القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 40 سُوۡرَۃُ الۡبَقَرَۃِ مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 286


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الم (آيت : 1)

الٓمٓ(علامه تاج محمود امروٽي)


الف لام ميم(علامه علي خان ابڙو)


الۗمّۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الم(سيد فرمان علي)


الف لام ميم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الٓـمّٓ. (مولانا محمد مدني)


الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الٓمّٓ جِي، پرور کي پَروڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2)

ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي(علامه تاج محمود امروٽي)


هيءُ (خدائي) ڪتاب آهي ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. خدا کان ڊڄندڙن پرهيزگارن لاءِ (سعادت جي) راه کولي ڏيکاريندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪا به شڪ جي جاءِ ناهي، انهيءَ ۾ هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهو ئي (خدا جو) ڪتاب آهي (جنهن جي اوهان کي خبر آهي) هن ۾ (ڪنهن قسم جي) شڪ ۽ گمان جي جاءِ نه آهي. هي پرهيزگارن جو رهنما آهي.(سيد فرمان علي)


هيءُ (شان وارو) ڪتاب ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي (هي) هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هي ڪتاب آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. (هيءَ) رهنمائي آهي پرهيزگارن لاءِ، (مولانا محمد مدني)


(هيءُ) اهو ڪتاب آهي جو ڪو شڪ نه آهي.. ان ۾ .. هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ليک اهوئي لوڪ ۾، منجھس شڪ نه مور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3)

جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي غيب (جي حقيقتن) تي ايمان رکن ٿا ۽ نماز تي محڪم رهن ٿا. ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان کي (نيڪي جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا غيب تي ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


جيڪي ايمان آڻين ٿا غيب تي ۽ صحيح ادا ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو روزي ڏني اسان انهن کي خرچ ڪندا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا، ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا، (مولانا محمد مدني)


اهي (پرهيزگار) ماڻهو جيڪي ڳُجهه تي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪارڻ ڪِرياتن جي، هدايت حضور، جي پر پٺ مڃين، ۽ پوريون پڙهن نمازون نور، ۽ تنهن زر مان ڏينِ ضرور، جو ڏات ڏنوسون انهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4)

۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي توتي نازل ٿيل وحي تي ايمان آڻين ٿا ۽ پڻ انهن تي جي توکان اڳي (ٻين رسولن تي) نازل ٿيا ۽ ان سان گڏ آخرت جي زندگي جو به دل ۾ يقين رکن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آهي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي ئي آخرت جو به يقين رکن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪي ايمان آڻين ٿا ان تي جو (اي حبيب!) نازل ڪيو ويو آهي اوهان تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو آهي اوهان کان اڳ ۾ ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي ان تي يمان آڻين ٿا جيڪي توڏي (اي رسول) لاٿو ويو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي ۽ اُهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن ) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (ڪلامِ الاهي) تي جيڪو توکان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي مِڙئي مڃينِ، جو توئي اُتاريوسون، ڪِ تُوهان اڳ، پڪ رکن پر لوڪ جِي، جو اڃا اڳي جَڳ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5)

اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اهي ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي (ڏيکاريل) رستي تي (هلندڙ) آهن، ۽ اهي ئي (دنيا ۽ آخرت جي) ڪاميابي ۽ نعمتون ماڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


اهي ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(سيد فرمان علي)


اهي ئي هدايت تي آهن پنهنجي رب جي (توفيق سان) ۽ اهي ئي (ٻنهي جهانن ۾) ڪامياب آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پاليندڙ جي طرفان آهي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (مولانا محمد مدني)


اهي ئي پنهنجي پالڻهار جي طرفان هدايت تي آهن، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اهي سندن سائين کان، مٿي سئين دڳ، ۽ اهي سوڀون سوين لڳ، ماڻڻ وارا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6)

بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر اهي ماڻهو جي (ڄاڻي ٻجهي بغض يا خود غرضي سببان حقيقتن کان) انڪار ٿا ڪن ته پوءِ تون انهن کي (حق کان انڪار ڪرڻ جي برن نتيجن کان) ڊيڄارين ۽ خبردار ڪرين يا نه ڪرين، هو هرگز ڪين مڃيندا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو برابر آهي انهن لاءِ توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اهي ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي.(سيد فرمان علي)


بلاشڪ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون برابر آهي انهن لاءِ تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (اهي) نه ايمان آڻيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي. اهي ايمان نه آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جي ڪفر (اختيار) ڪري چُڪا انهن لاءِ هڪ جهڙو آهي جو تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين، اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي ڦريا کون فرمان، ساڳي آهي اُنهن مٿي، ته ڏيـينِ، توڻي نه ڏيينِ، ڪو خوف اُنهن کي خان! نه آڻيندا ايمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7)

الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن جي دلين ۽ ڪنن تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (هو نه سمجهندا نه ٻڌندا) ۽ هنن جي اکين تي پردا چڙهي ويا آهن. انهن لاءِ سخت عذاب (تيار ڪيل) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى انهن جي دلين تي ۽ ڪنن تي مُهر لڳائي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر (نشاني) هنئي آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا ۽ سندن اکين تي پردو (پيل) آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


مہر هنئي الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي پردو آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر هنئي آهي. ۽ سندن اکين تي پردو آهي. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


الله مُهر هنئي آهي انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي، ۽ انهن جي اکين تي پردا (پيل) آهن ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سِيل سندن، سِيل ڪيا، هَئين مُهر منان. ۽ اٿن ڪنن ۽ اکين تي، پردا ڪي پنهان، ۽ ڀنڀٽ بي گمان، آهي وڏو ڪو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8)

۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکون ٿا، مگر سچ پچ هو مومن ناهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪي ماڻهو اهي آهن جيڪي چون ٿا ايمان آندو اسان الله تعالى تي ۽ قيامت تي ۽ اهي ايمان وارا نه آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن.(سيد فرمان علي)


۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو چون ٿا ته ايمان آندو اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ نه آهن اهي ايمان وارا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ ماڻهن مان ڪي چون ٿا: ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي“، حالانڪه اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي ماڻهون چون، ته مڃيون سون صاحب رب ستار، پڻ آخر، اُهکي وار، ۽ اُهي مؤمن ناهنِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9)

الله ۽ مومنن کي دلبو ڏيندا آھن، ۽ حالانڪ پاڻ کان سواءِ (ٻئي ڪنھن کي) دلبو نه ڏيندا آھن ۽ نه سمجھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏيڻ ٿا چاهين پر حقيقتاً هو پاڻ ئي ڌوڪي ۾ آهن، اگرچه (ناداني ۽ هٺ سببان ڏسن ۽ سمجهن نٿا.)(علامه علي خان ابڙو)


اٽڪل ڪن ٿا الله تعالى ۽ مؤمنن سان ۽ نٿا اٽڪل ڪن حقيقت ۾ مگر پنهنجن نفسن سان ۽ نٿا سمجهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي خدا ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. در اصل اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالھ کي) نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي)


ٺڳڻ ٿا گهرن الله کي ۽ مؤمنن کي ۽ (حقيقت ۾) نه ٿا ٺڳي ڪن مگر پنهنجي پاڻ سان ۽ نه ٿا سمجهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. حقيقت ۾ اهي پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نه ٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالهه) کي نه ٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


اهي دوکو ڏيڻ چاهن ٿا الله کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ پر (اصل ۾) اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ اهي (ان ڳالهه جي) سمجھه ئي نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڌوڪو ڏينِ ڌڻئ کي ۽ ٻيو آندو جن ايمان، ۽ نه ٺڳـينِ، مگر پاڻ کي، ٻِي ڪُپت هلندينِ ڪانه، ۽ نـتيجو نڌان، مورک نه سمجھن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10)

سندن دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي، ۽ انھيءَ ڪري جو (ھو) ڪُوڙ ڳالھائيندا آھن انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي، پوءِ خدا هنن جي مرض کي وڌائي ٿو ۽ هنن تي سخت عذاب ڪيو ويندو ڇو ته هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جي دلين ۾ مرض آهي، پوءِ الله تعالى انهن جي بيماري کي وڌايو ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب انهيءَ ڪري آهي جو اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سندن دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي پوءِ خدا انهن جي بيماري وڌائي. ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو (اهي) سدائين ڪوڙ ڳالهائيندڙ رهيا آهن.(سيد فرمان علي)


انهن جي دلين ۾ بيماري آهي پوءِ وڌائي الله انهن جي بيماري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ان جي ڪري جو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سندن دلين ۾ (ڪوڙ جي) بيماري آهي پوءِ الله انهن جي بيماري وڌائي ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو هميشه ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهن. (مولانا محمد مدني)


انهن جي دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله به انهن کي بيماريءَ ۾ وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، هن ڪري جو اهي ڪوڙ چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


روڳ جن جي رڳن ۾، پوءِروڳ وَڌاينِ رب، ڪن ڪوڙ،تنهن سبب، اُنهن لئي، سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11)

۽ جڏھن کين چئبو آھي ته مُلڪ ۾ فساد نه وجھو، چوندا آھن ته اسين سڌاريندڙ ئي آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ بگاڙو ۽ فسادن مچايو (بدعمليون نه ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته اسان ڪم سنوارڻ وارا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته زمين ۾ فساد نه ڪريو چون ٿا اسين ته امن پسند آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه وجهو ته چون ٿا اسين سڌارو ڪندڙ ئي آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته نه فساد ڪيو زمين ۾ ته چون ٿا ته اسين ئي ته اصلاح ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ فساد نه وجهو، چون ٿا اسين ته سڌارو ڪندڙ ئي آهيون. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪيو ته چيائون: ”اسان ته صرف اصلاح ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چئجينِ جڏهن ته، زمين ۾، وجھو ڪين وڳوڙ، چي، اسين ته صفا صلح جا، طالب آهيون توڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12)

خبردار! اِھي پاڻ فسادي آھن پر نه سمجھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خرابيون پکيڙين ٿا، اگرچه (ناداني سببان) ڏسن ۽ سمجهن نٿا.(علامه علي خان ابڙو)


خبردار ! بيشڪ اِهي ئي فساد ڪندڙ آهن پر نٿا سمجهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوشيار رهو! اهي ئي فسادي آهن پر (اهي ان راز کي) نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


خبردار بيشڪ اهي ئي فساد ڪندڙ آهن ۽ پر نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوشيار رهو ! اهي ئي فسادي آهن پر نه ٿا سمجهن. (مولانا محمد مدني)


خبردار! بلاشڪ اِهي ئي فسادي آهن ۽ پر اهي سمجھه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سمجھ، سيئي ڦيٽوڙ، پر نه پڙوينِ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13)

۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جھڙي طرح ٻـين ماڻھن ايمان آندو آھي (تھڙي طرح اوھين به) ايمان آڻيو (تڏھن) چوندا آھن ته جئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار، اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي تيئن توهان به ايمان آڻيو، تڏهن هو چون ٿا ته ڇا اسان به اهڙيءَ طرح ايمان آڻيون، جهڙيءَ طرح هنن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ ياد رکو ته هو پاڻ بيوقوف آهن مگر (ناداني ۽ هٺ سببان) اها ڳالهه نه ٿا ڄاڻن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته ايمان آڻيو توهان جيئنڪِ ايمان آندو مؤمنن چون ٿا ڇا ايمان آڻيون اسان جيئنڪ ايمان آندو بي سمجهن، خبردار ! بيشڪ اِهي اهي بي وقوف آهن پر نٿا ڄاڻن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چون ٿاته ڇا اسين ائين ئي ايمان آڻيون جيئن ٻين بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو! اهي ئي بيوقوف آهن پر نٿا سمجهن.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو جيئن ايمان آندو (ٻين) ماڻهن ته چون ٿا ته ڇا ايمان آڻيون اسين جيئن ايمان آندو بيوقوفن؟ خبردار تحقيق اهي ئي بيوقوف آهن ۽ پر نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي چون ٿا ته ڇا اسين ايمان آڻيون جيئن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو اهي ئي بيوقوف آهن پر نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن به کين چيو ويو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چيائون: ”ڇا اسان ائين ايمان آڻيون جيئن بي وقوفن ايمان آندو آهي“؟ خبردار بلاشڪ اهي ئي بي وقوف آهن ۽ پر اهي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چئجينِ جڏهن ته، مڃيو، جيئن ماڻهن مڃيو مور، چي، اسين مڃيون ڪيئن اُنهن جيئن، جي ڀورا بي شعور، پاڳل اِهي پروڙ، سچ پچ، سوچينِ ڪين ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14)

۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسان ايمان آندو آھي، ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن (سردارن) کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسين (پر ۾) اوھان سان آھيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن هي ماڻهو انهن ماڻهن سان ملن ٿا جن (حق جي دعوت تي) ايمان آندو آهي تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندوآهي، پر جڏهن پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ويهن ٿا، تڏهن چون ٿا ته اسان توهان سان شامل آهيون ۽ اسان (هنن وٽ پاڻ کي مومن سڏائي ساڻن) مسخري ٿا ڪريون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت مؤمنن سان ملن ٿا چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿي پنهنجن ڪافرن ڏانهن وڃن ٿا، انهن کي چون ٿا اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين ته فقط چَٿَر ڪندڙ آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ملن ٿا ايمان وارن سان ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا پنهنجن شيطانن وٽ ته چون ٿا ته تحقيق اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين صرف (انهن تي) چٿر ڪندڙ آهيون.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا چون ٿا ته اسان ايمان آندو. ۽ جڏهن پنهنجن شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان سان آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) مسخري ڪريون ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اهي (منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ته اوهان سان گڏ آهيون اسان رُڳو (مسلمانن سان) ٺٺول ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن گَڏيا اُنهن کي، آندو جن ايمان، چي، آيا سون ايمان ۾، آهيون مُسلمان، ۽ جڏهن سَندنِ شيطانن سان، مِليا خُلاصا خان، چي، اسِين اوهان سان آهيون، ميڙِهي مهربان، آهيون اَسان، تن عيان، ٺلهيون ڪندڙ ٺٺوليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15)

الله ساڻن چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي پنھنجي سرڪشي ۾ ڊيگھ ڏيندو آھي جو عقل جا انڌا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(حقيقتاً) خود هنن سان مسخري ٿي رهي آهي جو الله تعاليٰ کين ڊگهو رسو ڏنو آهي جنهن ڪري پنهنجي سرڪشيءَ ۾ انڌا ٿي هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى، مذاق جي جزا ڏئي ٿو انهن کي ۽ ڊيگهه ڏي ٿو انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ جو اهي حيران رهن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي ڇا کل مسخري ڪندا) خدا (خود) انهن سان کلون ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڍر ڏئي ٿو ۽ حالت هي آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن.(سيد فرمان علي)


الله چٿر جي سزا ڏيندو انهن کي ۽ ڍر ٿو ڏئي انهن کي پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله انهن سان مسخري ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ ڍَرَ ڏئي ٿو ۽ حالت هيءَ آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن. (مولانا محمد مدني)


الله انهن کي ٺٺول جي سزا ڏئي ٿو ۽ انهن کي مُهلت ڏئي ٿو اهي پنهنجي سرڪشي ۾ (انڌن وانگر) ڀٽڪي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏاتر سِگھو ڏينِ، ڀوڳ اُنهِئ کِل ڀوڳ جو، ۽ اِن لـئي ڇَيڪ ڇَڏينِ، پِيا منجھن، سندن مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16)

اِھي اُھي آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ڳڌي، پوءِ سندن واپار کين فائدو نه ڏنو ۽ نڪي اُھي ھدايت وارا ٿيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي آهي. پر نڪي هنن جو سودو فائديمند نڪتو آهي نه ڪي هدايت تي قائم رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ نه ڪامياب ٿيو واپار انهن جو ۽ نه ئي کين واپار ڪرڻ آيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار فائدو ڏنو ۽ نڪي انهن هدايت ئي حاصل ڪئي.(سيد فرمان علي)


اهي ئي آهن جن خريد ڪئي گمراهي هدايت جي بدلي پوءِ نه نفعي واري ٿي انهن جي تجارت ۽ نه هئا هدايت وارا ٿيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اِهي اُهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار کين فائدو ڏنو ۽ نڪي اهي رستو لهندڙ ٿيا. (مولانا محمد مدني)


هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ انهن جو سودو نفعي وارو نه ٿيو ۽ نه اُهي هدايت وارا ٿيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن سوديو، سُونهپ تي، مونجھاري جو مال، پوءِ سَندنِ سودي، سُود ڪو، بخشيَنِ ڪِين بحال، ۽ ڪينهن، سي ڪُلال، روڻـا وَهِين واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17)

سندن مثال انھيءَ جي مثال جھڙو آھي جنھن باھ ٻاري، پوءِ جنھن مھل باھ پنھنجي آس پاس کي روشن ڪيو (تنھن مھل) الله سندن سوجھرو اجھايو ۽ کين اونداھيءَ ۾ ڇڏي ڏنائين جو نه ڏسن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي ماڻهو (رات جي اونداهيءَ ۾ واٽ ڀلجي) باهه ٻاري، پر جڏهن (باهه جي شعلن سان) آسپاس روشني ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ اها باهه وسائي ڇڏي ۽ روشني هلي ويئي ۽ هنن کي اهڙي اوندهه ۾ ڦٽو ڪيائين جو ڪجهه به ڏسي نه سگهيا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باه کي ٻاريو، پوءِ جڏهن آس پاس روشني ٿي، الله تعالى انهيءَ روشني کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو ڪجهه نٿا ڏسن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي، جنهن (رات جي وقت مجمع ۾) باھ ٻاري پوءِ جڏهن باھ ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته خدا سندن روشني کي گم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو نٿا ڏسن.(سيد فرمان علي)


انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن باهه ٻاري پوءِ جڏهن روشن ڪيائين انهن جي آس پاس کي ته کسيو الله انهن جي نور کي ۽ ڇڏيائين انهن کي انڌيرن ۾ نه ٿا ڏسن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي جنهن باهه ٻاري. پوءِ جڏهن باهه ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته الله سندن روشنيءَ کي گم ڪري ڇڏيو. ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين، جو نه ٿا ڏسن. (مولانا محمد مدني)


انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باهِه ٻارِي، پوءِ جڏهن انهيءَ (باهه)انهن جي آس پاس کي چمڪائي ڇڏيو ته الله انهن جي روشني کسي ورتي ۽ انهن کي اونداهين ۾ (ائين) ڇڏي ڏنائين جو ڪجهه نه ٿا ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حال اُنهن جو، اُن جِيئن، ته ٻارئـِين باه ٻيهار، پوءِ چِمڪِي جڏهن چوڌار، ته سائـِين نِيَنِ سوجھرو. ۽ ڇڏينِ اُونداهين ۾، ڪجھ ڪِين ڏِسنِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18)

(اُھي) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن پوءِ اُھي نه موٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي پيا، تنهن ڪري هو (منافقي ۽ ڪفر جي اونده مان) موٽي نٿا سگهن.(علامه علي خان ابڙو)


(اهي) ٻوڙا گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه موٽندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي) ٻوڙا آهن، گونگا آهن (۽) انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا.(سيد فرمان علي)


ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اهي نٿا موٽن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهي) ٻوڙا آهن گونگا آهن انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا. (مولانا محمد مدني)


اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اُهي (حق ڏانهن) نه ٿا موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻوڙا ٻُڌن ڪِينڪِي، گـنگا ڪِين ڪُڇنِ، اَنڌا کان اکينِ، پوءِ ڪِيئن وَرنِ، سي واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19)

يا (سندن مثال اُنھي) آسماني برسات (وارن) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گوڙ ۽ وڄ ھجي، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾، ڪڙڪن کان موت جي ڀَو ڪري وجھن، ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا وري انهن ماڻهن جو مثال آسمان ۾ برسات سان ڀريل ڪڪر وانگر آهي جنهن سان گڏ اونداهيءَ جا تهه، گجگوڙ ۽ کوڻ جا تجلا هوندا آهن. اهي منافق (ان وقت برسات جي رحمت کان خوش ٿيڻ جي بدلي) ڪڪرن جي گجگوڙ کان موت جو ڊپ سمجهي دهلجي وڃن ٿا ۽ ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا پر الله تعاليٰ ته (هر حال ۾) ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


يا مِينهن جي مثال جيڪو آسمان مان وسي ٿو انهيءَ ۾ اونداهي ۽ گوڙ ۽ وڄ آهي، اهي پنهنجون آڱريون ڪڙڪن کان پنهنجي ڪنن ۾ وجهن ٿا، موت جي خوف کان، ۽ الله تعالى ڪافرن کي گرفت ڪندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ ڳوڙ ۽ وڄ هجي. اهي گجگوڙ جي ڪري موت جي خوف کان پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ خدا ڪافرن کي (چوڌاري) گهيرو ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


يا زور سان وسندڙ مينهن وانگر آسمان (جي ڪڪر) مان انهيءَ ۾ اونداهيون آهن ۽ گوڙ ۽ وڄ ۽ وجهن ٿا آڱريون پنهنجون پنهنجن ڪنن ۾ سببان ڪڙڪن جي موت جي ڊپ کان ۽ الله گهيرو ڪندڙ آهي ڪافرن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ گوڙ ۽ وڄ هجي. اهي ڪڙڪن جي ڪري موت جي ڊپ کان پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


يا (انهن جو مثال) آسمان کان وسندڙ مينهن (۾ ڦاٿل ماڻهن) وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون ۽ گجگوڙ ۽ وِڄُ آهي، ته اهي ڪڙڪاٽ جي سبب موت جي ڊپ کان پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ڏين ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يا اُڀ کان، مثال مِينهن جي، جنھن ۾ وِڄ، ڪڙڪو، ڪار، ڪَنن سَندنِ ۾ آڱريون، ڪَن پئا ڪڙڪي هار، خاص مرڻ جي خوف کان؛ ۽ صاحب رب ستار، چوڪِي آھ چوڌار، ڪُوڙن ڪافرن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20)

وڄ سندن اکين (جي سوجھري کي) اُمالڪ کسڻ تي ھُجي، جڏھن انھن لاءِ چمڪي ته منجھس ھلن ٿا، ۽ جڏھن مٿن اوندھ ڪري تڏھن بيھي رھن ٿا، ۽ جيڪڏھن الله گھري ته سندن اکيون ۽ سندن ڪن ضرور وڃائي ڇڏي، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بجليءَ جي چمڪ ذري گهٽ هنن جي بينائي (يعني ڏسڻ جي طاقت) ڪڍي وٺي ٿي. جڏهن جڏهن اها چمڪ هنن کي روشني ڏئي ٿي تڏهن هو اڳتي هلن ٿا ۽ جڏهن وري اوندهه ٿي وڃي ٿي تڏهن بيهي ٿا رهن جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ها. بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ تي قدرت آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.(علامه علي خان ابڙو)


ويجهي ٿئي ٿي وڄ جو سندن نگاهن کي ختم ڪري، جڏهن ڪجهه روشني ٿئي ٿي ته انهيءَ ۾ پنڌ ڪن ٿا، ۽ جڏهن اونداهي ٿئي ٿي ته بيهن ٿا، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ته سندن ڪن ۽ اکيون ختم ڪري ڇڏي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وڄ سندن نگاھ کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان جي (روشني ) ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن (وري) مٿن اوندھ ٿئي ٿي ته (گهٻرائجي) بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏين ها. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءَءَ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


ويجهي آهي کنوڻ جو جهڙپي اکين انهن جي کي - جڏهن جو روشني ڪيائين انهن جي لاءِ ته پنڌ ڪيائون ان (جي روشنيءَ) ۾ ۽ جنهن وقت اونداھ ڪيائين انهن تي ته بيهي رهيا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کسي وٺي ها انهن جي ڪنن ۽ انهن جي اکين کي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وڄ انهن جي اکين کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان ۾ هلڻ لڳن ٿا. ۽ جڏهن مٿن اوندهه ٿئي ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏي ها. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


(ڄڻڪ) اجهو ٿي وِڄُ انهن جون اکيون کسي وٺي. جڏهن انهن لاءِ چمڪي ٿي ته ان (جي روشني) ۾ هلڻ لڳن ٿا، ۽ جڏهن انهن تي اونداهُه ڪري ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن جا ڪَنَ ۽ اکيون کسي وٺي ها. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وِڄ اکيون اُنهن جون، جھٽي، ڏيِئي جَھلڪار، چَليا سَندسِ چِمڪار تي، وَرِي جھڙي وار، ۽ اُڀا جڏهن اُونداھ ٿي؛ گُھريو هُوند غفار، ڪن ۽ اکيون اُنهن جون، نيائـِين نبار، صاحب ربُّ، ستار، قادر، هرڪم ڪارتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21)

اي ماڻھؤ پنھنجي انھيءَ پالڻھار جي عبادت ڪريو جنھن اوھان کي ۽ جي اوھان کان اڳ هُئا تن کي پيدا ڪيوته مانَ اوھين ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو، جنهن اوهان کي خلقيو ۽ انهن کي خلقيو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. (انڪري مهربان، رحيم، پالڻهار خالق جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو) ته من گناهن کان بچي نيڪيءَ جي راهه وٺو. (۽ دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ماڻيو).(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو پنهنجي رب جي عبادت ڪريو اهو رب جنهن توهان کي ۽ توهان کان اڳين کي پيدا فرمايو انهي اميد ۾ جو توهان ۾ خدا ترسي پيدا ٿئي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي بندگي ڪريو. جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جيڪي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي. من اوهين پرهيزگار ٿيو.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! عبادت ڪيو پنهنجي رب جي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ انهن کي جو اوهان کان اڳ هئا تانته اوهان تقوى وارا ٿيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي انسانو ! پنهنجي پاليندڙ جي بندگي ڪريو جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيو، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهن کي به (پيدا ڪيائين) جيڪي اوهان کان اڳ هئا، تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي ماڻهئا! پوڄيو مورهين، پنهنجو پالڻهار، جنهن اوهان کي، ڪِ اڳ اوهان کان، جوڙيا سڀ جنسار، اِنهئَ اميد آسري، ته ڏرو ڀر ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22)

جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ آسمان کي ڇت، ۽ (مينھن جو) پاڻي آسمان کان وسايائين پوءِ اُن سان (ھر جنس جي) ميون منجھان اوھان لاءِ روزي پيدا ڪيائين، پوءِ اوھين ڄاڻ ھوندي الله سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ پالڻهار جي ٻانهپ ڪيو). جنهن اوهانجي لاءِ زمين کي فرش وانگر وڇايو، ۽ آسمان کي ڇت وانگر بلند ڪيو، ۽ جو آسمان مان مينهن وسائي ٿو، جنهن جي وسيلي طرحين طرحين جا ميوا توهانجي کائڻ لاءِ اڀاري ٿو. پوءِ (سندس خالقيت، ربوبيت ۽ رحمت ڏسي ڪري) ائين نه ڪيو جو الله سان ٻين هستين کي به شريڪ ڪريو (۽ انهن کي پوڄيو) جڏهن ته توهان ڄاڻو به ٿا (ته خالق ۽ رب فقط، هڪ الله آهي).(علامه علي خان ابڙو)


اهو رب جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت بنايو، ۽ آسمان مان مِينهن نازل فرمايو پوءِ پيدا فرمايو انهيءَ مان ميون کي رزق ڪري اوهان لاءِ، پوءِ سوچي سمجهي الله تعالى سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان مان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کائڻ لاءِ پوءِ اوهين ڄاڻي واڻي (ٻين کي) خدا جي برابر نه ڪريو.(سيد فرمان علي)


جنهن بنايو اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪري ۽ آسمان کي ڇت ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻيءَ کي پوءِ ڪڍيائين ان سان ڪجھ ميوا اوهان جي لاءِ رزق ڪري، پوءِ نه ڪيو الله جي لاءِ شريڪ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ آسمان کي ڇت ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين پوءِ ان سان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کاڌي لاءِ. پوءِ ! اوهان ڄاڻي واڻي (ٻين کي) الله جي برابر نه ڪريو. (مولانا محمد مدني)


جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ آسمان مان پاڻي نازل ڪيائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي کاڌي لاءِ ميوا پيدا ڪيائين، پوءِ اوهان الله لاءِ شريڪ نه بنايو، حالانڪه توهان ڄاڻو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀون بنائـِي بسترو، جنهن آگي اوهان هار، ۽ اُڀ کي ڇت ۽ اڀ ڪنان، نازل ڪيائين نار، پوءِ ڪڍيائين اَهنجي قُوت لئي، جنهن سان، ميوا مٺا، موچار، پوءِ هرگز نه ٺاهيو هٿ گھڙيا، جھالُ و ڪاڻ جبار، جنهن حال ۾ هوشيار، اوهين پروڙيو پاڻ پئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23)

۽ پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي جيڪو (قرآن) لاٿوسون تنھن کان جيڪڏھن اوھين شڪ ۾ آھيوته جھڙيس ڪائي سُورة بڻائي آڻيو، ۽ الله کان سواءِ پنھنجا مددگار (به) سڏيو جيڪڏھن سچا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن توهان کي هن وحي جي سچائيءَ ۾ شڪ آهي جو اسان پنهنجي ٻانهي (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) تي نازل ڪيو آهي ته (ان جو فيصلو آسان آهي، توهان به انسان آهيو، وڌيڪ نه) هڪڙي سورة انهن سورتن جهڙي ٺاهي کڻي اچو. ۽ الله کان سواءِ جن کي توهان حمايتي سمجهيو آهي انهن سڀني کي به مدد لاءِ سڏي اچو جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال کي سچو ٿا سمجهو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو شڪ آهي جيڪي ڪجهه اسان پنهنجي حبيب جي مٿان نازل فرمايو آهي پوءِ پيش ڪريو ڪا به سورت قرآن جي مثال، ۽ الله تعالى کانسواءِ پنهنجا سڀئي مددگار سڏيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي عبد (محمد) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ خدا کانسواءِ پنهنجا شاهد به سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن آهيو اوهان شڪ ۾ ان جي باري ۾ جو نازل ڪيو اسان پنهنجي ٻانهي تي ته پوءِ آڻيو هڪ سورت ان جهڙِي يا (ان جهڙَي کان) ۽ سڏيو مددگارن پنهنجن کي الله کان سواءِ جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجا مددگار سڏيو. جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اوهان (ان ڪلام) بابت شڪ ۾ آهيو، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته پوءِ ان جهڙي ڪا هڪ سورة (ٺاهي) آڻيو. ۽ (ان لاءِ) الله کان سواءِ (ڀلي) پنهنجي مددگارن کي (به) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي اوهين آهيو اِن ڪنان، شڪ شبهي جو شڪار، پوءِ آڻيو ڪا اِن جھڙِي، جو اسان اتاريو، پنهنجي ٻانهين سرِ ٻيهار، ۽ سڀ سڏيو، ڌڻئ ڌار، جي سچا سخن ۾ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24)

پوءِ جيڪڏھن نه ڪندؤ، ۽ ڪري به ڪڏھن نه سگھندؤ، ته انھيءَ باھ کان ڊڄو جنھن جو ٻل ماڻھو ۽ پھڻ آھن، اُھا نه مڃيندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪري سگهو (هڪڙي به اهڙي سوره نه ٺاهي سگهو.) يقيناً ۽ هرگز ٺاهي به ڪين سگهندؤ ته انهي باهه جي عذاب کان ڊڄو جنهن ۾ انسان ۽ پٿر ٻاريا ويندا، جا باهه حق جي منڪرن لاءِ تيار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪڏهن ڪا سورت پيش ڪري نٿا سگهو ۽ هرگز نه ڪري سگهندا پوءِ انهيءَ باه کان ڊڄو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر (بت) هوندا، اها باه ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪڏهن اوهان (ائين) نه ڪيو ۽ ڪڏهن به ڪري نه سگهندو ته (پوءِ) ان باھ کان پاڻ بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. جا ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن نه ڪندؤ ۽ اصل ڪري به نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو ان باھ کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن اوهان نه ڪيو ۽ ڪري به ڪڏهن نه سگهندو ته ان باهه کان بچو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. اها ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اگر اوهان (ائين) ڪري نه سگهو ۽ اوهان (ائين) ڪري ئي نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو (جهنم جِي) اُن باهه کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو (يعني ڪفار) ۽ پٿر (يعني انهن جا بت) آهن جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جي نه ڪيان ، نه ڪري سگھندا، ڪڏهن اِهو ڪم ڪار، پوءِ، بچو تنهين باھ کان، ٻارڻ جنهن ٻيهار، ماڻهون، پٿر مورهين، سو دوزخ دهشتدار، توڙان ٿيو تيار، ڪارڻ قوم ڪافرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25)

۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ھيءَ خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، جڏھن اُن مان ڪو به ميوو کاڄ لاءِ ڏنو پيو ويندن (تنھن مھل) پيا چوندا ته ھيءُ (ميوو) اُھو آھي جو اڳ اسان کي ڏنو ويو ھو ۽ اُھو (شڪل ۾) ھڪ جھڙو (پيو) ڏبن، ۽ انھن لاءِ منجھس پاڪ زالون آھن ۽ اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) جن ماڻهن (انڪار جي بدران) ايمان آندو ۽ ڪم به چڱا ڪيائون تن لاءِ (باهه جي بدران دائمي خوشين جي) باغن جي خوشخبري آهي، جن باغن ۾ نهرون وهي رهيون آهن. جڏهن جڏهن انهن باغن جا ميوا کين کارايا ويندا (يعني بهشتي نعمتن مان ڪابه نعمت ماڻيندا) تڏهن چئي ڏيندا ته هي اهائي نعمت آهي جا اڳئي اسان کي ڏني ويئي هئي. ان کانسواءِ هنن کي نيڪ ۽ پاڪ بيبيون ملنديون ۽ هو هميشه ان راحت ۽ نعمتن واري باغ ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ خوشخبري ڏيو انهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا بيشڪ انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، جڏهن به انهن کي انهن باغن مان ڪو ميوو ڏنو ويندو تڏهن چوندا هي اهو ميوو آهي جيڪو هن کان اڳ ۾ اسان کي مليو، اهو ميوو شڪل ۾ هڪجهڙو هوندو، ۽ انهن لاءِ بهشت ۾ پاڪ بيبيون هونديون، ۽ اهي انهي ۾ هميشہ رهندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن کي (اي حبيب) خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيائون تن لاءِ باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. جڏهن انهن مان ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هي ته اهو ئي آهي جيڪو اڳي (دنيا ۾) اسان کي ڏنو ويو هو.(ڇو ته) کين اهو (ميوو شڪل ۾) اهڙو ئي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ انهن (باغن) ۾ پاڪ (پاڪيزيون) زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا.(سيد فرمان علي)


۽ خوشبري ڏي انهن کي جوا ايمان آندائون ۽ ڪيائون سهڻا عمل ته يقين سان انهن لاءِ بهشت آهي وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون جڏهن به کارايا ويندا انهن مان ڪو ميوو رزق ڪري ته چوندا ته هيءُ ئي ته آهن جو کارايا وياسين اڳ ۾ ۽ ڏنا ويندا اهو هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ، ۽ انهن لاءِ انهن ۾ پاڪ زالون هونديون ۽ اهي انهن ۾ هميشہ رهندڙ آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن کي خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڳا ڪم ڪيا ته انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. جڏهن به انهن مان ڪو ميوو انهن کي کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هيءَ اهو آهي جيڪو اڳي اسان کي ڏنو ويو هو. ۽ انهن کي اهو (ميوو شڪل ۾ ) هڪ ٻئي جهڙو ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ انهن ۾ پاڪ زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي) مبارڪ ڏي انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته بيشڪ انهن لاءِ (جنت جا) باغ آهن، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. جڏهن به انهن باغن جي ميون مان انهن کي کائڻ لاءِ ميوو ڏنو ويندو ته (صورت ڏسي) چوندا ته هي ته اُهو (ساڳيو) آهي جيڪو اسان کي اڳ ڏنو ويو هيو، حالانڪه اهي (صرف) انهيءَ (ميوي) سان (صورت ۾) ملندڙ جُلندڙ ڏنا ويندا ۽ انهن لاءِ ان (جنت) ۾ پاڪيزه گهرواريون هونديون ۽ اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏي مبارڪ، جن مڃيو، پڻ چڱا ڪيؤن ڪم ڪار، اڳـتي تي آهن اُنهن لئي، بهشت، باغ بهار، جن هيٺان، هلن ناليون، وڻندڙ منجھ وڻڪار، جڏهن به منجھس ميون مان، ڪو ملينِ مزي هار، چي، مهند مليو سون جھڙو، هِي اُنهي جي آچار، الله، نه لڄي اُن ۾، ته ڏي ڪو به مثال، مڇر، ڪِ پوءِ مٿڀرو؛ پوءِ مڃِي، جن مقال، پوءِ صحيح سمجھن ڳالھ، ته هِي صفاسچ، سائين ڪنان. ۽ اُن ۾ آهن، اُنهن لـئي، ڪي ناريون نيڪ نبار، ۽ سدا سڀ ڄمار، اهي ساڪن ، اُن سکن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26)

لله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي، پوءِ جن ايمان آندو آھي سي (پڪ) ڄاڻندا آھن ته اُھو سندن پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي؟ (الله) ان مثال (ڏيڻ) سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ ان سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي، اُن سان اھڙن بي دينن کانسواءِ (ٻي ڪنھين کي) نه ڀلائيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ (انسانن کي سندن فهم مطابق سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ) تمام خسيس شين جهڙوڪ مڇر يا ان کان به وڌيڪ خسيس شين جو مثال ڏيڻ کان به نٿو پاسو ڪري، پوءِ ايمان وارا (غور ۽ فڪر ڪري) ڄاڻي وٺن ٿا ته بيشڪ هي اسان جي پالڻهار وٽان حق (سچي، دائمي حقيقت) آيل آهي، پر حق جا منڪر چوندا ته ڀلا اهڙن مثالن ڏيڻ ۾ الله جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. گهڻائي انسان انهن (مثالن) جي ڪري گمراهي ۾ پوندا ۽ گهڻن ئي تي سعادت جي راهه کُلي پوندي (خدا جو قانون آهي ته) هو فقط انهن کي گمراهه ٿو ڪري جيڪي (هدايت جون حدون ڀڃي) فاسق ٿي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى نٿو ڇڏي مڇر ۽ انهن کان وڌيڪ جي مثال سمجهائڻ کان پر مؤمن ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو سندن رب جي طرفان حق آهي، پر ڪافر چون ٿا ته انهيءَ مثال مان الله تعالى جو ڪهڙو مقصد آهي، الله تعالى انهي مثال سان گمراه ڪري ٿو گهڻن کي ۽ هدايت به گهڻن کي ڏئي ٿو، ۽ انهي مثال مان ته فقط ڪافر گمراه ٿين ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ خدا ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نٿو ڪري (پوءِ اهو مثال) مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي (هجي). پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا بيشڪ اهو (مثال) سچو آهي جيڪو سندن پالڻهار وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته خدا هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي ان (مثال) سان (خدا) گهڻن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراهيءَ ۾ نٿو ڇڏي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله نه ٿو حيا ڪري (هن ڳالھ کان) جو هڻي مثال ڪري مڇر کي پوءِ جيڪو ان کان مٿي آهي (حقارت ۾) پوءِ جن ايمان آندو اهي (پڪيءَ طرح) ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) حق آهي انهن جي رب جي طرفان ۽ پر ڪافر پوءِ چون ٿا ته ڇا ارادو فرمايو الله هن مثال (جي ذڪر ڪرڻ) سان گمراھ ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ هدايت ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ نه ٿو گمراھ ڪري ان سان مگر فاسقن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نه ٿو ڪري مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي. پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) سچ آهي جو سندن پاليندڙ وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته الله هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي؟ ان سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪارن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي گمراه نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله (سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏيڻ ۾ ڪو به حياءُ نه ٿو ڪري پوءِ مڇر جو هجي يا (ذلت ۾ ) ان کان به وڌيڪ هجي. پوءِ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته اهو انهن جي پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هن مثال (ڏيڻ ) مان الله ڇا ٿو چاهي“؟ (حقيقت هي آهي ته) ان (مثال)سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ گهڻن کي ان ذريعي هدايت ڏئي ٿو. ۽ اُن سان گمراهي ۾ نه ٿو وجھي مگر نافرمان ماڻهن کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پر ڦريا، جي فرمان کان، تن چيو اهڙي چال، الله ارادو ڇا ڪيو، منجھان اِن مثال؟ منجھائي، ۽ سمجھائي گھڻا، نالي مِٺو تنهن نال، ڀُلائي نه بحال، تنهن سان تَو اين بنا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27)

جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڀڃندا آھن، ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ مُلڪ ۾ فساد وجھندا آھن، اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


فاسق اهي آهن جيڪي الله جي حڪمن جي تابعداري جو عهد اقرار ڪري پوءِ ان عهد کي ٽوڙين ٿا، ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم خدا ڏنو آهي تنکي ختم ڪري ٿا ڇڏين، ۽ (پنهنجي بدعملي ۽ هٺ سان) ملڪ ۾ فساد مچائي ٿا ڏين. اهي ئي نقصان ۽ مصيبتن ۽ بربادي ۾ ڪرندا.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي الله تعالى جي وعدي کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا ۽ ڪَٽن ٿا انهيءَ کي جنهن لاءِ الله تعالى ڳنڍڻ جو حڪم فرمايو ۽ اهي زمين ۾ فساد ڪن ٿا، اِهي اهي نقصان وارا آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عهد و پيمان کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڀڃي ڇڏين ٿا ۽ جن (تعلقات) جو خدا حڪم ڏنو آهي، ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ زمين ۾ وڳوڙ ڪن پيا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


جيڪي ڀڃن ٿا وعدي الله جي کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ۽ ڪٽين ٿا ان کي جو امر ڪيو الله ان جي لاءِ ته ڳنڍيو وڃي ۽ فساد ٿا ڪن زمين ۾ اهي ئي نقصان وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ ان کي ڇنن ٿا جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا. اهي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي الله جي معاهدي کي پڪو ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙن ٿا ۽ ڇنن ٿا (انهن ڳانڍاپن کي) جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا،اُهي ئي نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، جي الله ساڻ، ڀڃن ٻول، ٻَڌڻ پُئان، ۽ ٽوڙينِ، جنهن جي ٽُـڳڻ جو، چينِ پرور پاڻ، ۽ ڀون ۾ بگيڙينِ ڀاڻ، اهي مور وڃائيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28)

اوھين ھن ھوندي به الله کي ڪھڙي طرح نه ٿا مڃيو؟ جو بي ساھا ھُيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو ۽ وري ڏانھس موٽايا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي انسانو!) اوهان ڪهڙي طرح الله (۽ ان جي عبادت) کان انڪار ڪري ٿا سگهو (ڏسو نٿا ته) ڪڏهن توهان موجود ئي ڪونه هئو، هن توهان کي زندگي ڏني، پوءِ توهان کي ماريندو ۽ وري زندگي ڏيندو ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


توهان ڪهڙيءَ طرح الله تعالى جو انڪار ڪريو ٿا حالانڪ توهان مئل هئا پوءِ زنده ڪيائين اوهان کي انهيءَ کان پوءِ موت ڏيندو انهيءَ کان پوءِ جيئرو ڪندو توهان کي انهيءَ کانپوءِ الله ڏانهن موٽايا ويندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪهڙي سبب خدا کي نٿا مڃو! اوڏانهن اوهين بيجان هيوءَ! پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي (ٻيو ڀيرو قيامت ۾) جياريندو (۽) وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو.(سيد فرمان علي)


ڪهڙيءَ طرح انڪار ٿا ڪيو الله جو حالانڪ اوهان مئل هئا پوءِ جيئرو ڪيائين اوهان کي ان کان پوءِ ماريندو اوهان کي ان کان پوءِ جيئاريندو اوهان کي ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪيئن الله کي نه ٿا مڃيو هوڏانهن اوهين بي جان هيو پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي جياريندو. وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو. (مولانا محمد مدني)


توهان الله جو انڪار ڪيئن ٿا ڪيو! حالانڪه توهان بي جان هيؤ پوءِ توهان کي جياريائين، پوءِ توهان کي ماريندو، وري جياريندو، وري اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪهڙئَ طرح ڪريو، الله کان انڪار، ۽ هئا مئل مورهين، پوءِ جياريان جبار، موٽي ماري، جياري وري، قدرت ساڻ ڪلتار، آخر اُنهئَ پار، اوهين مڙئي موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29)

اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي مڙيئي (شيون) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڏسو) هن ئي (پروردگار) اوهان جي لاءِ زمين جون سڀ شيون پيدا ڪيون آهن (ته انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻيو) پڻ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ ست آسمان درست ڪيائين (انهن کي حسن ۽ نظام ڏنائين ۽ انهن مان طرحين طرحين جا فائدا اوهان کي ملن ٿا) ۽ هو هر شيءِ جو علم رکي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى پيدا فرمائي اوهان لاءِ هر شيءِ جيڪا زمين ۾ آهي، انهيءَ کانپوءِ ارادو فرمايو آسمانن ڏانهن پوءِ ست آسمان برابر ڪري بيهاريائين، ۽ الله تعالى سڀ شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو آهي جنهن، جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي متوجه ٿيو پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان جوڙيائين ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءَ کي ڄاڻيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ئي (الله) آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان لاءِ جيڪو زمين ۾ آهي سڀ - ان کان پوءِ متوجھ ٿيو آسمان ڏانهن پوءِ ٺيڪ ٺيڪ ٺاهيائين انهن کي ست آسمان ڪري ۽ اهو هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جنهن جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي توجه ڪيائين، پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان بنايائين ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻيندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جنهن زمين جي هر شيءِ اوهان لاءِ پيدا ڪئي، پوءِ (ڪائنات جي ) مَــٿِين حصن ڏانهن متوجهه ٿيو ته پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان بنايائين. ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهو الله، آهي سو، جنهن جوڙيا اوهان هار، جيڪي سڀ زمين ۾، جوڙون ۽ جنسار، توجَّہۡ طرف اڀ جي، ڏِنو پوءِ ڏاتار، تہ تي، تہ تيار ڪيا، ساري سَت ستار، ۽ سائين سمجھدار، حقيقت هر ٽول جِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30)

۽ (اي پيغمبر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان (تنھنجي) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر هن حقيقت تي غور ڪر ته) جڏهن تنهنجي پالڻهار فرشتن کي چيو ته مان زمين تي هڪ خليفو پيدا ڪرڻ وارو آهيان. تڏهن فرشتن عرض ڪيو ته ڇا اهڙي هستي پيدا ڪري رهيو آهين جا زمين تي فساد مچائي ۽ خونريزي ڪري. حالانڪ اسان تنهنجي حمد ۽ ثنا ڪندي تنهنجي پاڪائي ۽ قدوسيءَ جو اقرار ٿا ڪريون. الله تعاليٰ فرمايو ته جيڪا حقيقت مان ڄاڻان ٿو تنهن جي خبر توهانکي ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ياد ڪر تون اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي فرمايو بيشڪ آئون زمين ۾ پنهنجو نائب پيدا ڪندڙ آهيان، عرض ڪيائون ڇا تون انهيءَ کي پيدا ڪرين ٿو جيڪو زمين ۾ فساد ۽ خونريزي ڪري، ۽ اسين تنهنجي تسبيح، تعريف ۽ پاڪائي بيان ڪريون ٿا. الله تعالى فرمايو بيشڪ آئون ڄاڻان ٿو جيڪو اوهان نٿا ڄاڻو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان انهن چيو ته ڇا، تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ وڳوڙ ڪندو ۽ رت وهائيندو، هوڏانهن (اسان جو وڌيڪ حق آهي ڇو ته) اسين تنهنجي حمد سان تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. خدا فرمايو: بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻيان ٿو (سو) اوهين نٿا ڄاڻيو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو تنهنجي رب ملائڪن کي ته بيشڪ مان مقرر ڪندڙ آهيان زمين ۾ هڪ خليفو چيائون ڇا مقرر ٿو ڪرين ان ۾ ان کي جو فساد ڪندو ان ۾ ۽ وهائيندو رتن کي؟ ۽ اسين تسبيح ٿا پڙهون تنهنجي حمد سان ۽ پاڪائي بيان ٿا ڪيون تنهنجي لاءِ فرمايائين: بيشڪ مان ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب پيدا ڪرڻ وارو آهيان. انهن چيو ته ڇا تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو. ۽ اسين تنهنجي تعريف سان تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. الله فرمايو ته جيڪي اوهين نه ٿا ڄاڻو سو آءُ ڄاڻان ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو :”بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بنائڻ وارو آهيان“. چيائون: ”ڇا ان (زمين) ۾ ان کي (نائب) بنائيندين! جيڪو ان ۾ فساد برپا ڪندو، ۽ رت هاريندو، حالانڪه اسان توکي ساراهيندي تنهنجي تسبيح پڙهون ٿا ۽ تنهنجي پاڪيزگي بيان ڪيون ٿا“. فرمايائين: ”بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻان ٿو سو اوهان نه ٿا ڄاڻو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مالڪ تُنهنجي، ملڪن کي ، جڏهن چيو اهڙي چال، ته ڀون ۾ بنائيندڙ آهيان، ڪو نائب نيڪ نهال، چي، منجهس مقرر ڪيئن ڪرين، جو بگيڙيس بحال، ۽ خون منجھس خان وهائي، ڪندو ڪوس قِتال، ۽ اسين پڪ توکي، پاڪ چئون، تنهجِي نيڪي ڳائڻ نال، ساريون، ساراهيون، تنهنجا ڪم ڪمال، چي، آئون، جاڄاڻـا ڳالھ، اوهين نه ڄاڻو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31)

۽ (الله) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيوم.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جڏهن آدم پيدا ٿيو) تڏهن الله تعاليٰ کيس سڀني شين جا نالا ۽ حقيقتون سيکاريون، پوءِ اهي شيون ملائڪن جي اڳيان پيش ڪري حڪم ڪيائين ته جيڪڏهن اوهان سچ تي آهيو ته هنن جا نالا ۽ حقيقتون ته ٻڌايو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى، (حضرت) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا پوءِ سڀ شيون ملائڪن کي پيش ڪري فرمايو توهان مون کي ٻڌايو انهن شين جا نالا جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (آدم جي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ) آدم کي سڀ نالا سيکاريا پوءِ انهن (انسانن) کي (جن جا نالا سيکاريل هئا) ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ (خدا) فرمايو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته مو کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌايو.(سيد فرمان علي)


۽ سيکاريائين آدم کي نالا سڀئي ان کان پوءِ پيش ڪيائين انهن کي ملائڪن جي اڳيان پوءِ فرمايائين ته خبر ڏيو مون کي نالن هنن شين جي جي جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آدم کي سڀ نالا سيکاريائين پوءِ انهن کي ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ فرمايائين ته انهن جا نالا مون کي ٻڌايو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ان کان پوءِ) آدم کي سڀ (شين جا) نالا سيکاريائين پوءِ انهن (شين) کي ملائڪن تي پيش ڪيائين پوءِ فرمايائين: ”مون کي هنن شين جا نالا ٻڌايو اگر اوهان سچا آهيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نالا سڀ آدم کي، سيکاريا ستار، موٽي ڪيائين ملڪن تي، اُنهن کي اظهار، نالا ٻڌايومِ هِنن جا، جي آهيو صفا سچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32)

