القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡاِخۡلَاصِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 4


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (آيت : 1)

(اي پيغمبر) چؤ ته الله اڪيلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تنهنجي مڃيندڙن لاءِ بنيادي نقطو الله تعاليٰ جي عظمت آهي، کين) چئون ته، الله پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ اڪيلو ئي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو، الله تعالى هڪ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) تون چئو ته الله هڪڙو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماء ته الله هڪ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر) چئو ته الله هڪڙو ئي آهي (مولانا محمد مدني)


(اي نبي!) چؤ اُهو الله آهي جو اڪيلو آهي. (پنهنجي ذات ۽ صفات ۾)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آهي حق اِهو، ته اَلله آهي هيڪڙو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


اللَّهُ الصَّمَدُ (آيت : 2)

الله بي احتياج آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله پاڻ بي پرواه آهي. (باقي سڀئي زندگي ۽ اوسر جي لاءِ سندس محتاج آهن.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى بي نياز آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


الله برحق بي پرواھ آهي.(سيد فرمان علي)


الله بي نياز آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله ئي بي پرواه آهي (مولانا محمد مدني)


الله بي نياز آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله بي اِحتياج سو، نه ڪِنهن سان سڱ سِهو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَم يَلِد وَلَم يولَد (آيت : 3)

نڪي ڄڻيائين، ۽ نڪي ڄڻيو ويو.(علامه تاج محمود امروٽي)


نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي. (بلڪ سڀني کي توليد جي بجاءِ تخليق جي عمل سان پيدا ڪيو اٿس).(علامه علي خان ابڙو)


نه ان جو ڪو اولاد آهي، ۽ نه اهو ڪنهن مان پيدا ٿيو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي.(سيد فرمان علي)


نه ڄڻيائين ۽ نه ڄائو ويو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه هن کي ڪنهن ڄڻيو آهي (مولانا محمد مدني)


نه (ڪنهن کي) ڄڻيائين ۽ نه ڪنهن مان ڄائو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نه ڄائـِين، نه ڄائو ڪونهيس ڪيڙ ڪِهو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَم يَكُن لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (آيت : 4)

۽ سندس برابر ڪوبه ڪونھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ ان جو (همسر يا ان جو مثال يا ان جو) مَٽ آهي ئي ڪونه.(علامه علي خان ابڙو)


۽ نه ئي ڪو سندس مثال آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ان جو ڪو به مٽ نه آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه آهي ان جي برابر ڪو هڪڙو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه ان جو ڪو مَٽ آهي (مولانا محمد مدني)


۽ نه ئي ان جو ڪو همسر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن جيڏو، جنهن جِھو، هرگز ناهي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017