دليل ڏنا.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان (حضرت) موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ (حضرت) هارون کي پيغمبر ڪري پنهنجي آيتن ۽ معجزن سميت(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان (رسول بنائي) موڪليو.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ موڪليوسون موسى ۽ ان جي ڀاءُ هارون کي پنهنجي نشانين ۽ دليل روشن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجي نشانين ۽ چِٽن دليلن سان موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُڪو سون مُوسٰى وَرِي، پڻ هارُون هُنجو ڀا، پَنهنجي پَڌرايُن سان، پڻ سَنَد ساڻ صَفا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46)

فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ انھن وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ کين فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو. پر هنن تڪبر ڪيو. اهو هٺيلن سرڪشن جو ٽولو هو.(علامه علي خان ابڙو)


فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن موڪليو، پوءِ انهن تڪبر ڪيو ۽ اها قوم تڪبر ڪندڙ هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


فرعون ۽ سندس درٻار جي اميرن ڏي، ته انهن وڏائي ڪئي ۽ هئا ئي سرڪش.(سيد فرمان علي)


فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ هئا قوم پاڻ کي مٿاهون سمجهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ هٺيلي قوم هئا. (مولانا محمد مدني)


فرعون ۽ ان جي (قومي) سردارن طرف پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ هُيا ئي هٺيلي قوم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


فَسادِي فِرعون ڏي، پڻ اُنِهيءَ جا اُمرا، پوءِ ڀانيؤ پاڻ بَڙا، ۽ هُئا زَبردست ذات ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47)

پوءِ چيائون ته پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ايمان آڻيون ڇا؟ ۽ سندن قوم (ته) اسان جو ٻيلپو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته، ڇا اسان پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون. حالانڪ هنن جي قوم (يعني بني اسرائيل) اسان جي اڳيان جهڪيل آهن ۽ هو اسان جا ٻانها آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن چيو ڇا اسان ٻن انسانن (موسيٰ ۽ هارون) تي ايمان آڻيون جيڪي اسان جهڙا بشر آهن ۽ انهن ٻنهيءَ جي قوم اسان جي خدمتگار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ماڻهو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسين پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن کي مڃيون هوڏانهن (انهن جي پوري) قوم وارا اسان جي خدمت ڪندڙ آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيائون ته ڇا ايمان آڻيون ٻن بشرن پاڻ جهڙن تي؟ ۽ سندن قوم وارا اسان جي اتباع ڪندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن چيو ته ڇا اسين پاڻ جهڙين ٻن ماڻهن کي مڃيون هوڏانهن سندن قوم وارا اسان جي خدمت ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ چيائون ته: ”ڇا اسين هنن ٻنهين پاڻ جهڙن بشرن مٿان ايمان آڻيون؟ حالانڪه انهن جي قوم ته اسان جا مملوڪ ٻانها آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، مَڃون ڪِ ٻن ماڻهوين؟ جي اسان جِيئن اِنسان، ۽ آهي اَسان وَٽ، ذات جَن، گولِي بي گمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48)

پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هنن موسيٰ ۽ هارون کي ڪوڙو ٺهرائي کين مڃڻ کان انڪار ڪيو. نتيجو هي نڪتو جو تباهه ٿيڻ وارن منجهان ٿيا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ٻنهي کي انهن ڪوڙو سمجھو پوءِ اهي هلاڪ ڪيلن مان هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيو نيٺ اهي برباد ڪيا ويا.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪوڙو چيائون انهن ٻنهي کي پوءِ هئا هلاڪ ڪيلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ پاڻ برباد ڪيلن مان ٿيا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن هنن ٻنهين کي ڪوڙو چيو پوءِ هلاڪ ٿيلن مان بنجي پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ٻِنهِين کي ڪُوڙ ڪوٺيؤن، ٿِيا ناس نِڌان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49)

۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ته مانَ اُھي سِڌو رستو لھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هيءَ به حقيقت آهي ته اسان (انهيءَ واقعي بعد) موسيٰ کي الڪتاب (يعني تورات) ڏنو هو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو هدايت وٺن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) عطا ڪيو ته من اهي هدايت حاصل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) هن ڪري ڏنو (ته) من اهي رستي تي اچن.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق ڏنوسون موسى کي ڪتاب تانته اهي هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو مَنَ اهي رستي تي اچن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) ڏنو ته جيئن اُهي هدايت وارا ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪتاب مُوسٰى مِير تي، اَسان ڪيو اِحسان، ته پَڙهِي پَروڙي مانَ!، وَٺِن وَهِين واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50)

۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئين ۽ وھندڙ پاڻي واري مٿاھين زمين تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهڙيءَ طرح) ابن مريم (يعني حضرت عيسيٰ) ۽ سندس والده کي اسان (پنهنجي سچائيءَ جي) هڪ وڏي نشاني بنايو. ۽ انهن کي هڪ اوچي مٿاهين جاءِ ۾ پناهه ڏني جا رهڻ جي لائق، سرسبز ۽ آباد هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان عيسيٰ بن مريم ۽ سندس والده کي پنهنجي نشاني بنايو ۽ اسان انهن ٻنهيءَ کي مٿانهين زمين تي پناه ڏني جيڪا رهڻ جي لائق سرسبز ۽ چشمن واري هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان مريم جي پٽ (عيسى) ۽ سندس ماءُ کي (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون ۽ انهن کي رهڻ جي قابل ۽ وهندڙ چشمي واري وهندڙ پاڻيءَ واريءَ مٿاهينءَ زمين تي رهياسون.(سيد فرمان علي)


۽ بنايوسون مريم جي پٽ (حضرت عيسى) ۽ ان جي ماءُ کي نشاني ۽ رهڻ جي جاءِ ڏني سون انهن ٻنهي کي سئين قرار واري زمين ۽ رهندڙ پاڻيءَ ڏانهن . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي هڪ نشاني ڪيوسون ۽ انهن کي رهڻ قابل ۽ وهندڙ پاڻيءَ واريءَ مٿانهينءُ زمين تي رهايوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي نشاني بنايوسين ۽ اسان ٻنهين کي اوچي صاف قرار واري ۽ وهندڙ پاڻي واري جاءِ ۾ پناهه ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪياسون، مريم پُٽ ۽ ماڻسِ ٻئـِي، نِشانِي نِروار، ۽ جِتي جَر ۽ جِئَ قَرار، سو ماڳ ڏِنوسونِ ماٿرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51)

(چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي پيغمبر! پاڪ شيون کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا سو مون کان ڳجهو ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي رسولِ عربي توهان پاڪيزه شيون کائو ۽ نيڪ عمل ڪريو، بيشڪ آئون توهان جي عملن کي ڄاڻندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (منهنجو حڪم عام هو) اي (منهنجا) پيغمبرو! (پاڪ ۽) صاف شيون کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو (ڇو ته) اوهين جيڪي ڪريو ٿا آءُ تنهن کان بخوبي واقف آهيان.(سيد فرمان علي)


اي پيغمبرؤ! کائو پاڪ صاف شيون ۽ ڪيو صالح عمل بيشڪ مان جيڪي ڪيو ٿا ڄاڻندڙ آهيان..(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(سڀني رسولن کي اسان جو هي چوڻ هو ته) اي رسول! سٺين شين مان کائو ۽ چڱو ڪم ڪريو. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ آءُ ڄاڻندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


اي پيغمبرو! پاڪ شين مان کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. بيشڪ اوهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي آءٌ ڄاڻندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کائو پاڪ پيغمبرو!، پڻ ڪريو چڱِي ڪار، جيڪِي ڪريو جَھان ۾، آئون سَڀ سو سَمجھدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52)

۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ هي اوهان جي امت هڪ ئي امت آهي، ۽ اوهان سڀني جو پروردگار مان ئي آهيان. پوءِ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) ڊڄو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ هي توهان جو دين هڪ ئي دين آهي ۽ آئون توهان جو رب آهيان پوءِ توهان مون کان ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ هيءُ اوهان جو دين (اسلام) هڪڙو ئي دين آهي ۽ آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان، پوءِ مون کا ئي ڊڄو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ هيءُ اوهان جو دين هڪ دين آهي ۽ مان اوهان جو رب آهيان پوءِ مون کان ڊڄو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ هيءَ اوهان جو دين هڪڙو ئي دين آهي ۽ آءُ اوهان جو پاليندڙ آهيان، پوءِ مون کان ڊڄو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ هي اوهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان (سڀني) جو پالڻهار آهيان پوءِ مون کان ڊڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هِي اُمت، اُمت هيڪڙِي، اَوهان جِي اِظهار، ۽ آئون اَنهن جو پالڻهار، پوءِ ڪَنبو مُون قهار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53)

پوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر (فسوس) ماڻهو هڪٻئي کان ڇڄي جدا جدا ٿي ويا ۽ پنهنجا جدا جدا فرقا ٺاهيائون. هاڻي جيڪي جنهن جي پلوَ ۾ آهي سو انهيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن (امتين انهيءَ دين کي) پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، هر جماعت جيڪو (دين) انهن وٽ آهي (انهيءَ تي) خوش آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ماڻهن پنهنجي ان ڪم (۾ اختلاف ڪري) ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ان ۾ جنهن گروھ وٽ جو ڪجھ ان وٽ آهي تنهن سان ئي خوش آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪيائون ڪم پنهنجو پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا هر جماعت ان تي جيڪي ڪجهه انهن وٽ آهي خوش ٿيندڙ آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (به ماڻهن) پاڻ ۾ پنهنجي ان ڪم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري جدا جدا ڪري ڇڏيو. سڀ ڪنهن فرقي وٽ جو ڪجهه (دين) آهي تنهن سان اهي خوش آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (ماڻهن) پنهنجي (دين جي) امر کي پاڻ ۾ اختلاف ڪري فرقا فرقا ڪري ڇڏيو. هر فرقو جيڪو (دين جو حصو) وٽن آهي ان سان خوش آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ وِراهيؤن پاڻ ۾، سَندنِ يَڪو ڪم ڪار، ڪُوڙن ڪِتابن سان، فِرقا، فِرقا ڌار، هَر اُمّت، جيڪي اُن وٽ، تنهن تي باغ بهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54)

پوءِ (اي پيغمبر) کين سندن غفلت ۾ ھڪ حد تائين ڇڏي ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (اي پيغمبر!) تون هنن (منڪرن) کي سندن غفلت، جاهليت ۽ بدمستيءَ ۾ رهڻ ڏي، هڪ مقرر وقت تائين (اهي ماڻهو انهيءَ حالت ۾ رهندا، پوءِ فيصلو ٿيندو جيئن هميشه ٿيندو رهيو آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهن کي ڪجھه وقت سندن نشي ۾ ڇڏي ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اي رسول) تون انهن کي سندن غفلت ۾ هڪ وقت تائين (پيل) ڇڏي ڏي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇڏ انهن کي نشي انهن جي ۾ هڪ وقت تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ (اي پيغمبر !) تون انهن کي سندن غفلت ۾ هڪ وقت تائين ڇڏي ڏي. (مولانا محمد مدني)


سو تون انهن کي سندن غفلت ۾ ڪجهه وقت تائين پيل ڇڏي ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇَڏتِنِين تڪرار، وٖيسر سَندنِ ۾، وارڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55)

