018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن نازل ڪيو ٻانهي پنهنجي تي ڪتاب ۽ نه ڪيائين ان ۾ ڪا ڦِڏائي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب نازل ڪيو. ۽ ان ۾ ڪجهه به ور وڪڙ نه رکيو اٿس.
— مولانا محمد مدنيسڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن، جنھن پنھنجي ٻانھي تي اھڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي جنھن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه رکيو ويو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
سڌو ڪندڙ تانته ڊيڄاري مصيبت سخت کان ان وٽان ۽ بشارت ڏئي مؤمنن کي جيڪي ڪن ٿا نيڪ عمل ته بلاشڪ انهن لاءِ ثواب سهڻو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن پاڻ وٽان (ايندڙ) سخت آفت کان ڊيڄاري ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي،
— مولانا محمد مدنيصاف ۽ سڌي ڳالھ بيان ڪرڻ وارو ڪتاب آھي ته جيئن ماڻهن کي الله تعاليٰ جي پاران اچڻ واري سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي سھڻي اجر جي خوشخبري ٻڌائي.
— عبدالسلام ڀُٽومَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن ۾ اهي هميشه رهندا،
— مولانا محمد مدنياھي نيڪ ماڻهو ھن خوشخبري (جي نتيجي) ۾ ھميشه جنت ۾ رهندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ ڊيڄاري انهن کي جن چيو ته ٺاهيو الله اولاد .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن کي ڊيڄاري جن چيو ته الله (پاڻ لاءِ) اولاد ورتو آهي.
— مولانا محمد مدني۽ انهن ماڻهن کي (به) ڊيڄاري جن چيو ته اللھ تعالى کي اولاد آھي.
— عبدالسلام ڀُٽومَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ۽ نه پيئرن انهن جي کي وڏو ڪلمو آهي جيڪو نڪري ٿو واتن انهن جي مان نٿا چون مگر ڪوڙ.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر آهي. جيڪا ڳالهه سندن وات مان نڪري ٿي، سا وڏي آهي. اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا.
— مولانا محمد مدنيانهن کي ان ڳالھ جو نه ته ڪو علم آھي ۽ نه ئي سندن ابن ڏاڏن کي ڪو علم ھو. اھا هڪ انتھا درجي جي (غير ذميدارانه) ڳالھ آھي جيڪا سندن واتن مان نڪري ٿي ۽ اھو سراسر ڪوڙ آھي جيڪو ھُو بَڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
پوءِ شايد تون هلاڪ ڪندڙ آهين سر پنهنجي کي انهن جي ڪرتوتن تي جيڪڏهن نه ايمان آندائون هن ڳالھ تي افسوس ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ متان پنهنجي جان کي غم جي ڪري سندن پٺيان هلاڪ ڪرين جيڪڏهن اهي ان ڳالهه کي نه مڃين.
— مولانا محمد مدنيتون شايد پنھنجو پاڻ کي افسوس وچان ڳاري ڇڏيندين جيڪڏھن ھو ھِن تعليم تي ايمان نه آڻيندا.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
بيشڪ اسان ٺاهيو ان کي جيڪو زمين تي آهي سينگار ان جي لاءِ تانته آزمايون انهن کي ته ڪهڙو انهن مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل جي لحاظ سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهنجو عمل چڱو آهي.
— مولانا محمد مدنياسان زمين جي مٿان سينگار جون شيون ان ڪري رکيون آھن ته جيئن کين آزمائي ڏسون ته انهن مان ڪير سٺا عمل ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ بيشڪ اسان البته بنائيندڙ آهيون ان کي انهيءَ تي آهي ميدان سڪل.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين صاف ميدان ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنيآخرڪار اسان زمين جي مٿان رهڻ واري ھر شيءِ کي فنا ڪري صاف ميدان ڪري ڇڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽواَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا ڀانيو تو ته بيشڪ غار وارا ۽ رقيم وارا هئا اسان جي آيتن مان عجب .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته غار ۽ رقيم وارا، اسان جي نشانين مان عجيب شئي هئا.
— مولانا محمد مدنيڇا تون سمجهين ٿو ته غار وارا (يعني اصحاب ڪھف) ۽ رقيم وارا (يعني اصحاب رقيم) اسان جي وڏين عجيب نشانين مان ھئا؟
— عبدالسلام ڀُٽواِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن جاءِ ورتي جوانن غار ۾ پوءِ عرض ڪيائون ته اي اسان جا پالڻهار! ڏي اسان کي پاڻ وٽان رحمت ۽ تيار ڪر اسان جي لاءِ امر اسان جي مان هدايت .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اهي جوان غار ۾ وڃي ويٺا، پوءِ چيائون ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان تي پنهنجي طرفان مهرباني ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جو بندوبست ڪر.
— مولانا محمد مدنيجڏھن ڪجهه نوجوانن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ته انهن اللھ تعالى کان دعا گهري ته: اي اسان جا پالڻھار! تون پنھنجي خاص مھربانيءَ سان اسان کي رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملي کي سھڻي طريقي سان حل فرماءِ.
— عبدالسلام ڀُٽوفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ (بندش) لڳائي سون ڪنن انهن جي تي (ٻڌڻ کان) غار ۾ ڪيترائي سال ڳڻيل .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اسان ان غار ۾ انهن جي ڪنن تي ڪيترائي ورهه ننڊ جو پردو وڌو.
— مولانا محمد مدنياسان کين غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
تنهن کان پوءِ اٿاريوسون انهن کي (ننڊ مان) تانته (ظاهري طرح) ڄاڻون اسين ته ڪير ٻنهي جماعتن مان وڌيڪ ڳڻيندڙ آهي ان جي لاءِ جو (آرام ۾) رهيا مدت.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(ان کان) پوءِ اسان کين اٿاريو ته معلوم ڪريون ته جا مدت اهي رهيا سا ٻنهين جماعتن مان ڪنهن ياد رکي.
— مولانا محمد مدنيپوءِ کين ننڊ مان اٿاريو ته جيئن ڏسون ته انهن ٻنهي گروهن (يعني اصحاب ڪھف ۽ رقيم وارن) مان ڪنھن کي پنھنجي ھن حالت ۾ رھڻ جي عرصي جو صحيح اندازو آھي؟
— عبدالسلام ڀُٽونَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسين بيان ٿا ڪريون تنهنجي اڳيان خبر انهن جي حق سان بلاشڪ اهي نوجوان هئا جن ايمان آندو رب پنهنجي تي ۽ وڌائي سون انهن کي هدايت .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياسين توکي سندن سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪيترا جوان هئا جن پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آندو ۽ اسان کين زياده هدايت ڏني.
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن جو صحيح صحيح واقعو ٻڌايون ٿا، بيشڪ ھو چند نوجوان ھئا جن پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين ھدايت تي مضبوط رکيو ھو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ مضبوطي پيدا ڪئي اسان دلين انهن جي تي جڏهن اٿي بيٺا پوءِ چيائون اسان جو پالڻهار رب آسمانن ۽ زمين جو آهي هرگز نه عبادت ڪنداسون ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي البته تحقيق چئي اسان ان وقت بيهودي ڳالھ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان سندن دليون (صبر سان) مضبوط ڪيون. جنهن وقت اهي (همت ڪري) اٿيا پوءِ چيائون ته اسان جو پاليندڙ آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ آهي ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود نه چونداسون نه ته (سمجهه ته) اسان تڏهن حد کان لنگهيل ڳالهه چئي.
— مولانا محمد مدنياسان انهن جي ان وقت دل وڌائي جڏھن ھو (پڪو ارادو ڪري) اٿيا ۽ وڏي واڪي چئي ڏنائون ته اسان جو پالڻھار اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي. اسان ان کي ڇڏي ڪنھن ٻئي کي معبود ڪري ھرگز نه پڪارينداسين، جي اسان ايئن ڪيو ته اھا اسان جي انتھائي غلط ڳالھ ٿيندي.
