توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) چئو ته، آءٌ انسانيت جي (اڪيلي) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (توحيد في الربوبيت).(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون ان رب جي پناه ۾ آهيان جيڪو سڀني ماڻهن جو پيدا ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) تون چئو ته آءُ پناھ وٺان ٿو ماڻهن جي پالڻهار کان،(سيد فرمان علي) چؤ ته مان پناھ وٺان ٿو ماڻهن جي رب سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) چئو ته آءُ پناه وٺان ٿو ماڻهن جي پاليندڙ (مولانا محمد مدني) (اي نبي) چؤ آءٌ پناهه وٺان ٿو ماڻهن جي پالڻهار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول، ته ٻِيلِي وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، جو مِڙنِي ماڻهن جو، پَروَر پالڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
ماڻھن جي بادشاھ جي.(علامه تاج محمود امروٽي) ماڻهن جي اڪيلي حاڪم جي پناهه ۾ اچان ٿو (توحيد في الصفات).(علامه علي خان ابڙو) سڀني ماڻهن جو حقيقي بادشاهه آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ماڻهن جي بادشاھ،(سيد فرمان علي) ماڻهن جي بادشاھ سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ماڻهن جي بادشاهه (مولانا محمد مدني) ماڻهن جي بادشاهه جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو مِڙنِي ماڻهن جو، حاڪِم هيبت دار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
ماڻھن جي (سچي) معبود جي.(علامه تاج محمود امروٽي) ماڻهن جي اڪيلي معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو، (توحيد في العبادت).(علامه علي خان ابڙو) سڀني ماڻهن جو حقيقي معبود آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ماڻهن جي معبود جي،(سيد فرمان علي) ماڻهن جي معبود سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ماڻهن جي معبود جي (مولانا محمد مدني) ماڻهن جي معبود جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو مَڙنِي ماڻهن جو، ڌُران ڌَر دَربار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان.(علامه تاج محمود امروٽي) (۽ دلين ۾) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائيءَ کان (جيڪو پردي پويان توحيد جي ٽنهي اطاعتن جي باري عقيدن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ) آهي.(علامه علي خان ابڙو) ان جي شر کان جيڪو دل ۾ خاموشيءَ سان وِسوِسا وجھي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (شيطاني) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائي کان جو خدا جي نالي کان گهڻو پٺ تي هٽندڙ آهي،(سيد فرمان علي) وسوسي وجهندڙ پٺتي هٽندڙ جي شر کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائي کان جو گهڻو پٺتي هٽندڙ آهي (مولانا محمد مدني) وسوسو وجهي پوئتي هٽي وڃڻ واري جي شر کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪنان خرابِي خَر جي، جو کاري کارڻهار، لَئون لَئون ۾ لِڪي ڇِپي، پڻ ڪڍي ٻُوٿ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي) جيڪو (مختلف جماعتن ۽ نظرين جي آڙ ۾ ٽنهي اطاعتن خلاف) ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو.(علامه علي خان ابڙو) اهي جيڪي ماڻهن جي سينن ۾ وِسوِسا وجھن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو،(سيد فرمان علي) جيڪو وسوسا وجهي ٿو ماڻهن جي سينن ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو (مولانا محمد مدني) جيڪو ماڻهن جي سينن ۾ وسوسا وجهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو وِجھي ماڻهن مَن ۾، وَسوَسا وِيچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان.(علامه تاج محمود امروٽي) جنن (لڪل قوتن ۽ طريقن) مان هجي يا ماڻهن (جي جوڙيل گمراهه طريقن) مان هجي. (الله! تنهنجي اطاعت واري رستي تي هلڻ لاءِ ماڻهن ۽ گروهن جي سڀني چالبازين ۽ رڪاوٽن کان پناهه).(علامه علي خان ابڙو) ڪي جِنن مان آهن ته ڪي انسانن مان آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنن مان هجي يا ماڻهن مان.(سيد فرمان علي) جنن ۽ ماڻهن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنن مان هجي يا ماڻهن مان هجي (مولانا محمد مدني) جِنن مان هجي يا ماڻهن مان هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪو ماڻهن مان مَڪار، ڪو ڀُوتاڙيل، ڀُوتن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |