القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 10 سُوۡرَۃُ الۡحَجِّ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 78


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1)

اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، ڇوته قيامت وارو ڌڪاءُ وڏي شيء آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانؤ! پنهجي پروردگار (جي عذاب) کان ڊڄو. يقين رکو ته اچڻ واري گهڙيءَ جو زلزلو هڪڙو وڏو سخت واقعو ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو توهان پنهنجي رب کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو زلزلو تمام وڏي شيءِ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) قيامت جو زلزلو (ڪا معمولي ڳالھ نه آهي) هڪ تمام (سخت) شيءِ آهي.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! ڊڄو رب پنهنجي کان بيشڪ زلزلو قيامت جي شيءِ وڏي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ماڻهو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو. بيشڪ قيامت وارو زلزلو هڪ وڏي شيءِ آهي. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو زلزلو ڏاڍي سخت شيءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهئا! پَنهنجي مالِڪ کان ڪَنبو، ڀَر قهار، ڳَرِي ڳالھ قيام جِي؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2)

جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندؤ (تنھن ڏينھن) سڀڪا کير پياريندڙ جنھن کي کير پياريندي ھوندي تنھن کي (دھشت کان) وساريندي ۽ سڀڪا ڳڀ واري پنھنجي ڳڀ کي ڪيريندي ۽ ماڻھن کي بيھوش ڏسندين حالانڪ اُھي بيھوش نه ھوندا پر الله جو عذاب سخت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ڏينهن اها گهڙي اوهان جي اڳيان اچي ويندي تنهن ڏينهن (ڪنهن کي به ڪنهن جي به خبر ڪانه رهندي) ٿڃ پياريندڙ عورتون پنهنجي ٿڃ پيئندڙ ٻچڙن کي به وساري ڇڏينديون. سڀئي حامله (وقت کان اڳي) پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. ماڻهن کي اوهان اهڙي حال ۾ ڏسندؤ جو ڄڻ ته سچ پچ متوالا ۽ پاڳل بڻجي ويا آهن، هو متوالا يا ديوانا ڪونه هوندا، پر الله جي عذاب جي خوفناڪي وڏي خوفناڪ آهي (جا هنن کي ديوانن وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندي.)(علامه علي خان ابڙو)


ان ڏينهن توهان ڏسندا ته هر کير پياريندڙ پنهنجي کير پياريندڙ کي وساري ڇڏيندي ۽ هر حامله پنهنجي حمل کي ضايع ڪري ڇڏيندي ۽ توهان ماڻهن کي ڏسندا ته جهڙا اهي نشي ۾ آهن ۽ (في الحقيقت) اهي نشي ۾ نه هوندا پر الله تعالى جو عذاب نهايت سخت هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن اوهين ان کي ڏسندو ته هر کير پيارڻ واري (دهشت کان) پنهنجي کير پياڪ (ٻار) کي وساري ڇڏينديءَ سڀ پيٽ واريون زالون (خوف کان) پنهنجا پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. پڻ (گهٻراهٽ ۾ ماڻهو تو کي متوالا معلوم ٿيندا هوڏانهن اهي نشي وارا نه هوندا، پر الله جو عذاب تمام سخت آهي (جو ماڻهو بدحواس ٿيا آهن).(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن جو ڏسندؤ ان کي ته وساري ڇڏيندي هر کير پياريندڙ (ماءُ) ان کي (جنهن کي) کير پياريو هيائين ۽ ڪيرائي ڇڏيندي هر پيٽ ۾ ٻار رکندڙ عورت پيٽ واري ٻار پنهنجي کي ۽ ڏسندين تون ماڻهن کي نشو چڙهيل ۽ ناهن اهي (درحقيقت) نشو چڙهيل ۽ پر عذاب الله جو سخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن اوهين ان کي ڏسندو تنهن ڏينهن سڀڪا کير ڌارائڻ واري ان کان غافل هوندي جنهن کي کير پياريندي هوندي ۽ سڀ ڪا پيٽ واري پنهنجو ڪچو ٻار ڪيرائيندي ۽ تون ماڻهن کي نشي جي حالت ۾ ڏسندين، هوڏانهن اهي نشي وارا نه هوندا پر الله جو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن اوهان ان کي ڏسندؤ هر کير پيارڻ وارِي (ماءُ) پنهنجي کير پياڪ ٻچن کي وساري ويهندي ۽ هر حمل وارِي پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي ۽ تون ماڻهن کي نشي (جي حالت) ۾ ڏسندين حالانڪه اُهي نشي ۾ نه هوندا ۽ پر الله جو عذاب سخت هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ويکِيندسِ جِنهن وار، هردائـِي جنهن ڌاريو، وِساريندِي تِنهن وار، ۽ حَمل ڪيرِين حامِلون، هيبت کان هيڪار، ۽ مَست ڏِسندِين ماڻُهئـِين، مَست نه سي ميخوار، پر سَندِي ربَّ، سَتار، سَزا آهي سَخت گَھڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3)

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بي سمجھيءَ سان تڪرار ڪندو آھي ۽ سڀڪنھن شيطان تڙيل جي پٺيان لڳندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جو الله جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪن اگرچه هنن وٽ علم به ڪونهي، اهي ماڻهو هرهڪ سرڪش شيطان پٺيان لڳي ٿا پون (۽ سندس تابعداري ٿا ڪن) (علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪجھه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي الله تعالى جي ذات اقدس بابت بغير معلومات جي اختلاف ڪن ٿا ۽ هر تڪبر ڪندڙ شيطان جي تابعداري ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي بنا سمجھ جي خدا جي باري ۾ (خواھ مخواھ) وڙهن ٿا ۽ سڀ ڪنهن سرڪش شيطان جي پٺيان هلن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ ماڻهن مان ڪو اهو آهي جيڪو بحث ڪري ٿو الله جي باري ۾ علم کان سواءِ ۽ تابعداري ڪري ٿو هر شيطان سرڪش جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو الله جي باري ۾ علم کانسواءِ جهڳڙو ڪري ٿو ۽ سڀڪنهن سرڪش شيطان جي پٺيان هلي ٿو. (مولانا محمد مدني)


ڪي ماڻهو الله جي باري ۾ بنا علم (۽ سمجهه) جي جهڳڙو ڪن ٿا ۽ هر سرڪش شيطان جي پيروي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ماڻهن مَنجھان آھِ ڪو، ته پُورٖي پتٖي ڌار، خُود خُدا جي ذات ۾، تَڙيل ڪري تڪرار، ۽ هَر شيطان شَرِير پُٺيان، لڳي لڳاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4)

اُن (شيطان) تي لازم ڪيو ويو آھي ته جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي بيشڪ اُھو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


شيطان متعلق هيءَ ڳالهه (خدا وٽ) لکجي ويئي آهي ته جيڪو به سندس رفيق ٿيندو تنهن کي هو ضرور گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جهنم جي عذاب تائين پهچائي ڇڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


شيطان لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو ان سان دوستي رکندو پوءِ بيشڪ اهو ان کي گمراه ڪندو ۽ ان کي جهنم جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن (شيطان) جي باري ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته جيڪو ساڻس دوستي رکندو تنهن کي هو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب تائين پهچائيندو.(سيد فرمان علي)


لکيو ويو آهي ان تي ته بلاشڪ جنهن دوستي رکي ان سان پوءِ بيشڪ اهو گمراھ ڪندو ان کي ۽ رستو ڏيکاريندو ان کي عذاب جهنم جي ڏانهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن جي باري ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته جيڪو ساڻس دوستي رکندو تنهن کي هو گمراهه ڪندو ۽ ان کي باهه جي عذاب ڏي رستو ڏيکاريندو. (مولانا محمد مدني)


ان جي ته مقدر ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪو به ان کي دوست بنائيندو ته ضرور اُهو ان کي گمراهه ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن تي انگ اَ ڳــئـِي، لِکيو لِکڻهار، ته جِنهن دوست تنهن کي ڌاريو، ته نِيندسِ نِگوسار، ۽ ڪِنهن آڙاھ جو آزار، سَئون سُهائيندو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5)

اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي هن باري ۾ شڪ آهي ته ماڻهو (ٻيهر) جيئرو ٿي اٿندو ته (هن ڳالهه تي غور ڪيو) اسان توهان کي (ڇا مون) پيدا ڪيو؟ مٽيءَ مان. پوءِ (توهان جي ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ جو سلسلو ڪهڙيءَ طرح جاري رهيو؟) هن طرح جو پهريائين نطفو ٿو ٿئي. پوءِ علقه (يعني ڄميل رت جو ٽڪرو، ماءُ جي پيٽ ۾) بنجي ٿو پوي. پوءِ وري ڪجهه شڪل وارو ۽ ڪجهه بي شڪل گوشت جو ٽڪرو ٿي ٿو پوي، ۽ اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو ته توهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جا ڪارناما) چٽا ۽ ظاهر ڪري ڇڏيون. پوءِ ڏسو ته، جنهن نطفي متعلق اسان چاهيون ٿا ته (ٻار جي صورت وٺي) تنهن کي عورت جي رحم (يعني ڳهڻ) ۾ هڪ مقرر وقت تائين قرار ڏيون ٿا. پوءِ (جڏهن نطفو سڀني مقرر حالتن مان لنگهي ٿو تڏهن) ٻاراڻي حالت ۾ اوهان کي ٻاهر ڪڍون ٿا. پوءِ توهان کي (هڪٻئي پٺيان) اهڙين حالتن ۾ آڻيون ٿا جو (آخر) پنهنجي جوانيءَ جي عمر کي پهچي ٿا وڃو. پوءِ توهان ۾ ڪو ته اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ کان اڳي ئي) مري ٿو وڃي. ۽ ڪو وري اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ تائين پهچي ٿو ۽) عمر جي نڪمي ۽ ضعيف حالت ڏانهن موٽائي آندو ٿو وڃي (جيئن ٻاراڻي حالت ۾ هو) تان جو علم ۽ عقل وارو درجو حاصل ڪري وري بي سمجهيءَ جي حالت ۾ پئجي ٿو وڃي. ۽ (اوڀڙن جو مثال وٺو) توهان ڏسو ٿا ته زمين سڪي ٺوٺ ٿيل آهي. پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تڏهن جهٽ پٽ لڏڻ ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ هر قسم جا اوڀڙ (گاهه ٻوٽا پوکون وغيره) ڄمي اڀري سهڻو نظارو ڏيکارين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو جيڪڏهن توهان کي قيامت جي ڏينهن ۾ شڪ آهي، پوءِ بيشڪ اسان توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ هڪ قطري مان، ان کان پوءِ رت جي دڳ مان، ان کان پوءِ گوشت جي ٻوٽيءَ مان، ڪن ماڻهن جي خلقت مڪمل ڪري ٿو ۽ ڪن جي خلقت نامڪمل ڪري ٿو، ان لاءِ ته اسين توهان لاءِ (پنهنجون نشانيون) بيان ڪريون، ۽ اسين مائن جي پيٽن ۾ رکون ٿا جيستائين چاهيون هڪ مقرر وقت تائين، ان کان پوءِ اسين توهان کي ٻار بنايون ٿا، ان کان پوءِ توهان پنهنجي جواني کي پهچو ٿا، ۽ توهان مان ڪي فوت ٿي وڃن ٿا ۽ توهان مان ڪي نهايت پيرسن ٿي ڪم عقل ٿين ٿا، جو معلومات حاصل ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن شيءِ جو علم نٿا رکن. ۽ توهان زمين کي سڪل ڏسو ٿا پوءِ اسين ان جي مٿان برسات وسايون ٿا ته اها زمين تازي ٿئي ٿي ۽ (اها زمين) هر قسم جي رونق پيدا ڪري ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ ڪنهن ۾ قسم جو شڪ آهي ته بيشڪ اسان اوهان کي (اول) مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ نطفي مان وري ڄميل رت مان، وري گوشت جي ٻوٽيءَ جي صورت ڏنل ۽ اڻ صورت ڏنل مان پيدا ڪيو ته اوهان تي (پنهنجي قدرت) ظاهر ڪريون. (ته پوءِ اوهان جو ٻيهر جيئرو ڪري اٿارڻ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي) ۽ اسان زالن جي پيٽ ۾ جنهن (نطفي) کي گهرون ٿا، هڪ مقرر ڪيل مدت تائين ترسايون ٿا وري اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا، وري پاليون ٿا هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني جي زور کي پهچو. ۽ اوهان مان ڪي ته اهڙا آهن جي (پوڙهائپ کان اڳ) مرن ٿا ۽ اوهان مان ڪنهن کي نڪميءَ عمر (ٻڍاپڻ) ڏي ڦيريو وڃي ٿو ته، هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي. ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ سڀ ڪنهن رونق واريءَ جنس جون شيون پيدا ڪري ٿي.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! جيڪڏهن آهيو اوهان شڪ ۾ (قيامت) ۾ اٿڻ لاءِ پوءِ يقينًا اسان پيدا ڪيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ (منيءَ جي) ڦڙي مان تنهن کان پوءِ رت جي دڳ مان تنهن کان پوءِ گوشت جي ٽڪري مان ٺاهيل ۽ نه ٺاهيل تانته بيان ڪيون اوهان جي لاءِ ۽ ثابت ڪيون ٿا ڳڀيرڻين ۾ جيڪي گهرون ٿا مدي مقرر تائين تنهن کان پوءِ ڪڍون ٿا اوهان کي ٻار بنائي تنهن کان پوءِ تانته پهچو جوانيءَ پنهنجيءَ کي ۽ اوهان مان اهو آهي جيڪو وفات ڪرايو وڃي ٿو ۽ اوهان مان اهو به آهي جيڪو موٽايو وڃي ٿو ذلت واري زندگيءَ ڏانهن تانته نه ڄاڻي پڄاڻان ڄاڻڻ جي ڪا شيءِ ڏسين ٿو تون زمين کي غير آباد پوءِ جڏهن نازل ڪيوسون ان تي پاڻي ته تازي ٿي ۽ اڀري آئي ۽ ڄمايائين هر جوڙو تازو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ماڻهو! جيڪڏهن ٻيهر جيئري ٿيڻ ۾ اوهان کي شڪ آهي ته پوءِ اسان اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان، وري گوشت جي ٻوٽيءَ صورت ڏنل ۽ اڻ صورت ڏنل مان، هن لاءِ ته اوهان تي (پنهنجي قدرت) ظاهر ڪريون (پوءِ ٻيهر جيارڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي) ۽ جيڪي گهرون ٿا تنهن کي هڪ مقرر وقت تائين ڳڀيرڻين ۾ ترسايون ٿا ري اوهان کي ٻار بڻائي ٻاهر ڪڍون ٿا وري (پاليون ٿا) هن لاءِ ته اوهين پنهنجي (جوانيءَ جي) زور کي پهچو ۽ اوهان مان ڪو مري ٿو ۽ اوهان مان ڪنهن کي نڪميءَ عمر (ٻڍاپڻ) ڏي ڦيريو وڃي ٿو هن لاءِ ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪجهه به نه ڄاڻي. ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀامي ٿي ۽ سڀڪنهن رونق واريءَ جنس مان پيدا ڪري ٿي. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! جي اوهان ٻيهر جيئري ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهيو ته پوءِ (غور ته ڪيو) بيشڪ اسان اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري نطفي مان، وري رت جي دِڳ مان، وري گوشت جي ٻوٽي مان جا صورت ڏنل به هوندي آهي ۽ غير صورت ڏنل به، هي ان لاءِ ( ٻڌايون پيا) ته اوهان تي حقيقت ظاهر ڪيون. ۽ جنهن (نطفي) کي چاهيون ٿا ته هڪ مقرر مدت تائين رِحِمَن ۾ ترسايون ٿا پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا پوءِ (اوهان جي پالنا ڪيون ٿا) تانجو اوهان پنهنجي جواني کي پهچو، ۽ اوهان مان اُهي به آهن جي (جلد) فوت ٿي وڃن ٿا ۽ اوهان مان ڪي اُهي به آهن جي ناڪاره عمر تائين موٽايا وڃن ٿا هن لاءِ ته سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجهه به نه ڄاڻي ۽ تون زمين کي بلڪل خشڪ (غير آباد) ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته اُها تَحَرّڪَ ۾ اچي ٿي ۽ اُها اڀامڻ وڌڻ لڳي ٿي ۽ رونقدار نباتات مان هر قسم جا جوڙا ڄمائي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اٿيارڻ کان شڪ ۾، جي آهيو اي اِنسان! پوءِ اَوّل اُپايو سُون آن کي، خاڪ مَنجھان خاقان! پوءِ ڌات ڦُڙي، پوءِ ڌِڳ مَنجھان، اُپايوسون عيان، پوءِ ٻُوٽِي ڪُجھ بَنيل، ۽ ڪُجھ نه بَنيل بي گمان، اَسِين اَوهان جي سُڌلئي، ٿا کوليون خُوب بَيان، ۽ ڳَڻيا ڏِينهن ڳِهڻن ۾، آن کي ڏِيون ماڳ مَڪان، اَسِين گُھرون جيترو، کُڻ ٻَڌل سِين خان!، پوءِ ڪَڌون نِيان پيٽ مان، طِفل ناتوان، تان پُهچو پَنهنجي زور کي، ٿِيو جُنگ جوان، ۽ ڪو اَوهان مان اڳه ۾، ٿِئي فوت فلان، ۽ ڪو پُهچي پوڙهپَڻ کي، حال ۾ حيران، تان سُڻي سَمجھي ڪانه، سَمجھ پُڄاڻا، پوءِ وَرِي. ۽ ڏِسين ڀُون بيران، پوءِ جڏهن، آب اُتارِيوسون اُنتي، ته سائـِي سارِي سِيم ٿِي، اُڀاڻِي عيان، ۽ اُڀاڙئين ڪُل اوڀڙِين، مَڃر ٿيا ميدان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6)

اِھو (بيان) ھن لاءِ آھي جو الله (جو ئي ھجڻ) حق آھي جو اُھو مُئن کي جياريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو سڀ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله جي هستي هڪ حقيقت آهي ۽ هو بيشڪ مُردن کي زنده ڪري ٿو ڇڏي، ۽ هو هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي قدرت رکي ٿو (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.)(علامه علي خان ابڙو)


اهو انهيءَ سببان ته بيشڪ الله اهو ئي سچو رب آهي ۽ بيشڪ اهو مئلن کي جياري ٿو ۽ بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي (قدرت جا ڪرشما) هن ڪري (ڏيکاريا وڃن ٿا ته جيئن سمجهو) ته بيشڪ خدا برحق آهي پڻ (هي به) ته بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياري ٿو ۽ يقينا اهو ئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان آهي جو بلاشڪ الله ئي حق آهي ۽ بلاشڪ اهو ئي جياري ٿو مئلن کي ۽ بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو هن ڪري آهي جو الله ئي رهڻ وارو آهي ۽ اهوئي مئلن کي جياري ٿو، ۽ اهوئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اِهو سڀ هن لاءِ آهي ته الله ئي حق آهي ۽ بيشڪ اُهو مُردن کي جياري ٿو ۽ بيشڪ اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِي سَڀ ساک اُن جِي، ته ثابت آھِ، سُبحان، ۽ مُئا جِيارِيندو مُور سو، جوڙي جِسم جان، پڻ قادِر هَر ڪِنهن ڪَم تي، قدرت تان قربان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7)

۽ ته قيامت اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي ۽ ته جيڪي قبرن ۾ ھوندا تن کي الله اُٿاريندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته مقرر گهڙي اچڻي آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ضرور انهن کي اٿاري کڙو ڪندو، جيڪي قبرن ۾ آهن، (يعني جيڪي مري ويا آهن، سي وري مقرر وقت تي جيئرا ڪيا ويندا، جيئن مينهن پوڻ تي اوڀڙ مقرر وقت تي اڀري نڪرندا آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ قيامت ايندڙ آهي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ۽ بيشڪ الله تعالى قبرن وارن کي اٿاريندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ يقينا قيامت اچڻ واري آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بيشڪ جي ماڻهو قبرن ۾ آهن تن کي خدا ٻيهر جياريندو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ قيامت ايندڙ آهي ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ بيشڪ الله اٿاريندو انهن کي جيڪي قبرن ۾ آهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ قيامت اچڻ واري آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ جيڪي قبرن ۾ آهي تن کي الله ٻيهر جياريندو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ (قيامت جي) گھڙي اچڻ واري آهي ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ۽ بيشڪ الله انهن ماڻهن کي زنده ڪري اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، ۽ هُو، جي خاڪ ۾ خَيمان، اَلله اُٿارِيندو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8)

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۽ ڄاڻپ ۽ ھدايت ۽ پڌري ڪتاب ڌاران تڪرار ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نڪو آهي علم، نڪا اٿن رهنمائي ۽ نڪي ڪو روشن ڪتاب، تنهن هوندي به الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪجھه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي علم ۽ هدايت ۽ وحي کانسواءِ به الله تعالى جي ذات اقدس ۾ اختلاف ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جي خدا جي باري ۾ سواءِ ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب (جو کين راھ ڏسي) خدا جي آيتن کان منهن موڙي (خواھ مخواھ) خدا جي باري ۾ لڙڻ (مرڻ) تي تيار آهن.(سيد فرمان علي)