— عبدالسلام ڀُٽوهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
هي قوم اسان جي آهي جن ٺاهيا ان کان سواءِ ٻيا معبود ڇو نه ٿا آڻين انهن تي دليل چٽو پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي، ان کان جنهن ٺاهي هنيو الله تي ڪوڙ.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهيءَ اسان جي قوم آهي هنن ان کان سواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا آهن، انهن بابت ڪو ظاهر دليل ڇو نه ٿا آڻين؟ پوءِ جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو تنهن کان وڏو ظالم ڪير آهي؟
— مولانا محمد مدني(اُنھن اھو به چيو ته) اسان جي قوم اصل معبود ڇڏي ٻين کي وڃي معبود ٺاھي ورتو آھي ۽ هُو انهن معبودن جي باري ۾ ڪو واضح دليل به نٿا ڏين، سو ھاڻي جيڪو اللھ تعالى تي ويھي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جڏهن پاسو ڪيو اوهان انهن کان ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ پوءِ پناھ وٺو غار ۾ ته پکيڙيندو اوهان جي لاءِ رب اوهان جو رحمت پنهنجي ۽ تيار فرمائيندو اوهان لاءِ امر اوهان جي مان نرمي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (هاڻي) غار ۾ وڃي ويهو ته اوهان تي اوهان جو پاليندڙ پنهنجي رحمت پکيڙي ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان لاءِ آرام جو سامان تيار ڪري.
— مولانا محمد مدني(پوءِ هو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته) ڳالھ ھي آھي ته توھان ھنن ماڻهن ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ سندن ڪوڙن معبودن کان ته الڳ ٿي چڪا آھيو پوءِ ڇو نه ھلي ڪنھن غار ۾ پناهه وٺون ۽ توهان جو پالڻھار (ضرور) توهان تي پنھنجي رحمت جو ڇانورو ڪندو ۽ اوھان لاءِ اوھان جي ڪمن ۾ آساني فرمائيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ ڏسندين تون سج کي جنهن وقت اڀري ٿو ته لڙي ٿو لنگھي غار انهن جي کان سڄي پاسي ۽ جڏهن لهي ٿو ته مڙي ٿو انهن کان کٻي پاسي ۽ اهي ويڪرائيءَ ۾ آهن ان کان اهي نشانيون الله جون آهن جنهن کي هدايت ڪري الله پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري پوءِ هرگز نه لهندين ان لاءِ ڪو مددگار رهنما. ع
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن سج اڀري ٿو ته تون ڏسندين ته انهن جي غار کان اُس سڄي پاسي لڙي وڃي ٿي ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي مڙي وڃي ٿي ۽ اهي غار جي ويڪرائي ۾ آهن. اهو الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله رستو ڏيکاري سو ئي رستو لهندڙ آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ توکي ڪوبه رستو ڏيکاريندڙ دوست نه ملندو.
— مولانا محمد مدني(پوءِ ھنن ويچارن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اللھ تعالى کين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو) جيڪڏهن توھان سج کي ڏسو ھا ته ھو جڏھن اڀري پيو ته ان جي اُس غار جي ساڄي پاسي کان لڙي وڃي پئي ۽ جڏھن سج لھي پيو ته (غار کي ڇڏي) کاٻي پاسي کان غروب ٿي وڃي پيو، ھو غار جي اندر ھڪ ڪشادي ميدان ۾ ستل ھئا. ھي اللھ تعالى جون نشانيون آھن (ھاڻي) جنھن کي به اللھ تعالى ھدايت نصيب ڪري اھوئي ھدايت وارو ٿيندو ۽ جنھن کي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪري ته اھڙي ماڻهوءَ کي ھدايت تي آڻڻ لاءِ تون به ڪو ھدايت ڏيڻ وارو نه لھي سگهندين.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ گمان ڪندين تون انهن کي سجاڳ ۽ اهي ستل آهن ۽ ڦيرايون ٿا انهن کي سڄي ۽ کٻي ۽ ڪتو انهن جو ڊگھيون ڪندڙ آهي اڳيون ٽنگون پنهنجون چائنٺ تي جيڪڏهن ويجھي کان نظر وجھين انهن تي ته البته پوئين پير ڦرين انهن کان بچڻ لاءِ ۽ البته ڀرجي وڃين تون انهن کان رعب ۾.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ساڄي پاسي تي ۽ کاٻي پاسي تي پيا اُٿلايون. ۽ سندن ڪتو چائنٺ تي پنهنجيون اڳيون ٽنگيون پکيڙيو پيو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.
— مولانا محمد مدنيانهن کي ڏسي توھان اھو سمجهو ھا ته ھو جاڳن پيا، حالانڪ ھو گهري ننڊ ۾ ستل ھئا ۽ اسان کين ساڄي ۽ کاٻي طرف پاسا ورائيندا ھئاسون ۽ انهن جو ڪُتو غار جي مُنھن وٽ اڳيون ٽنگون ٽيڙي ويٺو ھو. جيڪڏھن توھان کين لِيو پائي ڏسو ھا ته (خوف وچان) فوراً پويان پير ڪري ڀڄو ھا . اهو منظر ڏسي توھان جي مٿان دهشت ڇانئجي وڃي ھا.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اهڙي طرح اٿاريوسون انهن کي تانته پڇا ڳاڇا ڪن پاڻ ۾ چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته ڪيترو رهيا آهيو چيائون ته رهياسون ڏينهن يا بعض ڏينهن جو چيائون ته رب اوهان جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو رهيئو اوهان پوءِ موڪليو هڪڙو اوهان مان ڪرنسيءَ پنهنجيءَ هن سان شهر ڏانهن پوءِ جڳائي ته ڏسي ڪهڙو انهن مان وڌيڪ صاف طعام وارو آهي پوءِ ڀل ته آڻي اوهان وٽ کاڌو ان مان ۽ نرمي اختيار ڪري ۽ هرگز نه ڄاڻ ڏئي اوهان جي ڪنهن هڪ کي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهڙي طرح اسان کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو رهيا آهيو؟ چيائون ته (هڪ) ڏينهن يا ڏينهن کان گهٽ رهيا آهيون. چيائون ته جيترو رهيا آهيو، تنهن کي اوهان جو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي، پوءِ پاڻ مان هڪ کي هيءَ پنهنجي چاندي ڏيئي شهر ڏي موڪليو پوءِ هو ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زياده سٺو آهي سو ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي.
— مولانا محمد مدنياھڙيءَ طرح جڏھن اسان کين ننڊ مان جاڳايوسين ته جيئن ھو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان پڇا ڪن. انهن مان ھڪڙي چيو ته توھان کي غار ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آھي؟ جواب ۾ ٻين چيس ته ھڪ ڏينھن پورو يا کڻي ڏينھن جو ڪجهه حصو ــ پوءِ چيائون ته توھان جي پالڻھار کي ئي صحيح خبر آھي ته اسان ھن غار ۾ ڪيترو عرصو گذاريو آھي؟ ھاڻي پاڻ مان ڪنھن کي چانديءَ جو سڪو ڏئي شھر موڪليون ته جيئن ھو شھر وڃي ٿورو گهمي ڦري ڏسي ته سٺو کاڌو ڪٿي ملي ٿو پوءِ اتان کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچي ۽ ماڻهن سان تمام ھوشياري سان ڳالھائي ته جيئن توھان جي حال جي ڪنھن کي خبر به نه پئجي سگهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
بيشڪ اهي جيڪڏهن غالب ٿيندا اوهان تي ته سنگسار ڪندا اوهان کي يا موٽائيندا اوهان کي دين پنهنجي تي ۽ هرگز ڪامياب نه ٿيندؤ ان وقت هميشہ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇو ته جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پوندي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ان وقت اوهين ڪنهن به ڪامياب نه ٿيندو.
— مولانا محمد مدنيڇوته جيڪڏھن انهن کي توھان جي باري ۾ خبر پئجي وئي ته ھو سڀني کي پٿرن سان ماري ڇڏيندا يا وري سڀني کي پنھنجي مشرڪانه دين ۾ داخل ٿيڻ تي زور ڀريندا. ان صورت ۾ ته توھان ڪڏھن به ڪامياب نه ٿي سگهندا.
— عبدالسلام ڀُٽو