توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الٓرٰ، ھي ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، (۽) سندس رب جي حُڪم سان انھي ساراھيل جي واٽ تي آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي) الف- لام- را- هيءُ هڪ ڪتاب آهي جو اسان تو تي نازل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم جي تعميل ۾ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي، (۽ انهيءَ راهه تي آڻي) جا غالب ۽ ساراهيل خدا جي راهه آهي.(علامه علي خان ابڙو) الرا . هي ڪتاب اسان رسولِ عربي ڏانهن نازل ڪيو آهي، ان لاءِ ته پاڻ ماڻهن کي الله جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني ۽ سڌي راه تي آڻي (يعنى) اها راه جيڪا الله جي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) الرا. (اي رسول! هي قرآن اهو) ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ جي رستي تي آڻ جو زبردست (۽) ساراهيل ۽ حمد جو لائق آهي.(سيد فرمان علي) الف لام را (هيءُ) ڪتاب آهي نازل ڪيوسون ان کي توڏانهن تانتهه ڪڍين ماڻهن کي انڌيرن مان روشنائيءَ ڏانهن سندن رب جي اذن سان طرف واٽ غالب، ساراهيل جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الر. هي هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پاليندڙ جي حڪم سان اونداهين مان (ڪڍي) روشنيءَ ۾ (اُن) زبردست (۽) ساراهيل الله جي رستي تي آڻين، (مولانا محمد مدني) الف لام را . هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻين. غالب ساراهيل (الله) جي رستي ڏانهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓــرٰ جِي، آهي، پَرَوَرَ کي پَرُوڙ، ڪِتاب ڪرِيمُ توڏي، هَلايو سُونسِ حُضور!، ته اُونداهِيءَ مان، آدَمِئـِين، نِيئـِين پاسي نُور، هادِيءَ سَندنِ جي حُڪم سان، مارڳ ڏانهن، مَنطور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
جنھن جو اُھو (سڀئي) آھي جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، ۽ سخت عذاب جي خرابي انھن ڪافرن لاءِ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) اهو خدا جيڪو مالڪ آهي، انهيءَ سڀ ڪجهه جو جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (۽ سڀ سندس حڪمن جي اڳيان جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جي خرابي آهي انهن منڪرن جي لاءِ.(علامه علي خان ابڙو) الله اُهو آهي جنهن لاءِ اُهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب جو ويل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهو الله جنهن جو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوس ناڪ آهي.(سيد فرمان علي) معبود بالحق اهو جو ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ويل آهي ڪافرن جي لاءِ عذاب سخت جي ڪري .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن جو اهو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي مصيبت آهي، (مولانا محمد مدني) الله اُهو آهي جو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ سندس آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي سبب بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو سَٻر ساراهِيل جو، مالِڪ سائـِين مُور، جيڪِي اُڀ، زَمين ۾، سَڀ اُن جِي جوڙ ضَرورُ، ۽ سخت سزا کان سُور، بيشڪ بي شڪران لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪئي، جيڪي ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي پيدا ڪن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي وڏي اونهي گمراهيءَ ۾ وڃي پيا آهن.(علامه علي خان ابڙو) جيڪي دنيا جي حياتي کي آخرت کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ الله جي راه کان روڪين ٿا ۽ الله جي راه مان عيب ڪڍن ٿا، اهي (ماڻهو) پري واري گمراهي ۾ آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتيءَ کي آخرت تي جيڪا (اڻ کٽ نعمت آهي) پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ تي هلڻ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ بيڪار ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ئي ماڻهو وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.(سيد فرمان علي) اهي جو پسند ڪن ٿا حياتيءَ دنيويءَ کي آخرت تي ۽ روڪين ٿا الله جي واٽ کان ۽ طلب ڪن ٿا ان کي ڏنگو اهي گمراهيءَ پري واريءَ ۾ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪن ٿا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي گهرن ٿا، اهي وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. (مولانا محمد مدني) جيڪي ماڻهو دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ الله جي راهه کان روڪن ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي چاهن ٿا. اهي گمراهي ۾ پري پئجي ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِيءَ حَياتِي نَنڍڙِي، ڪَن، پرلي کان پَسند، ۽ روڪِين رَبَّ جي راه کان، ۽ مَنجھسِ گُھرن ڦيرا ڦَند، اُهي آهن بَند، بِلڪُل پَراهِين ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان ڪوبه پيغمبر دنيا ۾ نه موڪليو، پر هن طرح جو هو پنهنجي قوم ئي جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري. پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو ته (سندس سرڪشيءَ پارؤن) گمراه ڪري ٿو ۽ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (سندن اطاعت پارؤن ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ٿو. هو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان هر پيغمبر کي ان جي قوم جي زبان ۾ پيغمبر ڪري موڪليو ان لاءِ ته کين (احڪاماتِ الاهي) کولي ٻڌائي، پوءِ الله جنهنکي چاهي اُن کي گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت وارو ڪري ٿو، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين (اسان جا حڪم) سمجهائي. پوءِ خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سڀ تي غالب حڪمت وارو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ نه موڪليوسون ڪو رسول مگر ان قوم جي ٻوليءَ سان تانتهه بيان ڪري انهن لاءِ پوءِ گمراھ ڪري ٿو الله جنهن کي گهري ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر سندس قوم جي زبان ۾ هن لاءِ ته انهن لاءِ (حق کي) پڌرو ڪري. پوءِ الله جنهن کي چاهي ٿو گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪليوسون مُورهِين، مُرسل ڪو مگر، ذات سَندسِ جي زبان ۾، تان کولي ڏٖينِ خَبر، پوءِ وَڻيسِ تنهن، وَحدهٗ، ڀُلائي مَنجھ بَر، ۽ وڻيسِ تِنهن تي وَڙ ڪري، سُهائيسِ ساڻيہ سَر، ۽ اُهو زَوراوَر زَبر، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ڏسو هي حقيقت آهي ته) اسان پنهنجي نشانين سان موسيٰ کي موڪليو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ پڻ الله جي (فيصلو ڪندڙ) واقعات جو بيان ٻڌائي واعظ ۽ نصيحت ڪري. ڇو ته بيشڪ هر انسان لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي، انهيءَ بيان ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) وڏيون نشانيون آهن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجون نشانيون ڏئي موڪليو ته پنهنجي قوم کي اونداهِيُن مان ڪڍي روشني ڏانهن آڻي، ۽ انهن کي الله جي نعمتن وارا ڏينهن ياد ڏياري، بيشڪ ان ۾ هر صبر شڪر ڪندڙ (ٻانهي) لاءِ نشانيون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏسوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سيد فرمان علي) ۽ البتهه تحقيق موڪليوسون موسى کي نشانين پنهنجن سان ته ڪڍ تون پنهنجي قوم کي انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ ياد ڏيار انهن کي الله جا ڏينهن بيشڪ ان ۾ البتهه نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان موڪليو (کيس چيوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي اونداهين مان روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين سان موڪليو هن لاءِ ته (اي موسى!) پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻ ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ هر گهڻي صبر ۽ گهڻي شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى مُڪو سون مُورهِين، پَنهنجي پَڌراين ساڻ، ته اوجَھرٖي مان اوجَرڏي، ڪَڍِي قوم سَندئـِي آڻ، ۽ رَبَّ جي روز ڪَمن سان، سَمجھائـِينِ سُڄاڻ!، اُنهيءَ ۾ اُهڃاڻ، هر صابِر شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ پوءِ (هيئن ٿيو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي (واعظ ۽ نصيحت ڪندي) چيو ته، الله تعاليٰ جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن سي نه وساريو. هن اوهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ) کان ڇوٽڪارو ڏنو (۽ اهو سندس ڪيڏو نه وڏو احسان آهي) هو اوهان کي ڪهڙن نه خراب عذابن ۾ وجهندا هئا. توهان جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن توهان جو تعداد نه وڌي ۽) توهان جي ڇوڪرين کي زنده ڇڏيندا هئا (ته ٻانهيون ٿي رهن). ڏسو ته انهيءَ صورت حال ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ ڪهڙي نه سخت آزمائش هئي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جنهن وقت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته توهان پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، جنهن وقت توهان کي (الله تعالى) فرعون جي قوم کان نجات ڏني (جيڪي) توهان تي سخت عذاب ڪندا هئا ۽ توهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا، ۽ انهيءَ ۾ توهان لاءِ توهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهو وقت ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي فرعون جي ماڻهن (جي ظلم) کان نجات ڏياري، اهي اوهان کي بڇڙا عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر جو) وڏو امتحان هو.(سيد فرمان علي) ۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو موسى واسطي قوم پنهنجي ته ياد ڪيو الله جي نعمت پنهنجي مٿان جڏهن ڇڏايائين اوهان کي فرمانبردارن فرعون جي کان چکائين پيا اوهان کي سخت عذاب ۽ ڪُهن پيا پٽن اوهان جن کي ۽ جيئرو ڇڏين پيا عورتن اوهان جن کي ۽ ان ۾ آزمائش آهي طرفان رب اوهان جي وڏي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي (ٿيل) الله جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايائين جي اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو. (مولانا محمد مدني) ۽ (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”پاڻ مٿان الله جي ان انعام کي ياد ڪيو جڏهن اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏنائين جيڪي اوهان کي برو عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار طرفان تمام وڏي آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى سَندسِ ميڙ کي، جڏهن چيو اِهڙِي چال، ته ساريو ثابت پاڻ تي، رَبَّ ڀَلي جا ڀال، جڏهن اوهان کي آجو ڪيو، ڪنان فِرعون جي آل، جي اوهان سان، اَڻ جوڳيون، جاڙون ڪندا هُئا جال، ڪُونڌر اوهان جي ڪَڇ ۾، ڪُهندا هُئا ڪُلال، ظالِم زالون اوهان جون، هُئابَچائـِيندا بَحال، اُن ۾ اوهان نال، پَرورکان پَرک وَڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن توهان جي رب اعلان فرمايو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪريو ته آئون توهان کي زياده ڏيندس ۽ جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪئي ته بيشڪ منهنجو عذاب تمام سخت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهو وقت به ياد رهي) جڏهن اوهان جي پروردگار (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجو شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ نعمتون ڏيندس پر جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته ياد رکو! پڪ منهنجو عذاب سخت آهي.(سيد فرمان علي) ۽ جڏهن اعلان ڪيو رب اوهان جي ته البته جيڪڏهن شڪر ڪندؤ اوهان ته البته ضرور وڌائيندس اوهان کي ۽ البته جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ اوهان ته بيشڪ عذاب منهنجو البته سخت آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان جي پاليندڙ (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته پوءِ بيشڪ منهنجو عذاب سخت آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان جي پروردگار آگاهه ڪيو هيو ته جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندؤ ته آءٌ اوهان (جي نعمتن) کي ضرور وڌائيندس ۽ جي اوهان ناشڪري ڪندؤ ته بيشڪ منهنجو عذاب زور سخت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن سائـِينءَ توهان جي، صاف طرح ڪيو اِهو اِعلان، ته ڀانيان ڀَال، ته اوهان کي، دُهرا ڏِيندسِ دان، ۽ جي بَنِيا بي شُڪران، ته سَزا مُنهنجِي سَخت گھڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسىٰؑ چيو ته اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نه سگھندو) ڇوته الله بي پرواھ ساراھيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ۽ اهي سڀ جيڪي زمين ۾ رهن ٿا بي شڪري ڪن ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي؟) الله جي ذات ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي، (ليڪن محرومي ۽ تباهي خود اوهان جي لاءِ هوندي).(علامه علي خان ابڙو) ۽ موسيٰ فرمايو جيڪڏهن توهان ۽ جيڪي شيون زمين ۾ آهن اُهي سڀئي ڪفر ڪن، پوءِ به بيشڪ الله تعالى بي پرواه ساراهيل آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ موسى (پنهنجي قوم کي) چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اوهين ۽ (اوهان سان) جيترا ماڻهو سموري زمين تي آهن سڀئي (گڏجي خدا جي) ناشڪري ڪندو ته خدا (کي ذرو به پرواھ نه آهي، ڇو ته اهو بلڪل) بي نياز ساراهيل آهي.(سيد فرمان علي) ۽ فرمايو موسى ته جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ اوهان ۽ اهي جو زمين ۾ آهن مڙئي پوءِ بلاشڪ الله البته بي پرواھ ساراهيل آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ موسيٰ چيو ته جيڪڏهن اوهين ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سڀئي ڪفر ڪندو ته (پنهنجو نقصان ڪندو) ڇو ته الله بي پرواه ساراهيل آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ موسى چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان خود ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي سڀ ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله بي نياز ساراهيل آهي“. (ان کي ڪا پرواهه نه آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيو مُوسٰى، ته اَوهِين ڦِرو، ڪِ جيڪٖي اَندر ڌَر، بي پرواه، پوءِ پَرور، پڻ صاحب سڀ ساراه جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کان پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو تنهن کان اسان کي انڪار آهي ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي. اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون.(علامه علي خان ابڙو) ڇا نه آيون توهان وٽ خبرون انهن ماڻهن جون جيڪي توهان کان اڳ ۾ گذريا (يعنى) قوم نوح جي ۽ عاد ۽ ثمود جي ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ گذريا انهن کي الله تعالى ئي ڄاڻي ٿو، انهن وٽ انهن جا رسول معجزن سان تشريف ٿيا، پوءِ انهن (اُمتين) رسولن جو انڪار ڪيو ۽ امتين چيو اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون ۽ بيشڪ توهان اسان کي جنهن توحيد لاءِ سڏيو ٿا اسين ان ۾ گھڻو شڪ ڪندڙ آهيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه آهي پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ (ٻيا ماڻهو) جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا (ڪئين خبر پوِي؟) انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي! انهن وٽ سندن (وقت جا) پيغمبر معجزا کڻي آيا ۽ (کين سمجهايائون ته) انهن پيغمبر جي هٿن کي الٽو سنڌن واتن ۾ هنيو ۽ چوڻ لڳا ته جيڪو خدا کان اوهان (حڪم) آندو آهي اسين ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن (دين) ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان وڏي شڪ ۾ آهيون.(سيد فرمان علي) ڇا نه آئي اوهان وٽ خبر انهن جي جيڪي (گذريا) اڳي اوهان کان نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن جي جيڪي انهن کان بعد آيا نه ٿو ڄاڻي انهن کي مگر الله آيا انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ وڌائون هٿ پنهنجا واتن پنهنجن ۾ ۽ چيائون ته اسان ضرور ڪفر ڪيو ان جو جو موڪليا ويئو اوهان ان سان ۽ بلاشڪ اسين البته شڪ ۾ آهيون ان کان جو سڏيو ٿا اوهان اسان کي ان ڏانهن شڪ ۾ وجهندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا. انهن کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو نه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا. پوءِ انهن پنهنجن هٿن کي پنهنجن واتن ۾ وڌو. ۽ چيائون ته جنهن سان اوهان کي موڪليو ويو آهي تنهن جو اسان انڪار ڪيو ۽ جنهن رستي ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي. (مولانا محمد مدني) ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي؟ جيڪي اوهان کان اڳ هئا (يعني) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارا.. ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا.. جن کي الله کان سواءِ ڪونه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا پوءِ انهن (مسخري طور) پنهنجا هٿ پنهنجي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون: ”جنهن (دين) سان اوهان کي موڪليو ويو آهي اسان ان سان ڪفر ڪيو ۽ بيشڪ اسان وڏي مُنجھائيندڙ شڪ ۾ (مبتلا) آهيون ان (شريعت) بابت جنهن ڏانهن اوهان اسان کي سڏيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ آيان ڪِين، اوهان کان، اڳين جو احوال ؟ قوم نوح، عاد ۽ ثمود جِي، پڻ پويان تن پئمال، سوا سائـِينءَ نه اُنهن جو، ڪو هرگز ڄاڻي حال، آينِ مُرسل اُنهن جا، جڏهن نِشانِين نال، پوءِ هَنيون هَٿ واتن ۾، ۽ چيائون اِهڙِي چال، ته اسين ڦِرياسون اُن کان، جا مُڪي وِيان مَقال، ۽ جالولِي ڏِيونِيون لال!، تِنهن کان اَسين گڏيل گمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن جي رسولن چيو ته، ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي؟ جو توهان کي سڏي رهيو اهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ هڪ مقرر وقت تائين (زندگي ۽ ڪامرانيءَ جون) مهلتون ڏئي. تنهن تي انهن قومن چيو ته، اوهان سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهيو ته، اسان وانگر انسان آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، تن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. چڱو (جيڪڏهن ائين آهي ته) ڪو چٽو دليل پيش ڪيو.(علامه علي خان ابڙو) سندن پيغمبرن چيو ڇا الله تعالى جي بار ي ۾ شڪ آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ آهي، اهو توهان کي سڏي ٿو ته توهان لاءِ توهان جا گناه بخش ڪري ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت (موت) تائين مهلت ڏئي، ڪافرن چيو توهان (پيغمبر) ته اسان جهڙا بشر آهيو، توهان ارادو ڪريو ٿا ته اسان کي (ان کان) روڪيو جن (بُتن) جي عبادت اسان جا پيءُ ڏاڏا ڪندا هئا، پوءِ توهان اسان لاءِ ڪو صاف دليل آڻيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (تڏهن) سندن پيغمبرن (کين) چيو ته ڇا اوهان کي خدا جي باري ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين (دنيا ۾ آرام سان) رهڻ ڏئي. انهن چيو اوهين به رڳو اسان جهڙا آدمي آهيو! (ها اسان سمجهيو) اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن. (چڱو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته) ڪو به صاف کليل ظاهر معجزو اسان کي آڻي ڏيکار.(سيد فرمان علي) فرمايو انهن جي رسولن ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو سڏي ٿو اوهان کي تانته بخشي اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ مهلت ڏي اوهان کي مدي مقرر تائين چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ارادو ڪيو ٿا هي ته روڪيو اسان کي ان کان جو عبادت ڪندا هئا انهن جي ابا ڏاڏا اسان جا پوءِ آڻيو اسان وٽ دليل روشن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سندن رسولن چيو ته ڇا (اوهان کي) الله ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏئي. انهن چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو. اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن.پوءِ اسان وٽ ڪا ظاهر ثابتي آڻيو. (مولانا محمد مدني) انهن جي رسولن چيو ته: ”ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اوهان جي گناهن کي اوهان جي خاطر بخشي ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏئي“. چيائون: ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) جي پوڄا کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا. پوءِ اسان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَهندان اُن جي مُرسلِين، چَينِ اِهڙِي چال، ڪِ آنکي شڪ اَلله ۾؟ جو نَئـِين نموني نال، آهي اُڀ، زمين جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ڪوٺينِيان اِن ڪري، ته اَهنجا جُرم جَنجال، بيشڪ بَخشِينِيان اُن مَنجھان، ڀَلوساڻ ڀال، پڻ ڏِينِيان جَلَّ جَلال، مُهلت مُقرّر مَهل سِين. چي، اَوهين ته اَسان ئـِي جِھڙا، ماڻهون آهيو مُور، ڀانيو ته اَسان کي، بَند ڪريو، تن مِڙنِي کان مَجبور، هُئـِن پُوڄِيندا اَسان جا، اَبا وڏا، ڏُور، پوءِ حُجت ڪا حُضور!، کُليل اَسان وَٽ آڻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن جي رسولن جواب ۾ چيو ته، هائو اسان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون ته توهان وانگر انسان آهيون، پر الله جنهن ٻانهي کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ (يعني وحي پهچائڻ لاءِ) چونڊي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه اسان جي اختيار ۾ ناهي ته توهان کي ڪا سند کڻي اچي ڏيکاريون، سواءِ هن جي جو الله جو حڪم ٿئي ۽ الله ئي آهي جنهن تي ايمان رکندڙن جو ڀروسو آهي.(علامه علي خان ابڙو) سندن رسولن کين چيو، اسين ته توهان جهڙا انسان آهيون، پر الله تعالى پنهنجي بندن مان جنهنکي چاهي نبوت عطا فرمائي ٿو، ۽ اسان جو ڪم ناهي جو اسين توهان وٽ ڪو دليل آڻيون مگر الله جي حڪم سان، ۽ مؤمنن کي گھرجي ته الله تعالى تي توڪل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سندن پيغمبرن کين جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسين به اوهان جهڙا ئي آدمي آهيون پر خدا پنهنجن بندن مان جنهن تي چاهي پنهنجو فضل (۽ ڪرم) ڪري ٿو (۽ پيغمبري عطا ڪري ٿو) ۽ اسان جي اختيار ۾ اها ڳالھ نه آهي جو خدا جي حڪم کانسواءِ (اوهان جي چوڻ موجب) اسين ڪو به معجزو اوهان جي اڳيان آڻي سگهون. ۽ خدا تي سڀني ايماندارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(سيد فرمان علي) چيو انهن کي سندن رسولن ته ناهيون اسين مگر (ظاهر) بشر اوهان جهڙا ۽ پر الله احسان ٿو ڪري ان تي جنهن کي گهري ٿو ٻانهن پنهنجن مان ۽ نه ٿو هجي اسان لاءِ ته آڻيون اوهان وٽ ڪو دليل مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) انهن کي سندن رسولن چيو ته اسين رڳو اوهان جهڙا ماڻهو آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري تنهن تي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه آهي ته الله جي حڪم کان سواءِاوهان وٽ ڪا ثابتي آڻيون. ۽ پوءِ ايمان وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي. ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪريون (مولانا محمد مدني) سندن رسولن کين چيو ته: ”اسان ته صرف توهان وانگر ماڻهو ئي آهيون ۽ پر الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ اُهو ممڪن نه آهي جو اوهان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيون سواءِ الله جي حڪم جي. ۽ الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو اُنهن جي مُرسلِين، ته اَسين ماڻهون اَوهان مِثال، پر گُھري پَنهنجي گولن مان، جنهن کي جَلّ جَلال، ڀَلو ڀَلائي اُن مٿي، خالق خُود خِيال، ۽ ري اِذن اَلله جي، اَسان نه مُور مَجال، ته اوهان وَٽ آڻي سگھون، ڪا حُجت ڪِهِين حال، ۽ مُؤمِن نيڪ نِهال، رکن ڪَم ڪرِيم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو نه رکون؟ حالانڪه انهيءَ ئي (زندگي جي) راهن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسان انهن ايذائن ۽ تڪليفن تي صبر ڪنداسين جي توهان ڏيئي رهيا آهيو، فقط الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسين الله تي توڪل نه ڪريون حالانڪ الله اسان کي اسان جو سنئون رستو ڏيکاريو آهي، ۽ اسين توهان جي ايذائڻ تي ضرور صبر ڪنداسين، ۽ توڪل ڪندڙن کي گھرجي ته الله تي توڪل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اسان کي (آخر) ڇا آهي جو اسين مٿس ڀروسو نه ڪريون هوڏانهن اسان کي (نجات جا) بيشڪ ان رستا ڏيکاريا ۽ جي جي ايذائون اوهان اسان کي رسايون (تن تي اسان صبر ڪيو ۽) آينده به صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي خدا تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سيد فرمان علي) ۽ ڇا آهي اسان کي جونه توڪل ڪيون الله تي ۽ تحقيق هدايت ڪيائين اسان کي اسان جي سڌن رستن جي ۽ البته ضرور صبر ڪنداسون ان تي جو ايذاء ڏيو ٿا اوهان اسان کي ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هوڏانهن ان اسان کي اسان جا (سڀئي) رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اوهين جيڪو ايذاء اسان کي پهچايو ٿا تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون. ۽ پوءِ توڪل ڪرڻ وارن کي الله تي ئي توڪل ڪرڻ کپي. (مولانا محمد مدني) ۽ اسان کي ڇا آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪيون؟ حالانڪه ان اسان کي اسان جي (ڪاميابي) جا رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اسان ضرور صبر ڪنداسين توهان جي ايذاء رَسانِـــيُن تي. ۽ ڀروسي رکڻ وارن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان کي اُن ۾ ڇا؟ ته نه رکون بارِيءَ مَٿي بار، جڏهن وَنهيون واٽون پَنهنجون، ڏَسيون سون ڏاتار، ۽ سو سڀ سَهنداسون صَحِي، جو اسان ڏِنان آزار، ۽ گُھرجي ته ڪُل ڪم ڪار، رکندڙ، رکن رَبَّ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ منڪرن پنهنجي رسولن کي چيو ته، اسان توهان کي ضرور پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين، يا ته توهان اسان جي مذهب تي موٽي اچو. (تنهن تي) اسان رسولن ڏي وحي موڪليو ته هاڻي ضرور اسان هنن ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪافرن پنهنجي پيغمبرن کي چيو، اسين ضرور توهان کي پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا توهان کي اسان جي مذهب ۾ آڻينداسين، پوءِ الله تعالى انهن ڏانهن وحي موڪلي ته اسين ضرور ظالمن کي هلاڪ ڪنداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي سرزمين مان ضرور باهر ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. ته سندس پروردگار انهن ڏي وحي موڪليو ته (گهٻرايو نه) اسين انهن سرڪش ماڻهن کي ضرور هلاڪ ڪنداسون.(سيد فرمان علي) ۽ چيو انهن جو ڪفر ڪيائون واسطي رسولن پنهنجي ته البته ضرور ڪڍي ڇڏينداسون اوهان کي زمين پنهنجيءَ مان يا البته ضرور واپس موٽندؤ دين اسان جي ۾ پوءِ وحي موڪليو انهن ڏانهن رب انهن جي ته البته ضرور هلاڪ ڪنداسون ظالمن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي زمين مان ضرور ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. پوءِ سندن پاليندڙ انهن ڏي وحي ڪيو ته ضرور اسين ظالمن کي برباد ڪنداسون. (مولانا محمد مدني) ۽ ڪافرن پنهنجي رسولن کي چيو ته: ”اسان اوهان کي ضرور پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا اوهان کي ضرور اسان جي دين ۾ موٽڻو پوندو“. پوءِ سندن پروردگار انهن ڏانهن وحي ڪيو ته: ”اسان ظالمن کي ضرور هلاڪ ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو، جن ڪفر ڪيو، سَندنِ مُرسلن کي مُور، ته آن کي پَنهنجي ديس مان، ڌِڪي ڪَنداسون دُور، ياڌَرم دِين اسان جو، موٽِي ڪندا مَنظور، پوءِ سائـِينءَ سَندنِ، تن ڏي، مُڪو هِي مَذڪور، ته ظالمن ضَرور، ڪَندسِ زَبون زمِين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ اُنھن کان پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي ضرور رھائينداسين، اِھو انجام انھي لاءِ آھي جيڪو منھنجي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ۽ منھنجي دڙڪي کان ڊڄي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ انهن ماڻهن کان پوءِ توهان کي اسان هن سرزمين ۾ (سندن جاءِ تي) رهائينداسين. اهو آهي نتيجو انهيءَ ماڻهو جي لاءِ جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) جاءِ کان ڊپ ۾ رهيو ۽ پڻ (بدعملن جي بدلي ۾ سزا جو جيڪو اعلان ڪيل آهي تنهن) واعدي ۽ اعلان جي خوف ۾ رهيو (۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪندو رهيو).(علامه علي خان ابڙو) ۽ ضرور اسين توهان کي انهن کانپوءِ سندن زمين ۾ آباد ڪنداسين، اهو ان لاءِ ته جيڪو منهنجي سامهون بيهڻ کان ۽ منهنجي عذاب کان ڊڄي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سندن (هلاڪت کان) پوءِ ضرور اوهان کي ان سرزمين ۾ رهائنداسون. اهو وعدو رڳو ان شخص سان آهي جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ (اعمال جي پڇا ۾) بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي عذاب کان خوف کائي.(سيد فرمان علي) ۽ البته ضرور رهائينداسون اوهان کي زمين ۾ انهن کان پوءِ اهو ان لاءِ آهي جو ڊڄي ٿو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ۽ ڊڄي ٿو وعدي عذاب منهنجي کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن کان پوءِ ضرور اسين اوهان کي ان زمين ۾ رهائينداسون. اهو انجام ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي وعدي کان ڊنو. (مولانا محمد مدني) ۽ انهن کان پوءِ اسان اوهان کي ضرور ان زمين ۾ آباد ڪنداسين. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊنو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڳ ڏينداسُون مُلڪ ۾، آن کي، اُن کانپوءِ، جو مُون وَٽ بيهن جو ڀَور کي، اِي حق اُنِهيءَ جو هوءِ، پڻ ڪَنبي ۽ ڪوءِ، ڀَلو سَندمِ ڀُلڪار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ (پيغمبرن) سوڀ جون دُعائون گھريون ۽ سڀڪو ھٺيلو ضدي نامراد ٿيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (مطلب ته پيغمبرن) فتحمنديءَ جي دعا گهري، (۽ فتحياب ٿيا) ۽ هرهڪ سرڪش ضدي (جنهن حق جو مقابلي ڪيو هو) نامراد ۽ ناڪامياب رهيو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ پيغمبرن فتح جي دُعا گھري ۽ هر هڪ ظالم (۽) سرڪش ناڪام ٿي ويو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ انهن (نبين) فتح ٿيڻ جي اسان کان دعا گهري (نيٺ اها پوري ٿي) ۽ هر هڪ سرڪش عداوت رکڻ وارو هلاڪ ٿيو.(سيد فرمان علي) ۽ فتح جي طلب ڪيائون ۽ نامراد ٿيو هر هٺيلو سرڪش .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ انهن فتح گهري ۽ سڀ ڪو سرڪش ضدي ناڪامياب ٿيو، (مولانا محمد مدني) ۽ (نبين ) فتح طلب ڪئي (ته الله انهن کي فتح ڏني) ۽ هر سرڪش ضدي برباد ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سوڀ جو سُبحان کي، ساري ڪيئون سوال، هر مَتارو ۽ مَتوال، هرگز وِيو هارجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
ان جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي) ان کان پوءِ دوزخ آهي (يعني دنيا جي نامراديءَ بعد آخرت جو عذاب پيش اچڻ وارو آهي). اتي رت ۽ پونءِ جو پاڻي کين پياريو ويندو.(علامه علي خان ابڙو) سندس پويان جهنم آهي ۽ اُن کي پُونءِ وارو پاڻي پياريو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اها ته سندن سزا هئي) ۽ ان جي پٺيان ئي پٺيان جهنم آهي) ۽ (ان ۾) کيس رت پونءِ ڀريل پاڻي پياريو ويندو.(سيد فرمان علي) پويان ان جي جهنم آهي ۽ پياريو ويندو پاڻي پونءِ وارو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان جي پٺيان دوزخ آهي ۽ کيس پُونءِ جي پاڻيءَ مان پياريو ويندو، (مولانا محمد مدني) ان (بربادي) پويان جهنم آهي ۽ ان کي پُونءِ جي پاڻي مان پياريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳيان اُن جي آڳ، پاڻِي پيار بَسِ پُون ڀَريو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
ان کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏئي پي نه سگھندو ۽ سڀڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نه ھوندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) هو هڪ هڪ ڪري وات ۾ وجهندو، پر نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو، هر طرف کان هن ڏي موت ايندو، پر هو مرندو ڪين ۽ هن جي پٺيان هڪ سخت عذاب لڳل آهي.(علامه علي خان ابڙو) اُن کي تڪليف سان ٿورو ٿورو ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان ڳڙڪائي نه سگھندو ۽ ان کي هر طرف کان موت ايندو پر اُهو نه مرندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (زوريءَ) کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيڻو پوندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙي مان نه ڳهي سگهندو ۽ اهڙي مصيبت (آهي جو) کيس هر هڪ پاسي موت ئي موت نظر ايندو، حالانڪه هو مارڻ سان به نه مرندو. ۽ پوءِ ان جي بلڪل پٺيان سخت عذاب هوندو.(سيد فرمان علي) ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو ان کي ۽ نه ٿو ويجهو ٿئي جو ڳيت ڏئي پئي ان کي ۽ ايندو ان وٽ موت هر پاسي کان ۽ ناهي اهو مرندڙ ۽ پويان ان جي عذاب سخت آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ان کي ڍڪ ڍڪ ڪري پئيندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو ۽ سڀڪنهن پاسي کان ان ڏي موت ايندو پر هو نه مرندو. ۽ ان جي پٺيان سخت عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ان کي مشڪل سان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو ۽ ان کي هر طرف کان موت اچي گهيريندو ۽ پر هو مري نه سگهندو. ۽ ان جي پويان (اڃا ٻيو) زور سخت عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُرڪِي نه سِرڪِي، ِکيسِ سَگھي، واتان مَنجھ وَتاڳ، ۽ اِيندو وِيندو اُن مَٿي، موت ڪنان هَر ماڳ، ۽ مُئل سون نَه مُورهِين، لاشڪ اُن جو لاڳ، اَ ڳتٖي آڳ اَجھاڳ ۽ بَدبُوءِ ڀَريو بَندڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار (جي فرمانبرداريءَ) کان انڪاري ڪيو تن جي عملن جي مثال اهڙو آهي جهڙو رک يا ڪِر جو ڍير. جنهن کي آنڌيءَ جي ڏينهن هوا اڏائي کڻي وڃي. جيڪي به هنن (پنهنجي عملن سان) ڪمايو آهي تنهن مان ڪجهه به هنن جي هٿ نه ايندو. اهائي گمراهيءَ جي حالت آهي جا وڏي اونهي گمراهي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ڪافرن جي عملن جو مثال اُن ڦُليار (ڇار) جهڙو آهي جنهنکي طوفان واري ڏينهن تيز هوا لڳي، انهن کي سندن ڪمائي مان ڪا شيءِ هٿ نه ايندي، اهائي پري واري گمراهي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جن پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو تن جو حال هيءَ آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار جو ڍڳ آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ طوفان اڏائي کڻي ويو. جيڪي انهن (دنيا ۾) ڪمايائون سو سندن هٿ وس نه هوندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي.(سيد فرمان علي) ان کي واءُ آنڌي واري ڏينهن ۾ نه قادر ٿيندا ان مان جو ڪمايائون ڪنهن شيءِ تي اها ئي گمراهي پرانهين آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن جو حال هي آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار وانگر آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ واءُ اڏايو. جيڪي ڪمايائون تنهن مان کين ڪجهه به هٿ نه ايندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي. (مولانا محمد مدني) جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو تن جو مثال هي آهي جو انهن جا عمل اُنَ رَکَ وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان واري ڏينهن سخت هوا جو جُهوٽو آيو (سڀ ڪجھه اڏاري ويو.) جو جيڪي ڪجهه به ڪيائون ان مان ڪنهن شيءِ تي قادر ٿي نه سگهندا. اُها ئي پراهين گمراهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سائـِينءَ سَندنِ کان ڦِريا، اُنهن جا اِهڙا پار، ته فِعل سَندنِ ڦُليهار جِيئَن، جِنهن کي لَڳو لڳاتار، ڏاڍي ڏُ کـٖئي ڏِينهن ۾، تِکو واءُ تڪرار، پوءِ جيڪِي ميڙيئو، تنهن مَنجھان، سَگھنِ نه سَنڀالي وار، اَ ڳاهون اَپار، اُهو مُونجھارو مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي نئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو ۽ بيسود؟) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي کڻي وڃي (۽ تباهه ڪري ڇڏي) ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ڪا نئين خلق آڻي ظاهر ڪري.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا فرمايو، جيڪڏهن پاڻ چاهي ته توهان کي ختم ڪري ڇڏي ۽ (توهان جي عيوض) نئين مخلوق آڻي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ تدبير سان پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن گهري ته سڀ کي فنا ڪري هڪ نئين پيدائش (واري بستي) آڻي وسائي.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين حق سان جيڪڏهن گهرندو ته ختم ڪندو اوهان کي ۽ آڻيندو مخلوق نئين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري (فنا) ڪري ڇڏي، ۽ نئين خلق آڻي. (مولانا محمد مدني) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي؟ جيڪڏهن چاهي ته توهان کي نابود ڪري ڇڏي ۽ نئين مخلوق آڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَه ڏِٺيئي؟ ته ڏاتار، جوڙيو اَڀن، ۽ زَمِين کي، ثابِت اَ کين سامهان؛ جي گُھري رَبُّ غَفّار، ته نِينِيان، ۽ نَئـِين وَرِي، جوڙي جوڙ جَبّار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ ڪجهه به ڏکيو يا مشڪل ڪم ناهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ اها ڳالهه الله تعالى جي اڳيان مشڪل ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهو (ڪرڻ) خدا تي ڪو به مشڪل نه آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ناهي اها ڳالھ الله تي غالب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ اهو (ڪرڻ) الله تي مشڪل نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اِهو (ڪم) الله تي مشڪل نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قادِر تي ڪَم ڪار، اِهو مُشڪل ناهي مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (ڏسو، قيامت جي ڏينهن) سڀ ماڻهو گڏ ٿي الله جي روبرو حاضر ٿيندا. پوءِ هيڻا ماڻهو (جي دنيا ۾ مسڪين ۽ ضعيف هئا) سرڪش (سردارن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته اسان (دنيا ۾) توهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسين (۽ توهان جي حڪمن ۽ عملن جي پيروي ڪئي سين) پوءِ ڇا توهان اڄ ائين ڪري سگهو ٿا جو الله جي عذاب کان (اسان جو) ڪجهه بچاءُ ڪيو؟ اُهي چوندا ته، جيڪڏهن الله اسان جي لاءِ بچاءَ جي ڪا راهه کولي ها ته، اسان به توهان کي راهه ڏيکاريون ها. (اسان ته پاڻ ئي عذاب ۾ گرفتار آهيون). صبر ڪيون توڙي روئون ۽ پٽيون اسان لاءِ هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان لاءِ اڄ ڪنهن به طرح ڇوٽڪارو ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ سڀئي الله تعالى جي سامهون پيش ٿيندا، پوءِ ضعيف، تڪبر ڪندڙن کي چوندا، بيشڪ اسين توهان جا تابعدار هئاسين پوءِ ڇا توهان اسان تان عذابِ الاهي مان ڪا شيءِ ٽاري سگھو ٿا ؟ اهي چوندا ته جيڪڏهن الله اسان کي هدايت ڏي ها ته اسين به توهان کي هدايت ڏيون ها، اسان لاءِ صبر نه ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ برابر آهي، اسان کي ڀڄڻ جي ڪابه جاءِ ڪونهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ قيامت جي ڏينهن سڀئي خدا جي اڳيان حاضر ٿيندا. پوءِ جي ماڻهو (دنيا ۾) ڪمزور هئا سي وڏي عزت وارن کي (تنهن وقت) چوندا، اسين ته رڳو اوهان جي پيروي ڪندا هئاسون ته ڇا (اڄ) اوهين خدا جي عذاب کي اسان کان ٽاري سگهندو؟ اهي جواب ڏيندا، افسوس! خدا (جيڪڏهن) اسان جي هدايت ڪري ها ته اسين به اوهان جي هدايت ڪريون ها، هاڻي اسين چاهي گهٻرايون يا صبر ڪريون (ها ڳالھ هاڻي) هڪجهڙي آهي (ڇو ته) عذاب کان) اسان کي ته بچاءُ ڪونهي.(سيد فرمان علي) ۽ حاضر ٿيندا الله وٽ مڙئي پوءِ چوندا هيڻا انهن لاءِ جو هٺ ڪيائون ته تحقيق اسين هئاسون اوهان جا تابعدار پوءِ ڇا اوهان ٽاريندڙ آهيو اسان تان الله جي عذاب مان ڪا شيءِ چوندا ته جيڪڏهن هدايت ڪري ها اسان کي الله ته البته هدايت ڪيون ها اسين اوهان کي برابر آهي اسان تي بي صبري ڪيون يا صبر ڪيون ناهي اسان لاءِ ڪا بچاءَ جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سڀئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ضعيف هٺيلن کي چوندا ته اسين اوهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسون، ڇا پوءِ اوهين الله جي عذاب مان ڪجهه اسان تان ٽارڻ وارا آهيو؟ هٺيلا چوندا ته جيڪڏهن الله اسان کي رستو ڏيکاري ها ته اسين به اوهان کي رستو ڏيکاريون ها. (هاڻي) اسان لاءِ (هيءَ ڳالهه) هڪ جهڙي آهي ته اسين گهٻرايون يا صبر ڪريون اسان لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ (محشر ۾) سڀ الله اڳيان پڌرا ٿيندا پوءِ ڪمزور ماڻهو وڏائي ڪندڙن کي چوندا: ”بيشڪ اسان اوهان جا پيروڪار هياسين. پوءِ ڇا اوهان الله جي عذاب مان اسان تان ڪا شيءِ هٽائي سگهو ٿا“؟ چوندا: ”جي الله اسان کي ڇوٽڪاري جي ڪا واٽ ڏيکاري ها ته اسان اوهان کي به ضرور اها واٽ ڏيکاريون ها. اسان لاءِ برابر آهي جي رڙيون دانهون ڪيون يا صبر ڪيون. اسان لاءِ بچڻ جي ڪا صورت ناهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَڀيئـِي صاحب پيش ٿِيا، حاضر مَنجھ حضور، ڏَڏن تڏهن، ڏاڍن سان، دَڙيو هِن دَستور، چي، اَسِين تابع اَهنجا، مُورک، هُئاسون مُور، پوءِ اَوهين ڪِ اَسان تان آهيو، دَفع ڪندڙ دُور،ذَرو ڪو ضَرُور، اَلله جي عذاب کان. چي، اسان کي الله، هوند، سُهائي هاسَنئـِين، ته اَسان پڻ اوهان کي، سَنئـِين سُهائـِي راھ، ساڳيو اَسان لئي، جي سَهون، ڪِ ڪريون ڪيڏِي آھِ، وو وو! ڪانهي واھَ! ڪَنڌِي اَسان جِي ڪيڏهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (قيامت جي ڏينهن) جڏهن فيصلو ٿي ويندو تڏهن شيطان چوندو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توهان سان واعدو ڪيو هو ۽ سچو واعدو ڪيو هو. (اهو واعدو هاڻي پورو ٿي چڪو) ۽ مون به اوهان سان واعدو هو مگر اهو پورو نه ڪيم. مون کي اوهان تي ڪنهن به قسم جو زور ڪونه ڪيو هو (جو توهان کي مجبوراً منهنجي پيروي ڪرڻي پوي ها). جيڪي ٿيو سو فقط هي هو ته مون توهان کي سڏيو ۽ توهان منهنجو سڏ قبول ڪيو (۽ مون تي ملامت نه ڪيو، پر خود پاڻ کي ڏوهه ڏيو ۽ ملامت ڪيو. اڄ جي ڏينهن نڪي مان توهان جو فرياد ٻڌي ٿو سگهان نڪي توهان منهنجو فرياد ٻڌي ٿا سگهو. توهان جو اڳي (دنيا ۾) مون کي الله جو شريڪ ٺهرايو هو (جو منهنجي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندا هئو) سو مان ان کان بيزاري ظاهر ٿو ڪيان. بيشڪ ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ وڏو دردناڪ عذاب آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ شيطان چوندو جڏهن فيصلو ڪيو ويندو (بهشتي بهشت ۾ ۽ دوزخي دوزخ ۾ پوندا) ته بيشڪ الله توهان سان سچو وعدو ڪيو ۽ مون به توهان سان وعدو ڪيو پوءِ مون اُن جي مخالفت ڪئي، ۽ مون کي توهان جي مٿان ڪا طاقت نه هئي مگر مون توهان کي سڏيو پوءِ توهان منهنجو چوڻ مڃو، پوءِ (هاڻي) مون تي ملامت نه ڪريو پر پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪريو، آئون توهان کي بچائيندڙ ناهيان ۽ نه توهان مون کي بچائيندڙ آهيو، بيشڪ آئون دنيا ۾ توهان جي شرڪ کان بيزار هُيُسِ، بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جڏهن ماڻهن جو (آخري) فيصلو ٿي ويندو (۽ ماڻهو شيطان کي الزام ڏيندا) ته شيطان چوندو، خدا توهان سان سچو وعدو ڪيو هو (سو ته پورو ٿيو) ۽ مون به ته وعدو ڪيو هو پر مون وعدو نه پاريو هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو، هن کان سواءِ ته مون اوهان کي (بڇڙن ڪمن طرف) سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالھ مڃي. ته هاڻي اوهين مون کي بڇڙو نه چئو پر پنهنجي نفس کي بڇڙو چئو. (اڄ) آءُ نه اوهان جي فرياد کي پهچي سگهان ٿو ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪري سگهو ٿا. آءُ ان کان اڳ ئي بيزار آهيان جو اوهان مون کي (خدا جو) شريڪ بنايو. بيشڪ جي ماڻهو نافرمان آهن تن لاءِ تمام وڏو دردناڪ عذاب آهي.(سيد فرمان علي) ۽ چوندو شيطان جڏهن فيصلو ڪيو ويندو امر ته بيشڪ الله وعدو ڏنائين اوهان کي وعدو سچو ۽ وعدو ڏنو مون اوهان کي پوءِ وعدي خلافي ڪيم اوهان سان ۽ نه هو واسطي منهنجي اوهان تي ڪو زور مگر هي ته سڏيو مون اوهان کي پوءِ قبول ڪيو اوهان مون لاءِ پوءِ نه ملامت ڪيو مون کي ۽ ملامت ڪيو پنهنجي پاڻ کي ناهيان مان دانهن ورنائيندڙ اوهان جي ۽ ناهيو اوهان دانهن ورنائيندڙ منهنجي بلاشڪ مون انڪار ڪيو ان جو جيڪو شريڪ بنايو اوهان مون کي اڳي بيشڪ ظالم انهن لاءِ ئي عذاب دردناڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جڏهن سڀ ڪم پورو ٿي ويندو، ته شيطان چوندو ته بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو، ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پوءِ اوهان سان نه پاڙيم، هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو هن کان سواءِ ته مون اوهان کي سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالهه مڃي. پوءِ مون کي ملامت نه ڪريو پر پاڻ کي ملامت ڪريو. نه آءُ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان، ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. اوهان هن کان اڳ جيڪو مون کي (الله جو) شريڪ ڪيو هو تنهن جو آءُ انڪار ڪريان ٿو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ جڏهن فيصلو ٿي ويندو ته شيطان چوندو: ”بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو هيو ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پر وعدي خلافي ڪيم. ۽ منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هيو سواءِ هن جي جو مون رڳو توهان کي (برائي ڏانهن) سڏيو. پوءِ اوهان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. سو مون کي ملامت نه ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪيو. (اڄ) نه آءٌ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان ۽ نه اوهان منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. بيشڪ آءٌ انڪار ٿو ڪيان ان جو جيڪو هن کان اڳ اوهان مون کي (الله جو) شريڪ ڪندا رهيا آهيو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن نِياءُ نِبيرويو وِيو، اُتي اُتو شيطان، ته اَوهان کي، اَنجام ڏِنان، ثابِتَ سَڀ سُبحان، ۽ مون پڻ ٻوليان ٻول ڪي، جُوٺامَنجھ جھان، اَوهان سان اَنجام، پوءِ ڀَڳمِ بي گمان، ۽ مُنهنجِي ته اَوهان تي مُورهِين، هُئي حُجت هَلندِي ڪانه، مگر اَوهان کي مَن ۾، خيال وِڌمِ ڪو خان!، پوءِ مَڃيان مُنهنجِي ڳالهڙِي، پوءِ مُون نَه نِنديو نادان! ۽ ڄُڻيون ڪريو جُوان! پاڻهِي پَنهنجو پاڻ کي. آءٌ نه اوهان جو واهرُو، اَوهين نه مون آڌار، ڦِريسِ اُن کان ته، مون اَ ڳي، ڪو ڀانيان ڀائيوار، هرگز هاڃيڪار، اُنهن لئي سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هو ۽ نيڪ عمل ڪيا هئا سي (دائمي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ٿيندا، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو پنهنجي پرورگار جي حڪم سان هميشه انهن ۾ رهندا. اتي انهن جي لاءِ (هر طرف کان) هيءَ دعا ۽ کيڪار هوندي ته اوهان تي سلامتي هجي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ بهشت ۾ داخل ڪيا ويندا اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انجي هيٺان نهرون وهنديون، الله جي حڪم سان اهي بهشت ۾ هميشه رهندا، انهن جو کيڪارڻ بهشت ۾ السلام عليڪم سان هوندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اهي بهشت جي انهن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تنهن ۾ هميشه رهندا. اتي سندن ملاقات جو تحفو سلام هوندو.(سيد فرمان علي) ۽ داخل ڪيا ويندا اهي شخص جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون بهشتن ۾ وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ پنهنجي رب جي اذن سان کيڪار انهن جي ان ۾ سلام آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ سندن پاليندڙ جي حڪم سان پيا رهندا. اتي سندن آڌرُ ڀاءُ سلام (جي لفظ سان) ٿيندو. (مولانا محمد مدني) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سي باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهي ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هميشه رهندا. ان ۾ سندن آڌر ڀاءُ ”سلام“ (لفظ سان) هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ ڪم ڪيا، موچارا مُدام، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ اُنهن آرام، هميشه هيڍان جن جي، ناليون جارِي جام، سداساڪِن اُن ۾، اِذن ساڻ عَلام، سَندنِ سَلام، سَلام، خُوش، خَير عافِيتون پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن.(علامه تاج محمود امروٽي) ڇا توهان هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو آهي ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ طرح مثال پيش ڪيا آهن؟ هڪ چڱي ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن هڪ چڱو وڻ. ان جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن.(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان نه ڏٺو ته ڪهڙي طرح الله تعالى ڪلمه طيب (لَا اِلٰہَ اِلَّا اللهُ مُحَمَّدُ رَّسُولُ اللهِ) جو مثال بيان ڪري ٿو ڪلمه طيب جو مثال پاڪ وڻ (کجور) جهڙو آهي جو پاڙون اُن جون مضبوط آهن ۽ ٽاريون اُن جون بلند آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو ته خدا چڱي ڳالھ (جيئن توحيد جو ڪلمو) جو ڪهڙو نه (سٺو) مثال بيان ڪيو آهي ته (سٺي ڳالھ) ڄڻ ته هڪ پاڪيزه وڻ آهي جو جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ (لڳل) هجن.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو تو ته ڪيئن بيان ڪيو الله مثال ته ڪلمو پاڪ، وڻ پاڪ وانگر آهي پاڙ ان جي مضبوط آهي ۽ ٽاري ان جي آسمان ۾ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇا تو نه ڏٺو ته ڪيئن الله مثال بيان ڪيو آهي سٺيءَ ڳالهه کي سٺي وڻ جهڙو (ڪيو اٿس) جنهن جي پاڙ مضبوط هجي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ هجن. (مولانا محمد مدني) ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪيئن مثال بيان ڪيو آهي؟ ته ڪلمهءِ طيب (پاڪيزه ڳالهه) جو اها پاڪيزهه وڻ وانگر آهي. جنهن جي پاڙ (زمين ۾) مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ته ڏاتار، ڪِيئن صاف طرح سَمجھائيو؟ ڪَلمو پاڪ، پاڪ وڻ جِيئن جنهن جي پاڙ مَنجھ پاتار، اُن جا آسمان ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ميوا پيدا ڪندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن.(علامه علي خان ابڙو) اهو وڻ الله جي حڪم سان هر وقت ۾ ميوو ڏئي ٿو، ۽ الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت پنهنو ميوو ڏيندو رهي ٿو ۽ خدا ماڻهن لاءِ (ان ڪري) مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ماڻهو نصيحت ۽ (سبق) حاصل ڪن.(سيد فرمان علي) ڏئي ٿو ميوو پنهنجو هر وقت پنهنجي رب جي اذن سان ۽ هڻي ٿو ٻڌائي الله گهڻا مثال ماڻهن جي لاءِ تانته اهي نصيحت حاصل ڪن..(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سڀ ڪنهن وقت پنهنجي پاليندڙ جي حڪم سان پنهنجو ميوو ڏئي ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، مَنَ اهي نصيحت وٺن. (مولانا محمد مدني) اُهو (وڻ) پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر وقت ميوو ڏئي ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن اهي نصيحت پِرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميوا مَڃر ڏار، سانيَسِ جِي سَنڀال سان تازا سندسِ تيار، ڏي ميوا هَر مُند ۾، اِنپر پالڻهار، ڏي مِثال ماڻهنِ هار، پَڙِهي پَرُوڙِين مان سي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ نڪمي بيڪار ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن نڪمو وڻ. زمين جي مٿان (ٿوهر وانگي) سندس پاڙون کوکليون آهن. (جڏهن وڻيوَ تڏهن اکيڙي پٽي ڇڏيوس) ۽ ان کي ڪا ڄمت يا مضبوطي ڪانهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ڪفريه ڪلمات جو مثال خراب وڻ (ٽوهه) جو آهي جيڪو زمين جي مٿان ئي پٽيو وڃي ٿو ان کي ڪا مضبوطي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ بڇڙي ڳالھ (جيئن شرڪ جو ڪلمو) جو مثال هڪ خراب وڻ وانگر آهي (جنهن جي پاڙ اهڙي ڪمزور هجي) جو زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي ڦٽي ڪجي (ڇو ته) کيس قرار ته آهي ڪين!(سيد فرمان علي) ۽ مثال ڪلمي پليد جو، مثل وڻ پليد جي آهي جيڪو ڪاٽيو ويو زمين جي مٿان ناهي ان جي لاءِ ڪو قرار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ گندي ڳالهه جو مثال گندي وڻ جهڙو آهي، جنهن کي زمين تان پٽيو ويو ان کي ڪو ٽڪاءُ نه آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ ڪلمهءِ خبيثه (ناپاڪ ڳالهه) جو مثال ان ناپاڪ وڻ وانگر آهي جنهن کي زمين تان پٽي (اڇلايو) ويو. ان کي ڪو قرار ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِثال مَٺِيء ڳالھ جو، بُڇڙو وَڻ بيڪار، جِنهن کي نه ڪِٿي قَرار، جو پَٽيون وِيو پَٽ مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ايمان وارن کي ڄمت ۽ مضبوطيءَ واري ڳالهه جي وسيلي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي ٿو، دنيا جي زندگيءَ توڙي آخرت جي زندگيءَ ۾ ۽ نافرمانن جي لاءِ (ڄمت ۽ مضبوطيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ هو جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (يعني سندس حڪمت جو قانون ۽ فيصلو اهو آهي ته ائين ڪري).(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى مؤمنن کي ڪلمه طيبه تي موت وقت ۽ قبر ۾ (سوال جواب وقت) ثابت قدم رکي ٿو، ۽ الله تعالى ظالمن کي گمراه ڪري ٿو، الله تعالى جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جي ماڻهو ڪي پختي ڳالھ (توحيد جي ڪلمي) تي (سچي دل سان) ايمان آڻي چڪا تن کي خدا دنيا جي زندگي ۾ (به) ثابت قدم رکندو. ۽ کين (سوال جواب ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي) ۽ الله سرڪش کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو. ۽ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.(سيد فرمان علي) ثابت ٿو رکي الله انهن کي جو ايمان آندائون پڪي قول سان حياتيءَ دنيا جيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ ۽ گمراھ ٿو ڪري الله ظالمن کي ۽ ڪري ٿو الله جيڪي گهري.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله ايمان وارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ مضبوط ڳالهه سان ثابت قدم رکي ٿو. ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو. ۽ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني) الله ايمان وارن کي مضبوط ڳالهه سان ثابت رکي ٿو دنيا جي حياتيءَ ۾ به ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ الله جيئن چاهي ٿو تيئن ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، رکي تن رحمان، مَنجھ هن ۽ هُن جَھان، ثابِت، ثابت ڳالھ تي. ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، گمراه ڪري، گَس ڪنان، ۽ ڪري ڪَم ڪلتار، جيڪِي وڻنسِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي ڇا جن کي الله تعاليٰ نعمت عطا ڪئي هئي، پر هنن بي شڪري ڪري ان کي بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ وڃي لاٿو؟(علامه علي خان ابڙو) ڇا توهان انهن ماڻهن (ڪفار قريش) کي نه ڏٺو جن الله جي نعمتن کي ناشڪري سان مَٽايو ۽ انهن پنهنجي قوم کي هلاڪت ۾ وِڌو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي پيغمبر) ڇا تون انهن ماڻهن جي حال تي غور نه ڪيو جن منهنجي احسان جي بدلي ناشڪري ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي هلاڪت جي کڏ ۾ اڇليائون.(سيد فرمان علي) ڇا نه ڏٺو ته انهن ڏانهن جن مٽايو الله جي نعمت کي بي شڪريءَ سان ۽ داخل ڪيائون قوم پنهنجيءَ کي هلاڪت واريءَ جاءِ ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ڇاتو انهن کي نه ڏٺو جن الله جي نعمت کي ناشڪريءَ سان مٽايو. ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ لاٿائون، (مولانا محمد مدني) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو؟ جن الله جي مليل نعمت کي ناشڪري سبب بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ لاٿائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺيئـِي؟ ته جن ڏاتار جِي، نِعمت پُٽ ۽ کِير، بَدلائي بَدبَخت سي، وَڃِي پُوڄياپِير، فَقِير، سَندنِ، ساٿ سُڌِير، ڪِيئون ڀيڙو ڀُونگٖي ڀِينگ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
جو دوزخ آھي، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) يعني دوزخ ۾ وڃي لاٿو (پوءِ جنهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ ٿي سا) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي.(علامه علي خان ابڙو) اها جهنم آهي اهي جهنم ۾ داخل ٿيندا ۽ اها تمام خراب ٺڪاڻو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (جيڪي) سڀئي جهنم واصل ٿيندا ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سيد فرمان علي) (يعني) جهنم ۾ داخل ٿيندا ان ۾ ۽ بري آهي رهڻ جي جاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جو جهنم آهي، ان ۾ داخل ٿيندا. ۽ اهو بڇڙو ٽڪاڻو آهي. (مولانا محمد مدني) (اُهو گھر) دوزخ آهي جنهن ۾ داخل ڪيا ويندا. ۽ بڇڙو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھَنَّم نالو جِنهن جو، جنهن کي پُهچنداپاڻ، بِلڪُل بُڇڙو ڀاڻ، آهي، سو آرام لئ. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ الله سان شريڪ مقرّر ڪيائون ته سندس واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، (اي پيغمبرکين) چؤ ته اوھين آسودا رھو ڇوته اوھان جو (دوزخ جي) باہ ڏانھن موٽڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ هنن الله جي لاءِ سندس هم درجي وارا (شريڪ) بنايا، انهيءِ لاءِ ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته چڱو (زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن) فائدا ماڻي وٺو، پوءِ آخر اوهان جي واٽ دوزخ جي باهه جي طرف ئي آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ انهن الله سان شريڪ بنايا، ان لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راه کان گمراه ڪن، رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان ڀَلي فائدو وٺو پوءِ بيشڪ توهان جو موٽڻ باه ڏانهن آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي ماڻهو ٻين کي خدا جو شريڪ بنائڻ لڳا ته جيئن (ماڻهن کي) سندس راھ کان ٿيڙين. (اي رسول) چوين ته (خير ٻه ٽي ڏينهن ته) مزو وٺو پوءِ ته اوهان کي دوزخ ڏي موٽي وڃڻو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ٺاهيائون الله جي لاءِ شريڪ تانته گمراھ ڪن ان جي واٽ کان فرماءِ ته فائدا وٺو پوءِ يقينًا موٽڻ اوهان جو باھ ڏانهن آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪيائون ته جيئن ان جي رستي کان (مخلوق کي) گمراهه ڪن. چو ته مزا ڪري وٺو، پوءِ بيشڪ اوهان کي باهه ڏي موٽڻو آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ الله جي واسطي شريڪ بنايائون ته جيئن سندس راهه کان ڀٽڪائن. چؤ مزا ماڻي وٺو! پوءِ بيشڪ اوهان جو موٽڻ (جهنم جي) باهه ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن ڪي جوڙيا، اَلله آڏِي اَڙھ، تان مُنجھائـِين مُورهِين، لوڪ، سَندسِ کان لَڙھ، چئو، چڱو ڪَريو، چَڙھ، پوءِ دوزخ ديرو اَهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي پيغمبر) منھنجن اُنھن ٻانھن کي چؤ جن ايمان آندو آھي ته نماز پڙھندا رھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنو اٿون تنھن منجھان ڳجھو ۽ پڌرو اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رھن جنھن ۾ نڪو واپار ۽ نڪا يراني ھوندي.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) منهجي بندن مان جن ايمان آندو آهي تن کي هيءُ پيغام پهچائي ڏي ته انهيءَ کان اڳي جو اهو (خوفناڪ) ڏينهن اچي ظاهر ٿئي جنهن ڏينهن (ڇوٽڪاري لاءِ) نڪي ڪنهن قسم جو ڏيڻ وٺڻ ڪم ايندو، نڪي ڪنهن به طرح جي دوستي ڪم ايندي (پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سامان ڪري وٺن يعني) نماز قائم ڪن ۽ اسان جي ڏنل ورزيءَ مان ظاهر توڙي ڳجهيءَ طرح (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي منهنجي انهن ٻانهن کي فرمايو جيڪي ايمان آڻي، نماز پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهي مان ڳجھه ۽ ظاهر ۾ خرچ ڪن ٿا اُن (قيامت واري) ڏينهن کان اڳ ۾ جنهن ۾ ڪوبه واپار ۽ ڪابه دوستي نه هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) منهنجا اهي بندا جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته نماز قائم ڪن ۽ جو ڪجھ کين روزي ڏنل آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) لڪائي يا ڏيکاري ڏين. ان ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ته (ڏيتي) ليتي ئي (ڪم ايندي ۽) نه دوستي ۽ محبت.(سيد فرمان علي) فرماءِ منهنجي ٻانهن کي جن ايمان آندو ته قائم ڪن نماز ۽ خرچ ڪن ان مان جو رزق ڏنو سون انهن کي ڳجهو ۽ ظاهر هن کان اڳي جو اچي اهڙو ڏينهن جو ناهي واپار ان ۾ ۽ نه دوستي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) تون منهجن ايمان وارن ٻانهن کي چو ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي تنهن مان ڳجهه ۽ ظاهر ۾ ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪن جنهن ۾ نه ڪو واپار آهي ۽ نڪا دوستي. (مولانا محمد مدني) (اي نبي) منهنجي ايمان وارن ٻانهن کي چؤ ته نماز قائم رکن ۽ ان مان خرچ ڪن جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي (چڱن ڪمن ۾)ڳجهي طرح (به) ۽ ظاهر ظهور (به) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪو واپار هوندو ۽ نه ڪا (دنياوي) دوستي. (ڪم ايندي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول سَندمِ ٻانَهن کي، آندو جن ايمان، ته پورو پَڙهن نِماز کي، پڻ ڏِين اُن مان ڏان، پَڌرو، ڳُجھو؛ اُنهن تي، جيڪِي اَسان ڪيو اِحسان، جنهن ۾ سودو، سَنگت ڪانه، اڳي اونهِيءَ ڏِينهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان سڀڪنھن جنس جي ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، ۽ اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين ته سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (به) نوائي ڏنائين.