۽ ماڻهن مان ڪو اهو به آهي جيڪو بحث ٿو ڪري الله (جي باري) ۾ بغير علم ۽ هدايت ۽ ڪتاب روشن جي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جو الله جي باري ۾ علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ جهڳڙو ڪري ٿو، (مولانا محمد مدني)


۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بغير ڪنهن روشن ڪتاب جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي، ماڻهن مان، ڪَن مُقابلا، خُود خُدا جي باب، سوا سَمجھ، سوا سُونهپ، ۽ سوا سُونهي ڪِتاب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9)

(وڏائيءَ کان) ڪنڌ موڙيندڙ ٿي ھن لاءِ ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان گمراھ ڪري، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس سڙڻ جو عذاب چکائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هٺ وڏائي سان جهڳڙا ٿا ڪن، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي الله جي راه کان هٽائي گمراهه ڪري ڇڏين. اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به خواري خرابي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن به اسان کين باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


اهي رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کان ڪنڌ موڙين ٿا، ان لاءِ ته الله جي راه کان گمراه ڪن، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اسين ان کي جهنم جو عذاب چکائينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن لاءِ ته (ماڻهن کي) خدا جي راءِ کان ٿيڙين. اهڙي (نابڪار) جي لاءِ دنيا ۾ (به) خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن (به) اسين ان کي دوزخ جي عذاب (جو مزو) چکائينداسون.(سيد فرمان علي)


موڙيندڙ ڪنڌ پنهنجي کي تانته گمراھ ڪري الله جي واٽ کان ان جي لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ چکائينداسون ان کي قيامت جي ڏينهن عذاب ساڙيندڙ باھ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(وڏائي کان) پاسو موڙيندي هن لاءِ ته الله جي رستي کان گمراهه ڪري، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن سڙڻ جو عذاب چکائينداسون. (مولانا محمد مدني)


پنهنجي ڪنڌ کي (تڪبر سان) موڙيندي تان ته (ٻين کي به) الله جي راهه کان گمراهه ڪري. ان جي لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت واري ڏينهن اسان ان کي ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آڏي ڪَنڌ ڪَذاب، تان رولي رَبَّ جي راه کان. هرگز هِن جَھان ۾، هارَ تِنهِين هارِ، ۽ مَزو چکائـِينداسون مُورهِين، مَهندان مَحشر وار، ٻارڻ جو ٻِيهار، ٻارَهو ٻَرندڙ باھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10)

(چئبس ته) اھا سزا انھن ڪمن جي ڪري آھي جو تنھنجي ھٿن اڳي موڪليا آھن ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هر هڪ کي چيو ويندو ته) هي (عذاب) انهيءَ جو نتيجو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي هٿن سان اڳيئي مهيا ڪري رکيو هو. ۽ الله تعاليٰ ته پنهنجي بندن لاءِ ڪڏهن به ظالم ٿي نٿو سگهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو بدلو آهي انهي عمل جو جيڪو ان دنيا ۾ ڪيو هو، ۽ بيشڪ الله تعالى ٻانهن تي ظلم ڪندڙ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ ان وقت کين چونداسون ته) اها سزا انهن ڪرتوتن جي آهي جن کي تنهنجن هٿن اڳ ئي ڪيو هو ۽ بيشڪ خدا بندن تي ڪڏهن به ظلم نٿو ڪري.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان جو اڳي موڪليو هٿن تنهنجي ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ ٻانهن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(۽ انهن کي چونداسون ته) اها (سزا) انهن ڪمن جي ڪري آهي جن کي تنهنجا ٻئي هٿ اڳي موڪلي چڪا ۽ ان ڪري ته الله ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويندو) هي (سزا) تنهنجي انهن عملن سبب آهي جيڪي تنهنجا هٿ اڳتي موڪلي چڪا هئا ۽ بيشڪ الله ٻانهن تي هرگز ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي، اُن ڪَمن جو، بَدلو هِي بَحال، تُنهنجي هَٿن هَلائيا، اڳي جي اَعمال، ۽ بارِي بَندن نال، ذَرو ظالِم ناھِ ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11)

۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي عبادت آسيري پاسيري ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن کيس ڪو نفعو پھچندو آھي ته اُن (عبادت) سان آرامي ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک پھچندو آھي ته پنھنجي مُنھن ڀر ڦرندو آھي، دُنيا ۽ آخرت گنوايائين، اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل جي ڄمائي سان نٿا ڪن جيڪڏهن هنن کي ڪو فائدو ٿو پهچي ته دل کي آرام اچين ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن (تڪليف جي) آزمائش ۾ پون ٿا ته پٺي ڏئي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏي موٽي پون ٿا. هو دنيا ۾ به نامراد ٿين ٿا ۽ اخرت ۾ به. ۽ اهائي ظاهر ظهور نامرادي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بي دليءَ سان الله تعالى جي عبادت ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن کي خير پهچي ٿو ته ان تي مطمعن ٿين ٿا، ۽ جيڪڏهن انهن کي آزمائش پهچي ٿي ته اهي ڪفر ڏانهن موٽن ٿا. انهن دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان کاڌو، اهو ئي صاف نقصان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (بيهي) الله جي عبادت ڪري ٿو پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو فائدو پهچي ٿو ته ان سان فرحت ٿيس. پر جيڪڏهن مٿس ڪا تڪليف پهتي ته (يڪدم) منهن موڙي (ڪفر ڏي ڀڳو) ان دنيا ۽ آخرت (ٻنهي ۾) نقصان ڪيو اهو ئي ظاهر نقصان آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ماڻهن مان ڪو اهو آهي جيڪو عبادت ڪري ٿو الله جي پاسي تي پوءِ جيڪڏهن پهتي ان کي ڀلائي (دنياوي ته) مطمئن ٿيو ان سان ۽ جيڪڏهن پهتي ان کي ڪا تڪليف ته موٽيو پنهنجي منهن ڀر نقصان وارو ٿيو دنيا ۽ آخرت ۾ اهو ئي نقصان چٽو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (ناقص يقين سان) الله جي عبادت ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو نفعو پهچندو ته ان سان فرحت ٿينديس. ۽ جيڪڏهن ان تي ڪا آزمائش ايندي ته پنهنجو منهن ڦيريندو. دنيا ۽ آخرت وڃايائين، اهوئي ظاهر نقصان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو (دين جي) ڪناري تي (رهي) الله جي عبادت ڪري ٿو. (يعني اڻپوري يقين سان) پوءِ جيڪڏهن ان کي ڪا (دنياوي) ڀلائي پهچي ٿي ته اُهو هن (دين) کان مطمئن ٿي وڃي ٿو. ۽ اگر ان کي ڪا آزمائش پهچي ٿي ته اُهو مُنهن ڀر (دين کان) پلٽو کائي وڃي ٿو. اُهو دنيا ۾ به نقصان وارو ٿيو ۽ آخرت ۾ (به.) اهو ئي ته پڌرو نقصان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪو ماڻهو مَطلب پُٺيان، پُوڄِي پالڻهار، پوءِ رسيسِ سُکه ته اِن لئي، ڪري قلب قرار، ۽ پَنهنجي مُنهن ڀَر مُڙيو، جي آيسِ ڪو آزار، دُنيا ۽ آخرت ٻِنهِين ۾، پاتِي، هَچاري هار، اِهوئـِي اِظهار، ڇِيهو اهي ڇٖيہ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12)

(اُھو) الله کانسواءِ اُنھي کي سڏيندو آھي جيڪو کيس نڪي نقصان لائيندو آھي ۽ نڪي کيس نفعو ڏيندو آھي، اِھا ئي وڏي گمراھي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو الله کي ڇڏي انهن شين کي (پنهنجي حاجت روائيءَ لاءِ) سڏين ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نڪي فائدو. اهائي گمراهي آهي جا سڀني کان وڌيڪ اونهي گمراهي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهي الله تعالى کانسواءِ (بتن جي) عبادت ڪن ٿا، جيڪي انهن کي نفعو ۽ نقصان پهچائي نٿا سگھن. اها ئي چوٽيءَ جي گمراهي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شيءِ کي (حاجت وقت) سڏي ٿو جا نه ان کي نقصان ئي پهچائي سگهي ٿي ۽ ان کي نه فائدو پهچائي سگهي ٿي. اها ئي ته حد درجي جي گمراهي آهي.(سيد فرمان علي)


عبادت ڪري ٿو الله کان سواءِ ان جي جيڪو نٿو نقصان ڏئي، ان کي ۽ ان جي جيڪو نٿو نفعو ڏئي ان کي اها ئي گمراهي پري پهچڻ واري آهي، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله کانسواءِ اهڙيءَ شيءِ کي سڏي ٿو جا نه ان کي نقصان پهچائي ٿي ۽ نه ان کي فائدو پهچائي ٿي. اهائي حد درجي جي گمراهي آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو الله کي ڇڏي ان جي پوڄا ڪري ٿو جو نه ان کي نقصان ڏئي سگهي ۽ نه ئي ان کي نفعو پهچائي سگهي. اها ئي ته پري جي (انتهائي) گمراهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌڻِئَ ڌاران، اُن جٖي، وَڃيو دانهِين دَر، جو ذَرو نه ضَرر، ڏٖيس ڪو، نه نَفعو مَنجھ نَظر، اَ ڳاهِين اَپر، اِئَ گُمراهِي گَس ڪنَان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13)

انھيءَ کي سڏيندو آھي جنھن جو نقصان سندس نفعي کان وڌيڪ ويجھو آھي، بيشڪ (اھڙو) سائين بڇڙو آھي ۽ (اھڙو) ھمراھ (به) بڇڙو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي اهڙي هستيءَ کي سڏين ٿا جنهن جي نفع کان زياده ان جو نقصان وڌيڪ ويجهو آهي. (نفعو جيڪڏهن کڻي ڏسڻ ۾ به اچي ته به اهو وهمي آهي نه سچو نفعو). بيشڪ بڇڙو آهي (اهڙو) دوست ۽ بڇڙو آهي (اهڙو) ساٿاري.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُنهن بتن جي عبادت ڪن ٿا جن مان نفعي کان وڌيڪ نقصان جو انديشو آهي. سندن دوستي ۽ رفاقت نهايت خراب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان کي (حاجت روائي لاءِ) سڏي ٿو جنهن جو نقصان ان جي فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي. بيشڪ اهڙو مالڪ به بڇڙو ۽ اهڙو رفيق به برو آهي.(سيد فرمان علي)


عبادت ڪري ٿو ان جي جو البته نقصان ان جو وڌيڪ ويجهو آهي نفعي ان جي کان البته برو دوست آهي ۽ البته برو ساٿي آهي. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان شخص کي سڏي جنهن مان نقصان زياده ويجهو آهي ان جي فائدي کان. بيشڪ بڇڙو آهي (اهڙو) دوست ۽ بڇڙو آهي (مولانا محمد مدني)


اُهو ان کي پوڄي ٿو جنهن جو نقصان ان جي نفعي کان ويجهو آهي. ڪهڙو بدترين مددگار آهي ۽ ڪهڙو بدترين ساٿي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَڏي سَويرو، جنهن کي، پاڻا ڏِيڻو ڏانُ پوي، نفعي کان، نقصان تنهن، آھِ اوڏيرو، بلڪل بُڇيرو، سو والِي ۽ سو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ٿا ڪن تن کي ضرور الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ پهچائي ڇڏيندو جن جي تَري ۾ نهرون وهي رهيون هونديون. الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (هو مالڪ ۽ مختار آهي)(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى نيڪ مؤمنن کي باغن ۾ داخل ڪندو جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. بيشڪ الله تعالى جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (تن کي) خدا اهڙن باغن ۾ آڻي داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. بيشڪ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله داخل ڪندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون نيڪ عمل بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون بلاشڪ الله ڪري ٿو اهو جيڪو ارادو فرمائي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهڙو) همراهه. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن. بيشڪ الله جيڪو ارادو ڪري ٿو سو ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آندو جن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اَلله ڏِيندو اُنهن کي، باغ ڀَلا بُستان، جن هيٺان هلن ناليون، عمدو آب رَوان، سَٻاجھو سُبحان، جيڪي گُھري، سو ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15)

جيڪو ڀائيندو آھي ته الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نه ڪندو تنھن کي گھرجي ته آسمان ڏانھن رسيءَ سان چڙھي وري گھرجيس ته ڇني پوءِ نھاري ته اُنھي جي حيلي اُن کي وڃايو (يا نه) جنھن اُن کي ڪاوڙايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪو ماڻهو (نااميد ٿي) اهو خيال ٿو ڪري ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد ڪونه ڪندو، (تنهن لاءِ زندگيءَ جي ڪابه راهه باقي نه رهي) کيس گهرجي ته هڪ رسي ڇت تائين کڻي ان کي ڇت سان ٻڌي ڇڏي ۽ (ان ۾ گردن اٽڪائي زمين کان پنهنجو) لاڳاپو ڇني ڇڏي (يعني ڦاهو کائي مري) پوءِ ڏسي ته انهيءَ تدبير سان سندس غم ۽ غصو دور ٿئي ٿو يا نه!(علامه علي خان ابڙو)


جنهن ماڻهو کي هي گمان آهي ته الله تعالى، رسولِ عربي جي دنيا ۽ آخرت ۾ مدد نه ڪندو پوءِ ان کي گھرجي ته هڪ رسي آسمان تائين اڇلائي ان کان پوءِ پاڻ کي ڦاسي ڏي پوءِ پاڻ ڏسي ته ان جي اها اٽڪل ڪامياب وڃي ٿي جنهن لاءِ کيس ڪاوڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو (غصي ۾) هي گمان ڪري ٿو ته خدا دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد نه ڪندو سو آسمان تائين هڪ رسي ڇڪي پوءِ وڍي ڇڏي (ته گهٽي مري وڃي) پوءِ ڏسي ته جا ڳالھ کيس ڪاوڙ ڏياري ٿي تنهن کي سندس تدبير پري ڪري ٿي (يا نه!).(سيد فرمان علي)


جيڪو شخص گمان ڪري ٿو ته هرگز نه مدد ڪندو ان جي الله دنيا ۽ آخرت ۾ پوءِ گهرجي ته چڙهي اهو رسيءَ سان آسمان ڏانهن ان کان پوءِ گهرجي ته ڪٽي پوءِ گهرجي ته ڏسي ته ڇا پري ڪري ٿي تدبير ان جي ان کي جنهن کان ڪاوڙجي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو هيءَ گمان ڪري ٿو ته الله ان (رسول) جي دنيا ۽ آخرت ۾ مدد نه ڪندو سو هڪ رسي آسمان ڏي کڻي وڃي پوءِ ان ۾ ڦاهو کائي مري (مطلب ته انهيءَ غصي وچان مري به وڃي ته ڪو ڀو نه آهي) پوءِ ڏسي ته جا ڳالهه ان کي ڪاوڙ ٿي ڏياري تنهن کي سندس تدبير پري ڪري ٿي ڇا؟ (مولانا محمد مدني)


جيڪو ماڻهو هي گمان ڪري ٿو ته الله ان (يعني رسول) جي دنيا ۽ آخرت ۾ هرگز مدد نه ڪندو سو هڪ رسي آسمان (يعني گهر جي ڇت) سان ٻڌي ان ۾ لٽڪي پوي (يعني پاڻ کي ڦاهو ڏئي) پوءِ ان رسي کي ڪَٽي ڇڏي پوءِ ڏسي ته ان جي ان (خودڪُشي جي) تدبير سندس غصي (۽ ڪاوڙ) کي پري ڪيو آهي (يا نه؟)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جو ڀانئي بَدگمان، دُنيا، ۽ آخرت ۾، مَدد اُن کي مُورهِين، قادِر ڏِيندو ڪانه، پوءِ وَر، سو لَٽڪي رَسِيءَ ۾، چَڙهي آسمان. پوءِ وَرِي وَڍي اُن کي، پوءِ نِهاري نِڌان، جنهن جَلايس جان، سو حيلي تِنهن هٽايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16)

۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو اهڙيءَ طرح اسان هي ڪلام روشن دليلن جي شڪل ۾ نازل ڪيو ۽ هن لاءِ نازل ڪيو جو الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهڙيءَ طرح اسين صاف آيتون بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ الله تعالى جنهنکي چاهي تنهنکي هدايت ڏي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙي طرح اسان (قرآن) کي کليل ۽ روش (بڻائي) نازل ڪيو ۽ بيشڪ خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ اهڙي طرح نازل ڪيوسون ان کي آيتون روشن بنائي ۽ بيشڪ الله هدايت ڪري ٿو جنهن جو ارادو ٿو فرمائي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان قرآن کي نازل ڪيو جو پڌريون ڳالهيون آهي ۽ ڳالهه هيءَ آهي ته الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان هن (قرآن) کي چِٽين آيتن جي صورتن ۾ لاٿو آهي ۽ بيشڪ الله جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِنپر اُتاريو سون اُن کي، نِيشانيون نِروار، صاحب ربُّ، ستار، جِنهن گُھري، تِنهن گَس ڏَسي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن ايمان آندو آهي، (يعني مسلمان آهن) جي يهودي آهن، صابي آهن، نصاريٰ آهن، مجوسي آهن يا مشرڪ آهن، تن سڀني جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فيصلو ڪري ڇڏيندو (۽ انهن جي عملن جي حقيقت ظاهر ٿي پوندي) ان کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ ڪن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ جيڪي تارن جا پوڄاري ٿيا ۽ جيڪي عيسائي ٿيا ۽ جيڪي آتش پرست ٿيا ۽ جيڪي مشرڪ ٿيا، بيشڪ الله تعالى انهن سڀني جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو فرمائيندو بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي شاهد آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ايمان آندو (مسلمان) ۽ يهودي ۽ لامذهب ماڻهو ۽ عيسائي ۽ مجوسي (آتش پرست) ۽ مشرڪ (ڪافر) خدا تن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن (پورو پورو) فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي ڏسي رهيو آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي بڻيا ۽ تارن جا پوڄاري ۽ نصارٰي ۽ مجوسي ۽ جن شرڪ ڪيو بيشڪ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ۽ بيشڪ الله هر شيءِ کي مشاهدو فرمائيندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ صابي ۽ عيسائي ۽ مجوسي ۽ جن (الله سان) شريڪ مقرر ڪيو، بيشڪ تن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن الله فيصلو ڪندو. بيشڪ الله سڀڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿي ويا ۽ صابئي (يعني ستارن جا پوڄاري) ۽ عيسائي ۽ باهه جا پوڄاري ۽ جن ماڻهن شرڪ ڪيو، بيشڪ الله قيامت واري ڏينهن انهن (سڀني گروهن) جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ جو مشاهدو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آندو جن ايمان، يا جيڪِي يَهودِي ٿِيا، ۽ صابي سَڏائـِن پاڻ کي، يا مَجُوسِي، نصران، ياقادِر سان ڪَمن ۾، جي ڀيڙا ڀانئـِن ٿان، تَن وِچ ڪندو قيام ڏينهن، صفائـِي سُبحان، نِڪِي نِگھبان، هادِي هَر ڪنهن ڳالھ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18)

(اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪو به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين ۾ آهي، ۽ پڻ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ، چوپايا جانور سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ جهڪيل آهن، (يعني الله تعاليٰ جيڪا سندن فطرت ڪئي آهي، تنهن موجب عمل ڪري رهيا آهن) ۽ ڪيترائي انسان به (فطرت جي قانون تي رهلي رهيا آهن پر افسوس جو) گهڻائي انسان اهڙا به آهن جن تي عذاب جي حقداري (يا لائقيت) ثابت ٿي چڪي آهي (ڇو ته هنن جا عمل فطرت، عقل ۽ وحي جي خلاف آهن) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي به الله تعاليٰ ذلت ۽ خواريءَ ۾ وجهي تنهن لاءِ ڪوبه ڪونهي جو کيس عزت ڏيڻ وارو هجي. اهو الله جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ الله تعالى کي سجدو ڪن ٿيون، جيڪي شيون آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ چؤپايا ۽ گھڻا ماڻهو سجدو ڪن ٿا، ۽ گھڻن تي الله تعالى جو عذاب ثابت ٿيو، ۽ جنهنکي الله تعالى خوار ڪري ٿو پوءِ ان کي ڪوبه عزت ڏيندڙ ناهي، بيشڪ الله تعالى جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ (ٽڻ) ۽ جانور ڪيترائي ماڻهو خدا کي سجدو ڪن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا به آهن جن تي (نافرماني سبب) عذاب (جو اچڻ) لازم ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي خدا خوار ڪري تنهن کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي. بيشڪ خدا جو چاهي ٿو سو ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله سجدو ٿا ڪن ان جي لاءِ اهي جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين تي آهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ جانور ۽ گهڻا ماڻهن مان ۽ گهڻا ثابت ٿيو انهن تي عذاب ۽ جنهن کي خوار ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو عزت ڪندڙ بيشڪ الله ڪري ٿو جيڪو گهري ٿو . السجدة (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن، سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ جانور ۽ گهڻائي ماڻهو الله کي سجدو ڪن ٿا، ۽ گهڻن تي عذاب لازم ٿي چڪو آهي.۽ جنهن کي الله خوار ڪندو تنهن کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا جي آسمانن ۾ آهن ۽ جي زمين ۾ آهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ ستارا ۽ جَبلَ ۽ وَڻَ ۽ چوپايا جانور ۽ ماڻهن مان به گهڻا. ۽ گهڻا (ماڻهو) اهڙا به آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو ناهي. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڏٺئي؟ ته ڏاتار کي، نَمن ٿا نِبار، جيڪِي اَڀن، زمين ۾، جِنسون ۽ جِنسار، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، پَهن، وَڻ، وڻڪار، مَال ۽ ماڻهن مَنجھان، پڻ ويتر ويرو تار، ثابت سِر گھڻن ٿيو، آتش جو آزار، ۽ تنهن کي مان، نه ڏِيندو مُورهين، جنهن کي، خدا ڪيو خوار، قادِر، ربُّ، ڪلتار، جيڪي گُھري سو ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19)

اِھي ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ ويري آھن پنھنجي پالڻھار بابت تڪرار ڪندڙ آھن، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا ورڇيا ويندا، (۽) سندن مٿن جي مٿان ٽھڪندڙ پاڻي ھاربو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) اهي ٻه مخالف (فرقا) آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي باري ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ ڳالهيون ٻڌائين ٿا، انهن مان جيڪي ڪفر جي واٽ وٺن ٿا تن جي لاءِ باهه جا ڪپڙا ماپي ڪتري تيار ڪيا ويندا، ۽ انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


هيءُ ٻه گروه (مومن ۽ ڪافر) پاڻ ۾ پنهنجي رب بابت جھڳڙو ڪن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ (ماپ موجب) جهنم جا ڪپڙا ڪٽيا ويندا. انهن جي مٿن جي مٿان سخت گرم پاڻي هاريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي (مومن، ڪافر) ٻه جماعتون پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن جي پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ پاڻ ۾ وڙهن ٿا پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا تيار ڪيا آهن. (اهي کين پهرايا ويندا) ۽ انهن جي مٿن تي (ٽهڪندڙ) گرم پاڻي وڌو ويندو.(سيد فرمان علي)


هي ٻه ڌريون آهن جهيڙو ڪيائون پنهنجي رب (جي باري) ۾ پوءِ جن ڪفر ڪيو تيار ڪيا ويا آهن انهن جي لاءِ ڪپڙا باھ مان پلٽايو ويندو مٿن انهن جي تي گرم پاڻي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي اهي ٻه جماعتون پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن جن پنهنجي پاليندڙ جي باري ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيو پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باهه جا ڪپڙا تيار ڪيا ويا آهن. انهن جي مٿي تي گرم پاڻي وڌو ويندو. (مولانا محمد مدني)


هي ٻه ڌريون آهن جيڪي پاڻ ۾ پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن. پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ دوزخ جي باهه جا ڪپڙا ڪٽيا (تيارڪيا) ويا آهن. ۽ انهن جي مٿن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پَلٽيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِي ٻه، دعويدار، جن پَنهنجي پالڻهار ۾، ڌاروڌار دَڙيو، پوءِ ڪيو جن اِنڪار، وَڳا وٖيٽَبا باھِ جا، تَن لاءِ تيار، گَرم سَندنِ سِرن مَٿان، هاربو هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20)

جيڪي سندن پيٽن ۾ ھوندو سو ۽ کَلون اُن سان ڳاربيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


ان (جي ساڙيندڙ گرميءَ) کان جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي سو کامڻ ۽ جلڻ لڳندو ۽ سندن چمڙيون به جلڻ لڳنديون.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي شيون سندن پيٽن ۾ هونديون اهي ۽ سندن کلون ان سان ڳري وينديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن (جي گرميءَ) سان جو ڪجھ سندن پيٽ ۾ هوندو (آنڊا بڪيون وغيره) ۽ کلون ڳري وينديون.(سيد فرمان علي)


ڳاري ڪڍيو ويندو ان سان اهو جيڪو انهن جي پيٽن ۾ هوندو ۽ کلون (به ڳري وينديون) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان (گرم پاڻيءَ) سان جيڪي سندن پيٽن ۾ هوندو سو ۽ کلون ڳاربن. (مولانا محمد مدني)


ان سان سندن پيٽن ۾ جيڪي آهي سو ڳري ويندو ۽ کلون به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کَلون، آنڊا پيٽ ۾، تنهن سان، ٻارِين ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21)

۽ اُنھن جي ڪُٽڻ لاءِ لوھ جا وڏاڻ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ هنن کي روڪي جهلڻ لاءِ لوهه جا گرز هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن لاءِ لوهه جا گُرز هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن (جي مارڻ) لاءِ لوھ جا گرز هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ انهن جي لاءِ گرز هوندا لوھ جا . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن (جي ڪٽڻ) لاءِ لوهه جا هٿوڙا هوندا. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي (سزا)لاءِ لوهه جا هٿوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ لاڪانِ ٻِي لوھ جٖي مُطرقن جِي مار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22)

جڏھن ڪڏھن منجھانئس ڏک جي ڪري نڪرڻ گھُرندا تڏھن منجھس ورائبا، ۽ (چيو ويندن ته) سڙڻ جو عذاب چکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن جڏهن (عذاب جي) ايذاءَ کان بي قرار ٿي ٻاهر نڪرڻ چاهيندا تڏهن انهن (گرزن) سان انهيءَ ئي (عذاب) ۾ کين موٽايو ويندو ۽ (کين چيو ويندو ته هاڻي ڇو ٿا نڪرو؟) ساڙيندڙ عذاب جو مزو ته چکو.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن به اهي انهيءَ غم مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته وري ان ۾ واپس ڪيا ويندا. ۽ (انهن کي چيو ويندو) ته توهان باه جو عذاب چکو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن به گهٻراهٽ جي ڪري ان (دوزخ) مان نڪرڻ گهرندا ته (گرز هڻي) ان ۾ هڪلايا ويندا. ۽ (کين چيو ويندو ته) سڙڻ جي عذاب جو مزو چکيو.(سيد فرمان علي)


جڏهن به ارادو ڪندا هي ته نڪرن ان مان ڏک جي ڪري ته ورائي وڌا ويندا ان ۾ ۽ چکو عذاب ساڙيندڙ باھ جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن به گهٻراهٽ جي ڪري ان (دوزخ) مان نڪرڻ گهرندا ته ان ۾ موٽايا ويندا ۽ (چيو ويندنِ ته) سڙڻ جو عذاب چکو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن به تڪليف جي شدت کان اتان نڪرڻ جو ارادو ڪندا (ته) ان ۾ واپس موٽايا ويندا (۽ چيو ويندو ته) جلائيندڙ عذاب کي چکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَڏهن گھريو ته ڪَڍجن، سي اُن ٻوساٽيان ٻهَار، ته اُٿلائـِبا اُن ۾، دُوڌُو مَنجھ ڌَڌَڪار، ۽ وَٺو ويرو تار، سوا دُساڙٖي باھِ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) جيڪو فرقو ايمان ٿو آڻي ۽ عمل به صالح ٿو ڪري تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندو جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، انهن کي اتي (باهه جي ڪپڙن بدران) سون جا ڪنگڻ ۽ موتين جا هار پارايا ويندا، ۽ انهن جو لباس اتي ريشمي هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي بهشت ۾ داخل ڪندو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انهي جي هيٺان نهرون وهنديون انهن کي بهشت ۾ سون ۽ موتين جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ انهن جو لباس بهشت ۾ ريشم هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي خدا اهڙن (سرسبز) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا، انهن کي اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتيءَ (جا هار) پهرايا ويندا ۽ سندن پوشاڪ اتي ريشمي هوندي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله داخل فرمائيندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون نيڪ عمل بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون پارايا ويندا انهن ۾ ڪنگڻ سونا ۽ موتي ۽ پوشاڪ انهن جي ان ۾ ريشم آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن (باغن) ۾ سون جا ڪنگڻ ۽ موتي ڍڪايا ويندن ۽ انهن ۾ سندن پوشاڪ ريشم جي هوندي (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نديون وهندڙ آهن اتي کين سون جي ڪنگڻن ۽ موتين سان سينگاريو ويندو. ۽ اتي سندن لباس ريشم جو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن آندو اِعتبار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ڌَڻِي داخِل تَن ڪندو، باغن مَنجھ بهار، جن هيٺان حوض، ناليون، وَهن ويرو تار، مَنجھسِ ڍَڪائبِيَن موتيَن سان، ٻاهِيون سونَ ٻِيهار، ۽ اوڍَڻ اُنهن جو اُن ۾، نَرم پَٽ نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24)

۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويو ھو، ۽ الله ساراھيل جي واٽ ڏانھن رستي لاتا ويا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن کي ڳالهين مان اهڙي ڳالهه جي رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ملي جا نهايت ئي پاڪيزه آهي ۽ کين راهن مان انهيءَ راهه تي هلايو ويو جنهن جي ساراهه ڪئي ويئي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن کي (دنيا ۾) ڪلمون طيب نصيب ٿيو ۽ کين اهو رستو ڏيکاريو ويندو جيڪو گھڻي تعريف جي لائق هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو هن ڪري جو دنيا ۾) کين سٺي ڳالھ (توحيد جي ڪلمه) جي هدايت ڪئيسون ۽ کين لائق حمد (خدا تعالى) جو رستو ڏيکاريو ويو.(سيد فرمان علي)


۽ هدايت ڪيا ويندا پاڪ قول جي ۽ هدايت ڪيا ويندا واٽ ساراهيل ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (دنيا ۾ ) کين چٽي ڳالهه ڏي رستو ڏيکاريو ويو آهي. ۽ ساراهيل (الله) جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن کي (دنيا ۾) پاڪيزه قول قبول ڪرڻ جي هدايت بخشي وئي ۽ انهن کي (اسلام جي) پسنديده رستي ڏانهن رهنمائي ڪئي وئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏَسِي وِيَنِ ڏيھ ۾، جيڪا پاڪ پَچار، پڻ سائـِين ساراهِيَل پار، وِيا چاڙهيا واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25)

بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ھڪ جھڙا آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً جن (مڪي جي) ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ پڻ مسجد الحرام کان (يعني ڪعبت الله کان روڪين ٿا) جو اسان سڀني انسانن لاءِ (عبادتگاهه) ٺهرايو آهي، پوءِ اهي اتي جا رهاڪو هجن توڙي ٻاهران ايندڙ هجن ٻئي برابر آهن، (سو انهن ڪافرن کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان انهن کي ۽ هر انهيءَ ماڻهو کي) جيڪو ان ۾ ظلم طور حق کان ڦري وڃڻ جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب جو مزو چکائينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله تعالى جي راه ۾ ۽ مسجد الحرام کان روڪيو، جنهنکي اسان سڀني ماڻهن جي عبادت لاءِ بنايو. ان ۾ هميشه رهندڙ ۽ مسافر جو حق برابر آهي، ۽ جيڪو ماڻهو ان ۾ حق کان مُنهن موڙي ٿو ۽ ظلم جو ارادو ڪري ٿو ته اسين ان کي دردناڪ عذاب چکايون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ خدا جي راھ کان ۽ ان عزت واريءَ مسجد (مسجد الحرام) کان ماڻهن کي روڪين ٿا جنهن کي اسان ماڻهن لاءِ عبادت گاھ بنائي آهي، اتي رهڻ وارو ۽ ٻاهر وارو (ٻئي) برابر آهن ۽ جو ان ۾ شرارت سان گمراهي جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب چکائينداسون.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ روڪين ٿا الله جي واٽ کان ۽ مسجد عزت واريءِ کان اها جو کليل ڪيو اسان ان کي ماڻهن لاءِ برابر آهن رهندڙ ان ۾ ۽ ٻاهران اچڻ وارا ۽ جيڪو ارادو ڪندو ان ۾ بي ديني ڦيلائڻ جو ظلم سان ته چکائينداسون ان کي عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ انهن لاءِ (دردناڪ عذاب آهي) جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي رستي کان ۽ ان عزت واريءَ مسجد (مسجد الحرام) کان روڪين ٿا جنهن کي اسان ماڻهن لاءِ بنايو آهي، ان تي رهڻ وارو ۽ ٻاهر وارو (ٻئي) برابر آهن. ۽ جو ان ۾ ظلم سان ڏنگي هلڻ جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب چکائينداسون. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (اڄ) الله جي راهه کان ۽ مسجدِ حرام (بيت الله) کان روڪن ٿا جنهن کي اسان (سڀ) انسانن لاءِ (مرڪزِ هدايت) بنايو آهي، اتي رهڻ وارو ۽ ٻاهران اچڻ وارو ان ۾ (سڀ) برابر آهن. ۽ جيڪو ان (مسجد الحرام) ۾ ناحق طريقي سان ڏنگي هلڻ جو ارادو ڪندو اسان ان کي دردناڪ عذاب چکائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڦِريا، جي فاجِر، پڻ روڪِينِ ربَّ جي راھ کان، پڻ پاڪ مَسجِد کان، جا ما ڻهن ڪَئـِي، ڪئي سون مُقرر، هِڪ جھڙا حَقدار اُن ۾، مُقِيم، مُسافِر، ۽ گُھري زيادتِي ظلم سان، مَنجھسِ جو مُنڪر، سارو سُور اَپر، چوکو چکائـِينداسون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26)

۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بَيۡتُ الله جو ھنڌ مقرّر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) ته مون سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ بيھندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو اسان حضرت ابراهيم جي لاءِ ڪعبي واري جاءِ مقرر ڪري ڇڏي (۽ حڪم ڏنو) ته ڪنهن ٻي شيءِ کي مون سان شريڪ نه ڪر، ۽ منهنجو هيءِ گهر انهن ماڻهن لاءِ پاڪ رک جيڪي طواف ڪندڙ هجن، عبادت ۾ سرگرم رهندڙ هجن، ۽ رڪوع ۽ سجدي ۾ جهڪندڙ هجن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اسان (حضرت) ابراهيم لاءِ بيت الله جي تعميرات جي جاءِ مقرر ڪئي ۽ اسان کيس حڪم ڪيو ته تون اسان سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪر ۽ تون منهنجي گھر (بيت الله) کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! اهو به وقت ياد ڪر) جڏهن اسان بيت الله جي جاءِ ابراهيم لاءِ ظاهر ڪئي ۽ (کيس چيوسون ته) مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو ۽ منهنجي گهر کي طواف ۽ قيام ۽ رڪوع، سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ صاف رکج!(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جڏهن بيان ڪئي سون ابراهيم جي لاءِ جاءِ بيت (الله) جي هي ته نه شريڪ ڪر مون سان ڪا شيءِ ۽ پاڪ ڪر گهر منهنجو طواف ڪندڙن لاءِ ۽ ٽڪندڙن جي لاءِ ۽ رڪوع ڪندڙن، سجدو ڪندڙن جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان بيت الله جي جاءِ کي ابراهيم لاءِ مقرر ڪيو (۽ ان کي چيوسون) ته مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪر ۽ منهنجي گهر کي طواف ڪرڻ وارن ۽ بيهندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ ڪر. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ابراهيم لاءِ بيت الله (جي تعمير خاطِر) جڳهه مقرر ڪئي (۽ هدايت ڪئي ته) مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪجانءِ ۽ منهنجي گهر کي پاڪ رکجانءِ طواف ڪرڻ وارن لاءِ ۽ قيام ڪرڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع سجدن ڪندڙن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏيکارسون اِبراهِيم کي، واقع گھر، جِنهن وار، ته ڪِنهن کي، نه ڪر مون سان، بلڪل ڀائيوار، ۽ گھر مُنهنجي کي پاڪ رَکه، ڪَنان غير غُبار، طواف ڪندڙن، بِيهندڙن لئي، نيڪ نمازِيُن هارِ، ۽ نَمندڙ نيڪو ڪار، رَکندڙ سِر سُجود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27)

۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي ته توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن اُٺن تي چڙھي ايندا جو ڏورين واٽن کان (ھِن لاءِ) ايندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پڻ اسان کيس حڪم ڏنو هو ته) ماڻهن ۾ حج جو اعلان (پڙهو) ڏيئي ڇڏ. ماڻهو توڏانهن دنيا جي پري پري وارين واٽن (۽ ملڪن) کان ايندا رهندا، ڪي پيادا ته ڪي قسم قسم جي سوارين تي ايندا جيڪي (اٺ گهوڙي وغيره سفر جي تڪليف کان) ٿڪل هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ماڻهن ۾ حج جو عام اعلان ڪر، توهان وٽ اهي ماڻهو پيادل ۽ هر ڏٻري ڏاچيءَ تي (چڙهي) پري پري جي رستن کان اچي پهچندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن ۾ حج جي خبر ڪر. اهي تو وٽ (ڪيئي) پيادا به اچن هر طرح جي (ڏٻرين) سوارين تي به اچن جي پري پنڌ کان اچن ٿيون.(سيد فرمان علي)


۽ آواز ڏي ماڻهن ۾ حج جو ته ايندا تو وٽ پيادا ۽ هر قسم جي سواريءَ تي جيڪي اينديون هر واٽ پرانهينءَ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن ۾ حج جو پڙهو ڏي ته تو وٽ پيادا به اچن ۽ ڏٻرن ڏاچين تي به جي پري پنڌ کان اچن ٿيون. (مولانا محمد مدني)


۽ تون ماڻهن ۾ حج جو عام اعلان ڪر اُهي تو وٽ پري پري جي رستن کان پيادل ۽ هر ڏٻري ڏاچي تي (سوار ٿي) حاضر ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ حُڪم ڦيراءِ حَج جو، ماڻهن ۾ مَهندار!، ڪي پيادا پارِتو،۽ ڪي اِيندا، اُٺ سوار، ليڙا لاغر زار، اُونهان لَڪ اُڪرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28)

ته پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ انھن منجھان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي هن لاءِ ايندا ته پنهنجي فائدن وٺڻ واري جاءِ تي اهي حاضر ٿين، ۽ اسان جيڪي پاليل جانور هنن کي رزق طور ڏنا آهن، تن جي قرباني ڪري مقرر ڏينهن ۾ الله جو نالو وٺن. پوءِ قربانيءَ جو گوشت پاڻ به کائو ۽ بکايل فقيرن کي به کارايو.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته کين سندن نفعا حاصل ٿين ۽ اهي الله تعالى جو ذڪر ڪن معلوم ڪيل (حج وارن) ڏينهن ۾، ان لاءِ ته الله تعالى انهن کي بي زبان چؤپايا رزق ڪري ڏنا آهن، پوءِ توهان ان مان کائو ۽ محتاج فقيرن کي ان مان کارايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن لاءِ ته پنهنجي (دنيا ۽ آخرت جي) فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿين ۽ جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي تنهن تي (ڪهڻ وقت) مقرر ٿيل ڏينهن ۾ الله جو نالو پڙهن، سو ان مان اوهين (قربانيءَ جو گوشت خود به) کائو ۽ بکئي فقير کي به کارايو.(سيد فرمان علي)


تانته حاضر ٿين گهڻن نفعن کي پنهنجي لاءِ ۽ ياد ڪن نالو الله جو معلوم ٿيلن ڏينهن ۾ ان تي جو رزق ڏنائين انهن کي چوپاين جانورن مان پوءِ کائو ان مان ۽ کارايو محتاج فقير کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن لاءِ ته پنهنجي فائدن لاءِ حاضر ٿين ۽ جيڪو چوپايو مال الله کين ڏنو آهي تنهن تي (ڪهڻ وقت) مقرر ٿيل ڏينهن ۾ الله جو نالو پڙهن.سو ان مان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته اُهي پنهنجي فائدي جي جاين تي حاضر ٿين ۽ الله جو نالو ياد ڪن ( قرباني جي) مقرر ڏينهن ۾ انهن بي زبان جانورن تي (ذبح ڪرڻ وقت) جيڪي الله انهن کي عطا فرمايا آهن. پوءِاوهان ان مان پاڻ به کائو ۽ تنگدست محتاج کي به کارايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀَلِين ته، سَندنِ ڀَلي تي، ڀيڙا ٿِيَن ڀار، ۽ ڳاڻ ڳَـڻين ڏِينهن ۾، سارِين نام سَتار، ڍڳن، ڍورن مان، تن تي، ڏِنن جي ڏاتار، پوءِ کائو پنهنجي پيٽ ۾، تَنِين مان تڪرار، ۽ کارايو خداهارِ، بُکـئي بي پُهچ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29)

وري ڀلي ته پنھنجي (جسي جي) مَرُّ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اهي ماڻهو (يعني حاجي) قرباني ڪرڻ بعد پنهنجي جسم ۽ لباس جي ميرائي لاهي ڇڏين. (يعني احرام لاهي ڇڏين) پڻ پنهنجا نذر پورا ڪن ۽ هن قديم گهر (يعني ڪعبت الله) جي چوڌاري طواف ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اهي پنهنجون ميرون لاهن ۽ پنهنجا نذر (باسون) پورا ڪن ۽ بيت الله جو طواف ڪن، جيڪو نهايت قديم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ کين گهرجي ته پنهنجي (بدن جي) ميل (مٽي) دور ڪن ۽ پنهنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ قديم (عبادت) گهر (ڪعبه) جو طواف ڪن.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ گهرجي ته پري ڪن ميرنهه پنهنجي ۽ گهرجي ته وفا ڪن نذر پنهنجا ۽ گهرجي ته طواف ڪن بيت قديم جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان کان) پوءِ کين گهرجي ته پنهنجي بدن جي مَرُ مٽي لاهين ۽ پنهنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ قديم گهر جو طواف ڪن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کي گهرجي ته بدن جي مَــــــرُ مِـــــــٽِــــــــي لاهن ۽ پنهنجون منتائون پوريون ڪن ۽ (الله جي) قديم گهر جو طوافِ (زيارت) ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ موٽِي لاهِن مَر سَندن، پڻ لاهِن سُکائون صاف، ۽ تهدِل ڪن طواف، ڪعبي گَھر قَدِيم جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30)

اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو ڏسو (حج جي) ڳالهه ائين ٿي ۽ جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهريل پاڪ رسمن جي عزت ٿو ڪري تنهن جي لاءِ سندس پروردگار وٽ وڏي چڱائي آهي. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رکو ته) انهن جانورن کان سواءِ جن جي حرام هئڻ جو حڪم قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي، سڀ چوپايا جانور اوهان جي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن. پوءِ توهان کي گهرجي ته بتن جي ناپاڪائيءَ کان پاڻ کي بچايو ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پري رهو.(علامه علي خان ابڙو)


(حڪم) هي آهي جيڪو ماڻهو الله جي حرمتن (حج جي مناسڪ وغيره) جي تعظيم ڪري ٿو پوءِ اهو ان لاءِ سندس رب وٽ بهتر آهي ۽ توهان لاءِ چؤپايا حلال ڪيا ويا مگر جن جانورن جو حرام هجڻ توهان کي ٻڌايو ويو آهي پوءِ توهان بتن جي پليدي کان پاسو ڪريو ۽ توهان ڪوڙي ڳالهه کان پاسو ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي (حڪم) آهي. پڻ ان کان سواءِ) جو شخص خدا جي عزت ڏنل شين جي تعظيم ڪندو ته اها ان لاءِ سندس پالڻهار وٽ سندس حق ۾ گهڻي چڱي آهي. ۽ چوپايو مال سواءِ ان جي جيڪو اوهان سان بيان ڪيو وڃي ٿو سو سڀ حلال ڪيو ويو آهي، پوءِ اوهين ناپاڪ بتن کان پاسي رهو ۽ لغو (اجائي) ڳالهين راڳ وغيره کان به بچندا رهو.(سيد فرمان علي)


اهو (امر آهي) ۽ جيڪو تعظيم ڪندو الله جي حرمتن جي پوءِ اهو ڀلو آهي ان جي لاءِ ان جي رب وٽ ۽ حلال ڪيا ويا اوهان جي لاءِ چوپايا جانور مگر اهو جيڪو تلاوت ڪيو ٿو وڃي اوهان تي پوءِ پاسو ڪيو، گندگيءَ کان (جيڪا) بتن مان آهي ۽ پاسو ڪيو ڪوڙي قول کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (حڪم آهي) ۽ جيڪو الله جي عزت ڏنل شين جي عزت ڪندو ته اها (عزت ڏيڻ) ان لاءِ سندس پاليندڙ وٽ گهڻي چٽي آهي ۽ (اي مسلمانو !) چوپايو مال سواءِ ان جي جيڪو اوهان کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو سو اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي، پوءِ بتن جي پليتيءَ کان بچو ۽ ڪوڙي ڳالهه کان به بچندا رهو. (مولانا محمد مدني)


اِهو حڪم آهي. ۽ جيڪو الله جي عزت ڏنل شين جي تعظيم ڪري ٿو ته اُهو ان جي پروردگار وٽ ان لاءِ ڀلو آهي. ۽ اوهان جي لاءِ سڀ جانور حلال ڪيا ويا آهن سواءِ انهن جي جن جو حرام هجڻ توهان کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي پوءِ اوهان بتن جي پليتي کان بچو ۽ ڪوڙي ڳالهه کان به پرهيز ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهو ۽ الله جي، مَنعن جو مُدام، ڪندو جيڪو قَلب سان، اَدب اِحترام، پوءِ اُهو سَندسِ، سائـِينءَ وَٽ، تنهن لئي چڱو تمام، ۽ ڍڳا ڍور حلال ٿيا، اوهان خاطِر عام، مگر پَڙهبا آنتي، هُوندا جي حرام، پوءِ پاسو پَلِيتِيء کان ڪريو، جي جُڙتو جاٽون جام، پڻ ڪوڙٖي کان ڪَلام، پاسي رکو پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31)

الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو.(علامه تاج محمود امروٽي)


فقط الله ئي جي لاءِ ٿي رهو. ساڻس ڪنهن به ٻي هستيءَ کي شريڪ نه ڪيو. جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو تنهن جو حال اهڙو سمجهو جو ڄڻ ته ڪو مٿانهينءَ کان اوچتو هيٺ ڪري پيو. پوءِ (جيڪا به شيءِ اهڙيءَ طرح ڪري پوندي تنهن کي يا ته) ڪو پکي (سرڻ وانگر) جهٽڪو ڏيئي کڻي ويندو يا ته هوا جو جهوٽو کيس اڏائي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ اڇلائي ڦٽو ڪندو.(علامه علي خان ابڙو)


ڪوڙن مذهبن کان پاسو ڪريو، الله سان ڪنهن کي شريڪ نه بنايو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان شرڪ ڪري ٿو پوءِ گوياڪ اهو آسمان تان ڪري پيو پوءِ ان کي پکي جھٽي ورتو يا ان کي تيز هوا ڪنهن تمام پري واري جاءِ تي اڇلائي ڇڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خاص الله جا ٿي (رهو) ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ جيڪو خدا سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو سو ڄڻ ته آسمان تان ڪريو پوءِ ان کي (يا ته وچ تي ئي پکي يا وري) هوا ان کي ڪنهن پراهين جاءِ وڃي اڇلايو.(سيد فرمان علي)


هڪ طرفا ٿيندڙ الله جي لاءِ نه شرڪ ڪندڙ ان سان ۽ جيڪو شرڪ ڪري ٿو الله سان پوءِ ڄڻ ته ڪريو آسمان کان پوءِ جهٽي ويا ان کي پکي يا اڇلايو ان کي واءَ جاءِ پرانهينءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله جي واسطي حنيفي دين (ابراهيمي طريقي) تي هلي ان سان (ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪري ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو سو ڄڻ ته آسمان تان ڪريو پوءِ ان کي (مردار خور) پکي کڻي وڃن ٿا يا هوا ان کي ڪنهن پري جاءِ ۾ وڃي ڪيرائي ٿي. (مولانا محمد مدني)


هر باطل کان پري صرف الله جا ٿي رهو ان سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ڪيو. ۽ جيڪو الله سان شرڪ ڪري ٿو سو ڄڻڪ آسمان تان ڪِري پيو پوءِ ان کي (مُردار خور) پکي کڻي وڃن يا هوا ان کي ڪنهن پري جاءِ ۾ وڃي ڪيرائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُنهن موڙِيندڙ مِڙنيان، هڪڙي پرور پار، ڪندڙ ڪِين اُن سان، ڪِنهن شيءِ کي، شامِل ڪار، ۽ جو شريڪ ڪري، ڪِنهن شيءِ کي، صاحب، ساڻ سَتار، سو اُٿلِي ڪَر، اُڀ مٿان، ڪريو ڪِنهِين ڪِنار، پوءِ ڳِجھن ڳِهيو وِچ ۾، مَڙھ سَندسِ مُردار، يا ڪِنهن پراهِين پار، وَڃِي واء اُڇلائـِيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32)

اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو اَدب ڪري (۽ بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇوته اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ سان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها آهي (حقيقت). پوءِ ياد رکو ته جنهن به الله جي نشانين جي عظمت (شان ۽ وڏائي) مڃي تنهن اهڙي ڳالهه مڃي جا حقيقت ۾ دلين جي پرهيزگاريءَ جي ڳالهين منجهان (هڪڙي ڳالهه) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(حڪم) اهي آهن، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي نشانين جي تعظيم ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اها ڳالهه دلين جي تقويٰ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو (ياد رکو) ۽ جيڪو خدا جي نشانين جي تعظيم ڪندو ته ڪو شڪ نه آهي ته اها به دلين جي پرهيزگاريءَ سان حاصل ٿئي ٿي.(سيد فرمان علي)


اهو (حڪم آهي) ۽ جيڪو تعظيم ڪري ٿو الله جي نشانين جي پوءِ بيشڪ اها دلين جي تقوى مان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (حڪم آهي) ۽ جيڪو الله جي نشانين جي عزت ڪندو ته اها (عزت) دلين جي پرهيزگاري مان آهي. (مولانا محمد مدني)


اِها حقيقت آهي. ۽ جيڪو الله جي نشانين جي عزت ڪري ٿو ته اِها (تعظيم) دلين جي پرهيزگاري مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو ۽ الله جي، سُهڃاڻِيَن سَندو، جيڪو قَدر ڪندو، سو صفايان سِينن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33)

اوھان لاءِ انھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرّر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن (چوپاين جانورن) ۾ هڪ مقرر وقت تائين توهان جي لاءِ (قسم قسم جا) فائدا آهن. پوءِ (انهن کي هن) قديم گهر تائين پهچائي انهن جي قرباني ڪرڻ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان لاءِ انهيءَ (قرباني) ۾ نفعا آهن مقرر وقت تائين، ان کان پوءِ ان کي قديم بيت الله تائين پهچائڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (انهن، چوپاين) ۾ هڪ مقرر وقت تائين اوهان لاءِ ڪيئي فائده آهن وري قربانيءَ لاءِ قديم (عبادت) گهر (ڪعبو) آهي.(سيد فرمان علي)


اوهان جي لاءِ انهن ۾ گهڻا نفعا آهن مقرر ڪيل مدت تائين تنهن کان پوءِ ڪهڻ جي جاءِ انهن جي آهي قديم گهر ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن (جانورن ۾ ) هڪ مقرر وقت تائين اوهان لاءِ فائدا آهن، وري قديم گهر تائين (قرباني لاءِ) انهن کي پهچڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


اوهان لاءِ ان (قرباني جي جانورن) ۾ هِڪَ مقرر وقت تائين فائدن وٺڻ جو حق آهي پوءِ انهن (جي قربان ڪرڻ ) جي جڳهه ان قديم گهر (بيت الله) وٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُدت مُقرّر آن لئي، نفعا مَنجھن نروار، ڪُسڻ جو قرار، ڪَعبي گَھر قديم ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34)

۽ سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هرهڪ امت جي لاءِ اسان عبادت جو ڪوئي نه ڪوئي طريقو مقرر ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ته انهن پاليل جانورن کي جي اسان رزق طور (کين) ڏنا آهن، ذبح ڪن ته الله جو نالو وٺن. پوءِ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود اهوئي هڪڙو يگانو معبود آهي، ۽ (جيئن ته ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته) فقط انهيءَ ئي جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائي رکو. ۽ (اي پيغمبر!) نماڻائي ۽ نيازمندي رکندڙ ٻانهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏ.(علامه علي خان ابڙو)


(توهان کان اڳ ۾) اسان هر امت لاءِ قرباني مقرر ڪئي ان لاءِ ته توهان (ڪُهڻ وقت) ان جي ڏنل بي زبان چؤپاين تي الله تعالى جو نالو وٺو، پوءِ توهان جو معبود فقط هڪ الله تعالى آهي پوءِ توهان ان لاءِ جھُڪو، ۽ توهان نياز نوڙت ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان قربانيءَ جو طريقو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي، تنهن تي (ذبح وقت) الله جو نالو پڙهن. نيٺ ته اوهان جو معبود هڪ الله آهي سو سندس ئي فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي پيغمبر) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ.(سيد فرمان علي)


۽ هر هڪ امت جي لاءِ بنائي اسان قرباني تانته ياد ڪن نالو الله جو ان تي جيڪو رزق ڏنائين انهن کي بي زبان جانورن مان پوءِ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ ان جي لاءِ اسلام آڻيو ۽ خوشخبري ڏي عاجزي ڪندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان قربانيءَ جو طريقو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته جيڪو چوپايو مال الله کين ڏنو آهي، تنهن تي الله جو نالو پڙهن. پوءِ اوهان (سڀني) جو معبود هڪ معبود آهي سو سندس ئي فرمانبردار ٿيو ۽ (اي پيغمبر !) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان هر امت لاءِ قرباني جو هڪ قائدو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته اهي الله جي ڏنل بي زبان چوپاين تي (ذبح وقت)الله جو نالو وٺن. پوءِ اوهان جو معبود هڪ (ئي) معبود آهي سو توهان ان جا فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي نبي!) عاجزي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَيو سون گَھر قُربانِيَن، هر اُمّت لئي اِظهار، تان تن تي، نام ڌَڻِيءَ جو، وَٺنِ ويرو تار، ڍورن ۽ ڍڳن مان، ڏِنن جي ڏاتار، پوءِ درگاھ اَهنجِي دائــِما، هِڪ درگاھ دِلقرار،پوءِ نَمو کيس نِبار، ڏي ڌيرون، دِل ڀِڄندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35)

جن جون دليون جڏھن الله کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ انھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿانِ آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن (حق جي نيازمندن) کي (به خوشخبري ڏيئي ڇڏ) جن وٽ جيڪڏهن الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته انهن جون دليون ڏڪي ٿيون وڃن. جيڪي هر قسم جي مصيبتن ۾ صبر ڪندڙ آهن، جيڪي نماز درست ڪري پڙهڻ ۾ ڪوشش ڪندڙ آهن، ۽ جيڪي انهيءَ رزق مان جو الله تعاليٰ کين ڏنو آهي، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندا ٿا رهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو جو جنهن وقت (انهن وٽ) الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته انهن جون دليون (خوفِ خدا کان) ڏڪن ٿيون ۽ اهي تڪليفن تي صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز پڙهندڙ آهن، ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪندڙ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن جون دليون جڏهن خدا جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن مٿن مصيبت پوي ٿي ته صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم ڪندڙ آهن ۽ جيڪو رزق الله کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا ڪارڻ) خرچ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


اهي جو جڏهن ياد ڪيو ويندو آهي الله ته ڌڙڪنديون آهن دليون انهن جون ۽ صبر ڪندڙ انهيءَ تڪليف تي جيڪا پهتي انهن کي ۽ قائم ڪندڙ نماز ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن جون دليون جڏهن الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ڊڄن ٿيون ۽ جيڪو (ڏک سک) مٿن اچي ٿو تنهن تي صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم ڪندڙ آهن ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


(اِهي) اُهي ماڻهو آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته انهن جون دليون ڪنبي پون ٿيون ۽ جي مصيبتون انهن مٿان اچن ٿيون ان تي صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم رکندڙ آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن وَٽ ڪجي اَلله، ته دليون ڌَڙڪن اُنهن جون، ۽ سَهن، رسينِ سُور، جو، مَنجھ رَبَّ جي راھ، ۽ پَڙهندڙ نمازون پُوريون، هِيڻن جا هَمراھ، ۽ خَرچِين خير خواھ، جيڪِي عطا ڪيو سون اُن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36)

۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ قطاري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو (يعني ذبح ڪريو)، پوءِ جڏھن اُھي پاسي ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن) نه سوال ڪندڙ ۽ سوال ڪندڙ کي کارايو، اھڙي طرح اوھان کي اُھي تابع ڪري ڏناسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو، قربانيءَ جي انهن) اٺن کي (جن کي پري پري کان حج جي موقعي تي نيو وڃي ٿو) اسان انهن شين ۾ شمار ڪيو آهي، جي اوهان جي لاءِ الله جي (عبادت جي) نشانين مان آهن. انهن ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي. تنهن ڪري اوهان کي گهرجي ته انهن کي قطارن ۾ بيهاري ذبح ڪرڻ وقت الله جو نالو ياد ڪريو. پوءِ جڏهن هو ڪنهن به پاسي ته ڪري پون (يعني ڪسجي وڃن) تڏهن انهن جي گوشت مان پاڻ به کائو ۽ فقيرن ۽ زيارت ڪندڙ (حاجين) کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي توهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، ته توهان (الله تعاليٰ جي نعمتن جا) شڪرگذار رهو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قرباني جا وڏا جانور (اٺ، ڍڳا وغيره) اسان توهان لاءِ پنهنجي نشانين مان ڪيا آهن، توهان لاءِ انهيءَ ۾ خير آهي، پوءِ توهان (ڪُهڻ وقت) انهيءَ تي الله جو نالو وٺو (۽) اُٺ کي ٻڌي بيهاريو. پوءِ جڏهن اهو پنهنجا پاسا کوڙي پوءِ توهان پاڻ ان مان کائو ۽ سوالين ۽ غير سوالين مسڪينن کي کارايو. اهڙي طرح اسان (انهن کي) توهان لاءِ مسخر (تابعدار) بنايو آهي ته من توهان شڪرگذار ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ قربانيءَ جي (ٿلهن متارن)اٺن کي به اسان اوهان لاءِ خدا جي نشانين مان ڪيو آهي ان ۾ اوهان لاءِ ڪيئي ڀلايون آهن پوءِ (قرباني ڪرڻ وقت) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو پڙهو. پوءِ جڏهن اهي (وڍجي) پاسن ڀر ڪري پون ته انهن مان اوهين کائو ۽ بي سواليءَ ۽ سواليءَ کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي. (ته) من اوهين احسان مڃيو.(سيد فرمان علي)


۽ سگها اٺ، بنايو اسان انهن کي اوهان جي لاءِ الله جون نشانيون، اوهان جي لاءِ ان ۾ ڀلائي آهي پوءِ پڙهو نالو الله جو انهن تي قطارن ۾ پير ٻڌل پوءِ جڏهن ڪريا پاسن ڀر پنهنجي پوءِ کائو انهن مان ۽ کارايو سوال نه ڪندڙ کي ۽ سوال ڪندڙ کي اهڙي طرح مطيع ڪيوسون انهن کي اوهان جي لاءِ تانته اوهان شڪر ڪريو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي مسلمانو !) قربانيءَ جي اٺن کي اسان اوهان لاءِ الله جي (عبادت جي) نشانين مان ڪيو آهي، ان ۾ اوهان لاءِ ڀلائي آهي پوءِ (قرباني ڪرڻ وقت) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو پڙهو، پوءِ جڏهن پاسن ڀر ڪري پون ته انهن مان اوهين (پاڻ به) کائو ۽ بي سواليءَ ۽ سواليءَ کي به کارايو. اهڙيءَ طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي مَنَ اوهين احسان مڃيو. (مولانا محمد مدني)


۽ (قرباني جي) اُٺن کي اسان اوهان لاءِ الله جي نشانين مان بنايو آهي ان ۾ اوهان لاءِ ڀلائي آهي. پوءِ (نحرڪرڻ مهل) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو وٺو، پوءِ جڏهن پاسن ڀر ڪِري پون ته پوءِ انهن مان پاڻ به کائو ۽ انهن کي به کارايو جيڪي قناعت ڪرڻ وارا آهن ۽ انهن کي به جيڪي حاجت پيش ڪرڻ وارا آهن. (يعني سوالي ۽ پينو) اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي تان جو توهان شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، اُٺ ۽ پَهرُو، ڪارڻ قُربانِي، اَلله جي نِشانِيَن مان، ڪياسون نِيشانِي، اوهان لاءِ اُن ۾، آهي اِحسانِي، پوءِ جڏهن سارِيو، جَڪڙيلن تي نالو رَبّاني، پوءِ جڏهن پاسا ٺَهرِيَنِ پَٽ تي، ڦَٽڪڻ ڇڏيو فانِي، پوءِ کائو ۽ کارايو، ماڻهن مِهمانِي، ۽ سائـِل زباني، ۽ گَھر ويٺي نه گُھرندڙِين. اِنپر ڪيا سون اَهنجا، تابِع تُورانِي، مَن مڃيو مِهربانِي، ڳايو ڳُڻ اَلله جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37)

نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح ھو اوھان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، الله تعاليٰ وٽ انهن قربانين جو نڪي گوشت ٿو پهچي ۽ نڪي رت. سندس حضور ۾ جيڪي پهچي ٿو سگهي سو آهي فقط اوهان جي تقويٰ. (يعني اوهان جي دل جي نيڪي) انهن جانورن کي الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح اوهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته الله جي هدايت ۽ رهنمائي تي شڪرگذاري ڪيو ۽ سندس نالي جي وڏائي جو آواز بلند ڪيو ۽ نيڪ عملن ڪندڙن جي لاءِ (خدا وٽ قبوليت جي وڏي) خوشخبري آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن ڪيل قربانين جو گوشت ۽ رت الله تعالى وٽ نٿا پهچن، پر الله تعالى وٽ توهان جي نيت ۽ سچائي پهچي ٿي. اهڙي طرح اسان (انهن کي) توهان لاءِ مسخر بنايو ته توهان الله تعالى جي وڏائي بيان ڪريو ان لاءِ جو توهان کي هدايت ڏنائين، ۽ توهان نيڪوڪارن کي بشارت ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا کي نه انهن (قربانين) جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پر وٽس اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. خدا انهن جانورن کي (ان لاءِ) اوهان جي وس ۾ ڪيو اٿس ته جيئن اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تئين اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ (اي رسول) نيڪي ڪرڻ وارن کي (بهشت جي) خوشخبري ٻڌائي.(سيد فرمان علي)


هرگز نه پهچندا الله کي گوشت انهن جا ۽ نه رت انهن جا ۽ پر پهچندي ان کي تقوى اوهان مان اهڙي طرح مطيع بنايائين انهن کي اوهان جي لاءِ تانته وڏائي بيان ڪيو الله جي ان تي جو هدايت ڪيائين اوهان کي ۽ بشارت ڏي نيڪو ڪارن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله کي نه انهن (قربانين) جو گوشت ۽ نه انهن جا رت پهچن ٿا پر ان کي اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. اهڙيءَ طرح انهن (جانورن) کي اوهان جي وس ۾ ڪيو اٿس ته جا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن جي شڪراني ۾ اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو ۽ (اي پيغمبر !) نيڪي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ. (مولانا محمد مدني)


الله کي هرگز انهن (قربانين) جو نه گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پهچي ٿو ۽ پر ان کي توهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. ان طرح (الله) انهن کي توهان جي وس ۾ ڪيو آهي ته توهان الله جي وڏائي بيان ڪيو ان (شڪراني ۾) جو اوهان کي هدايت ڏنائين. ۽ (اي نبي!) نيڪي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پُهچي نه اَلله کي، اُن جو گوشت ۽ نه رَتِي رَت، پَر پُهچيسِ اَوهان کان، سَچائـِي ۽ سَت، اُن کي تابع اوهان جو، بنايو سون اِن ڀَت، تان وَڏائـِي واحِد جِي، چئو چَڱئَ چَلگت، الله پاڪ اوهان کي، سُهايو جنهن صُورت، ۽ هَلي مَلهِي حَضرت!، ڏي ڀَلن کي بِشارتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38)

بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کي يقيناً الله تعاليٰ (ظالمن جي ظلم ۽ سختين کان) بچائي ٿو. هن ۾ ذرو به شڪ ناهي ته الله تعاليٰ امانت ۾ خيانت ڪندڙن کي، جيڪي خدا جي نعمتن جا بي شڪر آهن، ڪڏهن به پسند نٿو ڪري.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى مؤمنن جو دفاع (بچاءُ) ڪري ٿو بيشڪ الله تعالى هر هڪ دغا ڪندڙ، ناشڪري ڪندڙ سان محبت نٿو رکي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ خدا ايمان وارن کان (ڪافرن کي) هٽائيندو رهي ٿو. خدا سڀ ڪنهن خيانت ڪندڙ ناشڪر کي ڪڏهن به پسند نٿو ڪري.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله دفاع ٿو فرمائي انهن جي طرفان جن ايمان آندو بيشڪ الله نٿو محبت رکي هر خيانت ڪندڙ، بي شڪر کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله ايمان وارن کان (سندن دشمنن کي) هٽائي ٿو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن خيانت ڪندڙ ناشڪر کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله ايمان وارن کان (سندن دشمن) ٽاري ٿو. بيشڪ الله هر خيانت ڪندڙ بي شڪر کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وِسهِياجي وِينجھار، تن تان، والِي ٽاري وٖيريَن، ڪِنهن خِيانتِي خوار کي، پَرور ڏئي نه پِيار، جو بي شُڪر بَدڪار، کائٖي نه مَڃٖي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39)

جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن (مؤمنن) جي خلاف ظالمن جنگ جاري رکي آهي تن کي به هاڻي (ساڻن) جنگ ڪرڻ جي رخصت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته هنن تي سراسر ظلم ڪيو ٿو وڃي. ۽ الله تعاليٰ بيشڪ هنن (مؤمنن) جي مدد ڪرڻ جي قدرت ۽ طاقت رکي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


(بار بار) ظلم هئڻ سببان مسلمانن کي جهاد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ۽ بيشڪ الله تعالى ان جي مدد ڪرڻ تي يقيناً قادر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن (مسلمانن) سان ڪافر جنگ ڪندا رهن ٿا جيئن ته (گهڻو) ستايا ويا تنهن ڪري کين به (جهاد جي) اجازت ڏني ويئي. ۽ خدا ته سندن مدد ڪرڻ تي بلڪل قادر آهي.(سيد فرمان علي)


موڪل ڏني وئي انهن کي جو جنگ ڪيا ٿا وڃن ان سببان جو بيشڪ اهي ظلم ڪيا ويا ۽ بيشڪ الله انهن جي مدد ڪرڻ تي البته قادر آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن سان ڪافر جنگ ڪن ٿا تن کي (جنگ ڪرڻ جي) اجازت ڏني وئي آهي . (مولانا محمد مدني)


انهن ماڻهن کي (جهاد جي) اجازت ڏني وئي آهي جن جي خلاف جنگ ڪئي وڃي ٿي ڇو ته انهن تي ظلم ڪيو ويو آهي. ۽ بيشڪ الله انهن جي مدد ڪرڻ تي قادر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن سان جوٽِي جنگ ويئـِي، موڪل تَن مَنطُور، جَڏهن اڳ ۾ اُنهن سان، ڪيا ويا ڪَلُور، ۽ مَدد سَندن تي مُور ، قادِر آهي ڪرِيم ڌَڻِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40)

جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق لوڌيو ويو تن (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نه چيو ته اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي (مؤمن) اهي مظلوم آهن، جيڪي ناحق پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا آهن. (هنن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو) هو ته فقط چوندا ۽ مڃيندا هئا ته اسان جو پروردگار الله آهي. ۽ ڏسو جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪن (نيڪ) ماڻهن جي هٿان ڪن (ظالمن) کي نه روڪيندو رهي ها (۽ هڪ ٽولي کي ٻئي ٽولي تي ظلم ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏئي ها) ته ڪنهن به قوم جا عبادتگاهه زمين تي سلامت نه رهن ها، نڪي (عيسائين ۽ يهودين جون) خانقاهون ۽ ديوليون نڪي ٻين جا عبادتگاهه ۽ مسجدون، جن (سڀني) ۾ الله تعاليٰ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهي سڀ گهڻو اڳي ڊاٺيون وڃن ها. (ياد رکو ته) جيڪو به الله (جي سچائيءَ) جي حمايت ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ به ضرور مدد ڪندو. انهيءَ ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي ته هو يقيناً سڀ ڪا قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو جيڪي ناحق پنهنجي گھرن مان ڪڍيا ويا فقط انهن ايئن چيو ته اسان جو رب الله آهي، ۽ جيڪڏهن الله تعالى هڪڙن ماڻهن کي ٻين ماڻهن سان دفع نه ڪري ها ته راهبن ۽ عيسائن ۽ يهودين جون عبادت گاهون ۽ مسلمانن جو مسجدون ڊاٺيون وڃن ها جن ۾ الله تعالى جو تمام گھڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، ۽ الله تعالى ان ماڻهوءَ جي ضرور مدد ڪندو جيڪو سندس دين جي مدد ڪندو، بيشڪ الله تعالى وڏي طاقت وارو غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي (مظلوم) آهن جن (ويچارن کي) هن چوڻ تي ته “اسان جو پالڻهار خدا آهي” ناحق سندن گهرن مان ڪڍيو ويو هو ۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي هڪڙن سان ٻين کي دور دفع نه ڪري ها ته گرجائون ۽ يهودين جون عبادت گاهون ۽ مجوسين جا عبادت خانا ۽ مسجدون جن ۾ خدا جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڊاٺيون وڃن ها. ۽ جيڪي الله جي مدد ڪندا تن جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ خدا بلڪل زبردست غالب آهي.(سيد فرمان علي)


اهي شخص جيڪي ڪڍيا ويا گهرن پنهنجن مان ڪنهن وجہ کان سواءِ مگر هي جو چون ته اسان جو رب الله آهي ۽ جيڪڏهن نه هجي ها دفع ڪرڻ الله جو ماڻهن کي انهن مان بعض جو بعض سان ته البته ڪيرايون وڃن ها ڪنيسائون ۽ گرجائون ۽ عبادت گاهون ۽ مسجدون جو ياد ڪيو ٿو وڃي انهن ۾ الله جو نالو گهڻو ۽ البته ضرور مدد ڪندو الله ان جي جيڪو مدد ڪري ٿو ان جي بيشڪ الله البته قوي، غالب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن ڪري ته مٿن ظلم ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي قدرت رکندڙ آهي، جن کي سندن گهرن مان رڳو هن ڪري ناحق ڪڍيو ويو هو جو هو چون ٿا ته اسان جو پاليندڙ الله آهي ۽ جيڪڏهن الله جو ماڻهن کي هڪڙن سان ٻين کي دفع ڪرڻ نه هجي ها ته (عيسائين جون) خانقاهون ۽ گرجا ۽ (يهودين جون) عبادتگاهون ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڊاٺيون وڃن ها. ۽ جيڪي الله جي (دين جي) مدد ڪندا تن جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ الله طاقت وارو زبرست آهي. (مولانا محمد مدني)


هي اهي ماڻهو آهن جن کي انهن جي گهرن مان ناحق ڪڍيو ويو صرف ان قصور تي جو اُهي چون ٿا ته : ”اسان جو پالڻهار الله آهي“ ۽ جيڪڏهن الله هڪڙن ماڻهن کي ٻين جي هٿان نه هٽائي ها ته ڊاٿيون (۽ ويران ڪيون) وڃن ها خانقاهون ۽ گرجا ۽ ڪليسا ۽ مسجدون (يعني سڀ مذهبن جون عبادتگاهون) ڊاٿيون (۽ ويران ڪيون) وڃن ها جن ۾ ڪثرت سان الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ الله ضرور بالضرور مدد ڪندو ان ماڻهو جي جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن کي سَندنِ جاين مان، وِيو ڪڍيو، بي قُصور، ڪِنهِين حق حساب ري، مٿان هِنِ مَذڪُور، ته مالِڪ اَسان جو مُور، اَلله جَلَّ جلالہٗ. جيڪر جَھل جَبَّار، ڪِن سان نه هئي، ڪِن کي، ته مَڙهيون مِڙِئي ڊاٺيون وڃن، پڻ مَسجدون مڻيادار، جَن ۾ گھڻو ياد ڪجي، سُهڻو نام سَتّار، ڪندو ڌڻئَ جي دِين جِي، جو آئـِي ويل وَهار، ته ڏنيدسِ ڏَڍ ڏاتار، اَلله زور زَبر گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41)

انھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ مدن ڪمن کان منع ڪندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اِهي (مظلوم مسلمان) اُهي آهن جن کي جيڪڏهن اسان زمين ۾ (يعني ملڪ ۾) طاقتور ڪنداسين (يعني سندن حڪومت ٿيندي) ته هو نماز (جو نظام) قائم ڪندا. زڪوات جو انتظام رکندا، نيڪين جو حڪم ڏيندا ۽ برائين کان روڪيندا، ۽ (ياد رکو ته) سڀني ڳالهين جي پچاڙي ۽ نتيجو الله تعاليٰ جي ئي هٿ ۾ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جو جيڪڏهن اسين انهن کي زمين ۾ اقتدار ڏيون ته نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱائيءَ جو چوندا ۽ برائي کان روڪيندا، ۽ سڀني ڪمن جو انجام الله تعالى وٽ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي (شخص) آهن جن کي جيڪڏهن اسين روءِ زمين ۾ طاقت ڏينداسون تڏهن (به) اهي پابندي سان نمازون ادا ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جي ڪرڻ جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙين ڳالهين کان (ماڻهن کي) روڪيندا. ۽ (ائين ئي) سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي.(سيد فرمان علي)


اهي شخص جو جيڪڏهن طاقت ڏيون انهن کي زمين ۾ ته قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪـٰوة ۽ امر ڪن چڱن ڪمن جو ۽ روڪين براين کان ۽ خاص الله جي لاءِ آهي پڇاڙي سڀني ڪمن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي جيڪڏهن زمين ۾ طاقت ڏينداسون ته نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي. (مولانا محمد مدني)


(هي) اُهي ماڻهو آهن جن کي جيڪڏهن اسين زمين ۾ اقتدار ڏيون ته اهي نماز قائم رکندا ۽ زڪواة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا ۽ برن ڪمن کان منع ڪندا. ۽ سڀ ڪمن جو انجام الله جي اختيار ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جَن کي وَٺايون سون زمين ۾، جيڪر زور ظُهُور، ته پَڙهيؤن صَلوٰة ۽ ڏنئون زڪوٰة، زر زيورن مان ضرور، ۽ چَيؤن چڱائـِي ۽ مَٺيءَ کان، منع ڪيائون مُور، ۽ آخِر سَڀ اُمور، حوالي حق پاڪ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42)

۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ٿا ته بيشڪ کائن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي (منڪر) توکي ڪوڙو ٺهرائي تنهنجي ڳالهه نٿا مڃن ته (اهو انڪار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) هن کان اڳي به گهڻين ئي قومن پنهنجي پنهنجي وقتن جي رسولن کي ڪوڙو سمجهي نه مڃيو هو، جهڙوڪ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي جيڪڏهن اهي توهان کي نٿا مڃن پوءِ بيشڪ ان کان اڳين به پيغمبرن کي نه مڃيو، (يعنى) (حضرت) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جيڪڏهن اهي (ڪافر) تو کي ڪوڙو ٿا چون ته (ڪا وڏي ڳالھ نه آهي) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڪوڙو چون ٿا توکي پوءِ تحقيق ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ عاد جي ثمود .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن توکي (ڪافر) ڪوڙو ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن (اي نبي) اهي (ڪافر) تو کي ڪوڙو چون ته (غم نه ڪر) ان کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود به ڪوڙو چيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڪوڙ ڪن ڪُلال، ته اڳي اُن ڪنان، قوم نُوح، عاد ثمود جِي، ڪُوڙو ڪوٺيون ڪالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43)

۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (به).(علامه تاج محمود امروٽي)


ابراهيم جي قوم، لوط جي قوم.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (حضرت) ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم.(سيد فرمان علي)


۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته بيشڪ انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود .(مولانا محمد مدني)


۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ قوم اِبراهِيم ۽ لُوط جِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44)

۽ مَدۡيَن وارن (به پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ مُوسىٰ کي (به) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ انھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نه سخت) ھُئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مدين جا ماڻهو- ۽ حضرت موسيٰ کي به ڪوڙو ٺهرايو ويو (اگرچه خود سندس قوم يعني بني اسرائيل کيس ڪوڙو ڪونه ٺهرايو پر فرعون ۽ سندس ماڻهن کيس نه مڃيو) ۽ اسان (هميشه هيئن ڪيو جو) پهريائين منڪرن کي (ڪجهه مدت تائين) مهلت ڏني، پوءِ پڪڙ ڪئي. سو ڏسو ته اسان جو ناراضپو هنن جي لاءِ ڪهڙو نه سخت ٿيو (۽ هو سخت عذابن ۾ مبتلا ٿيا ۽ آخر تباهه ٿيا).(علامه علي خان ابڙو)


۽ مدين وارا ۽ (حضرت) موسيٰ کي به نه مڃو ويو پوءِ مون ڪافرن کي ڍر ڏني ان کان پوءِ انهن تي پڪڙ ڪئي، پوءِ منهنجو عذاب ڪيئن ٿيو !(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مدين وارن (به پنهنجن نبين کي) ڪوڙو چيو. پڻ موسى کي به ڪوڙو ڪيو. تڏهن به مون ڪافرن کي ڍر ڏني (ان کان) پوءِ انهن کي پڪڙيم، ته تو ڏٺو منهنجوعذاب ڪهڙو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ مدين وارن ۽ ڪوڙو چيو ويو موسى پوءِ ملهت ڏني مون ڪافرن کي تنهن کان پوءِ پڪڙيو مون انهن کي پوءِ ڪهڙي طرح هو عذاب منهنجو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم ۽ مدين وارن (به پنهنجن نبين کي) ڪوڙو ڪيو. ۽ موسيٰ کي به ڪوڙو ڪيو ويو. پوءِ مون ڪافرن کي ڍر ڏني (ان کان) پوءِ انهن کي پڪڙيم، پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ مدين جي رهواسين (به پنهنجي نبين کي ڪوڙو چيو هيو) ۽ موسى کي به ڪوڙو چيو ويو هيو پوءِ مون ڪافرن کي ڪجھه مُهلت ڏني پوءِ مون انهن کي پڪڙيو پوءِ (ٻڌايو ته) منهنجي سزا ڪيئن هئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ مَدين جا متوال، ۽ ڪوڙو پڻ ڪوٺيو وِيو، مُوسٰى مَنجھ مَقال، پوءِ مُهلت ڏِنيَمِ مُنڪرِين، پوءِ پڪڙيَمِ سي پيمال، پوءِ هو ڪهڙٖي حال، مون کي، نه مَڃڻ جو مُعامَلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45)

پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھوا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ گھڻيون بلند ماڙيون سُڃيون پيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (ڏسو ته) ڪيتريون ئي بستيون جي ظلم ڪندڙ هيون تن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو. اهي اهڙيون ته خراب ٿيون جو پنهنجي ڇتين ڀر ڪري ڍير ٿي پيون. تلاءَ ۽ کوهه بيڪار رهجي ويا، ۽ اونچيون محلاتون کنڊر بنجي پيون.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا ۽ انهن جا رهندڙ ظالم هئا پوءِ اهي پنهنجي ڇتين تي ڊٺل آهن ۽ ڪيترا کوه بيڪار پيا آهن ۽ ڪيترا مضبوط محل ويران پيا آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سو ڪيترن ڳوٺن کي اسان برباد ڪيو ۽ اهي سرڪش هئا پوءِ اهي (ڳوٺ) پنهنجن ڇتن ڀر ڪريل پيا آهن ۽ (ڪيترا) اجڙيل کوھ ۽ (ڪيترائي) مضبوط وڏا وڏا محل (ويران) ٿي ويا.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيوسين انهن کي ۽ اهي ظلم ڪندڙ هئا پوءِ اهي ڪرندڙ آهن ڇتين پنهنجين تي ۽ کوھ اجڙيل ۽ محلاتون بلند . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سو ڪيترن ڳوٺن کي اسان برباد ڪيو ۽ اهي ظالم هئا. پوءِ اهي (ڳوٺ) پنهنجن ڇتن ڀر ڪريل آهن ۽ ڪيترا اجڙيل کوهه ۽ بلند محلات آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڪيترا ئي ڳوٺ آهن جن کي اسان برباد ڪيو ان حال ۾ جو اُهي ظالم هئا پوءِ اُهي (ڳوٺ اڄ) ڇتين ڀر ڪِريل آهن ۽ ڪيترا کوه بي ڪار پيا آهن ۽ ڪيترا مضبوط محل اجڙيا پيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، ڪيا سون ناس نِبار، ۽ اُهي هُئا، جنهن حال ۾، هرگز هاڃيڪار، پوءِ اُهي ڊَٺل سَنديَنِ ڇِتين تي، بَرلڳِي بازار، ۽ خالِي کُوھ ڪيترا، جَن تي، ڌَڻ، نه ڌَنار، سُڃاوِئَ وَلهار، ۽ سُڃا مَحل ماڙِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46)

پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اهي ماڻهو ملڪن ۾ ڪونه ٿا گهمن ڦرن ڇا جو (اهي کنڊر ڏسي) عبرت وٺن؟ هنن کي دل ۽ دماغ هجي ته جيڪر سمجهن (۽ نصيحت وٺن)، هنن کي ڪن هجن ته جيڪر ٻڌن (۽ سمجهن). پر حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪو انڌو ٿو ٿئي ته اکيون ڪونه ٿيون انڌيون ٿين، پر دليون انڌيون ٿي ٿيون پون، جي سينن جي اندر لڪل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ اهي زمين ۾ سير نٿا ڪن، پوءِ انهن جون اهڙيون دليون هجن جن سان انهيءَ کي سمجھن يا انهن کي ڪن هجن جن سان انهيءَ کي ٻڌن، بيشڪ انهيءَ (عبرت حاصل ڪرڻ) لاءِ انهن جون اکيون نابين ناهن پر انهن جون دليون انڌيون آهن جيڪي (سندن) سينن ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گميا ڦريا نه آهن! ته سندن اهڙيون دليون ٿين جن سان اهي (حق جي ڳالهين کي) سمجهن. يا انهن جا اهڙا ڪن ٿين جن سان (سچين ڳالهين کي) ٻڌن. سو اکيون ته انڌيون نه ٿيون ٿين پردليون جيڪي سينن ۾ آهن سي انڌيون ٿين ٿيون.(سيد فرمان علي)