چيائون ته تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿيئي تنھن کانسواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نه آھي، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


فرشتن عرض ڪيو ته اي خدا سڀ پاڪايون ۽ وڏايون تنهنجي لاءِ آهن. اسان ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. تون ئي آهين جو علم ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهين.(علامه علي خان ابڙو)


عرض ڪيائون تون پاڪ آهين اسان وٽ علم ناهي مگر جيترو تو اسان کي سيکاريو، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن (عاجزيءَ سان) عرض ڪيو ته (تون هر عيب کان) پاڪ آهين. جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ (۽) مصلحتن کي سڃاڻڻ وارو آهين.(سيد فرمان علي)


عرض ڪيائون ته پاڪائي آهي تنهنجي ناهي ڪو علم اسان کي مگر جيڪي تو سيکاريو اسان کي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وار آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته تون پاڪ آهين، جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي. بيشڪ تون ئي (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين. (مولانا محمد مدني)


(ملائڪن )چيو: ”تون پاڪ ذات آهين، اسان وٽ ڪو علم ناهي سواءِ ان جي جيڪو تو اسان کي سيکاريو. بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، پڪ آهين پاڪ تون، اسان سُڌ، نه سماچار، نه ڄاڻون، مگر ڄاڻـائيِي، جيترو جبّار، تون صحي سمجھدار، حڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33)

(الله) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جڏهن فرشتا عاجز ٿيا) تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته اي آدم تون هنن حقيقتن جو بيان ڪر. جڏهن آدم ٻڌائي ويو تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته، ڇا مون توهان کي چيو ڪين هو ته مان زمين ۽ آسمانن جا سڀ ڳجهه ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪيو ٿا سو به ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻان ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو اي آدم ! تون ٻڌاءِ انهن کي سڀني شين جا نالا، پوءِ جڏهن آدم سڀني شين جا نالا ٻُڌايا، الله فرمايو ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته بيشڪ آئون ڄاڻان ٿو غيب آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ ڄاڻان ٿو جيڪي توهان ظاهر ۽ ڳجهه ۾ ڪريو ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا (آدم کي) فرمايو ته انهن کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌاءِ! پوءِ جڏهن آدم، انهن کي (انسانن) جا نالا ٻڌايا تڏهن خدا فرمايو: ڇا! مون اوهان کي نه چيو هو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو.(سيد فرمان علي)


فرمايائين: اي آدم خبر ڪر انهن کي نالن انهن (شين جي) جي پوءِ جڏهن خبر ڪيائين انهن کي نالن انهن جي جي ته فرمايائين: ڇا مون اوهان کي چيو نه هو ته بيشڪ مان ئي ڄاڻان ٿو ڳجھ آسمانن ۽ زمينن جا ۽ ڄاڻان ٿو جيڪي ظاهر ٿا ڪيو ۽ جيڪي لڪايو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته اي آدم ! انهن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ ! پوءِ جڏهن ان انهن کي انهن جا نالا ٻڌايا تڏهن فرمايائين ته ڇا مون اوهان کي نه چيو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو. (مولانا محمد مدني)


(الله) فرمايو: ”اي آدم! تون انهن کي انهن (شين) جا نالا ٻڌاءِ“. پوءِ جڏهن اُن کين انهن (شين) جا نالا ٻڌايا ته (الله) فرمايو ته: ”ڇا مون اوهان کي نه چيو هيو ته بيشڪ آءُ آسمانن ۽ زمين جاڳُجھه ڄاڻان ٿو ۽ (اهو به) ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آدم چو انهن کي، نالا تن نبار، پوءِ جڏهن ٻڌائين، انهن کي نالا تن نروار، چي، آن کي نه چئمِ، ته اڀ ۽ ڀون جا، ٻُجھان منجھ، ٻهار، پڻ ٻُجھان، سو ٻيهار، جو چئو، ڪِ رکوس چت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34)

۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻـين) سجدو ڪيو، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان نوڙو. هو جهڪيا ۽ ابليس نه جهڪيو هن نه مڃيو ۽ تڪبر ڪيائين ۽ منڪرن منجهان ٿي پيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت اسان حڪم فرمايو ملائڪن کي ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو مگر ابليس انڪار ڪيو، ۽ تڪبر ڪيو ۽ ڪافرن مان ٿيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي، ان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪر) جنهن وقت چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ شيطان جي – انڪار ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ هو ڪافرن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُنَ انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪيائين ۽ (اهو انڪار سبب) ڪافرن مان ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن فرمايوسون فرشتن کي، جُھڪو آدم پار، پوءِ جُھڪيا مِڙوئيِ، مگر ابليس ڪيو انڪار، ۽ پئو تڪبّر ۾ تڪرار، ۽ هئو اصلي، اِنڪارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35)

۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن (جي شمار) مان ٿيندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان آدم کي چيو ته تون ۽ تنهنجي زال ٻئي جنت ۾ رهو ۽ ان مان جيئن ۽ جيڪي وڻيو سوکائو ۽ پيئو پر هن وڻ جي ويجهو به نه لنگهجو. (جيڪڏهن ويجهو لنگهندو ته) انهن ظالمن مان ٿيندو جي حدون لتاڙي ٿا وڃن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان فرمايو اي آدم ! تون ۽ تنهنجي بيبي بهشت ۾ رهو ۽ مزي سان کائو بهشت مان جتان اوهان کي پسند اچي ۽ توهان ٻئي ويجها نه ٿيو هن وڻ کي، نه ته حد کان وڌندڙن مان ٿي پوندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان فرمايو ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) پر هن وڻ جي ويجها نه وڃجو! نه ته پوءِ پنهنجي پاڻ ئي نقصان ڪندوءَ.(سيد فرمان علي)


۽ چيو اسان ته اي آدم! رھه تون ۽ تنهنجي زال بهشت ۾ ۽ کائو ان مان ڪشاديءَ طرح جتي به گهرو ۽ نه ويجها وڃو هن وڻ کي پوءِ ٿي پئو ظالمن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي. ان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي. ۽ ڪافرن مان ٿيو. ۽ اسان چيو ته اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه ٿيو نه ته ظالمن مان ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان چيو:”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال (حواء) بهشت ۾ رهو ۽ ٻئي ان مان مزي سان کائو جتان به چاهيو ۽ هن وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان حد کان وڌڻ وارن مان ٿي پوندئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ فرمائيوسون فضل سان، ته آدم! ڪر آرام، پڻ بيبي تُنهنجي باغ ۾، پڻ تازا تر تمام، واپرايو، وَڻي تِـتان، ميوا منجھس مدام، ۽ ويجها هِن وڻ هيڪڙي، وڃجانه وريام!، پوءِ نِسورا ناڪام، هوندا هاڃيڪارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36)

پوءِ شيطان اُتاھون انھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين، ۽ چيوسون ته (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڪ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ٺھرايل) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا ٿيو جوشيطان هنن ۾ وسوسا وجهي هنن جا قدم ترڪائي ڇڏيا (يعني هو ان وڻ کي ويجها ويا ۽ ان جو ميوو چکيائون) ۽ نتيجو هي ٿيو جو بهشتي نعمتن ۽ خوشين واري حالت مان نڪري ويا. پوءِ اسان به (سندن نافرماني سبب) کين حڪم ڪيو ته هيٺ لهو ۽ هتان نڪري وڃو. توهان ۾ هڪڙا ٻين جا دشمن آهن. هاڻي توهان کي زمين تي رهڻو آهي ۽ ڪنهن خاص وقت تائين ان مان فائدو وٺڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ شيطان انهن کي جنت مان لغزش ڏني ۽ جتي رهندا هئا انهيءَ مان ٻاهر ڪڍيائين، اسان فرمايو هيٺ لهو توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان دشمن ٿيندا، ۽ توهان لاءِ زمين ۾ ڪنهن وقت تائين رهڻ ۽ گذران آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ شيطان انهن کي هتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (عيش ۽ راحت) ۾ اهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين ۽ چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪٻئي جا دشمن ٿيندوءَ. ۽ هڪ مدت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ترڪايائين انهن ٻنهي کي شيطان ان (بهشت) مان ۽ ڪڍيائين انهن ٻنهي کي ان مان ۽ چيوسون ته لهو (بهشت مان) بعض اوهان جو دشمن آهي بعض لاءِ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ سامان آهي مقرر وقت تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ شيطان انهن ٻنهي کي اُتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (نعمت) ۾ اُهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين. ۽ اسان چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪ ٻئي جا دشمن ٿيندؤ ۽ هڪ وقت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي ان (وڻ بابت اسان جي حڪم جي پيروي) کان هٽائي وڌو. پوءِ انهن ٻنهين کي ان (جنت) مان ڪڍيائين جنهن ۾ هئا ۽ اسان حڪم ڏنو ته: ”هيٺ لهي وڃو اوهان هڪ ٻئي جا دشمن رهندؤ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ هڪ مقرر وقت تائين رهڻ جي جاءِ ۽ نفعو وٺڻ (مقرر ڪيو ويو) آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ شامتي شيطان، اچي ٿيڙيو اُنهن کي، پوءِ ڪڍيئينِ، جتي قراريا، منجھان تنهن مڪان، پوءِ اُتوسون ته، اترو، ڀـيـڙا بي گمان، هونداِ هيڪ ٻئن جا، اوهين عَدُو عيان، ۽ اُتيئي اوهان لئي، آهنِ آستان، ٻئا سمر ۽ سامان، ڪو زمانو زمين تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37)

پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) سندس توبه قبول ڪئي، بيشڪ اُھو ئي توبه قبوليندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار وٽان روحاني تعليم ملڻ سان ڪجهه چڱا ڪلما (چڱيون دعائون وغيره) سکيون (جن جي وسيلي) پوءِ الله تعاليٰ هن جي توبهه قبول ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبهه قبول ڪندڙ ۽ بي انتها رحمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ سکيو آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڪلما پوءِ الله تعالى توبه قبول ڪئي بيشڪ اهو ئي توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (معافيءَ گهرڻ جا) ڪي ڪلمات سکيا، پوءِ خدا (انهن جي مهابي) مٿس مهرباني ڪري سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ سکيو آدم پنهنجي رب کان ٻٽي ڪلما پوءِ توبہ قبول ڪيائين ان جي بيشڪ اهو ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ آدم پنهنجي پروردگار کان ڪي ڳالهيون سکي ورتيون پوءِ الله مٿس مهرباني ڪئي. بيشڪ اهو ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (کيس راضي ڪرڻ جا) ڪي ڪلما سکي ورتا پوءِ الله سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ، ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آدم استغفارڪيا، جي سکيو سندس، سائين ڪنان، پوءِ مرهين کيس ميار، اومرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38)

چيوسين ته منجھانئس سڀ لھي ھيٺ وڃو، پوءِ جڏھن مون وٽان اوھان وٽ ڪا ھدايت اچي تڏھن جيڪي منھنجي ھدايت تي ھلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان حڪم ڪيو ته هاڻ توهان سڀ (بني آدم) هتان نڪري وڃو ۽ (ياد رکو ته) جڏهن اسان جي طرفان توهان لاءِ حق جي راهه کولي وڃي ته پوءِ (توهان جي لاءِ ٻه واٽون آهن) پوءِ جيڪو ڏنل هدايت تي هلندو تنهن لاءِ نڪو هوندو خوف نڪو غم.(علامه علي خان ابڙو)


اسان فرمايو توهان سڀئي جنت مان هيٺ لهو، پوءِ جڏهن توهان وٽ منهنجي طرفان هدايت اچي پوءِ جنهن ماڻهو منهنجي هدايت کي مڃو پوءِ انهن تي ڪو ڊپ ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان چيو ته ان (جنت) مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائي جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ئي ٿيندا.(سيد فرمان علي)


فرمايو اسان ته لهو ان (جنت مان) سڀ جا سڀ.وءِ جڏهن ايندي اوهان وٽ منهنجي طرفان هدايت پوءِ جنهن تابعداري ڪئي منهنجي هدايت جي پوءِ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان چيو ته ان مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائيءَ جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نه ڪي اهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


اسان چيو ته: ”اوهان سڀ ان (جنت) کان لهي وڃو، پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان ڪا هدايت پهچي پوءِ جنهن به منهنجي ان هدايت جي پيروي ڪئي پوءِ نه ته انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُتوسون، ته اوترو اِتان، هيڪاندا هيڪار، پر پوءِ هدايتون منهنجون، اينديون اوهان پار، پوءِ ٿـئو سندمِ سُونهپ جو، جو تهدل تابعدار، پوءِ تن کي، نه ڀوُ ڀلڪار، ۽ نه ڳڻتي کينِ، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39)

۽ جن نه مڃيو ۽ اسانجي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪي انڪار ڪندا ۽ اسان جي نشانين کي ڪوڙو سمجهندا اهي دوزخي جماعت مان هوندا ۽ هميشه عذاب ۾ رهڻ وارا هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو اهي دوزخي آهن، اهي انهي دوزخ ۾ هميشه رهندڙ آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (هي به ياد رکو ته) جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن ۽ سدائين ان ۾ پيا رهندا.(سيد فرمان علي)


۽ جن نه مڃيو ۽ ڪوڙو ڄاتائون اسان جي آيتن کي، اهي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن نه مڃيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون ته اُهي جهنمي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڦريا ۽ ڪوڙا ڪوٺيون، اسان جا اُهڃاڻ، اُهي ڄاڃي ڄيري ڄاڻ، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40)

اي يعقوب جي اولاد اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون توھان تي ڪيو ۽ منھنجو انجام پاڙيو ته آءٌ (به) اوھان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي بني اسرائيل! منهنجي اها نعمت ياد ڪيو جا مون اوهان تي ڪئي. (اوهان کي دنيا ۾ سرفراز ڪيو) ۽ جيڪو عهد مون سان ڪيو هُيُوَ (ته تنهنجي هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪنداسين) سو پاڙيو ته مان به توهان سان ڪيل عهد پاڙيان (اوهان کي ڪاميابي ۽ نعمتون ڏيان) ۽ فقط مون کان ڊڄو (ڇو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي).(علامه علي خان ابڙو)


اي اولاد يعقوب جا (بني اسرائيل وارا) توهان ياد ڪريو منهنجن نعمتن کي جيڪي مون توهان جي مٿان ڪيون ۽ منهنجي وعدي کي پورو ڪريو ته آئون به توهان جي وعدي کي پورو ڪندس ۽ خاص مون کان خوف ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن احسانن کي ياد ڪريو جي اوهان تي اڳ ڪيا اٿم ۽ مون سان (ڪيل) عهد اقرار (ايمان وارو) پاڙيو ته آءُ به اوهان سان انجام (ثواب جو) پورو ڪريان ۽ مون کان ئي ڊڄو.(سيد فرمان علي)


اي يعقوب جا ٻچا ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ پورو ڪيو مون سان ڪيل انجام ته پورو ڪيان مان اوهان سان انجام ۽ خاص مون کان پوءِ ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو. ۽ منهنجو انجام پاڙيو ته آءُ اوهان سان انجام پاڙيان. ۽ مون کان ئي ڊڄو. (مولانا محمد مدني)


اي اسرائيل (يعني يعقوب ؑ) جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان ڪئي ۽ اوهان منهنجي معاهدي کي پورو ڪيو ته آءُ اوهان جي معاهدي کي پورو ڪندس ۽ خاص مون کان ڊڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اوهان اي اسرائيليو! منهنجاسُک، ساريو، مون، جي ڪيا اوهان سان، وَر وَر وڙ واريو، ۽ آءٌ اوهان سان واعدا پاريان، جي اوهين پاريو، پوءِ دل ۾، ڊپ ڌاريو، هميشه، مون هيڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41)

۽ (اي بني اسرائيل) جيڪو اوھان وٽ آھي (يعني توريت) تنھن کي سچو ڪندڙ جيڪو (قرآن ﷴ ﷺ تي) لاٿم تنھنکي مڃيو ۽ ان جا پھريان منڪر نه ٿيو، ۽ منھنجي آيتن کي (دنيا جي) ٿوري ملھ سان نه وڪڻو، ۽ رڳو مون کا ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ان (قرآن) تي ايمان آڻيو جو مون نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪلام (توراة) جي تصديق ٿو ڪري جو توهان وٽ موجود آهي. (توهان کي ته سڀني کان اڳي قرآن تي ايمان آڻڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو اٽلندو) سڀني کان اول توهان ئي (ان جي سچائي قبول ڪرڻ کان) انڪار ڪيو. متان منهنجون آيتون خسيس قيمت تي (دنيائي خسيس فائدن لاءِ) وڪڻي ڇڏيو. (توهان کي گهرجي ته) فقط منهنجي فرمانبرداري ڪيو ۽ مون کان ئي ڊڄو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ايمان آڻيو توهان قرآن ڪريم تي جيڪو توهان جي ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ توهان پَهِرِيَنِ انڪار ڪندڙن مان نه ٿيو ۽ منهنجن آيتن کي ٿوري مُلهه تي نه وڪڻو ۽ توهان خاص مون کان ڊڄو،(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جو (قرآن) مون نازل ڪيو آهي اهو هن ڪتاب (توريت) جي (به) تصديق ڪري ٿو جيڪو اوهان وٽ آهي ۽ اوهين سڀ کان پهريان هن (قرآن) جا انڪاري نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ قليل قيمت (دنيا جو فائدو) نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو.(سيد فرمان علي)


۽ ايمان آڻيو (ان ڪتاب) تي جو نازل ڪيو مون سچو ڪندڙ آهي ان (ڪتاب کي) جو اوهان سان گڏ آهي ۽ نه ٿيو پهريان ڪفر ڪندڙ ان جا ۽ نه خريد ڪيو منهنجي آيتن جي عوض ملھ ٿورو ۽ خاص مون کان ڊڄو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان (ڪتاب) تي ايمان آڻيو جنهن کي مون اوهان وٽ موجود (ڪتاب) جي تصديق ڪندڙ ڪري لاٿو. ۽ ان جا پهريان انڪار ڪندڙ نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ ٿورو ملهه نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو (مولانا محمد مدني)


۽ ايمان آڻيو ان تي جيڪو مون نازل ڪيو آهي، جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو اوهان وٽ (اڳ موجود) آهي ۽ ان جا پهريان منڪر نه ٿيو. ۽ منهنجي آيتن جي عيوض ٿورو مُلهه نه حاصل ڪيو. ۽ خاص مون کان ڊڄندا رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ مڃيو هرگـز حق ڪري، جي اُتاريمِ اُهڃاڻ، صحي ڪندڙ اُن کي، جيڪي اڳي، اوهان ساڻ، ۽ ڦريل نه ٿيو اُن کان، پريندي اوهين پاڻ، ۽ مٽيو نه ٿوري ملھ مٿي، منهنجاحڪم هاڻ، پوءِ ڪڍو نه ٻئي جي ڪاڻ، مون هڪ کان، مُڙو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42)

۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻ ھوندي به سچ لڪايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ سچ کي ڪوڙسان ڍڪي يا ملائي نه ڇڏيو، نڪي سچ کي لڪايو جڏهن ته توهان ڄاڻوبه ٿا (ته حقيقت ڇا آهي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان حق کي باطل سان نه ملايو ۽ سوچي سمجهي حق کي نه لڪايو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو.(سيد فرمان علي)


۽ نه ملايو سچ کي ڪوڙ سان ۽ نه لڪايو سچ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو. (مولانا محمد مدني)


۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هرگـز نه حق لڪايو، ڪنهن ڪوڙِئَ فتوا ساڻ، ۽ ڪيئن ڇپايو هاڻ، جڏهن پئا، پاڻ پروڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43)

۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ الله جي حضور ۾ جهڪڻ وارن سان گڏ توهان به نياز جو سر جهڪايو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو ۽ جماعت سان نماز ادا ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ جيڪي (اسان جي اڳيان) عبادت لاءِ جهڪندڙ آهن تن سان گڏ اوهين به جهڪندا ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ رڪوع ڪيو رڪوع ڪندڙن سان گڏ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو. ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ قائم ڪريو نماز کي، پوري وقت پاڻ، ۽ ڏيو ڏُ کيَنِ ڏاڻ، ۽ جھڪو ڀيڙو، جھڪندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44)

ماڻھن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا؟ ھن ھوندي به جو توھين ڪتاب پڙھو ٿا، پوءِ ڇو نه ٿا سمجھو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو (ته توهانجي عملن جو ڪهڙو حال آهي) حالانڪ خدا جو ڪتاب (توراة) پڙهندا رهو ٿا. ڇا (اهڙي صاف ڳالهه به) توهان سمجهي نٿا سگهو؟(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ماڻهن کي چڱن ڪمن جو چئو ٿا ۽ پنهنجي وجود کي وساري ڇڏيوَ حالانڪ توهان قرآن پڙهو ٿا. ڇا پوءِ نٿا سمجهو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهين ٻين کي ته چڱائي ڏسيو ٿا پر پنهنجي خبر نٿا لهو. هوڏانهن اوهين خدا جو ڪتاب پڙهندا رهو ٿا. ته ڇا! اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو! (سيد فرمان علي)


ڇا امر ٿا ڪيو ماڻهن کي نيڪي جو ۽ وساريو ٿا پنهنجن سرن کي حالانڪ اوهان ڪتاب پڙهو ٿا ڇا پوءِ نه ٿا ڄاڻو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اوهين ماڻهن کي چڳائي جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا هوڏانهن اوهين ڪتاب پڙهو ٿا. ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو. (مولانا محمد مدني)


ڇا اوهان (ٻين) ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا (يعني خود عمل نه ٿا ڪيو) حالانڪه توهان ڪتاب (به) پڙهو ٿا، ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇاماڻهن چڱي مت ڏيو، ۽ وِچان وساريو پاڻ؟ ۽ جڏهن ڪتاب، قِرئت ساڻ، پڙهو ته، ڇو نه پروڙيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45)

۽ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ۽ اُھا انھن آزي ڪندڙن کانسواءِ ٻـين کي ضرور ڏکي (لڳندي) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) صبر) ۽ نماز جي وسيلي (پنهنجي سڌاري ۾) مدد وٺو، پرنماز (آرام طلب ماڻهو لاءِ) ڏاڍي ڏکي آهي، نه انهن لاءِ جيڪي الله جي حضور ۾ نماڻا ۽ جهڪيل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مدد وٺو توهان صبر ۽ نماز کان ۽ بيشڪ نماز ڏکي آهي مگر انهن تي جيڪي نوڙت ڪندڙ آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ صبر (روزن) ۽ نماز کان مدد وٺو ۽ جيتوڻيڪ نماز ڳري ته آهي پر انهن نئڙت ڪندڙن تي (نه) (سيد فرمان علي)


۽ مدد وٺو صبر ۽ نماز سان ۽ بيشڪ اها البته ڏکي آهي مگر آزي ڪندڙن تي.ڏکي ناهي) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو. ۽ بيشڪ اها ڳري آهي مگر عاجزي ڪندڙن تي، (مولانا محمد مدني)


۽ مدد وٺو (الله کان) صبر ۽ نماز سان. ۽ بيشڪ اها (نماز ماڻهن مٿان) ڳري آهي سواءِ عاجزي ڪرڻ وارن جي. (انهن تي ڳري نه آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سوڀون گھرو، صبرساڻ، پڻ نِمازن نال، ۽ ڳري اها ڳالھ، ڌاران نياز، ڌاريندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46)

جيڪي پڪ ڀائيندا آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن ۽ اُھي ڏانھس موٽڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي سمجهن ٿا ته کين پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن کي يقين آهي ته بيشڪ اُهي پنهنجي رب سان ملندا ۽ بيشڪ اُهي انهي طرف موٽندڙ آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا ۽ اهي ضرور تنهن ڏي موٽڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


جيڪي يقين ٿا رکن ته بيشڪ اهي ملڻ وارا آهن پنهنجي پالڻهار سان ۽ بيشڪ اهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن. ع (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي خيال ڪن ٿا ته اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ وارا آهن ۽ اهي ان ڏي ئي موٽڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي يقين رکن ٿا ته اُهي پنهنجي پالڻهار جي روبرو ٿيڻ وارا آهن ۽ بيشڪ اُهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي ڀانئنِ، ته سندن سائينءَ سان، اُهي ملڻا آهن مور، پڻ هلڻا منجھ حضور، آخر آهنِ اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47)

اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي بني سرائيل! منهنجون نعمتون ياد ڪيو جن سان مون اوهانکي سرفراز ڪيو ۽ دنيا جي قومن تي اوهان کي فضيلت ڏنم.(علامه علي خان ابڙو)


اي اولاد يعقوب جا ياد ڪريو توهان منهنجي نعمت کي جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ بيشڪ مون بهتر ڪيو اوهان کي انهي زماني وارن کان.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون اوهان کي اڳ عطا ڪيون ۽ هي (به ته سوچو) ته اسان اوهان کي ساري جهان جي ماڻهن کان وڌائي ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جيڪا مون اوهان تي انعام ڪئي هئي ۽ بيشڪ ڀلو ڪيو هو مون اوهان کي (ان وقت جي) جهانن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو ۽ مون اوهان کي قومن تي فضيلت ڏني. (مولانا محمد مدني)


اي يعقوب جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان تي انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (تنهن وقت ۾) جهانن تي فضيلت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ساريو اي اسرائيليو! سندمِ ڀلايون ڀال، جي ڪيمِ پنهنجي ڪرم سان، توڙان توهان نال، پڻ اُتم ڪيم اقبال، اَهنجو عالمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48)

۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو (به) ڪنھين کان ڪجھ به ٽاري نه سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عِوض وٺبو نڪي کين مدد ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄو جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ٻئي جي ڪم نه اچي سگهندو. (دنيا ۾ ڪيل بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڪوبه بچائي ڪونه سگهندو) نڪي ڪنهن جي سفارش قبول پوندي، نڪي ڪنهن به قسم جو عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو، نڪي ڪٿان به ڪنهن طرح جي مدد ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ خوف ڪريو توهان انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪو مؤمن، ڪافر کي فائدو نه ڏئي سگهندو ۽ نه ڪافر لاءِ ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه قبول ڪيو ويندو کانئس ڪو عيوض ۽ نه ئي کين مدد ڏني ويندي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص، ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن جي شفاعت قبول ٿيندي ۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.(سيد فرمان علي)


۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو نفس ڪنهن نفس جو ڪجھ به ۽ نه قبول ڪئي ويندي ان جي لاءِ سفارش ۽ نه ورتو ويندو ان کان ڪو عوض ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ ان جي طرفان نه ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي (مولانا محمد مدني)


۽ ڊڄو ان ڏينهن کان (جنهن ۾) ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو ڏئي نه سگهندو ۽ نه ان کان ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ان کان (جان بخشي لاءِ ڪو) عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏورتنهين ڏينهن کان، جڏهن پاڙبو، نه ڪري پار، هڪ جان، ٻي جان جو، پڻ ڪارون نه ان کان ڪار، ۽ نه وٺبس بدلو بار، نه ورندونِ ڪو به واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49)

۽ (ھي ڳڻ به ياد ڪريو) ته جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جي اوھان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا ھئا، جو اوھان جا پُٽ ڪھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن مون اوهان کي فرعون جي خاندان کان جنهن اوهانکي نهايت سخت عذابن ۽ ظلمن ۾ پيڙي ڇڏيو هو، ڇوٽڪارو ڏنو. اهي اوهان جي پٽن کي بي رحميءَ سان ڪهندا هئا. (ته اوهان جو نسل ختم ٿئي) ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا (ته مصري ماڻهن جون ٻانهيون ٿي رهن) ۽ في الحقيقت هن حال ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرف کان اوهان لاءِ وڏي آزمائش هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ياد ڪريو توهان جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇوٽڪارو ڏنو جيڪي اوهان تي ڏکوئيندڙ عذاب ڪندا هئا توهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا، ۽ انهيءَ ۾ اوهان لاءِ اوهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي (اوهان جي وڏن کي) فرعون جي ماڻهن (جي چنبي) کان بچايو، جي اوهان کي تمام وڏا ڏک ڏئي ستائيندا هئا.اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (پنهنجي خدمت لاءِ) جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (صبر جو) وڏو امتحان هو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ڇڏايوسون اوهان کي فرعونين کان جو چکائيندا هئا اوهان کي بري قسم جو عذاب، ڪٺائون ٿي اوهان جي پٽن کي ۽ جيئرو ڇڏيائون ٿي اوهان جي عورتن (ڌيئرن) کي ۽ ان ۾ وڏي آزمائش هئي اوهان جي رب جي طرفان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايو. هو اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا. اوهان جي پٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي قومِ فرعون (جي غلامي) کان ڇوٽڪارو ڏنو جي اوهان کي تمام سخت اذيت ڏيندا هئا، جو توهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار پاران تمام وڏي آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ فرعون جي فِرق کان، جڏهن ڇڏائيسِينِئان جان، ڍوئينِ اوهان تي بار پئا، بُڇڙا بي گمان، ڪُهَن ڪنور اوهان جا، جوينِ ڏينيان جِيدان، ۽ اِن ۾ وڏو امتحان، اوهان لئي، الله کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50)

۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان لاءِ سمنڊ کي چيريوسون پوءِ اوھان کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻھن کي ٻوڙيوسون ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پوءِ اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن (توهان مصر ملڪ مان نڪتؤ ۽ فرعون لشڪر سميت اوهان کي پڪڙڻ لاءِ پوئتان آيو) اسان سمنڊ جو پاڻي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيو ۽ اوهان وچئون لنگهي ويو، مگر فرعون کي لشڪر سميت غرق ڪري ڇڏيوسين ۽ توهان پاڻ ڏٺو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان توهان لاءِ درياء کي چيريو پوءِ توهان کي بچايوسين ۽ توهان جي سامهون فرعون جي قوم کي ٻوڙيوسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي ته نجات ڏني ۽ اوهان جي ڏسندي ئي فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت چيريو اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ پوءِ ڇڏايوسون اوهان کي ۽ ٻوڙيوسون فرعونين کي ۽ اوهان ڏسو پيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي ڪري سمنڊ کي چيريو ۽ پوءِ اوهان کي بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙيوسون ۽ اوهين ڏسي رهيا هئا (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اسان اوهان جي (گذرڻ) لاءِ سمنڊ کي چيريو پوءِ اسان اوهان کي نجات ڏني ۽ اوهان جي نظرن جي سامهون اسان قومِ فرعون کي ٻوڙي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اسان، اوهان سڀني وچان، وِير ڇنِي جنهن وار، اوهان کي اُڪاريو سون، صحِي سلامت پار، ۽ فرعون جي فوج کي، ٻوڙيون سون منجھ ٻار، ۽ ڪنڌِئَ ڀر ڪنار، پئا پاڻ ڏسو پڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51)

۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون وري ان (جي وڃڻ) کانپوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتؤ ۽ اوھين ظلم ڪندڙ ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (پوءِ اهو واقعو به ياد ڪيو جو) جڏهن (سينائي اپٻيٽ ۾) حضرت موسيٰ سان اسان چاليهه راتين جو واعدو ڪيو هو. (اوهان کان جدا ٿي طور جبل ڏي هليو ويو ته) اوهان هن جي وڃڻ بعد سندس پرپٺ (مصرين وانگر) گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني ۽ اهو وڏو ظلم ڪري ڇڏيوَ (جو حق جي راهه کان هٽي ويؤ.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان، موسى کان چاليهن راتين جو وعدو ورتو سندس وڃڻ کان پوءِ توهان گابي جي پوڄا ڪئي ۽ توهان ظالم هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى جي چاليهن راتين جو واعدو ڪيو هو ۽ اوهان ماڻهن سندن وڃڻ کان پوءِ هڪ گابي کي (پوڄڻ لاءِ خدا) بنايو. هوڏانهن اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن وعدو ڪيو اسان موسى سان چاليهه راتين جو ان کان پوءِ بنايو اوهان گابي کي (معبود) ۽ اوهان (ان وقت) ظلم ڪندڙ هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهن راتين جو واعدو ڏنو پوءِ اوهان ان (جي وڃڻ) کان پوءِ گابي کي (خدا) ٺاهيو. ۽ اوهين ظالم هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسى سان چاليهه راتين جو وعدو ڪيو پوءِ اوهان ان جي پويان گابي (کي معبود ڪري ) ورتو . ۽ توهان زيادتي ڪندڙ هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چاليھ راتيون ربّ ڪيون، جڏهن موسٰى سان مقرر، وَڇڙِي کي ورتان وري، اُن کانپوءِ اَبتر!، صفا ستمگر آهيو اوهين، اُن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52)

وري اُن کان پوءِ اوھان کان ٽارو ڪيوسون ته مان اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر تڏهن به اسان (پنهنجي رحمت سان) هن (وڏي غلطي ۽ گناهه) بعد به اوهان کي معاف ڪيو ته من الله جي بخشائشن جو قدر ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان معاف ڪيو اوهان کي انهيءَ کان پوءِ ته مَنَ توهان شڪرانو مڃو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تنهن کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو ته من اوهين احسان مڃيو. (سيد فرمان علي)


پوءِ معاف ڪيوسون اوهان کي ان (ظلم) کان پوءِ به تانته شڪر ڪيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان کان پوءِ (به) اوهان کي معاف ڪيو. مَنَ اوهين احسان مڃيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان کان پوءِ (به ) توهان کي معافي ڏني تان ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ان کان، پوءِ اوهان کي، ڪئي سون معاف ميار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53)

۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي ڪتاب ۽ (سچ ۽ ڪوڙجي وچ ۾) سنڌو وجھندڙ ڏنوسين ته مان اوھين ھدايت وارا ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو جو) اسان (چاليهه راتين جو واعدو پورو ڪيو) ۽ موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ۽ فرقان (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ واري قوت يا نشانيون ۽ معجزا) عطا فرمايا، انهيءَ لاءِ ته توهان تي (سعادت ۽ فلاح جي) راهه کلي پوي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان موسى کي تورارت حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪندڙ ڏنو ته مَنَ توهان هدايت وارا ٿيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ (حق ۽ باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجھ) ڏني ته من اوهين سنئين واٽ تي هلو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت ڏنو اسان موسى کي ڪتاب ۽ (حق ۽ باطل) ۾ فرق ڪندڙ تانته اوهان هدايت وارا ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجهه) ڏنو ته مَنَ اوهين سڌي رستي تي هلو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب ڏنو ۽ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ (معجزو) ڏنو تان ته توهان هدايت وارا ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏنوسون موسٰى مير کي، قلم بند ڪتاب، ۽ بيان هر ڪنهن باب، ته وَرو مانَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54)

۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (وري اهو وقت به ياد رکو) جڏهن حضرت موسيٰ (تورات سان طور جبل کان موٽي آيو ۽ اوهان کي گابي جي پرستش ۾ گرفتار ڏٺائين). اوهان کي چيائين ته، اي منهنجي قوم افسوس اوهان گابي جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. هاڻي پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿيو ۽ (گابي جي پوڄا جي بدلي ۾) پنهنجي جانين کي قتل ڪيو. انهيءَ ۾ اوهان جي خالق وٽ اوهان جي لاءِ بهتري آهي، پوءِ اوهان جي توبهه الله تعاليٰ قبول ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي جي عبادت ڪري پنهنجي نفسن تي ظلم ڪيو آهي پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار طرف توبہ ڪريو پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي قتل ڪريو، اهو بهتر آهي توهان لاءِ توهان جي پالڻهار وٽ، پوءِ الله تعالى توهان جي توبہ قبول ڪئي، بيشڪ اهو ئي توبہ قبوليندڙ ٻاجهارو آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي کي (خدا) بڻائي پاڻ تي تمام وڏو ظلم ڪيو ته هاڻي (ان کان سواءِ ٻيو چارو نه آهي جو) اوهين پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو ۽ (اها هن ريت ته) پنهنجي ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. اها ڳالھ اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻي چڱي آهي. پوءِ جڏهن اوهان ائين ڪيو ته خدا اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم وارا! بيشڪ اوهان ظلم ڪيو آهي پنهنجي پاڻ تي سببان وٺڻ اوهان جي گابي کي (خدا ڪري) پوءِ توبہ ڪيو پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏانهن پوءِ ڪهو پنهنجي پاڻ کي اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ پوءِ اوهان جي توبہ قبول ڪيائين بيشڪ اهو ئي توبہ قبول ڪندڙ، مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم ! بيشڪ اوهان گابي کي ٺاهڻ جي ڪري پاڻ تي ظلم ڪيو، پوءِ پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏي موٽو، پوءِ پاڻ کي ڪهو. اهو اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻّو چڱو آهي. پوءِ ان اوهان تي مهرباني ڪئي. بيشڪ اهو ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ توهان گابي کي معبود بنائي پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو آهي ته پوءِ پنهنجي خلقڻهار طرف توبه ڪيو، پوءِ هڪ ٻئي کي قتل ڪيو. اهو (عمل) اوهان (جي توبه ) لاءِ اوهان جي خالق وٽ ڀلو آهي“. پوءِ توهان جي توبه قبول ڪيائين. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ موسٰى سندس ميڙ کي، جڏهن چيو اهڙي چال، ته قوم! پاڻهين پاڻ سان، جاڙُون ڪيان جال، هڪ گابڙي گگدام کي، پنهنجي پوڄڻ نال، پوءِ وِهلو ورو پنهنجي، بارِي ڏانهن بحال، پاڻهين پنهنجا پاڻ ۾، ڪريو ڪوس قِتال، آگي وٽ اوهان لئي، هِئَ بلڪل بهتر ڳالھ، پوءِ موٽيو اوهان تي، مِهر سان، سوئي جل جلال، سو موٽندڙ متعال، مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55)

۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان چيو ته اي موسىٰ جيستائين الله چٽو (نه) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏھن به نه مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اها ڳالهه به ياد ڪيو جو) توهان چيو ته، اي موسيٰ اسان ڪڏهن به توتي يقين نه رکنداسين، جيستائين الله کي ظاهر ظهورهنن اکين سان ڏسون، پوءِ (اوهان جي انهيءَ گمراهيءَ جي دليريءَ جو نتيجو هي ٿيو جو) توهان کي بجلي ۽ گجگوڙ وڪوڙي ويئي ۽ توهان نهاري رهيا هيؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان موسى کي چيو اسين هرگز توتي ايمان نه آڻيداسين جيسين الله کي اسان ظاهر ظهور نه ڏسون پوءِ اوهان کي تيز آواز واري باه ورتو ۽ توهان ڏسي رهيا هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو هئو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به تو کي نه مڃينداسون جيستائين خدا کي ظاهر بظاهر نه ڏسنداسون. پوءِ اوهان کي وڄ پڪڙيو ۽ اوهين تڪيندا رهجي ويا.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو اوهان ته اي موسى هرگز نه ايمان آڻينداسون توتي تانجو ڏسون الله کي ظاهر ظهور پوءِ پڪڙيو اوهان کي وڄ ۽ اوهان ڏسي رهيا هئا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسيٰ اسين ڪڏهن به توکي نه مڃينداسون جيستائين الله کي ظاهر نه ڏسون پوءِ اوهان کي وڄ ورتو ۽ اوهين ڏسي رهيا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو)جڏهن اوهان چيو ته: ”اي موسى اسان توتي هرگز ايمان نه آڻينداسين جيستائين ظاهر ظهور الله کي نه ڏسون“. پوءِ اوهان کي وِڄُ پڪڙيو ۽ توهان ڏسي رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، مهتر موسٰى! تو مٿي، نه آڻيون اعتبار، تان اسين ڏسون الله کي، اکين سان اِظهار، پوءِ قابو ڪڙ ڪي پڪڙيان، پئا نِرتًا ڪريو نهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56)

وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان توهان کي اوهان جي موت بعد وري اٿاري کڙو ڪيو ته جيئن خدا جي نعمتن جي قدر شناسي ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان توهان کي زنده ڪيو مرڻ کانپوءِ ته مَن توهان شڪرانو مڃو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ جياري اٿاريو ته من اوهين احسان مڃيو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ (زندهه ڪري) اٿاريوسون اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ تانته اوهان شڪر گذار بنجو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ اٿاريو. مَنَ اوهين احسان مڃيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان اوهان جي مرڻ کان بعد اوهان کي وري جياريو ته جيئن اوهان شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽي اَهنجي موت پُوان، اُٿاريوسون ٻِيهار، اِهو اِنهئَ هار، ته ڳايون ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57)

۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي سون ۽ اوھان تي مَنّ ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ته جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسين سو کائو، ۽ اسان تي (ڪي) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (سينا جي رڻ پٽ ۾ جتي سخت اس هئي ۽ نه هو پاڻي نه پوک اتي) اسان اوهان تي ڪڪرن جي ڇانو ڪئي ۽ اوهان جي لاءِ من ۽ سلويٰ جي غذا نازل ڪئي سون ۽ چيوسون ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان جي کائڻ لاءِ عطا ڪيون آهن سي مزي سان کائو. (تڏهن به هنن بي شڪري ۽ بد عملي ڪئي). هنن (پنهنجي بي شڪري ۽ بدعمليءَ سان) اسان کي نقصان ڪونه پهچايو، پر پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان توهان تي ڪڪر جو سايو فرمايو ۽ توهان جي مٿان مَن ۽ سلوى (بهشتي طعام) نازل فرمايو، کائو توهان پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي رزق ڪري ڏنيون، ۽ اسان ظلم نه ڪيو بلڪ پنهنجن نفسن تي انهن پاڻ ظلم ڪيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ اوهان تي من ۽ سلوى لاٿوسون (۽ اوهان کي چيو سون ته) جيڪي نفيس شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي (مزي سان) کائو. ۽ انهن ماڻهن اسان جو ته ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


ڇانوَ ڪئي اسان اوهان تي ڪڪرن جي ۽ لاٿوسون اوهان تي منّ ۽ سلويٰ کائو اوهان پاڪ شين مان جيڪي اوهان کي رزق ڪري ڏنيون اٿئون ۽ نه ظلم ڪيائون اسان تي ۽ پر پنهنجن سرن تي پاڻ ٿي ظلم ڪيائون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ اوهان تي مَن ۽ سلويٰ لاٿو سون (۽ اوهان کي چيوسون ته) جيڪي سٺيون شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي کائو. ۽ انهن اسان تي ظلم نه ڪيو پر اُهي پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان اوهان مٿان ڪڪر جو سايو ڪيو ۽ اسان اوهان تي مَن ۽ سلوى (جنتي کاڌو) لاٿو ته اسان جي عطا ڪيل پاڪيزه شين مان کائو.۽ انهن اسان جو ڪو نقصان ڪو نه ڪيو ۽ پر پنهنجو ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪياسون آن تي ڪرم سان، ڇانيون ميگھ ملهار، لاٿاسون آن تي، لطف سان، مَنَّ سَلوٰى مزيدار، جو طعام ڏنوسون، تنهن منجھان کائو خوش گوار، ۽ اسان تي نه ڪيون آزار، پر پاڻهين ڏکويون پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58)

۽ جڏھن چيوسون ته ھِن ڳوٺ ۾ گھِڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ۽ چئو ته اسان جا ڏوھ بخش ته اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون، ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ياد رکو ته اسان توهان کي حڪم ڪيو ته هن سامهون واري شهر ۾ (فتح ڪري) گهڙي پئو ۽ جيئن وڻيو تيئن مزي سان کائو پيئو ۽ خوش زندگي گذاريو، پر دروازي کان اندر گهڙڻ وقت الله جي حضور ۾ جهڪي وڃو ۽ (توبهه ۽ استغفار جو لفظ حطته حطته چوندا هلجو ته (اي خدا اسان کي گناهن کان پاڪ ڪر، جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته) اسان توهان جون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسين ۽ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عمل انسانن جي عملن ۾ برڪت ڏينداسين ۽ انهن جي اجر ۾ واڌارو ڪنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان ان کي فرمايو توهان هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو ۽ مزي سان کائو انهيءَ ڳوٺ مان جتان اوهان کي پسند اچي ۽ دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو ۽ توهان چئو ته اسان جا گناه بخش ٿين اسين توهان جا گناه بخش ڪنداسين ۽ نيڪوڪارن کي زياده ثواب ڏينداسين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ (اريجا) ۾ داخل ٿيو پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) ۽ دروازي کان سجدا ڪندا ۽ زبان سان حطه (معافي) چوندا اچو ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي (ثواب) وڌيڪ ڏينداسون.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن فرمايوسون ته داخل ٿيو هن ڳوٺ ۾ پوءِ کائو ان مان جتي به گهرو ڪشادو ۽ داخل ٿيو دروازي کان سجدا ڪندڙ ۽ چئو ته (اسان جا گناھ) ڪيراءِ ته بخش ڪيون اوهان کي اوهان جا گناھ ۽ سگهو ئي وڌائينداسون نيڪن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ چئو ته معافي گهرون ٿا ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي زياده ڏينداسون. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان چيو ته: ”هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو، پوءِ ان مان جتان چاهيو مزي سان کائو ۽ دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ چؤ حِطَّةٌ (اي رب) اسان جا گناهه معاف ٿين ته اسان اوهان جي خطائن کي بخشي ڇڏينداسين. ۽ نيڪوڪارن کي جلد ئي وڌائينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ٻوليون سونِ ٻاجھ سان، ته گھِڙو منجھ هِن گام، پوءِ واپرايو وڻي تـتـِان، ۽ داخل ٿيو درمان، تابعدار تمام، چئو“بخشش”، ته بخشيونِيان، خطا، خرابيون خام، ۽ جلدِي ڪنداسون جام، ڀَلن سان ڀلايون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59)

پوءِ ظالمن جيڪي کين چيو ويو تنھن ڳالھ کي مٽائي ٻيو چيو پوءِ اُنھن ظالمن تي سندن بڇڙي ھجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر پوءِ ڇا ٿيو جو اوهان مان انهن ماڻهن، جن جي راهه ظلم ۽ شرارت جي راهه هئي، تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه ڪئي (عاجزي ۽ بندگي جي بدران غفلت، هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي ويا) نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان ظالمن تي آسمان مان عذاب نازل ڪيو هن ڪري جو هو بي فرماني ڪندا رهيا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ظالمن انهيءَ ڳالهه کي مَٽائي ڇڏيو ٻِي ڳالهه سان جيڪا انهن کي چئي وئي پوءِ ظالمن جي مٿان اسان آسمان مان عذاب لاٿو سندن بي فرماني سببان.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جا ڳالھ کين چئي وئي هئي تنهن کي ترڪ ڪري شريرن وري ٻئي ڳالھ بدلائي شروع ڪئي. پوءِ اسان انهن تي جن اها شرارت ڪئي هئي، تن تي سندن بدڪاريءَ سبب آسماني آفت نازل ڪئي.(سيد فرمان علي)


پوءِ مٽايو ظالمن جيڪي کين چوڻو هو ان کان سواءِ (چيائون) جو انهن کي چيو ويو هو پوءِ لاٿو اسان ظالمن تي عذاب آسمان کان ان جي ڪري جو بڇڙائي ٿي ڪيائون . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪا ڳالهه انهن کي چئي وئي هئي تنهن کان سواءِ ظالمن ٻي ڳالهه بدلائي چئي. پوءِ انهن ظالمن تي اسان آسمانن مان عذاب لاٿو هن ڪري جو اهي نافرماني ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن ان قول کي جيڪو کين چيو ويو هو هڪ ٻئي ڪلمي سان بدلائي ڇڏيو. پوءِ اسان (انهن) ماڻهن تي جن ظلم ڪيو هيو آسمان کان هڪ آفت لاٿي، انڪري جو اُهي نافرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جاڙون جن ڪيون، تن ٻولِي، ٻِي ڪا ڳالھ، تنهن ڳالھ سوا، جا اُنهن کي، ويئيِ چئيِ چٽِي چال، پوءِ اڀ کان اُتاريوسون، اُنهن تي، وڏو ڪو وبال، جن، جاڙون ڪيون جال، ڇو ته، حڪم ڀڃن هرحال ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60)

۽ (ياد ڪر ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو، (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي واسطي دعا گهري تڏهن اسان کيس حڪم ڪيو ته پنهنجي لٺ سان پهاڙ جي ڇپ کي ڌڪ هڻ حضرت موسيٰ حڪم جي تعميل ڪئي) ته ان ڇپ منجهان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا ۽ سڀني قبيلن ( جيڪي 12 قبيلا هئا) پنهنجو پنهنجو پاڻي کڻڻ جو هنڌ معلوم ڪري ورتو. (ان وقت اوهان کي چيو ويو ته) الله تعاليٰ جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين تي جهڳڙا فساد نه ڪريو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن موسى پاڻيءَ جي طلب ڪئي پنهنجي قوم لاءِ اسان فرمايو پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ، پوءِ نڪتا ٻارهن (12) چشما انهي پٿر مان، سڀني ماڻهن پنهنجي پاڻي پيڻ جي جاءِ سُڃاتي، کائو ۽ پيئو توهان الله جي رزق مان ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه ڦِرو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم لاءِ پاڻي گهريو هو. پوءِ اسان فرمايو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! (ته لٺ هڻڻ سان ئي) ان مان ٻارنهن چشما ڦٽي نڪتا (۽) سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ چڱيءَ طرح سڃاتو (۽ اسان عام اجازت ڏئي ڇڏي ته) خدا جي ڏنل روزيءَ مان کائو پيئو ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ وجهندا نه گهمو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن پاڻي گهريو موسى (عليہ السلام) پنهنجي قوم لاءِ پوءِ چيو سون ته هڻ تون پنهنجي لٺ پٿر کي پوءِ وهيا ان مان ٻارهن چشما تحقيق سڃاتو سڀني ماڻهن پنهنجي پيئڻ جي جاءِ کي کائو ۽ پيئو الله جي رزق مان ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي گهريو پوءِ اسان چيو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ. پوءِ ان مان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا. سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ سڃاتي. (اسان چيو ته) الله جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ ملڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪر) جنهن وقت موسى پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي طلب ڪئي ته اسان چيو: ”پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ“. پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي پيا. هر قبيلي پنهنجي پاڻي پيئڻ جي جاءِ سُڃاڻِي ورتي. (اسان چيو) الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيندا وتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ موسٰى سندس ميڙ لئي، جَر گھريو، جنهن وار، پوءِ چيوسون ته، پهڻ کي، پنهنجِي، هَڻ تون لٺ هيڪار، پوءِ ڌَڪ سان، اُڌميا ان منجھان، ٻارهن تلاءَ تار، هر پاڙي ڄاتو، پنهنجو، تلاءُ ڌارو ڌار، پـيئو رب جي رزق مان، ۽ کائو خوش گوار، ۽ وَلاريو نه ولهار، ڦيٽاڙي، فساد سان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61)

۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) توهان حضرت موسيٰ کي چيو ته، اي موسيٰ اسان رڳو هڪ ئي طعام کائڻ تي صبر نٿا ڪري سگهون. تنهن ڪري پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته اسان جي لاءِ اهي سڀ شيون پيدا ڪري جي زمين مان اڀرنديون آهن، سبزي، ڀاڄيون، ڪڻڪ، دال، بصر، ٿوم وغيره (جي مصر ۾ سڀئي کائيندا هئا). حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا خير ۽ برڪت واري شيء جي بدران خسيس شيءِ ٿا گهرو. چڱو هتان نڪرو، وٺو شهر جي راهه. اتي اهي سڀ شيون اوهان کي ملنديون جي شوق سان گهريون اٿو. بهرحال هنن تي خواري ۽ نامراديءَ جي مار پئي ۽ خدا جي غضب جا لائق ٿيا. اهي مصيبتون (خواري نامرادي ۽ خدا جو غضب) مٿن ان ڪري ڪڙڪيون جو هو خدا جي آيتن (نشانين) کان انڪار ڪندا هئا ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (گمراهي ۽ شرارت هنن ۾ انهيءَ ڪري هئي جو فرمانبرداريءَ بدران) هنن ۾ سرڪشي ۽ بغاوت گهر ڪري ويئي هئي ۽ سڀ حدون لتاڙي شتر بي مهار ٿي پيا هئا. (نتيجو ٿيو، ذلت ۽ خدا جو غضب).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان چيو اي موسى اسين هرگز هڪ طعام تي صبر نه ڪنداسين پوءِ تون دُعا گُهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته پيدا ڪري اسان لاءِ جيڪي شيون زمين ۾ ٿين ٿيون ڪجهه ساڳ ۽ بادرنگ (کيرا) ۽ ڪڻڪ ۽ مسور ۽ بصر. موسى فرمايو ڇا الله تعالى کان گهٽ شين کي سٺي شين جي بدلي ۾ گهرو ٿا، توهان ڪنهن به شهر ۾ هيٺ لهو پوءِ بيشڪ جيڪو اوهان گهريو آهي سو توهان کي ملندو ۽ انهن لاءِ مقرر ڪئي وئي خواري ۽ مسڪيني، ۽ الله تعالى جي ناراضپي جا لائق ٿيا، انهيءَ سبب جي ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا، اهو بدلو هو انهن جي نافرمانين ۽ حد کان وڌڻ جو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به هڪ (قسم جي) کاڌي تي صبر نه ڪنداسون. پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته جي ڀاڄيون زمين اڳائي ٿي جيئن ته ونگا، ساڳ، ڀاڄي ۽ کڻڪ ۽ دال (مهري) ۽ بصر ۽ ٿوم تنهن مان اسان لاءِ پيدا ڪري، موسى چين ته اوهين اهڙيءَ شيءِ کي جا هر طرح چڱي آهي گهٽ شيءِ سان بدلائڻ گهرو ٿا ته (چڱو) ڪنهن شهر ۾ لهي پئو! پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي (اتي موجود) آهي. ۽ انهن تي خواري ۽ محتاجي وڌي وئي ۽ اهي خدا جي ڏمر ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اهي خدا جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق ڪهندا هئا. ۽ (هن ڪري به ته) اهي نافرماني ۽ سرڪشي ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسى هرگز نه صبر ڪنداسون هڪ طعام تي پوءِ دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته ڪڍي اسان لاءِ ان مان اهي شيون جون ڄمائي ٿي زمين ان جي (ڀاڄيءَ) سبزيءَ ۽ ريڀڙيءَ (بادرنگ) ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصرن مان فرمايائين ته ڇا مٽائي ٿا وٺو ان کي جو اها گهٽ آهي ان جي بدلي ۾ جو اها ڀلي آهي.هي وڃو ڪنهن شهر ۾ پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ (اتي موجود) آهي جيڪي گهريُوَ ۽ هنئي وئي انهن تي ذلت ۽ مسڪيني ۽ وريا الله جي ڏمر هيٺان اهو ان جي ڪري جو بيشڪ انهن نه ٿي مڃيو آيتن الله جي کي ۽ شهيد ٿي ڪيائون نبين کي ناحق اهو ان سببان جو بي فرماني ڪندا ۽ حد کان لنگهندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسيٰ ! اسين ڪڏهن به هڪ کاڌي تي صبر نه ڪنداسون پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته زمين جيڪا پنهنجي ڀاڄي ۽ پنهنجا ونگا ۽ پنهنجي ڪڻڪ ۽ پنهنجي دال ۽ پنهنجا بصر اڳائي ٿي تنهن مان اسان لاءِ ڪڍي. موسيٰ چيو ته جيڪا شيءِ گهٽ آهي تنهن کي اوهين ان جي بدلي ۾ گهرو ٿا ڇا جيڪا گهڻو چڱي آهي. ڪنهن شهر ۾ لهي پئو. پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي سو اوهان لاءِ (اتي) آهي ۽ انهن تي خواري ۽ بيحسي وڌي وئي. ۽ اهي الله جي غضب ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اُهي الله جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو سندن نافرماني ڪرڻ جي ڪري آهي ۽ (هن لاءِ ته) اهي حد کان لنگهندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو)جڏهن توهان چيو ته: ”اي موسى اسان هڪ کاڌي (مَن ۽ سَلوى) تي صبر نه ٿا ڪري سگهون، سو تون پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان لاءِ زمين مان ڄمندڙ شين مان ساڳ ۽ ونگا ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصر پيدا ڪري“. (موسى) چيو: ”ڇا اوهان گهٽ شيءِ کي ڀلي شيءِ جي بدلي گهرو ٿا؟ (ته پوءِ) ڪنهن شهر ۾ لهي وڃو ته پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ اهو ڪجهه (ميسر) هوندو جيڪي گهرو ٿا“. ۽ انهن تي ذلت ۽ مسڪيني مَڙِهي وئي ۽ الله جو ڏمر وِهائي موٽيا. اهو هن ڪري ٿيو جو اِهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو هن ڪري (به) ٿيو جو اهي بي فرماني ڪندا هئا ۽ حد کان وڌي ويندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن موسٰى مير کي، چيان اهڙي چال، ته هرگز هڪ طعام تي، صبر نه سَهون ڪي سال، پوءِ اسان ڪارڻ ڪر تون، سائين کي سوال، جو پُڙن ۾ پيدا ڪري، ڀاڄيون ڀون بحال، واڱڻ، ٿوم، دال، پڻ بهتر بصر اُن جو. چيو، ڇا مورک! مور، مَ مَٽيو گھرو جو گھٽ گھڻو، کاڄ، بدران کاڄ جي، جو زياده ضرور! لَهو مصر ملڪ ۾، ته مڱيان جو مغرور! ڀاڄيون، سي ڀرپور، آهن آل اوهان لئي. ۽ غلامي ۽ غريـبيءَ جِي، مُهر لڳينِ مور، ڏمر ۾ ڏاتارجي، وٺجِي وِيا وهلور، اِهو ڇو ته، انڪار ڪيؤن، حڪمن کان حضور، ناحق پيا نبـين کي، ڪُهن بي قصور، اِها سزا اِن ڪري، جو ڪيؤن فِسق، فجور، ۽ پئا ڀڃن بي شعور، حدون هادِئَ پاڪ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62)

مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ جن ماڻهن (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) تي ايمان آندو آهي ۽ اهي جي يهودي آهن، اهي جي نصارا آهن يا صابي آهن (ڪير به هجن ۽ ڪهڙي به جماعت ۾ هجن) پر جنهن به خدا تي، آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تنهن کي (پنهنجي ايمان ۽ چڱن ڪمن جو) اجر پنهنجي پروردگاروٽان ملندو. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن به طرح جو نه خوف هوندو ۽ نه وري ڪنهن به قسم جي غمگيني.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ يهودي ۽ نصارى ۽ تارن کي پوڄيندڙن مان جن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ سٺا ڪم ڪيا، پوءِ انهن لاءِ ثواب آهي سندن رب وٽ ۽ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ مسلمانن ۽ يهودين ۽ نصارن ۽ صابي (لامذهبن) مان جن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ سندن اجورو۽ ثواب سندن خدا وٽ آهي ۽ نه انهن تي (قيامت ۾) ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ اهي جو يهودي ٿيا ۽ نصارى ۽ صابئي جنهن به ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ ڪيائين چڱا ڪم پوءِ انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي مسلمان ٿيا ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ عيسائي ۽ صابي، جن به (انهن مان) الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو. ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن اجر سندن پاليندڙ وٽ آهي ۽ نه انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن (نبيءِ عربيءَ تي) ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ نصارن ۽ صابين مان جنهن به الله تي ايمان آندو ۽ قيامت واري ڏينهن تي (به ايمان آندو) ۽ چڱا عمل ڪيائين ته پوءِ انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ نه انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيا، جي ايمان ۾، يا ٿيا يهودي ذات، عِيسائي، ڪِ اسيرِي، جن کي، تارن جي تات، جنهن مالڪ مڃيو، پڻ آخر ڏينهن عرصات، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ته ڏاتر سندن وٽ ڏات، اُنهن لئي اجران جا، سوکڙيون سوغات، ۽ نه مٿن ڀئو ڪنهن بات، ۽ نه ڳڻتي کين، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63)

۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسين ۽ اوھان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون، (تڏھن چيوسون ته) جيڪو (توريت) اوھانکي ڏنوسون سوگھو وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو مانَ اوھين ڊڄو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو هو ۽ ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون. (۽ توهان کي چيو ويو هو ته) جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ جيڪي ان ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي ان کي هميشه ياد ڪندا رهو انهيءَ لاءِ ته من خدا جي نافرمانيءَ کان بچو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو ۽ توهان تي طورِ سينا بلند ڪيو، وٺو جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي طاقت سان ۽ ياد ڪريو جيڪو اُن ۾ آهي انهي اميد سان ته توهان ۾ خدا ترسي پيدا ٿئي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان (توريت تي عمل ڪرڻ جو) انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون (۽ ارشاد ڪيوسون ته) جو توريت اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن کي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي ياد ڪريو (ته) من اوهين پرهيزگار ٿيو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (جبل) ته وٺو جيڪي ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ياد ڪيو جيڪو ان ۾ (حڪم) آهي اميد ته پرهيزگار ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون. (۽ اسان چيوته) جيڪو (ڪتاب) اوهان کي ڏنوسون تنهنکي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهنکي ياد رکو مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو ۽ اسان (ان مهل) اوهان مٿان طور جبل کي کڙو ڪيو ته: ”جيڪو (ڪتاب تورات) اسان اوهان کي ڏنو آهي ان کي مضبوطيءَ سان وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي ان کي ياد ڪيو تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ورتوسون واعِدو، مقرّر اوهان جو مُور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جبرو جبل طُور، ته اسان اوهان کي، جو ڏِنو، حُڪم منجھان حُضور، پَڪڙِيوسِ پوري زور سان، ڪريو ياد ضرور، مَنجھسِ، جو مَذڪور، تان پاڻ بَچايو، باه کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64)

وري اُن کانپوءِ اوھين ڦريؤ، پوءِ جڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ٿئي ھا ته اوھين ضرور ڇيئي وارن مان ٿيو ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر وري به اوهان پنهنجي عهد کان ڦري ويو، پوءِ جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان تي پنهنجو فضل ۽ رحمت نه ڪري ها ته (اوهان جي بدعملين سبب) اوهان هڪدم تباهه ٿي وڃو ها.(علامه علي خان ابڙو)


انهيءَ کان پوءِ توهان ڦري ويا، پوءِ جيڪڏهن الله جي مهرباني ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها ته توهان نقصان وارن مان ٿيو ها.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اوهين تنهن کان پوءِ (پنهنجي انجام کان) ڦري ويو. پر جڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ مهرباني نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ ڦري ويئو ان وعدي کان پوءِ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ته البته هجو ها اوهان ٽوٽي وارن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اوهان ان کان پوءِ ڦري ويو. پوءِ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني اوهان تي نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان (انجام ڏيڻ) کان بعد اوهان ڦِري ويا، پوءِ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي نه هجي ها ته توهان ضرور تباهه ٿيندڙن مان هجو ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِنهيان پوءِ اوهان ورِي، پانهِين ڏني پيمال!، ۽ رحمت ربّ جي، هوند نه هئيِ، پڻ آن تي، ڀلي جو ڀال، ته مڙوئيِ موڙِي مَال، هئا، هاريندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65)

۽ انھن کي بيشڪ ڄاتو اٿو جي اوھان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگھيا پوءِ کين چيوسين ته خوار ڀولڙا ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يقيناً اوهان کي معلوم آهي ته اوهان منجهان جيڪي سبت (يعني موڪل ۽ عبادت جي پاڪ ڏينهن) بابت (خدا جي حڪمن جي) حدن کان لنگهي ويا تن کي اسان چيو ته ذليل ۽ خوار باندرن جهڙا ٿي پئو. (انسانن وٽان ڌڪار ۽ نفرت سان تڙي ڪڍيا ويندو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان ڄاڻو ٿا انهن ماڻهن کي جن توهان مان ڇنڇر ڏينهن زيادتي ڪئي (شڪار ڪيو) پوءِ اسان انهن کي فرمايو ته (ماڻهن مان) ڦِري تڙيل ڀولڙا ٿي پئو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن جي حالت کان اوهين با خبر آهيو ته انهن ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي ته اسان کين فرمايو ته ذليل ڀولڙا ٿيو (۽ اهي ٿي پيا).(سيد فرمان علي)


۽ بلاشڪ ڄاڻي ورتو اوهان انهن کي جو حد کان لنگهيا اوهان مان ڇنڇر جي ڏينهن (جي باري) ۾ پوءِ چيوسون انهن کي ته ٿي پئو باندر نقصان ۾ پوندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اوهان انهن کي ڄاتو جن اوهان مان ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي. پوءِ اسان انهن کي چيو ته ذليل ڀولڙا ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي يهوديو!) توهان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻو ٿا توهان مان جن ڇنڇر (جي احڪامن) ۾ ڀڃڪڙي ڪئي هئي پوءِ اسان کين چيو ته توهان تڙيل ڀولڙا ٿي پئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ معلوم ڪيان مذڪور، اوهان منجھان اُنهن جو، جن ڇنڇر ۾ شڪارجِي، منع ٽوڙِي مُور، پوءِ ڪَهيوسونِ، قهر ڪنان، ڪارڻ تنهن قُصور، ته بَنو بي شعور!، بي زبان، ڀولڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66)

پوءِ اُن (قصّه) کي اُن ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ اُنھن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خُدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٿيو به ائين) پوءِ اسان انهيءَ حالت کي انهن سڀني لاءِ جن جي اڳ اها حالت ٿي ۽ پڻ پوين لاءِ عبرت جو سبق بنايو ۽ متقين جي لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ دانائي رکي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان انهي واقعي کي انهي ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ پوين لاءِ عبرت ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت فرمائي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت بنايو جيڪي اتي هئا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ (پڻ) نصيحت ڪئي سون.(سيد فرمان علي)


پوءِ بنايوسون ان (واقعي) کي عبرت انهن جي اڳين لاءِ ۽ پوين لاءِ نصيحت ڪري پرهيزگارن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت ڪيو جيڪي اتي هئا. ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان ان (سزا) کي ان دؤر وارن ۽ پوين لاءِ عبرت بنايو ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اسان ڪيو، اُنهن کي، نشاني نروار، جيڪي اڳيان اُنهن جي، پُڻ اُنهن کان پوينِ هار، ۽ نصحيت نبار، ڪارڻ ڪِري ڪندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67)

۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو معاملو به ياد ڪريو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته هڪڙوڍور ذبح ڪيو (هو عمل ڪرڻ بدران اجايا سوال ۽ عذر بهانا ڪرڻ لڳا) چوڻ لڳا ته تون اسان سان چرچا ٿو ڪرين؟ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اعوذبالله (خدا پناه ڏئي) انهيءَ کان جو (خدا جي حڪمن بابت مسخري ڪري) پاڻ کي جاهل ۽ بيوقوف بنايان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم کي فرمايو ته بيشڪ الله تعالى اوهان کي ڍڳِي ڪُهڻ جو حڪم فرمائي ٿو، چيائون ڇا تون اسان سان مذاق ڪرين ٿو، موسى فرمايو آئون الله کان جاهلن مان هجڻ جي پناه گهُران ٿو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته بيشڪ خدا اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو تاڪيدي حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا! تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو؟ موسى چين ته آءُ خدا کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناھ گهران ٿو. (سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته بيشڪ الله امر ٿو ڪري اوهان کي ته ڪهو ڳئون چيائون ڇا اسان سان چٿر ٿو ڪرين؟ چيو (موسى) پناھ ٿو وٺان الله جي هن ڳالھ کان جو هجان جاهلن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته بيشڪ الله اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو. موسيٰ چيو ته آءُ الله کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناه گهران ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته اوهان هڪ ڍڳي ذبح ڪيو“. چيائون: ”ڇا تون اسان سان مذاق ٿوڪرين“؟ (موسى) چيو: ”الله جي پناهه ٿو گهران جو آءُ جاهلن مان ٿيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَهيو پنهنجي قوم کي، جڏهن موسٰى مهربان، ته الله اوهان کي ٿو ڪري، فضل سان فرمان، ته آڻي ڳـئون ڪا، ڳوٺ مان، ڪُهِي ڪريو قربان، چي، متان اسان کي مسخري، ٿو کِل بنائين خان! چي، رکيمِ ربَّ رحمان، هن کان، ته ڀُوڪن مان بنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68)

چيائون ته اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (قسم جي) آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون نڪي پوڙھي ۽ نڪي جوان آھي، اِنھي وچ ۾ وچٿري آھي، پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن چيو ته، ڀلا پنهنجي پروردگار کي اسان جي پاران عرض ڪر ته کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور ذبح ڪيون. حضرت موسيٰ چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته اهو ڍور نڪي ڪراڙو هجي، نڪي ٻچڙو هجي. درميان عمر وارو هجي، هاڻي ته ڀلا حڪم جي تعميل ڪيو. (پر هنن ٻيو سوال کڙو ڪيو).(علامه علي خان ابڙو)


چيائون تون دعا گهر پنهنجي رب کان ته ڍڳِي جون صفتون اسان لاءِ بيان ڪري، فرمايو موسى الله تعالى فرمائي ٿو بيشڪ اها ڍڳِي نه پوڙهي هجي ۽ نه جوان، وچٿري ڄمار ۾ هجي، پوءِ توهان کي جيڪو چيو ويو آهي سو ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن چيو ته (چڱو) تون اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڊڳي) ڪهڙي هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي نه پوڙهي هجي ۽ نه گابي بلڪه وچ ٿري هجي. مطلب ته جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو.(سيد فرمان علي)


چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته اها (ڪهڙي قسم) جي آهي چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون نه پوڙهي ۽ نه ننڍي، وچٿري آهي ان وچ ۾ پوءِ ڪري ڏيکاريو اهو جو حڪم ٿا ڪيا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گُهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڍڳي) ڪهڙي آهي. موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هڪ ڍڳي آهي جا نه پوڙهي ۽ نه گابي آهي (بلڪ) وچٿري آهي انهن (ٻنهين) جي وچ ۾ . پوءِ جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو. (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان کي چِٽو ٻڌائي ته اها ڳئون ڪهڙي هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اها نه ته ڪراڙِي هجي نه گهٽ عمر. بلڪه وڇٿري عمر جي هجي“. پوءِ ائين ڪيو جيئن اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، تنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا پاڻ، ڪهڙا پار؟ چي، نه هڏهين وڏِي، نه وَهڙِي ۽ وچولي ڄمار، پوءِ ڪريو اِها ڪار، جنهن جو امر اوهان کي ڪجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69)

چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گُھرته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪھڙو آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون ھيڊي ڪڪڙي آھي سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي ڏسندڙن کي سُرھائي ڏيندي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


چوڻ لڳا ته، وري پنهنجي پرودگار کي اسان جي لاءِ عرض ڪر ته، کولي ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي. حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ ٻڌائي ٿو ته ان جو رنگ پيلو هجي، خوب گهرو پيلو، جو ڏسندڙن جي دل خوش ڪري.(علامه علي خان ابڙو)


چيائون پنهنجي رب کان دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته ڍڳِي جو رنگ ڪهڙو آهي؟ موسى چيو الله تعالى فرمائي ٿو بيشڪ اها ڍڳي هيڊي رنگ جي آهي، رنگ سندس صاف هيڊو آهي جو ڏسندڙن کي پسند اچي ٿي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي چوڻ لڳا ته (واھ!) تون پنهنجي رب کان اها دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته نيٺ ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڳوڙهي هيڊي رنگ جي هجي جا ڏسندڙن کي وڻي.(سيد فرمان علي)


چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي؟ چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون هيڊي ڪڪڙي آهي ڳوڙهو هيڊو رنگ آهي ان جو خوش ٿو ڪري ڏسندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي. موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هيڊي ڍڳي آهي، ان جو رنگ ڳوڙهو هيڊو آهي ڏسندڙن کي وڻي ٿي. (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته پڌرو ڪري ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اُها ڦڪي رنگ جي ڍڳي هجي ان جو رنگ ڳُوڙهو هجي جو ڏسندڙن کي وڻي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا اُن جو رنگ پار، چي چوي، ته هيڊي حد تي، ڳوڙهو رنگ اَپار، متارِي موچار، ڏاڍِي وڻٖي ڏِسندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70)

چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (پارين) آھي ڇوته ڳـئون اسان وٽ (پاڻ جھڙين ۾) گڏيل آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھريو ته اسين ضرور لھنداسين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مونجهارو پيدا ڪرڻ لاءِ) وري چوڻ لڳا ته پنهنجي رب کي وري به اسان جي پاران استدعا ڪر ته وڌيڪ کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور قربان ڪجي؟ ڇو ته اسان جي لاءِ ڍور مڙيئي ڍورن جهڙا آهن. (تنهن ڪري وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي). انشاءَ الله اسان پوءِ ضرور سمجهي وٺنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


چيائون پنهنجي رب کان تون دعا گهر ته ڍڳِي جي چٽائي بيان فرمائي، بيشڪ ڍڳيءَ جي سڃاڻپ ۾ اسان منجهيل آهيون ۽ جيڪڏهن الله گهريو ته اسين ضرور سڃاڻينداسين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهن چوڻ لڳا پنهنجي خدا کان دعا گهري اسان کي اهو ته ٻڌائي ته ان جا ٻيا پارپتا ڪهڙا آهن؟ ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ جيڪڏهن خدا گهريو ته اسين پتو ڪڍي وٺنداسون.(سيد فرمان علي)


چيائون دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته چٽائي ڪري اسان لاءِ ته اها ڪهڙي (پارين) آهي بيشڪ ڳئون هڪ ٻئي سان مشابهه آهن اسان وٽ ۽ بيشڪ اسين جيڪڏهن گهريو الله ته هدايت وارا آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته ڪهڙي پارين آهي ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ اسين جيڪڏهن الله گهريو ته پتو ڪڍي وٺنداسون. (مولانا محمد مدني)


(وري)چيائون:”پنهنجي رب کان اسان لاءِ سوال ڪر ته اسان کي صاف ٻڌائي ته اها ڍڳي ڪهڙي هجي؟ بيشڪ ان ڍڳي بابت اسان مُنجهي پيا آهيون. ۽ بيشڪ اسان الله گهريو ته ضرور هدايت وارا ٿي وينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته اِها آهي ڪهڙي؟ کولي اسان هار، ته ڳـئون ، ڳـئن جھڙيون، پئي سونِ، نه پتو پار، ۽ جي گھريو هوند غفار، ته سُتَڙ پونداسون صَحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71)

(موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي (جو) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ (انھي ڪم) ڪرڻ تي نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن تي حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، اهڙو ڍور هجي جو نه ڪڏهن هر ۾ جوٽيل هجي ۽ نه نار ۾ وهايل هجي. پوري طرح صحيح سالم هجي، داغ ۽ عيب کان صاف ۽ پاڪ هجي. پوءِ (عاجز ٿي) چيائون ته هاڻي پوري پوري ڳالهه ٻڌايئي. نيٺ اهو ڍور ذبح ڪيائون، پر ائين ڪرڻ تي هنن جي دل نه ٿي وري.(علامه علي خان ابڙو)


فرمايو موسى الله تعالى فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڍڳي آهي جنهن کان نه خدمت ورتي وڃي ٿي ۽ نه زمين کيڙي ٿي ۽ نه ڪي آبادي کي پياري ٿي بي عيب آهي (۽) ڪوبه داٻ نه اٿس، چيائون هينئر تو اسان کي صحيح ڳالهه ٻڌائي، پوءِ ان ڍڳيءَ کي ڪُٺائون ۽ ذبح ڪرڻ جو ارادو نٿي رکيائون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي (اهڙي) هجي جا وهو نه هجي جو زمين کي کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياريندي هجي، (عيبن کان) سلامت ۽ ان ۾ ڪو داغ نه هجي. انهن چيو ته هاڻي تون پوري ڳالھ آندي آهي. پوءِ ان کي حلال ڪيائون، هوڏانهن انهن ۾ اها اميد نه هئي ته ڪو ائين ڪندا.(سيد فرمان علي)


چيائين ته بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بلا شبہ اها ڳئون نه وهو آهي جو زمين کيڙي ۽ نه پوک کي پياري صحيح سالم آهي نه آهي ڪو عيب ان ۾ چيائون ته هاڻي تو صحيح ڳالھ آندي آهي.وءِ ان کي ڪٺائون ۽ (بظاهر) ڪرڻ وارا نه هئا. ع (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هڪ ڍڳي آهي جا وَهُو نه آهي جو زمين کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياري ٿي. (عيبن کان)سلامت آهي. ان ۾ ڪو داغ نه آهي. انهن چيو ته هاڻ تو پوري ڳالهه آندي آهي. پوءِ ان کي ڪٺائون ۽ اهي ڪم ڪرڻ وارا نه هئا. (مولانا محمد مدني)


(موسيٰ) چيو اهو (رب) فرمائي ٿو ته: ”اها هڪ ڍڳي آهي جنهن کان نه زمين کيڙڻ ۽ نه پوک کي پاڻي پيارڻ جي محنت ورتي وڃي ٿي، بلڪل تندرست آهي جنهن ۾ ڪو داغ به نه آهي“. چيائون: ”هاڻي ٺيڪ ڳالهه ڪئي اٿئي“. پوءِ ان کي ڪُٺائون حالانڪه نه ٿي لڳو جو ائين ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، چوي، ته ڳـئون اُها، نه هَر وَهُو هيڪار، نه ڪي کيڙي کيٽ کي، نه وهي هُرلو نار، سدا سلامت سوهڻي، نه منجھس تک لغار، چي، هاڻي آئين حق تي ، پوءِ تنهين کي تڪرار، سِير وِڌئون تنهن وار، ۽ ڪرڻو نه هونِ ڪم اِهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72)

۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، توهان هڪڙو ماڻهو قتل ڪيو، پوءِ ان متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي ڏوهه ڌرڻ لڳو. پر جيڪا ڳالهه توهان لڪائڻ پئي گهري سا الله تعاليٰ ضرور ظاهر ڪرڻ وارو هو (۽ انهيءَ عظيم گناه لاءِ سزا ڏيڻ وارو هو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان هڪ انسان کي قتل ڪيو پوءِ هڪ ٻئي تي الزام هنيو، ۽ الله ظاهر ڪندڙ آهي جيڪو توهان لڪايو ٿي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) هڪ ماڻهوءَ کي ڪٺو هو. پوءِ ان (جي قتل) بابت وڙهي ڪري (هڪ ٻئي کي قاتل ٿي سڏيو) ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي خدا پڌرو ڪندڙ هو.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ڪٺو اوهان هڪ شخص کي پوءِ تڪرار ڪَيُوَ ان (جي ماريندڙن جي باري) ۾ ۽ الله پڌرو ڪندڙ آهي جيڪو اوهان لڪايو ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان هڪ شخص کي قتل ڪيو پوءِ ان (جي قتل) بابت جهڳڙو ڪيو. ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي الله پڌرو ڪندڙ هو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو اهو واقعو)جڏهن توهان هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ توهان ان ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو جنهن کي اوهان لڪايو پئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ماڻهون ماريان، پوءِ تنهن ۾، ڪيان تڪرار، ۽ خُدا اُنهي خون کي، ڪڍِي ڪندڙ ٻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73)

پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ٿيو به ائين) اسان حڪم ڏنو ته هن شخص تي (جيڪو سچ پچ خوني هو) خون ٿيل جي گوشت مان ڪجهه ٽڪرو هڻو. (جڏهن ائين ڪيو ويو تڏهن حقيقت معلوم ٿي وئي خوني لڀي ويو) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون (قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو، انهيءَ لاءِ ته سمجهه ۽ عقل ڪم آڻيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان فرمايو مُئل انسان کي ڍڳيءَ جو ڪجهه حصو لڳايو اهڙيءَ طرح الله مئلن کي زنده ڪري ٿو ۽ توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکارو ٿو ته مَن سمجهو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو اسان فرمايو ته: ان ڊڳيءَ جو ڪو به ٽڪر کڻي هن (لاش) تي هڻو. اهڙيءَ طرح خدا مئلن کي جيرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (ته) من اوهين عقل کان ڪم وٺو.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيوسون ته هڻو ان (مئل کي) ان جي (گوشت جو) ڪجھ حصو، اهڙيءَ طرح جيئرو ڪندو آهي الله مئلن کي ۽ ڏيکاريندو آهي اوهان کي پنهنجون نشانيون ته من اوهان سمجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان چيو ته اُن (قتل ڪيل) کي هن (ڍڳي) جي هڪ ٽڪري سان ماريو. اهڙي طرح الله مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان چيو ته ان (ڳئون) جو ڪجهه ٽڪرو ان (ميت) کي هڻو. اهڙي طرح الله مُردن کي جياري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ته جيئن اوهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته اُن جا عضوا، اُن سان ، هڪدم هڻو هيڪار، مئا اِنپر مورهين، ٿو جياري جبار، ۽ آن کي پنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، ته قادر جا ڪم ڪار، پسي مانَ پروڙيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74)

وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا (به) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ توهان جون دليون (بار بار گناهن ۽ نافرمانين ڪرڻ سبب) سخت ٿي پيون، اهڙيون سخت جهڙو پٿر. نه نه، اڃا به وڌيڪ سخت. ڇو ته پٿرن ۾ اهڙا پٿر به آهن جن مان نهرون وهي هلن ٿيون. ڪي وري اهڙيون ڇپون آهن جي ڦاٽي ٻه ٽڪر ٿين پيون ته انهن منجهان پاڻي نڪري ٿو پوي. ڪي ته وري اهڙيون به آهن جي خدا جي خوف کان ڏڪي ڪري پون ٿيون. (پر افسوس اوهان جي دلين تي جن جي اڳيان پٿر جي سختي ڪجهه به نه آهي.) ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن به نسبت غافل ناهي (هو اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ اوهان کي سخت عذاب ڏيندو).(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ توهان جون دليون سخت ٿيون پوءِ اهي پٿرن وانگر بلڪ ان کان به زياده سخت آهن، ۽ بيشڪ ڪي پٿر اهڙا آهن جن مان نهرون وَهن ٿيون، ۽ بيشڪ ڪي پٿر اهڙا آهن جيڪي ڦاٽي پَون ٿا. پوءِ انهن مان پاڻي نڪري ٿو، ۽ بيشڪ ڪي پٿر الله تعالى جي خوف کان ڪِري پون ٿا. ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر ناهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اوهان جون دليلون ان کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) وڌيڪ ڏاڍيون ۽ بيشڪ پٿرن (ڏونگرن) مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا ۽ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به (پهاڙ) آهن جي خدا جي خوف کان (ڇپن جي صورت ۾) هيٺ ڪري پون ٿا. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سيد فرمان علي)


وري سخت ٿيون دليون اوهان جون ان کان پوءِ.وءِ پٿرن وانگر آهن بلڪ اڃان به گهڻو سخت ۽ بيشڪ پٿرن مان البته اهڙا (پٿر به) آهن جو وهن ٿيون انهن مان نهرون ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڦاٽن ٿا پوءِ نڪري ٿو انهن مان پاڻي ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڪرن ٿا الله جي خوف کان ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪيو ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اوهانجون دليون ان (واقعي) کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) زياده سخت آهن. ۽ بيشڪ پٿرن مان اهڙا (به) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا پوءِ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان اهڙا به آهن جي الله جي ڊپ کان هيٺ ڪري پون ٿا ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کان بعد اوهان جون دليون سخت ٿي ويون پوءِ اُهي پٿرن وانگر آهن يا اڃا به وڌيڪ سخت. ۽ بيشڪ پٿرن مان ڪي اهڙا به آهن جن مان چشما ڦُٽي نِڪرن ٿا. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي جڏهن ڦاٽي پون ٿا ته انهن مان پاڻي نڪري پوي ٿو. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله جي خوف کان (لرزندي) هيٺ ڪِري پون ٿا. ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِنهيان پوءِ، اوهان جا، ٿيا قلب، وري ڪٺور، ڏاڍا ڏونگر طَور، يا اِنهيان ئـِي اڳرا ۽ پڪ وَهن پهڻ منجھان، ڌوڪيو دريا لال، ۽ ڪي ڦاٽنِ، وَهَن تن مان، چشمان چڱي چال، ۽ ڪي ڪِرن تن مان ، خوف کان، خالق ذولجلال، ۽ جھڙي چلو چال ، واحد نه تنهن کان، ويسلو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75)

(اي مسلمانؤ! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي مؤمنو!) اوهان اميد رکو ٿا ڇا ته (هي مديني جا يهودي) اوهان جي ڳالهه مڃي (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي) ايمان آڻيندا؟ ۽ حالت هيءَ آهي جو هنن مان ڪي الله جو ڪلام ٻڌندا به آهن ۽ ان جو مطلب به سمجهندا آهن، پر تڏهن به ڄاڻي ٻجهي ان جي لفظن ۾ مٽ سٽ ڪري مطلب ئي ڦيرائي ڇڏيندا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان کي اميد آهي ته يهودي توهان تي يقين ڪندا ۽ بيشڪ يهودين ۾ هڪ ٽولو اهو آهي. جيڪو ڪلام الله ٻڌي ۽ سمجهي پوءِ ڦيرائي ڇڏن ٿا حالانڪ اهي پاڻ ڄاڻندا هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانوء!) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾) اها اميد رکو ٿا ته اهي اوهان وانگر ايمان آڻيندا؟ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت (اڳين ۾) اهڙي هئي جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پوءِ (به) ڄاڻي واڻي ڦيرائيندي هئي.(سيد فرمان علي)


ڇا (اي مسلمانو! اوهان يهودين ۾) اميد ٿا رکو ته ايمان آڻيندا اوهان جي چوڻ تي ۽ تحقيق آهي جماعت هڪ انهن مان ٻڌن ٿا الله جي ڪلام کي ان کان پوءِ ڦيرائن ٿا ان کي ان کان پوءِ جو سمجهيائون ان کي ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي مسلمانو !) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾ ) اها طمع رکو ٿا ته اهي اوهان جو چوڻ مڃين ۽ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت الله جو ڪلام ٻڌندي هئي وري اهي ان کي سمجهڻ کان پوءِ ڄاڻي واڻي ڦيريندا هئا. (مولانا محمد مدني)


(اي مسلمانو!) ڇا اڃا به اوهان اها اميد رکو ٿا ته اهي (يهودي) اوهان جي ڳالهه مڃن جڏهن ته انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي الله جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ پوءِ ڄاڻي ٻُجھي ان کي بدلائي ڇڏن ٿا حالانڪه اُهي ڄاڻن به ٿا. (ته اهي غلط ڪري رهيا آهن)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اوهين ڪيئن اميد رکو، ته آن کي، مڃيندا مور، ۽ هوڏانهن، ته آهي اُنهن منجھان ، وڳر ڪو وهڳور، سڻن ڪلام ڪريم جو، پوءِ بدلينس بي شعور، جنهن بعدپين اُنِ جي، پوري رِيت پرور، ۽ جڏهن غلطي کي غرقور، پئا پروڙينِ پاڻهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76)

۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو هنن جا حال جڏهن هو ايمان وارن سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اڪيلا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته توهان کي خدا جيڪو (تورات) جو علم ڏنو آهي سو هنن (مسلمانن) کي ڇو ٿا ٻڌايو؟ ڇا انهيءَ لاءِ ٿا ٻڌايو ته هو اوهان جي خلاف اوهان جي پروردگار وٽ دليل وٺن؟ (يعني تورات مان ئي توهان جي خلاف دليل پيدا ڪن) ڇا اهڙي ظاهر ڳالهه به نٿا سمجهو؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي جڏهن مؤمنن سان ملن ٿا، چون ٿا ته اسان ايمان آندو، ۽ جڏهن اهي (يهودي) پاڻ ۾ ملن ٿا چون ٿا، ڇا خبر ڏيو ٿا مؤمنن کي رسولِ عربيءَ جي نشانين جي انهيءَ لاءِ ته توهان سان پنهنجي رب وٽ حجت ڪن، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجهو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) اهي هڪٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته اوهين انهن مسلمانن کي اهو ڪجھ ٻڌايو ٿا ڇا! جيڪي الله اوهان تي (توريت ۾) ظاهر ڪيو آهي. ته (سڀاڻي) ان سان اوهان جي پالڻهار وٽ اوهان تي حجت قائم ڪن، ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟!(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ملن ٿا انهن کي جو ايمان آندائون ته چون ٿا ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن اڪيلائي ۾ ملندو آ بعض انهن جو بعض سان ته چوندا آهن ڇا ڳالهيون ٿا ڪيو انهن سان جيڪي کوليون آهن الله اوهان جي مٿان تانته دليل قائم ڪن اوهان تي ان سان اوهان جي رب وٽ پوءِ نه ٿا سمجهو؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ايمان وارن کي ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽جڏهن اهي هڪ ٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا. ته چون ٿا ته اوهين انهن کي اهو ڪجهه ٻڌايو ٿا ڇا جيڪي الله اوهان تي کوليو آهي ته ان سان اوهان جي پاليندڙ وٽ اوهان تي حجت قائم ڪن ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن مؤمنن سان مِلن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي هڪ ٻئي ۾ اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”جيڪي (شانِ محمدي ﷺ) الله اوهان تي ظاهر ڪيو آهي سو انهن (مسلمانن) کي ڇو ٿا چئي ٻڌايو؟هن لاءِ ته ان جي ذريعي توهان جي پالڻهار وٽ توهان تي حجت قائم ڪن! ڇا پوءِ به اوهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


"۽ جنهن مهل مِليا اُنهن کي، جن آندو اعتبار، چي مڃيوسون مورهين؛ ۽ وري جھڙي وار، ڪي اُنهن جا، ڪِن سان، ٿيا خلاصا خوار، چي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77)

نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(افسوس هنن جي حال تي) ايترو به نه ٿا ڄاڻن ته (معاملو انسانن سان ناهي پر الله سان آهي) ۽ الله ته سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي هو لڪائين ٿا سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا سو به ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اُهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه لڪائن ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (مولانا محمد مدني)


ڇا اهي (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اِهي لِڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا هنڊايون نه هِي؟، ته الله جلّ جلاله، سمجھي سڀ صحِي، جيڪي ڪن ڳجھو، يا پڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78)

۽ منجھائن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کانسواءِ ڪتاب کي نه ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھلندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن يهودين ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اڻ پڙهيل آهن ۽ پنهنجي ڪتاب تورات بابت سواءِ پنهنجي خواهشن ۽ اميدن جي ٻيو ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ رڳو پنهنجن وهمن ۽ گمانن سان ڀرپور آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي ڪتاب کي نٿا ڄاڻن مگر زباني پڙهڻ کي ۽ اهي ته فقط گمان ڪن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي خدا جي ڪتاب کي سواءِ پنهنجن خواهشن جي ٻيو نٿا سمجهن ۽ رڳو وهمي آهن.(سيد فرمان علي)


۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي نه ٿا ڄاڻن ڪتاب کي سواءِ اميدن جي ۽ نه آهن اهي مگر گمان ڪن ٿا .النصف(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي سواءِ خواهشن جي ڪتاب نه ٿا ڄاڻن ۽ اهي رڳو گمان ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن (يهودين) ۾ ڪي اڻ پڙهيا آهن جي ڪتاب (تورات) جو علم نه ٿا رکن سواءِ سَڌُن (يعني زباني پڙهڻ) جي ۽ اهي رڳو وهم و گمان ۾ پيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي اڻپڙھ آهن اُنهن منجھان، لکيو نه ڄاڻن ڄٽ، مگر مُلن جا وَٽ، ۽ نه وَهن، مگر وَهمن پٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79)

پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي جيڪي پنھنجو ھٿراڌو ڪتاب لکندا آھن، موٽي (ماڻھن کي) چوندا آھن ته ھيءُ الله وٽان (آيو) آھي ھِن لاءِ ته ان سان (دنيا جو) ٿورو ملھ وٺن، پوءِ جيڪي سندن ھٿن لکيو تنھن سببان انھن لاءِ خرابي آھي ۽ جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن سببان (پڻ) انھن لاءِ خرابي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ويل آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي لاءِ هٿن سان ڪتاب ٺاهي چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي (يعني اهي خدا جا حڪم آهن، حالانڪ پنهنجي مطلبن ۽ فائدن لاءِ ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ان ۾ لکن) اهو انهيءَ لاءِ ڪن ٿا ته ان جي وسيلي دنيائي فائدن جي خسيس قيمت تي دين کي وڪڻي ڇڏين. پوءِ افسوس آهي انهيءَ تي جيڪي سندن هٿ لکن ٿا، افسوس آهي انهن تي جيڪي هو اهڙيءَ طرح ڪمائن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ عذاب آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪتاب کي پنهنجن هٿن سان لکي پوءِ چون ٿا هي الله تعالى جي طرفان آهي، انهيءَ لاءِ ته ان جي عيوض ٿورو مال وٺن، پوءِ عذاب آهي انهن لاءِ جيڪي انهن جي هٿن لکيو ۽ عذاب آهي انهن لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيائون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکي ۽ چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي، هن لاءِ ته هن جي بدلي معمولي ملھ (دنيا جو فائدو) وٺن. پوءِ پنهنجي طرفان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائن ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي. (سيد فرمان علي)


پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ جو لکندا آهن ڪتاب پنهنجن هٿن سان ان کان پوءِ چون ٿا ته هيءُ (لکيل) الله وٽان آهي تانته حاصل ڪن ان سان ملھ ٿورو پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان جي جو لکيو آ هٿن انهن جي ۽ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان (مال) جي جو ڪمائن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجن هٿن سان ڪتاب لکن ٿا. پوءِ چون ٿا ته هيءَ الله وٽان آهي، هن لاءِ ته ان جي بدلي ٿورو ملهه وٺن. پوءِ پنهنجي هٿن سان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائين ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ بربادي آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکن ٿا، پوءِ (ماڻهن کي) چون ٿا ته: ”هي الله وٽان آهي“. هن لاءِ ته ان جي عيوض ٿورو ملهه ڪمائي وٺن. پوءِ انهن لاءِ بربادي آهي انهن جي هٿن جي لکئي جي سبب ۽ انهن لاءِ بربادي آهي ان (مُلهه)جي عيوض جيڪو اُهي ڪمائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن لئي ارمان!، جي لکن ليک هٿن سان، موٽي چونِ، منهن سان، هِي فائق کان فرمان، تنهن موجب ملھ ٿورو، مُلان ڪمائينِ مان، حيف اُنهن لئي، هٿ سندن، جي لکيا باب بيان، گنگھر سندن گذران، جو ڪمائينِ ڪوڙ سان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80)

۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي يهودي چون ٿا ته جهنم جي باه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي (ڇو ته اسان ئي خدا جي پياري نجات يافته قوم آهيون) جيڪڏهن کڻي باهه ۾ پئون به ته به ٿورن ڳڻيل ڏينهن لاءِ (پوءِ جنت ۾ داخل ٿينداسين، اي پيغمبر! انهن ماڻهن ڪي) چئو ته اها ڳالهه جا چئو ٿا سا (ٻن حالتن کان خالي ناهي يا ته) توهان خدا کان عهد لکائي ورتو، هاڻي ڪو عهد جي خلاف وڃي نه سگهندو يا ته خدا جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چئو ٿا جنهن لاءِ توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون اسان کي هرگز باه نه لڳندي مگر ٿورا ڏينهن، اي حبيب ! توهان انهن کي فرمايو ڇا توهان الله وٽان وعدو ورتو آهي، پوءِ هرگز الله تعالى پنهنجي وعدي کي نه ڦيرائيندو ڇا الله جي لاءِ اها ڳالهه چئو ٿا جنهن جي توهان کي خبر نه آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چيائون ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان وڌيڪ باھ ڪين ڇهندي. (اي رسول ص کين) چئو ته ڇا! اوهان خدا کان ڪو انجام (اقرار) ورتو آهي جو اهو پنهنجي واعدي کان ڪڏهن به نه ڦرندو؟ يا ته خدا لاءِ اهو ڪجھ چئو ٿا جو نٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته اصل نه ڇهندي اسان کي باھ سواءِ ڏينهن ڳڻيلن جي فرماءِ ته ڇا ورتو آهي اوهان الله کان ڪو وعدو؟ پوءِ اصل نه مخالفت ڪندو الله پنهنجي وعدي جي يا چئو ٿا الله تي جيڪي نه ٿا ڄاڻو.ڪوڙ ٿا هڻو) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چيائون ته ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ اسان کي باهه نه ڇهندي. (اي پيغمبر ! کين) چئو ته ڇا اوهان الله وٽان ڪو انجام ورتو آهي جو الله پنهنجي انجام جي ڪڏهن به برخلاف نه ڪندو يا ته الله تي اهو ڪجهه چئو ٿا جو نه ٿا ڄاڻو. (مولانا محمد مدني)


۽ (يهودي هي به) چون ٿا ته: ”اسان کي (جهنم جي) باهه نه ڇُهندي سواءِ ڳاڻيٽي جي چند ڏينهن جي“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله کان (اهڙو ڪو) معاهدو وٺي ڇڏيو آهي؟ جو الله ان معاهدي جي خلاف نه ڪندو يا اوهان الله تي (اهڙو) بهتان ٻڌو ٿا جو توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ڇُهي نه آڳ اسان کي، ڏينهن مقرر، مگر، چئو ڪِ ورتان واحد کان، اهڙو ٻول ٻيهر؟جنهن کي، ڀڃندو ڪين ڪي، پرور ڪهين پر، يا جنهن جِي، نه آن کي ڪَر، سي ٻَڌو، ڪوڙ ڪريم تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81)

ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


هرگز نه، (جنت ڪنهن خاص گروه جي ميراث ناهي) خدا جو قانون ته هي آهي ته جن به ماڻهن پنهنجي بدعملين سان برائي ڪمائي ۽ سندن گناهن هن کي گهيري ورتو سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


ها انهيءَ ماڻهو جنهن گناه ڪيا ۽ سندس گناه گهڻا ٿيا پوءِ اهي جهنمي آهن، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هاءُ سچ آهي ته جن بڇڙائي ڪمائي ۽ کين سندن بڇڙائي وڪوڙي وئي سي ئي ته دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ سدائين پيا هوندا.(سيد فرمان علي)


هائو جن ڪئي برائي ۽ ويڙهي وئي انهن کي انهن جي برائي پوءِ اهي دوزخي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ائين نه آهي جن بڇڙائي ڪمائي ۽ انهن کي سندن بڇڙائي ويڙهي ويئي ته اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


هائو (واقعي) جنهن برائي ڪمائي ۽ ان جي گناهن ان کي گهيري ورتو ته اُهي (ئي) دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هائو، جنهن گمراه، ڪوئـِي بڇڙو ڪم ڪيو، پوءِ سندس گناه گھيريو، اُهي ڀاتي سندا باھ، هُوِن هميشاه، موڳا اُنهي ماڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82)

۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن به ماڻهن (سچو) ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا، اهي جنتي جماعت ۾ هوندا ۽ هميشه جنت ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اهي جنتي آهن، اهي انهي جنت ۾ هميشہ رهندڙ آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن ۽ ان ۾ هميشه هوندا.(سيد فرمان علي)


۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم اهي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن ايمان آندو ۽ چڳا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آندو جن ايمان، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، اُهي جنّت جا جوان، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83)

۽ جڏھن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسين ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ ۽ مِٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مِٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، وري اوھان منجھان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦِري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندا ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (وري اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيلن کان عهد ورتو هو ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪندؤ، ماءُ پيءُ سان احسان (چڱايون) ڪندؤ ۽ پڻ مائٽن يتيمن ۽ مسڪينن سان نيڪيون ۽ مددگاريون ڪندؤ، سڀني انسانن سان تمام سهڻي نموني گفتگو ڪندؤ ۽ نمازقائم ڪندؤ ۽ زڪوات ادا ڪندؤ (ايمان ۽ عمل اهوئي آهي) پر توهان انهيءَ عهد تي قائم نه رهيو ۽ سواءِ ڪن ٿورن جي، ابتڙ چال هليو ۽ (سچ هي آهي ته) توهان هدايت کان قطعي منهن موڙي ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان بني اسرائيل کان وعدو ورتو ته الله تعالى کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، ۽ پيءُ ماءُ سان ۽ مائٽن سان ۽ يتيمن سان ۽ مسڪينن سان احسان ڪريو ۽ ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، انهيءَ کان پوءِ توهان ڦري ويا مگر ٿورڙا توهان مان ۽ توهان مُنهن موڙيندڙ هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان (توهان جي وڏن) بني اسرائيلن کان انجام ورتو هيو ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو پڻ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن (سان به) نيڪ سلوڪ ڪريو ۽ ماڻهن سان چڱي طرح (نرميءَ) سان ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو، پوءِ اوهان مان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو به انجام اقرار کان منهن موڙيندڙ.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتو اسان پڪو وعدو بني اسرائيل کان ته نه بندگي ڪندؤ ڪنهن جي الله کان سواءِ ۽ ڀلائي ڪندؤ ماءُ پيءُ سان ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان ۽ ڳالهايو ماڻهن سان سهڻي نموني ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ان کان پوءِ ڦري ويئو مگر ٿورا اوهان مان ۽ اوهان منهن موڙيندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان بني اسرائيلن کان انجام ورتو ته الله کان سواءِ (ٻئي ڪنهن جي) عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن (سان به) ۽ ماڻهن کي چڱي ڳالهه چئو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. وري اوهان مان ٿورن کان سواءِ ٻيا (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو (به) منهن موڙيندڙ. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيل (يعني يعقوب جي اولاد) کان پڪو انجام ورتو هيو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪجو ۽ پيءُ ماءُ سان احسان ڪجو ۽ رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان (ڀلائي ڪجو) ۽ سڀ ماڻهن سان سهڻو ڳالهائجو ۽ نماز قائم رکجو ۽ زڪواة ڏيندا رهجو. پوءِ اوهان (ان انجام تان) ڦِرِي ويئو سواءِ اوهان مان ٿورڙن ماڻهن جي ۽ اوهان (اڄ تائين حق کان) مُنهن موڙيندڙ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اسرائيل جي اولاد کان، وعدو ورتو سون، جنهن وار، ته ٻي جِي ٻانهپ، ڪيم ڪجا، هيڪ ڌڻي کان ڌار، ۽ ماءُ پيءُ سان موچارئـِي، پڻ سڳن سارسنڀار، ۽ يارِي يتيمن سان، ۽ اَڀرن کي آڌار، ۽ چڱي چئو ماڻهين، پڻ نيت ساڻ نبار، ۽ نماز پڙهو، زڪوٰة ڏيو؛ پوءِ ٻاهر ٿيا ٻيهار، اوهان مان امر ڪنان، ڪن ٿورن سڳورن ڌار، ۽ حڪمن کان هيڪار، اوهين انڪاري آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84)

۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ته پنھنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجي قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ باسيوَ ۽ (ان جا) اوھين گواھ آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (وري هي به ياد ڪيو ته) اسان توهان کان عهد ورتو هو ته هڪ ٻئي جو خون نه وهائيندؤ ۽ نه پنهنجي ماڻهن کي ملڪ نيڪالي ڏيندؤ. توهان اهو اقرار ڏنو هو ۽ توهان هاڻي به اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا (ته توهان برابر اهو عهد اقرار ڪيو هو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن اسان توهان کان وعدو ورتو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪريو ۽ پنهنجن کي پنهنجن ڳوٺن مان نه ڪڍو پوءِ توهان اقرار ڪيو ۽ توهان پاڻ شاهد هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو هو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪجو ۽ پنهنجن کي (شهر مان) دربدر نه ڪجو ته توهان (جي وڏن) اقرار ڪيو هو ۽ اوهان به اهڙي شاهدي ڏيو ٿا (ته برابر آهي) (سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ته نه هاريندؤ پنهنجن رتن کي ۽ نه ڪڍندؤ پنهنجن سرن کي پنهنجن گهرن مان پوءِ اقرار ڪَيُوَ ۽ اوهان شاهدي ڏيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ته پنهنجا رت نه وهائيندو ۽ نڪي پاڻ کي پنهنجن گهرن مان ڪڍندئو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو هيو ته توهان هڪ ٻئي جو رت نه هاريندؤ ۽ پنهنجي ماڻهن کي گهرن کان (بي گهر ڪري) نه ڪڍندئو پوءِ اوهان ان (ڳالهه) جو اقرار به ڪيو ۽ اوهان خود ان جي شاهدي (به) ڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مقرر اوهان جو مور، ته رت پنهنجن جا پاڻهين، نه واهيندا وهلور، ۽ نه ڪندنِ، ڪنهن جو طرف وٺِي ، ديس پنهنجي کان دور، پوءِ مِڙئي ڪيان منظور، ۽ سامهون بيٺا ساک ڏيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85)

(تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا، ۽ جيڪڏھن (ڪي) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي، پوءِ ڇاکون ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر وري ڏسو ته سهي ته اوهان اهي ئي ساڳيا (جن عهد اقرار ڏنو، هاڻي ان عهد اقرار جي خلاف) هڪ ٻئي کي قتل ٿا ڪيو ۽ هڪڙي ڌر وارا ظلم ۽ گنهگاري جي ڪم لاءِ ٻڌي ۽ مددگاري ڪري ٻيءَ ڌر وارن مان ڪن کي پنهنجي وطن مان نيڪالي ٿا ڏيو. پر وري جڏهن اهي ئي جلا وطن ڪيل ماڻهو (دشمن جي هٿ چڙهي) قيدي ٿي توهان وٽ اچن ٿا ته توهان فديه (عيوضو) ڏيئي انهن کي ڇڏايو ٿا (۽ چئو ٿا ته اسان جي شريعت موجب ائين ڪرڻ ضروري آهي) حالانڪ (جيڪڏهن شريعت تي هلڻ جو اوهان کي اونو آهي ته شريعت موجب) اوهان لاءِ هيءَ ڳالهه به حرام هئي جو اوهان هنن کي جلاوطن ڪيو. (ڇا پنهنجي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ) ڪتاب جي ڪن ڀاڱن تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن ڀاڱن کان انڪار ٿا ڪيو. پوءِ ٻڌايو ته اوهان مان جن جا افعال اهي آهن تن کي انهن بدافعالن جي بدلي ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿي سگهندوته دنيا ۾ ذلت ۽ خواري ٿئين ۽ قيامت جي ڏينهن سخت ۾ سخت عذاب ملين ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان غافل ناهي (هو ضرور عملن جي جزا ڏيندو).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان پنهنجن کي قتل ڪيو ۽ توهان مان هڪ ٽولي پنهنجن کي سندن گهرن مان ڪڍيو ۽ توهان هڪ ٻئي جي مدد ڪئي گناه ۽ زيادتي تي، ۽ جيڪڏهن اهي توهان وٽ قيدي ٿي اچن ٿا ته کائُن چَٽِي ڀرايو ٿا ۽ توهان تي انهن جو ڪڍڻ حرام هو، ڇا پوءِ ڪن حُڪمن کي مڃو ٿا ۽ ڪن حڪمن جو انڪار ڪريو ٿا، پوءِ ناهي جزا جيڪو اوهان مان ايئن ڪري ٿو مگر خواري، دنيا جي حياتي ۾، ۽ قيامت جي ڏينهن سخت عذاب ڏانهن موٽايا ويندا، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان بيخبر نه آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اوهين اهي آهيو جو پاڻ ۾ خونريزي ڪريو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ جماعت جو ناحق ۽ ڏاڍ سان حمايتي ٿي ٻيءَ (جماعت) کي شهر مان ڪڍي دربدر ڪريو ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو قيدي ٿي اوهان وٽ (مدد گهرڻ) اچن ٿا ته ڀونگو ڏيئي کين ڇڏايو ٿا، هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ ئي اوهان تي حرام ڪيل هو. ته پوءِ ڇا اوهين (خدا جي ڪتاب مان ڪجھ ڳالهين تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃو؟! پوءِ جيڪو اوهان مان ائين ڪندو تنهن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي نه آهي جو دنيا جي حياتيءَ ۾ ته خواري ۽ (نيٺ) قيامت جي ڏينهن انهن کي تمام سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ اوهان ئي اهي آهيو جيڪي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ ٻاهر ڪڍو ٿا هڪ جماعت کي پاڻ مان انهن جي گهرن مان.دد ڪيو ٿا انهن جي مٿان گناھ ۽ ظلم سان ۽ جيڪڏهن اچن ٿا اوهان وٽ قيدي بنجي ته فديو ڏئي ڇڏايو ٿا انهن کي حالانڪ اهو حرام ڪيل آهي اوهان تي انهن جو ڪڍڻ ڇا پوءِ مڃيو ٿا بعض ڪتاب کي ۽ نه ٿا مڃيو بعض کي؟ پوءِ ناهي جزا ان جي جو ڪري ٿو ائين اوهان مان سواءِ خواريءَ جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن موٽايا ويندا سخت عذاب ڏانهن ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪندا آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اوهان (ان موجب هلڻ جو) اقرار ڪيو ۽ اوهين (هاڻ به ان جي) شاهدي ڏيو ٿا. وري اوهين اهي آهيو جو پاڻ کي قتل ڪريو ٿا ۽ پاڻ مان ڪنهن جماعت کي سندن گهرن مان ڪڍو ٿا (۽) انهن تي (ظلم ڪرڻ ۾ ) گناهه ۽ زيادتي ڪرڻ سان هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ٿا ۽ جيڪڏهن اهي قيدي ٿي اوهان وٽ اچن ٿا ته عوض ڏيئي کين ڇڏايو ٿا هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ اوهان تي حرام آهي. ڇا پوءِ ڪجهه ڪتاب تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪجهه (ڪتاب) کي نه ٿا مڃيو. پوءِ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪري ٿو تنهن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي آهي. ۽ قيامت جي ڏينهن انهن کي سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اوهان اُهي ئي ته آهيو جي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ ٽولي کي گهرن مان ڪڍو ٿا، ڏوهه ۽ ڏاڍ سان انهن تي چڙهائي ڪيو ٿا. ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ قيد ٿي اچن ٿا ته انهن جو فديو ڏئي ڇڏايو ٿا حالانڪه انهن کي (وطن کان) ڪڍڻ توهان تي حرام ڪيو ويو هيو. ڇا پوءِ اوهان ڪتاب جي ڪجهه حصن کي مڃو ٿا ۽ ڪجهه حصن جو انڪار ڪيو ٿا؟ ته پوءِ اوهان مان جيڪو ائين ڪري ان جي ڇا سزا ٿي سگهي ٿي؟ سواءِ هن جي جو (ان لاءِ) دنيا جي زندگي ۾ ذلت هجي ۽ قيامت واري ڏينهن زور سخت عذاب ڏانهن موٽايا وڃن. ۽ الله بي خبر نه آهي انهن عملن کان جيڪي اوهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پاڙي مان پنهنجي، پئا ڪن کي، ماريو مور، ۽ ڪا ٻارِي پنهنجي، ٻاهر ڪريو، ديس سندن کان دور، مٿن مدد مغرور!، ڏيو پئا، ڏوه ۽ گناھ سان. ۽ جي اچن اوهان وٽ، قيد ٿِي، ته بدلو ڏيو بدنام! ڪڍڻ اوهان تي، انهن جو، هوڏانهن آھِ حرام، پوءِ مڃيو ڪجھ ڪتاب مان؛ ۽ ڪجھ ڪتاب جا احڪام، مورک نه مڃيو مورهين؛ پوءِ ان لئي، نه ٻي انعام، جيڪو اوهان مان، ائين ڪندو، مگر آھِ مدام، لاڪسِ جُٺ جھان ۾ ۽ ڪاهِبُنِ ڏينهن قيام، وري سزا سخت ڏي؛ ۽ جي ڪريو ڪم تمام، آگو رب علام، ويل نه اُن کان، ويسلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86)

اِھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي ڳڌي، پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ئي ماڻهو آهن جن آخرت جي زندگي ڏيئي (پاڻ کي برباد ڪري) هن دنيا جي (ذلت جي) زندگي خريد ڪئي آهي هنن جي عذاب ۾ ڪجهه به گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ نه هنن کي ڪا مدد ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي خريد ڪئي، پوءِ انهن جي مٿان نه عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي آهن جن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي عيوض ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.(سيد فرمان علي)


اهي ئي شخص آهن جن خريد ڪيو حياتيءَ دنيا واريءَ کي عوض آخرت جي پوءِ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي اُهي آهن جن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي بدلي ۾ ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. (مولانا محمد مدني)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن آخرت وڪڻي ان جي عيوض دنيا جي زندگي خريد ڪئي پوءِ انهن تان نه ته عذاب هلڪو ڪيو ويندو نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن، وڪڻِي آخرت، ورتي حياتي هِي، پوءِ گھڻو ڪين گھٽائبو، اُنهن تان ساڙ صحِي، ۽ ايندو ڪونه ڪِهِي، ڪو وانگي، سندن واهرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87)

۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ اُن کان پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون، ۽ عيسىٰ پٽ مريم کي پڌرا مُعجزا ڏناسون ۽ کين پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن به ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حُڪم آندا ٿي جن کي اوھان جي دلين نٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان) وڏائي ڪئي، پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽولي کي ڪُوڙو ڄاتوَ، ۽ ٻئي کي ڪُٺَوَ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ يقيناً اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو. حضرت موسيٰ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي (سندن پيغمبري جي سچائي ۽ ثبوت جون) چٽيون نشانيون ڏنيوسين ۽ روح القدس (حضرت جبرائيل يا پاڪ وحي) جي کيس تائيد ڏني سين، پر توهان جي هميشه اهائي عادت رهندي ڇا جو جڏهن ڪوبه رسول توهان وٽ اهڙا حڪم کڻي اچي جي توهان جي نفساني خواهشن جي خلاف هجن تڏهن تڏهن توهان تڪبر ڪيو، ڪن کي ڪوڙو ڪوٺيو ته ڪن کي قتل ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان موسى کي تورات ڏنو ۽ انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين ۽ اسان عيسى پٽ مريم کي چٽيون نشانيون ڏنيون ۽ جبريل سان ان جي مدد ڪئي سين ته ڇا پوءِ جڏهن توهان وٽ ڪو پيغمبر اهي حڪم کڻي اچي ٿو جيڪي اوهان کي پسند نه آهن، توهان تڪبر ڪريو ٿا پوءِ توهان ڪن پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪيترن کي شهيد ڪيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ ان کان پوءِ ( هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ مريم جي پٽ عيسى کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اوهان جي نفساني خواهش جي خلاف ڪو به حڪم آندو ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهان ڪن پيغمبرن کي ته ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي ڪهي ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ ڏنو سون موسى کي ڪتاب ۽ هڪ ٻئي جي پويان موڪلياسون ان کان پوءِ رسول ۽ ڏناسون عيسى بن مريم کي چٽا دليل ۽ تائيد ڪئي سون ان جي جبريل سان ڇا پوءِ جڏهن به آندو اوهان وٽ رسول اهڙو حڪم جو نه ٿا پسند ڪن نفس اوهان جا ته وڏائي ڪَيَوَ پوءِ هڪ ٽولي کي ڪوڙو چَيُوَ ۽ ٻئي ٽولي کي شهيد ڪَيُوَ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کان پوءِ (هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ اسان مريم جي پٽ عيسيٰ کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اهو ڪجهه آندو جنهن کي اوهان جا نفس پسند نه ٿا ڪن ته اوهان وڏائي ڪئي پوءِ هڪ جماعت کي اوهان ڪوڙو ڪيو ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيوَ. (مولانا محمد مدني)


۽ بي شڪ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪليا ۽ اسان عيسى پُٽ مريم کي پڌريون نشانيون ڏنيون ۽ اسان پاڪ روح جي ذريعي ان جي مدد ڪئي. ته ڇا (ائين نه ٿيو جو) جڏهن به ڪو رسول اوهان وٽ اِهي (احڪام) کڻي آيو جن کي اوهان جي نفسن پسند نه ڪيو ته توهان وڏائي ڪئي، پوءِ اوهان هڪڙن کي ڪوڙو چيو ۽ هڪڙن کي قتل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تورات ڏنوسون توڙ کان، موسٰى کي، مهتر، لاياسون قطار ڪري، پٺيانسِ پيغمبر، ۽ عجائب عيٰسى، مريم جي کي، بخشياسون بهتر، ٻئو ڏنوسونِس ٻَر، ان کي، پاڪ رُوح سان. پوءِ ڇا؟ پيغمبر، جڏهن به، اوهان وٽ آئيو، ته جا گُـھرن، نه جِئَ اوهان جا، کڻي ساخبر، ته لڳا پڏائڻ پاڻ کي، ڪيان طبل تڪبر، پوءِ ڪنهن ٻارِئَ کي ٻوليان ، جوٺو ساڻ جبر، ۽ ڪي مُرسل معتبر، مفت ماريَو منڪرو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88)

۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آھن، (نه) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورا ايمان آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي ماڻهو چون ٿا ته اسان جي دلين تي غلاف (پردو) چڙهيل آهي (ڪا نئين ڳالهه اسان جي دلين تائين ڪين پهچندي اها اعتقاد جي پڪائي ناهي، پر حق کان انڪار ڪرڻ جي تعصب جي لعنت آهي). سو الله تعاليٰ سندن انڪار سبب مٿن لعنت وڌي آهي. تنهن ڪري هو بلڪل نٿا مڃن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون اسان جي دلين مٿان پردا آهن، بلڪِ الله تعالى انهن تي لعنت ڪئي ڪفر جي سببان، پوءِ انهن مان ٿورا ايمان آڻيندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


چوڻ لڳا ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن، پر خدا مٿن سندن ڪفر ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورائي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن.لڪ لعنت ڪئي انهن تي الله سببان ڪفر انهن جي پوءِ ٿورا ايمان آڻين ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چيائون ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن. پر الله انهن تي سندن ڪفر جي ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورو ايمان آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


۽ (يهودين) چيو ته: ”اسان جون دليون محفوظ آهن“. بلڪه (حقيقت هي آهي ته) انهن جي ڪفر سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ ٿورڙا آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، ڪٽر قلب اسان جا، بلڪ ڪفر سندنِ ڪاڻِ، ڌڻي ڌڪارينِ پاڻ، پوءِ وِرسيل وِسهن ٿورڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89)

۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيئن ته جڏهن الله تعاليٰ وٽان هنن وٽ ڪتاب (قرآن) آيو، جنهن انهن جي ڪتاب (تورات) کي سچو ٺهرايو جو وٽن اڳ ۾ ئي موجود هو تڏهن (تورات ۾ حضرت محمد ۽ قرآن مجيد جي پيشنگوئي هوندي به) اگرچه اڳي ان جي وسيلي ڪافرن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهرندا هئا، تڏهن به جڏهن اهو (قرآن مجيد) نازل ٿيو ۽ ان کي سڃاتائون به ته پوءِ به (تڪبر سبب) ان جا منڪر ٿيا، پوءِ اهي ماڻهو جي ڄاڻي ٻجهي حق کان انڪار ڪن تن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي (يعني اهڙن تي فلاح ۽ سعادت جي واٽ ڪڏهن به نه ٿي کلي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان قرآن شريف آيو جيڪو تورات جي تصديق ڪندڙ آهي، ۽ ان کان اڳ پاڻ سڳورن جي وسيلي سان، ڪافرن تي فتح جي دعا گهرندا هئا، پوءِ جڏهن پاڻ سڳورا تشريف فرما ٿيا ۽کين سڃاڻي انڪار ڪيائون، پوءِ الله تعالى جي لعنت آهي انڪار ڪندڙن تي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو ان (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن ان کان اڳ ۾ ڪافرن تي فتح چاهيندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجھ آيو جنهن کي سڃاتائون (به) تڏهن (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ (حق کان) انڪار ڪندڙن تي خدا جي لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن آيو انهن وٽ ڪتاب الله وٽان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ۽ ان کان اڳ فتح گهرندا هئا ڪافرن تي پوءِ جڏهن تشريف فرما ٿيو انهن وٽ اهو (رسول) جو سڃاتائون ته انڪار ڪيائون ان جو پوءِ الله جي لعنت آهي ڪافرن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو اُن (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن هن کان اڳ ڪافرن تي فتح گهرندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجهه آيو جنهن کي سڃاتائون (به) ته (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ ڪافرن تي الله جي ڦٽڪار آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان هڪ ڪتاب (قرآن) آيو جيڪو ان ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندڙ آهي جو وٽن آهي حالانڪه ان کان اڳ ڪافرن تي (صاحبِ قرآن جي وسيلي سان) فتح جي طلب ڪندا هئا، پوءِ جڏهن انهن وٽ آيو جنهن کي سُڃاتائون (پوءِ به) ان سان ڪفر ڪيائون ته پوءِ ڪافرن مٿان الله جي لعنت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيڻَنِ ڪتاب آيو، جڏهن صاحب کان، ستار، صحِي ڪندڙ ساڻنِ، جي نياپا نبار، ۽ اڳ اميدون فتح جون، هئا رکندا سڀ ڄمار، اُنهن تي، جن انڪارڪيو؛ پوءِ آيو جڏهن اُنهن پار، صحي سڃاتـئون جنهن کي، پوءِ اُن کان ڪيؤن انڪار، پوءِ ڌڻي جِي ڌِڪار، آهي انڪارينِ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90)

اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(افسوس هنن جي بدبختيءَ تي!) ڪهڙي نه خسيس قيمت تي هنن پنهنجا روح يعني پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو آهي جو الله تعاليٰ جي نازل ڪيل سچائي کان انڪار ٿا ڪن سو به رڳو حسد جي ڪري جو الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان پنهنجي بندن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن تي پنهنجو وحي نازل ڪري ٿو. (پوءِ اڳين بدعملين ۽ هنن نئين انڪار سبب) غضب مٿان غضب هنن تي ڪڙڪيو. (خدا جو قانون آهي ته) حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ هميشه خوار خراب ڪندڙ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڪهڙي نه خراب قيمت تي پنهنجين جانن جو سودو ڪيائون جو قرآن شريف جو انڪار ڪيائون، انهيءَ ڪاوڙ مان جو الله پنهنجي مهربانيءَ سان جنهن بندي تي چاهي وَحِي موڪلي ٿو، پوءِ ڪاوڙ جي مٿان ڪاوڙ جا لائق ٿيا، ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو بڇڙو (ملھ) آهي جنهن جي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جيئن ته) جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد جي ڪري نٿا مڃن جو خدا پنهنجي فضل سان پنهنجن عبدن (بندن) مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ اهي (خدا جي) غضب هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ (تمام) خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


بڇڙو آهي اهو (سودو) جو وڪڻيائون ان سان پنهنجي پاڻ کي ان جي ڪري جو انڪار ٿا ڪن ان جو جيڪي لاٿو الله.ن ساڙ جي ڪري جو لاهي ٿو الله (ڪتاب) پنهنجي ٻاجھ سان، جنهن تي گهري، پنهنجن ٻانهن مان.وءِ موٽيا ڏمر هيٺان ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو بڇڙو (ملهه) آهي جنهنجي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جيئن ته) جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد ڪري نٿا مڃين جو الله پنهنجي فضل سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو. پوءِ اهي (الله جي) ڪاوڙ جي مٿان ڪاوڙ هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


اها ڏاڍي بري شيءِ آهي جنهن جي بدلي انهن پنهنجي جانين جو سودو ڪيو جو ان (ڪلام ) جو انڪار ڪيائون جيڪو الله نازل ڪيو آهي (رڳو ان) حسد ۾ جو اللهُ پنهنجي فضلَ سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ ڏمر مٿان ڏمر وِهايائون ۽ ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بلڪل بڇڙو سو ٿيو، پاڻ وڪيون جنهن ساڻ، ته ڦِرن فرمودن کان، جي پرورلاٿا پاڻ!، ته ڀلي سندس ڀال سان، ڪوه اُتاريا اُھڃاڻ، جنهن کي گُھري، سندس گولن مان، اُتي اُن اڳواڻ؟پوءِ ڏمر مٿان، ڏمر ۾، ورتائون وَٿاڻ، ۽ قيد ڪفارن ڪاڻ، جُٺ جھڙو آھِ، جنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91)

۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏه کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو، تڏهن چون ٿا ته اسان فقط انهيءَ تي ايمان آڻينداسين جو اسان تي نازل ٿيو آهي. ان کان سواءِ جو ڪجهه آهي، تنهن کان هنن کي انڪار آهي، اگرچه اهو خدا جو سچو ڪلام آهي ۽ خود سندن ڪتاب جي تصديق ٿو ڪري. اي منهنجا پيغمبر! تون انهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان فقط تورات کي مڃڻ ٿا چاهيو ته پوءِ انهن نبين کي ڇو نه ٿا مڃيو جن تورات تي عمل ڪرڻ لاءِ توهان کي سمجهايو) ڇو اٽلندو توهان الله جي نبين کي قتل ڪيو؟ جيڪڏهن توهان سچ پچ مؤمن هئو، (يعني توهان کي خود تورات تي به ايمان ۽ عمل ڪونه هو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته الله جي قرآن تي ايمان آڻيو، چون ٿا اسان تورات تي ايمان آڻيون ٿا ۽ قرآن شريف جو انڪار ڪن ٿا، ۽ اهو حق آهي ۽ تورات جي تصديق ڪندڙ، توهان فرمايو پوءِ ڇو توهان اڳين رسولن کي شهيد ڪيو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪتاب تي ايمان آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو. ته چون ٿا ته جيڪي اسان تي (توريت) ۾ نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي (ته) ايمان آڻيو ٿا پر جو ان جي پٺيان (قرآن) آيو آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (قرآن) سچ آهي (۽) جيڪي انهن وٽ (توريت) آهي. تنهن کي به سچو چوندڙ آهي. (اي رسول! کين) چئو ته پوءِ! اوهان (جي وڏن) هن کان اڳ خدا جي پيغمبرن کي ڇو ڪٺو جڏهن اوهين ايمان وارا آهيو؟.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو ان (قرآن) تي جو لاٿو آهي الله.ه چون ٿا ته ايمان آڻيون ٿا ان تي جو لاٿو ويو اسان تي (توراة) ۽ نه ٿا مڃين ان کي جو ان کان سواءِ آهي حالانڪ اهو حق آهي سچو ڪندڙ آهي ان کي جو انهن سان گڏ آهي.رماء پوءِ ڇو شهيد ڪَيُوَ الله جي نبين کي اڳ ۾ جيڪڏهن اوهان مڃيندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو چون ٿا ته جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ايمان آڻيون ٿا ۽ جيڪي ان جي پٺيان آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا هوڏانهن اهو (به) سچ آهي، جيڪو انهن وٽ (توريت) آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي. (اي پيغمبر ! کين) چئو ته پوءِ اوهان هن کان اڳ الله جي نبين کي ڇو قتل ڪيو. جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته جيڪو (قرآن) الله نازل ڪيو ان تي ايمان آڻيو چيائون: ”جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي اسان (صرف) ان تي ايمان آڻيون ٿا“ ۽ ان کان سواءِ (ٻين ڪتابن جو) انڪار ڪن ٿا، حالانڪه اهو (قرآن) حق آهي جو ان (ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جيڪو وٽن آهي. تون انهن کان پڇ ته: ”پوءِ هن کان اڳ اوهان ڇو نبين کي قتل ڪندا رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان (ان ڪتاب کي) مڃندڙ آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن چئجينِ، ته مڃيو مور، الله، جو اُتاريو، چي، اسان تي، جو اُتريو، مڃيون، سو مذڪور، ۽ ٻي کان، جو ٻاهر اُن کان، ڦِرنِ ساڻ فُتور، هوڏانهن، ته آهي اِهو، ظاهر حق ضرور، صحي ڪندڙ ساڻن، جو ڌاران ئي دستور، چئو، تڏهن پوءِ ڪنهن طرح، نبي سڳورا نور، ڪُهو بي قصور، جي وسهڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92)

بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ان جا مثال ٻڌو) اوهان وٽ حضرت موسيٰ سچائي جي روشن دليلن سان آيو، پوءِ توهان هن جي پرپٺ گابو ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ لڳو ۽ ائين ڪرڻ سان توهان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، (۽ حق کان هٽي ويئو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان وٽ موسى چٽين آيتن سان آيو پوءِ انهيءَ کان پوءِ توهان گابي جي پوڄا ڪئي ۽ توهان ظالم هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ موسى اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون وري اوهان ان کان پوءِ (پوڄڻ لاءِ) اوهان گابو بڻايو ۽ اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ آيو اوهان وٽ موسى چٽين نشانين سان ان کان پوءِ به ورتُوَ گابي کي پوڄا جو لائق ڪري ۽ اوهان ظالم آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ موسيٰ اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون. وري اوهان ان کان پوءِ گابو بنايو. ۽ اوهين ظالم هئو. (مولانا محمد مدني)


۽ (حقيقت هي آهي ته) بيشڪ موسى اوهان وٽ چِٽيون نشانيون آنديون پوءِ ان کان بعد اوهان گابي کي (معبود ڪري ) ورتو ۽ اوهان ته آهيو ئي جفا ڪار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ موسٰى، معجزن سان آئيان، پوءِاوهان اُن پڃاڻ، پڪڙيو گابو پاڻ، ۽ اوهين ظالم زبر آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93)

۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور (جبل) کڙو ڪيوسون، (چيوسون ته) جيڪو اوھان کي ڏنوسون (يعني توريت) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين (توريت) جا مڃيندڙ آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو. ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون ته جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جهليو ۽ ان تي عمل ڪيو. توهان (زبان سان ته) چيو ته ٻڌوسين، پر (دل سان چيو ته) نٿا مڃيون. پوءِ ڇا ٿيوجو اوهان جي ڪفر سبب اوهان جي دلين ۾ گابي جي پوڄا اثر ڪري ويئي. اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪڏهن توهان جو ايمان اهو آهي ته ڪهڙي نه برائي آهي، اها جو توهان جو (ڪوڙو) ايمان اوهان کي ڏَسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ياد ڪريو جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو ۽ توهان تي طورسينا بلند ڪيوسين، وٺو توهان جيڪو اسان توهان کي ڏنو آهي طاقت سان ۽ ٻُڌو، چيائون اسان ٻڌوسين ۽ نه مڃيوسين، ۽ ڪفر ڪرڻ جي ڪري توهان جي دلين ۾ گابي جي محبت هئي، توهان فرمايو ڪهڙو نه خراب حڪم ڪري ٿو توهان کي ايمان توهان جو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو ۽ اوهان (جي وڏن) مٿان طور (جبل) کي کڙو ڪيوسين (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي (توريت) ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ته (سهي پر) مڃينداسون نه. سندن بي ايماني سبب (ڄڻ ته) انهن جي دلين ۾ گابي جي الفت (جي سرڪي) پياري وئي (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين ايمان دار هيو ته اوهان کي اوهان جو اهو ايمان ڪهڙو (نه) بڇڙو حڪم ڪري ٿو؟.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن ورتوسون پڪو وعدو اوهان کان ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (چيوسون ته) وٺو جيڪو (ڪتاب) ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ٻڌو.يائون ته ٻڌسون ۽ نه مڃيوسون ۽ پياريا ويا پنهنجين دلين ۾ گابي (جي محبت) سببان ڪفر سندن جي فرماءِ ته برو آهي اهو جو امر ٿو ڪري اوهان کي ان لاءِ ايمان اوهان جو جيڪڏهن آهيو مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون. (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ۽ اسان نه مڃيو. ۽ انهن جي دلين ۾ سندن ڪفر جي ڪري گابي جي محبت پياري (وِڌي) ويئي. (کين) چئو ته اهو بڇڙو آهي جنهنجو اوهان کي اوهان جو ايمان حڪم ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان اوهان کان پڪو عهد ورتو ۽ (ان وقت) اسان اوهان مٿان طُور (جبل) کي (هڻڻ لاءِ) کنيو هيو ۽ (حڪم ڪيوسين ته) جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوطيءَ سان وٺو ۽ (اسان جا احڪام) ٻڌو. (اوهان جي وڏن) چيو اسان ٻڌو ۽ نه مڃيوسين ۽ انهن جي ڪفر سبب انهن جي دلين ۾ گابي جي محبت پَـــرٽِــي وئي. چؤ ته ڪيڏي بري (ڳالهه) آهي جيڪا اوهان کي اوهان جو ايمان امر ڪري ٿو، اگر اوهان (واقعي به) ايمان وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مُقرّر اوهان کان مور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جَبرو جبل طور، جو ڏنو سُونِيان، سو وٺو، زور ساڻ ضرور، ۽ سڻو؛ چي، سئوسون ۽ ڀڳو سون حڪم حضور، ۽ اُنهن جا اُٻهرائئَ سان، مَن رتا ويا مور، ڪارڻ ڪُفر قصور، ڦرڻ سندنِ، فرمان کان.چئو بڇرو سو بيان، جنهن جو امر، اوهان کي ڪري، اوهان جو ايمان، جي وسهڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94)

(اي پيغمبرکين) چؤ ته جيڪڏھن آخرت جو گَھرُ الله وٽ ٻـين ماڻھن کان سواءِ خلاصو اوھان لاءِ آھي ته جيڪڏھن (پنھنجي چوڻ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽان خالص طور توهان جي لاءِ آهي، نه ٻين لاءِ (جيئن توهان دعويٰ ڪيو ٿا) ته پوءِ جيڪڏهن انهيءَ دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت لاءِ خواهش رکو (دنيا جا پوڄاري ڇو ٿيا آهيو).(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪڏهن توهان لاءِ آخرت جو گهر الله تعالى وٽ خاص آهي ٻين ماڻهن کان علاوه، پوءِ توهان مرڻ جي سڌ ڪريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽ ٻين ماڻهن کانسواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته (ڀلا) موت جي خواهش (ته) ڪريو (ته جيئن جلد جنت ۾ وڃو) جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟.(سيد فرمان علي)


فرماءِ جيڪڏهن آهي اوهان لاءِ آخرت وارو گهر الله وٽ خاص ٻين ماڻهن کان سواءِ پوءِ سَڌ ڪيو مرڻ جي جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر الله وٽ ٻين ماڻهن کان سواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته موت جي خواهش ڪريو. جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


چؤ جيڪڏهن (واقعي) الله وٽ آخرت جو گهر ٻين سڀ انسانن کي ڇڏي صرف اوهان لاءِ ئي مخصوص آهي ته پوءِ توهان کي گُھرجي ته موت جي تمنا ڪيو جي اوهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته اوهان لئي آخرت، جي رڳو وِچان راڄ، مقرر آهي مورهين، ڏاتار وٽ ڏاڄَ، ته موت گھرو محتاج!، جي صفا سچ تي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95)

۽ جيڪي ڪرتوت سندن ھٿن اڳي موڪليا آھن تن سببان اُن (موت) کي ڪڏھن به نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي (چڱي طرح) ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر هو هرگز موت جي تمنا نه رکندا ڇو ته هنن جي هٿن گهڻن ئي گناهن جو سمر اڳواٽ موڪلي ڏنو آهي (سزا کان ڊڄن ٿا، پر مؤمن جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا سي موت کان ڪونه ٿا ڊڄن) الله تعاليٰ ظلم ڪرڻ واري کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هرگز (ڪڏهن به) ان جي آرزو نه ڪندا، پنهنجي بدعملن جي ڪري ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا. انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي هنن پنهنجو پاڻ اڳي موڪليو آهي. (هرگز موت جي آرزو نه ڪندا) ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ هر گز نه سڌ ڪندا ان جي هميشہ سببان ان جي جو اڳي ڪري موڪليو آهي هٿن انهن جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا، انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ان (موت) جي تمنا ته اصل ڪونه ڪندا انهن گناهن جي سبب جيڪي اڳ ڪري چڪا آهن ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مدامِي ، سي مدعي، مرڻ نه گُھرندا مور، جو سندن هٿن سَنباهيو، ڪارڻ تنهن قصور، ۽ ظُلمينِ کان ضرور، خدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96)

۽ (اي پيغمبر) انھن (يھودين) کي جيئڻ تي ماڻھن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو لھندين، منجھائن ھر ڪو گھرندو آھي ته جيڪر ھزار ورہيه جياريو وڃي ھا، ۽ اھو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


نه رڳو ايترو پر توهان ڏسندؤ ته وڏي حياتيءَ لاءِ حرص هنن کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ آهي. مشرڪن کان به وڌيڪ حرص اٿن. هنن مان هرهڪ چاهي ٿو ته شال هڪ هزار سال جيئرو هجان پر ڊگهي حياتي هنن کي آخرت جي عذاب کان ڪونه ڇڏائيندي. جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان انهن کي، حياتي لاءِ وڌيڪ پسند ڪندڙ ڏسندا ۽ مشرڪن مان هڪ ٽولي کي تمنا آهي ته ڪاش جيڪڏهن انهن کي هزار سال زندگي ملي، سندن گهڻو جيئڻ کين عذاب کان پري رکي نه سگهندو، ۽ الله تعالى سندن عملن کي ڏسندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تون انهن کي (ئي دنيوي) زندگي جو سڀ کان وڌيڪ حرص وارو لهندين. ۽ مشرڪن مان به هر هڪ شخص چاهي ٿو ته جيڪر! کيس هزار ورهين جيتري ڊگهي عمر ڏني وڃي، هوڏانهن جيڪڏهن ايتري عمر ڏني به وڃي ته به اها (خدا جي) عذاب کان ڇڏائيندي ته ڪين! ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته ضرور لهندين انهن کي وڌيڪ حرص ڪندڙ ماڻهن مان (دنيا جي) حياتيءَ لاءِ ۽ انهن کان به وڌيڪ جو شرڪ ڪيائون پسند ٿو ڪري هر هڪ انهن مان ته عمر ڏنو وڃي هزار سال ۽ نه آهي اهو ڇڏائيندڙ ان کي عذاب کان هيءَ (ڳالھ) جو (وڏي) عمر ڏنو وڃي ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ تون ٻين ماڻهن ۽ مشرڪن کان انهن کي حياتيءَ تي وڌيڪ حرص وارو لهندين. انهن مان هرهڪ خواهش ڪري ٿو ته ان کي هزار ورهن جي ڊگهي عمر ڏني وڃي هوڏانهن ڊگهي عمر ملڻ ان کي عذاب کان پري ڪندڙ نه آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو الله ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون پڪ سان انهن کي سڀ ماڻهن کان وڌيڪ جيئڻ جي هوس ۾ مبتلا لهندين . ۽ (ايستائين جو) مشرڪن کان به وڌيڪ، انهن مان هڪ چاهي ٿو ته هائو جي ان کي هڪ هزار سال جي عمر ملي پوي! حالانڪه اها ان کي عذاب کان بچائڻ واري ناهي توڙي ان کي ايتري عمر ملي به وڃي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هٻڇِي حياتئَ تي، ڏسندينِ، ماڻهن ۾ مور، پڻ جن جاٽون جوڙيون، تن کان به زور ضرور، اُنهن مان، هر هيڪڙو، مڱي ٿو مغرور، ته جيرو هجي جھان ۾، هزار ورهن وهلور، ۽ جيئي سو جيڪر کڻي، ته به درد نه ڪندس دُور، ۽ پسندڙ پاڪ حضور، جيڪي ڪن جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97)

(اي پيغمبرکين) چئو ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇوته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجي دل تي لاٿو آھي جيڪي کانئس اڳي آھي تنھن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) چئو ته جيڪو (مَلَڪ) جبريل سان دشمني رکي ٿو انهيءَ ڪري جو هو الله جي حڪم سان تنهنجي قلب تي وحي نازل ڪري ٿو ۽ اهو وحي تصديق ڪري ٿو انهيءَ وحي جي جو اڳي نازل ٿيو آهي ۽ مؤمنن جي لاءِ حق جي راه کوليندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪو جبريل جو دشمن آهي پوءِ تحقيق انهي توهان جي دل مبارڪ تي الله جي حڪم سان قرآن شريف لاٿو. جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق ڪندڙ ۽ هدايت ۽ مبارڪ آهي مؤمنن لاءِ.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته جيڪو (به) جبرائيل جو دشمن آهي (تنهن جو خدا دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجيءَ دل تي خدا جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي ۽ اهو انهن ڪتابن کي به سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوشخبري آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته جيڪو دشمن آهي جبريل جو (ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته) بيشڪ ان لاٿو آهي ان (قرآن) کي اوهان جي دل (مبارڪ) تي الله جي حڪم سان تصديق ڪندڙ آهي انهن (ڪتابن جي) جيڪي ان کان اڳ ۾ لٿل آهن. هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته جيڪو جبريل جو دشمن آهي (سو الله جو دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي جيڪو ان جي اڳيان (توريت) آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوش خبري آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ جيڪو جبريل جو دشمن آهي (سو پنهنجي جان جو دشمن آهي) ڇو ته بيشڪ انهيءَ ته ان (قرآن) کي تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان لاٿو آهي، جيڪو اڳين (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، جبرائيل جو بدخواه، ڪو آهي ته، اُن اتاريو، هِي، تنهنجي هنيـين مٿي، اِذن ساڻ اللهَ، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو اُن جي اڳيان آھِ، ۽ صحي سونھپ راه، پڻ مبارڪ مؤمنين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98)

جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻبو ته بيشڪ الله (به اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پوءِ) جيڪو الله جو ۽ ملائڪن جو ۽ رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي (يعني وحي جي سلسلي جو مخالف آهي) ته پوءِ الله تعاليٰ به اهڙن حق جي منڪرن جو دوست ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪو شخص الله تعالى ۽ ان جي ملائڪن ۽ رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو مخالف آهي، پوءِ تحقيق الله تعالى عذاب ڏيندڙ آهي ڪافرن کي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪو خدا ۽ سندس ملائڪن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ خدا (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي.(سيد فرمان علي)


جيڪو دشمن آهي الله جو ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪال جو پوءِ بيشڪ الله دشمن آهي ڪافرن جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ الله (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي. (مولانا محمد مدني)


جيڪو ماڻهو الله جو دشمن آهي ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو ته پوءِ بيشڪ الله (به انهن) ڪافرن جو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيڪو عدو الله ، سندس ملڪن ۽ مرسلن جو، ۽ جبرائيل، ميڪائيل جو، ويري آھِ وِڻـاھ، ته پرور پاتشاھ، عدو انڪارين جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99)

۽ (اي پيغمبر) بي شڪ تو ڏانھن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُن جو منڪر نه ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي جا روشن دليل نازل ڪيا آهن ۽ انهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي سچائي ۽ نيڪ عملن کي ڇڏي) گمراه ٿي ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسان توهان تي اي حبيب ! چٽيون آيتون نازل فرمايون، ۽ انڪار نٿا ڪن انهيءَ جو مگر بي دين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر نشانيون نازل ڪيون ۽ انهن جو بدڪارن کانسواءِ ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق نازل ڪيون سون اوهان ڏي روشن نشانيون ۽ نه ٿا انڪار ڪن انهن جو مگر بي فرمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر ڳالهيون نازل ڪيون آهن. ۽ انهن جو بدڪارن کان سواءِ ڪو انڪار نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني)


۽ البته بيشڪ اسان تو ڏانهن روشن آيتون لاٿيون آهن، ان جو نافرمانن کان سواءِ ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توڏي اسان اُتاريون، نيشانيون نروار، ۽ اُن کان، نه ڪن انڪار، مگر ڏوهارِي ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100)

جڏھن به ڪو انجام ٻڌائون ٿي ته ان کي ڇو منجھائن ھڪ ٽوليءَ ڀڳو ٿي، بلڪ منجھائن گھڻا ايمان نه آڻيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن به هنن يهودين (حق جي تابعداري جو ڪو) عهد ڪيو تڏهن انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ٽوليءَ انهيءَ عهد کي اڇلائي ڦٽو ڪيو، حقيقت هيءَ آهي ته هنن مان گهڻا اهڙا آهن جن جون دليون ايمان کان خالي آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا جڏهن اهي ڪو وعدو ڪن ٿا انهن مان هڪ جماعت وعدو ٽوڙي ٿي، پر گهڻا انهن مان تورات کي نٿا مڃن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (انهن جي اها حالت آهي جو) جڏهن به ڪو اقرار ڪيائون ته انهن مان هڪ ٽولي (اهو انجام) ٽوڙي ڇڏيو، بلڪه انهن مان گهڻا ايمان به نٿا رکن.(سيد فرمان علي)


ڇا (اهو نه آهي ته انهن) جڏهن به پڪو وعدو ڪيو ته ڀڳو ان (وعدي) کي هڪ جماعت انهن مان.لڪ گهڻا انهن مان ته ايمان به نه ٿا آڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا جڏهن به ڪو انجام ٻڌائون ته انهن مان هڪ جماعت ان کي اڇلائي ڇڏيو. بلڪ انهن مان گهڻا (توريت تي به) ايمان نه ٿا رکن. (مولانا محمد مدني)


۽ ڇا هميشه ائين نه ٿيندو رهيو آهي جو جڏهن به انهن ڪو معاهدو ڪيو ته انهن مان هڪ ٽولي ان کي ٽوڙي ڇڏيو. بلڪه انهن مان گهڻا ته ايمان ئي نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا جڏهن تڏهن ، اُنهن وري، ڪيا قول قرار، ته اڇلايسِ اُنهن منجھان، ٻارِي ڪنهن بيهار، بلڪ گھڻا بدڪار، تن مان، نه مڃينِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101)

۽ جڏھن پيغمبر (مُحمّدﷺ) انھي (يعني توريت) جو سچو ڪندڙ جيڪو وٽن آھي الله وٽان آين (تڏھن) جن کي ڪتاب (توريت) ڏنو ويو تن مان ھڪ ٽوليءَ الله جي ڪتاب کي پنھنجن پُٺين پويان اُڇليو ڄڻڪ اُھي ڄاڻندا ئي نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن وٽ الله وٽان هڪڙو رسول انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندي آيو جو وٽن اڳ ۾ موجود هو تڏهن انهن يهودين جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، تن مان هڪ ٽولي انهيءَ الله جي ڪتاب (تورات) کي پنهنجي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيو. ڄڻ ته ان کي سڃاڻيندا به نه هئا. (حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي نه مڃڻ تورات کي نه مڃڻ جي برابر هو، ڇو ته تورات ۾ ٻنهي جي سچائيءَ جون پيشنگويون آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان رسول ڪريم آيو جيڪو سندن ڪتاب جي تصديق ڪري ٿو ته انڪار ڪيو هڪ ٽولي اهلِ ڪتاب وارن مان، قرآن شريف جي حڪمن کي نه مڃو گوياڪ بيشڪ اهي نٿا ڄاڻن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرف کان رسول (محمد) آيو جو، جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن به اهل ڪتاب مان هڪ جماعت خدا جي ڪتاب (توريت) کي پنهنجي پٽن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن آيو انهن وٽ رسول، الله جي طرفان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ته اڇلايو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان الله جي ڪتاب کي پنهنجين پٺين جي پويان ڄڻ ته اهي ڄاڻن ئي ڪونه ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان رسول (محمدصه) آيو جو جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن اهل ڪتاب مان هڪ جماعت الله جي ڪتاب (تورات) کي پنهنجي پٺين پٺيان اڇلائي ڇڏيو ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان رسول (محمد ڪريم ﷺ ) آيو جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو (ڪتاب تورات) انهن وٽ آهي ته ڪتاب وارن مان هڪ جماعت الله جي ڪتاب کي پنهنجي پُٺِيُن پويان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻڪ اهي ڄاڻن ئي نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آينِ، جڏهن اللهَ وٽان، مُرسل مهربان، صحي ڪندڙ ساڻن، جي ڀيڙا باب بيان، تڏهين تورات، جن مڃيو، تن مان، ڪوفِر قو بي فرمان، پنهنجي پُٺن پٺيان، صحيفو سُبحان، اُڇلايؤن عيان، ڪَر اُهي، ڄاڻن ئـِي ڪونه ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102)

۽ اُھي (يھودي توريت جي پيروي ڇڏي) اھڙن (باطل علمن) جي پٺيان لڳا جيڪي سليمان جي واري ۾ شيطان پڙھندا ھوا، ۽ سليمان (جادو ڪرڻ جو) ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻھن کي جادو سيکاريندا ھوا، ۽ پڻ (جادوءَ کي اسماء الٰهيه ساڻ بيجا استعمال ڪرڻ جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماء الٰهيه جا اسرار) ٻن ملائڪن ھاروت ۽ ماروت تي بابل (شھر) ۾ نازل ٿيا ھئا، ۽ اُھي ٻئي (انھن سڳورن علمن مان) ڪجھ به ايسين ڪنھن ھڪڙي کي نه سيکاريندا ھوا جيسين (ھي) چوندا ھئا ته اسين رڳو پرکه آھيون تنھنڪري (انکي بيجا ڪم ۾ آڻي) ڪافر نه بڻج (جو ناجائز ڪمن لاءِ اسماءِ الٰهي ڪم آڻڻ ڪفر آھي) پوءِ کانئن اُھو سکندا هُئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ ڦيٽو وجھندا هُئا، ۽ اُھي اُن سان ڪنھين ھڪڙي کي الله جي حڪم ڌاران ڏکوئيندڙ نه هُئا، جيڪا کين ڏکوئيندي ۽ فائدو نه ڏيندي سا سکندا هُئا، ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي ته جنھن اُھا ڳڌي تنھن کي آخرت ۾ ڪو نصيب نه آھي، ۽ جنھن سان پاڻ کي وڪيائون سا ضرور بڇڙي آھي، جيڪر ڄاڻن ھا (ته پاڻ پلين ھا).(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو ان (جادوءَ) جي پٺيان لڳي پيا جو حضرت سليمان (عليه السلام) جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ شيطان (يعني شرير ماڻهو) پڙهندا هئا، پر حضرت سليمان ڪڏهن به اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو (جادو نه سيکاريو) مگر انهن ئي شيطانن جو ڪفر هئو جو ماڻهن کي جادوگريءَ سيکاريندا هئا، نڪي اهو جادو بابل ۾ هاروت ۽ ماروت مَلڪن تي نازل ٿيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي به هو سيکاريندا هئا سو هيئن چوڻ کان سواءِ نه سيکاريندا هئا ته يقيناً اسان اوهان جي لاءِ فتنو (آزماش) آهيون. پوءِ توهان ڪفر جو ڪم نه ڪيو، پر تنهن هوندي به ماڻهو شيطانن کان اهڙا ڪم سکندا هئا جن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهڻ گهرندا هئا پر هو ڪنهن به انسان کي نقصان پهچائي ڪونه سگهندا هئا، پر خدا جي حڪم سان هونئن ئي ڪنهن کي نقصان پهچڻو هوندو ته پوءِ ته پهچندو. ۽ اهي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون سکن ٿا جي هنن کي نقصان ٿيون پهچائين نه فائدو. هنن کي خبر به آهي ته جيڪو به (پنهنجو دين ايمان وڪڻي) جادوگري خريد ڪندو تنهن کي آخرت جي ڀلاين مان ڪجهه به نه ملندو. ڪهڙي نه خراب شيءِ جي واسطي هنن پنهنجون جانيون وڪڻي ڇڏيون. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهيءَ جي پويان ويا جيڪو شيطان پڙهندا هئا سليمان جي دورِ حڪومت ۾، ۽ نه جادو ڪيو سليمان پر شيطانن ڪفر ڪيو (يعنى) ماڻهن کي جادو سيکاريو، ۽ جيڪو بابل شهر ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي الهام ٿيو، ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي ڪجهه به نه سيکاريندا هئا جيستائين نه چوندا هئا ته اسين امتحان ۾ آهيون، پوءِ تون ته ڪفر نه ڪر، پوءِ انهن کان سکندا هئا اهو علم جيڪو زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪري، ۽ انهيءَ علم مان ڪنهن کي به الله جي اجازت کان سواءِ نقصان پهچائي نٿي سگهيا ۽ اهو علم سکيا ٿي جيڪو انهن کي نقصان ڏي ۽ ڪوبه فائدو نه ڏي، ۽ بيشڪ ضرور انهن معلوم ڪيو ته جيڪو اهو واپار ڪندو انهيءَ لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ناهي، ۽ البته خراب شيءِ هئي جيڪا انهن خريد ڪئي، ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي ان منتر (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو (جو) ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيسين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش (جو ذريعو) آهيون ۽ تون (هن علم کي بيجا طور ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر! پوءِ انهن ٻنهي مان (جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجھ سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ ان جي زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان سان خدا جي حڪم کانسواءِ ڪنهن کي به نقصان رسائي نٿا سگهن ۽ اهو ڪجھ سکن ٿا جيڪو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن، جيڪڏهن (اها ڳالھ) ڄاڻن ها.(سيد فرمان علي)


۽ پيروي ڪرڻ لڳا ان جي جو پڙهيو ٿي شيطانن (حضرت) سليمان جي بادشاهيءَ جي وقت ۾ حالانڪ سليمان ته ڪو به ڪفر نه ڪيو هو بلڪ شيطانن ئي ڪفر ڪيو جو سيکاريندا هئا ماڻهن کي جادو ۽ اهو به جو نازل ڪيو ويو ٻن ملائڪن تي بابل (شهر) ۾ (انهن جا نالا) هاروت ۽ ماروت هئا ۽ نه ٿي پڙهايائون ڪنهن هڪ کي تان جو چيائون ٿي ته تحقيق اسين آزمائش آهيون پوءِ تون ته ڪفر نه ڪر (ان جي باوجود) پوءِ سکندا هئا انهن ٻنهي کان اهو (جادو) جو جدائي وجهندا هئا ان سان مڙس ۽ ان جي زال ۾ ۽ ناهن اهي نقصان ڏيندڙ ان سان ڪنهن هڪ کي الله جي اذن کان سواءِ سکن ٿا اها (شيءِ) جو نقصان ڏئي انهن کي ۽ نه ٿي نفعو ڏئي سگهي انهن کي ۽ البته چڱيءَ طرح ڄاتو هئائون ته البته جو شخص به خريد ڪندو ان (علم) کي ته ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو (الله جي) رحمت مان ۽ البته بڇڙي آهي اها (شيءِ) جو وڪڻيائون ان جي بدلي ۾ جانيون پنهنجيون جيڪڏهن ڄاڻن ها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهي ان (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا. ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي. ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن ملڪن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو. ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيستائين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش آهيون پوءِ تون (هن علم کي بيجا طرح ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر. پوءِ انهن ٻنهي مان (يعني جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجهه سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان (جادوءَ ۽ علم) سان الله جي حڪم کان سواءِ ڪنهن کي به نقصان پهچائيندڙ نه آهن ۽ اهو ڪجهه سکن ٿا جو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نه ٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن جيڪڏهن ڄاڻن ها. (مولانا محمد مدني)


۽ پٺيان لڳا ان (جادوءَ) جي جيڪو سليمان جي دؤرِ حڪومت ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ته ڪفر ڪو نه ڪيو هيو بلڪه ڪفر ته شيطانن ڪيو جيڪي ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا ۽ ان (جادو جي پويان لڳي پيا) جيڪو بابل جي شهر ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي لاٿو ويو هيو. ۽ اهي ٻئي (ملائڪ) ڪنهن کي ڪجهه نه سيکاريندا هئا ايستائين جو چوندا هئا ته اسان ته صرف آزمائش آهيون سو اوهان (ان تي ويساهه رکي) ڪفر نه ڪيو. ان هوندي به اُهي (يهودي) انهن کان اهڙا (ٽوڻا ڦيڻا) سکندا هئا جن سان زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهن. حالانڪه اُهي ان جي ذريعي ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿي پهچائي سگهيا، سواءِ الله جي اذن جي. ۽ اُهي شيون سکن ٿا جيڪي انهن کي نقصان ڏين ۽ نفعو نه ڏين ۽ بيشڪ اهو به ڄاتائون ته جيڪو ان (جادو) جو خريدارٿيو ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي، ۽ بري شيءِ آهي جنهن جي عيوض پنهنجي جانين جو سودو ڪيائون هائو جي (ان جي اصليت) ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تن ٽوڻـن ڦيڻن جا، تابع ٿيا تعبان، سليمان جِي صاحبئ ۾، جي پڙهندا هئا شيطان، ۽ ڪفر نه سليمان ڪيو، پر جن ڀوت بيگمان، جادو منجھ جھان، هئا، مَنڊ سيکاريندا ماڻهين. ۽ نڪي اُتاريوسون، ٻن مَلڪن مٿي مور، هاروت ۽ ماروت تي، بابل ۾ مشهور، نه ڪنهن کي سيکاريندا، سي هئا، تان ظاهر چون ضرور، ته اسين فِتنو ۽ فتور، پوءِ ڦر نه تون، فرمان کان. پوءِ به سکن پيا، اُنهن ڪنان، سي جھاڙون جادوگر، جن سان، وجھن گوڙ گھر ۾، ڇِنن ونِي، سندس کان ور، ۽ هرگـز نه ڏينِ ڪنهن هيڪ کي، سي ضرر ذري ڀر، مُقرّر مگر، اِذن ساڻ الله جي. ۽ سوئي پيا، ساڌِين سي، جنهن مان، ضرر کين ضرور، ۽ تن مورکن کي مور، ڪسرڪسيرو ڪا نه ڏي. ۽ پتو هونِ پاڻ، ته جنهن خلل، سو خريد ڪيو، حِصّو آخرت ۾، ڪونهي انهئَ ڪاڻ. ۽ بلڪل بچڙو، سو ٿيو، پاڻ وڪيؤن، جنهن ساڻ، هوند هچارا هاڻ، صحي سوچينِ ڳالھ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103)

۽ جيڪڏھن اُھي (يھودي) ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا ته الله وٽان ضرور چڱو بدلو (ملين ھا)، جيڪڏھن ڄاڻن ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن اهي ماڻهو (خدا جي حڪمن تي) ايمان آڻين ها ۽ نافرماني کان بچن ها ته هنن کي الله وٽان بهتر اجر ملي ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها!(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن بيشڪ اهي ايمان آڻن ها ۽ شرڪ کان بچن ها ته انهن لاءِ الله وٽ ثواب هجي ها، ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ (جادو ۽ ٻين ڏوهن کان پاڻ بچائي) پرهيزگار ٿين ها ته خدا جي بارگاھ مان جيڪو کين ثواب ملي ها سو ان (ڳالھ) کان گهڻو سٺو هجي ها، ڪاش! اهي ماڻهو (ايترو ته) ڄاڻن ها.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن بيشڪ اهي ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته (ان جو) ثواب الله وٽان گهڻو ڀلو آهي جيڪڏهن ڄاڻندا هجن ها . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته الله وٽان چڳو بدلو هو جيڪڏهن ڄاڻن ها. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اُهي ايمان آڻن ها ۽ ڊڄن ها ته الله وٽان ثواب انهن لاءِ بهتر هيو. هائو جي (اصل حقيقت) ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هوندو مڃيائون مورهين ۽ چڱي رکيائون چال، ته ڀلو، ڀلي وٽ ڀال، هوندرکن ڪو حوصلو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104)

اي ايمان وارؤ (پيغمبر کي عرض ڪرڻ مھل) راعِنا (جو لفظ) نه چئو ۽ اُنظرنا (جو لفظ) چئو ۽ (اھو حڪم دل سان) ٻڌو، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ايمان وارؤ! راعنا (اسان ڏي ڌيان ڏي) جو لفظ ڪم نه آڻيو (جڏهن پيغمبر صلي الله عليه وسلم جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ چاهيو، ڇو ته اهو لفظ ٻه معنائون ٿو رکي) پر انظرنا (اسان ڏي ڌيان ڪر) چئو ۽ (پوءِ جيڪي پاڻ سڳورا فرمائين سو) خيال سان ٻڌو. اهڙن حق جي منڪرن کي ته دردناڪ عذاب ملڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو! رسولِ عربي کي رَاعِنَا جي لفظ سان عرض نه ڪريو بلڪ اُنظُرنا جي لفظ سان عرض ڪريو ۽ چڱي طرح ٻڌو، ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) راعنا (اسان جي رعايت ڪر) نه چوندا ڪريو پر انظرنا (اسان ڏي توجه جي نظر فرمايو) چوندا ڪريو ۽ (دل سان) ٻڌندا رهو ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! (نبي پاڪ سان ڳالهائڻ وقت) نه چئو راعنا بلڪ چئو (انظرنا) نظر فرمايو اسان تي ۽ (غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) رَاعِنا نه چئو ۽ اُنظُرنَا چئو ۽ اوهين ٻڌو ! ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! (نبي سان مخاطب ٿيندي) رَاعِنَا نه چؤ ۽ اُنْظُرْنَا (اسان تي نظرِ ڪرم ڪيو) چؤ ۽ (سندن فرمانَ غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي جن مڃيو!، سي مَ چئو، ته اي اسان جا ڌرار!، ۽ چئو نِهار اَسان ڏي، يا نبي!، ٻُڌو ڳالھ ٻيهار، ۽ آهي اِنڪارين هار، سورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105)

نڪي ڪو ڪتاب وارن ڪافرن مان ۽ نڪي ڪو مشرڪن مان اوھان جي پالڻھار کان اوھان تي ڪنھن چڱائيءَ جو لھڻ گھرندو آھي، ۽ الله پنھنجي ٻاجھ سان جنھن کي وڻيس تنھن کي چونڊيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهل ڪتاب مان جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ پڻ عرب ملڪ جا مشرڪ نٿا چاهين ته تنهنجي رب وٽان توتي خير ۽ برڪت (يعني وحي) نازل ٿئي. پر الله ته جنهن کي چاهي تنهن کي پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي کڻي ٿو ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي ڪافر آهن اهلِ ڪتاب مان يا مشرڪن مان اهي نٿا چاهين ته رسولِ عربي تي سندس رب جي طرفان ڪو انعام نازل ٿئي، ۽ الله تعالى خاص ڪري ٿو رحمت پنهنجيءَ سان جنهنکي گُهري، ۽ الله تعالى وڏو مهربان آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) جيڪي اهل ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا اهي ۽ مشرڪ پسند نٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار وٽان ڪا ڀلائي (وحي جي) لاٿي وڃي، خدا هوڏانهن پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري خاص ڪري چونڊي ٿو ۽ خدا وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي)


نه ٿا پسند ڪن ڪافر اهل ڪتاب وارن مان ۽ نه مشرڪ هن ڳالھ کي جو لاٿي وڃي اوهان تي ڪا ڀلائي اوهان جي رب جي طرفان ۽ الله خاص ٿو ڪري پنهنجيءَ رحمت سان جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي اهل ڪتاب مان ڪافر ٿيا سي ۽ مُشرڪ پسند نه ٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پاليندڙ وٽان ڪا ڀلائي لاٿي وڃي. هوڏانهن الله پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري تنهن کي خاص ڪري (چونڊي) ٿو. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


نه اُهي ماڻهو جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر آهن ۽ نه مشرڪ هن ڳالهه کي پسند ٿا ڪن جو توهان جي رب وٽان توهان تي ڪو خير نازل ٿئي. ۽ الله پنهنجي رحمت سان جنهن کي چاهي ٿو خاص ڪري ڇڏي ٿو. ۽ الله وڏي فضل فرمائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن ڪتابين، ڪفر ڪيو، تن وڻي نه اِي وائيِ، نه مشرڪن کي مورهين، جي جاٽون ڪن جائـِي، ته اُتري اُنهن جي ربّ کان، ڪا آن تي ڀلائي، ڌڻي ته وڻيس، تنهن تي، ٻاجھ ڪري ڪائـِي، ۽ ڌڻي ڌُريان ئي، والي وڏِئَ ٻاجھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106)

(اي پيغمبر) جي ڪا آيت منسوخ ڪندا آھيون يا (تنھنجي دل تان) اُھا وسارائيندا آھيون ته انھي کان چڱي يا جھڙيس آڻيندا آھيون. نه ڄاڻندو آھين ڇا ته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان وحين مان ڪوبه وحي بدلايون يا وسارائي ٿا ڇڏيون ته ان کان بهتر يا ان جهڙو نازل ڪيون ٿا. ڇا توهان نٿا ڄاڻوته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي؟(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن اسين ڪا آيت منسوخ ڪريون ٿا يا دلين تان ميٽيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي آيت آڻيون ٿا، ڇا نٿو ڄاڻين تون (اي ٻڌندڙ) بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا (ذهن تا) وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي نشاني) آڻيون ٿا. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته بيشڪ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي؟(سيد فرمان علي)


جيڪا آيت اسان منسوخ ٿا ڪيون يا اها وسارائي ٿا ڇڏيون ته آڻيون ٿا ان کان ڀلي يا ان جهڙي ڇا اوهان نه ڄاتو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي آيت) آڻيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


اسان جڏهن ڪنهن آيت کي منسوخ ڪيون ٿا يا وسارايون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي آڻيون ٿا، ڇا تو کي خبر نه آهي ته الله هر شيءِ مٿان سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حڪم نه مَٽيون مور ڪو، نه وسارايان سو، آڻيون ڀلو اُن کان، يا اُن جھڙو جو، ڇا نه ڄاتو تو، ته الله قادر ڪل مٿي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107)

(اي پيغمبر) نه ڄاڻندو آھين ڇا ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو آھي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان نٿا ڄاڻو ته زمين ۽ آسمانن جي بادشاهت فقط الله تعاليٰ جي آهي ۽ هن کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو توهان جو دوست ۽ مددگار ٿئي.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا نٿو ڄاڻين تون بيشڪ الله تعالى لاءِ ملڪ آهي آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ ناهي توهان جو (اي مؤمنو) الله کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ مددگار.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو کي خبر نه آهي ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي خدا جي (لاءِ ئي) آهي ۽ اوهان جو خدا کانسواءِ نڪو سرپرست (ئي) آهي ۽ نه ئي مددگار.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڄاتو تو نه بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ نه آهي اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪو ساٿي ۽ نه ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڇا تو نه ڄاتو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. ڇا تو نه ڄاتو ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ اوهان جو الله کان سواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله لاءِ آهي ۽ الله کان سواءِ توهان لاءِ نه ڪو دوست آهي نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تو نه ڄاتو ڇا؟، ته الله جَلَّ جَلَالہ، مڙئـِي ملڪ اُن جو، اُڀ، ڀون جا بجا، ۽ اهنجو اُن سوا، نه والي، نڪو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108)

(اي مسلمانؤ) اوھين پنھنجي پيغمبر کان ايئن سوال ڪرڻ ڇو ٿا گھرو جيئن اڳ (يھودين) موسىٰ کان پڇيو ھو؟ ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سِڌيءَ واٽ کان ڀُلو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنهنجي رسول کان به ايئن اجايا سوال پڇو جيئن اڳي حضرت موسيٰ کان يهودين پڇيا هئا. (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان جي نعمت حاصل ڪري وري ان جي بدلي ڪفر اختيار ڪندو سو يقيناً سڌي واٽ کان ڀلجي گمراهه ٿي ويندو (ڪاميابيءَ جي منزل ڪونه پهچندو.)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهو چاهيو ٿا ته پنهنجي رسولِ عربي کان سوال ڪريو جيئنڪ توهان کان اڳ موسى کان سوال ڪيو ويو ۽ اهو ماڻهو جيڪو ايمان کي ڪفر سان مَٽائي ٿو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تان هٽي ويو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانوءَ) ڇا اوهين به پنهنجي رسول کان ائين ئي (بي ڍنگا) سوال ڪرڻ گهرو ٿا جيئن هن کان اڳ موسى کان اجايا سوال ڪيا ويا هوڏانهن جنهن ڪفر کي ايمان جي بدلي اختيار ڪيو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو.(سيد فرمان علي)


ڇا ارادو ٿا ڪيو ته سوال ڪيو پنهنجي رسول کان جيئن سوال ڪيو ويو موسى کان اڳ ۾ ۽ جيڪو مٽائي وٺي ٿو ڪفر عوض ايمان جي پوءِ تحقيق گمراهه ٿيو اهو سڌيءَ واٽ کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا اوهين پنهنجي رسول کان (ائين) سوال ڪرڻ گهرو ٿا ڇا جيئن هن کان اڳ موسيٰ کان سوال ڪيو ويو. هوڏانهن جيڪو ڪفر کي ايمان جي بدلي وٺندو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو. (مولانا محمد مدني)


(اي مسلمانو!) ڇا اوهان پنهنجي رسول کان اهڙا سوال ڪرڻ گهرو ٿا؟ جيئن اڳ موسى کان سوال ڪيا ويا هئا. ۽ جيڪو ايمان جي بدلي ڪفر حاصل ڪري ته پڪ سان اهو سڌي واٽ کان ڀٽڪي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا گھرو ٿا؟، ته سوال، ڪريو، پنهنجي پاڪ نبئ کي، مُهند مُوسٰى کي ڪيون، سوال جنهن مثال، ۽ ايمان کي، انڪار سان، جو بدليندو بحال، موڙهو، سو مَتوال، صحِي سنئين واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109)

ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ياد رکو ته) اهل ڪتاب مان هڪ وڏو تعداد چاهي ٿو ته اوهان کي ايمان مان ڪڍي، وري ڪفر ۾ موٽائين ۽ اگرچه حق هنن لاءِ ظاهر ٿي پيو آهي ته به حسد کان ايئن ڪرڻ ٿا گهرن. پوءِ (بي فائده بحثن کي ڇڏي) معافي ۽ درگذر جو رستو وٺو، جيستائين ڪه الله تعاليٰ جو فيصلو ظاهر ٿي وڃي، (يعني حق جي فتح ٿيندي ته ثابت ٿي ويندو ته هو باطل تي آهن) بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهلِ ڪتاب وارن مان گهڻا ارادو ڪن ٿا ته ڪاش اُهي توهان کي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر جي طرف موٽائن، پنهنجي دلين جي حسد کان انهيءَ کانپوءِ جڏهن حق انهن تي چڱيءَ طرح ظاهر ٿي چڪو آهي، پوءِ توهان معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو ايستائين جو الله تعالى پنهنجو حڪم نازل فرمائي، بيشڪ الله تعالى هرشيءِ تي قادر آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانوء) اهل ڪتاب مان گهڻا گهر ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ اوهان کي وري ڪافر بڻائين پنهنجي حسد جي ڪري، هن کانپوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين خدا پنهنجو (ڪو ٻيو) حڪم موڪلي. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن ڳالھ تي قدرت کندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


دل سان گهرن ٿا گهڻا اهل ڪتاب وارن مان ته موٽائن اوهان کي اوهانجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ڪري.اهو سڀ ڪجھ) حسد ڪرڻ جي ڪري انهن جي دلين مان ان کان پوءِ جو ظاهر ٿيو انهن لاءِ حق پوءِ معاف ڪيو ۽ درگذر فرمايو تانجو آڻي الله (انهن جي باري ۾) پنهنجو حڪم.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهل ڪتاب مان گهڻا خواهش ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوهان کي وري ڪافر بنائين، پنهنجي دلي حسد جي ڪري هن کان پوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين الله پنهنجو حڪم آڻي. بيشڪ الله سڀڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


گهڻن ڪتاب وارن جي اها خواهش آهي ته اوهان جي ايمان آڻڻ بعد اوهان کي ڪفر ڏانهن موٽائن، پنهنجي اندر واري ساڙ سببان ان کان پوءِ به جو حق انهن تي پڌرو ٿي چڪو آهي، پوءِ اوهان معاف ڪيو ۽ درگذر ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي، بيشڪ الله هر شيءِ مٿان سگهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ گھڻا اهل ڪتاب مان، گُھرن بي گمان، ته اوهان کي، ايمان پُئان، ڦيرينِ ڪنان فرمان، سندن سينن جي ساڙ کان، ڪن اوهان کي ڪُفران، صفا سچ سندن لئي، جنهن بعد ٿيو بيان، پوءِ مَرهيو ۽ مهر ڪريو، آڻي تان عيان، پنهنجو حڪم حنان؛ الله قادر، ڪل مَٿي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110)

۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو (ياد رکو ته) جيڪا به چڱاين جي موڙي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو ٿا ان جو چڱو نتيجو الله تعاليٰ وٽ ڏسندؤ، (يعني ايندڙ وقت ۾ انهن جا فائدا ظاهر ٿيندا) جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ جيڪي ڀلائي اڳتي موڪليندا اها الله تعالى وٽ موجود لهندا، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. ۽ جا ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندو سا خدا وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.(سيد فرمان علي)


۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيندا رهو زڪواة ۽ جيڪي اڳتي موڪليندؤ پنهنجي لاءِ چڱائي ته لهندؤ اها الله وٽ.يشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳي موڪليندو سا الله وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ اوهان جيڪا نيڪي پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليو ٿا ان کي الله وٽ لهندؤ. بيشڪ الله اوهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نماز پڙهو ۽ زڪواة ڏيو، ۽ هڪدم پنهنجي هار،سمر اڳ سَنباهِيو، ته بهتر برقرار، ڏسندا، سو ڏاتار وٽ؛ ڪريو، جي ڪم ڪار، ته صاحب ربُّ ستار، آهي ڏسندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111)

۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


يهودي چون ٿا ته جنت ۾ ڪوبه ماڻهو نه گهڙندو، جيستائين يهودي نه ٿيندو. ساڳيءَ طرح عيسائي به چون ته جنت ۾ ڪوبه نه ويندو جيستائين عيسائي نه ٿيندو. (اي منهنجا پيغمبر) اهي هنن جون اجايون خواهشون ۽ اميدون آهن، تون کين چئو ته جيڪڏهن اوهان جو خيال سچو آهي ته اها دعويٰ دليلن سان ثابت ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهلِ ڪتاب وارن چيو هرگز جنت ۾ داخل نه ٿيندا مگر يهودي يا نصارى، اهي سندن ذاتي سڌون آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو پنهنجا دليل آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (يهودي) چون ٿا ته يهودين (کانسواءِ) ۽ (نصارى چون ٿا ته) نصارن کانسواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي انهن جا خيالي پلاءُ آهن. (کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته پنهنجي (اهڙي ڪا) ثابتي (ته) آڻيو!(سيد فرمان علي)


۽ چوڻ لڳا ته اصل نه داخل ٿيندا بهشت ۾ مگر جيڪي يهودي هوندا يا نصارى اهي انهن جون سڌون آهن فرماء ته آڻيو پنهنجو دليل جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽چيائون ته يهودي يا عيسائي کان سواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي سندن خواهشون آهن (کين) چو ته پنهنجي ثابتي آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ڪو به بهشت ۾ داخل نه ٿيندو“. اهي انهن جون (اجايون ) سَڌُون آهن، چؤ ته: ”اگر اوهان سچا آهيو ته دليل آڻيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چيائون اهڙي چال، ته بلڪل نه گھڙندو بهشت ۾، هوندو، مگر يهود جو، يا نصارو نِهال، چئو، اِهي اوهان جون ڳالهيون، خالي خام خيال، پنهنجي حُجت هرحال، سچا آهيو، ته آڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112)

ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ائين ناهي ته جنت فقط هڪ خاص گروه کي ملندي) جنهن به خدا جي اڳيان سر جهڪايو ۽ چڱايون ڪيائين تنهن کي پنهنجي پروردگار وٽان ضرور اجر ملندو. هن کي نڪو ڪو خوف رهندو ۽ نه غمگيني.(علامه علي خان ابڙو)


ها! جنهن شخص پنهنجي چهري کي الله لاءِ خاص ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي پوءِ سندس ثواب سندس رب وٽ آهي، ۽ نه آهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ائين نه آهي پر جنهن پنهنجو رخ خدا جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه ئي اهي غمگين ئي ٿيندا.(سيد فرمان علي)


هائو جنهن به جهڪايو پنهنجو پاڻ الله جي لاءِ ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ ان لاءِ ان جو اجر آهي ان جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ائين نه آهي بلڪ جنهن پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پاليندڙ وٽ سندس اجر آهي ۽ نه انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


هائو جنهن پنهنجو چهرو الله لاءِ جهڪايو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ آهي ته پوءِ ان جو اجر ان جي پالڻهار وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هائو، جنهن جُھڪائـِيو، منهن پنهنجو، مالڪ پار، ۽ اُهو هجي، ڀال ڀلائڻو، ته سائينيس وٽ، ستار، پوءِ اُن لئي آهي، اُن جو، پورو پورهيو پار، ۽ مَٿنِ، نه ڀئو ڀُلڪار، نه ڳڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113)

۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


يهودي چون ٿا ته عيسائين جو دين ڪجهه به نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ رکيو ڇا آهي. حالانڪ هو ساڳيو ئي ڪتاب پڙهندڙ آهن (۽ اصل دين ٻنهي جو ساڳيو آهي) ساڳي ئي ڳالهه اهي به ڪندا آهن جن ڪي (الاهي ڪتابن جو) علم ڪونهي، (يعني عرب جا مشرڪ ائين ئي چوندا آهن ته رڳو اسان جو طريقو سچو آهي،) پر قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ هنن جي وچ ۾ جج ٿيندو ۽ جن ڳالهين ۾ اختلاف رکن ٿا تن جو فيصلو ڏيندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ يهودين چيو نصارى ڪجهه ناهن، ۽ نصارن چيو يهودي ڪجهه ناهن، حالانڪ اهي ڪتاب پڙهن ٿا، اهڙيءَ طرح جاهل انهن جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، پوءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ يهودين چيو ته عيسائين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي. توڙي جو اهي ٻئي جماعتون (رات ڏينهن) خدا جو ڪتاب (به) پڙهندا رهن ٿا. اهڙي طرح (عرب جا مشرڪ) جي ڪجھ نٿا ڄاڻن تن به اهڙي ڳالھ چئي. پوءِ جنهن ڳالھ ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو فيصلو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله ڪندو.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا يهودي ته ناهن نصارى ڪنهن شيءِ (دين) تي ۽ چون ٿا نصارى ته ناهن يهودي ڪنهن شيءِ (دين) تي حالانڪ اهي (سڀ) پڙهن ٿا ڪتاب اهڙيءَ طرح چيو انهن شخصن جو نه ٿا ڄاڻن مثل چوڻ انهن جي پوءِ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ يهودين چيو ته عيسائي ڪنهن به رستي تي نه آهن ۽ عيسائين چيو ته يهودي ڪنهن به رستي تي نه آهن. هوڏانهن اهي ڪتاب پڙهن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪي نه ٿا ڄاڻن، تن (به) انهن جهڙي ڳالهه چئي. پوءِ جنهن ڳالهه ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله فيصلو ڪندو. (مولانا محمد مدني)


۽ يهودين چيو ته: ”نصارى ڪنهن راهه تي نه آهن“ ۽ نصارن چيو ته: ”يهودي ڪنهن راهه تي نه آهن“، حالانڪه اُهي ڪتاب پڙهن ٿا. اهڙي طرح اڻ پڙهين به انهن جهڙي ڳالهه چئي، پوءِ الله انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن (خود) فيصلو ڪندو، جنهن ڳالهه ۾ اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَهيو قوم يهود، ته نصارا، نه ڪنهن ڳالھ تي، نصارن چيو، ته نه ڪنهن ڳالھ مٿي، يهودِي بيهود، ۽ هوڏانهن پِڙهنِ، پاڪ ڪتاب کي، مُقرّر موجود، جي نه سمجھنِ سود، ائين ٻوليئون، تن جي، ٻول جيئن. پوءِ الله ڪندو انصاف، تن وچ، ڏينهن قيام جي، جنهن ۾ اختلاف، ڪندا آهن، پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114)

۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿو ٿي سگهي جو الله تعاليٰ جي عبادتگاهن ۾ سندس نالو ياد ڪرڻ کان ٻين کي روڪي ٿو، بلڪه ٻين جا عبادتگاهه ڊاهڻ گهري ٿو. يقيناً هو انهيءَ جا لائق ئي ناهن ته عبادت گاهن ۾ رڳو اندر وڃن، پر تڏهن وڃن جڏهن خدا جو خوف دل ۾ رکن. مٿي بيان ڪيل ظالمن لاءِ هن دنيا ۾ به خواري آهي ته آخرت ۾ به تمام سخت عذاب ملندن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله جي مسجدن کان روڪي جو انهن ۾ الله جو ذڪر ٿئي ۽ انهن جي ويراني جي ڪوشش ڪري انهن کي مناسب نه آهي جو مسجدن ۾ وڃن مگر خوف سان، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان (ماڻهن کي) روڪيو ۽ انهن جي برباد ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو روڪي ٿو الله جي مسجدن کان جو ذڪر ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو ۽ ڪوشش ڪري ٿو انهن جي ويران ڪرڻ ۾.هو نه آهي مناسب انهن لاءِ ته داخل ٿين انهن (مسجدن) ۾ مگر ڊڄندي ڊڄندي انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان روڪيو ۽ انهن جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي. انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.(مولانا محمد مدني)


۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جيڪو الله جي مسجدن کان روڪي! جو انهن ۾ سندس نالي جو ذڪر ڪيو وڃي ۽ انهن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهن کي ڪو حق ناهي جو مسجدن ۾ داخل ٿين (ها) مگر ڊڄندي ڊڄندي. انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آهي ڪير ان کان، جبر جفا ڪار؟جنهن منع مسجد کان ڪِئي، سندي ربّ ستار، ته اُن ۾ نام الله جو، وٺ جي ويرو تار، ۽ ڪوشش ڪئي، اُن جي خرابي جِي خوار؛ اُهي نه گھڙن اُن ۾، سوا سو نڪي دار، جُٺ جا، هِن جھان ۾، اُنهن تي انبار، ۽ منجھ آخرت آزار، وڏو آهي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115)

۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


مشرق توڙي مغرب يعني ساري دنيا الله جي ئي آهي. پوءِ ڪاڏي به منهن ڦيرايو ته اوڏانهن الله تعاليٰ حاضر ناظر) آهي. بيشڪ الله تعاليٰ هر هنڌ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اوڀر ۽ اولهه الله تعالى جا آهن، پوءِ توهان جيڏانهن مُنهن ڪندا اُتي مون کي لهندا، بيشڪ الله گهڻي رحمت وارو خبردار آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ڀلا جي مسجد کان روڪيو ته ڇا! ڇو ته ساري زمين) خدا جي ئي آهي اوڀر (هجي يا) اولھ، پوءِ جتي به (قبلي ڏي) منهن ڪندو اوڏانهن الله آهي. بيشڪ خدا اطاعت ڪرڻ ۾ ڪشادو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ الله جو آهي اوڀر ۽ اولھ پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندؤ پوءِ اتي آهي ذات الله جي بيشڪ الله ڪشادي رحمت وارو گهڻو ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اڀرندو ۽ الهندو الله جو ئي آهي. پوءِ جيڏانهن منهن ڦيريندؤ تيڏانهن الله جو منهن آهي. ڇو ته الله (ڏيڻ ۾ ) ڪشادو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اوڀر ۽ اولهه (سڀ) الله جا آهن، پوءِ اوهان جيڏانهن به مُنهن ڪيو اوڏانهن الله متوجهه آهي (هر طرف اهو ئي جلوه گر آهي)، بيشڪ الله وڏي ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اولہ ۽ اوڀر جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، پوءِ جيڏانهن به منهن موڙيو، اُهو پرور جو پار، سمجھندڙ ستار، والي سڀ وِلايتن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116)

۽ (ڪافر) چون ٿا ته الله پنھنجي لاءِ اولاد ورتو آھي. (نه) اھو پاڪ آھي، بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس (مِلڪ) آھي، مڙيئي سندس فرمانبردار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته سهي عيسائي) چون ٿا ته الله تعاليٰ پٽ (عيسيٰ) ڄڻيو. حالانڪ. الله تعاليٰ اهڙين ڳالهين کان پاڪ آهي. (هن کي پٽن جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ته) زمين ۽ آسمانن ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس قانون ۽ حڪم جا تابعدار آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ چيائون الله تعالى پنهنجي لاءِ اولاد رکيو آهي، اهو پاڪ آهي، بلڪ ان جي ملڪيت آهي جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ يا زمين ۾ آهي سڀئي انهيءَ جا فرمانبردار آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ يهودي چوڻ لڳا ته خدا کي اولاد آهي حالانڪه اهو (انهيءَ جهنجهٽ کان) پاڪ آهي بلڪه جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ سندس (ئي) آهي ۽ سڀ سندس (قهري قانون جا) پابند آهن.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ورتو الله (پنهنجي لاءِ) اولاد، پاڪائي آهي ان جي (ان ڳالھ کان) بلڪ ان جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ سڀ ان جا فرمانبردار آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چيائون ته الله (پنهنجي لاءِ) اولاد ورتو آهي. هو (ان کان) پاڪ آهي بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي. سڀ ئي سندس فرمانبردار آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ چيائون الله پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو ان (اولاد کان)پاڪ آهي. بلڪه جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اُهو ان جي مِلڪ آهي. سڀ ان جا تابعدار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي ڌڻي پٽڙو ڌاريو؛ هُو پڪ پٽ کان پاڪ، بلڪ بلڪل اُن جا، جيڪي اندر ڀُون، افلاڪ، سڀ اُنهئ جِي اِملاڪ، سڀ تابع تِنهنجا، توڙکان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117)

آسمانن ۽ زمين جو ٺاھيندڙ آھي، ۽ جڏھن ڪوئي ڪم ڪندو آھي تڏھن رڳو چوندو آھي ته ٿيء ته ٿي پوندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هي به خيال ڪيو) ته الله تعاليٰ ته زمين ۽ آسمانن جو ٺاهيندڙ آهي. جڏهن هو ڪنهن به ڪم جو فيصلو ڪري وٺي ٿو تڏهن (مددگارن ۽ وسيلن کان سواءِ ئي) هو فقط حڪم ڪري ٿو ته ٿي پئو ته پوءِ ائين ٿي (هي شيون ۽ جانور) ظهور ۾ اچي وڃن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى پيدا ڪندڙ آهي آسمان ۽ زمين جو ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه جو حڪم فرمائي ٿو ته ان کي چوي ٿو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوي ٿو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ!“ ته اهو (خود بخود) ٿي پوي ٿو.(سيد فرمان علي)


نئين نموني ٺاهيندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جنهن وقت ارادو ٿو ڪري ڪنهن ڪم جو ته پوءِ (صرف ايترو) ٿو چوي ان کي ته ”ٿي پؤ“ ته ٿي ٿو پوي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ٿيءُ ! ته اهو ٿي پوي ٿو. (مولانا محمد مدني)


اُهو آسمانن ۽ زمينن کي وجود ڏيڻ وارو آهي. ۽ اهو جنهن وقت ڪنهن شيءِ (جي خلقڻ) جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي چوي ٿو ”ٿي پؤ“ ته ٿي پوي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پهرين پيدا پاڻ ڪندڙ، زمين، آسمان، ۽ جنهن گھڙِي، گھڙي ٿوڪ ڪو، جوڙڻ منجھ جھان، ته فرمائيس فرمان، “ٿِي”، ته پوءِ ٿي پوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118)

۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي چوندا آھن ته الله اسان سان ڇو نه ڳالھائيندو آھي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ايندي آھي؟ اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هُئا تن سندن چوڻ وانگر چيو، سندن دليون ھڪ جھڙيون آھن، بيشڪ انھيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون اٿئون جيڪي ويساھ رکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو (خدائي ڪتابن جو) علم نٿا رکن سي چون ٿا ته الله تعاليٰ ڇو نه ٿو اسان سان سنئون سڌو ڳالهائي يا ڪا نشاني (معجزو) موڪلي؟ اهي به هوبهو اهائي (بيهودي) ڳالهه ٿا ڪن جيڪا هنن کان اڳيان ڪندا هئا. (مذهب جي باري ۾) اڳين ۽ پوين جون دليون هڪ جهڙيون پئي رهيون آهن، سچ هي آهي ته اسان گهڻيون ئي نشانيون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن، پر اهي نشانيون انهن لاءِ ڪافي آهن، جيڪي مڃڻ وارا آهن (نه انهن لاءِ جي هرو ڀرو انڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيئن مصري ماڻهن ظاهر ظهور معجزا ڏٺا ته به حضرت موسيٰ کي نه مڃيائون).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اڻ پڙهيل چون ٿا الله تعالى اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان کي ڪا نشاني ڏي، انهن کان اڳ وارن ماڻهن به اهڙي ئي ڳالهه ڪئي اِنهن جهڙي گفتگو، هِنن ۽ اُنهن جون دليون هڪ جهڙيون آهن، بيشڪ اسان بيان ڪيون آهن نشانيون انهن لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جي (مشرڪ) نٿا ڄاڻن سي چون ٿا ته الله اسان سان (پاڻ) ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟. اهڙي طرح جيڪي (ماڻهون) انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالھ چئي. سندن دليون هڪجهڙيون آهن. جي ماڻهو يقن رکن ٿا انهن کي ته اسان پنهنجون کليل نشانيون ڏيکاريون آهن.(سيد فرمان علي)


۽ چيو انهن شخصن جو ڪجھ به نه ٿا ڄاڻن ته ڇو نه ٿو ڳالهائي اسان سان الله يا ڇو نه ٿي اچي اسان وٽ ڪا نشاني.ن طرح چيو هو انهن جو گذريا انهن کان اڳ ۽ انهن جي ڳالھ وانگر.لن جلن ٿيون دليون انهن جون تحقيق اسان بيان ڪيون آهن نشانيون ان قوم لاءِ جو يقين ٿا رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي نٿا ڄاڻن تن چيو ته الله اسان سان ڇو نه ٿو ڳالهائي. يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿي اچي. اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالهه چئي. سندن دليون هڪ جهڙيون آهن. بيشڪ اسان انهن ماڻهن لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪي يقين رکن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ بي علم ماڻهو چون ٿا ته: ”الله اسان سان (سڌو سنئون) ڇو نه ٿو ڳالهائي! يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿي اچي“ انهن کان اڳين به اهڙي ڳالهه چئي هئي. انهن جون دليون هڪ جهڙيون آهن. بيشڪ اسان يقين وارن لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڪجھ نه ٻُجھن، تن ٻوليو، ته ٻولي اسان ساڻ، الله جَل جلالهٗ ، يا آڻينيون اُهڃاڻ، اِيئن ٻوليون، تن جي ٻول جيئن، جي اِنهيان اڳ اَڄاڻ، ٿيا گمان گاڏهان، هِنيا تن جا هاڻ، کولياسون پنهنجا خوب طرح، ثابتيون سُھڃاڻ، اُنهئ قوم ڪاڻ، يڪدل رکن ، يقين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119)

(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نه پڇبين.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي پيغمبر! اسان توکي حق ۽ هدايت جي راه ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي (چڱن عملن جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ حق کان انڪار جي بدلي ۾ عذابن به نسبت) خبردار ڪرين. پوءِ جيڪي ماڻهو (انڪار ۽ بدعملن جي ڪري) دوزخي ٿيندا تن به نسبت توتي جوابداري ڪانهي (تنهنجو ڪم آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان توهان کي حق سان موڪليو آهي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ توهان کان اي حبيب ! دوزخين بابت ڪو سوال نه ڪيو ويندو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) بيشڪ اسان تو کي سچو دين ڏئي، خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ تو کان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اسان موڪليو توکي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ نه پڇا ڪيو ويندين تون جهنم وارن جي باري ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي رسول) بيشڪ اسان توکي حق ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ توکان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان (اي نبي!) تو کي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي ۽ دوزخين بابت تو کان ڪو نه پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُڪوسونِ ئـِي، سچ ساڻ، کِيانتو ۽ خابرُو، ۽ پڇبـين نه، پيغمبر! پاڻ، بابت ڀاتينِ باه جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120)

۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڇا به ڪرين) اهي يهودي ۽ عيسائي توکان راضي ڪڏهن به نه ٿيندا جيستائين تون هنن جي (هٿرادو ٺاهيل) جماعت جي پيروي ڪرين، هنن کي چئو ته هدايت جي راهه ته اها آهي جا الله تعاليٰ ڏَسي آهي ۽ ياد رک ته جيڪڏهن تو هنن جي خواهشن جي پيروي ڪئي اگرچه تو وٽ اڳئي سچو حقيقي علم اچي چڪو آهي ته پوءِ الله تعاليٰ جي دوستي ۽ مددگاري توکي حاصل نه ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان کان يهودي ۽ نصارى هرگز راضي نه ٿيندا جيستائين توهان انهن جي دين جي تابعداري نه ڪندا، توهان چئو بيشڪ الله جي هدايت ئي هدايت آهي ۽ (اي ٻڌندڙ) جيڪڏهن تو انهن جي خواهش جي تابعداري ڪئي علم اچڻ کان پوءِ ته الله تعالى کان توکي ڪوبه بچائڻ وارو ۽ مددگار نه هوندو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!)تو کان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي، جيستائين تون سندن (باطل) دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته بس! الله جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو تو کي علم (قرآن) پهتو، سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته تو کي خدا (جي غضب) کان بچاءُ وارو نڪو تنهنجو سرپرست ۽ نڪو مددگار ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ هرگز راضي نه ٿيندا توکان يهودي ۽ نصارى تانجو تابعداري ڪرين انهن جي دين جي.رماءِ ته بيشڪ الله جو ڏسيل رستو اهو ئي سڌو رستو آهي ۽ جيڪڏهن (بفرض محال) تابعداري ڪندين.نهن جي خواهش جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته (پوءِ) نه آهي الله (جي پڪڙ) کان ڪو بچائيندڙ ۽ نه ڪو مددگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ توکان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي جيستائين تون سندن دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته الله جي رهنمائي ئي هدايت آهي. ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو توکي علم پهتو سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته الله کان (ڇڏائڻ لاءِ) تنهنجو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار ٿيندو. (مولانا محمد مدني)


۽ يهودي ۽ نصارى تو کان اصل راضي نه ٿيندا جيستائين تون انهن جي مذهب جي پيروي اختيار نه ڪرين. چؤ ته: ”بيشڪ الله جي (عطا ڪيل) هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي“. ۽ جيڪڏهن (اي مخاطب) تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، ان کان پوءِ جو تو وٽ (الله وٽان) علم اچي ويو آهي ته تو لاءِ الله کان بچائڻ وارو نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ يهود، نه نصارا توسان، رسول!، ٿين رَس، تان موٽِي سندنِ مذهب ۾، اچين تون اَوس، چئو، ڏَس اِهوئَي بس، جو آھِ، ڏَس ڏاتارجو. ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، صاحب کان، سُڄاڻ، نه والي، نڪو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121)

جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن کي (خدائي) ڪتاب ڏنو ويو آهي ان کي (اخلاص سان ۽ غور ۽ فڪر ڪري حقيقت پروڙڻ لاءِ) ائين پڙهن ٿا جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اهي پوءِ ضرور ان تي ايمان آڻيندا، پر جيڪڏهن ڪو (سڌي راهه وٺڻ کان) انڪار ڪندو ته پوءِ انهن ئي لاءِ تباهي ۽ نامرادي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي انهيءَ جو حق ادا ڪري پڙهن ٿا، اُهي ئي انهيءَ تي ايمان رکن ٿا، ۽ جيڪي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ آهن پوءِ اهي ئي ڇيهي وارا آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن کي اسان ڪتاب (قرآن مجيد) ڏنو آهي، اهي ان کي (غور ۽ فڪر سان) اهڙو پڙهن ٿا جهڙو هن کي پڙهڻ جو حق آهي. اهي الله جي هدايت تي ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.(سيد فرمان علي)


اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب تلاوت ٿا ڪن ان جي حق تلاوت ڪرڻ ان جي جو.هي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي انڪار ٿا ڪن ان جو پوءِ اهي ئي نقصان ۾ آهن .ع (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي اسان ڪتاب (تورات) ڏنو آهي (۽) هي ان کي اهڙو پڙهن ٿا جهڙو ان جي پڙهڻ جو حق آهي سي الله جي هدايت تي ايمان آڻين ٿا. ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (مولانا محمد مدني)


اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان کي ائين پڙهن ٿا، جيئن ان جي پڙهڻ جو حق آهي، اُهي ان تي ويساهه رکن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪن ته اُهي ئي نقصان لهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن ڏنوسونِ ڪتاب، اُهي پڙهنس، حق پڙهڻ جو، اُهي مڃينس مورهين، صحِي برصواب، ۽ خانو تن خراب، جن انهئَ کان، اِنڪارڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122)

اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي بني اسرائيلو! منهنجون اهي نعمتون ياد ڪيو جي مون اوهان تي ڪيون ۽ مون اوهان کي سڄي دنيا ۾ ممتاز ۽ سرفراز ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي اولاد يعقوب جا توهان منهنجن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون توهان تي ڪيون ۽ بيشڪ مون توهان کي ڀلو ڪيو اُن زماني وارن کان.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي بني اسرائيلو! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي ساري جهان تي فضليت ڏني.(سيد فرمان علي)


اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ (خاص ڪري هيءَ جو) بيشڪ مون ڀلو ڪيو اوهان کي (ان وقت جي) سڀني جهانن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي بني اسرائيلو ! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي. ۽ مون اوهان کي قومن تي فضيلت ڏني. (مولانا محمد مدني)


اي يعقوب جا اولاد! منهنجي نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (ان دؤر جي) قومن مٿان فضيلت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ساريو اي اسرائيليو!، مُنهنجي نعمت اوهان نال، اوهان سان اوّل کان، جيڪي ڀَلايمِ ڀال، ۽ اُتم ڪيو اقبال، اوهان جو، عالمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123)

۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ڪنهن ٻئي انسان کي ڪم نه ايندو (نڪي پنهنجي ڪنهن پيشوا جو نالو وٺي عذاب کان ڇٽي وڃبو) نه ڪنهن طرح جو عيوضو قبول پوندو (يعني فديو ڏئي جان ڪوبه ڇڏائي سگهي) نه ڪنهن جي ڪوشش ۽ سفارش فائدو ڏيندي ۽ نه گنهگارن کي ڪٿان به مدد ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جو ڪو مؤمن ڪافر کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهندو ۽ نه قبول ڪيو ويندو کانئس ڪو عيوض ۽ نه نفعو ڏيندس سفارش ۽ نه ئي کين مدد ڏني ويندي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان بدلو قبول ڪيو ويندو ۽ نه ان کي ڪا شفاعت فائدو پهچائيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي.(سيد فرمان علي)


۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪجھ به ۽ نه قبول ڪيو ويندو ان کان مالي تاوان ۽ نه نفعو ڏيندي ان کي سفارش ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان ڪو بدلو قبول ڪيو ويندو. ۽ نه ان کي ڪا سفارش فائدو پهچائيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. (مولانا محمد مدني)


۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص به ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو نه ڏئي سگھندو ۽ نه ان جي پاران ڪو عيوضُ قبوليو ويندو نه ان کي (بغير اذن الاهي) ڪنهن جي شفاعت نفعو ڏيندي ۽ نه اُهي مدد ڏنا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وِجھلو ڪنان تنهن وار، جڏهن هڪ، نه ٻئي جو پار ڪبو، ۽ نه بدلو وٺبس بار ڪو، ۽ نه پارت ڪهين پار، ۽ نه هوندو اُنهن هار، اُهکي ۾ آڌارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124)

۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اها ڳالهه ياد رکو ته) جڏهن حضرت ابراهيم کي سندس پروردگار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو تڏهن هو آزمائش ۾ پورو نڪتو. پوءِ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته مان توکي ماڻهن لاءِ امام بنائڻ وارو آهيان (يعني ماڻهو تنهنجي پيروي ڪندا) تڏهن حضرت ابراهيم عرض ڪيو ته منهنجي اولاد تي به اهڙو فضل ٿئي. الله تعاليٰ جواب ۾ فرمايو ته هائو، پر جيڪي ظالم ۽ گنهگار ٿيندا تن سان منهنجو عهد لاڳو نه ٿيندو (رڳو نسل ۽ خاندانائي ڪجهه به فائدو نٿي ڏئي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن ابراهيم کي پنهنج رب ڪن ڳالهين کان آزمايو پوءِ پاڻ اُهي پوريون ڪيائين، الله تعالى فرمايو آئون توکي ماڻهن جو اڳواڻ ڪندس. عرض ڪيائين ۽ منهنجي اولاد مان، الله تعالى فرمايو نٿو پهچي منهنجو وعدو ظالمن کي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! بني اسرائيل کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ ان انهن کي پورو ڪيو تڏهن الله فرمايو ته آءُ تو کي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين؟!) فرمايائين ته (هاءُ! پر) منهنجي هن ”عهد“ تي ظالمن مان ڪو به فائز نه ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن آزمايو ابراهيم کي ان جي رب ٻٽن فرمانن سان پوءِ پورو ڪيائين انهن کي فرمايو (الله) ته بيشڪ مان ڪندڙ آهيان توکي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ.رض ڪيائين ۽ منهنجي اولاد مان به فرمايو (الله) ته نه پهچندو وعدو منهنجو ظالمن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ابراهيم کي سندس پاليندڙ ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ اُن انهن کي پورو ڪيو. تڏهن الله فرمايو ته آءُ توکي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين) فرمايائين ته منهنجو (اهو) انجام ظالمن کي نه پهچندو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته انهن (سڀني) کي پورو ڪيائين. (رب) فرمايو: ”آءُ تو کي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ بنائڻ وارو آهيان“. چيائين: ”(ڇا) منهنجي اولاد مان به“؟ (رب) فرمايو: ”منهنجو عهد ظالمن کي نه ٿو پهچي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آزمايو ابراهيم کي، جڏهن، سندس رب ستار، ڪِن ڳالهين ۾، پوءِ پارئين، ته ٻوليائين ٻيهار، ته توکي ڪندڙ آهيان، ماڻهن لئي مهندار، ۽ چي، سندم خاندان مان چي، منهنجو قول قرار، حاصل نه ٿـئي هيڪار، عام آزاريندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125)

۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع ( ۽ ) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ وري ڏسو ته اسان هن گهر (ڪعبي) کي ماڻهن جي اچڻ جو مرڪز ۽ امن امان جي جاءِ ڪئي ۽ حڪم ڏنوسين ته حضرت ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي (هميشه جي واسطي) نماز پڙهڻ جي جاءِ بنايو وڃي ۽ اسان حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل کي حڪم ڪيو ته هن منهنجي گهر کي طواف ڪرڻ وارن لاءِ، عبادت لاءِ منجهن رهڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ رکو.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! ياد ڪريو جڏهن اسان ڪعبي شريف کي ماڻهن لاءِ ثواب جي جاءِ ۽ امن جي جاءِ ڪئي، ۽ ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي جاءِ نماز بنايو ۽ اسان تاڪيد سان حڪم فرمايو ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته بيت الله کي طواف ڪندڙن، اعتڪاف ڪندڙن ۽ نماز پڙهندڙن لاءِ پاڪ رکو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! انهن کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن جي ثواب ۽ پناھ جي جڳھ ڪيو ۽ (حڪم ڪيو ته) ابراهيم جي (هن) جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کان (اهو) عهد ۽ اقرار ورتو ته: منهنجي (هن) گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪيزھ رکو.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن بنايو اسان (هن) گهر کي مرڪز ماڻهن لاءِ ۽ امن جي جاءِ ۽ (ماڻهن کي حڪم ڪيوسون ته) وٺو مقام ابراهيم کي نماز جي جاءِ ۽ تاڪيد ڪيوسون ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته پاڪ صاف رکو منهنجو گهر طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ۾ وهندڙن ۽ رڪوع سجدي ڪندڙن لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن اسان بيت الله کي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ ۽ امن جي جاءِ ڪيو. ۽ اوهين ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي نماز جي جاءِ بنايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل ڏي حڪم موڪليوسون ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪ ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان هن گهر (بيت الله) کي ماڻهن لاءِ (عبادت واسطي) موٽڻ جي جاءِ ۽ امن وارو بنايو ۽ (حڪم ڏنو ته) ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جو هنڌ بنائي وٺو. ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع، سجدن ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن ڪيوسون ڪعبو، ماڻهن لئي، اَمن، آستان، ۽ مصلىٰ جو مڪان، ڪريو مَقام، ابراهيم کي. ۽ جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل کان، ورتو اسان انجام، ته منهنجو گھر پاڪ رکو، طوافين لئي تمام، مُجاورن مدام، پڻ نمندڙ، نمازين لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126)

