110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
جڏهن اچي مدد الله جي ۽ فتح .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبر) جڏهن الله جي مدد اچي ۽ (مڪي جي) فتح ٿئي
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) جڏهن الله تعالى جي طرفان مدد ۽ فتح نصيب ٿئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
۽ ڏسين تون ماڻهن کي ته داخل ٿين پيا الله جي دين ۾ ٽولا ٽولا ٿي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ماڻهن کي ٽوليون ٿي الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين
— مولانا محمد مدنيته تون اُن وقت ڏسندين ته ماڻهن جا ڪَٽڪن جا ڪٽڪ الله تعالى جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
پوءَ تسبيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد جي ۽ ان کان مغفرت گهر بيشڪ اهو آهي توبہ قبول ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريتڏهن تون پنهنجي پاليندڙ جي ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪندو رهج ۽ ان کان معافي گهرندو رهج. بيشڪ اهوئي توبه قبول ڪندڙ آهي
— مولانا محمد مدنيپوءِ تون (ان خوشيءَ جي موقعي تي) پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ هُو وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو