القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 6 سُوۡرَۃُ مَرۡیَمَ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 98


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

كهيعص (آيت : 1)

ڪٓھٰيٰعٓصٓ.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڪاف- ها- يا- عين- صاد(علامه علي خان ابڙو)


كۗهٰيٰعۗصۗ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪهيعص(سيد فرمان علي)


کاف، ها، يا، عين، صاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪهيعص. (مولانا محمد مدني)


ڪاف، ها، يا، عين، صاد. (هي حروف مطقعات آهن هنن جو اصلي مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪٓهٰيٰـــعٓصٓ جِي، پَرور کي پَروڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذِكرُ رَحمَتِ رَبِّكَ عَبدَهُ زَكَرِيّا (آيت : 2)

تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تنهجي پروردگار پنهنجي بندي زڪريا تي جا مهرباني ڪئي هئي، تنهن جو بيان هي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي (هي) تنهنجي رب جي رحمت جو ذڪر آهي، (جيڪا رحمت) ان پنهنجي ٻانهي (حضرت) زڪريا تي ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي تنهنجي پروردگار جي رحمت جو بيان آهي جا (خدا) پنهنجي خاص بندي زڪريا تي ڪئي هئي.(سيد فرمان علي)


ذڪر آهي رحمت ڪرڻ رب تنهنجي جو ٻانهي پنهنجي زڪريا تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! هي) تنهنجي پاليندڙ جي رحمت جو بيان آهي (مولانا محمد مدني)


(هي) تنهنجي پروردگار جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا) پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تُنهنجي ربَّ جِي رَحمت جو، ذِڪر آھ ضَرُور، ٻانهِي سَندسِ زَڪَرِيّاتي، مِهر جو مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ نادىٰ رَبَّهُ نِداءً خَفِيًّا (آيت : 3)

جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ڇا ٿيو جو) حضرت زڪريا دل ئي دل ۾ پنهنجي پروردگار کي پڪاريو.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن وقت ان پنهنجي رب کي مخفي طور پڪاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳجهيءَ طرح سڏيو.(سيد فرمان علي)


جڏهن عرض ڪيائين رب پنهنجي کي عرض آهستي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پنهنجي ٻانهي زڪريا تي.جڏهن اُن پنهنجي پاليندڙ کي ڳجهيءَ طرح سڏيو. (مولانا محمد مدني)


جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳُجھي طرح سڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن سائـِين سَندسِ کي، سَڏئـِين، سَڏڻ مَخفِي مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ إِنّى وَهَنَ العَظمُ مِنّى وَاشتَعَلَ الرَّأسُ شَيبًا وَلَم أَكُن بِدُعائِكَ رَبِّ شَقِيًّا (آيت : 4)

چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ التجا ڪئي (يعني دعا گهري) ته (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجو بدن (وڏي عمر هئڻ ڪري) ضعيف ٿي چڪو آهي ۽ منهنجا وار سفيد ٿي چڪا آهن ۽ آئون ڪڏهن به تنهنجي دعا مان نااميد نه ٿيو آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏ، ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ مٿي جو ٻڍائڻ چمڪيو آهي (اڇو ٿي ويو) ۽ اي منهنجا پالڻهار! آءُ تنهنجي بارگاھ ۾ دعا ڪندي (ڪڏهين به) محروم نٿو آهيان.(سيد فرمان علي)


عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مان ڪمزور ٿيا هڏا منهنجا ۽ چمڪيو مٿو ٻڍڙائپ جي ڪري ۽ ناهيان مان سببان عرض ڪرڻ جي توکي اي رب منهنجا! نامراد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجا هڏا سُست ٿيا آهن ۽ مٿي جو ٻڍاپڻ چمڪيو آهي ۽ آءُ توکان گهرڻ ۾ (ڪڏهن به) نااُميد نه ٿيو آهيان (مولانا محمد مدني)


چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون ۽ مٿو ڪراڙپ سبب شعلي وانگر چمڪي (سفيد ٿي) ويو ۽ اي منهنجا مالڪ آءٌ ڪڏهن به تو کان دعا گهري محروم نه ٿيو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سانيمِ! مُنهنجا سُست ٿيا، هَڏ گُڏ پاڪ حُضور،! ۽ مَٿو اَڇو ٿِيو مُورهِين، ڪَنان پِيرِئَ پُور، توکان گُھرڻ مَنجھ، غَفُور!، نا اُميد اَصل نه آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنّى خِفتُ المَوٰلِىَ مِن وَراءى وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا فَهَب لى مِن لَدُنكَ وَلِيًّا (آيت : 5)

۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.(علامه تاج محمود امروٽي)


هاڻي مون کي پنهنجي برادريءَ کان انديشو آهي ته منهنجي مرڻ بعد (خبر ناهي ته ڇا ڇا ڪندا) منهنجي اهليه (يعني زال) سنڍ آهي (يعني اهڙي حالت اٿس جو ٻار ڪونه ٿي ڄڻي سگهي) پوءِ تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي هڪڙو وارث عطا ڪر.(علامه علي خان ابڙو)


۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش!(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ آءُ پاڻ (مرڻ بعد) پنهنجي وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال (ام ڪلثوم بنت عمران) سنڍ آهي، سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر. (سيد فرمان علي)


۽ تحقيق مان فڪر ۾ پيس وارثن کان مون کان پوءِ ۽ آهي زال منهنجي سنڍ پوءِ ڏي مون کي پاڻ وٽان وارث .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آءُ پاڻ کان پوءِ (پنهنجي) وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر (مولانا محمد مدني)


۽ آءٌ پنهنجي (لاڏاڻي) بعد پنهنجي (بي دين) رشتيدارن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سَنڍ آهي. سو تون مون کي پاڻ وٽان وارث (پُٽ) عطا ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڊِنسِ پَنهنجن کان، مُون پُٺيان، ۽ سَنڍسَنديمِ زال، پوءِ وِيا وارث، پاڻ وَٽان، بَخشِينمِ ڪو بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَرِثُنى وَيَرِثُ مِن ءالِ يَعقوبَ وَاجعَلهُ رَبِّ رَضِيًّا (آيت : 6)

جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهڙو وارث ڏي، جيڪو منهنجو به وارث ٿئي ۽ حضرت يعقوب جي خاندان (جي برڪتن) جو به وارث ٿئي ۽ اي پروردگار! ان وارث کي (پنهنجي نظر ۾ توڙي تنهنجي بندن جي نظر ۾) سند پيل ڪجانءِ.(علامه علي خان ابڙو)


جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو (بہ) وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار! ان کي صالح ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پروردگار! پسند ڪيل بناءِ(سيد فرمان علي)


(جيڪو) وارث ٿئي منهنجو ۽ وارث ٿئي نسل (حضرت) يعقوب جي جو ۽ بناءِ تون ان کي اي منهنجا رب! مقبول ٻانهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پاليندڙ مقبول ڪر. (مولانا محمد مدني)


جيڪو منهنجو وارث بنجي ۽ يعقوب جي گھراڻي جو وارث بنجي ۽ اي منهنجا پروردگار! تون ان کي پسنديده (شخصيت) بناءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


والِي وارث مون ٿئي، پڻ يَعقوب سندٖي آل، راضِي رَضا نال، ڪر مُنحنجا مولا! اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰزَكَرِيّا إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ اسمُهُ يَحيىٰ لَم نَجعَل لَهُ مِن قَبلُ سَمِيًّا (آيت : 7)

(چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(تنهن تي حڪم ٿيو ته) اي ذڪريا اسان توکي هڪڙي پٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٿا ڏيون جنهن جو نالو يحيٰ هوندو. اسان هن کان اڳي ڪنهن لاءِ به اهو نالو نه رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي زڪريا بيشڪ اسين توکي هڪ پٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي، ان کان اڳ اسان ڪنهن جو به اهڙو نالو نه رکيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو اي زڪريا! اسين تو کي هڪ نينگر جي خوش خبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحيى هوندو. (۽) هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


اي زکريا! بلاشڪ اسين توکي بشارت ڏيون ٿا پٽ جي نالو ان جو يحيى آهي نه ڪيو اسان ان جي لاءِ (ان کان) اڳي ڪو ان نالي وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(الله فرمايو ته) اي زڪريا! اسين توکي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


(جواب مليو): ”اي زڪريا! بيشڪ اسان تو کي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحى هوندو ، هن کان اڳ اسان ان نالي وارو پيدا نه ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي زڪريا! توکي ٿا ڏيون، واڌيون وَريام! پاڪِيزٖي پُٽ جون، يَحيٰى جِنهن جو نام، ڪيوسون نه مَهند مُدام، ڪو نالي ڀائـِي اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَكانَتِ امرَأَتى عاقِرًا وَقَد بَلَغتُ مِنَ الكِبَرِ عِتِيًّا (آيت : 8)

چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت ذڪريا (عجب ۾ پئجي) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي پٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته منهنجي اهليه بانجهه (يعني سنڍ) ٿي چڪي آهي، ۽ مان گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو حالانڪ منهنجي گھر واري سنڍ آهي ۽ آئون نهايت عمر رسيده ٿي چڪو آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


زڪريا عرض ڪيو: يا خدا! (ڀلا) مون کي ڪئين ڇوڪرو ٿيندو جڏهن منهنجي زال سنڍ آهي ۽ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان.(سيد فرمان علي)


عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ڪيئن ٿيندو منهنجي لاءِ پٽ ۽ آهي زال منهنجي سنڍ (اولاد نه ڄڻڻ جي قابل) ۽ تحقيق پهتس مان وڏي عمر هجڻ جي ڪري ٻڍڙائپ کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ڪيئن ڇوڪرو ٿيندو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي ۽ آءُ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان. (مولانا محمد مدني)


(زڪريا) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽُ ڪيئن ٿيندو؟ حالانڪه منهنجي زال سَنڍِ آهي ۽ آءٌ ڪراڙپ جي انتهائي ضعيفي کي پهچي چڪو آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، پَرور! پُٽ ٿِئيمِ ڪِيئن، عورت مون اَوِيار، ۽ جُھورپ کي جَبَّار!، پُهتسِ پَڪ پِيرِي ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ كَذٰلِكَ قالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَد خَلَقتُكَ مِن قَبلُ وَلَم تَكُ شَيـًٔا (آيت : 9)

(جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته، ائين ڪرڻ منهنجي لاءِ بلڪل آسان آهي. مون هن کان اڳي توکي پيدا ڪيو، حالانڪ تنهنجي هستيءَ جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو ڳالهه ايئن آهي. توهان جي رب فرمايو ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ آسان آهي ۽ تحقيق ان کان اڳ مون توکي پيدا ڪيو تڏهن ته تون ڪجھه به نه هئين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(خدا) فرمايو ته، ائين ئي ٿيندو تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته اها ڳالھ اسان لاءِ (ڪا ڏکي نه آهي پر بلڪل) آسان آهي. (۽) تون پاڻ ڏي ته خيال ڪر جو هن کان اڳ تو کي پيدا ڪيوسين (جڏهن) تون ڪجھ به نه هئين. (سيد فرمان علي)


فرمايائين ائين ئي آهي فرمايو رب تنهنجي اهو مون لاءِ آسان آهي ۽ تحقيق پيدا ڪيو سون توکي اڳ ۾ ۽ نه هئين تون ڪا شيءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چيائين ته ائين ئي ٿيندو، تنهنجي پاليندڙ فرمايو ته اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ مون توکي هن کان اڳ پيدا ڪيو ۽ تون ڪابه شيءِ نه هئين. (مولانا محمد مدني)


الله فرمايو!: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته: ”اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ بيشڪ آءٌ هن کان اڳ تو کي پيدا ڪري چڪو آهيان ان حال ۾ جو تون ڪا شيءِ به نه هئين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، اَٿِئي اِهڙي طور سائـِين سَندئـِي فَرمائـِيو، مون تي اِهو آسان گھڻو، ۽ توکي اَڳ اَتور!، مَرد بَنايمِ مور، ۽ ڪاشئ هُئـِين ڪِين تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَ لَيالٍ سَوِيًّا (آيت : 10)

زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي لاءِ (هن ڳالهه متعلق) ڪا هڪ نشاني ٺهرائي ڇڏ. الله تعاليٰ فرمايو ته، تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته ٽي راتيون لاڱيتو نه ڳالهاءِ.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ڪا نشاني عطا ڪر. الله تعالى فرمايو تنهنجي لاءِ نشاني هيءَ آهي ته تون بنا ڪنهن سبب جي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ڳالهائي نه سگھندين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


زڪريا عرض ڪيو خداوندا! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! حڪم ٿيو، تنهن جي نشاني هي آهي ته تون برابر ٽي راتيون (۽ ڏينهن) ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. (سيد فرمان علي)


عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! مقرر ڪر مون لاءِ ڪا نشاني فرمايائين نشاني تنهنجي هيءَ آهي ته نه ڳالهائي سگهندين ماڻهن سان ٽي راتيون مسلسل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! چيائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين. (مولانا محمد مدني)


زڪريا چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“. فرمايائين: ”تنهنجي لاءِ نشاني هي آهي جو تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ساندهه ڪنهن سان ڳالهائي نه سگهندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، سانيمِ!، سَندمِ لئي، ڪرتون، ڪو انهِئ جو اُهڃاڻ، چي، آهي اُهڃ تِنهنجو ته، مُرسل! ماڻهنِ ساڻ، ڪُڇِي نه سَگھندِين پاڻ، پُورا ٽي ڏِينهن، راتيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ مِنَ المِحرابِ فَأَوحىٰ إِلَيهِم أَن سَبِّحوا بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 11)

پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هو پنهنجي قربان گاهه مان نڪتو ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ آيو. (هن زبان نه کولي) اشارن سان چيائين ته، صبح شام خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري پنهنجي قوم ڏانهن آيو پوءِ انهن کي اشارن سان چوڻ لڳو ته صبح ۽ شام تسبيح پڙهندا ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ پنهنجي قوم ڏي (عبادت جي) محراب مان (کين هدايت ڏيڻ لاءِ) نڪتو ته کين اشاري سان چيائين صبح ۽ شام (ساندھ) ان جي تسبيح (۽ تقديس) ڪندا رهو.(سيد فرمان علي)


پوءِ نڪتو قوم پنهنجيءَ ڏانهن محراب کان پوءِ اشارو ڪيائين انهن ڏانهن ته تسبيح پڙهو صبح ۽ شام .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ پنهنجي قوم ڏي محراب مان نڪتو، پوءِ اشاري سان انهن کي چيائين ته صبح ۽ شام جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (زڪريا) محراب منجھان پنهنجي قوم ڏانهن نڪتو، پوءِ انهن ڏانهن اشارو ڪيائين ته: ”توهان صبح ۽ شام (الله جي) تسبيح بيان ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ نِڪتو سَندسِ نات تي، مَنجھان مِحراب، موچارو، ڪَئـِين اُنهن کي اِشارو، ته سَنجھي، صُبح ساراهِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰيَحيىٰ خُذِ الكِتٰبَ بِقُوَّةٍ وَءاتَينٰهُ الحُكمَ صَبِيًّا (آيت : 12)

(۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جڏهن اهو پٽ ڄائو ۽ ڇوڪر ٿيو تڏهن الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته) اي يحيٰ خدا جي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان جهل (يعني ان جي حڪمن تي پورو پابند رهه). هو اڃا ننڍو ڇوڪرو ئي هو ته، اسان کيس علم عقل ۽ فضيلت ڏني.(علامه علي خان ابڙو)


اي يحييٰ تورات کي مضبوطيءَ سان وٺ، ۽ يحييٰ کي اسان ننڍپڻ ۾ نبوت(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(آخر يحيى پيدا ٿيو ته اسان کين چيو ته) اي يحيى ڪتاب (تورات) مضبوطي سان وٺ! ۽ اسان کيس ننڍ پڻ ۾ ئي حڪم (نبوت) عطا ڪئي.(سيد فرمان علي)


اي يحيى! وٺ تون ڪتاب مضبوطيءَ سان ۽ ڏنو سون ان کي حڪم ننڍيءَ عمر ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي يحييٰ! ڪتاب کي سوگهو وٺ! ۽ اسان کيس ٻالپڻ ۾ سمجهه ڏني. (مولانا محمد مدني)


(يحيٰ جي ولادت بعد چيوسين) ”اي يحى ! ڪتاب (تورات) کي مضبوطي سان وٺ“. ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ حُڪم (۽ دانائي) ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


يَحيٰى! پُوري زور سان، پَڪڙيا پاڪ ڪِتاب، ۽ نَوازيو سونسِ نَنڍڙي، سَڀڪا سُڌ ثواب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَحَنانًا مِن لَدُنّا وَزَكوٰةً وَكانَ تَقِيًّا (آيت : 13)

۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ اسان کيس دل جي نرمي ۽ نفس جي پاڪائي عطا ڪئي ۽ هو وڏو پرهيزگار هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نرم دلي ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ پاڻ پرهيزگار هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ رحم دلي ۽ پاڪيزگيءَ عطا فرمائي ۽ اهو پاڻ به پرهيزگار،(سيد فرمان علي)


۽ پاڻ وٽان شفقت ۽ پاڪيزگي ۽ هو پرهيزگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪائي ڏني سون (مولانا محمد مدني)


۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪيزگي ڏني. ۽ اُهو وڏو پرهيزگار هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ٻِي پڻ ٻاجھ پاڻ وَٽان، نِرملائـِي نواب، ۽ ڀَلو هَر ڪِنهن باب، پُورو پَرهيزگار هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبَرًّا بِوٰلِدَيهِ وَلَم يَكُن جَبّارًا عَصِيًّا (آيت : 14)

۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ماءُ پيءُ لاءِ مهربان خدمتگار هو ۽ سختي ڪندڙ نافرمان نه هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پيءُ ماءُ سان سهڻو سلوڪ ڪندڙ هو ۽ پاڻ سخت ۽ نافرمان نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو.(سيد فرمان علي)


۽ نيڪي ڪندڙ والدين پنهنجن سان ۽ نه هو سرڪش بي فرمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اهو) پرهيزگار هو. ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو. (مولانا محمد مدني)


۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪندڙ هيو ۽ هرگز سرڪش نافرمان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ موچارو مُدام، پنهنجي ماءُ پِئَ سان، نه اَرڏو ۽ اَروجھ هو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَسَلٰمٌ عَلَيهِ يَومَ وُلِدَ وَيَومَ يَموتُ وَيَومَ يُبعَثُ حَيًّا (آيت : 15)

۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي.(علامه تاج محمود امروٽي)


مٿس سلامتي هجي جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪيائين ۽ جنهن ڏينهن وري اٿاريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى جي طرفان سلام آهي يحييٰ جي ڄمڻ ۽ وصال واري ڏينهن تي ۽ ان ڏينهن جڏهن کيس اٿاريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اسان جي طرفان) مٿس هميشه سلام آهي، جنهن ڏينهن پيدا ٿيو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن (ٻيو ڀيرو) جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ سلام آهي ان تي جنهن ڏينهن ڄڻيو ويو ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندو ۽ جنهن ڏينهن اٿاريو ويندو جيئرو ڪري.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن جيئرو ڪري اٿاريو ويندس تنهن ڏينهن ۾ مٿس سَلام هجي. (مولانا محمد مدني)


۽ ان (يحى) تي سلام هجي ان جي ميلاد جي ڏينهن ۽ جنهن ڏينهن لاڏاڻو ڪندو ۽ جنهن ڏينهن زنده ڪري اُٿاريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَدا مٿسِ سَلام، جنهن ڏِينهن ڄائو ڄام، سو پڻ، وِصال ڪندو وَريام، پڻ مُئو، ۽ مَنجھان مُقام، جيئَرو جڏهن اُٿاربو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر فِى الكِتٰبِ مَريَمَ إِذِ انتَبَذَت مِن أَهلِها مَكانًا شَرقِيًّا (آيت : 16)

۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر! ماڻهن کي) هن ڪتاب ۾ (ڏنل) مريم جو معاملو بيان ڪري ٻڌاءِ. (انهيءَ وقت جو معاملو) جڏهن هوءَ هڪ مڪان (يعني جاءِ) ۾ ويئي جا اوڀر طرف هئي ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن کان جدا ٿي ويئي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان (بيبي) مريم جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو، جنهن وقت اها گھر وارن کان اڪيلي ٿي (عبادت لاءِ) هڪ جاءِ تي ويٺي جيڪا اوڀر طرف هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) قرآن ۾ مريم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. جو جڏهن اها پنهنجن ماڻهن کان پاسي، اڀرندي واري جاءِ ۾ (وهنجڻ لاءِ) وڃي ويٺي.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر ڪتاب ۾ مريم کي جڏهن اڪيلي ٿي وئي اهل پنهنجي کان اوڀر واريءَ جاءِ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪتاب ۾ مريم جي ڳالهه بيان ڪر، جڏهن اڀرندي واري جاءِ ۾ پنهنجي مائٽن کان جدا ٿي. پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪتاب (قرآن) ۾ مريم جو ذڪر ڪر. جڏهن اُها پنهنجي گهر وارن کان الڳ ٿي اوڀر واري جاءِ ۾ آئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَريم جو مَذڪُور، ڪَر ياد ڪِتاب مان، اوڀر سَندسِ اَهل کان، جڏهن نِڪتِي بِي بِي نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاتَّخَذَت مِن دونِهِم حِجابًا فَأَرسَلنا إِلَيها روحَنا فَتَمَثَّلَ لَها بَشَرًا سَوِيًّا (آيت : 17)

پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هن انهن ماڻهن جي طرف کان پردو ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو فرشتو موڪليو. اهو (فرشتو) هڪ ڀلاري نيڪ ماڻهو جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ مريم پنهنجي گھر وارن کان گوشه نشيني اختيار ڪئي. پوءِ اسان مريم ڏانهن جبريل امين موڪليو، جيڪو (سندس اڳيان) هڪ مڪمل انسان ٿي ظاهر ٿيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. ته اسان ان ڏي پنهنجو روح (جبرائيل) کي موڪليو ته اهو ان جي اڳيان سهي سالم ماڻهو جي صورت ۾ اچي بيٺو.(سيد فرمان علي)


پوءِ لڳايائين پردو پوءِ موڪليو اسان ڏانهن روح پنهنجي کي پوءِ صورت ۾ ٿيو ان جي لاءِ انسان مڪمل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان ڏي پنهنجو روح موڪليو. اهو ان جي اڳيان صحيح سالم ماڻهوءَ جي صورت ۾ آيو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين، پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو روحُ (الامين جبريل) موڪليو، پوءِ ان جي سامهون مڪمل بشري صورت ۾ ظاهر ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ پَردو ۽ پُور، ڪو آڏو وَرتئـِين اُنهن ڪَنان. پوءِ موڪليوسون مَلڪ، پَنهنجو اُنهِئَ پار، پوءِ هِڪدم ٿِيو اُن اهارِ، ماڻهؤَ جي مِثال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَت إِنّى أَعوذُ بِالرَّحمٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا (آيت : 18)

(مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ).(علامه تاج محمود امروٽي)


مريم ان کي ڏسي (گهٻرائجي ويئي ۽) چيائين ته، جيڪڏهن تون نيڪ ماڻهو آهين ته رحمان خدا جي نالي تي توکان پناهه ٿي گهران. (يعني منهنجي ويجهو نه اچ، ۽ نه وري ڪو نقصان پهچاءِ).(علامه علي خان ابڙو)


مريم چيو آئون توکان الله تعالى جي پناه گھران ٿي جيڪڏهن تون خدا جو خوف رکين ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اها ان کي ڏسي گهبرائجي وئي ۽ کيس) چيائين: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءُ تو کان خدا جي پناھ گهران ٿي. (مون کان ٽري وڃ!).(سيد فرمان علي)


چيائين ته بيشڪ مان پناهه وٺان ٿي الله کان توکان جيڪڏهن آهين تون پرهيزگار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مريم چيو ته آءُ توکان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين (ته پري ٿيءُ). (مولانا محمد مدني)


(مريم) چيو: ”آءٌ تو کان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جي تون (الله کان) ڊڄڻ وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيائين، ته آئين تو ڪنان، ٿِي پَوان، سانيمِ جي سام، توڻِي نيڪو نام، هُجِين پوتي پاڪَ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ إِنَّما أَنا۠ رَسولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا (آيت : 19)

(ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


فرشتي چيو ته، مان تنهنجي پروردگار جو موڪليل آهيان، ۽ هن لاءِ موڪليو ويو آهيان ته، توکي هڪ پاڪ فرزند (جي خوشخبري) ڏيان.(علامه علي خان ابڙو)


جبريل چيو آئون ته فقط تنهنجي رب جو موڪليل (فرشتو) آهيان. ان لاءِ ته آئون توکي پاڪيزه پٽ عطا ڪريان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(جبرائيل) چيس ته آءُ تنهنجي پالڻهار جو موڪليل (فرشتو) آهيان ته تو کي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان.(سيد فرمان علي)


چيائين ته: مان صرف قاصد رب تنهنجي جو آهيان تانته ڏيان مان توکي پٽ پاڪ صاف .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان چيو ته آءُ رڳو تنهنجي پاليندڙ جو موڪليل آهيان ته توکي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان. (مولانا محمد مدني)


(جبرئيل) چيو: ”آءٌ ته صرف تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، (ان لاءِ آيس) جو آءُ تو کي هڪ پاڪيزه پُٽ عطا ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آئون رُڳو، تُنهنجي، رَبَّ جو ريٻارو، تان نينگر موچارو، بِيبِي توکي بَخشيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَت أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ وَلَم أَكُ بَغِيًّا (آيت : 20)

(مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


مريم فرمايو ته، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو مون کي پٽ ٿئي، جڏهن ته مون کي ڪنهن به مرد هٿ نه لاتو آهي، ۽ نه وري بدچال آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


ان (بيبي صاحبه) چيو ته مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو؟ حالانڪ مون کي ڪنهن انسان هٿ نه لاٿو ۽ نه آئون بدڪار آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مريم) چيس ته مون کي ڇوڪرو ڪئين ٿيندو! هوڏانهن مون کي ڪنهن (مرد) آدمي هٿ به لاتو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان.(سيد فرمان علي)


چيائين ڪهڙي طرح ٿيندو مون کي پٽ ۽ نه هٿ لڳايو مونکي ڪنهن انسان ۽ ناهيان مان بدڪردار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


مريم چيو ته مون کي ڇوڪرو ڪيئن ٿيندو ۽ مون کي ڪنهن ماڻهوءَ به هٿ نه لاتو آهي ۽ نه آءُ زناڪار آهيان. (مولانا محمد مدني)


(مريم) چيو: ”مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو ۽ نه ته مون کي ڪنهن ماڻهو ڇُهيو آهي ۽ نه ئي آءُ ڪا بدڪار عورت آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيائين، ته ڪِهڙي چال، مُون کي پُٽ پيدا ٿِئي؟ ۽ مون کي نه ڇُو تو مُورهِين، ڪِنهن بَني بشر بَحال، ۽ نه آئون زانياڻِي زال، اَصل ڪنان آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَلِنَجعَلَهُ ءايَةً لِلنّاسِ وَرَحمَةً مِنّا وَكانَ أَمرًا مَقضِيًّا (آيت : 21)

(ملائڪ) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو ته اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) ته ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم ٺھرايل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


فرشتي چيو ته، ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پروردگار فرمايو آهي ته، اهو ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو ناهي (هو فرمائي ٿو) ته هي انهيءَ لاءِ ٿيندو ته ان (پٽ يعني حضرت عيسيٰ) کي ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني بنايان ۽ منهنجي رحمت جو ان ۾ ظهور ٿئي ۽ هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ٿيڻ جو حڪم ٿي چڪو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


جبريل چيو واقعي ايئن آهي، پر تنهنجو رب فرمائي ٿو ته ايئن ڪرڻ منهنجي لاءِ نهايت آسان آهي، ۽ آئون ايئن ان لاءِ ڪريان ٿو ته اهو ماڻهن لاءِ نشاني ٿِئي ۽ اسان وٽان رحمت ٿئي. ۽ اهو ڪم ايئن ٿيڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(جبرائيل) چيو ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته اها ڳالھ (سواءِ پيءُ جي ٻار پيدا ڪرڻ) مون تي اسان آهي ته جيئن ان کي (پيدا ڪري) ماڻهن لاءِ پنهنجي (قدرت جي) هڪ نشاني مقرر ڪري ۽ خاص رحمت (جو ذريعو) ڪريان. ۽ اها ڳالھ طي ٿيل آهي.(سيد فرمان علي)


چيائين ته اهڙي طرح فرمايو رب تنهنجي اهو مون تي آسان آهي ۽ تانته بنايون اسين ان کي نشاني ماڻهن جي لاءِ ۽ رحمت پنهنجي طرفان ۽ هو فيصلو تقدير ۾ ٿيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان چيو ته ائين ئي ٿيندو تنهنجي پاليندڙ فرمايو ته اهو ڪم مون تي آسان آهي، ۽ هن لاءِ ته اسين ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني ۽ پنهنجي طرفان رحمت ڪريون. ۽ (اهو) هڪ فيصلو ٿيل ڪم آهي. (مولانا محمد مدني)


(جبريل) چيو: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته: ”اِهو (ڪم) مون تي آسان آهي ۽ هِن لاءِ ته اسان ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنايون ۽ پاڻ وٽان رحمت بنايون ۽ هي حڪم (اڳ ۾) فيصلو ٿيل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آهي اِهڙِي چال، تُنهنجي پَرور پان چَيو، ته مُون کي سَولو سو گھڻو، قُدرت ساڻ ڪمال، ۽ ڪَريونسِ ماڻهن لئي، مُورهين نِشاني نِهال، ۽ سَندسِ ڀال بَحال، ۽ هو حُڪم ٿِيل حُضور مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَحَمَلَتهُ فَانتَبَذَت بِهِ مَكانًا قَصِيًّا (آيت : 22)

پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پرڀري ھنڌ الڳ ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ان (پيدا ٿيڻ واري پٽ حضرت عيسيٰ) جو حمل ٿيس، هوءَ (پنهنجي اها حالت لڪائڻ لاءِ) ماڻهن کان جدا ٿي پري هلي وئي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (حضرت) عيسيٰ پنهنجي والده جي پيٽ ۾ ٿيو، پوءِ پاڻ پنهنجي گھر جي خالي حصي ۾ وڃي ويٺي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب ته (پٽ) سان اها پنهنجو پاڻ حامله ٿي پئي. پوءِ ان سبب ڪري ماڻهن کان پر ڀري جدا رهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ حاملہ ٿي ان (پٽ) سان پوءِ جدا ٿي ان حمل سان جاءِ پرانهينءَ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان پيٽ ۾ ٻار رکيو پوءِ ان (حمل) ڪري پر ڀري مڪان ۾ جدا رهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (مريم) ان کي پيٽ ۾ کنيو (يعني حمل وارِي ٿي) ۽ ان حمل کي کڻي هڪ پَــرَ ڀَرِي جاءِ ڏانهن هلي وئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ کَنيائـِين باسو، پوءِ ٿيئـِي اُن سان ڌار، ڪِنهن اڳاهِين آسَن مَٿي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَجاءَهَا المَخاضُ إِلىٰ جِذعِ النَّخلَةِ قالَت يٰلَيتَنى مِتُّ قَبلَ هٰذا وَكُنتُ نَسيًا مَنسِيًّا (آيت : 23)

پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين ته جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا (ته چڱو ھو).(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ويم جي سورن جي ايذاءَ کان کجور جي هڪ وڻ جي هيٺان ويئي. (۽ ان جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي) ۽ چيائين ته، ڪهڙو نه چڱي ٿئي ها جيڪڏهن مان هن کان اڳي مري وڃان ها ۽ ماڻهو منهنجي هستي بلڪل وساري ڇڏين ها.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان کي ٻار ڄڻڻ جا سور سڪل کجي جي ٿڙ ڏانهن وٺي آيا. (بيبي) مريم چيو ڪاش آئون ان کان اڳ مري وڃان ها ۽ منهنجو ڪو ذڪر ئي نه هجي ها(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(پوءِ جڏهن ويم جو وقت ويجهو آيو) ته کيس ويم جي سور (هڪ سڪل) کجي جي ٿڙ ڏي نيو. ۽ (لاچار ٿي شرم کان) چوڻ لڳي ته جيڪر ان کان اڳ مران ها ۽ ڀلايل وسري ويل هجان ها.(سيد فرمان علي)


پوءِ آندو ان کي ٻار جي ڄڻڻ واري سور کجيءَ جي ٿڙ ڏانهن چيائين اي ڪاش مان! مري وڃان ها اڳ هن کان ۽ هجان ها مان صفا وساريل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کي ويم جي سور کجيءَ جي ٿڙ ڏي نيو. چيائين ته جيڪر هن کان اڳ مران ها ۽ ڀُلايل وسري ويل هجان ها. پوءِ ان کي سندس پيرانديءَ کان اُن (ٻار) سڏيو ته غم نه ڪر! (مولانا محمد مدني)


پوءِ ويم جي سور ان کي هڪ کجيءَ جي ٿڙ ڏانهن آندو، (سُور سبب) چوڻ لڳي: ”هائو جي آءٌ اڳ مري وڃان ها ۽ ڀُلايل وِساريل هجان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سُورن لَڌيَسِ سار، پوءِ هِڪدم آندو اُن کي، پاڙ کجِئَ جي پار، هُوند! مُيسِ مَهندئـِين، ٻوليائـِين ٻِيهار، ۽ هُجان ها هَموار، وِسِريل، وِساريل توڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَنادىٰها مِن تَحتِها أَلّا تَحزَنى قَد جَعَلَ رَبُّكِ تَحتَكِ سَرِيًّا (آيت : 24)

پوءِ کيس ملائڪ ھيٺين طرف کان سڏ ڪيو ته ڏک نه ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ان وقت (هڪ فرشتي) کيس هيٺئين طرف کان پڪاري چيو ته، غم نه ڪر، تنهنجي پروردگار تنهنجي بطن (پيٽ مبارڪ) ۾ هڪ وڏي هستي پيدا ڪري ڇڏي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ان کي هيٺائين کان جبريل امين پڪاريو ته تون ڏک نه ڪر، تحقيق تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪ نهر جاري ڪئي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهن (جبرائيل، کيس پيراندي کان آواز ڏنو ته غم نه ڪر! تنهنجي رب تنهنجي (ڀرسان) هيٺ هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي. (سيد فرمان علي)


پوءِ سڏيائين ان کي هيٺئين پاسي ان جي کان ته نه غمگين ٿي تحقيق ڪئي آهي تنهنجي رب تنهنجي هيٺئين پاسي کان نهر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کي پيراندي جي پاسي کان ان (ملائڪ) آواز ڏنو ته: ”غم نه ڪر بيشڪ تنهنجي پالڻهار تنهنجي هيٺان هڪ چشمو جاري ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سَڏيائـِينسِ، سَندسِ هيٺ کان، ته دَم نه دونکو ڌار، توهيٺان، رَبُّ تُنهنجي، تَلاءُ ڪيو تيار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَهُزّى إِلَيكِ بِجِذعِ النَّخلَةِ تُسٰقِط عَلَيكِ رُطَبًا جَنِيًّا (آيت : 25)

۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تون کجور جي وڻ جو ٿڙ هٿن ۾ جهلي پنهنجي طرف لوڏو ڏي، ته تازن ۽ پڪل کارڪن جا ڇڳا توتي ڪرڻ لڳندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ کجور جي ٿڙ کي پاڻ ڏانهن جھلي ڌُوڻِ، ان مان تو ڏانهن تازي پڪل کجور ڪرندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ کجي جي ٿر کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته تو تي تازيون پڪيون خارڪون ڪرنديون. (سيد فرمان علي)


۽ ڌوڻ ڏي پاڻ ڏانهن ٿڙ کجيءَ جي کي ته ڪيرائيندو توتي تازي پڪل کجور .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڪيرائي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون کجيءَ جي ٿُڙَ کي پاڻ ڏانهن ڌُوڻِ ته تو تي تازيون پڪل کجورون ڪيرائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


کِينچ کَجِئَ جي پار کي، تون مريم! پَنهنجي پار، ته تازا، تَر تڪرار، ڇاڻٖي ڇُوهارا تو مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكُلى وَاشرَبى وَقَرّى عَينًا فَإِمّا تَرَيِنَّ مِنَ البَشَرِ أَحَدًا فَقولى إِنّى نَذَرتُ لِلرَّحمٰنِ صَومًا فَلَن أُكَلِّمَ اليَومَ إِنسِيًّا (آيت : 26)

پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ کاءُ پيءُ، (پنهنجي فرزند ڏسي) پنهنجون اکيون ٺار (۽ سڀ غم وهم وساري ڇڏ) پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏسين (جو توکان ڪجهه پڇي ته، کيس اشاري سان) چئي ڏي ته، مان رحمان خدا جي حضور ۾ روزي رکڻ جو نذر باسيو آهي. تنهن ڪري مان اڄ ڪنهن به ماڻهو سان ڳالهه ٻولهه نه ڪنديس.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ تون کاءُ ۽ پيءُ ۽ پاڻ کي خوش ڪر، پوءِ جيڪڏهن تون ڪنهن ماڻهو کي ڏسين ته پوءِ ان کي چئو ته بيشڪ مون الله لاءِ خاموش رهڻ جو نذر ڪيو آهي، پوءِ آئون اڄ ڪنهن ماڻهو سان هرگز ڪين ڳالهائيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ کاءُ ۽ پيءُ (ٻار ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر پوءِ ماڻهن مان جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسين ۽ (اهو تو کان ڪجھ پڇي) ته تون (اشاري سان) چئجانءِ ته مون خدا ڪارڻ روزو باسيو هو سو آءُ اڄ ڪنهن به ماڻهو سان نه ڳالهائينديس.(سيد فرمان علي)


پوءِ کاءُ تون ۽ پيءُ تون ۽ ٺار اک پوءِ جيڪڏهن ڏسين تون انسانن مان ڪنهن هڪ کي پوءِ چؤ تون ته بيشڪ مون نذر ڪيو آهي الله جي لاءِ ماٺ ۾ رهڻ پوءِ هرگز نه ڳالهائينديس مان اڄ ڪنهن انسان سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ اکيون ٿڌيون ڪر. پوءِ جيڪڏهن ماڻهن مان ڪنهن کي ڏسين ته چئو ته مون وڏي مهربان (الله) جي واسطي روزو باسيو آهي سو آءُ اڄ ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه ڳالهائينديس. (مولانا محمد مدني)


پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ (حسين ٻچي کي ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر، ۽ پوءِ جي تون ماڻهن مان ڪو ڏسين ته پوءِ (اشاري سان) چؤ ته مون وڏي مهربان (الله) لاءِ (چُپِ جي) روزي جي باس باسي آهي سو اڄ آءٌ ڪنهن به انسان سان نه ڳالهائينديس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ کاءُ ۽ پِي، ۽ ٺارتون، سَندا نيڻنِ نار، پوءِ، جي ڏِسِين، ماڻهن مان ڪو هِڪ، ته ٻول ٻِيهار، ته سچ پَچ روزو مون رکيو، سَندمِ سائـِين هارِ، ته نه ڪُڇنديَس برقرار، اَڄ ڪِنهن اِنسان سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَتَت بِهِ قَومَها تَحمِلُهُ قالوا يٰمَريَمُ لَقَد جِئتِ شَيـًٔا فَرِيًّا (آيت : 27)

پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (ڇا ٿيو جو) هوءَ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان کڻي پنهنجي ماڻهن وٽ آئي ۽ پٽ سندس هنج ۾ هو. ماڻهن (ڏسندي ئي) چئي ڏنو ته، اي مريم! تو ته تمام حيران ڪندڙ ڳالهه ڪري ڏيکاري آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ عيسيٰ کي کڻي مريم پنهنجي قوم وٽ آئي، قوم وارن چيو اي مريم بيشڪ تو تمام خراب ڪم ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (مريم) ان ٻار کي پنهنجي قوم وٽ کڻي آئي. انهن ماڻهن (ٻار کي ڏسي) چيو ته اي مريم تو ته پڪ هي تمام بڇڙو ڪم ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ آندائين ان کي پنهنجي قوم وٽ کڻي ان کي چيائون ته اي مريم! البته تحقيق آندي تو شيءِ خراب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کي پنهنجي قوم وٽ کڻي آئي. انهن چيو ته اي مريم! تو بڇڙو ڪم ڪيو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان (عيسى) کي کڻي پنهنجي قوم وٽ آئي. چيائون: ”اي مريم! پڪ سان تون وڏو پاپُ ڪري کــڻي آئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آندئـِين پَنهن جي پَهر ۾، ٻَکڻ کڻي سو ٻار، چي، مريم موچار! آندِئي اَپرِي ڳالھ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأُختَ هٰرونَ ما كانَ أَبوكِ امرَأَ سَوءٍ وَما كانَت أُمُّكِ بَغِيًّا (آيت : 28)

اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي هارون جي ڀيڻ! نڪي تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو هو، نڪي تنهنجي ماءُ بدچال هئي، (تو هي ڇا ڪري ڇڏيو؟)(علامه علي خان ابڙو)


اي هارون جي ڀيڻ، تنهنجو پيءُ خراب ماڻهو نه هو ۽ نه تنهنجي ماءُ بدڪار هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي هارون جي ڀيڻ نه تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو هو، ۽ نه تنهنجي ماءُ (ئي) بدڪار هئي. (هي تو ڇا ڪيو).(سيد فرمان علي)


اي ڀيڻ هارون جي! نه هو پيءُ تنهنجو مرد برائيءَ وارو ۽ نه هئي ماءُ تنهنجي بدڪار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي هارون جي ڀيڻ! تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو نه هو، ۽ نه تنهنجي ماءُ زناڪار هئي. (مولانا محمد مدني)


اي هارون جي ڀيڻ! نه تنهنجو پيءُ برو ماڻهو هيو ۽ نه تنهنجي ماءُ بدڪار هئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اي همشيران هارون جي! نه بابهِين هو بَدڪار، ۽ نه تُنهنجِي ماءُ تَڪرار، ڪا هُئـِي، ڪَمِينٖي ڪم مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَأَشارَت إِلَيهِ قالوا كَيفَ نُكَلِّمُ مَن كانَ فِى المَهدِ صَبِيًّا (آيت : 29)

پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن تي حضرت مريم پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪيو (ته هو اوهان کي ٻڌائيندو ته، حقيقت ڇا آهي؟) ماڻهن چيو ته، ڀلا هن سان ڪيئن ڳالهايون، جو اڃا هنج ۾ ويهندڙ ٻار آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (بيبي) مريم عيسيٰ ڏانهن اشارو ڪيو، قوم وارن چيو اسين ان معصوم ٻار سان ڪيئن ڳالهايون جيڪو پينگھي ۾ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته مريم ان ٻار ڏي اشارو ڪيو (ته جيڪي پڇڻو هجيو ته هن کان پڇو) انهن چيو (ڀلا اسين هنج جي ٻار سان ڪئين ڳالهايون؟(سيد فرمان علي)


پوءِ اشارو ڪيائين ان ڏانهن چيائون ته ڪيئن ڳالهايون ان سان جيڪو آهي پينگهي ۾ ٻار؟ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان (ٻار) ڏي اشارو ڪيائين.انهن چيو ته جيڪو پنهنجي پينگهي ۾ ٻار آهي تنهن سان ڪيئن ڳالهائينداسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (مريم) ان (ٻار) ڏانهن اشارو ڪيو. چيائون: ”اُن سان ڪيئن ڳالهائينداسين جيڪو گود ۾ پيل هڪ ٻار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڏِنئـِين اِشارو اُن ڏي، چيائون اِهڙي چال، هِي لوڏڻ ۾ لال، تِنهن سان، ڳالھ ڇا ڳالهايون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ إِنّى عَبدُ اللَّهِ ءاتىٰنِىَ الكِتٰبَ وَجَعَلَنى نَبِيًّا (آيت : 30)

(عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(پر) هن چئي ڏنو ته مان الله جو ٻانهو آهيان. هن مون کي ڪتاب ڏنو آهي. ۽ (مونکي) نبي بنايو اٿس.(علامه علي خان ابڙو)


ٻار (حضرت عيسيٰ) فرمايو بيشڪ آئون الله جو ٻانهو آهيان، الله تعالى مون کي ڪتاب عطا ڪيو ۽ مون کي نبي بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(تنهن تي ان ٻار خدا جي قدرت سان) چيو ته آءُ خدا جو عبد آهيان. مون کي ڪتاب (انجيل) ڏنو اٿس، ۽ مون کي نبي ڪيو اٿس.(سيد فرمان علي)


چيائين ته بلاشڪ مان ٻانهو الله جو آهيان ڏنائين مون کي ڪتاب ۽ بنايائين مون کي نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ٻار چيو ته آءُ الله جو ٻانهو آهيان. مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي نبي ڪيو اٿس. (مولانا محمد مدني)


(ٻار) چيو: ”بيشڪ آءٌ الله جو ٻانهو آهيان، ان مون کي ڪتاب عطا ڪيو آهي ۽ مون کي نبيءُ بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


تڏهن، ٻوليو ٻار، ته آئون بَندو الله جو، ڪِتاب ڏِنمِ ڪَلتار، پڻ مُرسل ڪيائـِيمِ مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجَعَلَنى مُبارَكًا أَينَ ما كُنتُ وَأَوصٰنى بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ ما دُمتُ حَيًّا (آيت : 31)

۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هن مون کي برڪتن وارو ڪيو آهي، جتي به مان هجان، هن مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏنو آهي، ته جيستائين جيئرو رهان تيستائين اهي ڪم ادا ڪندو رهان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مون کي مبارڪ ڪيو اٿس جتي به آئون هجان ۽ الله تعالى مون کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم فرمايو آهي جيستائين آئون زنده آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جتي به آءُ هجان اتي مون کي برڪت وارو ڪيو اٿس، جيستائين آءُ جيئرو آهيان تيستائين مون کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.(سيد فرمان علي)


۽ بنايائين مونکي برڪت وارو جتي به هجان ۽ تاڪيد ڪيائين مون کي نماز جو ۽ زڪواة جو جيسيتائين آهيان مان جيئرو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جتي به آءُ هجان اتي مون کي برڪت وارو ڪيو اٿس ۽ جيستائين آءُ جيئرو آهيان تيستائين مون کي نماز ۽ زڪوات جو تاڪيد ڪيو اٿس. (مولانا محمد مدني)


۽ مون کي برڪت وارو بنايائين آءٌ جتي به هجان ۽ ان مون کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏنو آهي جيستائين آءٌ جيئرو رهان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَنائـيَنمِ بَرڪت ڀَريو، جِھڙي به هَنڌ هُجان، ۽ آڇئيَنمِ اَمر نِماز جو، پن زَڪواة مال مَنجھان، آئون آهيان جان، جِيئَرو هِن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَبَرًّا بِوٰلِدَتى وَلَم يَجعَلنى جَبّارًا شَقِيًّا (آيت : 32)

۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن (الله) مون کي پنهنجي ماءُ لاءِ مهربان خدمتگار ڪيو آهي ۽ سرڪش ۽ نافرمان ڪونه ڪيو اٿس.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مون کي ماءُ سان نيڪيءَ جو حڪم ڪيو اٿس ۽ مون کي سخت ۽ نافرمان نه ڪيو اٿس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مون کي منهنجي ماءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو (ڪيو اٿس) ۽ (الحمد لله جو) مون کي سرڪش بدبخت نه ڪيو اٿس.(سيد فرمان علي)


۽ نيڪي ڪندڙ ماءُ پنهنجي سان ۽ نه بنايائين مون کي سخت طبيعت وارو بدبخت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (مونکي) پنهنجي ماءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو (ڪيو اٿس) ۽ مون کي سرڪش بدبخت نه ڪيو اٿس. (مولانا محمد مدني)


۽ (مون کي) پنهنجي جيجل سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ وارو (بنايائين) ۽ ان مون کي سرڪش بدبخت نه بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ موچارو سَندمِ ماءُ سان؛ پڻ مون نه ڪيائـِين مُور، سَرڪَش، سِر جو سُور، نِڀاڳو نادان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالسَّلٰمُ عَلَىَّ يَومَ وُلِدتُ وَيَومَ أَموتُ وَيَومَ أُبعَثُ حَيًّا (آيت : 33)

۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مون تي سندس طرف کان سلامتيءَ جو پيغام آهي، (مون تي سلامتي هجي) جنهن ڏينهن ڄائيس، جنهن ڏينهن مرندس ۽ جنهن ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندس.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى جي طرفان مون تي سلام آهي ان ڏينهن جڏهن منهنجي ولادت ٿي ۽ وفات ٿيندي ۽ جنهن ڏينهن آئون زنده ڪري اٿاريو ويندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پڻ (خدا جي طرفان) جنهن ڏينهن آءُ ڄايس ۽ جنهن ڏينهن آءُ مرندس مون تي سلام آهي ۽ جنهن ڏينهن مون کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ سلام آهي مون تي جنهن ڏينهن ولادت ڏنو ويس مان ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندس ۽ جنهن ڏينهن اٿاريو ويندس جيئرو ڪري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن آءُ ڄائس ۽ جنهن ڏينهن مرندس ۽ جنهن ڏينهن مون کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تن ڏينهن ۾ مون تي سلام هجي. (مولانا محمد مدني)


۽ مون تي سلام هجي جنهن ڏينهن منهنجو ميلاد ٿيو ۽ جنهن ڏينهن آءٌ لاڏاڻو ڪندس ۽ جنهن ڏينهن مون کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مون تي سَدا سَلام، ڄايَسِ جنهن ڏينهن ۾، يا مَرندسِ جنهن مَهل ۾، ۽ مَنجھان ماڳ مَقام، اَمر ساڻ عَلام، جِيئَرو جڏهن اَٿار جان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ذٰلِكَ عيسَى ابنُ مَريَمَ قَولَ الحَقِّ الَّذى فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 34)

اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو آهي مريم جي پٽ عيسيٰ (جو احوال). سچي ڳالهه اها ئي آهي جنهن بابت ماڻهو (عيسائي ۽ يهودي هيترا) اختلاف ڪرڻ لڳا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهو عيسيٰ پٽ مريم جو آهي، سچي ڳالهه اها آهي جنهن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اها آهي مريم جي پٽ عيسى جي بلڪل سچي ڳالھ جنهن بابت اهي ماڻهو (ناحق) شڪ ڪن ٿا. (سيد فرمان علي)


اهو عيسى بن مريم آهي سچي ڳالهه اها جو ان ۾ شڪ ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو عيسيٰ، مريم جو پٽ آهي. (اها) سچي ڳالهه آهي جنهن ۾ اهي شڪ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


اهو مريم جو پٽ عيسى آهي، (اِها سندس باري ۾) سچي ڳالهه آهي جنهن ۾ اُهي شڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هرگز آهي هِي، عِيسٰى پُٽ مريم جو، سَچو قَول صَحِي، جِنهن ۾ ٿِيَنِ شَڪ شِڪار جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ما كانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ سُبحٰنَهُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 35)

الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله جي لاءِ هيءَ ڳالهه (هرگز مناسب) ٿي نٿي سگهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بنائي. پاڪائي هجي ۽ آهي ان (پاڪ خدا) لاءِ (هو ڪيئن اهڙو مجبور ٿي سگهي ٿو جو ڪنهن فاني هستيءَ کي پنهنجو پٽ بڻائي). سندس شان هي آهي ته جڏهن ڪوبه ڪم ڪرڻ جو فيصلو ٿو ڪري ته رڳو حڪم ٿو ڪري ته ٿي پؤ! ته بس ٿي ٿو پوي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى کي لائق ناهي جو ڪنهن کي اولاد بنائي، الله پاڪ آهي، جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪندو آهي ته فقط چوندو آهي ته ٿيءُ پوءِ فوراً اهو ٿي پوندو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڪنهن به ريت اهو خدا جي لائق نه آهي ته (اهو ڪنهن کي) پٽ بڻائي اهو پاڪ پاڪيزه آهي جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ٿي! اهو ٿي پويٿو.(سيد فرمان علي)


ناهي الله لاءِ (مناسب) ته ٺاهي اولاد (پنهنجي لاءِ) پاڪائي آهي ان جي لاءِ جڏهن ارادو ٿو ڪري ڪنهن امر جو پوءِ بيشڪ فرمائي ٿو ان جي لاءِ ٿي پؤ پوءِ ٿي پوي ٿو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله جو هيءُ ڪم نه آهي ته ڪو اولاد ڪري وٺي. اهو پاڪ آهي. جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو. (مولانا محمد مدني)


اهو الله جي شان جي لائق ناهي جو (ڪنهن کي ) پُٽ بنائي اُهو (ان کان) پاڪ آهي. جڏهن اهو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو پوءِ ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ پؤُ “ ته اهو ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِي نه اَلله جي شان وَٽان، ته بيٽو ڪِنهن به بَناءِ، پَڪ پاڪائـِي اُن کي، سَڀ ڪِنهن طرح سُهاءِ، جڏهن، ڪِنهن جي جوڙڻ جو، فيصلو فَرماءِ، تِنهن کي حُڪم هَلائي، “ٿي” ته پوءِ ٿِي پَوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 36)

۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (حضرت عيسيٰ جي پڪار هيءَ هوندي هئي) بيشڪ الله ئي منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي. بس انهيءَ ئي جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪيو. اهوئي (سچائي جو) سڌو رستو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ الله تعالى منهنجو ۽ توهان جو رب آهي پوءِ توهان ان جي عبادت ڪريو، هيءُ سنئون سڌو رستو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا منهنجو (به) پالڻهار آهي ۽ توهان جو به، ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو، اها ئي (توحيد) سڌو رستو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ بيشڪ الله رب منهنجو ۽ رب اوهان جو آهي پوءِ ان جي عبادت ڪريو هيءَ واٽ سڌي آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ الله منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي پوءِ ان جي عبادت ڪريو. (مولانا محمد مدني)


۽ (عيسيٰ چيو هيو ته:)” بيشڪ الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ توهان جو (به) پالڻهار آهي سو اوهان سندس عبادت ڪيو. هيءُ سڌو رستو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَلله مُون ۽ اَوهان جو، سائـِين هيڪ صَحِي، پوءِ پُوڄِيو کيس پَهِي، وَهِين اِهائـِي واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن مَشهَدِ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 37)

پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان خرابي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر وري کانئس پوءِ مختلف فرقا پاڻ ۾ اختلاف ڪرڻ لڳا. سو جن ماڻهن حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي حالت تي افسوس آهي، انهيءَ ڏينهن جي نظاري تي افسوس جو (اچڻ وارو آهي ۽ جو) ڏاڍو سخت ڏينهن ٿيندو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ گروهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ قيامت جي ڏينهن ڪافرن لاءِ ويل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(۽ اهو دين عيسى آندو هو) پوءِ (ڪافرن جي) جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي (خدا وٽ) وڏي خرابي آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ اختلاف ڪيو جماعتن پاڻ ۾ پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو حاضر ٿيڻ ڏينهن وڏي جي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هيءُ سڌو رستو آهي. پوءِ جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي ڏينهن جي اچڻ تي وڏي خرابي آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ فِرقن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ٽوليون ٽَرڪيون پاڻ ۾، ڌَرم بنائي ڌار، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، هئي هئي! تِنين هارِ، ڏاڍي وَڏي ڏِينهن جي، حاضرِي کان هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَسمِع بِهِم وَأَبصِر يَومَ يَأتونَنا لٰكِنِ الظّٰلِمونَ اليَومَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 38)

جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نه چڱو ٻڌندا ۽ ڪھڙو نه چڱو ڏسندا پر ظالم اڄ پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جنهن ڏينهن اهي اسان جي حضور ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سندن ڪن ڪهڙا نه چٽو ٻڌندڙ ۽ سندن اکيون ڪهڙيون نه چٽو ڏسندڙ هونديون. پر اڄوڪي ڏينهن ظالمن جو ڪهڙو حال هوندو؟ ظاهر ظهور گمراهي ۾ (تباه حال) هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان انهن کي (قيامت جا احوال) ٻڌايو ۽ ڏيکاريو ان ڏينهن (اهي) اسان وٽ ايندا مگر اڄ اهي ظالم صاف گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندا تنهن ڏينهن ڪهڙا نه چڱا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿيندا! پر اڄ ته نافرمان ماڻهو ظاهر گمراهي ۾ آهن.(سيد فرمان علي)


ڪهڙا نه ٻڌندڙ هوندا اهي ۽ ڏسندڙ ان ڏينهن جو ايندا اسان وٽ پر ظالم اڄ کليءَ گمراهيءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندا تنهن ڏينهن ڪهڙا نه چڱا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿيندا! پر ظالم اڄ ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن (مولانا محمد مدني)


ڇا خوب ڏسندڙ هوندا ۽ ڇا خوب ٻڌندڙ هوندا ! ان ڏينهن جنهن ۾ اسان وٽ حاضر ٿيندا پر ظالم ماڻهو اڄ کُلي گمراهي ۾ (پِــيَـــــلَ) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَنِين سَرها ڪيترو، پڻ ڏِسندڙ تِکا تَڪرار، اَسان وَٽ اَچن، جِنهن ڏِينهن ۾، پر ظالم زِيانڪار، وَرتل آهِن هِن وار، بِلڪُل پَڌرِئَ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَنذِرهُم يَومَ الحَسرَةِ إِذ قُضِىَ الأَمرُ وَهُم فى غَفلَةٍ وَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 39)

۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) کين انهيءَ (اچڻ واري) ڏينهن بابت به خبردار ڪري ڇڏ، جو وڏو پڇتائڻ وارو ڏينهن ٿيندو جڏهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي ويندو. هاڻي ته هي ماڻهو غفلت ۾ پئجي ويا آهن ۽ (هن ڳالهه تي) ايمان آڻڻ وارا ناهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان انهن کي قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو جڏهن فيصلو ڪيو ويندو ۽ اهي غفلت ۾ هوندا ۽ اهي ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تون کين پشيمانيءَ (۽ افسوس) جي ڏينهن کان ڊيڄار جنهن ڏينهن قطعي فيصلو ڪيو ويندو. ۽ (هاڻي ته) هي ماڻهو غفلت ۾ (پيا) آهن ۽ ايمان نٿا آڻن.(سيد فرمان علي)


۽ ڊيڄار انهن کي پشميانيءَ جي ڏينهن کان جڏهن فيصلو ڪيو ويندو امر ۽ اهي غفلت ۾ آهن ۽ اهي ايمان نٿا آڻين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ تون کين پشيمانيءَ جي ڏينهن کان ڊيڄار جنهن ڏينهن ڪم پورو ڪيو ويندو هوڏانهن (هن وقت) اهي غفلت ۾ آهن ۽ اهي ايمان نه ٿا آڻين. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن کي ڊيڄار حسرت (۽ پشيماني) واري ڏينهن کان، جڏهن (هر) ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويندو. مگر اُهي غفلت ۾ آهن ۽ اُهي ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڊِڄارئـِينِ اُنهِئَ ڏِينهن کان، جو آھِ سَندو اَرمان، جنهن ڏِينهن ڪم پورو ٿِيو، ۽ مَنڊيو وِيو مِيزان، ۽ هِي غَفلت مَنجھ غَلطان، ۽ هِي مَڃِين نَه مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنّا نَحنُ نَرِثُ الأَرضَ وَمَن عَلَيها وَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 40)

بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھنجا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان ئي (آخر) زمين جا وارث ٿينداسين ۽ انهن سڀني ماڻهن جا به جيڪي زمين تي رهندڙ آهن ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ زمين ۽ جيڪي شيون زمين تي آهن انهن جا مالڪ اسين آهيون ۽ اهي اسان ڏانهن موٽايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اسين (هڪ ڏينهن) زمين ۽ جيڪي مٿس آهي (تنهن جا) اسان ئي وارث ٿينداسون (۽ سڀ فنا ٿيندو) ۽ سڀني کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. (سيد فرمان علي)


بيشڪ اسين ئي پورو اختيار رکون ٿا زمين تي ۽ انهن تي جيڪي ان تي آهن ۽ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آهن تن جا وارث ٿينداسون، ۽ اسان ڏي ئي کين موٽايو ويندو، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اسان زمين جا ۽ جيڪي ان مٿان آهن تن جا وارث آهيون ۽ (سڀ) اسان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَسين وارِث آهيون، ڀُون جا برابر، پڻ جيڪِي آهن اُن مٿي، ساڪِن سراسر، ۽ اَسان ڏي آخِر، مِڙيئي موٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِبرٰهيمَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 41)

۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت ابراهيم جو ذڪر (بيان) ڪر، يقيناً هو سچو هو، ۽ الله تعاليٰ جو نبي هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) ابراهيم جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو.(سيد فرمان علي)


ياد ڪر ڪتاب ۾ ابراهيم کي بيشڪ اهو هو سچو نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪتاب ۾ ابراهيم جي ڳالهه بيان ڪر. بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي ڳالهه بيان ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪَر تون مَنجھ ڪِتاب، ياد اِبراهِيم کي، جو سَچو بَرصواب، نَبِي نيڪ نواب هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِذ قالَ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ لِمَ تَعبُدُ ما لا يَسمَعُ وَلا يُبصِرُ وَلا يُغنى عَنكَ شَيـًٔا (آيت : 42)

جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ وقت جو ذڪر ڪر) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا بابا! تون ڇو ٿو اهڙيءَ شيءِ جي پوڄا ڪرين جا نڪي ٻڌي ٿي، نڪي ڏسي ٿي ۽ نڪي توکي ڪنهن ڪم اچي ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


جنهن وقت (حضرت ابراهيم) پنهنجي چاچي کي چيو ته تون ان (بت) جي عبادت ڇو ٿو ڪرين جيڪو نه ٻڌي ٿو ۽ نه ڏسي ٿو ۽ نه ڪا شيءِ توکان دفع ڪري سگھي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن ان، پنهنجي (چاچي ۽ رسمي) پيءُ کي چيو هو ته اي ابا! جا شيءِ (بت) نه ٻڌي ٿو ۽ نه ڏسي ٿو ۽ اهو تو کي ڪجھ به ڪم نه ايندو تنهن کي تون ڇو ٿو پوڄين؟(سيد فرمان علي)


جڏهن چيائين پنهنجي پيءُ (چاچي) کي اي پيءُ منهنجا! ڇو ٿو عبادت ڪرين ان جي جيڪو نٿو ٻڌي ۽ نٿو ڏسي ۽ نه فائدو ڏيندو توکي ڪجهه .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن وقت پنهنجي پيءُ کي چيائين ته اي منهنجا ابا! جا شيءِ نه ٻڌي ٿي ۽ نه ڏسي ٿي ۽ اها توکي ڪجهه به ڪم نه ايندي تنهن کي تون ڇو ٿو پوڄين. (مولانا محمد مدني)


جنهن وقت پنهنجي پيءُ کي چيائين: ”اي منهنجا بابا! تون انهن (بتن) جي پوڄا ڇو ٿو ڪرين جي نه ٻُڌن ٿا ۽ نه ڏسن ٿا! ۽ نه توکي ڪنهن (ايذائيندڙ) شيءِ کان بچائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن، چيائين ته بابا مُنهنجا! ڇو پوڄِئين تِنهن پئمال؟ جنهن کي نه ڪَنَ، جَن سان سُڻي ڪو سُوال، ۽ نه هرگز ڏِسي حال، ۽ نه لاهِينَئـِي لاچار، ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَبَتِ إِنّى قَد جاءَنى مِنَ العِلمِ ما لَم يَأتِكَ فَاتَّبِعنى أَهدِكَ صِرٰطًا سَوِيًّا (آيت : 43)

اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا بابا! مان سچ ٿو چوان ته، علم جي ڪجهه روشني مون کي ملي آهي جا توکي ڪانه ملي آهي. پوءِ منهنجي چوڻ تي لڳ. مان توکي سڌي واٽ ڏيکاريندس.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا چاچا بيشڪ تحقيق مون وٽ اهو علم اچي چڪو آهي جيڪو تو وٽ ناهي پوءِ تون منهنجي تابعداري ڪر آئون توکي سڌو رستو ڏيکاريندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجا پيءُ! مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جو تو وٽ نه آيو آهي. سو منهنجي پيروي ڪر ته تو کي (دين جي) سڌي راھ ڏيکاريان.(سيد فرمان علي)


اي منهنجا پيءُ! بيشڪ مان تحقيق آيو مون وٽ علم مان اهو جيڪو نه آيو تو وٽ پوءِ منهنجي پويان هل ته ڏسيان مان توکي واٽ صحيح .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجا پيءٌ! مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جو تو وٽ نه آيو آهي سو منهنجي رستي تي هل ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان. (مولانا محمد مدني)


اي منهنجا پيءَ! بيشڪ مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جيڪو تو وٽ نه آيو آهي سو تون منهنجي پيروي ڪر ته آءٌ تو کي سڌي واٽ جي رهنمائي ڪيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَبَا! آيمِ عِلم مان، جنهن جو توکي پَرو نه پاند، پوءِ پُٺيانمِ هَل هيڪاند، ته سُنهايائـِين واٽ سَنِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَبَتِ لا تَعبُدِ الشَّيطٰنَ إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلرَّحمٰنِ عَصِيًّا (آيت : 44)

اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا بابا! شيطان جي ٻانهپ نه ڪر، شيطان ته خدا جو نافرمان ٿي چڪو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا چاچا تون شيطان جي عبادت نه ڪر. بيشڪ شيطان ته رحمان جو نافرمان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي عبادت نه ڪر ڇو ته بيشڪ شيطان، خدا جو نافرمان (بندو) آهي.(سيد فرمان علي)


اي منهنجا پيءُ! نه عبادت ڪر شيطان جي بيشڪ شيطان آهي رحمان جو بي فرمان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجا پيءٌ! تون شيطان جي عبادت نه ڪر. بيشڪ شيطان وڏي مهربان (الله) جو نافرمان آهي. (مولانا محمد مدني)


اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي پوڄا نه ڪر. بيشڪ شيطان وڏي مهربان (الله) جو بي فرمان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَبا! اَصل نه ڪر تون، شيوا سَندِي شيطان، شيطان بي فَرمان، آهي خُود اَلله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَبَتِ إِنّى أَخافُ أَن يَمَسَّكَ عَذابٌ مِنَ الرَّحمٰنِ فَتَكونَ لِلشَّيطٰنِ وَلِيًّا (آيت : 45)

اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي منهنجا بابا! مون کي خوف ٿو ٿئي ته متان رحمان خدا جي طرفان توتي ڪو عذاب اچي ڪڙڪي ۽ تون شيطان جو سنگتي ٿي پئين.(علامه علي خان ابڙو)


اي منهنجا چاچا بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو ته توکي الله تعالى جو ڪو عذاب نه پهچي، پوءِ تون (لعنت ۾) شيطان جو سنگتي نه ٿي وڃين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي منهنجا پيءُ! مان ڊڄان ٿو ته متان وڏي مهربان (الله) جي طرفان تو تي ڪو عذاب اچي پوي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پوين.(سيد فرمان علي)


اي منهنجا پيءُ! بيشڪ مان ڊڄان ٿو هن کان جو پهچي توکي عذاب رحمان کان پوءِ ٿي پوين شيطان جو ساٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي منهنجا پيءٌ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان وڏي مهربان (الله) جي طرفان توتي ڪو عذاب اچي پوي پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پوين. (مولانا محمد مدني)


اي منهنجا پيءُ! آءٌ ڊڄان ٿو متان وڏي مهربان (الله) پاران تو تي ڪو عذاب پهچي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پَـــوِين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَبا! ڊڄان، ته عذاب ڪو، رَسيئـِي کَـئون رَحمان، پوءِ شامِل سين شيطان، ٻيلِي ٻارڻ ۾ ٿِيِـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ أَراغِبٌ أَنتَ عَن ءالِهَتى يٰإِبرٰهيمُ لَئِن لَم تَنتَهِ لَأَرجُمَنَّكَ وَاهجُرنى مَلِيًّا (آيت : 46)

(پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ.(علامه تاج محمود امروٽي)


پيءُ (اهي ڳالهيون ٻڌي) چيو ته، اي ابراهيم تون منهنجي معبودن (خدائن) کان ڦري ويو آهين ڇا؟ ياد رک ته جيڪڏهن تون اهڙين ڳالهين کان باز نه ايندين ته توکي سنگسار ڪري (ماري) ڇڏيندس، (پنهنجو خير گهرين ته جان بچائي) مون کان پري هليو وڃ.(علامه علي خان ابڙو)


ان چاچي (آذر) چيو اي ابراهيم ڇا تون منهنجي معبودن کان مُنهن موڙين ٿو قسم سان جيڪڏهن تون باز نه آئين ته آئون توکي پٿر هڻندس ۽ تون مون کان گھڻو وقت پري ٿي وڃ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(آذر) چيس ته اي ابراهيم! ڇا تون منهنجن معبودن کان ڦريل آهين؟ جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته (ياد رک!) آءُ تو کي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ پري رھ.(سيد فرمان علي)


چيائين ڇا منهن موڙيندڙ آهين تون منهنجن معبودن کان اي ابراهيم! البته جيڪڏهن نه رڪجندين تون ته البته پٿرن سان هلاڪ ڪندس مان توکي ۽ ڇڏي وڃ مون کي گهڻو زمانو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(سندس پيءٌ) چيو ته اي ابراهيم! ڇا تون منهنجن معبودن کان ڦريل آهين؟ جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته آءُ توکي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کان گهڻو عرصو پري رهه. (مولانا محمد مدني)


(آزر) چيو: ”اي ابراهيم ! ڇا تون منهنجي معبودن کان منهن ڦيرائيندڙُ آهين؟ اگر تون باز نه آئين ته ضرور آءٌ تو کي سنگسار ڪندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وڃ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي ڪِ، اِبراهِيم! آهيِـين، مُنهنجي بُتن کان بيزار؟ جي بِلڪُل بَس نه تون ڪندِين، ته ڪندوسِين سَنگسار، ۽ مُون کان گوشي گھار، مُدت مَدِيد ڪيتري. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ سَلٰمٌ عَلَيكَ سَأَستَغفِرُ لَكَ رَبّى إِنَّهُ كانَ بى حَفِيًّا (آيت : 47)

(ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت ابراهيم فرمايو ته، چڱو منهنجو سلام قبول پوي (مان جدا ٿي ٿو وڃان) هاڻي مان پنهنجي پروردگار کان تنهنجي بخشش لاءِ دعا گهرندس. هو مون تي ڏاڍو مهربان آهي.(علامه علي خان ابڙو)


(حضرت) ابراهيم چيو منهنجو توهان کي (الوداعي) سلام آهي، آئون جلدي تنهنجي لاءِ تنهنجي رب کان بخشش طلب ڪندس، بيشڪ اهو مون تي نهايت مهربان آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ابراهيم) چيو (چڱو ته) منهنجو سلام آهي. (پر تڏهن به) آءُ پنهنجي پالڻهار کان تو لاءِ معافي گهرندس. بيشڪ اهو مون تي مهربان آهي.(سيد فرمان علي)


چيائين سلام آهي توتي جلد مغفرت گهرندس تنهنجي لاءِ رب پنهنجي کان بيشڪ اهو آهي مون سان مهربان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ابراهيم چيو ته تون سلامت هجين آءُ تولاءِ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو مون تي مهربان آهي. (مولانا محمد مدني)


(ابراهيم) چيو: ”تو تي سلام هجي. آءٌ هاڻي ئي پنهنجي پالڻهار کان تنهنجي لاءِ بخشش گهرندس بيشڪ اُهو مون تي گهڻو مهربان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، خُوش هُجين شال، آءٌ گُھرندس ئـِي گَھڻو، سَندمِ سائـِين پاڪ کان، تولئي بَخش ڀَال، آهي اِهو هَر حال، مُونتي مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَعتَزِلُكُم وَما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ وَأَدعوا رَبّى عَسىٰ أَلّا أَكونَ بِدُعاءِ رَبّى شَقِيًّا (آيت : 48)

۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس.(علامه تاج محمود امروٽي)


مان توهان سڀني کي ڇڏي ٿو وڃان ۽ انهن کي به ڇڏي ٿو ڏيان جن کي توهان الله کان سواءِ پڪاريندا آهيو، مان پنهنجي پروردگار (هڪ الله) کي ٿو پڪاريان، اميد آهي ته پنهنجي پروردگار کي پڪاري مان محروم (يا ناڪامياب) ڪونه ٿيندس.(علامه علي خان ابڙو)


۽ آئون ڪناره ڪشي ڪريان ٿو توهان کان ۽ توهان جي بتن کان جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا ۽ آئون پنهنجي رب جي عبادت ڪندس. اميد ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي رب جي عبادت مان نامراد نه ٿيندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ آءُ اوهان کي ۽ (انهن بتن کي به) جن کي اوهين خدا کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا (سڀني کي ڇڏي ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪندس، اميد آهي ته (آءُ) پنهنجي پالڻهار جي عبادت کان محروم نه رهندس.(سيد فرمان علي)


۽ جدا ٿو ٿيان مان اوهان کان ۽ انهن کان جو عبادت ڪيو ٿا اوهان انهن جي الله کان سواءِ ۽ عبادت ڪريان ٿو مان پنهنجي رب جي، اميد آهي ته نه ٿيندس مان پنهنجي رب جي عبادت کان نامراد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ آءُ اوهان کان ۽ جن کي الله کان سواءِ سڏيو ٿا،تن کان جدا ٿيان ٿو ۽ آءُ پنهنجي پاليندڙ کي سڏيندس. اميد آهي ته آءُ پنهنجي پاليندڙ جي سڏڻ جي ڪري محروم نه ٿيندس. (مولانا محمد مدني)


۽ آءٌ اوهان کان جدا ٿيان ٿو ۽ الله کي ڇڏي اوهان جن (بتن) کي پوڄيو ٿا (تن سڀني کان به جدا ٿيان ٿو.) ۽ آءٌ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪندس. اميد آهي ته آءٌ پنهنجي پروردگار جي عبادت سبب محروم نه رهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آئون اوهان کان ٿو ٿِيان، بِلڪُل بَرڪِنار، پڻ اُنهن کان، اَوهين جن کي، پوڄيو ڌَڻيان ڌار، ۽ سَڏِيندسِ سانيمِ کي، آهٖيمِ آسَ اَپار، ته وانجَھيل نه ٿِيندسِ وار، سانيمِ جي سُوال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمَّا اعتَزَلَهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَكُلًّا جَعَلنا نَبِيًّا (آيت : 49)

پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم انهن ماڻهن کان ۽ انهن سڀني کان جن کي خدا کان سواءِ پوڄيندا هئا جدا ٿي ويو، تڏهن اسان (هن جي نسل ۾ برڪت ڪئي ۽) هن کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ انهن مان هرهڪ کي اسان نبوت ڏني هئي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ پاڻ جڏهن ان کان ۽ انهن جي بتن کان ڪناره ڪشي ڪئي ته اسان (حضرت) ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيا ۽ (انهن مان) هر هڪ کي نبوت عطا ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن انهن کان ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪندا هئا، تن کان جدا ٿيو ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) عطا ڪيو ۽ هر هڪ کي نبوت جي درجي تي فائز ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن جدا ٿيو انهن کان ۽ انهن کان جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ ته بخشي ڏنو سون ان کي اسحاق ۽ يعقوب ۽ سڀني کي بنايو سون نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن انهن کان ۽ جن جي اُهي الله کان سواءِ عبادت ڪندا هئا، تن کان جدا ٿيو ته ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشي ڏناسون ۽ هر هڪ کي نبي ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن (ابراهيم) انهن ماڻهن کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اُهي الله کي ڇڏي پوڄيندا هئا الڳ ٿلڳ ٿي ويو (ته) اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) بخشي ڏنا ۽ اسان انهن سڀني کي نبيءُ بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جَڏهن جدا پاڻ ٿيو، اُنهن کان اَڳواڻ، پڻ اُنهن کان، شيوا جن سَندِي، ڪن سوا ربَّ، سُڄاڻ، ۽ پوءِ يَعقُوب، اِسحاق اُن کي، بيشڪ بَخشياسون، پاڻ، ۽ ڪيوسونِ ڪَرم ساڻ، نَبِي سوڀارو سَڀ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَهَبنا لَهُم مِن رَحمَتِنا وَجَعَلنا لَهُم لِسانَ صِدقٍ عَلِيًّا (آيت : 50)

۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ کين پنهنجي رحمت مان بخششو ڪيوسين ۽ پڻ انهن سڀني لاءِ سچائيءَ جون صدائون (آواز) بلند ڪيوسين. (يعني سندن سچي ساراهه پئي ڳائجي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان انهن کي پنهنجي رحمت عطا ڪئي ۽ اسان انهن جو ذڪر اعليٰ ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن کي پنهنجي رحمت مان ڪجھ عنايت ڪيوسون ۽ اسان انهن جي لاءِ اعلى درجي جو ذڪر خير (دنيا ۾ به) مقرر ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


۽ ڏنو سون انهن کي رحمت پنهنجيءَ مان ۽ ڪيو اسان انهن جي لاءِ سهڻو ذڪر بلند .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن کي پنهنجي رحمت مان (گهڻيون نعمتون) ڏنيوسون. ۽ انهن جو نيڪ نالو بلند ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن کي اسان پنهنجي رحمت مان عطائون ڪيون ۽ اسان انهن جي لاءِ سچي ۽ دائمي تعريف جو آواز بُلند ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بيشڪ پَنهنجِي بَخشش مان، ڪياسون اُتن اِحسان، ۽ سَندِي سَچ زِبان، اَعلىٰ ڪئـِي سون اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر فِى الكِتٰبِ موسىٰ إِنَّهُ كانَ مُخلَصًا وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 51)

۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب ۾ حضرت موسيٰ جو بيان پڙهه، بيشڪ هو هڪ خاص خاص ٻانهو ۽ (الله جو) موڪليل پيغمبر هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) موسيٰ جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو بيشڪ اهو مخلص هو ۽ پاڻ رسول (۽) نبي هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) قرآن ۾ ڪجھ موسى جي ڳالھ (به) بيان ڪر، بيشڪ اهو پسند ڪيل (منهنجو بندو) ۽ موڪليل (صاحب ڪتاب ۽ شريعت) نبي هو.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر ڪتاب ۾ موسى کي بيشڪ اهو هو مخلص ۽ هو رسول، نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪتاب ۾ موسيٰ جي ڳالهه بيان ڪر، بيشڪ اهو پسند ڪيل هو ۽ موڪليل نبي هو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪتاب (قرآن) ۾ موسى جو ذڪر ڪر. بيشڪ اُهو چونڊيل ۽ صاحبِ رسالت نبي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪرياد ڪِتاب ۾، مُوسٰى جو مَذڪُور، هُئو مُخلِص مُرسل مُور، ۽ خاص کِيانتو خابَرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنٰدَينٰهُ مِن جانِبِ الطّورِ الأَيمَنِ وَقَرَّبنٰهُ نَجِيًّا (آيت : 52)

۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اسان کيس طور جبل جي ساڄي (يعني اوڀر) طرف کان سڏ ڪيو ۽ (وحي جي) ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ويجهو آندو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان ان کي طُور سينا جي ساڄي پاسي کان پڪاريو ۽ راز جي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ ان کي مقرب بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان کيس (جبل) طور جي سڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪندي کيس ويجهو ڪيوسون.(سيد فرمان علي)


۽ سڏيو اسان ان کي طور جي سڄي پاسي کان ۽ قريب ڪيوسون ان کي مناجات ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان کي اسان (جبل) طور جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪندي کيس ويجهو ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان کيس (جبل) طُور جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ کيس ويجهو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَڄي پاسي کان طُور جي، اَسان ڏِنسِ آواز، ۽ هُجڻ لئي هَمراز، ڪيوسون اوڏ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَوَهَبنا لَهُ مِن رَحمَتِنا أَخاهُ هٰرونَ نَبِيًّا (آيت : 53)

۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ پنهنجي رحمت سان (سندس مددگاريءَ لاءِ کيس) هارون ڏنوسين جو سندس ڀاءُ هو ۽ نبي هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجي رحمت سان، سندس ڀاءُ (حضرت) هارون نبي ڪري عطا ڪيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان کيس پنهنجي خاص مهربانيءَ سان سندس ڀاءُ هارون کي (ان جو وزير بڻائي) عنايت ڪيو.(سيد فرمان علي)


بخشي ڏنو اسان ان جي لاءِ پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون نبي بنائي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ان کي پنهنجي رحمت مان سندس ڀاءُ هارون پيغمبر ڪري بخشي ڏنوسون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون کي نبي بنائي (بطور مددگار) کيس بخشي ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڏِنو سونِس پَنهنجِي ڏات مان، هارُون سَندسِ ڀاءُ نَبِي نِياپا، ڏِيندڙ ڏيہ ڏاتار جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِسمٰعيلَ إِنَّهُ كانَ صادِقَ الوَعدِ وَكانَ رَسولًا نَبِيًّا (آيت : 54)

۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هن ڪتاب (قرآن مجيد) ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر پڙهه، بيشڪ هو پنهنجي قول جو سچو هو ۽ (الله جو) موڪليل هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) اسماعيل جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ ڪريو، بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ پاڻ رسول (۽) نبي هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) قرآن ۾ اسماعيل جي (به) ڳالھ بيان ڪر، بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ موڪليل نبي هو.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر ڪتاب ۾ اسماعيل کي بيشڪ اهو هو سچو وعدي جو ۽ هو رسول، نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪتاب ۾ اسماعيل جي ڳالهه بيان ڪر! بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ موڪليل نبي هو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪتاب ۾ اسماعيل جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وعدي جو سچو هيو ۽ موڪليل نبي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪر ياد ڪِتاب ۾، اِسماعِيل اَطهر، وَعدي سَچو، وِيرسو، ۽ نَبِي پيغمبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكانَ يَأمُرُ أَهلَهُ بِالصَّلوٰةِ وَالزَّكوٰةِ وَكانَ عِندَ رَبِّهِ مَرضِيًّا (آيت : 55)

۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو ۽ هو (سڀني ڳالهين ۾) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پسند پيل هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ پاڻ پنهنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو هو، ۽ پاڻ پنهنجي رب وٽ پسنديده هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي گهروارن کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾پسند ڪيل هو.(سيد فرمان علي)


۽ امر ڪندو هو اهل پنهنجي کي نماز جو ۽ زڪواة جو ۽ هو رب پنهنجي وٽ وڻيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ پنهنجي گهر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڪندو هو ۽ پنهنجي پاليندڙ وٽ قبول ٿيل هو. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهو پنهنجي گهر ڀاتين کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيندو هيو ۽ اهو پنهنجي پاليندڙ وٽ پسند ڪيل هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪندو نِماز، زڪوٰة جو، هو اَهلِس کي اَمر، ۽ پَنهنجي، وَٽ پَرور، هو سَدا سُهاڻل سُپرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاذكُر فِى الكِتٰبِ إِدريسَ إِنَّهُ كانَ صِدّيقًا نَبِيًّا (آيت : 56)

۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) ڪتاب ۾ ادريس جو به ذڪر ڪر، بيشڪ هو به سچائيءَ جو پتلو ۽ نبي هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان قرآن ڪريم ۾ (حضرت) ادريس جو ذڪر ڪريو، بيشڪ اهو سچو نبي هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول) قرآن ۾ ادريس جو به تذڪرو ڪر، بيشڪ اهو وڏو سچو (بندو ۽) نبي هو.(سيد فرمان علي)


۽ ياد ڪر ڪتاب ۾ ادريس کي بلاشڪ اهو هو سچو نبي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪتاب ۾ ادريس جي ڳالهه بيان ڪر! بيشڪ اهو حد درجي جو سچو (۽) نبي هو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ادريس جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪر ياد ڪِتاب ۾، اِدرِيس جو اَحوال، جو سَچ پَچ سَچو صاف هو، نَبِي نيڪ نِهال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَرَفَعنٰهُ مَكانًا عَلِيًّا (آيت : 57)

۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان هن کي وڏي بلند مقام (درجي) تائين پهچائي ڇڏيو هو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان ان کي بلند مقام تي پهچايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان ان کي هڪ بلند مڪان (بهشت ۾) کڻي ورتو.(سيد فرمان علي)


۽ پڄايوسون ان کي مقام مٿاهين کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان کيس هڪ بلند مڪان تي کڻي ورتو. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ان کي بلند مقام تي کڻي ورتو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَخشيو سُونسِ بحال، اُتم آستان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءادَمَ وَمِمَّن حَمَلنا مَعَ نوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبرٰهيمَ وَإِسرٰءيلَ وَمِمَّن هَدَينا وَاجتَبَينا إِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُ الرَّحمٰنِ خَرّوا سُجَّدًا وَبُكِيًّا (آيت : 58)

جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


هي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن نبين مان آهن جن کي الله تعاليٰ نعمتون ڏنيون، آدم جي نسل مان ۽ انهن جي نسل مان جن کي اسان حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو. پڻ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسرائيل (يعني حضرت يعقوب) جي نسل مان ۽ انهن قومن مان جن کي اسان سڌيءَ واٽ تي لڳايو ۽ (ڪاميابيءَ ۽ سعادت لاءِ) چونڊيو. اهي اهي ماڻهو آهن جن کي جڏهن رحمان خدا جون آيتون ٻڌايون وينديون هيون تڏهن بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندا هئا ۽ سندن اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو.(علامه علي خان ابڙو)


اهي انهن نبين مان آهن جن تي الله تعالى پنهنجي نعمت ڪئي آهي (اهي) (حضرت) آدم جي اولاد مان هئا، ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جن کي اسان نوح سان گڏ سوار ڪرايو. ۽ ڪي انهن مان (حضرت) ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ اهي انهن مان آهن جن کي اسان هدايت ڏني ۽ برگزيده بنايو. جنهن وقت انهن جي مٿان رحمان جون آيتون پڙهيون وينديون هيون ته اهي سجدي ۾ ڪري روئيندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي نبي آهن جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن، ۽ انهن مان جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) کنيوسون. ۽ ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان جن کي هدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون انهن کي جڏهن خدا جون (نازل ڪيل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (اهي) سجدي ۾ زارو زار رئندي ڪريو پون ٿا.(سيد فرمان علي)


اهي ئي اهي آهن جو نعمت ڪئي الله انهن تي نبين مان (هئا) اولاد آدم جي مان ۽ انهن مان جيڪي کنيا اسان (ٻيڙيءَ ۾) نوح سان گڏ ۽ اولاد ابراهيم ۽ يعقوب جي مان ۽ انهن مان جن کي هدايت ڪئي اسان ۽ برگزيدا بنايا اسان جڏهن تلاوت ڪيون ٿيون وڃن انهن تي آيتون رحمان جون ته ڪريا سجدا ڪندڙ ۽ روئندڙ .السجدة(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اِهي اُهي نبي آهن جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن. ۽ انهن مان آهن جن کي نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ کنيوسون. ۽ (اهي) ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن جن کي هدايت ڪئي سون ۽ پسند ڪيوسون، انهن کي جڏهن وڏي مهربان (الله) جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (اهي) سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ رُئن ٿا. (مولانا محمد مدني)


اِهي اُهي آهن جن تي الله انعام ڪيو آهي جيڪي نبين مان آهن جيڪي آدم جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن جن کي اسان نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيو هيو ۽ ابراهيم ۽ اسرائيل (يعني يعقوب) جي اولاد مان آهن. ۽ انهن مان آهن جن کي اسان هدايت ڪئي ۽ اسان پسند ڪيو ۽ جڏهن انهن تي رحمان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته اُهي ڪِري پَوَن ٿا سجدا ڪندي ۽ روئندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُهي، جَن الله، نَبِيَّن مان نَوازِيو، آدم جي اَولاد مان، يا وِيا تَن وَھ واھ!! ۽ جن کي، اُٺايوسون اوٺ ۾، حضرت نوح سان، هَمراھ، ۽ ابراهيم ۽ اسرائيل جو، نَسل نيڪ نِگاھ، پڻ سَنئـِين سُهائيسون جن کي، ۽ ڌُئاسون دِلخواہ، جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، حُڪم حَقَّ دَرگاھ، ته ڪِريا ڪَري آھ، نَمندڙ، رُوئيندڙ رَبَّ اڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ أَضاعُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوفَ يَلقَونَ غَيًّا (آيت : 59)

پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر انهن کان پوءِ اهڙا ناخلف (نڀاڳا) سندن جانشين ٿيا جن نماز (جي حقيقت) ضايع ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان پئجي ويا. سو (ڏسندؤ ته) جلد سندن سرڪشي سندن آڏو ايندي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن جي پويان اهڙا ناخلف پيدا ٿيا جن نماز ضايع ڪئي ۽ پنهنجي سَڌن جي پٺيان هليا پوءِ اهي جلدي جهنم جي وادي ۾ اڇلايا ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري انهن کان پوءِ اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهش جي پٺيان لڳا، جلد ئي اهي ماڻهو پنهنجي گمراهيءَ جي (نتيجي) سان ملي ويندا.(سيد فرمان علي)


پوءِ پويان پيدا ٿيو انهن کان بعد اهڙو برو نسل جن ضايع ڪئي نماز ۽ تابع بڻيا خواهشن جا پوءِ جلد پهچندا سزا کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سندن پٺيان اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جاءِ تي آيا جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهشن جي پٺيان لڳا، سو اُهي گمراهي ڏسندا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کان پوءِ اهڙا نالائق ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز ڇڏي ڏني، ۽ نفساني خواهشن جي پُٺيان پيا پوءِ جلد اهي گمراهي (جي سزا) کي ڏسندا. (۽ اهي جهنم جي غَـــيّا ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا.)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ وَلارِي جاءِ تِن، بعد سَندنِ، بَدڪار، جَن نِمازون ناس ڪيون، ۽ ٿِيا شَهوتن شِڪار، پوءِ تڪڙوئـِي تڪرار، هاوِئَ تَري هَڄندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ شَيـًٔا (آيت : 60)

پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر جيڪو (گناهن کان) باز ايندو، ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪرڻ ۾ لڳي ويندو (تنهن لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان ذرو به بي انصافي نه ٿيندي.(علامه علي خان ابڙو)


مگر جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا پوءِ اهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ سندن عملن مان ڪا شيءِ نه گھٽائي ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا. ۽ مٿن ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


مگر جنهن توبہ ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين چڱا ڪم پوءِ اهي داخل ٿيندا بهشت ۾ ۽ نه ظلم ڪيا ويندا ذري برابر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو، سي جنت ۾ داخل ٿيندا. ۽ مٿن ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو (مولانا محمد مدني)


سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ۽ نيڪ عمل ڪيائون پوءِ اُهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن تي ڪجهه به ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَگر، موجو موٽيو، ۽ آندائـِين اِعتبار، پن ڪَيائين ڪَم چڱا، اُهي آخرڪار، گِھڙن جَنت ۾ جُھونجھار، ۽ ذَرو نه پَسن زيان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدَ الرَّحمٰنُ عِبادَهُ بِالغَيبِ إِنَّهُ كانَ وَعدُهُ مَأتِيًّا (آيت : 61)

ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


هميشه واري جنت (۾ داخل ٿيندا) جنهن متعلق رحمان خدا پنهنجي ٻانهن سان واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو واعدو هڪ غيبي ڳالهه جي باري ۾ آهي (جنهن کي هو هن حياتيءَ ۾ محسوس ڪري نٿا سگهن پر) يقيناً هن جو واعدو اهڙو آهي، جو ڄڻ ته اها ڳالهه ٿي ويئي.(علامه علي خان ابڙو)


(انهن لاءِ) بهشت جا باغ هوندا جن جو رحمان پرپٺ پنهنجي ٻانهن سان وعدو فرمايو، بيشڪ الله تعالى جو وعدو ضرور ايندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي سدا بهار باغن ۾ رهندا) جن جو خدا پنهنجن بندن سان ڳجهو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ سندس وعدو اچڻو آهي.(سيد فرمان علي)


بهشت عدن جا جيڪي وعدو ڏنو الله ٻانهن پنهنجن کي غائبانہ بيشڪ آهي وعدو ان جو اچڻ وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(يعني) رهڻ جي باغن ۾ ، جن جو وڏي مهربان (الله) پنهنجن ٻانهن سان انهن جي ڏسڻ کانسواءِ وعدو ڪيو آهي بيشڪ سندس وعدو اچڻو آهي. (مولانا محمد مدني)


هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جو وڏي مهربان (الله) پنهنجي ٻانهن سان غائبانه وعدو ڪيو آهي بيشڪ ان جو وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَڃر مُدامِي باغ سي، مُلڪ مَلِير مَلهار، پَرپُٽ، سَندسِ پُڄارِيين، جنهن جو قول ڏِنو ڪَلتار، ۽ اُن جا قول قَرار، اَوَسَ آهِن اَچڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا إِلّا سَلٰمًا وَلَهُم رِزقُهُم فيها بُكرَةً وَعَشِيًّا (آيت : 62)

اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ (جنت واري) زندگيءَ ۾ ڪابه واهيات ڳالهه هنن جي ڪنن ۾ نه پوندي. جيڪي به ٻڌندا، سا سلامتيءَ جي ئي صدا هوندي. اتي صبح توڙي شام سندن رزق سندن لاءِ مهيا ٿيندو رهندو.(علامه علي خان ابڙو)


بهشت ۾ سلام کانسواءِ فضول ڳالهه نه ٻڌندا، ۽ بهشتين کي بهشت ۾ صبح ۽ شام رزق ڏنو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اتي سلام کان سواءِ (ٻي) ڪا بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا، پر (هر طرف کان) سلام ئي سلام (جو آواز ايندو) ۽ اتي سندن کاڌو صبح ۽ شام (جنهن وقت به چاهيندا) انهن جي لاءِ (تيار) هوندو.(سيد فرمان علي)


نه ٻڌندا ان ۾ اجائي ڳالهه مگر سلام ۽ انهن لاءِ رزق انهن جو آهي ان ۾ صبح سوير ۽ شام جو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اتي سلام کان سواءِ (ٻي) ڪا بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا. ۽ اتي انهن لاءِ صبح ۽ شام جو روزي (موجود) آهي. (مولانا محمد مدني)


اُهي ان ۾ ڪا بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا سواءِ ”سلام“ جي. ۽ انهن لاءِ ان ۾ صبح ۽ شام سندن روزي (موجود) هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَڀرو نه ٻُڌن اُن ۾، سَوا ڳالھ سَلام، ۽ سَندن لئي صُبح، شام، تيار طعام، تن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تِلكَ الجَنَّةُ الَّتى نورِثُ مِن عِبادِنا مَن كانَ تَقِيًّا (آيت : 63)

اِھو بھشت اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻبو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (ڏسو) اها آهي جنت جنهن جو اسان انهيءَ ماڻهو کي وارث ڪري ٿا ڇڏيون جيڪو اسان جي ٻانهن مان متقي (يعني پرهيزگار) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


اهو بهشت آهي جنهن جو مالڪ اسين پنهنجي انهن ٻانهن کي ڪنداسين جيڪي پرهيزگار هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهو بهشت آهي (جنهن جو) پنهنجن عبدن سان جيڪو پرهيزگار هوندو تنهن کي ان جو وارث ڪنداسون.(سيد فرمان علي)


اهو اهوئي بهشت آهي جنهن جو پنهنجن ٻانهن مان ان کي وارث بنائينداسون جيڪو پرهيزگار هوندو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اها جنت اها آهي (جنهنجو) پنهنجن ٻانهن مان ان کي وارث ڪنداسون جيڪو پرهيزگار ٿيو. (مولانا محمد مدني)


هي اُها جنت آهي جنهن جو وارث اسان پنهنجي ٻانهن مان ان کي بنائينداسين جيڪو پرهيزگار هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وارِث اُنهن باغن جو، تِنهن بَنايون بيشڪ، مُنهنجي پُوڄارِين مان پڪ، جو پُورو پَرهيزگار هُجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما نَتَنَزَّلُ إِلّا بِأَمرِ رَبِّكَ لَهُ ما بَينَ أَيدينا وَما خَلفَنا وَما بَينَ ذٰلِكَ وَما كانَ رَبُّكَ نَسِيًّا (آيت : 64)

۽ (ملائڪن چيو ته) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نه لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (فرشتا جنتين کي چوندا ته،) اسان (توهان ڏي) تڏهن ٿا اچون جڏهن توهان جي پروردگار وٽان حڪم ٿو ملي، جيڪي به اسان جي اڳيان آهي، جيڪي به اسان جي پٺيان گذري چڪو آهي، ۽ جيڪي به انهن ٻنهي وقتن جي وچ ۾ ٿي گذريو سڀ سندس ئي حڪم سان آهي ۽ اوهان جو پروردگار اهڙو ناهي جو ڪابه ڳالهه وساري ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين (فرشتا) نٿا نازل ڪريون مگر توهان جي رب جي حڪم موجب، زمان ماضي زمان حال ۽ زمان استقبال جي سڀني شين جو مالڪ الله تعالى آهي ۽ توهان جي رب کي ويسر ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ملائڪن رسول کي چيو ته) اسين پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان سواءِ هيٺ نه ٿا لهون. جيڪي اسان جي اڳيان ۽ جيڪي اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪي ان جي وچ ۾ آهي سو سڀ ان کي آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار ڀلجڻ وارو نه آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿا لهون اسين مگر تنهنجي رب جي امر سان ان جو ئي آهي جيڪو اسان جي اڳيان ۽ اسان جي پويان آهي ۽ جيڪو ان جي وچ ۾ آهي ۽ ناهي رب تنهنجو وساريندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (ملائڪن رسول کي چيو ته) اسين تنهنجي پاليندڙ جي حڪم کانسواءِ هيٺ نه ٿا لهون. جيڪي اسان جي اڳيان ۽ جيڪي اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪي ان جي وچ ۾ آهي تنهن جو علم ان کي آهي. ۽ تنهن جو پاليندڙ ڀلڻ وارو نه آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي جبرائيل نبيءَ کي چؤ ته)اسان تنهنجي پالڻهار جي حڪم بنا هيٺ نه ٿا لهون، سڀ ان جو آهي جيڪي اسان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي اسان جي پُٺيان آهي ۽ جيڪو ان جي وچ ۾ آهي ۽ تنهنجو پروردگار وسارڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تُنهنجي آگي جي اَمر سَوا، نه اُترون ڪنان اَفلاڪ، اَڳيان، پويان اَسان جي، پڻ اُن وِچ، اُنهئَ لاڪِ، ۽ تُنهنجو پرور پاڪ، بِلڪُل ناھِ ڀُلجڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَاعبُدهُ وَاصطَبِر لِعِبٰدَتِهِ هَل تَعلَمُ لَهُ سَمِيًّا (آيت : 65)

آسمانن ۽ زمين ۾ جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مُحڪم رھ)، تون اُن نالي ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هو آسمان ۽ زمين جو پرورگار آهي ۽ انهن سڀني جو پروردگار آهي جي آسمان ۽ زمين ۾ آهن. سو (اي پيغمبر!) انهيءَ ئي جي ٻانهپ ڪر ۽ سندس ٻانهپ ڪرڻ جي راهه ۾ جيڪي به تڪليفون پيش اچن سي صبر سان سهندو رهه. ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ٻيو به ڪو سندس همنام آهي. (يعني الله جهڙو آهي؟ هرگز نه!)(علامه علي خان ابڙو)


رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن پوءِ توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ الله جي عبادت تي صبر ڪريو، ڇا الله جي نالي جهڙو ٻيو توهان ڄاڻو ٿا (يقيناً نه)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي پوءِ تون سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي قائم رھ. ڀلا اوهان جي علم ۾ ان جو (الله جو) ڪوئي همنام به آهي؟(سيد فرمان علي)


رب آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي پوءِ ان جي عبادت ڪر ۽ قائم رهه ان جي عبادت لاءِ ڇا ڄاڻين ٿو ان جي لاءِ ڪو هڪ جهڙي نالي وارو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اهو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ تون سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي قائم رهه، ڇا تون ان جي نالي واري کي ڄاڻين ٿو؟ (مولانا محمد مدني)


(اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني جو)پوءِ ان جي عبادت ڪر ۽ ان جي عبادت ۾ ثابت قدم رهه. ڇا تون ڪو سندس نالي وارو (ڪو سندس هم نام ) ڄاڻين ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آگو اُڀن ۽ ڀون جو، پڻ جيڪي مَنجھنِ جِنسار، پوءِ ڪَرشيوا اُن جِي، پڻ سَہ سَندسِ شيوا هارِ، اُن نالي سان نِبار، ڪو ڄاڻِين سَڀ ڄمار ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولُ الإِنسٰنُ أَءِذا ما مِتُّ لَسَوفَ أُخرَجُ حَيًّا (آيت : 66)

۽ ماڻھو چوندو آھي ته جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (حقيقتن کان غافل) انسان چوي ٿو ته، جڏهن مان مري ويندس تڏهن وري جيئرو اٿاريو ويندس ڇا؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اُهو انسان (اُبَيَ بن خلف، قيامت جو منڪر) چوي ٿو ته ڇا آئون جڏهن مري ويندس ته پوءِ عنقريب زنده ڪري اٿاريو ويندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ڪي) آدمي (ابي بن خلف) تعجب کان چون ٿا ته ڇا جڏهن آءُ مرندس ته مون کي جيئرو ڪري (قبر مان) ڪڍيو ويندو؟(سيد فرمان علي)


۽ چوي ٿو انسان ڇا جڏهن مرندس مان ته البته جلد ڪڍيو ويندس جيئرو ڪري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انسان چوي ٿو ته ڇا جڏهن آءُ مرندس ته مون کي جيئرو ڪري ڪڍيو ويندو؟ (مولانا محمد مدني)


۽ انسان چوي ٿو ته: ”ڇا (واقعي به) جڏهن آءٌ مري ويندس ته جلدي جيئرو ڪري اٿاريو ويندس“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آکي ٿو اِنسان ڇا؟ جَڏهن مُئسِ مُورهِين، جَلدِي ڪَڍبسِ جِيئرو، ڀُون مان بيگمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَوَلا يَذكُرُ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ وَلَم يَكُ شَيـًٔا (آيت : 67)

ماڻھو ياد نه ڪندو آھي ڇا ته کيس اڳ پيدا ڪيوسون ڪجھ به نه ھو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(افسوس) انسان کي هيءَ ڳالهه به ياد ناهي ڇا ته اسان کيس اڳي به پيدا ڪيو هو، جنهن کان اڳي هو ڪجهه به نه هو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا انسان کي ياد ناهي ته بيشڪ اسان ان کي ان کان اڳ پيدا ڪيو هو ۽ پاڻ ڪا شيءِ نه هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا اهو ماڻهو ان (ڳالھ) کي ياد نه ٿو رکي ته اسان کيس ان کان اڳ جڌهن اهو ڪجھ به نه هو (ته کيس) پيدا ڪيو.(سيد فرمان علي)


ڇا نٿو ياد ڪري انسان ته بيشڪ اسان پيدا ڪيوسون ان کي اڳ ۾ ۽ نه هو ڪجهه به .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا انسان ياد نه ٿو رکي ته اسان ان کي هن کان اڳ پيدا ڪيو جڏهن هو ڪجهه به نه هو. (مولانا محمد مدني)


ڇا انسان کي ياد نه ٿو اچي جو اسان کيس اڳ پيدا ڪري چڪا آهيون جڏهن اُهو ڪا شيءِ ئي نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِ ماڻهو نه ساري، ته مَهند تِنهن، جوڙيو سون جوان، جَڏهن مَنجھ جَھان، ڪا شئ هو، ڪا نه ڪا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَرَبِّكَ لَنَحشُرَنَّهُم وَالشَّيٰطينَ ثُمَّ لَنُحضِرَنَّهُم حَولَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا (آيت : 68)

پوءِ پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن کي ۽ شيطانن کي کڙو ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


سو (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار شاهد آهي اسان انهن سڀني کي ۽ انهن سان گڏ سڀني شيطانن کي ضرور هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي چوڌاري حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏينداسين ۽ هو گوڏن ڀر ڪريل هوندا.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان جي رب جو قسم آهي ته آئون ضرور انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪندس پوءِ انهن کي جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر ڪري حاضر ڪندس(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ (اي رسول) تنهنجي پروردگار جو (پنهنجو) قسم آهي ته اسين انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون پوءِ کين جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ قسم آهي رب تنهنجي جو ته البته ضرور اٿارينداسون انهن کي ۽ شيطانن کي تنهن کان پوءِ البته ضرور حاضر ڪنداسون انهن کي آسي پاسي جهنم جي گوڏن ڀر ڪرندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اسين انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون (ان کان) پوءِ کين جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تنهنجي پروردگار جو قسم ته اسان ضرور انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسين پوءِ انهن کي ضرور جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀَــــرِ ڪِريَلُ آڻي حاضر ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ سُنهن تُنهنجي سائـِينءَ جو، ته زورازورضَرُور، اُنهن ۽ شيطانن کي، مڙينداسون مُور، پوءِ جِتان ڪٿان جھنّم جي، چوڌارِي چڪنا چُور، گوڏن ڀَر غَرقُور، حاضر ڪنداسونِ هَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شيعَةٍ أَيُّهُم أَشَدُّ عَلَى الرَّحمٰنِ عِتِيًّا (آيت : 69)

وري سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان اھڙن ماڻھن کي ڌار ڪنداسون جن انھن مان ٻاجھاري (الله) جي ڏاڍي نافرماني ڪئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هر هڪ ٽوليءَ مان انهن ماڻهن کي (چونڊي) جدا ڪنداسين، جيڪي (پنهنجي زندگيءَ ۾) رحمان خدا کان سخت باغي (نافرمان) ٿي ويا هئا.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسين هر (گمراه) فرقي مان انهن ماڻهن کي جدا ڪنداسين جيڪي انهن مان رحمان سان زياده سرڪش هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ سڀ ڪنهن جماعت مان جيڪو به انهن مان (دنيا ۾)الله سان زياده سرڪشي ڪرڻ وارو هوندو تنهن کي جدا ڪنداسون.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ البته ضرور ڪڍنداسون هر هڪ ٽولي مان جهڙو به انهن مان وڌيڪ سخت هوندو الله جي بيفرماني ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ سڀ ڪنهن جماعت مان جيڪو به انهن مان الله سان زياده سرڪشي ڪرڻ وارو هوندو تنهن کي جدا ڪنداسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان هر ٽولي مان اهڙي ماڻهو کي ضرور چونڊي جدا ڪنداسين جيڪو وڏي مهربان (الله) جي مقابلي ۾ وڌيڪ سرڪشي ڪرڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ٽارِينداسون هَر ٽوليان، موٽي تِنهن مَڪان، جو ڏاڍو بي فَرمان، اُنهن مان، آهي الله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ لَنَحنُ أَعلَمُ بِالَّذينَ هُم أَولىٰ بِها صِلِيًّا (آيت : 70)

وري جيڪي انھن ۾ گھڙڻ جوڳا آھن تن کي اسين چڱو ڄاڻندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هيءَ ڳالهه به اسان ئي بهتر ڄاڻنداسين ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو دوزخ ۾ پوڻ جا زياده لائق آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسين انهن ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون جيڪي جهنم ۾ ساڙڻ جا وڌيڪ حقدار هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪي ان (جهنم) ۾ داخل ٿيڻ جا زياده حقدار آهن تن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ البته اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون انهن کي جيڪي وڌيڪ حقدار آهن ان جا داخل ٿيڻ جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي ان (جهنم) ۾ داخل ٿيڻ جا زياده حقدار آهن تن کي ڄاڻون ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي دوزخ ۾ پوڻ جا وڌيڪ حقدار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽِي اَسين اُنهن کان، ويتر واقِف ڪار، هُوندو جو حَقدار، گھڻو مَنجھسِ گِھڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن مِنكُم إِلّا وارِدُها كانَ عَلىٰ رَبِّكَ حَتمًا مَقضِيًّا (آيت : 71)

۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو اُن تي پھچڻ وارو نه آھي، تنھنجي پروردگار تي اھو انجام لازم مُقرّر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) اوهان (ڪافرن) مان ڪوبه اهڙو ڪونهي جو انهيءَ منزل مان نه لنگهندو (يعني دوزخ ۾ نه پوندو) ائين ڪرڻ (يعني ڪافرن کي دوزخ ۾ وجهڻ) تنهنجي پروردگار ضروري ٺهرايو آهي. اهو هڪ ڪيل فيصلو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان مان اهڙو ڪوبه ناهي جنهن جو گذر دوزخ تان نه ٿيندو، توهان جي رب جو اهو قطعي فيصلو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اوهان مان ڪو به اهڙو نه آهي جو جهنم مٿان نه لنگهي (ڇو ته پل صراط ان جي مٿان آهي، اهڙو وعدو) تنهنجي پروردگار کي پورو ڪرڻو آهي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ ناهي اوهان مان ڪو مگر پهچندڙ آهي ان ۾آهي تنهنجي رب جو پڪو فيصلو ڪيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اوهان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جو اتي اچڻ وارو نه آهي. (اهو وعدو) تنهنجي پاليندڙ کي پورو ڪرڻو آهي جو فيصلو ٿي چڪو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اوهان مان ڪوبه اهڙو ناهي مگر ان جو ان (دوزخ) تان گذر ٿيڻ وارو آهي، اها طئي ٿيل ڳالهه آهي جنهن جو پورو ڪرڻ تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ناهي اَوهان مان ڪو، مگر اَچڻو اُن مٿان، تُنهنجي پَرور تي پَڪو، واجِب اِهو واعِدو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ نُنَجِّى الَّذينَ اتَّقَوا وَنَذَرُ الظّٰلِمينَ فيها جِثِيًّا (آيت : 72)

وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس گوڏن ڀر ڪرندڙ ڇڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان متقين کي نجات (يعني ڇوٽڪارو) ڏينداسين ۽ ظالمن کي دوزخ ۾ گوڏن ڀر ڪريل ڦٽو ڪنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسين پرهيزگارن کي نجات ڏينداسين ۽ ظالمن کي جهنم ۾ گوڏن ڀر ڪري داخل ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اسين پرهيزگارن کي بچائينداسون ۽ نافرمانن کي ان ۾ ڳوڏن ڀر ڇڏي ڏينداسون.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ ڇڏائينداسون انهن کي جيڪي پرهيزگار ٿيا ۽ ڇڏينداسون ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀر ڪرندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(ان کان) پوءِ پرهيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀر (ڪِريل) ڇڏينداسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان انهن کي بچائينداسين جن (دنيا ۾) پرهيزگاري ڪئي ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀَرِ ڪِريل ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جن پرهيز ڪئـِي، اُنهن کي ڪنداسون آزاد، ۽ مُونن ڀَر بيداد، ترڪ ڪنداسون، تِنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَىُّ الفَريقَينِ خَيرٌ مَقامًا وَأَحسَنُ نَدِيًّا (آيت : 73)

۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي (ٽولي) مانَ جي ڪري ڀلي ۽ صحبت جي ڪري ڏاڍي چڱي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن اسان جون روشن آيتون ماڻهن کي ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ پيل آهن سي ايمان وارن کي چون ٿا ته هي ته ٻڌايو ته، (اسان) ٻنهي ٽولين ۾ ڪهڙي ٽولي آهي جا وڏي پوزيشن (درجي) واري آهي ۽ جنهن کي شاندار (دٻدٻي واري) مجلس (يا ڪائونسل) آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن جي مٿان اسان جون صاف صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر، مومنن کي چون ٿا ته ٻن فريقن مان درجي ۽ مجلس جي لحاظ کان ڪهڙو، وڌيڪ بهتر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن کين اسان جو پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن ڪفر اختيار ڪيو، اهي ايمان وارن کي چون ٿا ته(ڀلا هي ته ٻڌايو ته اسين ۽ اوهين) ٻنهين فرقن مان مرتبي ۾ ڪير وڌيڪ چڱو آهي ۽ ڪنهن جي محفل وڌيڪ سٺي آهي؟(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي آيتون اسان جون کولي کولي ته چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو ته ڪهڙو ٻنهي جماعتن مان ڀلو آهي رهائش ۾ ۽ وڌيڪ سهڻو مجلس جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته (هنن) ٻن ٽولن مان ڪير مرتبي ڪري چڱو آهي ۽ ڪنهن جي مجلس وڌيڪ سهڻي آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون چِٽيون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انڪار ڪرڻ وارا ايمان وارن کي چون ٿا ته: ”(هن دنيا ۾ ئي ڏسو ته) ٻنهين گروهن مان ڪير بهتر حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن جي مجلس وڌيڪ سهڻي آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جڏهن اَسان جا فرمان، هُئا پَڙهبا پَڌرا اُنهن تي، جي ڦِريا، تن اُنهن کي چَيو، آندو جَن اِيمان، ٻِنهِين قومن مان ڪِهڙي، بِهتر بي گمان، مِهتر مَنجھ مَڪان، پڻ ڪَچهرِئَ ۾ چَهرِي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَحسَنُ أَثٰثًا وَرِءيًا (آيت : 74)

۽ کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جو اُھي سامان ۽ ڏيک جي ڪري ڏاڍا چڱا ھئا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن کان (اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته) کانئن اڳي گهڻين ئي قومن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو جي کانئن گهڻو بهتر اسباب ۽ (جنگي) سامان رکنديون هيون ۽ جن کي کانئن گهڻو وڌيڪ دٻدٻو ۽ رونق هئي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن کان اڳ اسان ڪيتريون قومون برباد ڪري ڇڏيون جيڪي انهن کان ملڪيت ۽ ڏسڻ ۾ وڌيڪ بهتر هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن انهن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي اسان برباد ڪيو جن جو سامان ۽ ڏکاءُ (هنن کان) گهڻو چڱو هو.(سيد فرمان علي)


۽ ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان اڳي انهن کان امتون جو اهي وڌيڪ سهڻا هئا سامان ۽ ڏيک جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن انهن کان اڳ ڪيتريون جماعتون اسان برباد ڪيون جن جو سامان ۽ ڏيکاءُ گهڻو چڱو هو. (مولانا محمد مدني)


حالانڪه انهن کان اڳ اسان ڪيترين ئي اهڙين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون جن جو ساز و سامان ۽ ڏيکاءُ (هنن کان) گهڻو بهتر هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُنهيا اَڳ جُڳ ڪيترا، ماري ڇَڏياسون مُور، اُهي مِلڪِيت ۾ مامُور، پڻ ڏِٺي ڏاڍا سُهڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن كانَ فِى الضَّلٰلَةِ فَليَمدُد لَهُ الرَّحمٰنُ مَدًّا حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ إِمَّا العَذابَ وَإِمَّا السّاعَةَ فَسَيَعلَمونَ مَن هُوَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضعَفُ جُندًا (آيت : 75)

چؤ ته جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا ته عذاب جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا ته بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري ڏاڍو ھيڻو ڪير آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، جيڪڏهن ڪو گمراهيءَ ۾ پوي ٿو ته رحمان خدا جو قانون هي آهي جو هن کي (عذاب کان) مهلت ڏيندو رهي ٿو. هو انهيءَ حال ۾ رهندو تان جو پنهنجي اکين سان اها ڳالهه ڏسي جنهن جو ساڻس واعدو ڪيو ويو هو، يعني عذاب يا قيامت جي گهڙي. پوءِ ان وقت کيس پتو پوندو ته ڪير هو جنهن جي پوزيشن (يا درجو) بدتر (وڌيڪ خراب) ثابت ٿيو ۽ جنهن جو ٽولو سڀني کان وڌيڪ هيڻو ۽ ضعيف ثابت ٿيو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪو گمراهي ۾ آهي ان کي رحمان گھڻي ڍر ڏئي ٿو، ايستائين جو جڏهن اُهي اُهو ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو، يا عذاب يا قيامت، پوءِ اهي جلدي معلوم ڪندا ته انهن مان شرارتي ۽ ڪمزور لشڪر ڪنهن جو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول کين) چئو ته جو شخص گمراهيءَ ۾ پيو آهي تنهن کي خدا ڍر ڏئي ٿو ڇڏي، ايتري تائين جو جڏهن عذاب يا قيامت ڏسندا، جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو آهي، تڏهن ڄاڻندا ته (هاڻ) ڪير مرتبي ڪري بڇڙو ۽ لشڪر (جٿي) ۾ ڪير ڪمزور (بيوس) آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته جيڪو هجي گمراهيءَ ۾ پوءِ ڀل ته ڍر ڏئي ان کي رحمان ڍر ڏيڻ تان جو جڏهن ڏسندا ان کي جنهن جو وعدو ڪيا ٿا وڃن يا عذاب ۽ يا قيامت پوءِ جلد ڄاڻندا ته ڪير آهي برو جاءِ جي لحاظ سان ۽ وڌيڪ ضعيف لشڪر جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر) چو ته جيڪو گمراهيءَ ۾ آهي تنهن کي ڀلي ته وڏو مهربان (الله) ڍر ڏي، چٽي ڍر. ايتري تائين جو جڏهن عذاب يا قيامت ڏسندا، جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ڄاڻندا ته (هاڻ) ڪير مرتبي ڪري بڇڙو ۽ لشڪر ڪري ڪمزور آهي. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته جيڪو گمراهي ۾ آهي وڏو مهربان (الله) ان کي خوب ڊگهي مُهلت ڏيندو آهي. ايستائين جو جڏهن اُهي اُها شيءِ ڏسندا جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو وڃي ٿو يا عذاب يا قيامت جي گھڙي تڏهن اُهي ڄاڻندا ته (هاڻي) ڪنهن جو حال وڌيڪ خراب ۽ ڪنهن جو لشڪر وڌيڪ ڪمزور آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڀَلِين جيڪو ڀُل ۾، تِنهن کي، بَخشي وَڌبارِي، تان ڏِسن، تِنهن ڏجين ٿو، وَعدو جنهن وارِي، يا دُنيا اَندر دَرد ڪو، يا قِيامت ڪارِي، پوءِ مَٺو ڪير مڪان ۾؟ تِنهن جِي پَوندِي سُڌ سارِي، ۽ هيڻو هيڪارِي، لاشڪ لشڪر، فوج ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَزيدُ اللَّهُ الَّذينَ اهتَدَوا هُدًى وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ مَرَدًّا (آيت : 76)

۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت وڌيڪ ڪندو آھي، ۽ سدا رھندڙ چڱايون ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽڻ ڪري چڱيون تنھنجي پالڻھار وٽ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن سچي واٽ لڌي ۽ ان تي هليا تن کي الله تعاليٰ وڌيڪ هدايت ٿو ڪري (۽ سنئين واٽ تي ٿو هلائي) ۽ تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ ته باقي رهڻ واريون (يعني بقاءُ ڪندڙ) نيڪيون ئي بهتر آهن، ثواب ۾ توڙي (بهتر) نتيجن (ڏيکارڻ) ۾. (يعني چڱن عملن جا چڱا نتيجا نڪرندا ۽ وڏا انعام ۽ نعمتون ملنديون).(علامه علي خان ابڙو)


۽ مؤمنن جي رُشدُ و هدايت ۾ الله تعالى مزيد اضافو ڪري ٿو، ۽ آخرت جا عمل توهان جي رب وٽ سڀ کان بهتر آهن ۽ (انهن جو) سڀ کان بهتر نتيجو ملندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪي سڌي رستي تي آهن خدا تن جي هدايت کي وڌائي ٿو. ۽ هميشه رهڻ وارن چڱن ڪمن جو بدلو تنهنجي پالڻهار وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جو نتيجو به تمام سٺو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ وڌائي ٿو الله انهن کي جو هدايت وارا ٿيا هدايت ۽ بقا وارا صالح عمل ڀلا آهن رب تنهنجي وٽ ثواب ۾ ۽ ڀلا آهن انجام جي لحاظ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله هدايت وارن جي هدايت وڌائي ٿو. ۽ هميشه رهڻ وارن چڱن ڪمن جو بدلو تنهنجي پاليندڙ وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جو نتيجو به گهڻو چڱو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽الله هدايت يافته ماڻهن جي هدايت ۾ واڌارو ڪري ٿو ۽ باقي رهڻ وارا صالح عملَ تنهنجي پالڻهار وٽ اجر ثواب ۾ ڀلا آهن ۽ انهن جو نتيجو به گهڻو ڀلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جَن سَنئون چِتايو سَر، تَن سانئـِين، سُونهپ سَرس ڏِئي، ۽ باقي نيٺ نيڪيون، رَبَّ تُنهنجي وَٽ، رَهبر، بَدلي ۾ بِهتر ۽ موٽڻ ۾ موچارِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَفَرَءَيتَ الَّذى كَفَرَ بِـٔايٰتِنا وَقالَ لَأوتَيَنَّ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 77)

(اي پيغمبر) اُنھي کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نه مڃيو ۽ چيائين ته مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تو ڏٺو ته، انهيءَ شخص جو ڪهڙو حال ٿيو جنهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مان ضرور مال ۽ دولت حاصل ڪندس ۽ مان ضرور گهڻي اولاد وارو ٿيندس.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ توهان ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو اسان جي آيتن کي نٿو مڃي ۽ چوي ٿو ته مون کي (آخرت ۾) ضرور مال ۽ اولاد ملندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تو ان کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته (ڀلا جي قيامت ٿيندي به ته) مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


ڇا ڏٺو تو ان کي جنهن ڪفر ڪيو آيتن اسان جن جو ۽ چيائين ته البته ضرور ڏنو ويندس مان مال ۽ اولاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! ڇا تون ان کي ڏٺو؟) جنهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ضرور مون کي مال ۽ اولاد ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪِ ڏِٺئـِي تِنهن حال؟ جِنهن اَجايو اِنڪار ڪيو، اَسان جي اُهڃاڻن کان، ۽ چيائين اِهڙِي چال، ته مال ۽ آل عَيال، مُون کي، مِلندو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَطَّلَعَ الغَيبَ أَمِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 78)

(اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي)


(هو جو ائين ٿو چوي سو) هن کي غيب جي خبر پئجي ويئي آهي ڇا؟ يا خدا کان ڪو عهد وٺي ڇڏيو اٿس ڇا؟ (جو خدا کي ضرور ائين ئي ڪرڻو پوندو).(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهو غيب کان واقف ٿيو آهي يا رحمان کان ان کي ڪو وعدو مليو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا ڳجھ جي خبر پئي اٿس يا هن خدا کان ڪو انجام وٺي ڇڏيو اٿس.(سيد فرمان علي)


ڇا اطلاع وارو ٿيو غيب تي يا ورتائين رحمان وٽ ڪو عهد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا ڳجهه جي خبر پيئي اٿس يا وڏي مهربان (الله) کان ڪو انجام ورتو اٿس. (مولانا محمد مدني)


ڇا غيب تي آگاهه ٿيو آهي يا وڏي مهربان (الله) کان ڪو معاهدو ورتو اٿس!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ڳُجِهي ڳالھ مَٿي، ٿِيو اُهو آگاہ؟ يا اِهڙو وَٽ الله، وَرتائـِين ڪو واعدو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَلّا سَنَكتُبُ ما يَقولُ وَنَمُدُّ لَهُ مِنَ العَذابِ مَدًّا (آيت : 79)

ائين نه آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هرگز نه (ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي) چڱو هو جيڪي چوي ٿو سو اسان لکي ٿا ڇڏيون (يعني هن جي اها ڳالهه ڪانه وسرندي. سندس آڏو ايندي) ۽ سندس عذاب جي رسي ڊگهي ڪندا رهنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


ايئن هرگز نه ٿيندو، اسين جلدي سندس چوڻ لکنداسين ۽ ان کي تمام ڊگھو عذاب ڏينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ائين نه آهي، جيڪي بڪواس ڪري ٿو، اسين (سڀ) هينئر ئي لکي ٿا ڇڏيون، ۽ ان لاءِ عذاب کي (اڃا به) ڊگهو ڪندا وينداسون.(سيد فرمان علي)


جلد لکنداسون اهو جيڪو چوي ٿو ۽ ڊگهو ڪنداسون ان جي لاءِ عذاب گهڻو ڊگهو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ائين نه آهي، جيڪي چوي ٿو سو لکنداسون. ۽ ان لاءِ عذاب کي ڊگهو ڪندا وينداسون. (مولانا محمد مدني)


هرگز نه. جيڪي چوي ٿو سو اسان لکندا رهنداسين ۽ ان لاءِ سزا کي ڊگهو ڪندا رهنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سمجھ ته اَسِين لِکون پِيا، جِھڙِي لات لَنوي، ۽ اِنگھائينداسون عذاب مان، ڪارڻ تِنهن ڪَوي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنَرِثُهُ ما يَقولُ وَيَأتينا فَردًا (آيت : 80)

۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ ھيڪلو ايندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


هو جنهن مال ۽ اولاد جي دعويٰ ڪري ٿو (سو کڻي مليس ته به) آخر هو اسان جي ئي قبضي ۾ ايندو. ۽ اسان وٽ ايندو به اڪيلوئي اڪيلو. (مال ۽ اولاد ڪم ڪونه ايندس).(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين سندس مال ۽ اولاد جا وارث هونداسين ۽ پاڻ اسان وٽ اڪيلو ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهو (جنهن مال اولاد بابت) بڪي ٿو تنهن جا وارث ٿينداسون ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو.(سيد فرمان علي)


۽ وارث ٿينداسون ان کان ان جا جيڪو چوي ٿو ۽ ايندو اسان وٽ اڪيلو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اهو جيڪي شيون چوي ٿو تن جا (ان جي مرڻ کان پوءِ) وارث ٿينداسون ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪي چوي ٿو (مرڻ بعد) ان جا اسان وارث ٿينداسين ۽ اهو اسان وٽ اڪيلو ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سَنڀالِينداسون، سو سڀئـِي، جِھڙي چال چوي، ۽ اَسان پيش پَوي، فَردا، فَردا هيڪلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لِيَكونوا لَهُم عِزًّا (آيت : 81)

۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن ته اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هنن ماڻهن الله کان سواءِ ٻين کي کڻي معبود بنايو آهي ته سندن مددگار ٿين.(علامه علي خان ابڙو)


انهن (مشرڪن) الله تعالى کانسواءِ معبود ورتا آهن ان لاءِ ته اهي سندن مددگار ٿين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻين کي معبود بنايو، هن لاءِ ته اهي (معبود) انهن لاءِ عزت جو سبب ٿين.(سيد فرمان علي)


۽ بنايائون سواءِ الله جي (ٻيا) معبود تانته هجن انهن جي لاءِ طاقت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله کان سواءِ ٻين کي معبود بنايو اٿن هن لاءِ ته اهي (معبود) انهن لاءِ عزت جو سبب ٿين. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن الله کي ڇڏي (ڪيئي ٻيا) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته اُهي سندن واسطي عزت جو سبب بنجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُنهن اَ گا پَنهنجا ڌاريا، ڌَڻِئَ ڌار، تان هُجن تَن هارِ، مُهابو ۽ مانَکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَلّا سَيَكفُرونَ بِعِبادَتِهِم وَيَكونونَ عَلَيهِم ضِدًّا (آيت : 82)

ائين نه آھي، سندين پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پر هرگز ائين ڪونه ٿيندو آهي (قيامت جي ڏينهن) سندن بندگيءَ بابت صاف انڪار ڪندا ۽ اٽلندو هنن جا مخالف ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


ايئن هرگز نه ٿيندو، اهي جلدي بتن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ اهي سندن سخت دشمن ٿي پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ائين هرگز نه ٿيندو. اهي (هٿرادا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿيندا.(سيد فرمان علي)