۽ جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان انھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو ته جنھن نه مڃيو (تنھن کي به) پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بيوس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پوءِ ڇا ٿيو جو حضرت ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا رب تون هن شهر کي امن امان وارو شهر ڪر ۽ ان جي ماڻهن مان جيڪي الله ۾ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ سچو ايمان رکن تن جي گذران لاءِ هر طرح جا ميوا وغيره عطا ڪر. تنهن تي خدا جو حڪم آيو ته هائو، پر جيڪو ڪفر ڪندو تنهن کي به ڪجهه وقت ته رزق جو فائدو ڏينداسين پر جلد کيس باهه جي عذاب ڏانهن گهلينداسين اهو (دوزخ جو) هنڌ ڪهڙو نه مصيبت وارو هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن ابراهيم عرض ڪيو اي منهنجا رب هن شهر کي امن وارو ڪر ۽ ان ۾ رهندڙن کي قِسمين قِسمين ميوا کاراءِ جيڪي انهن مان الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻن، الله تعالى فرمايو ۽ جنهن ڪفر ڪيو ان کي ٿورو وقت خوشحال ڪندس ان کان پوءِ جهنم جي عذاب ڏانهن مجبور ڪندس ۽ اها تمام خراب جاءِ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! هن (شهر) کي پناھ ۽ امن جو شهر بڻاءِ، ان ۾ رهڻ وارن مان جو، خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي، ان کي طرح طرح جا ميوا کائڻ لاءِ عطا ڪر. خدا فرمايو (چڱو! پر) جو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (عرصو) فائدو وٺڻ ڏيو. پوءِ ان کي (آخرت ۾) مجبور ڪري دوزخ ڏانهن گهليو ويندو. ۽ اها موٽڻ واري جاءِ (تمام) بڇڙي آهي.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن دعا گهري ابراهيم ته اي منهنجا رب ڪر تون هن (شهر کي) امن وارو شهر ۽ روزي ڏي ان ۾ رهندڙن کي طرح طرح جا ميوا (يعني) ان کي جو ايمان آڻي انهن مان الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي.رمايائين ۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ فائدو وٺڻ ڏيندس ان کي ٿورو وقت ان کان پوءِ مجبور ڪندس ان کي باھ جي عذاب ڏانهن ۽ گهڻي خراب جاءِ آهي اها .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! هن کي امن امان جو شهر ڪر ۽ ان جي رهاڪن کي ميون مان روزي ڏي جيڪو انهن مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي. الله فرمايو ۽ جيڪو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (وقت) فائدو پهچائيندس. وري ان کي باهه جي عذاب ڏي بيوس ڪندس ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم چيو ته: ”اي پالڻهار هن کي امن وارو شهر بناءِ ۽ اتان جي رهواسين کي قسمان قسمين جا ميوا روزي بنائي ڏي (يعني) انهن مان تن کي جن الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو“. (الله) فرمايو: ”۽ جنهن ڪفر ڪيو ته ان کي (به دنيا جي) ٿوري زندگي جي مدت لاءِ فائدو ڏيندس پوءِ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانهن مجبور ڪندس ۽ اها نهايت بري موٽڻ جي جاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُتو ابراهيم جڏهن، ته سانيم ربَّ سبحان! ڪر هِن سڳوري شهر کي، اَمن آستان، ۽ ڏي سندس ساڪنن کي، ميوا مهربان!، مڃيو، جنهن منجھانِ ، الله ۽ آخر ڏينهن کي. چي، جو منڪر ٿيو مور، ته وَٽَ وٺائيندوسينس ٿورڙي، باه واري بند ڏي، موٽِي ڪندوسينس مجبور، ۽ بُڇڙو ٿيو ڀرپور، موٽڻ وارو، ماڳ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127)

۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسمٰعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هُئا (تڏھن چوندا هُئا ته) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي عظيم واقعو به ياد رکو جو حضرت ابراهيم خدا جي گهر جي پيڙهه وجهي رهيو هو ۽ سندس پٽ حضرت اسماعيل به ساڻس شريڪ هو، (پٿر کڻندي هو دعا گهري رهيا هئا) اي پروردگار! اسان جي هيءَ خدمت ۽ عمل قبول پوي. بيشڪ تون دعائن جو ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! ياد فرمايو جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جي بنيادن کي بُلند ڪيو ته عرض ڪيائون اي اسان جا رب قبول ڪر تون اسان کان بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي حبيب! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءَ دعا گهرندي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي (خدمت) قبول فرماءِ! بيشڪ تون ئي (دعا جو) ٻڌندڙ (۽ نيت جو) ڄاڻيندڙ آهين.(سيد فرمان علي)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن کنيا ٿي ابراهيم بنياد بيت الله جا ۽ اسماعيل (۽ دعا ٿي گهريائون ته) اي اسان جا رب! قبول ڪر اسان کان بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءُ دُعا گهرندي ته) اي اسان جا پاليندڙ اسان کان قبول ڪر ! بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين. (مولانا محمد مدني)


۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد پئي بلند ڪيا (ته دعا گهري رهيا هئا) ”اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کان هي (خدمت) قبول ڪر، بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ابراهيم اُٺايا جڏهن، گھر جا پايا پاڻ، ۽ اسماعيل، ته آگا! اسان کان ڪر، قبول ڪرم ساڻ، سڻندڙ ۽ سڄاڻ، تون مولا! آهين مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128)

۽ اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، ڇو ته تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي اسان جا پروردگار اسان ٻنهي کي سچو مسلم (تنهنجي حڪمن جو فرمانبردار) ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به اهڙي امت پيدا ڪر جا تنهنجي حڪمن جي فرمابردار هجي. اي خدا اسان کي اسان جي عبادت جا طريقا سيکار ۽ اسان جا قصور معاف ڪر. بيشڪ تون ئي وري وري معاف ڪندڙ ۽ بي انتها رحم واروآهين.(علامه علي خان ابڙو)


اي رب اسان جا اسان ٻنهي کي پنهنجو مخلص بناءِ ۽ اسان جي اولاد مان هڪ جماعت کي فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي عبادت جا قاعدا ڏيکار ۽ اسان تي پنهنجي رحمت سان موٽ، بيشڪ تون نهايت توبہ قبوليندڙ مهربان آهين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) اي اسان جا پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به هڪ جماعت اهڙي ئي تابعدار ڪر ۽ اسان کي، اسان جي حج جون جايون ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.(سيد فرمان علي)


اي اسان جا رب! ۽ ڪر تون اسان کي فرمانبردار پنهنجو ۽ اسان جي اولاد مان جماعت فرمانبردار تنهنجي ۽ ڏيکار (سيکار) ان کي اسان جي عبادت (ڪرڻ) جا طريقا ۽ توجهه ڪر اسان تي بيشڪ تون ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ گهڻو رحم ڪندڙ آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به پنهنجي هڪ تابعدار جماعت ڪر ۽ اسان کي اسان جي حج جا طريقا ڏيکار ۽ اسان تي مهرباني ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (مولانا محمد مدني)


اي اسان جا رب! اسان ٻنهين کي پنهنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به تنهنجي فرمانبردار امت پيدا ڪر ۽ اسان کي اسان جي عبادت جا قائدا (حج جا احڪام) ٻڌاءِ ۽ اسان تي (رحمت سان) متوجهه ٿيءُ، بيشڪ تون وڏو توبه قبوليندڙ، ٻاجهارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سانيم! ڪر اسان کي، تُنهنجو تابعدار، پڻ اسان جي اولاد مان، اُمّت ايماندار، ۽ پنهنجِي پوڄا هنڌ، اسان ڏيکاريين ڏاتار!، ۽ موٽ اسان تي مِهر سان، مرهين هر ميار، تون وَرندڙ ويرو تار، مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129)

۽ اي اسان جا پالڻھار منجھانئن ھڪ پيغمبر منجھن موڪل جو تنھنجون آيتون مٿن پڙھي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري، ڇو ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اي اسان جا پروردگار (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) جيڪي ماڻهو (مڪي ۾ اسماعيل جو اولاد) پيدا ٿيندا تن ڏانهن انهن ئي منجهان هڪڙو رسول موڪلجانءِ جو تنهنجون آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي. الله جو ڪتاب ۽ عقل ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون سيکاري ۽ (پنهنجي تربيت ۽ صحبت سان) هنن جون دليون پاڪ ڪري ڇڏي. اي پروردگار! بيشڪ تون ئي آهين جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين.(علامه علي خان ابڙو)


اي اسان جا رب انهن ۾ رسول (ڪريم) موڪل انهن مان جيڪو انهن کي قرآن ڪريم پڙهائي ۽ انهن کي قرآن ۽ شرعي احڪام سيکاري ۽ انهن کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾، انهن مان ئي هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ( آسماني) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ انهن جي (نفس) کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.(سيد فرمان علي)


اي اسان جا رب! موڪل انهن ۾ شان وارو رسول انهن مان ته پڙهي انهن جي اڳيان تنهنجون آيتون ۽ پڙهائي انهن کي ڪتاب ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ پاڪ صاف ڪري انهن کي بيشڪ تون ئي زبردست غالب وڏي حڪمت وارو آهين. ع (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ انهن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجيون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ کين پاڪ ڪري. بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. (مولانا محمد مدني)


اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾ انهن مان ئي هڪ (عظمت وارو) رسول موڪل جيڪو انهن تي تنهنجون آيتون تلاوت ڪري انهن کي ڪتاب سيکاري ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ انهن کي پاڪيزه بنائي. بيشڪ تون غالب، حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موڪل ربّ ! مَنهنجانِ ڪو، تن ۾ نبي نواب، تن تي، پڙهي تُنهنجون، حُجتون هر باب، ۽ سيکارينِ ڪتاب، پڻ صحي سمجھ صواب، ۽ اُجاري اُنهن کي، هر خصلت، کان خراب، پڪ تون پاڪ جناب، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130)

۽ جنھن پاڻ کي بي سمجھ ڪيو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير ابراھيم جي دين کان مُڙندو، ۽ بيشڪ کيس دنيا ۾ چونڊيو سون، ۽ اُھو آخرت ۾ ضرور ڀلارن مان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(حضرت ابراهيم جو طريقو اهو هو جو بيان ڪيو ويو) پوءِ ڪير حضرت ابراهيم جي اهڙي سهڻي دين کان ڦري ويندو؟ سواءِ انهيءَ جي جنهن پاڻ کي جاهل ۽ ڀوڪ بنائي ڇڏيو آهي ۽ بيشڪ اسان حضرت ابراهيم کي دنيا ۾ به چونڊي ممتاز ڪيو ۽ آخرت ۾ به هو صالحن جي جماعت ۾ هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ابراهيم جي دين کان ڪير منهن موڙي مگر جنهن پنهنجي دل کي بيوقوف بنايو، ۽ بيشڪ اسان انهيءَ کي دنيا ۾ پسند ڪيو ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ يقيناً صالحن مان آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪير ابرهيم جي ملت (دين) کان ڦرندو، ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بڻايو ۽ اسان کيس دنيا ۾ چونڊيوسين ۽ هو آخرت ۾ به چڱن مان ئي ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ ڪير منهن موڙيندو دين ابراهيم جي کان سواءِ ان جي جو بيوقوف بنايائين پنهنجي پاڻ کي ۽ بيشڪ برگزيدو ڪيو سون ان کي دنيا ۾ ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالحن مان هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪير ابراهيم جي دين کان ڦرندو ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بنايو. ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ چونڊيو. ۽ بيشڪ هو آخرت ۾ چڱن مان آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ابراهيم جي دين کان ڪير ٿو مُنهن موڙي (سگهي) سواءِ ان جي جيڪو پنهنجي نفس جي بي وقوفي ۾ مبتلا آهي. ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ منتخب فرمايو هيو ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به نيڪو ڪارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ابراهيم جي دين کان، مُڙي ڪين مگر، جيڪو پنهنجي جان کان، بنيو بي خبر، ۽ ڌُئوسونس دنيا۾، پڻ آهي اُهو انور، ۽ آخرت اَندر، صالحن جي، ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131)

جڏھن کيس سندس پالڻھار چيو ته منھنجا حڪم مڃ (تڏھن) چيائين ته جھان جي پالڻھار جا (سڀ) حڪم مڃيم.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم جي پرودگار کيس حڪم ڪيو ته منهنجي اڳيان سر جهڪائي پورو پورو فرمابردار ٿي وڃ. تڏهن حضرت ابراهيم هڪدم چئي ڏنو ته مون سڀني جهانن جي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر جهڪايو.(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن ابراهيم کي سندس رب فرمايو منهنجي فرمانبرداري ڪر چيائين فرمانبرداري ڪئي مون رب جهانن واري جي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن ان کي سندس پالڻهار فرمايو ته اسلام قبول ڪر! عرض ڪيائين ته مون ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آندو.(سيد فرمان علي)


جڏهن چيو ان کي ان جي رب ته ڪنڌ جهڪاءِ عرض ڪيائين ته ڪنڌ جهڪايم جهانن جي رب لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن ان کي سندس پاليندڙ چيو ته تابعدار ٿي. چيائين ته مون جهانن جي پاليندڙ جي تابعداري قبول ڪئي. (مولانا محمد مدني)


جنهن وقت کيس سندس پالڻهار چيو ته: ”(مون اڳيان) گردن جهڪاءِ“ ! ته چيائين: ”مون جهانن جي پروردگار واسطي ڪنڌ جهڪايو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آ کيس جڏهن اُن جي ، پرور پاڪ حضور، ته مَڃ، چي، مَڃيمِ مور، پالڻهار پر ٿڻيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132)

۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي، ته اي اسانجا اولاد (ھن) دين کي الله اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت ابراهيم ۽ سندس پوٽي حضرت يعقوب پنهنجي اولاد کي اهائي ساڳي وصيت ڪئي (ته الله جي اڳيان سر جهڪائي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪيو) ته انهن فرمايو ته اي منهنجا فرزندو! الله تعاليٰ توهان جي لاءِ هيءُ سچو دين (اسلام) پسند فرمايو آهي، پوءِ خبردار متان اسلامي فرمانبرداري جي حالت ۾ اچڻ کان اڳ ئي مري وڃو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهيءَ دين جي وصيت ڪئي ابراهيم پنهنجن پٽن ۽ يعقوب کي ته اي منهنجا پُٽ بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ دين کي پسند ڪيو آهي پوءِ هرگز نه مرو توهان مگر مسلمان ٿي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ان طريقي جي ابراهيم پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب (به) ته اي منهنجي اولاد! الله اوهان لاءِ اهو ئي دين (اسلام) چونڊيو آهي، پوءِ اوهان نه مرو مگر مسلمان ٿي.(سيد فرمان علي)


۽ وصيت ڪئي هئي ان (دين) جي ابراهيم پنهنجن پٽن کي ۽ يعقوب اي منهنجا پٽ! بيشڪ الله پسند ڪيو اوهان لاءِ (هن) دين کي پوءِ هرگز نه مرجو اوهان مگر ان هال ۾ جو اوهان مسلمان آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ابراهيم ان جي پنهنجن پُٽن کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب به ته اي منهنجي اولاد ! بيشڪ الله اوهان لاءِ (هيءُ) دين چونڊيو آهي. پوءِ اوهين نه مرو مگر تابعدار ٿي. (مولانا محمد مدني)


۽ ان (دين تي ثابت رهڻ) جي ابراهيم ۽ يعقوب پنهنجي پُــٽن کي وصيت ڪئي هئي ته: ”اي منهنجا ٻچڙا! بيشڪ الله اوهان لاءِ دين (اسلام) کي پسند ڪيو آهي. سو توهان نه مرجو مگر مسلمان رَهَندَي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ابراهيم سندس اولاد کي، ڪئـِي اِها تَلقين، پڻ يعقوب کي، ته اي ٻچا! ڌئو ڌڻي، اوهان لئي دين، پوءِ مرو مورهين ڪِين، مگر مسلمان ٿِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133)

(اي ڪتاب وارؤ) اوھين تڏھن حاضر ھيؤ ڇا؟ جڏھن يعقوب کي موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون ته تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق جي خدا جي جو اڪيلو خدا آھي عبادت ڪنداسون، ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇا توهان انهيءَ وقت حاضر هئو، جڏهن موت اچي حضرت يعقوب جي مٿان بيٺو؟ انهيءَ مهل حضرت يعقوب پنهنجي پٽن کان پڇيو ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ هنن جواب ڏنو ته اسان انهيءَ هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين جنهن جي تو ڪئي آهي ۽ تنهنجي وڏن حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق ڪئي آهي ۽ اسان به انهيءَ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ توهان جا وڏا موجود هئا يعقوب جي وصال وقت جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي فرمايو توهان مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندا، چيائون اسين عبادت ڪنداسين ان جي جيڪو توهان جو ۽ توهان جي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جو اڪيلو رب آهي، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهان حاضر هئا ڇا! جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو، جڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندو؟ انهن چيو ته اسين، تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود اڪيلي خدا جي عبادت ڪنداسون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان حاضر هيئو جنهن وقت آيو يعقوب (عليہ الصلواة والسلام) وٽ موت جنهن وقت چيائين (پڇيائين) پنهنجن پٽن کان ته ڪنهن جي عبادت ڪندؤ مون کان پوءِ ؟ چيائون عبادت ڪنداسون تنهني (سچي) معبود ۽ تنهنجي پيئرن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي (سچي) معبود جي جيڪو هڪ (سچو ۽ حق وارو) معبود آهي ۽ اسين ان جي لاءِ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهين حاضر هئا ڇا جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو. جنهن وقت پنهنجن پُٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪهڙي شيءِ جي عبادت ڪندؤ؟ انهن چيو ته اسين تنهنجي الله ۽ تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي الله جي، جو اڪيلو الله آهي عبادت ڪنداسون. ۽ اسين سندس تابعدار آهيون. (مولانا محمد مدني)


ڇا توهان (ان وقت) حاضر هيا؟ جڏهن يعقوب کي موت ويجھو آيو؟ جڏهن پنهنجي پٽن کان پڇيائين ته: ”مون کان پوءِ اوهان ڪنهن جي عبادت ڪندؤ“؟ چيائون: ”اسان تنهنجي معبود جي پوڄا ڪنداسين ۽ تنهنجي اباڻن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود، هڪ معبود جي (پوڄا ڪنداسين) ۽ اسان ان جي لاءِ گردن جھڪائيندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا؟ هُئا اوهين اُن وار، بيٺل شاهد روبرو، موت جڏهن يعقوب تي، حاضر ٿيو هيڪار، پنهنجي پٽن سان ٿي ڪئي، جڏهن پويـين پهر پچار، ته ڪنهن کي پوڄيندا مون پُوان؟ چي پوڄينداسون پالڻهار، تو ۽ تنهنجي اَبن جو، ابراهيم اَبرار، ۽ اسماعيل، اسحاق جو، هڪ ڌڻي، هڪ دربار، ۽ تِنهن جا تابعدار، هونداسون، هرڳالھ ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134)

اھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي انھن ڪمايو سو انھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي ۽ جيڪي (اُھي) ڪندا تنھن بابت اوھين نه پڇبؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


(بهرحال) اها هڪڙي قوم هئي جا گذر ڪري ويئي، انهن کي اهوئي پلئه پوندو جيڪي هنن عملن سان ڪمايو ۽ اوهان کي به اهو ئي پلئه پوندو جيڪي توهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ، توهان کان اهو ڪين پڇيو ويندو ته هنن ڪهڙا عمل ڪيا. (نڪي توهان هنن جي ڪمن لاءِ جوابدار آهيو، نڪي هو اوهان جي ڪمن لاءِ نڪي هڪ ٻئي کي قيامت ڏينهن ڇڏائي سگهندؤ).(علامه علي خان ابڙو)


اها هڪ امت هئي جيڪا گذري چڪي، انهن لاءِ اهو آهي جيڪو عمل ڪيائون ۽ توهان لاءِ جيڪو توهان عمل ڪريو ٿا ۽ انهن جي عملن بابت توهان کان نه پڇو ويندو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها هڪ جماعت هئي جا گذري وئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.(سيد فرمان علي)


اها جماعت هئي جو تحقيق گذري ان لاءِ اهو آهي جو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جو اوهان ڪمايو ۽ نه پڇا ڪياويندؤ ان (عمل) جي باري ۾ جو (انهن) ڪيا ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها هڪ جماعت هئي جا گذري ويئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي. ۽ جيڪي اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


اُها (هڪ) امت هئي جا گذري وئي، انهن لاءِ اهو آهي جيڪو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو اوهان ڪمايو ۽ جيڪي اُهي عمل ڪندا هئا انهن جو اوهان کان پڇاڻو نه ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُها اُمت اڳڀري، ڪَهِي ويئي ڪالھ، اُن لئي آهن اُن جا، ميڙيؤن جيڪي مال، ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪَيا، سي اوهان لئي اعمال، ۽ اوهان کان نه سوال؟، هو، جي ڪندا هئا ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135)

۽ (ڪتاب وارا مسلمانن کي) چون ٿا ته يھودي يا نصارىٰ ٿيو ته ھدايت وارا ٿيندؤ. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اسين ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آھيون، ۽ اُھو مشرڪن مان نه ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


يهودين چيو ته يهودي ٿيو، هدايت وارا ٿيندؤ، پر (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (گروه بندي ۾ ڇا رکيو آهي، اها عالمگير سچائي اختيار ڪيو جا سڀني نبين سيکاري) حضرت ابراهيم جي راه اختيار ڪيو. هو الله تعاليٰ جو سچو ۽ مخلص فرمانبردار ٻانهو هو، شرڪ ڪرڻ وارن منجهان نه هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهلِ ڪتاب چون ٿا ته يهودي يا نصارى ٿيو ته هدايت تي ٿيندا، اي حبيب ! توهان فرمايو اسين ابراهيم جي دينِ حق جا تابعدار آهيون، ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن کي) چون ٿا ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندو (اي رسول! کين) چئو ته (ائين نه) بلڪه اسين ابراهيم جي طريقي تي آهيون، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ٿي پئو يهودي يا عيسائي ته هدايت وارا بنجندؤ.رماءِ ته بلڪ ابراهيم جي دين (جا تابعدار ٿيو) جيڪو حق تي هلندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ هو ۽ نه هو مشرڪن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چيائون ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندؤ. (اي رسول ! کين) چؤ ته (ائين نه) بلڪ ابراهيم جي دين جي (تابعداري ڪريو) جو هڪ طرفو (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو ۽ مشرڪن مان نه هو. (مولانا محمد مدني)


۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودي يا نصارا ٿي وڃو ته هدايت وارا ٿيندؤ“. (اي نبي!) تون چؤ ”اسان ته ابراهيم جي دين تي آهيون جو هر باطل کان جدا، صرف الله ڏانهن متوجهه هيو. ۽ اهو مُشرڪن مان نه هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، يهودِي، ڪِ نصارا ٿيو، ته هُجو هدايت نال، چئو، ابراهيم اَٽل جو، بلڪ دين بحال، نه هو سو نِهال، پَرجي، پُوڄارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136)

(کين) چئو ته الله کي مڃيو اٿئون ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي (صحيفا) ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانھن لاٿا ويا آھن ۽ جيڪي موسىٰ ۽ عيسىٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي ٻـين پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو، تنھن (سڀ کي مڃيون ٿا) منجھائن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ وِٿي نه ٿا ڀانيون، ۽ اسين اُن (ھڪ الله) کي مڃيندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي مسلمانو) توهان چئو ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ قرآن مجيد تي ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهيءَ سچي تعليم تي ايمان آندو آهي جا حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق حضرت يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿي. اسان انهن ڪتابن تي به ايمان آندو آهي جي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيا ۽ انهن سڀني هدايتن تي ايمان آندو آهي، جي ٻين نبين کي سندن پروردگار وٽان مليون. اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي جدا نه ٿا ڪيون (جو ان کي نه مڃون ۽ ٻين کي مڃيون. سڀني جي هدايت هڪ ئي هئي ۽ انهيءَ موجب) اسان فقط هڪ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو اسان الله تي ايمان آندو ۽ جيڪو اسان جي طرف نازل ڪيو ويو ۽ جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد جي طرف نازل ڪيو ويو ۽ جيڪو ڏنو ويو موسى ۽ عيسى کي ۽ جيڪو ڏنو ويو ٻين نبين کي سندن رب جي طرفان، اسين انهن مان ڪنهن تي ايمان آڻڻ ۾ فرق نٿا ڪريون، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي مسلمانو! هي) چئو ته اسان خدا تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو آهي (قرآن) ۽ جيڪي (صحيفه) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا (انهن تي) ۽ جيڪي (ڪتاب) موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جو ڪجھ (ٻين) نبين کي سندن پالڻهار جي طرفان ڏنو ويو ۽ اسين خدا جا فرمانبردار آهيون.(سيد فرمان علي)


چئو ته ايمان آندوسون الله ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو آهي اسان ڏي ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد ڏانهن ۽ جيڪي ڏنو ويو موسى ۽ عيسى ۽ جيڪي ڏنا ويا (ٻيا) انبياء (سڳورا) پنهنجي رب جي طرفان نه ٿا فرق ڪيون انهن ۾ (ايمان آڻڻ جي لحاظ سان) ۽ اسين ان لاءِ فرمانبردار آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهين چئو ته اسان الله تي ايمان آندو ۽ (ان تي به) جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي ابراهيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏي لاٿو ويو ۽ (ان تي به) جو ڪجهه موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ويو ۽ جو ڪجهه نبين کي سندن پاليندڙ جي طرفان ڏنو ويو. اسين انهن مان ڪنهن هڪ جي وچ ۾ فرق نه ٿا ڪريون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون. (مولانا محمد مدني)


(اي مسلمانو!) چؤ ته: ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ (ان تي) جيڪو اسان طرف نازل ڪيو ويو آهي ۽ (ان تي) جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جي اولاد تي نازل ڪيو ويو هيو ۽ (انهن ڪتابن تي به) جيڪي موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جي ٻين نبين کي سندن رب جي طرفان ڏنا ويا، اسان انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به (ايمان آڻڻ ۾) فرق نه ٿا ڪيون ۽ اسان ان (رب)جا فرمانبردار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيئون، آندوسون ايمان، الله تي، پُڻ اُن تي، جي اسان ڏي اُتريا، فائق جا فرمان، پڻ اُتريا ابراهيم تي، اسماعيل عاليشان، اسحاق، يعقوب تي، پڻ پوٽاپهلوان، ۽ مُوسٰى، عيسٰى کي، جي مِليا، دانا ڪنان دان، پڻ مِليو جيڪي مُرسلين، سائيَنِ کان، سبحان، اسين اُنهن مان، ڪنهن وِچ، وجھون وِڇوٽِي ڪانه، ۽ اُنهئَ هڪ جا، هر زمان ، توڙان تابع اۤهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137)

پوءِ جيڪڏھن الله کي اوھان جي مڃڻ جھڙو مڃين ته بيشڪ ھدايت وارا ٿيندا، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته اُھي ڦيٽي ۾ ئي پوندا، پوءِ الله توکي انھن (جي شر) کان ڪافي ٿيندو، ۽ اھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙيءَ طرح ايمان آڻين جهڙيءَ طرح اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ (جهڳڙو ختم). هنن هدايت جي واٽ ورتي، پر جيڪڏهن هو منهن موڙي هٽي وڃن ته پوءِ سمجهو ته هو ضد ڪري مخالف پارٽي ٿا ٺاهين. پر (پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهه) الله تعاليٰ جي مدد توکي هنن جي مخالفتن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪافي ٿيندي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪڏهن اهي توهان وانگر ايمان آڻن پوءِ بيشڪ هدايت وارا ٿيا، ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرايائون پوءِ اهي ضد ۾ آهن، اي حبيب ! انهن جي مقابلي ۾ الله توهان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جيئن اوهان ان تي ايمان آندو آهي ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ (اي رسول!) انهن (جي شر) کان بچائڻ ڪاڻ تنهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي. ۽ اهو (سڀ جو حال) چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽) ٻڌي ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن ايمان آڻين ان وانگر جو ايمان آندو اوهان ان تي پوءِ بلاشڪ هدايت وارا ٿيا ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائين پوءِ بيشڪ اهي مخالفت ۾ آهن پوءِ جلد ڪافي ٿيندو توکي انهن (جي هر شر) کان الله ۽ اهو (سڀ ڪجھ ) ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جيئن اوهان ان تي ايمان آندو ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ الله تنهنجي طرفان انهن لاءِ ڪافي ٿيندو. ۽ هو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جيڪڏهن اُهي به (ائين) ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ اُهي پڪ سان هدايت وارا ٿي ويندا. ۽ جي اُهي منهن موڙيندا ته پوءِ اُهي ضد تي آهن. پوءِ سگھوئي الله تولاءِ انهن (جي شر) کان (بچائڻ لاءِ) ڪافي ٿيندو ۽ اهو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، جن مڃيئون، جيئن مڃيانسَ، ته ورتـئون گھاڙُو گَس، جي ڦريا، ته وڏي وِڳوڙ ۾، آهن اُهي اَوس، پوءِ اُنهن کان، الله تولئي بس، ۽ سو سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138)

الله (پنھنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آھي، ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو آهي الله تعاليٰ جو رنگ ڏيڻ ۽ الله تعاليٰ کان بهتر رنگ ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اسان سندس ئي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اسان کي دين سان رڱيو آهي ۽ رنگ ڏيڻ ۾ الله تعالى کان ڪير بهتر آهي ۽ اسان الله تعالى جي عبادت ڪندڙ آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانو! هن کي چئو ته الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون. (سيد فرمان علي)


(اسان تي) الله جو رنگ آهي ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي الله کان رنگ ڏيڻ ۾ اسين ان جي عبادت ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي. ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون. (مولانا محمد مدني)


(اسين) الله جي رنگ (۾ رنگجي وياسين) ۽ ڪنهن جو رنگ الله جي رنگ کان ڀلو آهي؟ ۽ اسان ان جا عبادتگذار آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


رڱ ڌڻي جو، ۽ رڱڻ ۾، سُهڻو سائين کان ڪير؟ ۽ سيوا وير سوير، اُن جِي ڪندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله (جي دين) بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ (حقيقت ڪري) اُھو اسانجو پالڻھار ۽ اوھانجو پالڻھار آھي، ۽ اسان لاءِ اسانجا ڪم ۽ اوھان لاءِ اوھان جا ڪرتوت آھن، ۽ سندس نِلا ٻانھا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر) تون انهن ماڻهن کي چئي ڏئي ته (اسان جي راهه ته خدا پرستي جي راهه آهي) پوءِ ڇا توهان خدا جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ٿا ڪيو؟ (يعني خدا پرستي جي ئي خلاف آهيو ڇا؟) حالانڪ اسان جو ۽ اوهان جو پروردگار اهوئي آهي. اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل! اسان ته فقط انهيءَ جي بندگي سچائي ۽ اخلاص سان ڪندڙ آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله جي باري ۾ اختلاف ڪريو ٿا ۽ الله توهان ۽ اسان جو رب آهي، اسان لاءِ ۽ اسان جا عمل ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا، هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڇا بحث ٿا ڪيو اسان سان الله (جي باري) ۾ ۽ اهو رب اسان جو آهي ۽ رب اوهان جو آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل ۽ اسين ان لاءِ اخلاص سان عبادت ڪندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کين) چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) چؤ: ”ڇا اوهان اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا؟حالانڪه اهو اسان جو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل آهن ۽ اسان خالص ان جا ئي بنجي چڪا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڇا اوهين الله ۾، ٿا حجتون ڇِڪيو هاڻ؟ ۽ اسان ۽ اوهان جو، اُهو پرور آهي پاڻ، عمل اوهان جا، اوهان لئي ۽ اسان جا اسان ڪاڻ، ۽ سَڄائـِي سُڄاڻ!، اسين اُن جا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140)

يا چئو ٿا ته ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد يھودي يا نصارىٰ هُئا. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيو يا الله (وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي)؟ ۽ جيڪو اھڙي شاھدي لڪائي جا الله وٽان وٽس ھجي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


يا توهان هيئن ٿا چئو ڇا ته حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق، حضرت يعقوب ۽ حضرت يعقوب جو اولاد يهودي ۽ نصراني هئا؟ اي پيغمبر تون هنن کان پڇ ته توهان وڌيڪ. ڄاڻڻ وارا آهيو يا الله؟ (جيڪڏهن الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته سندس شاهدي اوهان جي خلاف اوهان جي ڪتاب ۾ موجود آهي) پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي انهيءَ کان جو خدا جي شاهدي لڪائي؟ ۽ الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان هرگز غافل ناهي. (هو ضرور اوهان کي تباه ڪندو).(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ توهان چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انجو اولاد يهودي يا نصارى هئا. اي حبيب ! توهان فرمايو توهان کي علم زياده آهي يا الله کي، ۽ انهي کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جنهن وٽ الله تعالى جي طرفان شاهدي هجي ۽ ان کي لِڪائي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر ناهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهين چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زيادھ ڄاڻيندڙ آهيو يا الله؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان (ته اهي يهودي نه هئا) آهي ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا اوهان چئو ٿا ته بيشڪ ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحق ۽ يعقوب ۽ ان جا پٽ هئا يهودي يا عيسائي فرماءِ ته ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيو يا الله ۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو لڪائي ٿو شاهدي (جيڪا) ان وٽ آهي الله جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڀلا اوهين چئو ٿا ڇا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زياده ڄاڻندڙ آهيو يا الله ؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (مولانا محمد مدني)


(اي اهلِ ڪتاب!) ڇا توهان چؤ ٿا ته: ”ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جو اولاد يهودي يا نصارا هئا“؟ چؤ ته: ”ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله“؟ ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جو حق جي شاهدي کي لڪائي جا ان وٽ الله وٽان (ڪتاب ۾) موجود آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا؟چئو، ته ابراهيم خود، ۽ اسماعيل عاليشان، اسحاق ۽ يعقوب نبي، پڻ پوٽا پهلوان، ته سي سڀ يهودي هئا، يا نِسورا نَصران؛ چئو، اوهين اڳرا علم ۾، يا مالڪ مهربان؟ ۽ ڪير قرارو اُن ڪنان، ظالم منجھ زمان؟ وَٽسِ، لِڪائي لوڪ کان، جا ثابتي کان سبحان؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪفران، والي، نه تنهن کان ويسلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141)

اِھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي ڪمايائون سو انھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي اُھي ڪندا هُئا تنھن بابت (اوھين) نه پڇيا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها به هڪ امت هئي جا گذري چڪي جن لاءِ اهوئي هو جو هنن پنهنجي عملن سان ڪمايو ۽ توهان جي لاءِ اهوئي هوندو جو اوهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ. توهان کان هُنن بابت پڇاڻو ڪونه ٿيندو ته هنن جا عمل ڪهڙا هئا؟(علامه علي خان ابڙو)


اها امت بيشڪ گذري، انهن لاءِ اُهي سهڻا عمل هوندا جيڪي انهن ڪيا ۽ توهان لاءِ اهي عمل آهن جيڪي توهان ڪريو ٿا، ۽ توهان کان انهن جي عملن بابت نه پڇيو ويندو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي اُهي ماڻهو هئا جي گذري ويا، جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.(سيد فرمان علي)


اها هڪ امت هئي جيڪا گذري ان لاءِ اهو آهي جو ڪمايائين ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو ڪمايُوَ ۽ نه پڇا ڪيا ويندئو ان جي باري ۾ جو ڪيائون ٿي . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها هڪ جماعت هئي جا گذري ويئي جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ آهي ۽جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


اُها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي جو انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ هوندو ۽ توهان کان انهن جي عملن بابت ڪو نه پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُها اُمّت اَ ڳـڀرِي، وِيئي وَڄائي وارو، جيڪِي ڪيون جھان ۾، سو سندن لئي سارو؛ ۽ جيڪي اوهان ڪمائيو، اُهو اوهان وارو، ۽ اوهان تي نه بارو، جيڪي ڪيون تن، ڪمن جو. سِگھو مورک، ماڻهون مان، چوندا اِهڙي چال، ته ڦريُنِ، ڪِنهن فِى الْحَالِ، هئا مَهند جنهن مُهاڙ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142)

ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (يعني مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايوَ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بي سمجهه ماڻهو چوندا ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مسلمان جنهن طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئا سو ڦيرائي ٻئي طرف منهن ٿا ڪن. (اي پيغمبر) چئو ته، مشرق ۽ مغرب (سڀ طرف) الله ئي جي لاءِ آهن. (هو ڪنهن خاص جاءِ تي محدود ناهي) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ کولي ڏيکاري ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


بي عقل ماڻهو جلدي چوندا ته مسلمانن کي پنهنجي قبلي کان ڪنهن ڦيرايو آهي جنهن تي اهي هئا. اي حبيب ! توهان فرمايو اوڀر ۽ اولهه الله جو آهي، جنهنکي گهُري سنئين رستي تي هلائي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيوقوف ماڻهو چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالھ انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ (اي رسول!) تون انهن کي چئو ته اڀرندو ۽ اولهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(سيد فرمان علي)


سگهوئي چوندا بيوقوف ماڻهو ته ڪهڙيءَ شيءِ ڦيرايو انهن کي سندن قبلي کان جنهن تي هئا (هن کان اول) فرماءِ ته الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولھ، هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري سڌي واٽ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيوقوف ماڻهو چوندا ته ڪهڙي شئي انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ چئو ته اڀرندو ۽ الهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني)


هاڻي بي وقوف ماڻهو چوندا ته: ”انهن (مسلمانن) کي پنهنجي قبلي (بيت المقدس) کان ڪنهن ڦيرايو؟ جنهن تي اڳ (نماز پڙهندا) هئا“. چؤ ته: ”اوڀر ۽ اولهه الله لاءِ آهي. اُهو جنهن کي چاهي ٿو سڌي رستي تي هلائي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اوڀر ۽ اولھ جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، سُهائئي ستار، وڻيس تنهن کي، واٽ سَنئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143)

۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي مسلمانو! جهڙيءَ طرح بيت المقدس جي بدران ڪعبته الله کي قبلو بنايو ويو آهي تهڙي طرح) اسان توهان کي سڀني کان وڌيڪ نيڪ امت ڪيو آهي،. انهيءَ لاءِ ته توهان سڄي دنيا جي انسانن کي سچي دين جي شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو ۽ اوهان کي هيستائين بيت المقدس جي قبلي تي قائم رکيو ويو هو سو فقط هن لاءِ ته هن موقعي تي معلوم ٿي وڃي ته ڪهڙا ماڻهو رسول ڪريم جي تابعداري ۾ پڪا آهن ۽ ڪهڙا پٺئين پير ڦرڻ وارا آهن ۽ (سچ هي آهي ته) جن کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي تن کان سوا۽ ٻين لاءِ هي معاملو سخت آزمائش وارو هو، پوءِ يقين ڪيو ته الله تعاليٰ توهان جو پڪو ايمان ضايع نه ڪندو (اوهان کي وڏو اجر ڏيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سراسر شفقت ۽ رحمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ حقيقت ۾ اسان توهان کي سڀني امتن کان ڀلو ڪيو ته توهان ماڻهن تي شاهد هجو ۽ رسول ڪريم توهان تي شاهد هجي، ۽ نه مقرر ڪيو اسان قبلي کي جنهن تي اي حبيب ! توهان هئا مگر اسان کي ڏسڻو هو ته ڪير رسولِ عربيءَ جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير بي فرماني ڪري ٿو، ۽ بيشڪ اها ڳالهه ڏُکي هئي مگر انهن تي جن کي الله تعالى هدايت ڏني ۽ الله تعالى جو شان ناهي جو توهان جي ايمان کي وڃائي، بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي نهايت مهربان ٻاجهارو آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي عادل بڻايو ته جيئن اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. ۽ رسول (وري) توهان تي شاهد ٿئي ۽ اي رسول! جنهن قبلي (بيت المقدس) جي طرف تون اڳ (سجدو ڪندو) هئين، تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو هو ته جيئن اسين ڄاڻيون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجن کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ بيشڪ اها ڳالھ (هيڏانهن هوڏانهن منهن ڪرڻ) جن کي الله هدايت ڪئي آهي تن کان سواءِ (ٻين لاءِ) وڏي آهي ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهان جي ايمان (نماز، جا بيت المقدس ڏي منهن ڪري پڙهي اٿو) کي ضايع ڪري! بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ اهڙيءَ طرح بنايوسون اوهان کي امت درمياني تانته هجو شاهد ماڻهن تي ۽ هجي (هيءُ) رسول اوهان تي شاهد. نه (مقرر) ڪيو اسان قبلي کي جو هئين تون (هن وقت تائين) ان تي مگر تانته ڄاڻون (ظاهر ۾) ته ڪير ٿو پيروي ڪري رسول جي (۽) ڪير ٿو موٽي پنهنجن کڙين تي ۽ بلاشبہ اها (ڳالھ) وڏي آهي مگر انهن تي جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله. نه آهي الله (جو هي شان) جو ضايع ڪري ايمان اوهان جي کي.يشڪ الله ماڻهن سان گهڻو ٻاجهارو، رحم ڪندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي ڀلي جماعت ڪيو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي. ۽ جنهن قبلي (بيت المقدس) تي (اي پيغمبر) تون هئين تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو ته جيئن اسين ڄاڻون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجين کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ يشڪ اها ڳالهه جن کي الله هدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻين تي) وڏي آهي. ۽ الله اوهان جي ايمان کي ضايع نه ٿو ڪري. بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي وچولي (۽ بهترين) امت بنايو آهي ته جيئن توهان ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسولِ (ڪريم) اوهان تي شاهد ٿئي. ۽ (اي نبي!) تون جنهن قبلي تي پهريان هئين اسان ان کي صرف هن لاءِ مقرر ڪيو هيو ته اسان (پرکا وٺي) پڌرو ڪيون ته ڪير رسول (ﷺ) جي پيروي ڪري ٿو (۽) ڪير اُبتي پيرِ ڦِري ٿو. ۽ بيشڪ اها (قبلي مَٽِجَڻَ واري) ڳالهه ضرور ڳَـــرِي هئي مگر انهن تي (ڳري نه هئي) جن کي الله هدايت ڪئي. ۽ الله جو شان ناهي جو اوهان جا ايمان ضايع ڪري. بيشڪ الله ماڻهن سان ضرور وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪيوسون اُمّت وِچٿري، اوهان کي اِن پر، تان هُجو شاهد شرع جا، ماڻهن تي مقرر، پڻ آن تي پيغبمر، شاهد، شاهِي شاھ هجي. ۽ مُهاڙ نه ڦيريسون مورهين، هُئين مٿي، جنهن مَٿير! مگر ته ڄاڻون، مُرسل جي، ڪَڍ لڳي ٿو ڪير؟ اُنهن کان، ته پاتئين پير، پيو کسڪي، کُڙينِ ڀر پانهنجي. ۽ هُئي، سا ڳالھ ڳري، مگر مٿي تن مُؤمنين، ڪِئي ڪرم سان، جن جِي، ربّ پاڪ رهبري، ۽ الله ايمان اوهانجو ضايع نه ڪري ذرِي؛ واحد واه! ورِي، پڻ ماڻهن مٿي، مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144)

(اي پيغمبر) آسمان ڏانھن تنھنجو منھن (ھرھر) ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسين، پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي مُنھن کي تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ) اوھين جتي ھجو تتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو، ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا ته اِھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اسان ڏسي رهيا آهيون ته تنهنجو منهن مبارڪ بار بار آسمان جي طرف کڄي رهيو آهي (يعني توکي شوق آهي ته قبلي متعلق ڪو حڪم اچي) سو اسان تمام جلد تنهنجو منهن اهڙي قبلي ڏي ڪنداسين جنهن ۾ تون خوش ٿيندين. هاڻي تون پنهنجو منهن مسجد الحرام (ڪعبت الله) ڏانهن ڦيراءِ ۽ جتي به تون ۽ تنهنجا اصحاب هجن اتي ڪعبت الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهو ۽ جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي پڪ سان ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ هي (قبلي جو ڦيرائجڻ) حق آهي جو سندن پروردگار وٽان آيو آهي (ڇو ته سندن ڪتابن ۾ اها پيشنگوئي ڪيل آهي) الله تعاليٰ سندن عملن جي باري ۾ هرگز غافل ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اسان ڏسي رهيا آهيون آسمان طرف توهان جي منهن مبارڪ ڦيرائڻ کي پوءِ ضرور اسين توهان کي ان قبلي طرف ڦيرائينداسين جيڪو توهان کي پسند اچي پوءِ پنهنجي منهن مبارڪ کي بيت الله ڏانهن ڦيرايو، ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو پنهنجي منهن کي انهي طرف ڦيرايو، ۽ بيشڪ اهلِ ڪتاب يقيناً ڄاڻن ٿا ته بيشڪ هي سندن رب جي طرفان حق آهي، ۽ الله تعالى سندن عملن کان بي خبر ناهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! قبلو بدلجڻ لاءِ) بيشڪ تنهنجو (وري وري) آسمان ڏانهن نهارڻ (کي) ڏسون ٿا. پوءِ اسين تو کي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون (وڌيڪ) پسند ڪرين ٿو (چڱو ڀلا! نماز ۾ ئي) تون پنهنجو منهن مسجد محترم (ڪعبه) ڏي ڦير ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو ته پنهنجا منهن (نماز ۾) ان ڏي ڪندا ڪيو ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن ٿا اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان آهي ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ ڏسون پيا بار بار منهن ڦيرائڻ تنهنجي کي آسمان ڏانهن پوءِ ضرور ڦيرائينداسون توکي ان قبلي ڏانهن جو راضي ٿيندين ان کان پوءِ ڦيراءِ پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏانهن ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان طرف ۽ بيشڪ اهي جو ڏنا ويا ڪتاب البته ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو حق آهي انهن جي رب جي طرفان. نه آهي الله غافل انهن ڪمن کان جو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسين تنهنجي منهن جو آسمان ڏي ڦرڻ ڏسون ٿا. پوءِ اسين توکي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. پوءِ تون پنهنجا منهن مسجد حرام ڏي ڦير. ۽ جتي به اوهين هجو ته پنهنجو منهن ان ڏي ڦيريو. ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي ڄاڻن ٿا ته اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان حق آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) بيشڪ اسان تنهنجي مُنهن (مبارڪ) جو آسمان ڏانهن (بار بار)کڄڻُ ڏسي رهيا آهيون، سو اسان ضرور تو کي ان قبلي طرف ڦيرينداسين جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. سو پنهنجو منهن (مبارڪ هاڻي ئي) عزت واري مسجد ڏانهن ڦيراءِ. ۽ (اي مسلمانو) اوهان جتي به هجو پنهنجا چهرا ان ڏانهن ڦيرايو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي سي پڪ ڄاڻن ٿا ته اهو (قبلي جي تبديلي جو حڪم) انهن جي پالڻهار پاران حق آهي. ۽ الله ان کان بي خبر نه آهي جيڪي اهي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏسون پيا، تُنهنجو اُڀ ڏي مُنهن ڦيرڻ مِير!، پوءِ، تنهنجو قبلو سو ڪريون، جو وڻي توکي وير!، پوءِ منع وارِي مسجد ڏي، ڪر پنهنجو مُنهن مُنير!، ۽ اُن جي پار امير!، جنهن ماڳ هُجو منهن ڦيريو. ۽ ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سمجھن، سي سَچار، ته سندن صاحب پاڪ کان، هي آهن حق اظهار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، والِي تن، نه وسيلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145)

۽ (قسم آھي) ته جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين ته (به) تنھنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) ته ان کانپوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تون اُن مھل ظالمن مان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وارن اڳيان سڀ نشانيون ۽ سهڻا دليل پيش ڪرين ته به هو هرگز تنهنجي قبلي جي پيروي نه ڪندا، نڪي تون هنن جي قبلي جي پيروي ڪندين. هو ته (اڳئي اهڙا ڇڙوڇڙ ٿيل آهن جو) پاڻ ۾ ئي ڪنهن هڪڙي قبلي تي متفق ناهن. (ياد رکو ته) جيڪڏهن اوهان هنن جي خواهشن جي پيروي ڪندؤ، جڏهن ته توهان وٽ سچو علم ۽ هدايت اچي چڪي آهي ته پوءِ توهان يقيناً نافرماني ڪندڙن منجهان ٿي پوندؤ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن توهان سڀئي نشانيون به اهلِ ڪتاب وارن وٽ آڻيندا ته به توهان جي ڪعبي کي نه مڃيندا، ۽ توهان انهن جي قبلي جي تابعداري نه ڪريو، ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي کي نٿا مڃن، ۽ جيڪڏهن (اي ٻڌندڙ) تون انهن جي خواهش تي هلين معلومات حاصل هجڻ کان پوءِ به، ته بيشڪ تون انهي وقت ظالمن مان هوندين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون به آڻيندي ته به اهي تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا ۽ نه تون سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين ۽ خود اهل ڪتاب به هڪڙا ٻين جي قبلي کي نٿا مڃن! ۽ جيڪڏهن تون علم (قرآن) اچڻ کان پوءِ به سندن خواهشن تي هلندين ته بيشڪ تون نافرمانن مان ٿيندين.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن آڻيندؤ اهل ڪتاب وٽ هر دليل ته به نه تابعداري ڪندا قبلي اوهان جي جي ۽ نه آهيو اوهان تابع انهن جي قبلي جا ۽ نه اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جا تابعدار آهن ۽ البته جيڪڏهن (بفرضِ محال) تابعداري ڪئي اوهان انهن جي سڌن جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته بيشڪ اوهان ان وقت ظالمن مان (ڳڻيل) ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون آڻيندين ته به اهي تنهنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا ۽ نه تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آهين ۽ نه انهن مان هڪڙا ٻين جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آهن. ۽ جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين هن کان پوءِ به جو تو وٽ علم آيو ته بيشڪ تون ان وقت ظالمن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ جي تون ڪتاب وارن وٽ هر نشاني آڻين ته به اُهي تنهنجي قبلي جي پيروي ڪونه ڪندا ۽ نه ئي تون انهن جي قبلي جي پيروي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه ئي اُهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جي پيروي ڪندڙ آهن. ۽ اگر (بفرضِ محال) تو وٽ علم اچڻ بعد به تو انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪئي ته بيشڪ ان وقت تون (پنهنجي جان سان) زيادتي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪتاب ڪرم ٿيو، جن تي، جي آڻيينِ، سڀ اُهڃاڻ، ته ڪڏهن نه، تُنهنجي قبلي جا، پوئلڳ ٿيندا، پاڻ، ۽ نه تون سُرت سُڄاڻ!، تابع تن جي طرف جو. ۽ اهي ڪي، نه ڪِن جي قبلي کي، مڃڻ وارا مور، سندن سَڌن پٺيان، جي هلندين تون حضور! جنهن بعد، آيئـِي علم مان، پوري ريت پرور، ته ظُلمينِ مان ضرور، هوندين، اُنهي حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146)

جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن (قبلي جي ڦير) کي اِئين سڃاڻندا آھن جئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني تورات ۽ انجيل جا عالم) سي اسلام جي پيغمبر کي اهڙوئي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙو پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا. (يعني) هنن کي پڪ آهي ته اهوئي آخري رسول آهي، انهن متعلق سندن مقدس ڪتابن ۾ اهڃاڻ ڏنل آهن) تنهن هوندي به هنن ۾ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ڄاڻي ٻجهي به حق کي لڪائي ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي جن کي اسان ڪتاب ڏنو، رسولِ عربيءَ کي ايئن سڃاڻن ٿا جيئن پيءُ پٽن کي سڃاڻي ٿو، ۽ بيشڪ انهن مان هڪ گروه سمجهڻ جي باوجود حق کي لڪائن ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن کي اسان ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو، آهي (رسول کي) اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو ٻين پٽن کي سڃاڻن ٿا ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي حق کي لڪائن ٿا.(سيد فرمان علي)


اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب سڃاڻن ٿا ان کي جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پٽن کي ۽ بلاشڪ هڪ جماعت انهن مان البته لڪائن ٿا حق ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي اسان ڪتاب ڏنوسي ان کي اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. ۽ بيشڪ انهن مان هڪ جماعت ڄاڻي واڻي حق کي لڪائي ٿي. (مولانا محمد مدني)


اهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي هن (نبي ڪريم ﷺ) کي ائين سڃاڻن ٿا جيئن پنهنجي پُٽن کي سُڃاڻن ٿا.۽ بيشڪ انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي ڄاڻي واڻي حق کي لڪائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سي سڃاڻنسِ صحي، سڃاڻن، جنهن صورت سان، پنهنجا پٽ پَهِي، ۽ ڪي ساٿِي تن مان، سچ تي، پردو وِجھن پَهي، ۽ اُهي سمجھن پيا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147)

اِھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نه ٿيءُ.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقين ڪيو ته (هي قبلي ڦيرائڻ وارو حڪم) اوهان جي پروردگار جي طرف کان حق جو امر آهي. پوءِ متان شڪ آڻڻ وارن منجهان ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


(اي ٻڌندڙ) حق تنهنجي رب جي طرفان آهي، پوءِ تون هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) قبلي کي بدلائڻ تنهنجي پالڻهار طرفان حق آهي. پوءِ (ائين نه ٿئي جو) تون شڪ ڪرڻ وارن مان ٿئين!(سيد فرمان علي)


هيءُ حق آهي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ هرگز نه هج تون شڪ ڪندڙن مان . (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هيءُ) حق آهي تنهنجي پاليندڙ وٽان پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. (مولانا محمد مدني)


(اي مخاطب!) هي (قطعي) حق آهي تنهنجي پالڻهار جي طرفان ته پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته سائين کان، واجب حق، وحِي، پوءِ جي گمان ۾ گُنَهِي، تون توڙ نه ٿي، تن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148)

۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪڙو قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو مھاڙ ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


سڀ ڪنهن جماعت جي لاءِ هڪ طرف آهي جاڏي هو (عبادت جي وقت) پنهنجو منهن ڪن ٿا. (انهي ۾ حق ۽ باطل جو معيار رکيل ڪونهي. اصلي مقصد آهي نيڪ عملي) سو توهان نيڪين ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو، جتي به توهان هوندؤ تِتَان الله تعاليٰ اوهان سڀني کي هڪ هنڌ آڻيندو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر انسان جو قبلو آهي جو اهو ان طرف منهن ڪري ٿو پوءِ چڱاين ۾ اڳرائي ڪريو، توهان جتي به هوندا الله تعالى توهان کي گڏ ڪري آڻيندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ ئي پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي (نماز ۾) منهن ڪندڙ آهن. پوءِ اوهين (اي مسلمانو! ان جهڳڙي کي ڇڏي ڏيو) چڱاين ڏي هڪٻئي کان اڳتي وڌو. جتي به هوندو ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (پاڻ ڏي) آڻيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ سڀ ڪنهن جي لاءِ هڪ طرف آهي جو اهو ان ڏانهن منهن ڪندڙ آهي پوءِ اڳرائي ڪيو نيڪين ۾ ڪٿي به هوندؤ ته آڻيندو اوهان کي الله گڏ ڪري.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀڪنهن لاءِ هڪ پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي هو منهن ڪندڙ آهي. پوءِ چڱائين ڏي هڪ ٻئي کان اڳ وڌو. جتي به هوندؤ ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (گڏ ڪري) آڻيندو. بيشڪ الله سڀڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هر هڪ لاءِ هڪ رُخُ آهي جيڏانهن اهو مُڙي ٿو پوءِ نيڪين ۾ اڳرائي ڪيو. اوهان جتي به هجو الله اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هر مُهڙ، پاڻ سو، مقرر ڪندڙ مور، پوءِ چڱا! چڱاين ڏي، پُوريو پهرين پور؛ آڻِيندان، جِتي به هجو، هيڪاندو حضور؛ غالب، ربّ غفور، قادر، ڪل ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149)

۽ (اي پيغمبر) جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ يقين ڪيو ته هيءُ حڪم اوهان جي پروردگار وٽان حق جو امر آهي ۽ يقين سان ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان جي جي عملن کان غافل هرگز ناهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي حبيب ! جتان به توهان (سفر ۾) نڪرو ته پنهنجو منهن مبارڪ بيت الله جي طرف ڪريو ۽ بيشڪ اهو يقيناً توهان جي رب جي طرفان حق آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان بيخبر ناهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام (ڪعبه) ڏي ڦير!۽ بيشڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان حق آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جتان به نڪرين ته پوءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ڦيراءِ ۽ بيشڪ اهو حق آهي تنهنجي رب جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏي ڦير ! ۽ بيشڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان حق آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي (مولانا محمد مدني)


۽ تون جتان (سفر تي) نڪرين ته (نماز جي وقت) پنهنجو چهرو مسجد الحرام ڏانهن ڦيراءِ. ۽ بيشڪ اهو ئي تنهنجي پالڻهار پاران حق آهي ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جِتي به نِکتين يا نبي!، ڪر، مُنهن، مَسجدپاڪ پار،۽ اِهو تُنهنجي آگي کان، آهي حق اِظهار، ۽ جڪي ڪريو ڪم ڪار، والي تن کان نه وسيلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150)

۽ جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) ته منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻـين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نه رھي، پوءِ کانئن نه ڊڄو، ۽ (ھن لاءِ) ته (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ڏسو توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ (اي مسلمانو توهان ڪٿي به هجو ته نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڦيرايو. (قبلي جي مقرري تي هيترو تاڪيد جو ڪيو ويو آهي سو) انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اوهان جي خلاف ڪوبه دليل نه رهي (۽ سڀني کي هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح معلوم ٿي وڃي ته حضرت ابراهيم جو عبادتگاه توهان جي لاءِ قبلو مقرر ٿي ويو) پر انهن ماڻهن جيڪي ظالم آهن سي ته ڪنهن به حالت ۾ مخالفت ڪندا. پوءِ انهن کان بلڪل نه ڊڄو، فقط مون کان ڊڄو ۽ اهو (حڪم قبلي وارو) هن لاءِ پڻ ڏنو ويو آهي ته مان (الله تعاليٰ) اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ پڻ انهيءَ لاءِ ته توهان سڌيءَ راهه تي هلو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي حبيب ! جتان به توهان (سفر۾) نڪرو ته پنهنجو منهن مبارڪ بيت الله جي طرف ڪريو، ۽ اي مسلمانو توهان جتي به رهندڙ هجو پنهنجن مُنهَن کي بيت الله ڏانهن ڪريو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي ڪابه حجت توهان تي نه رهي، مگر اُهي ماڻهو جيڪي انهن مان ظالم آهن، پوءِ توهان انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ جو آئون توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪريان ۽ بيشڪ توهان هدايت وارا ٿيندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اي رسول! تون جتي به وڃين ته پنهنجي منهن کي (نماز ۾) مسجد حرام ڏي ڦير! ۽ (اي مسلمانو) توهان (به) جتي هجو ته (نماز ۾) پنهجا منهن ان ڏي ڦيريو! وري (حڪم ڏيڻ جو هي به فائدو آهي) ته جيئن ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، مگر انهن مان جي ماڻهو ناحق ضد ڪن ٿا ته اهي ضرور الزام رکندا. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ ان لاءِ به ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ته جيئن توهان کي هدايت ٿئي.(سيد فرمان علي)


۽ جتان به نڪرين ته پوءِ ڦيراءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان جي طرف تان ته نه هجي ماڻهن لاءِ اوهان تي ڪا حجت مگر جن ظلم ڪيو انهن مان پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان ۽ تان ته پوري ڪيان پنهنجي نعمت اوهان تي ۽ تان ته اوهان هدايت وارا ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏي ڦير ! ۽ جتي به هجو ته پنهنجا منهن ان ڏي ڦيريو هن لاءِ ته ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، انهن (جي الزام) کان سواءِ جن انهن مان ظلم ڪيو. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ هن لاءِ ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ۽ مَنَ اوهين سڌي رستي تي هلو. (مولانا محمد مدني)


۽ تون جتان (سفر تي) نڪرين ته (نماز جي وقت) پنهنجو چهرو مسجد الحرام ڏينهن ڦيراءِ. ۽ (اي مسلمانو!) اوهان جتي به هجو پنهنجا چهرا ان ڏانهن ڦيرايو تان ته ماڻهن کي توهان تي اعتراض جي گنجائش نه رهي، سواءِ انهن مان تن ماڻهن جي جن ظلم ڪيو، پوءِ اوهان انهن کان (هرگز) نه ڊڄو ۽ مون کان (ئي) ڊڄو ۽ هي ان لاءِ ته آءُ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ هن لاءِ ته جيئن اوهان هدايت وارا ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جتي به نڪتين يا نبي!، ڪر، مُنهن مَسجد پاڪ پار، منهن موڙيو، تنهين پار ڏي، جتي هجو جونجھار!، تان حجت، نه اوهان تي هجي، مورهين ماڻهن هار، مگر جاڙون جن ڪيون، تن منجھان تڪرار، پوءِ ڪنبو نه، اُنهن کان، ۽ مون ڪنان ڪنبو برقرار، تان اوهان تي، آءُ ڪريان، نعمت سندمِ، نِبار، ۽ اِن آسري آڌار، مانَ مارڳ ماڻيو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151)

جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيئن (مون اڳئي اوهان تي وڏي نعمت ڪئي آهي جو) اوهان مان هڪڙي کي اوهان ڏانهن رسول ڪري موڪليو اٿم. هو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، اوهان جي دلين کي صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو، اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ٿو سيکاري ۽ اهي ڳالهيون سيکاري ٿو جي توهان اڳي بلڪل ڪونه ڄاڻندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


جيئنڪ اسان توهان ۾ رسولِ عربي توهان مان موڪليو اهو توهان تي اسان جون آيتون پڙهي ٿو ۽ توهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ توهان کي اُهو سڀڪجهه سيکاري ٿو جيڪو توهان نه ڄاڻندا هئا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانو! هي احسان به ائين آهي) جيئن اسان اوهان ۾، اوهان مان هڪ رسول موڪليو، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان جي نفسن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب (قرآن) ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجھ سيکاري ٿو جو اوهين (اڳ) نه ڄاڻندا هئا.(سيد فرمان علي)


جيئن موڪليوسون اوهان ۾ رسول اوهان مان پڙهي ٿو اوهان جي اڳيان آيتون اسان جون ۽ پاڪ ٿو ڪري اوهان کي ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي اهي ڳالهيون جو اوهان نه ڄاڻندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيئن اسان اوهان ۾ اوهان مان هڪ رسول موڪليو جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجهه سيکاري ٿو جو اوهين نه ڄاڻندا هئا. (مولانا محمد مدني)


جهڙي طرح اسان اوهان ۾ خود اوهان مان هڪ رسول موڪليو آهي جيڪو اوهان تي اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ اوهان کي (اُهي ڳجها ڳُوڙها راز) سيکاري ٿو جيڪي اوهان نه ڄاڻندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جيئن ته، اوهان ۾ اوهان مان، مرسل مڪوسون مور، ته پڙهي اسان جون پَڌريون، آن تي، نشانيون نور، ۽ پڪ اوهان کي پاڪ ڪري، ڪنان فِسق، فجور، ۽ سيکارِينِيان ڪتاب، پڻ پورِي ريت پرور، ۽ مَنْهد، نه جو مذڪور، ڄاڻو، سوڄاڻائـِينِيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152)

تنھنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھن جو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نه ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن ڪري مون کي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس (اوهان کي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس) ۽ منهنجي نعمتن جو (عملاً) قدر ڪريو ۽ بي شڪر نه ٿجو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان مون کي ياد ڪريو آئون توهان کي ياد ڪندس ۽ توهان منهنجو شڪرانو مڃو ۽ منهنجي ناشڪراني نه ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ به اوهان جو ذڪر خير ڪندس ۽ منهنجو شڪريو ڪندا رهو ۽ ناشڪري نه ڪريو.(سيد فرمان علي)


پوءِ مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان ۽ منهنجو شڪر ڪيو ۽ منهجي بي شڪري نه ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ اوهان کي ياد ڪريان ۽ منهنجو احسان مڃيو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪريو. (مولانا محمد مدني)


سو اوهان مون کي ياد ڪيو ته آءُ اوهان کي ياد ڪيان ۽ منهنجو شڪر ادا ڪيو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ساريومِ، ته آن کي ساريان، حاضر هر ڪنهن حال، پُڻ ڳايو، مُنهنجِي ڳالھ، ۽ مُنهنجا وڙ، نه وساريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153)

اي مؤمنؤ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ڇوته الله صابرن سان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز جي وسيلي (ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ) مدد وٺو ۽ يقين ڪريو ته الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن سان آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي ايمان وارؤ! توهان نماز ۽ صبر کان مدد وٺو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! (مصيبت جي وقت) صبر ۽ نماز جي ذريعي (خدا جي) مدد گهرو، بيشڪ خدا صبر وارن سان ئي آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! مدد جي طلب ڪيو صبر ۽ نماز (جي ذريعي) سان بيشڪ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو ! صبر ۽ نماز سان مدد وٺو. بيشڪ الله صبر وارن سان آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! (الله کان) مدد وٺو صبر ۽ نماز سان. بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي جن مڃيو! سي مدد وٺو، ساڻ صبر ۽ نماز، بارِي بي نياز، ساٿِي سَندو، صابرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154)

۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نه چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نه ٿا پروڙيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن به نسبت ائين نه چئو ته هو مري ويا آهن، نه نه هو زنده آهن، پر توهان هنن جي زندگي ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ شهيد ٿين ٿا انهن کي مئل نه چئو، بلڪ اهي جيئرا آهن پر توهان (انهن جي زندگي کي) نٿا سمجهو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جي ماڻهو خدا جي راھ ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو، بلڪه (اهي) جيئرا آهن پر اوهين (ان ڳالھ کي) نٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


۽ نه چئو انهن جي لاءِ جو ڪٺا ٿا وڃن الله جي واٽ ۾ (ته اهي) مئل آهن بلڪ جيئرا آهن ۽ پر اوهان نه ٿا سمجهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي الله جي رستي ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو بلڪ (اهي) جيئرا آهن پر اوهين نه ٿا سمجهو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ڪيا وڃن ته انهن کي نه چئو ته: ”مُردا آهن“. بلڪه (حقيقت ۾) اُهي زنده آهن ۽ پر اوهان (انهن جي زندگي جي) سمجھه نه ٿا رکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سي مُئا، نه ڪوٺيو مور، جي ڪُٺاربَّ جي راھ ۾، زِنده، هُو ضرور، پير اوهين پَروڙيون ڪين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155)

۽ اوھان کي ڀوَ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيء سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(۽ ياد رکو ته) توهان کي ضرور خطرن ۽ خوفن ۽ بک جي تڪليفن جان ۽ مال ملڪيت جي نقصانن ۽ فصلن جي تباهي سان آزمائينداسين، پوءِ جيڪي ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪندا انهن کي (فتح ۽ ڪامرانيءَ جي) بشارت (خوشخبري) ڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ اسين ضرور آزمائينداسين توهان کي خوف ۽ بک سان ۽ مالن ۽ حياتيءَ جي ڪمي ۽ ميون جي گهٽتائي سان ۽ صبر ڪندڙن کي خوشخبري پهچايو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسين اوهان کي ڪجھ ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ (اي رسول) اهڙي صبر ڪرڻ وارنکي خو شخبري ٻڌاءِ.(سيد فرمان علي)


۽ البته ضرور آزمائينداسون اوهان کي ڪنهن هڪ شيءِ سان، خوف سان ۽ بک سان ۽ مالن ۽ سرن ۽ ميون جي گهٽائڻ سان ۽ بشارت ڏي صبر ڪندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اوهان کي ڪجهه ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ صبر وارن کي خوش خبري ٻڌاءِ، (مولانا محمد مدني)


۽ ضرور اسان اوهان کي آزمائينداسين ڪجھه شين سان (يعني) ڪجھه خوف ۽ بک ۽ ڪجهه مالن ۽ جانين ۽ پوکن جي نقصان سان ۽ (اي نبي) صبر وارن کي مبارڪ ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ وَٺنداسون ڀَـؤ، ۽ بک سان، آن کان امتحان، ۽ کيٽ کري ۾، کوٽ سان، منجھ مال، جسم، جان، ۽ مُبارڪ مهربان!، پوءِ صحِي ڏي تون، سَهندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156)

جن کي جڏھن ڪا اوکائي پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا ته اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي (صبر ڪندڙ) اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪا مصيبت مٿن اچي ڪڙڪي ٿي ته (بي قرار ٿيڻ جي بدران الله کي ياد ڪري پاڻ ۾ وڏي قوت پيدا ڪن ٿا ۽ روحاني جذبي سان) چون ٿا ته اسان ۽ اسان جو سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي ۽ اسان کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا بيشڪ اسين الله جا آهيون ۽ ان ڏانهن موٽايا وينداسين.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسين، الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون.(سيد فرمان علي)


اهي جو جنهن وقت پهچي ٿي انهن کي ڪا مصيبت ته چون ٿا بيشڪ اسان (صرف) الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽندڙ آهيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا ته بيشڪ اسين الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون. (مولانا محمد مدني)


اهي (صابر) جن تي جڏهن ڪا مصيبت پهچي ٿي ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان الله جي مِلڪ آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن کي، جڏهن ڏک رسيو، ته چيائون هِي حرف، ته اسين آهيون الله جا، سِپاهي صِرف، ۽ آخر اُن طرف، اسين هرگز هلڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157)

اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً اهڙن ئي ماڻهن تي سندن پروردگار جو لطف ۽ ڪرم آهي ۽ مٿن رب جي رحمت ٿي وسي ۽ اهي ئي ڪاميابيءَ جي راهه تي آهن.(علامه علي خان ابڙو)


انهن تي سندن رب جي طرفان برڪتون ۽ رحمتون آهن، ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن تي سندن پالڻهار طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت يافته آهن.(سيد فرمان علي)


اهي انهن تي مهربانيون آهن انهن جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن تي سندن پاليندڙ جي طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي واٽ لهندڙ آهن. بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) الله جي نشانين مان آهن. (مولانا محمد مدني)


اهي ماڻهو آهن جن تي انهن جي پالڻهار پاران عنايتون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، سي آهن، جن تي، ڏاتيون سندن ڏاتار، ٻِي پڻ ٻاجھ ٻيهار، ۽ آهن سنواٽا، سي صحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158)

صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ صفا ۽ مروه (جون ٽڪريون) الله تعاليٰ جي (حڪمت ۽ رحمت جون) نشانيون آهن، پوءِ جيڪو شخص حج يا عمري جي نيت سان اتي وڃي ۽ ڪعبت الله جو طواف ڪري ته ڪا گناهه جي ڳالهه ڪانهي، جيڪڏهن انهن ٻنهي (ٽڪرين) جي وچ ۾ ڦيرا ڏئي. جيڪڏهن ڪوبه شخص (دل جي خوشيءَ سان) نيڪي جو ڪو ڪم ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جو قدر ڪرڻ وارو (اجر ڏيڻ وارو) آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ (جبل) صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جنهن شخص حج يا عمرو ڪيو پوءِ انهن تي گناه ناهي جو انهن ٻنهي (جبلن) جو چڪر هڻي ۽ جيڪو شخص چڱو ڪم ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى ثواب ڏيندڙ خبردار آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) خدا جي نشانين مان آهن. پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناھ نه آهي (بلڪه ثواب آهي) ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان نيڪ ڪم ڪري ته پوءِ خدا به قدردان ۽ واقفڪار آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جيڪو حج ڪري بيت جو يا عمرو ڪري پوءِ نه آهي گناھ ان تي جو چڪر هڻي انهن جي وچ ۾ ۽ جنهن خوشيءَ سان وڌايو چڱائيءَ کي پوءِ بيشڪ الله قدردان، گهڻو ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته ان تي انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناه نه آهي ۽ جيڪو به پنهنجي خوشيءَ سان ڀلائي ڪندو ته بيشڪ الله قدردان ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ صفا ۽ مروه (مڪي جون ٻئي پهاڙيون) الله جي نشانين مان آهن، پوءِ جيڪو ماڻهو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو ادا ڪري ته ان تي ڪو گناهه نه آهي جو انهن ٻنهين جي وچ ۾ (سعي جا) چڪر لڳائي. ۽ جيڪو ماڻهو نفلي نيڪي ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله (وڏو) قدردان، ڄاڻــــڻـــــهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


صفا، مروو صاحب جي، نيشانيان نِروار، پوءِ، جو هليو، ڀلي بيت لئي، ڪِ ڪيو عمرو اختيار، پوءِ ڪيائين، طواف تن جو، ته بلڪل نه مٿس بار، ۽ جنهن خير جي خيال سان، پڙهيو نفل نِبار، ته صاحب سمجھدار، پڻ ڳـُڻ موک آهي، مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159)

جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو (ڪنهن نقصان يا تڪليف جي خوف کان يا ڪنهن لالچ سبب) اسان جي نازل ڪيل سچائي جي روشن دليلن ۽ هدايتن کي لڪائين ٿا جيتوڻيڪ اسان انهن کي انسانن لاءِ ڪتاب ۾ چڱي طرح بيان ڪيو آهي تن تي يقيناً الله تعاليٰ لعنت ڪري ٿو (اهي رحمت کان محروم رهجي وڃن ٿا) ۽ لعنت ڪرڻ وارا به هنن تي لعنت ٿا ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي اسان جي دليلن ۽ هدايت کي لِڪائن ٿا انهيءَ کان پوءِ جو ماڻهن لاءِ اسان قرآن ۾ بيان ڪيو آهي، انهن تي الله جي لعنت آهي ۽ لعنت ڪن ٿا لعنت ڪندڙ.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائن ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ صاف بيان ڪيو آهي، تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جو لڪائن ٿا اهي ڳالهيون جو لاٿيون اسان روشن دليلن ۽ هدايت مان ان کان پوءِ جو بيان ڪيوسون انهن کي ماڻهن جي لاءِ ڪتاب ۾ اهي ئي اهي آهن جو لعنت ٿو ڪري انهن تي الله ۽ لعنت ٿا ڪن انهن تي لعنت ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائين ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن کي ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو لِڪائن ٿا انهن چِٽِيُن نشانيُن ۽ هدايت کي جي اسان نازل ڪيون آهن، ان کان پوءِ جو اسان ان کي ڪتاب ۾ ماڻهن لاءِ پڌرو (به) ڪري ڇڏيو آهي (ته) اهي اهڙا ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪرڻ وارا به انهن تي لعنت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي لڪائنِ لوڪ کان، جي اُتارياسون عيان، حڪم ۽ هدايتون، جنهن بعد ڪياسون بيان، ماڻهن ڪاڻ، ڪتاب ۾؛ تن تي ڌڻي دَيَّان، ڪري لعنت لَعان، ۽ لعنت ڏيندڙ لعنتون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160)

پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪي ماڻهو گناهن کان توبهه ڪن ٿا ۽ پاڻ کي سڌارين ٿا ۽ (حق لڪائڻ بدران) حق کي ظاهر ڪن ٿا ته پوءِ مان سندس توبهه قبول ڪيان ٿو. بلاشبه مان توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ چڱا ڪم ڪيائون ۽ ظاهر ڪيائون پوءِ آئون انهن جي توبه قبول ڪندس، ۽ آئون توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهيان.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جن ماڻهن (حق لڪائڻ کان) توبه ڪئي ۽ پنهنجي خرابيءَ کي سڌاريو ۽ (جو ڪجھ خدا جي ڪتاب ۾ آهي) کولي (صاف صاف) بيان ڪيو تنهن جي آءُ توبه قبول ڪريان ٿو ۽ آءُ ته گهڻي مهرباني ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪرڻ وارو آهيان.(سيد فرمان علي)


مگر اهي شخص جو توبہ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون پوءِ اهي توبہ قبول ٿو ڪيان انهن جي ۽ مان توبہ قبول ڪندڙ آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جن توبه ڪئي ۽ (پنهنجي ڪم کي) سڌاريو ۽ بيان ڪيو تن تي آءُ مهرباني ڪندس ۽ آءُ گهڻو مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. (مولانا محمد مدني)


سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ (پنهنجو) اصلاح ڪيائون ۽ )حق کي( ظاهر ڪيائون ته پوءِ اهي ماڻهو آهن جن جي آءُ توبه قبول ڪندس ۽ آءُ وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽيا جي، مگر، صحِي سُڌاريون پاڻ کي، ۽ کوليون سچيون ثابتيون، پوءِ ترت وَران، تن سر، ۽ آئون وَر وَر ڪندڙ وَر، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161)

جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا (۽ سڌرڻ جو وجهه وڃائي ڇڏيائون) انهن تي الله تعاليٰ جي، ملائڪن جي ۽ انسانن جي، سڀني جي لعنت پئي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ مُئا انهيءَ حال ۾ جو اهي ڪافر هئا انهن تي الله تعالى ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ مئا ان حال ۾ جو اهي ڪافر هئا اهي انهن تي لعنت آهي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀني ماڻهن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ اهي ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن سڀني جي لعنت آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر (اختيار) ڪيو ۽ ڪفر جي حال ۾ مري ويا ته اهي ماڻهو آهن جن تي الله جي لعنت آهي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀ ماڻهن جي (لعنت آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڦِريا، جي فرمان کان، مُئا ٿِي مُنڪر، لعنت لاشريڪ جِي، تن سِر سر بسر، مَلڪن جِي مُقرّر، پڻ سندِني مِڙني ماڻهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162)

اُن لعنت ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هميشه لعنت جي حالت ۾ رهندا، نڪي هنن جي عذاب ۾ هلڪائي ڪئي ويندي، نڪي کين مهلت ملندي.(علامه علي خان ابڙو)


(اُهي) هميشہ لعنت ۾ رهندا، نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هميشه ان لعنت ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي (عذاب کان) مهلت ئي ڏني ويندي.(سيد فرمان علي)


هميشہ رهندا ان ۾ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان (لعنت) ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي. (مولانا محمد مدني)


(اهي) هميشه ان (لعنت) ۾ رهندا ۽ نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو نه انهن کي مُهلت ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هونِ هميشه اُن ۾، ۽ انهن تان آزار، هَلڪو نه ڪِبو هيڪار، ۽ نه ملندينِ، مدد مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163)

۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي، هن جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن جي عبادت ڪري سگهجي ۽ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان جو معبود الله هڪ آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو مهربان ٻاجهارو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان جو معبود هڪ الله ئي آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ معبود اوهان جو هڪ معبود آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي اهو وڏو مهربان هميشہ رحم ڪندڙ آهي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان جو معبود هڪ الله آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اوهان جو معبود،”هڪ معبود“ آهي. ڪو به عبادت جي لائق نه آهي سواءِ ان جي، اهو وڏو مهربان، ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڌڻي اوهان جو، هيڪ ڌڻي، ٻئون ڌڻي نه، اِنهيان ڌار، سڀ ڏيهَن جو ڏاتار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164)

آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ ( ۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ( ۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن ( ۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ( ۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن ( ۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ ( ۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً زمين ۽ آسمان جي حيرت انگيز خلقت ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾، جهازن ۾ جيڪي انسان جي نفع وارين شين سان سمنڊ ۾ هلن ٿا ۽ برسات ۾، جا الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪري ٿو جنهن جي برڪت سان مئل ڌرتي کي جيئرو ڪري ٿو ڇڏي (يعني زمين سرسبز ٿئي ٿي) ڳالهه ۾ ته زمين تي هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ڇڏي ۽ هوائن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جي زمين ۽ آسمان جي وچ تي (مقرر حدن اندر) حڪم هيٺ ٻڌل رهن ٿا، (انهن سڀني ۾) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل هلائين ٿا (الله تعاليٰ جي هستي ۽ هيڪڙائي ۽ سندس رحمت جي قانونن جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ آسمانن ۽ زمينن جي پيدائش ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۽ ٻيڙي جيڪا درياء ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ هلي ٿي ۽ اهو جيڪي الله تعالى آسمانن مان پاڻي نازل ڪري غيرآباد زمين کي آباد ڪيو ۽ زمين ۾ هر قسم جا جانور پکيڙيا ۽ هوائن جو ڦِرڻ ۽ ڪڪر جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ فرمانبردار آهن، انهن سڀني ۾ عقلمندن لاءِ ضرور نشانيون آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين (۽ جهازن) ۾ جي ماڻهن جي فائدي جو سامان (واپار وغيره) سان دريا ۾ هلن ٿيون ۽ جيڪي پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي، ان سان مئل (خشڪ ۽ بيڪار) زمين کي جياريو اٿس ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور به پکيڙيا اٿس (تنهن ۾) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم تي لڳايل آهن. (انهن سڀني ڳالهين ۾) سمجھ وارن جي لاءِ (تمام وڏيون) نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير ڦار ۾ ۽ ٻيڙين ۾ جيڪي هلن ٿيون سمنڊ ۾ جيڪي نفعو ٿيون پهچائن ماڻهن کي جيڪي لاٿو الله آسمان مان (مينهن جو) پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين کي ان جي برباد ٿيڻ کان پوءِ ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر قسم جا جانور ۽ هوائن جي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي مطيع ڪيل آهن آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ البته نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين ۾ جي ان (سامان) سان درياءَ ۾ هلن ٿيون جو، ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿو ۽ جيڪو پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريو اٿس ۽ ان ۾ سڀ جانور پکيڙيا اٿس (تنهن ۾ ) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم ۾ لڳايل آهن سمجهه واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي مٽجڻ ۾، ۽ انهن ٻيڙين ۾ جيڪي سمنڊن ۾ ماڻهن جي نفعي جي سامان سميت هلن ٿيون ۽ ان (مينهن جي) پاڻي ۾ جيڪو الله آسمان کان لاهي ٿو، جنهن سان زمين کي مرده ٿي وڃڻ بعد زنده ڪري ٿو، ۽ ان (زمين ۾) هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ۽ هوائن جا رخ مٽائڻ ۾ ۽ ڪڪر ۾ جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ (الله جي حڪم جو) پائبند آهي (انهن سڀني ڳالهين ۾) عقل وارن لاءِ ضرور نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اصل اڀ ۽ زمين جي، جوڙڻ منجھ جنسار، ۽ ڦيرڻ ۾، ڏينهن رات جي، ۽ ٻيڙا هلن منجھ ٻار، جو ماڻهن ڏي مورهين، وَٽو منجھ واپار، ۽ جو الله، آب اُڀ ڪنان، نازل ڪيو نِبار، پوءِ ساڻِس سَر ساوا ڪيا، سوڪسِ بعد، ستار پڻ پکيڙيائين اُن ۾، چُرندڙ سڀ چوڌار ۽ وارڻ واء وَٺي جا، پڻ ڪڪر ڪارونڀار اُڀ ۽ ڀون وچ، سندس امرجا، تهدل تابعدار، نشانيون نروار، جي سمجھن، تنهين سات لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165)

۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪي انسان اهڙا به آهن جيڪي خدا سان ٻين هستين کي شريڪ ۽ ڀائيوار ڪن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت رکن ٿا جهڙي فقط الله سان رکڻ گهرجي، پر اهي جيڪي الله تي ايمان رکن ٿا تن جي دلين ۾ الله جي حب سڀني کان زياده آهي. جا ڳالهه ظالم انهيءَ وقت سمجهندا ۽ محسوس ڪندا جنهن وقت عذاب هنن جي اڳيان اچي ويندو (سا ڳالهه هن وقت محسوس ڪن ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي. انهيءَ ڏينهن هو چڱي طرح ڏسندا ته) بلاشبه هر قسم جي قوت فقط الله کي آهي ۽ (حق جي قانونن ڀڃڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جو عذاب تمام سخت آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪجهه ماڻهو الله کان سواءِ ٻيا معبود وٺن ٿا جو انهن کي الله تعالى وانگر پسند ڪن ٿا، ۽ مؤمنن کي الله کان زياده ڪنهن سان محبت ناهي، ۽ جيڪڏهن ظالم اهو وقت ڏسن ها جڏهن عذاب انهن جي اکين اڳيان ايندو، ڇو ته سڀ طاقت الله کي آهي، انهي لاءِ جو الله جو عذاب تمام سخت آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ماڻهن ۾ اهي به آهن جي، خدا کان سواءِ (ٻين کي به) سندس برابر بڻائن ٿا (۽) جهڙي محبت خدا سان ڪرڻ گهرجي تهڙي انهن سان رکن ٿا. ۽ جي ماڻهو ايمان دار آهن اهي انهن کان گهڻو وڌيڪ الله سان الفت رکن ٿا، ۽ جيڪر ظالمن کي هن وقت اها ڳالھ سجهي ها! جا ڳالھ انهن کي عذاب ڏسڻ کان پوءِ سجهندي ته (واقعي) هر طرح جي طاقت خدا کي ئي آهي، پڻ هي ته بيشڪ خدا جو عذاب سخت آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو وٺن ٿا الله کان سواءِ (ٻين کي) شريڪ ڪري محبت ٿا رکن انهن سان الله جي محبت جهڙي ۽ جن ايمان آندو وڌيڪ محبت وارا آهن الله جي لاءِ ۽ جيڪڏهن (هاڻي ئي) سمجهن ها ظلم (جيڪو اڳتي هلي سمجهندا) جنهن وقت ڏسندا عذاب ته بيشڪ سڀ طاقتون الله جون آهن ۽ بيشڪ الله سخت آهي عذاب ڪرڻ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهن مان اهي به آهن جي الله کان سواءِ (ٻين کي) سندس برابر ڪري وٺن ٿا، انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا ۽ جن ايمان آندو سي الله جي محبت ۾ زياده سخت آهن. ۽ جيڪڏهن ظالم ان وقت کي ڏسن جڏهن عذاب ڏسندا ته (يقين ڪندا) ته بيشڪ ساري قوت الله کي آهي. ۽ بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي غيرن کي الله جو همسر ڪري وٺن ٿا. انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا. ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي الله سان محبت ۾ زور پُختا هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهي ظالم (اڄ ئي) ان وقت کي ڏسن جڏهن عذاب کي سامهون ڏسندا ته پڪ (سمجهندا ته) سڀ طاقتن جو مالڪ الله آهي ۽ بيشڪ الله سزا ڏيڻ ۾ زور سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُقرّر ڪن، ماڻهن مان، ڪي جَھالُون کان جبار، پرورجي، پريت جِھو، تن سان ڪن پيار، ۽ جن آندو اعتبار، سي سِڪن، سائينءَ کي گھڻو. ۽ هوند! سمجھن حال سو، ڪيا، جن ڪَلور، جڏهن ڏسن عذاب کي، پوي کِينِ پرور، ته آهي هڪ اللهَ کي، سڀئي زور ضرور، ۽ مولاسائين مور، سزا ڏين ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166)

جنھن مھل اڳواڻ پٺيان لڳندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا،(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، (ڪوڙا ليڊر ۽ پيشوا) جن جي پيروي ڪئي ويئي هئي، پنهنجهي پيروي ڪندڙن کان بيزاري ظاهر ڪندا (يعني چوندا ته اسان جو هنن سان ڪوبه واسطو ڪونهي) ڇو ته هو پنهنجي اکين سان عذاب ڏسندا ۽ هنن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا ۽ وسيلا ٽٽي ويندا (ڪوبه ڪنهن جي مدد يا فڪر نه ڪندو).(علامه علي خان ابڙو)


جڏهن بيزار هوندا اڳواڻ پنهنجن پيروي ڪندڙن کان ۽ عذاب ڏسندا ۽ سندن پاڻ ۾ تعلقات ڪٽجي ويندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهو وقت ڪهڙو نه سخت هوندو) جنهن وقت پيشوا ماڻهو پنهنجي پيروي ڪندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ اکين سان عذاب کي ڏسندا ۽ سندن لاڳاپا ٽٽي ويندا.(سيد فرمان علي)


جنهن وقت بيزار ٿيندا اهي شخص جو تابعداري ڪيا ويا انهن کان جو سندن تابعدار ٿيا ۽ ڏسندا عذاب کي ۽ ٽٽي ويندا انهن جا تعلقات .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن وقت اڳواڻ تابعدارن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا وڍجي ويندا. (مولانا محمد مدني)


جڏهن بيزار ٿيندا (اڳواڻ) جن جي پيروي ڪئي وئي سي پنهنجي پيروڪارن کان ۽ (سڀ) عذابِ الاهي ڏسندا ۽ انهن جا سڀ سبب ٽٽي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن، تابع ٿيا جن جا، سي ڀڄِي ٿيا بيزار، اُنهن کان، جي تن جا هئا، تهدِل تابعدار، ۽ سُوٺائون سزا کي، اکين سان آزار، ۽ وڍجِي وئا تنهن وار، لڳ لاڳاپا اُنهن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167)

۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اهي ماڻهو جن (ڪوڙن پيشوائن جي) پيروي ڪئي هئي، سي پڪاريندا ته، هاءِ اسان کي هڪ دفعو وري دنيا ۾ موٽايو وڃي ته اسان هنن (ڪوڙن پيشوائن) کان اهڙي طرح بيزاري ظاهر ڪيون جهڙيءَ طرح هو هاڻي اسان کان بيزاري ظاهر ڪري رهيا آهن. ڏسو اهڙي طرح الله تعاليٰ هنن کي سندن عمل ڏيکاريندو جو هو حسرت ۽ ارمان ۾ غلطان ٿي ويندا. هو انهيءَ باهه مان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پيروي ڪندڙ چوندا ڪاش جيڪڏهن اسين دنيا ۾ موٽايا وڃون ها ته اسين انهن سان ٽوڙيون ها جيئن انهن اسان سان ٽوڙيو اهڙيءَ طرح الله ڏيکاريندو انهن جا عمل انهن تي حسرت ڪري، ۽ اهي دوزخ مان نڪرڻ وارا ناهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن جا تابعدار چوندا ته (افسوس) جيڪر اسان کي وري دنيا ۾ موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون ها جهڙو (عين وقت تي) اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙي طرح الله انهن کي سندن عمل مٿين پشيمانيون ڪري ڏيکاريندو. ۽ پوءِ ڀلا اهي ڪئين دوزخ مان نڪري سگهن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ چوندا تابعداري ڪرڻ وارا ته جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ ڀيرو موٽڻ هجي ها ته پوءِ بيزار ٿيون ها انهن کان جيئن بيزار ٿيا اسان کان.هڙيءَ طرح ڏيکاريندو انهن کي الله عمل انهن جا پشيمانيون ڪري انهن تي ۽ نه آهن نڪرندڙ باھ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (انهن جا) تابعدار چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾ ) موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون جهڙو اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح الله انهن کي سندن عمل مٿن پيشيمانيون ڪري ڏيکاريندو ۽ اهي باهه مان نڪرڻ وارا نه آهن. (مولانا محمد مدني)


۽ پيروڪار چوندا ته: ”هائو جي اسان کي (دنيا ۾) موٽڻ هجي ها ته اسان به انهن کان ائين بيزار ٿيون ها جيئن (اهي اڄ) اسان کان بيزار ٿيا آهن“. ائين الله انهن کي سندن اعمال مٿن حسرت بنائي ڏيکاريندو، ۽ اُهي (هر صورت) جهنم مان نڪري نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چيائون اهڙي چال، جن ورتي واٽ وڏن جِي، جي هجي اسان لئي، هڪ دفعو، ڳوٺ ورڻ جِي ڳَالھ، ته اسين به ڀَڄِي اُنهن کان، بيزار ٿيون بحال، جيئن اسان کان اڄ ڪالھ، ڀَڄِي هو بيزارٿيا، اِنپر ڏيکاريو اُنهن کي، ڪوجھا سندنِ ڪم ڪار، اُٺائڻ، ڪارڻ اُنهن تي، اَرمانن انبار، ۽ ٻارڻ کان ٻَهار، هُو نپٽ نه آهن نِڪرڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168)

اي ماڻھؤ جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانؤ! زمين تي جيڪي به حلال ۽ پاڪ شيون موجود آهن سي بيشڪ شوق سان کائو (پاڻ تي اجايون رڪاوٽون وجهڻ شيطاني وسوسا آهن) توهان شيطان جي نقش قدم تي نه هلو، هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو! کائو جيڪو ڪجهه زمين ۾ حلال پاڪ آهي ۽ شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو، بيشڪ اهو توهان جو ظاهر دشمن آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال ۽ پاڪ شيون (مزي سان) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(سيد فرمان علي)


اي انسانو! کائو ان مان جو زمين ۾ آهي حلال پاڪ ۽ نه تابعداري ڪيو شيطان جي وکن جي.يشڪ اهو اوهان جو کليو دشمن آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ماڻهو ! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال پاڪ کائو. ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! زمين (جي شين ) مان جي حلال ۽ پاڪ آهن سي کائو ۽ شيطان جي وِکُن جي تابعداري نه ڪيو. بيشڪ اُهو اوهان جو چِٽو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ماڻهئا! کائو مور، مال حلال، ملڪ مان، ۽ هلو نه، شقي شيطان جي، وکِن تي وَهلور!، ظاهر آهي ضرور، دشمن اوهان جو، ڌُرڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169)

(شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو.(علامه تاج محمود امروٽي)


شيطان اوهان کي براين ۽ بيشرميءَ جي ڳالهين جو حڪم ڏيندو ۽ (پڻ هيءَ تعليم ڏيندو ته) الله جي طرف اهڙيون ڪوڙيون ڳالهيون منسوب ڪيو جن متعلق حقيقت ۾ اوهان کي علم ئي ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو توهان کي بڇڙائي ۽ بيحيائيءَ جو چوي ٿو ۽ الله تعالى تي اها ڳالهه مڙهيو ٿا، جنهن جي توهان کي خبر ناهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ياد رکو ته) اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هن ڳالھ جو به ته الله تي اها ٺاھ ٺاهيو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


تحقيق امر ٿو ڪري اوهان کي برائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو ۽ هن ڳالھ جو ته بهتان هڻو الله تي جيڪو اوهان نه ٿا ڄاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو. ۽ هن ڳالهه جو به ته الله تي اهي ٺاهه ٺاهيو جيڪي اوهين نه ٿا ڄاڻو. (مولانا محمد مدني)


اُهو ته رڳو اوهان کي برائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هي (به) ته الله بابت اهو چؤ جنهن جو اوهان وٽ علم ئي نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


حڪم ڏِينِيان هُوڙ، اوڳائـِي ۽ اُ گهاڙ جو، ۽ ڪريو ربّ تي ڪوڙ، جنهن جو پتو نه، اوهان پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170)

۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن هنن ماڻهن کي چئجي ٿو ته جيڪا هدايت الله تعاليٰ فرمائي آهي تنهن جي پيروي ڪريو تڏهن هو چون ٿا ته، نه نه اسان ته انهيءَ طريقي تي هلندسين جنهن تي پنهنجي وڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا وڏا عقل ۽ هدايت کان محروم رهيا هجن ته توهان به عقل ۽ هدايت کان انڪار ڪندؤ ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قرآن جي تابعداري ڪريو، چون ٿا اسين انهيءَ تي هلنداسين جنهن تي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کي ڏٺوسون، ڇا جيڪڏهن وڏا انهن جا جاهل بي دين آهن (ته هي) هدايت وارا نه ٿيندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو! تڏهن چون ٿا ته (نه!) بلڪه اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. جيتوڻيڪ سندن پيءَ ڏاڏا ڪجھ به سمجھ نه رکندا هجن ۽ نه سڌي رستي تي هلندا رهيا هجن.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جو نازل ڪيو الله ته چون ٿا ته (نه) بلڪ تابعداري ڪنداسين ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن ابن ڏاڏن کي.يتوڻيڪ هجن پيئر ڏاڏا انهن جا جو نه ٿا سمجهن ڪا شيءِ ۽ نه ٿا هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو تڏهن چون ٿا ته (نه) بلڪ اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. ڇا (اهي ائين ڪندا) جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه سمجهندا هئا ۽ نڪي رستي تي هلندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جو الله نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪيوته چون ٿا: ”بلڪه اسان ته ان (طريقي) تي هلنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. توڙي جو انهن جا ابا ڏاڏا نه ڪو عقل رکندا هئا ۽ نه سڌي واٽ تي هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن چئجينِ، ته چلو اُن تي، جو مالڪ لاٿو مور، چي، اسين هلنداسون اُٽلندو، مَٿي تنهن مذڪور، جنهن تي، پاتاسون پِيءَ پنهنجا؛ توڻي پڻنِ کي نه پرور، ۽ نه حاصل منجھان حُضور، ڪا هئي، هدايت انهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171)

۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي انهن جو مثال اهڙو آهي (يعني انهن کي انڌي تقليد جي بجاءِ عقل ۽ هدايت جي دعوت ڏيڻ اهڙو آهي) جهڙو هڪڙو ڌنار ڍورن ڍڳن جي اڳيان رڙيون ۽ واڪا ڪري جي رڙيون ڍور بلڪل ڪونه ٿا سمجهن، سواءِ انهيءَ آواز جي جيڪو هنن کي سڏڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. اهي ڪافر ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي ويا آهن تنهن ڪري هو عقل نه هلائيندا نه ڪي ڪجهه سمجهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافرن جو مثال انهيءَ جهڙو آهي جيڪو پڪاري ٿو اهڙي کي جيڪو رڙين ۽ دانهُن کان سواءِ ڪجهه به نه ٻڌي، (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن پوءِ اهي نٿا سمجهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان (جانور) جي مثال جهڙو آهي، جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو ته ڪوڪ (جي آواز) کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه ٻڌي (۽ نه سمجهي)، (اهي ماڻهو) ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا.(سيد فرمان علي)


۽ مثال انهن جو جو ڪفر ڪيائون انهن وانگر آهي جو دانهون ٿو ڪري ان جي پويان جو نه ٿو ٻڌي مگر سڏ ۽ آواز ٻوڙا، گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه ٿا سمجهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان ماڻهوءَ جي مثال جهڙو آهي جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو جو سڏ ۽ ڪوڪ (جي آواز) کان سواءِ (ٻيو ڪجهه) نه ٻُڌي (نه سمجهي). (ڪافر) ٻوڙا گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن ڪافرن (کي هدايت ڏانهن سڏڻ) جو مثال ان (ڌنار) وانگر آهي جيڪو اهڙي (جانور) کي سڏي جيڪو رڙ ۽ واڪي بنا ٻڌي ئي نه ٿو. اُهي ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن پوءِ اُهي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ڦريا، اُهي اُن جِيئن، جو تنهن کي، ڪري تنوار، جو ڪجھ نه ٻُڌي، ڪُوڪ سوا، پڻ ڌاران دانهَنْ، ڌرار، ٻوڙاٻِن ڪنن کان، گُنگا منجھ گفتار، نابِينا نِبار،پوءِ صفا سمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172)

اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيو (۽ ڄاڻو ٿا ته حلال ۽ حرام به نسبت سندس ئي حڪمن تي هلڻو آهي) ته پوءِ اهي سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعاليٰ اوهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن ۽ جيڪڏهن توهان فقط خدا جي عبادت ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ (توهان ان جي ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي) سچي شڪر گذاري ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي ايمان وارؤ! اسان جون ڏنل پاڪ شيون کائو ۽ الله تعالى جو شڪر بجا آڻيو جيڪڏهن توهان خاص انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! جيڪي ڪجھ اسان اوهان کي ڏنو آهي انهن مان پاڪ صاف شيون (مزي سان) کائو ۽ خدا جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! کائو ان پاڪ (شين) مان جو رزق ڏنو سون اوهان کي ۽ شڪر ڪيو الله جو جيڪڏهن خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو ! جيڪي پاڪ شيون اسان اوهان کي روزي ڏنيون آهن سي کائو. ۽ الله جو شڪر ڪريو جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ!انهن پاڪيزه (شين) مان کائو جيڪي اسان اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو اگر اوهان صرف ان جي ئي عبادت ڪيو ٿا!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي آندو جن ايمان!، آن کي ڏسون، اُن منجھان، کائو چڱو ، ۽ ڳايو، آگي جا اِحسان، جي، ٻي جِي ڪريو ٿا ڪانه، سيوا، سَوا اُن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173)

اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي ( ۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اوهان لاءِ حرام ڪيل شيون فقط هي آهن، مردار جانور، جانورن جو رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي هستيءَ جي نالي وٺڻ سان ذبح ڪيو ويو هجي، پر لاچاري حالت ۾ (جڏهن حلال شيون نه ملي سگهن) ڪو کائي ته مٿس گناهه ڪونهي، بشرطيڪ شريعت جي حڪمن کان باغي ٿيڻ جي نيت نه هجيس ۽ انهيءَ انداز کان زياده نه کائي جيترو حياتي بچائڻ لاءِ ضروري هجي. بيشڪ الله تعاليٰ خطائون معاف ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى حرام ڪيائين توهان لاءِ مُردار ۽ رت ۽ سُوَرَ جو گوشت ۽ اُهي حلال جانور جن تي ڪُهڻ وقت غير الله جو نالو ورتو ويو پوءِ جيڪو مجبور ٿيو، نه مرضيءَ سان کائيندڙ ۽ نه ضرورت کان زياده کائيندڙ پوءِ ناهي گناه انهيءَ تي، بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان تي الله رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس، پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد مان لگهندڙ هجي ۽ انهن مان ڪا شيءَ کائي ته ان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


اوهان تي (صرف) حرام ڪيائين مئل ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو ڪهڻ وقت بلند آواز سان ورتو ويو ان تي الله کان سواءِ ٻيو نالو.وءِ جيڪو مجبور ڪيو وڃي نه سرڪشي ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگهندڙ ته پوءِ نه آهي ڪو گناھ ان تي.يشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اوهان تي رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس.پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد کان لنگهندڙ هجي ته ان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


ان اوهان تي صرف مُردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ئي حرام ڪيا آهن ۽ اهو جانور (به) جنهن تي ذبح جي وقت غير الله جو نالو وتو ويو هجي، پر جو سخت مجبور ٿي پوي، نه بي فرماني ڪندڙ هجي، نه حد کان وڌندڙ هجي ته پوءِ ان تي ڪو گناهه ناهي بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


منع نه آن کي مورهين، مگر جا مُردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا ڌڻئ کان ڌار، ڪُٺِي، يا ڪُوٺِي وِيئي، ٻِئي ڪنهن لاءِ ٻِيهار، پوءِ جو لنگھڻ لاچار ٿيو، نه مُفت خور خوار، ۽ نه هلندڙ ٻاهر حڪم کان، پوءِ مٿسِ نه مُور ميار، بارِي بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174)

الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ نه کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نڪي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو انهن حڪمن کي لڪائين ٿا جي الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن ۽ انهيءَ (حق کي لڪائڻ) جي عيوض ۾ دنيا جا خسيس فائدا خريد ٿا ڪن اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا وجهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ انهن سان ڳالهائيندو به ڪين، نڪي هنن کي گناهن کان آجو ڪندو ۽ هنن کي سخت عذاب ۾ وڌو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي لڪائن ٿا الله تعالى جي نازل ڪيل ڪتاب کي ۽ انهيءَ جي عيوض ٿورو ملهه وٺن ٿا، اهي نٿا کائن پنهنجي پيٽن ۾ مگر باه ۽ الله تعالى انهن سان قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جي ماڻهو انهن ڳالهين کي لڪائن ٿا جيڪي خدا ڪتاب ۾ نازل ڪيون آهن ۽ ان جي عيوض معمولي قيمت (دنيا جو فائدو) وٺن ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳي باھ کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن ڳالهائيندو ته نه! ۽ نه وري انهن کي (گناهن کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جو لڪائين ٿا اهو جو نازل ڪيو الله ڪتاب مان ۽ خريد ڪن ٿا ان جي عوض ملھ ٿورو اهي نه ٿا کائن پنهنجن پيٽن ۾ مگر باھ ۽ نه ڳالهائيندو انهن سان الله (تعالى) قيامت جي ڏينهن ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪو ڪتاب الله نازل ڪيو آهي تنهن کي جيڪي لڪائين ٿا ۽ ان جي بدلي ٿوري قيمت وٺن ٿا سي پنهنجن پيٽن ۾ رڳي باهه کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي نازل ڪيل ڪتاب مان (آيتون) لڪائن ٿا ۽ انهن جي عيوض ۾ ٿورڙو مُلهه وٺن ٿا ته اُهي پنهنجي پيٽن ۾ (جهنم جِي) باهه ئي کائن ٿا. ۽ قيامت واري ڏينهن الله انهن سان نه ڳالهائيندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي لِڪائـنِ ليک مان، جو اُتاريو الله، ۽ مَٿسِ وٺنِ مُلھ ٿورڙو؛ کِين بدن، سندن ۾ باه، ۽ نه ڪُڇائـٖينِ قيام ڏينهن، بارِي بادشاه، ۽ نه نيڪِي ڪَندنِ نيباه، ۽ اُنهن لئي، سزا سخت ڳرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175)

اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي ۽ خدائي بخشش جي بدلي ۾ عذاب خريد ڪيو. ڪهڙو نه عجيب آهي (جو باهه ۾ ٽپي پوڻ جي دليري ٿا ڏيکارين) جو عذاب سهڻ جو حوصلو ٿا سنڀارين.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي ۽ مغفرت جي عيوض عذاب خريد ڪيو، پوءِ اهي ماڻهو باه تي ڪيئن صبر ڪندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو اهي آهن جن هدايت جي عوض گمراهي خريد ڪئي ۽ (خدا جي) بخشش جي بدلي عذاب. پوءِ اهي ماڻهو دوزخ جي باھ کي ڪئين سهندا.(سيد فرمان علي)


اِهي اُهي (بدنصيب) آهن جو خريد ڪيائون گمراهي عوض هدايت جي ۽ عذاب عوض بخشش جي پوءِ ڪنهن صبر ڪندڙ بنايو انهن کي باھ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي اُهي آهن جن گمراهيءَ کي هدايت سان ۽ عذاب کي معافيءَ سان خريد ڪيو. پوءِ اهي باهه تي ڪهڙا نه صبر ڪندڙ آهن ! (مولانا محمد مدني)


هي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي ۽ معافيءَ جي عيوض عذاب وِهايو. پوءِ ڪهڙي شيءِ انهن کي جهنم جي باهه تي صبر ڪرڻ وارو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هدايت جِي هَڙ ڏيئي، وَرتئون مُونجھاڙو، ۽ بدران بخشش ڀال جي، سُوٿِيائون ساڙو، پوءِ اُهو ڪُڄاڙو؟، جنهن صبر سيکاريَنِ، باھ تي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176)

اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو هن ڪري ٿيو جو الله تعاليٰ ڪتاب (تورات) سچائي سان نازل ڪيو هو (جڏهن وحي ٿو اچي تڏهن پنهنجن وهمن ۽ گمانن تي هلڻ جي ضرورت ئي ڪانهي، پر هي اهل ڪتاب اختلافن ۾ پئجي ويا) بيشڪ پوءِ جن ماڻهن الله جي حڪمن بابت مختلف واٽون ڪڍيون سي تفرقه بازي ۽ اختلافن ۾ گمراهه ٿي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


اهو انهيءَ لاءِ جو الله تعالى ڪتاب مقدس کي حق تي نازل فرمايو، ۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب حق ۾ اختلاف ڪن ٿا اُهي يقيناً وڏي اختلاف ۾ آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو هن ڪري جو خدا جو برحق ڪتاب نازل ڪيو ۽ جن ڪتاب ۾ ڦير گهير ڪئي، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي.(سيد فرمان علي)


اهو ان سببان جو بيشڪ الله نازل ڪيو ڪتاب حق سان ۽ بيشڪ جن اختلاف ڪيو ڪتاب ۾ البته اختلاف پرانهين ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها هن ڪري جو الله سچ سان ڪتاب نازل ڪيو. ۽ جن ڪتاب ۾ اختلاف ڪيو، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهو هن ڪري جو الله ته ڪتاب حق سان نازل ڪيو هيو ۽ پر بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪتاب ۾ اختلاف ڪيو سي پڪ سان بدبختيءَ ۾ (حق کان) پري پئجي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِن سبب، ته سچ تي، ليک اُهو، پروڙ لاٿو پاڻ، پوءِ ڪَن پاڪ ڪتاب ۾، جي اَجائـِي ڇِڪتان، آهن اُهي اَڄاڻ، ڪنهن ڀُل ڏٖيهائـِي ڏُور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177)

اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


نيڪي ۽ بزرگي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان (نماز جي وقت) منهنجو منهن مغرب يا مشرق ڏي ٿا ڦيرايو (يا اهڙيون ظاهري رسمون بجا ٿا آڻيو) پر سچ پچ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، خدائي ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي پورو ايمان رکن ٿا، خدا جي محبت وچان پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا، جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته اهو پورو ڪن ٿا، تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم) ٿين ٿا. بيشڪ اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اوڀر ۽ اولهه جي طرف (نماز ۾) منهن ڪرڻ توهان جي ڪا نيڪي ناهي ۽ ها حقيقت ۾ نيڪي الله تعالى تي ايمان آڻڻ آهي ۽ قيامت تي ۽ ملائڪن تي ۽ ڪتاب تي ۽ نبين تي، ۽ مال خرچ ڪري الله جي محبت ۾ پنهنجن مائٽن تي ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن تي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ تي ۽ نماز کي قائم ڪري ۽ زڪوات ادا ڪري، ۽ پنهنجا وعدا پورا ڪندڙ جڏهن وعدو ڪن ٿا، ۽ مصيبت ۽ سختي ۽ جهاد ۾ صبر ڪندڙ، اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي وعدي کي سچو ڪيو ۽ اُهي ئي پرهيزگار آهن.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نيڪي رڳو اها ٿوڙئي آهي جو فقط پنهنجا منهن (نماز ۾) اوڀر يا اولھ ڏانهن ڪريو! پر نيڪ اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ (خدا جي) ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ (الله جي) الفت ۾ پنهنجو مال غريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ (غلامي وغيره جي) قيد کان ڇڏائڻ ۾ ڏي ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوات ڏيندo رهي ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ. جڏهن اهي انجام ڪن ٿا ۽ سختي ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت ثابت قدم رهيا. اهي ماڻهو اهي آهن جي (ايماني دعوى ۾) سچا نڪتا ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(سيد فرمان علي)


نه آهي نيڪي (صرف هيءَ) جو ڦيرايو پنهنجن منهن کي اوڀر طرف ۽ اولھ طرف ۽ پر نيڪيءَ وارو اهو آهي جو ايمان آڻي الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ملائڪن تي ۽ ڪتاب تي ۽ نبين تي ۽ ڏئي مال ان (الله تعالى) جي محبت ۾ قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانهن جي آزاد ڪرڻ ۾ ۽ قائم ڪري نماز ۽ ڏئي زڪواة ۽ وفا ڪندڙ آهن پنهنجي وعدي کي جنهن وقت وعدو ڪيائون ۽ صبر ڪندڙ مصيبت ۾ ۽ سختيءَ ۾ ۽ جنگ جي وقت اهي ئي اهي آهن جن سچائي ڪئي ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو ڀلائي نه آهي ته اوهين پنهنجا منهن اڀرندي ۽ الهندي ڏي ڦيريو، پر ڀلائي وارو اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ ڪتاب ۽ نبين تي ايمان آندو، ۽ الله سان محبت ڪري ان قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ گردنن (آزاد ڪرائڻ) ۾ مال ڏنو، ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ڏني، ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ جڏهن اهي انجام ڪن ٿا. ۽ سختيءَ ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت صبر ڪندڙ. اهي ئي سچا آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن. (مولانا محمد مدني)


نيڪي صرف اها ناهي جو پنهنجا منهن اوڀر يا اولهه ڏانهن ڦيرايو بلڪه اصل نيڪي هي آهي ته ڪو ماڻهو الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آڻي ۽ الله جي محبت ۾ (پنهنجو) مال مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سائلن ۽ (غلامن جي) ڪنڌن (کي آزاد ڪرڻ) ۾ خرچ ڪري ۽ نماز قائم رکي ۽ زڪواة ڏيندو رهي ۽ (اهي سچا آهن جي) وعدو ڪن ته پورو ڪندڙ هجن ۽ سختي ۽ مصيبت ۽ جنگ (جهاد) جي وقت صبر ڪرڻ وارا هجن، اهي سچا ماڻهو آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نيڪِي نه اِي، ته منهن ڦيريو، اوڀر، اولھ ڀر، پر نيڪِي آهِ نبار اِي، ته جنهن مڃيو مقرر، الله ۽ آخر ڏينهن کي، ۽ مَلڪ مُعتبر، پڻ پاڪ پيغمبر، ۽ ڪتابن کي، ڪوڏ مان. ۽ بَخْشِيائين سندس ڀائرين، محبت سندس ۾ مال، ڇورن ڇِنن ٻارڙن ۽ مسڪين، مسافر نال، ڳِچيان ڳٽ ڪڍڻ ۾، بندن جي بحال، پڻ سُئائين سُوال، سار لڌائين سائـِلين. ۽ پڙهِيو نمازون پوريون ۽ ڏِنئين زڪواتون زر، ۽ پنهنجا ٻول، ٻوليون، جڏهن، پاريندڙ منجھ پر، سُک ۽ ڏُ ک ۽ جنگ جھاد ۾، سَهندڙ سختيون سِر، اُهي سچ تي سر بسر، ۽ اُهي پورا پرهيز ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178)

اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ زال جي عيوض زال آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مؤمنو! قتل جي حالت ۾ اوهان کي قصاص (يعني بدلي وٺڻ جو) حڪم ڏنو وڃي ٿو (پر انسان سڀ برابر آهن) جيڪڏهن آزاد ماڻهو ڪنهن آزاد ماڻهو کي قتل ڪيو آهي ته ان جي بدلي ۾ اهوئي قتل ڪيو وڃي (ائين نه ته مقتول وڏي پوزيشن وارو ماڻهو هجي يا وڏي خاندان ۽ نسل جو هجي ته ان جي عيوض ۾ ٻه ماڻهو قتل ڪيا وڃن، جيئن اڳي عربن جو دستور هو) جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته غلام ئي قتل ڪيو ويندو (ائين نه ته مقتول آزاد هجي ته بدلي ۾ وري ٻه غلام قتل ڪيا وڃن) ۽ عورت قاتل هجي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن قاتل کي مقتول جو وارث ڀاءُ معافي ڏئي (۽ خون بها وٺڻ تي راضي ٿئي) ته پوءِ قاتل کي ڇڏي سگهجي ٿو. ان حالت ۾ وارث انصاف طور مناسب خون بها گهري ۽ قاتل سهڻي نموني سان ڏئي (جيئن صلح ۽ ڀائپي قائم رهي) هي (جو عدل ۽ مساوات جو اصول قائم ڪيو ويو آهي ۽ معافي ۽ خون بها جائز ٺهرائي ويئي آهي سو) توهان جي پالڻهار وٽان (اڳوڻن سخت قانونن جي) هلڪائي آهي ۽ وڏي رحمت آهي، هاڻي هن کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪندو تنهن کي سخت عذاب ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو! توهان تي مقتولن جي عيوض خون جو بدلو وٺڻ فرض آهي، آزاد جي عيوض آزاد ۽ ٻانهي جي عيوض ٻانهو ۽ عورت جي عيوض عورت، پوءِ جنهن لاءِ سندس ڀاءُ جي طرفان معافي ڏني وڃي پوءِ چڱائيءَ سان معاملو پورو ڪري ۽ مال چڱائي سان ادا ڪري، اها توهان جي رب جي طرفان نرمي ۽ رحمت آهي، انهيءَ کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪري پوءِ انهيءَ لاءِ درد ناڪ عذاب آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! جي ماڻهو (ناحق) ماريا وڃن، انهن جي عيوض اوهان کي جان جي بدلي جان وٺڻ جو حڪم ڏنو ٿو وڃي، آزاد جي عوض آزاد ۽ غلام جي بدلي غلام، عورت جي بدلي عورت. پوءِ جنهن (قاتل)کي سندن (مومن) ڀاءُ جي طرفان ڪجھ معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻ گهرجي. اها اوهان جي پالڻهار جي طرفان آساني ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان بعد زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارؤ! فرض ڪيو ويو اوهان تي قصاص (ناحق) قتل ڪيلن ۾.زاد عوض آزاد جي ۽ ٻانهو عوض ٻانهي جي ۽ عورت عوض عورت جي.وءِ جنهن کي معاف ڪيو وڃي ان جي ڀاءُ جي طرفان ڪا شيءِ پوءِ (ان جي طلب لاءِ) پٺيان لڳڻ آهي نيڪيءَ سان ۽ (خون بها) ادا ڪرڻ آهي ان کي احسان سان.ها هلڪائي آهي اوهان جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي.وءِ جنهن زيادتي ڪئي ان کان بعد پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو ! اوهان تي خون ٿيلن (جي باري) ۾ برابري ڪرڻ لازم ڪئي ويئي آهي. آزاد کي آزاد سان ۽ ٻانهين کي ٻانهين سان ۽ زال کي زال سان. پوءِ جنهن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجهه معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق تابعداري ڪرڻي آهي ۽ ان جي طرف (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻي آهي. اها اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هلڪائي ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! اوهان تي (ناحق) قتل ٿي وِيلن جي خون جو بدلو وٺڻ فرض ڪيو ويو آهي. آزاد جي بدلي آزاد ۽ ٻانهي جي بدلي ٻانهو ۽ عورت جي بدلي عورت. پوءِ اگر ڪنهن (قاتل)کي ان جو ڀاءُ (يعني مقتول جو وارثُ، خون بها مان) ڪا شيءِ معاف ڪري ته (مقتول جو وارث) خون بها دستور شرعي مطابق طلب ڪري ۽ (قاتل کي گھرجي) چڱائي سان ادا ڪري. اها توهان جي پالڻهار پاران رعايت ۽ رحمت آهي، سو ان کان بعد اگر ڪو زيادتي ڪري ته پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مؤمن ! آن تي مُقرر ٿيو، قصاص قتل ۾، آجو، آجي، سامهون ۽ گولو، گولي ڀَر، ۽ عورت، بدلو عورت جو، پوءِ جنهن کي، ڀاڻسِ ڀر، مِلي معافِي مِهر سان، پوءِ پارڻ چڱيءَ پر، ۽ ادائـِي احسان سان، ڀلائـِي بهتر، اِي رِعايت اَهنجي ربَّ کان ۽ رحمت ٻاجھ ٻيهر، تِنهن پڄاڻان پوءِ ورِي، جنهن پاتو پير ٻَهر، آهي اُنهِيء آهر، سُورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179)

اي ڌيان وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي سمجهه وارو! قصاص واري حڪم ۾ اوهان جي لاءِ زندگي آهي (ڇو ته جيڪڏهن قاتل کي ڇڏي ڏبو ته خونريزيون گهڻيون ٿينديون) هي حڪم انهيءَ لاءِ آهي ته توهان پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پرهيز ڪرڻ سکو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان لاءِ خون جي عيوض وٺڻ ۾ زندگي آهي اي عقلمندو! انهيءَ لاءِ جو توهان پرهيز ڪريو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي عقل وارو!قصاص (جا قانون مقرر ڪرڻ) ۾ توهان جي زندگي آهي (پڻ انهيءَ لاءِ جاري ڪيل آهن) ته جيئن توهان (خونريزيءَ کان) پرهيز ڪيو.(سيد فرمان علي)


۽ اوهان جي لاءِ قصاص ۾ حياتي آهي.ي عقلمندؤ! تانته اوهان (قتل ڪرڻ کان) بچو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اي عقل وارو ! اوهان لاءِ (ان) برابري ڪرڻ ۾ حياتي آهي. مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


۽ اوهان لاءِ قصاص (يعني خون جو بدلو وٺڻ) ۾ جياپو آهي. اي عقل وارؤ تان ته توهان (خونريزي کان) بچو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اوهان ڪاڻ قصاصَ ۾ ، حياتِي هوشيار!، اِن آسري آڌار، ته پُرجهِي، پاڻ بچايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180)

جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي حڪم به توهان کي ڏجي ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهو کي موت اچي ويجهو پوي ۽ مال متاع ڇڏي وڃڻ وارو هجي ته کيس گهرجي ته پهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن لاءِ انصاف واري وصيت ڪري. متقي ماڻهن تي حق آهي ته ائين ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


توهان تي فرض ڪيو ويو جڏهن توهان مان ڪو قريبِ موت ٿئي ٿو جيڪڏهن ملڪيت ڇڏي ٿو، ته وصيت ڪري پيءُ ماءُ لاءِ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ انصاف واري. اها (وصيت) پرهيزگارن تي حق آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانو!) اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته جڏهن اوهان مان ڪنهن جي سامهون موت اچي، بشرطيڪه اهو ڪجھ مال ڇڏڻ وارو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن لاءِ چڱي وصيت ڪري، جي ماڻهون خدا کان ڊڄن ٿا انهن تي اهو حق آهي.(سيد فرمان علي)


فرض ڪئي وئي اوهان تي جنهن وقت اچي هڪڙي وٽ اوهان مان موت جيڪڏهن ڇڏي ٿو وڃي ڪجھ مال، وصيت ڪرڻ.يءُ ماءُ لاءِ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ انصاف سان.ق آهي پرهيزگارن تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ موت حاضر ٿئي ۽ اهو ڪجهه مال ڇڏي وڃي ته اوهان (مان اُن) تي دستور جي موافق ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ وصيت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي آهي (ائين ڪرڻ) پرهيزگارن تي لازم آهي. (مولانا محمد مدني)


توهان مٿان فرض ڪيو ويو آهي جو جڏهن توهان مان ڪنهن جي مٿان موت اچي پهچي ته جيڪڏهن مال ڇڏيو اٿس ته ماءُ پيءُ ۽ رشتيدارن بابت سٺي طريقي سان وصيت ڪري اهو پرهيزگارن تي لازم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مُقرر ڪيو ويو مورهين، اوهان تي آخر، موت اوهان مان، ڪنهن مَٿي، جڏهن حاضر ٿيو هيڪر، وصيّت والدين لئي، جي ڇڏئين، سازسمر، پڻ وصيّت وهنوار سان، عزيزن آهر، ثابت سربسر، موچارن تي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181)

پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪو ماڻهو وصيت ٻڌڻ بعد ان ۾ ڦيرڦار ڪري ته پوءِ گناهه انهيءَ تي آهي جيڪو اهڙي ڦيرڦار ڪري. (وصيت تي ان جو اثر ڪونه پوندو وصيت جيئن اصل ڪيل هئي، ان جي تعميل ائين ڪرڻي آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪو وصيت ٻُڌي مَٽائي ڇڏي انهيءَ جو گناه مٽائيندڙ تي آهي، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ٻڌڻ کان بعد بدلائيندو ته ان جو گناھ رڳو انهن تي آهي جيڪي انهن کي بدلائيندا. بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جنهن مٽايو ان (وصيت) کي ان کان پوءِ جو ٻڌائين ان کي پوءِ گناھ ان جو انهن تي آهي جو مٽائن ٿا ان کي.يشڪ الله گهڻو ٻڌندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ان جي ٻڌڻ کانپوءِ بدلائيندو ته ان جو گناه رڳو انهن تي آهي جيڪي ان کي بدلائيندا. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جنهن ان (وصيت) کي ٻڌڻ بعد بدلايو ته ان جو گناهه صرف انهن تي آهي جيڪي ان کي بدلائن ٿا. بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جنهن بدليَسِ، بعد تنهن، ته ٻُڌائينسِ ٻِيهار، پوءِ اُن جو آهي، اُن مٿي، جي بدلائــِينَسِ، بار، سُڻندڙ ربُّ ستار، سمجھندڙ، سڀ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182)

پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪڏهن وصيت ڪرڻ واري کان پاسخاطري يا گناهه جو انديشو هجي ته پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (وصيت ڪندڙ کي سمجهائي يا وارثن کي سمجهائي) انهن ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏي ته ائين ڪرڻ ۾ هن تي ڏوهه ڪونهي. بيشڪ الله تعاليٰ غلطيون بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جنهن خوف ڪيو ته وصيت ڪندڙ ناانصافي يا گناه ڪيو پوءِ صلح ڪرايائين انهن جي وچ ۾ پوءِ انهيءَ تي ڪوبه گناه ناهي، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (هاءُ البت) جو شخص وصيت ڪرڻ واري جي بيجا طرفداري يا بي انصافيءَ جو خوف رکندو هجي ۽ انهن وارثن ۾ صلح ڪرائي ڇڏي ته مٿس ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جنهن خوف ڪيو وصيت ڪندڙ کان طرفداريءَ يا گناھ جو پوءِ صلح ڪرايائين انهن ۾ ته نه آهي ڪو گناھ ان تي بيشڪ الله بخشيندڙ، مهربان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪو وصيت ڪندڙ جي طرفداري يا گناهه کان ڊڄي پوءِ انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ته مٿس ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جنهن کي انديشو آهي ته وصيت ڪندڙ پاران (ڪنهن جي) طرفداري يا (ڪنهن سان ) زيادتي ڪئي وئي آهي ته پوءِ انهن (وارثن) جي وچ ۾ صلح ڪرائي ته ان تي ڪو گناهه ناهي. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀوءِ ڀانتو، بخشيندڙ ڪنان، جنهن، ڪنهن کي ڪسر يا ڪس، پوءِ پاپ، نه تنهن تي، پاڻ ۾، جنهن ڪيا راضي رس، اَلله آهي بس، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183)

اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي مؤمنو! جهڙيءَ طرح اڳين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا هئا، تهڙيءَ طرح اوهان تي به فرض ڪيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ براين کان بچڻ سکو.(علامه علي خان ابڙو)


اي مؤمنو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا، جيئنڪ توهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا انهي لاءِ جو توهان ۾ پرهيزگاري پيدا ٿئي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي ايمان وارو! روزا رکڻ جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا ائين توهان تي به فرض ڪيل آهن ته جيئن (اهڙي اطاعت سبب) اوهان ڪيترن ئي گناهن کان بچو.(سيد فرمان علي)


اي ايمان وارا! فرض ڪيا ويا اوهان تي روزا (رکڻ) جيئن فرض ڪيا ويا اوهان کان اڳين تي تانته اوهان پرهيزگار ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي ايمان وارو ! اوهان تي روزو رکڻ لازم ڪيو ويو آهي جيئن اوهان کان اڳين تي لازم ڪيو ويو هو. مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


اي ايمان وارؤ! اوهان تي روزا (ائين) فرض ڪيا ويا آهن جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي مڃيو، جن مذڪور!، واجب اوهان تي وار ٿيو، جيئن مَهندِينِ مٿي مور، ڪارڻ اِي، ته ڪِري ڪريو وار. (روزا)(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184)

(روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڳڻيل ڏينهن (روزا رکڻا آهن، گهڻا ڪونه آهن) جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار هجي ۽ سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ (رمضان جا) باقي روزا رکي عدد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي تڪليف بلڪل برداشت ڪري نه سگهن (مثلاً نهايت پوڙها ماڻهو يا دائم المريض) اُهي روزي جي بدران هڪ مسڪين کي ماني کارائين، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي خوشيءَ سان وڌيڪ مسڪينن کي کارائن ته هن جو اجر وڌيڪ ٿيندو پر جيڪڏهن سمجهي ٿو ته پوءِ سمجهي وٺو ته روزو رکڻ اوهان جي لاءِ بهتر آهي.(علامه علي خان ابڙو)


مقرر ڏينهن، پوءِ اهو ماڻهو جيڪو توهان مان مريض يا مسافر آهي پوءِ اوترا روزا ٻين ڏينهن ۾ رکي، ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي طاقت نٿا رکن پوءِ روزي جي عيوض هڪ مسڪين کي کارائين، پوءِ جيڪو نيڪي زياده ڪندو انهيءَ لاءِ بهتر آهي، ۽ روزو رکڻ توهان لاءِ تمام بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي به هميشه نه پر) ڳڻيل ڏينهن آهن. تنهن هوندي به (روزن جي ڏينهن ۾) جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته انهن ڏينهن مان (جيترا قضا ٿيل هجن) ڳڻي رکي ۽ انهن تي جيڪي (تڪليف سان) روزا رکي ته سگهندا هجن (پر نه رکن ته هڪ روزيءَ جي) فديه ۾ هڪ مسڪين جو کاڌو کارائڻ لازم آهي. ۽ جيڪو خوشيءَ سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ٿو اهو ان لاءِ چڱو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهدار آهيو ته (ياد رکو! ته فديه کان) روزو رکڻ اوهان لاءِ (بهرحال) چڱو آهي.(سيد فرمان علي)


ڏينهن ڳڻيل پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا سفر ۾ ته پوءِ اوترو ڳاڻاٽو آهي ٻين ڏينهن مان ۽ انهن تي جو مشڪل سان طاقت ٿا رکن فديو آهي هڪ مسڪين جو کاڌو.وءِ جنهن خوشيءَ سان وڌائي نيڪي ته پوءِ اهو ان لاءِ ڀلو آهي ۽ روزا رکو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(روزا) ڳڻيل ڏينهن آهن. پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. ۽ فديه (يعني) هڪ مسڪين جو کاڌو (ڏيڻ) انهن تي (لازم) آهي جيڪي ان جي طاقت رکن ٿا. پوءِ جيڪو خوشيءَ سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ته اهو ان لاءِ چڱو آهي. ۽ روزو رکڻ اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن ڄاڻو. (مولانا محمد مدني)


اهي ڳاڻيٽي جا ڏينهن آهن. پوءِ اگر اوهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن (جي روزن سان) ڳاڻيٽو پورو ڪري. ۽ جيڪي (مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي) سگھه رکن ٿا اهي هڪ مسڪين جو کاڌو فديو ڏين. پوءِ جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪري ته اهو ان لاءِ بهتر آهي ۽ جي روزو رکو ته توهان لاءِ (سڀ کان) بهتر آهي جي توهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏينهن مقرر مور، پوءِ جو اوهان مان اَ گھو ٿيو، يا سانگ سُڌاريو ڏُور، پوءِ ٻِيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. ۽ جي صِحي نه سگھنِس، اُنهن مٿي، بدلو قُوْت ڪَنگال، پوءِ جنهن کڻِي، خير ڪيو، ته لاڪسِ ڀلو بحال، جي روزا رکندا، ته آهِ سو، آن لئي نيڪ نهال، جي حقيقت حال، صحِي سمجھندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185)

رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن،پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. ان ۾ ماڻهن لاءِ هدايت جي واٽ ڏيکاريل آهي. هدايت جا روشن دليل ڏنل آهن، حق ۽ باطل الڳ الڳ ڪري ڏيکاريل آهن، پوءِ اوهان مان جيڪو به هن مبارڪ مهيني ۾ حاضر هجي اهو روزا رکي، ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته پوءِ رمضان بعد ٻين ڏينهن ۾ باقي روزا رکي عدد پورو ڪري. الله تعاليٰ توهان جي واسطي آساني ٿو چاهي نه ڪه تڪليف (روزن قضا ڪرڻ جو حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي ته) روزن جو عدد پورو ڪري پوري برڪت حاصل ڪيو، الله تعاليٰ جا توهان کي سنئين واٽ ڏيکاري آهي، تنهن تي سندس وڏائي ۽ شان بيان ڪيو ۽ پڻ (سندس نعمتون چڱيءَ طرح ڪم آڻي) ان جي شڪر گذاري ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


رمضان شريف جي مهيني ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جا روشن دليل، پوءِ توهان مان جيڪو انهي مهيني ۾ حاضر ٿئي پوءِ ضرور روزا رکي ۽ جيڪو مريض آهي يا مسافر آهي پوءِ اوترا روزا ٻين ڏينهن ۾ رکي، الله تعالى اوهان تي آساني چاهي ٿو ۽ توهان تي تڪليف نٿو چاهي، انهيءَ لاءِ جو توهان ڳڻپ پوري ڪريو ۽ الله جي وڏائي بيان ڪريو جو توهان کي هدايت ڏنائين انهيءَ لاءِ جو توهان شڪرگذار رهو.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو، جو ماڻهن جو رهنما آهي ۽ ان ۾ سڌي رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون پڌريون ڳالهيون آهن. (مسلمانو!) پوءِ اوهان مان جيڪو پنهنجي جاءِ تي هجي، ان کي گهرجي ته روزا رکي. ۽ جيڪو بيمار يا سفر ۾ هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ته جيئن اوهين شڪر گذار بڻجو.(سيد فرمان علي)


رمضان جو مهينو اهو آهي جو نازل ڪيو ويو ان ۾ قرآن (ان حال ۾ جو) هدايت ڪندڙ آهي ماڻهن جي لاءِ ۽ روشن دليل هدايت جا ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ جا پوءِ جيڪي لهي اوهان مان هن مهيني کي ته پوءِ ڀلي روزا رکي ان ۾ ۽ جيڪو آهي بيمار يا سفر ۾ ته پوءِ اهو ڳڻيل ٻيا ڏينهن (روزا رکي) ارادو ٿو ڪري الله اوهان سان آسانيءَ جو ۽ نه ٿو ارادو ڪري اوهان سان ڏکيائيءَ جو ۽ تانته پورو ڪيو ڳاڻاٽو ۽ تانته الله جي وڏائي بيان ڪيو ان (نعمت) تي جو هدايت ڪيائين اوهان کي ۽ تانته شڪر ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻهن لاءِ رهنمائي آهي ۽ رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون (ان ۾ ) پڌريون ڳالهيون آهن. پوءِ اوهان مان جنهن کي (هي) مهينو ملي سو ان جا روزا رکي. ۽ جيڪو (اوهان مان) بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (مولانا محمد مدني)


رمضان جو مهينو (اُهو آهي) جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو. جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت آهي ۽ هدايت ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ واريون چٽيون نشانيون آهي، پوءِ توهان مان جيڪو هن مهيني کي لهي ته ان جا روزا رکي. ۽ جو بيمار هجي يا سفر تي هجي ته ٻين ڏينهن (جي روزن) سان ڳاڻيٽو پورو ڪري. الله اوهان سان آساني چاهي ٿو ۽ اوهان سان اهنجائي نه ٿو چاهي ۽ هن لاءِ ته اوهان ڳاڻيٽو پورو ڪيو ۽ هن لاءِ ته ان جيڪا اوهان کي هدايت عطا ڪئي آهي ان تي الله جي وڏائي بيان ڪيو ۽ ان لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مهينو سو رمضان جو، جنهن ۾ لَٿو قرآن، صحِي سُونهپ ماڻهئين، پڻ سُونهپ سندا بيان، ۽ فرق ڪندڙ فُرقان، صفائـِي سچ، ۽ ڪوڙ جي. پوءِ جو پنهنجِي پَهر ۾، رسيو منجھ رمضان، پوءِ مر ته روزو، سو رکي؛ ۽ جو آهِ اگھو انسان، يا مسافر، مِهمان، ته ٻيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. الله اوهان ڪاڻ گُھري، سَنهج، سُهوليتون، نه گھري، تنگي، تڪليف ڪا، الله اوهان ساڻ، ڏينهن، ڏينهَنِ سامهان، پورا ڪريو پاڻ، جيئن ڏَسَيئـِين، تيئن ڏاتار جِي، واکاڻيون وَڏاڻ، ۽ ساريو مانَ سُڄاڻ!، اُن جاڳُڻ ۽ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186)

۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر) جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو تو کان منهنجي به نسبت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح مون وٽ پهچي سگهي ٿو) ته تون کيس ٻڌاءِ ته مان ته کيس ويجهڙو آهيان، هو جڏهن مونکي سڏي ٿو تڏهن هن جو سڏ ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪيان ٿو، پوءِ (جيڪڏهن هو سچ پچ منهنجي طلب رکن ٿا ته) کين گهرجي ته منهنجي سڏ جو جواب ڏين ۽ مون تي ايمان رکن انهيءَ لاءِ ته سنئين واٽ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي حبيب ! جڏهن توهان کان منهنجا ٻانها منهنجي لاءِ پڇن ٿا ته توهان فرمايو آءٌ ويجهو آهيان دُعا قبول ڪريان ٿو پڪاريندڙ جي جڏهن مون کي پڪاري ٿو پوءِ منهنجا احڪام مڃن ۽ مون تي ايمان آڻن ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جيئن سڌي رستي تي اچن.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن وقت پڇن توکان منهنجا ٻانها منهنجي (متعلق) پوءِ بيشڪ مان ويجهو آهيان قبول ڪندو آهيان دعا گهرندڙ جي دعا جنهن وقت مون کان گهرندو آهي پوءِ ڀلي ته قبول ڪن منهنجو حڪم ڀلي ته ايمان آڻين مون تي تانته اهي هدايت وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن توکان منهنجا ٻانهان منهنجي پڇا ڪن ته (چئو ته) بيشڪ آءُ ويجهو آهيان. سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو جنهن وقت هو مون کي سڏي ٿو. پوءِ منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته مَنَ رستو لهن. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي!) جڏهن منهنجا ٻانها منهنجي باري ۾ تو کان پڇن (ته انهن کي ٻڌاءِ) ته بيشڪ آءُ تمام ويجهو آهيان. سڏيندڙ جو سڏ قبول ڪيان ٿو جڏهن مون کي سڏي ٿو، پوءِ گهرجي ته منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ مون تي يقين رکن ته جيئن اُهي سڌي واٽ لهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن پُڇئـِي، سندمِ پڄاريَنِ، مُنهنجِي حقيت حال، چئو، آئون اوهان کي اوڏڙو، قُرب ساڻ ڪمال، سُڻان سوال، ڪَرٖيمِ جڏهن، سائل ڪو سوال، پوءِ هِي به حڪم مُنهنجو، بيشڪ ڪن بحال، مون کي مڃينِ مورهين، ٻِئا ڇڏي خام خيال، ته لاشڪ لهندا لال، مارڳ، ملڪ ملير جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187)

روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي)


توهان جي لاءِ حلال آهي ته روزن جي ڏينهن ۾ رات جي وقت ڀلي پنهنجي عورتن سان همبستر ٿيو. هو اوهان جي لاءِ لباس آهن ۽ اوهان هنن جي لاءِ (يعني اوهان جي زندگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ سينگار ۽ حفاظت آهيو) الله تعاليٰ کي معلوم آهي ته توهان (رات جو زالن سان همبستر ٿيڻ کي ناجائز سمجهي به لڪ ڇپ ۾ اهو ڪم ڪري) پنهنجي ضمير سان خيانت ڪري رهيا آهيو، پوءِ الله تعاليٰ توهان جي توبهه قبول ڪئي ۽ اوهان جي خطا معاف ڪئي، هاڻي بيشڪ پنهنجي زالن سان رات جي وقت همبستر ٿيو ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ جائز ٺهرايو آهي سو طلب ڪيو ۽ ماڻيو ۽ (رات جي وقت) بيشڪ کائو پيئو جيستائين صبح جي سفيد ڌار رات جي ڪاري ڌار کان نڪري نروار ٿئي (يعني پرڀات ٿي، تنهن کان اڳي کائڻ پيئڻ بند ڪيو) پوءِ (پره ڦٽيءَ کان وٺي) رات تائين يعني سج لهڻ تائين روزو پورو ڪيو. پر جيڪڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ڪري رهيا آهيو ته پوءِ (رات جو به) پنهنجي زالن سان همبستر نه ٿيو. اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن، تنهن ڪري (انهن حدن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ حدن کي رڳو ويجهو به نه وڃو. الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح پنهنجون هدايتون چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو خدا جي نافرمانيءَ کان بچن.(علامه علي خان ابڙو)


روزن جي راتين ۾ پنهنجين عورتن ڏانهن وڃڻ توهان لاءِ حلال آهي، اهي توهان جو لباس آهن ۽ توهان انهن جا لباس آهيو، الله تعالى معلوم ڪيو ته توهان پنهنجن نفسن کي خيانت ۾ وجهندا هئا پوءِ توهان جي توبہ قبول ڪري توهان کي معاف ڪيائين، پوءِ هينئر انهن سان صحبت ڪريو ۽ طلب ڪريو جيڪو الله توهان جي نصيب ۾ لکيو آهي، ۽ توهان کائو ۽ پيئو ايستائين جو توهان لاءِ ظاهر ٿئي رات جي اونداهي مان روشني صبح صادق جي، پوءِ رات اچڻ تائين روزو پورو ڪريو، ۽ عورتن کي هٿ نه لايو جڏهن توهان اعتڪاف ۾ مسجدن ۾ ويهو، اهي الله تعالى جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه وڃو، اهڙيءَ طرح الله تعالى بيان ڪري ٿو پنهنجن نشانين کي انهيءَ لاءِ جو انهن ۾ پرهيزگاري ٿئي.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مسلمانو!) روزي جي رات ۾ پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جو اوڇڻ آهيو خدا ڏٺو ته اوهان (گناھ ڪري) پنهنجو نقصان ڪندا هئا (جو لڪي لڪي اوهين پنهنجين زالن سان مباشرت ڪندا هئا) ته ان اوهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان کي معاف ڪيو. سو هاڻي انهن سان ڀلي ملو ۽ (اولاد لاءِ) جيڪي خدا توهان لاءِ (تقدير ۾) لکيو آهي، تنهن جي طلب ڪريو ۽ ايستائين کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو، ڪاري ڌاڳي (اوڀر طرف) کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ (هائو) جڏهن توهان مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ ويهو ته (رات جو به) انهن (زالن) سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙي طرح خدا، ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته من اهي پرهيزگار ٿين ( نافرمانيءَ کان بچن).(سيد فرمان علي)


حلال ڪئي وئي اوهان لاءِ روزي جي رات ۾ صحبت ڪرڻ پنهنجين زالن سان اهي ڍڪ آهن اوهان لاءِ ۽ اوهان ڍڪ آهيو انهن لاءِ.اتو الله ته بيشڪ اوهان خيانت ۾ ٿي وڌو پنهنجي پاڻ کي پوءِ (ٻاجھ سان) موٽيو اوهان تي ۽ معاف ڪيائين اوهان کي پوءِ هاڻي صحبت ڪيو انهن سان ۽ طلب ڪيو جيڪي لکيو الله اوهان جي لاءِ ۽ کائو ۽ پيئو تان جو ظاهر ٿئي اوهان لاءِ (باک ڦٽڻ وارو) اڇو ڌاڳو ڪاري ڌاڳي کان فجر جي وقت ان کان پوءِ پورو ڪيو روزو رات تائين ۽ نه صحبت ڪيو انهن سان ان حال ۾ جو اوهان ڏهي ۾ ويٺل آهيو مسجدن ۾ اهي حدون آهن الله جون پوءِ انهن کي ويجها ئي نه وڃو.هڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ من اهي تقوى وارا ٿين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


روزي جي رات ۾ پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جي پوشاڪ آهيو. الله ڄاتو ته اوهين پاڻ سان خيانت ڪندا هيو، پوءِ اوهان تي مهرباني ڪيائين ۽ اوهان کي معاف ڪيائين. سو هاڻي انهن سان ملندا رهو. ۽ جيڪي الله اوهان لاءِ لکيو تنهن جي طلب ڪريو. ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو ڪاري ڌاڳي کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ انهن (زالن) سان هن حالت ۾ صحبت نه ڪريو جو اوهين مسجدن ۾ اعتڪاف ڪندڙ هجو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙيءَ طرح الله ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته مَنَ اهي پرهيزگار ٿين. (مولانا محمد مدني)


روزن جي راتين ۾ پنهنجي گهر وارين وٽ وڃڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اُهي اوهان جولباس آهن ۽ اوهان انهن جو لباس آهيو. الله ڄاتو ته اوهان پنهنجي پاڻ سان خيانت پئي ڪئي، سو اوهان کي معاف ڪيائين ۽ اوهان کان درگذر ڪيائين. پوءِ هاڻي (روزن جي راتين ۾) ڀلي انهن سان صحبت ڪيو ۽ جو (لطف ۽ اولاد) الله اوهان لاءِ لکيو آهي سو طلب ڪيو ۽ کائيندا پيئندا رهو جيستائين صبح جو سفيد ڌاڳو (رات جي) ڪاري ڌاڳي کان (جدا ٿي )پڌرو ٿي وڃي. پوءِ روزو رات تائين پورو ڪيو ۽ گهروارين سان صحبت نه ڪيو جڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ هجو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي (ڀڃڻ جي) ويجهو نه وڃو. اهڙي طرح الله پنهنجون نشانيون ماڻهن لاءِ پڌريون ڪري ٿو تان ته اُهي پرهيزگار ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


روزي رات رَواٿِيان، اَهنجي وَنِين سان وهنوار، هُو ڍَڪ اوهان جو، ڍوليا!، اوهين سندنِ ڍَڪ ڍار، چورِي، چراند اَهنجِي، ڄاتِي ڄاڻـڻهار، پوءِ بخشيان بخشڻهار، ۽ معافِي ڏِنيان مورهين. پوءِ هٿ لايونِ هاڻ، ته الله اوهان لئي، جو لکيو، گُھرو پٽ پيداڪرڻ، ۽ کائو ۽ پيو پاڻ، تان اَڇو سَڳو، ڪاري ڪنان، صبح مان سڄاڻ!، اَڇري اوهان ڪاڻ، پوءِ رکو روزو رات سين. ۽ نه مِلو مسجدن ۾، ۽ جڏهن هُجو ڏَهيٖ ساڻ، اِهي حدون الله جون، پوءِ سوڙها نه پئونِ سڄاڻ!، اِن پر اوهان لئي، آيتون، پنهنجون کولي پاڻ، مولا ماڻهن ڪاڻ، ته ڪن ڪا، ڪِرِي ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188)

۽ اوھين پنھنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو ۽ اُن (مال) کي حاڪمن ڏانھن ھن لاءِ (وڍيءَ طور) نه پھچايو ته ماڻھن جي مال مان ڪجھ (ڀاڱو) ڏوھ سان کائو ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقن سان نه کائو، نڪي مال ۽ دولت کي حاڪمن جي دلين تائين پهچڻ جو وسيلو بنايو (رشوت رسائي نه ڏيو) انهيءَ لاءِ ته ٻين جي مال مان ڪجهه حصو ناحق طور کائي وڃو اگرچه ڄاڻو به ٿا (ته اهو وڏو ظلم آهي رشوت ڏيڻ ۽ پرائو حق کائڻ ڪبيرا گناه آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو ۽ نه فيصلي ڪندڙن وٽ انهيءَ جو فيصلو کڻي وڃو انهيءَ لاءِ جو ماڻهن جو ڪجهه مال ناجائز طريقي سان کائو حالانڪ توهان ڄاڻو ٿا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو ۽ نه ان کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته جيئن ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ناحق هٿ ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو.(سيد فرمان علي)


۽ نه کائو مال هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ باطل (طريقي) سان ۽ نه رسائي حاصل ڪيو انهن سان حاڪمن ڏانهن تانته کائو حصو مالن ماڻهن جي مان گناھ سان حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا (ته اهو حرام آهي) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو. ۽ نه انهن کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ظلم ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو. (مولانا محمد مدني)


۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق طريقي سان نه کائو ۽ نه مال کي (ناجائز طريقي سان) حاڪمن وٽ پهچايو هن لاءِ جو ماڻهن جي مال جو ڪجهه حصو اوهان به ناجائز طريقي سان کائي سگهو حالانڪه (اها ڳالهه) اوهان ڄاڻو ( به) ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪوڙي ڦڏي سان، پاڻ ۾، نه کائو ماڻهنِ مال، ۽ اُن تي عملدارن ۾، پُڪاريو پيمال!، ته کائو ماڻهن جي، مال مان، ڀاڱو ڪو بحال، ڪوڙ نِسورٖي نال، ۽ حق ڄاڻو پئا، جنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189)

(اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي پيغمبر! ماڻهو توکان پهرين تاريخ جي چنڊ بابت سوال ڪن ٿا، کين ٻڌاءِ ته اهڙا چنڊ ماڻهن جي لاءِ وقت جو حساب آهن ۽ پڻ حج جي مهيني جي مقرري ان سان ٿئي ٿي ۽ (باقي ماڻهن جا وهم ۽ سنسا ۽ رسمون اجايون آهن) هي ڪا نيڪي جي ڳالهه ناهي ته پنهنجي گهرن ۾ (دروازا ڇڏي) پٺئين پاسي کان داخل ٿجي (جيئن عرب ڪندا هئا) نيڪي ته هن ۾ آهي ته خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪجي. تنهن ڪري (وهم سنسا ڇڏي) پنهنجي گهرن ۾ دروازي کان گهڙو ۽ خدا کان ڊڄي گناهن کان پري ڀڄو ته من ڪامياب ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان کان (نئين) چنڊ لاءِ سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو اِهي وقت جون نشانيون آهن ماڻهن ۽ حج لاء،ِ ۽ ناهي نيڪي جو توهان پنهنجن گهرن ۾ پوئين طرف کان اچو، ها! نيڪي ته خوفِ خدا آهي، ۽ گهرن ۾ دروازن کان داخل ٿيو، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو بيشڪ توهان ڪامياب ٿيندا.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) تو کان چنڊ بابت پڇن ٿا (ته ڇو گهٽجي ۽ وڌي ٿو) (کين) چئو ته ان مان ماڻهن جي (دنياوي ڳالهين) ۽ حج جا وقت معلوم ٿين ٿا. ۽ اها چڱائي نه آهي ته اوهين گهرن ۾ پٺيان ڪوٺن (کڏن) کان (ٽپي) اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ (اچڻ وقت) گهرن جي دروازن کان اچو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته من مراد کي پهچو.(سيد فرمان علي)


پڇن ٿا توکان (اڀرندڙ) چنڊن جي باري ۾ فرماءِ ته اهي وقت سڃاڻڻ جون نشانيون آهن ماڻهن جي لاءِ ۽ حج جي لاءِ ۽ (هيءَ ڪا) نيڪي نه آهي جو اچو (پنهنجن) گهرن ۾ انهن جي پوين پاسن کان ۽ پر نيڪي ان جي آهي جو تقوى اختيار ڪيائين ۽ اچو گهرن ۾ انهن جي دروازن کان ۽ ڊڄو الله کان (ان اميد تي) ته ڪامياب ٿيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تو کان چنڊن جو پڇن ٿا (کين) چئو ته اهي ماڻهن ۽ حج لاءِ مقرر ٿيل وقت آهن. ۽ هي ڀلائي نه آهن ته اوهين گهرن ۾ (احرام جي حالت ۾ ) گهرن جي پٺين پاسن کان اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ گهرن جي دروازن کان اچو. ۽ الله کان ڊڄو ته مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) ماڻهو توکان نَوَن چنڊن بابت پڇن ٿا؟چؤ ته اهي ماڻهن لاءِ ۽ حج (جي مهيني جي تعين) لاءِ وقت جون نشانيون آهن. ۽ اها نيڪي ناهي جو گهرن ۾ انهن جي پٺيان کان اچو ۽ پر نيڪي هي آهي جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪري ۽ گهرن ۾ انهن جي دروازن کان ئي اچو ۽ الله کان ڊڄندا رهو جيئن اوهان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پُڇنِئي پهرين چندن جو، چئو، ماڻهن ۽ حج هار، مقرر هِي موقعا؛ نيڪِي نه اِي نبار، ته اچو گھرن کي، اُنهن پٺيان، پر نيڪِي هِي نِروار، ته ڪئـِي ڪِري جنهن ڪم ڪار ۾، ۽ آيو عقلدار، گھرن ۾ سندن درن کان، ادب سين اظهار، ۽ ڪنبو ڀر قهار، ته سدائين سوَلا ٿِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190)

جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪي ماڻهو توهان سان اڳرائي ڪري لڙائي ڪن تن سان الله جي راهه ۾ بهادريءَ سان وڙهو، پر ڪنهن به طرح ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃجو. الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن (خود لڙائي جي حالت ۾ به دوکي بازي، بي رحمي، ڦرلٽ ٻارن ۽ زالن کي قتل ڪرڻ وغيره وغيره حرام آهن).(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪريو انهن سان جيڪي توهان سان وڙهن ٿا ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري.(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا جي راھ ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ خدا زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(سيد فرمان علي)


۽ جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ انهن سان جو جنگ ٿا ڪن اوهان سان ۽ نه زيادتي ڪيو.يشڪ الله نه ٿو محبت رکي زيادتي ڪندڙن سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله جي رستي ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ الله زيادتي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (مولانا محمد مدني)


۽ الله جي واٽ ۾ انهن سان جنگ ڪيو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا ۽ (پر) حد کان نه لنگهو. بيشڪ الله حد کان لنگهڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تن سان، ربّ جي راه ۾، لَڙو اوهين لاچار، جي لڙن اوهان سين، لوڪ مان، ۽ وڃو وِک نه ٻَهار، پرور ڏي، نه پِيار، لِيڪو، لانگھائن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191)

۽ جتي لَھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين تعظيم واريءَ مسجد وٽ (ايسين) نه وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نه) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن ته اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا اِئين آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(مڪي وارن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، توهان به جنگ جو اعلان ڪيو) ۽ جتي به کين ڏسو اتي کين قتل ڪيو ۽ جنهن جاءِ تان هنن اوهان کي تڙي ڪڍيو آهي اتان هنن کي به وڙهي ڪڍي ڇڏيو ۽ فتنو فساد خوريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. (ڪعبت الله ۾ وڙهڻ عربن ۾ اڳي به ناجائز هو) هو پاڻ توهان سان ڪعبت الله جي حدن ۾ نه وڙهن تيستائين توهان به اتي هنن سان نه وڙهو. پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ لڙائي ڪن ته پوءِ توهان به بيشڪ لڙائي