جنھن مال ۽ اولاد سان کين زيادتي ڏني سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هي ماڻهو هيئن ٿا سمجهن ڇا؟ ته اسان کين مال ۽ اولاد (جي گهڻائيءَ) سان سندن امداد ڪري رهيا آهيون ته،(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي ڀانئن ٿا تي اسين انهن کي مال ۽ پٽن سان مضبوط ڪريون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اهي ماڻهو خيال ڪن ٿا ته جو مال ۽ اولاد اسين انهن کي ڏيون ٿا،(سيد فرمان علي)


ڇا سمجهن ٿا ته تحقيق جيڪا اسين مدد ڪيون ٿا انهن جي ان سان مال ۽ پٽن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اهي خيال ڪن ٿا ته جو مال ۽ اولاد اسين انهن کي ڏيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسان جيڪي (دنيا ۾) مال ۽ پُٽن جي ذريعي انهن جي مدد ڪيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ڀانئـِن ٿا ڀورا؟ ته جيڪِي جَجھو ڏِيونِ ٿا، گھوڙا، ٻيڙا، گھوٽيا، نُور چشم، نورا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56)

ته ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون، (نه!) بلڪ نه سمجھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن لاءِ چڱايون ۽ نعمتون ڪرڻ ۾ سرگرم رهون؟ بلڪل نه! (حقيقت بلڪل ٻيءَ طرح آهي پر) هنن کي ان جي سمجهه ڪانهي.(علامه علي خان ابڙو)


(۽) اسين انهن کي جلد ڀلايون عطا ڪريون ٿا (هرگز ايئن ناهي) بلڪ اهي نٿا سمجھن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اسين انهن سان ڀلايون ڪرڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا (ائين نه آهي) پر اهي نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي)


جلد ڏيون ٿا انهن کي ڀلايون بلڪ نه ٿا سمجهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(تنهن سان) انهن کي (سچ پچ) ڀلائن پهچائڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا پر اهي نٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


سو انهن لاءِ ڀلائين ۾ جلدي ڪيون ٿا. (هرگز نه) بلڪه اهي سمجهن نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سي تمام تڪڙا، تَن مَٿي، ٿاڦيون ٿا ٿورا، نه سَمجھن نِدورا، بَلڪ بيان ڳالھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57)

بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي خوف ۾ ڊڄندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب جي خوف کان ڊڄندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي پروردگار جي دهشت کان ڊڄندا رهن ٿا،(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جيڪي پنهنجي رب جي خوف کان انديشو ڪندڙ آهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي دهشت کان ڊڄن ٿا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي هيبت کان ڊڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، جي ڏَرندڙ ڏِيل ۾، سَندنِ ڌڻِئَ جي ڊاء، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58)

۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي نشانين تي ايمان آڻين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي (قدرت جي) نشانين تي ايمان رکن ٿا،(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجي رب جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين کي مڃين ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي آيتن تي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سانئـِين جي سُهڃاڻِيَنِ ۾، جي وَڏو رکن ويساھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59)

۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو پنهنجي رب سان شرڪ نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي پنهنجي پالڻهار سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي پنهنجي رب سان شرڪ نه ٿا ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار سان شرڪ نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَن نه سَندنِ سانِئينءَ سان، ڪو هٿ گَھڙيو هَمراھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60)

۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي (خدا جي راهه ۾) جيڪي ڏيئي سگهن ٿا سو وڏيءَ دل سان ڏين ٿا، ۽ (تنهن هوندي به) سندن دليون ڏڪنديون رهن ٿيون. (هن خيال کان) ته نيٺ پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽڻو آهي. (متان اتي شرمسار ٿيڻو پوي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي ماڻهو خرچ ڪن ٿا جيڪو انهن کي خرچ ڪرڻو آهي ۽ انهن جون دليون ڊڄندڙ آهن، بيشڪ اهي پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي سرنديءَ آهي خدا جي واٽ ۾ ڏين ٿا ۽ (پوءِ به) سندن دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري جو انهن کي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ موٽڻو آهي، (الائي ڇا ٿئي!)(سيد فرمان علي)


۽ اهي جيڪي ڏيندا آهن اهو جيڪو (سندس واٽ ۾) ڏيندا آهن ۽ دليون انهن جون ڏڪندڙ هونديون آهن ته بيشڪ اهي پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي سرنديءَ آهر (الله جي واٽ ۾ ) ڏين ٿا ۽ (پوءِ به) سندن دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري جو انهن کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽڻو آهي، (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ماڻهو (الله جي راهه ۾ ايترو) ڏين ٿا جيترو ڏئي سگهن ٿا ۽ (پوءِ به) انهن جون دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري ته اُهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جو ڏِين، سو ڏيئـِي چُڪا، ربَّ سَچي جي راھ، ۽ ڏَرندڙ ڏِيل اُنهن جا، ته سَچ پَچ سَنجھ، صُباح، مُورِهين آهِن موٽڻا، سَندنِ ڌَڻِيءَ جي دَرگاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61)

اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ئي آهن جيڪي چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تيز آهن. ۽ اهي ئي آهن جي (هن راهه ۾) سڀني کان اڳي نڪري وڃڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چڱن ڪمن لاءِ تڪڙ ڪن ٿا ۽ اهي چڱن ڪمن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ڀلائين ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي انهن (ڀلائين) ڏي (ٻين کان) اڳي وڌي رهيا آهن.(سيد فرمان علي)


اهي جلدي ڪن ٿا ڀلاين ۾ ۽ اهي انهن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي ڀلائن ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي انهن (ڀلاين) ڏي (ٻين کان) اڳي وڌي رهيا آهن. (مولانا محمد مدني)


اُهي ماڻهو ڀلاين ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اُهي ان ۾ اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي چَڱا چَڱاين ڏي، آهِن ڪندڙ ڪاھ، ۽ اُهي اِنعامون اَلله، مَهند آهِن ماڻڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62)

۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان ڪنهن به جان تي تڪليف يا ٻوجهه يا ذميواري نٿا وجهون، پر فقط اوتري جيتري جي هن ۾ طاقت آهي. اسان وٽ (هنن سڀني جي حالت ۽ طاقت بابت) لکيل ڪتاب آهي جو سچي حقيقت ٻڌائي ٿو. ڪنهن سان به بي انصافي هرگز ڪانه ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين ڪنهن انسان تي سندس توفيق کان زياده تڪليف نٿا ڏيون، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب (لوحِ محفوظ) آهي جيڪو حق سان ڳالهائي ٿو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ته ڪنهين شخص کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف ڏيندائي نه آهيون. پڻ اسان وٽ ته (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب آهي جيڪو بلڪل سچو حال ٻڌائي ٿو ۽ انهن جي (ذري جيتري به) حق تلفي نه ڪئي ويندي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿا تڪليف ڏيون ڪنهن سرکي مگر ان جي وسعت آهر ۽ اسان وٽ ڪتاب آهي جيڪو ڳالهائي ٿو سچ ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسين ڪنهن به جيءَ کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سچ ٻڌائي ٿو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ڪنهن شخص کي (شرعي احڪام جي) تڪليف نه ٿا ڏيون مگر ان جي طاقت آهر ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سچ ڳالهائي ٿو ۽ انهن تي ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَم نه رکون، ڪنهِن جان تي، مگر جنهن کي پُهچي پاڻ، ۽ ليک اَسان پٽ لوح ۾، چَوي سُچا سُهڃاڻ، ۽ اڳتي اُنهن ساڻ، ظُلم نَه ذري جو ٿِئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63)

بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر (اصل ڳالهه هيءَ آهي ته) هنن (منڪر) ماڻهن جو دليون هن حقيقت (جي سمجهڻ) کان غفلت ۽ بدمستيءَ ۾ پئجي ويون آهن. هنن جا ٻيا به (گهڻائي بڇڙا) عمل آهن جي هو هميشه ڪندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ انهن جون دليون انهيءَ کان غافل آهن ۽ انهن کانسواءِ انهن جا ٻيا به عمل آهن، جيڪي اهي ڪري رهيا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بلڪ انهن جون دليون ان کان غفلت ۾ پيون آهن پڻ ان کان سواءِ سندن ڪيئي عمل آهن جن کي اهي ڪندا رهن ٿا. (۽ مڙن نٿا)(سيد فرمان علي)


بلڪ دليون انهن جون غفلت ۾ آهن هن کان ۽ انهن جي لاءِ عمل آهن ان کان سواءِ اهي انهن جا ڪندڙ آهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر سندن دليون هن (ڳالهه) کان غفلت ۾ آهن۽ ان کانسواءِ انهن جا ٻيا ڪم به آهن جن کي اهي ڪندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


بلڪه انهن جون دليون هِن (قرآن) کان غفلت ۾ پيل آهن ۽ انهن جا ان کان سواءِ ٻيا به (برا) عمل آهن جيڪي اُهي ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو اُنهن جا، هِن کان، ويسر مَنجھ وُجود، ۽ آهن عَمل اُنهن جا، هِن سوا، ٻِيا بي سود، هِي مِڙوئـِي مَردود، ڪوشش ڪندڙ اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64)

تان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هو اهي بدعمل ڪندا رهندا) جيستائين (نتجين ظاهر ٿيڻ واري گهڙي اچي وڃي). ان وقت اسان انهن جي شاهوڪار ماڻهن کي عذاب جي پڪڙ ڪنداسين، پوءِ اوچتو ئي ڏسندؤ ته (سرڪشي ۽ هٺ وڏائيءَ بدران) آه و زاري ڪرڻ لڳندا.(علامه علي خان ابڙو)


ايستائين جو جنهن وقت اسين انهن جي وڏن ماڻهن کي عذاب ۾ پڪڙينداسين ته ان وقت اهي دانهون ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ايستائين جو جڏهن اسان سندن آسودن کي عذاب ۾ پڪڙينداسون ته اهي ماڻهو واويلا ڪرڻ لڳندا.(سيد فرمان علي)


تانجو جڏهن ورتو اسان آسودن انهن جي کي عذاب سان ان وقت اهي دانهون ڪن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تانجو جڏهن انهن جي آسوڌا ماڻهن کي آفت ۾ پڪڙينداسون ته ان ئي وقت اهي دانهون ڪندا. (مولانا محمد مدني)


تانجو جڏهن اسان انهن جي شاهوڪارن کي عذاب ۾ پڪڙينداسين ان وقت اُهي عاجزي سان دانهون ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جڏهن جَھلياسون جَنجال ۾، تن مان، زَر۾ زور، ته اِجھو ڍِڪن پِيا ڍور جِيئن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65)

(چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هاڻي آه ۽ زاري نه ڪيو (ان مان ڪهڙو فائدو؟) اوهان کي هاڻي اسان وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان اڄ دانهون نه ڪريو، بيشڪ اسان جي طرفان توهان جي مدد نه ڪئي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهن وقت چيو ويندو ته) اڄ هاءِ گهوڙا نه ڪريو، اوهان کي هاڻي اسان جي طرف کان مدد نه ٿي ملي سگهي.(سيد فرمان علي)


نه دانهون ڪيو اڄ بلاشڪ اوهان اسان جي طرفان نه مدد ڪيا ويندؤ . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان وقت انهن کي چونداسون ته) اڄ دانهون نه ڪريو. اوهان کي اسان کان ڪوبه بچائي نه سگهندو. (مولانا محمد مدني)


اڄ عاجزي واريون دانهون نه ڪيو. بيشڪ اسان جي طرفان اوهان جي ڪا مدد نه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَڄ نه ڍِڪو اي ڍور! توهان لئي ڪِنهن طور، وَرندو نه اَسانوٽ واهُرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66)

بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪنهن وقت اسان جون آيتون توهان جي اڳيان پڙهيون وينديون هيون، پر توهان پٺئين پير ڀڄڻ لڳندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀر پوئتي) ڀڄندا ھُيؤ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن اسان جون آيتون اوهان جي اڳيان پڙهيون وينديون هيون ته انهن کان پيرين ڦري ويندا هئا.(سيد فرمان علي)


تحقيق هيون آيتون منهنجون تلاوت ڪيون ٿي ويون اوهان تي پوءِ هيئو کڙين تي ڀڄندا ٿي ويئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اوهان کي منهنجيون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهين پنهنجي کڙين ڀر ڀڄندا هئا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ توهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون تڏهن توهان پنهنجي کُڙين ڀرپوئتي ڀڄندا هيؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن پَڙهبا هُئا مُنهنجا، اوهان تي اُهڃاڻ، پوءِ کُڙيَن ڀَرهُئا کِسڪندا، ٿِي پَڏائـِيندڙ پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67)

اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان ۾ انهن (جي ٻڌڻ) کان هٺ وڏائي پيدا ٿي ويندي هئي. توهان پنهنجي مجلسن جي ڳالهين ۾ انهن آيتن کي هڪڙو شغل بنائي انهن متعلق بيهودي بڪواس ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) اوهين آڪڙ ڪندي قصو (ڪهاڻي) چوندي ان کي ڇڏي ڏيندا هئا.(سيد فرمان علي)


وڏائي ڪندڙ ان سان آکاڻيون کڻندڙ ڇڏي پيا ڏيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهيءَ (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) ڳالهين ۾ مشغول ٿي (ان کي) اوهان ڇڏيو ٿي. (مولانا محمد مدني)


ان (قرآن) کان وڏائي ڪندي رات جي انڌاري ۾ بيهوده گوئي ڪندا هيؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِنهِئَ آکاڻِئَ ساڻ، پِيا وِڦلندٖي وِهان ئـِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68)

ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا هو هن ڳالهه تي (يعني قرآن مجيد تي) غور به نٿا ڪن؟ يا هنن جي اڳيان ڪا اهڙي نئين عجيب ڳالهه آئي آهي ڇا جا کانئن اڳي سندن وڏن ڏي ڪانه آئي هئي؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ انهن قرآن ڪريم ۾ غور نه ڪيو يا انهن وٽ اهو آيو جيڪو انهن جي پهرين وڏن وٽ نه آيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ڇا انهن ماڻهن (اسان جي) ڳالھ (قرآن) تي غور نه ڪيو؟ يا انهن وٽ ڪا اهڙي نئين ڳالھ آئي جيڪا انهن جي ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي؟(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ نه سوچيائون فرمان کي يا آيو انهن وٽ اهو جيڪو نه آيو ابن ڏاڏن انهن جي اڳين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ انهن (هن) ڪلام (قرآن) تي ڌيان نه ڪيو آهي يا ته انهن وٽ اهڙي شيءِ آئي آهي جا سندن اڳين ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ انهن هن ڪلام (الاهي) ۾ غور و فڪر نه ڪيو آهي يا انهن وٽ اهڙي شيءِ آئي آهي جيڪا انهن جي اڳين ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا نه ڳَرهيون ڳالھ کي؟ يا آين اُها ڳالھ، جا آئـِي ڪِين ڪالھ، سَندنِ مَهندِيَن مائـِٽين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69)

يا پنھنجي پيغمبر کي نه سڃاتائون ڇا تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا هي ماڻهو پهنجي رسول کي سڃاڻي نه سگهيا ڇا جنهن ڪري منڪر ٿي ويا؟(علامه علي خان ابڙو)


يا اهي ماڻهو رسولِ عربي کي نٿا سڃاڻن پوءِ اهي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن پنهنجي رسولن کي ئي ڪين سڃاتو جو جنهن ڪري سندس انڪار ڪري ويٺا.(سيد فرمان علي)


يا نه سڃاتائون پيغمبرن پنهنجي کي پوءِ اهي ان جي لاءِ انڪاري آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته انهن پنهنجي رسول کي نه سڃاتو آهي پوءِ اهي ان کي نه ٿا مڃين؟ (مولانا محمد مدني)


يا انهن پنهنجي رسول کي نه سڃاتو آهي سو (انڪري) اُهي سندس انڪار ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا صَحِي سَڃاتؤن ڪِينڪِي، پَنهنجو پَيغمبر پاڻ، تِڏهن تنهن ڪاڻ، آهِن، اِنڪاري اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70)

يا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته هن کي چريائي اچي ويئي آهي (۽ ديوانو ٿي پيو آهي؟) نه، بلڪل نه. (انهن مان ڪابه ڳالهه ٿي نٿي سگهي) الله تعاليٰ جو رسول انهن ڏي حق سان آيو آهي. پر هنن مان گهڻن جو حال اهڙو ٿي ويو آهي، جو سچائيءَ جو مڃڻ هنن کي وڻي ئي نٿو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي چون ٿا ته ان کي جنون آهي. بلڪ رسولِ عربي انهن وٽ حق آندو ۽ انهن مان گھڻا ماڻهو حق کي ناپسند ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا چون ٿا ته ان کي چريائي ورتو آهي (هرگز کيس چريائيءَ نه ورتو) پر اهو ته انهن وٽ حق جي ڳالھ وٺي آيو آهي. پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو سچي ڳالھ کان ڪراهت رکندڙ آهن.(سيد فرمان علي)


يا چون ٿا ته ان کي چريائي آهي بلڪ آيو انهن وٽ حق سان ۽ گهڻا انهن مان حق کي نه پسند ڪندڙ آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته چون ٿا ته ان ۾ چريائي آهي (ائين نه آهي) پر اُن انهن وٽ سچي ڳالهه آندي ۽ انهن مان گهڻن کي سچي ڳالهه بُري لڳي ٿي. (مولانا محمد مدني)


يا چون ٿا ته ان (رسول کي) جُنون آهي. (ائين هرگز ناهي) بلڪه اُهو وٽن سچ کڻي آيو آهي ۽ انهن مان گهڻا حق کي ناگوار ڀائيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا چون اِهڙي چال، ته هِن کي، جَھڙپ جِن جِي، بلڪ آندِئين اُنهن وَٽ، صَفا سَچِي ڳالھ، ۽ رکندڙ بُغض بَحال، اَڪثر اُنهن مان، سَچ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71)

۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪڏهن سچائي هنن جي خواهشن جي پيروي ڪري ها ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۽ اهي سڀ جي انهن ۾ آهن هڪدم بگڙجي درهم برهم ٿي وڃن ها. اسان ته هنن جي لاءِ سندن نصيحت (۽ چڱائي) جي ڳالهه کين ٻڌائي آهي، پر هنن پنهنجي نصيحت جي ڳالهه کان منهن ڦيرائي ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن حق انهن جي سڌن جي تابعداري ڪري ته آسمانن ۽ زمينن ۾ جيڪي شيون انهن ۾ آهن انهن ۾ فساد برپا ٿئي ها، بلڪ اسان انهن وٽ انهن جو ذڪر آندو پوءِ اهي پنهنجي ذڪر کان مُنهن موڙيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن حق سچ سندن نفساني خواهشن جي پيروي ڪري ها ته سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي (سڀئي) برباد ٿي وڃن ها. پر اسين ته سندن ڳالهيون (جبرائيل جي ذريعي) وٽن موڪليون ته اهي ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين کان منهن موڙين ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن هلي ها حق سڌن انهن جي تي ته البته ويران ٿين ها آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ آهي بلڪ آندي سون انهن وٽ نصيحت انهن جي پوءِ اهي نصيحت پنهنجيءَ کان منهن موڙيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله سندن خواهشن تي هلي ها ته (سڀ) آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهن سي خراب ٿي وڃن ها پر اسان انهن کي سندن ڪتاب پهچايو پوءِ اهي پنهنجي ڪتاب کان منهن موڙيندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن حق انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪري ها ته آسمانَ ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه منجهن آهي سو (سڀ) تباهه ٿي وڃي ها. بلڪه اسان انهن کي سندن نصيحت پهچائي آهي پر اُهي پنهنجي نصيحت کان منهن موڙڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هُوند سَندنِ سَڌن پُٺيان، جي حق لڳي هيڪار، ته ڀُون يون، اُڀ بَرباد ٿيا، پڻ جيڪي مَنجھنِ جِنسار، اُٽلو آندِيسون اُنهن لئي، سَندنِ سار سَنڀار، پوءِ هِي ڪنان سَندنِ سارِ، مُنهن موڙِيندڙ مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72)

يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) هو هيئن ٿا سمجهن ڇا ته تون کانئن مال ۽ دولت ٿو گهرين؟ تنهنجي لاءِ ته تنهنجي پروردگار جو ڏنل مال ئي بهتر آهي (تون ڪيئن زر جو طالب ٿيندين) اهو پروردگار ئي سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان انهن کان ڪو اجورو طلب ڪريو ٿا پوءِ توهان جي رب جو اجورو تمام بهتر آهي ۽ اهو ئي بهترين رزق ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تون انهن کان (پنهنجيءَ رسالت) جي ڪجھ اجرت گهرين ٿو، ته تنهنجي پروردگار جي اجرت ان کان گهڻو چڱي آهي پڻ اهو ته سڀ کان بهتر روزي ڏيڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا گهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو پوءِ اجورو رب تنهنجي جو ڀلو آهي ۽ اهو ڀلو روزي ڏيندڙ آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا ته (اي پيغمبر !) تون انهن کان ڪجهه محصول گهرين ٿو؟ پوءِ (سمجهه ته) تنهنجي پاليندڙ جو محصول گهڻو چڱو آهي (مولانا محمد مدني)


ڇا تون انهن کان (تبليغِ دين جي عيوض) ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ پوءِ تنهنجي رب جو اجر سڀ کان بهتر آهي ۽ اُهو (سڀني کان) ڀلو روزي رسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ياتون ڪو گُھرين تن کان، پورهيو پار پگھار؟، پوءِ پورهيو تُنهنجي پَرور جو، بِهتر بَرقرار، صاحب ربُّ، ستار، ڀلو ڀَتارن ۾ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73)

۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته تون يقيناً هنن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڏانهن سڏي رهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي بيشڪ توهان انهن کي سنئين رستي ڏانهن سڏيندڙ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ تون بيشڪ انهن کي سڌي راھ ڏي سڏيندڙ آهين.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ تون البته سڏين ٿو انهن کي سڌي واٽ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهو (سڀني کان) چڱو روزي ڏيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ تون انهن کي سڌي راهه ڏانهن سڏين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تون سَڏئـِينِ، سَنئينءَ واٽ ڏي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74)

۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن سي يقيناً رستو ڀلجي گمراهه ٿي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻن اهي ارادتاً سنئين رستي کان پاسو ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن سي سڌي راھ کان ٿڙيل آهن.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي (سڌيءَ) واٽ کان البته پاسيرا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر ﷺ!) بيشڪ تون انهن کي سڌي رستي ڏي سڏين ٿو. ۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين، سي سڌي رستي کان پاسيرا ويندڙ آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ويندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي نه مَڃِين آخِرت، آهِن اُهي اَلبت، وِنگاوِيندڙ واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75)

۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن اسان انهن تي (وڌيڪ) رحم ڪيون ۽ جيڪي ڏک هنن کي پهچندا رهن ٿا تن کي دور ڪري ڇڏيون ته (هو شڪرگذار رهندا ڇا؟ نه) هو پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ضد ڪري وڌندا رهندا ۽ گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندا رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اسين انهن تي رحم ڪريون ۽ انهن تان اها مصيبت دور ڪريون جنهن ۾ اهي مبتلا آهن ته ضرور اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ حيران ٿي ڀٽڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اسين انهن تي ترس کائون ۽ جي تڪليفون کين (ڪفر ڪرڻ جي ڪري) پهچي رهي آهيون تن کي ٽاري ڇڏيون ته پڪ اهي ماڻهو اڃان به پنهنجي وڏائي (۽ بي پرواهيءَ) تي ڄميا رهن ۽ ڀٽڪندا وتن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن رحم ڪيون ها انهن تي ۽ لاهيون ها اهو جيڪو انهن کي ڏک هو ته البته هميشہ رهن ها گمراهيءَ پنهنجيءَ ۾ حيران رهن پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اسين مٿن رحم ڪريون ۽ جيڪا تڪليف انهن تي آهي سان لاهيون ته به پنهنجي سرڪشيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي لڳي ويندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جي اسان مٿن رحم ڪيون ۽ جا تڪيلف کين آهي سا لاهي ڇڏيون ته اُهي ڀٽڪندي پنهنجي گمراهي ۾ وڌيڪ پڪا ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڪريون ڪَرم اُنهن تي، ۽ الاهيون سڀ لاچار، ته ويتر ويرو تار، اُجهن سَندنِ اَنڌڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76)

۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اسان هنن کي عذاب ۾ مبتلا به ڪيو، تنهن هوندي به هو پنهنجي پروردگار جي اڳيان نه جهڪيا، نڪي نياز ۽ عاجزي ڪيائون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قسم سان بيشڪ اسان انهن کي عذاب سان گرفتار ڪيو پوءِ انهن نه پنهنجي رب لاءِ عاجزي ڪئي ۽ نه ڪا آزي نيازي ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو تڏهين به اهي ماڻهو نه تنهنجي پروردگار جي اڳيان جهڪيا ۽ نه عاجزيءَ سان ٻاڏايون.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق پڪڙيوسون انهن کي عذاب سان پوءِ نه نوڙيا پنهنجي رب جي لاءِ ۽ نه پيا زاري ڪن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو پوءِ نه پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان عاجزي ڪيائون. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو پوءِ (به) نه پنهنجي پالڻهار اڳيان جهُڪيا ۽ نه عاجزي اختيار ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پَڪ پڪريو سون اُنهن کي، منجھ بارن بارو بار، پوءِ پنَهنجي پاڪ ڌِڻئَ کي، نَه نِوڙيا ڪاروڪار، پڻ زاريون و زار، ڪِين ڪيائون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77)

(پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن معاملو هن حد تائين پهچي ويندو جو اسان هنن تي تمام سخت عذاب جو دروازو کولي ڇڏيون ته پوءِ ان وقت اوچتو حيران ۽ پريشان ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


ايستائين جو جنهن وقت اسين انهن جي مٿان سخت عذاب جو دروازو کولينداسين ان وقت اهي ان ۾ نااميد ٿيندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ايتري قدر جو جڏهن اسان انهن جي اڳيان هڪ سخت عذاب جو دروازو کوليو ته پوءِ يڪدم اهي نااميد ٿي ويهي رهيا.(سيد فرمان علي)


تانجو جڏهن کوليوسون انهن تي دروازو ڏاڍي عذاب وارو ته ان وقت اهي ان ۾ نا اميد ٿيندڙ آهن. . ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه زاري ڪيائون. تانجو جڏهن اسين مٿن سخت عذاب وارو دروازو کولينداسون ته ان ئي وقت اهي نااميد ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


ايستائين جو جڏهن اسان انهن تي سخت عذاب جو دروازو کولينداسين ته ان مهل اُهي ان ۾ مايوس ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان اُنهن تي، سَخت عذاب جو، دَرپٽيو سون، جِنهن پَل، ته اِجھو آسر پَل، آهن اُن عَذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78)

۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن توهان جي (ٻڌڻ) لاءِ ڪن (ڏسڻ لاءِ) اکيون ۽ (سوچڻ سمجهڻ ۽ رحم ڏيکارڻ لاءِ) دليون پيدا ڪيون، پر ورلي ائين ٿئي ٿو جو توهان شڪر بجا آڻيو (۽ انهن کي ڪم آڻي علم، عقل ۽ نيڪ عملي ۾ واڌارو ڪريو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، (توهان مان) ٿورڙا شڪر ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن هو اهو (مهربان خدا) آهي جنهن اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دل (جهڙا بي بها عضوا) پيدا ڪيا (پر) اوهين آهيو ئي تمام گهٽ شڪر ڪرڻ وارا.(سيد فرمان علي)


۽ اهوئي آهي جنهن پيدا ڪيا اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو ٿا شڪر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اُهو آهي جنهن اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايون (پر) اوهين بالڪل ٿورو شڪر ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. (ليڪن) اوهان ٿورو شڪر ادا ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَ کيون، ڪَن اَوهان جا، جوڙيا جِنهن جبّار، پڻ قَلب برقرار، اوهين ٿورا ٿورا ڳائيو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79)

۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين تي هر طرف پکيڙي ڇڏيو آهي. (۽ گذران جا مختلف سامان پيدا ڪري ڏنا آهن) ، ۽ وري اهوئي آهي جنهن جي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ انهيءَ ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي سموري زمين ۾ (هر جڳھ) ڦهلائي ڇڏيو ۽ وري هڪ ڏينهن) اوهين سڀئي ان جي اڳيان گڏ ڪيا ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ اهو(الله) ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي زمين ۾ ۽ ان ڏانهن ئي اٿاريا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اُهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ان جي اڳيان ئي اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي روءِ زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان ان اڳيان گڏ ڪيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهو جِنهن اوهان کي جوڙيو، ڀَري ڀُون سارِي، ۽ وَرِي ڪِنهن وارِي، مِڙئي اُن ڏي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80)

۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهوئي آهي جو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو. انهيءَ ئي جي ڪارفرمائي آهي جو رات ۽ ڏينهن هڪٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا. ڇا توهان عقل نٿا هلايو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهو ئي آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو ۽ ان جي اختيار ۾ رات ۽ ڏينهن جي تبديلي آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو پڻ رات ڏينهن کي بدلائيڻ به سندس اختيار ۾ آهي. ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا ڄاڻو؟(سيد فرمان علي)


۽ اهوئي آهي جيئرو ٿو ڪري ۽ ماري ٿو ۽ ان جي لاءِ ئي آهي مٽجڻ رات ۽ ڏينهن جو ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي جي پٺيان اچڻ ان جوئي ڪم آهي ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو ئي آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ڏينهن جي ڦيرڦار ڪرڻ ان جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهو، جو جِياري جَڳه کي، ۽ ماري، سو مُخْتيار، ۽ مَٽاسَٽا، ڏِينهن، رات جِي، اُن جي اِختيار، پوءِ قُدرت جا ڪِرادار، ڪهڙي سبب نه سوچيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81)

بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


نه (عقل کان ڪم نٿا وٺن) هو اهائي ڳالهه چون ٿا جا اڳيان (منڪر) چئي چڪا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ (ڪافر) اهو چون ٿا جيڪو انهن کان پهريان ماڻهو چئي ويا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(انهن سچين ڳالهين کي ڇا سمجهندا) پر جيڪي اڳلا ماڻهو چوندا آيا ساڳي ڳالھ هي به چوڻ لڳا،(سيد فرمان علي)


بلڪ چيائون جيئن چيو پهرين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(انهن کي ڪو عقل نه آيو) بلڪه جيئن اڳين چيو تيئن اهي چون ٿا. (مولانا محمد مدني)


بلڪه (انهن) به ائين چيو جيئن (انهن کان) اڳيان چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بَلڪل بي شُعور، چَون جِيئن اَڳيَن چيو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82)

چون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو چون ٿا ته جڏهن اسان مري کپي وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏين جو چورو ٿي وينداسين تڏهن وري (ٻيهر) اٿاريا وينداسين ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


انهن چيو ڇا اسين جڏهين مري مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين، ڇا بيشڪ اسان ان وقت ٻئي دفعي زنده ٿينداسين !(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته جڏهن اسين مري وينداسون ۽ (مري) مٽيءَ ۽ هڏيون ٿينداسون ته ڇا وري ٻيهر (قبرن مان جيئرا ڪري) ڪڍيا وينداسون؟(سيد فرمان علي)


چيائون ته ڇا جڏهن مرنداسون ۽ ٿي پونداسون مٽي ۽ هڏا ڇا بلاشڪ اسين البته اٿاريل آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چون ٿا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ (مولانا محمد مدني)


چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته چي، جڏهن مرِي وِياسون ماڳِهين، ۽ مٽِي ٿياسون مُور، ۽ هُونداسون هَڏچُور، اَسِين ڪِيئن اُٿڻا آهيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83)

بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان سان ۽ اسان کان اڳي اسان جي ابن ڏاڏن سان به اهڙي ئي ڳالهه جو واعدو ٿيندو آيو آهي. اهو ڪجهه به ناهي. اڳين زمانن جا خالي افسانا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اهي وعدا اسان سان ۽ اسان جي وڏن سان (هن کان) اڳ ۾ به ڪيا ويا هئا، ناهي هيءُ مگر پهرين (ماڻهن) جون ڪوڙيون ڳالهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان جو وعدو ته اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان به (ڪيئي ڀيرا) ڪيو ويو آهي، هي ته رڳو اڳين ماڻهن جا ڏٽا آهن.(سيد فرمان علي)


البته تحقيق وعدو ڏنا وياسون اسين ۽ ابا ڏاڏا اسان جا هيءُ اڳ ۾ ناهي هيءُ مگر آکاڻيون پهرين جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي هن کان اڳ هن (ڳالهه) جو وعدو ڏنو ويو هو. هي رڳو اڳوڻن جون آکاڻيون آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان هن کان اڳ ان جو وعدو ڏنو ويو هيو اُهي ته رڳو اڳين جا افسانا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان ۽ اَسان جي اَبن کي، وِيا اَ ڳي، هِي ٻُڌايا ٻول، ڪونهي اِهوقول، ري آکاڻِيَنِ اَڳِيَن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84)

چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون انهن (منڪرن) کي چئو ته، جيڪڏهن توهان کي ڪو علم آهي ته ٻڌايو ته زمين ۽ اهي سڀ خلقيل شيون جي ان ۾ آهن ڪنهن جون آهن ۽ ڪنهن جي لاءِ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته زمين ۽ ان ۾ جيڪي مخلوق آهي اها ڪنهن جي آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ماڻهو ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو) هيءَ زمين ۽ جيڪي ان ۾ آهي، ڪنهن جو آهي؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪنهن جي لاءِ آهي زمين ۾ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي جيڪڏهن ڄاڻ رکو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ! انهن کي) چؤ ته جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو ته) زمين ۽ جيڪي ان ۾ آهن، سي ڪنهن جا آهن؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته ”زمين ۽ جيڪي ڪجھه ان ۾ آهي سو ڪنهن جي ملڪيت آهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي صَحِي سَمجھندا آهيو، ته (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85)

سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو هڪدم چئي ڏيندا ته الله جي لاءِ آهن، کين چئو ته، پوءِ ڀلا ڇو نٿا غور ڪيو ۽ سمجهو؟(علامه علي خان ابڙو)


(اهي) فوراً چوندا ته الله جي آهي، توهان فرمايو ڇا پوءِ توهان نصيحت حاصل نٿا ڪريو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي يڪدم جواب ڏيندا ته خدا جو. تون چوين ته ڇا اوهين اڃا به غور نه ڪندا؟(سيد فرمان علي)


سگهوئي چوندا الله جي لاءِ، فرماءِ ته ڇا پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ضرور چوندا ته الله جا آهن. چو ته ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو؟ (مولانا محمد مدني)


جلدي چوندا ته: ”الله جا آهن“، چؤ: ”پوءِ توهان نصيحت ڇو نه ٿا قبول ڪيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آکِيندا اِظهار، آهي اَلله اهارِ، چئو، پوءِ ڇو پِرايو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


تون کانئن پڇ ته اهو ڪير آهي جو ستن ئي آسمانن جو پروردگار آهي ۽ (جهان داري جي) عرش عظيم جو مالڪ آهي؟(علامه علي خان ابڙو)


توهان (انهن کان) پڇو ته ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو رب ڪير آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ستن آسمانن جو مالڪ ۽ (هيڏي) وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪير آهي پالڻهار آسمانن ستن جو ۽ پالڻهار عرش عظيم جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ انهن کي) چؤ ته ستن آسمانن جو پاليندڙ ۽ وڏي عرش جو پاليندڙ ڪير آهي؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”ستن آسمانن جو مالڪ ڪير آهي ۽ وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آهي سَتن اُڀن جو، سائـِين ڪير سُڄاڻ؟ پڻ آگوش عَرش عَظِيم جو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87)

سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو هڪدم چئي ڏيندا ته، اهو سڀ ڪجهه الله جو ئي آهي، تون چئو ته پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو (شرڪ ۽ انڪار جي نتيجن کان) ڊڄوئي نٿا؟(علامه علي خان ابڙو)


(اهي) فوراً چوندا ته اهي الله جا آهن، توهان فرمايو ڇا پوءِ توهان (ان کان) نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته يڪدم جواب ڏيندا ته (سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. هاڻي کين چئو ته ڇا اوهين اڃا به ان کان نه ڊڄندا؟(سيد فرمان علي)


جلد چوندا ته الله جي لاءِ فرماءِ ته ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو چوندا ته (اهي سڀ) الله جا آهن چؤ ته ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني)


جلدي چوندا: ”الله جا آهن“، چؤ ته: ”پوءِ توهان ڇو نه ٿا ڊڄو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چِٽو چوندا پاڻ، ته آهِن اَلله ڪاڻ، چئو، پوءِ ڇاکان ڀَو نه ڀانيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88)

(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).(علامه تاج محمود امروٽي)


تون کانئن پڇ ته، جيڪيڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته ٻڌايو ته اهو ڪير آهي جنهن جي هٿ ۾ سڀني شين جي بادشاهي آهي؟ ۽ هو سڀني کي پناهه ڏئي ٿو، ۽ ڪوبه ڪونهي جو ان کان مٿي پناهه ڏيڻ وارو هجي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ڪنهن جي دستِ قدرت ۾ هر شيءِ جي بادشاهي آهي ۽ اهو الله جنهن جي گھُري مدد ڪري ٿو ۽ سندس مدد ڪير نٿو ڪري جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو ته) اهو ڪير آهي جنهن جي اختيار ۾ هر شيءِ جي شهنشاهيت آهي، اهو (جنهن کي گهري ٿو) پناھ ڏئي ٿو ۽ سندس (عذاب) کان پناھ نه ٿي ڏيئي سگهجي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪير آهي جو ان جي (قدرتي) هٿ ۾ آهي بادشاهي هر شيءِ جي ۽ اهو پناهه ڏئي ٿو ۽ نه ٿي پناهه ڏني وڃي ان کي جيڪڏهن آهيو جو ڄاڻو ٿا..(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرؑ انهن کي) چؤ ته (اهو) ڪير آهي جنهن هٿ ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جي حڪومت آهي ۽ اهو (ٻين کان) بچائي ٿو ۽ ان کان ڪو بچائي نه ٿو سگهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا (ته ٻڌايو). (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”ڪير آهي؟ جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي اُهو پناهه ڏئي ٿو ۽ اُن جي مقابلي ۾ ڪو به پناهه ڏئي نه ٿو سگهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آهي ڪِنهن جي هَٿ ۾، سڀ شيء جِي سنڀال؟ ۽ اُهو بَچائي، اُن کان، ٻِيو نه بَچائي بَحال، جي صَحِي آهيو سَمجھندا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89)

سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو هڪدم چئي ڏيندا ته، اهي صفتون ته الله جي لاءِ ئي آهن. تون چئو ته، پوءِ هي ڇا آهي جو توهان جو عقل ئي مارجي ويو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


فوراً چوندا ته (اها سڀ قدرت) الله کي آهي، توهان فرمايو پوءِ توهان ڪهڙي جادوءَ ۾ آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اهي ماڻهو يڪدم چوڻ لڳندا ته (سڀ اختيار) خدا کي ئي آهي. هاڻي کين چئو ته اوهان تي جادو ڪٿي ڪيو ويندو آهي.(سيد فرمان علي)


جلد چوندا ته الله جي لاءِ فرماءِ ته پوءِ ڪيڏي ٿا جادو ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو چوندا ته (حڪومت) الله جي آهي. چؤ ته پوءِ اوهان کي ڪٿان جادو لڳي ٿو؟ (مولانا محمد مدني)


جلدي چوندا: ”الله لاءِ آهي“. چؤ: ”پوءِ توهان تي ڪٿان جادو ڪيو ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته چوندا اِهڙِي چال، ته مِڙئـِي مالِڪ نال، چئو، پوءِ ڪِٿان ڪامِڻ ڪيا وڃو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90)

بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


حقيقت هيءَ آهي ته اسان هنن کي حق ۽ حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ هي اُهي آهن جيڪي (پنهنجي انڪار ۽ ضد سببان) قطعي ڪوڙا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ رسولِ عربي انهن وٽ حق آندو ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڳالھ هيءَ آهي ته اسان انهن تائين سچي ڳالھ پهچائي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو پڪ ڪوڙا آهن.(سيد فرمان علي)


بلڪ آندوسون انهن وٽ حق ۽ بلاشڪ اهي البته ڪوڙا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بلڪ اسان انهن کي سچ پهچايو ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (مولانا محمد مدني)


بلڪه اسان انهن کي حق پهچائي ڇڏيو ۽ بيشڪ اهي ضرور ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو آندوسون اُنهن لئي، صَفا سچو مَذڪُور، ۽ اُهي مُوڙهل مُور، ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91)

الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


نڪي الله تعاليٰ ڪنهن هستيءَ کي پنهنجو پٽ بنايو آهي، نڪي هن سان گڏ ڪو به ٻيو معبود ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هجي ها ته پوءِ هرهڪ معبود پنهنجي ئي مخلوق جي فڪر ۾ رهي ها ۽ هرهڪ معبود ٻئي معبود تي چڙهائي ڪري ها. الله جي ذات انهن ڳالهين کان پاڪ آهي، جي ڳالهيون هي ماڻهو سندس باري ۾ بيان ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى ڪنهن کي پنهنجو اولاد نه بنايو آهي ۽ ان سان گڏ ڪو معبود ناهي (بالفرض) جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هر معبود پنهنجي مخلوق کي وٺي وڃي ها ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فوقيت حاصل ڪن ها، الله تعالى انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اهي ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نه خدا ڪنهين کي پنهنجو پٽ بڻايو آهي ۽ نه ان سان گڏ ڪو ٻيو خدا ئي آهي (جيڪڏهن ائين هجي ها ته) پوءِ هر خدا پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخلوق کي وٺي وٺي ڦرندو وتي ها ۽ پڪ هڪڙو ٻئي تي چڙهائي ڪري ها (۽ وڏي جنگ ٿئي ها) جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا بابت) ڳالهائن ٿا تنهن کان خدا بلڪل پاڪ پاڪيزه آهي.(سيد فرمان علي)


نه ورتو الله ڪو اولاد ۽ نه آهي ان سان گڏ ڪو معبود ان وقت البته وٺي وڃي ها هر معبود ان کي جنهن کي پيدا ڪيائين ۽ البته مٿي ٿين ها هڪڙا انهن مان ٻين کان پاڪ آهي الله ان کان جيڪو بيان ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ٺهرايو آهي ۽ نه ان سان گڏ ڪو حاڪم آهي (ائين هجي ها ته) ان ئي وقت هر هڪ حاڪم پنهنجي بنايل مخلوق کي (جدا) وٺي وڃي ها ۽ انهن مان هڪڙا ٻين تي چڙهائي ڪن ها. جيڪي اهي بيان ڪن ٿا تنهن کان الله پاڪ آهي. (مولانا محمد مدني)


الله (پنهنجي لاءِ) ڪو اولاد نه بنايو آهي ۽ نه ئي ان سان گڏ ڪو معبود آهي (اگر ائين هجي ها ته) ان وقت هر معبود پنهنجي بنايل مخلوق کي (جدا) کڻي وڃي ها انهن مان هڪڙا ٻين تي غالب اچي وڃن ها. (۽ نظامِ جهان درهم برهم ٿي وڃي ها) الله ان ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌُران پُٽ نه ڌاريو، ڪِنهِين کي ڪَلتار، ۽ سانئـِين، ساڻِس نه اهي ڪو، بِلڪُل ڀائيوار، تڏهين ته سائـِين سَڀ ڪِنهن، جوڙيا جي جِنسار، وِراهي ڌَڻ پَنهنجا، ڪيا ڌارو ڌار، ۽ هِڪڙا ٿِيا ٻِئن تان، مُقرر مَهندار، جيڪي بَڪِين ٿابيڪار، پَرور تِنهن کان پاڪ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92)

ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو غيب ۽ شهادت جو ڄاڻندڙ آهي، (يعني محسوسات ۽ غير محسوسات سڀ ڄاڻي ٿو) هنن ماڻهن جيڪي شرڪ جون ڳالهيون ٺاهيون آهن تن سڀني کان الله تعاليٰ بالا (۽ پاڪ) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى هر غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي پوءِ الله تعالى انهن جي شرڪ کان بلند آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو لڪل ۽ ظاهر (سڀني) کان چڱيءَ طرح واقف آهي مطلب ته اهو سندن شرڪ کان (بلڪل پاڪ ۽) بلند آهي.(سيد فرمان علي)


ڄاڻندڙ ڳجهه ۽ ظاهر پوءِ مٿاهون آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي، پوءِ اهو انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


اهو لڪل ۽ ظاهر شين کي ڄاڻندڙ آهي پوءِ اُهو انهن شين کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڳُجھي ، پَڌرِي ڳالھ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، جَن کي ڀانِئينِ ڀائيوار، اَلله اَعلىٰ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93)

(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي منهنجا رب! جن ڳالهين جو تو واعدو ڪيو آهي تن جو ظهور جيڪڏهن منهنجي حياتيءَ ۾ ٿيڻو آهي ته،(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان عرض ڪريو اي منهنجا رب جيڪڏهن تون مون کي اهو (عذاب) ڏيکارين جنهن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي حبيب!) تون دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار جنهن (عذاب) جو تو انهن سان واعدو ڪيو آهي، جيڪڏهن شايد تون مون کي ڏيکارين.(سيد فرمان علي)


چؤ ته اي منهنجا پالڻهار! جيڪڏهن ڏيکارين مون کي اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ) چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! جيڪو وعدو انهن سان ڪيو وڃي ٿو سو جيڪڏهن مون کي ڏيکارين. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! جنهن عذاب جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو اگر منهنجي موجودگي ۾ آڻين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، جو چَوِين اُنهن کي، سوجي ڏيکارِينمِ ڏاتار!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94)

اي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا رب! مون کي انهيءَ ٽولي ۾ نه رکجانءِ جو ظالم ٽولو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا رب پوءِ تون مون کي ظالم قوم ۾ شامل نه ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته پروردگار مون کي انهن ظالمن سان گڏ نه ڪج!(سيد فرمان علي)


اي منهنجا پالڻهار! پوءِ نه (داخل) ڪر مون کي ظالم قوم ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ظالم قوم ۾ (رهندڙ) نه ڪر. (مولانا محمد مدني)


ته اي منهنجا پالڻهار مون کي ظالم قوم ۾ شامل نه ڪجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ بِلڪُل نه ڀيرو ڪار، مُون کي ظالم ذات ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95)

۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) کي بيشڪ اها قدرت ۽ طاقت آهي جو جن ڳالهين جو هنن ماڻهن سان واعدو ڪيو اٿئون سي ڳالهيون (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ظاهر ڪري) توکي ڏيکاريون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان قادر آهيون ته توهان کي اهو (عذاب) ڏيکاريون جنهن جو اسان انهن سان وعدو ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي حبيب!) اسين پڪ ان ڳالھ تي قادر آهيون ته جنهن (عذاب) جو اسان انهن سان وعدو ڪيو ڪريون ٿا تو کي ڏيکاريون.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ اسين ان تي جو ڏيکاريون توکي اهو جو وعدو ڏيون ٿا انهن کي البته قدرت رکندڙ آهيون . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) بيشڪ اسان کي هن ڳالهه تي قدرت آهي ته جيڪو وعدو انهن سان ڪريون ٿا سو توکي ڏيکاريون. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان تنهنجي اکين جي سامهون ئي ان (عذاب) آڻڻ تي پوري قدرت رکڻ وارا آهيون جنهن جو انهن سان وعدو ڪيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سوجي توکي ڏيکاريون، جو ٻولايونِ ٻِيهار، ته آهيون اَسِين اِظهار، قادِر اِن ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96)

ڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) برائي کي (برائيءَ سان نه پر) اهڙي طرز جي حڪمت عمليءَ سان دفع ڪر جا بهترين طرز هجي (يا معافي ڏيڻ سان يا ڪنهن ٻئي سهڻي طريقي سان). اسان انهن ڳالهين کان بي خبر نه آهيون جي ڳالهيون هي ماڻهو تنهنجي متعلق چوندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


توهان انهن جي برائي کي چڱائي سان دفع ڪريو، اهي جيڪو چون ٿا اسين ان کي چڱي طرح سڃاڻو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بڇڙي ڳالھ جي جواب ۾ اهڙي ڳالھ چئو جا تمام چڱي هجي. اهي ماڻهو جو ڪجھ (تنهنجي لاءِ) چون ٿا تنهن کي اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا.(سيد فرمان علي)


دفع ڪر ان سان جيڪو سهڻو آهي برائيءَ کي اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون انکي جيڪو بيان ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبرﷺ) برائي کي چڱائي سان ٽار! جيڪي اهي بيان ڪن ٿا تنهن کي اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني)


برائي کي اهڙي طريقي سان ٽار جيڪو سڀ کان سهڻو هجي. اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي (ڳالهيون) اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَدِي ٽار، اُن سان، چَڱِي جيڪا چال، جي باتيون ڪَن بَطال، اَسِين آگاه اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97)

۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اسان جي حضور ۾) هيءَ دعا گهر ته اي منهنجا رب! مان شيطاني وسوسن کان تنهنجي دامن ۾ پناهه ٿو وٺان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان عرض ڪريو اي منهنجا رب آئون توکان شيطان جي وسوسن جي پناه گھران ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ (هيءَ به) دعا گهر ته اي منهنجا پروردگار! آءُ شيطان جي وسوسن کان تنهنجي پناھ گهران ٿو(سيد فرمان علي)


۽ چؤ تون اي منهنجا پالڻهار! پناهه گهران ٿو توسان وسوسن شيطانن جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! آءُ شيطانن جي وسوسن کان تنهنجي پناهه وٺان ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! آءٌ شيطانن جي وسوسن کان تنهنجي پناهه وٺان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَئو، شيطانن جي شَرکان، آءٌ سانيمِ! تُنهنجِي سام، ۽ پَرور! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98)

۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان به (تنهنجي) پناهه ٿو گهران ته اهي وسوسا مون وٽ اچن (يعني التجا ٿو ڪريان ته وسوسا مون وٽ اچن ئي نه).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي منهنجا رب آئون توکان پناه گھران ٿو ته اهي مون وٽ حاضر ٿين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اي منهنجا پالڻهار هن (ڳالھ) کان به تنهنجي پناھ گهران ٿو ته ڪو شيطان مون وٽ اچن.(سيد فرمان علي)


۽ پناهه گهران ٿو توسان اي منهنجا پالڻهار! هن کان جو حاضر ٿين مون وٽ . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اي منهنجا پاليندڙ! آءٌ شيطانن جي مون وٽ اچڻ کان تنهنجي پناهه گهران ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ اي منهنجا پالڻهار! تو کان پناهه وٺان ٿو (ان جي جو)اُهي مون وٽ اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چَئو، شيطانن جي شَرکان، آءٌ سانيمِ! تُنهنجِي سام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99)

(ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هنن منڪرن جو حال اهوئي رهندو) تان جو جڏهن هنن مان ڪنهن جي سر تي موت جي گهڙي اچي ويندي، تڏهن چوڻ لڳندو ته، اي منهنجا رب! مونکي وري (دنيوي زندگيءَ ۾) موٽاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


ايستائين جو انهن مان ڪنهن تي موت اچي ٿو (ان وقت) اهو چوي ٿو اي منهنجا رب تون مون کي واپس موٽاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ ڪافر ته ڪڏهين به نه مڃيندا) تان جو انهن مان ڪنهن وٽ موت آيو ته چوڻ لڳا: پروردگارا! تون مون کي (هڪ ڀيرو) هن جاءِ (دنيا) ۾ جنهن کي آءُ ڇڏي آيو آهيان وري واپس ڪر!(سيد فرمان علي)


تانجو جڏهن ايندو هڪڙي انهن جي وٽ موت ته چوندو اي منهنجا پالڻهار! موٽاءِ مون کي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تان جو جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ وٽ موت ايندو ته چوندو ته اي منهنجا پاليندڙ مون کي (دنيا ڏي) موٽاءِ. (مولانا محمد مدني)


(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن تي موت ايندو ته چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي (ان دنيا طرف) موٽاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان موت اُنهن مان، ڪِنهن مَٿي، جڏهن سِرتي ٿيو سُوار، چي، مون کي، موٽِي ماڳه تي، مُنهنجا والِي! وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100)

ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ته زندگيءَ جا جيڪي موقعا مون ضايع ڪري ڇڏيا (تن جي تلافي ڪري) شايد (هن دفعي) چڱا ڪم ڪيان. (حڪم ٿيندو ته) هرگز نه! اها رڳو چوڻ جي ڳالهه آهي، جا هو چئي رهيو آهي (هاڻي ائين ٿيڻو ئي ناهي) انهن ماڻهن جي (مرڻ) پٺيان هڪ آڙ آهي جا انهيءَ ڏينهن تائين رهندي، جنهن ڏينهن (ٻيهر) اٿاريا ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


ته من آئون نيڪ عمل ڪريان ان ۾ جيڪو آئون ڇڏي آيو آهيان، خبردار! بيشڪ اها هڪ (بي فائدي) ڳالهه آهي جيڪا اهو چوي ٿو. ۽ انهن جي پويان قيامت جي ڏينهن تائين هڪ پردو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته آءُ (هاڻي) سٺا سٺا ڪم ڪريان (کين چئبو ته) هرگز نه. اها هڪ بيڪار ڳالھ آهي جنهن جي اهو بڪواس ڪري رهيو آهي. ۽ انهن جي (مرڻ کان) پوءِ برزخ جو (زمانو) آهي (جنهن ۾) ان ڏينهن تائين جو ٻيو ڀيرو قبرن مان اٿاريا ويندا.(سيد فرمان علي)


تانته مان ڪيان نيڪ عمل ان ۾ جيڪو ڇڏيو مون هرگز نه بيشڪ اها ڳالهه آهي جيڪا اهو چوندڙ آهي ۽ اڳيان انهن جي هڪ پردو آهي ان ڏينهن تائين جنهن ۾ اٿاريا ويندا. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته جيڪر اُتي ڪو چڱو ڪم ڪريان جنهن کي ڇڏي آيو آهيان. ائين نه ٿيندو. بيشڪ اها هڪ ڳالهه (بڪواس) آهي جا هو چوي ٿو. ۽ سندن آڏو هڪ پردو هوندو ان ڏينهن تائين جو کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. (مولانا محمد مدني)


جنهن (دنيا) کي ڇڏي آيو آهيان، ته جيڪر اُتي ڪو چڱو ڪم ڪيان“! ائين هرگز نه ٿيندو. بيشڪ اها رُڳو هڪ ڳالهه هوندي جا (حسرت سان) چوندو. ۽ انهن سڀني (مرڻ وارن) جي پُٺيان کان هڪ پردو آهي ان ڏينهن تائين جو (جنهن ۾ جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان چڱا ڪريان ڪَم سي، جي تَرڪ ڪَيَمِ تڪرار، سَمجھ ته اِي، اُن اکر جو، ٻوليندڙ ٻِيهار، ۽ آهي پَردو اُنهن پُٺيان، قائـِم برقرار، تان وِيندي اُنهِئَ وار، ته آخِر وَڃن اُٿارِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101)

پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن اها گهڙي اچي ويندي جڏهن توتاري وڄائي ويندي، (يعني سڀني انسانن کي وري اٿاري گڏ ڪرڻ جو حڪم ٿيندو) تڏهن نڪي انهن ماڻهن جون هڪٻئي سان مائٽيون باقي رهنديون نڪي ڪو ڪنهن ٻئي کان ڪجهه پڇندو. (هرڪو پنهنجي حالت ۾ پريشان رهندو.)(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جنهن وقت صور ڦوڪي ويندي پوءِ ان ڏينهن (ڪافرن جون) پاڻ ۾ مائٽيون ختم ٿي وينديون ۽ نه پاڻ ۾ ڪنهن کان حال احوال معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن صور ڦوڪي ويندي ته ان ڏينهن ماڻهن جون نه قرابتداريون رهنديون ۽ نه هڪ ٻئي جي ڳالھ پڇندا.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ نه آهن نسب انهن ۾ ان ڏينهن ۽ نه هڪ ٻئي کان پڇندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته ان ڏينهن سندن وچ ۾ نه مٽي مائٽي رهندي ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي پڇندا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ته پوءِ انهن جي وچ ۾ ان ڏينهن نه مٽي مائٽي رهندي ۽ نه هڪ ٻئي جو حال پڇي سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جَڏهن ڏَنڊ ۾ ڦُوڪبو، پوءِ تَن وِچ، نَسب نه، نيات، ۽ نَه تَڏهن ساڻنِ بات، ته تون ڪير؟ ڪهڙٖي ڪٖيڙ مان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102)

پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن (جي نيڪ عملن) جو پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ۽ بامراد رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جنهن ماڻهو جا وزن ڳرا ٿيا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جن جي نيڪين جا پڙ ڳرا هوندا ته اهي ئي شخص ڪامياب هوندا.(سيد فرمان علي)


پوءِ اهو جو ڳرا ٿيندا توراڙا ان جا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جن جا چڱا عمل ڳرا ٿيندا، سي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جنهن جا پُڙ (نيڪين سان) ڳرا ٿي ويا پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڳَرا ٿيا پُڙ جِنهنجا، اُهو آزاد، کان آزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103)

۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن جو پُڙ هلڪو ٿيندو سي ئي آهن جن پاڻ کي پاڻ برباديءَ ۾ وڌو آهي. اهي هميشه جهنم ۾ رهڻ وارا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن ماڻهوءَ جا وزن گھٽ ٿيا پوءِ انهن ماڻهن پنهنجون جانيون جوکي ۾ وڌيون (۽ اهي) هميشه جهنم ۾ رهندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن جي (نيڪين) جا پڙ هلڪا هوندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پپنهنجو پاڻ نقصان ڪيو (۽) هميشه دوزخ ۾ رهندا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪو هلڪا ٿيا توراڙا ان جا پوءِ اهي ئي اهي آهن جن نقصان ۾ وڌو سرن پنهنجن کي جهنم ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن جا چڱا عمل هلڪا ٿيندا سي اُهي آهن جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو جهنم ۾ رهڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جن جا پُـــڙَ هلڪا ٿي ويا ته پوءِ اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو اهي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پُڙ پاساجنهنجا، هَلڪا ٿِيا هيڪار، اُنهن پاڻهِين وِڌو پاڻ کي، هَڙ موڙِي سان، مَنجھ هارِ، اُهي ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ داخِل اُن ۾ دائـِما.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104)

سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


باهه جا شعلا هنن جي چهرن کي ساڙيندا، ۽ هو ان ۾ منهن بگاڙي پيا هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جي چهرن کي باه ساڙي ڇڏيندي ۽ دوزخ ۾ انهن جون شڪلون بگڙجي وينديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


دوزخ جي باھ سندن منهن بگاڙي ڇڏيندي ۽ اهي ان ۾ بدشڪل هوندا.(سيد فرمان علي)


ساڙيندي منهن انهن جي کي باهه اهي ان ۾ بدشڪل هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


باهه سندن منهن کي ساڙيندي ۽ اهي ان ۾ بدصورت هوندا. (مولانا محمد مدني)


انهن جي چهرن کي باهه ساڙي ڇڏيندي ۽ اُهي ان ۾ ڏَندَ لَــــڙڪيلَ بدشڪل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَچ ساڙِيندنِ مُنهنَ کي، ۽ هو مَنجھسِ کُٽا خُوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105)

(چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(کين چيو ويندو ته) ڇا ائين نه ٿي چڪو آهي ته منهنجون آيتون اوهان کي پڙهي ٻڌايون وينديون هيون ۽ اوهان انهن کي ڪوڙيون ڪوٺي رد ڪندا هئو؟(علامه علي خان ابڙو)


(۽ انهن کي چيو ويندو) ڇا منهن جون آيتون توهان جي مٿان نه پڙهيون ويون، پوءِ توهان انهن کي ڪوڙو سمجھندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهن وقت اسين پڇنداسون ته) ڇا اوهان جي اڳيان منهنجيون آيتون ڪين پڙهيون ويون هيون؟ (پڪ پڙهيون ويون هيون) ته اوهين انهن کي ڪوڙ سمجهندا هئا.(سيد فرمان علي)


ڇا نه هيون آيتون منهنجون تلاوت ڪيون ٿي ويون اوهان تي پوءِ هيئو اوهان انهن کي ڪوڙو ٿي چيُوَ . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اسين انهن کان پڇنداسون ته) ڇا اوهان کي منهنجيون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهين انهن کي ڪوڙو چوندا هئا. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو:) ”ڇا اوهان (اُهي) نه آهيو جن کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهان انهن کي ڪوڙو چوندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا پڙهبيون نه هُيون اوهان تي، مُنهنجيون نِشانيون نِروار؟ پوءِ ڪُوڙ ڪوٺِينداهُئا تنکي؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106)

چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو چوندا ته، اي اسان جا رب! اسان جي بدبختي اسان تي ڇانئجي ويئي، ۽ اسان جو ٽولو گمراهن جو ٽولو هو.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چوندا اي اسان جا رب اسان جي مٿان اسان جي بدبختي غالب ٿي ۽ اسان گمراه قوم هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي جواب ۾ چوندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان تي اسان جي بدبختي زور پئجي ويئي ۽ اسين گمراھ ماڻهو هئاسون.(سيد فرمان علي)


چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! غالب ٿي اسان تي بد بختي اسان جي ۽ هئا سون قوم گمراهه . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چوندا ته اي اسان جا رب! اسان تي اسان جي بدبختي زور پئجي ويئي ۽ اسين گمراهه قوم هئاسون. (مولانا محمد مدني)


چوندا: ”اي اسان جا پروردگار اسان تي اسان جي بدبختي ڇانئجي وئي ۽ اسان واقعي گمراهه قوم هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته ٻوليائون ٻِيهار، نِڀاڳ اَسان جو اَسان تي، سانيمِ! ٿيو سُوار، ۽ هُئاسون هَموار، مُورهِين مُوڙهل ميڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107)

چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي اسان جا پرورگار! هاڻي اسان کي هن حالت مان ٻاهر ڪڍ. جيڪڏهن اسان وري اهڙي گمراهيءَ ۾ پئون ته پوءِ بيشڪ اسان نافرمان ظالم هونداسين.(علامه علي خان ابڙو)


اي اسان جا رب تون اسان کي دوزخ مان ٻاهر ڪڍ پوءِ جيڪڏهن اسان وري ايئن ڪيو پوءِ بيشڪ اسين ظالم آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي رب! اسان کي (هاڻي) ڪنهين طرح دوزخ ما ڪڍ! پوءِ جيڪڏهن وري ائين ڪريون ته پوءِ اسين قصور وارا آهيون.(سيد فرمان علي)


اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ان مان ڪڍ پوءِ جيڪڏهن وري ڪياسين (گناهه) پوءِ بيشڪ اسين ظالم آهيون. . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ان مان (ٻاهر) ڪڍ، پوءِ جيڪڏهن (وري ڪفر ڏي) موٽياسون ته پوءِ بيشڪ اسين ظالم آهيون. (مولانا محمد مدني)


اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ان مان ٻاهر ڪڍ پوءِ جيڪڏهن اسان وري (گمراهي ڏانهن) موٽياسين ته پوءِ بيشڪ اسان ظالم هونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، سانيمِ! ڪَڍ اسان کي، هِن ٻارڻ مان ٻِيهار، پوءِ جي اٿُلياسُون ٻِيهار، ته ظالِم ظاهِر آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108)

(الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرمائيندو ته، جهنم ۾ پئو، ۽ زبان نه کوليو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمائيندو توهان جهنم ۾ ذليل ٿي رهو ۽ توهان مون سان نه ڳالهايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(خدا) فرمائيندو: پري ٿيو! هن ۾ (اوهان کي رهڻو پوندو) ۽ (بس!) مون سان ڳالهايو به نه.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته خوار ٿيا پيو هجو ان ۾ ۽ نه ڳالهايو مون سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمائيندو ته ان ۾ ڌوڙ پايو ۽ مون سان نه ڳالهايو. (مولانا محمد مدني)


الله فرمائيندو: ”ان ۾ ذلت سان پيل رهو ۽ مون سان نه ڳالهايو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، باندر! رَهو بَند اُن ۾، ۽ ٻوليو مِ ڪِين ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109)

ڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان جي بندن مان هڪ جماعت اهڙي به هئي جا چوندي هئي ته، اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، پوءِ اسان کي بخش، ۽ اسان تي رحم ڪر، توکان بهتر رحم ڪندڙ ڪوبه ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ منهنجي ٻانهن مان هڪ جماعت (مسڪين مهاجر اصحابين جي) هئي جيڪا (دنيا ۾) چوندي هئي اي اسان جا رب اسان ايمان آندو پوءِ تون اسان کي بخش ڪر ۽ تون اسان تي رحم ڪر ۽ تون بهترين رحم ڪندڙ آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


منهنجن بندن مان هڪ گروھ اهڙو به هو جيڪو (سانده) هي دعا ڪندو رهندو هو ته اي اسان جا پروردگار اسان ايمان آندو ته تون اسان کي بخش! ۽ اسان تي رحم فرمائي جو تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان چڱو آهين.(سيد فرمان علي)


بيشڪ هئي جماعت هڪ منهنجي ٻانهن مان چون پيا اي اسان جي پالڻهار اسان ايمان آندو آهي پوءِ بخش ڪر اسان کي ۽ رحم ڪر اسان تي ۽ تون ڀلو رحم ڪندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ منهنجن ٻانهن مان هڪ جماعت چوندي هئي ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان ايمان آندو، پوءِ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان چڱو آهين. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ منهنجي ٻانهن مان هڪ جماعت هئي جي چوندا هئا ته : ”اي اسان جا پالڻهار! اسان ايمان آندو پوءِ اسان جي بخشش فرماءِ ۽ اسان تي رحم فرماءِ ۽ تون سڀني کان ڀلو رحم ڪرڻ وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَيئن تَه سَندمِ سپاهِين مان، هو ڪو ساٿ سَچار، چون، ته مَڃيوسون مُورهِين، سانيمِ! رَبُّ، سَتار، پوءِ آگا ميٽ اَسان جو ن، اَ گلايون اَپار، ۽ بَخشِين بَخشڻهار!، ۽ تون بِهتر بَخشِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110)

پوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر توهان هنن کي پنهنجي کل مسخريءَ جو مشغلو بنايو هو، ايتري قدر جو انهيءَ مشغلي جي ڪري توهان مون کي ئي وساري ڇڏيو. توهان انهن ماڻهن جي ڳالهين تي کلون ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان انهن سان مذاق ڪندا هئا ايستائين جو توهان منهنجو ذڪر وساريو ۽ توهان انهن تان کلندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اوهان ماڻهن انهن تي چٿرون ڪيون تان جو (ڄڻ ته) انهن ماڻهن اوهان کان منهنجي ياد وسارائي ڇڏي ۽ اوهين انهن تي سدائين کلندا رهيا.(سيد فرمان علي)


پوءِ ورتو اوهان انهن کي ٺٺول ڪري تانجو وسارايائون اوهان کان يادگيري منهنجي ۽ انهن تان کلندا هيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اوهان انهن تان مسخري ڪئي تانجو انهن (ڄڻ ته) اوهان کان منهنجي يادگيري وسارائي ۽ اوهين انهن تان کلندا هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اوهان انهن کي مسخري ڪري ورتو، تانجو ان (اوهان جِي بيهودِي سوچ) اوهان کان منهنجي ياد به وسارائي ڇڏي (ته آءٌ به ڪو آهيان) ۽ اوهان انهن تان کلندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اَوهان بَنايو اُنهن کي، مَسخرِي مَخمور، پوءِ سارڻ مُنهنجو اَوهان کي، ڏِنئون وِساري مُور، ۽ اُن تان وَڏا ٽَهڪ ڏِيو،وَهَسو پِئا وَهلور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111)

بيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اڄ ڏسو اسان انهن (مؤمنن) کي سندن صبر ۽ استقلال جو بدلو ڏنو آهي. اهي ئي آهن جيڪي فيروزمند آهن (۽ دائمي سعادت حاصل ڪئي اٿن.)(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اڄ آئون انهن کي جزا (جنت النعيم) ڏيندس انهيءَ سببان جو انهن صبر ڪيو، بيشڪ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مون اڄ انهن کي سندن صبر جو سٺو عوض ڏنو جو اهي ئي ماڻهو پنهنجي مراد کي (چڱيءَ طرح) پهچڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ مون بدلو ڏنو مون انهن کي اڄ ان سببان جو صبر ڪيائون بلاشڪ اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اڄ مون انهن کي سندن صبر ڪرڻ جي ڪري بدلو ڏنو، جو اهي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ مون انهن کي اڄ سندن صبر جو صلو ڏنو آهي جو بيشڪ اُهي مراد ماڻڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَڄ ڏِنمِ اُنهن کي ڏاتِيون، ڀَري ڀَري ڀَرپُور، جِنهن سبب سَٺـائون سُور، اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112)

(الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن کان پڇيو ويندو ته خبر اٿوَ ته زمين تي ڪيترا سال رهيوَ؟(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى انهن کي فرمائيندو توهان زمين ۾ ڪيترا سال ٽڪيا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(وري انهن کان خدا) پڇندو ته (نيٺ) اوهين زمين تي ڪيترا سال رهيو؟(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته ڪيترو رهيئو اوهان زمين ۾ عدد سالن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمائيندو ته اوهين زمين ۾ ڪيترا ورهيه رهيا هوندا؟ (مولانا محمد مدني)


الله فرمائيندو: ”(ٻڌايو) اوهان زمين ۾ سالن جي ڳاڻيٽي سان گهڻو وقت رهيا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ڀورا! رَهيا ڀُون ۾، ساريو ته گھڻا سال؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113)

چوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو چوندا ته، بس رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو به ڪو حصو رهياسين (اسان پوري وقت جو اندازو ڪري نٿا سگهون) انهن کان پڇو جيڪي ڳڻيندا رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي چوندا اسين هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھه حصو ٽڪيا هئاسين، پوءِ تون ڳڻيندڙن (حفاظت وارن ملائڪن) کان معلوم ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي چوندا (ڇا جا سال) اسين ته رڳو هڪ ڏينهن رهياسون يا هڪ ڏينهن کان به گهٽ، تون شمار ڪرڻ وارن کان پڇي ڏس!(سيد فرمان علي)


چيائون ته رهياسون ڏينهن يا اڌ ڏينهن پوءِ پڇ ڳڻيندڙن کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چوندا ته هڪ ڏينهن يا ڏينهن کان ڪجهه گهٽ رهيا هئاسون، پوءِ تون ڳڻڻ وارن کان پڇ. (مولانا محمد مدني)


چوندا: ”هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجهه حصو رهيا هونداسين پوءِ تون ڳڻڻ وارن کان پڇ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ڏِينهن، ڪ پل ڏينهن مان، پوءِ پُڇ ڳَڻِيندڙن کان ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114)

(الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن کي چيو ويندو ته ها، توهان جي زمين تي رهڻ هن کان سواءِ ڪجهه به نه هو ته تمام ٿورڙي وقت جو رهڻ هو، ڏاڍو چڱو ٿئي ها جيڪڏهن توهان اها ڳالهه (اڳي دنيا ۾) ڄاڻو ۽ سمجهو ها.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايندو (آخرت جي مقابلي ۾) توهان تمام ٿورو وقت ٽڪيا، ڪاش توهان اها ڳالهه ڄاڻو ها !(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(خدا فرمائيندو: بيشڪ اوهين (زمين ۾) گهڻو گهٽ رهيو! ڪاش اوهين (ايتري ڳالھ به دنيا ۾) سمجهندا هجو ها.(سيد فرمان علي)


فرمايائين ته نه رهيئو اوهان مگر ٿورو جيڪڏهن تحقيق اوهان ڄاڻو ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمائيندو ته اوهين بالڪل ٿورو رهيا هئا جيڪر ڄاڻو ها. (مولانا محمد مدني)


الله فرمائيندو: ”اوهان اتي ٿورڙو ئي رهيا هئا، هائو جي (اهو اُتي) ڄاڻو ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه جاٽِيان مگر ٿورڙو، چيائين اِهڙِي چال، پهريون، پويپن حال، جي صَحِي آهيو سَمجھندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115)

اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان هن خيال ۾ آهيو ته اسان توهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي، ۽ توهان اسان جي طرف موٽڻا نه آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ايئن ڀانيو ٿا ته اسان توهان کي بنا ڪنهن حڪمت جي بيڪار ڪري پيدا ڪيو آهي؟ ۽ بيشڪ توهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته ڇا اوهين اهو خيال ڪيو ٿا ته اسان اوهان کي (ائين ئي) بيڪار پيدا ڪيو ۽ هي ته اوهين اسان جي حضور ۾ موٽايا نه ويندو.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ سمجهيو اوهان ته تحقيق پيدا ڪيوسون اوهان کي اجايو ۽ بيشڪ اوهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي انسانو !) پوءِ اوهين هي خيال ڪريو ٿا ڇا ته اسان اوهان کي بي فائدو پيدا ڪيو آهي؟ ۽ اوهان کي اسان ڏي نه موٽايو ويندو؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ اوهان سمجهو ٿا ته اسان اوهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي؟ ۽ اوهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ڀانيان، ته بنايوسون آن کي، بي فائدو بيڪار؟ ۽ آن کي، اَسان پار، موٽائـِبو نه مُورِهين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116)

پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ جيڪو حقيقي بادشاهه آهي سو اهڙو ڪم ڪرڻ کان پاڪ ۽ بلند ۽ بالا آهي (يعني ماڻهن کي اجايو پيدا ڇو ڪندو؟) اهو الله جنهن جي ذات کان سواءِ ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، هو جهانداريءَ جي شاندار تخت جو مالڪ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ الله تعالى تمام بلند، حقيقي بادشاه آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، اهو عرشِ عظيم جو رب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته خدا جيڪو سچو شهنشاھ (هر ڳالھ کان) برتر اعلى آهي. جنهن کان سواءِ ڪو (به) معبود نه آهي. اهو ئي عزت واري عرش جو مالڪ آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ مٿاهون آهي الله بادشاهه سچو ناهي ڪو معبود سچو مگر اهو رب عرش سڳوري جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سو الله (اهڙي ڪم ڪرڻ کان) بلند آهي جو بادشاهه برحق آهي، ان کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي. عزت واري عرش جو مالڪ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ الله برتر آهي جيڪو حقيقي بادشاهه آهي، ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي، اهو عزت واري عرش جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله اَعلىٰ بادشاه، ثابِت آھِ سَدا، جِنهن ڌاران، ڌَڻِي ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ، صدا، آهي اُهو خُدا، صاحِب سڳوري عَرش جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117)

۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي ته ڪافر نه ڇُٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي (هٿرادو گهڙيل) معبود کي پڪاري ٿو تنهن وٽ ان لاءِ ڪوبه دليل ڪونهي. سندس پروردگار جي حضور ۾ سندس حساب ٿيڻو آهي، يقيناً ڪفر ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان گڏ ٻي معبود جي عبادت ڪري ٿو، جنهن لاءِ وٽس ڪوبه دليل ڪونهي، پوءِ ان جو حساب سندس رب وٽ آهي، بيشڪ اهو ڪافرن کي نجات نٿو ڏئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو شخص خدا سان گڏ ٻي جي عبادت ڪندو، ان وٽ هن جي لاءِ ڪا ثابتي نه آهي، هن جو حساب (ڪتاب) هن جي پروردگار وٽ آهي. (ياد رکو) بيشڪ ڪافر ڪامياب نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪو عبادت ڪندو الله سان گڏ معبود ٻئي جي ناهي ڪو دليل ان لاءِ ان جو پوءِ بيشڪ حساب ان جو رب ان جي وٽ آهي بلاشڪ نه ڪامياب ٿيندا ڪافر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي حاڪم کي سڏيندو جنهن جي ان وٽ ڪا ثابتي نه آهي تنهن کي سندس پاليندڙ وٽ ئي حساب ڏيڻو آهي. بيشڪ ڪافر ڪامياب نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود جي عبادت ڪري جنهن لاءِ ان وٽ ڪو دليل ناهي ته پوءِ ان جو حساب ته صرف سندس پالڻهار وٽ ئي آهي. ڳالهه هي آهي ته ڪافر ڪامياب نه ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جو سَڏي اُن سانئـِينءَ سان، وڪِيل، يا وَزِير، جِنهن بابت اَصل اُن سان، ليکت ناهي لِير، پوءِ ليکو چوکو اُن جو، سانيَسِ وَٽ، سُڌير، ڳالھ اِها ڳَنڀِير، ته مُنڪر نه ڇُٽن مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118)

۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي منهنجا رب! تون بخشي ڇڏ، رحم ڪر، توکان وڌيڪ رحم ڪندڙ ڪوبه ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان عرض ڪريو ته اي منهنجا رب تو بخش ڪر ۽ تون رحم ڪر ۽ تون بهترين رحم ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) تون چئو: پروردگار! تون (منهنجي امت کي) معاف ڪر! ۽ رحم فرمائي! ۽ تون سڀئي رحم ڪندڙن کان چڱو آهين.(سيد فرمان علي)


۽ چؤ ته اي منهنجا پالڻهار! بخش ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون ڀلو رحم ڪندڙ آهين.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ!) چؤ ته اي منهنجا رب معاف ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان چڱو آهين.(مولانا محمد مدني)


۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! بخش ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون سڀ کان بهتر رحم ڪرڻ وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چئو، ته مَرهِينمِ مُون ڌڻي!، ۽ ڪَر مِهر مَٿي مُون، ۽ مَنجھ مِهربانن تون!، مِڙنِيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017