(علامه تاج محمود امروٽي) اُهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ زمين تي مٿان پاڻي وسايو، جنهن جي ڪري طرحين طرحين ڦل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا جي توهان جي لاءِ غذا جو سامان آهن ۽ توهان جي لاءِ جهاز مسخر ڪيائين جي سندس حڪم سان (يعني سندس ٺهرايل قانونن موجب) سمنڊ ۾ هلن ٿا. پڻ درياهه به اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيائين (يعني اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ فرمان هيٺ رکيائين).(علامه علي خان ابڙو) الله تعالى اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ آسمانن مان مينهن نازل فرمايو پوءِ ان مان ميوا پيدا ڪيا، توهان جي رزق لاءِ، ۽ (الله تعالى) توهان لاءِ ٻيڙيءَ کي تابعدار بنايو انهي لاءِ ته سمنڊ ۾ الله جي حڪم سان هلي ۽ توهان لاءِ نهرن کي تابعدار بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خدا ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين پيدا ڪري ڇڏيا، پڻ آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان جي ذريعي سان (جدا جدا وڻن مان) اوهان جي روزيءَ جي لاءِ (هر قسم جا) ميوا پيدا ڪيا ۽ اوهان جي لاءِ ٻيڙيون اوهان جي وس ۾ ڪري ڇڏيون ته جيئن سندس حڪم سان دريا ۾ هلن ۽ اوهان جي لاءِ نديون نالا اختيار ۾ ڪري ڇڏيا.(سيد فرمان علي) سچو معبود جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻي پوءِ ڪڍيائين ان سان ميون مان رزق اوهان جي لاءِ ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ ٻيڙيون تانته هلن سمنڊ ۾ ان جي امر سان ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ نهرون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين، پوءِ ان سان ميون (جي قسم) مان اوهان لاءِ روزي ڪڍيائين. ۽ ٻيڙين کي اوهان جي تابع ڪيائين ته جيئن درياءَ ۾ سندس حڪم سان هلن. ۽ ندين کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس، (مولانا محمد مدني) الله اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي رزق جي طور تي ميوا پيدا ڪيائين. ۽ ٻيڙين کي توهان جي مطيع ڪيائين ته جيئن سندس حڪم (نظامِ قدرت) سان سمنڊ ۾ هلنديون رهن ۽ دريائن کي به توهان جي مطيع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُهو جنهن جوڙيا، اُڀ، ڀُون ٿاڻا ٿوڪ، ۽ پَلر، پاڻِي اُڀ ڪنان، لاٿـئـِين مَٿان لوڪ، جنهن سان ميوا موڪ، ڪَڍيائـِين اَهنجي قُوت لئي. تابِع ڪيئـِين توهان جا، ٻيڙا اَندر ٻار، هَلن سَندسِ حُڪم سان، بيحد کـڻيو بار، پڻ دَرياء، دَرياء تار، آندئـِين اَهنجي آن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ اوھان لاءِ سدائين ھلندڙ سج ۽ چنڊ نوائي ڏنائين، ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن نوائي ڏنائين.(علامه تاج محمود امروٽي) (اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ) سج ۽ چنڊ کي به مسخر ڪري ڇڏيو آهي، جو هڪ خاص دستور سان برابر چڪر لڳائي رهيا آهن ۽ رات ۽ ڏينهن جو ظهور به مسخر آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان لاءِ سج ۽ چنڊ تابعدار بنايا جيڪي (پنهنجي دائري ۾) ڦرندڙ آهن، ۽ توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن تابعدار بنايا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جو تابعدار ڪيو جيڪي سدائين پيا (گهمن ۽) ڦرن ۽ رات ڏينهن کي اوهان جي قبضي ۾ ڪيائين (ته هميشه حاضر رهن ٿا)(سيد فرمان علي) ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ سج ۽ چنڊ مسلسل هلندڙ ۽ مطيع ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس جي ٻئي هلندڙ آهن. ۽ رات ۽ ڏينهن کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس. (مولانا محمد مدني) ۽ اوهان جي فائدي لاءِ سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين جيڪي (مقرر رستن تي) گردش ڪندا رهن ٿا. ۽ اوهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي به (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سج، چنڊ اوهان جي، تابع ڪيا، هَلندڙ همه حال، پن تابع ڪيو، ڏِينهن، رات کي، آگي اوهان نال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ جيڪا شيءِ کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪي اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته اُھي ڳڻي نه سگھندؤ، بيشڪ ماڻھو ضرور بي انصاف بي شڪر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (مطلب ته توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضروتن ۽ ڪامرانين لاءِ) جيڪي به (سامان) گهربل هو سو سڀ هن عطا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته آهن جو) ڪڏهن به انهن جو شمار ڪري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي.(علامه علي خان ابڙو) ۽ جيڪو توهان الله کان گھُريو سو توهان کي (ضرورتن موجب) عطا ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻيندا ته ڳڻي ڪين سگھندا، بيشڪ انسان وڏو ظلم ڪندڙ ۽ ناشڪر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (پنهنجي ضرورت موجب) اوهان جو ڪجھ ان کان گهريو ان مان ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن خدا جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. هن ۽ ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان وڏو بي انصاف نا شڪرو آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڏنائين اوهان کي هر ان (شيءِ) مان جو گهريو اوهان ان کان ۽ جيڪڏهن ڳڻيندؤ نعمتون الله جو ته نه ڳڻي سگهندؤ ان کي بيشڪ انسان البته ظلم ڪندڙ، بي شڪر آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ جيڪي شيون اوهان ان کان گهريون تن سڀني مان اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن الله جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ انسان ظالم (۽) وڏو ناشڪر آهي. (مولانا محمد مدني) ۽ اوهان کي سڀ ڪجھه ان مان ڏنائين جو اوهان ان کان گھريو. ۽ جيڪڏهن اوهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي به نه سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم وڏو ناشڪرو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ آن کي، ڏِنائـِين ڏاتِيون، جن سڀن جو ڪيئان سُوال، جي ڳڻيو، ته ڳڻي، سي نه سَگھو، ربَّ ڀلي جا ڀال، بي شُڪر آهي بحال، پڻ منڪر ماڻهون مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اهو واقعو ياد رکو جو) حضرت ابراهيم دعا گهري هئي ته، اهي منهنجا پروردگار! هن (مڪي جي) شهر کي امن امان جي جاءِ بڻائجانءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد ۽ نسل کي هن ڳالهه کان بچائجانءِ جو بتن جي پوڄا ڪرڻ کي لڳي وڃن.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت ابراهيم عرض ڪيو ته اي منهنجا رب ! تون هن شهر (مڪه مڪرمه) کي امن وارو بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بُت پُرستي کان پري ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن امان جي جاءِ بنائي ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچائي.(سيد فرمان علي) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو ابراهيم ته اي منهنجا پالڻهار! ڪر تون هن شهر کي امن وارو ۽ پري رک مونکي ۽ پٽن منهنجن کي هن ڳالھ کان ته عبادت ڪيون بتن جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! هن شهر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄڻ کان پري رک! (مولانا محمد مدني) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو: ”اي منهنجا پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن وارو بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي پُٽن کي بچاءِ جو اسان بتن جي پوڄا ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪر قصِّو، سو ياد، جڏهين اِبراهِيم عرض ڪيو، ته سانيمِ! هِن شهر کي، ڪر اَمن سان آباد، مُون ۽ مُنهنجي پُٽن کي، آگا! رک آزاد، ته هِي بُت بِنَہ برباد، ڀلجي نه ڪَڏِهن ڀيٽيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منھنجا پالڻھار انھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي ته تون بيشڪ بخشڻھار مھربان آھين.(علامه تاج محمود امروٽي) اي منهنجا پروردگار! انهن بتن گهڻن ئي ماڻهن کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏيو آهي. پوءِ جيڪو منهنجي پيروي ڪندو (۽ بت پرستيءَ جي گمراهيءَ ۾ نه پوندو) سو منهنجو هوندو، پر جيڪو منهنجي طريقي کان نافرماني ڪندو (تنهن سان منهنجو ڪوبه تعلق ڪونهي ۽) بيشڪ تون ئي بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهين.(علامه علي خان ابڙو) اي منهنجا رب بيشڪ انهن، گھڻن ماڻهن کي گمراه ڪيو آهي، پوءِ جنهن ماڻهو منهنجي تابعداري ڪئي پوءِ بيشڪ اهو منهنجو (اُمتي) آهي ۽ جنهن ماڻهو منهنجي بي فرماني ڪئي پوءِ بيشڪ تون غفور رحيم آهين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي منهنجا پروردگار! پڪ هنن بتن ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراھ ڪيو آهي. پوءِ جو شخص منهنجي پيروي ڪري سو مون مان آهي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي (ته تو کي اختيار آهي) تون ته وڏو بخشڻ وارو مهربان آهين.(سيد فرمان علي) اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن گمراھ ڪيو گھڻو ماڻهن کي پوءِ جيڪو تابع ٿيو منهنجو بيشڪ اهو مون مان آهي ۽ جنهن بي فرماني ڪئي منهنجي پوءِ بيشڪ تون بخشڻهار مهربان آهين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي سو بيشڪ منهنجو آهي. ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ته پوءِ بيشڪ تون معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (مولانا محمد مدني) اي منهنجا پروردگار! انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي سو بيشڪ منهنجو آهي ۽ جنهن منهنجي بي فرماني ڪئي ته پوءِ بيشڪ تون بخشڻهار ٻاجهارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهنجاربَّ! ماڻهن مان، هِنن گھڻاڪياگُمراه، پوءِ جو لڳو لَڙ مُنهنجي، سو هرگز مُون هَمراه، ۽ جو مون کان ڀَڳو بدخواه، پوءِ تون مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) اي اسان سڀني جا پروردگار! (تون ڏسي رهيو آهين ته) هڪ اهڙي ميدان ۾ جتي کيتيءَ جو نالو نشان به ڪونهي مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي محترم گهر (ڪعبت الله) وٽ اچي رهايو آهي ۽ اي منهنجا رب! هن لاءِ کين هتي رهايو اٿم ته نماز قائم رکن (ته هي پاڪ گهر توحيد جي پرستارن کان خالي نه رهي) پوءِ تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪر جو ماڻهن جون دليون انهن (يعني منهنجي نسل) جي طرف مائل ٿي وڃن ۽ انهن جي لاءِ زمين جي پيداوار مان رزق جو سامان مهيا ڪري ڇڏ ته (بنا پاڻي ۽ گاهه واري ريگستان ۾ رهندي به زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم نه هجن ۽) تنهنجي شڪرگذاري ڪندا رهن.(علامه علي خان ابڙو) اي اسان جا رب، بيشڪ مون پنهنجي ڪجھه گھر وارن کي غيرآباد وادي (مڪه مڪرمه) ۾ ٽڪايو آهي (اها وادي) تنهنجي مقدس گھر (بيت الله) وٽ آهي، اي اسان جا رب (مون انهن کي) ان لاءِ ٽڪايو آهي ته اهي نماز پڙهن، پوءِ تون ماڻهن جون دليون انهن ڏانهن مائل ڪر، ۽ انهن کي ميون سان رزق عطا ڪر ته من اُهي شڪر ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي اسان جا پالڻهار! مون تنهنجي عزت واري گهر (ڪعبه) وٽ غير آباد ميدان ۾ پنهنجو ڪجھ اولاد رهايو آهي. اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن. تون ته پوءِ ڪجھ ماڻهن جي دلين ۾ انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! (اهي هتي اچي آباد ٿين) ۽ کين هر قسم جي ميون مان روزي ڏي! ته جيئن اهي (تنهنجو) شڪر ڪن.(سيد فرمان علي) اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ مون رهايو بعضي اولاد پنهنجي کي واديءَ غيرآباد ۾ تنهنجي عزت واري گھر وٽ اي اسان جا پالڻهار! تانته قائم ڪن نماز پوءِ ڪر تون دلين ڪن ماڻهن جي کي ته لڙي پون انهن ڏانهن ۽ رزق ڏي انهن کي ميون مان تانته اهي شڪر ادا ڪن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجو ڪجهه اولاد غيرآباد ميدان ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي. اي اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن پوءِ ڪن ماڻهن جي دلين کي انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! ۽ انهن کي ميون مان روزي ڏي! مَنَ اهي شڪر ڪن. (مولانا محمد مدني) اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو ڪجهه اولاد غير آباد وادي ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي اي اسان جا پالڻهار! هن لاءِ ته نماز قائم رکن. پوءِ ڪجهه ماڻهن جي دلين کي انهن ڏانهن (محبت سان) مائل ڪر ۽ انهن کي ميوات مان روزي عطا ڪر ته من اهي شڪر ادا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيمِ! ساڪِن مُون ڪيا، مُنهنجا ٻچاٻار، وادِي جا ويران صَفا، پوک نه ڪِنهِين پار، تُنهنجي سڳوري گَھر وٽ، جو عِزَّت دار اَپار، تا قائـِم ڪن نِماز کي؛ سانيمِ ربَّ، ستار! پوءِ ماڻهن مَنجھان، مَن ڪِن جا، اِهڙا ڪر ڪلتار، تِنهن ڏي هَر طرف کان، وَرن ويرو تار، ۽ تن ميوا موڪ ڏِيار، مَن کائـِي ڳُڻ ڳائـِين سي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا پالڻھار جيڪي اسين ڳجھو ڪريون ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريون ٿا سو تون ڄاڻندو آھين، ۽ ڪابه شيءِ زمين ۾ الله کان ڳُجھي نه آھي ۽ نڪي آسمان ۾.(علامه تاج محمود امروٽي) اي اسان جا پروردگار! اسان جيڪي به لڪايون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو ۽ جيڪي به ظاهر ڪيون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو. آسمان ۽ زمين جي ڪابه شيءِ ڪانهي جا الله کان لڪل هجي.(علامه علي خان ابڙو) اي اسان جا رب بيشڪ تون ڄاڻين ٿو اهو سڀ ڪجھه جيڪو اسين مخفي ۽ ظاهر ڪريون ٿا، ۽ الله تعالى کان ڪابه شيءِ زمينن ۽ آسمانن ۾ ڳجھي ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي اسان جا پالڻهار! جيڪي اسين لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسين ظاهر ڪريون ٿا تون (سڀ کان) چڱيءَ طرح واقف آهين. ۽ خدا کان ڪا به شيءِ لڪل نه آهي (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾.(سيد فرمان علي) اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي لڪايون ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيون ٿا ۽ نه ٿي ڳجھي رهي الله کان ڪا به شيءِ زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي اسان جا پاليندڙ! جيڪي اسين لڪائي (ڪريون) ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريون ٿا تنهن کي تون ڄاڻين ٿو ۽ الله کان ڪابه شيءُ نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ ڳجهي رهي ٿي. (مولانا محمد مدني) اي اسان جا مالڪ! بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي اسان لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسان ظاهر ڪيون ٿا“. ۽ الله تي ڪا شيءِ ڳجهي نه ٿي رهي نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيمِ! سَمجِهين تو ٿو، جيڪِي ڳُجھون ڪريون يا پَڌرو، لِک نه لِڪٖي، مَنجھ ڀُون ۽ نَه اَندر اُڀ، اَلله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيو، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور دُعا ٻڌندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (حضرت ابراهيم چيو ته،) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، جنهن ٻڍاپڻ جي حالت ۾ به مون کي اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه پٽ) عطا فرمايا. بيشڪ منهنجو پروردگار (پنهنجي ٻانهن جون) دعائون ٻڌي ۽ قبول ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو) سڀئي تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن مون کي پيرسنيءَ ۾ (ٻه پُٽ) اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيا، بيشڪ منهنجو رب يقيناً دُعا ٻڌندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ان خدا جا (لک لک) شڪر آهن جنهن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه) فرزند عطا فرمايا بيشڪ منهنجو پروردگار دعا جي ٻڌڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) سڀ ساراھ الله جي لاءِ هي جنهن عطا ڪيو مون کي ٻڍڙائپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق بيشڪ رب منهنجو البته دعا ٻڌندڙ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن مون کي ٻڍاپڻ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق بخشي ڏنا. بيشڪ منهنجو پاليندڙ دعا ٻڌندڙ آهي. (مولانا محمد مدني) ”شڪر ان الله جو جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (جهڙا ٻه پُٽ) عطا ڪيا. بيشڪ منهنجو پروردگار دعا ٻڌندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شُڪر ربَّ، رزاق، جنهن وَڏپڻ ۾ وَڙ ڪيا، اسماعيل ۽ اسحاق، سانيمِ سُڻندڙ سڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي اولاد مان ڪن کي نماز پڙھندڙ ڪر، اي اسان جا پالڻھار منھنجي دُعا قبول ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان نماز قائم رکان ۽ منهنجي نسل کي به ائين ڪرڻ جي توفيق ملي. اي پروردگار منهنجي هيءَ دعا شال تنهنجو حضور ۾ قبول پوي.(علامه علي خان ابڙو) اي منهنجا رب تون مون کي نمازي بناءِ ۽ منهنجي اولاد مان نمازي پيدا ڪر، اي اسان جا رب ۽ تون منهنجي دُعا کي قبول ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي (به) نماز جو پابند بنائي! اي منهنجا پروردگار! منهنجي دعا قبول فرمائي.(سيد فرمان علي) اي منهنجا رب! بناءِ مونکي نماز قائم ڪندڙ ۽ منهنجي اولاد مان اي اسان جا رب! ۽ قبول ڪر منهنجي دعا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي اولاد مان نماز قائم ڪرڻ وارا ڪر! اي اسان جا پاليندڙ! ۽ منهنجي دعا قبول ڪر! (مولانا محمد مدني) اي منهنجا پالڻهار! مون کي نماز قائم رکڻ وارو بناءِ ۽ منهنجي اولاد مان به ڪن کي. اي اسان جا پالڻهار ! ۽ تون منهنجي دعا قبول ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهنجا خُداوند! ڪر مُون ۽ مُنهنجن ٻَچن کي، نِماز جو پابند، ۽ سانيمِ!،سُڻيمِ سَڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (انھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب کڙو ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي) اي اسان جا پروردگار! جنهن ڏينهن عملن جو حساب ورتو ويندو تنهن ڏينهن مون کي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ انهن سڀني کي جيڪي ايمان آڻين (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) بخشي ڇڏجانءِ (۽ حساب جي سختيءَ ۾ نه وجهجهانءِ).(علامه علي خان ابڙو) اي اسان جا رب تون مون کي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ ۽ مؤمنن کي بخش ڪر، ان ڏينهن جڏهن حساب ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اي اسان جا پالڻهار! جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ٿئي، مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايماندارن کي معاف ڪر!(سيد فرمان علي) اي اسان جا رب! مونکي بخش ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ مؤمنن کي جنهن ڏينهن قائم ٿيندو حساب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اي اسان جا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ايمان وارن کي جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ڪتاب قائم ٿيندو تنهن ڏينهن معاف ڪر! (مولانا محمد مدني) اي اسان جا پرودگار ! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي به ۽ ايمان وارن کي به (بخش) جنهن ڏينهن حساب قائم ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون ۽ مُنهنجي مائـِٽِين، مَرهيِين مِهربان!، پڻ آندو جَن ايمان، جڏهن ليکو ٿِئي لوڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي ئي بي خبرنه ڀانءِ، الله رڳو کين انھي ڏينھن تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) اهو خيال نه ڪجانءِ ته الله هنن ظالمن جي ڪمن کان غافل آهي (يعني مڪي جي رئيسن جي ڪمن کان) دراصل الله تعاليٰ هنن جو معاملو انهيءَ ڏينهن لاءِ پوئتي رکي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن (بدعملن جي نتيجن جون تباهيون ظهور ۾ اينديون. انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن جو حال اهڙو ٿيندو جو خوف ۽ حيرت کان) سندن اکيون ڦاٽي پونديون.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان الله تعالى کي ظالمن جي عملن کان بي خبر نه سمجھو، انهن کي مهلت ڏني وئي آهي اُن ڏينهن لاءِ ته انهن جون اکيون (خوف جي ڪري) کُلي وينديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ جيڪي هي ظالم (مڪي جا ڪافر) ڪن ٿا تنهن کان خدا کي غافل نه سمجهو (پر مٿن يڪدم عذاب نه ڪرڻ جو سبب هي آهي جو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ڏينهن ماڻهن جي اکين جا ڏوڏا (خوف کان) نڪري ايندا.(سيد فرمان علي) ۽ هر گز نه سمجھ الله کي غافل ان کان جيڪي ظالم ڪن ٿا تحقيق ۽ ڍر ٿو ڏي انهن کي ان ڏينهن جي لاءِ جو کلي پونديون ان ۾ اکيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر !) ظالم جيڪي ڪن ٿا تنهن کان تون الله کي بي خبر نه سمجهه! الله انهن کي رڳو ان ڏينهن تائين ڍر ڏئي ٿو جنهن ڏينهن (انهن جون) اکيون ٽڙي پونديون. (مولانا محمد مدني) ۽ الله کي تون انهن ڪمن کان بي خبر نه سمجهه جيڪي ظالم ڪن ٿا. انهن کي رڳو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ۾ اکيون (خوف سبب) ڦاٽي پونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانئـٖي مَ، بي خبر، اُنهن ڪَنان اَلله کي، ڏاڍا، ڪن جي ڏيھ ۾، ڏاڍايون ڏَمر، تِهن ڏاڍي ڏِينهن سِين، مُهلت ڏينِ مگر، کِڙي ٿِينديون کيريون، اکيون جِنهن اَندر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
پنھنجا ڳاٽ کڻندڙ ڊوڙندڙ ھوندا پاڻ ڏانھن سندن نظر وري نه سگھندي، ۽ سندين دليون پيون دھڪنديون.(علامه تاج محمود امروٽي) حيران پريشان هوندا، نظرون مٿي هونديون ۽ ان حالت ۾ ڊوڙندا رهندا، سندن نگاهون موٽڻ واريون نه هونديون ۽ دليون (خوف ۽ حيرانگيءَ ۾) هر خيال کان خالي رهجي وينديون.(علامه علي خان ابڙو) (۽ اهي) منهن مٿي کڻي (خواريءِ کان) ڊوڙندا، انهن جون نظرون هڪ جاءِ تي کُپي وينديون ۽ انهن جون دليون حيران هونديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پڻ پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. (جتي نظر پوندين اتي ئي کتل هوندين) ۽ سندن دليون بدحواس هونديون.(سيد فرمان علي) ڊوڙندڙ مٿي ڪندڙ مٿن پنهنجن کي نه موٽندي انهن ڏانهن اک انهن جي ۽ دليون انهن جون اڏامندڙ هونديون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. ۽ سندن دليون بدحواس هونديون. (مولانا محمد مدني) پنهنجا ڳاٽا مٿي ڪري ڊوڙندا (ميدانِ محشر ڏانهن) ان حال ۾ اکيون ڇنڀي به نه سگهندا ۽ انهن جون دليون بدحواس هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀاڳاٽ اُنهن جا، هَلندڙ ڏونھ حشر، نَظر نه وَرندو اُنهن جو، پاڻ ڏي، ڪِنهن پر، ۽ هِينئان هيبت ڀَر، تِنهن ويل، هُوندنِ وائـِڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهن کي انهيءَ ڏينهن جي اچڻ بابت خبردار ڪري ڇڏ، جنهن ڏينهن عذاب اچي ڪڙڪندو. انهيءَ ڏينهن ظالم چوندا ته، اي پروردگار ٿوري وقت لاءِ اسان کي مهلت ڏي. (اسان هاڻي هرگز انڪار ۽ سرڪشي نه ڪنداسين ۽) تنهنجي پڪار جو جواب ڏينداسين ۽ پيغمبرن جي پيروي ڪنداسين. (پر کين جواب ملندو ته) ڇا توهان اهي ئي نه آهيو جو هن کان اڳي قسم کڻي کڻي چوندا هئو ته اسان تي ڪنهن به طرح جو زوال نه ايندو.(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄاريو (جڏهن) انهن تي عذاب ايندو، پوءِ ظالم چوندا اي اسان جا رب تون اسان کي ٿورڙي وقت لاءِ مهلت ڏي، اسين تنهنجو حڪم قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي تابعداري ڪريون، الله فرمائيندو توهان دنيا ۾ قسم نه کڻندا هئا ته اسان کي ڪوبه زوال نه ايندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (اي رسول) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار (جنهن ڏينهن) مٿن عذاب نازل ٿيندو ته جن ماڻهن نافرماني ڪئي هئي (بيزاري سان) عرض ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿوري ٻي مهلت ڏي (هاڻي) اسين تنهنجي سڏڻ تي (ضرور) اٿي کڙا ٿينداسون (ته کين جواب ملندو) ڇا اوهين اهي ماڻهو نه آهيو جيڪي هن کان اڳ ۾ به (ان ڳالھ تي) قسم کائيندا هئا ته توهان کي ڪنهن قسم جو زوال نه آهي.(سيد فرمان علي) ۽ ڊيڄار ماڻهن کي ان ڏينهن کان جو ايندو انهن وٽ عذاب پوءِ چوندا اهي جو ظلم ڪيائون ته اي اسان جا پالڻهار! مهلت ڏي اسان کي مدت ويجھي تائين ته قبول ڪيون سڏ تنهنجي کي ۽ تابعداري ڪيون رسولن جي ڇا نه قسم کڻندا هيئو اوهان اڳ ۾ ته ناهي اوهان لاءِ ڪو زوال .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ (اي پيغمبر !) تون ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جنهن ڏينهن مٿن عذاب اچي پوندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ٿوريءَ مدت تائين مهلت ڏي ته اسين تنهنجي سڏ جو جواب ڏيون، ۽ (تنهنجي) رسولن جي پيروي ڪريون (کين چيو ويندو ته) ڇا هِن کان اڳ اوهان قسم نه کنيا هئا ته اوهان کي زوال نه آهي (مولانا محمد مدني) ۽ (اي نبي) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن انهن مٿان عذاب اچي پوندو پوءِ ظالم چوندا: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي ٿوري دير مهلت ڏي ته تنهنجي دعوت قبول ڪيون ۽ رسولن جي پيروي ڪيون“. (چيو ويندو) ”ڇا هن کان اڳ اوهان قسم نه کنيا هئا؟ ته اوهان کي (ڪڏهن به) زوال نه ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن کي، تِنهن مَهل جو، ڏي ڪو خوف خيال، جِنهن ڏِينهن اِيندو اُنهن مَٿي، جَبرو ڪو جَنجال، پوءِ چَونِ اِهڙي چال سان، جاڙون ڪيون جَال، وَجھ ويجھو ڌَڻيمِ ڏِيئـِين، ڪوٿورو، ٿوري نال، ته مَڃون تُنهنجِي ڳالھ، ۽ وَٺون پُٺ پيغمبرِين. اَوهان ڪِ، قَسم اڳ نه کَنيا؟ ته موت نَه اَسان لئي مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ توهان انهن ماڻهن (اڳين تباهه ٿيل قومن) جي بستين ۾ آباد ٿيا هئو، جن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو هو ۽ توهان کي چٽيءَ طرح معلوم ٿيو هو ته اسان هنن سان ڇا ڇا ڪيو (اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ته به توهان عبرت نه ورتي) توهان کي (سمجهائڻ لاءِ) طرحين طرحين مثال به اسان بيان ڪري ٻڌايا (پوءِ به توهان سرڪشيءَ کان باز نه آيؤ).(علامه علي خان ابڙو) ۽ توهان انهن ظالمن جي گھرن ۾ ٽِڪيا جن پنهنجي نفسن سان ظلم ڪيو ۽ توهان بخوبي معلوم ڪيو ته اسان انهن ظالمن سان ڇا ڪيو ۽ اسان توهان لاءِ مثال بيان ڪيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ (ڇا اوهين اهي نه آهيو جو) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، انهن جي گهرن ۾ اوهين به رهيا، هوڏانهن اوهان تي هي به ظاهر ٿي چڪو هو ته اسان انهن سان ڪهڙو برتاءُ رکيو ۽ اسان اوهان جي (سمجهائڻ) لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.(سيد فرمان علي) ۽ رهيئو اوهان جاين انهن جي ۾ جو ظلم ڪيائون سرن پنهنجي تي ۽ ظاهر ٿيو اوهان لاءِ ته ڪيئن ڪيوسون انهن سان ۽ بيان ڪياسون اوهانجي لاءِ مثال .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽اوهين انهن جي جاين ۾ رهيو جن پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ اوهان تي ظاهر ٿيو ته ڪيئن اسان انهن سان ڪيو. ۽ اسان اوهان لاءِ (انهن جا) مثال بيان ڪيا. (مولانا محمد مدني) حالانڪه اوهان انهن ماڻهن جي جاين ۾ رهي چڪا هيؤ جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هيو ۽ اوهان تي ظاهر ٿي چڪو هيو ته اسان انهن سان ڇا معاملو ڪيو ۽ اسان اوهان لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوڏانهن حوِيليون، تن جون، وَسايان وَهلور! پاڻهِي پَنهنجي جِيءَ سان، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ ڪِيئنَ ڪيوسون اُنهن سان، سو ظاهر ٿِيان ضَرُور، ۽ اَسان مِڙيئـِي مَذڪور، خُوب اَوهان تي کوليا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن.(علامه تاج محمود امروٽي) انهن ماڻهن پنهنجون سڀ تدبيرون ڪري ڇڏيون هيون، ۽ اگرچه هنن جون تدبيرون اهڙيون هيون جو جبلن کي به پنهنجي جاءِ تان لوڏي هٽائي ڇڏين ته به الله وٽ هنن جي سڀني تدبيرن جو جواب هو. ( يعني الله تعاليٰ هنن جي تدبيرن کي ناڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ هو عذاب کي روڪي نه سگهيا).(علامه علي خان ابڙو) بيشڪ انهن وڏيون خفيه تدبيرون ڪيون ۽ الله تعالى وٽ سندن مڪر جو علم ۽ جزا آهي، ۽ جيتوڻيڪ انهن جي مَڪر سان جبل (پنهنجي جاءِ تان) هٽي وڃن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ اهي ماڻهو پنهنجون چالون هلندا رهيا. ۽ اهي ڪڏهن نه مڙيا هوڏانهن سندن سڀ حالتون خدا جي نظر ۾ هيون ۽ جيتوڻيڪ سندن مڪاريون ايتري قدر ته هيون جو جن کان جبل پنهنجي جاءِ کان هٽي وڃن.(سيد فرمان علي) ۽ تحقيق مڪر هلايون (وڏو) مڪر پنهنجو ۽ الله وٽ رٿ انهن جي آهي ۽ ناهي مڪر انهن جو تانته هليا وڃن ان سان جبل.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ بيشڪ انهن پنهنجيون (وڏيون) تدبيرون ڪيون هيون ۽ انهن جون تدبيرون الله جي اڳيان هيون. ۽ انهن جي تدبير اهڙي نه هئي جنهن سان جبل هٽي وڃن. (مولانا محمد مدني) ۽ بيشڪ انهن پنهنجي طرفان وڏيون مڪاريون ڪيون ۽ الله وٽ انهن جي هر مڪر جو ٽوڙ هيو. توڙِي جو انهن جون مڪاريون اهڙيون هيون جن سان جبلَ هٽي وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِٽِيئون سِٽ، پَنهنجِي،سَندنِ سِٽ، به سائـِين وَٽ، ۽ اِهڙِي نَه سَندنِ سِٽ، جِنهن سان، جَبل جُنبن جاءِ تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ اهڙو خيال نه ڪيو ته الله پنهنجي رسولن سان جيڪو واعدو ڪري چڪو آهي، تنهن جي خلاف ڪندو (نه نه هو ضرور حق کي فتح ڏيندو ۽ ظالمن کي تباهه ڪندو) يقين ڪيو ته الله (سڀني تي) غالب آهي ۽ (بدعملن جي) سزا ڏيندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان نه سمجھو ته الله تعالى رسولن سان ڪيل وعدن کي پورو نه ڪندو، بيشڪ الله تعالى غالب انتقام وٺندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پر اهي ڪجھ نه هيون) ته تون اهو خيال (به) نه ڪج ته خدا تعالى پنهنجي پيغمبرن سان وعدي خلافي ڪندو، بيشڪ خدا (سڀ کان) زبردست بدلو وٺڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) پوءِ هرگز نه سمجھ تون الله کي مخالفت ڪندڙ وعدي پنهنجي جي رسولن پنهنجن سان بيشڪ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ الله کي پنهنجن رسولن سان وعدي جي خلافي ڪندڙ هرگز نه سمجهه! بيشڪ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) پوءِ الله کي پنهنجي رسولن سان وعدي خلافي ڪرڻ وارو هرگز نه سمجهه. بيشڪ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ سَندسِ رَسُولن سان، واعدو توڙمَ سَار، غالِب، رَبُّ، غَفَّار، وير وَٺندڙ، وير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (به) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا.(علامه تاج محمود امروٽي) انهيءَ ڏينهن هيءَ زمين بدلجي هڪ ٻي زمين ٿي پوندي ۽ آسمان به بدلجي ويندا ۽ سڀ ماڻهو هڪ غالب خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. (علامه علي خان ابڙو) جنهن ڏينهن زمين مَٽجي ويندي سواءِ زمين جي ۽ آسمان (مٽجي ويندا) ۽ سڀئي الله تعالى وٽ گڏ ٿيندا جيڪو واحدالقهار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (پر ڪڏهن؟) جنهن ڏينهن هيءَ زمين بدلائي ٻي ڪئي ويندي ۽ (اهڙي طرح) آسمان (به بدلايا ويندا) ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي قهار خدا جي سامهون (پنهنجي پنهنجي جڳھ مان نڪري) کڙا ٿيندا.(سيد فرمان علي) جنهن ڏينهن مٽائي ويندي هيءَ زمين ٻيءَ زمين سان ۽ آسمان ۽ ظاهر ٿي ايندا الله، هڪ، غالب جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن ڏينهن هيءَ زمين ئي زمين سان بدلائي ويندي ۽ آسمان به. ۽ (سڀئي) اڪيلي زبردست الله جي اڳيان حاضر ٿيندا. (مولانا محمد مدني) جنهن ڏينهن (هي) زمين ٻي زمين سان بدلائي ويندي ۽ سڀ آسمان به (بدلايا ويندا) ۽ سڀ (ماڻهو) الله اڳيان پڌرا پيش ٿيندا جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڀُون بَدلبِي، ٻِيءَ ڀُون سان ۽ اُڀ بَجا، ٻِيو اُڀ، ۽ آيا سائـِين اڳيان سَڀ، جو حاڪِم قهرِي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ اُن ڏينھن گنھگارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين.(علامه تاج محمود امروٽي) ۽ تون انهيءَ ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا.(علامه علي خان ابڙو) ۽ ان ڏينهن توهان مجرمن کي ڏسندا ته اُهي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا.(سيد فرمان علي) ۽ ڏسندين گنهگارن کي ان ڏينهن جڪڙيل زنجيرن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين. (مولانا محمد مدني) ۽ تون ان ڏينهن ڏوهارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن ڏِينهن ڏوهين ڏِسندين، بَنديل مَنجھ بندن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
سندن ڪپڙا گندرف مان ھوندا ۽ سندن مُنھن کي باھ وڪوڙيندي.(علامه تاج محمود امروٽي) هنن جون قميصون گندڪ جون هونديون. (جنهن جي گسڻ سان باهه ٻرندي آهي) ۽ چهرا باه جي ڄڀين سان ڍڪجي ويندا.(علامه علي خان ابڙو) انهن جا پهراڻ گرم ٽامي جا هوندا ۽ انهن جي چهرن کي باه ڍڪيندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سندن (بدن جا) ڪپڙا قطران جا هوندا ۽ سند منهن کي باھ (چوڌاري) وڪوڙيل هوندي.(سيد فرمان علي) ڪپڙا انهن جا گندرف مان هوندا ۽ وڪوڙي ويندي منهن انهن جي کي باھ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سندن پوشاڪون گندرف جون هونديون ۽ سندن منهن کي باهه ويڙهي ويندي. (مولانا محمد مدني) انهن جا لباس (باهه کي ڀڙڪائيندڙ) گندرف مان هوندا۽ انهن جي چهرن کي باهه وڪوڙي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گَندرف گَنديون سَندنِ، ۽ مَچ ويڙِهيندنِ مُنهنڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
ھن لاءِ ته سڀڪنھن جيءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو اُن کي الله بدلو ڏئي، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) ائين هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ هر انسان کي سندس ڪمائيءَ جي مطابق بدلو ڏئي. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان لاءِ ته الله هر نفس کي سندس عمل موجب جزا ڏئي، بيشڪ الله تعالى جلد حساب ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته جيئن خدا هر شخص کي سندس ڪئيءَ جو بدلو ڏئي، (چڱي جو چڱو بڇڙي جو بڇڙو) بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سيد فرمان علي) تانته بدلو ڏي الله هر نفس کي جيڪي ڪمايائين بيشڪ الله تڪڙو حساب ڪرڻ وارو آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ته جيئن سڀڪنهن نفس جيڪي ڪمايو آهي تنهن جو الله ان کي بدلو ڏئي. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (مولانا محمد مدني) هن لاءِ ته جيئن الله هر شخص کي ان جو بدلو ڏئي جيڪي ان ڪمايو آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جيڪي جنهن ڪمايو، تِنهن جو پُوروڏِبسِ پار، تَڪڙو آهي تڪرار، هادِي حرف حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي ته اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن ته انھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي ۽ ڌِيان وارا نصيحت وٺن.(علامه تاج محمود امروٽي) هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي، جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي سو) هڪ ئي معبود آهي ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن).(علامه علي خان ابڙو) هيءُ (قرآن) ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ ڀلي ته انهيءَ کان خوف ڪن ۽ ڀلي اُهي معلوم ڪن ته معبود برحق فقط هڪ الله تعالى آهي ۽ ڀلي ته عقلمند انهيءَ مان نصيحت حاصل ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) هي (قرآن) اهڙن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو اطلاع آهي ته جيئن ماڻهو ان جي ذريعي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريا وڃن ۽ جيئن هن ڳالھ جي پڪ ٿئين ته فقط اهو خدا هڪ ئي معبود آهي پڻ هن ڪري ته جيڪي عقل وارا آهن (سي) نصيحت (۽ عبرت) حاصل ڪن.(سيد فرمان علي) هيء پيغام پهچائڻ آهي ماڻهن لاءِ ۽ تانته ان سان ڊيڄاريا وڃن ۽ تانته ڄاڻن ته بلاشڪ اهوئي معبود هڪ آهي ۽ تانته نصيحت وٺن عقل وارا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري) هيءَ (قرآن) ماڻهن لاءِ هڪ اطلاع آهي. ۽ هن لاءِ آهي ته ان سان کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻن ته اهو ئي اڪيلو معبود آهي ۽ هن لاءِ ته عقل وارا ڌيان ڪن. (مولانا محمد مدني) هي (قرآن سڀ ) ماڻهن لاءِ اطلاع آهي ۽ (موڪليو ويو آهي) هن لاءِ ته ان جي ذريعي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻن ته صرف اُهو (الله) ئي اڪيلو معبود آهي ۽ هن لاءِ ته عقل وارا نصيحت وٺن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهنِ پُهچائـِڻُو مُورِهين، حُڪم حَقانِي، هِيءُ، تان اُن جِي خَبر کين پوي، وَڃن لُڙ لَهِي، پڻ سَمجھنِ، ته سائـِين هِڪ اُهو، ٻِيا سَڀ ٻَهِي، پڻ ساڱائـِينِ صَحِي، حاصل جن کي حوصلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |