111 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ 1ۭ
هلاڪ ٿيا ٻئي هٿ ابولهب جا ۽ پاڻ هلاڪ ٿيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريابولهب جا هٿ ڀڳا ۽پاڻ برباد ٿيو
— مولانا محمد مدني(اسلام دشمني ۾ حد کان لنگهڻ ڪري هيءَڳالهه پڌري پَٽ آهي ته) ابولھب جا ٻئي هٿ ڀڳا (ئي ڀڳا) ۽ هو پاڻ به برباد ٿي ويو. (بدر جي جنگ کان پوءِ هو خود ذلت جو موت مري ويو ۽ مڪي جي فتح وقت سندس ٻئي پٽ مسلمان ٿيا) .
— عبدالسلام ڀُٽومَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ 2ۭ
نه فائدو ڏنو ان کي ان جي مال ۽ نه ان جيڪو ڪمايائين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان کان سندس مال ۽ جيڪي ڪمايو اٿس ڪجهه به نه ٽاريو
— مولانا محمد مدنيهن جيڪو به مال ڪمايو هو سو کيس (اسلام جي راهه روڪڻ ۾) بلڪل ڪم نه آيو.
— عبدالسلام ڀُٽوسَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ ښ 3
جلد داخل ٿيندو ڄڀيءَ واري باھ ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسگهوئي هو ڄڀيءَ واري باهه ۾ گهڙندو
— مولانا محمد مدنيعنقريب هو باهه جي ڀَـڀَـڙَ ۾ داخل ٿيندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّامْرَاَتُهٗ ۭ حَمَّالَةَ الْحَطَبِ 4ۚ
۽ ان جي زال ڪاٺين جي ڀري کڻندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ سندس زال به جا ڪاٺين کڻڻ واري آهي
— مولانا محمد مدني۽ سندس زال به (باهه ۾ داخل ٿيندي) جيڪا چُوچِڙي ڏيندڙآهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ 5ۧ
ان جي ڳچيءَ ۾ رسو هوندو ڪاٻاڙ جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان جي ڳچيءَ ۾ ڪاٻاڙ جو رسو هوندو
— مولانا محمد مدنيسندس ڳچيءَ ۾ (سونن زيورن جي بجاءِ) مُڃ (يا کاٻر) جي رسي وڌل هوندس.
— عبدالسلام ڀُٽو