ڇا پوءِ نه سير ڪيائون زمين تي پوءِ هجن انهن لاءِ اهڙيون دليون جو سمجهن انهن سان يا اهڙا ڪن جو ٻڌن انهن سان پوءِ بلاشڪ (حالت) هيءَ آهي ته نٿيون انڌيون ٿين اکيون ۽ پر انڌيون ٿين ٿيون دليون جيڪي سينن ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا پوءِ زمين ۾ نه گهميا آهن ته انهن جون اهڙيون دليون ٿين جن سان اهي سمجهن، يا اهڙا ڪَنَ ٿين جن سان اهي ٻڌن، سو اکيون ته انڌيون نه ٿيون ٿين پر دليون جيڪي سينن ۾ آهن سي انڌيون ٿين ٿيون. (مولانا محمد مدني)


ڇا پوءِ زمين جو سير نه ڪيو اٿن (ظالمن جا کنڊرات ڏسي) انهن جون دليون اهڙيون ٿين جن سان اُهي سمجهن يا اهڙا ڪَنَ ٿين جن سان ٻُڌن. سو حقيقت اِها آهي ته اکيون انڌيون نه ٿيون ٿين پر دليون انڌيون ٿي وڃن ٿيون جيڪي سينن ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا، ڌَر نه گُھميا؟، ته دِليون سَندنِ، سَمجھن سماچار، يا ٿِين ڪَن اُنهن جا، جن سان ٻُڌن ڳالھ ٻِيهار، پوءِ اَ کيون نه ٿِيَن اَنڌيون، پر نابِين ٿِيَن نِبار، قَلب سَندا ڪُفار، جي سِينن مَنجھ سَميٽيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47)

۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو عذاب جي گهر ڪرڻ ۾ توسان تڪڙ لائي ٿا ڏين (يعني چون ٿا ته جيڪڏهن سچ پچ اسان تي عذاب اچڻو آهي ته ڇو نٿو اچي؟ تون کين چئو ته) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ پنهنجو واعدو ضرور پورو ڪندو) پر تنهنجي پروردگار وٽ هڪ ڏينهن ايڏو آهي جيڏو اوهان جي شمار ۾ هڪ هزار سال.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي توهان کان عذاب اچڻ جي تڪڙ ڪن ٿا ۽ الله تعالى پنهنجي وعدي جي هرگز خلاف ورزي نه ڪندو، ۽ بيشڪ اهو ڏينهن توهان جي رب وٽ، توهان جي حساب موجب هزار سالن جو هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) تو کان عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا ۽ الله پنهنجي وعدي جي ابتڙ ڪڏهن نه ڪندو. بيشڪ (قيامت جو) هڪ ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ جيڪي اوهين ڳڻيو ٿا سو هڪ هزار ورهين جي برابر آهي.(سيد فرمان علي)


۽ تڪڙو گهرن ٿا توکان عذاب ۽ هرگز نه مخالفت ڪندو الله پنهنجي وعدي جي ۽ بلاشڪ هڪ ڏينهن تنهنجي رب وٽ مثل هزار سال جي آهي ان مان جو ڳڻيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) توکان عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا ۽ الله پنهنجي وعدي جي ابتڙ ڪڏهن نه ڪندو. ۽ بيشڪ هزار ورهه جيڪي اوهين ڳڻيو ٿا تن جي برابر تنهنجي پاليندڙ وٽ هڪ ڏينهن آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي تو کان عذاب گُهرَڻَ ۾ تڪڙِ ڪن ٿا ۽ الله هرگز پنهنجي وعدي جي خلاف نه ڪندو. ۽ بيشڪ (عذاب وارو) ڏينهن تنهنجي پروردگار وٽ توهان جي ڳاڻيٽي مطابق هڪ هزار سالن برابر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهي خُود عَذاب لئي، ٿا تَڪڙائـِينءِ تَڪرار، ۽ بلڪل ناهي بَدلائـِڻو، واحِد، پَنهنجي وار، ۽ ڏينهن تُنهنجي ڏاتار وَٽ، هوندو سال هزار، مُوجب جِنهن شمار، اَوهين سالوَن ساريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48)

۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھوا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڪيترويون ئي بستيون هيون جي ظالم هيون ۽ جن کي اسان (شروعات ۾) ڍر ڏيئي ڇڏي ڏنو. پر پوءِ نيٺ انهن کي پڪڙ ڪئي سون ۽ آخر ته سڀني کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪيترن ڳوٺن کي مون مهلت ڏني ۽ انهن جا رهندڙ ظالم هئا ان کان پوءِ مون ان تي پڪڙ ڪئي، ۽ مون ڏانهن (سڀني جو) موٽڻ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪيترن ئي ڳوٺن (جي ماڻهن) کي مون ڍر ڏني هوڏانهن اهي سرڪش هئا، نيٺ انهن کي پڪڙيم ۽ (کين) مون ڏي ئي موٽي اچڻو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڪيترائي ڳوٺ مهلت ڏني مون انهن کي ۽ اهي ظلم ڪندڙ هئا تنهن کان پوءِ پڪڙيو مون انهن کي ۽ مون ڏانهن موٽڻ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪيترن ڳوٺن کي مون ڍر ڏني ۽ اهي ظالم هئا، وري انهن کي پڪڙيم ۽ مون ڏي ئي (انهن کي) موٽي اچڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪيترا ئي اهڙا ڳوٺ هئا جن کي مون مهلت ڏني حالانڪه اُهي ظالم هئا پوءِ مون ان کي پڪڙيو ۽ (هرهڪ) مون ڏانهن موٽڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ گھڻائـِي گام، مُهلت ڏِنِي مُون اُنهن کي، ۽ اُهي هُئا جِنهن حال ۾، آزارِيندڙ اظَلام، پوءِ پَڪڙيَمِ تن تمام، ۽ مُونڏي آخِر موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49)

(اي پيغمبر) چؤ ته اي ماڻھؤ آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته اي انسانو! مان ته فقط (انڪار ۽ شرارت جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهيان ۽ چٽيءَ طرح خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي انسانو آئون ته فقط توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!کين) چئو ته اي ماڻهو! آءُ ته اوهان لاءِ رڳو ظاهر (عذاب کان) ڊيڄاريندڙ آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: اي انسانو! مان ئي اوهان جي لاءِ ڊيڄاريندڙ چٽو آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) چؤ ته اي ماڻهو! آءُ اوهان لاءِ رڳو ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”اي انسانو! آءٌ اوهان لاءِ (عذاب کان) صرف پڌرو ڊيڄارڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو ماڻهئا! اَوهان ڏي مُور، آئون اِطلاعِي آهيان، ۽ باھ سَنديون ڀَرپُور، کولي ڏِيندڙ خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50)

پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ نيڪ عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ان لاءِ بخشش ۽ بهشت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (آخرت ۾) تن لاءِ بخشش ۽ (جنت جي) عمدي روزي آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن جي لاءِ ئي مغفرت ۽ روزي ڀلي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ معافي ۽ عزت جي روزي آهي. (مولانا محمد مدني)


سو جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، بَخشِش بي گمان، پڻ رِزق سڳورو تَن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51)

۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين جي خلاف مقابلو ڪري ڪامياب ٿيڻ ٿا چاهين سي دوزخي آهن، (انهن جي لاءِ هر طرح جي ڪاميابين ۽ سعادتن کان محرومي آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ ڪوشش ڪن ٿا ته اسين انهن (مؤمنن) کي عاجز بنايون اهي (ماڻهو) جهنمي آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي (ڪوڙو ڪرڻ) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، سي ئي دوزخي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جن ڪوشش ڪئي اسان جي آيتن کي گهٽ ڪندڙ ٿي اهي جهنمي آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن اسان جي آيتن جي (مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، سي دوزخي آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ ڪوشش ڪئي ان خيال سان ته (اسان کي) عاجز ڪندا اُهي ئي جهنمي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي هيڻو اَسان جي، حُڪمن کي، ڪرڻ لئي ڊوڙيا، اُهي ڪُوڙا ۽ ڪوڙهيا، بيشڪ ڀاتِي باھِ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52)

۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ نه ڪوئي پيغمبر ۽ نه ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائين تڏھن شيطان سندن آرزوءِ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪو شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي جيترا به رسول ۽ نبي موڪليا تن سڀني سان هي معاملو ضرور پيش آيو، جو هنن جيئن ئي (اصلاح ۽ سعادت جي) خواهش ڪئي تيئن ئي شيطان هنن جي خواهشن ۾ ڪا نه ڪا فتني جي ڳالهه وجهي ڇڏي. ۽ پوءِ الله تعاليٰ شيطان جي وسوسن وجهڻ وارين ڳالهين جو اثر ميٽي ڇڏيو. ۽ پنهنجي نشانين کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نه موڪليو اسان توهان کان اڳ ۾ ڪو رسول ۽ ڪو نبي، مگر جنهن وقت ان ڪلام الاهي پڙهيو ٿي ته شيطان ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي طرفان ڪجھه ملايو ٿي، پوءِ شيطان جي اِلقا کي الله تعالى مٽائي ڇڏي ٿو، ان کان پوءِ الله پنهنجون آيتون مضبوط ڪري ٿو، ۽ الله زبردست علم حڪمت رکندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) اسان ته تو کان اڳ ڪو به رسول يا نبي موڪليو ته ائين ٿيو جو هن کي هيءَ حالت پيش آئي ته جڏهن (تبليغ احڪام جو) ارادو ڪيو ته شيطان سندس ارادي ۾ (ماڻهن کي وسوسو وجهي) خلل ٿي وڌو. پوءِ جو ڪجھ وسوسو شيطان وجهي ٿو تنهن کي خدا مٽائي ٿو. پوءِ پنهنجن حڪمن کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه موڪليوسون اڳي توکان ڪو رسول ۽ نه ڪو نبي مگر جنهن وقت پڙهيائين ته ملائڻ جي ڪوشش ڪئي شيطان ان جي پڙهڻ ۾ پوءِ مٽائي ٿو الله اهو جيڪو ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو شيطان تنهن کان پوءِ مضبوط ٿو بنائي الله آيتون پنهنجون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) توکان اڳ اسان ڪوبه رسول ۽ نبي (اهڙو) نه موڪليو جنهن کي هيءَ حالت پيش نه آئي ته جڏهن هن ڪو خيال ڪيو تڏهن شيطان سندس خيال ۾ (ڪجهه وسوسو) ملائي ٿي ڇڏيو پوءِ جو ڪجهه (وسوسو) شيطان ملائي ٿو تنهن کي الله مٽائي ٿو( ان کان) پوءِ پنهنجن ڳالهين کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان تو کان اڳ نه ڪو رسول ۽ نه ڪو نبيءُ موڪليو مگر ان سان هي (معاملو) ٿيو جو جڏهن ان (ماڻهن تي) ڪجھه (ڪلام الاهي) پڙهيو ته شيطان (ماڻهن جي ذهنن ۾) ان جي پڙهيل ۾ ڪجهه (شڪن ۽ شبهن کي) ملائي ڇڏيو. پوءِ الله شيطان جي دخل اندازي کي مٽائي ٿو پوءِ الله پنهنجي آيتن کي پختو ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُرسل نه مُڪو سون، مَهند تُهان، ۽ نه ڪو نَبِي نامدار، مَگر پڙهيائـِين ميڙ ۾، جَڏهن ڪي جُھار، ته اِبلِيس اُن جي ڳالھ، ۾، اُڇليو غير غُبار، پوءِ اُڇليو اِبلِيس جو، سو ڪڍيو وِچان ڪَلتار، اَلله پَنهنجون آيتون، ڪري نِج نِبار، ۽ صاحب سَمجھدار، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53)

ھن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت وڌي تنھن سان انھن کي ڌار ڪري پرکي جن جي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ۾ (هڪ وڏي) مصلحت هيءَ هوندي آهي ته شيطان جا وسوسا انهن ماڻهن لاءِ آزمائش ٿين ٿا جن جون دليون روڳي آهن ۽ (سچائي جي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ کان) سخت ٿي ويون آهن. ۽ بيشڪ ظالم وڏي اونهي مخالفت ۾ پئجي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته جيڪو شيطان ماڻهن جي دلين ۾ وجھي ٿو ان کي انهن ماڻهن لاءِ فتنو بنائي جن جي دلين ۾ مرض آهي ۽ جن جون دليون ڪٽيل آهن، ۽ بيشڪ ظالم پري واري بدبختي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ شيطان جو (وسوسو) وجهي (به) ٿو هن لاءِ ته خدا ان کي انهن ماڻهن لاءِ آزمائش (جو سبب) بڻائي جن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن ۽ بيشڪ (اهي) ظالم (مشرڪ ته) آهن گهريءَ مخالفت ۾ (پيل) آهن.(سيد فرمان علي)


تانته ڪري ان کي جو ملائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري شيطان آزمائش انهن جي لاءِ جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي ۽ ڪٽيل آهن دليون انهن جون ۽ بيشڪ ظالم البته پري واريءَ بدبختيءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن لاءِ ته جو ڪجهه شيطان ملائي ٿو تنهن کي انهن لاءِ آزمائش ڪري جن جي دلين ۾ بيماري آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن ۽ بيشڪ ظالم ته گهريءَ دشمنيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني)


هن لاءِ ته الله انهن (شڪن ۽ شبهن )کي جيڪي شيطان (ماڻهن جي ذهنن ۾) ملائي ٿو تن کي اهڙن ماڻهن لاءِ آزمائش بنائي جن جي دلين ۾ (منافقت جو) مرض آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن. ۽ بيشڪ ظالم ماڻهو ڏورانهين بدبختي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تان اُڇليو اِبليس جو، ڪري تِنهن ڪَلتار، آزمودو اُنهن لئي، جن جي اَندر ۾ آزار، ۽ ڪَٺڻ قَلب اُنهن جا؛ ۽ هرگز هاڃيڪار، آهِن گِرفتار، وَڏي ڪِنهن وِڏُوڙ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54)

۽ ته جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ته اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پڻ ان ۾ هي مصلحت به هوندي آهي ته (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي علم مليو آهي، سي ڄاڻي وٺن ته اهو معاملو في الحقيقت الله جي طرف کان آهي. اهڙيءَ طرح هو ان تي ايمان آڻين ۽ سندن دلين ۾ نماڻائي ۽ نياز پيدا ٿئي. يقيناً الله تعاليٰ ايمان وارن کي (سعادت واري) سڌي واٽ وٺائڻ وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ان لاءِ ته اهي ماڻهو ڄاڻن جن کي علم ڏنو ويو آهي ته بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) توهان جي رب جي طرفان حق آهي پوءِ توهان ان تي ايمان آڻيو پوءِ قرآن ڪريم لاءِ مؤمنن جا قلب مطمعن ٿين ٿا ۽ بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي سنئون رستو ڏيکاريندڙ آهي جيڪي مؤمن آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(هن لاءِ به) ته جن کي (آسماني ڪتابن جو علم) عطا ڪيل آهي اهي ڄاڻن ته اهو (وحي) بيشڪ تنهنجي پروردگار جي طرفان حق سچ (نازل) ڪيل آهي (اهو خيال ڪري) مٿس اهي ماڻهو ايمان آڻين، پوءِ سندن دليون الله جي سامهون عاجزي ڪن. ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تن کي الله سڌي رستي تي پهچائي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ تانته ڄاڻن اهي جو ڏنا ويا علم ته بيشڪ اهو حق آهي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ ايمان آڻين ان تي پوءِ عاجزي ڪن ان جي لاءِ دليون انهن جون ۽ بيشڪ الله البته هدايت ڪندڙ آهي انهن کي جن ايمان آندو سڌي واٽ ڏانهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هن لاءِ ته جن کي علم ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن ته اهو (وحي) تنهنجي پاليندڙ وٽان حق آهي پوءِ ان تي ايمان آڻين، پوءِ الله لاءِ سندن دليون عاجزي ڪن ۽ بيشڪ الله ايمان وارن کي سڌو رستو ڏيکاريندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هن لاءِ ته جن کي علم ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن اِهو (وحيءِ الاهي)تنهنجي پالڻهار جي پاران حق آهي. پوءِ ان تي ايمان آڻن پوءِ ان (الله) لاءِ سندن دليون عاجزي ڪن. ۽ بيشڪ الله ايمان وارن کي سڌي رستي جي هدايت ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جن کي عِلم عَطا ڪيو سون، سي رکن سُڌ سَنڀار، ته ڌُران تُنهنجي ڌڻِي کان، هِي آهي حَقَّ اِظهار، پوءِ مَڃينَسِ مَن سَندنِ، ڪَن عِجز اُنهيءَ هارِ، ۽ سانئـِين سُونهون تن جو، جن آندو اِعتبار، ۽ سنئين سنواٽي واٽ ڏانهن(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55)

۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا ندوري ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي هن باري ۾ شڪ آڻيندا رهندا تان جو (فيصلي واري) گهڙي اوچتو اچي مٿن ڪڙڪندي يا ڪنهن منحوس ڏينهن جو عذاب ظهور ۾ اچي ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافر ته هميشه قرآن ڪريم کان شڪ ۾ آهن ايستائين جو انهن تي اوچتو قيامت اچي ٽڙڪي يا انهن تي قيامت جي ڏينهن وارو عذاب اچي پهچي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافر ته ان قرآن کان هميشه شڪ ۾ پيا رهندا تان جو قيامت مٿن اوچتو اچي ڪڙڪي يا (هئين چئو ته) انهن تي سخت منحوس ڏينهن جو عذاب نازل ٿئي.(سيد فرمان علي)


۽ هميشہ آهن اهي شخص جن ڪفر ڪيو شڪ ۾ ان کان تانجو اچي انهن وٽ قيامت اوچتو يا اچي انهن وٽ عذاب سنڍ بنائيندڙ ڏينهن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافر ان (وحي) کان هميشه شڪ ۾ رهندا تانجو مٿن قيامت اوچتو اچي وڃي يا مٿن بي برڪت ڏينهن جو عذاب اچي. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪافر هميشه هن (قرآن) جي باري ۾ شڪ ۾ رهندا ايستائين جو اچانڪ انهن تي (قيامت جي) گھڙي اچي پهچي يا انهن تي هڪ منحوس ڏينهن جو عذاب اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڦِريا جي فُجّار، تِيسِين هَميشه هُئن سي، سَندو شَڪ شِڪار، تان ڪڙڪٖي اَچي اوچتِي، مَٿن مَحشر وار، يا اَچي مَٿنِ آزار، نِپٽ نِدوري ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56)

اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن بادشاهي فقط الله جي هوندي. هو انهن سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ چڱا عمل ڪيا هوندا تن جي لاءِ خوشين ۽ نعمتن وارا باغ هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


قيامت جي ڏينهن بادشاهي صرف الله جل جلالهو جي هوندي، جيڪو انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا (اهي) بهشت ۾ هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ڏينهن جي حڪومت ته خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي. اهو ماڻهن جي وچ ۾ (پيل اختلاف) جو فيصلو ڪندو. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي نعمت وارن (سرسبز) باغن (بهشت) ۾ رهندا.(سيد فرمان علي)


بادشاهي ان ڏينهن الله جي آهي فيصلو ڪندو انهن ۾ پوءِ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل بهشتن نعمتن جي ۾ هوندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان ڏينهن بادشاهي الله جي آهي. اهو سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي نعمت وارن باغن ۾ هوندا. (مولانا محمد مدني)


بادشاهي ان ڏينهن صرف الله جي هوندي. اُهو سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون سي نعمت وارن باغن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهيءَ ڏِينهن اَلله جِي، رائـِي دوهائي، ڪندو اُنهن وِچ ۾، سَڀڪاصَفائـِي، پوءِ مَڃيو جن مُورهِين، ڪيؤن چيتٖي چَڱائـِي، اُهي عَطائـِي، سَدا سُکن جي باغ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57)

۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جن ماڻهن انڪار ڪيو هوندو، ۽ اسانجون نشانيون ڪوڙيون سمجهيون هونديون تن جي لاءَ خوار خراب ڪندڙ عذاب هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو پوءِ انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته اهي ئي (ڪم بخت) آهن جن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون آيتن اسان جن کي پوءِ اهي انهن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون پوءِ انهن ماڻهن لاءِ خواري وارو عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڦِريا ۽ ڪُوڙا ڪوٺيون، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ آهي اُنهن ڪاڻ، عِزت ناسِ، عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58)

۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ هجرت ٿا ڪن ۽ پوءِ لڙائيءَ ۾ قتل ٿا ٿين يا پنهنجي موت مري ٿا وڃن، تن کي الله تعاليٰ ضرور (آخرت ۾) بهترين روزي ڏيندو، ۽ بيشڪ الله ئي آهي جو سڀني کان بهتر روزي بخشيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن الله تعالى جي راه ۾ هجرت ڪئي ان کان پوءِ (پاڻ) شهيد ڪيا ويا، يا فوت ٿي ويا، الله تعالى ضرور انهن کي سهڻو رزق (بهشت) عطا ڪندو، ۽ بيشڪ الله تعالى ئي بهترين رزق ڏيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ماڻهن خدا جي راھ ۾ ديس ڇڏيو وري شهيد ڪيا ويا يا (فطري موت) مئا خدا انهن کي (آخرت ۾) ضرور عمدي روزي عطا ڪندو. ۽ بيشڪ سڀني روزي ڏيڻ وارن مان الله ئي سڀني کان چڱي روزي ڏيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جن هجرت ڪئي الله جي واٽ ۾ ان کان پوءِ شهيد ڪيا ويا يا وفات ڪري ويا البته ضرور رزق ڏيندو انهن کي الله رزق سهڻو ۽ بيشڪ الله البته اهو ڀلو آهي رزق ڏيندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن الله جي رستي ۾ وطن ڇڏيو وري قتل ٿيا يا مُئا، تن کي الله ضرور سٺي روزي ڏيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن الله جي راهه ۾ هجرت ڪئي پوءِ قتل ڪيا ويا يا (آزمائشون سَهندي) مري ويا ته الله انهن کي ضرور سهڻو رزق ڏيندو. ۽ بيشڪ الله ئي سڀ کان بهتر رزق ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهي، جي سانگ سِڌاريا، مَنجھ رَبَّ جي راھ، موٽِي سي مارِيا وِيا، يا ڏِنئون پاڻ پَساھ، اَلله ڏِيندو اُنهن کي، سُهڻو رِزق صُباح، بيشڪ آهي اَلله، رازق سَڀنيان سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59)

جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو ضرور کين اهڙيءَ جاءِ تي پهچائيندو، جنهن ۾ هو خوش ۽ راضي رهندا. يقيناً هو (سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ پنهنجي ڪمن ۾) وڏو بردبار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى انهن کي ضرور ان جاءِ (بهشت) ۾ داخل ڪندو جنهن کان اهي راضي ٿيندا ،۽ بيشڪ الله تعالى گھڻو علم رکندڙ بردبار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو کين اهڙي هنڌ (بهشت ۾) پهچائيندو جنهن کان هو نهال ٿيندا. ۽ بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ بردبار آهي.(سيد فرمان علي)


البته ضرور داخل ڪندو انهن کي اهڙي جاءِ ۾ جو راضي ٿيندا ان کان ۽ بيشڪ الله البته گهڻو ڄاڻندڙ، گهڻو بردبار آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله ئي سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. انهن کي ضرور اهڙي جاءِ ۾ داخل ڪندو جنهن کي پسند ڪندا. ۽ بيشڪ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ بردبار آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو کين ضرور اهڙي جاءِ ۾ داخل ڪندو جنهن سان اُهي راضي ٿي ويندا. ۽ بيشڪ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


داخِل ڪَندنِ دار ۾، جا وينديَنِ پاڻ وڻِي، ۽ دانا آهي ڌَڻِي، پڻ حِڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60)

اِھو (حڪم) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي ته اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(بهرحال) حقيقت اها آهي، پوءِ جيڪو به زيادتي (۽ اڳرائي) نٿو ڪري، بلڪ جيتري سختي ان سان ڪئي ويئي آهي، ٺيڪ ٺيڪ اوتري ان جي عيوض ۾ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ وري دشمن وڌيڪ زيادتي ڪرڻ لاءِ حملو ٿو ڪري ته پوءِ ضروري آهي ته الله مظلوم جي مدد ڪري. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڳالهه اها آهي، ۽ ظالم کان اوترو بدلو ورتو وڃي جيترو ان ظلم ڪيو آهي، ان کان پوءِ ان تي زيادتي ڪئي وئي ته ان جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ الله تعالى معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو (ٺيڪ) آهي. ۽ جنهن شخص (پنهنجي دشمن کي) ايترو ئي ستائي جيتري ان کي تڪليف پهچائي وئي آهي، وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي ويئي ته الله ضرور ان مظلوم جي مدد ڪندو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ئي (آهي) ۽ جنهن ايذايو مثل ان جي جو ايذايو ويو ان سان تنهن کان پوءِ زيادتي ڪئي وئي ان تي البته ضرور مدد ڪندو ان جي الله بيشڪ الله البته معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو (حڪم آهي) ۽ جنهن ايترو بدلو ورتو جيتري ان کي تڪليف پهچائي ويئي آهي، وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي ويئي ته ان جي ضرور مدد ڪندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اهو ته انهن بابت فيصلو آهي. ۽ جنهن ماڻهو ايتري ئي اذيت پهچائِــي جيتري ان کي اذيت ڏني وئي هئي وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي وڃي ته الله ضرور ان جي مدد ڪندو. بيشڪ الله وڏو معافي ڏيندڙ بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حُڪم اِهو هَموار پوءِ وير جِنهن واريو، جِنهن مُوجب وَرتو، کانِس وِيو، تِهانپوءِ تڪرار، مَٿسِ وڌاڪيو ويو، ته ڏِيندسِ ڏَڍ ڏاتار، بارِي بَخشِيندڙ بار، پڻ معافيون ڏِيندڙ مُلڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61)

اِھا (مدد) ھن سببان آھي ته الله رات کي ڏينھن ۾ وجھندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ وجھندو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اها (صورت حال) هن ڪري ٿي ٿئي جو الله رات کي ڏينهن جي اندر ظاهر ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات جي اندر (يعني حالتن جي بدلجڻ جو قانون جاري آهي) ۽ پڻ هن ڪري جو الله تعاليٰ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو ان ڪري جو بيشڪ الله تعالى رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها (مدد) هن ڪري (ڏني ويندي) ته خدا (وڏو قادر آهي اهو ئي ته) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو سببان ان جي جو يقينًا الله داخل ٿو ڪري رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ٿو ڪري ڏينهن کي رات ۾ ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها (مدد) هن ڪري ته (زمانو ڦري گهري ٿو) الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو هن لاءِ آهي ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ بيشڪ الله ٻڌڻ وارو ڏسڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُن لئي اِها ڏات، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، رات وِجهي ڏِينهن ۾، ۽ ڏِينهن وِجھي مَنجھ رات، ۽ پرور پاڪ ذات، سُڻندڙ ڏِسندڙ ڏيھ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62)

اِھا (مدد) ھن ڪري آھي ته الله پاڻ برحق آھي ۽ الله کانسواءِ جنھن کي سڏيندا آھن سو ڪوڙو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ئي مٿاھون وڏو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پڻ هن ڪري به جو فقط الله ئي حق آهي ۽ جن هستين کي کانئس سواءِ پڪارين ٿا سي باطل آهن، ۽ وري هن ڪري به ته الله تعاليٰ جي هستي بلند مرتبي واري ۽ وڏي شان واري آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ سببان جو بيشڪ الله تعالى ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي الله کانسواءِ جنهن جي عبادت ڪن ٿا اهو باطل (ڪوڙ) آهي ۽ بيشڪ الله تعالى ئي مٿاهون (۽) وڏو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پڻ) هن لاءِ (به) ته يقينا الله ئي برحق آهي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي (مصيبت وقت) سڏين ٿا (سي سڀ) باطل آهن ۽ (هي به) يقيني (ڳالھ آهي ته) الله ئي (سڀ کان) بلند رتبه بزرگ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو سببان ان جي جو يقينًا الله اهو ئي حق آهي ۽ بيشڪ جنهن جي عبادت ڪن ٿا ان کان سواءِ اهو ئي باطل آهي ۽ بيشڪ الله اهو ئي مٿاهون وڏو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها (مدد) هن ڪري به آهي ته الله ئي حق آهي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي سڏين ٿا سوئي باطل آهي ۽ هن ڪري ته الله ئي مٿاهون وڏو آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو هن لاءِ ته الله ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي سڀ باطل آهن جن جي اهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا ۽ بيشڪ الله ئي سڀ کان مٿاهون تمام وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي صَفاسَمجاڻيون، ته ثابِت آهي سَتار، ۽ تِنهن سوا سَڏينِ، جِنهن کي، سو باطِل ۽ بيڪار، ۽ اَلله اُتم اَپار، وَڏِي وَڏائـِي جو ڏَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63)

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن مان (مينھن جو) پاڻي وسايو، پوءِ زمين ساول واري ٿيندي آھي، ڇوته الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان هي (نظارو) نه ڏٺو آهي جو الله تعاليٰ آسمان مان مينهن وسائي ٿو ۽ (سڪل) زمين سرسبز ٿي وڃي ٿي. يقين رکو ته الله تعاليٰ وڏو لطف ڪندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو، ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل فرمائي ٿو، پوءِ زمين ڦري سائي ٿئي ٿي، بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو ايترو به نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو، پوءِ زمين ڦري ساوڪ واري ٿئي ٿي، بيشڪ خدا (بندن تي) وڏو مهربان خبر رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ ٿي پئي زمين سرسبز بيشڪ الله باريڪ بين، خبر رکندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو، پوءِ زمين ڦري ساوڪ واري ٿي پوي ٿي. بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ته زمين سرسبز شاداب ٿي پوي ٿي. بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ خبر رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇاڏٺئـِي نه؟ تَه ڌاتار، آب اُتاريو اُڀ ڪنان، پوءِ ڦِريي سِيم سائـِي ٿِي، ڀُون بَنِي باغ بهار، مالِڪ ڪَندڙ مُلڪ تي، لُطف لَکه هَزار، پڻ خدا خبردار، هَر حقِيقت حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64)

جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ضروربي پرواھ ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ سندس ئي آهي ۽ بيشڪ هو بي نياز بي پرواهه (بادشاهه) آهي، ۽ سڀني سهڻين ساراهن جو لائق آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ بيشڪ الله تعالى بي پرواهه (۽) گھڻو ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سو سڀ) سندس آهي ۽ بيشڪ خدا (سڀ کان) بي پرواھ (۽) حمد جي لائق آهي.(سيد فرمان علي)


ان جي لاءِ ئي آهي اهو جيڪو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي ۽ بيشڪ الله البته اهو ئي شاهوڪار، ساراهيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ بيشڪ الله ئي بي پرواهه ساراهيل آهي. (مولانا محمد مدني)


ان جو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ بيشڪ الله وڏو بي نياز ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهِن اُنهي هارِ، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، ۽ غَنِي ربُّ، غفار، سائين ساراهِيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65)

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نوايو آھي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندس حُڪم سان تَرنديون آھن، ۽ آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جھليندو آھي پر (جي ڪيرائيس ته) سندس اختيار آھي، بيشڪ الله ماڻھن تي بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تو هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا؟ ته ڪهڙيءَ طرح الله تعاليٰ زمين جون سڀ شيون اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيون آهن. (يعني ڪم اچڻ لاءِ تابع ڪري ڏنيون آهن) جهاز کي ڏسو، ڪيئن نه سندس حڪم سان سمنڊ ۾ ترندو هليو وڃي ٿو. وري ڪهڙيءَ طرح هن آسمان کي (يعني سيارن تارن وغيره کي) روڪي جهليو آهي، جو زمين تي ڪونه ٿا ڪرن. جيڪڏهن ڪرندا ته سندس ئي حڪم سان ڪرندا. بيشڪ الله تعاليٰ انسان جي لاءِ ڏاڍو شفيق (مهربان) ۽ وڏي رحمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ اهي شيون مسخر ڪيون جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ٻيڙي جيڪا درياءَ ۾ الله تعالى جي حڪم سان هلي ٿي، ۽ الله تعالى آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان روڪي ٿو، مگر سندس رضامندي سان (قيامت ۾ ڪري پوندو) بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي گھڻي شفقت ڪندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو ان تي نظر نه ڪئي ته سموري زمين ۾ جيڪي آهي الله تنهن کي اوهان جي اختيار ۾ ڪيو آهي ۽ ٻيڙين کي (به) جيڪي دريا ۾ سندس حڪم سان هلن ٿيون، اهو ئي آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جهلي ٿو پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪري پوندو). بيشڪ خدا ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو؟ ته بيشڪ الله مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ اهو جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ٻيڙيون هلن ٿيون سمنڊ ۾ ان جي امر سان ۽ روڪي ٿو آسمان کي متان ڪري پئي زمين تي مگر ان جي اذن سان بيشڪ الله ماڻهن سان البته ٻاجهارو مهربان آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس ۽ ٻيڙين کي به جيڪي درياءَ ۾ سندس حڪم سان هلن ٿيون، ۽ آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جهلي ٿو پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪري پوندو) بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو توهان (جي نفعي) لاءِ مطيع ڪيو آهي ۽ ٻيڙين کي به جيڪي درياءَ ۾ سندس حڪم (يعني جوڙيل قائدي سان) هلن ٿيون. ۽ آسمان کي روڪي ٿو هن ڳالهه کان جو زمين تي ڪِري پوي پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪِري پوندو.) بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ وڏي ٻاجهه ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِ نهَ وَرتئـِي ڪو ويچار؟ ته اَلله جَلَّ جَلاله، تابِع ڪيا توهان جا، جيڪِي ڀون ۾ بيشمار، پڻ واهِڻ وَهن وَھ ۾، سندس اَمرسان اِظهار، ۽ اُڀ کي ڪِرڻ کان، ڀُون مٿي، جَھلي ٿو جبار، مَگر سَندسِ مرضيءَ سان، سَچ پَچ رَبُّ سَتار، بَديون بخشڻهار، پڻ مِهربان ماڻهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66)

۽ اُھوئي آھي جنھن اوھان کي جياريو، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، بيشڪ ماڻھو بي شڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زندگي ڏني. ۽ وري موت ڏئي ٿو ۽ وري (ٻيهر) جيئاري اٿاريندو. بيشڪ انسان وڏو بي شڪر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى اهو آهي جيڪو توهان کي جياري ٿو، ان کان پوءِ توهان کي ماري ٿو ان کان پوءِ توهان کي زنده ڪري ٿو، بيشڪ انسان وڏو ناشڪر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ اهو ئي (ته قادر مطلق آهي) جنهن اوهان کي (شروع ۾ ماءُ جي پيٽ ۾) جياريو پوءِ اهو ئي اوهان کي ماريندو، وري اوهان کي (ٻيهر) جيئرو ڪندو. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان ڏاڍو بيشڪر آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اهو ئي اهو (الله) آهي جنهن زندھ ڪيو اوهان کي تنهن کان پوءِ ماريندو اوهان کي تنهن کان پوءِ جيئرو ڪندو اوهان کي بيشڪ انسان البته بي شڪر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي جياريو (ان کان) پوءِ اوهان کي ماري ٿو وري اوهان کي جيئرو ڪندو. بيشڪ انسان بي شڪر آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جنهن اوهان کي زندگي ڏني پوءِ اوهان کي موت ڏيندو پوءِ اوهان کي (دوبارو) جياريندو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جنهن اوهان کي جِياريو، ڏيئـِي جِسم جان، مارِيندان، سو وَرِي، ڪندان خفا خون خان!، وري به وُجودن ۾، وِجھندان ساھ سُبحان، آهي هِي اِنسان، بِلڪُل بي شُڪران ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67)

سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اسان هرهڪ امت جي لاءِ (عبادت جو) هڪڙو طريقو ٺهرايو آهي، جنهن تي اها امت عمل ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ماڻهن کي هن معاملي ۾ (يعني اسلام جي عبادت جي طريقن بابت) توسان جهڳڙي ڪرڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي. تون ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي طرف سڏ (ڇو ته اصل دين آهي به خدا پرستي) يقيناً تون هدايت جي سڌي رستي تي هلندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو)


هر امت لاءِ اسان هڪ شريعت مقرر ڪئي جنهن تي اهي عمل ڪندا هئا، پوءِ اهي (اهلِ ڪتاب) توهان سان شريعت جي معاملي ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ توهان (انهن کي) توهان جي رب ڏانهن سڏيو. رسولِ عربي بيشڪ توهان سنئين راه تي آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) اسان سڀ ڪنهن لاءِ هڪ طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اهي ان تي هلن ٿا پوءِ انهن کي گهرجي ته هن دين (اسلام) ۾ تو سان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پالڻهار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين.(سيد فرمان علي)


هر امت جي لاءِ بنايو اسان عبادت جو طريقو جو اهي عبادت ڪندڙ آهن ان جي مطابق پوءِ نه جهيڙو ڪن توسان (دين جي) امر ۾ ۽ سڏ تون رب پنهنجي ڏانهن بيشڪ تون البته هدايت سڌيءَ تي آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر!) سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان عبادت جو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اهي عبادت ڪندڙ آهن پوءِ انهن کي گهرجي ته هن ڪم (يعني اسلام جي طريقي) ۾ توسان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پاليندڙ ڏي (ماڻهن کي) سڏ! بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. (مولانا محمد مدني)


هر امت لاءِ اسان عبادت جو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اُهي عبادت ڪندڙ آهن پوءِ انهن کي گهرجي ته هن ڪم (يعني اسلام جي طريقي) ۾ تو سان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن (ماڻهن کي) سڏ. بيشڪ تون ئي سڌي رستي تي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسان ئي، هَر اُمّت لئي، ڪيو مَذهب مُقرر، اِهي آهن اُن مَٿي، هَلندڙ پَنهنجِي پَر، پوءِ نه ڪَن اِختلاف ڪو، توسان امر اَندر، ۽ پَنهنجي پالڻهار ڏي، سَڏين سَڀن کي سرور!، آهِين تون اَنور!، صَفا سُونهپ سَنئين مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68)

۽ جيڪڏھن توسان جھڳڙو ڪن ته چؤ جيڪي ڪندا آھيو تنھنکي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن (انهيءَ هوندي به) ماڻهو توسان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئي ڏي ته الله تعاليٰ توهان جا عمل خوب ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اهي توهان سان جھڳڙو ڪن پوءِ توهان فرمايو الله تعالى توهان جي عملن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن (اڃا به) ماڻهو تو سان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن اجايو بحث ڪن توسان پوءِ فرماءِ ته الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن توسان جهڳڙو ڪن ته تون (کين) چؤ ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اُهي تو سان جهڳڙو ڪن ته تون چؤُ ته: ”الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو اوهان جيڪي ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي تڪرار ڪن توساڻ، پوءِ چِٽو چَئو تن کي، ته سائـِين آهي سُڄاڻ، جيڪِي ڪريو جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69)

جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھن بابت قيامت جي ڏينھن الله اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان جن ڳالهين بابت هڪ ٻئي سان اختلاف ڪري رهيا آهيو، تن بابت قيامت جي ڏينهن هو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري حقيقت کي بلڪل ظاهر ڪري ڇڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى توهان جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو، انهن ڳالهين جو جن ۾ توهان اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تنهن ۾ خدا قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ (بلڪل ٺيڪ) فيصلو ڪندو.(سيد فرمان علي)


جيڪي ڪيو ٿا الله فيصلو ڪندو اوهان ۾ قيامت جي ڏينهن ان ۾ جو اوهان ان ۾ اختلاف ٿي ڪيو . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن (ڳالهه) ۾ اوهين (پاڻ ۾ ) اختلاف پيا ڪريو تنهن ۾ الله قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. (مولانا محمد مدني)


الله قيامت واري ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله اَوهان وِچ، فيصلو ڪندو قِيامت وار، هِڪ ٻِئي سان هيڪار، جنهن ۾ جھڳڙا ٿاڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70)

(اي پيغمبر) معلوم نه اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ بيشڪ اِھا (ڳالھ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آھي، بيشڪ اُھو الله کي سولو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تو کي خبر ناهي ڇا ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي اهي سڀ ڳالهيون ڪتاب ۾ لکيل آهن. ائين ڪرڻ الله جي لاءِ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه آسمان ۽ زمين ۾ آهي، بيشڪ اها ڳالهه لوحِ محفوظ ۾ آهي، بيشڪ اها ڳالهه الله تعالى تي آسان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تون نٿو ڄاڻين ته جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهي سڀ (ڳالهيون) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل موجود) آهن. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته اهو (سڀ ڪجھ) خدا لاءِ آسان آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڄاتو تو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو جيڪو آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي بيشڪ اهو ڪتاب ۾ آهي بيشڪ اهو الله لاءِ آسان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڇا تونه ڄاتو ته جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي بيشڪ الله ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو (سڀ) ڪتاب ۾ (لکيل) آهي بيشڪ اهو (سڀ) الله تي آسان آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته الله اُهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي. بيشڪ اُهو سڀ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ اُهو الله تي آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرتئـِي ڪو ويچار؟، ته اَلله جَلَّ جَلالهٗ، جيڪِي، اُڀ، زمِين ۾، سڀ جو سَمجھدار، قَلم بَند ڪِتاب ۾، اُهو سَڀ اَذڪار، مالِڪ سِر، مُختيار، اُهو سڀ آسان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71)

۽ (ڪافر) الله کانسواءِ اُنھيءَ کي پوڄيندا آھن جنھن لاءِ ڪا سند نه لاٿي اٿس ۽ (پڻ) انھيءَ کي (پوڄيندا آھن) جنھن جي کين ڪا خبر نه آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي ماڻهو الله کي ڇڏي انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن جن متعلق نڪي هن ڪا سند نازل ڪئي آهي، نڪي هنن وٽ ڪا علم جي روشني آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن کي مدد جو ڪوبه سهارو نٿو ملي سگهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي (مشرڪ) الله تعالى کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا، جنهن لاءِ ڪابه حجت ان نازل نه ڪئي آهي ۽ نه انهن کي ان جو ڪوبه علم آهي ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شيءِ کي پوڄين ٿا جنهن لاءِ خدا ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ انهن جي (حق هئڻ) جي خود کين ڪا خبر نه آهي. ۽ قيامت ۾ ته ظالمن جو ڪو مددگار نه هوندو.(سيد فرمان علي)


۽ عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ ان جي جو نه لاٿائين ان سان ڪو دليل ۽ انهن جي جو ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ۽ ناهي ظالمن جي لاءِ ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله کان سواءِ اهڙي شيءِ کي پوڄين ٿا جنهن لاءِ الله ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ اهڙيءَ شيءِ کي جنهن کي کين ڪا خبر نه آهي. ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي الله کي ڇڏي انهن (بتن) کي پوڄن ٿا جنهن جو ان (الله) ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ نه ئي وٽن ان (شرڪ جي انجام) جو ڪو علم آهي. ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهِن پوڄِيندا اُن کي، پاڪ ڌڻِيءَ کان ڌار، جَن بابت ڌڻِي دليل ڪو، نه اُتاريو اِظهار، ۽ نه ڪا اُن جِي اُنهن کي، ڪا خاصِي خَبرچار، ۽ هاڃيڪارن هارِ، واهر وَسِيلو ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72)

۽ جڏھن اسان جيون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن ڪافرن جي منھن ۾ ناراضپو معلوم ڪندو آھين، جيڪي مٿن اسان جون آيتون پڙھندا آھن تن تي ڪاھي پوڻ لاءِ ويجھا ٿيندا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته ھن کان وڌيڪ بڇڙي ڳالھ جي سُڌ اوھان کي ڏيان ڇا؟ (اُھا) باھ آھي جنھن جو الله ڪافرن کي انجام ڏنو آھي، اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن انهن ماڻهن کي اسان جون روشن آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن جن ماڻهن جي دلين ۾ ڪفر (ويهي ويو) آهي، تن جي منهن تي ناپسندي ڏسي توهان سندن انڪار ۽ نفرت جهٽ سهي ڪري سڃاڻي سگهو ٿا. ائين پيو ڏسجي ته ناراضگيءَ ۾ کامي ٽهڪي هو (آيتن) پڙهڻ وارن تي حملو ڪري ڏيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته، اوهان کي انهيءَ (اندر جي باهه) کان به وڌيڪ خراب حالت جي خبر ٻڌائي ڇڏيان؟ اها آهي ساڙيندڙ باهه (جا اڳتي هلي اوهان کي ساڙيندي) جنهن بابت الله تعاليٰ منڪرن جي لاءِ واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٽڪاڻو يا منزل ڪهڙي نه خراب ٿيندي!(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته توهان انهن ڪافرن جي مُنهن ۾ نفرت جا آثار ڏسندا (ايئن لڳي ٿو ته) اهي عنقريب انهن ماڻهن تي حملو ڪندا جيڪي انهن تي اسان جو آيتون پڙهن ٿا، رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان کي آئون ان کان وڌيڪ خراب ڳالهه جي خبر ٻڌايان، اها باه آهي، الله تعالى ان جو ڪافرن سان وعدو ڪيو آهي، ۽ (اها جهنم) تمام خراب بيٺڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) جڏهن انهن ڪافرن کي اسان جون آيتون جيڪي ظاهر ۽ روشن آهن پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته سندن منهن ۾ تون، ناراضي (جا آثار) ڏسين ٿو (ايتري تائين جو) جيڪي کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي حملو نه ڪري ويهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي ان کان به بڇڙي ڳالھ جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو) اهو جهنم آهي. جنهن (۾ وجهڻ جو) خدا ڪافرن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جاءِ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي اسان جون آيتون ته سڃاڻندين تون منهن انهن جي ۾ جن ڪفر ڪيو ناپسنديدگي ويجها آهن جو ڪاهي پون انهن تي جيڪي پڙهن ٿا انهن تي اسان جون آيتون فرماءِ ته ڇا پوءِ خبر ڏيان مان اوهان کي ان کان به بڇڙي جي، باھ وعدو ڏنو ان جو الله انهن کي جن ڪفر ڪيو ۽ (اها) بڇڙي جاءِ آهي، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبرﷺ !) جڏهن انهن کي اسان جون آيتون جيڪي ظاهر آهن پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافرن جي منهن ۾ تون ناراضپو معلوم ڪرين ٿو (ايتري تائين جو) جيڪي کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي حملو نه ڪري ويهن. (اي پيغمبرﷺ! کين) چو ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي ان کان بڇڙيءَ ڳالهه جي خبر ڏيان؟ (اها) باهه آهي. الله ان جو ڪافرن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن (ڪافرن) تي اسان جون روشن آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته تون انهن ڪافرن جي چهرن ۾ نا پسنديدگي سُڃاڻي وٺندين. لڳندو ته اهي کين اسان جي آيتن پڙهي ٻڌائڻ واري مٿان حملو ڪرڻ وارا آهن، چؤ ته ڇا اوهان کي ان کان به بري خبر ٻڌايان! اُها باهه آهي. جنهن جو الله ڪافرن سان ان جو وعدو ڪيو آهي. ۽ ڏاڍو برو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، پَڌرا اَسانجا پار، ته مَٺيان تَن جي مُنهن ۾، ٿو سُڃاڻِين سَردار!، ڦِريا جي فَرمان کان، تن تي وَرن تڪرار، جي نِيشانيون نِروار، پَڙهن اَسان جون، اُنهن مَٿي. چئو آن کي اِنهيان خراب جِي، ڇا ڏيان خبر چار؟ ته ڦِريا جي فرمان کان، اڳ اُنهن هارِ،سا ٻولِيَنِ رَبَّ ٻِيهار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73)

اي ماڻھؤ ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مَک پيدا نه ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ گھڻا گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مَک کانئن ڪا شيء وٺي ته اُھا کانئس ڇڏائي نه سگھندا، طالب ۽ مطلوب (پوڄارا ۽ بت ٻئي) ھيڻا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو! اوهان کي هڪڙو مثال ٻڌايو وڃي ٿو. غور سان ٻڌو. الله کان سواءِ جن (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي توهان سڏيو ٿا تن ته هڪ مک به ڪڏهن پيدا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن توهان جا هي سڀ معبود گڏجي زور لڳائين تڏهن به پيدا ڪري نه سگهندا ۽ جيڪڏهن هڪڙي مک انهن کان ڪجهه کسي کڻي وڃي ته هنن ۾ اها به طاقت ڪانهي جو ان کان ڇڏائي وٺن. (ظاهر آهي ته اهي) طلبگار (يعني مشرڪ ۽ بت پرست جيڪي ڪوڙن معبودن جي طلب ٿا رکن) به ضعيف آهن ته (سندن) مطلوب به ضعيف آهن. (يعني پوڄا ڪندڙ به جڏا ۽ محتاج آهن ته سندن معبود به جڏا ۽ عاجز آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو هڪ عجيب مثال ڏنو وڃي ٿو، پوءِ توهان اهو (غور ۽ فڪر سان) ٻڌو، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله کانسواءِ (ڪوڙن معبودن جي) عبادت ڪن ٿا اهي هرگز مَکِ به پيدا ڪري نٿا سگهن جيتوڻيڪ سڀ ان لاءِ گڏ ٿين، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) مک ڪا شيءِ انهن کان کسي وڃي ته ان شيءِ کي ان کان ڇڏائي نٿا سگھن، طالب (بت پرست) ۽ مطلوب (بت) ٻَئي ڪمزور آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! هڪ مثال بيان ڪجي ٿو پوءِ ان کي ڪن لڳائي ٻڌو. جن کي اوهين خدا کان سواءِ سڏيو ٿا، سي هڪ مکي به بنائي نه سگهندا جيتوڻيڪ سڀئي ان لاءِ گڏ ٿين ۽ جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شيءِ کسي وٺندي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. (مزي جي ڳالھ ته) طالب ۽ مطلوب (پوڄاري ۽ بت) ٻئي هيڻا آهن.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! بيان ڪيو ويو مثال پوءِ ڪن ڏيئي ٻڌو اهو بيشڪ اهي جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ هرگز نه پيدا ڪندا مک جيتوڻيڪ گڏ ٿين ان جي لاءِ ۽ جيڪڏهن کسيندي انهن کان مک ڪا شيءِ ته ڇڏائي نه سگهندا اها ان کان ڪمزور آهن، طلب ڪندڙ ۽ طلب ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي انسانو! هڪ مثال بيان ڪجي ٿو پوءِ ان کي ڪن لڳائي ٻڌو. جن کي اوهين الله کانسواءِ سڏيو ٿا، سي هڪ مک به بنائي نه سگهندا جيتوڻيڪ (اهي سڀئي) ان لاءِ گڏ ٿين، ۽ جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شيءِ کسي وٺندي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. طالب ۽ مطلوب (يعني پوڄاري ۽ بت) ٻئي هيڻا آهن. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! هڪ مثال ڏجي ٿو اُهو غور سان ٻڌو. بيشڪ جن (بتن)کي اوهان الله کان سواءِ پوڄيو ٿا اُهي هرگز هڪ مَکِ (به) پيدا ڪري نه ٿا سگهن توڙي جو ان (ڪم) لاءِ سڀئي گڏجي پون. ۽ جيڪڏهن انهن کان مَکِ ڪا شيءِ ڦُري وڃي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. ڪيترو بي وس آهي طالب (يعني عابد) به ۽ مطلوب (يعني معبود) به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهئا! مِثال ڏِنو وِيو، ٻُڌو سو ٻِيهار، اُهي وَڃيو جَن کي، دانهِينِ، ڌُڻِئَ ڌار، مَک نه بَنائـِينِ مُورهِين، ۽ توڻِي تِهِين هارِ، جَمع جوڙڻ تي ٿِيَنِ، هيڪاندا هَزار، ۽ سَندنِ نَذرنِياز مان، جي مَکه کَسٖي مِقدار، ته سَگهن نه وَٺِي اُن کان، واپس لِکه لَغار، هِڪ جِهڙا هِيڻا ٻَئـِي، مِيون ۽ مَڱڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74)

جھڙو الله جو قدر آھي (تھڙو) سندس قدر بجاءِ نه آندائون، بيشڪ الله ڏاڍو غالب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ جي بلند مرتبي جي جيڪا عزت ڪرڻ گهرجي سا اهي (مشرڪ بت پرست) نه ڪري سگهيا. هو ته هر طرح جي قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن الله تعالى جو، ڪَماحَقُّہٗ قدر نه سڃاتو، بيشڪ الله تعالى وڏي طاقت وارو غالب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهرجي اهڙو قدر انهن نه ڪيو. بيشڪ خدا ته تمام زبردست غالب آهي.(سيد فرمان علي)


نه قدر ڪيائون الله جو حق قدر ڪرڻ ان جي جو بيشڪ الله البته قوي غالب آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله جو قدر نه ڪيائون جهڙو سندس قدر ڪرڻ جو حق آهي، بيشڪ الله طاقت وارو (۽) زبردست آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن الله جو قدر نه ڪيو جهڙو سندس قدر ڪرڻ جو حق آهي. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سُڃاتئون نه، حق سُڃاڻڻ جو، صاحب، کي سَتار، ڪَرارو ڪَلتار، جابِر ڪُل جَھان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75)

الله ملائڪن ۽ ماڻھن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرشتن مان ڪن کي پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي پسند ٿو ڪري. ۽ ساڳيءَ طرح ڪن انسانن کي به (پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي کڻي ٿو جن کي رسول يا پيغمبر ڪوٺجي ٿو) بيشڪ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى ملائڪن ۽ انسانن مان رسول منتخب ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرشتن مان ڪن کي پنهنجا پيغام پهچائڻ لاءِ چونڊيندو آهي ۽ (اهڙي طرح) انسانن مان به، بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي (۽ سڀ) ڏسي ٿو.(سيد فرمان علي)


الله منتخب ٿو فرمائي ملائڪن مان قاصد ۽ ماڻهن مان بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله ملائڪن مان ۽ ماڻهن مان پيغام پهچائڻ وارا چونڊي ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


الله ملائڪن مان پيغام پهچائڻ وارا چونڊي ٿو ۽ ماڻهن مان به. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الله جَلَّ جَلالَہٗ، آهي ڪندو اِختيار، ڪي مَلڪن، ڪي ماڻهن مان، مُرسل مڻيادار، سُڻندڙ رَبُّ، ستار، ڏِسندڙ ساري ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76)

جيڪي سندن اڳيان ۽ سندن پويان آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو ڄاڻي ٿو جيڪي به هنن کي (اڳتي هلي) پيش اچڻو آهي، ۽ جيڪي به هنن سان اڳي ٿي گذريو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي آخري ڏوري سندس ئي هٿ ۾ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(اهو) ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي، الله تعالى ڏانهن سڀئي ڪم موٽايا وڃن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان (ٿي گذريو) آهي تنهن کي (خدا چڱي طرح) ڄاڻي ٿو، ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(سيد فرمان علي)


ڄاڻي ٿو اهو جيڪو اڳيان انهن جي آهي ۽ جيڪو پويان انهن جي آهي ۽ الله ڏانهن موٽايو وڃن ٿا سڀ امر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو، ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (مولانا محمد مدني)


اهو ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان آهي ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي. ۽ سڀ ڪم ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪِي اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ آخِر پَرور پارِ، موٽڻ مِڙئـِي معامِلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77)

اي ايمان وارؤ رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.(علامه تاج محمود امروٽي)


مومنؤ! رڪوع ۾ جهڪو، سجدي ۾ ڪري ڪري پئو، پنهنجي پروردگار جي ٻانهپ ڪيو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪيو. عجب ناهي ته ائين ڪرڻ سان اوهان ڪامياب ۽ بامراد ٿيندؤ (يعني دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪندؤ).(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو ! توهان رڪوع ڪريو ۽ سجدا ڪريو ۽ توهان پنهنجي رب جي عبادت ڪريو ۽ خير جا ڪم ڪريو ته توهان يقيناً نجات حاصل ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪريو ۽ ڀلائي ڪريو ته من اوهان ڪامياب ٿيو.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! رڪوع ڪيو ۽ سجدو ڪيو ۽ عبادت ڪيو پنهنجي رب جي ۽ ڪندا رهو ڀلا ڪم تانته اوهان ڪامياب رهو. . السجدة(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارؤ! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي عبادت ڪريو ۽ ڀلائي ڪريو مَنَ اوهان جو ڀلو ٿئي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! اوهان رڪوع ڪيو ۽ سجدو ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيو ۽ نيڪ ڪم ڪيو تان ته توهان ڪامياب ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي آندو جن ايمان!، نَمو ۽ سِر نائيو، ۽ پُوڄيو پَنهنجي ربَّ کي، جو مالِڪ مِهربان، ۽ نيڪي ڪريو ته، مانَ!، مَن مُرادون ماڻِيو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78)

۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله جي راهه ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايو. ان جي راهه ۾ بي انتها ڪوشش ڪرڻ جو جيڪو حق آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻيو. الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي وڏي فضيلت لاءِ چونڊي کنيو آهي، ۽ توهان جي لاءِ دين ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي (يا تڪليف) ڪانه رکي اٿس. توهان کي اهوئي (سنئو سڌو) طريقو ڏسيو ويو آهي، جو توهان جي پيءُ حضرت ابراهيم جو هو. الله تعاليٰ توهان جو نالو مسلم رکيو آهي. اڳوڻن زمانن ۾ به ۽ (قرآن) ۾ به ۽ اهو هن لاءِ ڪيائين ته رسول(ﷺ) اوهان جي لاءِ (حق جو) شاهد ٿئي (يعني حق سيکاري) ۽ توهان وري سڀني انسانن جي لاءِ (حق سيکاريندڙ ٿيو). تنهن ڪري توهان نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ زڪوات جو بندوبست رکو. الله جو سهارو مضبوط جهليو. اهوئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ جنهن جو ڪارساز الله ٿيو، تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار!(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان الله جي راه ۾ حقيقي جهاد ڪريو، ان توهان کي پنهنجي دين لاءِ منتخب ڪيو ۽ ان (الله) توهان جي مٿان دين ۾ ڪا تنگي پيدا نه ڪئي، توهان پنهنجي ڏاڏي (حضرت) ابراهيم جي دين تي هلو، الله تعالى توهان جو نالو اڳين ڪتابن ۽ قرآن ڪريم ۾ مسلمان رکيو آهي، ان لاءِ ته رسولِ عربي توهان تي شاهد هجي ۽ توهان اڳين ماڻهن تي شاهد هجو پوءِ توهان نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله تعالى تي ڪامل يقين رکو اهو توهان جو موليٰ آهي، پوءِ (اهو) بهترين موليٰ آهي ۽ بهترين مددگار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو حق جهاد ڪرڻ جو آهي خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ان اوهان کي پسند ڪيو ۽ اوهان تي دين ۾ ڪا سختي نه ڪئي اٿس. اوهان جي پيءُ ابراهيم جي ملت کي (اوهان لاءِ مقرر ڪئي اٿس). ان (خدا) اوهان جو اڳي ئي مسلمان (فرمانبردار) نالو رکيو ۽ هن قرآن ۾ به) (ته جهاد ڪريو) هن لاءِ ته رسول اوهان تي شاهد ٿئي ۽ اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. پوءِ اوهين نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا جي (حڪمن کي ئي) مضبوط جهليو. اهو ئي اوهان جو سرپرست آهي. پوءِ (اهو ڪهڙو) چڱو سرپرست آهي ۽ ڪهڙو چڱو مددگار آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جهاد ڪيو الله جي (واٽ) ۾ ان جي جهاد جو حق، ان برگزيدو بنايو اوهان کي ۽ نه ڪيائين اوهان تي دين ۾ ڪا ڏکيائي دين پيءُ اوهان جي ابراهيم جو انهيءَ نالو رکيائين اوهان جو مسلمان اڳ ۾ ۽ هن ۾ تانته هجي رسول شاهد اوهان تي ۽ هجو اوهان شاهد ماڻهن تي پوءِ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪـٰوة ۽ مضبوطيءَ سان وٺو الله جي دين کي اهو ئي مددگار اوهان جو آهي پوءِ ڀلو آهي مولا ۽ ڀلو آهي مددگار. .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله جي رستي ۾ ڪوشش ڪريو جهڙو ان جي رستي ۾ ڪوشش ڪرڻ جو حق آهي. اُن اوهان کي پسند ڪيو ۽ اوهان تي دين ۾ ڪا سختي نه ڪئي اٿس. اوهان جي پيءُ ابراهيم جو دين (اوهان لاءِ مقرر ڪيو اٿس). اُن (الله) هن کان اڳ (اڳين ڪتابن ۾ ) ۽ هن (قرآن) ۾ اوهان جو نالو مسلمان (فرمانبردار) رکيو آهي، هن لاءِ ته رسول اوهان تي شاهد ٿئي ۽ اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. پوءِ اوهين نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله کي مضبوط جهليو. اهو اوهان جو مالڪ آهي. پوءِ (اهو) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ الله (جي محبت ۽ سندس دين جي خدمت) ۾ جهاد ڪيو جيئن ان جهاد جو حق آهي. ان اوهان کي چونڊيو آهي ۽ ان اوهان تي دين ۾ ڪا تنگي ڪانهي فرمائي. (اُهو) اوهان جي پيءُ ابراهيم جو دين آهي. ان (الله) اوهان جو نالو ”مسلمان“ رکيو آهي ان کان اڳ (وارن ڪتابن ۾) به هن (قرآن) ۾ به ، هن لاءِ جو رسولِ (عربي ﷺ) اوهان مٿان شاهد ٿئي ۽ اوهان انسانن مٿان شاهد ٿيو، پوءِ (ان شڪراني ۾) نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله (جي رَسي) کي مضبوطي سان پڪڙيو. اُهو اوهان جو مددگار آهي، پوءِ اُهو ڀلو ڪارساز آهي ۽ ڀلو مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جُنبو، جُنبن جِھڙو، راھ ۾ رحمان، اُنهيءَ ڌُئو دُنيا وِچان، آن کي، سِين اِحسان، دانا اَهنجي دِين ۾، تنگِي ڪئـِي ڪا نه، اَهنجي اَبي اِبراهيم جو، دِين دَرجَھان، اُنهيءَ اوهان کي ڪوٺيو، مَهندئـِي مُسلمان، پڻ اوهان کي هِن ۾، ڪوٺيو مَنجھ قُران، تان هُجي گواه اَوهان تي،نَبِي نُورنيشان، ۽ اَوهين شاهِد ماڻهن تي، بِيهو بي گُمان، ۽ پڙهو نمازون پُوريون، ۽ ڏيو ڏکين کي ڏان، چَنبڙي پئو، دل جان سان، ڌڻيءَ، کي ڌيان، آهي اِهو اَوهان جو، مَولىٰ مِهربان، پوءِ سائـِين سو سُبحان، پڻ واهرُو واھ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017