جلد انڪار ڪندا عبادت انهن جي جو ۽ هوندا انهن جي مٿان دشمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ائين نه ٿيندو. اهي انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


هرگز (ائين) ناهي عنقريب اُهي (ڪوڙا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَمجھ ته سَندنِ شيوا کان، اَوس ڪن اِنڪار، ۽ وٖيريَنِ وارو وار، آخر ڪَندا اُنهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم تَرَ أَنّا أَرسَلنَا الشَّيٰطينَ عَلَى الكٰفِرينَ تَؤُزُّهُم أَزًّا (آيت : 83)

(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون ته (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون ڏسين ٿو ڇا ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي چاڙهي موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته هنن کي (گناهن ۽ فساد ڪرڻ لاءِ برغلائيندا ۽) اڀاريندا رهن.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ اسان ڪافرن تي شيطان موڪليا جيڪي انهن کي (گناهن لاءِ) اُڀارين ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي (بڇي) ڇڏيو آهي جي انهن کي (گناهن لاءِ) بهڪائين ٿا.(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته بلاشڪ اسان مسلط ڪيو شيطانن کي ڪافرن تي نچائن ٿا انهن کي گهڻو نچائڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي ڇڏيو جي انهن کي (گناهن لاءِ) ڀڙڪائين ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي ڇڏيو آهي اُهي کين (گناهن تي) خوب اڀارن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڏِٺئ؛ِي؟ ته اَسان اِبلِيس، مُنڪرن تي موڪليا، پوءِ کَڙا ڪن خَسِيس، اُنهن کي اِنڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلا تَعجَل عَلَيهِم إِنَّما نَعُدُّ لَهُم عَدًّا (آيت : 84)

پوءِ مٿن تڪڙ نه ڪر، انھن لاءِ پوري ڳڻ ڳڻيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ تون انهن جي باري ۾ تڪڙ نه ڪر، (سندن فيصلو ڪرڻ ۽ کين مغلوب ڪرڻ ۾ جا دير ٿي رهي آهي، سا فقط هن ڪري آهي جو) اسان هنن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون. (مقرر وقت ويجهو اچي ويو آهي).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ توهان (انهن جي عذاب لاءِ) تڪڙ نه ڪريو، اسين انهن جي ڳڻپ ڪريون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ تون مٿن (عذاب اچڻ لاءِ) جلدي نه ڪر. اسين رڳو سندن (حياتيءَ جا ڏنل ڏينهن) ڳڻيون ٿا.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه تڪڙ ڪر انهن تي صرف ڳڻي ٿا ڏيون انهن کي ڪجهه ڳڻي ڏنل ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ تون مٿن (عذاب اچڻ لاءِ) جلدي نه ڪر.اسين رڳو سندن (حياتيءَ جا ڏينهن) ڳڻيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ تون انهن لاءِ (عذاب اچڻ جي) جلدي نه ڪر. اسان خود انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ تون تَن جي بابَ ۾، نه تَڪڙائـٖي تَڪرار، اَسِين نالي وار، پِيا ڳَڻيون پُورِيَ ڳَڻپ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يَومَ نَحشُرُ المُتَّقينَ إِلَى الرَّحمٰنِ وَفدًا (آيت : 85)

اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ کڙو ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهي ڏينهن (جيڪو پري ناهي) اسان پرهيزگار انسانن کي پنهنجي حضور ۾ مهمانن وانگر آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


قيامت جي ڏينهن اسين پرهيزگارن کي گڏ ڪري پاڻ ڏانهن وفد ڪري آڻينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جنهن ڏينهن پرهيزگارن کي رحمان (خدا) پاڻ وٽ مهمان ڪري گڏ ڪنداسون.(سيد فرمان علي)


ان ڏينهن اٿارينداسون متقين کي رحمان ڏانهن مهمانن وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن ڏينهن پرهيزگارن کي وڏي مهربان (الله) وٽ مهمان ڪري گڏ ڪنداسون. (مولانا محمد مدني)


جنهن ڏينهن اسان پرهيزگارن کي گڏ ڪري رحمان جي حضور (معزز مهمانن وانگر سوارين تي) آڻينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀيڙا ڪنداسون ڀَلن کي، تنهِن ڏِينهن، مولي وَٽ، مهمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنَسوقُ المُجرِمينَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وِردًا (آيت : 86)

۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ گهنگارن کي اڃايل جانور وانگر دوزخ ڏي ڪاهي هڪالي وينداسين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسين، مجرمن کي جهنم ڏانهن اڃايل ڪري هڪلينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڏوهارين کي جهنم ڏي اڃايل هڪلي اينداسون.(سيد فرمان علي)


۽ هڪلينداسون مجرمن کي جهنم ڏانهن اڃايل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڏوهارين کي جهنم ڏي اڃايل هڪلي اينداسون. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان ڏوهارين کي جهنم ڏانهن اُڃَايَلُ (جانور وانگر) هڪلي اينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بُڇن ڪَنداسون باھ ڏي، چوکُنڀو چالان؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لا يَملِكونَ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحمٰنِ عَهدًا (آيت : 87)

جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نه سگھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهيءَ ڏينهن سفارش ڪرڻ يا ڪرائڻ ڪنهن جي به اختيار ۾ نه هوندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي خدا جي حضور مان واعدو مليو هوندو.(علامه علي خان ابڙو)


نٿا مالڪ ٿين ڪنهن شفاعت جا، مگر اهي، جن کي شفاعت جي اجازت مليل هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(ان ڏينهن) اهي ماڻهو سفارش تي (به) قادر نه ٿيندا، پر (هاءُ) جنهن شخص خدا کان (سفارش جو) انجام وٺي ڇڏيو هوندو.(سيد فرمان علي)


نه مالڪ ٿيندا شفاعت جا مگر اهو جنهن ورتو رحمان وٽ پڪو وعدو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته جنهن وڏي مهربان (الله) وٽان (سفارش جو) انجام ورتو هوندو تنهن کان سواءِ ٻيا سفارش جو حق نه رکندا. (مولانا محمد مدني)


(ان ڏينهن) ماڻهو شفاعت جا مالڪ نه هوندا سواءِ ان جي جنهن رحمان کان عهد ورتو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پارت پُورت ڪِنهن جِي، ڪري سگھندا ڪانه، مگر وَٽِ مَنّان، وَرتو جِنهن واعِدو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا (آيت : 88)

۽ چوندا آھن ته الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اهي ماڻهو (يعني عيسائي) چون ٿا ته رحمان خدا پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (ڪافر) چون ٿا ته رحمان اولاد پسند ڪيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (يهودي) چون ٿا ته خدا (عزيز کي) پٽ بنايو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ چيائون ته ٺاهيو الله اولاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چون ٿا ته وڏي مهربان (الله پاڻ لاءِ) اولاد ٺهرايو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي چون ٿا ته: رحمان (پنهنجي لاءِ) اولاد بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چيائون اِهڙي چال، ته پَرور پُٽ ٺَهرايو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَقَد جِئتُم شَيـًٔا إِدًّا (آيت : 89)

(چئبن ته) بيشڪ اوھان بڇڙي شيء آندي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اها تمام سخت خراب ڳالهه آهي جا ٺاهي پيش ڪئي ويئي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ توهان عجيب ڳالهه چئي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) چوين ته اوهان اهڙي سخت ڳالھ (پنهنجي طرفان گهڙي) چئي آهي.(سيد فرمان علي)


البته تحقيق آندي اوهان شيءِ ڳري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اوهان بڇڙي شيءِ آندي آهي، (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اوهان (اي مُشرڪو!) بڇڙي شيءِ (زبان تي گھڙي) آندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


بيشڪ بِلڪُل بُڇڙِي، آندِي اَوهان ڳالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِنهُ وَتَنشَقُّ الأَرضُ وَتَخِرُّ الجِبالُ هَدًّا (آيت : 90)

اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ڦاٽندا ۽ زمين ڦاٽندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اهڙي خراب ڳالهه تي ممڪن آهي ته) آسمان ڦاٽي پوي ۽ زمين ۾ ڏار پئجي وڃي ۽ جبل ڏڪي ڪري پون.(علامه علي خان ابڙو)


(اهڙي ڳالهه ٻڌي) قريب آهي ته آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين چيرجي پوي ۽ جبل ڍهي ڪري پون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو جيڪر ان کان آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪري پون.(سيد فرمان علي)


ويجهو آهي جو آسمان ڦاٽي پون ان سببان ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي زمين ۽ ڊهي پون جبل ڪرندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جنهن کان متان آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ڦاٽي پوي ۽ جبل ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پون. (مولانا محمد مدني)


ان (بهتان)کان قريب آهي جو آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ڏري پوي ۽ پهاڙ پُرزا پُرزا ٿي ڪِري پون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته اُڀ ڦاٽن اُن ڪنان، ۽ ڀُون ڀيٖرُون هَڻي بَحال، ۽ اُن کان ڀوراڀور ٿِي، ڪِرن جَبل جال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَن دَعَوا لِلرَّحمٰنِ وَلَدًا (آيت : 91)

اُنھي سببان جو (انھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(جو) ماڻهو الله جي لاءِ پٽ هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


ان لاءِ ته انهن رحمان لاءِ اولاد جي نسبت ڪئي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان ڳالھ کان انهن ماڻهن خدا جي لاءِ پٽ مقرر ڪيو آهي.(سيد فرمان علي)


هن جي ڪري جو سڏيائون رحمان جي لاءِ اولاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هن ڪري جو وڏي مهربان (الله) جو اولاد ٺهرائين ٿا. (مولانا محمد مدني)


جو انهن وڏي مهربان (الله) لاءِ اولاد جي دعوى ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ته سَڏيو صاحِب نال، نِينگر نونِهال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما يَنبَغى لِلرَّحمٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا (آيت : 92)

۽ الله کي اولاد وٺڻ نه جڳائيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ کي ڪيئن ٿو جڳائي جو پاڻ لاءِ هڪ پٽ بنائي رکي.(علامه علي خان ابڙو)


اولاد جي نسبت رحمان جي شايانِ شان ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن خدا جو شان نه آهي جو اهو (ڪنهن کي) پنهنجو پٽ بنائي.(سيد فرمان علي)


۽ نٿو لائق رهي رحمان جي لاءِ ته رکي اولاد .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هوڏانهن وڏي مهربان (الله) لاءِ هيءَ ڳالهه نه ٿي ٺهي (مولانا محمد مدني)


۽ رحمان لاءِ اِها ڳالهه ٺهي ئي نه ٿي جو (ڪنهن کي پنهنجو) اولاد بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ سائـِين سُهائي ڪِين، ته پَٽئـِين ڪِنهن کي پُٽ ڪري، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِن كُلُّ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِلّا ءاتِى الرَّحمٰنِ عَبدًا (آيت : 93)

جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


حالانڪ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي سو انهيءَ لاءِ آهي ته الله جي اڳيان ٻانهپ جو سر جهڪائي حاضر ٿئي.(علامه علي خان ابڙو)


آسمانن ۽ زمينن ۾ جيڪي آهن سي سڀ رحمان جي حضور ۾ ٻانها ٿي حاضر ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو خدا جي اڳيان رڳا بندا بنجي اچي حاضر ٿين ٿا.(سيد فرمان علي)


ناهي سڀ جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي مگر ايندڙ آهي الله وٽ ٻانهو بنجي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ته (ڪنهن کي پنهنجو) اولاد ٺهرائي. جو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو وڏي مهربان (الله) وٽ ٻانهون ٿي اچڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو وڏي مهربان (الله) وٽ ٻانهو بنجي پيش ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ناهِن اُڀ، زَمِين ۾، مَگر سَڀ مِسڪِين، گولا ٿِي غَمگِين، اَچڻا دَر اَلله جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَقَد أَحصىٰهُم وَعَدَّهُم عَدًّا (آيت : 94)

بيشڪ الله کين ڳڻيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس.(علامه تاج محمود امروٽي)


هن (پنهنجي قدرت سان) انهن (عيسائين) کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، ۽ (پنهنجي علم سان) هڪ هڪ کي ڳڻي ڇڏيو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى انهن جي چڱي طرح ڳڻپ ڪئي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ انهن کي پنهنجي (علم جي) احاطي ۾ گهيري رکيو اٿس ۽ انهن کي ڳڻي ڇڏيو اٿس.(سيد فرمان علي)


البته تحقيق قابو رکيائين انهن کي ۽ ڳڻيائين انهن کي پورو ڳڻڻ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو اٿس ۽ انهن کي ڳڻي ڇڏيو اٿس. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو اٿس ۽ انهن کي پوري طرح شمار ڪيو اٿس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سارئـِينِ توڙ تَمام، ۽ ڳـڻـئـِينِ پُورِئَ ڳَڻپ سان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكُلُّهُم ءاتيهِ يَومَ القِيٰمَةِ فَردًا (آيت : 95)

۽ قيامت جي ڏينھن انھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ قيامت جي ڏينهن سندس حضور ۾ اڪيلا اچي بيهندا. (يعني ڪوبه مددگار ساڻن ڪونه هوندو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن مان هر هڪ الله جي دربار ۾ اڪيلو اڪيلو ٿي ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هر هڪ ان وقت قيامت جي ڏينهن اڪيلو ايندو.(سيد فرمان علي)


۽ هر هڪ انهن مان ايندڙ آهي ان وٽ قيامت جي ڏينهن اڪيلو ٿي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هر هڪ ان وٽ قيامت جي ڏينهن اڪيلو ايندو. (مولانا محمد مدني)


۽ اهي سڀئي وٽس قيامت واري ڏينهن اڪيلا ايندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪُل، سي ڏِينهن قِيام، اُن وَٽِ اَڪيلا اَچڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَّحمٰنُ وُدًّا (آيت : 96)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عملن کي لڳي ويا آهن تن متعلق يقين آهي ته رحمان خدا (ماڻهن جي دلين ۾) انهن لاءِ محبت پيدا ڪري ڇڏيندو. (يعني ماڻهو انهن ڏانهن ائين ڇڪجي ايندا جيئن لوه جي سئي چقمق ڏانهن ايندي آهي ۽ کين نهايت پسند ڪندا).(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جلدي الله تعالى انهن سان پيار ڪندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا جلد خدا سندن محبت ماڻهن تي فرض ڪندو.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل جلد ڪندو انهن جي لاءِ رحمان وڏي محبت .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي وچ ۾ وڏو مهربان (الله) محبت پيدا ڪندو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته جلد وڏو مهربان (الله) انهن لاءِ (ماڻهن جي دلين ۾) محبت پيدا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آندو جَن اِيمان، ۽ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، تَن لئي رَبُّ، رَحمان، پيدا ڪندو پِرِيتڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ المُتَّقينَ وَتُنذِرَ بِهِ قَومًا لُدًّا (آيت : 97)

پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انهيءَ غرض سان) اسان قرآن کي تنهنجي ٻولي (عربي) ۾ نازل ڪري آسان ڪيو آهي ته پرهيزگار انسانن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏئي ۽ جيڪا قوم سچائيءَ جي مقابلي ۾ ضد ڪندڙ ۽ هٺ ڪندڙ هجي تنهن کي (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ (هي قرآن) اسان توهان جي زبان تي آسان بنايو ان لاءِ توهان انهيءَ سان پرهيزگارن کي مبارڪ ڏيو ۽ سخت جھيڙاڪ قوم کي ڊيڄاريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ اسان هن محبت جي فرض کي تنهنجيءَ زبان جي ذريعي آسان ڪيو آهي ته جيئن تون ان سبب پرهيزگارن کي (جنت) جي خوش خبري ڏين.(سيد فرمان علي)


پوءِ تحقيق آسان ڪيو اسان ان کي تنهنجي زبان (پاڪ) سان تانته بشارت ڏين ان سان پرهيزگارن کي ۽ ڊيڄارين ان سان قوم جهيڙا ڪار کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان ان (قرآن) کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ رڳو هن لاءِ آسان ڪيو آهي ته تون ان سان پرهيزگارن کي خوشخبري ٻڌائين ۽ جهڳڙالو ماڻهن کي ان سان ڊيڄارين. (مولانا محمد مدني)


پوءِ بيشڪ اسان هن (قرآن) کي تنهنجي زبان ۾ آسان ڪيو آهي تان جو تون ان جي ذريعي پرهيزگارن کي خوشخبري ٻڌائين ۽ ان جي ذريعي جهڳڙالو قوم کي ڊيڄارين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَيو سون تُنهنجِي زبان تي، اِن لئي اِهو آسان، ته ڀَلن ڏِيِـين بِشارتون، تِنهن مُوجب مِهربان، پڻ خوف ڏِيارِين خان! تِنهن سان تَڪرارِي، قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هَل تُحِسُّ مِنهُم مِن أَحَدٍ أَو تَسمَعُ لَهُم رِكزًا (آيت : 98)

۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن (قريش سرڪشن) کان اڳي قومن جا ڪيترائي دور ٿي گذريا آهن جن کي اسان (بدعملن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن جي به هستي (هاڻي) محسوس ڪيو ٿا؟ ڇا هنن جي رڳو ڀڻ ڀڻ به ڪا ٻڌجي ٿي؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن کان اڳ ۾ اسان ڪيتريون ئي قومون برباد ڪيون، ڇا توهان انهن مان ڪنهن کي ڏسو ٿا يا توهان انهن جو ڪو معمولي آواز ٻڌو ٿا (يقيناً نه)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (عرب جي) جهڳڙالو قوم کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار ۽ اسان هن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن کي ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀڻڪ ٻڌين ٿو؟(سيد فرمان علي)


۽ گهڻيون ئي هلاڪ ڪيون اسان اڳي انهن کان جماعتون ڇا محسوس ڪرين ٿو انهن مان ڪو هڪڙو يا ٻڌين ٿو انهن جو ڪو، ڀڻڪو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن کان اڳ اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون، ڇا انهن مان ڪنهن کي ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀڻڪ ٻڌين ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون. ڇا تون انهن مان ڪنهن هڪ جو وجود ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀُڻڪ ٻڌين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَڳ جُڳ ڪيترا،ڪياسون ناس نِپٽ، هاڻي ڪو پَسين هيڪڙو، تن مان، پَڌرو مَٿي پَٽِ؟ يارُون رُون ۽ رُونگٽ، ڪو سُڻِين سَندِن هَڏن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017