016 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 128 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
اَتٰٓى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 1
اچي ويو امر الله جو پوءِ نه تڪڙو طلب ڪيو ان کي پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون آهي ان کان جنهن کي شريڪ ٿا بنائين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله جو حڪم آيو، پوءِ اوهين ان جي جلد اچڻ جي گهر نه ڪريو الله پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدني(بيشڪ) اللھ تعالى جو حڪم اچي چڪو آھي، تنهنڪري توھان ان جي نافذ ٿيڻ ۾ جلدي نه ڪريو. ھي ماڻهو جن کي شريڪ ڪن ٿا اللھ تعالى انهن کان پاڪ ۽ گهڻو بلند آھي.
— عبدالسلام ڀُٽويُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖٓ اَنْ اَنْذِرُوْٓا اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاتَّقُوْنِ 2
لاهي ٿو ملائڪن کي روح (وحي) سان امر پنهنجي سان ان تي جنهن کي گھري ٻانهن پنهنجي مان هن سان ته ڊيڄاريو (ماڻهن کي) بيشڪ شان هي آهي ته ناهي ڪو عبادت جو لائق مون کان سواءِ پوءِ مون کان ئي ڊڄندا ڪيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري تنهن تي پنهنجي حڪم سان ملائڪن کي وحي سان موڪلي ٿو ته اوهين (ماڻهن کي) خبردار ڪريو ته مون کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي پوءِ مون کان ڊڄو.
— مولانا محمد مدنياللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گهرندو آھي پنھنجي حڪم سان ملائڪن جي ذريعي ان تي وحي موڪليندو آھي ته جيئن ماڻهن کي خبردار ڪري ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي. تنھنڪري مون کان ئي ڊڄو.
— عبدالسلام ڀُٽوخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ تَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 3
پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان مٿاهون آهي ان کان جو شريڪ ٿا بنائين ان سان، .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريآسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيائين. انهن کان بلند آهي جن کي ساڻس شريڪ ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدنيهن آسمانن ۽ زمين کي ھڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آھي، جن کي ھي ماڻهو شريڪ ڪن ٿا تن کان ھو انتھائي مٿانھون آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ 4
پيدا ڪيائين انسان کي (منيءَ جي) ڦڙي مان پوءِ اوچتوئي اهو جھيڙا ڪار کليل آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانسان کي منيءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ هو اجهو ظاهر جهڳڙالو ٿي پيو آهي.
— مولانا محمد مدنيھُن ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو ته ھُو (پنهنجي خالق جي سامهون) يڪدم پڌرو جهيڙاڪ ٿي بيٺو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالْاَنْعَامَ خَلَقَهَا ۚ لَكُمْ فِيْهَا دِفْءٌ وَّمَنَافِعُ وَمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ 5۠
۽ جانور پيدا ڪيائين- اوهان جي لاءِ انهن ۾ بچاءُ ۽ نفعا آهن ۽ انهن مان اوهان کائو ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ چوپائي مال کي پيدا ڪيو اٿس جن ۾ اوهان لاءِ (جسم کي) گرم رکڻ جو سامان ۽ (ٻيا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.
— مولانا محمد مدنيھُن ھستي جانورن کي پيدا ڪيو جن ۾ توھان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ (ٻيا) ڪيترائي فائدا رکيا آهن. ان کان علاوه ڪجهه جانورن جو توھان گوشت به کائو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَكُمْ فِيْهَا جَمَالٌ حِيْنَ تُرِيْحُوْنَ وَحِيْنَ تَسْرَحُوْنَ 6۠
۽ اوهان لاءِ انهن ۾ سينگار آهي جنهن وقت شام جو واپس آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت صبح جو چارڻ لاءِ ڪڍو ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن ۾ اوهان جي عزت آهي جنهن وقت (انهن کي شام جو) وٿاڻ تي آڻيو ٿا
— مولانا محمد مدنيتوھان جي لاءِ انهن (جانورن) ۾ ھڪ وڏو شان رکيل آھي. جڏھن توھان انهن کي شام جو جهنگ مان واپس گهر ڪاھي اچو ٿا ۽ وري صبح جو انهن کي گهرن مان ڪڍي جهنگ ڏانھن چرڻ لاءِ ڪاھي وڃو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِيْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِ ۭ اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 7ۙ
۽ کڻن ٿا ڳرا بار اوهان جا ان شهر ڏانهن جو نه هيئو پهچندڙ ان جا مگر سرن کي تڪليف ڏيڻ سان بيشڪ پالڻهار اوهان جو البته ٻاجھارو مهربان آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا. ۽ اهي اوهان جا بار اهڙي هنڌ کڻي وڃن ٿا جنهن کي جان جي تڪليف سهڻ کانسواءِ اوهين پهچڻ وارا نه آهيو. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهڻو مهربان نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيھي (جانور) توھان جي سامان کي اھڙين جڳھن تائين پھچائين ٿا جتي سامان پھچائڻ توھان جي لاءِ تمام مشڪل ھوندو آھي. بيشڪ توھان جو پالڻھار وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّالْخَيْلَ وَالْبِغَالَ وَالْحَمِيْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَزِيْنَةً ۭ وَيَـخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ 8
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ تانته سوار ٿيو انهن تي ۽ سنيگار (ڄاڻو) ۽ پيدا ڪندو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ گهوڙن ۽ خچرن ۽ گڏهن کي به پيدا ڪيو اٿس. هن لاءِ ته انهن تي سواري ڪريو ۽ زينت لاءِ (پيدا ڪيو اٿس)
— مولانا محمد مدني۽ ھُن ئي گهوڙا، خچر ۽ گڏھ پيدا ڪيا ته جيئن انهن تي سوار ٿي توھان پنھنجي زندگيءَ کي رونق بخشيو ۽ ھُو توھان جي فائدي لاءِ اھڙيون شيون به پيدا ڪري ٿو جن جي توھان کي ڪا به خبر نه آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَعَلَي اللّٰهِ قَصْدُ السَّبِيْلِ وَمِنْهَا جَاۗىِٕرٌ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ لَهَدٰىكُمْ اَجْمَعِيْنَ 9ۧ
۽ الله ڏانهن سڌو رستو آهي ۽ انهن مان ڪي غلط (رستا) آهن ۽ جيڪڏهن گھري ها ته البته هدايت ڪري ها اوهان سڀني کي. ع
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي شيون اوهين نه ٿا ڄاڻوسي به پيدا ڪري ٿو. ۽ الله تائين سڌو رستو پهچي ٿو ۽ ڪي رستا ڏنگا آهن.
— مولانا محمد مدنيسڌي راهه ٻڌائڻ اللھ تعالى جي ذمي آھي، جڏھن ته ڪي ڏنگا رستا به آھن جيڪڏھن ھو چاھي ھا ته توھان سڀني ماڻهن کي ھدايت سان نوازي ھا.
— عبدالسلام ڀُٽوهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لَّكُمْ مِّنْهُ شَرَابٌ وَّمِنْهُ شَجَـرٌ فِيْهِ تُسِيْمُوْنَ 10
اهو (الله) ئي آهي جنهن لاٿو آسمان کان پاني اوهان جي لاءِ ان مان پيئڻ جو آهي ۽ ان مان جھنگ (پيدا ٿيندو) آهي ان ۾ مال چاريندا آهيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪڏهن الله گهري ته اوهان سڀني کي رستو ڏيکاري. هو اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو جنهن مان پيئو ٿا ۽ ان مان جهنگ (پيدا) ٿئي ٿو، جنهن ۾ مال چاريو ٿا.
— مولانا محمد مدنياُھا ئي ذات آھي جنھن اوھان جي لاءِ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو جنھن مان توھان (خوب) پيئو ٿا ۽ (ان مان) گاهه به پيدا ڪيو (جيڪو توهان جي جانورن جي چاري طور استعمال ٿئي ٿو.)
— عبدالسلام ڀُٽويُنْۢبِتُ لَكُمْ بِهِ الزَّرْعَ وَالزَّيْتُوْنَ وَالنَّخِيْلَ وَالْاَعْنَابَ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 11
ڄمائي ٿو اوهان لاءِ ان سان پوک ۽ زيتون، کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جا ميوا بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي پروڙين ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان سان اوهان لاءِ پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جي ميون کي ڦٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ سوچيندڙ قوم لاءِ نشاني آهي.
— مولانا محمد مدنيھو ان پاڻي جي ذريعي توھان جي لاءِ پوک ــ زيتون ــ کجي ــ انگور ۽ ھر قسم جا ميوا اُپائي ٿو. بيشڪ غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ وڏي نشاني آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَسَـخَّرَ لَكُمُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۙ وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ وَالنُّجُوْمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِهٖ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ ۙ12
۽ مطيع ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا تابع ڪيل آهن امر ان جي سان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جو عقل رکن ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چند کي ڪم ۾ لڳايو اٿس ۽ تارا سندس حڪم سان ڪم ۾ لڳايل آهن. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا محمد مدني۽ ھُن ھستي رات ــ ڏينھن ــ سج ۽ چنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ۽ وري ستارن کي پنھنجي حڪم سان تابع ڪري ڇڏيو آھي. بيشڪ سمجهدار ماڻهن لاءِ ان ۾ وڏيون نشانيون آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا ذَرَاَ لَكُمْ فِي الْاَرْضِ مُخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّذَّكَّرُوْنَ 13
۽ اهو جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ زمين ۾ مختلف آهن رنگ ان جا بيشڪ ان ۾البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جو نصيحت قبول ڪن ٿا.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي جدا جدا رنگن واريون (شيون) اوهان لاءِ زمين ۾ پيدا ڪيون اٿس (سي به اوهان جي ڪم ۾ لڳايون اٿس). بيشڪ ان ۾ نصيحت پرائيندڙ قوم لاءِ نشاني آهي.
— مولانا محمد مدنيھُن ئي توھان جي لاءِ زمين ۾ مختلف رنگ برنگي شيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. بيشڪ سمجهه رکڻ وارن لاءِ انهن ۾ وڏي نشاني آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَهُوَ الَّذِيْ سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَاْكُلُوْا مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْا مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيْهِ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 14
۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن مطيع ڪيو سمنڊ کي تانته کائو ان مان گوشت تازو (مڇي) ۽ ڪڍو ٿا ان مان زيور (موتي) ڍڪيو ٿا انهن کي ۽ ڏسندين ٻيڙيون پاڻي چيري هلنديون ان ۾ تانته طلب ڪيو فضل ان جو تانته اوهان شڪر ڪندا ڪيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ هو اهو آهي جنهن درياءَ کي ڪم ۾ لڳايو هن لاءِ ته ان مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيور ڪڍو جيڪي اوهين پايو ٿا. ۽ تون ٻيڙيون ڏسين ٿو جي درياءَ ۾ پاڻيءَ کي چيري هلندڙ آهن، ۽ هن لاءِ ( درياءَ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس) ته اوهين سندس فضل مان روزي گهرو ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو.
— مولانا محمد مدنياُھو به (الله) ئي آھي جنھن سمنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ته جيئن ان مان تازو گوشت کائو ۽ پنھنجي سونھن طور استعمال ڪرڻ لاءِ زيور ڪڍو ۽ توھان ڏسو ٿا ته ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيري ھلندي رھي ٿي. اھو سڀ ڪجهه اِن لاءِ ئي آھي ته جيئن توھان اللھ تعالى جو فضل تلاش ڪريو ۽ شڪرگذار ٻانها ٿي رهو .
— عبدالسلام ڀُٽووَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَمِيْدَ بِكُمْ وَاَنْهٰرًا وَّسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۙ15
۽ کوڙيائين زمين ۾ بلند مضبوط جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ نهرون ۽ واٽون (ٺاهيائين) تانته اوهان هدايت وارا ٿيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ زمين ۾ جبل وڌا اٿس ته متان (زمين) اوهان کي لوڏي. ۽ نديون ۽ رستا (پيد اڪيا اٿس) مَنَ اوهين واٽ لهو!
— مولانا محمد مدنيھُن زمين ۾ جبل کوڙي ڇڏيا ته جيئن زمين اوھان کي لوڏا نه کارائي سگهي، درياءَ ۽ رستا به بنايا ته جيئن سفر ۾ توھان صحيح رستا اختيار ڪري سگهو.
— عبدالسلام ڀُٽووَعَلٰمٰتٍ ۭ وَبِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُوْنَ 16
۽ نشانيون (پيدا ڪيائين) ۽ تارن سان اهي هدايت حاصل ڪن ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (ٻيون) نشانيون (پيدا ڪيائين) ۽ تارن سان اهي رستو لهن ٿا .
— مولانا محمد مدنيهن ٻيون به گهڻيون نشانيون پيدا ڪيون آهن ۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو صحيح رستا معلوم ڪن ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَـمَنْ يَّخْلُقُ كَمَنْ لَّا يَـخْلُقُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 17
ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري ٿو ان وانگر آهي جيڪو پيدا نه ٿو ڪري ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري سو ان جهڙو آهي جو (ڪجهه به) پيدا نه ٿو ڪري؟ ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو
— مولانا محمد مدني(ھاڻي ٻڌايو ته) جيڪو اھي سڀ شيون پيدا ڪري ٿو سو ان جھڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه به پيدا نه ڪري سگهي. ڇا توھان کي اڃا به سمجهه نٿي اچي؟
— عبدالسلام ڀُٽووَاِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 18
۽ جيڪڏهن ڳڻيندو الله جي نعمتن کي ته نه ڳڻي سگھندؤ انهن کي بيشڪ الله البته بخشڻهار مهربان آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪڏهن اوهين الله جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي
— مولانا محمد مدنيجيڪڏھن توھان اللھ تعالى جي نعمتن کي ڳڻڻ چاھيو به ته نٿا ڳڻي سگهو. بيشڪ اللھ تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ 19
۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو
— مولانا محمد مدنياللھ تعالى توھان جي لڪيل ۽ ظاھري حال کي خوب ڄاڻي ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَـخْلُقُوْنَ شَيْـــًٔـا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ ۭ20
۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کانسواءِ نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ ۽ اهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن کي الله کانسواءِ (ڪافر) سڏين ٿا سي ڪا شيءِ به پيدا نه ٿا ڪن بلڪه اهي پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا،
— مولانا محمد مدني۽ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا، اھي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن. (بلڪ) هو ته خود پيدا ڪيا ويا آھن.
— عبدالسلام ڀُٽو